توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِذَا السَّماءُ انفَطَرَت (آيت : 1) |
جڏھن آسمان ڦاٽندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (قيامت جي ٿيڻ ۽ ان جي منظر طرف اسان اوهان جو توجه وري وري ڇڪايون ٿا ته، جيئن اوهان کي ان آخرت واري مسئلي جي اهميت جو اندازو ٿئي، سو ٻڌو ته) جڏهن آسمان ڦاٽندو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت آسمان ڦاٽي پوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن آسمان ڦاٽندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن آسمان ڦاٽندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن آسمان ڦاٽندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن آسمان چيربو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذَا الكَواكِبُ انتَثَرَت (آيت : 2) |
۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن تارا ڇڻي پوندا،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت تارا ٽٽي پکڙجي ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي ڪري پوندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن تارا پکڙجي ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي پوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ستارا ڇڻي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڇڻيا نِکٽ نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تارا کِڙندا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ستارا ڇڻي ڪـِـري پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن تارا ڇڻي پوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن تارا ٽڙي پکڙجي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذَا البِحارُ فُجِّرَت (آيت : 3) |
۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياهه ڦاڙي ملائي وهايا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت سمنڊ هڪ ٻِئي سان ملايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن دريا وهي (پاڻ ۾ ملي) ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) دريا ڦاڙي وهايا ويندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن سمنڊ وهايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن گھارا هَڻِي گڏيا، دَرياءَ، دَرياءَ دُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن درياءُ ڦاٽندا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن سمنڊ چيريا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن سمنڊ وڏي جوش سان وهايا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن سمنڊن (جي تري) کي ڦاڙيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذَا القُبورُ بُعثِرَت (آيت : 4) |
۽ جڏھن قبرون پٽبيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن (مئلن کي جيئارڻ لاءِ) قبرون هيٺ مٿي ڪيون وينديون،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت قبرون کوٽيون وينديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن (مئلن کي جيارڻ لاءِ قبرون) هيٺ مٿي ڪيون وينديون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن قبرون اکيڙيون وينديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڏهن مُئا، جِيرَا ٿيا، اُٿيا اَهل قُبور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن قبرن وارا جيئاربا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن قبرون کوليون وينديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن قبرن کي کوليو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلِمَت نَفسٌ ما قَدَّمَت وَأَخَّرَت (آيت : 5) |
(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن سڀ ڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي (طريقو) ڇڏيو هوندو، تنهن کي (تنهنجي سامهون) پڌرو ڏسندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ان وقت) هر نفس ڄاڻندو جيڪو عمل ان حياتي ۾ ڪيو ۽ جيڪو ان پويان ڇڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن سڀ ڪنهن کي معلوم ٿيندو ته اڳ ۾ ڇا موڪليو آهي ۽ پٺ تي ڇا ڇڏي آيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته ڄاڻندو هر نفس اهو جيڪو اڳي ڪيائين ۽ پوءِ ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن سڀڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي ڇڏيو هوندو، تنهن کي ڄاڻي وٺندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تڏهن هر شخص ڄاڻي وٺندو جيڪي (عمل) اڳتي موڪليائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن سَڀَڪو، سو سَمجِھيو، پـِيَسِ خُوب پرور، ته جيڪي هِن جَھان ۾، مال ڇَڏئـِين مَجبُور، يا بار ڀَري ڀَرپُور، مُڪائـِين مَهند ڀَرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن هر شخص کي پتو پوندو ته ڇا اڳتي موڪليو اٿس، ۽ ڇا پوئتي ڇڏيو اٿس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن هر شخص کي سندس اڳيون پويون سڀ ڪيو معلوم ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) معلوم ٿي ويندو هر ماڻهو کي ته ڇا اڳتي موڪليائين ۽ ڇا رهائي آيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هن اڳ ۽ پوءِ ڪھڙو عمل موڪليو هو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الإِنسٰنُ ما غَرَّكَ بِرَبِّكَ الكَريمِ (آيت : 6) |
اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسان! (تون جو خدا جي قانونن کان منهن موڙيو آهي، سو) توکي ڪهڙي شئ پنهنجي مهربان پالڻهار (جي اطاعت) کان دوکي ۾ وڌو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسان (ڪافر) توکي پنهنجي رب ڪريم کان ڪنهن مغرور ڪيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي سڳوري پالڻهار کان ٺڳيو آهي؟ (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسان!ڪنهن ڌوڪو ڏنو توکي پنهنجي رب ڪريم سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ پنهجي سڳوري پاليندڙ کان ٺڳيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسان! تو کي ڪهڙي شيءِ پنهنجي ڪريم پالڻهار جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي، اي انسان! ڪِنهن مالِڪ سان مَغرور ڪيو؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسان! توکي تنهنجي سڳوري ڌڻيءَ کي مڃڻ کان ڪهڙي ڳالهه ٿي دوکي ۾ وجهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسان، توکي ڪهڙيءَ شيءِ انهيءَ مهربان رب جي باري ۾ دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! ڪنهن توکي ڌوڪي ۾ وڌو پنهنجي رب سڳوري کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسان! توکي پنھنجي ٻاجهاري پالڻھار جي باري ۾ ڪهڙي شيءِ ڌوڪي ۾ وڌو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى خَلَقَكَ فَسَوّىٰكَ فَعَدَلَكَ (آيت : 7) |
جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن توکي (پنهنجي ٻاجھ سان ماءُ جي رحم ۾) پيدا ڪيو، پوءِ توکي صحيح سالم (عقل هوش ۽ حواس وارو) ڪيو، پوءِ توکي (زندگي گهارڻ لاءِ) متوازن ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي رب کان جنهن توکي خلقيو پوءِ توکي برابر ڪيو پوءِ توکي هموار ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ تو کي صحيح سالم ڪيو پوءِ تو کي برابر ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن پيدا ڪيو توکي پوءِ برابر رکيائين توکي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي صحيح سالم ڪيو پوءِ توکي برابر ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن تو کي پيدا ڪيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين پوءِ (توازن ۾) برابر ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ڌڻي سڳورو تو سَندو، اَپر سَندسِ اِحسان، جِنهن ڀورا! ڪَئـِين ڀور گَڏي، توکي جوڙيو مَنجھ جھان، پوءِ برابر بَنايَئـِي، بارِ بي گمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن توکي خلقيو، پوءِ تنهنجا عضوا ٺيڪ ڪيائين؛ توکي پورو برابر ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن توکي خلقيو، پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين ۽ تنهنجي بناوٽ ۾ برابري رکيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن توکي پيدا ڪيو، پوءِ توکي سنئين لڱين بڻائي توکي برابر ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن توکي پيدا ڪيو، تنھنجي عضون جي جوڙجڪ ڪيائين ۽ توکي مناسب انداز ۾ (سهڻو ڪري) برابر ڪيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى أَىِّ صورَةٍ ما شاءَ رَكَّبَكَ (آيت : 8) |
جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي (مناسب ڊول سان) جوڙيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جهڙيءَ صورت ۾ پسند ڪيو ترڪيب ڏنو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن به شڪل ۾ چاهيائين تنهن ۾ جوڙيو اٿس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن به صورت ۾ گهريائين ڳنڍيائين توکي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي جوڙيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جهڙي صورت ۾ چاهيائين تو کي جوڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي جوڙي تيار ڪيو، جيئن رِٽ رِٽي رَحمان، تِنهن صُورت ۾ سُبحان، پوءِ سَڄو سِينگاري ڪَريم.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪا صورت وڻيس سا توکي ڏنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن به شڪل ۾ چاهيائين، توکي جوڙي راس ڪيائين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جهڙي صورت گهري ان ۾ تيار ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن شڪل ۾ چاهيو توکي اهائي شڪل ڏنائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا بَل تُكَذِّبونَ بِالدّينِ (آيت : 9) |
ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار (پوءِ به اوهان پنهنجي پاليندڙ بابت ڌوڪو کائو ٿا) ان ڪري جو اوهين (سڀني عملن جو ذري پرزي حساب کان پوءِ ان جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بلڪ توهان قيامت جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ها! ڳالھ هي آهي ته اوهين ماڻهو جزا (جي ڏينهن) کي ڪوڙو ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بلڪ ڪوڙو چئو ٿا قيامت کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار (متان ڪو پاليندڙ بابت ڌوڪو کائي) پر اوهين (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هرگز نه بلڪه توهان جزا ۽ سزا جي ڏينهن کي ڪوڙو چئو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هوشيار ٿيو هُوڙ!، مَهندان ڳَرو معاملو، اُٽلو عَدل جي ڏِينهن کي، اَوهِين ڪوٺيو ڪُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اڻ ڄاڻ) هر گز نه (آهيو) بلڪ اوهين قيامت کي ٿا ڪوڙ سمجهو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، پر (اصل ڳالهه اها آهي ته) توهان حساب ڪتاب کي ڪوڙو ٿا ڀانيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه (خبردار!) پر توهان ڪوڙو ٿا ڀانيو جزا سزا جي (حساب) کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! (اصل ۾) توهان قيامت جي ڏينھن کي ڪوڙو سمجهو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ عَلَيكُم لَحٰفِظينَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هوڏانهن (اوهان جي عملن جو هر پهلو محفوظ ڪرڻ لاءِ) اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان تي مُحافظ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن توهان تي نگهبان مقرر آهن،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اوهان تي البته نگهبان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ توهان تي نگهبان مقرر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن چونڪي آن مَٿي، ڪي زورآور ضرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پڪ اوهان مٿي نگهبان آهن(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ته توهان تي نگهبان مقرر ڪيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ توهان تي مقرر آهن نگران(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان تي نگراني ڪرڻ وارا مقرر آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كِرامًا كٰتِبينَ (آيت : 11) |
سڳورا لکڻ وارا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي مستعد ٿي ايمانداريءَ سان) لکڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ڪراماً ڪاتبين آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بزرگ (فرشتا) سڀ ڳالهيون (لکڻ وارا) ڪراما ڪاتبين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عزت وارا، لکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جي عزتدار (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاتِب، نيڪ ڪُلهن تي، مُوڙھ نه جِن کي مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڳورا لکندڙ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙا مانوارا لکندڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلارا آهن عمل لکڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏا عزت وارا آهن، هُو سڀ ڪجهه لکندڙ آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعلَمونَ ما تَفعَلونَ (آيت : 12) |
جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي اوهين ڪريو ٿا (لڪ ۾ يا ظاهر ۾) تنهن کي ڄاڻن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ڄاڻن ٿا ان عمل کي جيڪو توهان ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو سڀ ڄاڻن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻن ٿا جيڪي ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ڄاڻن ٿا جيڪي توهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُورِي رَکن پَرُور، جيڪي ڪريو جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اوهان جي ڪمن کي ڄاڻن ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي توهان جي هر ڪم کي ڄاڻن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڄاڻن ٿا توهان جو هر عمل (جيڪو ڪريو ٿا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا اهو سڀ کين معلوم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الأَبرارَ لَفى نَعيمٍ (آيت : 13) |
بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ (الله جي قانونن جا) تابعدار ته نعمت ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ نيڪوڪار يقيناً جنت ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ نيڪوڪار ته نعمت ۾ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ نيڪو ڪار البته نعمتن ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تابعدار ته نعمت ۾ هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ نيڪوڪار نعمتن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ نيڪ بهشت ۾، جت سدا باغ بهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪ، نعمتن ۾ هوندا(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ نيڪ ماڻهو مزن ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ نيڪوڪار هوندا جنت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو نعمتن ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ الفُجّارَ لَفى جَحيمٍ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهن قانونن جا) منڪر) بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ بدڪار جهنم ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ان کان لڪي نه سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ بدڪار البته دوزخ ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بدڪار دوزخ جي باه ۾ هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن بلڪل باھ ۾، بُڇڙا ۽ بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بدڪار دوزخ ۾(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ بدڪار جهنم ۾ پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ يقينًا بدڪار ماڻهو ويندا دوزخ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بدڪار ماڻهو جھنم ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَصلَونَها يَومَ الدّينِ (آيت : 15) |
عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي حساب جي ڏينهن (اڇا ڪارا پڌرا ٿيڻ کان پوءِ) ان۾ گهڙندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي قيامت جي ڏينهن انهيءَ ۾ داخل ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيندا ان ۾ جزا واري ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان ۾ بدلي واري ڏينهن داخل ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آخِر ڏِينهن اِنصاف جي، پُهچندا، تِنهن پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وڃي پوندا قيامت ڏينهن (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حساب ڪتاب جي ڏينهن ان ۾ پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) داخل ٿيندا ان ۾ ڏينهن جزا (حساب) جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي قيامت واري ڏينھن ان ۾ داخل ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما هُم عَنها بِغائِبينَ (آيت : 16) |
۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ) اهي ان کان نڪري جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه اهي ان کان غائب ٿيندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هوندا اهي ان کان غائب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ان (جهنم) کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ دائـِم اُن دوزخ کان، سي دَم نه آهِن ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ان مان نڪري نه سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ ان مان غير حاضر ٿي نه سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه هوندا ان کان (اي نبي!) لڪي ويندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي جھنم ۾ وڃڻ کان غير حاضر نه ٿي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 17) |
۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (۽ ڪيئن نتيجا ماڻهن کي پلئه پوندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي بدلي جو ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن اَنت ڏِنئِي اِظهار!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته حساب ڪتاب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا ٿا سمجهو ته اهو ڏينهن جزا (حساب) جو ڪهڙو هوندو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينھن ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ ما أَدرىٰكَ ما يَومُ الدّينِ (آيت : 18) |
وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري (ڇا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڪهڙو آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (وري ٿا چئون ته) تو کي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ڪنهن ڄاڻايو توکي ته ڪهڙو آهي بدلي جو ڏينهن؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري (ٿا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تو کي ڪهڙي خبر ته بدلي وارو ڏينهن ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِهڙو ڏينهن اِنصاف جو؟ ڪِنهن ٻُڌايَئي ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به ٿا چئون، ته توکي ڪنهن ڄاڻايو ته قيامت جو ڏينهن ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هائو، توکي ڀلا ڪهڙي خبر ته حساب ڪتاب جو ڏينهن ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري ٻڌ ڇا هوندو اهو ڏينهن جزا (حساب) جو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري ٻڌو! ته توکي ڪهڙي خبر ته قيامت جو ڏينھن ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ لا تَملِكُ نَفسٌ لِنَفسٍ شَيـًٔا وَالأَمرُ يَومَئِذٍ لِلَّهِ (آيت : 19) |
اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن (هرهڪ رڳو پنهنجي عملن کي سامهون ڏسندو ۽) ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن رڳو الله جو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن، ڪوبه مؤمن ڪنهن به ڪافر تان ڪا به شيءِ دفع ڪري نه سگھندو ۽ سمورا حڪم ان ڏينهن الله تعالى جا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن ڪو به شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجھ به ڪري ڪين سگهندو. ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو ئي هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن نه مالڪ ٿيندو ڪو نفس ڪنهن جي لاءِ ڪجهه به ۽ امر ان ڏينهن الله جو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجهه به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ڏينهن آهي جو ڪو شخص ڪنهن شخص لاءِ ڪنهن شيءِ جو مختار نه هوندو. (سواءِ الله جي اِذِنَ جي) سمورو حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪري هِڪ، نه ٻي شخص جِي، واھِر جِنهين وار، ۽ اُنهِئَ ڏِينهن اِختيار، آهي هِڪ اَلله جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اُهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ ڪو به شخص ڪنهن شخص کان ڪجهه ٽاري به نه سگهندو ۽ ان ڏينهن حڪم فقط الله جو هلندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهو ته اُهو ڏينهن آهي، جڏهن ڪوبه ڪنهن لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندو ۽ فيصلو انهيءَ ڏينهن بلڪل الله جي هٿ ۾ هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهو ڏينهن آهي نه هوندو ڪنهن کي وس ۾ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو، ۽ فيصلو بلڪل هوندو الله جي اختيار ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهو ڏينھن هوندو جنھن ڏينهن ڪوبه ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ جي ڪم نه اچي سگهندو. ان ڏينھن حڪم صرف الله تعالى جو ئي هلندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |