توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
هَل أَتىٰ عَلَى الإِنسٰنِ حينٌ مِنَ الدَّهرِ لَم يَكُن شَيـًٔا مَذكورًا (آيت : 1) |
ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي، جنهن ۾ هو ڪابه اهڙي شئ نه هو جنهن جي ڳالهه ڳڻي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انسان تي هڪ اهو وقت گذريو جو (ان دوران) سندس نالو ئي مذڪور نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو، جنهن جي ڳالھ ڪئي وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق آيو انسان تي ڪو وقت زماني مان جو نه هو شيءِ ذڪر ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو جنهن جي ڳالهه ڪئي وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت گذريو آهي جو اهو ڪابه قابلِ ذڪر شيءِ نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئـِي هِن اِنسان تي، وَقت مَنجھان، ڪا وار، ڄَڻڪ، سو ڄَڻ ڪِين هُئو، ڪاشئ، مَنجھ شُمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪڏهن انسان تي زماني جو هڪ اهڙو به وقت لنگهي چڪو آهي، جڏهن هو ڪا يادگيريءَ هيٺ ايندڙ چيز ئي نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انسان تي اڻ کــُـٽ زماني جو ڪڏهن ڪو اهڙو وقت به آيو آهي، جڏهن هو ڪا نالي کڻڻ جوڳي شيءِ ئي نه هو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهڙو وقت به گذريو انسان تي ڊگهي زماني ۾ جڏهن هو ڪا شيءِ ئي نه هو ذڪر جي قابل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انسان جي مٿان زماني جو ڪو اهڙو وقت ٿي گذريو آهي، جنھن ۾ هو ياد رکڻ جي قابل ڪا شيءِ ئي نه هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا خَلَقنَا الإِنسٰنَ مِن نُطفَةٍ أَمشاجٍ نَبتَليهِ فَجَعَلنٰهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 2) |
بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (۽ ماءُ جي پيٽ ۾ اهڙيءَ طرح صلاحيتن سان ان کي ٺاهيو) جو (اڳتي هلي) ان کي آزمائش ۾ آڻيون. پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انسان کي هڪ گڏيل نطفي مان پيدا ڪيو (ان لاءِ ته) اسين ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي سَمِيع (ٻڌندڙ ۽) بَصِير (ڏسندڙ) ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان انسان کي گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون ۽ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان پيدا ڪيو انسان کي منيءَ جي ڦڙي گڏيل مان آزمايون پيا ان کي پوءِ ڪيو اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان انسان کي (ڪيترن شين مان) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون، پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انسان کي (مرد ۽ عورت جي) مِليل مَنيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ بنايو. (ته جيئن آزمائش جي قابل هجي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان ئـِي اِنسان کي، اُپايو اسرار، مَلايَل مَنِئ جي، نُطفي مان نِروار، پِئي پَرکيون سون اُن کي، پُرزو، پُرزو ڌار، پوءِ ڪيو سُونسِ تيار، سُڻندڙ، ڏِسندڙ ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، اسان انسان کي هڪڙي گڏيل ڦڙي مان پيدا ڪيو، ته ان کي پرکيون، پوءِ کيس ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انسان کي هڪڙي رليل مليل ٽيپي مان پيدا ڪيو آهي، تانته ان کي آزمايون. پوءِ ان لاءِ اسان کيس ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان پيدا ڪيو انسان کي هڪ نطفي گڏيل مان، ته جيئن امتحان وٺون سندس، ان لاءِ کيس ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو ڪيوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇونه!) بيشڪ اسان انسان کي کيس پرکڻ لاءِ گڏيل سڏيل نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اسان ان کي ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ ڪري پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا هَدَينٰهُ السَّبيلَ إِمّا شاكِرًا وَإِمّا كَفورًا (آيت : 3) |
بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان (ان سوچ ۽ سمجهه جي قابل) انسان کي (وحي وارو) هدايت جو رستو ڏيکاريو، پوءِ هو شڪر ڪندڙ بڻجي يا انڪار ڪندڙ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ان کي واٽ ڏيکاري يا اهو شاڪر (مؤمن) ٿيو يا اهو ناشڪر (ڪافر) ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان کيس سڌي راھ به ڏيکاري (هاڻي اهو) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪرو بڻجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ڏيکاري اسان ان کي واٽ يا شڪر ڪندڙ هجي ۽ يا بي شڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان انسان کي شڪر ڪندڙ هجي يا بي شڪر، رستو ڏيکاريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان کي رستو ٻڌايو (هاڻي) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪر بنجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏَس ڏِنوسُون واٽ جو، تِنهِين کي تڪرار، يا شاڪِر، شُڪر گُذار، يا بِلڪُل باغِي، بي ڳُئون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان هن کي سنئين واٽ ڏيکاري، هاڻ شڪر ڪري يا ڪفر ڪري (سندس مرضي). (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کيس رستو ڏيکاري ڇڏيو، کڻي شڪر ڪرڻ وارو بڻجي يا ڪفر ڪرڻ وارو بڻجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ کيس ڏيکاريوسين رستو، توڙي اهو شڪر ڪرڻ وارو ٿئي يا ڪفر ڪرڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان کيس رستو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هاڻي هُو شڪرگذار (ٻانهو) بڻجي يا ناشڪرو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَلٰسِلَا۟ وَأَغلٰلًا وَسَعيرًا (آيت : 4) |
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان انڪار ڪندڙن لاءِ زنجير، ڳچيءَ جو ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجيرون، ڳرٽ ۽ ٻرندڙ باه تيار ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ طوق ۽ ٻرندڙ باھ تيار رکي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان تيار ڪيو ڪافرن جي لاءِ زنجير ۽ ڳـچيءَ وارا ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳَٽَ ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان ئـِي اِنڪاريَن لئي، ڪَيا بَندوبست پَڪا، نِيرَ، نوڙيَڪا، پڻ باهِيون ڀَنڀٽ واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير، ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار رکي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪفر ڪندڙن لاءِ اسان زنجير ۽ ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان تيار ڪيون آهن ڪافرن جي لاءِ زنجيرون ۽ ڳٽ ۽ ڀڙڪندڙ باهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ڪافرن جي لاءِ زنجيرون، رسا ۽ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الأَبرارَ يَشرَبونَ مِن كَأسٍ كانَ مِزاجُها كافورًا (آيت : 5) |
بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (مشروب جي)پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ نيڪ ٻانهان هڪ پيالو پيئندا جنهن جو ذائقو ڪافور جو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ نيڪ بخت انسان شراب جا اهي ساغر پيئندا جنهن ۾ ملاوٽ ڪافور جي هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ نيڪو ڪار پيئندا پيالي مان هوندو ملاوت ان ۾ ڪافور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (شراب جي) پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوت ڪافور جي ٿيندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ نيڪوڪار (پاڪ شراب جا) اُهي پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور مليل هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نيڪ، پيالي پاڪ مان، پِيَن آب اَوس، ڪايا جِنهن، ڪافُور جِي، جو چِشمو ڏِيندڙ چَس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نيڪ ٻانها، اهڙي پيالي مان پيئندا، جنهن ۾ ڪافور جي ملاوٽ هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيڪ ماڻهو (جنت ۾) شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جن ۾ ڪافور جو پاڻي مليل هوندو، اهو هڪ وهندڙ چشمو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق نيڪ ماڻهو (جنت ۾) شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جن ۾ ملاوٽ هوندي ڪافور جي پاڻي جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ نيڪوڪار ماڻهو شراب جا اهڙا پيالا پيئندا جنھن ۾ ڪافور ملايل هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَينًا يَشرَبُ بِها عِبادُ اللَّهِ يُفَجِّرونَها تَفجيرًا (آيت : 6) |
اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو ڪافور) جيڪو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (بهشت ۾) ڪافور جو هڪ چشمون هوندو جو ان مان الله تعالى جا مقرب بندا پيئندا، پنهنجي محلن ۾ جتي چاهيندا اُتي اُن جو پاڻي وهائي پهچائيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هڪ چشمو آهي جنهن مان خدا جا (خاص) بندا پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چشمو جو پيئندا ان مان الله جا ٻانها وهائي هلندا ان کي وهائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڪافور) جنت جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا جتي چاهيندا ان کي ننڍين نهرن جي شڪل ۾ وهائي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مان پُوڄارِي پَروَر جا، ڪَشَيو لاهينِ ڪَس، وَڻينِ تِئين واهِين تنهن، رَنگ راهِينِ رَس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هڪ چشمو آهي، جنهن مان الله جا ٻانها پيئندا ۽ کيس چڱيءَ طرح وهائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن جي پاڻيءَ سان گڏائي الله جا بندا شراب پيئندا ۽ جيڏانهن به وڻندن سؤلائيءَ سان ان جون شاخون ڪڍي وٺندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو هڪ چشمو هوندو جنهن جي پاڻيءَ سان گڏ الله جا بندا شراب پيئندا (جتي گهرن) ان جون ناليون وهائيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي هڪ چشمو آهي جنھن مان الله تعالى جا (جنتي) ٻانها پيئندا ۽ هو جتي به چاهيندا ته ان کي ناليون (۽ ڪينال) ٺاهي وهائي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يوفونَ بِالنَّذرِ وَيَخافونَ يَومًا كانَ شَرُّهُ مُستَطيرًا (آيت : 7) |
جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ماڻهو دنيا ۾ الله جي جي اطاعت بابت کنيل ذميواريءَ جي) باس کي پورو ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي پنهنجا نذر پورا ڪن ٿا ۽ اهي ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جو شر گھڻو پکڙيل هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي آهن جيڪي نذر پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي هر طرف پکڙيل هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وفا ڪن ٿا نذر جي ۽ ڊڄن ٿا ان ڏينهن کان جو هوندي برائي ان جي پکڙيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (الله جي) باس پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي (دنيا) باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي سختي پکڙيل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پارِين نَذَر نِياز جا، وعدا مُوجب وَس، تِنهن ڏِينهن کان لَرزَن لَس، جِنهنجو ڪارهو ڪَئـِين ڪوهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي نيڪ ٻانها نذر پورا ڪندا آهن ۽ انهي ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن جي تڪليف ظاهر هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ئي ماڻهو هوندا، جيڪي (دنيا ۾) باس پوري ڪندا آهن ۽ انهيءَ ڏينهن کان ڊڄندا آهن، جنهن جي مصيبت هر طرف پکڙيل هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هي اهي شخص آهن) جيڪي (دنيا ۾) باس پوري ڪندا آهن ۽ ڊڄندا آهن ان ڏينهن کان جنهن ۾ آفت هر طرف پکڙيل هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي ماڻهو (دنيا ۾) باسيل باس پوري ڪن ٿا ۽ ان ڏينھن کان ڊڄن ٿا جنھن ڏينھن هر طرف مصيبت ئي مصيبت پکڙيل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُطعِمونَ الطَّعامَ عَلىٰ حُبِّهِ مِسكينًا وَيَتيمًا وَأَسيرًا (آيت : 8) |
۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس محبت وچان مسڪين، يتيم ۽ قيديءَ (جي ضرورتن کي پورو ڪن ٿا ۽ انهن) کي کاڌو کارائين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي مسڪينن ۽ يتيمن ۽ قيدين کي پنهنجي محبت سان طعام کارائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کارائن ٿا کاڌو ان جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس محبت تي مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي محبت ۾ کاڌو کارائن ٿا مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندسِ سِڪ سَچئَ ۾، ڏِين قُوت ڪَنگال، پڻ ڇِنٖي ڇوري ٻار کي، پڻ باندِئَ کي، بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو پاڻ کي ضرورت هوندي به کاڌو مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کارائيندا آهن کاڌو الله جي محبت ۾ مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو ته الله تعالى سان محبت خاطر مسڪينن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما نُطعِمُكُم لِوَجهِ اللَّهِ لا نُريدُ مِنكُم جَزاءً وَلا شُكورًا (آيت : 9) |
(۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان (تي ڪوبه احسان نٿا ڪريون.) رڳو الله جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي چون ٿا) اسين توهان کي خدا ڪارڻ کارايون ٿا، اسين توهان کان ان جي جزا ۽ شڪرگذاري نٿا چاهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو خدا جي رضامندي لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪا شڪرگذاري چاهيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين ته اوهان کي کاڌو کارايون ٿا صرف الله جي لاءِ نه ٿا ارادو ڪيون اوهان مان بدلي جو ۽ نه شڪريه ادا ڪرڻ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ( ۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو الله جي رضامنديءَ لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪي شڪر گذاري گهرون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (۽ چون ٿا ته) ”اسان صرف الله جي رضا لاءِ اوهان کي کاڌو کارايون ٿا نه اوهان کان بدلو گهرون ٿا ۽ نه ڪا شڪر گذاري چاهيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين اوهان کي ڪِين ڏِيون، کاڌو ٻئي خيال، مگر مُحابي رَبَّ جي، ته رَهي رَاضِي شال، مُلھ نه گُھرون، ڪو مال، ۽ نَه سار لَهون، ساراھ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا آهن ته ”اسين اوهان کي فقط الله ڪارڻ کارايون ٿا، اسان کي نڪو اوهان کان عيوض گهرجي، نڪو شڪرانو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ چوندا اٿن ته) "اسان توهان کي فقط الله ڪارڻ ٿا کارايون، اسان کي توهان کان نڪي ڪو عيوضو کپي ۽ نه شڪرگذاري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن کي چوندا) تحقيق اسان توهان کي کارايون پيا الله ڪارڻ، نٿا گهرون توهان کان ڪو بدلو ۽ ڪو ٿورو شڪر گذاريءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ چوندا آهن ته) بيشڪ اسان توهان کي الله تعالى جي (رضا) خاطر کارائي رهيا آهيون. اسان کي توهان جي طرفان ڪوبه بدلو ۽ نه ئي ڪو شڪرگذاري جو اظھار کپي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا نَخافُ مِن رَبِّنا يَومًا عَبوسًا قَمطَريرًا (آيت : 10) |
بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ واري) هڪ ڏکئي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين پنهنجي رب کان اُن ڏينهن جو خوف ڪريون ٿا جيڪو سخت (۽) بيحد سخت هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (جنهن ۾ منهنجي رنگت بدلجي ويندي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين خوف رکون ٿا پنهنجي رب کان ڏينهن، کٽو منهن ڪندڙ نهايت سخت جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان کي پنهنجي پالڻهار کان ان ڏينهن جو خوف رهندو آهي جيڪو سخت اداسي جو ڊگھو ڏينهن هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ کان، ڏَرون اُن ڏِينهن ڀَر، جو اهَکو آھِ اَپر، پڻ کوٽن لاءِ، کَٽو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين اسان جي ڌڻيءَ کان ڏکئي ڏينهن کان ڊڄون ٿا، جو تمام سخت آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کي ته پنهنجي رب کان انهيءَ ڏينهن جي عذاب جو ڊپ لڳل آهي، جيڪو سخت مصيبت وارو نهايت ڊگهو ڏينهن هوندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق اسان کي خوف آهي پنهنجي رب جو ان ڏينهن جي سخت مصيبت جي ڊگهي ڏينهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته بس پنھنجي پالڻھار جي ان ڏينھن جي عذاب کان ڊڄون ٿا جيڪو تمام ڏکيو ۽ تمام سخت هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَقىٰهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذٰلِكَ اليَومِ وَلَقّىٰهُم نَضرَةً وَسُرورًا (آيت : 11) |
پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ان عمل جي نتيجي ۾) الله انهن کي ان (ڏينهن) جي بڇڙائيءَ (۽ هلاڪت) کان بچايو، ۽ انهن کي تازگيء ۽ خوشي پهچايائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينهن جي شر کان بچايو ۽ انهن کي تازگي ۽ سُرور عطا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچائيندو، ۽ کين تازگي ۽ خوشيءَ عطا فرمائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بچايو انهن کي الله ان ڏينهن جي شر کان ۽ ڏنائين انهن کي تازگي ۽ خوشي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچايو، ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچايائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي سختي کان بچائيندو ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهِئ ڏينهن جي ڏُک کان، رَکينِ رکن هار، پڻ ڏيکارين ڏاتار، سَهسِين سُک ۽ ساوڪون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کين انهي ڏينهن جي تڪليف کان ڇڏايو ۽ کين تازگي ۽ خوشي پهچائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ الله کين انهيءَ ڏينهن جي شر کان بچائي وٺندو ۽ کين تازگي ۽ سرهائي عطا ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو بچائيندو الله کين ان ڏينهن جي شر (مصيبت) کان ۽ کين بخشيندو تازگي ۽ سرور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ الله تعالى انهن کي ان ڏينھن جي تڪليف کان بچائيندو ۽ کين تازگي ۽ خوشي بخشيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَزىٰهُم بِما صَبَروا جَنَّةً وَحَريرًا (آيت : 12) |
۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندن ثابت قدميءَ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ کين سندن صبر جي ڪري جنت ۽ ريشمي لباس مليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري (بهشت جا) باغ ۽ ريشم (جي پوشاڪ) عطا فرمائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بدلو ڏنائين انهن کي ان جي ڪري جو صبر ڪيائون بهشت ۽ ريشم سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي سندن صبر جي بدلي بهشت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَنت ڏِنائـِين جاءِ پڻ پهرڻ پَٽ پَٽورِيون، اِي سَڀ اِنهِئَ لاءِ، جو سَڀ ڪُجھ سَٺائون سِيل تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن صبر ڪرڻ جي بدلي کين باغ ۽ ريشم ڏنائين_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن صبر جي عيوض کين جنت ۽ پــَـٽ پٽيهر (جا ويس) عطا ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عطا ڪندو سندن صبر جي بدلي کين جنت ۽ ريشمي لباس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن کي صبر جي بدلي ۾ جنت ۽ ريشمي لباس عطا ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُتَّكِـٔينَ فيها عَلَى الأَرائِكِ لا يَرَونَ فيها شَمسًا وَلا زَمهَريرًا (آيت : 13) |
اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويهندا. نه ان ۾ (سج جي گرمائيندڙ) اس ۽ نه سخت (ڏڪائيندڙ) سردي ڏسندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي بهشت ۾ تختن کي ٽيڪون ڏيئي ويهندڙ هوندا، ان ۾ سخت گرمي ۽ سخت سردي کي نه ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽيڪ ڏيندڙ انهن ۾ تختن تي هوندا نه ڏسندا ان ۾ سج جي گرمي ۽ نه گهڻي ٿڌڪار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا، نه اتي اُسَ جي گرمي ڏسندا ۽ نه سردي جي شدت.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَڪيا ڏِيندڙ طُولن کي، سِيجن سِر سُڄاڻ، اُتي نه پَسن پاڻ، ڪوسِي ٿڌِي ڪَڏهن(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي باغ ۾ تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا، اتي نڪا اس ڏسندا نڪو پارو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي هو اوچن تختن تي طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏيو ويٺا هوندا. نه اُس جو تاءُ کين تپائيندو ۽ نه پاري واري ٿـڌ کين ستائيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا مٿانهن تختن کي، نه ستائيندي کين اُس جي گرمي ۽ نه ڪا سخت سردي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي جنت ۾ تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا ۽ اُتي کين نه اُس جي تپش تپائيندي ۽ نه ٿڌ جي ڏڪڻي وٺندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَدانِيَةً عَلَيهِم ظِلٰلُها وَذُلِّلَت قُطوفُها تَذليلًا (آيت : 14) |
۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان باغ جون ڇانئون (شاخون) مٿن ويجهيون (جهڪيل) هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا. (مطلب ته راحت جي ڪابه شئ سندن گرفت کان ٻاهر نه هوندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کي بهشتي وڻن جا سايا قريب هوندا ۽ انهن جا ميوا بيحد آساني سان حاصل ڪري سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن باغن جون گهاٽيون ڇانيون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ميون جا ڇڳا تمام ويجها هر طرح انهن جي اختيار ۾ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ويجهيون ٿيندڙ هونديون انهن تي ڇانئون انهن جون ۽ ويجها ڪيا ويندا انهن جا ميوا ويجهو ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان باغ جون ڇانئون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان باغ جون ڇائون انهن مٿان جھُڪندڙ هونديون ۽ ان جي ميون جا ڇُڳا پوري طرح انهن جي وس ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوڏِيون ڇانئون اُنهن مَٿان، لَڙِيَل لامون ڏار، قطارو قطار، اُن جا جُھڳٽ جِھمايا وِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي باغ جي ڇانوَ مٿن ويجهي ٿيل هوندي ۽ اُنهي جا ميوا به چڱيءَ طرح ويجها ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنت جا پاڇا مٿن لـڙي ڇانءَ ڪري رهيا هوندا ۽ ميون جا ڇڳا نوائي سندن پهچ ۾ ڪيل هوندا (جو جيئن وڻين پٽي وٺن)(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بهشت جا پاڇا انهن تي جُهڪي ڇانوَ ڪري رهيا هوندا ۽ ان جا ميوا هر وقت سندن وس ۾ هوندا (جيئن آرام سان پٽي وٺن)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي مٿان باغ جي وڻن جي ڇانو ويجهو ٿيل هوندي ۽ ان جا ميوا به تمام ويجها لٽڪيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُطافُ عَلَيهِم بِـٔانِيَةٍ مِن فِضَّةٍ وَأَكوابٍ كانَت قَواريرا۠ (آيت : 15) |
۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون اهڙن پيالن سان (خادمن جي) اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جي خدمت ۾ چانديءَ جا ٿانو ۽ مگ پيش ڪيا ويندا جيڪي شيشي جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جي اڳيان چاندي جا ساغر ۽ شيشي جا تمام صاف گلاس جا دور هلي رهيا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦيرايا ويندا انهن تي ٿانوَ چانديءَ جا ۽ پيالا هوندا شيشي جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون ۽ اهڙن پيالن سان اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن تي چاندي جي ٿانوَن ۽ انهن پيالن جا دور هلايا ويندا جيڪي شيشي جا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رَڄ رُپي جي ٿانَو سان، تِن جو، ڪَجي طَواف، ڪوپ، پِيالا قِيمتِي، اِهڙا جِن اوصاف، شِيشو، شِيشو ڪهڙو؟ شِيشو صاف شِفاف، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن وٽ چانديءَ جي انهن ٿانون ۽ پيالن جي اچ وڃ پيئي ٿيندي، جي شيشن جا هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن آڏو چانديءَ جا ٿانوَ ۽ شيشي جا پيالا هيڏي هوڏي پيا ڦيرايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن آڏو ڦيرايا ويندا ٿانوَ چانديءَ جا ۽ شيشي جا پيالا ڦيرايا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن لاءِ (کائڻ پيئڻ جي شين سان ڀريل) چانديءَ جا اهڙا ٿانو ۽ پيالا ايندا رهندا جيڪي شيشي وانگر جرڪندڙ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَواريرَا۟ مِن فِضَّةٍ قَدَّروها تَقديرًا (آيت : 16) |
(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر اهو) شيشو چانديءَ جهڙو (چمڪندڙ) هوندو. جن کي (پورو) اندازو ڪري بنايو ويو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي هوندا چانديءَ جا پر شيشي وانگر شفاف هوندا. انهن کي پوري اندازي سان پيش ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ شيشا به (ڪانچ جا نه پر) چاندي جا جيڪي بلڪل اندازي سان بڻايل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چانديءَ جا جو اندازو لڳايو هوندائون ان جو پورو پورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پر اُهو) شيشو چانديءَ مان (بنايل) هوندو. جن کي اندازو ڪري بنايو هوندائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) شيشا به اهي جيڪي چانديءَ جي قسم مان هوندا، جن کي انهن (پيارڻ وارن) ٺيڪ ٺيڪ انداز سان ڀريو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چُوڙيون چاندِئ چِنڊ مان، صَلاح سان صراف، پِيالا پيارِبَن، ڀَريل بي خِلاف،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شيشا به چانديءَ جا، جن کي انهن پوري انداز سان ٺهرايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شيشو به اهو جيڪو چانديءَ جي قسم جو هوندو ۽ انهن کي (جنت جي انتظام سنڀالڻ وارن) پوري اندازي مطابق ڀريو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شيشا به چانديءَ جي قسم جا، انهن کي پورو ڀريو ويندو (بهشت جي ڪارڪنن هٿان)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شيشو به اهڙو جيڪو چانديءَ جو قسم هوندو ۽ ٿانوَ به مناسب انداز ۾ (شين سان) ڀريل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُسقَونَ فيها كَأسًا كانَ مِزاجُها زَنجَبيلًا (آيت : 17) |
۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پيارو ويندو جنهن ۾ ملاوت سنڍ (چشمي) جي هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بهشت ۾ اهو جام پياريندا جو ان جو ذائقو ادرڪ جهڙو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ۾ کين اهڙو شراب پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوٽ سنڍ جي هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پياريا ويندا ان ۾ پيالا جو هوندي ملاوت انهن جي سنڍ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوت سُنڍ (چشمي) جي هوندي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي اتي اُهي پيالا پياريا ويندا جن ۾ زنجبيل (يعني سُنڍ) ملايل هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ۾ سُنڊ سُرهِي صاف ، مِلت مَزٖي مَزِيد لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اتي کين اهي پيالا پياربا، جن ۾ ”سنڍ“ جي ملاوٽ هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين اتي اهڙي شراب جا پيالا پيئاريا ويندا، جن ۾ ســُـنڍ مليل هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي اهڙي شراب جا جام پيارا ويندا جن ۾ ملاوٽ هوندي سُنڍ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان ۾ انهن کي اهڙو ته شراب پياريو ويندو جنھن ۾ سُنڍ (يعني اَدرڪ) جي هلڪي خوشبو مليل هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَينًا فيها تُسَمّىٰ سَلسَبيلًا (آيت : 18) |
اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ۾ هڪ چشمون ادرڪ جو آهي جنهنجو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو بهشت ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چشمہ ان ۾ جو نالو رکيو ويو آهي سلسبيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (جنت) ۾ (زنجبيل) هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عُمدو آب اُن ۾، سَڏجي سَلسَبـيل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو اتي هڪ چشمو آهي، جنهن کي ”سلسبيل“ سڏبو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو جنت جو چشمو هوندو، جنهن کي سلسبيل ڪوٺيو ويندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو چشمو بهشت جو، ان کي چيو ويندو آهي سلسبيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ (ان شراب جو) هڪ چشمو هوندو جنھن کي سلسبيل چيو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَطوفُ عَلَيهِم وِلدٰنٌ مُخَلَّدونَ إِذا رَأَيتَهُم حَسِبتَهُم لُؤلُؤًا مَنثورًا (آيت : 19) |
۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا (خادم سندن خدمت لاءِ) وٽن پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي خدمت لاءِ ڇوڪرا هوندا جن کي فنا نه هوندو، جنهن وقت توهان انهن کي ڏسندا ته توهان انهن کي پکڙيل موتي ڀانئيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن جي اڳيان سدائين هڪ حالت تي رهڻ وارا گڀرو ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ۽ ويندا. جو جڏهن انهن کي ڏسو ته سمجهو ته (ڄڻ) پکڙيل موتي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦرندا انهن تي ڇوڪرا، هميشہ رهايل جڏهن ڏسندين انهن کي ته ڀائيندين انهن کي موتي کنڊڙيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي چوڌاري اُهي نوعمر ڇوڪرا گهمندڙ هوندا جيڪي هميشه ان حال ۾ رهڻ وارا هوندا، جڏهن تون انهن کي ڏسندين ته انهن کي پکڙيل سچا موتي سمجهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نوڪر، ڇوڪر عمر ۾، جَنم جوت جَمِيل ، کڻيو کِير خَلِيل، ڀِرن ڀَليرا اُنهن مَٿان. جڏهن اکيَن ڏِسندِين اُنهن کي، ته ڀائـِيندينِ بَحال، ڪراَڻپُوتل آهِينِ سي، ماڻڪ، موتِي لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽن هميشه رهندڙ ڇوڪرا پيا اچ وڃ ڪندا، جن کي جڏهن ڏسندين، ته کين پکڙيل موتي پيو سمجهندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن خدمت لاءِ اهڙا ڇوڪرا ڊُڪ ڊوڙ ڪري رهيا هوندا، جيڪي سدائين ڇوڪرا ئي رهندا. تون کين ڏسين ته ڀانئين ته موتي کنڊيريل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊوڙندا هوندا سندن خدمت ۾ اهڙا ڇوڪرا جيڪي هميشه ڇوڪرا ئي رهندا، جڏهن انهن کي ڏسندين ته سمجهندين ته موتي آهن پکيڙيا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن وٽ سدائين هڪ ئي قد بت ۾ رهڻ وارن ڇوڪرن جو (خدمت لاءِ) اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو. جڏهن توهان انهن کي ڏسندا ته ايئن لڳندو ڄڻ ته هُو کنڊڙيل موتي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَأَيتَ ثَمَّ رَأَيتَ نَعيمًا وَمُلكًا كَبيرًا (آيت : 20) |
۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اتي ڏسندين (۽ جيڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسندين) ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بهشت ۾ تون (اي مخاطب) ان وقت چوڌاري گھڻيون نعمتون ۽ شاهي مُلڪ ڏسندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن تون اتي نگاھ ڪندين ته هر طرح جي نعمت ۽ (تمام) وڏي بادشاهي ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏسندين اتي ته ڏسندين نعمتون ۽ بادشاهي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اتي ڏسندين ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ۽ جيڏانهن به تون نهاريندين ته سراسر نعمتون ۽ عظيم الشان بادشاهي ڏسندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن ڏِسندين، ته ڏِسندِين ڏيھ اُهو، مِڙئـِي مالا مال، مَزا موڪ، مُلڪ وَڏو، ڪُشادو ڪَمال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن نهاريندين ته اتي نعمت ۽ وڏي بادشاهي پيو ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي جيڏانهن به کڻي نظر ڪندين ته توکي نعمتون ئي نعمتون ۽ وڏي بادشاهيءَ جو انتظام نظر ايندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڏانهن به نظر ڊوڙائيندين ته ڏسندين وري وري نعمتون ئي نعمتون ۽ سلطنت جو وڏو ساز و سامان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن جنتي هر طرف نظر ڪندا ته کين ايتريون ته نعمتون نظر اينديون ڄڻ ته اتي وڏي بادشاهي وارا ٺٺَ لڳا پيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عٰلِيَهُم ثِيابُ سُندُسٍ خُضرٌ وَإِستَبرَقٌ وَحُلّوا أَساوِرَ مِن فِضَّةٍ وَسَقىٰهُم رَبُّهُم شَرابًا طَهورًا (آيت : 21) |
مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مٿن سنهي ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي (اميري شان سان) چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا، ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ پيئڻ جون شيون پياريندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي بدنن تي (موسم مطابق) باري ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا، ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا. ۽ انهن کي سندن رب شراباً طهورا پياريندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ اطلس جي پوشاڪ (پهريل) هوندي ۽ کين چانديءَ جا ڪنڱڻ پارايا ويندا ۽ کين سندن رب تمام پاڪ شراب پياريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي مٿان ڪپڙا ريشم جا ساوا ۽ ٿلهي ريشم جا ۽ پارايا ويندا ڪنگڻ چانديءَ جا ۽ پياريندو انهن کي انهن جو رب پاڻي پاڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مٿن سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ريشم جا ٿلها ڪپڙا هوندا. ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن پاليندڙ کين تمام پاڪ شراب پياريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي جسمن تي سنهين ريشم جا ساوا ڪپڙا ۽ ٿُلهي ريشم جا ڪپڙا هوندا ۽ انهن کي چانديءَ جا ڪنگڻ زيور طور پارايا ويندا ۽ سندن پالڻهار کين پاڪيزه شراب پياريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿنِ ڪَپڙا قِيمَتِي، چِلڪَن چَڱِئَ چال، سَنهي، ٿلهي پَٽ سَندا، سائـِي رنگ شال، ۽ چاندِئَ جي چُوڙِين سان، وِيا جِنجھايا جال، ۽ سَندنِ سائـِين اُنهن کي، ڪري ڀَلايون ڀَال، جو هر طرح حَلال، سو پاڻِي پاڪ پِياريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کي سائي ريشم جا سنها ۽ ٿلها ريشمي ڪپڙا پهريل هوندا ۽ کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارائبا_ ۽ سندن ڌڻي کين پاڪ پاڻي پياريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مٿانئن سنهڙي پـــَـٽ جا ساوا پهراڻ ۽ ٿلهي پــَـٽ جون پوشاڪون هونديون ۽ کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن رب کين نهايت پاڪ شراب پيئاريندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن تي ڪپڙا سنهي پَٽ جا ساوا ۽ اطلس (ٿلهو ريشم) ۽ ديبا جا هوندا، ڪنگڻ چانديءَ جا پارايا ويندا ۽ انهن کي پياريندو سندن رب شراب نهايت پاڪيزه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جنتين کي سنهي سائي پَٽ ۽ ٿلهي پَٽ جا ڪپڙا پاتل هوندا ۽ کين چانديءَ جا ڪنگڻ پارايا ويندا ۽ سندن پالڻھار کين (خاص) پاڪيزهه شراب به پياريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا كانَ لَكُم جَزاءً وَكانَ سَعيُكُم مَشكورًا (آيت : 22) |
بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته) بيشڪ اهو اوهان (جي پنهنجي نيڪ عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش (ڏسو ته ڪيئن نه) قبول ڪيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هي توهان لاءِ بهترين جزا آهي ۽ توهان جو سعيو قبول پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش شڪرگذاري جي لائق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ هي آهي اوهان جو بدلو ۽ آهي محنت اوهان جي قدر ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو اوهان (جي عملن) جو بدلو آهي ۽ اوهان جي ڪوشش قبول ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) ”بيشڪ هي توهان جو صلو آهي ۽ توهان جي محنت قبول ٿي چُڪي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي انهن جي عَملن جو، آهي اُجورو، ۽ سَعيو سَمُورو، اَهنجو آفرِين جِھو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، اهو اوهان جي ڪمن جو بدلو آهي ۽ اوهان جون ڪوششون قبول پيون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو آهي توهان جو اجورو ۽ توهان جي ڪوشش جو قدر ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اها آهي توهان جي جزا ۽ توهان جي ڪارگذاري جيڪا ٿي آهي قدر جوڳي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن کي چيو ويندو ته) بيشڪ هي سڀ ڪجهه توهان جي عملن جو بدلو آهي ۽ توهان جي ڪوشش جي قبوليت جو نتيجو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا نَحنُ نَزَّلنا عَلَيكَ القُرءانَ تَنزيلًا (آيت : 23) |
بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (ته جيئن ان تي گڏوگڏ عمل به ٿيندو رهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق اسان توهان تي قرآن ڪريم ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان لاٿو توتي قرآن درجي به درجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري نازل ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان تو تي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اُتاريو تو مَٿي، پَڪ هِي پاڪ قُرآن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، اسان توتي قرآن آهستي آهستي لاٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري لاٿو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان (اي نبي!) نازل ڪيو آهي توتي قرآن ٿورو ٿورو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان قرآن کي ٿورو ٿورو ڪري تنھنجي مٿان نازل ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تُطِع مِنهُم ءاثِمًا أَو كَفورًا (آيت : 24) |
پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ انهن مان ڪنهن به (اهڙي) ڏوهي يا ڪافر جو چيو ٽاري ڇڏ (جنهن جومقصد توکي ان رستي تان ٿڙڪائڻ آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو، ۽ توهان انهن مان ڪنهن گنهگار ۽ ناشڪر ڏانهن ڌيان نه ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪندو رھ! ۽ انهن ماڻهن مان گنهگار ۽ ناشڪري جي پيروي نه ڪج!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم لاءِ ۽ نه تابعداري ڪر انهن مان گنهگار يا بي شڪر جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جو انتظار ڪر ۽ انهن مان ڪنهن به بدمعاش يا ڪافر جو چيو نه مڃ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون صبر ڪر پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي خاطر ۽ انهن مان ڪنهن به بدڪار يا ڪافر جو چيو نه مڃ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَنهنجي پالڻهار جي، هَل حُڪم تي هَر آن، ۽ مَڃ مَ مِهربان!، تِن مان ڪِنهن ڪُفران کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم اچڻ تائين صبر ڪر ۽ انهن مان ڪنهن به بدڪار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري تون پنهنجي رب جي فيصلي تي صبر ڪر ۽ انهن مان ڪنهن بدعمل يا حق جي انڪاريءَ جي ڳالهه تي نه لڳ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن ڪري صبر ڪر پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي، ۽ نه مڃ انهن مان ڪنهن بد عمل ۽ حق جي منڪر جي ڳالهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) پنھنجي پالڻھار جو حڪم اچڻ تائين صبر ڪر ۽ انهن مان ڪنھن به گنهگار ۽ ڪافر جو چيو نه مَڃ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 25) |
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان کان بچڻ جو طريقو هي آهي ته تون) پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي رب جو نالو صبح ۽ شام وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ صبح شام پنهنجي پروردگار جو نالو ڳنهندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪر پنهنجي رب جو نالو صبح ۽ شام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو صبح ۽ سانجهي ياد ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي پالڻهار جي نالي کي صبح ۽ شام ياد ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نام سَندئـِي سائـِينءَ جو، سار صبح ۽ شام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندءِ ڌڻيءَ جو نالو صبح شام ياد ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جو نالو صبح توڙي شام ياد ڪندو رهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر نالو پنهنجي رب جو صبح ۽ شام(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صبح ۽ شام پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ الَّيلِ فَاسجُد لَهُ وَسَبِّحهُ لَيلًا طَويلًا (آيت : 26) |
۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي ۽ عظمت بيان ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رات ۾ ان کي سجدو ڪريو ۽ ڊگھي رات تائين توهان ان جي تسبيح پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪجھ رات وڃڻ کان پوءِ ان کي سجدو ڪر! ۽ گهڻي رات سندس تسبيح ڪندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو پوءِ ان لاءِ سجدو ڪر ۽ تسبيح پڙهه ان جي گهڻي رات .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪجهه وقت رات جو ان کي سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي چوندو رهه. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات جو ڪجهه وقت ان جي سامهون سجدا ڪر، ۽ رات جي ڊگهي حصي ۾ ان جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَمِي نَبِي ! ڪُجِھ رات مان، سَندسِ ڪر سَلام، ۽ واکاڻِينسِ وَريام! وَروَر وَڏِي رات ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪجهه رات ۾ هن لاءِ سجدو ڪر ۽ گهڻي رات سندس پاڪائي بيان ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جو به کيس سجدا ڪندو ڪر ۽ گهڻيءَ رات تائين سندس پاڪائي ڪندو رهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪندو ڪر رات جو به سجدو ۽ سندس پاڪائي بيان ڪر انهيءَ ڊگهي وقت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ رات جي وقت مان به ڪجهه حصو ان جي آڏو سجدو ڪندو رهه ۽ رات جي ڊگهي وقت ۾ ان جي تسبيح بيان ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰؤُلاءِ يُحِبّونَ العاجِلَةَ وَيَذَرونَ وَراءَهُم يَومًا ثَقيلًا (آيت : 27) |
بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪي ماڻهو تنهنجا مخالف آهن) بيشڪ اهي جلد ملڻ واري (مفاد واري) شئ کي پسند ڪن ٿا ۽ بيحد ڳوري (حساب ڪتاب واري) ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي (ڪافر) دنيا سان محبت رکن ٿا ۽ ان ڳري ڏينهن (قيامت) کي ڇڏين ٿا جيڪو پويان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهي ماڻهو دنيا کي پسند ڪن ٿا ۽ ڳري ڏينهن (قيامت) کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هي محبت رکن ٿا دنيا سان ۽ ڇڏي ڏين ٿا پنهنجي پويان ڏينهن ڳرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي جلد ملڻ واريءَ شيءِ کي پسند ڪن ٿا. ۽ ڳري ڏينهن کي پنهنجي پٺيان ڦٽو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي جلدي ملڻ واري (دنيا) کي چاهن ٿا ۽ پنهنجي پويان هڪ وڏي ڳري ڏينهن کي ڇڏي ڏين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِهلو وَڃڻِي وَٿ سان، هِي رکن نِڀاڳانِيهن، ۽ ڇَڏينِ ڏاڍو ڏِينهن، جو صَحِي آهي سامهون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي جلدي پيش ٿيڻ واري دنيا سان پيار ڪندا آهن ۽ ڳري ڏينهن کي سندن پوئتان اڇلائي ڇڏيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي ماڻهو ته جلدي حاصل ٿيندڙ شيءِ (دنيا) سان محبت ڪن ٿا ۽ اڳتي جيڪو ڳرو ڏينهن اچڻو اٿن، تنهن کي نظرانداز ٿا ڪري ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو محبت ڪن ٿا جلد حاصل ٿيندڙ شيءِ (دنيا) سان، ۽ نظرانداز ڪن ٿا ان کي اڳتي جيڪو اچڻ وارو آهي ڏينهن ڳرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ماڻهو دنيا جي شين سان محبت رکن ٿا، ان جي پويان ايندڙ سخت ڏينھن کي نظرانداز ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ خَلَقنٰهُم وَشَدَدنا أَسرَهُم وَإِذا شِئنا بَدَّلنا أَمثٰلَهُم تَبديلًا (آيت : 28) |
اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي پنهنجي طاقت تي آڪڙجن ٿا حالانڪ) اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سنڌ مضبوط ڪيا آهن ۽ (اهي اسان جي قانونن جي مخالفت ۾ حد ٽپي ويا ته پوءِ) جڏهن اسين گهرنداسون ته (کين برباد ڪري) انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان انهن کي پيدا ڪيو ۽ اسان انهن جا سَنڌ مضبوط بنايا، ۽ جنهن وقت اسين چاهينداسين ته انهن جهڙا ٻيا تبديل ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن عضوا مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا ماڻهو بدلي ۾ آڻينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسان پيدا ڪيو انهن کي ۽ مضبوط ڪياسون سنڌ انهن جا ۽ جڏهن گهرنداسون ته مٽائي آڻينداسون انهن جهڙا مٽائي آڻڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ سندن سَنڌَ مضبوط ڪيا آهن ۽ جڏهن اسين گهرنداسون ته انهن جهڙا ٻيا بدلي ۾ آڻينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن جي سَنڌ سَنڌ کي مضبوط ڪيو آهي، ۽ اسان جڏهن به گهرنداسين ته انهن جون شڪليون بدلائي ڇڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان بَنايو اُنهن کي، پڻ سوگھا ٻَڌاسونِ سَنڌ، ۽ اُنهن جِھڙا، اُنهن جي هَنڌ، وَڻي تڏهن وَسائـِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هنن کي خلقيو ۽ سندن سَنڌ مضبوط ڪيا ۽ جڏهن به چاهيون ته سندن جهڙا ٻيا مَٽائي آڻيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ئي کين پيدا ڪيو آهي ۽ سندن هڏ ڪاٺ مضبوط بڻايو آهي ۽ اسان جڏهن چاهيون ته سندن شڪليون ئي ڦيرائي ڇڏيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان ئي کين پيدا ڪيو آهي ۽ پختا ڪيا سندن سَنڌ، ۽ جڏهن به اسين چاهيون بدلائي ڇڏيون سندن شڪليون (يا) ٻيا ماڻهو آڻيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي انهن کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان ئي انهن جي جسمن جا جوڙ مضبوط ڪيا آهن ۽ اسان جڏهن به چاهيون ته انهن جي شڪلين کي ئي ڦيرائي ڇڏيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 29) |
بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هيءَ (هڪ چٽي حقيقت ۽) نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته (ان مان عبرت حاصل ڪري) پنهنجي پاليندڙ ڏي ويندڙ رستو وٺي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هيءُ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو چاهي اهو پنهنجي رب ڏانهن صحيح راه اختيار ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هي قرآن هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري ته پنهنجي پروردگار جي راھ وٺي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق هيءَ نصيحت آهي پوءِ جيڪو گهري ته وٺي پنهنجي رب ڏانهن رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪوگهري ته پنهنجي پاليندڙ ڏي رستو وٺي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار طرف رستو اختيار ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي سَبق ساڃاءِ جو، هِي نَصِحيت بِنار، پَنهنجي پَروَر پار، پوءِ وَڻي، سو واٽ وَٺي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ ته آهي نصيحت، پوءِ جنهن کي وڻي، سو پنهنجي ڌڻيءَ ڏانهن واٽ وٺي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها هڪڙي نصيحت آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته پنهنجي رب ڏانهن وڃڻ واري واٽ وٺي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي، پوءِ جنهن جي دل گهري سو وٺي پنهنجي رب جي راهه کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي (قرآن) ته هڪ نصيحت آهي (سو هاڻي) جيڪو چاهي پنھنجي پالڻھار ڏانھن ويندڙ رستو وٺي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَشاءونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 30) |
۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (ان ڏي ويندڙ رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نٿا سگهو، ڇو ته الله (اوهان جي دلين جي سچائي متعلق سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان نٿا چاهيو مگر جيڪو الله چاهي ٿو، بيشڪ الله تعالى علم و حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين ڪجھ چاهيو ئي نه ٿا پر اهو ئي جيڪي الله چاهي ٿو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻيندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا گهرون اوهان مگر هي جو گهري الله بلاشڪ الله آهي ڄاڻندڙ حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين الله جي گهر کان سواءِ (رستي وٺڻ جو) ارادو ڪري نه ٿا سگهو، ڇو ته الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان جي چاهڻ سان ڪجھه نه ٿو ٿئي سواءِ ان جي جيڪي الله چاهي. بيشڪ الله ڄاڻڻ وارو حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوهِين نه گُھرندا آهيو، مگر گُھري اَلله، صَحِي سُرت سُڄاڻ سو، ويڄ وَڏو وَھ واھ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين اهو ئي گهري سگهندؤ، جيڪي الله گهرندو_ بيشڪ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جي مرضيءَ سان ڪجهه نه ٿيندو آهي، جيستائين الله نه گهري. بيشڪ الله وڏو علم وارو ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪجهه نه ٿيندو توهان جي گُهرڻ سان جيستائين پاڻ نه گهري الله، بيشڪ الله وڏو ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي چاهڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو جيستائين الله تعالى نه چاهي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمينَ أَعَدَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 31) |
جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن کي وڻيس (ته سندس دل جو حضور قبول ڪري) ان کي پنهجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ (جيڪو الله جي قانونن مڃڻ ۾ اٽڪل بازيءَ جي زيادتي ڪري ٿو ته اهڙن) لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو جنهنکي چاهي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ الله تعالى، ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ۽ ظالمن لاءِ ته ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ڪري ٿو جنهن کي گهري پنهنجي رحمت ۾ ۽ ظالم تيار ڪيائين انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ .ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي وڻيس تنهن کي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڻيسِ وَسائي تِنهن کي، مَنجھ پَنهنجي ٻاجھ پَناھ، ۽ جيڪي ڏاڍا ڏيہ ۾، راجا راڄ وَڻاھ، سَنباهِين صُباح، اُهکِي سَزا اُنهن لئي .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جنهن کي گهري، ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي گهري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ظالمن لاءِ هن دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) داخل ڪندو آهي جنهن کي چاهي پنهنجي رحمت ۾، ۽ ظالمن جي لاءِ تيار ڪري رکيو آهي عذاب تمام سخت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو جنھن کي چاهي پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪندو آهي ۽ هُن ظالمن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |