توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
لا أُقسِمُ بِيَومِ القِيٰمَةِ (آيت : 1) |
قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! چوين ته) ائين هرگز نه ٿيندو (جو اوهان کي حساب ڪتاب کان سواءِ ڇڏيو وڃي ان) قيامت جي ڏينهن جي شاهدي ڏيان ٿو (جڏهن عملن جا نتيجا سامهون ايندا.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) مون کي قسم آهي قيامت جي ڏينهن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ ڏينهن قيامت جو قسم کڻان ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم کڻان ٿو مان قيامت جي ڏينهن جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) قيامت جي ڏينهن جو قسم کڻان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آءٌ قسم ٿو کڻان اٿي بيهڻ واري ڏينهن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون شاهِد واريان، محشر جو ميدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد ٿو ڏيان قيامت جو ڏينهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه، مان قسم کڻان ٿو قيامت جي ڏينهن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه، آئون قسم کڻان ٿو ڏينهن قيامت جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) آئون قسم کڻان ٿو قيامت جي ڏينهن جو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مان قسم ٿو کڻان قيامت جي ڏينهن جو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا أُقسِمُ بِالنَّفسِ اللَّوّامَةِ (آيت : 2) |
۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (بڇڙي ڪم تي) ملامت ڪرڻ واري نفس کي شاهد بڻايان ٿو (ته عملن جو نتيجو سامهون اچڻو آهي، هتي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ مون کي قسم آهي ان نفس جو جيڪو (پاڻ کي) گھڻي ملامت ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (برائي کان) ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم کڻان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم کڻان ٿو مان لوامہ نفس جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (بڇڙي ڪم تي) ملامت ڪرڻ واري نفس جوقسم کڻان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ قسم کڻان ٿو ملامت ڪرڻ واري نفس جو. (ته قيامت ضرور ايندي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون گُواھ گُذاريان، پاڻ پَلِيندڙ جان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شاهد ٿو ڏيان ڇينڀيندڙ دل! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه، مان قسم کڻان ٿو ملامت ڪندڙ نفس جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه، آئون قسم کڻان ٿو ان نفس ملامت ڪندڙ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ملامت ڪندڙ نفس (يعني دل) جو به قسم کڻان ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ آئون قسم کڻان ٿو (براين تي) ملامت ڪرڻ واري نفس جو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ان پاڪ روح جو قسم! جيڪو(گناهه ڪرڻ کانپوءِ) انسان کي وڏي ملامت ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَلَّن نَجمَعَ عِظامَهُ (آيت : 3) |
ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟ (قيامت ۾ کيس زندهه نه ڪنداسون ۽ ائين هو پنهنجي عملن جو نتيجو ڀوڳڻ کان بچي ويندو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا انسان (ڪافر) ڀانئي ٿو ته اسين هرگز اُن جا هَڏا گڏ نه ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس سڙيل هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خيال ڪري ٿو انسان ته هرگز نه گڏ ڪنداسون هڏا ان جا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسان ان جون هڏيون گڏ نه ڪري سگھنداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪافِر ڪِيئن قَلب ۾، ٿو غلط رکي گُمان، ته ميڙي نه سَگھون مُورهين، هَڏيون گُڏيون حيران؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انسان ڀانئي ٿو، ته سندس هڏيون ڪڏهن به گڏ نه ڪنداسون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا انسان ائين ٿو سمجهي ڇا ته اسان سندس هڏن کي ميڙي گڏ ڪري نه سگهنداسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي سمجهي ٿو انسان ته هرگز اسين نه گڏ ڪري سگهنداسين سندس هڏن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انسان اهو سمجهي ويٺو آهي ته مرڻ کان پوءِ اسان سندس هڏين کي هڪ هنڌ گڏ نه ڪري سگهنداسين؟(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا انسان اهو ٿو سمجهي ته اسان ان جي هڏين کي (جيڪي مرڻ کانپوءِ ڀورا ڀورا ٿي وکري وينديون) هرگز گڏ نه ڪنداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا، انسان اهو ٿو سمجهي ته اسين (ان جي مرڻ کانپوءِ) ان جون هڏيون ڪٺيون نه ڪري سگهنداسين؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَلىٰ قٰدِرينَ عَلىٰ أَن نُسَوِّىَ بَنانَهُ (آيت : 4) |
ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻو ته (اسان لاءِ ائين ڪرڻ ڪجهه به ڏکيو ناهي) اسين ته سندس آڱرين جو ڏوڏن جي برابر ڪرڻ (درست بنائڻ) تي به قدرت رکندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ها ! اسين اُن جي آڱرين جي هڏين برابر ڪرڻ تي به قادر آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو نه! اسين ته سندس آڱرين جي ڏوڏن جي برابر ڪرڻ تي (به) قدرت رکندڙ آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هائو قادر ٿيندڙ آهيون هن تي جو درست ڪيون ان جي آڱرين جي ڏوڏين کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇو نه! اسين ته سندس آڱرين جي ڏوڏن کي برابر ڪرڻ تي قدرت رکندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇو نه! اسان ته ان تي به قادر آهيون جو ان جي آڱرين جي جوڙن ۽ پورن کي (نئين سِر) برابر ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُورا پيرون اُن جا، تائـِين نُنهن نِشان، سَڀ آڱريون اِنسان، برابر بَنايون. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هائو! اسين ته سندس آڱرين جي سنڌن کي سڌو ڪرڻ جي به طاقت رکون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇونه؟ اسان کي ته سندس آڱرين جا ســَـنـڌ به ٺيڪ نموني ٺاهي بيهارڻ جي طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇو نه؟ قدرت رکون ٿا اسان سندس آڱرين جي ڏوڏين کي سڌي ڪرڻ تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇو نه! اسان ته ان جي آڱرين جي هڪ هڪ جوڙ کي (ٻيھر) سڌو ڪرڻ جي طاقت رکون ٿا.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇونه! اسان ته ان ڳالهه تي به قادر آهيون ته سندس آڱرين جي هڪ هڪ جوڙ ۽ پورن تائين ٺيڪ ڪريون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇو نه؟ اسين ته انهن جي آڱرين جون ڏوڏيون به ٺيڪ ڪرڻ تي قادر آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَل يُريدُ الإِنسٰنُ لِيَفجُرَ أَمامَهُ (آيت : 5) |
بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر (اصل ۾) انسان (ذميوارين جو بار کڻڻ کان لهرائي ٿو ۽) گهري ٿو ته پنهنجي باقي حياتيءَ ۾ (به پهنجي اڳ ۾ گذريل نفس پرستانه زندگيءَ وانگر) غلط عمل ڪندو رهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بلڪ انسان گناهن تي هميشگي ڪرڻ چاهي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر انسان گهري ٿو ته پنهنجي اڳيان به (هميشه) بدڪاري ڪندو رهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ ارادو ڪري ٿوانسان تانته برائي ڪندو رهي پنهنجي ايندڙ وقت ۾ به .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پر انسان گهري ٿو ته پنهنجي باقي حياتيءَ ۾ بدڪاري پيو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه انسان چاهي ٿو ته پنهنجي آئنده (واري زندگيءَ) ۾ به گناهه ڪندو رهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو اڳتي آدمِي گُھري، ته گُناھ ڪَندو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ انسان ته گهري ٿو، ته سندس ايندڙ عمر ۾ به خوب گناهه ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انسان گهري اهو ٿو ته اڳتي به بڇڙا ڪم ڪندو رهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر گهرندو هي آهي انسان ته گناهه ڪندو رهي آئنده به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه انسان چاهي ٿو ته هو آئندهه به برا عمل ڪندو رهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بلڪه انسان اهو گهري ٿو ته پنهنجي اڳيان (واري زندگي ۾) به گناهه ڪندو رهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بلڪه انسان اهو ٿو چاهي ته آئنده به بڇڙا ڪم ڪندو رهي. (ان ڪري قيامت جو انڪار ٿو ڪري). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَسـَٔلُ أَيّانَ يَومُ القِيٰمَةِ (آيت : 6) |
پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهائي ڳالهه کيس آخرت کان اکيون ٻوٽرائي ٿي ۽ هو) پڇي ٿو ته، قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو سوال ڪري ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڇي ٿو ته قيامت جو ڪڏهن ٿيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇي ٿو ته ڪڏهن آهي قيامت جو ڏينهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پڇي ٿو ته: ”قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَتِي وَرِي پُڇندو،ته ڪڏِهن ڏِينهن قِيام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڇي ٿو ته ”ڀلا ڪڏهن ايندو قيامت جو ڏينهن؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇي ٿو ته "ڪڏهن ٿو اچي اهو قيامت جو ڏينهن؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڇي ٿو، آخر ڪڏهن ايندو اهو ڏينهن قيامت جو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ان جي باوجود هو) پڇي ٿو ته اهو قيامت جو ڏينھن ڪڏهن ايندو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهو (ٺٺول جي انداز ۾) پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پڇي ٿوته قيامت جو ڏهاڙو ڪڏهن ٿيندو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَإِذا بَرِقَ البَصَرُ (آيت : 7) |
پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سو جڏهن (قيامت جي تاب سان) اکيون چنجهي پونديون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اک (خوف کان) حيران ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڦاٽنديون اکيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اکيون کيريون ٿي پونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن، اَک اَڇِي ٿئـِي ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اکيون ڦاٽنديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اکيون ڦاٽي وينديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ڦاٽي وينديون اکيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن (سڀني جون) اکيون چُنجهي ٿي وينديون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن اکيون کيريون ٿي وينديون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَخَسَفَ القَمَرُ (آيت : 8) |
۽ چنڊ گرھبو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ چنڊ بي نور ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ چنڊ بي نور ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چنڊ گرهبو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وٺبو چنڊ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چنڊ گرهبو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چنڊ کي گرهڻ لڳي پوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَرتو چَنڊ ويِو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چنڊ گرهبو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چنڊ بي نور ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بي نور ٿي ويندو چنڊ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چنڊ جي روشني ختم ٿي ويندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ چنڊ (پنهنجي) روشني وڃائي ويهندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ چنڊ ميرانجهڙو ٿي ويندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَجُمِعَ الشَّمسُ وَالقَمَرُ (آيت : 9) |
۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ سج ۽ چنڊ کي گڏ (ڪري انهن جو تاب ۽ ڪم ختم) ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گڏ ڪيو ويندو سج ۽ چنڊ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سج ۽ چنڊ کي گڏ ڪيو ويندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سج ۽ چنڊ گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِچ ۽ چَنڊ سَلهاڙيا، هِڪ سان، ٻَڌو ٻِيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سج چنڊ گڏ ٿيندا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سج ۽ چنڊ پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪيا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گڏائي هڪ ڪيا ويندا سج ۽ چنڊ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سج ۽ چنڊ کي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ سج ۽ چنڊ گڏ (بي نور) ٿيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ سج ۽ چنڊ (پاڻ ۾) ملايا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَقولُ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ أَينَ المَفَرُّ (آيت : 10) |
(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) تڏهن انسان ان ڏينهن (سخت پريشانيءَ جي حالت ۾) چوندو ته، ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان ڏينهن انسان چوندو فرار ٿيڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن انسان ان ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندو انسان ان ڏينهن تي ڪٿي آهي ڀڄڻ جي جاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن انسان ان ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن انسان چوندو ته: ”ڀڄڻ جي جاءِ ڪهڙي آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڏِينهن اَڙِيل آدمِي، پُڇندو، پُڇندو پِيو، هِن باھ کان ڀَڄڻ جو، ڪِٿ ڪو ٿاڪ ٿيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن انسان چوندو ته ”هاڻ ڪا آهي ڀڄڻ جي واهه؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت اهوئي انسان چوندو ته "ڪيڏانهن ڀڄان؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوندو اهو ئي انسان ان وقت ته ڪٿي آهي ڀڄڻ جي واهه؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن انسان چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان وقت انسان پڪاريندو ته ڀڄي وڃڻ جو ٺڪاڻو ڪٿي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان وقت انسان چوندو: هاڻي ڪاڏي ڀڄان؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَلّا لا وَزَرَ (آيت : 11) |
نه نه! ڪا واھ ڪانھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) خبردار! (تنهنجي لاءِ) ڪابه پناهه جي جاءِ نه آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) خبردار ! ڪابه پناه جي جاءِ نه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه! نه! ڪا پناھ جي جاءِ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه، ناهي ڪا پناهه .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) نه نه! ڪا پناهه جي جاءِ نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هرگز نه. ڪا پناهه جي جاءِ ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چِٽو ڪِنهن چَيو، پَٽِين پَناھ ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر گز نه_ ڪا به واهه ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، اتي ڪابه پناهه جي جاءِ نه هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، نه هوندي اتي ڪابه پناهه جي جاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! (اڄ) ڪابه ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هرگز نه، ڪابه پناهه جي جاءِ ناهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هرگز نه- ڪٿي پناهه ڪانهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المُستَقَرُّ (آيت : 12) |
تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) تنهنجي پاليندڙ وٽ ئي ان ڏينهن عدالت جو ڪٽهڙو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان ڏينهن توهان جي رب ڏانهن موٽڻ جي جاءِ هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهنجي پروردگار وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهنجي رب ڏانهن ان ڏينهن قرار وٺڻ جي جاءِ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجي پاليندڙ وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار وٽ ئي قرار گاهه هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهِئَ ڏاڍي ڏِينهن ۾، جِتي ڀَڄڻ ڀيڻيون بَند، سُک جو، هِڪ ئـِي هَنڌ، تُنهنجي پَروَر پاڪ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن رڳو تنهنجي ڌڻيءَ وٽ ئي ٺڪاڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن ته تنهنجي رب جي آڏو ئي وڃي بيهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهنجي پالڻهار جي آڏو ان ڏينهن بيهڻو ئي پوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ئي وڃي بيهڻو پوندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان ڏينهن توهان جي رب وٽ ئي قرار جي جاءِ هوندي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان ڏينهن تنهنجي رب جي درٻار ۾ بيهڻو پوندو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يُنَبَّؤُا۟ الإِنسٰنُ يَومَئِذٍ بِما قَدَّمَ وَأَخَّرَ (آيت : 13) |
اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ان ڏينهن انسان کي انهن سڀني ڪمن جي خبر ڏني ويندي، جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ (جيڪي جاري ڪيل برا سلسلا) پٺتي ڇڏيا هوندائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان ڏينهن انسان کي سندس اڳيان پويان عمل ٻڌايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبر ڏنو ويندو انسان ان ڏينهن ان جي جيڪو اڳي ڪيائين ۽ پوءِ ڪيائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن انسان کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي جيڪي اڳتي موڪليائين ۽ (جيڪي آثار) پُٺتي ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهِئَ ڏِينهن اِنسان کي، پَوندي خُوب خَبر، جو سَنباهِين سَمر، پڻ جو ڍيلر ڍيلي ڇَڏيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن انسان کي سندس اڳ موڪليل ۽ پوئتي ڇڏيل جي خبر پوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن انسان کي سندس سڀ اڳيون پويون ڪيو ڄاڻايو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻڌايو ويندو انسان کي ان ڏينهن سندس سڀ ڪيل ڪم اڳيان ۽ پويان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انسان کي سندس اڳيان ۽ پويان سڀ عمل ٻڌايا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان ڏينهن انسان انهن (عملن) کان خبردار ڪيو ويندو جيڪي اڳتي موڪليا هئس ۽ جيڪي (اثر پنهنجي موت کانپوءِ) پٺيان ڇڏيا هئس.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان ڏينهن انسان کي مڙني اڳين پوين عملن جي خبر ڏني ويندي، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَلِ الإِنسٰنُ عَلىٰ نَفسِهِ بَصيرَةٌ (آيت : 14) |
بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (ان ڏينهن انسان کي ڪنهن اندرين ۽ ٻاهرين شاهديءَ جي ضرورت نه هوندي) پر انسان پاڻ تي پاڻ هڪ ثابتي هوندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بلڪ انسان پنهنجي نفس کي پاڻ چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر انسان پاڻ تي هڪ ثابتي آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ انسان پنهنجي نفس تي نگاهه رکندڙ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پر انسان پاڻ تي پاڻ هڪ ثابتي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه انسان پاڻ ئي پنهنجي حال کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاهِد پَنهنجو پاڻ تي، آهي اُٽلندو اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪه انسان ته پاڻ مٿي پاڻ ئي حجت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انسان ته پنهنجو پاڻ کي خوب ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انسان پنهنجو پاڻ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه انسان پنھنجو پاڻ کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بلڪه انسان پنهنجي نفس (جي احوال) تي (پاڻ ئي) واقف هوندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بلڪه انسان جو وجود ان (جي پنهنجي بي وقوفين) جي خلاف حجت آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو أَلقىٰ مَعاذيرَهُ (آيت : 15) |
توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيتوڻيڪ (پنهنجي عادت کان مجبور ٿي) پنهنجا بهانا پيش پيو ڪندو. (پر ان وقت سندس ڪوبه بهانو نه هلندو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيتوڻيڪ اهو پنهنجا عذر پيش ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيتوڻيڪ پنهنجي (گناهن لاءِ) بهانا پيش پيو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيتوڻيڪ آڻي رکيائين عذر پنهنجا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيتوڻيڪ پنهنجا بهانا پيش پيو ڪري (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توڙي جو اُهو پنهنجا سڀ بهانا پيش ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بهانا بيان، کڻِي ڪَري، ڪي به، ڪيترا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کڻي بهانا پيو ڪري! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کڻي هو ڪيترائي عذر پيش ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کڻي اهو پيش ڪري ڪيترا ئي بهانا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توڙي جو هو ڪيترائي بھانا پيش ڪري. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيتوڻيڪ اهو پنهنجا سڀئي عذر پيش ڪندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توڙي جو هو (پنهنجي وجدان جي خلاف) ڪيترا به بهانا ڳولهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لا تُحَرِّك بِهِ لِسانَكَ لِتَعجَلَ بِهِ (آيت : 16) |
(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي رسول!) پنهنجيءَ زبان کي ان (وحي) سان (گڏ) هن لاءِ (تڪڙو تڪڙو) نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان پنهنجي مقدس زبان کي (وحي رباني جي تڪميل کان اڳ ۾) تڪڙ ڪري نه هلايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) پنهنجي زبان کي ان (قرآن پڙهڻ) سان جلدي نه هلائي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه چور ان سان پنهنجي زبان تانته جلد (ياد) ڪرين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسولﷺ!) پنهنجيءَ زبان کي ان سان هن لاءِ نه چور ته اهو جلد ياد ڪري وٺين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) تون ياد ڪرڻ جي جلدي ۾ قرآن سان گڏ پنهنجي زبان نه چور.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن سان، اڳ ۾، چورمَ تون، ڄِڀ پَنهنجي کي ڄام! تان تَڪڙو ٿِي تمام، پَڙِهين هِن پَيغام کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي رسول) تون (جبرائيل سان گڏ تڪڙ ڪرڻ لاءِ) زبان کي نه چور. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهيءَ وحيءَ کي جلدي ياد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ زبان کي نه چورِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) نه چور پنهنجي زبان کي ان وحي کي جلد ياد ڪرڻ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! وحي نازل ٿيڻ وقت توهان قرآن) جلدي ياد ڪرڻ خاطر پڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪريو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي حبيب!) توهان (قرآن کي ياد ڪرڻ جي) تڪڙ ۾ (وحي جي نازل ٿيڻ سان گڏ) پنهنجي زبان کي نه چوريندا ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي نبي، وحي جي نزول وقت) ان (قرآن) کي جلدي جلدي ياد ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي زبان (تڪڙي) نه هلاءِ- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ عَلَينا جَمعَهُ وَقُرءانَهُ (آيت : 17) |
ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (بيشڪ توکي ان لاءِ فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي) ڇو ته ان جو (حفاظت سان اوهان جي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ (اوهان جي سيني ۾ جمع ڪري) پڙهڻ اسان جي ئي ذمي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ (اُن کي) توهان جي سيني ۾ جمع ڪرائڻ ۽ زبان سان قرائت ڪرائڻ جو ذمون اسان تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو بلاشڪ اسان جي ذمي تي آهي ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته ان جو گڏ ڪرڻ ۽ ان جو پڙهڻ اسان جي ئي ذمي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان جو (تنهنجي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ (تنهنجي زبان تي) پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ڪَم اَسان جو، ميڙڻ سو مَذڪُور، پَڙهڻ پُورو اُن جو، زَبر زير ضَرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ پڙهائڻ اسان تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کي ياد ڪرائڻ ۽ پڙهائڻ اسان تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان تي آهي ان جو ياد ڪرائڻ ۽ ان جو پڙهائڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان کي ياد ڪرائڻ ۽ (زبان سان) پڙهائڻ اسان جو ڪم آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ ان کي (توهان جي سيني ۾) گڏ ڪرڻ ۽ ان کي (توهان جي زبان تي) پڙهائڻ اسان جو ذمو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توکي قرآن ياد ڪرائڻ ۽ پڙهائڻ اسان جي ذمي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَإِذا قَرَأنٰهُ فَاتَّبِع قُرءانَهُ (آيت : 18) |
پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ جي پيروي ڪر (يعني هاڻي ان کي پنهنجي زبان سان اهڙي طرح پڙهه جهڙيءَ طرح توهان کي پڙهي ٻڌايو ويو آهي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اسين ان کي پڙهي مڪمل ڪريون پوءِ توهان اُن پڙهيل جي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين ان کي (جبرئيل جي زباني) پڙهيائون ته تون به اهڙي طرح پڙهندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ان کي پڙهون پوءِ ان جي پڙهڻ جي پويان لڳ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسين قرآن پڙهون تڏهن تون قرآن جي پڙهڻ کي ٻڌندو رهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اسان ان کي (جبريل جي زباني) پڙهي رهيا هجون ته پوءِ تون ان پڙهيل جي پيروي ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَڙهيوسُونسِ، ته پوءِ تون هل حُڪم تي حُضور!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري جڏهن اهو پڙهايون تڏهن سندس پڙهڻ موجب ان جي پٺيان پڙهه. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو جڏهن اسان ان کي پڙهي رهيا هجون ته تون ان جي پڙهجڻ کي ڌيان ڏيئي ٻڌندو رهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن ڪري جڏهن اسان ان کي پڙهي رهيا هجون ته تون ان جي قرئت کي غور سان ٻڌ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اسان ان کي پڙهون ته توهان اُن پڙهڻ ڏي غور سان ڌيان ڏيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن اسان ان کي (جبريل جي زبان سان) پڙهي وٺون ته توهان اُن پڙهيل جي پيروي ڪندا ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنڪري اسين پڙهؤن ته تون غور سان ٻڌندو رهج. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ إِنَّ عَلَينا بَيانَهُ (آيت : 19) |
وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) وري ان جو (وضاحتن سان) مطلب سمجهائڻ (به) اسان جي ئي ذمي آهي. (جو اسان هڪ ئي مضمون مختلف آيتن ۾ وي وري آڻيون ٿا ته جيئن ان مضمون جي چٽائي ٿئي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ اسان جي ذمي ان جو بيان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان (جي مشڪلات) کي سمجائڻ به اسان جي ئي ذمي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ بلاشڪ اسان تي ان جو بيان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري ان جو مطلب سمجهائڻ (به) اسان جي ئي ذمي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ ان (جي اسرارن) کي کولي بيان ڪرڻ اسان جي ذمي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان مَٿي مُور، بار سَندسِ بَيان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان جو پڌرو ڪرڻ اسان تي ئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان جو مطلب سمجهائڻ به اسان تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان تي آهي ان جو مطلب سمجهائڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي تشريح ڪرڻ به اسان جو ئي ڪم آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ بيشڪ ان (جي معنائن) کي کولي بيان ڪرڻ اسان جو ئي ذمو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ ان جي وضاحت به اسان جي ذمي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَلّا بَل تُحِبّونَ العاجِلَةَ (آيت : 20) |
نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي منڪرو! آخرت جي معاملي کي جيترو اوهان معمولي سمجهيو آهي) هرگز ائين نه آهي، پر اوهين جلد ملڻ واريءَ شئ (دنيا سان) محبت ٿا ڪريو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) خبردار! بلڪ توهان (ڪافر) دنيا سان محبت رکو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ائين نه آهي پر (اي انسانو) حق ڳالھ هيءَ آهي جو اوهين ماڻهو دنيا کي (ته) دوست رکو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بلڪ محبت رکو ٿا دنيا سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه آهي پر اوهين جلد ملڻ واريءَ شيءِ کي پسند ڪريو ٿا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ائين نه آهي، بلڪه توهان جلد ملڻ واري شيءِ (دنيا) پسند ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِرهي ٿيو سُڄاڳ، مُوڙهل آهيو مُورِهين، دُنيا سان دِل رکو، جا مانجھاندي جو ماڳ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي ڪافرو!) خبردار! اوهين دنيا کي پسند ٿا ڪريو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هرگز نه، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان جلدي ملڻ واري شيءِ (دنيا) سان محبت ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، پر چاهيندا آهيو توهان ماڻهو جلد حاصل ٿيڻ واري شيءِ (دنيا سان محبت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! (ڪافرن کي ٻڌاءِ ته) توهان رڳو دنيا جي شين سان محبت رکو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) حقيقت اها آهي (اي ڪافرو!) توهان جلد ملڻ واري (دنيا) کي محبوب رکو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هرگز نه، بلڪه توهين جلدي حاصل ٿيڻ واري شيءِ -(يعني دنياوي مال متاع) سان محبت رکندا آهيو، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَتَذَرونَ الءاخِرَةَ (آيت : 21) |
۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ دير سان اچڻ واريءَ شئ (آخرت) کي ڇڏي ويٺا آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان آخرت کي ڇڏي ڏيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر آخرت کي ڇڏي ويٺا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏيو ٿا آخرت کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دير سان اچڻ واريءَ شيءِ کي ڇڏيو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان آخرت کي ڇڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇَڏيو سَچو سُهاڳ، جَٽادار جَھان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آخرت کي ڇڏي ٿا ڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آخرت کي ڇڏي ڏيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏي ڏيو ٿا آخرت کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (بعد ۾ اچڻ واري) آخرت کي وساري ڇڏيو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان آخرت کي ڇڏي ڏنو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ آخرت کي ڇڏي ڏيو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وُجوهٌ يَومَئِذٍ ناضِرَةٌ (آيت : 22) |
ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڪي منهن ان (آخرت واري) ڏينهن تازا (۽ هشاش بشاش) هوندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڪجھه چهرا قيامت جي ڏينهن خوبصورت ۽ تازا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن ڪي منهن تازا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيترا منهن ان ڏينهن تازا هوندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڪي منهن ان ڏينهن تازا هوندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ڪي چهرا ترو تازا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪي مُنهن مَحشر ڏِينهن ۾، ڪر کڙيا کٽڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪي منهن خوش هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن ڪي منهن ٻهڪندڙ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪي منهن ان ڏينهن سرها هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ڏينھن ڪجهه چھرا ٻَھڪي رهيا هوندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڪيترائي چهرا ان ڏينهن ٻهڪندڙ هوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان ڏينهن گهڻن جا چهرا ترو تازه هوندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِلىٰ رَبِّها ناظِرَةٌ (آيت : 23) |
پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (جيڪي وڏين محبتن ۽ نيازمندين سان) پنهنجي پاليندڙ ڏي ڏسندڙ هوندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪي پنهنجي رب جو ديدار ڪندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) پنهنجي پروردگار (جي نعمت) کي ڏسندا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پنهنجي رب ڏانهن نهاريندڙ هوندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي پاليندڙ ڏي ڏسندڙ هوندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي پروردگار ڏانهن ڏسندڙ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَنِ نيڻن سان نِهار، پَنهنجي پالڻهار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس ڌڻيءَ ڏي ڏسندا هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي رب ڏانهن ڏسي رهيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجي پالڻهار ڏي ڏسي رهيا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسي رهيا هوندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (بنا پردي) پنهنجي رب (جي حسن و جمال) کي ڏسي رهيا هوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪي پنهنجي پروردگار کي ڏسي رهيا هوندا، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَوُجوهٌ يَومَئِذٍ باسِرَةٌ (آيت : 24) |
۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪي منهن ان (آخرت واري) ڏينهن بڇڙا هوندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪجھه مُنهن ان ڏينهن بدصورت ۽ مايوس هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪيترائي منهن ان ڏينهن اداس هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا منهن ان ڏينهن اداس هوندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪي منهن ان ڏينهن بڇڙا هوندا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن ڪي مُنهن (بد رونق ۽) اداس هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي مُنهن مَحشر ڏِينهن ۾، ڪوجھا ڪوماڻا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي منهن ان ڏينهن دونهٽ ٿيل هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪي منهن انهيءَ ڏينهن ڀيلا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪي ٻيا چهرا ان ڏينهن اداس هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُن ڏينھن ڪي چھرا اداس هوندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ڪيترائي چهرا ان ڏينهن بگڙيل حالت ۾ (مايوس ۽ ڪارا) هوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ کوڙ چهرا ان ڏينهن بڇڙا هوندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
تَظُنُّ أَن يُفعَلَ بِها فاقِرَةٌ (آيت : 25) |
ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهي ماڻهو) ڀائيندا ته، ساڻن چيلهه ڀڄندڙ (تڪليف دهه) معاملو ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) کين توقع هوندي ته مصيبتن جي ڪري سندن چيلهه ٽٽندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀائيندا ته ساڻن ڪمر ٽوڙ معاملو ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خيال ڪندا ته ڪيو ويندو انهن سان چيلهه ٽوڙيندڙ سلوڪ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڀائيندا ته ساڻن پٺيءَ ٽوڙ معاملو ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سمجهندا هوندا ته انهن سان چيلهه ڀڃي ڇڏڻ وارو (سخت) معاملو ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانئن بيگانا، ڪَبِي ساڻنِ، ڪا وَڏِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو سمجهندا ته ساڻن پٺيءَ ڀڃندو ڪم ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سمجهي رهيا هوندا ته ساڻن چيلهه ڀڃندڙ سلوڪ ٿيڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سمجهندا هوندا انهن سان ورتاءُ ٿيڻ وارو آهي چيلهه ڀڃيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) هو سمجهي ويندا ته انهن سان چيلهه چٻي ڪرڻ وارو معاملو ٿيڻو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اهو گمان ڪندا هوندا ته ساڻن اهڙي سختي ڪئي ويندي جيڪا انهن جي چيل ڀڃي ڇڏيندي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن کي گمان ٿيندو ته ساڻن اهڙي سختي ٿيڻ واري آهي جيڪا سندن چيلهه ڀڃي وجهندي، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَلّا إِذا بَلَغَتِ التَّراقِىَ (آيت : 26) |
نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (تنهن ڪري خبردار ائين) هر گز نه (ڪجانءِ جو آخرت کي وساري ڇڏين، ڇاڪاڻ جو آخرڪار توکي خدا سان منهن ڏيڻو آهي.) جڏهن (ساهه) نڙگهٽ تي پهچندو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) خبردار ! جنهن وقت ساهه نڙيءَ تي پهچندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هرگز نه! جڏهن ساھ (بدن مان ڇڪجي) نڙگهٽ تي پهچندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه جڏهن پهچندو ساهه نرگهٽ تائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هرگز نه! جڏهن (ساهه) نڙگهٽ تي پهچندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه نه! جڏهن ساهه نرگهٽ تي پهچندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَرگز نه، جڏهن هِڪي ۾ اَچِي، سوڙهو ٿئي ساھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! جنهن ڏينهن ساهه نڙيءَ تي پهچندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، جڏهن ساهه اچي لڪيءَ وٽ پهچندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، جڏهن پهچي ويندو ساهه نڙيءَ تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! جڏهن ساهه نڙيءَ تائين اچي پھچندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) نه نه، جڏهن ساهه نڙيءَ تائين پهچي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) سمجهي ڇڏيو! ته جڏهن ساهه لُڪيءَ تائين پهچندو، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقيلَ مَن راقٍ (آيت : 27) |
۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ چيو ويندو ته، آهي ڪو ڦيڻو رکڻ وارو (جو هن کي مرڻ کان بچائي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ چيو ويندو، آهي ڪو ڦيڻو رکندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چيو ويندو ته ڪو ڦيڻو رکڻ وارو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيوويندو ته ڪير آهي ڦيڻو رکڻ وارو؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيو ويندو ته ڪو ڦيڻو رکڻ وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيو ويندو: ”آهي ڪو ..! ڦيڻي رکڻ وارو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَتي لڳندِي آھِ!، ته ڪو مانڊو ويجھو مُلڪ ۾!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چئبو ته ”هاڻ ڪو آهي ڦيڻو رکندڙ؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيو ويندو ته آهي ڪو ٽوڻو ڦيڻو ڪرڻ وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو ويندو، آهي ڪو ڦيڻي رکڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته (پوءِ) چيو ويندو ته ”آهي ڪير ڦيڻو رکڻ وارو“؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ چيو پيو وڃي ته (هن وقت) ڪير آهي ٽوڻي ڦيڻي سان علاج ڪرڻ وارو (جنهن کان شفا ڏياريون).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ماڻهو رڙيون ڪندا ته ڪوئي ڦيڻو رکندڙ آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَظَنَّ أَنَّهُ الفِراقُ (آيت : 28) |
۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان وقت) هو پاڻ ڀائيندو آهي ته، هاڻي (دنيا کان) جدائي (جو وقت اچي ويو) آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو يقين ڪندو ته بيشڪ اها جُدائي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو پاڻ ڀائيندو ته هاڻي (سڀ کان) جدائي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خيال ڪندو ته بيشڪ اها جدائي آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هو پاڻ ڀائيندو ته اها (دنيا کان) جدائي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سمجهندو ته اهو جدائي جو وقت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پاتئين برقرار، ته آيو ڏينهن ڏهاڳ جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڀائيندو ته هاڻي (دنيا کان) جدائي جو وقت اچي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ماڻهو سمجهي ويندو ته اهو دنيا کان وڇوڙي جو وقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سمجهي ويندو ماڻهو ته جدائيءَ جو وقت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي هو سمجهي ويندو ته دنيا کان سندس جدائي وارو وقت اَچي پھتو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (دم ڏيڻ وارو) سمجهي ڇڏي ته (هاڻي سڀني کان) جدائي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) يقين ڪري وٺندؤ ته اهو (دنيا کان) جداٿيڻ جو ڏينهن آهي.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالتَفَّتِ السّاقُ بِالسّاقِ (آيت : 29) |
۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان وقت سڪرات جي شدت کان) هڪ پني ٻي پنيءَ سان وچڙندي. (۽ پيرن۾ حرڪت نه رهندي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ هڪ پِني ٻِي پِنيءَ سان مِلي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (موت جي تڪليف ڪري) پنيءَ سان پني وچڙندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وچڙندي (هڪ) پني (ٻيءَ) پنيءَ سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪ پِني ٻي پِنيءَ سان وچڙندي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هڪ پِني ٻي پِنيءَ سان لڳي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بڪي، بڪي تان ويڙهبي، هيبت کان هيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هڪ پِني ٻيءَ سان وچڙندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پــِـني پـِـنيءَ سان لڳي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لڳي ويندي هڪ پني ٻي پنيءَ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (سڌو ٿيندي سندس) پِني پنيءَسان وڃي ملندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ پِني سان پِني ملڻ لڳي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن وچڙجي پوندي هڪ پِني ٻي پِنيءَ ۾. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِلىٰ رَبِّكَ يَومَئِذٍ المَساقُ (آيت : 30) |
اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) تڏهن ان ڏينهن تنهنجي پاليندڙ ڏي ئي (توکي) ڪاهي هلڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اُن ڏينهن (ان ماڻهو کي) توهان جي رب ڏانهن موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن تو کي پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هلڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهنجي رب ڏانهن ان ڏينهن هلڻ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن ان ڏينهن تنهنجي پاليندڙ ڏي ئي (توکي) ڪاهي هلڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اڄ تنهنجي پالڻهار ڏانهن هلڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تنهنجي پرور پار، ڪاهي هلندو، قافلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن تنهنجي ڌڻيءَ وٽ ئي هلڻو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو وقت هوندو تنهنجي رب ڏانهن لاڏاڻي جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهنجي رب ڏي اهو ڏينهن روانگيءَ جو هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهوئي ڏينھن تنھنجي پالڻھار ڏي هلڻ جو (مقرر) هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته ان ڏينهن توهان جي رب ڏانهن وڃڻو هوندو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (ته ياد رک) ان ڏينهن توکي پنهنجي رب جي طرف هلڻو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلا صَدَّقَ وَلا صَلّىٰ (آيت : 31) |
پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر! ان شخص جي حالت ڏس جو الله جي پيغام کي) نه سچو سمجهيائين ۽ نڪي (فرمانبرداريءَ جي عملي اظهار ۾) نماز پڙهيائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ ان شخص نه سچ کي مڃو ۽ نه نماز پڙهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (خدا جي ڪلام کي) نه ته سچو سمجهيائين ۽ نه نماز پڙهيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه سچو چيائين ۽ نه نماز پڙهيائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ نه ته سچو سمجهيائين ۽ نڪي نماز پڙهيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نه ته (دين کي) سچو سمجهيائين ۽ نه نماز پڙهيائين .(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ نه وِسهيو ويسلو، ۽ نَه پَڙهيِن نِمازُون نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (ڪافر) نڪي سچ سمجهيو، نڪي نماز پڙهيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر اُن نڪي سچ ڪري مڃيو ۽ نه نماز پڙهيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر نه سچ سمجهيو ان ۽ نه پڙهي نماز(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هن شخص يعني ابوجھل) هن قرآن کي نه سچو مڃيو ۽ نه ئي نماز ادا ڪئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته (ڪيڏي بدنصيبي آهي جو) ان نه (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي ڳالهين جي) تصديق ڪئي نه نماز پڙهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پر، هن نه تصديق ڪئي ۽ نه ڪي نماز پڙهيائين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 32) |
پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر (مڪافات جي قانونن کي) ڪوڙو ڪيائين ۽ (حڪمن تي هلڻ کان) منهن موڙيائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پر ان ڪوڙ سمجھو ۽ پُٺِ ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر ڪوڙو ڪيائين ۽ (ان کان) موڙيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر ڪوڙو چيائين ۽ منهن موڙيائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پر ڪوڙو ڪيائين ۽ منهن موڙيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر ڪوڙو سمجھيائين ۽ مُنهن موڙيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُوڙيون ڪوٺئـِين ڳالهيون، ۽ مُنهن مَٽيائـِين مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر ڪوڙ سمجهيائين ۽ منهن موڙيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر رهندو ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺي ڏئي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر چيائين ڪوڙو ۽ پٺي ڏنائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن ڪوڙو ڪيو۽ منھن ڦيري ورتو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بلڪه اهو ڪوڙو سمجهندو رهيو ۽ منهن موڙيندو رهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بلڪه (رهندو پيغمبر ۽ قرآن کي) ٺڪرايائين ۽ منهن موڙي ڇڏيائين.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ ذَهَبَ إِلىٰ أَهلِهِ يَتَمَطّىٰ (آيت : 33) |
وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) وري (پنهنجي ان روش تي) آڪڙجي پنهنجي گهر وارن ڏي هليو ويو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ آڪڙجي پنهنجن گھر وارن ڏانهن ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري پنهنجي گهروارن ڏي آڪڙ ڪري هليو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ پنهنجي اهل ڏانهن ويو آڪڙ ڪري پيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري پنهنجي گهر وارن ڏي آڪڙجي هليو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پنهنجي گهروارن ڏانهن آڪڙجي هليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَرڪندو مَغرور، وَرِي اُٿليو، سَندسِ عَيال ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري آڪڙ جي سندس گهر وارن ڏي هليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سيٽبو پنهنجي گهروارن ڏانهن هليو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هليو ويو پنهنجي گهر وارن ڏي آڪڙجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تڪبر ڪندي پنھنجي گهر وارن ڏي هليو ويو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ پنهنجي گهروارن ڏانهن وڏائيءَ ڪندي روانو ٿيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ آڪڙ جي پنهنجي گهر ڏانهن هليو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 34) |
توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي! (جو تون خدائي قانونن جي پوئلڳي نه ڪئي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تُنهنجي تباهي اچي پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) افسوس آهي تو تي وري افسوس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاڪت آهي تولاءِ پوءِ هلاڪت آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو تي افسوس جي پٺيان افسوس آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَي هَي ! تِنهنجي حال کي، ٻَر ٻَر! پوءِ ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي ڪافر!) شل تولاءِ خرابي هجي، وري به خرابي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها روش تو کي ئي جڳائي ٿي ۽ تو لاءِ ئي سهائيندي آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو نمونو تنهنجي لائق آهي توکي ئي سونهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توتي حيف مٿان حيف آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) تنهنجي لاءِ (مرڻ وقت) تباهي آهي، پوءِ (قبر ۾) تباهي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توتي افسوس- وري به افسوس! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ أَولىٰ لَكَ فَأَولىٰ (آيت : 35) |
وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) وري توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي. (جو توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ تُنهنجي تباهي اچي پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري تو تي افسوس پٺيان افسوس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ هلاڪت آهي تولاءِ پوءِ هلاڪت آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري توتي افسوس جي پٺيان افسوس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري تو مٿان افسوس مٿان افسوس آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي هَي هَي! تِنهنجي حال کي پوءِ ووءِ ووءِ! ويرو تار!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به ٿا چئون ته تولاءِ خرابي هجي ۽ وري به خرابي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هائو اها روش تنهنجي ئي لائق آهي ۽ توکي ئي سونهي ٿي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هائو، اهو نمونو لائق تنهنجي آهي ۽ توکي ئي سونهين ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري چوان ٿو ته) توتي حيف مٿان حيف آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ تنهنجي لاءِ (قيامت جي ڏينهن) تباهي آهي، پوءِ (دوزخ جي) تباهي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري افسوس مٿان افسوس! (ڇا توکي اها روش سونهي ٿي؟) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَيَحسَبُ الإِنسٰنُ أَن يُترَكَ سُدًى (آيت : 36) |
ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا انسان هي ڀانئي ٿو ته، ان کي (ائين حساب ڪتاب وٺڻ کان سواءِ) اجايو ڇڏيو ويندو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا اهو انسان ڀانئي ٿو ته ان کي آزاد ڇڏيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته ان کي ائين ئي ڇڏيو ويندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خيال ڪري ٿو انسان هي ته ڇڏيو وڃي بيڪار .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته ان کي بيڪارڇڏيو ويندو؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انسان هي سمجهي ٿو ته ان کي بي ڪار (بنا حساب ڪتاب جي) ڇڏي ڏنو ويندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهو پَنهنجي مَن ۾، ڪِيئَن آڻي اِعتبار، ته بِنا ڪِنهن ڪم ڪار، ڇَڏيو وڃي ڇُڙ واڳ سو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انسان سمجهي ٿو ته کيس ائين ئي ڇڏي ڏبو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انسان ائين کڻي سمجهيو آهي ته هو ائين ئي ڇيڪ ڇڏيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ائين سمجهي ٿو انسان ته ان کي ائين ئي ڇڏيو ويندو ڇيڪ (بيڪار)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انسان اهو سمجهي ويٺو آهي ته کيس ايئن ڇڙواڳيءَ ۾ ئي ڇڏيو ويندو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا انسان اهو سمجهي ٿو ته کيس بيڪار (بنا حساب و ڪتاب جي) ڇڏيو ويندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا، انسان ڀانئي ٿو ته هو بيڪار ڇڏيو ويندو؟ (۽ آخرت واقع نه ٿيندي؟) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَكُ نُطفَةً مِن مَنِىٍّ يُمنىٰ (آيت : 37) |
(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا اهو (منڍ ۾ رڳو هڪ) منيءَ جو ڦڙو نه هو جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) وڌو ٿي ويو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا اهو (انسان) هڪ نطفو نه هو جيڪو اڇلايو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهو (منڍ ۾) مني جو ڦڙو نه هو؟جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) وڌو ٿي ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه هو ڦڙو منيءَ مان جو داخل ڪيو وڃي پيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اهو منيءَ جو ڦڙو نه هو جنهن کي (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾ ) وڌو ٿي ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهو منيءَ جو قطرو نه هيو جيڪو (عورت جي رحم ۾) ٽپڪايو وڃي ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ هُئو نه ڦُڙو ڌات جو، جا جَھري وانگر جَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو اهو اڇلجندڙ ڦڙو نه هو؟ جو (ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هو منيءَ جو اهو ٽيپو نه هو، جيڪو (ماءُ جي رحم ۾) ڳاڙيو ويندو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو هڪ ڦڙو نه هو (جيڪو ماءُ جي رِحم ۾) ٽمايو وڃي ٿو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هو (ماءُ جي ٻچيدانيءَ ۾) اُڇلايل مَنيءَ جو ڦُڙو نه هو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا هو (پنهنجي شروعات ۾) مني جو ڦڙو نه هو جيڪو (عورت جي رحم ۾) ٽپڪايو ويندو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا ان تي اها حالت نه گذري ته ڄمڻ کان پهريان نطفو هيو، جيڪوماءُ جي گرڀ ۾ وڌو ويو؟! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ كانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوّىٰ (آيت : 38) |
وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) وري رت جو دڳ هو پوءِ (ان کي) پيدا ڪيائين، پوءِ (انهيءَ کي عضوا عطا ڪري) صحيح سالم ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اهو دِڳ ٿيو پوءِ ان ان کي پيدا ڪيو پوءِ ان کي درست ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري رت جو دڳ هو پوءِ کيس خدا بڻايو ۽ وري صحيح سالم ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ هو رت جي دڳ پوءِ (ان کي الله) برابر بنايائين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري رت جو دڳ هو پوءِ (ان کي) پيدا ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ رت جو دِڳُ هيو پوءِ (ان کي) خلقيائين پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿيو موٽِي روڙو رَت جو، ساڳِي صُورت ڄَر، پوءِ گَھڙيائـِين گھاٽ کي، پوءِ پُورو ڪيو پَروَر، سَرکو سَڀَينِ اڱرين، سُهڻو سَربَسر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري هو رت جو دڳ ٿيو، پوءِ ان کي بڻائي برابر پورو ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو رت جو دِڳ بڻيو، پوءِ الله کيس جسم ڏنو ۽ لڱين سڱين ٺاهي ٺيڪ ڪيائينس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو ٿيو دڳ (لوٿڙو) پوءِ ٺاهيو ان جو جسم (الله) ڪيو سنئين لڱين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُو اُن مان گوشت جو دِڳ ٺهيو. پوءِ الله تعالى سندس عضوا ٺاهي صحيح سالم انسان ڪري پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اهو (رحم ۾ ڄار وانگر ڄميل) هڪ لٽڪيل وجود بڻجي ويو، پوءِ ان (سڀني جسماني عضون جي ابتدائي شڪل کي انهيءَ وجود ۾) پيدا فرمايائين، پوءِ (انهن کي) ٺيڪ ڪيائين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ نطفي مان رت جو دِڳُ ٿيو، پوءِ رت جي دڳ مان (ان جو ڊول) پيدا ڪيو ويو پوءِ ان (ڊول) کي چڱيءَ طرح درست ڪيائين، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَجَعَلَ مِنهُ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 39) |
پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) وري ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ انهيءَ مان ٻه قِسم مرد ۽ عورت پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان مان ٻه جنس نر ۽ مادي بنايائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيائين ان مان ٻه جوڙ مرد ۽ عورت .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ صحيح سالم ڪيائين، وري ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان مان ٻه جنسون نر ۽ مادي بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَيائـِين نارِيون، نَر، ڦيري اُن ڦُڙي مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان مان ٻه جنسون مرد ۽ عورت بنايائين_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ منجهانئس مرد ۽ عورت جون ٻه جنسون بڻايائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جوڙيائين ان منجهان جوڙا (ٻه قسم) مرد ۽ عورت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار ان مان ٻه جنسون مرد ۽ عورت ٺاهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اِهو ته اِنهيءَ نطفي جي ذريعي ٻه قسم بڻايائين: مرد ۽ عورت.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ ان جا ٻه قسم ڪيائين (يعني) نر ۽ مادي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَيسَ ذٰلِكَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يُحۦِىَ المَوتىٰ (آيت : 40) |
اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا اهو (خدا جنهن ابتدا ۾ پنهنجي قدرت سان هي سڀ ڪجهه ڪيو سو) مئلن کي جيئرو نٿو ڪري سگهي؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا اهو مُئَلَ ماڻهن کي جياري نٿو؟ (يقيناً اهو قادر آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهو مئلن کي جيئرو نه ٿو ڪري سگهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ناهي اهو قادر هن تي جو جيئرو ڪري مئلن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اهو مئلن کي جيئرو نه ٿو ڪري سگهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهو ان تي طاقت نه ٿو رکي جو مُئلن کي وري جيئرو ڪري؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اِن ڳالھ مَٿي، قادر ناهي ڪِيئن؟ ته مُئا مُهنديِـين جِيئن، جِياري جَلَّ شَانَہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اهو الله انهي جي طاقت نٿو رکي، جو مئلن کي جيئاري؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ان هستيءَ کي اها طاقت ناهي، جو هو مئن کي ٻيهر جيئرو ڪري ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو ان تي ناهي قادر ته وري جياري مئلن کي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هو مئلن کي وري ٻيھر جيئرو ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي سگهي؟(ڇو نه، ياالله تنهنجي ذات مبارڪ پاڪ آهي). (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته ڇا اُهو ان ڳالهه تي قادر ناهي ته مئلن کي ٻيهر جيئرو ڪري.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا الله اها طاقت نه ٿو رکي ته مئلن کي زنده ڪري؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |