توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
عَمَّ يَتَساءَلونَ (آيت : 1) |
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي ماڻهو) ڪهڙي ڳالهه بابت هڪٻئي کان پڇن ٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي قريش قوم وارا) پاڻ ۾ ڪهڙا سوال ڪري رهيا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو پاڻ ۾ ڪهڙي شيءِ جو حال پڇن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جي باري ۾ هڪ ٻئي کان پڇن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪهڙي ڳالهه بابت هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي ڇا جي باري ۾ پڇن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇن ڇا جا پار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي پاڻ ۾ ڇا بابت ٿا سوال جواب ڪن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو ڪهڙي شيءِ بابت پڇا ڪن ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪهڙي شيءَ بابت (ماڻهو) پڇن ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪهڙي شيءِ جي باري ۾ هي ماڻهو هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَنِ النَّبَإِ العَظيمِ (آيت : 2) |
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙي وڏي واقعي (قيامت) بابت.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ وڏي خبر جو حال(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبر وڏيءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙي وڏي خبر (قيامت) بابت (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تمام وڏي خبر جي باري ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇن ڳَرِي ڳالھ جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي وڏي واقعي بابت، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهيءَ وڏيءَ خبر بابت؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ان خبر بابت جيڪا وڏي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن وڏي خبر جي باري ۾ (پڇن ٿا)؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى هُم فيهِ مُختَلِفونَ (آيت : 3) |
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ۾ اهي (پاڻ ۾) اختلاف ڪندڙ آهن. (ان لاءِ ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن (جي باري) ۾ اهي ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها جو اهي ان ۾ اختلاف ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندڙ آهن(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن بابت اِهي اختلاف ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي آهِن اُن ۾، ڌُرِيون ڌارو ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ هو ڌار ڌار خيال رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن بابت انهن مان ڪي ڪيئن ٿا چون ته ڪي ڪيئن ٿا چون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو ان باري ۾ اختلاف ڪندڙ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن جي اچڻ ۾ هي اختلاف ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 4) |
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ سان (انهن جو اهو اختلاف گهڻو وقت نه هلندو) اجهو اهي ان (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار! اهي جلد ڄاڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار کين جلد ئي خبر پوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ائين ناهي جلد ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار (متان اختلاف ڪن) اجهو اهي (ان جي حقيقت کي) ڄاڻي وٺن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! سِگهو اِهي ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ سِگھو سَمجھندا، ته قِيامت ڪِهڙي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر ياد رکو! جلد ئي کين خبر پوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، سگهوئي خبر پوندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبردار! اهي جلد ڄاڻي وٺندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! کين عنقريب خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ كَلّا سَيَعلَمونَ (آيت : 5) |
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي خبردار ٿين (جيئن اهي سمجهن ٿا ائين ڪونهي) اجهو اهي ڄاڻي وٺندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ خبردار! اهي جلد ڄاڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري خبردار ٿين اجهو اهي ضرور ڄاڻي وٺندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ائين ناهي جلد ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري خبردار ٿين اجهو اهي ڄاڻي وٺن ٿا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري خبردار جلد اِهي ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي به سِگھو سَمجھندا، صَحِي سَماچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وري به ياد رکو! جلد ئي کين خبر پوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ها، ڪڏهن به نه، ڄاڻ ٿو پتو پوينِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها! هرگز نه، اهي جلد ڄاڻي وٺندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري هڪ ڀيرو چوان ٿو ته) انهن کي عنقريب خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ مِهٰدًا (آيت : 6) |
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي ماڻهو! اسان لاءِ اهو ڪيئن ناممڪن آهي) ڇا اسان زمين کي (ان جي گولائي ۽ ان جي تيز چرپر جي باوجود) وڇاڻو نه ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو نه بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسين زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڪيو اسان زمين کي وڇاڻو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ماڻهو!) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪيون سون ڪِيَن زَمِين کي غالِيچو گُلزار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اها حقيقت ناهي ته اسان زمين کي وڇاڻو بنايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي (سچ ناهي) ته بڻايوسين زمين کي وڇاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالجِبالَ أَوتادًا (آيت : 7) |
۽ جبلن کي ميخون؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جبلبن کي زمين جون ميخون؟ (جو زمين تيز چرپر جي باوجود سنوت ۾ آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جبلن کي ميخون نه بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون نه ڪيون آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جبلن کي ميخون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جبلن کي زمين جون ميخون؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون بنايو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڙون ڪيوسون جَبَلن کي، ڪِل سان، ڪِل قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبلن کي ميخون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جبلن کي ميخون ڪري کوڙيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جبلن کي (کوڙيو) ميخن وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جبلن کي (زمين جون) ميخون (بنايو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَخَلَقنٰكُم أَزوٰجًا (آيت : 8) |
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. (جنهن سان اوهان جو نسل وڌي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان توهان کي مذڪر ۽ مؤنث بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪيوسون اوهان کي جوڙا جوڙا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان اوهان کي (مردن ۽ عورتن جي) جوڙن ۾ پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُپايو سون آن کي، جوڙو، نَر ۽ نار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي جوڙا جوڙا خلقيا اٿئون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان (مردن ۽ عورتن) کي جوڙا جوڙا ڪري پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پيدا ڪيو توهان کي جوڙن ۾ (مرد ۽ عورتون)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ٻه جنسون (مرد ۽ عورت) ڪري پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا نَومَكُم سُباتًا (آيت : 9) |
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (رات ڏينهن جي ڦيري سان) اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان توهان جي ننڊ کي توهان لاءِ آرام بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي ننڊ کي آرام (جو سبب) مقرر ڪيو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيو اسان اوهان جي ننڊ کي فرحت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَهنجِي نَنڊ اوهان لئي، ڪَئـِي سون بِه قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان لاءِ ننڊ کي فرحت بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جي ننڊ کي آرام ڏيندڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين توهان جي ننڊ کي فرحت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوهان جي ننڊ کي سڪون وارو بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنَا الَّيلَ لِباسًا (آيت : 10) |
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات کي (اوهان جي آرام لاءِ) ڍڪ ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان رات کي لباس بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيو اسان رات کي ڍڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان رات کي پردو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيوسون ڪارِي رات کي، پَهرَن پَهر چار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رات کي ڍڪ بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رات کي ڍَڪُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين رات کي لباس (پردو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان رات کي پرده پوشي (يعني ڍَڪَ) جو وقت بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنَا النَّهارَ مَعاشًا (آيت : 11) |
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڏينهن کي روزگار لاءِ بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏينهن کي گذران (جو وقت) ڪيو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيو اسان ڏينهن کي گذران جو وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڏينهن کي روزگار (جو وقت) بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِينهن ڪيوسون ڏيھ لئي، روشن روزگار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏينهن کي گذران لاءِ بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏينهن کي روزگار جو وقت بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين ڏينهن کي گذران جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڏينھن کي ڪمائڻ جو وقت ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَنَينا فَوقَكُم سَبعًا شِدادًا (آيت : 12) |
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان توهان جي مٿان سَتَ سخت آسمان بنايا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاهيا اسان اوهان جي مٿان ست آسمان مضبوط .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان توهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اَڏياسون آن مٿان، سَت اُڀ سَخت اَپار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان مٿي ست مضبوط (آسمان) بناياسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بيهاريا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بناياسين توهان جي مٿان ست (آسمان) مضبوط(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا سِراجًا وَهّاجًا (آيت : 13) |
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هڪڙو روشن ڏيئون سج پيدا ڪيو آهي. (جيڪو اوهان لاءِ روشني جو سرچشمو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان سج کي گرمي ڏيندڙ ۽ روشني ڪندڙ بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي (سج کي) روشن چراغ بنايو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيو اسان ڏيو چمڪندڙ (سج) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪڙو روشن ڏيئو پيدا ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هڪ چمڪندڙ روشن چراغ (سج) بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏيو ڪيو سون ڏيھ ۾، چَمڪندڙ چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هڪ چمڪندڙ ڏيئو، (سج) بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هڪڙو نهايت چمڪندڙ ۽ گرم ڏيئو (سج) پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بنايوسين هڪ ڏيئو (سج) روشن گرم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هڪ انتھائي تيز روشني وارو ڏيئو (يعني سج) بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنزَلنا مِنَ المُعصِرٰتِ ماءً ثَجّاجًا (آيت : 14) |
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڪڪرن مان مِينهن نازل ڪيو جيڪو گھڻو وسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي وسايو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وسايو سون ڪڪرن مان پاڻي وهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي نازل ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ لاٿوسون لُطف سان، مَنجھان مينگھ مَلهار، پاڻي پوڄ پَٽن تي، نَمندڙ نارو نار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪڪرن مان لڳو لڳ مينهن ٿا وسايون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڀريل ڪڪرن مان پوندڙ مينهن وسايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نازل ڪيوسين (وسايو) ڪڪرن مان پاڻي ڌاريدار (هارجي پوندڙ)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ڪڪرن مان تمام گهڻو پاڻي نازل ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِنُخرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَباتًا (آيت : 15) |
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته ان سان داڻا ۽ گاهه (نباتات).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تہ ان سان اَن ۽ سَلا ڄمايون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان سان داڻا ۽ گاھ پيدا ڪريون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ڪڍون ان سان داڻا ۽ سلا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ان سان داڻا ۽ گاهه(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته ان جي ذريعي اناج ۽ گاهه ڄمايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڪڍون ڪڻ اُنهِين سان، کارِيون کوڙ خرار، ساوڪ سَر زمين تي، اوڀڙ عجب اِسرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اُن سان اَن ۽ سلا اُڀاڙيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته ان وسيلي اناج، ڀاڄيون اُپايون(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن اپايون ان سان اناج ۽ ڀاڄيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن اسان ان جي ذريعي اناج وارا فصل ۽ گاهه اُپايون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَنّٰتٍ أَلفافًا (آيت : 16) |
۽ گھاٽاباغ (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ گھاٽاباغ (بہ)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ گهاٽا گهاٽا باغ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ باغ گهاٽا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ گهاٽا باغ (ڄمايون).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويڙهيل وڻ، وڻن تان، برپٽ باغ وبهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ گهاٽا باغ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ گهاٽا باغ(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باغ گهاٽا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ گهاٽا باغ پيدا ڪيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ يَومَ الفَصلِ كانَ ميقٰتًا (آيت : 17) |
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ (پوءِ جيئن اسان جي هنن تخليقن ۾ نظم ۽ ضبط آهي، تيئن ماڻهن جي زندگيءَ لاءِ به هڪ نظم ۽ ضبط ۽ ان جي پابندي لاءِ) فيصلي جو ڏينهن مقرر وقت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن مقرر (ٿيل) آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن آهي مقرر وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن هڪ مقرر وقت آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَوس ڏِينهن اِنصاف جو، ٻَڌل آھِ ٻيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، فيصلي جو ڏينهن مقرر ٿيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ فيصلي وارو ڏينهن هڪڙو مقرر ڪيل وقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ڏينهن فيصلي وارو آهي مقرر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ فيصلي جو ڏينھن مقرر ٿيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ فَتَأتونَ أَفواجًا (آيت : 18) |
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو، پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي (قبرن مان نڪري) ايندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان فوجن جي صورت ۾ ايندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٽوليون ٿي حاضر ٿيندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ اوهان ٽولا ٽولا ٿي ايندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٿي ايندؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن ڏَنڊ ۾ ڦوڪيو، حُڪم سانَ هيڪار، پوءِ ٽولن پُٺيان ٽوليون، نِڪرنديون نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪبو، پوءِ اوهين فوجون ٿي ايندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته توهان ميڙا ڪري نڪري ايندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾، پوءِ نڪري ايندا توهان ٽولن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته توهان ٽولا ٽولا ٿي حاضر ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفُتِحَتِ السَّماءُ فَكانَت أَبوٰبًا (آيت : 19) |
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمان کولبو جو (هنڌا هنڌان) دروازا ٿي پوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ اهو دروازا ٿي پوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمان کوليو ويندو، جنهن ۾ دروازا ٿي پوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کوليو ويندوآسمان پوءِ هوندو دروازا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمان کولبو جو دروازا ٿي پوندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ (ان ۾) دروازا دروازا ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کُلِي اُڀ دَر ٿئي، اَچ وَڃ لئي اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمان کي کولبو، ته منجهس دروازا بنبا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمان کي کوليو ويندو، تانجو اهو دروازا دروازا ٿي پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کوليو ويندو آسمان، پوءِ اهو ٿي پوندو دروازا ئي دروازا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمان کي کوليو ويندو ته هو دروازن جي شڪل اختيار ڪري وٺندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسُيِّرَتِ الجِبالُ فَكانَت سَرابًا (آيت : 20) |
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) سوربا، پوءِ اهي واريءَ جهڙا ٿي پوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جبلن کي (فضا ۾) هلايو ويندو پوءِ اُهي رُڃ وانگر چمڪندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رڃ جهڙا ٿي پوندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هلايا ويندا جبل پوءِ هوندا رُڃ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رُڃ جهڙا ٿي پوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبل هلايا ويندا پوءِ اُهي رُڃَ وانگر ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَلَن جَبَل جھان جا، رُڃَّ جي رَفتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبلن کي هلائبو ته رڃ بنجي ويندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جبلن کي هلايو ويندو، تانجو اهي رُڃ بڻجي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لوڏيا ويندا جبل، پوءِ اهي ٿي ويندا رڃ (واريءَ جا ذرا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جبلن کي مٽي ڪري اڏاريو ويندو پوءِ هو رُڃَ وانگر ٿي پوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ جَهَنَّمَ كانَت مِرصادًا (آيت : 21) |
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جهنم هڪڙو (خطرناڪ) گهاٽ آهي. (جيڪو مجرمن جي تاڙ ۾ آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جهنم (ظالمن جي) منتظر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ دوزخ هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جهنم هوندو انتظار ڪرڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جهنم هڪڙو (چوڪي) گهاٽ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ دوزخ هڪڙو گهاٽ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ باھ بُڇڙن لئي، آهي اِنتظار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ دوزخ به انتظار ڪري رهيو آهي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دراصل جهنم هڪڙو گــَـهٽ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ دوزخ آهي هڪ گهاٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جھنم تاڙ ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلطّٰغينَ مَـٔابًا (آيت : 22) |
جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سرڪشن (حد کان لنگهندڙن) جي رهڻ جي جاءِ بڻبو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حد کان وڌندڙن لاءِ ٺڪاڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سرڪش جي رهڻ جي جاءِ آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سرڪشن جي لاءِ رهڻ جو هنڌ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سرڪشن جي رهڻ جي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سرڪش ماڻهن جي لاءِ ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جٽادار، جنهن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سرڪشن جي ٺڪاڻي ٿيڻ جو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حد کان لنگهندڙن جو ٺڪاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هٺيلن جي رهڻ جي جڳهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باغين جي ٺڪاڻي لاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لٰبِثينَ فيها أَحقابًا (آيت : 23) |
منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ان ۾ ڊگهيون مدتون رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ۾ گھڻا زمانا رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ان ۾ ڊگهي عرصي تائين عذاب ۾ رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رهندڙ هوندا ان ۾ ڪئين ڊگهيون مدتون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي ان ۾ ڊگهيون مُدتون رهندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ اُهي وڏو عرصو پيا رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندا سال هزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ هو ڪئين جُڳ رهندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ۾ هو ڊگهيون مدتون پيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رهندا جتي اهي ڪيئي زمانا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ان ۾ وڏو عرصو پيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَذوقونَ فيها بَردًا وَلا شَرابًا (آيت : 24) |
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نه ان ۾ ڪا راحت (۽ آرام ملندن) ۽ نه ڪا پيئڻ جي ڪا شئ چکندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿا مزو وٺن انهيءَ ۾ ٿڌ جو ۽ نه پاڻيءَ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه چکندا ان ۾ ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه ان ۾ ڪا ٿڌائي ۽ نه ڪا پيئڻ جي شيءِ چکندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه ان ۾ اُهي ڪنهن ٿڌاڻ جو مزو چکندا نه ڪنهن پيئڻ جي شيءِ جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻي پَڪ نه اُن ۾، ۽ نَه بَرف چکن بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ان ۾ ٻي ڪا به ٿڌاڻ يا پيئڻ جي چيز نه چکندا(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جتي نڪي ڪا ٿـڌاڻ ۽ نه پيئڻ لائق ڪا شيءِ چکندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه چکندا اتي اهي ڪا ٿڌاڻ ۽ نه ڪو پاڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن ۾ هُونه ته ٿڌڪار ڏسندا ۽ نه ئي پيئڻ جي ڪنھن شيءِ جو ذائقو چکندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا حَميمًا وَغَسّاقًا (آيت : 25) |
تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۽ (سندن جسمن مان وهندڙ) پونءِ جي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تتي پاڻيءَ ۽ روڳ کانسواءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سواءِ گرم پاڻي ۽ پون جي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر ٽهڪندڙ پاڻي ۽ روڳ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ گرم پاڻي ۽ پونءِ جي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ (دوزخين جي ڦٽن مان نڪتل) گند جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌاران گَرم گند جي، جو بِلڪل بَدبُوءِ دار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) گرم پاڻيءَ ۽ پونءِ کان سواءِ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪجهه ملندن ته بس رڳو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ ڦــٽن جي پونءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ڪوسو پاڻي ۽ پونءِ (زخمن جي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ گرم پاڻي ۽ زخمن جي پونءِ جي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَزاءً وِفاقًا (آيت : 26) |
(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (سندن ئي ڪيتي جو) پورو پورو بدلو ڏنو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اِھو سندن) پورو پورو بدلو آھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بدلو پورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو پورو پورو بدلو ڏنو ويندن(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (کين سندن ڪرتوتن جو) پورو پورو بدلو ملندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَدلو سو بَديَن جو، پُورا پُورا پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو پورو بدلو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (سندن ڪرتوتن جو) پورو پورو بدلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (سندن ڪمن جو) بدلو پورو پورو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين) ڀرپور بدلو ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم كانوا لا يَرجونَ حِسابًا (آيت : 27) |
ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهي (هن دنيا ۾ پنهنجن ڪيل عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن کي حساب جي اميد نه هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دراصل اهي ماڻهو (آخرت جي) حساب جي اميد ئي نه رکندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ انهن نه ٿي اميد رکيائون حساب جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي (پنهنجن عملن جي) حساب ڏيڻ جي اميد نه رکندا هئا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي حساب جو اونو نه رکندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز حرف حساب جو، سي وَٺندا نه هُئا وِيچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇاڪاڻ، جو اهي حساب جي اميد ئي ڪانه رکندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪنهن حساب ڪتاب جي ڪا اميد نه رکندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي نٿي ڊنا ڪنهن حساب ڏيڻ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو حساب ڪتاب واري ڏينھن جي توقع ئي نه رکندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كِذّابًا (آيت : 28) |
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهن کي بار بار ٻڌائڻ وارن ٻڌايو پر) انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري (پاڻ کي غافل ڪري) ڇڏيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن اسان جي آيتن کي قطعي نه مڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري ڇڏيو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙو سمجھندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوٺيون ڪوڙيون آيتون، اَسان جون اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان جي آيتن کي بلڪل ڪوڙ سمجهندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪوڙو ڪيائون اسان جي آيتن کي ڪوڙو چئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ كِتٰبًا (آيت : 29) |
۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (غفلت ڪونه ڪئي ۽) سڀ ڪنهن شئ کي (انهن جي عملن ۾) لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر شيءِ اسان لوحِ محفوظ ۾ لکرائي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر شيءِ ڳڻيو اسان ان کي لکي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ته لکي ڳڻي ڇڏيو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هر شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قابو ڪيو سون ڪِتاب ۾، هر شئ جو شُمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هر ڳالهه لکي قابو ڪري ڇڏي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حال هي هو جو اسان هر شيءِ ليکي ۾ آڻي لکي رکي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (حال هي هو جو) هر شيءِ کي ڳڻي رکيو هو (لکي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هر شيءِ کي (پنھنجي دفتر ۾) ڳڻي لکي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذوقوا فَلَن نَزيدَكُم إِلّا عَذابًا (آيت : 30) |
پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (عذاب جي وقت چئبو ته) چکو جو اسين اوهان تي (عملن جي نتيجي ۾ ملندڙ) عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان عذاب چکو، پوءِ هرگز اسين زياده نٿا ڪريون مگر عذاب(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو! جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجھ به نه وڌائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چکو پوءِ هرگز نه وڌائينداسون اوهان کي مگر عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو (عذاب جي وقت چئبن ته) چکو جو اسين اوهان تي عذاب کان سواءِ ڪجهه به نه وڌائينداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان (پنهنجي بدعملين جو مزو)چکو اسان توهان تي عذاب کان سواءِ ڪجهه نه وڌائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ دائـِم دَرد دوزخ ۾، کائو خُوب خوار!، پوءِ آن کي ري آزار، ٻِيو ذرو زياده نه ڏِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن) ”هاڻ چکو مزو، اوهان تي عذاب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌائينداسون.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي چکو مزو، اسان توهان لاءِ عذاب کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ ڪڏهن به ڪو واڌارو نه ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چکو مزو اسان اضافو نه ڪنداسين توهان تي پر عذاب کان سواءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چيو ويندو ته) مزو چکو. اسان توهان جي لاءِ عذاب کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه وڌائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ مَفازًا (آيت : 31) |
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ (خدا جو لحاظ رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ وڏي ڪاميابي آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ ڪاميابي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ئي ڪاميابي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ نيڪ بندن لئي، آهِن باغ، بُستان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪن لاءِ آهن، مرادون ماڻڻ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ ڪاميابيءَ جو هنڌ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ مراد ماڻڻ جي هڪ جاءِ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَدائِقَ وَأَعنٰبًا (آيت : 32) |
جو باغ ۽ ڊاکون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سير ڪرڻ ۽ کائڻ لاءِ) باغ (جنهن ۾ هر قسم جا ميوا) ۽ ڊاکون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) باغ آهن ۽ انگور آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني بهشت جا) باغ ۽ ڊاکون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) باغ ۽ انگور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) باغ ۽ ڊاکون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) باغات ۽ انگور آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عاليشان انگور ڪَئـِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باغ، انگور. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باغ ۽ انگور (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باغ ۽ انگور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن جي لاءِ مختلف قسمن جا) باغ ۽ انگور هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَواعِبَ أَترابًا (آيت : 33) |
۽ ھم عمر نوجوان زالون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وندر لاءِ) هڪ جيڏيون ڪنواريون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نوجوان عورتون هڪ جيتريون عُمر ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون زالون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هم عمر نوجوان زالون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوجوان هم عمر دوشيزائون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڏيون نوجوان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هڪ جيڏيون نوجوان زالون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ننڍيون نيٽيون هڪ جيڏيون نينگريون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نوجوان عورتون هڪ جيڏيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هم عمر (نوجوان) گهر واريون هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَأسًا دِهاقًا (آيت : 34) |
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (مشروبن جا) ڀريل پيالا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڀريل پيالا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (شراب جا) ڀريل ساغر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيالا ڇلڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (شراب جا) ڀريل پيالا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇُلڪندڙ (پاڪ) شراب جا جام آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ پوڻيان پُر پلٽندڙ، پيالا پيمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڇلڪندڙ پيالا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇــُـلڪندڙ پيالا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پيالا ڇلڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پيئڻ جي مختلف شين سان) ڀريل پيالا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَسمَعونَ فيها لَغوًا وَلا كِذّٰبًا (آيت : 35) |
اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان (بهشت) ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه (ڪنهن شئ جي طلب تي) انڪار.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جنت ۾ نه لغو ڪلام ٻڌن ٿا ۽ نه ڪوڙ ٻُڌن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ ڪا اجائي بڪ نه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٻڌندا ان ۾ اجائي ڳالهه ۽ نه ڪوڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ نه ڪا اجائي بڪ ٻڌندا ۽ نه انڪار (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ نه بيهودي ڳالهه ٻڌندا ۽ نه ڪوڙي ڳالهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَچِي، ڪُوڙِي اُن ۾، ڪَنِين ٻُڌندا ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اتي نڪا بڪواس ٻڌندا، نڪو ڪوڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُتي هو ڪا واهيات ڳالهه ۽ ڪو ڪوڙ نه ٻڌندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ٻُڌندا اهي اتي ڪابه بڪواس ۽ نه ڪو ڪوڙو چوڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي (جنت۾) اجائي بڪواس ۽ ڪوڙ نه ٻڌندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَزاءً مِن رَبِّكَ عَطاءً حِسابًا (آيت : 36) |
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهو بدلو تنهنجي پالڻهار جي پاران هوندو، جيڪو (انهن) سڀني کي ڪافي نعمتن سان ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها رب جي طرفان توهان جي عملن جي مڪمل جزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو) اوهان جي پالڻهار جي طرفان ڪافي انعام ۽ عوض آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بدلو ٿي تنهنجي رب جي طرفان عطا ڪيل حساب روءَ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) اهي بدلو ڏنا ويندا جو ڪافي انعام آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي تنهنجي پالڻهار جي طرفان (نيڪ عملن جو) بدلو آهي جيڪو ڪافي انعام آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پالي پارَ وَٺڻ ري،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ملندن تنهنجي رب وٽان عيوض، جو حساب سان عطا ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اجورو ۽ انعام تنهنجي رب وٽان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو بدلو هوندو تنهنجي رب کان عطا ٿيل انعام(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو تنھنجي پالڻھار جي طرفان انعام طور بدلو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا الرَّحمٰنِ لا يَملِكونَ مِنهُ خِطابًا (آيت : 37) |
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو آسمانن، زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وڇ ۾ آهي تِنهن جو پاليندڙ آهي، جو وڏو مهربان آهي (ان وقت سڀ سندس حضور ۾ بيهندا ۽ ادب وچان) اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي رحمان سان انهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پالڻهار آهي جو وڏو مهربان آهي. اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ ان جو جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي نهايت مهربان نه مالڪ ٿيندا ان سان ڳالهائڻ جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجي (ان) پاليندڙ جي طرفان جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي جو وڏو مهربان آهي اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ تن (سڀن) جو، وڏو مهربان آهي (پوءِ به ان جي اذن کان سواءِ) ان سان (روزِ محشر) ڳالهائي نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُونيون، اُڀ، ڪِ اُنهن ۾، جِن جا آهِن آستان، سي راڄ سَڀئـِي رَحمان، ڪُڇِي سَگھندا ڪِين ڪِي، بِلڪل بَند زبان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ٻاجهاري وٽان، جو آسمان، زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي ان جو ڌڻي آهي_ جنهن سان ڳالهائڻ جي کين مجال نه هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ بيحد مهربان مالڪ وٽان جيڪو آسمانن ۽ زمين ۽ سندن وچ وارين سڀني شين جو رب آهي، جنهن جي آڏو ڪنهن کي به ڪجهه ڪڇڻ جي مجال ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان نهايت ئي مهربان رب جي طرفان جيڪو آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ هر شيءِ جو مالڪ رحمٰن آهي، ناهي مجال ڪنهن کي ان جي سامهون ڳالهائڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو مھربان پالڻھار آهي.جنهن جي اڳيان ڪير به ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَقومُ الرّوحُ وَالمَلٰئِكَةُ صَفًّا لا يَتَكَلَّمونَ إِلّا مَن أَذِنَ لَهُ الرَّحمٰنُ وَقالَ صَوابًا (آيت : 38) |
جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي به نه ڳالهائيندا، سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به (الله جي مقرر ڪيل قاعدي تي) پوري ڳالهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن جبريل امين ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا (مخلوق خوف جي ڪري) ان سان نه ڳالهائيندي مگر جنهنکي رحمان اجازت ڏني ۽ انهي سڌي ڳالهه چئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن جبرئيل ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن ان سان ڪو به نه ڳالهائيندو سواءِ ان شخص جي جنهن کي خدا اجازت ڏئي ۽ اهو چوي به مناسب ڳالھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن بيهندو روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي نه ڳالهائيندا مگر اهو جو اذن ڏنو ان کي رحمان ۽ چيائين صحيح ڳالهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا تنهن ڏينهن اهي نه ڳالهائيندا سواءِ ان شخص جي جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏئي ۽اهو چوي به پوري ڳالهه(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا ته ڪيرَ به ڳالهائي نه سگهندا سواءِ ان جي جنهن کي رحمان اجازت ڏئي ۽ اُهو ڳالهه به سڌي چوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رُوح، مَلڪ جِنهن مَهل ۾، هُوندا سَڀ حيران، بِيهن صِفون، صفون ڪري، سامهان، کي سُبحان، ڪير نه ڪُڇي اُن وَٽِ، ماٺ مِڙئـِي ميدان، مگر موڪل جِنهن کي ڏِئي، مالِڪ مِهربان، ۽ سَئون سَنواٽو سو چَئي، ٻِيو سڀ بَند بيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن روح ۽ ٻيا ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا، انهي شخص ڌاران ٻيو ڪو به ڳالهائي نه سگهندو جنهن کي ٻاجهاري موڪل ڏني، ۽ هو نيڪ ڳالهائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا ته ڪوبه نه ڳالهائيندو، سواءِ ان جي جنهن کي رحمان اجازت ڏئي ۽ هو صحيح ڳالهه چوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن بيٺا هوندا روح ۽ ملائڪ صفن ۾، ڪوبه نه ڳالهائيندو ان کان سواءِ جنهن کي اجازت ملي ان رحمٰن کان ۽ جيڪو چوي صحيح ڳالهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن روح (يعني جبرائيل$ ) ۽ ٻيا ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا ته ڪير به نه ڳالهائي سگهندو، سواءِ ان جي جنھن کي مهربان پروردگار خود ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ۽ هو ڳالهه به صحيح ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ اليَومُ الحَقُّ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ مَـٔابًا (آيت : 39) |
اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي، پوءِ جنهن کي وڻي سو (هن دنيا ۾ نيڪ عمل ڪري) پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بنائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ڏينهن حق آهي، پوءِ جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب ڏانهن رستو ٺاهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ (پنهنجي) رهڻ جي جاءِ بڻائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ڏينهن حق آهي پوءِ جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻ جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جنهن کي وڻي سو پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ بڻائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ڏينهن برحق آهي پوءِ جيڪو چاهي (صالح عمل ڪري) پنهنجي پالڻهار وٽ ٽڪاڻو بڻائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُهوئـِي ڏِينهن سَچو، مَنڊبو جِت مِيزان، پوءِ جنهن کي وَڻي سو وَٺي، پَنهنجي مالِڪ وَٽ مَڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ڏينهن بر حق آهي، پوءِ جنهن کي وڻي، سو پنهنجي رب وٽ جاءِ ٺاهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏينهن سچ پچ اچڻو آهي، پوءِ جنهن جي دل گــُـهري ته پنهنجي رب ڏانهن موٽڻ جو (ڀلو) ماڳ بڻائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ڏينهن برحق آهي، پوءِ جنهن جو من گهري اختيار ڪري پنهنجي رب ڏي رستو موٽڻ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ڏينھن برحق آهي (ضرور ايندو) سو جنھن کي وڻي پنھنجي پالڻھار وٽ موٽڻ جي جاءِ ٺاهي وٺي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَنذَرنٰكُم عَذابًا قَريبًا يَومَ يَنظُرُ المَرءُ ما قَدَّمَت يَداهُ وَيَقولُ الكافِرُ يٰلَيتَنى كُنتُ تُرٰبًا (آيت : 40) |
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ (ان وقت ان ڏينهن جي واقع ٿيڻ جو) انڪار ڪندڙ چوندو ته، جيڪر آئون مٽي هجان ها (۽ جزا ۽ سزا جي معاملي ۾ نه پوان ها.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين توهان کي ان عذاب کان ڊيڄاريون ٿا جيڪو قريب آهي. ان ڏينهن انسان (ڪافر) پنهنجا ڪيل عمل ڏسندو ۽ ڪافر چوندو هاءِ! افسوس! آئون مِٽي ٿي وڃان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب (اچڻ واري) کان خبردار ڪيو آهي جنهن ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي هٿين اڳ ئي موڪليل (اعمالن) کي ڏسندو ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان ڊيڄاريو اوهان کي عذاب ويجهي کان جنهن ڏينهن ڏسندو مڙس اهو جيڪو اڳي ڪري موڪليو ان جي هٿن ۽ چوندو ڪافر ته اي ڪاش! مان مٽي هجان ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ته اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ ڪافر چوندو ته جيڪر آءُ مٽي هجان ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان اوهان کي ويجهي عذاب کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. ان ڏينهن هر ماڻهو انهن (عملن) کي ڏسي وٺندو جيڪي ان اڳتي موڪليا آهن ۽ ڪافر چوندو ته: ”هائو جي آءٌ مٽي هجان ها“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي اوڏي ساڙ جو، اَسان ڪيو اِعلان، ڏِسندو جِنهن ڏِينهن ۾، اَکيَنِ سان اِنسان، جيڪِي اُماڻيو اڳڀرو، سَندسِ هَٿن سامان، ۽ ڪافِر قيد قِيام ۾، اورِيندو اَرمان، جيڪس مَنجھ جَھان، مِٽِي هُجان ها مُورِهين!!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان اوهان کي ويجهي عذاب لاءِ خبردار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن هر شخص سندس هٿن جي موڪليل ڪمائيءَ کي ڏسندو ۽ ڪافر چوندو ”هاءِ آءُ مٽي هجان!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توهان کي انهيءَ عذاب کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي، جيڪو اچي سڻائو ٿيو آهي. جنهن ڏينهن ماڻهو اهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندو، جيڪو سندس هٿن اڳواٽ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڪافر (رڙ ڪري) چوندو ته هاءِ مان ته جيڪر مٽي هجان ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان ڊيڄاريو توهان کي ان عذاب کان جيڪو ويجهو آهي، جنهن ڏينهن ڏسندو ماڻهو جيڪي موڪليو ان پنهنجي هٿن سان ۽ چوندو ڪافر هاءِ افسوس، جيڪر هجان ها مٽي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان کي ويجهي ايندڙ عذاب کان ڊڄاريون ٿا. جنهن ڏينھن هر ماڻهوءَ کي خبر پئجي ويندي ته هن اڳتي لاءِ ڇا موڪليو آهي؟ ۽ ان ڏينھن ڪافر چوندو ته ڪاش! مان (قبر ۾ ئي) مٽي (ٿيل) هجان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |