توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا المُدَّثِّرُ (آيت : 1) |
اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي (نبوت جي لباس ۾) ويڙهجڻ وارا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي نبوت جي چادر ڍڪيندڙ حبيب(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي (منهنجا) ڪپڙي ويڙهڻ وارا (رسول)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي چادر ڍڪيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي (نبوت جي لباس ۾ ) ويڙهجڻ وارا،(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي چادر ويڙهڻ وارا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اوڍِيندڙ اوڍڻِي!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ڪپڙي ويڙهيل شخص! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي چادر ويڙهي سمهڻ وارا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي ويڙهجي سمهڻ وارا!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي (پاڻ تي چادر) ويڙهڻ وارا! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُم فَأَنذِر (آيت : 2) |
کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اٿي! پوءِ (خدا کان ڀليل ماڻهن کي زندگيءَ جي غلط طريقي تي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان اُٿو پوءِ توهان (پنهنجي قوم کي) ڊيـڄاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اٿو ۽ ماڻهن کي عذاب کان ڊيڄاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اُٿ پوءِ (ماڻهن کي) ڊيڄار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کڙو ٿي! پوءِ ڊيڄار(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اٿي پوءِ (ماڻهن کي) ڊيڄار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پيرن ڀَر ٿِي پاڻ، ڪَر خَبردار خَلق کي، ڪَرِينِ ڄيري سندو ڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُٿ! ۽ ماڻهن کي ڊيڄار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اٿي کڙو ٿيءُ ۽ خبردار ڪر(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اٿي کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) اُٿ ۽ (پنھنجي قوم کي) ڊيڄار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَبَّكَ فَكَبِّر (آيت : 3) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام) جي عظمت (۽ ضرورت) بيان ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي رب جي وڏائي بيان ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پروردگار جي وڏائي بيان ڪر،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي رب جي پوءِ وڏائي بيان ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي وڏائي بيان ڪر،(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي وڏائي بيان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جِي، پوءِ وَڏائـِي واکاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندءِ ڌڻيءَ جي وڏائي چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي رب جي وڏائي بيان ڪر(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي رب جي وڏائي (جو اعلان) بيان ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَثِيابَكَ فَطَهِّر (آيت : 4) |
۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ظاهري ۽ باطني يعني اخلاقن واري) پنهنجي پوشاڪ کي پاڪ رک.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجا ڪپڙا پاڪ رکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجن ڪپڙن کي پوءِ پاڪ رک .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي ڪپڙن کي پاڪ رک.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَپڙا پَنهنجا پاڪ رَک،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجا ڪپڙا صاف رک. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڪ رک(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالرُّجزَ فَاهجُر (آيت : 5) |
۽ پليتي کان پري رھ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گند (۽ گندي بيڪار ماڻهن) کان پري رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بُتن کان پري رهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ گندگي کان پري رھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بتن کان پوءِ پري رهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گندگيءَ کان پري رهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بتن کان پري ئي رهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَر مِڙوئـِي ڇاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پليتيءَ کان پري رهه. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پليتائيءَ کان پري رهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پليتيءَ کان پري رهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هر قسم جي) گندگي کان پري رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَمنُن تَستَكثِرُ (آيت : 6) |
۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ الله جي مخلوق تي) هن لاءِ احسان نه ڪر ته (ان جي موٽ ۾) گهڻو (بدلو) ملي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زياده حاصل ڪرڻ لاءِ (ڪنهن تي) ٿورو نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي طرح احسان نه ڪر جو وڌيڪ وٺڻ جا خواهشمند ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه احسان ڪري گهڻو طلب ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن لاءِ احسان نه ڪر ته توکي گهڻو ملي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن لاءِ احسان نه ڪر ته تو کي گهڻو ملي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِن نِيَّتَ نيڪِي ڪِيَم ڪر، ته ڀَرِين پَنهنجا ڀاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ احسان ڪري گهڻو عيوض نه گهر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان لاءِ احسان نه ڪر ته جيئن گهڻو حاصل ڪرين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ٿورو ڪر (احسان) وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دنيا ۾) گهڻي ملڻ خاطر (ڪنھن تي) احسان نه ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِرَبِّكَ فَاصبِر (آيت : 7) |
۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي پالڻهار (جي پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ پيش ايندڙ رڪاوٽن ۽ ڏکيائين تي ثابت قدم رهڻ) لاءِ صبر ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنهنجي رب لاءِ توهان صبر ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پروردگار جي رضامنديءَ لاءِ صبر ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي رب جي لاءِ پوءِ صبر ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ (جي رضامنديءَ) لاءِ (مصيبتن تي) صبر ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار لاءِ صبر ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجي پَروَر ڪاڻ، سَب ڪُجھ سَھ سَرِير تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم تي صبر ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجي رب خاطر صبر ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي رب جي واسطي صبر ڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي پالڻھار خاطر صبر ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا نُقِرَ فِى النّاقورِ (آيت : 8) |
پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (حساب ڪتاب جي لاءِ ڪٺي ٿيڻ واسطي) ناقور وڄايو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن صُور ڦوڪي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ناقور (صور) ڦوڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جنهن وقت ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ناقور وڄايو ويندو،(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن وِيندو ڏَنڊ کي، ڦوڪيو سِين فرمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪبو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڦوڪي ويندي صور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذٰلِكَ يَومَئِذٍ يَومٌ عَسيرٌ (آيت : 9) |
تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن اهو (بدڪارن لاءِ) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو ڏينهن، ڏکيو ڏينهن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهو ڏينهن سخت (مصيبت جو) هوندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اهو ان ڏينهن ڏکيو ڏينهن آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن اهو (وقت) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو ڏينهن ڏاڍو ڏکيو ڏينهن هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏِينهن اُهو، ڏِينهن آھِ سو جَبَرو مَنجھ جَھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن ان ڏينهن اوکو وقت ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اهو ڏينهن ڏاڍو سخت هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو ڏينهن هوندو ڏکيو (ڏاڍو سخت)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ڏينھن ڏاڍو ڏکيو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَى الكٰفِرينَ غَيرُ يَسيرٍ (آيت : 10) |
ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان ڏينهن) ڪافرن تي (ذري برابر به) آساني نه هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو) ڪافرن تي آسان ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪافرن تي آسان نه هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪافرن تي ناهي آسان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪافرن تي آسان نه هوندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪافرن تي آسان نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَٺڻ سِر ڪُفران، اُهکو، نَه سَهکو آھِ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن لاءِ ڪا به سکيائي نه هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪافرن لاءِ هلڪو نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو) نه هوندو ڪافرن تي هلڪو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافرن جي لاءِ (هرگز به) هلڪو نه هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذَرنى وَمَن خَلَقتُ وَحيدًا (آيت : 11) |
مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي رسول! تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه ۽) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي (ماءُ جي پيٽان ئي دولت ڏئي پيدا نه ڪيو اٿم، پوءِ به ان تي سرڪشي ٿو ڪري بلڪ) اڪيلو پيدا ڪيو اٿم.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان مون کي ان ماڻهو سان گڏ ڇڏيو جيڪو مون اڪيلو پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) مون کي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇڏ مون کي ۽ ان کي جنهن کي پيدا ڪيو مون اڪيلو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسولﷺ!) مو نکي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مون کي ۽ ان ماڻهو کي ڇڏي ڏي جنهن کي مون اڪيلو پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَڏ مُون ۽ اُن کي، جنهن کي، جوڙِيَم تَنْها تَن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون کي ۽ انهي شخص کي ڇڏي ڏي، جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيم. (_) کيس گهڻو مال ۽ مجلس ۾ وهندڙ پٽ ڏنم، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇڏ مونکي ۽ انهيءَ شخص کي، جنهن کي مون هيڪلو پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇڏي ڏي مون کي ۽ ان شخص کي جنهن کي مون پيدا ڪيو اڪيلو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڇڏي ڏي مون کي ۽ جنھن کي مون اڪيلو ڪري پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلتُ لَهُ مالًا مَمدودًا (آيت : 12) |
۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان کي (بعد ۾ آزمائش خاطر) ڪثرت سان مال ڏنو اٿم.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون ان لاءِ گھڻو مال پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنو مون ان کي مال گهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيَمِ ڪُشادو ڪاڻ تِنهن، دُنيا دولت، ڌَن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کيس گهڻو مال ڏنم(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تمام جهجهو مال ڏنومانس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏنم ان کي مال گهڻو ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون کيس (يعني وليد بن مغيره کي) تمام گهڻو مال ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَنينَ شُهودًا (آيت : 13) |
۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پُٽ (به جيڪي انساني ڪم ڪرڻ بجاءِ سندس سرڪشي وڌائڻ لاءِ) وٽس ويٺل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ وٽس پُٽ موجود آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پٽ حاضر ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پٽ حاضري ۾ رهڻ وارا (ڏنم)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حاضِر پُٽ هَڪَيا تَّڪيا، اَکيَن اڳيان پَسجن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مجلس ۾ وهندڙ پُٽ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آڏو رهڻ وارا پٽ ڏنا مانس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پٽ ڏنامانس حاضر رهڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرمانبردار پُٽ ڏنا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَهَّدتُ لَهُ تَمهيدًا (آيت : 14) |
۽ ان کي پوري طرح وڌايم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شئ) سندس چوڌاري پکيڙي ڇڏي اٿم.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون ان لاءِ (جاه و جلال) جو سامان مهيا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تياري ڪئي مون ان لاءِ چڱي طرح تياري ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مون ان کي گهڻي ڪشادگي ڪري ڏني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيڏٖي، سِين ڪَرمن، پُٺ پَکيڙِيَمِ اُن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس پوريءَ طرح وڌايم، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان لاءِ وڏي بڻجڻ جون واٽون سنئيون سڌيون ڪيم (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رياست جي راهه ان جي لاءِ هموار ڪيم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مون ان کي (دنيا ۾ سڀني کان) اڳتي رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ يَطمَعُ أَن أَزيدَ (آيت : 15) |
وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري به (سندس هوس پوري نٿي ٿئي ۽) هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ (طاقت ۽ دولت) ڏيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اهو طمع ڪري ٿو ته انهن ۾ زيادتي ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن به هو طمع ڪري ٿو ته (ان کي) وڌيڪ ڏيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ اميد رکي ٿو ته ان کي وڌايان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري به هو طمع ڪري ٿو ته (اُن کي) وڌيڪ ڏيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري اهو طمع رکي ٿو ته (کيس اڃا) وڌيڪ ڏيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي ڀانئي مَن ۾، اَڃا به ڪريانسِ ڪَسر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته به هو لالچ ٿو رکي ته اڃا به وڌيڪ ڏيانس! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري هو لالـچ رکي ٿو ته کيس اڃان به وڌايان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وري به اهو لالچ رکندو آهي ته آئون ان کي اڃا به وڌيڪ ڏيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ به هو لالچ ڪري ٿو ته مان کيس اڃا به گهڻو ڏيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِنَّهُ كانَ لِءايٰتِنا عَنيدًا (آيت : 16) |
ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي (قانون بڻائي موڪليل) آيتن جو مخالف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هرگز ايئن نه ٿيندو، بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو سخت مخالف آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ائين نه ٿيندو، ته هو اسان جي آيتن جو دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه تحقيق اهو هو اسان جي آيتن جي لاءِ عناد رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي آيتن جو مخالف آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ائين نه ٿيندو. بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو شديد مخالف آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُونهون؛ اَسان جون آيتون، سَگھون سَربَسر، مَڃڻ ڪَنان مُنهن ۾، هُو سَرڪش وِجھندڙ سَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر گز نه! بيشڪ هو اسان جي آيتن ۾ جهيڙو ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هرگز نه، هو اسان جي آيتن جو ويري آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه! بيشڪ اهو اسان جي آيتن جو ويري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! (هاڻي ايئن نه ٿيندو) بيشڪ هو اسان جي آيتن سان دشمني رکي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَأُرهِقُهُ صَعودًا (آيت : 17) |
جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سگهوئي آئون ان کي (پنهنجي گرفت ۾ آڻي) سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين جلد ان کي باه جي جبل تي چاڙهينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سگهو ئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد چاڙهيندس مان ان کي باهه جي جبل تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سگهوئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جلد ان کي آءٌ سخت چاڙهي چڙهائيندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن سَخِتي واري سَر، وِهلو واهِيندسِ اُن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي جلد هڪ اُڀي جبل تي چاڙهيندس. (يعني کيس ترت ئي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ته سگهوئي کيس هڪڙي ڏکيءَ چاڙهيءَ تي چاڙهيندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته جلدي کيس ڏکي چاڙهي تي چاڙهيندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان کيس عنقريب تڪليفن جي چاڙهي چاڙهائيندومانس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ (آيت : 18) |
بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇو ته هو (چڱائي ۽ مدائي ڄاڻي پيو ۽ ان تي غور) فڪر ڪيائين ۽ هڪ ڳالهه (دنيا جي لالچ ۽ فائدي واري پنهنجي لاءِ) تجويز ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اُن (قرآن ڪريم تي اعتراض ڪرڻ لاءِ) فڪر ڪيو ۽ اندازو ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته ان فڪر ڪري ڪري هڪ ڳالھ تجويز ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ان فڪر ڪيو ۽ دل ۾ ٺهراءُ رٿيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته ان فڪر ڪيو ۽ هڪ ڳالهه تجويز ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان سوچ ويچار ڪيو ۽ هڪ ڳالهه طئي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَر وَر تِنهن وِيچاريو ۽ تَڪئـِين تورئـِين ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، هن سوچ ڪئي ۽ هڪ ٺهراءُ ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان سوچيو ۽ ڪا رٿ رٿڻ جي ڪوشش ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان سوچيو ۽ ڳالهه ٺاهڻ جي ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هن سوچي سمهجي سازش تيار ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 19) |
پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ مار پويس ڪيئن (فاني حياتيءَ جي ٿورڙي فائدي جو مطلب پنهنجي اولاد لاءِ) تجويز ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان تي لعنت موڪلي وئي ان لاءِ جيڪو اندازو ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ مار پويس ڪئين تجويز ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لعنت ڪيو ويو ڪهڙيءَ طرح ٺهراءُ رٿيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مار پويس ان ڪهڙي بري ڳالهه طئي ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌُران وِيو ڌِڪارجِي، پَهتو ڪِيئن پيمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ شل موت پويس، ڪيئن نه ٺهراءُ ڪيو اٿس! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ الله جي مار پويس ڪهڙي نه رٿ رٿي اٿائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (خدا جي مار ان تي) ڪهڙي ڳالهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مٿس لعنت پوي، ڪهڙي ته (بُري) سازش ٿو سِٽي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ قُتِلَ كَيفَ قَدَّرَ (آيت : 20) |
وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ مار پويس (پنهنجي لاءِ اهڙي ڳالهه) ڪيئن تجويز ڪيائين. (جنهن جو نتيجو آخر ۾ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان تي لعنت موڪلي وئي ان لاءِ جيڪو اندازو ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ مار پويس ڪئين تجويز ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ لعنت ڪيو ويو ڪهڙي طرح ٺهراءُ رٿيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري مار پويس ان ڪهڙي بري ڳالهه طئي ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي بِه تَڙيو توڙ ڪنان، ڪِيئن، ڪِئـِين خام خيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به شل موت پويس، ڪيئن نه ٺهراءُ ڪيو اٿس! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هائو، الله جي مار پويس ڪهڙي نه رٿ رٿي اٿائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (خدا جي مار ان تي) ڪهڙي ڳالهه ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري ٻيھر (به) مٿس لعنت پوي، ڪهڙي ته (بُري) سازش ٿو سِٽي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ نَظَرَ (آيت : 21) |
وري (غور ڪري) ڏٺائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري ان (ڪنهن موقعي تي غور ڪري) ڏٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ڏٺائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان (غور ڪري) ڏٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ڏٺائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان (غور ڪري) ڏٺو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نظر ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي نوڪ نِهاريو، ڪاوڙ ساڻ ڪُلال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري نظر ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري (ماڻهن ڏانهن) ڏٺائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وري ماڻهن ڏي ڏٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُن (ماڻهن کي گُهوري) ڏٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ (آيت : 22) |
وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (به سندس اندر جي لچائي اڀري آئي ۽) منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ ٻوٿ بڇڙو ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ مُنهن خراب ڪيائين ۽ مُنهن سخت خراب ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري منهن ۾ گهمنڊ وڌائين ۽ منهن بچڙو ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان بعد گهنڊ وڌائين ۽ منهن بگيڙيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري منهن ۾ گهنڊ وڌائين ۽ منهن بڇڙو ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مُنهن ۾ گهُنڊ وڌائين ۽ ٻُـــوٿُ بڇڙو ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي کوٽٖي مُنهن کٽو ڪيو، گُھنڊ هَنيو گھنٽال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ منهن ۾ شوروجهي گهنڊ پاتائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ منهن ۾ گهنڊ وڌائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ منهن ڦيرايو، وڌائين گهنج پيشانيءَ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري گُهنج وجهي بڇڙو منھن ڪيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَدبَرَ وَاستَكبَرَ (آيت : 23) |
وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (خدا جي قانون کان) پٺ ڦيرايائين ۽ وڏائي ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ پُٺي ڏنائين ۽ تڪبر ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان بعد پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري پٺ ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پٺي ڦيريائين ۽ وڏائي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي پانهون وَريو پوئتي، ۽ ڪيائين تڪبر تال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري پٺيرو ٿيو ۽ آڪڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منهن بڇڙو ڪيائين، پوءِ پٺي ڏنائين ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وري گهنڊ پاتو ۽ پٺيرو ٿي وڏائي ڪيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تڪبر ڪندي پُٺي ڦيريائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالَ إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ يُؤثَرُ (آيت : 24) |
پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ چوڻ لڳو ته، هي (قرآن) رڳو جادو (۽ پراڻي زماني جون پُرڪشش ڳالهيون) آهن جو (صدين کان ائين ئي) هلندو اچي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ چيائين ناهي هيءُ (قرآن) مگر سحر جيڪو اڳين کان نقل ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (اکين کان) هليو ٿو اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيائين ناهي هي مگر جادو جيڪو نقل ڪيو وڃي پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چوڻ لڳو ته هي (قرآن) رڳو جادو آهي جو (جادوگرن کان) هليو اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چيائين ته: ”هي (قرآن) رڳو جادو آهي جيڪو (اڳين جادوگرن کان) هلندو اچي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪافِر ڪَڍِي مُنهن ڪئي، هِن پَر بات بَطال، هِي مَذڪُور ناھِ مگر، جادو هلندڙ جال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ چيائين ”هيءُ ته رڳو جادو آهي، جو اڳين کان هليو پيو اچي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ چوڻ لڳو ته اهو ڪجهه به نه آهي پر رڳو هڪڙو جادو، جيڪو اڳي کان ئي هلندو پيو اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار چيائين ته هي ڪجهه ناهي سواءِ هڪ جادوءَ جي جيڪو اڳي کان هلندو اچي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار چوڻ لڳو ته هي (قرآن) ته شروع کان هلندڙ جادو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هٰذا إِلّا قَولُ البَشَرِ (آيت : 25) |
ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو (پنهنجو جوڙيل) ڪلام آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي هيءُ مگر قول بشر جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو ڪلام آهي. (خدا جو نه)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي هيءُ مگر انسان جو قول .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي (قرآن) رڳو ماڻهوءَ جو ڪلام آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (قرآن) رڳو انسان جو ڪلام آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي مَذڪُور ناھِ مگر، ماڻهوءَ جِي مَقال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ته فقط انسان جو چيل آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته هڪ انسان جو ڪلام آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ته هڪ قول آهي (ڪلام) انساني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ته هڪ انساني ڪلام آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَأُصليهِ سَقَرَ (آيت : 26) |
جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سگهوئي آئون ان کي (سندس اهڙي سرڪشيءَ ۽ نافرماني تي کيس) دوزخ ۾ وجهندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين جلد ان کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سگهو ئي آءُ ان کي دوزخ ۾ وجهندس(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد پهچائيندس مان ان کي دوزخ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سگهوئي آءُ ان کي دوزخ ۾ وجهندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جلد آءٌ ان کي دوزخ ۾ ڦٽو ڪندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سگهو کِيَسِ سَقر ۾، هَڻنداسون هر حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ جلد ئي کيس دوزخ ۾ وجهندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اجهو ٿو مان کيس دوزخ ۾ وجهان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سگهوئي کيس داخل ڪندس دوزخ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر مان کيس عنقريب دوزخ ۾ اڇلائيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ ما سَقَرُ (آيت : 27) |
۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي رسول!) توکي خبر آهي ته دوزخ (جي ٽچڪندڙ ۽ رجائيندڙ باهه) ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته سَقر ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪهڙي شيءِ ڄاڻايو توکي ته ڇا آهي دوزخ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي رسولﷺ!) توکي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ سَقر آهي ڇا؟ ڪِنهن ڪَل ڏِنئـِي اَڄ ڪالھ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪير ٻڌائي ته دوزخ ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا ٿيندو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها دوزخ ڇا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکي ڪهڙي خبر ته دوزخ ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تُبقى وَلا تَذَرُ (آيت : 28) |
اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها نه (ڪجهه بدن جو هڏو ۽ ٻوٽي) رهائي ٿي ۽ نه (ڪنهن شئ کي) ڇڏي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اها) نه گوشت ڇڏيندي ۽ نه هڏا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو نه ڪجھ رهائي ٿو ۽ نه ڇڏي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو باقي رهائي ۽ نه ڇڏي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو نه (ڪجهه) رهائي ٿو ۽ نه ڇڏي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها (ڀڙڪندڙ باهه آهي جا) نه باقي رکي ٿي ۽ نه ڇڏي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇُو تو ڇَڏي ڪو نه ڪو، بَچائي نَه بحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو نڪي ٿو گوشت ڇڏي، نڪي هڏا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي ڪجهه باقي بچائي ۽ نه ڪنهن کي ڇڏي ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ڪجهه باقي رکي ۽ نه ڪنهن کي ڇڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دوزخ ته اها جاءِ آهي) جنھن کان ڪير به نٿو بچي سگهي ۽ نه ئي هو ڪنھن ماڻهوءَ تي هلڪائي ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَوّاحَةٌ لِلبَشَرِ (آيت : 29) |
ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماڻهن کي (ساڙي) ڪارو (ٺاٺو) ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسان جي کل لاهيندڙ هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بدن کي ساڙي ڪارو ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ساڙي کل لاهيندڙ آهي انسان جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ماڻهن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها کَل کي ساڙي ڪارو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چارِي چَڱِئ چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انسان کي ڪارو ڪري ڇڏي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهوءَ جي کل ساڙي ڇڏڻ وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لهسائيندڙ آهي کل ماڻهوءَ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن کي ساڙي ڪاري رنگ وارو ڪري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَيها تِسعَةَ عَشَرَ (آيت : 30) |
اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان تي اڻويهه (داروغا) مقرر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ (جهنم) تي اُڻويهَه ملائڪ مسلط هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان تي اوڻيھ (فرشتا) مقرر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان تي اوڻويهه (ملائڪ) آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان تي اوڻيهه (داروغا) مقرر آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان تي اڻويهه (ملائڪ داروغا) مقرر آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُوڻِيہ اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان مٿي اڻويهه (چوڪيدار) آهن_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اوڻويهه داروغا ان تي مقرر ڪيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جا آهن نگران مقرر اڻويهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن (دوزخ) تي اوڻويهه داروغا (مقرر) آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما جَعَلنا أَصحٰبَ النّارِ إِلّا مَلٰئِكَةً وَما جَعَلنا عِدَّتَهُم إِلّا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا لِيَستَيقِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَيَزدادَ الَّذينَ ءامَنوا إيمٰنًا وَلا يَرتابَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالمُؤمِنونَ وَلِيَقولَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالكٰفِرونَ ماذا أَرادَ اللَّهُ بِهٰذا مَثَلًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ وَما يَعلَمُ جُنودَ رَبِّكَ إِلّا هُوَ وَما هِىَ إِلّا ذِكرىٰ لِلبَشَرِ (آيت : 31) |
۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) رڳو ملائڪ ڪيا آهن، ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ (انهن جي اڳين ڪتابن ۾ ڄاڻايل تعداد مطابق) امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي، ۽ ڪتاب وارا ۽ مسلمان شڪ ۾ نه پون، ۽ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ته هن (اڻويهن واري انگ جيترن ملائڪن) مان الله جو مطلب ڇا آهي؟ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس تنهن کي (آزمائش ۾ وجهي) گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ (هونئن ته ان جو لشڪر اڻ کٽ آهي) تنهنجي پاليندڙ جي لشڪرن (واري تعداد) کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نٿو ڄاڻي، ۽ هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه مقرر ڪيا اسان جهنم جا انچارج مگر ملائڪ ۽ نه مقرر ڪيو اسان انهن جو تعداد مگر اهو ڪافرن لاءِ آزمائش آهي، ان لاءِ ته اهي ماڻهو يقين ڪن جيڪي اهلِ ڪتاب آهن ۽ مؤمنن جو ايمان زياده ٿئي ۽ نٿا شڪ ڪن اهلِ ڪتاب ۽ مؤمن ۽ ڀلي ته چون اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ مرض آهي ۽ ڀلي ڪافر چون ته الله هن مثال مان ڪهڙو ارادو ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جنهنکي چاهي الله تعالى گمراه ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي هدايت ڏئي ٿو، ۽ ان کانسواءِ ملائڪن جو تعداد ڪوبه نٿو ڄاڻي، هيءُ قرآن ڪريم انسان لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جهنم جا نگهبان ته رڳو ملائڪ ڪيا آهن ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مومن شڪ ۾ نه پون، پڻ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ٿا ته هن مثال مان خدا جو مطلب ڇا آهي؟ (اي رسول) اهڙي طرح خدا جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهي (۾ ڇڏي) ٿو ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سنئون گس ڏيکاري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪو نه ٿو ڄاڻي. ۽ هي رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بنايا اسان باهه جا داروغا مگر ملائڪ ۽ نه ڪيو اسان ڳاڻاٽو انهن جو مگر آزمائش انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو تانته يقين ڪن اهي جو ڏنا ويا ڪتاب ۽ وڌن اهي جن ايمان آندو ۽ نه شڪ ڪن اهي جي ڏنا ويا ڪتاب ۽ مؤمن ۽ تانته چون اهي جو دلين انهن جي ۾ بيماري آهي ۽ ڪافر ته ڪهڙو ارادو ڪيو آهي الله هن مثال سان اهڙي طرح گمراهه ٿو ڪري الله جنهن کي گهري ۽ هدايت ڪري ٿو جنهن کي گهري ۽ نه ٿو ڄاڻي تنهنجي رب جي لشڪر کي مگر اهو ۽ ناهي اهو مگر نصيحت انسان جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) رڳو ملائڪ ڪيا آهن، ۽ اسان سندن ڳاڻاٽي کي رڳو ڪافرن لاءِ امتحان ڪيو آهي (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا يقين ڪن۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي، ۽ ڪتاب وارا ۽ مسلمان شڪ ۾ نه پون. ۽ (هن لاءِ) ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي ۽ ڪافر چون ته هن مثال مان الله جومطلب ڇا آهي؟ (اي پيغمبر !) اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽جنهن کي وڻيس تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. ۽ تنهنجي پاليندڙ جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪونه ٿو ڄاڻي. ۽ هيءُ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت آهي ائين نه ٿيندو (جيئن هو خيال ڪري ٿو). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان باهه وارا (داروغا) صرف ملائڪ مقرر ڪيا آهن ۽ اسان انهن جي ڳاڻيٽي کي صرف ڪافرن لاءِ آزمائش بنايو آهي هن لاءِ ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ هن لاءِ ته جن جي دلين ۾ (نفاق) جي بيماري آهي ۽ ڪافر چون ته هن مثال مان الله جي ڇا مراد آهي؟ اهڙي طرح الله جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت عطا ڪري ٿو. ۽ تنهنجي پالڻهار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ (ٻيو) ڪونه ٿو ڄاڻي. هيءَ رڳو ماڻهن لاءِ نصيحت ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَلڪن ري، مَڱَر تي، نه ڌارياسون دَربان، ۽ توڙان تيارِي تِن جِي، ڪنهن ٻئي لئي، ڪَئـِي سون ڪانه، مگر مار مُنڪرِين، جي ڦِريا، کون فرمان، تان پَڪ ڪن، ڪتاب جِن کي، اڳي ٿيا اِحسان، ۽ وَڌن اُهي اِيمان ۾، آندو جِن اِيمان، ۽ ڪِتابي قُلُوب ۾، نه گَڏِينِ ڪو به گُمان، پڻ مُؤمن مُسلمان، جي جي نه رکن، جان ۾. ۽ تان مرض جِن جي مَن ۾، يا ڪافِر ذات، ڪُلال، سي سَمجھي ڪُوڙ قِيام کي، ڳالهائـِنِ هِئَ ڳالھ، ته اَلله اِرادو ڇا ڪيو، منجھان هِن مِثال، گُھري تِنهن کي، گَس ڪنان، ڦيري ڇَڏي فى الحال، پڻ ڀَلو ڪري ڀال، وَڻيسِ، تِنهن کي واٽ ڪري. ۽ تُنهنجي سائـِينءَ جي، سِپاھ کي، ٻِئو نه ٻُجھي اُن ڌار،۽ مگر ماڻهنِ هارِ، هِي ري نَصِحيت، ناھِ ٻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان دوزخ جا چوڪيدار رڳو ملائڪ ڪيا آهن_ ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن جي پرکڻ لاءِ ڪيو اٿئون، ته اڳين ڪتابن وارا يقين ڪن ۽ مؤمن پنهنجي ايمان ۾ وڌن ۽ اڳين ڪتابن وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون_ ۽ ته جن جي دلين ۾ مرض آهي سي ۽ ڪافر چون ته ”هن مثال ڏيڻ ۾ ڀلا الله جو ڪهڙو مطلب؟“ اهڙيءَ طرح الله جنهن کي چاهي، ان کي ڀلائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي سڌي رستي لڳائي ٿو_ ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جا لشڪر، انهي پاڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڄاڻي_ ۽ اهو ته فقط سڀ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ نصيحت آهي. (__) خبردار! چنڊ، پٺ ڦيريندڙ رات ۽ روشن ٿيل صبح شاهد آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان دوزخ جا اهي داروغا ملائڪ ئي مقرر ڪيا آهن ۽ سندن تعداد کي اسان ڪافرن لاءِ فتنو بڻائي ڇڏيو آهي، تانته اهلِ ڪتاب کي يقين ٿي وڃي ۽ ايمان وارن جو ايمان وڌي وڃي ۽ اهل ڪتاب ۽ مؤمن ڪنهن به شڪ ۾ نه رهن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي، اهي ۽ ڪافر ائين چون ته الله جو انهيءَ ڳالهه جي حوالي ڏيڻ مان ڇا مطلب آهي. اهڙيءَ طرح الله جنهن کي وڻيس گمراهه ڪري ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڏئي ٿو ۽ تنهنجي رب جي لشڪرن کي هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي ۽ ان ڳالهه جو ذڪر ته فقط ماڻهن کي نصيحت ڪرڻ خاطر ئي ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيا آهن ان دوزخ جا ڪارڪن فرشتا، ۽ آهي ڪيو اسان انهن جي تعداد کي پرک انهن ماڻهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو، جيئن يقين اچي انهن اهلِ ڪتاب کي ۽ وڌي انهن ماڻهن جو ايمان جن ايمان آندو آهي ۽ نه رهن ڪنهن شڪ ۾ اهلِ ڪتاب ۽ مؤمن، ۽ چون اهي ماڻهو جيڪي دل جا بيمار آهن، ۽ ڪافر هي چون ته ڀلا ڪهڙو ارادو آهي الله جو هن مثال ڏيڻ مان، اهڙيءَ طرح گمراهه ڪندو آهي الله جنهن کي گهرندو آهي ۽ هدايت ڏيندو آهي جنهن کي گهرندو آهي، ۽ ڪير نٿو ڄاڻي تنهنجي رب جي لشڪرن کي خود ان کان سواءِ ۽ بيان (دوزخ جو) ان لاءِ ڪيو ته نصيحت ٿئي ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان رڳو ملائڪن کي دوزخ جا داروغا ٺاهي مقرر ڪيو آهي. اسان ڪافرن جي آزمائش خاطر ئي انهن جو تعداد ٻڌايو آهي (۽ان ڪري ٻڌايو آهي ته) جيئن ايمان وارن جي ايمان ۾ واڌارو اچي ۽ اهل ڪتاب ۽ مؤمن ماڻهو ڪنھن به شڪ ۾ نه پَون. دلين جا بيمار منافق ۽ ڪافر چون ٿا ته اهڙي مثال ڏيڻ مان الله تعالى جو ڇا مقصد آهي؟ الله تعالى اهڙي طريقي سان ئي جنھن کي چاهيندو آهي گمراهه ڪندو آهي ۽ جنھن کي چاهيندو آهي هدايت ڏيندو آهي. تنھنجي پالڻھار جي لشڪرن کي ان کان سواءِ ڪير به نٿو ڄاڻي. باقي دوزخ جي عذاب جو ذڪر ته ماڻهن جي نصيحت لاءِ ئي (ڪيو ويو) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا وَالقَمَرِ (آيت : 32) |
سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين نه ٿيندو (ته ان کي حساب ڪتاب کان سواءِ ئي ڇڏيو وڃي جيئن هو گمان ڪري ٿو.) چنڊ جو قسم آهي (چنڊ ان جو شاهد آهي جيڪو مقرر قانون تي هلي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! قسم آهي چنڊ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ٻڌي ڇڏيو، (اسان کي) چنڊ جو قسم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ها ها قسم آهي چنڊ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چنڊ جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هرگز نه، قسم آهي چنڊ جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ ساک چَنڊ جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! چنڊ شاہد آهي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، قسم آهي چنڊ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه! قسم آهي چنڊ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! قسم آهي چنڊ جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّيلِ إِذ أَدبَرَ (آيت : 33) |
۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات جو (مٽجڻ به شاهد آهي) جڏهن اها پٺ ڦيري ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قسم آهي رات جو جڏهن اها موٽي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ رات جو جڏهن وڃڻ لڳي ٿي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو جڏهن پٺي ڏئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات جو (به) جڏهن پٺ ڦيري ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات جو قسم جڏهن پٺي ڦيري ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ جَڏهن رَمِي پوءِ، رات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پٺ ڦيريندڙ رات شاہد آهي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رات جو جڏهن اها پٺيري ٿيندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رات جو جڏهن اها موٽي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) واپس ويندڙ رات جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالصُّبحِ إِذا أَسفَرَ (آيت : 34) |
۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ صبح جو (ٿيڻ به انهن قانونن تي شاهد آهي) جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قسم آهي صبح جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ صبح جو جڏهن روشن ٿئي ٿو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبح جو جڏهن روشن ٿئي (ته) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صبح جو (قسم آهي) جڏهن روشن ٿئي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صبح جو قسم جڏهن روشن ٿئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساک سُنهاري صُبح جِي، جڏ پِرھ ڦُٽي پِرڀات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ روشن ٿيل صبح شاهد آهي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ صبح جو جڏهن اهو روشن ٿيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ صبح جو جڏهن اهو روشن ٿئي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ روشن ٿيندڙ صبح جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّها لَإِحدَى الكُبَرِ (آيت : 35) |
ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهي (تبديليون قدرتي قانونن جي) وڏن واقعن مان هڪ (مثال) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اها (جهنم) وڏين مصيبتن مان هڪ مصيبت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهو (جهنم) به هڪ وڏي (آفت) آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو دوزخ وڏين شين مان هڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو(محمدﷺ جو ڊيڄارڻ) وڏن واقعن مان هڪ (واقعو) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي (دوزخ) وڏين شين مان هڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڏِي آھِ، وَڏِيَن مان، بيشڪ اِها بات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته دوزخ هڪ وڏي چيز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو دوزخ به وڏين شين مان هڪڙو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اها دوزخ به وڏين شين مان هڪ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهو (دوزخ به الله تعالى جي وڏين نشانين مان) هڪ وڏي نشاني آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَذيرًا لِلبَشَرِ (آيت : 36) |
(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن کي (هي مثال مڪافات ۽ حساب ڪتاب جي ٿيڻ واسطي) ڊيڄاريندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (توهان ان کان) ماڻهن کي ڊيڄاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پڻ) ماڻهن کي ڊيڃارڻ وارو آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڊڄاريندڙ انسان جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهوءَ کي ڊيڄارڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لِڱ ڪانڊارِيندڙ لات، آھِ آدم ذات لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جا اوهان مان هر ڪنهن شخص کي ڊيڄاري ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان لاءِ ڊيڄاريندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڊيڄاريندڙ انسانن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن انسانن کي ڊيڄارڻ واري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِمَن شاءَ مِنكُم أَن يَتَقَدَّمَ أَو يَتَأَخَّرَ (آيت : 37) |
اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي اوهان مان (اهڙن مثالن مان سبق وٺي) اڳتي وڌڻ يا پوئتي رهڻ گهرن، (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾ پنهنجي لاءِ فيصلو اوهان کي ئي ڪرڻو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان مان جيڪو چاهي اهو (خير ڏانهن) اڳتي وڌي ۽ جيڪو چاهي (خير کان) پوئتي ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (سڀ جي لاءِ نه پر) اوهان مان جو شخص (نيڪي ڏي) وک وڌائي ۽ (برائي کان) پٺتي هٽڻ گهري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي لاءِ جنهن گهريو اوهان مان ته اڳتي ٿئي يا پوئتي ٿئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اوهان مان اڳتي وڌڻ يا پوئتي رهڻ گهرن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعني) ان ماڻهو لاءِ جيڪو توهان مان اڳتي وڌڻ چاهي يا پوئتي هٽڻ چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ اوهان مان اُنهن لئي، هِئَ نَصِحيت نِبار، گُھري ته، اُسري اڳڀرو، يا پُرٖي پويِين پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو اوهان مان چاهي، ته اڳتي وڌي يا پوئتي رهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو اڳتي وڌڻ چاهي يا پٺتي رهجي وڃڻ گهري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها توهان مان ان شخص لاءِ آهي جيڪو اڳتي وڌڻ گهري يا پوئتي رهڻ گهري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي توهان مان (ڀلائي ۾) اڳتي وڌڻ چاهي يا پوئتي رهڻ چاهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت رَهينَةٌ (آيت : 38) |
سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا جي پاران ڪنهن سان به زيادتي نٿي ٿئي) سڀڪو نفس پنهجي ڪمائي جي ڪري سوگهو ٿئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هر انسان پنهنجي ڪيل عملن ۾ ضامن آهي (38) مگر (اُهي مؤمن) جيڪي باغن ۾ ساڄي پاسي هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ڪو نفس پنهنجي ڪمائي جي ڪري (گروي) پيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هر نفس ان ۾ جيڪو ڪيائين ڳهه رکيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀڪو نفس پنهنجي ڪمائي جي ڪري ڳهه پيل آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر شخص پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي گروي پيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر ڪِنهن جانَ، جَھان ۾، ڪيا جي ڪم ڪار، گِروِي، گِرفتار، اَوس آهي اُن م.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر شخص پنهنجن ڪيتن ۾ گروي ٿيل آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هرهڪ شخص پنهنجي ڪئي جي عيوض ڳهه پيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر شخص آهي پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي ۾ گروي رکيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هر انسان پنھنجي پنھنجي عمل جي بدلي ۾ گروي رکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا أَصحٰبَ اليَمينِ (آيت : 39) |
پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ساڄي پاسي وارن (نيڪوڪارن) کان سواءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر سڄي هٿ ۾ (نامه اعمال) وٺڻ وارن کان سواءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر سڄي هٿ وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ساڄي پاسي وارن کان سواءِ(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ساڄي پاسي وارن جي ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُن کان ڌار، سائـِين سائي هَٿ جا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهن جي، جي ساڄي پاسي وارا آهن. (_) هو باغن ۾ هوندا ۽ ڏوهارين کان گڏجي پڇندا ته، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ ساڄي پاسي وارن جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ساڄي پاسي وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر) ساڄي پاسي وارا ان کان بچيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى جَنّٰتٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 40) |
(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڇو ته اهي) باغن ۾ هوندا، هڪٻئي کان (حال احوال) پڇندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (بهشت جي) باغن ۾ هڪ ٻئي کي پڇي رهيا هوندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهشتن ۾ پڇندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ڇو ته اهي) باغن ۾ هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اِهي) باغن ۾ هوندا .. اهي پڇندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بالمِ باغ بهشت ۾، پُڇن (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو باغن ۾ هوندا ۽ گڏجي پڇندا (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي جنتن ۾ هوندا، هو پڇندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي باغن ۾ هوندا، پڇندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي جنت ۾ (هوندا) هو پُڇا ڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَنِ المُجرِمينَ (آيت : 41) |
ڏوھارين کان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏوهارين بابت (ته انهن مٿان ڇا ڇا گذريو هوندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڏوھارين کان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڏوهارين جي باري ۾(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مجرمن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ ٻئي کان ڏوهارين جو (حال) پڇندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڏوهارين کان(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاپين کان پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏوهارين کان(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏوهارين کان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏوهارين کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڏوهارين کان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما سَلَكَكُم فى سَقَرَ (آيت : 42) |
ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ جڏهن انهن ڏوهارين کي ڏسندا تڏهن چوندن ته) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه (تباهين جي هن) دوزخ ۾ وڌو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تہ اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙيءَ ڳالھ وڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آخر اوهان کي ڪهڙي ڳالھ دوزخ ۾ وڌو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته ڪنهن داخل ڪيو اوهان کي جهنم ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پوءِ جڏهن انهن کي ڏسندا تڏهن چوندن ته) اوهان کي ڪهڙيءَ ڳالهه دوزخ ۾ وڌو آهي؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ”توهان کي ڪهڙي ڳالهه دوزخ ۾ وٺي وئي آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن هاڃي ۾ هيڪار، آن کي، ڪاهي ڪِنهن هَنيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اوهان کي دوزخ ۾ ڪهڙيءَ ڳالهه وڌو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته "توهان کي دوزخ ۾ ڪهڙي شيءِ وٺي وئي؟"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ڪهڙي شيءِ توهان کي آندو دوزخ ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته توهان کي ڪهڙي شيءِ دوزخ ۾ وڌو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَم نَكُ مِنَ المُصَلّينَ (آيت : 43) |
چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي چوندا ته (اسان جو ڏوهه هي هو ته) اسين نڪي نمازين (عبادت ۽ اطاعت ڪندڙن) مان هئاسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) دوزخي چوندا اسين (دنيا ۾) نماز نه پڙهندا هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوندا ته اسين نڪي نمازين مان هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته نه هئاسون نماز پڙهندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي چوندا ته اسين نڪي نمازين مان هئاسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي چوندا: ”اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هَي هَي ! هُئاسُون ڪِين ڪِي، پَڙهندڙ نِمازون نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”اسين نڪي نمازي هئاسون، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو چوندا: "اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي چوندا، اسان نه هئاسين نماز پڙهڻ وارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو چوندا ته اسان نماز پڙهڻ وارن مان نه هئاسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَم نَكُ نُطعِمُ المِسكينَ (آيت : 44) |
۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين مسڪينن کي طعام نه کارائيندا هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نڪي مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه کاڌو کارائيندا هئاسون مسڪينن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي مسڪين کي کارائيندا هئاسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان مسڪينن کي کاڌو نه کارائيندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِيندا نه هُئاسون ڏُٻرن کي، مانِي ڌانِي مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مسڪين کي کاڌو نه کارائيندا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه هئاسين کاڌو کارائڻ وارا مسڪينن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي مسڪينن کي کاڌو کارائيندا هئاسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُنّا نَخوضُ مَعَ الخائِضينَ (آيت : 45) |
۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسين حق ۽ حق وارن خلاف ڳالهين بنائڻ وارن سان گڏ ڳالهيون بنائيندا هئاسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين اجاين ڳالهين ڪرڻ وارن سان گڏ اجايون ڳالهيون ڪندا هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهل باطل وارن سان گڏجي اسين به بري ڪم ۾ گهڙي پوندا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اجايون ڳالهيون ڪندا هئاسون اجايون ڳالهيون ڪندڙن سان گڏ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين ڳالهين بنائڻ وارن سان گڏ ڳالهيون بنائيندا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيهودن ڪمن وارن سان گڏجي اسان به بيهودا ڪم ڪندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ضِديَن سان ضَرُور، هُئاسُون ڀيڙا بَحث ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بڪواسين سان گڏجي بڪواس ڪندا هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حق جي برخلاف ڳالهيون ٺاهڻ وارن سان گڏجي اسان به ڳالهيون ٺاهڻ لڳندا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حق جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ وارن سان گڏجي اسين به ڳالهيون ڪندا هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سچي ڳالهه جي خلاف اسان به وات هڻندڙن سان گڏ وات هڻندا هئاسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُنّا نُكَذِّبُ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 46) |
۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حساب جي ڏينهن کي (۽ ان جي عذاب کي) ڪوڙو ڪندا هئاسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان قيامت جي ڏينهن جي تڪذيب ڪندا هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏينهن قيامت کي ڪوڙو ڪندا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙو چوندا هئاسون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ حساب جي ڏينهن کي ڪوڙو ڪندا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان حساب واري ڏينهن کي ڪوڙو سمجھندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُئاسون روز حساب کي، ڪُوڙو ڪوٺِيندا ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قيامت جي ڏينهن کي ڪوڙ سمجهندا هئاسون؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حساب ڪتاب جي ڏينهن کي ڪوڙ سڏيندا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هئاسين ڪوڙو ڀائيندڙ جزا جي ڏينهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ حساب ڪتاب واري ڏينھن کي ڪوڙو ڪندا هئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ أَتىٰنَا اليَقينُ (آيت : 47) |
تان جو اسان کي موت پھتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو (ان حالت ۾) اسان وٽ موت اچي پهتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو اسان وٽ موت آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اسان ائين ئي گذاريو) تان جو اسان وٽ موت پهتو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو آيو اسان وٽ موت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تان جو اسان وٽ موت پهتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تانجو اسان وٽ موت پهتو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان اَجل اَسان تي آئيو، پَڌر پَئـِي سَڀ ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو اچي اسان کي موت پهتو“_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو پڪ سان اچڻ واري شيءِ اسان وٽ اچي وئي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايستائين جو واسطو پيو يقيني شيءِ (قوت) سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايستائين جو اسان جي مٿان موت اچي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما تَنفَعُهُم شَفٰعَةُ الشّٰفِعينَ (آيت : 48) |
پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي (۽ هميشه انهيءَ ۾ رهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن (ڪافرن) کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نفعو نه ڏيندي انهن کي شفاعت شفاعت ڪندڙن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (ان وقت) انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش فائدو نه ڏيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي سفارش ڪندڙن جي سفارش نفعو نه ڏيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بَچائينِ نَه بَحال، واهِر، مِڙِني واهِرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين شفاعت ڪندڙن جي شفاعت فائدو ڪانه ڏيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت سفارش ڪندڙن جي ڪابه سفارش کين ڪوبه فائدو نه ڏيندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کين نفعو نه ملندو سفارش ڪندڙن جي سفارش جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو هاڻي کين ڪنھن به سفارشي جي سفارش (ڪوبه) فائدو نه ڏيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما لَهُم عَنِ التَّذكِرَةِ مُعرِضينَ (آيت : 49) |
پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (هاڻي جڏهن هي سڀ چٽيون حقيقتون انهن جي سامهون پيش ٿيون آهن ته پوءِ به) انهن کي ڇا ٿيو آهي جو (قرآن واري) نصيحت کان منهن موڙيندڙ (ٿيا) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو اهي نصيحت کان مُنهن موڙيندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت کان منهن موڙ ڪئي اٿن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇا آهي انهن کي جو نصيحت کان منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (هاڻي) انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت (قرآن) کان منهن موڙيندڙ (ٿيا) آهن؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي ڇا ٿيو آهي جو نصيحت (قرآن) کان منهن موڙيندڙ آهن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهي ڇا، اُنهن کي، ته ڪَنان مُوچارِئَ مَت، آڏي ڪَنڌ آهِين سي، سَندنِ اِي صفت، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڇا ٿيو اٿن؟ جو هو نصيحت کان ائين ٿا منهن موڙين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ ٿيو ڇا اٿن جو هي انهيءَ نصيحت کان منهن پيا موڙين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو اهي هن نصيحت کان منهن موڙي رهيا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هِنن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جو نصيحت (يعني قرآن) کان منھن موڙي ويٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَنَّهُم حُمُرٌ مُستَنفِرَةٌ (آيت : 50) |
ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪي ڪنڌ ڪڍائڻ لاءِ ائين ٽاهه ٿا کائن) ڄڻ ته اهي (جهنگلي) ٽهندڙ گڏهه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڄڻ تہ اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڄڻ ته اهي جنگلي گڏھ آهن،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته اهي گڏهه ٽهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڄڻ ته اهي ٽهندڙ گڏهه آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڄڻڪ اُهي ٽهندڙ گڏهه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گوهيون ڏِيندڙ گوڙ کان، گَڏھ جِھڙي گَت،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ڄڻ ته ٽهندڙ گڏهه آهن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڄڻ ته ٽهندڙ گڏهه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄڻ ته اهي گڏهه آهن جهنگلي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڄڻ ته اهي ٽاهه کائيندڙ جهنگلي گڏهه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَرَّت مِن قَسوَرَةٍ (آيت : 51) |
جي شينھن کان ڀڳا ھجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جي شينھن کان ڀڳا ھجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شينهن کان (دم دٻائي) ڀڄن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڀڄن پيا شينهن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي شينهن کان ڀڳا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀڳا سي ڪِنهن ڀَٿ، هَنگامي ۽ هُل ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي شينهن کان ڀڳا هجن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي شينهن کان ڊڄي ڪري ڀڳا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڀڳا آهن شينهن کان ڊڄي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي شينھن کي ڏسي (وٺي) ڀڄندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل يُريدُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُؤتىٰ صُحُفًا مُنَشَّرَةً (آيت : 52) |
بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهن مان هرهڪ مڙس گهري ٿو ته ان کي (ڪنهن اجتماعي نظام بجاءِ انفرادي مفادن واسطي) چٽا ڪتاب (قانون) ڏنا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ انهن مان هر هڪ انسان چاهي ٿو ته ان کي کليل صحيفو (ڪتاب) ڏنو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اصل ۾ هيءَ (ڳالھ) آهي ته انهن مان هر شخص جي هيءَ تمنا آهي ته کيس کليل (آسماني ڪتاب) عطا ڪيا وڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ ارادو ڪري ٿو هر مرد انهن مان هي ته ڏنو وڃي دفتر کليل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر انهن مان هرهڪ مرد گهري ٿو ته ان کي کليل ڪتاب ڏنا وڃن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه انهن مان هر ماڻهو چاهي ٿو ته ان کي کليل (آسماني) صحيفا ڏنا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو گُھري، اُنهن مَنجھان، هَر مرد اِها مُراد، ته اُن کي، ٿيئٖي اِمداد، ڪو خط خُلاصو خير جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ منجهانئن هر شخص ائين ٿو چاهي ته کيس کليل ڪتاب ملن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه انهن مان ته هرهڪ چاهي ٿو ته سندس نالي کليل خط اماڻيا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر گهري ٿو انهن مان هرهڪ ته کين سندن نالي کليل خط (صحيفا) موڪليا وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان هرهڪ جي اها خواهش آهي ته کليل ڪتاب ان ڏي ئي موڪليو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا بَل لا يَخافونَ الءاخِرَةَ (آيت : 53) |
ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين ته هرگز نه ٿيندو اهو ان ڪري آهي جو هو (عارضي مفاد تي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ هميشه رهڻ واري) آخرت کان نٿا ڊڄن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بلڪِ اهي آخرت جو خوف نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ائين ته هرگز نه ٿيندو. پر اهي ته آخرت کان ئي نه ٿا ڊڄن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بلڪ نه ٿا ڊڄن آخرت کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين نه ٿيندو. پر اهي آخرت کان نه ٿا ڊڄن (ان ڪري قرآن نه ٿا ٻڌن) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ائين نه ٿيندو. بلڪه اُهي آخرت کان نه ٿا ڊڄن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُونهو، آخِرت کان، بَلڪ نه ڊِڄن بيداد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ناهي، بلڪ هو آخرت کان نٿا ڊڄن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه! اصل ڳالهه اها آهي ته انهن کي آخرت جو ڪو ڀؤ ئي ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه! اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهي نٿا ڊڄن آخرت کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! هنن کي ته آخرت جو ڪو خوف نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِنَّهُ تَذكِرَةٌ (آيت : 54) |
سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ ڄاڻو ته بيشڪ هي قرآن هڪ کليل نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ها! ها! بيشڪ هي (قرآن سراسر) نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بيشڪ اها نصيحت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار رهو بيشڪ قرآن هڪ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! بيشڪ اِهو (قرآن) هڪ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ياداشت، يَقِين سان، جو گُھري، ته رکيس ياد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سچ آهي ته بيشڪ هي نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، اها ته هڪڙي نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، بيشڪ هي نصيحت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرگز نه! هي (قرآن) ته هڪ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن شاءَ ذَكَرَهُ (آيت : 55) |
پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪو (هن زندگي ۽ آخرت ۾ چڱايون) گهري سو ان مان نصيحت وٺي (ان جي مطابق زندگي گذاري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو چاهي ان کان نصيحت وٺي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيڪو گهري سو ياد رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪو گهري ته نصيحت حاصل ڪري ان کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪو چاهي سو ان کي ياد رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ياد نه ڪَن اِرشاد، مَگر گُھري مُون ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪو چاهي سو کيس پڙهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جنهن جي دل گهري ته ان مان سبق پرائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جنهن جي دل گهري ان مان سبق وٺي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن جي دل گهري ان مان نصيحت وٺي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَذكُرونَ إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ هُوَ أَهلُ التَّقوىٰ وَأَهلُ المَغفِرَةِ (آيت : 56) |
۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي تڏهن ئي نصيحت حاصل ڪري سگهندا جڏهن الله گهري (۽ الله گهرندو تڏهن جڏهن هو الله جي رضا ۽ مشيت گهرندا هجن) اهوئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهوئي (پاڻ کان ڊڄڻ وارن ۽ سندس قانون تي هلڻ وارن جون ڪوتاهيون) معاف ڪرڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿا نصيحت حاصل ڪن مگر الله تعالى جي گھُر سان اُن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ ان کي بخشش سونهي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي ارادي کان سواءِ ته اهي ياد رکي نه ٿا سگهن. اهو ئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ (اهو ئي) معاف ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه نصيحت وٺندا مگر هي ته گهري الله اهوئي ڊڄڻ جو اهل آهي ۽ مغفرت جو اهل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي تڏهن ئي ياد رکندا جڏهن الله گهري. اهوئي آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ (اهوئي) معاف ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ياد نه رکندا مگر جڏهن الله گهري. اُهو ئي حقدار آهي جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو ئي بخشش جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهوئـِي آهي سو، جِنهن کان ڪَنبڻ آهي ڪار، ۽ بيشڪ بَخشڻهار، مَرهڻ وارو مِهر سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نصيحت فقط اهي ئي وٺندا جنهن کي الله گهرندو، اهي ئي نيڪ آهن ۽ اهي ئي بخشش جا لائق آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ته ڪو سبق نه پرائيندا، پر جي الله ائين گهري، (الله) اهوئي آهي، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو بخشش جو به مالڪ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي نه وٺندا هئا ڪو سبق، ها جي ائين گهري ها الله، اهو (الله) ان ڳالهه جو حقدار آهي جو کانئس ڊڄڻ گهرجي ۽ اهو ئي بخشڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن الله تعالى چاهيندو ته پوءِ ئي اُهي نصيحت وٺي سگهن ٿا. اهو (الله) ئي آهي جنھن کان ڊڄڻ گهرجي ۽ اهوئي معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |