توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يَسـَٔلونَكَ عَنِ الأَنفالِ قُلِ الأَنفالُ لِلَّهِ وَالرَّسولِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَصلِحوا ذاتَ بَينِكُم وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله ۽ سندس رَسُول جي فرمانبرداري ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا (ته ڪيئن ورهائجي؟) تون کين چئو ته، غنيمت جو مال دراصل الله ۽ ان جي رسول جو آهي. (يعني الله ۽ رسول کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته توهان کي گهرجي ته (ان مال بابت پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو) الله کان ڊڄو، پنهنجا هڪٻئي سان معاملا درست رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ محڪم رهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان کان مالِ غنيمت بابت سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو مالِ غنيمت الله ۽ الله جي رسول جو آهي، پوءِ توهان الله کان خوف ڪريو ۽ پنهنجي معاملن ۾ اصلاح ڪريو ۽ الله ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪريو جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو کان ماڻهو انفال (غنيمت جي مال) بابت پڇندا رهن ٿا. (کين) چئو ته انفال خاص خدا ۽ رسول جي لاءِ آهي ته (پوءِ) خدا کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهين (سچا) ايماندار آهيو ته خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا توکان غنيمتن جي باري ۾ فرماءِ ته غنيمتون الله ۽ رسول جي لاءِ آهن، پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اصلاح ڪيو پنهنجو پاڻ ۾ ۽ اطاعت ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي جيڪڏهن آهيو مؤمن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان غنيمت جي مالن جو پڇن ٿا. چئو ته غنيمت جا مال الله ۽ رسول جا آهن. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ پنهنجي اندروني معاملن کي درست ڪريو (يعني پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) تو کان لُٽ جي مال جي باري ۾ پڇن ٿا؟چؤ ته: ”لُٽ جي مال جو مالڪ الله ۽ رسول آهي. سو الله کان ڊڄو ۽ هڪ ٻئي ۾ صلح اختيار ڪيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو جي اوهان ايمان وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنِئي کَٽيل مال جا، حِصّا ۽ حَقدار، چئو، کَٽيل مال، خاص، سندو صاحبِ جِي سرڪار، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ جو؛ پوءِ ڏور ڀر ڏاتار، ۽ لڳ لاڳاپا پاڻ ۾، سُڌاريو سالار!، ربَّ ۽ سندس رسول جا، رَهو تابِعدار، اَوهين اِعتبار،جي آڻڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان جنگ جي لُٽ بابت پڇن ٿا- چئو ته جنگ جي لُٽ جو مال الله ۽ سندس رسول جو آهي- الله کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ ٺاهه رکو- ۽ جيڪڏهن اوهين مومن آهيو، ته الله ۽ سندس رسول جي پيروي ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان غنيمت جي مال بابت پڇا ڪن ٿا. چوينِ ته غنيمت جو مال الله ۽ سندس رسول جو آهي. پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان لاڳاپا ٺيڪ رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) توکان انفال (غنيمت جي مال) لاءِ پڇن ٿا. چوين ته اهي انفال ته الله ۽ سندس رسول جا آهن، سو توهان الله کان ڊڄو ۽ تعلق سٺا سيبتا رکو پاڻ ۾، ۽ اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي، جي توهان مؤمن آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو تو کان غنيمت جي مال جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا، کين ٻڌايو ته غنيمت جا مال ته الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) جا آهن، توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ پاڻ ۾ صلح ۽ صفائيءَ سان رهو، جيڪڏهن توهان (واقعي) مؤمن آهيو ته پوءِ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّمَا المُؤمِنونَ الَّذينَ إِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَجِلَت قُلوبُهُم وَإِذا تُلِيَت عَلَيهِم ءايٰتُهُ زادَتهُم إيمٰنًا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 2) |
مُؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته) ڊڄنديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مؤمنن جو شان ته هي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو (يا نالو ورتو وڃي ٿو) تڏهن سندن دليون دهلجي ٿيون وڃن ۽ جڏهن سندس آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن سندن ايمان کي وڌيڪ پڪو ڪري ٿيون ڇڏين، ۽ هو هر حال ۾ پنهنجي پروردگار تي (پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ بعد) پورو ڀروسو رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪامل مؤمن اهي آهن جو جڏهن انهن جي اڳيان الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون خوف ڪن ٿيون ۽ جنهن وقت انهن تي الله جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان زياده ٿئي ٿو ۽ اهي پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سچا ايماندار ته فقط اهي آهن جو جڏهين (انهن جي اڳيان) خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن اڳيان سندس آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان اڃا به وڌيڪ ٿئي ٿو پڻ اهي پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ مؤمن اهي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته ڊڄي وڃن دليون انهن جون ۽ جڏهن پڙهيون وڃن انهن تي آيتون ان جون ته وڌائين انهن کي ايمان ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايمان وارا فقط اهي آهن جو جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڊڄن ٿيون، ۽ جڏهن کين سندس آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته اهي (آيتون) انهن جي ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ اهي پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايمان واراصرف اُهي آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن جون دليون ڪنبي وڃن ٿيون ۽ جڏهن انهن تي ان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جي ايمان ۾ واڌارو آڻن ٿيون ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُؤمن اُهي ئـِي مُور، ته جڏهن ياد الله ڪجي، ته دِليون سندنِ دَهشت کان، ڀِڄي ٿِين ڀَرپُور، ۽ جڏهن پَڙهجن اُنهن مَٿي، اُن مولي جا مذڪور، ته ڪن اُنهن کي، اِيمان ۾، زياده ضرور، ۽ ڌارِيان ڌِڪي دُور، رکن پنهنجي ربّ مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ مومن اُهي ئي آهن، جو جڏهن الله جو ذڪر ٿئي ٿو، ته سندن دليون ڪنبن ٿيون ۽ جڏهن کين الله جون آيتون پڙهي ٻڌائجي ٿيون ته اُهي سندن ايمان کي مضبوط ڪن ٿيون، هو پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سچا مؤمن ته اهي ماڻهو آهن، جن جون دليون الله جو ذڪر ٻڌي ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن الله جون آيتون سندن آڏو پڙهيون وڃن ٿيون ته سندن ايمان وڌي وڃي ٿو ۽ هو پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ سچا ايمان وارا ته اهي ماڻهو آهن جن جون دليون الله جو ذڪر ٻڌي ڏڪي وڃن ٿيون ۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان (الله) جون آيتون سندن آڏو ته سندن ايمان وڌي وڃي ٿو ۽ اهي رکن ٿا پنهنجي رب تي ڀروسو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ايمان وارا ماڻهو اهي آهن، جڏهن انهن جي سامھون الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن دليون ڏڪي وينديون آهن ۽ جڏهن انهن جي سامھون الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جي ايمان جي ڪيفيت وڌي وڃي ٿي ۽ اهي پنهنجي رب تي ئي ڀروسو رکندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 3) |
اُھي نماز پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه حصو اسان جي راهه ۾ به) خرچ ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (مؤمن) نماز پڙهن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي رزق ڏنو آهي انهي مان خرچ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نماز کي پابنديءَ سان پڙهن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي ان مان (الله جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پڙهن نِمازون پُوريون، ۽ ڪڍن زڪوٰة ضرور،جو مال ڏِنوسون، تِنهن مَنجھان؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي نماز جي پابندي ڪن ٿا، جيڪي اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان مان (اسان جي واٽ ۾) خرچ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو قائم ڪن ٿا نماز ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان اسان جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي نماز قائم ڪندا آهن ۽ اسان کين جيڪو به رزق ڏنو آهي ان مان (اسان جي راهه ۾) خرچ ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم دَرَجٰتٌ عِندَ رَبِّهِم وَمَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 4) |
اِھي ئي پڪا مؤمن آھن، انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهڙائي ماڻهو حقيقي مؤمن آهن، انهن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان مرتبا ۽ درجا آهن ۽ بخشائش ۽ عزت جي روزي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ئي سچا مؤمن آهن، انهن لاءِ سندن رب وٽ (بهشت ۾) درجا آهن ۽ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي سچا ايمان وارا آهن، جن لاءِ سندن پالڻهار وٽ (تمام وڏا) درجا آهن پڻ معافي ۽ عزت آبرو سان چڱي روزي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن، ايمان وارا سچا، واسطي انهن جي درجا آهن وٽ رب انهن جي ۽ بخشش ۽ رزق عزت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ئي سچا ايمان وارا آهن، انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ درجا ۽ معافي ۽ چڱي روزي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن جي لاءِ سندن پالڻهار وٽ (وڏا) درجا آهن ۽ (گناهن جي) بخشش آهي ۽ عزت جي روزي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مؤمن اُهي مُور، درجا سندنِ ڌڻِي وَٽ؛ اُنهن لئي مُقّرر مَنظور، بخشش پڻ ڀَرپُور، ۽ سڳورِي سانجاڻ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي سچا مومن آهن- انهن لاءِ ئي سندن رب وٽ وڏا درجا ۽ بخشش ۽ عزت جي روزي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙا ئي ماڻهو سچا مؤمن آهن. انهن لاءِ سندن رب وٽ وڏا درجا آهن، گناهن جي معافي آهي ۽ بهترين رزق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي مؤمن سچا آهن، انهن جي لاءِ وڏا درجا آهن سندن رب وٽ، ۽ معافي گناهن جي ۽ بهترين رزق آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي پڪا مؤمن آهن، انهن جي لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ وڏا درجا، بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَما أَخرَجَكَ رَبُّكَ مِن بَيتِكَ بِالحَقِّ وَإِنَّ فَريقًا مِنَ المُؤمِنينَ لَكٰرِهونَ (آيت : 5) |
جئن تنھنجي رب توکي تنھنجي گھر (مدينه) مان سچي تدبير لاءِ ٻاھر آندو، ۽ بيشڪ مؤمنن منجھان ھڪ ٽولي ضرور ناراض ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هن غنيمت جي معاملي کي به اهڙوئي سمجهو) جهڙئيءَ طرح (بدر جي جنگ ۾) هيءَ ڳالهه ٿي هئي جو تنهنجي پروردگار سچائي سان (حق جي راهه ۾) توکي گهر کان ٻاهر آندو هو ۽ هيءَ سچي ڳالهه آهي ته مؤمنن جي هڪڙي ٽولي هن ڳالهه ۾ (يعني ڪافرن جي لشڪر سان وڙهڻ ۾) بلڪل ناراض هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جهڙي طرح توهان کي توهان جي رب مدينه منوره مان ٻاهر آندو، ۽ بيشڪ هڪ جماعت مؤمنن مان انهي ۾ ناخوش آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو غنيمت جي مال جو جهڳڙو ائين ئي آهي) جيئن اوهان جي پالڻهار توهان کي پوري پوري (مصلحت سان) توهان جي گهر مان (جنگ بدر ۾) ڪڍيو هو ۽ مومنن جو هڪ ٽولو (هن ڳالھ مان) ناخوش هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيئن ڪڍيو توکي رب تنهنجي گهر تنهنجي مان سچ سان ۽ بيشڪ جماعت هڪ مؤمنن مان البت نه پسند ڪندڙ هئا..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيئن توکي تنهنجي پاليندڙ تنهنجي گهر مان مصلحت سان ڪڍيو ۽ بيشڪ ايمان وارن مان هڪ جماعت (ان ڪم کي) ناپسند ڪرڻ واري هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (مالِ غنيمت جي معاملي جي صورتحال به ائين آهي) جيئن تو کي تنهنجي پالڻهار تنهنجي گهر مان حق سان ڪڍيو ۽ بيشڪ مؤمنن جي هڪ جماعت ان تي ناخوش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيئن، توکي ڪَڍيو، تو گَھران، تَنهنجي سائينءَ، مَٿي سَچ، ۽ هُئو ڳَـڻـتـيون کيندڙ ڳَچ مؤمن مان، ميڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن تنهنجي رب توکي پنهنجي گهر مان مصلحت سان روانو ڪيو، مگر مسلمانن جي هڪ ٽولي ناراض هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ غنيمت جي مال واري معاملي ۾ به اهڙي ئي صورت پيش اچي رهي آهي جهڙي انهيءَ وقت آئي هئي جڏهن) تنهنجي رب توکي حق ساڻ تنهنجي گهر کان ٻاهر ڪڍي آندو هو ۽ مؤمنن مان هڪڙي ٽولي کي اها ڳالهه پسند نه هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اها صورت آهي جهڙي ان وقت) ڪڍي آندو تنهنجي رب توکي تنهنجي گهر مان حق سان، ۽ (بيشڪ هڪ) ٽولي کي مؤمنن مان اها ڳالهه سخت ناپسند هئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (غنيمت جي مال جي تقسيم وقت پيدا ٿيندڙ تڪرار به ايئن آهي) جيئن تنھنجي پالڻھار تو کي تنھنجي گهر (يعني مديني شريف) کان حق سان (بدر جي ميدان ڏانھن) وٺي آيو بيشڪ مؤمنن مان هڪ ڌر کي اها ڳالهه بلڪل نه پئي وڻي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُجٰدِلونَكَ فِى الحَقِّ بَعدَما تَبَيَّنَ كَأَنَّما يُساقونَ إِلَى المَوتِ وَهُم يَنظُرونَ (آيت : 6) |
اُھي سچي ڳالھه بابت ان جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ (به) توسان گفتگو ڪندا رھيا ڄڻ ته اُھي (اکين سان) ڏسندي موت ڏانھن ھڪاليا وڃن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ناراض ٽوليءَ وارا) توسان حق جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا، اگرچه معاملو صاف ظاهر ٿي چڪو هو (ته هڪ هزار ڪافر مديني تي ڪاهڻ اچي رهيا هئا، اهي مسلمان لڙائي ڪرڻ کان ايتري قدر ٿي ڇرڪيا جو) ڄڻ ته کين زور سان موت جي منهن ۾ ڌڪيو پي ويو ۽ هو (پنهنجو موت پنهنجي اکين سان) ڏسي رهيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سچي ڳالهه تي توهان سان بحث ڪن ٿا ان کان پوءِ جو ڳالهه ظاهر ٿي گوياڪ اهي موت ڏانهن هڪليا وڃن ٿا حالانڪ اهي ڏسي رهيا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي حق جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان (اجايو سجايو) سچي ڳالھ ۾ وڙهن ٿا ۽ اهڙي طرح (جهڳڙو) ڪرڻ لڳا جو ڄڻ ته (زبردستي سان کين) موت جي منهن ۾ ڌڪيو وڃي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زباني بحث پيا ڪن توسان حق جي باري ۾ پڄاڻان ان جي جو ظاهر ٿيو ڄڻ ته اهي ڪاهيا ٿا وڃن طرف موت جي ۽ اهي ڏسن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن سچي ڳالهه پڌري ٿيڻ بعد به ان ۾ جهڳڙو ڪيو ٿي ڄڻ ته انهن کي موت ڏي ڪاهيو وڃي ٿو ۽ اهي (موت) ڏسي رهيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُنهن تو سان حق جي پڌري ٿيڻ بعد جهڳڙو پئي ڪيو ڄڻڪ اهي موت ڏانهن هڪليا پئي ويا ۽ اُهي (موت اکئين) ڏسي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دوست !دَڙِين سچ ۾، توسان، تِنهن پُڃاڻ، کُلي خبر اُنهن تي، ڪر موت پاسي پاڻ، هَلائـِجن هاڻِ، ۽ مُنهن ۾، ڏِسن پِيا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو حق جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ توسان ائين جهڳڙو ڪندا رهيا جو ڄڻ ته ڏسن پيا، ته ڪو کين موت ڏانهن ڪاهي رهيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو انهيءَ حق جي معاملي ۾ توسان جهڳڙو ڪري رهيا هئا، حالانڪه حق ته بلڪل پڌرو ٿي چڪو هو. سندن حالت اها هئي جو ڄڻ ته اکين ڏٺي موت ڏانهن پيا گهليا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو جهيڙو پيا ڪن تو سان ان ۾ حق واسطي، جڏهن ته حق ظاهر ٿي چڪو هو، حال اهڙو هئن ڄڻ ته ڌِڪيا پيا وڃن موت ڏانهن نظرن جي سامهون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها ڌر حق ظاهر ٿيڻ کان پوءِ به تو سان جهڳڙو پئي ڪري ڄڻ ته هي (مؤمن زوريءَ) اکين ڏٺا موت جي منھن ۾ هڪليا پيا وڃن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ يَعِدُكُمُ اللَّهُ إِحدَى الطّائِفَتَينِ أَنَّها لَكُم وَتَوَدّونَ أَنَّ غَيرَ ذاتِ الشَّوكَةِ تَكونُ لَكُم وَيُريدُ اللَّهُ أَن يُحِقَّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ وَيَقطَعَ دابِرَ الكٰفِرينَ (آيت : 7) |
۽ (ياد ڪريو) ته جڏھن الله اوھان سان انجام ڪيو ته (ڪافرن جي) ٻن ٽولين مان ھڪ اوھان کي ھٿ لڳندي ۽ اوھان گھريو ٿي ته بي ھٿيار (ٽولي) اوھان لاءِ ھُجي ۽ الله گھريو ٿي ته پنھنجي حُڪم سان حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ ھِنَ لاءِ وڍي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن الله اوهان سان واعدو ڪيو هو ته (دشمنن جي) ٻن جماعتن مان هڪ ضرور اوهان جي هٿ ايندي ۽ اوهان جو حال هي هو جو چاهيو ٿي ته جنهن جماعت ۾ وڙهڻ جي طاقت ڪانهي (يعني قافلي واري) سا هٿ اچي وڃي، پر خدا ته چاهيو ٿي ته پنهنجي واعدي موجب حق کي ثابت (۽ پائدار) ڪري، ۽ حق جي دشمنن جون پاڙون پٽي وڍي ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪريو جنهن وقت الله توهان کي وعدو ڏنو ٻن گروهن مان هڪڙي جو، بيشڪ اهو توهان لاءِ آهي ۽ توهان جي تمنا هئي ته غير مسلح جٿو توهان کي هٿ ۾ اچي ۽ الله چاهي ٿو ته پنهنجي حق سان حق کي غالب ڪري ۽ ڪافرن جون پاڙون ڪٽي ڇڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کي (پنهنجن اکين سان) ڏسي رهيا آهن ۽ (هي اهو وقت هو) جڏهن خدا اوهان سان واعدو ڪري رهيو هو ته (مڪي جي ڪافرن مان) ٻن گروهن مان هڪ اوهان لاءِ ضروري آهي. ۽ اوهان وري جي اها مرضي هئي ته توهان جي چنبي ۾ ڪمزور گروھ اچي (جيئن جنگ بدر کانسواءِ غنميت جو مال هٿ لڳي) پر خدا جي مرضي هئي ته پنهنجين ڳالهين سان حق سچ کي ثابت (قائم) ڪري ڪافرن جي پاڙ پٽي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن وعدو ڪيو اوهان سان الله هڪڙيءَ جو ٻن جماعتن مان ته بلاشڪ اها اوهان جي لاءِ آهي ۽ محبت پيار رکو ته بيشڪ بغير هٿيارن واري ٽولي هجي اوهان لاءِ ۽ ارادو ٿو ڪري الله ته ثابت ڪري حق کي فرمانن پنهنجن سان ۽ وڍي پاڙ ڪافرن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن الله اوهان سان وعدو ڪيو ٿي ته (ڪافرن جي) ٻن جماعتن مان هڪ اوهان کي هٿ لڳندي ۽ اوهان پسند ڪيو ٿي ته بي هٿيار جماعت اوهان کي ملي ۽ الله گهريو ٿي ته سچ کي پنهنجي ڳالهين سان ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ وڍي ڇڏي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن الله اوهان سان (مڪي جي ڪافرن جي) ٻن جماعتن مان هڪ جو وعدو ڪيو ته اها يقيناً اوهان جي هٿ لڳندي ۽ اوهان چاهيو پئي ته بنا هٿيارن واري جماعت توهان کي ملي ۽ الله چاهيو ته پنهنجي ڪلام سان حقَ کي حقُ ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٻِن ٻارين مان، هڪ ٻارِيءَ جو ٻِيهار، واحد، ڏپيو واعِدو، ته اُها اوهان هار، ۽ اوهين اِرادو پِيا ڪريو، ته بنا هٿيار، پَنوهار، اوهان ڪارڻ قافلو؛ ۽ ٿو گُھري رَبُّ، غَفّار، ته حق کي، حق ثابت ڪري، پَنهنجي حُڪمن سان هيڪار، پڻ ڪڍي سَنديون ڪُفار، پَٽي پارون پَٽ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن الله اوهان سان ٻن مان هڪ ٽوليءَ جو واعدو ڪيو ٿي، ته اها اوهان کي هٿ ايندي ۽ اوهان گهريو ٿي، ته بي هٿيار ٽولي اوهان کي هٿ اچي، مگر الله گهريو ٿي ته پنهنجي حڪمن سان حق کي حق هجڻ ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي ڇڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو موقعو، جڏهن الله توهان سان وعدو ڪري رهيو هو ته ٻنهي ٽولن مان هڪڙو توهان کي ملي ويندو، توهان پئي گهريو ته بنا هٿيارن وارو ٽولو توهانجي هٿ چڙهي، پر الله جو ارادو اهو هو ته پنهنجي فرمودن سان حق کي حق ڪري ڏيکاري ۽ ڪافرن جي پاڙ پٽي ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو اهو موقعو جڏهن الله وعدو ڪري رهيو هو توهان سان ته ٻنهي ٽولن مان هڪڙو توهان کي ملندو ۽ توهان چاهيو پئي ته هيڻو ٽولو توهان کي ملي، جڏهن ته الله جو ارادو هي هو ته حق کي حق ڪري ڏيکاري پنهنجي حڪمن سان ۽ پاڙ پٽي ڇڏي ڪافرن جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حالانڪه ان وقت) جڏهن الله تعالى توهان سان وعدو ڪيو هو ته (ڪافرن جي) ٻن گروهن (يعني تجارتي گروهه ۽ مسلح لشڪر) مان هڪ گروهه تي توهان کي فتح نصيب ڪندو، توهان ته بنا هٿيارن واري گروهه (يعني تجارتي گروهه) تي فتح گهري رهيا هئا، پر الله تعالى اهو پئي چاهيو ته (اڄ) پنھنجي حڪم سان حق کي سچائيءَ جي بنياد تي ثابت ڪري ڏيکاري ۽ ڪافرن جي هميشه لاءِ پاڙ پٽي ڇڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُحِقَّ الحَقَّ وَيُبطِلَ البٰطِلَ وَلَو كَرِهَ المُجرِمونَ (آيت : 8) |
ته حق کي ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل ڪري توڻيڪ گنھگار ناراض رھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو انهيءَ لاءِ ته (الله تعاليٰ) حق کي حق (يعني ثابت ۽ پائدار) ڪري ڏيکاري ۽ باطل کي باطل ڪري ڏيکاري (يعني ڪوڙ کي ناڪامياب ۽ فنا ڪري ڇڏي) اگرچه (ظلم ۽ فساد ڪندڙ) گنهگار ائين ٿيڻ پسند نه ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي لاءِ ته حق کي ظاهر ڪري ۽ ڪفر کي باطل ڪري جيتوڻيڪ مجرم انهيءَ کي ناپسند ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن حق کي (سچ) ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (ڪافر) ان مان ناراض ئي ڇو نه هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ثابت ڪري ڏيکاري حق ۽ باطل ڪري ڏيکاري باطل جيتوڻيڪ ناپسند ڪن مجرم.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته سچ کي ثابت ڪري ۽ ڪوڙ کي ناس ڪري جيتوڻيڪ گنهگار (اها ڳالهه) ناپسند ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته حق کي حقُ ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل بنائي توڙي جو ڏوهاري ان کي ناپسند ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان حق کي، حَق ثابت ڪري، ۽ باطل ڪري ناس، تان هوندي کي، هوندو ڪري، ۽ ناس کي، ناس، ۽ وَر ته رَهن ناراس، هَلندڙ ٻاهر، حُڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته حق حق (ثابت) ٿئي ۽ ڪوڙ ڪوڙ ثابت ڪري، پوءِ کڻي بدڪارن کي ائين نه وڻي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن حق حق ٿئي ۽ باطل باطل ٿي وڃي، توڻي جو ڏوهارين کي اها ڳالهه ڪيڏي به اڻ وڻندڙ ڇونه لڳي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن حق، حق ٿي رهي ۽ باطل، سو باطل ٿي رهجي وڃي، توڙي اها اڻ وڻندڙ ڳالهه هجي ڏوهارين کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ اهو ان لاءِ به هو) ته جيئن هو حق جو حق هجڻ ۽ باطل جو ڪوڙو هجڻ حقيقي طور ثابت ڪري ڇڏي، ڀلي جا اها ڳالهه ڏوهاري ماڻهن کي نه وڻي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ تَستَغيثونَ رَبَّكُم فَاستَجابَ لَكُم أَنّى مُمِدُّكُم بِأَلفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُردِفينَ (آيت : 9) |
جڏھن جو پنھنجي پالڻھار کي فرياد ٿي ڪيوَ ته (اُھا) اوھانجي (فرياد) قبول ڪيائين (فرمايائين) ته آءٌ لڳولڳ ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙن ھڪ ھزار ملائڪن سان اوھان جي مدد ڪندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ اهو وقت به ياد رکو) جڏهن توهان (بدر جي جنگ جي موقعي تي) پنهنجي پروردگار وٽ پڪار ڪئي هئي ته، اسان جي مدد ڪر ۽ هن اوهان جي پڪار ٻڌي هئي، هن چيو هو ته، مان هڪ هزار فرشتن سان جي هڪ ٻئي پٺيان ايندا توهان جي مدد ڪندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت توهان پنهنجي رب کان مدد طلب ڪئي پوءِ الله توهان جي دعا قبول فرمائي الله فرمايو بيشڪ آئون توهان جي هڪ هزار صِفون ٻڌل ملائڪن سان مدد ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين پنهنجي پروردگار وٽ فرياد ڪري رهيا هئا ته هن توهان جي ٻڌي ۽ جواب ڏنو ته: آءُ اوهان جي مدد اڳ ايندڙ هڪ هزار ملائڪن سان ڪندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن مدد گهرو پيا پالڻهار پنهنجي کان پوءِ قبول فرمايائين واسطي اوهان جي بيشڪ مان مدد ڪندڙ اوهان جو آهيان هڪ هزار ملائڪن سان اڳيان پويان ايندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اوهان پنهنجي پاليندڙ کي فرياد ٿي ڪيو پوءِ اوهان جي دعا قبول ڪيائين ته آءُ اڳ ايندڙ هزار ملائڪن سان اوهان جي مدد ڪرڻ وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اوهان پنهنجي پالڻهار کي (مدد لاءِ) ٻاڏايو پئي پوءِ ان اوهان جو سڏڻ قبول ڪيو (فرمايائين ته) ”آءٌ هڪ ٻئي پٺيان لهندڙ هڪ هزار ملائڪن ذريعي اوهان جي مدد ڪندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن دانهيان پنهنجي ڌڻئ کي، پوءِ ٻُڌويسينِيان ٻاڪار، ته مدد ڏيندوسِينيان، مَلڪن سان،هڪ ٻئي پُٺيان هزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن اوهين پنهنجي رب کي فرياد ڪري رهيا هئا، پوءِ الله ان کي قبول ڪيو ته آءٌ اوهان کي هڪ ٻئي پٺيران ايندڙ هزار فرشتن جي مدد ڏيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن موقعي تي توهان پنهنجي رب کي فرياد پئي ڪئي، ته هن جواب ۾ فرمايو ته آءٌ توهان جي مدد لاءِ هڪ ٻئي پٺيان هلندا ايندڙ هڪ هزار ملائڪ موڪلي رهيو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن توهان فرياد ڪري رهيا هئا پنهنجي رب کي جواب ۾ هن (الله) فرمايو ته آئون توهان جي مدد لاءِ هڪ ٻئي پٺيان هڪ هزار فرشتا موڪلي رهيو آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن توهان پنھنجي پالڻھار کي (مدد لاءِ) ٻاڏائي رهيا هئا ته هن توهان جي دعا کي قبول ڪندي فرمايو ته (گهٻرايو نه) مان توهان جي هڪ هزار لڳاتار ايندڙ ملائڪن جي ذريعي مدد ڪرڻ وارو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ وَلِتَطمَئِنَّ بِهِ قُلوبُكُم وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ھو ۽ ته اُن سان اوھان جون دليون تسلّي واريون ٿين، ۽ الله (جي پار کان) سواءِ (ٻئي ھنڌان) مدد ملڻي نه آھي، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله جو اها ڳالهه ڪئي سو سندس مقصد سواءِ هن جي ڪجهه نه هو ته (توهان جي لاءِ) خوشخبري ٿئي ۽ اوهان جون (هراسيل) دليون تسلي ۽ قرار حاصل ڪن، نه ته مدد ته (اهر حال ۾) الله ئي جي طرف کان آهي. بيشڪ هو (سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه بنايو الله (فرشتن جي نُزول کي) مگر مبارڪ ۽ انهي لاءِ ته توهان جون دليون مطمئن ٿين، ۽ ناهي مدد مگر الله جي طرفان بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (غيبي مدد) خدا رڳو اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ ڪئي هئي ته ان سان اوهان دلين کي خاطري ٿئي. ۽ (ياد رکو ته) فتح رڳو خدا وٽان آهي. بيشڪ خدا زبردست ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بنايو ان کي الله مگر خوشخبري ۽ تانت مطمئن ٿين ان سان دليون اوهان جون ۽ ناهي مدد مگر وٽان الله جي بيشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ۽ هن لاءِ ته اسان اوهان جي دلين کي تسلي ٿئي.۽ فتح رڳو الله وٽان آهي. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري بنايو ته جيئن ان سان اوهان جون دليون مطمئن ٿين ۽ مدد رُڳو الله وٽان ئي آهي ۽ بلاشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ الله نه، اِهو ڪم ڪيو، مگر مبارڪِي هار، پڻ اِنهي ساڻ اوهان جا، ٿِين قلب قرار، ۽ ناهي مدد ڪا، مگر واحد وٽان، وَهار، صاحب ربُّ، ستار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله ته ان کي رڳو خوشخبري بڻايو هو ته ان سان اوهانجون دليون آرام وٺن، مدد ته رڳو الله وٽان ئي ملي ٿي- بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ڳالهه الله توهان کي رڳو ان لاءِ ٻڌائي هئي ته توهان کي خوشخبري ملي ۽ توهان جي دلين کي انهيءَ وسيلي آٿت ملي، نه ته سوڀ ته هونئن به الله وٽان ئي نصيب ٿيندي آهي، بيشڪ الله زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها ڳالهه الله توهان کي رڳو هن لاءِ ٻڌائي ته توهان کي خوشخبري ملي ۽ مطمئن ٿين توهان جون دليون، نه ته مدد جڏهن به هوندي آهي ته الله جي طرفان ئي هوندي آهي، يقينًا الله زبردست ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ان مدد کي خوشخبريءَ طور ٻڌايو ته جيئن توهان جي دلين کي سڪون ملي. (هونئن به) مدد صرف الله تعالى جي طرف کان ايندي آهي. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ يُغَشّيكُمُ النُّعاسَ أَمَنَةً مِنهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيكُم مِنَ السَّماءِ ماءً لِيُطَهِّرَكُم بِهِ وَيُذهِبَ عَنكُم رِجزَ الشَّيطٰنِ وَلِيَربِطَ عَلىٰ قُلوبِكُم وَيُثَبِّتَ بِهِ الأَقدامَ (آيت : 11) |
(ياد ڪر) جنھن مھل پنھنجي طرف کان امن ڏيڻ لاءِ اوھان کي اوجھراڪي ڍڪايائين ۽ اوھان تي آسمان مان پاڻي ھِن لاءِ وسايائين ته اُن سان اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان کان شيطان جي پليتي نئي ۽ اوھان جي دلين کي مُحڪم رکي ۽ ان سان (اوھان جي) قدمن کي مُحڪم ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن الله تعاليٰ اوهان تي ڇانئجي ويندڙ ننڊ آندي، جا ننڊ خدا جي طرفان اوهان لاءِ تسلي ۽ بي ڊپائيءَ جو سبب بڻجي پئي ۽ الله تعاليٰ آسمان مان اوهان تي مينهن وسايو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي پاڪ ۽ صاف ٿيڻ جو موقعو ڏئي ۽ اوهان مان شيطان (جي وسوسن) جي ناپاڪائي ڪڍي ڇڏي. پڻ توهان جون دليون ڳنڍي مضبوط ڪري ڇڏي ۽ (واريءَ تي) اوهان جا قدم ان مينهن جي وسيلي ڄمائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنگِ بدر جي موقعي تي توهان کي ننڊ جا جھوٽا اچي رهيا هئا اها الله جي طرفان تسڪين هئي ۽ الله توهان تي آسمان تان مينهن نازل فرمايو انهي لاءِ ته توهان کي ان سان پاڪ ڪري ۽ پري ٿين توهان کان شيطان جا وسوسا ۽ انهي لاءِ ته توهان جون دليون مضبوط ٿين ۽ توهان جا پير پختا ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهو وقت هو جڏهين پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪي سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ صاف ڪري اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (ياد ڪيو) جڏهن ڍڪايائين اوهان کي اوجهراڻي (ننڊ جي) امن ڏيڻ لاءِ پنهنجي طرفان ۽ لاهي پيو اوهان تي آسمان مان پاڻي تانت پاڪ ڪري اوهان کي ان سان ۽ پري ڪري اوهان کان پليدي شيطان جي ۽ تانت همت ٻڌرائي دلين اوهان جي تي ۽ ثابت ڪري ان سان قدمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن پنهنجي طرف کان تسلي (ڏيڻ) لاءِ اوهان کي اوجهراڪيءَ سان ڍڪيائين ٿي ۽ اوهان لاءِ آسمان مان پاڻي لاٿائين ٿي ته ان سان اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان کان شيطان جي پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان سان اوهان جا پير ڄمائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ان پاڻ وٽان امن (۽ سڪون ڏيڻ) لاءِ اوهان تي ڳهر (هلڪي ننڊ) طاري ڪئي ۽ اوهان تي آسمان مان پاڻي نازل ڪيائين هن لاءِ جو اُن سان اوهان کي پاڪ ڪري ۽ اوهان کان شيطاني پليتي پري ڪري ۽ اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ ان ذريعي اوهان جا پير ڄمائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پِيو وَٺنيان خواب خُمار، جڏهن تَسلي طرفان تِنهنجي، ۽ اوهان مَٿي اُڀ ڪنان، پِيو لاهي جَر جَبار، تان اَڇو اُجرو اُن سان، ڪري اوهان کي ڪَلتار، ۽ ميرائـِي مَردود جِي، نِـئي اوهان کان نِبار، ۽ ڪَنيان قلب قرار، پڻ پُختا اوهان جا پير ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪريو) جڏهن هن اوهان جي لاءِ پنهنجي طرف کان اوهان تي ڳهر ڇانئي ڇڏي ۽ اوهان تي آسمان مان پاڻي موڪليائين، ته ان سان اوهان کي پاڪ ڪري، اوهان مان شيطاني وسوسن کي تڙي ڪڍي، اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ اوهان جي پيرن کي ڄمائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو وقت پڻ (ياد ڪريو) جڏهن الله پنهنجي طرف کان ننڊاکڙائيءَ جي صورت ۾ توهان تي اطمينان ۽ بي ڊپائيءَ واري حالت طاري ڪري رهيو هو ۽ آسمانن مان توهان تي مينهن وسائي رهيو هو ته جيئن توهان کي پاڪ ڪري ۽ توهان کان شيطان جي پليتي دور ڪري ۽ توهان ۾ همت پيدا ڪري ۽ ان جي وسيلي توهان جا پير ڄمائي ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو وقت جڏهن ڳهر جي حالت توهان تي (هئي) اطمينان ۽ بي خوفي الله طاري ڪري رهيو هو توهان تي آسمان مان مينهن وسائي رهيو هو جيئن ان سان توهان کي پاڪ ڪري، شيطان جي وڌل پليتائي کي دور ڪري دلين تان، توهان جي همت وڌائي ان سان توهان جا قدم ڄمائي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو وقت به ياد ڪريو، جڏهن الله تعالى (بدر جي ميدان ۾) توهان تي (خوف ۽ گهٻراهٽ واري حالت ۾) ننڊ جي پنڪين جي صورت ۾ سڪون ۽ بي خوفيءَ واري ڪيفيت طاري ڪري رهيو هو ۽ پنھنجي طرفان توهان جي لاءِ آسمان مان مينھن وسائي رهيو هو ته جيئن هو توهان کي ان جي ذريعي پاڪ ڪري، توهان کان شيطان جا پيدا ڪيل وسوسا دور ڪري، اوهان جي دلين کي مضبوط ڪري ۽ پاڻيءَ جي ذريعي (وارياسي ميدان ۾) توهان جا قدم خوب ڄمائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ يوحى رَبُّكَ إِلَى المَلٰئِكَةِ أَنّى مَعَكُم فَثَبِّتُوا الَّذينَ ءامَنوا سَأُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ فَاضرِبوا فَوقَ الأَعناقِ وَاضرِبوا مِنهُم كُلَّ بَنانٍ (آيت : 12) |
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن ڏانھن وحي ڪيو ته آءٌ اوھان سان آھيان تنھنڪري مؤمنن کي ھمٿايو، ڪافرن کي دل ۾ سگھو دھشت وجھندس پوءِ (اي مؤمنؤ) گردنين تي ڌڪ ھڻونِ ۽ اُنھن جي آڱرين جا سنڌ ڀڃو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجي پروردگار فرشتن تي وحي نازل ڪيو ته مان اوهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد توهان سان آهي) پوءِ مؤمنن کي محڪم ۽ ثابت قدم رکو. جلدئي مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جي) دهشت وجهندس تنهن ڪري (اي مسلمانو) هنن جي گردنن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ هنن جي هٿن ۽ پيرن جي هرهڪ آڱر تي ڌڪ لڳايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ياد ڪريو جنهن وقت الله وحي موڪلي فرشتن ڏانهن ته بيشڪ آئون توهان جو مددگار آهيان پوءِ مؤمن ثابت قدم رکن، اسين جلدي ڪافرن جي دلين ۾ رعب وجھنداسين پوءِ توهان ڪافرن جي ڪنڌن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ انهن جي هر سنڌ تي ڌڪ هڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجو پروردگار فرشتن کي فرمائي رهيو ته آءُ پڪ اوهان سان آهيان. اوهين ايمان وارن کي ثابت قدم رکو (همٿايو). آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس. پوءِ سندن ڪنڌ ڪپيو ۽ سندن سنڌن تي ڌڪ هڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن وحي پيو موڪلي رب تنهنجوطرف ملائڪن جي ته بلاشڪ مان گڏ آهيان اوهان سان پوءِ ثابت رکو انهن کي جو ايمان آندائون سگهوئي وجهندس مان دلين انهن جي ۾ جو ڪفر ڪيائون ڊپ پوءِ (ڌڪ) هڻو مٿان ڪنڌن جي ۽ هڻو انهن جي هر هڪ سَنڌَ کي اهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن ڏي وحي ٿي ڪيو ته آءُ اوهان سان آهيان پوءِ ايمان وارن کي همٿايو. آءُ ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهندس، پوءِ گردنن تي ڌڪ هڻو ۽ انهن جي سنڌ سنڌ تي ڌڪ هڻو ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن ڏانهن وحي فرمائي ته: ”بيشڪ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان پوءِ اوهان ايمان وارن کي ثابت (قدم) رکو. سگھوئي آءُ ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جو) رعب وجھندس. پوءِ اوهان (ڪافرن جي) ڪنڌن مٿان وار ڪيو ۽ انهن جي سَنڌَ سَنڌَ تي وار ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجو مالِڪ مَلڪن کي، ٿو وَحي ڪري، جنهن وير، ته اوهان سان گڏ آهيان، ڀيڙو آئون ڀَلير!، پوءِ آيا، جي اِيمان تي، ثابت رکو، سي شير!، دِليون دَهلائيندسِ تن جون، جن ڦِريَن کاڌو ڦير، پوءِ هڻونِ ڪُند، ڪَنڌن تان، مَٿا ڪُٽيونِ مَٿير!، پڻ ڇِڻڪيون سندنِ هَٿ، پير، سَڀْ ڪِنهن سَنڌ، سنڌ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر، جڏهن تنهنجي رب انهن فرشتن کي حڪم ڏنو ٿي، ته آءٌ اوهان سان آهيان، تنهنڪري اوهان مومنن جي همت کي وڌايو، آءٌ به جلدئي ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهان ٿو. سو اوهين ڪافرن جي گردنن تي وار ڪريو ۽ انهن جي هر هڪ سنڌ تي ڌڪ هڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو وقت به (ياد ڪريو) جڏهن تنهنجو رب ملائڪن کي وحي ڪري رهيو هو ته، "مان توهان سان گڏ آهيان، توهان ايمان وارن کي ثابت قدم رکو، آءٌ اجهو ٿو انهن ڪافرن جي دلين ۾ رعب وجهان، سو توهان انهن جا ڪنڌ ڪــُـٽيو ۽ ســَـنڌ سـَـنڌ کي سٽي ڇڏيونِ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت جڏهن توهان جو رب ملائڪن کي اشارو ڪندي ته بيشڪ آئون توهان سان گڏ آهيان، ايمان وارن کي ثابت قدم رکو، اجهو ٿو وجهان ڪافرن جي دلين ۾ رعب، پوءِ توهان انهن جا ڪُٽيو ڪنڌ ۽ سندن ڪُٽيندا رهو سڀ سَنڌ سَنڌ ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهيءَ دوران) جڏهن تنھنجو پالڻھار ملائڪن کي وحي ڪري رهيو هو ته مان توهان سان گڏ آهيان، توهان رڳو مؤمنن کي ثابت قدم رهڻ لاءِ همٿايو ۽ مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جو) رعب ۽ دٻدٻو وجهان ٿو (بس!) توهان رڳو انهن جون ڳچيون لاهيو ۽ سندن هڪ هڪ جوڙ ۽ سَنڌ کي ڀڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِقِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 13) |
اِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي (هلت) هن ڪري (ڪيو) جو هنن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ ياد رکو ته الله تعاليٰ (کين سندن عملن جي بدلي ۾) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو عذاب انهي سببان آهي جو تحقيق انهن الله ۽ الله جي رسول جي نافرماني ڪئي ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ الله جي رسول جي نافرماني ڪندو پوءِ بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (سزا) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالف ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سببان ان جي جو تحقيق انهن مخالفت ڪيائون الله ۽ ان جي رسول جي ۽ جيڪو مخالفت ڪندو الله ۽ ان جي رسول جي پوءِ يقيناً الله سخت آهي عذاب ڏيڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جي سزا سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن لاءِ ته انهن الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ بلاشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اِنهئ ڪاڻ، ته وِڌئون ڪاڻ ڪريم، ساڻ، پڻ سندسِ پيغمبر پاڪ سان؛ جو ڪاڻو وِجھندو ڪاڻ، ۽ ربَّ ۽ سندسِ رسول سان، پوءِ ڪانهي اُن ۾ ڪاڻ، ته صاحب ربُّ، سُڄاڻ، آهي، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي- ۽ جيڪو الله ۽ رسول جي مخالفت ڪندو، ته الله به سخت عذاب ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ان ڪري جو انهن ماڻهن الله ۽ سندس رسول جو مقابلو ڪيو ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جو مقابلو ڪندو، الله ان کي سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو انهيءَ ڪري جو انهن ماڻهن مقابلو ڪيو الله ۽ سندس رسول جو، ۽ جيڪو مقابلو ڪندو الله ۽ سندس رسول جو، ته پوءِ بيشڪ الله انهن لاءِ تمام سخت آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو حڪم ان ڪري آهي ته انهن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي (ڀرپور) مخالفت ڪئي آهي ۽ جيڪو به الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪندو. بيشڪ الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكُم فَذوقوهُ وَأَنَّ لِلكٰفِرينَ عَذابَ النّارِ (آيت : 14) |
اھا (سزا اٿو) پوءِ ان کي چکو ۽ پڪ ڄاڻو ته ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي حق جا دشمنؤ!) هيءَ آهي سزا اوهان جي لاءِ، پوءِ ڀوڳيو اها سزا ۽ يقين ڄاڻو ته حق جي منڪرن لاءِ دوزخ جي باهه جو عذاب به اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو عذاب توهان چکو ۽ بيشڪ ڪافرن لاءِ باه جو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪافرو! دنيا ۾ ته) وٺو پوءِ ان (سزا) جو مزو چکيو پر (پوءِ آخرت ۾ ته) ڪافرن لاءِ دوزخ جو عذاب ته آهي (ئي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها (سزا اٿو) پوءِ چکو ان کي ۽ بلاشڪ ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي باهه جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (سزا) کي (هينئر) چکو ۽ (ڄاڻو ته) ڪافرن لاءِ باهه جو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها (دنياوي سزا) آهي پوءِ ان کي چکو ۽ بلاشڪ ڪافرن لاءِ باهه جو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو آهي، اوهان جو، پوءِ چکوسِ چڱِئَ چال، ۽ سَندو باھِ بحال، ڪاڙهو ڪافر ذات لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سو اها سزا چکو ۽ بيشڪ ڪافرن لاءِ دوزخ جي باهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها اٿوَ توهانجي سزا، چکو ان جو مزو ۽ توهان کي خبر هجي ته حق جو انڪار ڪندڙن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هي سزا) وٺو ان جو مزو، ۽ (معلوم هجي ته) حق جو انڪار ڪندڙن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ڪافرؤ! ) اها ئي توهان جي سزا آهي، سو ان جو مزو چکو . حق جو انڪار ڪرڻ وارن لاءِ باهه جو عذاب الڳ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا زَحفًا فَلا تُوَلّوهُمُ الأَدبارَ (آيت : 15) |
اي مؤمنؤ جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نه ڦرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! جڏهن ڪافرن جي لشڪر سان اوهان جو مقابلو ٿئي (يعني هو اوهان تي چڙهي اچن ۽ اوهان کي ساڻن وڙهڻو پوي) تڏهن هنن کي هرگز پٺي نه ڏيکار جو (يعني متان ڊڄي پوئتي ڀڄو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو جنهن وقت توهان سامهون ٿيو انهن ماڻهن جي لشڪر سان جن ڪفر ڪيو پوءِ توهان انهن کي پٺ نه ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن ڪافرن سان ميدان جنگ ۾ آمهون سامهون ٿيو ته (ياد رکو!) انهن کان پٺيون نه ڦيرجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن مقابلو ڪيو انهن شخصن سان جو ڪفر ڪيائون ٽولي جي صورت ۾ پوءِ نه ڦيرائي ڏيو انهن کي پٺيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! جڏهن ميدان جنگ ۾ ڪافرن سان آمهون سامهون ٿيو ته انهن کان پٺيون نه ڦيريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان ڪافرن سان دوبدو مقابل ٿيو ته انهن کي پُٺيون ڏئي نه ڀڄو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مؤمن! مُنڪرن کي، جڏهن مِلو مَنجھ جنگ، ته اُنهن کي اَڙٻنگ!، پُٺيون نه ڏِيو پِڙ ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنؤ! جڏهن اوهين ڪافرن سان سامهون مقابلو ڪريو، ته انهن کي پٺ ڏئي نه ڀڄجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان لشڪر جي صورت ۾ ڪافرن سان دوبدو ٿيو ته انهن جي مقابلي ۾ پٺي نه ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن توهان هڪ لشڪر جي صورت ۾ ڪافرن جي سامهون ٿيو ته انهن جي مقابلي ۾ پٺي نه ڏيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان جو ڪافرن سان جنگ جي ميدان ۾ دوبدو مقابلو ٿئي ته انهن کان پٺي ڏئي نه ڀڄو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُوَلِّهِم يَومَئِذٍ دُبُرَهُ إِلّا مُتَحَرِّفًا لِقِتالٍ أَو مُتَحَيِّزًا إِلىٰ فِئَةٍ فَقَد باءَ بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 16) |
۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي کيڏاريءَ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو به اهڙي موقعي تي پٺي ڏئي ڀڄندو تنهن بابت سمنجهو ته هو خدا جي غضب هيٺ اچي ويو ۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو. (۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو ته پوءِ) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي، پر جيڪو لڙائي جي مصلحت لاءِ هٽي وڃي يا (پنهنجي ٽولين مان) ڪنهن ٽوليءَ سان جاءِ وٺڻ چاهي (۽ انهن مقصدن لاءِ هڪ جاءِ کان هٽي ٻي جاءِ ڏي وڃي ته پوءِ جائز آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو انهن کي پٺ ڏيندو سواءِ جنگي حِرفت جي يا پوئتي هٽي اچي مؤمنن سان ملي، پوءِ بيشڪ اهو وريو الله جي غضب ڏانهن ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي ۽ تمام خراب جاءِ آهي موٽڻ جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (خبردار) لڙائي جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناھ وٺندڙ کانسواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيرندو سو بيشڪ خدا جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اهو (ڪهڙو نه) بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي ڦيرائي ڏيندوانهن کي ان ڏينهن پٺي پنهنجي مگر حرفت ڪندڙ واسطي جنگ جي يا جاءِ وٺندڙ طرف ٽوليءَ (پنهنجي) پوءِ تحقيق موٽيو الله جي غضب سان ۽ جاءِ ان جي جهنم آهي ۽ اهو بري جاءِ موٽڻ جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ لڙائيءَ جي کيڏاڙيءَ يا (پنهنجي لشڪر جي) ڪنهن جماعت ڏي پناهه وٺندڙ کان سواءِ جيڪو ان ڏينهن انهن کان پنهنجي پٺ ڦيريندو سو بيشڪ الله جو ڏمر وٺي ڦريو ۽ ان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ان (مقابلي واري) ڏينهن انهن کي پُٺي ڏئي ڀڄندو، سواءِ ان جي جو ڪا جنگي چال هلندڙ هجي يا (پنهنجي لشڪر) جي ڪنهن ٽولي سان گڏ ٿيندڙ هجي (ته اهو بي ميار آهي، باقي ٻيو جيڪو ائين ڪندو ) سو واقعي الله جو ڏمر وِهائي موٽندو ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي ۽ بُري موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو پُٽ ڏِيندن پَنهنجِي، واري اُنهي وار، مگر، ته موٽي جنگ لئي، پاسِيرو ڪِنهن پار، يا ڦِرِي پنهنجِي فوج ۾، ڪندڙ جاءِ قرار، تِنهن قابو ڪرايو پاڻ کي، ڏَمر مَنجھ ڏاتار، دوزخ اُن جو دار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ڏينهن لڙائي ۾ کيڏ ڪندڙ يا پنهنجي جماعت جي ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انهن کي پٺ ڏئي ڀڄندو، سو بيشڪ الله جي ڏمر هيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن به اهڙي موقعي تي پٺي ڏني، سواءِ ان جي جو يا ته جنگي چال طور ائين ڪندو هجي يا (پنهنجي) ٻئي لشڪر سان وڃي ملڻ لاءِ ، ته اهو الله جي غضب هيٺ اچي ويندو ۽ سندس ٺڪاڻو جهنم ٿيندو ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو موٽڻ جو ماڳ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي ڪنهن پٺي ڏني اهڙي موقعي تي ان ڏينهن سواءِ جنگي چال طور وڙهڻ ۾ ، يا ٻيءَ فوج پنهنجي سان ملڻ لاءِ، ته اهو پڪ سان اچي ويندو الله جي غضب هيٺ، ان جو ٺڪاڻو جهنم هوندو، جيڪو تمام بڇڙو ماڳ آهي موٽڻ جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي موقعي تي جيڪو به پٺي ڏئي ڀڄندو اهو الله تعالى جي ڏمر ۾ ايندو ۽ ان جو ٺڪاڻو جھنم هوندو ۽ اها انتھائي بدترين جاءِ آهي. ها! باقي جنگ جي حڪمت عمليءَ جي ڪري يا پنھنجي ٽولي (يعني پيادل فوج جي دستي) سان ملڻ لاءِ ايئن ڪري ته ان جي اجازت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَم تَقتُلوهُم وَلٰكِنَّ اللَّهَ قَتَلَهُم وَما رَمَيتَ إِذ رَمَيتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ رَمىٰ وَلِيُبلِىَ المُؤمِنينَ مِنهُ بَلاءً حَسَنًا إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 17) |
پوءِ کين اوھان نه ڪُٺو پر الله کين ڪٺو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي ته (اُھا) تو نه اُڇلي پر الله اڇلي، ۽ (ھن لاءِ) ته پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻٽاڪ نه هڻجو ياد رکو ته) توهان هنن کي (جنگ ۾) قتل نه ڪيو پر خود خدا هنن کي قتل ڪيو ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ مٽيءَ سان مٺ ڀري ڪافرن ڏانهن) اڇلائي هئي تڏهن حقيقتاً تو ڪين اڇلائي هئي پر خدا اڇلائي هئي ۽ اهو هن ڪري ٿيو هو ته ان جي وسيلي ايمان وارن کي هڪڙي چڱي آزمائش ۾ وجهي آزمائي. بيشڪ الله تعالي! ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ هرگز توهان انهن ( ڪافرن) کي قتل نه ڪيو پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ رسولِ عربي (ڪافرن کي) منهن ۾ مٽي نه هنئين پر الله انهن جي منهن ۾ مٽي وڌي انهي لاءِ ته پنهنجي طرفان مؤمنن تي عظيم احسان فرمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) هنن ڪافرن کي اوهان ته ڪين قتل ڪيو پر کين خدا قتل ڪيو ۽ (اي رسول!) جڏهن تو تير ماريو ۽ جيئن ئي پنهنجي طرف کان مومنن تي چڱيءَ طرح احسان ڪري بيشڪ خدا (سڀ جي) ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه قتل ڪيو اوهان انهن کي ۽ پر الله قتل ڪيو انهن کي ۽ نه اڇلايو تو جڏهن اڇلايو تو ۽ پر الله اڇلايو ۽ تانت آزمائي مؤمنن کي پنهنجي طرفان آزمائڻ سهڻو بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهان انهن کي قتل نه ڪيو پر انهن کي الله قتل ڪيو، ۽ جڏهن تو (ڌوڙ جي مٺ) اڇلي ته اها تو نه اُڇلي پر الله اڇلي ۽ هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي طرفان چڱو احسان ڪري. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان انهن کي قتل نه ڪيو ۽ پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ (اي نبي!) تو (پٿرين جي مُٺ) نه اڇلائي جنهن وقت تو اڇلائي ۽ پر الله اڇلائي ۽ هن لاءِ ته اُهو (الله) مؤمنن کي چڱي طرح سان آزمائي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، اوهان نه ڪُـٺو اُنهن کي، پر ڪُٺو کِين قهار، نه چُٽـئـِي، جڏهن چٽـئـِي، پر چٽيون چٽڻ هار، تان پاڻا وٺينِ پَرک چڱِي، جي مومن مڻياندار، سُڻندڙ سَمجھدار، الله جَلّ جَلالہٗ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کين اوهان نه قتل ڪيو. مگر الله ئي کين قتل ڪيو تو انهن ڏانهن مٽيءَ جي مٺ نه اڇلي هئي، پر الله اُڇلي هئي، ان لاءِ ته ايمان وارن کي پنهنجي نعمت سان چڱي طرح آزمائي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ ته توهان انهن کي قتل نه ڪيو هو، بلڪه الله انهن کي قتل ڪيو هو، ۽ اي نبي! جڏهن تو (ڌوڙ جي مٺ) اڇلي ته اها تو نه اڇلي هئي بلڪه الله اڇلي هئي (۽ مؤمنن جا هٿ جو ان ڪم ۾ استعمال ڪيا ويا) ته اهو ان ڪري هو ته الله مؤمنن کي هڪ بهترين آزمائش مان ڪاميابيءَ سان پار پهچائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ حقيقت اها آهي ته توهان نه پر الله انهن کي قتل ڪيو ۽ (اي نبي!) تو نه اڇلي هئي (مٽي) پر الله اڇلي هئي، ان لاءِ ته الله پار ٽپائي بهترين آزمائش مان مؤمنن کي ڪاميابيءَ سان، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (بدر جي ميدان ۾) انهن ڪافرن کي توهان قتل نه ڪيو هو پر الله تعالى کين قتل ڪيو (اي پيغمبر ﷺ!) توهان جيڪا (واريءَ جي مٺ) اڇلائي ته اها توهان نه اڇلائي هئي پر الله تعالى اڇلائي ته جيئن الله تعالى مؤمنن کي پنھنجي طرف کان چڱيءَ طرح آزمائي. بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكُم وَأَنَّ اللَّهَ موهِنُ كَيدِ الكٰفِرينَ (آيت : 18) |
اِھو (حال) آھي ۽ الله ڪافرن جي مڪر کي سُست ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي سڀ ته ٿي چڪو (جو بدر ۾ ڪافرن کي شڪست آئي) هاڻي (هي به ٻڌي ڇڏيو ته) الله تعاليٰ يقيناً ڪافرن جي مخفي تدبيرن کي به (جيڪي هو اسلام کي روڪڻ لاءِ ڪري رهيا آهن) ڪمزور ڪري ڇڏڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ان لاءِ آهي ته بيشڪ الله ڪافرن جي رٿ کي ڪمزور ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ته اهو خدا ته ڪافرن جي مڪاريءَ کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (ته ٿيو) ۽ بيشڪ الله ڪمزور ڪندڙ آهي رٿ ڪافرن جي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڳالهه اها آهي ۽ (ڄاڻو ته) بيشڪ الله ڪافرن جي تدبير کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو (معاملو) اوهان لاءِ هيو ۽ (ڪافرن لاءِ هي ته) بلاشڪ الله ڪافرن جي فريب کي ڪمزور ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهو اوهان هار، ۽ الله جَلّ جلالہٗ، هرگز ڏيندڙ هارِ، هر ڪم ۾، ڪافرن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ئي آهي ۽ بيشڪ الله ڪافرن جي رٿ کي ڪمزور ڪندڙ آهي (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو معاملو ته توهان سان آهي ۽ ڪافرن سان معاملو ائين آهي جو الله سندن رٿن کي ڪمزور ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي معاملو هو توهان ساڻ ۽ بيشڪ الله ڪافرن جي چالن کي ڪمزور ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مهربانيءَ وارو) اهو معاملو ته توهان ماڻهن سان ٿيو باقي الله تعالى انهن جي رٿابنديءَ کي ڪمزور ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تَستَفتِحوا فَقَد جاءَكُمُ الفَتحُ وَإِن تَنتَهوا فَهُوَ خَيرٌ لَكُم وَإِن تَعودوا نَعُد وَلَن تُغنِىَ عَنكُم فِئَتُكُم شَيـًٔا وَلَو كَثُرَت وَأَنَّ اللَّهَ مَعَ المُؤمِنينَ (آيت : 19) |
(اي ڪافرؤ) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ ته بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ ته اھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ ته وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو ته به اوھان کان ڪُجھ ٽاري نه سگھندو ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان (ساڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مڪي جاسردارؤ!) جيڪڏهن توهان سوڀ جا طلبگار هئو ته ڏسي ورتوَ ته سوڀ توهان جي سامهون اچي ويئي. (يعني فتح مومنن کي ملي) ۽ جيڪڏهن (آئنده لڙائيءَ کان) باز اچو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن وري اها هلت (وڙهڻ واري) وٺندؤ ته اسان به اهائي هلت وٺنداسين ۽ ياد رکو ته اوهان جو لشڪر توهان جي ڪجهه به ڪم نه ايندو، اگرچه گهڻا ماڻهو گڏ ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن سان آهي. (کين مدد ڪندو ۽ اوهان ڪافر نيٺ مغلوب ٿيندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان الله کان فتح طلب ڪئي پوءِ بيشڪ الله توهان کي فتح عطا ڪئي ۽ جيڪڏهن (اهي ڪافر) روڪجن ته انهن لاءِ اهو بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن اهي موٽيا ( جنگ لاءِ) ته اسين به مسلمانن کي فتح ڏينداسين ۽ انهن کي سندن گروه ڪو فائدو نه ڏيندو اگرچه گھڻا هجن ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان گڏ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪافرو!) جيڪڏهن توهان اهو گهرو پيا ته (جيڪو حق تي هوندو تنهن جي) فتح ٿئي ته (مسلمانن جي) فتح ته اوهان جي اڳيان اچي پهتي (هاڻي باقي ڪهڙو عذر اٿو!) ۽ جيڪڏهن (اڃا به اسلام جي مخالفت کان) باز اچو ته اوهان لاءِ سٺو آهي پر جيڪڏهن وري اهو ئي ڪم ڪندو ته اسين به اهو ئي ڪم ڪنداسون (۽ اوهان کي برباد ڪري ڇڏينداسون) ۽ اوهان جي جماعت جيتوڻيڪ تمام گهڻي به هجي تڏهن به ڪجھ ڪم نه ايندي ۽ خدا ته پڪ مومنن سان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن فتح گهرندؤ پوءِ تحقيق آئي اوهان وٽ فتح ۽ جيڪڏهن رڪجندؤ ته پوءِ اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ ۽ جيڪڏهن موٽندؤ ته موٽنداسون ۽ هرگز نه دفع ڪندي اوهان کان جماعت اوهان جي ڪا شيءِ جيتوڻيڪ گهڻي هوندي ۽ بيشڪ الله گڏ آهي مؤمنن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ڪافرؤ !) جيڪڏهن فتح گهرو ٿا ته (اها) فتح اوهان وٽ پهچي چڪي. ۽ جيڪڏهن باز اچو ٿا ته اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. ۽ جيڪڏهن وري اهوئي ڪم ڪندؤ ته اسين به اهوئي ڪم ڪنداسون ۽ اوهان کي اوهان جو لشڪر ڪجهه به ڪم نه ايندو جيتوڻيڪ گهڻو هجي ۽ پڪ (ڄاڻو ته) الله ايمان وارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر فتح گهرو ٿا ته پوءِ تحقيق اوهان وٽ فتح اچي وئي ۽ (اي ڪافرو!) جي اوهان رڪجي وڃو ته اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي، ۽ جي اوهان وري ساڳيو ڪم ڪندؤ ته اسين به ساڳي (سزا) ورجائينداسين ۽ توهان جي جماعت توهان کي ڪونه بچائي سگهندي ڪنهن شيءِ کان توڙي جو گھڻي هجي ۽ بلاشڪ الله مؤمنن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سوڀ گُھرو، ته سوڀ صحِي اوهان کي آئـِي، جي بَس ڪندا، ته آهي ڀَلِي، اوهان لي اِهائي، ۽ جي ورندا، ته ورندا سون اَسين به، ڪنهن پر نه پروائـِي، ۽ اوج اوهان کي، ڪُجھ نه ڏي، اَهنجو ڀَت ڀائي، ۽ وَر، جَجِهي هُجي جائـِي، مولىٰ، ته مَدد مؤمنين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن فتح گهرو ٿا، ته اوهان وٽ فتح اچي چڪي آهي ۽ جي پاڻ جهليندؤ، ته اها ڳالهه اوهان لاءِ چڱي آهي- پر جي وري به ائين ڪندؤ ته اسين به ائين ڪنداسين ۽ اوهان جو لشڪر ذري جيترو به ڪم نه ايندو کڻي ڪيترو به وڌيڪ هجي، بيشڪ الله مومنن سان همراهه آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن ڪافرن کي چؤ ته) جيڪڏهن توهان فيصلو ٿي گهريو ته پوءِ اجهو فيصلو توهان جي آڏو اچي ويو آهي. هاڻي جي باز اچي وڃو ته ان ۾ توهان جو ئي ڀلو آهي نه ته جي وري اِئين ڪندؤ ته اسان به اُئين ئي ڪنداسون ۽ توهانجي ڌر جو تعداد کڻي ڪيترو به گهڻو هجي، توهانجي ڪنهن به ڪم نه ايندو، الله ته مؤمنن سان گڏ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن ڪافرن کي چؤ) توهان فيصلو گهريو ٿي ته اها فتح آڏو اچي وئي توهان جي، ۽ هاڻي مُڙي وڃو ته اهو بهتر آهي توهان لاءِ، پر جيڪڏهن ساڳي حماقت ڪندؤ ته اسان به ساڳيءَ سزا کي ورجائينداسين، پوءِ توهان جو ٽولو ڪيترو ئي گهڻو ڇو نه هجي، اهو توهان جي ڪم نه ايندو) بيشڪ الله ته مؤمنن سان گڏ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ڪافرؤ! جيڪڏهن توهان فتح ڏسڻ ٿا گهرو ته پوءِ (مؤمنن جي حق ۾) توهان جي سامھون فتح اچي چڪي آهي (سوچي وٺو) جيڪڏهن توهان (مؤمنن جي خلاف هاڻي شرارتون ڪرڻ کان) باز ايندا ته اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي پر جيڪڏهن وري ساڳي پير تي موٽندا ته اسان به انهيءَ انداز سان توهان سان معاملو ڪندا سين ۽ (اهو ٻڌي ڇڏيو ته) توهان جو ٽولو ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي توهان جي ڪجهه به ڪم نه اچي سگهندو (ڇو ته) بيشڪ الله تعالى مؤمنن سان گڏ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَوَلَّوا عَنهُ وَأَنتُم تَسمَعونَ (آيت : 20) |
اي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اُن کان منھن نه موڙيو حالانڪ اوھين (قُرآن) ٻُڌو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. ان کان منهن نه موڙيو، جڏهن ته توهان (حق جو سڏ) ٻڌي رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان الله ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪريو ، ۽ الله جي حڪم کان انڪار نه ڪريو حالانڪ توهان قرآن ٻڌو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ ان (ڳالھ) کان منهن نه موڙيو جڏهن اوهين ٻڌي رهيا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! اطاعت ڪيو الله ۽ ان جي رسول جي ۽ نه ڦرو ان کان ۽ اوهان ٻڌو پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ ان کان نه ڦرو هوڏانهن اوهين (قرآن) ٻڌو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ ان کان منهن نه موڙيو ۽ اوهان (قرآن) ٻڌو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مَڃيو ربُّ، ۽ سندسِ رسول، ۽ نه مُنهن موڙيو کانِس مَلول!، ۽ جڏهن ٻُڌو حُڪم حاضرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهين (حق) ٻڌندي ان کان منهن نه موڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ حڪم ٻڌي ان کان ڪنڌ نه ڪڍايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي ۽ منهن نه ڦيريو حڪم (قرآن) ٻڌڻ کان پوءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو ۽ حڪم ٻڌڻ کان پوءِ ان کي پٺي نه ڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ قالوا سَمِعنا وَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 21) |
۽ انھن (ڪافرن ۽ منافقن) جھڙا نه ٿيو جن چيو ته ٻُڌوسون ۽ اُھي نه ٿا ٻڌن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن (اهل ڪتاب) وانگر نه ٿيو، جن (زبان سان ته) چيو ته، اسان ٻڌو پر حقيقت هيءَ آهي ته هو ڪونه ٻڌندا هئا. (يعني نڪي غور ۽ فڪر ڪندا هئا، نڪي تعميل ڪندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن وانگر نه هجو جيڪي چون ٿا اسان ٻُڌو حالانڪ اهي غور ۽ فڪر سان نٿا ٻڌن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي وات سان ته چوندا هئا ته اسين ٻڌي رهيا آهيون پر اهي نه ٻڌندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هجو انهن وانگر جو چيائون ته ٻڌوسون ۽ اهي نه پيا ٻڌن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن چيو ته اسان ٻڌو ۽ اهي نه ٻڌندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن مثل نه ٿيو جن (منافقت ڪندي ) چيو ته اسان ٻڌو حالانڪه اُهي نه ٿا ٻڌن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَصل نه ٿيو، اُنهن جِھا، جن چيو، ته ٻُڌِي سون ڳالھ، ۽ هو، تن جو هِي حال، ته حُڪم نه ٻُڌن هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن وانگر نه ٿيو، جن چيو ته ”اسان ٻڌو،“ مگر حقيقت ۾ نه ٿا ٻڌن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ماڻهن وانگر نه بڻجو جن چيو ته اسان ٻڌوسون حالانڪه هو ٻڌندا نه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ٿيو انهن وانگر جن چيو ته اسان ٻڌو، جڏهن ته اهي نٿا ٻڌن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مؤمنو!) توهان انهن (ڪافرن ۽ منافقن) وانگر نه ٿجو، جن چيو ته اسان (حڪم) ٻڌوسين حالانڪه اهي نٿا ٻڌن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الصُّمُّ البُكمُ الَّذينَ لا يَعقِلونَ (آيت : 22) |
الله وٽ (سڀني) جاندارن مان تمام بڇڙا ٻوڙا ۽ گونگا آھن جي (ڪُجھ به) نه سمجھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ خراب ساهوارا اهي (انسان) آهن جي ٻوڙا ۽ گونگا آهن جي ڪجهه به نٿا سمجهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ بدترين جانور الله تعالى وٽ اهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن جيڪي (الله جا حڪم) نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ سڀني جانورن مان زياده بڇڙا اهي ٻوڙا گونگا (ڪافر) آهن جيڪي ڪجھ به نٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ بڇڙا جانور الله وٽ ٻوڙا گونگا آهن جيڪي عقل نه ٿا رکن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ سڀني جانورن مان زياده بڇڙا الله وٽ اهي ٻوڙا گونگا آهن جيڪي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله وٽ بڇڙا ساهه وارا اهي ٻوڙا (۽) گونگا (ماڻهو) آهن جيڪي نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن، اُهي اَلله وٽ، بُڇڙا وَهٽ بَحال، ٻوڙا، گنگا، ڪا ڳالھ، جي سُڻنِ، سَمجھنِ ڪِين ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله وٽ بڇڙي مخلوق اها آهي، جي ٻوڙا گونگا آهن، جي ذرو به نه ٿا سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله جي نظر ۾ بدترين قسم جا جانور اهي ٻوڙا ۽ گونگا ماڻهو آهن، جيڪي عقل کان ڪم ئي نٿا وٺن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي بدترين قسم جا جانور آهن الله جي نظر ۾، اهي ٻوڙا گونگا ماڻهو آهن جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى وٽ سڀني کان بدترين قسم جا جانور اهي آهن جيڪي ٻوڙا ۽ گونگا ماڻهو آهن، جيڪي عقل کان (بلڪل) ڪم نٿا وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو عَلِمَ اللَّهُ فيهِم خَيرًا لَأَسمَعَهُم وَلَو أَسمَعَهُم لَتَوَلَّوا وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
۽ جيڪڏھن الله منجھس ڪا چڱائي ڄاڻي ھا ته ضرور کين ٻُڌائي ھا، ۽ جيڪڏھن کين ٻُڌائي ھا ته اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦرن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن ۾ ڪجهه به ڀلائي ڏسي ها (يعني فهم ۽ حق جي قبوليت جو مادو ڏسي ها) ته ضرور هنن کي ٻڌرائي ها، ۽ جيڪڏهن هنن کي ٻڌرائي ته به نتيجو هي نڪرندو جو هو منهن موڙي ڇڏيندا (يعني نڪي مڃيندا، نڪي عمل ڪندا) هو (ايمان کان) ڦري وڃڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله انهن ۾ چڱائي ڄاڻي ها ته انهن کي ٻُڌرائي ها، ۽ جيڪڏهن ٻڌرائي ها انهن کي ته به اهي ايمان کان پاسو ڪن ها ۽ اهي انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن خدا هنن ۾ نيڪيءَ (جي بوءِ به) ڏسي ها ته هوند، انهن ۾ ٻڌندڙ جي قابليت عطا ڪري ها (مگر هي اهڙا ڍيڍا آهن جو) جيڪڏهن انهن ۾ ٻڌڻ جي قابليت به ڏجي ها تڏهن به منهن موڙ ڪري ڀڄن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڄاڻي ها الله انهن ۾ ڪا ڀلائي ته البت ٻڌائي ها انهن کي ۽ جيڪڏهن ٻڌائي ها انهن کي ته البت ڦري وڃن ها حالانڪ اهي منهن موڙيندڙ آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله انهن ۾ ڪا ڀلائي ڄاڻي ها ته ضرور کين ٻڌائي ها ۽ جيڪڏهن انهن کي ٻڌائي ها ته به اهي منهن موڙي ڦري وڃن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله انهن ۾ ڪو خير ڄاڻي ها ته انهن کي ٻُڌِرائي ها. ۽ جيڪڏهن انهن کي ٻڌرائي ها ته به اُهي منهن موڙي ڦِري وڃن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُوند، چڱائـِي تن ۾، ڄاتِي ڄاڻڻهار، ته صَحِي سُڻائـِين تن کي؛ ۽ جي سُڻاينِ ستار، ته وريا پاڻهِين پار، ۽ اُهي مُنهن موڙيندڙ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله انهن ۾ ڀلائي ڏسي ها ته کين ٻڌارائي ها، پر جي کين ٻڌارائي ها ته ضرور بي رخا ٿي منهن موڙين ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله کي معلوم هجي ها ته هنن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڀلائي آهي ته هو ضرور کين ٻڌڻ جي توفيق ڏئي ها (پر ڀلائيءَ کانسواءِ ) جيڪڏهن هو کين ٻڌرائي ها ته هو پٺي ڏئي منهن موڙي هليا وڃن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي معلوم هجي ها الله کي ته انهن ۾ ڪا ڀلائي آهي ته کين ضرور ٻڌڻ جي توفيق ڏئي ها، پر انهن کي ٻڌرائي به ها ته اهي بي رخي اختيار ڪن ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن الله تعالى جي نزديڪ انهن جي اندر ڪا چڱائي رکيل هجي ها ته کين ضرور ٻڌڻ جي صلاحيت عطا ڪري ها (باقي موجوده صورت ۾) جيڪڏهن الله تعالى کين ٻڌڻ جي توفيق ڏي به ها ته به هو منھن موڙيندي پٺي ڏيئي ڦري وڃن ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا استَجيبوا لِلَّهِ وَلِلرَّسولِ إِذا دَعاكُم لِما يُحييكُم وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَحولُ بَينَ المَرءِ وَقَلبِهِ وَأَنَّهُ إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
اي مسلمانؤ الله ۽ پيغمبر جو حُڪم قبول ڪريو جڏھن (پيغمبر) اوھان کي ھن لاءِ سڏي ٿو ته اوھانکي جيئرو ڪري، ۽ ڄاڻو ته الله آدمي جي ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ھوندو آھي ۽ ڏانھس گڏ ڪبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! الله ۽ سندس رسول جو سڏ اونايو، جڏهن هو اوهان کي سڏي. انهيءَ لاءِ ته توهانکي (روحاني موت جي حالت مان ڪڍي) زندهه ڪري ڇڏي ۽ ڄاڻو ته (اڪثر وقتن تي ڇا ٿو ٿئي جو) الله تعاليٰ (پنهنجي ٺهرايل قانون ۽ سببن جي وسيلي) انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ حائل ٿي ٿو وڃي، ۽ پڻ ڄاڻو ته آخر سندس ئي حضور ۾ گڏ ڪري آندا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان الله تعالى ۽ الله جي رسول جي سڏڻ تي (فوراً) حاضر ٿيو جڏهن توهان کي سڏين، ڇو ته رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري توهان کي زندگي بخشي ٿي، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله جو حڪم انسان ۾ ۽ سندس دل ۾ هلي ٿو ۽ بيشڪ انسان کي الله تعالى ڏانهن گڏ ٿيڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهان کي (اسان جو) رسول (محمد) اهڙي ڪم لاءِ سڏي جيڪو اوهان جي (روحاني) زندگي جو سبب هجي ته اوهين خدا ۽ رسول جو حڪم دل سان قبول ڪريو. پڻ ياد رکو ته خدا (اهو قادر مطلق آهي جو) آدمي ۽ سندس دل (ارادي) جي وچ ۾ اهڙي طرح اچي ٿو ۽ هي به (ياد رکو) ته اوهين سڀئي سندس اڳيان ظاهر ڪيا ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! قبول ڪيو الله جي لاءِ ۽ رسول جي لاءِ جڏهن سڏي اوهان کي ان لاءِ جو جيئرو ڪري اوهان کي ۽ يقين ڪريو ته بيشڪ الله اوٽ ٿو بڻجي انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ ۽ بيشڪ اهو ئي الله آهي جنهن ڏانهن اٿاريا ويندؤ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! الله ۽ رسول جو حڪم قبول ڪريو جڏهن اوهان کي ان ڪم ڏي سڏي جنهن ۾ اوهان جي زندگي آهي. ۽ ڄاڻو ته الله ماڻهوءَ ۽ سندس دل جي وچ ۾ پردو ٿئي ٿو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي گڏ ڪيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول جو چيو مڃو جڏهن رسول اوهان کي ان ڪم ڏي سڏي جنهن ۾ اوهان جي زندگي آهي ۽ ڄاڻو ته الله ماڻهو ۽ ان جي دل جي وچ ۾ حائل هجي ٿو ۽ هي ته بلاشڪ توهان ان ڏانهن گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جن مڃيو!، ٿيو تَهدِل تابِعدار، ربَّ ۽ سندس رسول جا، جڏهن پُڪارِئين تِنهن پار، جو جيارِينيان جھان ۾، ۽ سمجھو ته ربُّ ستار، ماڻهو ۽ سندسِ مَن وِچان، واحد ڦِري هروار، ۽ اُن ڏينهن آخرڪار، اَوهين مِڙئـِي ميڙيبا(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جڏهن (به) رسول اوهان کي جياريندڙ ڳالهه ڏانهن سڏي، ته اوهين الله ۽ رسول جو چيو مڃيندا ڪريو، ڄاڻو ته الله ماڻهو ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ٿيندو آهي، بيشڪ اوهان سڀني کي ان وٽ ڪٺو ٿيڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول جي سڏ تي سڏ ڏيو، جڏهن رسول توهان کي انهيءَ شيءِ ڏانهن سڏي رهيو هجي، جيڪا توهان کي زندگي عطا ڪرڻ واري آهي ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله، ماڻهوءَ ۽ سندس دل جي وچ ۾ اَڙَ بڻجي پوي ٿو ۽ ڏانهنس ئي توهان ميڙي آندا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، لبيڪ چئو الله ۽ سندس رسول جي سڏ تي، جڏهن ته رسول توهان کي ان شيءَ ڏي سڏي ٿو جيڪا حياتي ڏيڻ واري آهي توهان کي، ڄاڻي وٺو ته بيشڪ الله اوٽ آهي ماڻهو ۽ سندس دل جي وچ ۾ ۽ بيشڪ ان ڏي ئي ميڙي گڏ ڪيا ويندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي الله تعالى ۽ (سندس) رسول (ﷺ) هميشه زندگي بخشڻ وارن ڪمن ڏانھن سڏين ته (فوراً) انهن جي حڪمن کي قبول ڪندا ڪريو، توهان کي اها خبر هئڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى ماڻهوءَ ۽ سندس دل جي ارادن جي وچ ۾ آڙ ۽ روڪ بنجي ويندو آهي ۽ آخرڪار توهان سڀني کي ان ڏانھن ئي گڏ ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقوا فِتنَةً لا تُصيبَنَّ الَّذينَ ظَلَموا مِنكُم خاصَّةً وَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 25) |
۽ اُنھيءَ فتني کان ڊڄو جو اوھان مان جن ظلم ڪيو تن کي خلاصو نه پھچندو (بلڪ عام ھوندو)، ۽ ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ فتني کان (خبرداريءَ سان) پاڻ کي بچائيندا رهو جو فتنو جيڪڏهن ايندو ته ان جي چوٽ رڳو ظلم ڪندڙن کي نه لڳندي ۽ ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جهاد نه ڪرڻ کان ڊڄو ورنه انجي مصيبت سڀني مسلمانن تي پوندي، ۽ توهان يقين ڪريو بيشڪ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان فتني (فساد) کان ڊڄندا رهو جيڪو خاص انهن ماڻهن تي نه پوندو جن توهان مان ظلم ڪيو (پر اوهين سڀئي ان ۾ پئجي ويندو). ۽ هي پڪ سمجهو ته خدا تمام سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان فتني کان جو هرگز نه پهچي انهن کي جو ظلم ڪيائون اوهان مان خاص ڪري. ڄاڻو ته بيشڪ الله سخت عذاب وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙي فساد کان ڊڄو جو خاص ڪري اوهان مان ظالمن تي نه پوندو (پر عام هوندو). ۽ ڄاڻو ته الله جي سزا سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان عذاب کان ڊڄو جيڪو رڳو خاص انهن کي نه پهچندو جن اوهان مان ظلم ڪيو (مگر طاقت هوندي ظلم کان نه روڪڻ وارن کي به پهچندو) ۽ ڄاڻو بلاشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀَڄو تِنهن بِگيڙ کا، نه رَسندو، رڳو تن، اوهان مان عالَم ۾، جاڙون ڪيون جن، ۽ رکو ماهيت مَن، ته ربُّ ڏاڍو ڏُ ک ڏِيَڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان (عام) فتني کان بچو، جو رڳو اوهان مان ڏوهارين تي ڪو نه ايندو ۽ ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بچو انهيءَ فتني کان جنهن جي شامت ٻين کي ڇڏي فقط انهن ماڻهن تائين محدود نه رهندي، جن توهان مان گناهه ڪيا هوندا ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته الله سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بچو انهيءَ فتني کان جنهن جي شامت فقط انهن تائين محدود نه هوندي، جن گناهه ڪيا توهان مان خاص طور تي، ۽ توهان کي معلوم هجي ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان فتني کان به بچو جيڪو توهان مان رڳو ظالمن لاءِ خاص نه هوندو، بلڪه ان جي وڪڙ ۾ عام ۽ خاص هر قسم جا ماڻهو اچي سگهن ٿا. توهان کي اها خبر هئڻ گهرجي ته الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ به سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُروا إِذ أَنتُم قَليلٌ مُستَضعَفونَ فِى الأَرضِ تَخافونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ النّاسُ فَـٔاوىٰكُم وَأَيَّدَكُم بِنَصرِهِ وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 26) |
۽ (اي مھاجرؤ سندس احسانن کي) ياد ڪريو جڏھن زمين (مُلڪ) ۾ اوھين ٿورڙا (۽) ھيڻا ھيؤ ڊنؤ ٿي ته متان ماڻھو اوھان کي تڪڙو کڻي وٺن، پوءِ اوھان کي جاءِ ڏنائين ۽ اوھان کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏنائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن (مڪي ۾) اوهان (مسلمانن) جو تعداد تمام ٿورو هو ۽ توهان ملڪ ۾ ڪمزور سمجهيا ٿي ويؤ. توهان انهيءَ وقت ڊڄندا هئو ته متان (زبردست دشمن) ماڻهو اوهان کي اڏائي کڻي نه وڃن. پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي (مديني ۾) پناهه ڏني، پنهنجي مددگاريءَ سان اوهان کي طاقت ڏني ۽ چڱيون شيون ڏئي رزق جو سامان مهيا ڪيو، انهيءَ لاءِ توهان شڪرگذار رهو (۽ خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن توهان ٿورڙا، ضعيف هئا زمين ۾ توهان کي (هر وقت) خوف هو ته متان توهان کي ماڻهو جھٽي کڻي نه وڃن، پوءِ الله توهان کي پناه ڏني ۽ پنهنجي مدد سان توهان کي مضبوط ڪيو ۽ پاڪ شين مان رزق ڏنائين ته من توهان شڪرگذار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو اهو وقت) ياد ڪريو جڏهن اوهين سرزمين (مڪي ۾) بلڪل ٿورا (۽) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، اوهين ڊنا ٿي ته متان اوهان کي ماڻهو امالڪ کڻي وڃن، پوءِ خدا توهان کي (مديني ۾) پناھ ڏني ۽ خاص پنهنجي مدد سان اوهان جي تائيد ڪئي پڻ اوهان کي پاڪ پاڪيزه شيون کائڻ لاءِ عطا ڪيون ته من اوهين شڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪيو جڏهن اوهان ٿورا هيئو ڪمزور سمجهيل زمين ۾ ڊڄو پيا ته جهٽي هڻي کڻي نه وڃن اوهان کي ماڻهو پوءِ پناهه ڏنائين اوهان کي ۽ تائيد ڪيائين اوهان جي مدد پنهنجي سان ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شين مان تاتنه اوهان احسان مڃيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ياد ڪريو جڏهن اوهين زمين ۾ (مڪي ۾) ٿورا (۽) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا، اوهين ڊنا ٿي ته متان اوهان کي ماڻهو امالڪ کڻي وڃن، پوءِ اوهان کي (مديني ۾ ) جاءِ ڏنائين ۽ اوهان کي پنهنجي مدد سان طاقت ڏنائين ۽ اوهان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ياد ڪيو جڏهن اوهان ٿورڙا هيا زمين ۾ (معاشي ۽ سياسي طرح) ڪمزور هيا ان خوف ۾ هيا ته متان ماڻهو اوهان کي کنڀي نه وٺن پوءِ ان (الله) اوهان کي پناهه ڏني ۽ پنهنجي مدد سان اوهان کي قوت ڏنائين ۽ اوهان کي پاڪيزه شين مان رزق ڏنائين ته جيئن توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪريو ياد زَمان، جڏهن هُئااوهين ٿورڙا، بي زرو زمين ۾، پيا دَهلو ڀر دامان، ته متان ماڻهو کـڻنيا، پوءِ ڏِنان اَجھو امان، ۽ ڪيان پَنهنجي مدد سان، غالب بي گمان ۽ پاڪ شين مان، پَڪ سان ، رِزق ڏِنا رحمان، ته مُؤمن اوهان مانَ، کائو ۽ ڳُڻ ڳايو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن اوهين ٿورا هئا، ملڪ ۾ ڪمزور سمجهيا ويؤ ٿي. ڊنؤ ٿي ته ماڻهو اوهانکي اوچتو کڻي نه وڃن، تڏهن هن اوهان کي جاءِ ڏني ۽ اوهان کي پنهنجي مدد سان مضبوط ڪيائين ۽ اوهان کي پاڪ شين جو رزق ڏنائين ته من اوهين شڪر گذار ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن توهان زمين ۾ ٿورا هيؤ، توهانکي هيڻو سمجهيو ويندو هو، توهان ڊڄندا رهندا هيؤ ته متان ماڻهو توهانکي مــِـٽائي نه ڇڏين، پوءِ الله توهان کي پناهه ڏني ۽ پنهنجي مدد سان توهانکي طاقت وارو بڻايائين ۽ توهانکي ڀلو رزق ڏنائين ته مــَـنَ توهان شڪرانو ادا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن توهان ٿورا هئا ۽ هيڻو سمجهيو ويندو هو زمين ۾ توهان کي ۽ توهان ڊڄندا هئا ته متان ماڻهو ختم نه ڪن توهان کي، پوءِ توهان کي پناهه جي جاءِ مهيا ڪئي، ۽ سٺو رزق ڏئي ۽ پنهنجي مدد سان توهان جا هٿ مضبوط ڪيا الله جيئن (توهان) سندس شڪرگذار بڻجو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو وقت به ياد ڪريو جڏهن توهان (مڪي پاڪ ۾) تعداد ۾ ٿورڙا به هئا، ته ڪمزور به هئا ۽ توهان کي هر وقت اهو ڊپ هو ته متان مخالف توهان کي مٽائي نه ڇڏين. پوءِ اهڙي صورت ۾الله تعالى توهان کي (مديني ۾) پناهه ڏني پنھنجي مدد سان توهان کي طاقتور ڪيو ۽ توهان کي بھترين رزق عطا ڪيو ته جيئن توهان شڪر ادا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَخونُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ وَتَخونوا أَمٰنٰتِكُم وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 27) |
اي مؤمنؤ الله ۽ پيغمبر جي خيانت نه ڪريو ۽ اوھين ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي جي) امانت جي خيانت (به) نه ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! ائين نه ڪجو جو الله ۽ سندس رسول سان خيانت ڪيو. هڪٻئي جي امانتن ۾ خيانت ڪيو ۽ توهان هن ڳالهه کان ناواقف ڪونه آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان نه خيانت ڪريو الله ۽ الله جي رسول سان ۽ نه خيانت ڪريو پنهنجي امانتن ۾ حالانڪ توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! نه ته خدا ۽ رسول جي (امانت ۾) خيانت ڪريو ۽ نه پنهنجن امانتن ۾ خيانت ڪريو جڏهن اوهين ڄاڻو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه خيانت ڪيو الله ۽ رسول سان ۽ (نه) خيانت ڪيو امانتن پنهنجن ۾ حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! الله ۽ رسول جي خيانت نه ڪريو ۽ ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي امانتن جي خيانت نه ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله ۽ رسول (ﷺ) سان خيانت نه ڪيو. ۽ نه هڪ ٻئي جي امانتن ۾ خيانت ڪيو. حالانڪه توهان سڀ ڪجهه ڄاڻو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جن مڃيو!، ۽ ڌاريان دِيانت، ته ربَّ ۽ رسول سان، نه ڪريو خِيانت، ۽ نه کائو اَمانت، جڏهن پاڻ پِيا پَروڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! اوهين ڄاڻندي ٻجهندي نڪي الله ۽ رسول جي خيانت ڪريو. نڪي هڪ ٻين جي امانتن جي ئي خيانت ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! ڄاڻي ٻجهي الله ۽ سندس رسول سان غداري نه ڪريو ۽ نڪي پنهنجن امانتن ۾ خيانت ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! خيانت نه ڪريو الله ۽ رسول سان ۽ غداري نه ڪريو پنهنجي امانتن ۾ ڄاڻي واڻي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) سان خيانت نه ڪريو ۽ توهان پنھنجو پاڻ ۾ به هڪ ٻئي جي امانتن ۾ ڄاڻي واڻي خيانت نه ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاعلَموا أَنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَأَنَّ اللَّهَ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 28) |
۽ ڄاڻو ته اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پَرک آھن ۽ الله ئي وٽ وڏو اَجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد (اوهان جي لاءِ) هڪ آزمائش آهي (۽ هيءَ ڳالهه به نه وسارجو ته) الله ئي آهي جنهن وٽ (نيڪي ڪندڙن لاءِ) وڏو اجر (۽ نعمتون) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان معلوم ڪريو ته توهان جا مال ۽ اولاد آخرت جي ڪمن کان منع ڪندڙ آهن، ۽ بيشڪ الله تعالى وٽ اجرِ عظيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پڪ سمجهو ته اوهان جا مال اوهان جا اولاد (رڳو) امتحان آهن (ته جيڪو انهن جي محبت ۾ خدا کي نه وساري اهو ئي دين دار آهي) ۽ يقينن الله وٽ وڏو اجر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ يقين ڄاڻو ته ان کان سواءِ ڪجهه به ناهي ته اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد فتنو آهن ۽ بيشڪ الله ان وٽ ثواب وڏو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڄاڻو ته اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد رڳو امتحان آهن، ۽ الله وٽ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڄاڻو ته اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد صرف آزمائش آهن ۽ بيشڪ الله وٽ زبردست اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَرک پَروڙيو پاڻ لئي، پَنهنجا مال، وِيا، ۽ قادِر، ڪِبريا، اُن وٽ آهي، اجَر وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ ڄاڻو، ته اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد رڳو هڪ پرک آهن ۽ بيشڪ الله وٽ وڏو اجر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان جا مال ۽ توهانجي اولاد اصل ۾ آزمائش جو سامان آهن ۽ الله وٽ اجر ڏيڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ معلوم هجي ته توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد حقيقت ۾ (فتنو) آزمائش آهن ۽ بيشڪ الله وٽ ڏيڻ لاءِ اجر تمام وڏو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ اوهان جو مال ۽ توهان جو اولاد (توهان لاءِ) هڪ آزمائش آهي. بيشڪ الله تعالى وٽ ئي وڏو اجر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَتَّقُوا اللَّهَ يَجعَل لَكُم فُرقانًا وَيُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن الله کان ڊڄندا رھندؤ ته اوھان لاءِ (اوھان جي دلين ۾ حق ۽ باطل کي) نکيڙيندڙ (نُور) پيدا ڪندو ۽ اوھانجا گناھ اوھان کان ٽاريندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! جيڪڏهن توهان خدا کان ڊڄندا رهو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته پوءِ هو توهان جي لاءِ (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ڪندو ۽ اوهان منجهان اوهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ ته تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو جيڪڏهن توهان الله جو خوف ڪيو ته الله توهان کي مدد ۽ نجات ڏيندو ۽ توهان جا گناه معاف ڪندو ۽ توهان کي بخش ڪندو، ۽ الله تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو جيڪڏهن اوهين الله کان ڊڄندا رهندو ته اوهان ۾ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ طاقت پيدا ڪندو ۽ اوهان جي طرفان اوهان جي گناهن جو ڪفارو بنائيندو پڻ اوهان کي معاف ڪندو. ۽ خدا وڏي فضل (۽ ڪرم) وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڊڄندؤ الله کان ته ڪندو واسطي اوهان جي فرق ڪندڙ شيءِ ۽ ميٽبندو اوهان کان برايون اوهان جون ۽ بخشيندو واسطي اوهان جي ۽ الله وڏي ڀلائيءَ وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! جيڪڏهن الله کان ڊڄندؤ ته اوهان ۾ (حق کي باطل کان) جدا ڪندڙ طاقت پيدا ڪندو ۽ اوهان جا گناهه اوهان کان پري ڪندو ۽ اوهان کي معاف ڪندو. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهان الله کان ڊڄندا رهندؤ ته اهو اوهان لاءِ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪندو ۽ اوهان کان اوهان جا گناهه ميٽائي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله زبردست فضل (فرمائڻ) وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جن مڃيو!، ڏَرو ڀَر ڏاتار، ڪري اوهان لئي ڪَرم سان، چِٽائـِي چوڌار، ۽ مِيٽي مَدايون اَهنجون، پڻ بخشِينِيان سڀ بار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، آهي والِي، وَڏي وَڙ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جيڪڏهن اوهين الله کان ڊڄندؤ ته، هو اوهان کي (حق ۽ باطل کي) نکيڙڻ جي قوت ڏيندو ۽ اوهان کان اوهان جي گناهن کي ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله کان ڊڄي هلندؤ ته الله توهان لاءِ ڪسوٽي مهيا ڪندو ۽ توهانجون برايون توهان کان دور ڪندو ۽ توهان جا قصور معاف ڪندو، الله نهايت فضل ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جي تقويٰ اختيار ڪندؤ ته الله توهان لاءِ ڪسوٽي پيدا ڪندو ۽ دور ڪري ڇڏيندو توهان کان برائين کي ۽ توهان جا قصور معاف ڪندو، ۽ (بيشڪ) الله وڏو فضل ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى کان ڊڄندا رهندا ته (ان جي نتيجي ۾) هو توهان جي اندر (حق ۽ باطل ۾) پرک ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪندو ۽ توهان جي براين کي (توهان جي کاتي مان) مٽائي ڇڏيندو ۽ توهان کي معاف به ڪندو (ڇوته) الله تعالى وڏو مھربان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ يَمكُرُ بِكَ الَّذينَ كَفَروا لِيُثبِتوكَ أَو يَقتُلوكَ أَو يُخرِجوكَ وَيَمكُرونَ وَيَمكُرُ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 30) |
۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل تولاءِ ڪافرن رٿ ٿي ڪئي ته توکي بند ڪن يا توکي شھيد ڪن يا توکي ڪڍي ڇڏين، ۽ (بڇڙي) رٿ ڪيائون ٿي ۽ الله (به) رٿ ڪئي ٿي، ۽ الله چڱو رٿ ڪندڙن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اهو وقت ياد ڪر جڏهن (مڪي ۾) ڪافر تنهنجي خلاف پنهنجين مخفي تجويزن ۾ مشغول هئا، انهيءَ لاءِ ته توکي گرفتار ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين ۽ (جڏهن) هو پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيا هئا (تڏهن) الله تعاليٰ به پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيو هو ۽ الله تعاليٰ بهتر تجويزون ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن ڪافرن توهان لاءِ منصوبو تيار ڪيو ته توهان کي قيد ڪن يا توهان کي شهيد ڪن يا توهان کي جلا وطن ڪن، ۽ انهن فريب ڪيو ۽ الله تدبير ڪئي، ۽ الله بهترين تدبير ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن تو سان فريب ٿي ڪيو ته تو کي قيد ڪن يا تو کي قتل ڪن يا تو کي (ملڪ مان) ڪڍي ڇڏن. ۽ انهن جي خلاف رٿ رٿي ٿي. ۽ الله سڀني رٿ رٿيندڙن کان بهتر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (۽ ياد ڪر) جڏهن رٿ پيا ڪن تولاءِ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون تانت قيد ڪن توکي يا شهيد ڪن توکي يا ڪڍن توکي ۽ رٿ ڪري پيو الله ۽ الله ٻين رٿ ڪندڙن کان ڀلو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن توسان فريب ٿي ڪيو ته توکي قيد ڪن يا توکي قتل ڪن يا توکي (ملڪ مان) ڪڍي ڇڏين. ۽ انهن رٿ رٿي ٿي ۽ الله به رٿ رٿي ٿي. ۽ الله سڀني رٿ رٿيندڙن کان چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ياد ڪر جڏهن ڪافرن تنهنجي خلاف خفيه سازش پئي ڪئي هن لاءِ ته تو کي قيد ڪن يا تو کي قتل ڪن يا تو کي (وطن کان) ڪڍن. ۽ اهي خفيه سازشون ڪري رهيا هئا ۽ الله خفيه تدبير ڪري رهيو هيو. ۽ الله سڀ کان بهتر خفيه تدبير ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن سِٽينِ سِٽائون، تولئي، ڦِريا، جي فُجار، ته وارِينئـِي سند واٽ تي، يا ڪُهنئي، ڪِ ڪَڍنِئي ٻَهار، ۽ سِٽائون سِٽينَ سي، سِٽي پڻ سَتار، ۽ قادر برقرار، سُهڻو سِٽِيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن ڪافرن تو بابت وڏيون رٿون سوچيون ٿي، ته توکي قيد يا قتل، يا جلاوطن ڪن، انهن پنهنجون رٿون رٿيون ٿي ۽ الله پنهنجي رٿ رٿي رهيو هو ۽ الله سڀ کان وڌيڪ پختي رٿ ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو وقت به ياد ڪجي، جڏهن حق جا منڪر تنهنجي خلاف سٽون سٽي رهيا هئا ته توکي قيد ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين. هنن پئي سٽون سٽيون ته الله به پئي رٿون رٿيون ۽ رٿن رٿڻ ۾ الله سڀني کان ڀلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن حق جا انڪاري تنهنجي خلاف سِٽون پيا سِٽين ته توکي قيد ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين، هو سِٽون پيا سِٽين ۽ الله به انهن جي خلاف رٿ رٿي رهيو هو، ۽ الله وڏو رٿون رٿڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن ڪافر تنھنجي لاءِ هڪ سازش ڪري رهيا هئا ته جيئن هو تو کي قيد ڪن، يا قتل ڪن يا توکي جلاوطن ڪن، هو پنھنجي ليکي منصوبا ٺاهي رهيا هئا پر (هوڏانھن) الله تعالى پنھنجي منصوبه بندي ڪري رهيو هو، (بيشڪ) الله تعالى ئي بھترين منصوبه بندي ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا قالوا قَد سَمِعنا لَو نَشاءُ لَقُلنا مِثلَ هٰذا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 31) |
۽ جڏھن اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائجن ٿيون (ته) چوندا آھن ته ٻڌوسون جيڪڏھن گھُرون ته اُنھي جھڙو (اسين به) چئون ته ھيءُ ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان جون آيتون هنن (ڪافرن) کي پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هو چون ٿا ته هائو، اسان ٻڌيون. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسان به اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. اهي ڳالهيون سواءِ هن جي ڇا آهن ته گذري ويل ماڻهن جا لکيل داستان آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چون ٿا بيشڪ اسان ٻڌو، جيڪڏهن اسين چاهيون ته اسين به قرآن جو مثال پيش ڪري سگھون ٿا، ناهي (هيءُ) قرآن مگر قصا اڳين ماڻهن جا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن جي اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چوڻ لڳن ٿا ته اسان ٻڌو ته سهي (پر) جيڪڏهن اسين گهرون ته پڪ اهڙو ئي (قرآن) اسين به چئي سگهون ٿا، هي ته رڳو اڳين جا قصا (ڪهاڻيون) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي آيتون اسان جون ته چون ٿا تحقيق ٻڌوسين جيڪڏهن گهرون اسين ته البت چئون اسين مثال هن جي ناهن هي مگر آکاڻيون پهرين جون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چون ٿا ته بيشڪ اسان ٻڌو، جيڪڏهن اسين گهرون ها ته ان جهڙو اسين به چئون ها، اهو رڳو اڳوڻن جون آکاڻيون آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته چون ٿا: ”بيشڪ اسان ٻڌوسين جي اسان چاهيون ته اسان به ان (ڪلام) وانگر چئي سگهون ٿا. هي ته رڳو اڳين جون آکاڻيون ئي آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اَسان جون آيتون، پڙهجن مَٿنِ پاڻ، چي، ٻڌوسون، ۽ هُوند گُهرون، ته هِهڙيون چيوسون هاڻ، ناهن اِهي اُهڃاڻ، مگر آکاڻيون اڳين جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن اڳيان اسان جون آيتون پڙهجن ٿيون ته چون ٿا ته اسان ٻڌو. جيڪڏهن اسين به گهرون، ته هوند ان جهڙو چئون، ته هي ته اڳين جي آکاڻين ڌاران ٻيو ڪجهه به نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن انهن کي اسانجون آيتون پئي ٻڌائبيون هيون ته چوندا هئا ته هائو ٻڌوسين، اسان چاهيون ته اهڙيون ڳالهيون اسان به ٺاهي سگهون ٿا، هي ته اهي ئي پراڻيون آکاڻيون آهن، جيڪي ماڻهو پيا بيان ڪندا آيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن کين اسان جون آيتون ٻڌايون وينديون هيون، ته چوندا هئا ته، ها ٻڌوسين، اسين چاهيون ته اهڙيون ڳالهيون (پاڻ) ٺاهي سگهون ٿا، اهي پراڻيون ڪهاڻيون آهن جيڪي اڳي کان ٻڌندا اچون ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن ڪافرن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته هو چون ٿا ته اسان هي آيتون ٻڌي ورتيون، اسان چاهيون ته اسان به اهڙيون ڳالهيون ٺاهي سگهون ٿا، هي ته (رڳو) پراڻي دؤر جون ڪھاڻيون ئي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالُوا اللَّهُمَّ إِن كانَ هٰذا هُوَ الحَقَّ مِن عِندِكَ فَأَمطِر عَلَينا حِجارَةً مِنَ السَّماءِ أَوِ ائتِنا بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 32) |
۽ (ياد ڪريو) جڏھن (ڪافرن) چيو ته اي الله جيڪڏھن ھي (قرآن) تو وٽان حق آھي ته اسان تي آسمان کان پَھڻ وساءِ يا ڪو ڏکوئيندڙ عذاب اسان تي آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن (مڪي جي ڪافرن) چيو هو ته، اي خدا جيڪڏهن هيءَ ڳالهه (يعني اسلام جي دعوت) تنهنجي طرف کان حق آهي ته اسان تي پٿرن جو مينهن وساءِ يا اسان کي (ڪنهن ٻئي) دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت ڪافرن چيو اي اسان جا رب جيڪڏهن هي قرآن سچو آهي تنهنجي طرفان، ته پوءِ تون اسان جي مٿان پٿرن جو مينهن وساءِ يا اسان تي دردناڪ عذاب آڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن انهن ڪافرن دعائون گهريون هيون ته خداوندا جيڪڏهن هي (دين اسلام) حق (سچ)آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ يا اسان تي ڪو ٻيو عذاب ئي نازل فرمائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيائون ته اي الله! جيڪڏهن هجي هي اهو حق وٽان تنهنجي پوءِ وَساءِ مٿان اسان جي پٿر آسمان کان يا آڻ اسان وٽ عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن چيائون ته اي الله ! جيڪڏهن تنهنجي طرفان هيءُ (قرآن) حق آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ، يا اسان تي ڪو دردناڪ عذاب آڻ ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن وقت (ڪافرن) چيو ته: ”اي الله جيڪڏهن هي (قرآن) تو وٽان (واقعي) حق آهي ته اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ، يا اسان تي دردناڪ عذاب آڻ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، سانيمِ! ربَّ، ستار!، هِي جي حق، تو وٽان، ته اسان تي اُڀ ڪنان، ڇُهو ڇِپَن وار، يا اسان تي آزار، ڪو آزارِيندڙ، آڻ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن چيائون ته اي الله! جيڪڏهن هي قرآن سچ پچ تو وٽان آهي ته پوءِ اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ يا اسان تي دردناڪ عذاب آڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها ڳالهه به ياد ڪريو جو چيو هئائون ته "اي الله جيڪڏهن اهو واقعي حق آهي، تنهنجي طرف کان آيل ته پوءِ اسان تي آسمان مان پٿر وساءِ يا اسان تي ٻيو ڪو دردناڪ عذاب آڻ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هنن جڏهن چيو اي الله! هي واقعي جي حق تنهنجي طرفان آهي ته وساءِ اسان تي پٿر آسمان مان يا ڪو آڻ عذاب تمام دردناڪ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن (ڪافرن تڪبر ۾ اچي) الله تعالى کان دعا گهري ته يا الله! جيڪڏهن هي قرآن واقعي تنھنجي طرفان آيل حق آهي ته پوءِ ڀلي اسان جي مٿان آسمان مان پٿرن جو مينھن وساءِ يا اسان جي مٿان تڪليف وارو عذاب آڻ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُم وَأَنتَ فيهِم وَما كانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُم وَهُم يَستَغفِرونَ (آيت : 33) |
۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو منجھن تنھنجي ھوندي کين عذاب ڪري، ۽ الله کي (ھي به) نه جڳائيندو آھي جو کين ھن ھوندي عذاب ڪري جو اُھي بخشش گھرندا ھجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر الله ته ائين ڪرڻ وارو نه هو جو تون انهن ۾ موجود هجين ۽ انهن کي عذاب ۾ وجهي ۽ الله ائين به ڪرڻ وارو نه هو جو هنن کي عذاب ۾ وجهي ۽ هو معافي گهري رهيا هجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جو هي شان ناهي جو انهن تي عذاب ڪري ڇو ته رسولِ عربي انهن ۾ موجود آهن، ۽ الله جو شان ناهي جو انهن تي عذاب ڪري حالانڪ اهي بخشش گھرندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن جيستائين تون هنن ۾ موجود آهين خدا مٿن عذاب نه ڪندو ۽ الله اهڙو به نه آهي جو ماڻهو ته هن کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا رهن ۽ خدا هنن تي عذاب نازل ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه آهي الله تانت عذاب ڪري انهن کي حالانڪه تون انهن ۾ آهين ۽ نه آهي الله عذاب ڪندڙ انهن کي ان حال ۾ جو اهي مغفرت طلب ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله انهن کي تنهنجي انهن ۾ هوندي عذاب ڪرڻ وارو نه هو. ۽ نڪي الله انهن کي عذاب ڏيڻ وارو آهي جنهن حالت ۾ اهي معافي گهرن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو شان نه آهي جو انهن کي عذاب ڪري حالانڪه تون انهن ۾ (موجود) آهين. ۽ نه ئي الله انهن تي اهڙي حال ۾ عذاب ڪرڻ وارو آهي جو اهي بخشش طلب ڪندا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هر گز تِنهن حال ۾، الله نه ڏينِ آزار، ته حاضر هُجين تون اُن ۾، ۽ نه ڏِيندڙ ڏُ ک ڏاتار، عرض جڏهن اِظهار، ڪَن پيا ربَّ ڪريم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر الله اهڙو نه آهي، جو تنهنجي هوندي انهن کي عذاب ڪري ۽ الله انهن کي بخشش گهرڻ هوندي به عذاب نه ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت ته الله مٿن عذاب نازل ڪرڻ وارو نه هو، جڏهن تون منجهن موجود هئين ۽ نه وري الله جو اهو قاعدو آهي جو ماڻهو ته بخشش گهري رهيا هجن ۽ الله کين عذاب ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن تي الله ان وقت عذاب آڻڻ وارو نه هو ۽ تون انهن ۾ موجود هئين ۽ نه وري قاعدو آهي الله جو ته ماڻهن تي عذاب آڻي جڏهن اهي توبهه ڪري رهيا هجن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ! کين معلوم هجڻ گهرجي ته) الله تعالى (ڪڏهن به) ايئن نه ڪندو جو تنھنجي موجودگيءَ ۾ انهن کي عذاب ڏئي ۽ نه ئي الله تعالى ايئن ڪندو، جو کين بخشش جي دعا گهرڻ جي صورت ۾ عذاب ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لَهُم أَلّا يُعَذِّبَهُمُ اللَّهُ وَهُم يَصُدّونَ عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَما كانوا أَولِياءَهُ إِن أَولِياؤُهُ إِلَّا المُتَّقونَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 34) |
۽ کين ڇا (ٿيو) آھي جو الله کين (پيغمبر جي ھجرت کانپوءِ) عذاب نه ڪري ھن ھوندي جو اُھي تعظيم واريءَ مسجد کان (ماڻھن کي) جھلن ٿا ۽ اُن جا مُتولّي نه آھن، پرھيزگارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن جو متولّي نه آھي پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (هاڻي جڏهن هنن توکي مڪو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي تڏهن) ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي جو الله کين عذاب نه ڏئي، حالانڪ هو ڪعبت الله کان مسلمانن کي روڪي رهيا آهن ۽ حقيقت هيءَ آهي ته هو ان جا متولي ٿيڻ جا لائق ئي نه آهن، ان جا متولي جيڪڏهن ٿي سگهن ٿا ته اهي ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي متقي (پرهيزگار) هجن (نه فسادي ۽ ظالم) پر هنن مان گهڻن کي (هن حقيقت جي) خبر ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪهڙي سببان الله تعالى ڪافرن تي عذاب نه ڪري حالانڪ اهي بيت الله کان روڪين ٿا ۽ اهي روڪڻ جا حقدار ناهن، بيت الله جا سنڀاليندڙ ته فقط پرهيزگار آهن پر گھڻا ماڻهو انهن مان نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهي ماڻهن کي مسجد الحرام (ڪعبي ۾ عبادت) کان منع ڪن ٿا ته پوءِ هنن لاءِ ڪهڙي ڳالھ باقي رهي جو مٿن عذاب نازل نه ٿئي. ۽ اهي ماڻهو خانه ڪعبي جا متولي به ته نه آهن (ته پوءِ ڇو ٿا جهلن). هن جا متولي ته فقط پرهيزگار ماڻهو ئي آهن. پر انهن ڪافرن مان گهڻا نٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي انهن جي لاءِ جو نه عذاب ڪري انهن کي الله حالانڪ اهي روڪين ٿا مسجد عزت واريءَ کان ۽ ناهن متولي ان جا ناهن متولي ان جا مگر پرهيزگار ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا ڄاڻن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي جو الله کين عذاب نه ڪري هوڏانهن اهي مسجد حرام کان روڪين ٿا، ۽ اهي ان (مسجد) جي سنڀالڻ لائق به نه آهن. ان جا سنڀال لائق رڳا پرهيزگار آهن پر (اها ڳالهه) انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هاڻي تنهنجي مڪو ڇڏي وڃڻ بعد) الله انهن کي ڇو نه عذاب ڏئي جو اُهي مسجد الحرام کان روڪن ٿا حالانڪه اُهي ان جا ولي (سنڀالڻ وارا) به نه آهن. ان جا وليءَ ڪير ناهن سواءِ پرهيزگارن جي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَٿن ڇا؟ ته اُنهن کي، نه کانئي خداوند، منع واري مسجد کان، جڏهن بد، ڪن پِابند، ۽ اُهي، نه آهن اُن جا، پاڙوسِي پسند، ڀاڙوسِي پاڪن سوا، هِي نه ٻِين جو هنڌ، ۽ گھڻا اُنهن مان گَند، پر پروڙِين ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي ڪهڙو حق آهي، جو الله کين معمولي عذاب به نه ڏئي ۽ هو ڪعبي کان به روڪ ڪندا رهن، جنهن جا سنڀاليندڙ ٿيڻ جا به هو لائق نه آهن- نيڪن کانسواءِ ان جو ڪو ٻيو سنڀاليندڙ نه ٿو ٿي سگهي، مگر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر هاڻي هو کين عذاب ڇونه ڏئي، جڏهن ته هو مسجد حرام کان روڪي رهيا آهن، حالانڪه هو ان مسجد جا جائز متولي به ناهن. ان جا جائز متولي ته فقط پرهيزگار ئي ٿي سگهن ٿا، مگر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هاڻي ڇو نه انهن تي عذاب نازل ڪري الله، جڏهن ته هو روڪي رهيا آهن رستو مسجد الحرام جو ۽ اهي (مسجد الحرام) ان جا متولي نه آهن، حقيقت ۾ ان جا متولي ته ٿي سگهن ٿا تقويٰ وارا ئي، پر گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن نٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي رسولﷺ جي هجرت کان پوءِ) الله تعالى کين ضرور عذاب ڏيندو جو هو ماڻهن کي مسجد حرام۾ وڃڻ کان روڪين ٿا، حالانڪه هو ان مسجد جا حقيقي سنڀاليندڙ به نه آهن. ان مسجد جا حقيقي سنڀاليندڙ ته پرهيزگار ماڻهو آهن، پر گهڻن ماڻهن کي ان جو احساس ئي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ صَلاتُهُم عِندَ البَيتِ إِلّا مُكاءً وَتَصدِيَةً فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 35) |
۽ سندين نماز الله جي گھر وٽ سيٽين ۽ تاڙين ھڻڻ کانسواءِ (ڪُجھ) نه آھي، پوءِ انھيءَ سببان جو ڪفر ڪندا آھيو عذاب چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪعبي جي گهر ۾ هنن جي نماز سواءِ هن جي ٻيو ڇا هئي ته سيٽيون وڄائن ۽ تاڙيون هڻن، پوءِ جيڪو ڪفر توهان ڪيو ٿا (تنهن جي بدلي ۾) عذاب جو مزو چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ناهي نماز انهن (ڪافرن) جي بيت الله شريف ۾ مگر سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائڻ، پوءِ توهان عذاب چکو انهي سببان جو توهان ڪفر ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪعبي وٽ سندن نماز سواءِ سيٽين ۽ تاڙين وڃائڻ جي ٻي ڪهڙي ڳالھ هئي. ته (اي ڪافرو!) جڏهن اوهين ڪفر ڪندا هئا تنهن جي سزا ۾ (پيا) عذاب جو مزو چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هئي نماز انهن جي بيت الله وٽ مگر سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائڻ پوءِ چکو عذاب سببان ان جي جو ڪفر ڪندا هيئو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن نماز ڪعبه وٽ سيٽيون وڄائڻ ۽ تاڙين وڄائڻ کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پوءِ اوهين جيڪو ڪفر پيا ڪريو تنهن جي ڪري عذاب چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيت الله وٽ انهن جي نماز رڳو تاڙيون ۽ سيٽيون وڄائڻ هئي. پوءِ عذاب چکو ان (بد عملين جي) ڪري جو اوهان ڪفر ڪندا هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ناهي نماز اُنهن جِي، مَسجد وٽ مور، مگر تُوتارا ۽ تاڙيون، پوءِ ناھِ سندُ ڀَرپور، وَٺون ذوق ضرور، جِنهن موجب، ڪُفر ڪندا هئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سيٽين ۽ تاڙين وڄائڻ کان سواءِ ڪعبي وٽ انهن جي ٻي ڪا نماز نه آهي، تنهنڪري پنهنجي ڪفر جي ڪري عذاب چکو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيت الله وٽ انهن ماڻهن جي نماز ڇا هوندي آهي؟ بس رڳو سيٽيون وڄائڻ ۽ تاڙيون ڦهڪائڻ، سو هاڻي چکو مزو ان عذاب جو حق جي انڪار ڪرڻ جي نتيجي ۾، جيڪو پيا ڪندا آيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن جي نماز ڇا هوندي آهي بيت الله وٽ، بس سيٽيون هڻندا ۽ تاڙيون وڄائيندا آهن، هاڻي هن عذاب جو مزو چکو سزا طور جيڪو توهان انڪار پئي ڪيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻئي طرف) الله تعالى جي گهر ۾ انهن ماڻهن جي ڪهڙي قسم جي نماز آهي؟ رڳو سيٽيون ۽ تاڙيون وڄائيندا رهندا آهن. (اي ڪافرؤ!) جيڪو توهان ڪفر ڪيو هو سو ان جي بدلي ۾ شڪست جو عذاب چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنفِقونَ أَموٰلَهُم لِيَصُدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَسَيُنفِقونَها ثُمَّ تَكونُ عَلَيهِم حَسرَةً ثُمَّ يُغلَبونَ وَالَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ يُحشَرونَ (آيت : 36) |
(۽) ڪافر پنھنجا مال ھن لاءِ خرچين ٿا ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلين، پوءِ اھو سگھو انھن (مالن) کي خرچ ڪندا وري (اھو خرچڻ) مٿن ارمان ٿيندو وري مغلوب ڪيا ويندا، ۽ ڪافر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي پنهنجو مال ملڪيت انهيءَ لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان روڪين. اهي ماڻهو آئنده به (اهڙيءَ طرح) خرچ ڪندا رهندا، پر پوءِ (اهو وقت ايندو جڏهن انهيءَ خرچ ڪرڻ تي) هنن کي ڏاڍو ارمان ٿيندو ۽ پوءِ (آخر) هو مغلوب ڪيا ويندا (يعني هو تباهه ٿيندا ۽ مسلمان مٿن غالب پوندا) ۽ (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي (۽ پڇاڙيءَ تائين ان تي قائم رهيا) تن کي دوزخ ڏي هڪاليو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ڪافر پنهنجي ملڪيت خرچ ڪن ٿا انهي لاءِ ته (ماڻهن کي) روڪين الله جي راه کان ۽ اهي آئينده به خرچ ڪندا پوءِ ٿيندو اهو خرچ ڪرڻ انهن لاءِ باعثِ حسرت ان کان پوءِ ناڪام ٿيندا، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي دوزخ ڏانهن گڏ ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ شڪ نه آهي ته اهي ڪافر پنهنجا مال فقط هن لاءِ خرچ ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪن سو اهي (ٻيهر به) ان ۾ جلد ئي خرچ ڪندا پوءِ اهو (خرچ ڪرڻ) مٿن پشيماني ٿيندو ۽ پڇاڙي اهي ماڻهو هار کائيندا. ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو (قيامت ۾) سڀئي دوزخ ڏي ڌڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو خرچ ڪن ٿا مال پنهنجا تانت روڪين واٽ الله جي کان پوءِ جلد خرچ ڪندا انهن کي تنهن کان پوءِ هوندو انهن تي افسوس ان کان پوءِ مغلوب ڪيا ويندا ۽ جن ڪفر ڪيو طرف جهنم جي گڏ ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ڪافر پنهنجا مال هن لاءِ خرچ ڪن ٿا ته الله جي رستي کان روڪين،سو اهي (ٻيهر به) ان کي خرچ ڪندا، پوءِ اهو (خرچ ڪرڻ) مٿن پشيماني ٿيندو وري مغلوب ٿيندا. ۽ ڪافرن کي دوزخ ڏي گڏ ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي پنهنجي مالن کي ان لاءِ خرچ ڪن ٿا ته (ماڻهن کي) الله جي راهه کان روڪن. پوءِ اُهي اڃا خرچ ڪندا ڪجھه پوءِ اهو خرچ ڪرڻ انهن لاءِ پشيماني ٿي پوندو پوءِ مغلوب ڪيا ويندا ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي جهنم ڏانهن گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦريا کان فرمانَ، خرچِين خزانا پَنهنجا، تان روڪِينِ ربَّ جي راه کان، پوءِ سِگھو خرچِيندس خان! موٽِي ٿِيندو مال سو، اُنهن تي اَرمان، نادان پوءِ نِڌان، ٿِينِ شِڪار، شِڪست جو. ۽ ڦِريا، جي فرمان کان، ميڙيا مڱر پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي ڪافر پنهنجن مالن کي ان لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ته (ماڻهن کي) الله جي راهه کان روڪين، سو اهي پنهنجي مالن کي خرچ ڪندا رهندا، پوءِ اهو انهن لاءِ افسوس جو سبب ٿيندو، پوءِ هار کائيندا ۽ ڪافر دوزخ ڏانهن ڪٺا ڪيا ويندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن حق جي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، اهي پنهنجا مال الله جي راهه کان روڪڻ لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ۽ اڃان به خرچ ڪندا رهندا، پر پوءِ اهو انهن لاءِ پڇتاءَ جو ڪارڻ بڻبو ۽ نيٺ هو مغلوب بڻجي ويندا، پوءِ اهي ڪافر جهنم ڏانهن ميڙي آندا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن حق مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهي خرچ ڪندا رهيا آهن پنهنجا مال رستي کان روڪڻ جي لاءِ الله جي، ۽ اڃا به وڌيڪ خرچ ڪندا رهندا، آخرڪار سندن ڪوششون پڇتائڻ جو سبب بڻبيون، هو مغلوب ٿيندا، ۽ اهي ئي ڪافر گڏ ڪيا ويندا جهنم ڏانهن (سزا جي لاءِ).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ڪافر الله تعالى جي راهه کان روڪڻ لاءِ مال خرچ ڪري رهيا آهن، (انهن کي ڇڏي ڏي)ڀلي اِهي مال خرچ ڪندا ئي رهن (پر اڳتي هلي) کين اهو مال خرچ ڪرڻ جو وڏو افسوس ٿيندن ڇوته شڪست سندن مقدر ۾ آهي. آخرڪار هي ڪافر جھنم ڏانھن گڏ ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَميزَ اللَّهُ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَيَجعَلَ الخَبيثَ بَعضَهُ عَلىٰ بَعضٍ فَيَركُمَهُ جَميعًا فَيَجعَلَهُ فى جَهَنَّمَ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 37) |
ته الله پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري ۽ پليت کي ھڪ ٻئي تي رکي پوءِ ھيڪاندو ڍير ڪري پوءِ اُن کي دوزخ ۾ وجھي، اِھي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ ناپاڪ (روحن) کي پاڪ (روحن) کان جدا ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ناپاڪ آهن تن مان ڪن کي ڪن سان ملائي ڇڏي، پوءِ سڀني کي (سندن بدحال ۾) جمع ڪري، پوءِ (قيامت جي ڏينهن) انهن کي دوزخ جي حوالي ڪري. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سراسر تباهه ٿيڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي لاءِ ته الله ڪافرن کي مؤمنن کان پري ڪري ۽ ڪافرن کي هڪ ٻئي جي مٿان رکي (ڍير ڪري) پوءِ سڀني کي گڏ ڪري پوءِ انهيءَ (ڍير) کي جهنم ۾ داخل ڪري، اِهي اِهي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن خدا پليت کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ پليت ماڻهن کي هڪ ٻئي تي رکي ڍير بڻائي. ۽ وري (انهن) سڀني کي دوزخ ۾ وجهي. اهي ئي نقصان وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانت جدا ڪري الله پليد کي پاڪ کان ۽ رکي پليد کي بعض ان جي کي بعض تي پوءِ ڍير ڪري ان کي سڀني کي پوءِ وجهي ان کي جهنم ۾ اهي ئي خساري وارا آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته الله پليت کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ پليت کي هڪ ٻئي تي رکي پوءِ ان کي هيڪاندو ڍير ڪري پوءِ ان کي دوزخ ۾ وجهي. اهي ئي نقصان وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته الله ناپاڪ کي پاڪ کان جدا ڪري ۽ ناپاڪن کي هڪ ٻئي سان ملائي پوءِ انهن سڀني کي گڏ ڍير بنائي پوءِ ان (ڍير) کي جهنم حوالي ڪري. اهي ئي خساري وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان پليد کي، پاڪ ڪنان، ڌڻي ڪري ڌار، ۽ پليندن کي، ڪندو، هڪ ٻئي مَٿان هيڪار، پوءِ مِڙئـِي مِلائي هِڪ ڪندنِ، جِيئن ڪڪرن جيِ قطار، پوءِ مَنجھ دوزخ ڏِيندن دار، اُهي مُورِ وِڃائڻا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته الله ناپاڪن کي پاڪن کان نکيڙي پڌرو ڪري. پوءِ ناپاڪن کي هڪ ٻئي سان ملائي پوءِ انهن سڀني کي جهنم ۾ وجهي- اهڙا شخص ئي نقصان پائڻ وارا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن الله پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري ۽ هر قسم جي پليتيءَ کي ملائي گڏ ڪري، پوءِ انهيءَ ڍير کي جهنم ۾ ڦـٽو ڪري ڇڏي. اهي ئي ماڻهو نقصان وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن ڇنڊي ڇاڻي الله الڳ ڪري خبيث پليت کي پاڪ صاف کان، ۽ هر قسم جي پليتائيءَ کي ملائي گڏ ڪري ۽ پوءِ انهيءَ ڍير کي گڏيل طور تي ڦٽو ڪري ڇڏي جهنم ۾، اهي ئي ماڻهو اصل ۾ خساري ۾ آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو سڀ ان لاءِ ٿيندو) ته جيئن الله تعالى ناپاڪ (ذهن) ماڻهن کي پاڪ (ذهن) ماڻهن کان ڌار ڪري ۽ ناپاڪن کي هڪ ٻئي جي مٿان سٿي پوءِ ان ناپاڪيءَ جي پوري ڍير کي جھنم ۾ اڇلائي، اهي ئي ماڻهو مڪمل نقصان وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا إِن يَنتَهوا يُغفَر لَهُم ما قَد سَلَفَ وَإِن يَعودوا فَقَد مَضَت سُنَّتُ الأَوَّلينَ (آيت : 38) |
(اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين مُڙندؤ ته جو ڪُجھ گذريو سو کين بخشبو، ۽ جيڪڏھن ٻيھر ويڙھ ڪندا ته بيشڪ اڳين جي (اھا) عادت ٿي گذري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان (هاڻي دشمنيءَ کان) باز اچو ته جيڪي ٿي گذريو سو توهان کي معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن هو پوءِ به (ظلم ۽ لڙائي جي طرف) موٽن ته (انهيءَ باري ۾) اڳوڻن جو طريقو ۽ ان جو نتيجو گذري چڪو آهي (۽ سڀني کي معلوم آهي ته ظلم جو نتيجو آهي ظالمن جي تباهي. اهوئي نتيجو هنن مڪي جي ڪافرن کي به پيش ايندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان انهن ماڻهن کي فرمايو جيڪي ڪافر ٿيا، جيڪڏهن اِهي باز آيا ته سندن اڳيان گناه معاف ڪيا ويندا، ۽ جيڪڏهن باز نه آيا ته پوءِ انهن سان پهرين (ڪافرن جهڙو) سلوڪ ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسولٰ) تون ڪافرن کي چئو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو (اڃا به پنهنجي شرارتن کان) باز رهن ته سندن اڳيان ڏوھ معاف ڪيا وڃن پر جيڪڏهن وري اهو ڪم ڪندا ته اڳين تي جاري ٿيل قاعدو گذري چڪو آهي (اهو عذاب انهن تي به جاري رهندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ انهن کي جو ڪفر ڪيائون ته جيڪڏهن رڪجندا ته بخشيو ويندو انهن لاءِ اهو جو تحقيق اڳي ٿيو ۽ جيڪڏهن وري ڪندا ته پوءِ تحقيق گذريو طريقو پهرين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪافرن کي چئو ته جيڪڏهن باز ايندا ته جو ڪجهه گذري چڪو سو کين معاف ڪيو ويندو. ۽ جيڪڏهن وري اهو ئي ڪم ڪندا ته اڳين تي جاري ٿيل قاعدو گذري چڪو آهي (سو هنن تي به جاري ٿيندو). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ انهن ماڻهن کي جن ڪفر ڪيو جي باز اچي وڃن ته جو گذري ويو سو کين معاف ڪيو ويندو ۽ جي وري اهي (ساڳيا ڪم ڪندا) ته بيشڪ اڳين جي (بربادي وارو) طريقو گذري چڪو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦريا، تن فرماءِ تون، بس ڪن، ته ڀلو تن ڪاڻ، جيڪِي اُنهن کان اڳ ٿيو، سو مرهينِ مِهر ساڻ، پوءِ جي پانهون ٿيندا پاڻ، ته پَر پهرينِ گذرِي پڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ڪافرن کي چئو ته ”جي پاڻ روڪين، ته پوءِ کانئن جيڪي خطائون ٿي چڪيون سي معاف ڪجن“ پر جي وري ڪفر ڪن، ته اڳين جي به اها عادت ٿي گذري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهن ڪافرن کي چؤ ته جيڪڏهن هاڻي به مڙي وڃن ته جيڪي ڪجهه ٿي چڪو آهي، سو کين معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن ٻيهر به ائين ڪندا ته پوءِ اڳ ٿي گذريل قومن سان جيڪي ڪجهه ٿي چڪو آهي، سو سڀني کي معلوم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ انهن ئي ڪافرن کي، جي هاڻي به مڙي وڃن ته اڳي جيڪي ڪجهه ٿيو آهي سو کين معاف ڪيو ويندو، پر جي ساڳيءَ هلت ورجائيندا ته پوءِ اڳين قومن سان جو ٿيو (هنن سان به ٿيندو).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڪافرن کي چؤ ته جيڪڏهن توهان پنھنجي شرارتن کان باز ايندا ته جيڪو ڪجهه اڳ ٿيو سو سڀ ڪجهه توهان کي معاف ڪيو ويندو پر جيڪڏهن اڃا به انهن جو ارادو شرارتن کان باز اچڻ جو نه آهي ته انهن سان اهو ڪجهه ٿيندو جيڪو ڪجهه گذريل قومن سان ٿي چڪو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقٰتِلوهُم حَتّىٰ لا تَكونَ فِتنَةٌ وَيَكونَ الدّينُ كُلُّهُ لِلَّهِ فَإِنِ انتَهَوا فَإِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 39) |
۽ (اي مؤمنؤ) اُنھن سان (ايستائين) لڙائي ڪريو جيسين (ڪفر جو) غلبو نه رھي ۽ سموري حڪومت رڳو الله جي ٿئي (يعني قانونِ الاھي جو عمل ھلي)، پوءِ جيڪڏھن مڙي وڃن ته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو! هاڻي توهان جي لاءِ فقط هي چارو رهيو آهي ته) هنن ڪافرن سان تيستائين لڙندا رهو، جيستائين ظلم ۽ فساد باقي نه رهي ۽ دين جو سڄو معاملو الله ئي جي لاءِ ٿي وڃي (يعني دين جي آزادي هجي ۽ انسان جو ظلم ان ۾ دخل نه ڏئي) پوءِ جيڪڏهن اهي ڪافر (جنگ کان) باز اچن ته پوءِ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي خدا ڏسي ٿو پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن کي ايستائين قتل ڪريو جو ڪوبه فتنو نه رهي ۽ سمورو دين الله تعالى لاءِ خالص رهي، پوءِ جيڪڏهن اهي باز آيا پوءِ بيشڪ الله تعليٰ سندن عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مسلمانو! هنن ڪافرن سان جنگ ڪندا رهو تان جو ڪو به فساد (باقي) نه رهي ۽ (بلڪل ساري خدائي ۾) خدا جو دين ئي دين ٿي وڃي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (فساد کان) باز اچن ته خدا سندن ڪارواين کي چڱي طرح ڏسي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنگ ڪيو انهن سان تانجو نه هجي فتنو ۽ هجي دين سڄو واسطي الله جي پوءِ جڏهن رڪجن پوءِ بيشڪ الله ان کي جو ڪن ٿا ڏسندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مسلمانؤ) انهن سان جنگ ڪريو تانجو فساد (يعني ڪفر جو غلبو) نه رهي ۽ دين سمورو الله جو ٿئي. پوءِ جيڪڏهن باز اچن ته الله انهن جي ڪمن کي ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن سان لڙو ايستائين جو فتنو (باقي) نه رهي ۽ دين سڀ جو سڀ الله جو رهي. پوءِ جي رڪجي وڃن ته پوءِ بيشڪ الله جيڪي عمل ڪن ٿا تن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لَڙو ساڻنِ لال!، تان رهي، ڪِٿي نه رڳڙو، ۽ رَهي رڳو دين، ڌڻئ جو، پوءِ جي ڪيائون بَس بحال، پوءِ جيڪِي ڪن اعمال، سي ڏسندڙ آهي ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن سان ايتري قدر وڙهو، جو فتنو نه رهي ۽ دين خالص الله جو ٿي وڃي- پوءِ جي هو پاڻ روڪين، ته بيشڪ الله انهن جي عملن کي خوب ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! انهن ڪافرن سان جنگ ڪندا رهو، تان جو فتنو نه رهي ۽ دين ساري جو سارو الله لاءِ ٿي وڃي. پوءِ جيڪڏهن فتني کان رڪجي وڃن ته سندن عملن کي ڏسڻ وارو الله آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي ايمان وارؤ! انهن سان جنگ ڪريو ايستائين جو فتنو باقي نه رهي ۽ دين مڪمل طور ٿي وڃي الله جي لاءِ، پر جي هو فتني کان رڪجي وڃن، ته سندن عمل کي ڏسڻ وارو الله آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مسلمانو!) ڪافرن سان ايستائين جنگ جاري رکو جيستائين فتنو ختم نه ٿي وڃي ۽ الله تعالى جو دين پوري جو پورو غالب نه ٿي وڃي پر جيڪڏهن هو فتني ڦھلائڻ کان رڪجي وڃن ته بيشڪ الله تعالى انهن جي هر عمل کي نظر ۾ رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تَوَلَّوا فَاعلَموا أَنَّ اللَّهَ مَولىٰكُم نِعمَ المَولىٰ وَنِعمَ النَّصيرُ (آيت : 40) |
۽ جيڪڏھن مُنھن موڙيائون (۽ باز نه آيا) ته ڄاڻو ته الله اوھان جو سنڀاليندڙ آھي، (۽ اُھو) چڱو سنڀاليندڙ ۽ چڱو مددگار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (صلح جي هن آخر دعوت کان به) منهن موڙين ته ياد رکو ته، الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) جو رفيق ۽ ڪارساز آهي (۽ جنهن جو رفيق الله هجي ته) ڪهڙو نه چڱو رفيق ۽ ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن انڪار ڪيائون پوءِ توهان معلوم ڪريو ته بيشڪ الله تعالى توهان جو مددگار آهي، الله بهترين مددگار ۽ بهترين حمايتي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ (مسلمانو) پڪ ڄاڻو ته خدا توهان جو مالڪ آهي ۽ (اهو ئي) چڱو مالڪ ۽ چڱو مددگار آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن منهن موڙين پوءِ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله مولا اوهان جو آهي ڀلو آهي مولا ۽ ڀلو آهي مددگار.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ پڪ ڄاڻو ته الله اوهان جو مددگار آهي. (اهوئي) چڱو مالڪ ۽ چڱو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي مُنهن موڙن ته (پڪ) ڄاڻو بيشڪ الله اوهان جو ڪارساز آهي. ڀلو ڪارساز آهي ۽ ڀلو مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦِريا، ته رکو فَهم ۾، ڳالھ اِها آئين، ته اللهَ آهي، اوهان جو، سائين سَدائين، سُهڻو سو سائين!، پڻ وَه، وَه،! جِھڙو واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪڏهن منهن موڙين، ته يقين رکو ته الله اوهان جو رفيق آهي- اهو چڱو رفيق ۽ مددگار آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن ان ڳالهه کي پٺي ڏين ته ڄاڻي ڇڏيو ته الله توهان جو سرپرست آهي، ڪهڙو نه ڀلو حمايتي آهي ۽ ڪهڙو نه ڀلو مددگار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جي هو نٿا مڃن پوءِ توهان کي معلوم هجي ته بيشڪ الله توهان جو سرپرست آهي، اهو ئي بهترين ڀرجهلو ۽ (سهڻو) مددگار آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هي ماڻهو (انهيءَ آڇ کان) منھن موڙين ٿا، ته پوءِ (اي مسلمانو!) توهان اطمينان رکو بيشڪ الله تعالى توهان جو سرپرست آهي، هو ڪيڏو نه بھترين سرپرست ۽ بھترين مددگار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاعلَموا أَنَّما غَنِمتُم مِن شَيءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ إِن كُنتُم ءامَنتُم بِاللَّهِ وَما أَنزَلنا عَلىٰ عَبدِنا يَومَ الفُرقانِ يَومَ التَقَى الجَمعانِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 41) |
۽ (ھيءَ ڳالھ) ڄاڻو ته جيڪو مال (ڪافرن تي فتح لھڻ کانپوءِ) اوھان جي ھٿ ۾ آيو تنھنجو پنجون حصّو الله ۽ پيغمبر ۽ (پيغمبر جي) عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي جيڪڏھن اوھان الله کي مڃيو آھي ۽ (پڻ) جيڪو پنھنجي ٻانھي (ﷴ) تي فيصلي جي ڏينھن جنھن ڏينھن ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ مقابل ٿيون نازل ڪيوسون (تنھن تي يقين رکندا آھيو ته اُن حُڪم تي عمل ڪريو)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته اوهان کي جيڪو غنيمت جو مال هٿ اچي تنهن جو پنجون حصو الله ۽ الله جي رسول لاءِ ۽ (رسول جي) مائٽن لاءِ، يتيمن جي لاءِ، مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي (۽ باقي چار حصا مجاهدن ۾ ورهائي سگهجن ٿا) جيڪڏهن توهان الله (جي انهيءَ غيبي مدد) تي يقين ٿا رکو جيڪا مدد اسان فيصلو ڪري ڇڏڻ واري ڏينهن پنهنجي بندي (حضرت رسولﷺ) تي نازل ڪئي هئي جڏهن ٻه لشڪر (بدر وٽ) هڪٻئي جي سامهون ٿيا هئا (ته انهيءَ طرح ورهاڱو ڪيو) ۽ (ياد رکو ته) الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي معلوم هجي ته جيڪو مالِ غنيمت توهان کي هٿ اچي ٿو پوءِ بيشڪ ان جو پنجون حصو الله ۽ الله جي رسول ۽ پاڻ ڪريمن جي عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آڻيو ٿا الله تعالى تي ۽ انهي تي جيڪي اسان فيصلي واري ڏينهن پنهنجي حبيب جي مٿان نازل فرمايو، جنهن ڏينهن مسلمانن ۽ ڪافرن جا لشڪر آمهون سامهون ٿيا، ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڄاڻو ته جيڪو نفعو اوهين ڪنهن شيءِ مان حاصل ڪريو ته تنهن جو پنجون حصو خدا ۽ رسول (۽ رسول جي) قرابتدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پرديسين جو آهي ۽ جيڪڏهن اوهين خدا تي ۽ ان (غيبي مدد) تي ايمان آندو آهي جيڪا اسان پنهنجي عبد (محمد) تي فيصلي جي ڏينهن (جنگ بدر ۾) نازل ڪئي هئي جڏهن (مسلمان ۽ ڪافرن جا) لشڪر آمهون سامهون ٿيا. ۽ خدا ته سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڄاڻو ته تحقيق جيڪي غنيمت بنائي اوهان ڪا شيءِ پوءِ بيشڪ واسطي الله جي آهي پنجون حصو ان جو ۽ واسطي رسول جي ۽ واسطي قرابت وارن جي ۽ يتيمن جي ۽ مسڪينن جي ۽ مسافر جي جيڪڏهن ايمان آندو اٿوَ الله تي ۽ ان تي جو لاٿوسون مٿان ٻانهي پنهنجي فرق ڪندڙ ڏينهن ۾ ان ڏينهن جو مليون ٻه جماعتون (فوجون) ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڄاڻو ته جيڪا به اوهان (ڪافرن کان) غنيمت هٿ ڪئي، تنهن جو پنجون حصو الله لاءِ ۽ رسول ۽ (رسول جي) مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ۽ ان شيءِ تي (به) جا اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي جي ڏينهن نازل ڪئي جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڄاڻو ته غنيمت ۾ توهان جا به شيءِ حاصل ڪئي ته پوءِ ان جي پنجين پتي الله ۽ رسول لاءِ آهي ۽ (رسول جي) رشتيدارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي جيڪڏهن اوهان الله تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي به جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينهن لاٿو جنهن ڏينهن (ميدانِ بدر ۾) ٻه لشڪر آمهون سامهون هئا. ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) "۽ ڄاڻو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڄاڻو، ته اوهين جنگ جي لٽ ۾ جيڪي به حاصل ڪريو ٿا، ان ۾ الله، سندس رسول جو ۽ (رسول جي) مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جو پنجون حصو آهي، جيڪڏهن اوهين الله تي ويساهه رکو ٿا ۽ ان تي به، جيڪو اسان پنهنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينهن (يعني) ٻن فوجن گڏجڻ واري ڏينهن موڪليو، الله هر شيءِ تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان کي معلوم هجي ته جيڪو غنيمت جو مال توهان جي هٿ آيو آهي، ان جو پنجون حـصو الله ۽ سندس رسول ۽ مٽن مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آندو آهي الله تي ۽ انهيءَ شيءِ تي جيڪا فيصلي واري ڏينهن يعني جنهن ڏينهن ٻنهي لشڪرن جو پاڻ ۾ مهاڏو ٿيو هو، اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪئي هئي (ته اهو حصو خوشيءَ سان ادا ڪريو)، الله هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان کي معلوم هجي ته جيڪو مالِ غنيمت توهان هٿ ڪيو آهي ان جو الله لاءِ پنجون حصو ۽ رسول ۽ عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آندو آهي الله تي ۽ ان شيءِ تي جيڪا اسان پنهنجي ٻانهي تي نازل ڪئي هئي، فيصلي واري ڏينهن (يعني ٻنهي فوجن جي وچ ۾) پوءِ اهو حصو خوشيءَ سان ڏيو، ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( غنيمت جي مال ورهائڻ جو ) هي اصول سمجهي ڇڏيو ته توهان کي جيڪو ڪجهه به غنيمت جو مال مليو آهي ان جو پنجون حصو الله تعالى، رسول ﷺ، (ان جي) مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي، (باقي چار حصا جنگ ۾ شريڪ مجاهدن ۾ ورهايو وڃي. سوار کي ٻه حصا ۽ پنڌ واري کي هڪ حصو ڏنو وڃي) جيڪڏهن توهان الله تعالى تي ايمان آندو آهي ۽ ان مدد تي جيڪا اسان پنھنجي ٻانهي تي فيصلي واري ڏينھن جڏهن ٻئي گروهه هڪ ٻئي جي آمهون سامھون ٿيا هئا، نازل ڪئي سين ان تي يقين رکو ٿا (ته پوءِ مال غنيمت جي ورهائڻ واري حڪم تي عمل ڪريو) ۽ الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ أَنتُم بِالعُدوَةِ الدُّنيا وَهُم بِالعُدوَةِ القُصوىٰ وَالرَّكبُ أَسفَلَ مِنكُم وَلَو تَواعَدتُم لَاختَلَفتُم فِى الميعٰدِ وَلٰكِن لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا لِيَهلِكَ مَن هَلَكَ عَن بَيِّنَةٍ وَيَحيىٰ مَن حَىَّ عَن بَيِّنَةٍ وَإِنَّ اللَّهَ لَسَميعٌ عَليمٌ (آيت : 42) |
(اِھو اُھو وقت ھو) جنھن مھل اوھين اورين ڀر ۽ ھو پرينءَ ڀر ھوا ۽ قافلو اوھان کان ھيٺين ڀَر (ھليو ويو)، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ انجام ڪريو ھا ته ضرور انجام ۾ برخلاف ٿيو ھا پر ھِن لاءِ ته جيڪو ڪم الله کي ڪرڻو ھو سو پورو ڪري (ته حق پڌرو ٿئي، ۽) ھن لاءِ ته جيڪو ھلاڪ (گمراہ) ٿئي سو چٽائي کانپوءِ مرته ھلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو ٿئي (يعني حق کي پروڙي) سو چٽائي کانپوءِ مرته جيئرو رھي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءُ اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن توهان ماٿريءَ جي ويجهي هنڌ هئو ۽ دشمن جو لشڪر ماٿريءَ جي پراهين هنڌ هو ۽ (قريشن جو) قافلو توهان کان هيٺئين حصي ۾ هو (يعني قافلو سمنڊ جو ڪنارو وٺيو نڪري ويو) ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ لڙائي جي ڳالهه ٺهرايو ها ته ضرور جنگ جي وقت، جاءِ تان هٽي وڃو ها (ڇو ته توهان کي دشمنن جي گهڻائيءَ کان ڊپ هو ۽ اوهان مان گهڻن جي مرضي هئي قافلي کي لٽڻ جي) پر الله تعاليٰ (ٻنهي لشڪرن کي هڪ ٻئي جي مقابل آندو) انهيءَ لاءِ ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري (يعني ڪافرن جي طاقت کي ٽوڙي ڇڏي) پڻ هن لاءِ ته جنهن کي تباهه ٿيڻو آهي سو حجت پوري ٿيڻ بعد تباه ٿئي ۽ جيڪو زندهه (۽ ڪامياب) ٿيڻ وارو آهي سو به حجت جي پوري ٿيڻ بعد زندهه رهي. (يعني ٻئي ڌريون ڏسن ته حق ڪهڙي طرف آهي ۽ الله تعاليٰ حق کي فتح ڏيندڙ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان وقت مسلمانن جو لشڪر مديني پاڪ جي طرف هو ۽ ڪافرن جو لشڪر يمن طرف هو، ۽ تجارتي قافلو توهان جي هيٺين پاسي هو، ۽ جيڪڏهن توهان لڙائيءَ جو وقت مقرر ڪريو ها ته مقرر وقت کان پوئتي رهجي وڃو ها، انهي لاءِ ته الله تعالى ڪري ڏيکاري ها اهو ڪم جيڪو کيس ڪرڻو آهي، ان لاءِ ته جيڪو چاهي ڪافر ٿئي حجت سان ۽ جيڪو چاهي مسلمان ٿئي، ۽ بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهين (جنگ جي ميدان ۾ مديني جي) ويجهو هئا ۽ اهي ڪافر پوئين پاسي هئا ۽ (قافلي وارا) اوهان کان گهڻو هيٺ هئا ۽ جيڪڏهن (وقت مقرر ڪرڻ جو) پاڻ ۾ اوهين وعدو ڪريو ها ته ضرور وعدي ۾ اختلاف ڪريو ها پر (خدا توهان کي اوچتو گڏ ڪيو) هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي خدا پورو ڪري ڏيکاري ته جيئن جو شخص هلاڪ (گمراھ) هجي اهو (حق جي) حجت پوري ٿيڻ کان پوءِ هلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو رهي (سو به) هدايت جي حجت پوري ٿيڻ کان پوءِ جيئرو رهي. ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن اوهان اورئين پاسي سان هيئو ۽ اهي پرئين پاسي سان ۽ قافلو هيٺاهين پاسي کان اوهان کان ۽ جيڪڏهن ٻئي سان وعدو ڪيو ها ته البت مخالفت ڪيو ها وعدي پوري ڪرڻ ۾ ۽ پر تانت پورو ڪري الله امر کي جو هو ڪرڻو تانت هلاڪ ٿئي اهو جو هلاڪ ٿيو چٽي دليل سان ۽ جيئرو ٿئي اهو جو جيئرو ٿيو چٽي دليل سان ۽ بيشڪ الله البت ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اوهين اورئين پاسي هئا ۽ اهي پرئين پاسي هئا ۽ قافلي وارا اوهان کان گهڻو هيٺ هئا (يعني سمنڊ جي نزديڪ هئا) ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ (جنگ جو) وعدو ڪريو ها ته ضرور وعدي ۾ اختلاف ڪريو ها پر (اوهان ۽ ڪافرن کي گڏ ڪيائين) هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي الله پورو ڪري، يعني جيڪو برباد ٿئي سو چٽائي ٿيڻ کانپوءِ برباد ٿئي ۽ جيڪو جيئرو رهي سو چٽائي ٿيڻ کان پوءِ جيئرو رهي ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اوهان (وادي جي) اورئين پاسي هئا ۽ اُهي پرئين پاسي هئا ۽ قافلو اوهان جي هيٺئين طرف (ساحل پاسي) هيو. ۽ جي پاڻ ۾ (مقابلي جي لاءِ مقرر وقت جو) وعدو ڪيو ها ته ضرور مقرر وقت تي پهچڻ ۾ مختلف ٿي وڃو ها ۽ پر الله (اوهان کي هڪ ئي وقت گڏ ڪيو) هن لاءِ ته ان ڪم کي پورو ڪري جيڪو (الله وٽ) ٿيڻ وارو هيو هن لاءِ ته جنهن کي مرڻو آهي سو حجت (پوري ٿيڻ) تي مري ۽ جنهن کي جيئڻو آهي سو حجت (پوري ٿيڻ) تي جيئي. ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن هُئا ويجھي هنڌ تي، ۽ هو پراهون پنڌ، هئو هيٺائـِين هنڌ، اوڏو اوهان کي قافلو. ۽ هوند ٻَڌان ٻول ڪو ته وِڌان ٻول ۾ ٻِتُور، پر پرور پورا پاڻ ڪري، جي مٿان ڪم منظور، تان مُئو ، جو ساڻ ثابتِي، تِنهن کي ماري مُور، ۽ جو جِيو ساڻ ثابتِي، تِنهن جِياري ضرور، ۽ سُڻندڙ سڀ مَذڪور، دانا وڏو، پاڻ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهين ميدان جي هن ڀر هئا ۽ هو پرينءَ ڀر ۽ قافلو اوهان کان هيٺين ڀر. جيڪڏهن پاڻ ۾ ڪو ٺهراءُ ڪريو ها ته ان ۾ ضرور اختلاف ڪريو ها، مگر اهو هن لاءِ هو، ته الله کي جيڪو ڪم پورو ڪرڻو هو، سو ڪري- ۽ ته جنهن کي ناس ٿيڻو هجي، سو ڏسي وائسي ناس ٿئي ۽ جنهن کي جيئرو رهڻو هجي، سو ڏسي وائسي جيئرو رهي ۽ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو وقت، جڏهن توهان ميدان جي هن ڀر هيؤ ۽ هو پرينءَ ڀر ۽ قافلو توهان کان هيٺ (سمنڊ جي ڪناري جي پاسي) هو. جيڪڏهن اڳواٽ توهان جي ۽ سندن وچ ۾ مقابلي جي ڳالهه طيءِ ٿيل هجي ها ته توهان ضرور انهيءَ کان پاڻ ڪڍائي وڃو ها، پر جيڪي پيش آيو، اهو ان ڪري هو جو جنهن ڳالهه جو فيصلو الله ڪري چڪو هو، اها ٿي رهي، تان ته جيئن جنهن کي نابود ٿيڻو آهي، اهو به پڌري دليل سان نابود ٿئي ۽ جنهن کي صحيح سلامت رهڻو آهي اهو به پڌري دليل سان صحيح سلامت رهي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو اهو وقت جڏهن توهان واديءَ جي هڪ ڀر هئا ۽ هو ٻيءَ ڀر ويٺا هئا ۽ قافلو هيٺ (سمنڊ ڪناري) تي هو توهان کان، جيڪڏهن اڳيئي توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ مقابلي جي طئي ٿيل هجي ها قرارداد، ته پاسو ڪيو ها، پر جيڪو پيش آيو ان لاءِ جيڪو فيصلو الله ڪري چڪو نروار هو، جيئن جنهن کي هلاڪ ٿيڻو آهي سو پڌرن دليلن سان هلاڪ ٿئي ۽ جنهن کي زنده رهڻو آهي سو پڌرن دليلن سان زنده رهي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (غزوه بدر دوران اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن توهان واديءَ جي مديني پاڪ واري طرف ۽ دشمن واديءَ جي ٻئي طرف توهان کان هيٺانهينءَ ۾ بيٺل هو، جيڪڏهن توهان ٻئي گروهه پاڻ ۾ (اڳ ۾ ئي وڙهڻ جو) معاهدو ڪريو ها ته توهان ٻئي مقرر جڳهه تي هڪ ئي وقت نه پهچي سگهو ها (۽ توهان کي موجوده اهم جڳهه نه ملڻ جو به خدشو هجي ها) اهڙي صورتحال ۾ توهان معاهدي جي ضرور خلاف ورزي ڪريو ها (يعني جنگ ڪرڻ کان ڪناره ڪشي ڪريو ها) پر الله تعالى کي اهو ڪم پورو ڪرڻو هو جيڪو (هن وٽ) طئي ٿيل هو ته جنھن نظام کي برباد ٿيڻو آهي اهو واضح دليل ۽ حجت سان برباد ٿئي ۽ جنھن نظام کي زنده رهڻو آهي ته اهو به دليل ۽ حجت سان زنده رهي، (ته جيئن ماڻهو هڪ ڪرا ٿي زندگي گذارين) . بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ يُريكَهُمُ اللَّهُ فى مَنامِكَ قَليلًا وَلَو أَرىٰكَهُم كَثيرًا لَفَشِلتُم وَلَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 43) |
(ياد ڪر) جنھن مھل الله تنھنجي خواب ۾ توکي اُھي (ڪافر) ٿورا ڏيکاريا، ۽ جيڪڏھن توکي اُھي گھڻا ڏيکاري ھا ته ضرور بي ھمّت ٿيو ھا ۽ ضرور (اُن) ڪم ۾ ھڪٻئي سان تڪرار ڪريو ھا پر الله (اُن تڪرار کان اوھان کي) بچايو، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هي اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ توکي خواب ۾ هنن (دشمن ڪافرن) جو تعداد ٿورو ڪري ڏيکاريو (يعني هي ڏيکاريو ته اگرچه ظاهراً گهڻا هوندا، پر وڙهڻ ۾ ٿورا ثابت ٿيندا) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن (ڪافرن) کي گهڻا ڪري ڏيکاري ها ته توهان (مسلمان) همت هاري وڃو ها ۽ انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ۾ اختلاف ۽ جهڳڙا ڪيو ها، پر الله تعاليٰ توهان کي (اهڙيءَ حالت کان) بچائي ورتو. يقين ڪيو ته جيڪي به (ماڻهن جي) دلين ۾ لڪل آهي سو سندس علم کان لڪل ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن الله پنهنجي رسول کي خواب ۾ ڪافر ٿورا ڪري ڏيکاريا، ۽ جيڪڏهن توهان کي انهن جو لشڪر گھڻو ڪري ڏيکاري ها ته توهان جا حوصلا گھٽ ٿين ها ۽ توهان پاڻ ۾ جهاد جي معاملي ۾ اختلاف ڪريو ها پر الله تعالى (توهان کي) سلامت رکيو، بيشڪ الله دلين جي رازن کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهو وقت هو) جڏهن خدا توهان کي خواب ۾ ڪافر گهٽ ڪري ڏيکاريا هئا پر جيڪڏهن توهان کي زياده ڪري ڏيکاري ها ته ضرور اوهين بي همت ٿيو ها ۽ لڙائيءَ بابت ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها. مگر خدا ان (بدنامي) کان بچايو. هن ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اهو دلين جي رازن کان واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڏيکاري پيو توکي انهن کي الله ننڊ تنهنجيءَ ۾ ٿورا ۽ جيڪڏهن ڏيکاري ها توکي اهي گهڻا ته البت سستي ڪيو ها ۽ البت وڙهو ها ان ڪم ۾ ۽ پر الله سلامت رکيو بيشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سينن وارين ڳالهين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن الله تنهنجي خواب ۾ توکي اهي ٿورا ڏيکاريا. ۽ جيڪڏهن توکي اهي گهڻا ڏيکاري ها ته ضرور اوهين بي همت ٿيو ها ۽ (ان) ڪم ۾ ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها پر الله بچايو. بيشڪ اهو دلين جي ڳالهه کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن (اي نبي) الله تنهنجي خواب ۾ اُهي تو کي ٿورا ڪري ڏيکاريا. ۽ جيڪڏهن اهي تو کي گهڻا ڪري ڏيکاري ها ته (اي مسلمانو) ضرور اوهان همت هاري ويهو ها ۽ ان ڪم ۾ ضرور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪيو ها ۽ پر الله اوهان کي بچايو. بيشڪ اُهو سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڏيکارئـِي، سي ٿورڙا، تُنهنجي سوڻي منجھ ستار، ۽ جيڪر سي ججھا ڪري، توکي ڏيکاريا ڏاتار، ته دِل ڀڳ ٿيا، ۽ بگڙيا، حڪم ۾ هيڪار، پر صحي سلامت رکيان، قادر ربُّ، ڪلتار، سو سائين سَمجھدار، جيڪي سِر سرير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر جڏهن الله توکي خواب ۾ اُهي ٿورا ڪري ڏيکاريا پر جي گهڻا ڏيکاري ها ته اوهين همت هاري وجهو ها ۽ ان ڪم بابت پاڻ ۾ جهڳڙو ڪريو ها. مگر الله بچايو، بيشڪ هو دلين جا حال ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪريو اهو وقت جڏهن اي نبي، الله توکي خواب ۾ اهي (ڪافر) ٿورا ڪري ڏيکاري رهيو هو، جيڪڏهن هو توکي انهن جو تعداد گهڻو ڏيکاري ها ته توهان ضرور همت هاري ويهو ها ۽ جنگ جي معاملي ۾ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳو ها، پر الله ئي توهان کي انهيءَ کان بچايو، بيشڪ هو سينن جا احوال به ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو اهو وقت (اي نبي!) انهن کي توهان جي خواب ۾ ٿورا ڏيکاريا، جي توهان کي انهن جو تعداد گهڻو ڏيکاري ها ته ضرور لڙائي بابت جهڳڙو ڪريو ها همت هاري ويهڻ کان، پر بچايو هو الله انهيءَ ڳالهه کان توهان کي، بيشڪ هو سينن جا راز ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي (ﷺ!) اهو وقت به ياد ڪر جڏهن الله تعالى خواب ۾ توهان کي دشمن جي لشڪر کي ٿورو ڪري ڏيکاريو هو ۽ جيڪڏهن اهو لشڪر توهان کي وڏو ڪري ڏيکاري ها ته توهان همت هاري ويھو ها ۽ جنگ ڪرڻ جي معاملي ۾ پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪريو ها پر الله تعالى توهان کي (اهڙي صورتحال کان) محفوظ رکيو. بيشڪ هو دلين جي رازن کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ يُريكُموهُم إِذِ التَقَيتُم فى أَعيُنِكُم قَليلًا وَيُقَلِّلُكُم فى أَعيُنِهِم لِيَقضِىَ اللَّهُ أَمرًا كانَ مَفعولًا وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 44) |
۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھين ھڪٻئي جي سامھون ٿيؤ تڏھن (الله) اوھان جي اکين ۾ اُھي ٿورڙا ڪري ڏيکاريا ٿي ۽ انھن (ڪافرن) جي نگاھن ۾ اوھانکي ٿورڙا ڪري ڏيکاريائين ٿي ھن لاءِ ته الله اھو پورو ڪري جيڪو ڪرڻو ھو، ۽ الله ڏانھن (سڀ) ڪم موٽايا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري ڏسو ته) جڏهن توهان ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي مقابل ٿيا هئو، تڏهن الله تعاليٰ هيئن ڪيو جو دشمن اوهان جي نظر ۾ ٿورا ڏسڻ ۾ آيا (يعني اوهان جي دلين ۾ ايمان ۽ ثابت قدميءَ جو روح ڦوڪجي ويو هو) ۽ هنن جي نظر ۾ اوهان ٿورا ڏسڻ ۾ آيؤ) (ڇو ته ظاهر طرح توهان برابر هنن کان ٿورا هئو) ۽ اهو سڀ الله تعاليٰ هن لاءِ ڪيو ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري ۽ سڀني ڪمن (جي فيصلي) جو دارومدار فقط الله تعاليٰ تي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت الله توهان کي ڪافرن جو لشڪر مقابلي وقت ٿورڙو ڪري ڏيکاريو ۽ توهان وري انهن جي نظرن ۾ ٿورا ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ان لاءِ ته الله ڪري ڏيکاري اهو ڪم جيڪو کيس ڪرڻو آهي، ۽ سڀئي ڪم الله جي حڪم سان ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هي اهو وقت هو) جڏهن اوهان هڪ ٻئي جي سامهون (جنگ ۾) ٿيا هئا ته خدا توهان جي دين ۾ ڪافرن کي گهڻو گهٽ ڪري ڏيکاريو ۽ سندن اکين ۾ اوهان کي (به) ٿورو ڪيو ته جيئن جيڪي خدا کي ڪرڻو منظور هو سو پورو ٿئي ۽ سڀني ڳالهين جو دارو مدار ته خدا تي ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏيکاري پيو اوهان کي انهن کي جڏهن آمهون سامهون ٿيئو اکين اوهان جن ۾ ٿورا ۽ ٿورو ڪري پيو ڏيکاري اوهان کي اکين انهن جي ۾ تانت پورو ڪري الله امر کي جو هو ڪرڻو ۽ الله ڏانهن موٽايا ٿا وڃن امر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهان کي اوهان جي اکين ۾ اهي ٿورا ڏيکاريائين جڏهن اوهين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا ۽ انهن جي اکين ۾ اوهان کي ٿورا ڪيائين هن لاءِ ته جو ڪم ڪرڻو هو تنهن کي الله پورو ڪري ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن آمهون سامهون ٿيڻ مهل اوهان جي نظرن ۾ اُهي اوهان کي ٿورا ڪري ڏيکاريائين ۽ اوهان کي انهن جي نظرن ۾ ٿورا ڪري ڏيکاريائين هن لاءِ ته الله ان ڪم کي انجام تائين پهچائي جيڪو ڪرڻو هيو. ۽ الله ڏانهن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اُهي اوهان کي، ٿورڙا پيو ڏيکاري ڏاتار، اوهان جي اکين ۾؛ وار ڪيان جنهن وار، ۽ آن کي، اُنهن جي اکين ۾، پيو اوڇو ڪري اظهار، ته ڪري ڪم مَنظوري، پورو پالڻهار، ۽ پڪ، پاڪ ڌڻي جي پار، موٽن مڙئـِـي معاملا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪريو، جڏهن اوهان کي منهن مقابل ٿيڻ وقت انهن کي ٿورو ڪري ڏيکاريو ۽ اوهان کي سندن نظر ۾ ٿورو ڪري ڏيکاريائين ته جيڪي الله کي ڪرڻو هو، سو پورو ڪري ۽ سڀ ڪم الله ڏانهن ئي موٽندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن مقابلي جي وقت الله توهان جي نظرن ۾ دشمنن کي ٿورو ڪري ڏيکاريو ۽ انهن جي نظرن ۾ توهانکي گهٽ ڪري پيش ڪيو، تان ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي، الله ان جو معاملو نباهي ڇڏي، جو نيٺ وڃي سمورا معاملا ته الله جي آڏو ئي پيش ٿيڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن مقابلي جي وقت الله توهان جي اکين ۾ دشمنن کي ٿورو ڏيکاريو ۽ انهن (ڪافرن) جي نگاهن ۾ توهان کي ٿورڙو ڪري پيش ڪيو ان لاءِ جا ڳالهه ٿيڻي هئي سا الله ظاهر ڪئي، ۽ سڀ معاملا الله ڏي ئي موٽن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن توهان ٻئي گروهه (ميدان جنگ ۾) هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيا تڏهن به الله تعالى توهان جي نظرن ۾ دشمن جي لشڪر کي ننڍو ڪري ڏيکاريو ۽ وري دشمنن جي نظر ۾ اوهان جي لشڪر کي به تمام ننڍو ڪري ڏيکاريائين (ته جيئن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي سامھون اچڻ لاءِ آسانيءَ سان آماده ٿين) اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ هو ته الله تعالى ان ڳالهه کي نافذ ڪري جنھن جو هن فيصلو ڪيو هو. (حقيقت هي آهي ته) هر معاملو الله تعالى ڏانھن ئي موٽ کائي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا لَقيتُم فِئَةً فَاثبُتوا وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 45) |
اي ايمان وارؤ! جڏھن ڪنھن (ڪافر) ٽوليءَ سان (جنگ ۾) مقابلو ڪريو تڏھن ثابت قدم رھو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! جڏهن (حملو ڪندڙن جي) ڪنهن ٽوليءَ سان اوهان جو مقابلو ٿئي تڏهن لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهو ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪيو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪامياب ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان جڏهن ڪافرن جي لشڪر کي سامهون ٿيو ته پوءِ ثابت قدم رهو ۽ الله جو ذڪر زياده ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهين ڪنهن لشڪر سان (جنگ ۾) آمهون سامهون ٿيو ته ثابت قدم رهو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪريو ته اوهين ڪامياب ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن مقابلو ڪيو ڪنهن جماعت سان پوءِ ثابت قدم رهو ۽ ياد ڪيو الله کي گهڻو تانت اوهان ڪامياب ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين ڪنهن جماعت سان (جنگ ۾ ) ؛مهون سامهون ٿيو ته ثابت قدم رهو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان ڪنهن لشڪر سان مقابل ٿيو ته پوءِ ثابت قدم رهو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مليا، جڏهن، جَٿي سان جونجھار، پوءِ ثابت ٻَڌو سَندرو، پڻ ساريو گھڻو ستار، اِن آسري آڌار، ته صحِي رسندؤ سوڀ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! جڏهن ڪنهن ٽولي سان مقابلو ڪريو، ته پير مضبوط رکو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو، اميد ته اوهين ڪامياب ٿيندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! جڏهن ڪنهن ٽولي سان توهانجو مقابلو ٿئي ته ثابت قدم رهو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو، اميد ته توهانکي ڪاميابي نصيب ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! توهان جو ڪنهن ٽولي سان مقابلو ٿئي ته ثابت قدم رهو ۽ ياد ڪريو الله کي ڪثرت سان، اميد ته توهان کي ڪاميابي ملندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان جو ڪافر ٽولي سان (جنگ ۾) مقابلو ٿئي ته ثابت قدم رهو ۽ الله تعالى کي خوب ياد ڪندا ڪريو ته جيئن توهان کي ڪاميابي حاصل ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلا تَنٰزَعوا فَتَفشَلوا وَتَذهَبَ ريحُكُم وَاصبِروا إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 46) |
۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو نه ته سست ٿيندؤ ۽ اوھان جي((اتفاق جي) بوءِ ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صابرن سان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله ۽ سندس رسول جو چوڻ مڃو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو (بي اتفاقي نه ڪيو، هڪ ٿي وڃو) ائين ڪندؤ (يعني پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾ ٻڌي نه ڪندؤ) ته توهان جون دليون هارجي وينديون ۽ اوهان جي طاقت هلي ويندي ۽ (مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾) صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي صبر ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ اختلاف نه ڪريو ورنه توهان جا حوصلا گھٽ ٿيندا ۽ توهان جي قوت گھٽ ٿيندي ۽ توهان صبر ڪريو، بيشڪ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ نه وڙهو (نه ته) اوهين همت هاري وهندو ۽ اوهان جي طاقت ويندي هلي ۽ جنگ جي تڪليف تي صبر ڪريو (ڇو جو) خدا ته پڪ صبر ڪرڻ وارن سان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ نه پاڻ ۾ تڪرار ڪيو پوءِ سست ٿي پوندؤ ۽ هلي ويندي هوا اوهان جي ۽ صبر ڪيو بيشڪ الله گڏ آهي صبر ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو نه ته بي همت ٿي پوندؤ ۽ اوهان جي طاقت ويندي هلي. ۽ صبر ڪريو. بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪيو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪيو نه ته بزدل ٿي پوندؤ ۽ توهان جي هوا هلي ويندي. (يعني طاقت ختم ٿي ويندي) ۽ صبر ڪيو. بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ربَّ ۽ سندسِ رسول جو، ڪريو چيو، چڱِيء چال، ۽ نه بِگڙو، پوءِ دِل ڀَڳ ٿيو، پوءِ ٿِيندان زور زوال، ۽ سَهو؛ ته سَهندنِ نال، ڀيڙو بارِي بادشاه.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو، پاڻ ۾ نه وڙهو، نه ته همت هاري وجهندؤ ۽ اوهان جي قوت هلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صبر ڪندڙن جو همراهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪريو ۽ پاڻ ۾ جهيڙو جهٽو نه ڪريو نه ته توهان ۾ ڪمزوري اچي ويندي ۽ توهان بي همت ٿي پوندؤ، صبر کان ڪم وٺو، بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي، ۽ جهيڙو نه ڪريو نه ته توهان ۾ پئدا ٿيندي ڪمزوري ۽ هوا نڪري ويندي، ۽ صبر ڪريو. بيشڪ الله ساٿي آهي صبر ڪرڻ وارن جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو، پاڻ ۾ جهڳڙو نه ڪريو ورنه جڳهڙي جي صورت ۾ توهان ڪمزور ٿي ويندا ۽ توهان جو رعب (به) ختم ٿي ويندو ۽ صبر کان ڪم وٺو، بيشڪ الله تعالى صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ خَرَجوا مِن دِيٰرِهِم بَطَرًا وَرِئاءَ النّاسِ وَيَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَاللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 47) |
۽ اوھين اُنھن (بدر وارن ڪافرن) وانگر نه ٿيو جيڪي پنھنجي ديس مان تڪبر سان ۽ ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ نڪتا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ لڳا، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيروڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (خبردار) انهن ماڻهن جهڙا نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان (لڙائي ڪرڻ لاءِ) آڪڙ ڪندي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ نمائش ۽ ڏيکاءُ ڪندي نڪتا ۽ جن جو حال هي آهي جو الله جي راه کان (سندس بندن کي) روڪين ٿا ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به عمل هي ماڻهو ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گهيرو ڪيو بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن ماڻهن وانگر نه هجو جيڪي پنهنجي گھرن مان تڪبر ۽ رِيا خاطر نڪتا ۽ اهي الله جي راه کان روڪين ٿا، ۽ (ڪافرن جا) سڀئي ڪم الله تعالى جي گرفت ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي پنهنجي گهرن مان آڪڙ سان ۽ ماڻهن کي ڏيکاريڻ لاءِ نڪتا ۽ الله جي رستي کان (ماڻهن) کي روڪين ٿا. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تن کي الله (جو هر طرح سان) گهيرو ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿجو انهن وانگر جو نڪتا گهرن پنهنجن مان تڪبر سان ۽ واسطي ڏيکارڻ ماڻهن جي ۽ روڪين پيا واٽ الله جي کان ۽ الله ان کي جو ڪن ٿا گهيراءُ ۾ رکندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي پنهنجن گهرن مان آڪڙ سان ۽ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نڪتا ۽ الله جي رستي کان روڪين ٿا. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن مثل نه ٿيو جيڪي پنهنجي گهرن مان وڏائي سان ۽ ماڻهن جي ڏيک ويک لاءِ نڪتا ۽ الله جي واٽ کان روڪن پيا. ۽ الله انهن ڪمن کي جيڪي ڪن ٿا گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن جِيئن نه ٿيو، ته سندنِ جاين مان، نڪتا، جي نڪار، اَجائـِي آڪڙ سان، مَنجھ ماڻهن، مُنهن نِهار، ۽ روڪِين ربَّ جي راه کان؛ ۽ صاحب ربَّ، ستار، جيڪِي ڪن ڪم ڪار، آھِ ڪُونڊو ڪندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن وانگر نه ٿيو، جي پنهنجي گهرن مان وڏائي ۽ ماڻهن کي ڏيکاءُ ڪندي ٻاهر نڪتا ۽ ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪيندا هئا، الله سندن عملن کي گهيرو ڪري ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جيڪي پنهنجن گهرن مان آڪڙبا ۽ ماڻهن کي پنهنجو شان ڏيکاريندا نڪتا هئا ۽ جن جي روش اها آهي ته الله جي رستي کان روڪيندا آهن. جيڪي ڪجهه به هو ڪن ٿا، سو الله جي پڪڙ کان ٻاهر نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اختيار نه ڪريو انهن ماڻهن وارو رنگ ڍنگ، جيڪي گهرن مان آڪڙجي نڪتا پنهنجو شان ڏيکاريندي پنهنجي ماڻهن کي ۽ سندن روش هيءَ آهي جو الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا، ۽ الله جي پڪڙ کان ڪو ٻاهر نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو جيڪي پنھنجي گهرن مان تڪبر ۽ ماڻهن کي شان ڏيکارڻ لاءِ نڪتا هئا. ( انهن جو هي ڪردار آهي ته) هو ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان روڪين ٿا. بيشڪ الله تعالى انهن جي هر عمل کي گهيرو ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ زَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم وَقالَ لا غالِبَ لَكُمُ اليَومَ مِنَ النّاسِ وَإِنّى جارٌ لَكُم فَلَمّا تَراءَتِ الفِئَتانِ نَكَصَ عَلىٰ عَقِبَيهِ وَقالَ إِنّى بَريءٌ مِنكُم إِنّى أَرىٰ ما لا تَرَونَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 48) |
۽ جڏھن شيطان سندن ڪرتوت اُنھن لاءِ سينگاريا ۽ (ڪافرن کي) کي چيائين ته اڄ ماڻھن مان ڪوبه اوھان تي غالب (ٿيڻو) نه آھي ۽ بيشڪ آءٌ اوھان جو واھرو آھيان، پوءِ جڏھن ٻئي لشڪر آمھون سامھون ٿيا ته (شيطان) پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڳو ۽ چيائين ته آءٌ اوھان کان بيزار آھيان تحقيق جيڪي مان ڏسان ٿو سو اوھين نٿا ڏسو تحقيق آءٌ الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو (واقعو به ياد رکو جو) شيطان (سراقه بن مالڪ) هنن جي عملن کي هنن جي نظر ۾ سهڻا ڪري ڏيکاريو هو ۽ چيو هو ته، اڄ ماڻهن ۾ ڪي به اهڙا ڪونه آهن جي توهان تي غالب پئجي سگهن ۽ مان توهان جو پشت پناه آهيان، پر جڏهن ٻئي فوجون (بدر وٽ) هڪٻئي جي مقابل ٿيون تڏهن پٺئين پير واپس ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، مان توهان کان بيزار آهيا. مان اهو ڪجهه ڏسي رهيو آهيان جو توهان نٿا ڏسو. مان خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا (بدعملن جي بدلي ۾) تمام سخت سزا وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن لاءِ شيطان سندن بداعمالي سينگاري ۽ شيطان چيو انهن ماڻهن (مسلمانن) مان ڪوبه اڄ توهان تي غالب نه ٿيندو ۽ بيشڪ آئون توهان جو مددگار آهيان، پوءِ جڏهن ٻئي فوجون هڪ ٻئي جي سامهون ٿيون ته شيطان (وعدي تان) ڦري ويو ۽ شيطان انهن کي چيو آئون توهان کان بيزار آهيان ۽ آئون اهو ڏسان پيو جيڪو توهان نٿا ڏسو، آئون ته الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن شيطان سندن ڪرتوتن کي سهڻو ڪري ڏيکاريو ۽ ڪَن ڀريائين ته ماڻهن مان اڄ ڪو به اهڙو نه آهي جيڪو توهان تي غالب ٿي سگهي ۽ آءُ اوهان جو مددگار آهيان. پوءِ جڏهين ٻنهين لشڪرن جو مقابلو ٿيو ته شيطان پوئين پيرين وٺي ڀڳو ۽ چوڻ لڳو ته آءُ اوهان کان بيزار آهيان. آءُ ته اهي شيون ڏسي رهيو آهييان جيڪي اوهان کي نٿيون سجهن. آءُ ته خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا تمام سخت عذاب وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن سينگاريو واسطي انهن جي شيطان عملن انهن جي کي ۽ چيائين ته ناهي ڪو غالب واسطي اوهان جي اڄوڪي ڏينهن ۾ ماڻهن مان ۽ بيشڪ مان واهرو آهيان واسطي اوهان جي پوءِ جڏهن آمهون سامهون ٿيا ٻئي لشڪر ته موٽيو کڙين پنهنجين تي ۽ چيائين بيشڪ مان بيزار آهيان اوهان کي بيشڪ مان ڏسان ٿو جيڪو اوهان نه ٿا ڏسو بيشڪ مان ڊڄان ٿو الله کان ۽ الله ڏاڍو آهي عذاب جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن شيطان انهن کي سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا ۽ چيائين ته اڄ ماڻهن مان ڪوبه اوهان تي غالب ٿيڻ وارو نه آهي، ۽ آءُ اوهان جو مددگار آهيان. پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي ڏٺو ته (شيطان) پنهنجن کڙين ڀر ڦريو ۽ چيائين ته آءَ اوهان کان بيزار آهيان، جيڪي اوهين نه ٿا ڏسو تنهن کي آءُ ڏسان ٿو. بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو ۽ الله جو عذاب سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن وقت شيطان سندن عمل انهن لاءِ خوشنما ڪري ڏيکاريا ۽ چيائين ته: ”اڄ ماڻهن مان ڪوبه اوهان تي غالب ٿيڻ وارو نه آهي ۽ بيشڪ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان“. پوءِ جڏهن ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا ته اُهو کُڙين ڀر ڦريو ۽ چيائين ته: ”بيشڪ آءٌ اوهان کان بيزار آهيان. يقيناً آءُ اُهو ڏسان پيو جيڪو اوهان نه پيا ڏسو. بيشڪ آءُ الله کان ڊڄان ٿو. ۽ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اُنهن جا ڪم، اُنهن لئي سِينگار يا شيطان، چي، اَڄ نه ڏاڍو ڏيہ ۾، ڪو اوهان کان اِنسان، آئون اوهان سان آهيان، جوڙِي وال جوان، جڏهن ڏِٺائين ٻه جوڙيون، ته کِسڪيو کِڙين ڀرخان، چي، آئون اوهان کان آهيان، بيزار بي گمان، آئون ڏِسان، جو اوهين نه ڏِسو، آئون دَهلان ڀَر دَيَّان، ۽ صاحب ربُّ، سُبحان، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر، جڏهن شيطان ڪافرن کي سندن عمل سهڻا ڪري ڏيکاريا ۽ چيائين ”ماڻهن مان اڄ اوهان تي ڪو به فتح نه پائيندو ۽ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان“ پر جڏهن ٻئي ٽولا مقابل ٿيا ته هو پوئين پير ڀڳو ۽ چيائين آءٌ اوهان کان بيزار آهيان، آءٌ اهو ٿو ڏسان، جو اوهين نٿا ڏسو- آءٌ ته الله کان ڊڄان ٿو ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو وقت به ڪجهه ياد ڪريو، جڏهن شيطان سندن ڪرتوت کين ڏاڍا سهڻا بڻائي ڏيکاريا ۽ کين چيائين ته اڄ ڪوبه توهان تي سوڀارو نه ٿو ٿي سگهي ۽ مان به توهانجي ڀــَـرِ جهليون بيٺو آهيان، مگر جڏهن ٻئي ٽولا دوبدو ٿيا ته وٺي پٺي ڏئي ڀڳو ۽ چوڻ لڳو ته منهنجو توهان سان ڪوبه واسطو ڪونهي، جيڪي مان ٿو ڏسان توهان نٿا ڏسو، مان الله کان ڊڄان ٿو ۽ الله ڏاڍي سخت سزا ڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سوچيو ان وقت جڏهن سهڻا ڪري ڏيکاريا شيطان انهن ماڻهن جا ڪرتوت سندن نگاهن ۾ ۽ کين چيو ته غالب نه ايندؤ ڪوبه اڄ توهان تي ماڻهن مان، ۽ آئون توهان سان گڏ آهيان، پر جڏهن ٻئي ٽولا آمهون سامهون ٿيا ته هو کُڙين ڀر پوئتي ڦري ويو ۽ چوڻ لڳو منهنجو توهان سان ساٿ ڪونهي، آئون اهو ڏسي رهيو آهيان جيڪو توهان نٿا ڏسو، مون کي خوف ٿئي ٿو الله جو، ۽ الله ڏاڍي سخت سزا ڏيندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن شيطان سندن ڪرتوتن کي سندن ئي سامھون سھڻو ڪري ڏيکاريو ۽ چيو ته (بس!) اڄ توهان تي ڪير به غالب نٿو ٿي سگهي ۽ (وڏي ڳالهه اها آهي ته) مان به توهان سان گڏ آهيان (اهڙي هام هڻڻ کان پوءِ) جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿيا ته شيطان پنھنجي کڙين تي زور ڏيئي وٺي پوئتي ڀڳو ۽ چيو ته (يارو!) هن وقت توهان سان منھنجو ڪو به واسطو نه آهي ڇو جو مان جيڪو ڏسي رهيو آهيان، اهو توهان نٿا ڏسي سگهو. هن مرحلي تي مون کي الله سائينءَ جو خوف ٿئي ٿو ۽ الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ غَرَّ هٰؤُلاءِ دينُهُم وَمَن يَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 49) |
(اُھو وقت ياد ڪريو) جنھن مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري ھئي تن چيو ته ھنن (مسلمانن) کي سندن دين ٺڳيو آھي، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو آھي ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري ڏسو ته) منافقن ۽ انهن ماڻهن جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوريءَ جو) مرض هو چيو هو ته، هنن مسلمانن کي سندن دين مغرور ڪري ڇڏيو آهي (يعني دين جو نشو ۽ جوش هنن کي وڏي لشڪر جي مقابلي لاءِ اڀاري رهيو آهي. هنن منافقن کي خبر ناهي ته مسلمانن جو ڀروسو الله تعاليٰ تي آهي) ۽ جيڪڏهن ڪوبه الله تعاليٰ تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ (سندس حمايت ۾) غالب پوڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن منافقن ۽ جن جي دلين ۾ مرض هو، هيءُ ٿي چيائون ته مسلمانن کي سندن دين مغرور ڪيو آهي، ۽ جيڪو ماڻهو الله تي توڪل ڪري ٿو پوءِ بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهو وقت هو) جڏهن منافق ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (ڪفر جو) روڳ آهي تن چيو ٿي ته هنن مسلمانن کي سندن دين ڌوڪو ڏنو آهي (جو وڏائي ڪندا گهمن ٿا) هوڏانهن جو شخص خدا تي ڀروسو ڪري ٿو (اهو غالب رهي ٿو ڇو ته) خدا بيشڪ غالب ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چون پيا منافق ۽ اهي جو دلين انهن جي ۾ بيماري آهي ته مغرور ڪيو آهي هنن کي دين انهن جي ۽ جيڪو توڪل ڪري ٿو الله تي پوءِ بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي تن چيو ٿي ته هنن کي سندن دين ڌوڪو ڏنو آهي ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي تن چيو ته هنن (مسلمانن) کي سندن دين مغرور ڪيو آهي. حالانڪه جيڪو الله تي ڀروسو ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ٻوليِن پِيا ٻِچا پڙا، ۽ جيٖ جن کي، منجھ جان، ته هُنن کي، دين هِنن جي، هَڻِي ڪيو حيران، جو رکي مَٿي رحمان، پوءِ سائين سَٻر، سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر، جڏهن منافقن ۽ دل جي بيماريءَ وارن چيو ٿي ته ”هنن مسلمانن کي سندن دين فريب ۾ وڌو آهي“ پر جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو، ته بيشڪ الله غالب ۽ داناءُ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن منافق ۽ اهي سڀئي ماڻهو جن جي دلين ۾ بيماري هئي، چئي رهيا هئا ته هنن ماڻهن کي ته سندن دين دوکو ڏنو آهي، حالانڪه جيڪو الله تي ڀاڙي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله ڏاڍو زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته چئي رهيا هئا منافق ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي دلين ۾ لڳل آهي روڳ، ته انهن ماڻهن کي جنوني بڻايو آهي سندن دين، پر جيڪڏهن توڪل ڪري ڪوبه الله تي، ته بيشڪ الله ڏاڍو زبردست ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( هيڏانهن مسلمانن جي لشڪر جي جنگ لاءِ روانگيءَ وقت) جڏهن منافقن ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (ايمان آڻڻ کان پوءِ جنگ کان ڊڄڻ جي ) بيماري هئي، تن چيو ته مسلمانن کي سندن دين جنون ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي (پر ٻئي طرف) جيڪو الله تعالى تي ڀروسو رکي ٿو (ان کي يقين آهي ته) بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو تَرىٰ إِذ يَتَوَفَّى الَّذينَ كَفَرُوا المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم وَذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 50) |
(اي ڏسندڙ) جيڪڏھن (اُنھي مھل) ڏسين جنھن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساہ ڪڍندا آھن (۽) سندن مُنھن ۽ پٺين کي سٽيندا ڪٽيندا آھن (ته عجب ڪرين) ۽ (چوندا اٿن ته ھاڻي) ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان (پنهنجي اکين سان) اها حالت ڏسو جڏهن فرشتا انهن ڪافرن جا روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۽ پٺيءَ تي ڌڪ هڻندا ۽ (چوندا ته اي ڪافرؤ) هاڻي چکو باه جي عذاب جو ذائقو (ته پوءِ توهان ڏسندڙن جو ڪهڙو حال ٿئي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن تون (اي مخاطب) ڏسين ها جڏهن ملائڪ، ڪافرن جو ساهه ڪڍي رهيا هئا، سندن منهن ۽ پٺن تي گرز هڻي رهيا هئا ۽ (ملائڪ چئي رهيا هئا) چکو توهان عذاب باه جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول تو کي عجب ٿئي ها) جيڪڏهن تون ڏسين ها، جنهن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساھ ڪڍن پيا ۽ سندن منهن ۽ انهن جي پٺين تي (گرز) هڻن پيا ۽ (کين چون پيا ته) ٻرندڙ باھ جو عذاب چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڏسين جنهن وقت وفات ڪرائيندا انهن شخصن کي جو ڪفر ڪيائون ملائڪ ڌڪ هڻندا منهن انهن جي کي ۽ پٺين انهن کي ۽ چکو عذاب ساڙيندڙ باهه جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (توکي عجب ٿئي ها) جيڪڏهن تون ڏسين ها، جنهن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ انهن جي منهن ۽ انهن جي پُٺين کي مارين ٿا ۽ (چون ٿا ته) ٻرندڙ باهه جو عذاب چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هائو جي تون ڏسين ها! جڏهن ملائڪ (مقتول) ڪافرن جو ساهه ڪڍن پيا ته انهن جي مُنهن ۽ پٺين کي مارن پيا ۽ (چون پيا ته) ”جلائيندڙ عذاب چکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي هُوند ڏِسِين حال تن، جي ڦِريا ڦيٽوڙا، پورو ڪندنِ پاڪ مَلڪ، وِجھندن وِڇوڙا، ۽ مُطرقن سان مُنهن، پُٺيون، سَٽي ڪندڙ سوڙها، چکو، پوءِ چوڙا، سَندا، سزا ساڙ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن تون تڏهن ڏسين، جڏهن ملائڪ ڪافرن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ سندن منهن ۽ پٺين تي ڌڪ هڻن ٿا ۽ (چون ٿا ته) ”چکو ساڙيندڙ باهه جو عذاب!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪر ته تون اها حالت ڏسي سگهين ها، جڏهن ملائڪ قتل ٿيل ڪافرن جا ساهه ڪڍي رهيا هئا. هو سندن منهن ۽ پنين تي ڌڪ هڻندا پئي ويا ۽ چوندا پئي ويا ته، "چڱو هاڻي ساڙيندڙ عذاب چکو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن تون اها حالت انهن ماڻهن جي ان وقت ڏسين ها جو قتل ڪيل ڪافرن جا روح ملائڪ قبض ڪري ۽ سندن منهن ۽ دڏن کي ڪٽيندا ٿي ويا ۽ چوندا پئي ويا ته اچو ۽ هاڻي باهه جي سزا چکي وٺو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪاش! توهان انهن (قتل ٿي ويل) ڪافرن جي حالت ڏسو ها جڏهن فرشتا سندن ساهه ڪڍي رهيا هئا، هو انهن جي چھرن ۽ پٺين کي ڪٽي رهيا هئا ۽ کين چئي رهيا هئا ته (هاڻي) ساڙيندڙ عذاب جو به مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 51) |
اِھو ھن سببان آھي جو جيڪي اوھان جي ھٿن اڳي موڪليو آھي ۽ بيشڪ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي حق جا دشمنؤ!) هي عذاب انهيءَ (بدعمليءَ) جو نتيجو آهي جنهن جو سامان خود اوهان جي هٿن اڳ ئي گڏ ڪري رکيو آهي. (توهان بدعمل ڪري پاڻ تي پاڻ عذاب اندو آهي) الله تعاليٰ ته ڪڏهن به پنهنجي بندن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو (عذاب) سندن بداعماليءَ جي سزا هئي ۽ بيشڪ الله تعالى (پنهنجي) ٻانهن تي ظلم ڪندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها (سزا) ان جي آهي جيڪي اوهان پنهنجي هٿن سان ڪيو آهي. ۽ خدا بندن تي ڪڏهين به ظلم نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو سببان ان جي جو اڳي موڪليو هٿن اوهان جي ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ واسطي ٻانهن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو انهن (ڪرتوتن) جي ڪري آهي جن کي اوهان جي هٿن اڳي موڪليو ۽ هن ڪري ته الله ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها (سزا) هن ڪري آهي جو جيڪي اوهان جي هٿن اڳتي موڪليو ۽ بيشڪ الله ٻانهن مٿان ظلم ڪندڙ نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَهنجي هٿن، اڳ حاج ڪئـِي، هِي اُن جو اَجر کَرو، ۽ ظالمِ ناھِ ذَرو، بارِي سندسِ بندن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو اوهان جي هٿن جي ڪمائيءَ سبب آهي ۽ بيشڪ الله بندن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها سزا اها آهي، جنهن جو بندوبست توهان جي پنهنجي هٿن اڳي ئي ڪري ڇڏيو هو، نه ته الله ته پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هيءَ اها ئي سزا آهي جنهن جو انتظام توهان جي هٿن اڳواٽ ڪيو، ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ پنهنجي بندن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي برا عمل توهان اڳ ۾ موڪليا هئا هي عذاب ان ڪري آهي، ورنه الله تعالى پنھنجي ٻانهڙن تي ظلم نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 52) |
(انھن جو حال) فرعونين ۽ انھن جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ھوا، (جو) الله جي آيتن کي نه مڃيائون پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، بيشڪ الله سگھارو سخت سزا ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو هو جي انهن کان اڳي ٿي گذريا تهڙو ئي (ظلم ُ فساد جو) دستور اوهان (مڪي وارن) جو آهي. هنن الله جي نشانين کي نه مڃيو ته الله به سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت وارو (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو نمونو فرعون جي لشڪر جهڙو آهي ۽ انهن ماڻهن جهڙو آهي جيڪي انهن کان اڳ ۾ ٿي گذريا، جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو پوءِ الله کين سندن گناهن سببان گرفتار ڪيو بيشڪ الله وڏي قوت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن ماڻهن جي حالت) قوم فرعون ۽ انهن ماڻهن جهڙي آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. ۽ خدا جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ته خدا به سندن گناهن جي بدلي انهن کي پڪڙيو. بيشڪ خدا زبردست ۽ تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (انهن جو حال) مثال طريقي تابعن فرعون جي ۽ انهن جي آهي جيڪي هيا اڳي انهن کان انڪار ڪيائون آيتن الله جي جو پوءِ پڪڙيو انهن کي الله سببان گناهن انهن جي بيشڪ الله قوي سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (انهن جو حال) فرعونين ۽ انهن کان اڳين جي حال جهڙو آهي، انهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو. پوءِ الله کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. بيشڪ الله طاقتور (۽) سندس سزا سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هي معاملو ساڻن ان طرح ٿيو) جيئن فرعونين ۽ انهن کان اڳين سان پيش ٿيندو رهيو آهي. جن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن سبب پڪڙيو. بيشڪ الله طاقت وارو ۽ سخت عذاب وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون وارن جِي، گَندِي گَت مِثال، پُڻ اُنهيان اڳي، جن نه مَڃيا، ربَّ جا، ڪَم ڪمال، پوءِ سَندنِ پاپن ۾، جَھليُنِ جَلَّ جَلال، بارِي سَگھو بحال، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن حال فرعونين ۽ انهن کان اڳين وانگر آهي. هنن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو، تنهنڪري الله کين سندن گناهن ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله زور وارو سخت عذاب ڏيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ائين ٿيو جيئن آل فرعون ۽ انهن کان اڳين ماڻهن سان پئي ٿيندو رهيو آهي، جو انهن الله جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ الله سندن گناهن سبب کين پڪڙيو، الله وڏيءَ سگهه وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) معاملو انهن سان آل فرعون وارن ۽ انهن کان اڳ وارن وانگر پيش آيو جو انڪار ڪيائون الله جي آيتن جو ۽ پڪڙي ورتو الله کين سندن گناهن جي ڪري، بيشڪ الله وڏي طاقت وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( ) انهن ماڻهن جي حالت به فرعون وارن ۽ ان کان اڳ گذري ويل ماڻهن وانگر آهي، (انهن سڀني به) الله تعالى جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پوءِ الله تعالى سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعالى وڏي طاقت وارو آهي ۽ عذاب ڏيڻ ۾ به سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ لَم يَكُ مُغَيِّرًا نِعمَةً أَنعَمَها عَلىٰ قَومٍ حَتّىٰ يُغَيِّروا ما بِأَنفُسِهِم وَأَنَّ اللَّهَ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 53) |
اھو ھن سببان آھي جو الله جا نعمت ڪنھن قوم کي عطا ڪندو آھي تنھن کي (اُھو) ايستائين ڪڏھن نه مٽائيندو آھي جيسين جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو (پاڻ نه) مٽائيندا آھن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ ڳالهه هن ڪري ٿي جو الله تعاليٰ جو مقرر قانون آهي ته جيڪا نعمت هو ڪنهن قوم کي عطا فرمائي ٿو سا وري ڪڏهن به نٿو بدلائي، جستائين انهيءَ قوم جا ماڻهو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائين). ۽ هن ڪري به جو الله تعاليٰ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جو سبب هي آهي ته جڏهن الله ڪنهن قوم تي پنهنجي نعمت ڪندو آهي اها نعمت ايستائين ختم نٿو ڪري جيستائين اُهي پاڻ نعمت کي ختم نٿا ڪن، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها (سزا) ان ڪري (ڏني وئي) جو جڏهن ڪا به نعمت خدا ڪنهن قوم کي ڏئي ٿو، جيستائين اهي ماڻهو خود پنهنجي قلبي حالت (نه ٿا) بدلائين خدا به ان کي نه بدلائيندو ۽ خدا ته پڪ (سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو سببان ان جي جو بيشڪ الله نه آهي ڦيرائيندڙ نعمت کي جو نعمت ڪيائين اها ڪنهن قوم تي تان جو ڦيرائين پاڻ انهيءَ کي جو سندن سرن سان آهي ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري آهي جو الله جيڪا به نعمت ڪنهن قوم کي ڏني آهي تنهن کي بدلائڻ وارو نه آهي جيستائين جيڪا سندن حالت آهي تنهن کي اهي نه بدلائين ۽ هن ڪري ته الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو الله ڪنهن به قوم کي ڪا نعمت انعام ڪئي ته پوءِ ان کي (ايستائين) بدلائڻ وارو نه آهي جيستائين جيڪا سندن حالت آهي تنهن کي اُهي خود نه بدلائن ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهو اِنهي ڪاڻ، ته ڏاتار، نه ڦيري ڏات کي، جا ڪيائين ڪِنهن قوم تي؛ جا سين نه ڦيريْنِ پاڻ، جيڪِي سائين سَهنج ڪيا، سندنِ جِندن ساڻ، ۽ سُڻندڙ ربُّ، سُڄاڻ، پڻ سَمجھندڙ سَڀ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو الله جيڪا نعمت ڪنهن قوم کي ڏيندو آهي ته، هو تيسين ان کي نه بدليندو آهي، جيسين هو پنهنجي حالت کي پاڻ نه بدلين ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله جي انهيءَ سنت مطابق ٿيو، جو ڪائي نعمت جيڪا هن ڪنهن قوم کي عطا ڪئي هجي، تيستائين نه بدلائيندو آهي جيستائين اها قوم پنهنجو پاڻ ان کي نٿي بدلائي. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي الله جي ان سنت مطابق آهي ته هو جيڪا نعمت ڪنهن قوم کي عطا ڪندو آهي، ته نه بدلائيندو آهي ڪنهن کي جيستائين اها پاڻ نه ٿي بدلائي، ۽ بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي جو) الله تعالى ڪنھن به قوم کي پنھنجي ڏنل نعمت ان وقت تائين نه بدلائيندو آهي، جيستائين هو پنھنجي حالت کي پاڻ نه بدلائين . بيشڪ الله تعالى خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَغرَقنا ءالَ فِرعَونَ وَكُلٌّ كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 54) |
(انھن جو حال) فرعونين ۽ پڻ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جھڙو آھي، (جو) پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتائون تنھنڪري انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون، مڙئي ظالم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو، جي انهن کان اڳي ٿي گذريا اهڙو ئي دستور (فسق جو) اوهان جو به آهي. هنن پنهنجي پروردگار جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ته اسان کين سندن گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيو ۽ فرعون جي ماڻهن کي (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهي سڀ ظالم هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو نمونو فرعون جي لشڪر جهڙو آهي ۽ انهن ماڻهن جهڙو آهي جيڪي انهن کان اڳ ۾ ٿي گذريا، جن الله جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن سببان هلاڪ ڪيو ۽ الله تعالى فرعون جي لشڪر کي غرق ڪيو، ۽ اهي سڀ ظالم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن ماڻهن جي حالت) فرعوني قوم ۽ انهن وانگر آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. ۽ پنهنجي پالڻهار جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا هئا ته اسان به سندن گناهن جي سبب انهن کي تباھ ڪيو ۽ فرعون جي قوم کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ (اهي) سڀيئي ظالم هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (انهن جو حال) فرعون جي تابعن ۽ انهن جهڙو آهي جيڪي انهن کان اڳ هيا ڪوڙو چيائون آيتن رب پنهنجي جي کي پوءِ هلاڪ ڪيوسون انهن کي سببان گناهن انهن جي ۽ ٻوڙيوسون تابعن فرعون جي کي ۽ مڙئي هئا ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعونين ۽ انهن کان اڳين جي حال وانگر (انهن جو حال آهي). انهن پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين کي ڪوڙو چيو پوءِ انهن کي سندن گناهن جي ڪري برباد ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون. ۽ (اُهي) سڀئي ظالم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعونين ۽ انهن کان اڳين جي حال وانگر. انهن پنهنجي پالڻهار جي آيتن کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي سندن گناهن سبب هلاڪ ڪيو ۽ اسان فرعونين کي ٻوڙيو اُهي سڀ ظلم ڪرڻ وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون وارن جِي، مَٺِيءَ چال مِثال، پڻ اُنهن کان اَ ڳيان؛ جن ڪوڙا چيا ڪالھ، سندنِ سائينءَ پاڪ جا، ڪيڏا ڪم ڪمال، پوءِ مايوسونِ مورهين، سندنِ نالائـِقين نال، ٻوڙي چڏيوسونِ ٻار ۾، فِرعون سندو آل، ۽ جاڙون ڪندڙ جال، مِڙئـِي هُئا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن حال فرعونين ۽ انهن کان اڳين جهڙو آهي. انهن پنهنجي رب جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان کين سندن گناهن ڪري ناس ڪيو ۽ فرعونين کي ٻوڙيو- اُهي سڀ ظالم هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آلِ فرعون ۽ انهن کان اڳ ٿي گذريل قومن سان به جيڪي ڪجهه پيش آيو، اهو انهيءَ سنت مطابق هو. انهن پنهنجي رب جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو ته پوءِ اسان به سندن گناهن جي ڪري کين ناس ڪري ڇڏيو ۽ آل فرعون کي ته ٻوڙي ڇڏيوسين، اهي سڀئي ظالم ماڻهو هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڪجهه پيش آيو آلِ فرعون ۽ ان کان اڳين قومن کي، جو انهن ڪوڙو چيو پنهنجي رب جي آيتن کي ته اسان کين سندن گناهن جي سزا ۾ ناس ڪيو، ۽ غرق ڪيو آلِ فرعون (سڀني) کي، ۽ اهي سڀ ئي ماڻهو ظالم هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي حالت به فرعون وارن ۽ ان کان اڳ گذريل ماڻهن وانگر آهي جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ اسان کين سندن ئي گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيوسين ۽ فرعونين کي غرق ڪري ڇڏيوسين (ڇوته) هو سڀ ظالم ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ شَرَّ الدَّوابِّ عِندَ اللَّهِ الَّذينَ كَفَروا فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 55) |
جاندارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن پوءِ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله تعاليٰ جي نظر ۾ بدترين چوپايا جانور اهي (انسان) آهن جن ڪفر جي واٽ ورتي. پوءِ اهي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ بدترين جانور الله تعالى وٽ اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اهي ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي خدا وٽ جانورن مان ڪافر سڀني کان بڇڙا آهن ته (ان هوندي به) وري ايمان نٿا آڻين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ بدترين جانور الله وٽ اهي آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اهي نه ٿا ايمان آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀني جانورن مان زياده بڇڙا الله وٽ اُهي آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اهي ايمان نه ٿا آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله وٽ سڀ جاندارن مان بُرا اُهي (ماڻهو) آهن جن ڪفر ڪيو پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَهِٽ بُڇڙا واحد وٽ، جن ڪئـِي ڪُفر جِي ڪار، پوءِ اُهي، نه مَڃين مُورهين؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله وٽ سڀ کان بڇڙي مخلوق ڪافر آهن، اهي ته ايمان ئي نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله جي نظر ۾ زمين ۾ چرندڙ پرندڙ مخلوق مان وڌ ۾ وڌ خراب اهي ماڻهو آهن، جن حق جي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڪنهن به صورت ۾ انکي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله جي نظر ۾ زمين تي هلڻ واري مخلوق مان وڌيڪ بڇڙا اهي ماڻهو آهن جن انڪار ڪيو حق جو ۽ ڪڏهن به حق مڃڻ لاءِ تيار نه آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى جي نزديڪ سڀني کان بدترين قسم جا جانور اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو تنهنڪري هي ماڻهو ايمان نه ٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ عٰهَدتَ مِنهُم ثُمَّ يَنقُضونَ عَهدَهُم فى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُم لا يَتَّقونَ (آيت : 56) |
انھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي پوءِ وري ھر ڀيري پنھنجو انجام ڀڃيندا آھن ۽ اُھي نه ڊڄندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن سان تو (صلح جو) عهدنامون ڪيو هو، تن اهو عهدنامو ٽوڙيو ۽ وري وري عهدناما ڪري ٽوڙيندا رهيا ۽ (اهڙي بد هلت جي نتيجن کان) ڊڄن به ڪونه ٿا (نه خدا کان ٿا ڊڄن نه انسانن کان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن سان توهان (ڪيترا ڀيرا) وعدو ڪيو پوءِ هر دفعي اهي ماڻهو وعدو ٽوڙين ٿا ۽ اهي الله کان نٿا ڊڄن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جن ماڻهن سان تو معاهدو ڪيو هو، اهي ماڻهو پنهنجو انجام سڀ ڪنهن ڀيري ڀڃن ٿا ۽ وري (خدا کان) نه ٿا ڊڄن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو معاهدو ڪيو تو انهن سان تنهن کان پوءِ ٽوڙين ٿا عهد پنهنجو هر ڀيري ۽ اهي نه ٿا ڊڄن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (ڪافر) جن سان تنهنجو معاهدو ٿيو پوءِ اهي پنهنجو انجام سڀڪنهن ڀيري ڀڃن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو آهن جن سان تو معاهدو ڪيو پوءِ هر ڀيري پنهنجو معاهدو ٽوڙن ٿا ۽ اُهي نه ٿا ڊڄن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن سان ٻڌئـِي ٻول ٻِيهار، وَرِي واعِدا پنهنجا، ڀَڃن بار بار، ۽ اُهي اِختيار، پَر نه ڪَن پرهيز جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن سان اوهان عهد ناما پئي ڪيا آهن، پوءِ هنن هر ڪنهن دفعي سندن عهد پئي ٽوڙيا آهن ۽ هو ڊڄن نٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (خاص ڪري) انهن مان اهي ماڻهو جن سان تو معاهدو ڪيو، پوءِ اهي هر ڀيري ان کي ڀڃن ٿا ۽ الله جو ڪوبه خوف نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن سان تو معاهدو ڪيو جن سان اهي هر موقعي تي ان کي ٽوڙيندا رهن ٿا ۽ ذرو به (خدا جو) خوف نٿا ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن جي حالت اها آهي جو توهان انهن سان ڪيترائي معاهدا ڪري چڪا آهيو پوءِ به هو هر ڀيري پنھنجي ڪيل معاهدن کي ٽوڙي ڇڏين ٿا هي ماڻهو (معاهدا ٽوڙڻ وقت الله تعالى کان) ڊڄندا ئي نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِمّا تَثقَفَنَّهُم فِى الحَربِ فَشَرِّد بِهِم مَن خَلفَهُم لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 57) |
پوءِ جيڪڏھن لڙائيءَ ۾ کين لھين ته (انھن کي اھڙي سزا ڏي جنھن جي ڪري) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄاءِ ته مانَ اھي ياد ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري (هاڻي گهرجي ته جهڙي هلت پاڻ وٺن تهڙي تون به وٺ) جيڪڏهن تون هنن کي لڙائيءَ ۾ موجود ڏسين ته کين اهڙي سزا ڏي جو جيڪي ماڻهو هنن جي پٺ ۾ آهن (يعني سندن حمايتي مڪي جا مشرڪ) تن کي ڀڄندو ڏسي پاڻ به ڀاڄ شروع ڪن ۽ ممڪن آهي ته (انهيءَ شڪست ۽ سزا مان) عبرت وٺن (۽ آئينده لاءِ صلح ۾ رهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کي ميدانِ جنگ ۾ ملن پوءِ انهن کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو ته جيڪي انهن جي پويان آهن من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اهي جنگ ۾ تو کي هٿ لڳن ته (کين اهڙي گوشمالي ڏين جو) هنن سان گڏ انهن ماڻهن کي به سزا ڏي جيڪي سندن پٺيان هجن ته جيئن اهي سبق سکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن لهين انهن کي جنگ ۾ ته پوءِ ڀڄاءِ انهن سان انهن کي جو پويان انهن جي آهن تانته اهي نصيحت وٺن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي (انجام ڀڃڻ جي وبال کان) نه ٿا ڊڄن. پوءِ جيڪڏهن اهي جنگ ۾ تنهنجي هٿ اچن ته پوءِ کين سزا ڏيڻ سان انهن کي ڀڄاءِ جيڪي سندن پٺيان آهن ته مَنَ اهي ياد رکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن تون انهن کي جنگ ۾ لهين ته (انهن کي اهڙي عبرتناڪ سزا ڏي جو) ان جي ذريعي انهن جي پوين کي ڀڄائي (ڇڙوڇڙ ڪري) ڇڏ. من اُهي نصيحت حاصل ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي پَڪڙِين کِين، جنگ ۾، ته وِجھ ويڇون ، تن ساڻ، جي پويان سندنِ پاڻ، تان ساڱائينِ مانَ سي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن تون انهن کي لڙائيءَ ۾ قابو ڪرين، ته انهن جي وسيلي سندن پوين کي ڇڙوڇڙ ڪر ته من اهي نصيحت پرائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي لڙائيءَ ۾ هٿ اچي وڃن ته انهن سان اهڙي ڪار ڪجانءِ، جو انهن جي پويان جيڪي ٻيا ائين ڪرڻ وارا هجن ته اهي به ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ته مـَـنَ ڪو ائين سبق پرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪڏهن توکي ملي وڃن لڙائي ۾، ته انهن جي اهڙي خبر وٺجان جو ٻين جا حواس خطا ٿي وڃن، ٻيا ان مان سبق وٺندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن جنگ ۾ ڪڏهن هي ماڻهو تنھنجي واري ۾ اچن ته کين اهڙي سزا ڏي جو سندن پويان ايندڙ نسل به وائڙي ٿي وڃي، (يا سندن ڪن کڙا ٿي وڃن) ٿي سگهي ٿو هو ان مان نصيحت حاصل ڪن (۽ سڌري وڃن). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِمّا تَخافَنَّ مِن قَومٍ خِيانَةً فَانبِذ إِلَيهِم عَلىٰ سَواءٍ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الخائِنينَ (آيت : 58) |
۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (انجام ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين ته اُنھن ڏانھن (سندن انجام) پوري ٿيڻ مھل بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇوته الله خيانت ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن ڪو ٽولو (اهڙي هلت وٺي جو)انهن کان اوهان کي دغا جو انديشو ٿئي ته اوهان کي گهرجي ته انهن جو عهدنامو انهن کي اڇلائي ڏيو ته ٻئي طرف هڪ جهڙي حالت ۾ ٿي وڃن. (يعني ائين نه ٿئي جو اوچتو عهد ٽوڙي حملي ڪجي جيئن مخالفن کي لڙائي وغيره جي تياريءَ جي مهلت ۽ وقت ئي نه ملي) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن کي هرگز پسند نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪنهن قوم مان خيانت جو انديشو آهي ته پوءِ سندن معاملو سٺي طريقي سان واپس ڪريو، بيشڪ الله، خيانت ڪندڙن سان محبت نٿو رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تو کي ڪنهن قوم جي خيانت (انجام ٽوڙڻ) جو خوف هجي ته تون به انهن ڏي (سندن معاهدي کي) اڇلي ڇڏ (انجام ٽوڙڻ سان انجام ٽوڙيو). بيشڪ خدا دغابازن کي پسند نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن انديشو ڪرين ڪنهن قوم مان خيانت جو ته پوءِ اڇلاءِ انهن ڏانهن برابريءَ (جي بنياد) تي بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي خيانت ڪندڙن سان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم جي دغابازيءَ کان ڊپ ٿئي ته تون انهن ڏي (سندن معاهدي کي) اهڙي طرح اڇل جيئن تون ۽ اهي برابر ٿي وڃو. بيشڪ الله دغابازن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تو کي ڪنهن قوم جي خيانت جو خدشو هجي ته انهن جو معاهدو انهن ڏانهن برابري جي بنياد تي اڇلائي ڇڏ. بيشڪ الله خيانت ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڀانئـِين ڀَو، ڪِنهن قوم کان، ڀَڃڻ اُنهن اَنجام، ته اُڇل وَرِي اُنهن ڏي، مُنهن مُقابِل ڄام!، خِيانتِي، جي خام، سي پَڪ نه وَڻن، ربَّ پاڪ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن قوم جي ڪپت جو انديشو هجي، ته برابريءَ طرح سندن عهدنامي تان هٿ کڻي ڇڏ. بيشڪ الله ڪپت ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توکي ڪنهن قوم کان خيانت جو ڊپ هجي ته سندس معاهدو کليو کلايو اڇلائي هڻينِ، بيشڪ الله خيانت ڪندڙن کي پسند نه ڪندو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪنهن خيانت جو انديشو هجي ڪنهن قوم مان، ته انهن جي معاهدن کي اعلان سان سندن اڳيان ڦٽو ڪر، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري خيانت ڪندڙن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪنھن قوم جي معاهدي جي خلاف ورزيءَ جو انديشو هجي ته اهو معاهدو وڏي واڪي سندس منھن ۾ هڻي ڇڏيو. بيشڪ الله تعالى خيانت ڪرڻ وارن کي پسند ئي نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا سَبَقوا إِنَّهُم لا يُعجِزونَ (آيت : 59) |
۽ ڪافر (ايئن) نه ڀائين ته (ڪو) اڳرائي ڪيائون، بيشڪ اُھي نه ٿڪائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي ائين نه سمجهن ته بازي کڻي ويا. هو ڪڏهن به (حق جي پيروي ڪندڙن کي) عاجز ۽ هيڻو ڪري نه سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان هرگز نه سمجھو ته ڪافر (جنگِ بدر ۾) بچي ويا، بيشڪ اهي الله کي عاجز ڪري نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافر هرگز خيال نه ڪن ته اهي (مسلمانن کان) اڳيان وڌي ويا (ڇو ته) اهي ڪڏهين به (مسلمانن کي) عاجز ڪري نه سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه سمجهن اهي شخص جو ڪفر ڪيائون، ته اڳتي وڌي ويا.يشڪ اهي نه عاجز ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافر هرگز خيال نه ڪن ته اهي اڳي وڌي ويا. بيشڪ اهي عاجز ڪري نه سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ڪفر ڪيو سي اُهو گمان نه ڪن ته اُهي (بچي) اڳتي نڪري ويا. بيشڪ اُهي (الله کي) عاجز ڪري نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪل نه ڀانئـِين ڪِين ڪِي، جي ڦِريا کان فرمان، ته ڪَسر ٿِيا ڪُفران، ڪَس نه ڪَسِيرو، ڏينِ سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر ائين نه سمجهن ته هو بچي ويا، هو الله کي عاجز ڪري نٿا سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حق جا منڪر ائين نه سمجهن ته هو گوءِ کڻي ويا، بيشڪ هو اسانکي شڪست ڏيئي نٿا سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ نه رهن حق جا منڪر ته هُو گوءِ کڻي ويا، بيشڪ هو اسان کي شڪست ڏئي نٿا سگهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر ايئن نه سمجهن ته هو (توهان جي مٿان) حاوي ٿي ويا آهن. هو (توهان کي) ڪڏهن به ڪمزور نٿا ڪري سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَعِدّوا لَهُم مَا استَطَعتُم مِن قُوَّةٍ وَمِن رِباطِ الخَيلِ تُرهِبونَ بِهِ عَدُوَّ اللَّهِ وَعَدُوَّكُم وَءاخَرينَ مِن دونِهِم لا تَعلَمونَهُمُ اللَّهُ يَعلَمُهُم وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فى سَبيلِ اللَّهِ يُوَفَّ إِلَيكُم وَأَنتُم لا تُظلَمونَ (آيت : 60) |
۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو) جيتري قدر ئي ٿي سگهي اوتري قدر پاڻ ۾ قوت پيدا ڪري ۽ گهوڙا (جنگ لاءِ) تيار رکي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجو (جنگ جو) سامان تيار ڪندا رهو. ڇو ته اهڙيءَ طرح تيار رهڻ سان اوهان الله جي دشمن ۽ پنهنجي دشمنن تي پنهنجو ڌاڪو ۽ رعب ڄمائيندؤ ۽ پڻ انهن ماڻهن کان علاوه ٻين تي ڌاڪو ڄمائيندؤ، جن جي توهان کي خبر ناهي (ته اوهان جا دشمن آهن) الله تعاليٰ انهن کي ڄاڻي ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله جي راهه ۾ (يعني جهاد جي تياريءَ ۾) توهان جيڪو به خرچ ڪندؤ سو توهان کي پورو پورو ملي ويندو ۽ اوهان جو حق هرگز تلف نه ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي توفيق موجب انهن ڪافرن لاءِ هر قسم جا هٿيار پنهوار ۽ گھوڙا تيار رکو توهان ڊيڄاريو انهن (هٿيارن) سان الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي علاوه ازين ٻين ماڻهن کي جن کي توهان نٿا ڄاڻو، الله انهن کي ڄاڻي ٿو، ۽ الله جي راه ۾ توهان جيڪا شيءِ خرچ ڪندا ان جو توهان کي پورو پورو اجر ملندو ۽ توهان سان ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) جيڪي اوهان کان هٿيارن ۽ پاليل گهوڙن مان ٿي سگهي سو انهن (سان جنگ ڪرڻ) لاءِ تيار ڪريو. ان سان اوهين خدا جي دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن تي ڌاڪ وهاريو ۽ انهن کان سواءِ ٻين تي (به) جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، (پر) خدا جي راھ ۾ خرچ ڪندو سو اوهان کي پورو ڏنو ويندو ۽ اوهان تي ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تيار ڪيو واسطي انهن جي اهو جو ڪري سگهو طاقت ۽ گهوڙن ٻڌڻ مان ڊيڄاريو ان سان دشمن الله جي کي ۽ دشمن پنهنجي کي ۽ ٻين کي سواءِ انهن جي جو نه ٿا ڄاڻو انهن کي.لله ڄاڻي ٿو انهن کي اها جوخرچ ڪندؤ ڪابه شيءِ واٽ الله جي ۾ ته پورو بدلو ڏنو ويندو.وهان جي لاءِ ۽ اوهان نه ظلم ڪيا ويندو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اوهان کان هٿيارن ۽ پاليل گهوڙن مان ٿي سگهي سو انهن (سان جنگ ڪرڻ) لاءِ تيار ڪريو، ان سان اوهين الله جي دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن کي ڊيڄاريندؤ، ۽ انهن کانسواءِ ٻين کي (به) جن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو، الله انهن کي ڄاڻي ٿو. جو ڪجهه الله جي رستي ۾ خرچ ڪندو سو اوهان کي پورو ڏنو ويندو ۽ اوهان تي ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (سان مقابلي) لاءِ جيتري قدر ٿي سگهي تيار رکو (اسلحي جي) قُوّت ۽ (ٿَانَ تي) تيار ٻَڌَلَ گهوڙا. جن جي ذريعي اوهان الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن تي ڌاڪو ڄمايو ۽ انهن کان سواءِ ٻين کي به جن کي اوهان نه ٿا ڄاڻو، الله انهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ اوهان جا شيءِ به الله جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ اوهان کي ان جو پورو اجر ڏنو ويندو ۽ اوهان سان نا انصافي ڪونه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُهچي سَگهيا جنهن کي، سوتن لئي رکو تيار، طاقت جنگ جِھاد جِي، ۽ سَرحد تي سُوار، دُشمن ڊِيڄاريو تن سان، پَنهنجا، ڪِ پالڻهار، ۽ ٻِيا، نه ٻُجھو جن کي، ٻُجهي ڌڻِي، تن ڌار؛ ۽ جو خرچيو ربَّ جي راه ۾، سو مِلندان پُورا پار، ۽ اَوهان سان آخرڪار، ظُلم ذَرو ڪِين ڪَبو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيترو ٿي سگهيوَ ته هٿيارن ۽ پاليل گهوڙين سان جنگي سامان تيار رکو ۽ ان جي وسيلي پنهنجو رعب الله جي ۽ اوهان جي دشمنن تي ڄمائي رکو ۽ انهن کانسواءِ ٻيا به آهن جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، پر الله کين ڄاڻي ٿو. جيڪي به الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ٿا، اهو اوهان کي پورو پورو ملندو، اوهان لاءِ ڪا به ڪمي نه ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهانجو جيتريقدر وس پڄي ته توهان وڌ ۾ وڌ طاقت ۽ تيار ڪري ٻڌل گهوڙا سندن مقابلي لاءِ گڏ ڪري رکو، تان ته انهن جي وسيلي الله جي ۽ پنهنجي دشمنن کي ۽ انهن ٻين دشمنن کي ڀؤ ۾ رکو، جن کي توهان نٿا ڄاڻو مگر الله ڄاڻي ٿو. الله جي راهه ۾ جيڪي به خرچ ڪندؤ، انهيءَ جي صحيح موٽ توهانکي موٽائي ويندي ۽ توهانتي ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان ماڻهو جيترو وس هلي، وڌ ۾ وڌ طاقت (کي گڏ ڪيو) ۽ تيار ٻڌل گهوڙا انهن جي مقابلي ۾ موجود رکو، جيئن انهن جي ذريعي الله جي دشمنن ۽ توهان جي دشمنن کي ڊيڄاريو جن کي توهان نٿا ڄاڻو، پر الله ته انهن کي ڄاڻي ٿو، ۽ جيڪو به خرچ ڪندا جنهن به شيءِ جو الله جي راهه ۾، ان جو پورو اجورو توهان ڏانهن موٽايو ويندو، ۽ توهان سان هرگز ظلم نه ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پنھنجي وس آهر انهن دشمنن لاءِ (افرادي توڙي هٿيارن جي صورت ۾) طاقت سان ۽ خوب پاليل گهوڙن جي شڪل ۾ هميشه تيار رهندا ڪريو ته جيئن ان (طاقت) جي ذريعي الله تعالى جي دشمنن، پنھنجي دشمنن ۽ ٻين لڪيل دشمنن کي هيسائي سگهو، اهڙن لڪيل دشمنن کي توهان نٿا سڃاڻو پر الله تعالى کين سڃاڻي ٿو ۽ توهان الله تعالى جي راهه ۾ جيڪو به خرچ ڪندا، ان جو توهان کي پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ توهان سان ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن جَنَحوا لِلسَّلمِ فَاجنَح لَها وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (دشمن) صلح جي طرف جهڪن ته اوهان کي گهرجي ته اوهان به صلح جي طرف جهڪو ۽ (هر حال ۾) الله تي ڀروسو رکو (ته) بيشڪ اهوئي الله آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي توهان کي صلح جي آڇ ڪن پوءِ توهان انهن سان صلح ڪريو ۽ الله تي توڪل ڪريو، بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ڪافر صلح جو خيال ڪن ته تون به ان جو خيال ڪر. ۽ خدا تي ڀروسو ڪر! بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن لاڙو ڪن واسطي صلح جي ته پوءِ لاڙو ڪر واسطي ان جي ۽ توڪل ڪر الله تي بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اهي صلح جو خيال ڪن ته تون به ان جو خيال ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر! بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اهي صلح لاءِ جُهڪن ته تون به انهن (ڏانهن صلح) لاءِ جُهڪ ۽ الله تي ڀروسو رک. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي جُھڪيا صُلح لئي، پوءِ اُن لئي جُھڪ، ۽ رک بارِي مٿي بار، سُڻندڙ ربُّ، ستار، سَمجھندڙ سڀ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي اُهي صلح لاءِ جهڪن ته تون به ان لاءِ جهڪ، ۽ الله تي ڀروسو رک- بيشڪ اهو ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! جيڪڏهن دشمن صلح ڏانهن جهڪن ته تون به ان لاءِ آماده ٿيءُ ۽ الله تي ڀروسو رک، بيشڪ اهوئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) دشمن سلامتي ۽ صلح ڏي مائل ٿين ته تون به مائل ٿي وڃ ۽ ڀروسو رک الله تي، بيشڪ اهوئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو صلح لاءِ راضي ٿين ته تون به صلح لاءِ تيار ٿي ۽ توهان الله تعالى تي ڀروسو رکو، بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يُريدوا أَن يَخدَعوكَ فَإِنَّ حَسبَكَ اللَّهُ هُوَ الَّذى أَيَّدَكَ بِنَصرِهِ وَبِالمُؤمِنينَ (آيت : 62) |
۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن هنن جو ارادو هي هجي ته توکي ڌوڪو ڏين ته (به فڪر ناهي) الله تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي. اهوئي آهي جنهن پنهنجي مددگاريءَ سان ۽ مؤمنن (جي همراهيءَ) سان تنهنجي تائيد ڪئي (۽ قوت پيدا ڪري فتح ڏني).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي توهان کي ڌوڪي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا پوءِ بيشڪ الله توهان لاءِ ڪافي آهي، الله اهو آهي جنهن توهان کي پنهنجي مدد سان ۽ مؤمنن جي مدد سان مضبوط بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ڪافر تو کي فريب ڏين ٿا ته ڪجھ پرواھ ناهي) پوءِ بيشڪ خدا تو لاءِ ڪافي آهي. (اي رسول!) اهو ئي ته اهو (خدا) آهي جنهن پنهنجي خاص مدد ۽ مومنن سان تنهنجي تائيد ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ارادو ڪن هي ته ڌوڪو ڏين توکي پوءِ تحقيق ڪافي آهي تولاءِ الله، اهوئي آهي جو تائيد ڪيائين تنهنجي مدد پنهنجيءَ سان ۽ مؤمنن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن توکي دغا ڏيڻ گهرن ٿا ته پوءِ بيشڪ الله تولاءِ ڪافي آهي. هو اُهو آهي جنهن توکي پنهنجي مدد سان ۽ ايمان وارن سان طاقت ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تو کي دوکو ڏيڻ چاهن ته پوءِ بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آهي. اُهو ئي آهي جنهن تو کي پنهنجي مدد جي ذريعي ۽ مؤمنن جي ذريعي طاقت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ٺڳڻ گُھرن توکي، پوءِ هادِي بَس، توهار، جنهن پَنهنجي مدد، ۽ مؤمن سان، طاقت ڏِنـئـِي تڪرار؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي توکي دوکي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا، ته الله تولاءِ ڪافي آهي، اهو ئي آهي جنهن پنهنجي ۽ مؤمنن جي مدد سان تنهنجي مدد ڪئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن هنن جي نيت توکي دوکي ڏيڻ جي آهي ته پوءِ تو لاءِ الله ڪافي آهي. اهوئي ته آهي جنهن پنهنجي مدد سان ۽ مؤمنن جي وسيلي توکي سهارو ڏنو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي اهي توهان سان دوکي جو ارادو رکندا هجن ته بيشڪ تنهنجي لاءِ الله ڪافي آهي، اهو ئي ته آهي جنهن پنهنجي مدد سان مؤمنن جي وسيلي تنهنجي تائيد ڪئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هو توکي ڌوڪو ڏيڻ جو سوچين ته (پريشان نه ٿي) بيشڪ تنھنجي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي جنھن تنھنجي (ملائڪن جي ذريعي پنھنجي غيبي) مدد ۽ ( ظاهري طرح) مؤمنن جي ذريعي حمايت ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِهِم لَو أَنفَقتَ ما فِى الأَرضِ جَميعًا ما أَلَّفتَ بَينَ قُلوبِهِم وَلٰكِنَّ اللَّهَ أَلَّفَ بَينَهُم إِنَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 63) |
۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين ۾ ميلاپ ڏنائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين ۾ ميلاپ ڏئي نه سگھين ھا پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنون، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي آهي جنهن مومنن جي دلين ۾ هڪٻئي لاءِ الفت ۽ محبت پيدا ڪري ڇڏي. جيڪڏهن تون اهو سڀ ڪجهه خرچ ڪرين جو روءِ زمين تي آهي ته به هنن جي دلين کي الفت ۽ محبت ۾ ڳنڍي نه سگهين ها. پر اهو الله ئي آهي جنهن منجهن الفت ۽ محبت پيدا ڪئي، بيشڪ هو (پنهنجي ڪمن ۾) غالب ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله توهان جي دلين ۾ محبت پيدا ڪئي، جيڪڏهن توهان خرچ ڪريو ها سموريون شيون جيڪي زمين ۾ آهن ته به انهن جي دلين ۾ محبت پيدا نه ڪري سگھو ها پر الله تعالى توهان ۾ محبت پيدا ڪئي، بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهيءَ انهن (مسلمانن) جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا ڪئي جو جيڪڏهن جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته تڏهين به انهن جي دلين ۾ اهڙي الفت پيدا نه ڪري سگهين ها. پر اهو خدا ئي هو جنهن پاڻ ۾ الفت پيدا ڪئي. بيشڪ اهو زبردست حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ محبت وڌايائين دلين انهن جي ۾ جيڪڏهن خرچ ڪرين ها ته تون اهو جي زمين ۾ آهي سڀ ته نه محبت پيدا ڪرين ها دلين انهن جي ۾ ۽ پر الله محبت پيدا ڪيائين انهن ۾ بيشڪ اهو غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ايمان وارن جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين. جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀئي تون خرچ ڪرين ها ته انهن جي دلين ۾ ميلاپ وجهي نه سگهين ها پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ وڌو. بيشڪ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي دلين ۾ محبت وڌائين. جيڪڏهن تون زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ خرچ ڪرين ها ته به انهن جي دلين ۾ محبت پيدا ڪري نه سگهين ها ۽ پر الله انهن جي وچ ۾ محبت وڌي. بيشڪ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڳَـنڍي، ڳولي هِڪ ڪيا، قَلب سندنِ ڪَلتار، جيڪر جيڪِي زمين ۾، لُٽـئي لَـک هزار، ته هِڪ ٻئي سان، تن جا هِنيان، مَلائيِي نه مُختيار!، پر الله هِڪ، هِڪ ڪيا، سندنِ قلب قرار ڏاڍو، سو ڏاتار، پڻ ڏاهو آي، ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن دلين ۾ محبت وڌي- جيڪڏهن تون سڄيءَ دنيا جو مال خرچ ڪرين ته به سندن دلين ۾ محبت نه وجهي سگهين، مگر الله ئي انهن ۾ محبت وڌي- بيشڪ هو غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مؤمنن جون دليون پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيون. تون ساري زمين جي سموري دولت خرچ ڪرين ها ته به انهن جون دليون پاڻ ۾ نه ڳنڍي سگهين ها، مگر اهو الله ئي آهي، جنهن انهن ماڻهن جون دليون پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيون، بيشڪ هو ڏاڍو زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڳنڍي ڇڏيون مؤمنن جون دليون پاڻ ۾، تون خرچ ڪرين ها ساري زمين جي دولت، تڏهن به انهن جي دلين ۾ الفت نه اچي ها، پر اهو الله ئي هو جنهن انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو، بيشڪ اهو وڏو زبردست ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مؤمنن جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ (وڏي) محبت وڌائين (اهڙي محبت وڌائين) جو زمين جي هر شيءِ خرچ ڪرڻ کان پوءِ به تون اهڙي محبت نه وجهي سگهين ها پر الله تعالى انهن منجهه محبت وجهي ڇڏي. بيشڪ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَسبُكَ اللَّهُ وَمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 64) |
اي پيغمبر توکي ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي الله ڪافي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! الله تعاليٰ تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي ۽ انهن مؤمنن لاءِ )به) ڪافي (مددگار) آهي جيڪي تنهنجي تابعداري ڪندڙ آهن (نه انهن لاءِ رڳو نالي طور مؤمن يا مسلمان آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان لاءِ الله ڪافي آهي ۽ اهي اصحابي (ڪافي آهن) جيڪي توهان جا تابعدار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! تنهنجي لاءِ بس خدا ۽ جيڪي مومن تنهنجا فرمانبردار آهن ڪافي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي غيب جون خبرون ڏيندڙ! ڪافي آهي تولاءِ الله ۽ اهو جو تابع ٿيو تنهن جو مؤمنن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! الله تولاءِ ڪافي آهي ۽ انهن ايمان وارن لاءِ به جن تنهنجي تابعداري ڪئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! الله تو لاءِ ڪافي آهي ۽ اُهي مؤمن جن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي نيڪ نبي! تولئي، آهي بَس الله، پڻ جي رَميا، تُنهنجِي راه، مومنن مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! توکي الله ۽ تنهنجي پيروي ڪندڙ مومن ڪافي آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تو لاءِ ۽ تنهنجي پوئلڳ مؤمنن لاءِ ته بس الله ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي پوئلڳ مؤمنن لاءِ الله ئي ڪافي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) تنھنجي ۽ تنھنجي پيروي ڪندڙ مؤمنن لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ حَرِّضِ المُؤمِنينَ عَلَى القِتالِ إِن يَكُن مِنكُم عِشرونَ صٰبِرونَ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ يَغلِبوا أَلفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 65) |
اي پيغمبر مؤمنن کي لڙائيءَ تي ھمتاءِ، جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا وِيھ آھن ته ٻن سَون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان سَو آھن ته ھڪ ھزار ڪافرن تي غالب ٿيندا ھن ڪري جو اُھا اھڙي قوم آھي جا نه سمجھندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! مؤمنن کي لڙائيءَ جو شوق ڏيار (اي مسلمانو!) جيڪڏهن توهان ۾ رڳو ويهه صابر ۽ ثابت قدمي رکندڙ ماڻهو نڪري پون ته يقين ڪيو ته اهي ٻه سئو دشمنن تي غالب پئجي ويندا، ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ اهڙا ماڻهو سئو ٿي وڃن ته هزار ڪافرن تي غالب پئجي ويندا. هن ڪري جو ڪافر ماڻهو (حق ۽ باطل کي) نٿا سمجهن (منجهن دانش ۽ بصيرت ڪانهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان جهاد لاءِ مؤمنن کي گھڻي رغبت ڏياريو، جيڪڏهن توهان مان وِيهَه (مجاهد) صبر ڪندڙ هوندا ته ٻه سئو (ڪافرن) تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏهن توهان مان هڪ سئو (مجاهد) هوندا ته هڪ هزار ڪافرن تي غالب رهندا، انهي سببان جو اها بي سمجھه قوم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! تون مومنن کي جهاد لاءِ تيار ڪر (اهي گهٻرائين نه ۽ خدا هنن سان انجام ٿو ڪري ته) جيڪڏهن اوهان ماڻهن مان ثابت قدم رهڻ وارا ويھ به هوندا ته، ٻه سو (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان (اهڙا) سو ڄڻا هوندا ته هزار ڪافرن تي غالب ٿيندا. اهو هن ڪري جو هي ماڻهو بي سمجھ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي غيب جون خبرون ڏيندڙ! همت ڏيار مؤمنن کي جنگ ڪرڻ تي جيڪڏهن هوندا اوهان مان ويهه صبر ڪندڙ ته غالب ٿيندا ٻن سون تي ۽ جيڪڏهن هوندا اوهان مان سؤ ڄڻا ته غالب ٿيندا هڪ هزار کان انهن مان جو ڪافر ٿيا سببان ان جي جو يقينًا اهي اهڙي قوم آهن جو نه ٿا سمجهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! ايمان وارن کي جنگ جو شوق ڏيار! جيڪڏهن اوهان مان ويهه ڄڻا ثابت قدم رهڻ وارا هوندا ته اهي ٻن سَوَن تي غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان سَوَ ڄڻا هوندا ته هزار ڪافرن تي غالب ٿيندا، اهو هن ڪري ته اهي اهڙي قوم آهن جي نه ٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! مؤمنن کي لڙائي (جهاد) جو شوق ڏيار. جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا ويهه ڄڻا هوندا ته اُهي ٻن سوَن تي غالب ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن اوهان مان هڪ سؤ هوندا ته هڪ هزار ڪافرن تي غالب ٿي ويندا اهو هن ڪري جو اهي اهڙي قوم آهن جيڪي نه ٿا سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل! ڀڙڪاءِ مومنِين، جنگ مٿي جونجھار!، ته هوندا صابر اوهان منجهان، پُورا وِيھ وِينجھار، ته کَـٽنڊا ٻِن سَون کان؛ جي هڪ سؤ، ته ڪنان هزار، مَنجھان تن مُنجهائـِـلِين، جن ڪَئـِي ڪفر جِي ڪار، اِهو اِن آڌار، ته قيامًا، نه سَمجھي قوم سا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! مومنن کي لڙائيءَ ڏي چاهه ڏيار- جيڪڏهن اوهان ۾ ويهه ڄڻا ڄمي وڙهڻ وارا هوندا ته ٻن سَوَن تي غالب ايندا ۽ جي اوهان ۾ سوَ هوندا ته ڪافرن مان هڪ هزار تي غالب ٿيندا، ڇا لاءِ ته انهن کي سمجهه ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! مؤمنن کي جنگ تي اڀار. جيڪڏهن توهان مان ويهه ماڻهو ثابت قدم رهڻ وارا هوندا ته ٻن سؤن تي غالب پئجي ويندا ۽ جيڪڏهن سؤ ماڻهو اهڙا هوندا ته ڪافرن مان هزار ماڻهن کي شڪست ڏيندا، ڇو جو هو ته اهڙا ماڻهو آهن، جن کي سمجهه ئي ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! همت ٻڌاءِ مؤمنن کي جهاد جي لاءِ، جيڪڏهن توهان مان هوندا ويهه ماڻهو صبر وارا ته اهي غالب ٿيندا ٻن سون تي، ۽ جيڪڏهن هجن هڪ سؤ ماڻهو اوهان مان غالب ايندا هڪ هزار تي جيڪي حق جا منڪر آهن ڇوته اهي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي عقل کان ڪورا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) توهان مؤمنن کي جنگ جي لاءِ تيار ڪريو، (پوءِ) جيڪڏهن مؤمنن مان ويھه ثابت قدم رهندڙ ماڻهو (جنگ جي ميدان ۾) لهندا ته هو ٻه سؤ ڪافرن تي غالب اچي ويندا ۽ جيڪڏهن مؤمنن مان هڪ سؤ ماڻهو ثابت قدم رهندا ته هو هڪ هزار ڪافرن تي غالب پئجي ويندا، ڇو ته ڪافرن کي (دين جي) ڪا به سمجهه نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الـٰٔنَ خَفَّفَ اللَّهُ عَنكُم وَعَلِمَ أَنَّ فيكُم ضَعفًا فَإِن يَكُن مِنكُم مِا۟ئَةٌ صابِرَةٌ يَغلِبوا مِا۟ئَتَينِ وَإِن يَكُن مِنكُم أَلفٌ يَغلِبوا أَلفَينِ بِإِذنِ اللَّهِ وَاللَّهُ مَعَ الصّٰبِرينَ (آيت : 66) |
ھاڻي الله اوھان تان بار ھلڪو ڪيو ۽ اوھان ۾ ھيڻائي معلوم ڪيائين، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا سَو ھوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھزار ھوندا ته ٻن ھزارن تي الله جي حڪم سان غالب ٿيندا، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مسلمانو!) هاڻي ته خدا توهان جي لاءِ بار هلڪوڪيو آهي. هن کي خبر آهي ته توهان ۾ ڪمزوري آهي. سو هن وقت جيڪڏهن توهان ۾ صبر سان مشڪلاتون سهڻ وارا هڪ سئو ماڻهو هوندا ته (انهن کي فقط ٻيڻي تعداد سان مقابلو ڪرڻو پوندو يعني) هو ٻن سون دشمنن تي غالب پئجي سگهندا. ۽ جيڪڏهن هزار هوندا ته الله جي حڪم (۽ تائيد) سان ٻه هزار دشمنن کي مغلوب ڪري سگهندا، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (مشڪلاتن ۾) صبر ڪندڙ ۽ (فرض ادائين ۾) ثابت قدم رهندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هاڻي الله تعالى توهان (مسلمانن) تي هلڪائي ڪئي آهي ۽ کيس معلوم آهي ته توهان ۾ ضعف آهي، پوءِ (هاڻي) جيڪڏهن توهان مان هڪ سئو (مجاهد) صبر ڪندڙ آهن ته (اُهي) ٻن سَوَنِ (ڪافرن) تي غالب رهندا ۽ جيڪڏهن هڪ هزار آهن ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب رهندا، ۽ الله تعالى صبر ڪندڙن سان گڏ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاڻي خدا اوهان تان (پنهنجي حڪم جي سختيءَ ۾) هلڪائي ڪئي ۽ ڏسي ڇڏيو ته پڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي، ته جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا هڪ سو هوندا ته ٻه سو (ڪافرن) تي غالب ٿيندو. ۽ جيڪڏهن اوهان ماڻهن مان (اهڙا) هڪ هزار هوندا ته خدا جي حڪم سان ٻه هزار (ڪافرن) تي غالب ٿيندو. ۽ (جنگ جي سختين کي) سهڻ وارن جو خدا ساٿي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيئنر هلڪائي ڪئي الله اوهان کان ۽ معلوم اٿس ته بيشڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي.وءِ جيڪڏهن هوندا اوهان مان سؤ ڄڻا صبر ڪندڙ ته غالب ٿيندا ٻن سؤ کان ۽ جيڪڏهن هوندا اوهان مان هزار ڄڻا ته غالب ٿيندا ٻن هزارن کان الله جي حڪم سان ۽ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هاڻي الله توهان تان بار هلڪو ڪيو، ۽ ڄاتائين ته اوهان ۾ ڪمزوري آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان مان ثابت قدم رهڻ وارا سؤ ڄڻا هوندا اهي ٻن سون تي غالب ٿيندا ۽ جيڪڏهن اوهان مان هزار ڄڻا هوندا ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب ٿيندا. ۽ الله ثابت قدم رهڻ وارن سان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هاڻي الله توهان تان بار هلڪو ڪيو ۽ ڄاتائين ته بلاشڪ اوهان ۾ ڪمزوري آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان مان ثابت رهڻ وارا هڪ سؤ هوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان مان هڪ هزار هوندا ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب ٿيندا. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِينئرهَلڪو اَوهان مٿان، بارِئَ ڪيو بار، ۽ ڄاتئـِين، ته آھِ اوهان ۾، هِيڻائـِي هيڪار، پوءِ هُوندا جي اوهان، صابِر سَو سَچار، ته صحِي ڀائـِن سوڀ سي، ٻن سَوَن تي ٻِيهار، جي هوندو هزار اوهان مان، ته ٻِن هزارنِيان ٻَهار، حُڪم حق درٻار، ۽ سائـِين ڀيڙو صابِرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي الله اوهان تي هلڪائي ڪئي ۽ ڄاتائين ته اوهان ۾ همت جي ڪمي آهي. پوءِ جي اوهان ۾ هڪ سئو ثابت قدم هوندا ته، الله جي حڪم سان ٻن سَوَن تي غالب ٿيندا، ۽ جي اوهان ۾ هڪ هزار هوندا، ته الله جي حڪم سان ٻن هزارن تي غالب ٿيندا، ۽ الله ثابت قدمن جو همراهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چڱو ڀلا هاڻي الله توهان کان بار هلڪو ڪيو جو ڄاتائين ته اڃان توهان ۾ ڪمزوري آهي، تنهنڪري جيڪڏهن توهان مان سؤ ماڻهو ثابت قدم هوندا ته اهي ٻن سؤن تي ۽ اهڙا هزار هوندا ته ٻن هزارن تي الله جي حڪم سان غالب پوندا ۽ الله انهن جو ساڻي آهي، جيڪي صبر ڪرڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو هاڻي الله اوهان جو هلڪو ڪيو بار۽ کيس معلوم ٿيو ته اڃا به اوهان ۾ ڪمزوري آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان مان هڪ سؤ ماڻهو صبر وارا هجن ته اهي ٻن سون تي ۽ اگر هڪ هزار ماڻهو توهان مان هجن ته اهي غالب ايندا ٻن هزارن تي الله جي حڪم سان، ۽ الله انهن سان آهي جيڪي صابرين آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان جو جذبو قبول ڪيو ويو) چڱو هاڻي الله تعالى توهان جي مٿان رکيل بار هلڪو ڪري ڇڏيو ڇو جو هن توهان منجهه (ٿوري) ڪمزوري ڏٺي هئي. هاڻي توهان مان هڪ سؤ مؤمن ثابت قدم رهندڙ ٻه سؤ ڪافرن تي غالب ايندا ۽ جيڪڏهن توهان مان هڪ هزار مؤمن ثابت قدم رهندا ته هو الله تعالى جي حڪم سان ٻن هزار ڪافرن تي غالب ايندا ڇوته الله تعالى ثابت قدم رهڻ وارن سان گڏ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكونَ لَهُ أَسرىٰ حَتّىٰ يُثخِنَ فِى الأَرضِ تُريدونَ عَرَضَ الدُّنيا وَاللَّهُ يُريدُ الءاخِرَةَ وَاللَّهُ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 67) |
پيغمبر کي نه جڳائيندو آھي جو وٽس قيدي ھجن (بلڪ ڪُٺا وڃن) جيستائين مُلڪ ۾ (ڪافرن جي عام) خونريزي نه ڪري، (اوھين) دنيا جو سامان گھرندا آھيو، ۽ الله آخرت (جو ثواب ڏيڻ) گھرندو آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نبيءَ کي مناسب ناهي ته سندس قبضي ۾ قيدي هجن تان ته ڪافرن کي قتل ڪري (ملڪ ۾ غلبو حاصل ڪري وٺي.) (مسلمانو!) توهان دنيا جو سامان چاهيو ٿا پر الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (اوهان کي) آخرت (جو اجر ڏئي) ۽ الله غالب رهندڙ ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نبي ڪريم کي مناسب ناهي جو ان وٽ جنگي قيدي هجن ايستائين جو انهن کي زمين ۾ قتل ڪيو وڃي، توهان دنيا جو مال چاهيو ٿا ۽ الله تعالى آخرت چاهي ٿو، الله غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪو به نبي جيستائين روءِ زمين تي (ڪافرن جي) رت ڇاڻ نه ڪري تنهن وٽ قيدين جو رهڻ چڱو نه آهي. اوهين ماڻهو ته دنيا جي ساز و سامان جا طلبگار آهيو. پر خدا (اوهان لاءِ) آخرت (جي ڀلائي) چاهي ٿو. ۽ خدا زبردست حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه آهي واسطي نبي جي هيءَ ڳالهه جو هجن واسطي ان جي قيدي تانجو (ڪافرن جو) رت وهائي زمين ۾ ارادو ڪيو ٿا سامان دنيا جي جو ۽ الله ارادو ڪري ٿو آخرت جو ۽ الله غالب، حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نبي کي (ايتري تائين) هيءُ مناسب نه آهي ته سندس هٿ ۾ قيدي هجن جيتري تائين جو زمين ۾ چڱيءَ طرح رت ڇاڻ نه ڪري. اوهين دنيا جو سامان گهرو ٿا ۽ الله (اوهان لاءِ) آخرت جو ارادو ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نبيءَ لاءِ هي مناسب نه آهي جو سندس هٿ ۾ (ڪافر) قيدي هجن تانجو زمين ۾ خون نه هاري. اوهان دنيا جو سامان چاهيو ٿا ۽ الله آخرت چاهي ٿو. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي رَوانبئ کي، ته هُجَنسِ قيد ڪُفار، تان خون وَهائي خاڪ تي؛ نفعو ننڍِي ڄمار، اَوهين گُھرو ۽ گُھري ٿو، ٻِيو جھان جَبّار، ۽ ڏاڍو ڏيہ ڏاتار، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نبيءَ کي ائين نه جڳائي، جو وٽس قيدي باقي رهن، جيسين هو زمين ۾ خونريزي نه ڪري- اوهين ته دنيا جو مال گهرو ٿا ۽ الله آخرت گهري ٿو، الله زبردست ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به نبيءَ کي نه جڳائيندو آهي ته وٽس قيدي هجن، جيستائين اهو ملڪ ۾ ڪافرن کي چڱيءَ طرح چٿي نه ڇڏي، توهان ماڻهو دنيا جا فائدا طلبيو ٿا، حالانڪه الله آخرت کي چاهي ٿو ۽ الله غالب ۽ حڪيم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن به نبيءَ لاءِ اها ڳالهه نٿي سونهين ته وٽس قيدي هجن جيستائين هو دشمنن کي چٿي نه ڇڏي زمين ۾، توهان ماڻهو طلبيو ٿا مفاد کي دنيا ۾، ۽ الله جي نظر ۾ آخرت آهي، ۽ الله ته غالب حڪمت وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جنگ بدر ۾ توهان دشمنن کي جنگي قيدي بنايو هو حالانڪه) ڪنھن به نبي لاءِ اهو اصول ئي نه رکيو ويو آهي ته هو (جنگ دوران) پاڻ وٽ جنگي قيدي رکي، ان کي ته جنگ جي ميدان ۾ (دشمن جي) لاشن جا ڍير لڳائڻ جي ذميداري ڏني وئي آهي، توهان ته (ڪمزوري ڏيکاري) دنيا جا فائدا حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا (حالانڪه) الله تعالى (توهان جي لاءِ) آخرت (جون نعمتون) چاهي ٿو. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَولا كِتٰبٌ مِنَ اللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُم فيما أَخَذتُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 68) |
جيڪڏھن خدا جي تقدير ۾ اڳي لکيل نه ھجي ھا ته اوھان جيڪي (فديو) ورتو تنھن ۾ اوھان کي ضرور وڏو عذاب پھچي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن (هن باري ۾) اڳ ئي الله جو حڪم نه اچي وڃي ها ته جيڪو مال توهان (غنيمت طور بدر ۾) هٿ ڪيو تنهن لاءِ ضرور اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن الله جو حڪم ايئن نه هجي ها (يعنى درگذر ڪرڻ جو) ته توهان کي مالِ غنيمت وٺڻ ۾ الله جو سخت عذاب پهچي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا جي طرف کان اڳ ۾ ئي (ان جي معافي جو) حڪم نه اچي چڪو هجي ته تو جيڪي (بدر جي قيدين کي ڇڏي ڏيڻ جو بدلو) فديو ورتو هو تنهن جي سزا ۾ اوهان کي ضرور وڏو عذاب رسي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن نه هجي ها لکت طرفان الله جي جو اڳي ٿي ته البته پهچي ها اوهان کي ان ۾ جو ورتو اوهان عذاب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. جيڪڏهن الله جي طرفان لکيل ڳالهه گذري نه چڪي هجي ها ته جيڪو (فديو) اوهان ورتو تنهن جي ڪري اوهان کي ضرور وڏو عذاب پهچي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن الله جي طرف کان پهريان ئي (غنيمتن جا مال حلال هجڻ جو حڪم) لکيل نه هجي ها ته جيڪو فديو (قيدين جو) اوهان ورتو ته ان سبب اوهان کي ڪا وڏي سزا پهچي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي اڳ، نه اَنگ الله کان، لِکيو هو لاشڪ، ته تِنهن ۾ پَڪڙِينان پَڪ، جو وَرتان وِره وڏاندِري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله طرفان اها ڳالهه اڳ لکيل نه هجي ها، ته اوهان جي اختيار ڪيل ڳالهه بابت اوهان تي ڪا سخت سزا اچي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله جو لکيو اڳيئي لکجي نه چڪو هجي ها ته جيڪي ڪجهه توهان ماڻهن ورتو آهي، ان جي بدلي ۾ توهانکي وڏو عذاب ڀوڳڻو پوي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن لکيل نه هجي ها الله وٽ تقدير اڳي ئي، ته توهان ماڻهن جيڪو ورتو آهي (فديو) ته توهان کي وڏو عذاب ڏنو وڃي ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن الله تعالى جي طرفان اهو (حڪم) اڳ ۾ نه لکيل هجي ها ته فديو وٺڻ واري عمل جي بدلي ۾ توهان کي وڏو عذاب ڏئي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكُلوا مِمّا غَنِمتُم حَلٰلًا طَيِّبًا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 69) |
پوءِ جيڪي اوھان مال غنيمت ورتو سو پاڪ حلال (ڀانيو ۽) کائو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بهرحال جيڪي توهان کي غنيمت ۾ هٿ آيو آهي تنهن کي حلال ۽ پاڪ سمجهي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هاڻي ڀلي) مالِ غنيمت حلال پاڪ سمجھي توهان استعمال ڪريو، ۽ الله کان توهان خوف ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته خير جيڪي ٿيو سو ٿيو) هاڻي جيڪي تو غنيمت جو مال حاصل ڪيو آهي اهو کائو (اهو اوهان لاءِ) حلال پاڪ آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ کائو ان مان جو غنيمت ڪيُوَ حلال، پاڪ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهان غنيمت ۾ جيڪو پاڪ حلال (مال) هٿ ڪيو تنهن مان کائو. ۽ الله کان ڊڄو! بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان غنيمت ۾ جيڪو پاڪ حلال مال هٿ ڪيو ان مان کائو ۽ الله کان ڊڄو بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ کائو جيڪِي کَـٽيان، تنهن مان، مال حلال، ۽ رکو خوف خدا جو؛ اَلله جَلَّ جَلال، بَخشِيندڙ بَحال، مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنگ جي لٽ ۾ مليل مال کي حلال ۽ پاڪ سمجهي کائو ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪو مال توهان حاصل ڪيو آهي، اهو ڀلي کائو جو اهو حلال ۽ پاڪ آهي ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کائو اهو ورتل مال اهو حلال ۽ پاڪ آهي، ۽ ڊڄندا رهو الله کان، بيشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (چڱو هاڻي جيڪو مال توهان وٺي چڪا آهيو) اهو کائو، اهو توهان جي لاءِ حلال ۽ پاڪ آهي (پر آئنده) الله تعالى کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِمَن فى أَيديكُم مِنَ الأَسرىٰ إِن يَعلَمِ اللَّهُ فى قُلوبِكُم خَيرًا يُؤتِكُم خَيرًا مِمّا أُخِذَ مِنكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 70) |
اي پيغمبر، قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چؤ ته جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! لڙائي جي قيدين مان جيڪي ماڻهو تنهنجي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان جي دلين ۾ ڪجهه چڱائي ڏٺي ته پوءِ جيڪو (فديو) اوهان کان ورتو ويو آهي ان کان بهتر اجر توهان کي عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي بخشي ڇڏيندو. هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان فرمايو انهن قيدين کي جيڪي توهان جي هٿ ۾ آهن ته جيڪڏهن الله توهان جي دلين ۾ خير معلوم ڪيو ته الله توهان کي عطا ڪندو اُن کان بهتر (مال) جيڪو توهان کان ورتو ويو ۽ الله توهان کي بخش ڪندو ۽ الله بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! جيڪي قيدي اوهان جي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته جيڪڏهن خدا توهان جي دلين ۾ نيڪي ڏسندو ته جيڪو (مال) اوهان کان کسيو ويو آهي ان کان گهڻو سٺو اوهان کي عطا ڪندو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي غيب جون خبرون ڏيندڙ! فرماءِ واسطي انهن جي جو هٿن اوهان جن ۾ آهن قيدين مان جيڪڏهن ڄاڻي الله دلين اوهان جي ۾ چڱائي ته ڏيندو اوهان کي ڀلو ان کان جو ورتو ويو.وهان کان ۽ بخشيندو اوهان کي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! جيڪي اوهان جي هٿن ۾ قيدي آهن، تن کي چئو ته جيڪڏهن الله اوهان جي دلين ۾ ڪا ڀلائي ڄاڻندو ته جيڪي اوهان کان ورتو ويو آهي تنهن کان گهڻو چڱو اوهان کي ڏيندو ۽ اوهان کي معاف (به) ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! جيڪي قيدي اوهان جي هٿن ۾ آهن انهن کي چؤ: ”جيڪڏهن الله اوهان جي دلين ۾ ڪا ڀلائي ڄاتي ته جيڪي (مال) اوهان کان ورتو ويو آهي ان کان گهڻو بهتر ڏيندو ۽ اوهان کي معاف ڪندو . ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي قيدي اَهنجي هَٿن ۾، چَئو تنهن کي پيغمبر! سَمجي خداخير ڪو، جي اَهنجي مَن اندر، ته اوهان کان وَرتو جو ويو، تنهن کان ڀلو بِهتر، ڏيندو؛ ۽ اَهنجي ڏوهن کان، ڪندو درگُذر، ۽ آهي ربُّ رهبر، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! تنهنجي هٿ ۾ آيل قيدين کي چئو، ته جيڪڏهن الله اوهان جي دلين ۾ چڱائي ڏسندو، ته جيڪي اوهان کان ورتل آهي، ان کان اوهان کي بهتر ڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توهان جي قبضي ۾ جيڪي قيدي آهن، انهن کي چؤ ته جيڪڏهن الله توهان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته هو توهان کي انهيءَ کان بهتر ڏيندو، جيڪي ڪجهه توهان کان ورتو ويو آهي ۽ هو توهان جا ڏوهه به بخشيندو، الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! توهان ماڻهن جي قبضي ۾ جيڪي قيدي آهن، انهن کي چؤ ته اگر الله توهان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڏٺي ته هو توهان کي ان کان گهڻو وڌيڪ ڏيندو جيڪو توهان کان ورتو ويو آهي، ۽ توهان جون خطائون معاف ڪندو، الله بخشڻهار ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) جيڪي توهان وٽ قيدي آهن، تن کي (صاف صاف) ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪڏهن الله تعالى توهان جي دلين ۾ ڪا ذري برابر به ڀلائي ڏسندو ته هو توهان کي توهان کان ورتل فديي کان بھتر عطا ڪندو ۽ توهان جي خطائن کي بخش به ڪندو (ڇو ته) الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يُريدوا خِيانَتَكَ فَقَد خانُوا اللَّهَ مِن قَبلُ فَأَمكَنَ مِنهُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 71) |
۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا ته بيشڪ الله سان (به) اڳ خيانت ڪئي ھوائون پوءِ (اوھان کي) انھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو چاهين ته توسان دغا ڪن ته (به اهو ڪو سبب ناهي جنهن جي ڪري تون ان انديشي کان پنهنجو عملي دستور عدل ۽ احسان وارو ڦيرائي ڇڏين) اهي ماڻهو هن کان اڳي خود الله سان ٺڳيون ڪري چڪا آهن، ۽ انهيءَ ئي ڪري توکي هنن تي غلبو ڏنو ويو آهي. (ياد رک ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي توهان سان خيانت جو ارادو ڪن ٿا پوءِ بيشڪ انهن هن کان اڳ ۾ الله سان خيانت ڪئي هئي پوءِ الله توهان کي ڪامياب ڪيو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو کي دغا ڏيڻ گهرن ٿا ته خدا سان اڳ ۾ ئي دغا ڪري چڪا آهن ته (ان جي سزا ۾) خدا هنن تي تو کي قبضو ڏنو ۽ خدا ته وڏو واقفڪار حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ارادو ڪندا ڌوڪي ڏيڻ جو توکي پوءِ تحقيق ڌوڪي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائون الله سان اڳ پوءِ قوت ڏنائين (اوهان کي) انهن تي ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن توسان دغا بازي ڪرڻ گهرندا ته پوءِ بيشڪ انهن هن کان اڳ به الله سان دغابازي ڪئي هئي پوءِ (توکي بدر جي ميدان ۾ ) مٿن قدرت ڏنائين ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) جيڪڏهن تو سان خيانت ڪرڻ چاهن ٿا ته تحقيق اُهي اڳ ۾ الله سان خيانت ڪري چڪا آهن پوءِ انهن مان ڪن کي توهان جي قابو (قيد ۾) ڏنائين. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خان! خيانت جو، توسان، جي پَھ پَچائـِن پُور، ته خيانت خدا سان، مَهند ڪيائون مُور، پوءِ، وَجھ وَٺائـِين اُنهن کان، زوري ساڻ ضرور، ۽ پَرور، ساڻ پَرُوڙ، پڻ حڪمتِي، هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي هو ڪپت جو ارادو رکن ٿا، ته هنن اڳ ۾ به الله سان ڪپت ڪئي، پوءِ الله انهن کي گرفتار ڪرايو ۽ الله خوب ڄاڻندڙ وڏيءَ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن توسان ڪا خيانت ڪرڻ جي نيت رکن ٿا ته هن کان اڳ ته هو الله سان به خيانت ڪري چڪا آهن، پوءِ ان جي سزا الله اها ڏنن جو هو تنهنجي پڪڙ ۾ اچي ويا، الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن هو تو سان خيانت ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا ته هو الله سان خيانت ڪري چڪا آهن هن کان اڳي به، ان جي سزا کين اها ملي جو تنهنجي پڪڙ ۾ اچي ويا، بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هو توهان سان خيانت ڪرڻ جو سوچيندا ته (توهان کي معلوم هجڻ گهرجي ته) اڳ به هي ماڻهو الله تعالى سان خيانت ڪري چڪا آهن، انهيءَ ڪري ئي الله تعالى انهن کي توهان جي قبضي ۾ ڏنو آهي ۽ توهان وٽ قيديءَ جي صورت ۾ ڀوڳين پيا. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَالَّذينَ ءامَنوا وَلَم يُهاجِروا ما لَكُم مِن وَلٰيَتِهِم مِن شَيءٍ حَتّىٰ يُهاجِروا وَإِنِ استَنصَروكُم فِى الدّينِ فَعَلَيكُمُ النَّصرُ إِلّا عَلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 72) |
جن ايمان آندو ۽ حجرت ڪئي ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اھي ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت نه ڪئي اوھان تي انھن جي دوستيءَ جو ڪو حق نه آھي جيسين ھجرت ڪن، ۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن ته اوھان کي انھيءَ قوم کانسواءِ ٻي قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھانجي ۽ ھنن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي مديني ۾) جاءِ ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي سي اهي ماڻهو آهن جي هڪٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن، ۽ جن ماڻهن ايمان ته آندو پر هجرت نه ڪئي تن جي مدد ۽ رفاقت اوهان تي لازم ناهي، جيستائين هو پنهنجي وطن مان هجرت نه ڪن. پر جيڪڏهن دين جي باري ۾ توهان کان مدد گهرن ته پوءِ بيشڪ توهان تي انهن جي مددگاري لازم آهي. سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن اهڙي قوم جي مقابلي ۾ مدد گهرن جنهن قوم سان توهان جو (صلح ۽ امن جو) عهدنامو ٿيل هجي. (ڇو ته ان حالت ۾ توهان عهد نامي جي خلاف عمل ڪري نٿا سگهو.) جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راه ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن پناه ڏني (مهاجرن کي) ۽ انهن جي مدد ڪئي اهي ئي هڪ ٻئي جا مددگار آهن، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پر هجرت نه ڪئي، توهان لاءِ انهن جي ورثي مان ڪا به شيءِ ناهي ايستائين جو اِهي هجرت ڪن، ۽ جيڪڏهن اهي توهان کان دين جي معاملي ۾ مدد طلب ڪن پوءِ توهان تي انهن جي مدد ڪرڻ واجب آهي مگر اُن قوم جي خلاف نه جن سان توهان جو معاهدو آهي، ۽ الله توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جان ۽ مال سان خدا جي راھ ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (هجرت ڪرڻ وارن کي) جڳھ ڏني ۽ (هر طرح) انهن جي خبر چار لڌي اهي ئي ماڻهو هڪ ٻئي جا (پاڻ ۾) سرپرست ۽ دوست آهن. ۽ جن ماڻهن ايمان ته قبول ڪيو پر هجرت نه ڪئي ته اوهان ماڻهن جو سندن سرپرستيءَ سان ڪو واسطو نه آهي ايستائين جو هجرت ڪن ۽ (هاءُ پر) دين جي ڳالهين ۾ تو کان مدد چاهين ته تو تي (هنن جي مدد ڪرڻ لازمي ۽ واجب آهي پر انهن ماڻهن جي مقابلي لاءِ نه جن ۾ اوهان ۾ پاڻ ۾ (صلح جو) معاهدو آهي. ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا اهو (سڀني کي) ڏسي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون مالن پنهنجن ۽ سرن پنهنجن سان واٽ الله جي ۾ ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪيائون اهي بعض انهن مان وارث آهن بعض جا ۽ جن ايمان آندو ۽ نه هجرت ڪيائون ناهي واسطي اوهان جي ورثي انهن جي مان ڪا شيءِ تان جو هجرت ڪن ۽ جيڪڏهن مدد گهرن اوهان کان دين ۾ پوءِ اوهان تي مدد ڪرڻ (لازم) آهي مگر اهڙيءَ قوم تي جو اوهان ۾ ۽ انهن ۾ معاهدو آهي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان جنگ ڪئي، ۽ جن (توکي مديني ۾ ) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اهي هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ جن ايمان آندو پر وطن نه ڇڏيو ته اوهان کي (تيستائين) انهن جي دوستيءَ سان ڪجهه ڪم نه آهي جيستائين اهي وطن نه ڇڏين ۽ جيڪڏهن دين (جي ڪم) ۾ اوهان کان مدد گهرن ته اوهان کي مدد ڏيڻ لازم آهي پر اهڙي قوم جي مقابلي ۾ نه، جن جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو معاهدو (ٿيل) هجي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ پنهنجي مالن ۽ جانين سان الله جي واٽ ۾ جهاد ڪيائون ۽ اُهي ماڻهو جن (مهاجرن کي) جڳهه ڏني ۽ مدد ڪئي اُهي هڪ ٻئي جا دوست (يعني سار سنڀال لهندڙ) آهن. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ (دار الاسلام طرف)هجرت نه ڪيائون ته اوهان لاءِ انهن جي سار سنڀال مان ڪا به شيءِ ضروري نه آهي جيستائين اهي هجرت ڪري اچن، ۽ جيڪڏهن اهي دين ۾ اوهان کان مدد گهري وٺن ته اوهان تي (انهن جي) مدد ڪرڻ فرض آهي پر ڪنهن اهڙي قوم جي خلاف نه جن جي ۽ اوهان جي وچ ۾ معاهدو ٿي چڪو هجي. ۽ جيڪي اوهان ڪم ڪيو ٿا الله ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندو جن ايمان، ۽ پُوريائون پَرْ ڏيہ کي، لَڙيا ربَّ جي راه ۾، مانجِهي مَنجھ ميدان، سندن مال مَتاع سان، پڻ سندن جسم جان، ۽ ماڳ ڏِنائون ۽ مَددون، آڌر ڀاء عيان، اُهي ڀائر بي گمان، هرگز وارث هِڪ ٻِئي سندا. ۽ آندو جن ايمان، ۽ نه سِڌاريا ساڻيھ کان، تن موئي سندنِ مال مان، ڪاشئ اوهان لئي ڪانه، تان پلاڻينِ پرديس کي، ڇَڏي ماڳ مڪان؛ ۽ جي مدد گُھرنِيان مذهب ۾، ته مَٿيئان مهربان، تِنهن پَهر سوا، ته پاڻ ۾، پَڪا ٻَڌان پيمان، ۽ جيڪِي ڪريو مُنجھ جھان، سو ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ پنهنجن مالن ۽ جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون، ۽ جن رهڻ جي جاءِ ڏني، ۽ مدد ڪئي اهي ئي هڪ ٻئي جا وارث آهن ۽ جن ايمان آندو پر وطن نه ڇڏيائون، تنهنجو انهن جي وارث هجڻ سان ڪو لاڳاپو نه آهي جيسين اهي وطن ڇڏين. پر جيڪڏهن توکان دين ۾ مدد گهرن، ته مدد ڏيڻ اوهان تي لازم آهي. مگر ان قوم جي مقابلي ۾ نه، جن سان اوهان جو پڪو قول قرار هجي- ۽ الله اوهان جي سڀني ڪمن کي ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجا مال خرچ ڪيائون ۽ جانيون قربان ڪيائون ۽ جن ماڻهن هجرت ڪرڻ وارن کي جڳهه ڏني ۽ سندن مدد ڪئي، اهي ئي اصل ۾ هڪ ٻئي جا دوست آهن، باقي جن ماڻهن ايمان ته آندو پر هجرت ڪري (دارالاسلام ۾) آيا ناهن ته انهن سان توهان جو دوستيءَ وارو ڪوبه تعلق ڪونه آهي، جيستائين هو هجرت ڪري نه اچن. باقي جيڪڏهن هو دين جي معاملي ۾ توهان کان مدد گهرن ته سندن مدد ڪرڻ توهان تي فرض آهي پر ڪنهن اهڙيءَ قوم جي خلاف نه، جن سان توهان جو معاهدو هجي، جيڪي به توهان ڪيو ٿا الله اهو ڏسي پسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ پنهنجا مال کپايا ۽ پنهنجون جانيون لڙايون الله جي راهه ۾، ۽ جن ماڻهن انهن مهاجرن کي جڳهه ڏني ۽ مدد ڪئي هڪ ٻئي سان، اهي ئي وارث آهن هڪ ٻئي جا. پر اهي ماڻهو جن ايمان ته آندو پر اهي هجرت ڪري (دار السلام) ڪونه آيا، ته انهن سان توهان جو دوستي وارو تعلق ناهي، جيستائين هو هجرت ڪري نه اچن، ها جيڪڏهن هو تو کان مدد گهرن دين جي معاملي ۾ ته سندن مدد ڪرڻ توتي فرض آهي پر ڪنهن اهڙي قوم جي خلاف نه، جنهن سان توهان جو ڪو معاهدو هجي، ۽ الله سڀ ڪجهه ڏسي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي، پنھنجي مال ۽ جان جي ذريعي الله تعالى جي راهه ۾ جھاد ڪيو ۽ (انهن مهاجرن کي ) پناهه ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي، سي سڀ هڪ ٻئي جا (سچا) دوست آهن ۽ (ٻئي طرف) جن ماڻهن ايمان آندو پر هجرت نه ڪئي ته اهڙن ماڻهن جي دوستيءَ مان توهان کي ڪو به فائدو نه پھچندو، جيستائين هو هجرت ڪري (مديني شريف) نه اچن. پر جيڪڏهن دين جي معاملي ۾ هو توهان کان ڪا مدد گهرن، ته سندن مدد ڪرڻ توهان تي فرض آهي. پر اهو ذهن ۾ رکو ته انهن جي مدد ڪرڻ اهڙي قوم جي خلاف نه هجي جنھن سان توهان جو ڪو معاهدو ٿيل هجي. بيشڪ الله تعالى توهان جي هر عمل کي ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ إِلّا تَفعَلوهُ تَكُن فِتنَةٌ فِى الأَرضِ وَفَسادٌ كَبيرٌ (آيت : 73) |
۽ جيڪي ڪافر آھن تن مان ھڪڙا ٻين جا سنگتي آھن، پر (اي مسلمانؤ) جيڪڏھن اوھين (ائين) نه ڪندؤ ته مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ڪفر جي واٽ ۾) هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ (يعني هڪ ٻئي سان محبت ۽ مددگاري نه ڪندؤ) ته ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ٿيندو ۽ وڏي خرابي ۽ بگاڙو پکڙبو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (اهي) هڪ ٻئي جا مددگار آهن، جيڪڏهن توهان (مذڪوره احڪامات تي) عمل نه ڪندا ته مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد برپا ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪافر آهن اهي به (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا سرپرست آهن. جيڪڏهن تون (اهڙي طرح مدد) نه ڪندين ته روءِ زمين تي فتنو پيدا ٿي پوندو ۽ وڏو فساد ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪفر ڪيو بعضي انهن مان وارث آهن بعض جا جيڪڏهن نه ڪندؤ اهو ته هوندو فتنو زمين ۾ ۽ فساد وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافر هڪ ٻئي جا دوست آهن. جيڪڏهن ان ڪم کي نه ڪندؤ ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي هڪ ٻئي جا مددگار آهن. اگر اوهان ائين نه ڪيو ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿي ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦِريا کان فرمان، اُهي وارث هِڪ ٻِئن جا، جي ڪيان ڪِين ڪم، اِهو، ته ڀُون ۾ بي گمان، اهکو اِمتحان، پڻ هوندو وڏو وِڏور ڪو .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي ڪافر آهن اُهي هڪ ٻئي جا وارث آهن- جيڪڏهن ان (حڪم) تي عمل نه ڪندؤ ته دنيا ۾ وڏو فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي حق جا منڪر آهن، اهي ته هڪ ٻئي جا حمايتي آهن. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ ته زمين ۾ فتنو ۽ وڏو فساد پيدا ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو حق جا منڪر آهن اهي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا، جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ ته فتنو فساد برپا ٿي ويندو زمين ۾ ۽ وڏو فساد ٿي ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ اهڙيءَ طرح) جن ماڻهن ڪفر ڪيو (پوءِ هو ڪٿي جا به رهندڙ هجن) اهي سڀ هڪ ٻئي جا دوست ئي آهن سو جيڪڏهن توهان (ايمان جي حيثيت ۾) هڪ ٻئي جي ذميداري نه کڻندا ته زمين ۾ وڏو فتنو فساد پکڙجي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَهاجَروا وَجٰهَدوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ ءاوَوا وَنَصَروا أُولٰئِكَ هُمُ المُؤمِنونَ حَقًّا لَهُم مَغفِرَةٌ وَرِزقٌ كَريمٌ (آيت : 74) |
۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ئي سچا مؤمن آھن، اُنھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مطلب ته) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي) پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي سي (مهاجرين ۽ انصار) في الحقيقت سچا مؤمن آهن ۽ انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ الله جي راه ۾ جهاد ڪيو، جن ماڻهن پناه ڏني (مهاجر مسلمانن کي) ۽ سندن مدد ڪئي اِهي ئي سچا مؤمن آهن، انهن (مدد ڪندڙن) لاءِ بخشش ۽ بهشت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ خدا جي راھ وڙهيا ڪيا ۽ جن ماڻهن (اهڙي نازڪ وقت ۾) مهاجرن کي جڳھ ڏني پڻ (سندن) هر طرح سنڀال ڪئي اهي ئي ماڻهو سچا ايماندار آهن انهن لاءِ بخشش ۽ عزت آبرو واري روزي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون واٽ الله جي ۾ ۽ جن پناهه ڏني ۽ مدد ڪيائون.هي ئي مؤمن آهن سچا واسطي انهن جي بخشش آهي ۽ رزق ڀلو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ الله جي رستي ۾ جنگ ڪئي ۽ جن (توکي مديني ۾) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اهي ئي سچا ايمان وارا آهن. انهن لاءِ معافي ۽ عزت جو رزق آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ۽ اُهي ماڻهو جن (مهاجرن کي) جاءِ ڏني ۽ مدد ڪيائون، اهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن لاءِ بخشش ۽ عزت جي روزي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جن اِيمان، پڻ سِڌاريا ساڻيھ کان، ۽ لڙياربَّ جي راه ۾، جوڌا جنگ، جوان، ماڳ ڏِنائون ۽ مددون، اُهي مُقرّر مسلمان، بَخشش بي گمان، پڻ سَمر سڳورو، اُنهن لئي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو، وطن ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي، اهي ئي ماڻهو ايمان جو پورو حق ادا ڪندڙ آهن- انهن لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ الله جي راهه ۾ گهر گهاٽ ڇڏيائون ۽ جهاد ڪيائون ۽ جن پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي، اهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن لاءِ گناهن جي معافي آهي ۽ تمام ڀلو رزق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ گهر ٻار ڇڏيا، جهاد ڪري نڪري پيا (پاڻ پتوڙيو) الله جي راهه ۾ ۽ جن ماڻهن پناهه ڏني ۽ مدد به ڪئي، اهي ئي مؤمن آهن سچا، انهن جي لاءِ گناهن جي معافي ۽ بهترين رزق آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي، الله تعالى جي رستي ۾ جھاد ڪيو ۽ جن ماڻهن انهن (هجرت ڪندڙن) کي پناهه ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي اهي ئي ماڻهو پڪا مؤمن آهن، انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا مِن بَعدُ وَهاجَروا وَجٰهَدوا مَعَكُم فَأُولٰئِكَ مِنكُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 75) |
۽ جن (انھن کان) پوءِ ايمان آندو ۽ ھِجرت ڪئي ۽ اوھان سان گڏ جھاد ڪيو سي به اوھان مان آھن، ۽ مائٽيءَ وارا الله جي حُڪم موجب (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آھن، ڇوته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ توهان سان شامل ٿي جهاد ڪيائون سي به توهان ۾ ئي داخل آهن. (انهن کي پاڻ کان الڳ نه سمجهو) ۽ (باقي رهي هيءَ ڳالهه ته) الله جي حڪم موجب مائٽ هڪٻئي جي ميراث جا وڌيڪ حقدار آهن، (انهيءَ کان جو انصار جو ترڪو مهاجر ڀاءُ ڏي وڃي) بلاشبه الله تعاليٰ هرهڪ ڳالهه جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن انهن کان پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ توهان سان گڏ جهاد ڪئي پوءِ اهي به توهان مان آهن، ۽ رشتيدار (ورثي ۾) هڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن الله جي حڪم موجب، بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن (صلح حديبيه کان) پوءِ ايمان قبول ڪيو ۽ هجرت ڪئي ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيو اهي به اوهان مان ئي آهن. ۽ قرابت وارا خدا جي ڪتاب ۾ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا (ٻين جي مقابلي ۾) زياده حقدار آهن. بيشڪ خدا هي ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ان کان پوءِ ۽ هجرت ڪيائون ۽ جهاد ڪيائون اوهان سان گڏ پوءِ اهي اوهان مان آهن ۽ قرابت وارا بعضي انهن مان وڌيڪ ويجها آهن بعض سان الله جي ڪتاب ۾ بيشڪ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن هن کان پوءِ ايمان آندو ۽ وطن ڇڏيو ۽ اوهان سان گڏ جنگ ڪئي سي (به) اوهان مان آهن. ۽ مائٽيءَ وارا پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا الله جي حڪم ۾ زياده حقدار آهن، بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن هن کان پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيائون ته پوءِ اُهي اوهان مان آهن. ۽ رشتيدار الله جي ڪتاب ۾ هڪ ٻئي جا (وراثت ۾) زياده حقدار آهن. بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جن ايمان پوءِ، ۽ سانگ سِڌاريا، ۽ تو ڀيڙا لالن! لَڙيا، پوءِ اوهان مان عيان؛ ۽ قَرابتِي ڪي ڪن ڪنان، بهتر بي گمان، قادر جي ڪتاب ۾؛ سڀئي باب بيان، سَمجھندڙ سُبحان، حقيقت هر ڳالھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ان کانپوءِ ايمان آندو، وطن ڇڏيائون ۽ اوهان سان گڏجي جهاد ڪيائون ته پوءِ اهي به اوهان مان ئي آهن ۽ جي مٽ مائٽ آهن، اهي الله جي ڪتاب موجب هڪ ٻئي جا وارث آهن، بيشڪ الله هر هڪ شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ماڻهن بعد ۾ ايمان آندو ۽ هجرت ڪري آيا ۽ توهان سان گڏجي جهاد ڪرڻ لڳا، اهي به توهان ۾ شامل آهن. پر الله جي ڪتاب ۾ رت جي رشتيدارن جو هڪ ٻئي تي وڌيڪ حق آهي. بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو بعد ۾ ۽ هجرت ڪري آيا ۽ جدوجهد ڪرڻ لڳا تو سان، اهي به توهان ۾ ئي شامل آهن، پر رت جا رشتا هڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن الله جي ڪتاب ۾، بيشڪ الله هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن بعد ۾ ايمان آندو ۽ پوءِ هجرت ڪئي ۽ (هاڻي) توهان سان گڏ جھاد ۾ لڳي ويا آهن اهي به توهان ۾ شامل آهن (توهان سندن زندگيءَ ۾ ڀرپور مدد ڪري سگهو ٿا) پر نسلي مائٽ ئي الله تعالى جي حڪم مطابق (توهان جي ميراث جا) وڌيڪ حقدار آهن. بيشڪ الله تعالى کي هر شيءِ جو علم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |