توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالمُرسَلٰتِ عُرفًا (آيت : 1) |
چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هڪٻئي جي پٺيان موڪليل (نرم هوائن ۽ ٻين اهڙين ڪائناتي حقيقتن) جو قسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي انهن (هوائن جو) جيڪي لاڳيتيون موڪليون وڃن ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ ٻئي جي پٺيان موڪليل (نرم) هوائن جو قسم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي انهن جوجيڪي موڪليون وڃن ٿيون لڳاتار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ ٻئي جي پٺيان موڪلين (نرم هوائن) جو قسم آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي (نرم ۽ خوشگوار) هڪ ٻئي پٺيان گُهلندڙ (هوائن) جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساکي سانوڻ مُند جون، هِيرون سِين هُٻَڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛ دل کي وڻندڙ هيرون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي ساندهه موڪليون وڃن ٿيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم انهن آهستي هلندڙ نرم هوائن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي مسلسل گُهلندڙ (هوائن) جو (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالعٰصِفٰتِ عَصفًا (آيت : 2) |
پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ زور ڏيکاريندڙن (اهڙين حقيقتن) جو قسم آهي (جيڪي انهن شين کي ٽڪڻ نه ٿيون ڏين، جن جو ٽڪڻ مناسب نه آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي زور سان لڳن ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ زور سان لڳڻ وارين (هوائن) جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ زورسان جهڪائيندڙ جو زور سان جهڪائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ زور سان لڳڻ وارين (هوائن) جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ قسم آهي طوفاني رفتار سان هلندڙ (هوائن) جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ لُکون لَڳندڙ لوڪ ۾، آنڌِيون اَنڌُوڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سخت لڳندڙ هوائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ طوفان جي نموني ڏاڍي زور سان لڳن ٿيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي تيزيءَ سان لهي ڪڪر پکيڙين ٿيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي زور سان گُهلنديون رهن ٿيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالنّٰشِرٰتِ نَشرًا (آيت : 3) |
۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (مسرتون ۽ خوشحالي آڻيندڙ شين جي) پکيڙڻ وارين (اهڙين حقيقتن) جو قسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قسم آهي انهن (هوائن) جو جيڪي ڪڪرن کي مٿي کڻندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (ڪڪرن کي) پکيڙڻ وارين هوائن جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پکيڙيندڙين جو پکيڙڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پکيڙڻ وارين (هوائن) جو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ڪڪرن کي) پکيڙڻ وارين (هوائن) جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَکيڙِيندڙ پَٽ ۾، مَنڊل مينگھ مَلهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪڪرن کي کڻي پکيڙيندڙ هوائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ڪڪرن کي) کڻي پکيڙن ٿيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪڪرن کي (مختلف جڳھن تي) پکيڙينديون رهن ٿيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالفٰرِقٰتِ فَرقًا (آيت : 4) |
پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (چٽيءَ طرح مفيد ۽ غيرمفيد کي ۽ حق ۽ باطل کي) جدا ڪرڻ وارين (حقيقتن) جو قسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي قرآن ڪريم جو جيڪو حق ۽ باطل ۾ فرق ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (انهن کي) جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جدا ڪندڙين جو جدا ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ڪڪرن کي) جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇِنندڙ ڇَمرن کي، واري ٻي وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري کين هڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ هوائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري (انهن کي) هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪري ٿيون ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ ٻئي کان ڌار ڪنديون آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ڪنهن وقت انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ الڳ ڪنديون رهن ٿيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالمُلقِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 5) |
پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (انهن ڪائناتي حقيقتن کي) رسائيندڙ (ملائڪن) جو قسم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن ملائڪن جو جيڪي رسولن ڏانهن پيغام کڻي اچن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري فرشتن جو قسم جي وحي آڻن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ذڪر القاءَ ڪندڙين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ نصيحت پهچائڻ وارن (ملائڪن) جو (قسم) آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نصيحت (وحي) پهچائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ نازل ڪَندڙ نصِحيتون، نِشانيون نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وحي آڻيندڙ ملائڪ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (دلين ۾ الله جي) ياد ٿيون وجهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ دلين ۾ وجهن ٿيون خدا جي ياد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان صورتحال ۾) هي هوائون (الله تعالى جي) ياد به ڏيارينديون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عُذرًا أَو نُذرًا (آيت : 6) |
(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي (ماڻهن جو) عذر ۽ بهانو وڃائڻ يا ڊيڄارڻ لاءِ (حقيقتون ۽ نصيحت پهچائيندا آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مخلوق جي عذرن ختم ڪرڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن لاءِ ته حجت تمام ٿئي ۽ ڊيڄاريو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حجت پوري ڪرڻ يا ڊيڄارڻ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي عُذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (نصيحت پهچائيندا آهن) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جا (وحي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (هوندي آهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عُذر ڀَڃَڻ لئي عام جي، يا ڏيهَن لئي ڏهڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي عذر وڃائڻ لاءِ ڊيڄارڻ لاءِ وحي آڻين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عذر جي طور يا ڊيڄارڻ خاطر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) عذر جي طور تي يا ڊيڄارڻ خاطر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حجت پوري ڪرڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ جي به (هي هوائون) سمجهه ڏينديون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما توعَدونَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله جي تدبيرن وارو هي سڄو نظام هن ڳالهه تي شاهد آهي ته) جنهن (آخرت واري ڳالهه) جو اوهان کي انجام ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (جنهن قيامت جو) توهان کي وعدو ڏنو ويو آهي اُها يقيناً ايندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جنهن ڳالھ (قيامت) جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ضرور پوري ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جنهن جو وعدو ڏنا وڃو ٿا البتہ واقع ٿيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته جنهن (ڳالهه) جو اوهان کي انجام ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته جنهن (قيامت) جو توهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي .(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته جِنهن جا، آن سان قول قرار، سو اوس آهي اَچڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪو اوهان سان وعدو ڪجي ٿو سو ضرور ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڳالهه (قيامت) جو توهان سان وعدو ڪيو پيو وڃي سا ضرور ٿيڻي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان سان جيڪو وعدو ڪجي ٿو اهو پورو ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان سان جنھن شيءِ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو سا ته ضرور ٿيڻي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذَا النُّجومُ طُمِسَت (آيت : 8) |
پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت تارا ميٽيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن تارا ميٽيا ويندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ستارا بي نور ٿي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِجَڏهن نِکٽ جَھانئيا، ٿيا ڪارا ڪارونڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن تارا ميٽبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن تارا وِسايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن تارا بي نور ٿي ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن تارا مُرجهائجي (ڊِم ٿي) ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذَا السَّماءُ فُرِجَت (آيت : 9) |
۽ جڏھن آسمان چيربو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن آسمان کوليو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت آسمان کوليو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آسمان چيريو ويندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن آسمان کوليو ويندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن آسمان چيريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُڀ اَڌ ٿيو، ڦاٽو ڦارُون ڦار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن آسمان چيربو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمان ڏاريو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن آسمان چيريو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن آسمان کي ڦاڙيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذَا الجِبالُ نُسِفَت (آيت : 10) |
۽ جڏھن جبل اڏائبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت جبل اُکيڙيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن جبل (پڄيل ڪپھ وانگر) اڏندا وتندا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن جبل اڏايا ويندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن جبل (ذرا ذرا ڪري) اڏاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن جَبَل رَئـِي ٿيا، ڏونگر ڏارو ڏار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن جبل اڏائبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جبل دَز وانگر اُڏاريا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن جبل (دز ڪري) اڏاريا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن جبلن کي (دَز ڪري) اڏاريو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَت (آيت : 11) |
۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن رسولن کي مقرر وقت تي گڏ ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت پيغمبر پنهنجي اُمتن تي شاهدي لاءِ موجود ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن پيغمبر هڪ مقرر وقت تي گڏ ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن رسول ڏنل وقت تي گڏ ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن رسولن جو وقت مقرر ڪيو ويندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن رسولن کي مقرر وقت تي آندو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ميڙيا وِياجنهن مَهل ۾، مُرسل مَڻيادار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن رسول مقرر وقت تي گڏ ڪبا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رسولن جي حاضر ٿيڻ جو وقت ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن رسولن جي حاضري جو وقت ايندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن رسول سڳورن کي (مقرر وقت تي) گڏ ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِأَىِّ يَومٍ أُجِّلَت (آيت : 12) |
(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪهڙي ڏينهن لاءِ (منڪرن جي معاملي کي) ترسايو ويو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪهڙي ڏينهن لاءِ روڪيا ويا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ) ڀلا انهن (ڳالهين) ۾ ڪنهن ڏينهن لاءِ دير ڪئي وئي آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪهڙي ڏينهن جي لاءِ ترسايا ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪهڙي ڏينهن لاءِ (انهن کي) ترسايو ويو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ (انهن کي) ترسايو ويو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن ٽاڻي لئي ٽارِيا ويا، سي ماکي صاف سَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (تڏهن خبر پوندوَ) ته انهن کي ڪهڙي ڏينهن لاءِ ترسايل هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ ڏينهن اها شيءِ ٿيڻي آهي) ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ اهو ڪم پوئتي رکيو ويو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان ڏينهن اها شيءِ واقع ٿيندي) ڀلا ڪهڙي ڏينهن لاءِ اها ترسايل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ ئي خبر پوندي ته انهن سڀني معاملن کي) ڪهڙي ڏينھن لاءِ پوئتي رکيو ويو آهي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَومِ الفَصلِ (آيت : 13) |
فيصلي جي ڏينھن لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فيصلي جي ڏينهن لاءِ (جو ان ڏينهن هر شئ پڌري ٿي سامهون ايندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فيصلي جي ڏينهن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فيصلي جي ڏينهن لاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فيصلي واري ڏينهن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فيصلي جي ڏينهن لاءِ(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فيصلي جي ڏينهن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ ڏِينهن قضا جي، ڪِنهن عملن جي آچار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني فيصلي جي ڏينهن لاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فيصلي واري ڏينهن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فيصلي جي ڏينهن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فيصلي واري ڏينھن لاءِ ئي (پوئتي رکيو ويو آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ ما يَومُ الفَصلِ (آيت : 14) |
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وحي جي ٻڌائڻ کان سواءِ) توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته فيصلي وارو ڪهڙو ڏينهن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڪهڙو ڏينهن آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪهڙي شيءِ ڄاڻايو توکي ته ڪهڙو ڏينهن فيصلي جوآهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو کي ڪنهن ٻڌايو ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِينهن قضا جو ڪِهڙو؟ ڪِنهن سَمجھائـِي سَردار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪنهن سمجهايو ته ”فيصلي جو ڏينهن“ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکي ڪهڙي خبر ته اهو فيصلي وارو ڏينهن ڇا ٿيندو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جو ڏينهن ڇا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکي ڪهڙي خبر ته اهو فيصلي وارو ڏينھن ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 15) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ڏينهن (خدا جي مقرر ڪيل قانونن کي) ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙو ڪندڙن جي مٽي خراب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن (نبين کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن انهن شخصن لاءِ خرابي آهي، جي (کيس) ڪوڙ سمجهندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم نُهلِكِ الأَوَّلينَ (آيت : 16) |
پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن ڪوڙي ڪندڙن کان پڇو ته) ڇا اسان پهرين کي هلاڪ نه ڪيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان پهرين (قومن) کي هلاڪ نه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان اڳين (قومن) کي برباد نه ڪيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه هلاڪ ڪيوسون پهرين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسين پهرين کي هلاڪ نه ڪيو؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان پهرئين (نافرمانن) کي هلاڪ نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اَسان اَڳيَن کي، نَه وِڌِي مُصيبت مار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسان اڳين کي ناس نه ڪيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان اڳين کي برباد نه ڪيو هو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان هلاڪ نه ڪيو آهي اڳين کي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان پھرين (گذريل ڏوهاري) ماڻهن کي تباهه نه ڪيوسين؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ نُتبِعُهُمُ الءاخِرينَ (آيت : 17) |
وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري (ان کانپوءِ ساڳي روش تي هلڻ ڪري) پوئين کي انهن جي پٺيان (ساڳي هلاڪت سان) هلائينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ پوين کي انهن جي پويان نه آندوسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري (ان کان پوءِ) پوين کي به انهن جي پٺيان هلندو ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان بعد پونيان لڳائينداسون انهن جي پوين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري (ان کان پوءِ) پوين کي انهن جي پٺيان هلائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کان بعد پوين کي آندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي ويڙهي هِڪ ۾، پُورِينداسونِ بِه پوئار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري انهن پٺيان ٻين کي آڻيندا آهيون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري سندن ئي پٺيان پوين کي به روانو ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان موڪليو انهن کان بعد ۾ ايندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن جي پٺيان ايندڙ (ڏوهارين) کي به (ايئن) تباهه ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 18) |
ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها ڳالهه نه ڪنهن خاص دور ۾ ڪيون ٿا نه ڪنهن خاص قوم لاءِ بلڪ) ڏوهارين لاءِ اسان اهڙي طرح ئي ڪندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين مجرمن سان ايئن ڪريون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين گنهگارن سان ائين ئي ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح ڪندا آهيون مجرمن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح ئي ڏوهارين سان ڪريون ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي ڏوهارِي ڏيھ ۾، تِن سان ڪريون اِهائـِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏوهارين سان ته اسان ائين ئي ڪندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين ئي ڪندا آهيون ڏوهارين سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇوته) اسان ڏوهارين سان ايئن ئي ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 19) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (جيڪي قومن جي انهيءَ تاريخي عمل مان به نتيجا حاصل نٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙو ڪندڙن جي مٽي خراب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن (حق کي) ڪوڙو سمجھڻ وارن لاءِ تباهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهيءَ ڏينهن تباهي آهي ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم نَخلُقكُم مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 20) |
اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پنهنجي داخلي ڪائنات ۾ غور ڪيو ته) ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه پيدا ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان توهان کي حقير پاڻيءَ مان پيدا نه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان هن کي هڪ خسيس پاڻي مان نه پيدا ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه پيدا ڪيو اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه پيدا ڪيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان اوهان کي خسيس پاڻي مان نه پيدا ڪيو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي اَگلي آب مان ڇا، پيدا نه ڪيوسون پاڻ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسان اوهان کي خسيس پاڻيءَ مان نه خلقيو آهي؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان توهان کي هڪڙي خسيس پاڻيءَ مان پيدا نه ڪيو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان توهان کي پيدا نه ڪيو آهي هڪ خسيس پاڻي منجهان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان توهان کي خسيس پاڻي مان پيدا نه ڪيو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجَعَلنٰهُ فى قَرارٍ مَكينٍ (آيت : 21) |
پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان کي (ماديءَ جي بيضي واري) مضبوط جاءِ ۾.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان (پاڻيءَ) کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان هن کي هڪ محفوظ مقام (رحم) ۾ رکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ رکيوسون ان کي محفوظ جاءِ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي مضبوط جاءِ ۾(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي محفوظ جاءِ (عورت جي رِحِم) ۾ رکيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيوسُونِس ڪِنهن جاءِ ۾، ڏاڍو بِنا ڏاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس هڪ ڄميل هنڌ ۾ رکيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ ان کي اسان هڪڙي هٿيڪي هنڌ رهايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رکيوسين ان کي هڪ محفوظ جاءِ تي ٽڪائي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان پاڻي کي هڪ محفوظ جڳھه تي رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلىٰ قَدَرٍ مَعلومٍ (آيت : 22) |
ھڪ مُقرّر وقت تائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هڪ مقرر اندازي تائين رکيوسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ھڪ مقرر وقت تائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ مقرر ڪيل وقت تائين.هڪ حفاظت واري هنڌ ٻچيداڻي (رحم) ۾ رکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) معلوم وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ مقرر اندازي تائين رکيوسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هڪ مقرر اندازي تائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳاڻ ڳڻيا ڪي ڏِينهڙا، جِن کان هَرڪو واقفِ هاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ مقرر وقت تائين(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي مقرر وقت تائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان مقرر ڪيو هڪ معلوم اندازو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ مقرر وقت تائين (ان ۾ تبديليون آڻيندا رهياسين) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقَدَرنا فَنِعمَ القٰدِرونَ (آيت : 23) |
پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڊولائتو) اندازو بيهاريوسون، پوءِ (ڪهڙو نه) بهتر انداز بيهاريندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (کيس) پورو بڻايوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان هن جو هڪ اندازو مقرر ڪيو اسين ڪهڙو نه چڱو اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون.وري (ان جو) هڪ اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پورو بڻايوسون پوءِ اسين ڀلا قادر آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اندازو ٺهرايوسون، پوءِ (ڪهڙا نه) چڱا اندازو ٺهرائيندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان اندازو مقرر ڪيو، پوءِ اسان ڪهڙا نه ڀلا اندازو مقرر ڪرڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪٿيو سون، ۽ ڪٿ ۾ اَسِين، آهيون سُرت سُڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان هن کي پورو ٺاهيو جو اسين سُٺا طاقت وارا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ ڏسو، اهو اسان ڪري ٿي سگهياسون، سو اسان ڪهڙي نه ڀلي سگهه رکڻ وارا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان هڪ سٺو اندازو مقرر ڪندڙ (وس وارا) آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (کيس سھڻي شڪل ۽ صورت ڏيئي دنيا ۾ موڪلڻ لاءِ) تيار ڪيو، پوءِ اسان ڪيڏا نه بھترين طاقت رکندڙ آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 24) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي، (جيڪي پنهنجي انوکي تخليق مان به نتيجا حاصل نٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن ڪاڻ، آهي اُنهِئَ ڏينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم نَجعَلِ الأَرضَ كِفاتًا (آيت : 25) |
زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پنهنجي خارجي ڪائنات ۾ غور ڪيو ته) ڇا اسان زمين کي، (گول هئڻ جي باوجود ان جي ڪشش ثقل سان شين کي) سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) زمين کي ماپائڻ واري نہ ڪئي اٿئون ڇا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان زمين کي سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه بنايوسون زمين کي گڏ ڪندڙ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسان زمين کي ( )(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان زمين کي سميٽڻ وارو نه بنايو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪيو سون ڪِين زمين کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسان زمين سَمائڻ واري نه بنائي آهي؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان زمين کي سانڍي رکڻ واري ڪري نه بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان نه بنايو آهي زمين کي سانڍي رکڻ واري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان زمين کي محفوظ رکڻ واري جڳھه نه بنايوسين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَحياءً وَأَموٰتًا (آيت : 26) |
(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪا جيئرن ۽ مئلن (سڀني) کي (سمائي رکي ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيئرن ۽ مئلن کي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيئرن کي ۽ مئلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيئرن ۽ مئلن کي، سميٽڻ وارو نه ڪيو آهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيئرن کي به ۽ مُردن کي به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِيرن، مُئن جِي جاءِ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئرن خواهه مئن جي لاءِ (يعني جيئرا خواهه مُئا اُن ۾ سمائجي وڃن ٿا) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيئرن لاءِ به ته مئن لاءِ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئرن جي لاءِ ۽ مُردن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جو اُها) جيئرن ۽ مئلن کي (محفوظ) رکي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا فيها رَوٰسِىَ شٰمِخٰتٍ وَأَسقَينٰكُم ماءً فُراتًا (آيت : 27) |
۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان ۾ اسان وڏا جبل (ميخون بنائي) رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي اڃ لاهڻ وارو پاڻي پيئاريو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان ۾ (توهان لاءِ) بلند جبل تيار ڪيا ۽ اسان توهان کي بهترين مِٺو پاڻي پياريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ۾ اسان وڏا (وڏا) جبل رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي مٺو پاڻي پياريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪياسون ان ۾ وڏا جبل مضبوط ۽ پياريو اسان اوهان کي پاڻي مٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ۾ اسان وڏا جبل رکيا آهن ۽ اسان اوهان کي اڃ لاهڻ وارو پاڻي پياريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان ان ۾ بلند ۽ ڳرا جبل بنايا ۽ اوهان کي اڃ لاهڻ وارو مٺو پاڻي پياريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَبَل جوڙياسون اُن ۾، بُلند گھڻو بالاءِ، پاڻي پِياريو سون آن کي، مِٺو ماکِي ساءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين ۾ اونچا جبل بناياسون ۽ اوهان کي مٺو پاڻي پياريوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهس اسان اوچا جبل کوڙي ڇڏيا ۽ توهان کي مٺو پاڻي پيئاريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کوڙياسين ان ۾ اوچا جبل (وڏا وڏا) ۽ پياريوسين توهان کي پاڻي مٺو مٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان اُن ۾ وڏا ڊگها جبل کوڙياسين ۽ توهان کي (اُنهن جي چشمن مان) مٺو پاڻي پياريوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 28) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (جيڪي پنهنجي چوڌاري انوکين تخليقن مان به فرمانبرداريءَ جو سبق نٿا پرائن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن تڪذيب ڪندڙن لاءِ ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن (جنت ۽ جهنم کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن لاءِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
انطَلِقوا إِلىٰ ما كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 29) |
(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ نافرمانن کي ان ڏينهن چيو ويندو ته) جنهن شئ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان وڃو ان ڏانهن جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن شيءِ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلو ان ڏانهن جو ان کي ڪوڙو چوندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن شيءِ کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا تنهن ڏي هلو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (کين چيو ويندو) هلو ان (جهنم) ڏانهن جنهن کي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن کي ڪُوڙو ڪوٺيان، هَلو تِنهن ڏي هاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”هاڻي وڃو انهي (دوزخ) ڏانهن جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هلو هاڻي انهيءَ شيءِ ڏانهن جنهن کي پيا ڪوڙ سڏيندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هلو هاڻي ان شيءِ ڏانهن جنهن کي توهان ڪوڙو ٿي ڀانيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (قيامت جي ڏينهن ڏوهارين کي چيو ويندو ته) هلو ان (دوزخ) ڏانھن جنھن کي توهان ڪوڙو ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
انطَلِقوا إِلىٰ ظِلٍّ ذى ثَلٰثِ شُعَبٍ (آيت : 30) |
(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٽن ڦاڪن واريءَ (دونهين جي) ڇانوَ ڏي هلو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ان دونهين جي پاڇولي ڏانهن وڃو جنهن جا ٽي شعبا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (دونهين) جي پاڇي ڏي هلو! جنهن جا ٽي حصا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلو ڇانوَ ٽن شاخن واريءَ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٽن ڦاڪن واريءَ ڇانوَ ڏي هلو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هلو ٽن شاخن واري پاڇي ڏانهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٽِکڙ ڇِڊَڙِي ڇانوَ ۾، هَلي پُهچو پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وڃو انهي ڇانو ڏانهن، جا ٽن شاخن واري هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هلو انهيءَ پاڇي ڏانهن جيڪو ٽن شاخن وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هلو هاڻي ان ڇانوَ ڏانهن جيڪا ٽن شاخن واري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دونھين جي ورهايل) ٽن شاخن جي ڇانوَ ڏانھن هلو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا ظَليلٍ وَلا يُغنى مِنَ اللَّهَبِ (آيت : 31) |
نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ۾ نه ته ڇانو آهي ۽ نه باهه جي ڄر کان بچائيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو نه پاڇولو ڪندڙ هوندو ۽ نه باه کان بچائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ۾ نه ڇانو آهي ۽ نه باھ جي ڄڀي کان بچائيندي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿڌي ڇانوَ ڏيندڙ ۽ نه فائدو ڏيندي باهه جي ڄڀيءَ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ۾ نه ته ڇانوَ آهي ۽ نه باهه جي ڄڀيءَ کان بچائيندي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو نه ته ڇانوَ ڏيڻ وارو آهي نه باهه جي ڄِـــڀِي کان بچائي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڇَمر نه ڇانئڙِي، پڻ بَٺ نه، جَھلي ڀاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي ٿڌڪار واري هوندي، نه باهه جي تَوَ کان بچائيندي“. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي ٿڌي ڇانوَ ڪرڻ وارو ۽ نه وري باهه جي ڄڀيءَ کان بچائڻ وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿڌ رسائڻ واري ۽ نه بچائڻ واري باهه جي اُلن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن ۾ نه ته ٿڌڪار هوندي ۽ نه ئي دوزخ جي باهه جي ڀَڀَـڙَ کان بچائيندڙ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّها تَرمى بِشَرَرٍ كَالقَصرِ (آيت : 32) |
بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اها ماڙيءَ جهڙا (اڀا) شعلا اڇلائي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جهنم مان شعلا نڪرن ٿا جيڪي ماڙين جيڏا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اها ماڙي جهڙا آلا اڇلائي ٿي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اها اڇلائيندي چڻنگون ماڙيءَ جيڏيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اها ماڙيءَ جهڙيون چڻنگون اڇلائي ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُها (دوزخ) ماڙيءَ جهڙيون چڻگون اٿاري ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڙِيَن جيڏا مَشعلا، چِٽِينِ ٻولايو ٻاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اها باهه ماڙين جيڏيون ڄڀيون اڇليندي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها باهه ماڙين جيڏا پئي اُلا (چڻنگون) اڇلائيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها باهه اڇليندي وڏيون چڻگون ماڙيءَ جهڙيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اها باهه وڏين ماڙين جيڏيون چڻنگون ڪڍندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَنَّهُ جِمٰلَتٌ صُفرٌ (آيت : 33) |
ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڄڻ ته اهي (شعلا ناهن) هيڊا اُٺ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي هيڊن اُٺن جهڙا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڄڻ ته اهي هيڊا اٺ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته اهي هيڊا اٺ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڄڻ ته اهي هيڊا اُٺ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڄڻڪ اُهي (چڻنگون) ڦڪا اُٺ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر آهِن اُٺ اوس سي، جي هُجن مٿي هيڊاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ڄڻ ته اهي هيڊا اُٺ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (جيڪي ائين پيا لڳندا) ڄڻ ته پيلا اُٺ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄڻ ته اهي اٺ آهن پيلا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهي چڻنگون ايئن لڳنديون) ڄڻ ته پيلي رنگ جا اُٺَ هُجن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 34) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙ ڪندڙن جي لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن (نبين کي) ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن ڪاڻ آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا يَومُ لا يَنطِقونَ (آيت : 35) |
اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي اهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ نه اُهي (ڏوهاري) ڳالهائيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ (اُهو) ڏينهن آهي جو اُهي ڳالهائي نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ چپ چري نه سگهندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي اهو ڏينهن آهي جو نه ڳالهائيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ اُهي نه ڳالهائيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ اُهي ڳالهائي نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ڏاڍو آهي ڏِينهن سو، جِنهن ۾ ڪري نه سگھندا ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ڏينهن نڪي هو ڳالهائي سگهندا (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهو اُهو ڏينهن آهي، جنهن ۾ اُهي نه ڪجهه ڳالهائيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ نه ڳالهائيندا اهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهو ڏينھن آهي جنھن ۾ هي (ڪوڙو ڪندڙ) ڳالهائي نه سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يُؤذَنُ لَهُم فَيَعتَذِرونَ (آيت : 36) |
۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نه کين اجازت ملندي ته ڪو عذر پيش ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ عذرن پيش ڪرڻ لاءِ کين اجازت نه ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه کين اجازت ملندي ته عذر پيش ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪل ڏني ويندي انهن کي پوءِ عذر پيش ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه کين اجازت ملندي ته ڪو عذر پيش ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه ئي کين اجازت ڏني ويندي ته ڪو عذر پيش ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه مِلندِيَنِ موڪل مُورهين، ته ڪَن عُذر ۽ اِهمال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي کين عذر بيان ڪرڻ جو موڪل ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نڪي کين موقعو ڏنو ويندو جو ڪي بهانا پيش ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه اجازت هوندي انهن کي ته ڪو عذر پيش ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه کين عذر پيش ڪرڻ جي اجازت هوندَن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 37) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُن ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن نال، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا يَومُ الفَصلِ جَمَعنٰكُم وَالأَوَّلينَ (آيت : 38) |
ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته) هي فيصلي جو ڏينهن آهي، اسان اوهان کي ۽ پهرين کي هتي گڏ ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ فيصلي ڪُن ڏينهن آهي. اسين توهان کي ۽ پَهِرِيَنِ ماڻهن کي جمع ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي فيصلي جو ڏينهن آهي (جنهن ۾) اسان اوهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جو گڏ ڪيوسون اوهان کي ۽ پهرين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي فيصلي جو ڏينهن آهي اسان اوهان کي پهرين کي گڏ ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي فيصلي جو ڏينهن آهي (جنهن ۾) اسان اوهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ڏِينهن عدل، اِنصاف جو، جِنهن ۾ تُرندو تُراڙو، جِنهن ۾ اوهان ۽ اڳيَنِ جو، وِڌوسُون واڙو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ( الله فرمائيندو) ”هي آهي فيصلي جو ڏينهن_ جنهن ۾ اوهان ۽ اڳين کي گڏ ڪيو اٿئون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي فيصلي جو ڏينهن آهي، اسان توهان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ڏينهن فيصلي جو آهي، اسان گڏ ڪيو آهي توهان کي ۽ اڳين ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهوئي فيصلي وارو ڏينھن آهي (تنهنڪري) اسان توهان کي ۽ اڳ گذري ويلن سڀني کي گڏ ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن كانَ لَكُم كَيدٌ فَكيدونِ (آيت : 39) |
پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اوهان دنيا ۾ اسان جي موڪليل دين خلاف وڏيون وڏيون رٿون رٿيندا هيئو) جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا بڇڙي رٿ باقي آهي ته (اڄ حساب ڪتاب کان بڇڻ لاءِ اها) رٿ مون تي هلايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن توهان وٽ ڪا اٽڪل هجي پوءِ اها ڀلي مون سان ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو دائو هلائڻ اچي ٿو ته هلائي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن آهي اوهان جي ڪا رٿ ته پوءِ مون لاءِ رٿ رٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهان کي بڇڙي رٿ ڪرڻي آهي ته مون تي رٿ هلايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪا سازش آهي ته پوءِ مون سان سازش هلائي ڏسو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آن کي ٻاڙو ٻولڻو، ته مَرمون سان ٻوليو ٻاڙو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي اوهان کي ڪا بڇڙي رٿ رٿڻي هجي ته رٿيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جي ڪا اٽڪل ڪرڻي اٿوَ ته ڀلي منهنجي مقابلي ۾ ڪري ڏسو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪا رٿ رٿي سگهو ٿا منهنجي مقابلي ۾ ته رٿي ڏسو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو جيڪڏهن توهان منهنجي خلاف ڪا چال کيڏڻ چاهيو ٿا ته ڀل جا کيڏو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 40) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙن لئي ڪاڙهو، آهي انهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُتَّقينَ فى ظِلٰلٍ وَعُيونٍ (آيت : 41) |
بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان جي ابتڙ) جيڪي ماڻهو (خدائي قانونن تي) پاڻ کي سنڀالي هلن ٿا سي ڇانون ۽ چشمن وارا هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيزگار (بهشت ۾) ساين ۽ چشمن ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ پرهيزگار ڇانون ۽ چشمن،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگار ڇانئن ۽ چشمن ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگارڇانون ۽ چشمن(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگار (ٿَڌِيُن) ڇَائُن ۾ چشمن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَڱا وِچ چشمن ۾، پڻ ٿَڌِي مَنجھ ٿَڌڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪ، ڇانون ۽ چشمن ۾ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ پرهيزگار اڄ ڇانوَن ۽ چشمن ۾ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو اڄ ڇانون ۽ چشمن ۾ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو ڇانون ۽ چشمن ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفَوٰكِهَ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 42) |
۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ميون ۾ جيڪي کين وڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ميون ۾ ان مان جيڪا اشتها رکندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ميون جي خواهش ڪندا تن ۾ هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ميوا جن جي به خواهش ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ تازا طَلبِـينِ جِھڙا، ميوا مَڃر ڏار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جهڙا به ميوا گهرندا تهڙا ملندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ميوا سندن دل گهرندي (انهن لاءِ حاضر آهن) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ميوا حاضر آهن جيڪي چاهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جهڙي قسم جا ميوا چاهيندا اُنهن کي پيش ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ چئبن ته) جيڪي ڪم اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان آساني سان کائو ۽ پيئو انهيءَ ڪري جو توهان (نيڪ) عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چئبن ته دنيا ۾) جي عمل ڪندا هئا تن جي عيوض مزي سان کائو ۽ پيو (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کائو ۽ پيئو ڍؤ ڪري ان جي بدلي ۾ جيڪو ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (چئبن ته) جيڪي ڪم اوهين ڪندا هئا انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو انهن عملن جي عيوض جيڪي توهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کائو پيو خوب طرح، اُن عملن جي آڌار، جيڪي هُن جھان ۾، ڪَندا هئا ڪَم ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”اوهين بلڪل خوش ٿي کائو ۽ پيئو جو اوهين چڱا ڪم ڪندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کائو ۽ پيئو مزي سان، پنهنجن انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجي انهن ڪيل عملن جي بدلي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چيو ويندو ته) جيڪي توهان (نيڪ) عمل ڪندا هئا ان جي بدلي ۾ مزي سان کائو ۽ پيئو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 44) |
بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙيءَ طرح نيڪوڪارن کي جزاءِ خير عطا ڪندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسين اهڙي طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين اهڙي طرح بدلو ڏينداسون نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چڱن اِهڙِي چال سان، نوازيون نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين نيڪن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نيڪن کي اهڙائي اجورا ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان اهڙي ئي جزا ڏيندا آهيون نيڪ ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 45) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن هارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلوا وَتَمَتَّعوا قَليلًا إِنَّكُم مُجرِمونَ (آيت : 46) |
(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر کين چئو ته، اوهان هن دنيا ۾ ٿورڙن طبعي مفادن جي ڪڍ پيا آهيو سو) ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو (پر اوهان خدائي نافرماني ڪري انساني حق پائمال ڪيو ٿا، سو) بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان (دنيا جي نعمتن) مان کائو ۽ ٿورو نفعو حاصل ڪريو، بيشڪ توهان مجرم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪوڙو ڪندڙو!) ٻه ٽي ڏينهن کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کائو ۽ پيئو ٿورو بيشڪ اوهان مجرم آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نافرمانو!) توهان ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو يقينًا اوهان ڏوهاري آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَرو چوپايَنِ جِيئن، مِڙو مِروَن آچار، ۽ گَھڙِي کن جون گوڙيون، اَوهِين بِلڪُل آهيو بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي ڏوهاريو! اوهين ڀل ته دنيا ۾ ٿورو کائي وٺو ۽ ٿورو آسودا ٿي وٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کائو ۽ مزا ماڻيو، ڪي ٿورڙا ڏينهن، حقيقت ۾ توهان ڏوهاري آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کائو ۽ مزا ماڻي وٺو ٿورڙا ڏينهن، بيشڪ توهان ڏوهي آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ڏوهاريو! دنيا ۾) ٿوري وقت تائين کائي ۽ مزا ڪري وٺو. بيشڪ توهان ڏوهاري ماڻهو آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 47) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن هَارِ، آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اركَعوا لا يَركَعونَ (آيت : 48) |
۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته، (الله جي اڳيان) جهڪو ته نٿا جهڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان نماز پڙهو ته نماز نٿا پڙهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته رڪوع ڪريو ته رڪوع نه ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن کي رڪوع ڪيو ته رڪوع نه ٿا ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته (الله جي اڳيان) جُهڪو ته نه ٿا جهڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان (الله اڳيان) جهڪو ته نه ٿا جهُڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڏهن ڏِجي فرمان، جُھڪو، ته جُھڪن ڪِين ڪِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن چئجينِ ٿو ته رڪوع ڪريو، ته نه ڪندا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته (الله جي آڏو) جهڪو، ته نٿا جهڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن چيو ويندو انهن کي ته جُهڪو (الله جي آڏو) ته نٿا جهڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن کي (دنيا ۾ الله تعالى جي آڏو) جُهڪڻ لاءِ چيو ويندو هو ته هُو جُهڪندا ئي نه هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻ ته ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي هلاڪت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ويل آهي تڪذيب ڪندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪوڙو چوڻ وارن لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو ڪُوڙن واسطي، اُنهِئَ ڏِينهن اَرمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ڏينهن ڪوڙ سمجهندڙن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو ڀائيندڙن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 50) |
پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اسان سڀ ڳالهيون هن آخري هدايت ۾ وضاحت سان بيان ڪري ڇڏيون آهن، سو) ان قرآن کان (هٽي) پوءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اِهي قرآن ڪريم کان پوءِ ڪهڙي ڪتاب تي ايمان آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته هن کان پوءِ اهي ڪهڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙيءَ ڳالهه تي ان کان بعد ايمان آڻيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي قرآن کان پوءِ ايمان آڻيندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي هن (قرآن) کان پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن کانپوءِ، اِيمان، ڳَنڍِينِ ڪِهڙِئَ ڳالھ سان ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڀلا هن (قرآن) کان پوءِ ٻيءَ ڪهڙيءَ ڳالهه کي مڃيندا؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا هن (قرآن) کانپوءِ ٻيو ڪهڙو ڪلام ٿي سگهي ٿو، جنهن تي اهي ايمان آڻين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن (قرآن) بعد ڪهڙو ٻيو ڪلام آهي جنهن تي ايمان آڻيندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قرآن کان پوءِ (آخر) هي ماڻهو ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (اسان ته صرف الله تعاليٰ تي ايمان آندو آهي).(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |