توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالنّٰزِعٰتِ غَرقًا (آيت : 1) |
اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جيڪي (بد عمل ماڻهن جا روح) سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي سختي سان (ڪافرن جا) ساهه ڪڍن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن (فرشتن) جو قسم آهي جي (ڪافرن جا روح ٽٻي ڏئي تمام سختي سان ڇڪي ڪڍن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي ڇڪي ساهه ڪنڍڙن جو ٽٻي هڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جي سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي (ڪافرن جو ساهه)سختيءَ سان ڇڪي ڪڍڻ وارن (ملائڪن) جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قَسم ساھ ڪَڍندڙن جو، ٻوڙڻ ساڻ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛_ سختيءَ سان (ساهه) ڪڍندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي انهن (ملائڪن) جو جيڪي سختيءَ سان ڇڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي انهن (ملائڪن) جو جيڪي ڇڪن ٿا اندر گهڙي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (ڪافرن جو ساهه) سختيءَ سان ڪڍندڙ (فرشتن) جو .(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالنّٰشِطٰتِ نَشطًا (آيت : 2) |
۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن جو جيڪي (نيڪوڪارن جا روح) آسانيءَ سان ڪڍن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي نرمي سان (مؤمنن جا) ساهه ڪڍن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جو قسم جي (مومنن جي جان) سولي چڪي ڪڍن ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم آهي نرميءَ سان کوليندڙن جو آسانيءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهنجو آسانيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (۽ مؤمنن جو ساهه) آهستگي سان ڪڍي وڃڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ کِيانتا خير جا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسانيءَ سان ڳنڍ کوليندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هوريان ڪڍي وٺن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪڍي وڃن ٿا آهستگي سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي (مؤمنن جو) آرام سان ساهه ڪڍن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالسّٰبِحٰتِ سَبحًا (آيت : 3) |
۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن جو جيڪي (هوا) چيريندا اچن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي تيزي سان لهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جو قسم جي (آسمان ۽ زمين جي وچ ۾) ترن ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽قسم آهي ترندڙن جو تيزيءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جو جي (هوا ۾ ) ترن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تيز ترڻ وارن (فرشتن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ تارُو تَرندڙ تار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (فضا ۾) ترندا رهندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (انهن فرشتن جو جيڪي ڪائنات ۾) تڪڙو تڪڙو ترندا وتن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ملائڪ ڪائنات ۾) تيزيءَ سان ڦرن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو (الله تعالى جي حڪم سان ڪائنات ۾) تيزيءَ سان ڦرندا رهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالسّٰبِقٰتِ سَبقًا (آيت : 4) |
پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اڳتي وڌندا رهن ٿا (۽ ڪا رڪاوٽ نٿي پوي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي مؤمنن جا روح جنت ۾ پهچائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڳرائي ڪندڙن جو اڳرائي ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڊوڙي اڳتي وڌڻ وارن جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اڳو اَڳ آڳرٰو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وک وڌائيندڙ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (حڪم بجا آڻڻ ۾) هڪ ٻئي کان اڳرائي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حڪم پورا ڪن ٿا اڳتي وڌي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالمُدَبِّرٰتِ أَمرًا (آيت : 5) |
پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هر ڪم جي تدبير ڪن ٿا، (هنن سڀني شين کي شاهد بنائي اسان چئون ٿا) ته قيامت ضرور ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي حڪم مطابق انتظام هلائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (دنيا جا انتظام ڪن ٿا. (ته قيامت ضرور ٿيندي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تدبير ڪندڙن جو امر کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪنهن ڪم جي تدبير ڪن ٿا (ته قيامت ضرور ٿيندي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ڪائنات جي معاملن ۾) ڪم جي تدبير ڪرڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڪامِل ڪار سُڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪمن جو انتظام ڪندڙ ملائڪ؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (الله جي حڪمن مطابق) معاملا هلائن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (حڪمِ الاهي تي) معاملن جو انتظام هلائن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى جي حڪم مطابق) ڪائنات جو سمورو نظام هلائين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَرجُفُ الرّاجِفَةُ (آيت : 6) |
ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن ڌڏڻ واري (ڌرتي) ڌڏندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن پهرين ڦوڪ ڦوڪي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن زمين ڌڏندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڌٻندي ڌٻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ڌڏڻ وري ڌڏندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن (هر) متحرڪ شيءِ شديد لرزش ۾ اچي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته جنهن ڏِينهن ڌوٻڻ ڌُٻندي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هڪ ڏينهن زمين ڌڏندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن ڌوڏي ڇڏيندو اهو لوڏو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ڏينهن ڌوڏي ماريندو زلزلي جو جهٽڪو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن زمين زور سان ڌُڏندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَتبَعُهَا الرّادِفَةُ (آيت : 7) |
ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري (صور جي گجگوڙ) ان جي پٺيان ايندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پويان ٻي ڦوڪ ڦوڪي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان جي پٺيان ٻيو زلزلو ايندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پٺيان لڳندو ان کي ٻيو ڌٻڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري ان جي پٺيان ايندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پويان اچڻ وارو هڪ زلزلو ان جي پٺيان ايندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُٺيان لڳيس پُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس وري وري ڌوڏا ايندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان جي پويان وري هڪ ٻيو لوڏو ايندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان بعد لڳندو هڪ ٻيو جهٽڪو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري ان کان پوءِ ٻيھر لوڏا کائيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلوبٌ يَومَئِذٍ واجِفَةٌ (آيت : 8) |
تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن (ان صور جي ڏهڪاءَ سان) ڏڪڻ واريون هونديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن دليون ڏڪندڙ هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ لڳنديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دليون ان ڏينهن ڪنبدڙ هونديون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ واريون هونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن دليون (خوف ۾) ڌڙڪنديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دِليون دُکِي تِنهن ڏِينهن ۾، اَندر ڪَئـِين اڱار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن دليون ڪنبندڙ هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪي دليون انهيءَ ڏينهن ڊپ وچان ڏڪي رهيون هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪي دليون ان ڏينهن ڏڪنديون هونديون خوف کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪيتريون ئي دليون خوف کان ڏڪي وينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَبصٰرُها خٰشِعَةٌ (آيت : 9) |
انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان وقت بدڪار ماڻهن جون خواريءَ کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اکيون هيٺ جھڪيل هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ذلت کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اکيون انهن جون جهڪيل هونديون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (خواري کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جون اکيون جُهڪيل هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اکيون اُجھاڻل اُن جُون ، نيڻ نِماڻا نار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن اکيون جهڪيل هونديون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن نظرون هيٺ جهڪيل هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندن اکيون ڊنل هونديون خواري کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جون اکيون ڪومائجي (يعني جهڪيل ٿي) وينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَقولونَ أَءِنّا لَمَردودونَ فِى الحافِرَةِ (آيت : 10) |
چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هن وقت سندن غرور جي حالت آهي جو هو مڪافات وارن قانونن سان مذاق ڪندي) چون ٿا ته، ڇا اسين (مرڻ کان پوءِ وري) پهرين حالت (حيات) ڏي موٽايا وينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (ڪافر) چوندا ڇا بيشڪ اسين پهرين حالت ۾ موٽايا وينداسين؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چون ٿا ته اسين پهرين حالت (جئيڻ ڏي) موٽايا وينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا ڇا بيشڪ اسان البته موٽايل آهيون پهرين حالت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چون ٿا ته ڇا اسين پهرين حالت ڏي موٽايا وينداسون؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا اسان وري پهرئين حالت ڏي موٽايا وينداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪافِر اَڄ ڪَهن ٿا، ڪَن گُمراھ اِي گُفتار، ڇا اَسِين آهيون موٽڻا، وَرِي اڳين جي آچار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چون ٿا ته ”ڇا، تڏهن وري به ساڳيءَ هن حالت ۾ ٿينداسون؟“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي چون ٿا ته "ڇا اسان وري پوئين حالت ڏانهن موٽائي آندا وينداسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ماڻهو چون ٿا، ڇا موٽايا وينداسين پوئين پيرين ساڳيءَ حالت ۾!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڪافر) چون ٿا ته ڇا اسان کي (ٻيهر جيئرو ڪري) ساڳي حالت ۾ موٽايو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَءِذا كُنّا عِظٰمًا نَخِرَةً (آيت : 11) |
ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا (ان وقت موٽايا وينداسون) جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا جنهن وقت اسين ڳريل هڏا هونداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جڏهن هونداسون هڏا پراڻا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جڏهن اسان ڳريل هڏيون ٿي وينداسين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُونداسون جِنهن حال ۾، وَڄندڙ هَڏ هروار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اسين سڙيل هڏا ٿي وينداسون،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا جڏهن اسان ڀـُـتا ۽ ڳريل هڏا ٿي چڪا هونداسون؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ٿي وينداسين هڏا پراڻا ڀُريل ۽ ڳريل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اسان ڳريل سڙيل هڏا ٿي وينداسين (پوءِ به موٽايو ويندو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا تِلكَ إِذًا كَرَّةٌ خاسِرَةٌ (آيت : 12) |
چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چون ٿا ته، (جيڪڏهن) اهو (مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻو آهي) پوءِ نقصان وارو موٽڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چوندا ان وقت اهو موٽڻ (اسان لاءِ) نقصانده آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چون ٿا ته اهو موٽڻ (وري جئيرو ٿيڻ) وڏي نقصان وارو موٽڻ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چون ٿا ته اهو ان وقت موٽڻ خساري وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چون ٿا ته اهو (مرڻ کانپوءِ جيئرو ٿيڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ آهي (نه مشڪل سمجهو ان کي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چون ٿا ته: ”اهو (موٽڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَراڻيون، ته آھِ وَرِي، موٽڻ مُشڪل ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چون ٿا ته ”اهو ٻيو دفعو جيئرو ٿيڻ ته نقصان وارو آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوڻ لڳا: "اهو موٽڻ ته پوءِ وڏي نقصان وارو هوندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوڻ لڳا، اها واپسي ته پوءِ ڏاڍي هوندي گهاٽي واري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڌيڪ چون ٿا ته اها واپسي ته ڏاڍي نقصان واري چئبي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نه مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان لاءِ فقط هڪ هَڪل ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه (مشڪل سمجهو ان کي) ڇو ته اها (قيامت) ته رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اها ته صرف جهڻڪ هڪڙي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اها ته رڳو هڪڙي سخت هَڪل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فقط ڪم هِڪ ڦُوڪ جو، هَڪل هِڪ هيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اها (قيامت) رڳي هڪ هڪل هوندي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ته اها رڳو هڪڙي وڏي زور واري هڪل ٿيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن هي ايترو ڪم آهي جو هڪ هڪل ٿيندي هڪ ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اُها ته هڪ رَڙِ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا هُم بِالسّاهِرَةِ (آيت : 14) |
پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي ڏسندي ئي (قيامت ڏينهن) ميدان تي اچي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي ان وقت کليل ميدان ۾ (زنده ٿي) پهچندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اهي يڪدم پڌري پٽ تي (حشر جي ميدان) تي موجود هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان وقت اهي ميدان ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهي اتي ئي زمين جي پڌري پٽ تي اچي پوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تڏهن اُهي هڪ کليل ميدان ۾ پيا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَٿي ڪِنهن مَٿار، اَچِي نِڪرندا اوچتا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڪري يڪدم سڀ اچي ميدان ۾ بيهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ هڪدم اهي سڀئي کلي ميدان ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اتي ئي اهي هڪ کليل ميدان ۾ (گڏ) هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جنهن جي نتيجي ۾) سڀ اُتي جو اُتي کليل ميدان ۾موجود هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل أَتىٰكَ حَديثُ موسىٰ (آيت : 15) |
(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان وٽ موسيٰ جي ڳالهه پهتي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا تو کي موسى جي ڳالھ پهتي آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا تو وٽ موسى جي خبر آئي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو وٽ موسى جي خبر پهتي آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تو وَٽ توڙان آئيو، ڪو مُوسٰى جو مَذڪُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، توکي موسيٰ جي خبر پهتل آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا توکي موسيٰ جي قصي جي خبر پهتي آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي پهتي آهي (اها) ڳالهه موسيٰ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان وٽ موسى ($) جو واقعو پھتو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ نادىٰهُ رَبُّهُ بِالوادِ المُقَدَّسِ طُوًى (آيت : 16) |
جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن ان کي سندس پاليندڙ طويٰ جي مقدس نئي ۾ سڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت ان کي سندس رَبَّ طور سينا جي مُقدس وادي ۾ پُڪاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن کيس سندن پالڻهار “طوى” جي مقدس ميدان ۾ سڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن سڏيو ان کي ان جي رب پاڪ وادي طوى وٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ان کي سندس پاليندٰڙ پاڪ نئي ۾ سڏيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن کيس سندس پالڻهار طوى جي پاڪ وادي ۾ سڏيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن سانيسِ، کيس سَڏيو، پَروَر پاڪ حُضور، وادِي پاڪ طُوا ۾، جا ماٿرِي مَشهور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندس رب کيس پاڪ ماٿريءَ طويٰ ۾ سڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن سندس رب کيس طويٰ جي پاڪ واديءَ ۾ سڏي چيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن کيس سڏي سندس رب چيو هو پاڪ وادي طويٰ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن سندس پالڻھار کيس طوى جي پاڪ واديءَ ۾ سڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اذهَب إِلىٰ فِرعَونَ إِنَّهُ طَغىٰ (آيت : 17) |
ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته تون فرعون ڏي وڃ، ڇو ته هو (ڪمزورن کي دٻائي) حد کان لنگهي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته تون فرعون ڏانهن وڃ بيشڪ اهو (ڪفر ۽ فساد ۾) حد کان وڌي ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته فرعون ڏي وڃ! ڇو ته اهو حد کان لنگهي ويو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڃ فرعون ڏانهن بيشڪ اهو سرڪش بڻيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته : ”تون فرعون ڏانهن وڃ اهو سرڪش ٿي ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته وڃ ڦِريل فرعون ڏي، جنهن ۾، گھڻو ٿيو غُرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”فرعون ڏي وڃ، جو هو سرڪشي ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته "فرعون ڏي وڃ، هو ڏاڍو باغي ٿي ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون وڃ فرعون ڏانهن بيشڪ هو سرڪش ٿي ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ کيس حڪم ڪيو ته) فرعون ڏي وڃ. بيشڪ هو بغاوت تي لهي آيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقُل هَل لَكَ إِلىٰ أَن تَزَكّىٰ (آيت : 18) |
پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان کي چؤ ته، (تون دولت ۽ طاقت کي سڀ ڪجهه بڻايو آهي) ڇا توکي (انهن گندين خصلتن کان) پاڪ ٿيڻ جي به ڪا گهرج آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ تون ان کي چئو ته ڇا تون پاڪ ۽ صاف ٿيڻ گھرين ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان کي) چئو ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته ڪفر کان پاڪ ٿئين!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ فرماءِ ته ڇا تنهنجي رغبت آهي هن ڏانهن جو پاڪ صاف ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي چئو ته ڇا توکي پاڪ ٿيڻ جي ڪا رغبت آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (کيس) چؤ ته ڇا تنهنجي خواهش آهي ته تون پاڪ ٿين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چَوِينسِ، ته پاڪ ٿِيئَڻ جو، ڪو توکي پَھ ۽ پُور؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ چوينس ته اٿيئي ڪو گناهن کان پاڪ ٿيڻ جو ارادو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چويس ته ڇا تون ان لاءِ تيار آهين جو پاڪائي اختيار ڪرين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان کي چؤ ، ڇا تون تيار آهين پاڪيزگي اختيار ڪرڻ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کيس چؤ ته: ڇا تون سڌرڻ جو ارادو رکين ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَهدِيَكَ إِلىٰ رَبِّكَ فَتَخشىٰ (آيت : 19) |
۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ به (گهرج آهي) ته آئون توکي تنهنجي پالڻهار جو (عام پالڻهاريءَ وارو) رستو ڏيکاريان ته (تنهنجي لاءِ حجت بڻجي ۽) ان کان ڊڄين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون توکي تنهنجي رب ڏانهن رستو ڏيکاريان ٿو پوءِ تون (ان جي عذاب کان) خوف ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ تو کي تنهنجي پالڻهار جي راھ ڏسيان ته تون ان کان ڊڄين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هدايت ڏيان مان توکي تنهنجي رب ڏانهن پوءِ ڊڄين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هيءَ به (رغبت آهي) ته آءُ توکي تنهنجي پاليندڙ جو رستو ڏيکاريان ته ان کان ڊڄين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ تنهنجي پالڻهار ڏانهن تنهنجي رهنمائي ڪيان ته تون (ان کان) ڊڄين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُونهون سائـِينءَ ڏي ڪرِئين، پوءِ ڊِڄِين مالِڪ کان مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ توکي تنهنجي رب جو رستو ڏيکاريان، ته مَن تون کانئس ڊڄين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان توکي تنهنجي رب ڏانهن واٽ ڏسيان ته تون (کانئس) ڊڄڻ لڳين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون رهنمائي ڪريان تنهنجي رب ڏانهن ته ان جو خوف تنهنجي اندر پيدا ٿئي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مان تنھنجي پالڻھار ڏي تنهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته جيئن تنھنجي اندر (ان جو) خوف پيدا ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرىٰهُ الءايَةَ الكُبرىٰ (آيت : 20) |
پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان کي (خدائي قانونن جي علامت لٺ ۽ روشن هٿ جي معجزي واري) وڏي نشاني ڏيکاريائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ ان کي هڪ وڏي نشاني ڏيکاري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ موسى کيس (عصا جو) وڏو معجزو ڏيکاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڏيکاريائين ان کي معجزو وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي وڏي نشاني ڏيکاريائين(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اتي وڃي) کيس وڏي نشاني ڏيکاريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اکيَنِ ڏيکارئين اُن کي، ڪا وَڏِي نِيشاني نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هن کيس وڏي نشاني ڏيکاري (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ موسيٰ (فرعون وٽ وڃي) کيس وڏي نشاني ڏيکاري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏيکاري نشاني (موسيٰ ان کي) وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اطمينان ڏيارڻ خاطر) پوءِ موسى ($) کيس وڏيون نشانيون ڏيکاريون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبَ وَعَصىٰ (آيت : 21) |
پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (به هو سرڪشي تان نه لٿو جو) هن (موسيٰ کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نافرماني ڪيائينس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ فرعون تڪذيب ڪئي ۽ ان نافرماني ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر هن ڪوڙ ڪيو ۽ نه مڃيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪوڙو چيائين ۽ بي فرمان ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو هن ڪوڙو ڪيس ۽ نافرماني ڪيائينس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڪوڙو سمجھيو ۽ نافرماني ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪاهي پِيو ڪُوڙن ۾، ۽ ٿيو بُڇرو بي شُعُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر هُن کيس ڪوڙ سمجهيو ۽ نه مڃيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر هن ڪوڙ ڀانيو ۽ نه مڃيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر هن ڪوڙو ڀانيو (موسيٰ کي) ۽ نه مڃيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر هُن موسى ( $ کي) ڪوڙو ڪيو ۽ نافرماني تي لهي آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَدبَرَ يَسعىٰ (آيت : 22) |
وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ويتر پرپٺ ٿي (موسيٰ جي خلاف) ڪوششون ڪرڻ لڳو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ پُٺ ڏئي، مخالفت ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ڦري (پاڻ مخالف) ڪوشش ڪرڻ لڳو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ پٺي ڏنائين ڪوشش ڪري پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري پٺ ڏئي (موسيٰ جي خلاف) ڪوشش ڪرڻ لڳو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پٺيرو ٿيو (موسى جي خلاف) ڪوشش ڪرڻ لڳو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي وَريو پوئتي، ڊُڪيو ڊوڙيو دُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پُٺ ڦيري ڊوڙ ڊڪ ڪرڻ لڳو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڪو بلو ڪرڻ لاءِ پوئتي موٽيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري چالبازين لاءِ موٽيو (پٺيرو تڪڙو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هدايت وارين ڳالهين کي) پٺي ڏنائين ۽ (ان جي خلاف) چال بازيون ڪرڻ لڳو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَحَشَرَ فَنادىٰ (آيت : 23) |
پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هن (فرعون پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ وڏي واڪي تقرير ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (جادوگرن کي) گڏ ڪري پوءِ ندا ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري (ماڻهن کي) گڏ ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ماڻهو گڏ ڪيائين پوءِ اعلان ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ هن (پنهنجي قوم کي) گڏ ڪيو پوءِ پڪاريائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ماڻهن کي) گڏ ڪري پوءِ پڪاريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڦِريَل فوجون ميڙيون، ڪَئـِي مُنادِي مَغرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ماڻهو گڏ ڪري اعلان ڪيائين (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ماڻهن کي گڏ ڪري سڏي چيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهن کي گڏ ڪري چيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ماڻهن کي گڏ ڪري چيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالَ أَنا۠ رَبُّكُمُ الأَعلىٰ (آيت : 24) |
پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (انهن کي) چيائين ته، آئون اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ چيائين آئون توهان جو مٿاهون رب آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ وڏي آواز چيائين ته آءُ توهان ماڻهن جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيائين ته مان اوهان جو مٿاهون رب آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چيائين ته آءُ اوهان جو تمام مٿاهون پاليندڙ آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چيائين: ”آءٌ اوهان جو سڀ کان وڏو پالڻهار آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَيائـِين ڪيڏو ڪُوڙ، ٻَڌي دعوٰى هن دَستور. ته آئون سائـِين اَهنجو، آهيان زَبر ضَرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”آءُ ئي اوهان جو سڀ کان مٿانهون مالڪ آهيان!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته "مان توهان جو وڏي ۾ وڏو رب آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چيو، آئون توهان جو رب آهيان سڀ کان وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان ئي توهان جو سڀ کان وڏو پالڻھار آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكالَ الءاخِرَةِ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى ان کي دنيا ۽ آخرت جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا (به) دنيا ۽ آخرت (ٻنهي) جي عذاب ۾ گرفتار ڪيس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڪڙيو ان کي الله آخرت ۽ دنيا جي عذاب سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ دَرد دُنيا آخِرت جو، گھيري ڪيو غَرقُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کيس آخرت خواهه دنيا ٻنهي جي عذاب سان پڪڙ ڪئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ الله کيس آخرت ۽ دنيا جي عذاب ۾ جڪڙي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ کيس پڪڙيو الله سزا طور آخرت ۽ دنيا ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ الله تعالى کيس دنيا ۽ آخرت جي عذاب ۾ پڪڙي ورتو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِمَن يَخشىٰ (آيت : 26) |
بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ ان (واقعي) ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جيڪو (الله تعاليٰ کان) ڊڄي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ يقيناً ان ماڻهوءَ لاءِ عبرت آهي جيڪو خوف ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جو شخص (خدا کان) ڊڄي تنهن لاءِ ان ڳالھ ۾ سبق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته عبرت آهي ان جي لاءِ جيڪو ڊڄي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جو ڊڄي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (قصي ۾) ان ماڻهوءَ عبرت آهي لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو سامهان، ساري سُور، اَن لئي، عِبرت آهي اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ خدا ترس جي واسطي عبرت آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ ان ۾ وڏي عبرت آهي، هر ان شخص لاءِ جيڪو ڊڄي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهيءَ جي اندر وڏي عبرت آهي هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ڊڄي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هن واقعي ۾ (پالڻھار کان) ڊڄڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءَأَنتُم أَشَدُّ خَلقًا أَمِ السَّماءُ بَنىٰها (آيت : 27) |
ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا پيدائش جي لحاظ کان اوهان جو بنائڻ زياده مشڪل آهي يا آسمان جو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان تخليق ڪرڻ ۾ وڌيڪ سخت آهيو يا آسمان، الله تعالى ان کي بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا اوهان جو پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي يا آسمان جو جنهن ان کي بڻايو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان ڏکيا آهيو پيدا ڪرڻ ۾ يا آسمان؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان جو بنائڻ زياده سخت آهي يا آسمان جو؟ ان کي بنايو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان جو پيدا ڪرڻ وڌيڪ سخت آهي يا آسمان جو؟ جنهن کي ان بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهکا جوڙڻ ۾ اَوهِين، ڪِ اُهکِي اُڀ جِي ڳالھ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا اوهان جو بنائڻ وڌيڪ ڏکيو آهي يا آسمان؟ جو هن کيس بنايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي خلقڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا آسمان کي؟ الله ان کي بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ماڻهن جي وڌيڪ ڏکي آهي پيدائش يا آسمان جي؟ ان کي بڻايو (الله)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان پيدا ڪرڻ ۾ ڏکيا آهيو يا آسمان؟ (ان ئي) آسمان کي بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَفَعَ سَمكَها فَسَوّىٰها (آيت : 28) |
اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جنهن کي) اهڙيءَ طرح (بنايو اٿس) جو ان جي ٿلهائي (ڇت) کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جي ڇت کي بلند ڪيائين پوءِ ان کي هموار ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جي ڇت تمام بلند ڪيائين ۽ وري ان کي درست ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٺاهيائين ان کي بلند ڪيائين ان جي ڇت پوءِ ٺيڪ ڪيائين ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙي طرح جو ان جي ٿلهائي کي مٿي ڪري پوءِ ان کي برابر ڪيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي ڇت اوچي ڪيائين پوءِ ان کي ٺيڪ طرح سڌو ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ري ٿَنڀِين، ري ٿوڻيِين، بنائـِينسِ بَحال، چاڙهِين چوٽي اُن جِي، چڱا رَکـئـِين چِٽ سال، پوءِ سَرکو سُهڻو سَڀ طرح، جوڙيَسِ جَلَّ جَلال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس ڇت کي اونچو ڪيائين، پوءِ کيس سڌو ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جي ڇت تمام مٿي ڪيائين. پوءِ ان کي برابر بيهاريائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تمام مٿاهين ڪيائين ڇت ان جي پوءِ ان کي برابر بيهاريائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي ڇت بلند ڪئي ۽ ان جو توازن قائم رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَغطَشَ لَيلَها وَأَخرَجَ ضُحىٰها (آيت : 29) |
۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ (ڏينهن کي) ان جي روشنيءَ سان ڪڍيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان آسمان جي رات اونداهيءَ واري ڪيائين ۽ ان جي روشني کي چمڪايائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جي رات کي اونداهي وارو ۽ (ڏينهن جو) ان جي اس ڪڍيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽اوندهه واري بنايائين ان جي رات ۽ ڪڍيائين ان جي روشني .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان جي رات کي اونداهيءَ وارو ڪيو اٿس ۽ ان جي روشنيءَ (سج) کي ڪڍيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جي رات کي اونداهو ڪيائين ۽ ان جي روشني (ڏينهن) کي ظاهر ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ راتسِ ڪاري رَنگ ڪَئـِين، قُدرت ساڻ ڪَمال، ڏِينهن ڪَڍيائـِين ڏيھ تي، ڏيئـِي جوت جَمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس رات کي اونداهو ڪيائين، سندس ڏينهن جي روشنيءَ کي ڪڍيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان جي رات کي ڍڪيائين ۽ ان جي ڏينهن کي ڪڍيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان جي ڍڪيائين رات ۽ ڪڍيائين ان جو (روشن) ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي رات کي اونداهون ڪيو ۽ (ان مان) روشنيءَ کي ظاهر ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَرضَ بَعدَ ذٰلِكَ دَحىٰها (آيت : 30) |
۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان کان پوءِ زمين کي (اوهان جي سهولت لاءِ) وڇائي ڇڏيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين کي ان کان پوءِ وڇايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين کي ان کان پوءِ پکيڙيائين ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇائي ڇڏيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان پوءِ زمين کي وڇايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُون پَکڙيئـِين، تِنهن پُٺيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان پوءِ زمين کي هموار ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کانپوءِ زمين کي وڇايائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زمين کي ان کان پوءِ وڇايائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پوءِ زمين کي وڇايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَخرَجَ مِنها ماءَها وَمَرعىٰها (آيت : 31) |
اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هن طرح جو) اُن مان اُن جو پاڻي ۽ ان جا نباتات ڪڍيا اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ مان ان جو پاڻي ۽ مال جو چارو پيدا ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاھ ڪڍيو اٿس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪڍيائين ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هن طرح جو) ان مان ان جو پاڻي ۽ ان جو گاهه ڪڍيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان مان ان جو پاڻي ۽ گاهه ڪڍيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن مان جَر ڪڍيائـِين جال، گھاٽا گاھ اُن ۾، مُلڪ مالا مال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان مان سندس پاڻي ۽ چارو ڪڍيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهانئس ان جو پاڻي ۽ گاهه ڪڍيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪڍيائين ان جي اندر مان پاڻي ۽ چارو (گاهه)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان جي اندران پاڻي ۽ گاهه ڪڍيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالجِبالَ أَرسىٰها (آيت : 32) |
۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جبلن کي (مضبوط) کوڙيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان جي جبلن کي مضبوط بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبلن کي کوڙيو اٿس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جبل مضبوط بيهاريائين انهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جبلن کي کوڙيو اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبلن کي ان ۾ کوڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي جَبَل جَھان م، ٻَڌئـِين ٻيڙي جي مثِال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبلن کي کوڙي ڇڏيائين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ۾ جبل کوڙيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جبلن کي ان ۾ کوڙيائين (ڪِلن جيان)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان ۾ جبل کوڙيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَتٰعًا لَكُم وَلِأَنعٰمِكُم (آيت : 33) |
اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ سڄي سلسلي کي ترتيب سان رکيو اٿس) اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ۾ توهان لاءِ ۽ توهان جي چؤپاين لاءِ نفعو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو سڀ ڪجھ ۽ ان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان ۽ اوهان جي چوپاين جي (نفعي) لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي ۽ اوهان جي وهٽن کي فائدي پهچائڻ لاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو جياپي جو سامان) اوهان لاءِ ۽ اوهان جي جانورن جي فائدي لاءِ (ڪيائين).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي سَڀ ڀَلي جا ڀال، اوهان، ڪِ اوهان جي مال لئي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان ۽ اوهان جي ڍورن جي فائدي خاطر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان لاءِ ۽ توهان جي چوپائي مال لاءِ زندگي گذارڻ جو سامان ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گذران ٿئي ٿو توهان جي (جياپي جو) ۽ توهان جي ڍورن لاءِ (کاڌو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو سڀ ڪجهه) توهان ۽ توهان جي جانورن جي فائدي لاءِ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا جاءَتِ الطّامَّةُ الكُبرىٰ (آيت : 34) |
پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن وڏي مصيبت (ٻي ڦوڪ) ايندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ايندي آفت وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن وڏي آفت (قيامت) ايندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آئـِي آفت اوچتي، وَڏِي ڪا، جِنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن وڏي آفت ايندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اهو وڏو ٿرٿلو مچندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اهو ايندو (برپا ٿيندو) هنگامو (وڏي ۾) وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت برپا ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَتَذَكَّرُ الإِنسٰنُ ما سَعىٰ (آيت : 35) |
اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُن ڏينهن انسان پنهنجي ڪيل عمل کي ياد ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن سڀ ڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن ياد ڪندو انسان اهو جيڪو ڪمايائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو جيڪي ڪيا هوندائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪوشش (۽ عملن) کي ياد ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ماڻهؤَ، لَڳن مَن سان، جي ڪَيائـِين ڪَم ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن انسان سندس ڪمن کي ياد ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن انسان پنهنجو سڀ ڪيو ياد ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن ڏينهن ساريندو انسان پنهنجي سڀڪا ڪمائي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينهن انسان پنھنجي عملن کي ياد ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِمَن يَرىٰ (آيت : 36) |
۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسڻ واري لاءِ (سندس اکين اڳيان) دوزخ ظاهر ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر ڏسندڙ لاءِ جهنم ظاهر ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏسڻ وارن جي اڳيان دوزخ ظاهر ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ظاهرڪيو ويندو دوزخ ان جي لاءِ جيڪو ڏسندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏسڻ واري لاءِ دوزخ ظاهر ڪيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر ڏسڻ واري لاءِ دوزخ نِروار ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَڍِي ڪَبو ميدان تي، دَوزخ دَهشت دار، ته نيڻن ساڻ نِروار، ڏِسِي جو ڏِسِي سَگھي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دوزخ کي، ڏسندڙن لاءِ ظاهر ڪبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هر ڏسڻ واري جي آڏو دوزخ کي کولي ظاهر ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کوليو ويندو دوزخ هر ڏسڻ واري لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) هر ڏسڻ واري لاءِ دوزخ کي ظاهر ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمّا مَن طَغىٰ (آيت : 37) |
پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته پوءِ جيڪو (زندگيءَ جي عملن ۾) حدن کان لنگهيو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو ماڻهو حد کان وڌيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جنهن (به دنيا ۾) آڪڙڪئي هوندي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جنهن سرڪشي ڪئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته پوءِ جو حد کان لنگهيو هوندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جِنهن پاتو، وِنگو پير واٽ کان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جنهن سرڪشي ڪئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جنهن ڪئي سرڪشي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو جنھن ماڻهو بغاوت ڪئي هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاثَرَ الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 38) |
۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي (آخرت جي حياتيءَ تي) پسند ڪيو هوندائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ دنيا جي زندگي کي (آخرت تي) ترجيح ڏنائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ دنيا جي حياتي کي پسند ڪيو هوندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اختيار ڪيائين حياتي دنيا واري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي پسند ڪيو هوندائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ دنياوي حياتي کي (آخرت) کان وڌيڪ سمجھيو هوندائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ننڍڙِي هِن حَياتِئَ تي، ٿيو اَجايو آتو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دنيا جي حياتيءَ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو هوندائين (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني هئائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ترجيح ڏني هئي دنيا جي زندگيءَ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ دنيا جي زندگيءَ کي ترجيح ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّ الجَحيمَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 39) |
تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ اها جهنم ئي اُن جي رهائش آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن جو ٽڪاڻو ته پڪ دوزخ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بيشڪ دوزخ ئي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ دوزخ ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ دوزخ (ان جي) رهڻ جي جاءِ هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھَنمَّ، جو کاتو، آھِ جائـِي، جاءِ اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ سندس ٺڪاڻو دوزخ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته دوزخ ئي ان جو ٺڪاڻو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيشڪ دوزخ ئي ان جي جاءِ هوندي (رهڻ جي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته بيشڪ دوزخ ئي (اُن جي) رهڻ جي جاءِ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا مَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفسَ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 40) |
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون (حساب ڪتاب جي سختي واري حالت ۾) بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي (ان خوف جي ڪري) نفس کي خواهشن کان روڪيو هوندائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر اهو ماڻهو جيڪو پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ کان ڊنو ۽ پنهنجي نفس کي بُرن ڪمن کان روڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ پاڻ کي ناجائز خواهش کان روڪيندو رهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جنهن ڊپ ڪيو پنهنجي رب جي سامهون بيهڻ کان ۽ روڪيائين نفس کي خواهش کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو هوندائين ته (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ نفس کي (برين) خواهشن کان روڪيو هوندائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀانتو ڀَؤ بِيهڻ کان، جِنهن پَنهنجِي پَروَر پيش، ۽ جَھلئـِين پَنهنجِي جان کي، ڪَنان اَجائي عيش، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪو شخص سندس رب اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ سندس جان کي برين خواهشن کان بچائيندو رهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو پنهنجي رب جي آڏو بيهڻ کان ڊنو هو ۽ نفس کي بڇڙين خواهشن کان جهلي ڇڏيو هيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به ڊنو بيهڻ کان سامهون پنهنجي رب جي، ۽ روڪي رکيو هو نفس کي برين خواهشن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو (دنيا جي زندگيءَ ۾) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي (ناجائز) خواهشن کان روڪيندو رهيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّ الجَنَّةَ هِىَ المَأوىٰ (آيت : 41) |
پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته بيشڪ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ اها جنت ئي سندس رهائش ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان جو ٽڪاڻو پڪ بهشت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بيشڪ جنت ئي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جنت ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته پوءِ بيشڪ جنت ئي ان جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هَرگِز هَر هميش، آھِ جنت جاءِ اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ ان جو ٺڪاڻو بهشت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جنت ان جي جاءِ هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيشڪ جنت ئي ان جي جاءِ هوندي (رهڻ جي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته پوءِ جنت ئي ان جي رهڻ جي جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها (آيت : 42) |
(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! اهي ماڻهو اعتراض طور) توکان قيامت جو پڇن ٿا ته، اها ڪڏهن ٿيڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي اهي توهان کان قيامت بابت سوال ڪن ٿا ته اها ڪهڙي انتظار ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا توکان قيامت جي باري ۾ ته ڪڏهن آهي ان جو واقع ٿيڻ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) توکان قيامت جو پڇن ٿاته اها ڪڏهن قائم ٿيڻ واري آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو کان (قيامت جي) گھڙي جو پڇن ٿا ته: ”اها ڪڏهن ٿيندي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي ڪَن قِيامَت جي، ساعت جو سُوال، ته ڪڏهن اِنهِئَ قيامت جو، لنگر آھِ لال!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان قيامت بابت ٿا پڇن ته ڪڏهن ايندي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان پڇن ٿا ته ڀلا اها گهڙي ڪڏهن اچي سهڙندي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توکان پڇن ٿا هي ماڻهو ته، آخر اها گهڙي (قيامت) ڪڏهن ايندي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ماڻهو) توهان کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اُها ڪڏهن ايندي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيمَ أَنتَ مِن ذِكرىٰها (آيت : 43) |
(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي ان جي ذڪر مان ڪهڙو فائدو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ۾ آهين تون ان جي خبر بابت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) تنهنجو ان جي بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تنهنجو ان جي (وقت) بيان ڪرڻ سان ڪهڙو واسطو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِٿان آهِين، تون اُن جو، وَرَنھ! واقِف حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر تون ڇا لاءِ ٿو ان جي ذڪر ۾ پوين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو ڇا، جو ان جو وقت ٻڌائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪهڙو ڪم تنهنجو جو ان جو وقت ٻڌائين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر ان جي ٻڌائڻ ۾ توهان جو ڪهڙو واسطو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلىٰ رَبِّكَ مُنتَهىٰها (آيت : 44) |
اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ (واقع ٿيڻ) جي خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جي رب تائين ان جي انتها آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهنجي پروردگار کي ئي ان جي پڇاڙي جي خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهنجي رب وٽ ان جي انتها آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجي پاليندڙ کي ئي ان جي پڇاڙيءَ جي خبر آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تنهنجي پالڻهار ڏانهن ان جي (علم جي) انتها آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي پَروَر پاڪ ڏي، آهي اَنت اِنهِئَ ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان جو ڇيهه ته تنهنجي ڌڻيءَ وٽ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان بابت ڄاڻ جو ته تنهنجي رب تي وڃي ٿو دنگ ٿئي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ته تنهنجي رب وٽ ان جو (اصلي) ڇيهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جو اصل علم توهان جي پالڻھار کي ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخشىٰها (آيت : 45) |
جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون رڳو ان شخص کي (خدا جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان) ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ته ان کي ڊيڄاريندڙ آهيو جيڪو ان جي عذاب کان ڊڄي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون ته رڳو جو شخص ان کان ڊڄي تنهن کي ڊيڄارڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تون ته صرف ان کي ڊيڄاريندڙ آهين جيڪو ان کان ڊڄي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون خالي ان شخص کي ڊيڄاريندڙ آهين جو ان کان ڊڄي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون صرف ان شخص کي ڊيڄارڻ وارو آهين جو ان کان ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون رُڳو رَهبر اُن جو، جو رکي خوف خيال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ته فقط ان کي ڊيڄار، جو ان کان ڊڄي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون ته فقط خبردار ڪرڻ وارو آهين، هر انهيءَ شخص کي جيڪو انهيءَ کان ڊڄي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تون ته فقط خبردار ڪرڻ وارو آهين جيڪو ڊڄي ان کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان ته ان کي ڊيڄارڻ وارا آهيو، جيڪو اُن جو خوف رکندو هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَنَّهُم يَومَ يَرَونَها لَم يَلبَثوا إِلّا عَشِيَّةً أَو ضُحىٰها (آيت : 46) |
جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن قيامت کي ايترو تڪڙو آيل ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) گوياڪ بيشڪ اهي ان ڏينهن کي ڏسندا (۽ چوندا) نه رهياسين اسين (دنيا ۾) مگر هڪ شام يا هڪ صبح(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا) ۾ هڪڙي شام صبح رهيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته اهي جنهن ڏينهن ان کي ڏسندا ته نه رهيا مگر شام يا ان جي صبح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ان (قيامت) کي ڏسندا (تنهن ڏينهن ائين ڀائيندا) ته ڄڻ (دنيا ۾) هڪڙي شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن اُهي ان کي ڏسندا ته ائين سمجھندا ڄڻڪ (دنيا ۾) هڪ شام يا ان جي صبح کان وڌيڪ نه رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ڏِسندا اُن کي، ته ڀائـِيندا بَحال، جِھڙو ڪَر جھان ۾، ڪاٽيائون نَه، ڪالھ، مَگر چَون مَتوال، ته سانجِھئ، ڪِ صُبح هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن اهي کيس ڏسندا، تڏهن ائين سمجهندا، ته (دنيا ۾) رڳو ڪا شام يا صبح رهيا هئا!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن اهي ان کي ڏسندا ته ائين لڳندن ته ڄڻ (هو دنيا ۾ يا موت واريءَ حالت ۾) ڏينهن جو بس ڪو پويون پــَـهــَـر يا اڳيون پــَـهــَـر مس ترسيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جڏهن ان ڏينهن کي ڏسندا ته کين (محسوس ٿيندو) اهي رهيا آهن ڪا شام (هڪ ڏينهن جي) يا ان جو صبح(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن اُهي ان کي ڏسندا ته (ايئن سمجهندا ته) ڄڻ ته هي هڪ شام يا هڪڙي صبح کان سواءِ دنيا ۾ رهيا ئي نه هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |