توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
عَبَسَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 1) |
مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (محمدﷺ) بي رخي ڏيکاري ۽ منهن موڙيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) منھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان (رڳو)ايتري ڳالھ تي منهن ۾ گهنڊ وڌو ۽ منهن موڙيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) منهن مبارڪ ۾ گهنڊ وڌائين ۽ منهن موڙيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (محمد) منهن ۾ گهنڊ وڌو ۽ منهن موڙيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بي رُخي ڪيائين ۽ منهن ڦيريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل مُنهن کَٽو ڪيو، ۽ پُٺ وَرائـِين پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (نبيءَ) گُهنڊ وڌو ۽ منهن ڦيرايو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ منهن ٻئي پاسي ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گُهنڊ وڌائين منهن ۾ ۽ منهن موڙيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن ڪاوڙ ڏيکاري ۽ منھن ڦيريائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَن جاءَهُ الأَعمىٰ (آيت : 2) |
ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ڪري جو وٽس هڪ نابينو (صحابي) آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ھن ڪري جو وٽس نابين آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڪري جو وٽس انڌو آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هن جي ڪري جو آيو ان وٽ نابينا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڪري جو وٽس انڌو آيو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ان ڪري) جو ان وٽ هڪ نابين آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن تان ته اُن وَٽ آئيو، ڪو اَنڌو اَکِيَن ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ڪري، جو وٽس انڌو آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڪري جو وٽس نابين آيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڪري جو وٽس نابين آيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڳالهه تي) ته ان وٽ هڪ انڌڙو ماڻهو اچي پھتو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يُدريكَ لَعَلَّهُ يَزَّكّىٰ (آيت : 3) |
۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي (اي محمدﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو (تنهنجي تعليم سان) چڱيءَ طرح نيڪوڪار ٿي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر جو هو سيکارڻ سان پاڪيزگي حاصل ڪري ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن سمجهايو توکي ته شايد اهو صاف ٿئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي (اي محمدﷺ) ڪهڙي خبر ته شايد هو پاڪ ٿئي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توکي ڇا خبر شايد اهو (وڌيڪ) پاڪ ٿي وڃي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکي ڪَل ڪِهڙِي؟ ته مَڃي اِهوئـِي آڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪهڙي خبر، جو هو شايد پاڪ ٿئي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکي ڪهڙي خبر ته شايد اهو سڌري پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙي خبر توکي ته شايد اهو سڌري وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر توکي ڪهڙي خبر ته شايد اِهو (انڌڙو) سڌري وڃي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ الذِّكرىٰ (آيت : 4) |
يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (تنهنجي نصيحت تي آهستي آهستي) ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا نصيحت ٻڌي ھا، پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اهو نصيحت ٻڌي ها ته کيس اها نصيحت فائدو ڪري ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا نصيحت وٺي پوءِ نفعو ڏئي ان کي نصيحت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ڌيان ڪري ته ان کي اها نصيحت فائدو ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا نصيحت ٻڌي ها پوءِ ان کي نصيحت فائدو ڏئي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا ساڱائـِيندو، سو صَحِي، جي سَمجھائبو سُڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا نصيحت وٺي، جا نصيحت کيس فائدو ڏئي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا ڌيان ڏئي ۽ نصيحت ڪرڻ کيس فائدو ڏئي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ڌيان ڏئي پوءِ نفعو ڏئي ان کي نصيحت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا نصيحت کي ڌيان سان ٻڌي پوءِ اها نصيحت ان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمّا مَنِ استَغنىٰ (آيت : 5) |
پر جنھن بي پرواھي ڪئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (ان جي برعڪس) جيڪو (هدايت جي پاسي کان) بي پرواهي ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر اهو ماڻهو جيڪو بي پرواهه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جو بي پرواهي ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر جنهن بي پرواهي ڏيکاري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جو بي پرواهي ڪري ٿو ته (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر جيڪو (حق کان) بي پرواهه ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر جو بي پَرواه ٿيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪو بي پرواهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو شخص لاپرواهي ڏيکاري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪو ماڻهو بي پرواهي ڪري ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪو ماڻهو لاپرواهه ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنتَ لَهُ تَصَدّىٰ (آيت : 6) |
پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته تون ان (جي هدايت) جو خيال ڪرين ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (ايمان آڻڻ خاطر) ان جي لاءِ ڪوشش ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون ان جو خيال ڪرين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تون ان لاءِ متوجہ رهين ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون ان جو خيال ڪرين ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏانهن تون پورو توجهه ڪرين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ تون ڪوشش ڪَرين تِنهن ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏي ته تون ڌيان ڏين ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان لاءِ ته تون ان جو خيال ٿو ڪرين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ تون ڏئين ٿو انهيءَ کي توجهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون ان ڏي گهڻو توجھه ڏئين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما عَلَيكَ أَلّا يَزَّكّىٰ (آيت : 7) |
ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هوڏانهن ان جي نيڪوڪار نه ٿيڻ جي توتي ڪاميار نه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو ڇو نٿو پاڪ ٿئي اهو توهان جو ذمون ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ پر) جيڪڏهن اهو نه سڌري ته تون ذميوار نه آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي تو تي (ڪو ذمو) هي جو نه ٿوصاف ٿئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن ان جي پاڪ ٿيڻ جو توتي ڪو الزام نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه ان جي پاڪ نه ٿيڻ جي تو تي ڪا ذميداري ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هوڏانهن حَرف نه توتي، جي حَقَّ نه مَڃِيندو هاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توتي ڪا به ميار ناهي، جيڪڏهن هو نه سڌري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه جي هو نه سڌري ته توتي ان جي ڪهڙي ذميواري آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر توتي ڪهڙي ذميواري آهي جي اهو نه سڌري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه ان جي سڌرڻ جي ذميداري تنھنجي مٿان نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا مَن جاءَكَ يَسعىٰ (آيت : 8) |
۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ميار انهيءَ ڳالهه تي آهي ته هڪ شخص) تو وٽ (دين جي شوق ۾) ڊوڙندو اچي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر اهو ماڻهو جيڪو توهان وٽ اچي ڪوشش ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جيڪو آيو تو وٽ ڊوڙندي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر جو ماڻهو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر اَچي اوهان وَٽ ڊوڙندو، جو ڪارڻ رُوح، رِهاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جيڪو شخص تو ڏانهن ڊوڙندو ٿو اچي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو پاڻمرادو تو وٽ ڊوڙندو پيو اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو پاڻ تو وٽ اچي ٿو ڊوڙندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪو ماڻهو تو وٽ پاڻ هلي اچي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ يَخشىٰ (آيت : 9) |
۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو خدا کان ڊڄي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو الله کان ڊڄي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو خدا کان ڊڄي ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو ڊڄي پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو ڊڄي ٿو ته (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڊڄي ڊاء ڌڻِئَ جي، اِي اُنهِئَ جا اُهڃاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو الله جو ڊپ ٿو رکي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پيو ٿو ڊڄندو رهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ڊڄي به رهيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کي (الله تعالى جو) خوف به آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنتَ عَنهُ تَلَهّىٰ (آيت : 10) |
پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ تون ان کان بي خيالو ٿئين ٿو. (سو توکي ائين نه ڪرڻ گهرجي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ٻين ڏانهن مشغول ٿيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون ان کان بي رخي ڪرين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تون ان کان بي خيال رهين ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون ان کان بي خيالو ٿئين ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته تون ان کان بي توجهي ڪرين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهِئَ کان اڳواڻ!، تون مُرڳوئـِي مُنهن موڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته تون وري ان کان بي رخو ٿو ٿين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن کان ٿو تون ڌيان ڦيرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان کان بي رُخي اختيار ڪرين ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون اهڙي ماڻهوءَ کان منھن ڦيرين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِنَّها تَذكِرَةٌ (آيت : 11) |
ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار! بيشڪ اهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ اها نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار! هي (قرآن جون آيتون ته سراسر نصيحت آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بيشڪ اها نصيحت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار اهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خَبردار خَبِـير!، هي آھِ سبق ساڃاءِ جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد رک! هي ته رڳو نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، اها ته هڪڙي نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه! بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ايئن هرگز نه ٿيندو آهي! هي (قرآن) ته هڪ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 12) |
پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪو گهري سو انکي ياد (۽ ڌيان ۾) رکي (۽ جنهن کي اها نصيحت حاصل ڪرڻ جي نيت ناهي ته ڊگهو رستو وٺي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو چاهي اهو نصيحت حاصل ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪو گهري ته ان کي ياد ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪو چاهي سو ان کي ياد رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَڻي، سو تِنهن واعظ کي، سانڍي منجھ سَرِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن کي وڻي، سو منجهانئس نصيحت وٺي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن جي دل گهري ان کي قبول ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪي چاهي ان کي قبول ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن جي دل گهري ان کي مڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى صُحُفٍ مُكَرَّمَةٍ (آيت : 13) |
(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (لڪل ناهي بلڪ) اهڙن ورقن ۾ آهي جي عزت ڏنل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اها نصيحت) انهن قابلِ احترام صحيفن (آسماني ڪتابن) ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (لوح محفوظ جي) تمام احترام وارن ورقن ۾ (لکيل) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عزت وارن صحيفن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو اهڙن ورقن ۾ آهي جي عزت ڏنل (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عزت وارن ورقن ۾ (لکيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَحِي صَحِيفن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو سڳورن، ورقن ۾ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها اهڙن ورقن ۾ لکيل آهي، جيڪي سڳورا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهڙن صحيفن (ورقن) ۾ لکيل آهي جيڪي تعظيم وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي قرآن) باعزت ورقن ۾ لکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَرفوعَةٍ مُطَهَّرَةٍ (آيت : 14) |
جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلند شان وارا (غلطين کان) پاڪ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي الله وٽ وڏي شان وارا پاڪ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي بلند شان وارو (غلطين کان) پاڪ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلند پاڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بلند شان وارا (غلطين کان) پاڪ آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جي بلند مرتبه پاڪيزه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پاڪ اُتم اِڪسير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مٿانهين درجي وارن پاڪ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلند مرتبي وارا آهن ۽ پاڪ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڏي مرتبي وارا پاڪيزه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي وڏي شان وارا بلند ۽ (غلطين کان) پاڪ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بِأَيدى سَفَرَةٍ (آيت : 15) |
لکندڙن جي ھٿن ۾.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙن لکڻ وارن جي هٿ ۾ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهڙن ملائڪن يا صالحن) جي هٿان لکيل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙن لکڻ وارن جي هٿن ۾ آهن،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لکندڙن، عزت وارن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙن لکڻ وارن جي هٿن ۾ آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙن لکڻ وارن جي هٿن (سان لکيل) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَٿ ۾ اِهڙن ايلچن، جي سڳورا سَفِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) لکندڙن جي هٿ ۾ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪاتبن جي هٿن ۾ هوندا آهن(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڳورن ڀلارن لکڻ وارن جي هٿن ۾ رهن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن لکندڙن جي هٿن ۾ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كِرامٍ بَرَرَةٍ (آيت : 16) |
جي سڳورا ڀلارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي خوبين وارا (الله جا) تابعدار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي مڪرم (۽) نيڪوڪار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي بزرگ خوبين وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نيڪو ڪارن جي هٿن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي خوبين وارا (الله جا) تابعدار آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جي وڏي عزت وارا نيڪوڪار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِرمل، نيڪ نَذِير، اُچا اَخلاقن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نهايت سڳورن، نيڪ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مانائتن ۽ نيڪ(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلاين وارا تابعدار آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي وڏي عزت وارا ۽ وڏا نيڪ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُتِلَ الإِنسٰنُ ما أَكفَرَهُ (آيت : 17) |
ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪو اهڙي بلند ۽ پاڪ فڪر اختيار ڪرڻ کان انڪار ڪري، اهڙي) انسان تي مار پوي جو هو ڪهڙو نه بي شڪر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسان قتل ڪيو وڃي (جو الله جي نعمتن جي باوجود) ڪهڙو نه ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آدمي تي مار پوي اهو ڪهڙو نه ناشڪرو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاڪ ڪيو ويو انسان ڪهڙو نه بي شڪر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان تي مار پوي ڪهڙو نه هو بي شڪر آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماريو ويو انسان ڪيڏو ته ناشڪرو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مار پوي ماڻهؤَ کي!، ڦيريَسِ ڪِهڙي اَنڌ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهو انسان شل ناس ٿئي، جو ڪهڙو نه بي شڪر آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مار پوي انسان تي، ڪهڙو نه حق جو انڪاري آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مار پوي (لعنت هجي) انسان تي ڪهڙو نه حق جو سخت منڪر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لعنت هجي انسان تي ڪيڏو ته وڏو ناشڪرو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن أَىِّ شَيءٍ خَلَقَهُ (آيت : 18) |
(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو بي شڪر انسان هي به نٿو سوچي ته) ڪهڙي شئ مان ان کي پيدا ڪيو اٿس؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ٿيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خدا) کيس ڪهڙي شيءَ مان پيدا ڪيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪهڙي شيءِ مان ان کي پيدا فرمايائين؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪهڙي شيءِ مان ان کان پيدا ڪيو اٿس؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) ان کي ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهنکي جوڙيئـِين ڇا مَنجھان؟ جوڙيئـِين مَنجها مَند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ڪهڙيءَ چيز مان خلقيو ويو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪهڙي شيءِ مان الله پيدا ڪيو اٿس؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪهڙي ته شيءِ مان کيس پيدا ڪيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نٿو ڏسي ته) کيس (الله تعالى) ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن نُطفَةٍ خَلَقَهُ فَقَدَّرَهُ (آيت : 19) |
مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پاڻي جي نطفي مان ان کي پيدا ڪيو اٿس. پوءِ ان جو (هڪ نرالو جسماني) اندازو مقرر ڪيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هڪ نطفي مان ان کي پيدا ڪيو، پوءِ ان کي مختلف مرحلن مان ڪڍيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نطفي مان کيس پيدا ڪيو اٿس پوءِ سندس اندزو مقرر ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مني جي ڦڙي مان ان کي پيدا ڪيائين پوءِ ان کي اندازي سان رکيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) منيءَ مان ان کي پيدا ڪيو اٿس پوءِ ان جو اندازو مقرر ڪيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نطفي (منيءَ) مان ان کي پيدا ڪيائين پوءِ ان کي هڪ خاص اندازي سان بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ تڪي توري تِنهن کي، پُرزا ڪيئـِين پَيوند،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ قطري مان! کيس خلقيائين،پوءِ سندس اندازو بنايائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ٽيپي مان. الله ان کي پيدا ڪيو، پوءِ سندس تقدير جوڙيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مَني جي ڦڙي مان پيدا ڪيو پوءِ سندس تقدير مقرر ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ (گندي) نطفي مان، پوءِ ان جي تقدير ٺاهيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ السَّبيلَ يَسَّرَهُ (آيت : 20) |
وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري (ان کي اکيون، ڪن ۽ عقل وغيره ڏئي ڪاميابي واري) شاهراه تي هلڻ ان لاءِ آسان ڪيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان لاءِ رستو آسان ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري سندس راھ آسان ڪيائين، (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ان جي لاءِ رستو آسان ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري رستي تي اچڻ ان لاءِ آسان ڪيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان لاءِ رستو آسان ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آسان ڪَئـِين اُن تي، راماڻي جا، رَند،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هن لاءِ رستي کي سولو ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان لاءِ زندگيءَ جي واٽ آسان ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ راهه زندگي سندس لاءِ سهنجي ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان جي لاءِ (زندگي گذارڻ جي) راهه آسان بنائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَماتَهُ فَأَقبَرَهُ (آيت : 21) |
وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري ان کي ماريو اٿس، پوءِ قبر ۾ پورجڻ وارو ڪيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان کي موت ڏنائين ان کان پوءِ قبر ۾ رکرايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان کي موت ڏنو اٿس پوءِ قبر ۾ دفن ٿيڻ وارو ڪيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ان کي ماريائين پوءِ ان کي قبر ۾ آندائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کي ماريو اٿس پوءِ قبر ۾ پورجڻ وارو ڪيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي موت ڏنائين پوءِ ان کي قبر ۾ جاءِ ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي مارئين ان کي، ڪيائين بُٺِئَ ۾ بند،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس موت ڏيئي قبر داخل ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري موت ڏنائينس ۽ قبر ۾ پهچايائينس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کيس موت ڏنو پوءِ قبر ۾ پهچايو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کيس موت ڏيئي قبر ۾ رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِذا شاءَ أَنشَرَهُ (آيت : 22) |
وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري جڏهن گهرندو ان کي (قيامت ڏينهن) ٻيهر جيئاريندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ جڏهن پاڻ چاهي ان کي اُٿاري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري جڏهن (خدا) گهرندو ان کي ٻيهر جياريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ جڏهن گهرندو ته ان کي ٻاهر ڪڍندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري جڏهن گهرندو ان کي ٻيهر جياريندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن چاهيندو ان کي (ٻيهر) جياريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اٿارئين ان کي، جڏهن گھريو خداوند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري جڏهن وڻندس تڏهن کيس اٿاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ جڏهن گهري ته اٿاري کڙو ڪري ڇڏيس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن (الله) پاڻ گُهري ته کيس ٻيهر اٿاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري جڏهن هُو چاهيندو ته کيس ٻيھر جيئرو ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا لَمّا يَقضِ ما أَمَرَهُ (آيت : 23) |
ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خبردار! اڃان ته، ان (انسان) اهو ڪم پورو نه ڪيو آهي، جنهن جو ان کي حڪم ڪيو اٿس. (پوءِ ان کان وڌيڪ ناشڪري ڇا چئبي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! اهڙو ڪوبه ناهي جو سندس امر پورو نه ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) در اصل خدا جو کيس حڪم ڏنو تنهن کي هن پورو نه ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه اڃان پورو نه ڪيائين جيڪو ان کي امر ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار! اڃان ته ان اهو ڪم پورو نه ڪيو آهي جنهن جو ان کي حڪم ڪيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! ان اڃا تائين الله جي حڪم جي بجا آوري نه ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھ حقِيقت حال جِي، ڪَرهِيون پَنهنجو هَنڌ، پاري سا نه پَنڌ، جيڪا ڏيسِ، ڏيھ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ به هو کيس جيڪو حڪم ٿو ڏئي، سو پورو نٿو ڪري! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، هن ته اهو فرض ادا نه ڪيو، جنهن جو الله کيس حڪم ڏنو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه (خبردار!) نه پورو ڪيو فرض جيڪو (الله) حڪم ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! اُن اڃا اُهو ڪم پورو ئي نه ڪيو آهي، جنھن جو کيس حڪم ڏنو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَليَنظُرِ الإِنسٰنُ إِلىٰ طَعامِهِ (آيت : 24) |
پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ سڀڪو انسان (رڳو) پنهنجي کاڌي ڏي ڏسي. (ته ڪيتريون شيون اسان کيس بنا معاوضي عطا ڪيون آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انسان پنهنجي طعام ڏانهن (غور ڪري) ڏسي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ آدمي کي پنهنجي کاڌي ڏي نظر ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گهرجي ته ڏسي انسان پنهنجي طعام ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سڀڪو انسان پنهنجي کاڌي ڏي ڏسي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انسان کي کپي پنهنجي کاڌي کي ڏسي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهي حَقَّ اِنسان تي، قائـِم بَرقرار، ته ڪري سَندسِ قُوت ڏي، نائي نيڻ نِهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انسان کي پنهنجي کاڌي ڏانهن نظر ڪرڻ کپي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انسان ڪجهه پنهنجي کاڌي ڏي نظر ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسي انسان ڪجهه پنهنجي خوراڪ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انسان کي کپي ته هو پنھنجي خوراڪ تي نظر ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنّا صَبَبنَا الماءَ صَبًّا (آيت : 25) |
ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ئي پاڻيءَ کي (ڪڪرن مان ڌرتيءَ تي ۽ درياهن ۽ چشمن ۾) وهايو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان چڱي طرح (ڪڪر) مِينهن پلٽايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان ئي (ڪڪرن مان) پاڻي وسايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان وسايو پاڻيءَ کي وسائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اسان ئي پاڻيءَ کي (ڪڪرن مان) وهايو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ئي (ڪڪرن مان) پاڻيءَ کي پَلٽِيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَسان آب اُڀ کان، نايو نارو نار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ته ڪيئن) اسان پاڻي وسايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان خوب پاڻي وهايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان چڱيءَ طرح پلٽيو پاڻي آسمان (ڪڪرن) مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان (ان جي لاءِ) خوب پاڻي نازل ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ شَقَقنَا الأَرضَ شَقًّا (آيت : 26) |
وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري اسان زمين کي (ٻج اڀارڻ لاءِ) چيريو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان (نباتات سان) زمين کي چڱي طرح چيريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اسان زمين کي چيريو ۽ ان مان ڦوٽهڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ چيريو اسان زمين کي چيرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان زمين کي چيريو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان زمين کي چڱي طرح چيريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي ڦوڙي سُون ڦوڙڻ کي، ڌرتي ڌارو ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان زمين کي پوريءَ طرح چيريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پـوءِ وري زمـيـن جـي عجب نموني چير ڦاڙ ڪئي سون(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چيريوسين زمين کي (چڱي طرح) ڏاريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ زمين کي هر طرح سان چيريو ۽ ڦاڙيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنبَتنا فيها حَبًّا (آيت : 27) |
پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان ۾ اَنُ،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان مان اناج پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اسان ان ۾ اناج پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڄمايوسون ان ۾ اناج .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان ۾ اَنُ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان ۾ اناج ڄمايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀاڙياسون، اُن سان، اَنڇر اَن اَنبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اُن مان پيدا ڪياسون اَنُ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهس اناج اُپاياسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اُپايوسين انهيءَ ۾ اناج(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اُن ۾ اناج وارا فصل اُپايا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعِنَبًا وَقَضبًا (آيت : 28) |
۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڊاک ۽ لوسڻ،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انگور ۽ سائي ڀاڄي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڊاک ۽ ڀاڄيون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انگور ۽ ترڪاريون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڊاک۽ لوسڻ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انگور ۽ ڀاڄيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِشمِش، قِسم ڪيترا، ۽ ڀاڄيون بـيشمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انگور، ۽ ڀاڄي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انگور ۽ سايون ڀاڄيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انگور ۽ ڀاڄيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انگور ۽ سبزيون به. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزَيتونًا وَنَخلًا (آيت : 29) |
۽ زيتون ۽ کجيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زيتون ۽ کارڪون،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زيتون ۽ کجور(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زيتون ۽ کجور(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زيتون ۽ کجيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زيتون ۽ کجور (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زيتون ۽ کجور.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ زيتون ۽ کَجيون خُوب طرح،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زيتون، ۽ کجيون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زيتون ۽ کجيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زيتون ۽ کجيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زيتون ۽ کجيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحَدائِقَ غُلبًا (آيت : 30) |
۽ گھاٽا باغ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) گهاٽا باغ ميوا،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ گھاٽا باغ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ گهاٽا گهاٽا باغ ۽ ميوا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ باغ گهاٽا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گهاٽا باغ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ گهاٽا گهاٽا باغ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گھاٽا گُل گُلزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ گهاٽا باغ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ گهاٽا باغ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باغ گهاٽا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) گهاٽا باغ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفٰكِهَةً وَأَبًّا (آيت : 31) |
۽ ميوو ۽ گاھ (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انب ڄمايا آهن (مطلب ته طرحين طرحين ميوا ۽ گاهه حاصل ڪريو ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ميوا ۽ گاهه پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ميوو ۽ چارو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ميوا ۽ گاهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ميوا ۽ انب ڄمايو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ميوا ۽ گاهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ميوا موڪ مُلڪ ۾، ۽ وَڻ ٽِڻ، وِي وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ميوو ۽ چارو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قسمين قسمين ميوا ۽ گاهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قسمين قسمين ميوا ۽ گاهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مختلف قسمن جا ميوا ۽ گاهه به (اپايا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 32) |
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان جي پنهنجي ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ. (پوءِ به جيڪڏهن ماڻهو ناشڪريءَ جي واٽ وٺي ته ان لاءِ هلاڪت آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) توهان جي فائدي لاءِ ۽ توهان جي چؤپاين جي فائدي لاءِ پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان ۽ اوهان جي چوپاين جي فائدي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جي لاءِ ۽ توهان جي جانور جي فائدي لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نَفعا سَڀ نِروار، اوهان ۽ اوهان جي مال لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اوهان خواهه اوهان جي ڍورن لاءِ فائدي مند آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زندگي گذارڻ جو سامان ڪري توهان جي لاءِ به ۽ توهان جي چوپائي مال لاءِ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سامان زندگيءَ جو توهان لاءِ ۽ توهان جي ڍورن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اِهي سڀ ڪجهه) هن توهان کي ۽ توهان جي جانورن کي فائدو پھچائڻ لاءِ پيدا ڪيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا جاءَتِ الصّاخَّةُ (آيت : 33) |
پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (حساب واري ڏينهن) ڪنن کي ٻوڙي ڪرڻ واري هيبتناڪ دانهن ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اها سخت دانهن ايندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ڪنن جا پردا ڦاڙڻ واري دانهن ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جنهن وقت ايندو ڪن ٻوڙا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ڪنن کي ٻوڙي ڪرڻ واري دانهن ٿيندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ڪَنن کي ٻوڙو ڪرڻ واري (قيامت جي رڙ) ايندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن آئـِي ڪَڙڪيدار، ڪَڙڪو ڪيائـِين ڪُل تي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن شور مچائيندڙ (قيامت) ايندي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ جڏهن اهو ڪــَـنَ ٻوڙا ڪندڙ ڪڙڪو ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ايندي (ڪنن کي ٻوڙو ڪندڙ) هڪل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن ڪنن کي ٻوڙو ڪرڻ واري رَڙِ ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَفِرُّ المَرءُ مِن أَخيهِ (آيت : 34) |
انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُنھيءَ ڏينھن ماڻھو پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو ڀڄندو پنهنجي ڀاءُ کان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آواز ان ڏينهن ڀڄندو مڙس پنهنجي ڀاءُ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن ڏِينهن ڀاءُ. ڀاءکان، ڀَڄِي ٿئي بيزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان ڀڄي پري ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان به پري ڀڄندو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن ڀڄندو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهو پنھنجي ڀاءُ کان پري ڀڄندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُمِّهِ وَأَبيهِ (آيت : 35) |
۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي ماءُ پنهنجي پيءُ(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (پڻ) پنھنجيءَ ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي ماءَ ۽ پنهنجي پيءُ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي ماءُ کان ۽ پنهنجي پيءُ کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ پنهنجي ماء، پيء ڪنان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ماءُ ۽ پيءُ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ کان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کان به. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَصٰحِبَتِهِ وَبَنيهِ (آيت : 36) |
۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنھنجيءَ گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي زال کان ۽ پنهنجن پٽن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي زال کان ۽ پنهنجي اولاد کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ٻَـيَر سَندسِ ، يا ٻار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زال ۽ پٽن کان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي زال ۽ پٽ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي گهر واري ۽ اولاد کان (به ڀڄندو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِكُلِّ امرِئٍ مِنهُم يَومَئِذٍ شَأنٌ يُغنيهِ (آيت : 37) |
انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن اهڙو حال هوندو جو پاڻ ۾ پورو هوندو (۽ ٻئي ڏانهن متوجه نه ٿي سگهندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن هر انسان کي فقط پنهنجو انتطار هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن، ان مان سڀ ڪنهن ماڻهو جو اهڙو حال هوندو جو ان جي (رڌل هجڻ) لاءِ بس هوندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هر مڙس جي لاءِ انهن مان ان ڏينهن مشغولي هوندي جو ان لاءِ ڪافي هوندي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن اهڙو حال هوندو جو ان لاءِ بس آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن انهن مان سڀني ماڻهن جي اهڙي حالت هوندي جا ان کي (ٻين کان) بي پرواهه ڪري ڇڏيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن هُوندو گِرفتار، هَرڪو پَنهنجي حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن منجهانئن هر شخص کي اهڙو فڪر هوندو، جو ٻين ڏي ڌيان نه ڏيئي سگهندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان هر شخص تي انهيءَ ڏينهن اهڙو وقت اچي پوندو جو ان کي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به هوش نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر ڪنهن ماڻهو جو تنهن ڏينهن اهڙو حال هوندو جو پاڻ بنا ڪنهن جو به هوش نه هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن هر ماڻهو جو اهو حال هوندو جو کيس (دنيا جي مٽي مائٽي ۽ واسطيداري جو) ڪو هوش ئي نه هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ مُسفِرَةٌ (آيت : 38) |
ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪيترا منهن ان ڏينهن (ايمان جي ڪري) روشن(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ڪيترائي چهرا روشن هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪيترا منهن ته ان ڏينهن چمڪندڙ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيترا منهن ان ڏينهن چمڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪي منهن ان ڏينهن روشن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪي چهرا روشن هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي مُنهن تِنهن مَهل ۾، چمڪن چَنڊ چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪي منهن ٻهڪندڙ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي منهن ان ڏينهن چمڪندڙ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪجهه منهن ان ڏينهن چمڪندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان ڏينھن ڪيترائي چَھِرا ٻَھڪندڙ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ضاحِكَةٌ مُستَبشِرَةٌ (آيت : 39) |
کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) کلندڙ خوش هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) کلندڙ هوندا ۽ بيحد خوش هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) کلندڙ خوش هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کلندڙ، خوش ٿيندڙ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کلندڙ خوش هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) کِلندڙ ۽ خوش وخورم هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کِل مُکه، کِيرن لَهڻان، کِڙيا کَٽڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کلندڙ ۽ خوشي ڪندڙ هوندا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻهڪندا هوندا خوشيءَ ۾ پيا ٽـڙندا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کلندڙ خوش ٿيندڙ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اُهي) مسڪرائيندڙ ۽ وڏا خوش هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ عَلَيها غَبَرَةٌ (آيت : 40) |
۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪي منهن (اهڙا هوندا) جن تي (نافرمانين جي ڪري) ان ڏينهن ڌوڙ هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن ڪيترائي چهرا خاڪ آلود هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪي منهن اهڙا هوندا جن تي ان ڏينهن ڌوڙ (پئي وسندي) هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا منهن ان ڏينهن انهن تي غبار هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪي منهن (اهڙا هوندا) جن تي اُن ڏينهن ڌوڙ هوندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن ڪي چهرا اهڙا هوندا جن تي ڌوڙ پيل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي مُنهن تِنهن ڏِينهن، ميرڙا، مَٿِن گِرد عُبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي منهن ان ڏينهن اهڙا هوندا، جن تي لٽ هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪــِـن منهن تي وري ان ڏينهن پئي ڌوڙ وسندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪي منهن اهڙا هوندا ان ڏينهن جو انهن تي ڌوڙ پيل هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ وري ان ڏينھن ڪيترائي چھرا اهڙا به هوندا جن تي ڌوڙ پيل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَرهَقُها قَتَرَةٌ (آيت : 41) |
جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن کي (ظلمت جي) ڪارهن ويڙهي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تي ڪاراڻ چڙهيل هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن تي ڪارنهن ڇانيل هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇائنجي ويندي انهن تي ڪارنهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي ڪارهن ويڙهي ويندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن تي ڪارَنهن چڙهيل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چوڌارِي چِڻگن جِي، مَٿنِ وارو وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪارنهن چڙهيل. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪارنهن مليل هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مَلي ويندي انهن تي ڪا رنهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽) انهن تي ڪارنهن به مَليل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ هُمُ الكَفَرَةُ الفَجَرَةُ (آيت : 42) |
اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ڪافر بدڪار آهن (جن زندگيءَ ۾ فرمانبرداريءَ جي واٽ بجاءِ سرڪشي جو رستو اختيار ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ئي ڪافر (۽) فاجر (گنهگار) هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي ڪافر بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهيئي ڪافر فاجر آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اُهي ئي ڪافر بدڪار آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي اِهي ئي ڪافر بدڪار ماڻهو هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪافِر، بَدڪِردار، اُهي آهِن اِهڙي حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي شخص بدڪار ڪافر هوندا_(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪافر ۽ بدڪار ماڻهو هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي ماڻهو منڪر (ڪافر) فاجر (بدڪار) آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي انڪار ڪندڙ گنهگار ماڻهو هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |