توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا المُزَّمِّلُ (آيت : 1) |
اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي وڏا بار کڻندڙ (پيغمبر!).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي نبوت جي چادر ڍڪيندڙ حبيب(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي (منهنجا) چادر پائڻ وارا (رسول)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي چادر ويڙهندڙ! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي وڏو بار کڻندڙ (پيغمبر !) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي چادر ڍڪڻ وارا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اوڍيندڙ شال!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ڪپڙي ويڙهيل! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ويڙهجي سيڙهجي سمهڻ وارا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي ويڙهجي سمهڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي چادر ڍڪي سمهڻ وارا! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُمِ الَّيلَ إِلّا قَليلًا (آيت : 2) |
رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) رات جو (عبادت، تعليم ۽ تربيت لاءِ) اُٿ پر ٿورو حصو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان رات جو ٿورو حصو (عبادت لاءِ) اُٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) رات جو (نماز لاءِ) اٿي کڙو ٿي پر (ساري رات نه) ٿوري رات(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رات جو (نماز لاءِ) اٿو مگر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رات جو (تهجد نماز لاءِ) کڙو ٿي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رات جو (تهجد نماز لاءِ) بيهه مگر ٿوري دير. (آرام به ڪر)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيھہ ڀَليرا رات ۾، مگر قَدر قليل ڪو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رات جو عبادت ڀلي ڪر، پر ٿوري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جو نماز ۾ بيهندو ڪر، سواءِ ڪنهن ٿوري وقت جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيهندو ڪر رات جو (نماز ۾) پر ٿورو وقت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رات جو ڪجهه حصو (نماز لاءِ) اٿندو ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نِصفَهُ أَوِ انقُص مِنهُ قَليلًا (آيت : 3) |
رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) رات جي اڌ تائين يا ان کان ڪجهه گهٽ ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اڌ حصو يا اُن کان ڪُجھه گھٽ حصو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اڌ ٿئي يا ان کان به ڪجھ گهٽ ڪري ڇڏ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جو اڌ يا ان مان گهٽ ڪر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٿوري (رات) کان سواءِ رات جو اڌ ٿئي يا ان کان ڪجهه گهٽ ڪر، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رات جو اڌ يا ان کان ڪجهه گهٽ ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جو اَڌو ڇال، ڪُجھ گَھٽ ڪر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني سندس اڌ يا ان کان ڪجهه گهٽ ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جو اڌ يا ان مان ڪجهه گهٽ ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جو اڌ يا گهٽ ۽ ان کان (اڃا به) ٿورو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اڌ رات هجي يا ان کان ٿورو کڻي گهٽ حصو هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو زِد عَلَيهِ وَرَتِّلِ القُرءانَ تَرتيلًا (آيت : 4) |
يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ان کان وڌاءِ! ۽ قرآن ٺاهي (ڍاري اکر اکر ڪري) پڙهه (ته جيئن ان کي ٻڌندڙ سمجهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ڪجھه ان کان زياده ڪريو (مطلب ته توهان کي اختيار آهي) ۽ توهان قرآن ڪريم چـڱي طرح جھَلي جھَلي پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ان کان ڪجھ وڌائي! پڻ قرآن کي باقاعدي جهلي جهلي پڙهندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا وڌاءِ ان تي ۽ ٺاهي پڙهه ٺاهي پڙهڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ان کان وڌاءِ! ۽ قرآن ٺاهي پڙهه! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ان کان ڪجهه زياده ڪر ۽ قرآن کي ٺاهي ٺاهي پڙهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ گھڻو اُن کان مُرسل! مَرضِي نال، پَڙھ قُرآن ڪَرِيم کي، لات چڱِئَ سان لال!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا وڌ، ۽ قرآن ٺاهي ٺاهي پڙهه. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا ان ۾ ڪجهه وڌاءِ ۽ قرآن کي خوب ٺاهي ٺاهي پڙهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وڌائي ڇڏ ان کان ۽ پڙهه قرآن کي ٺاهي ٺاهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا اڌ رات کان کڻي ڪجهه حصو وڌاءِ ۽ (نماز ۾) قرآن مجيد ٺاهي ٺاهي پڙهندو ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا سَنُلقى عَلَيكَ قَولًا ثَقيلًا (آيت : 5) |
بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسين توتي (قرآن جي ذريعي معاشري ۾ انقلاب آڻڻ جو) وڏو ڪم رکڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين توهان تي قرآن ڪريم نازل ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين جلد ئي تو تي هڪ ڳرو حڪم نازل ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين جلد القاءُ ڪنداسون توتي قول ڳرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين توتي وڏو ڪم رکڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان جلد تو تي هڪ ڳرو فرمان نازل ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُرت رکنداسون تو مٿي، ڪو بارِي بار بحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين جلد ئي توتي هڪ ڳرو حڪم موڪلينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توتي ڏاڍو ڳرو ڪلام نازل ڪرڻ وارا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان نازل ڪرڻ وارا آهيون توتي ڪلام ڳرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي اسان تنھنجي مٿان تمام سخت ذميداري رکڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ ناشِئَةَ الَّيلِ هِىَ أَشَدُّ وَطـًٔا وَأَقوَمُ قيلًا (آيت : 6) |
بيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس جي تن آسانيءَ کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت (ٺيڪ) آهي ۽ ان وقت ڳالهه تمام چٽي ٿي نڪري ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ (عبادت لاءِ) رات جو اٿڻ اهو سخت بار آهي ۽ (ان ۾) قرآن ڪريم جي تلاوت بهتر ٿئي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت آهي ۽ تمام دلجاءِ سان ذڪر (عبادت) جو وقت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اٿڻ رات جو اهو سخت آهي لتاڙڻ جي لحاظ سان ۽ وڌيڪ درست ڪندڙ قول کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ ۾ تمام سخت آهي ۽ ان وقت ڳالهه تمام برابر نڪري ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) قابو ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ ڳالهه وڌيڪ سڌي ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ بِيهڻ رات جو، آهي سَخت سُوال، ڪارن مارڻ نفس جي، پڻ سولِي ڳرهڻ ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ رات جو اٿڻ نفس کي تمام جهڪو ڪري ٿو ۽ تمام سڌي ڳالهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته رات جو اٿڻ نفس تي ضابطو رکڻ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو آهي ۽ قرآن سنئينءَ طرح پڙهڻ لاءِ به ڏاڍو مناسب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اٿڻ رات جو (نفس کي) قابو ڪرڻ لاءِ ڪارائتو آهي (قرآن کي چڱي طرح پڙهڻ لاءِ) موزون ڳالهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ رات جو اٿڻ (نفس کي) نرم ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهي ۽ قرآن مجيد کي صحيح صحيح پڙهڻ لاءِ به اهو مناسب وقت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ لَكَ فِى النَّهارِ سَبحًا طَويلًا (آيت : 7) |
بيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ توکي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي. (ان ڪري تربيت جا سڪون وارا ڪم رات جو ڪر).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي بيشڪ توهان لاءِ ڏينهن ۾ تمام گھڻي مصروفيت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تو کي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ تنهنجي لاءِ ڏينهن ۾مصروفيت ڊگهي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ توکي ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تو لاءِ ڏينهن ۾ گهڻو ڪم ڪار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن اَوهان تي ڏِينهن ۾، ڪيڏا ڪم ڪمال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو کي ته ڏينهن ۾ گهڻو ڪم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏينهن جو ته تو لاءِ گهڻا ڪم ڪاريون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجي لاءِ ڏينهن جي وقت معاملات گهڻا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ڏينھن جي وقت ۾ توکي تمام گهڻي مصروفيت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُرِ اسمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّل إِلَيهِ تَبتيلًا (آيت : 8) |
۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪ طرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو (۽ ان جون صفتون) اڳيان رک (توکي انهن صفتن کي معاشري ۾ عملي طرح نافذ ڪرڻو آهي) ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي رب جو نالو ياد ڪريو ۽ سڀني کان جُدا ٿي فقط اُن ڏانهن متوجه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ پنهنجي پالڻهار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪر ۽ (سڀني کان) ڪٽجي رهه ان ڏانهن بلڪل ڪٽجڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني کان جدا ٿي ان جو ٿيءُ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي نالي جو ذڪر ڪر ۽ سڀني کان ڇڄي صرف ان جو ٿي وڃ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سار، سَندِئي سائـِينءَ جو، نالو نُور نِهال، وَر وَرڻ کي اُن ڏي، ٻِئا سَڀ خام خيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون پنهنجي ڌڻيءَ جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان هڪ طرفو ٿي هن ڏي چڱيءَ طرح مهاڙ ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جو نالو ياد ڪندو ڪر ۽ سڀني کان پاسيرو ٿي ان جو ئي ٿي وڃ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ذڪر ڪندو رهه پنهنجي رب جو ۽ ڌار ٿي سڀني کان انهيءَ جو ٿي وڃ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي پالڻھار جي نالي جو ذڪر ڪندو رهه ۽ سڀني کان الڳ ٿي ان ڏي ئي متوجھه ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَاتَّخِذهُ وَكيلًا (آيت : 9) |
جو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو) اڀرندي ۽ الهندي جو مالڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪارساز نه آهي، پوءِ تون (ڪوبه فڪر نه ڪر ۽) ان کي پنهنجن ڪمن بنائڻ وارو ڪري وٺ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهو مشرق ۽ مغرب جو رب آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، پوءِ توهان اُن کي ڪارساز بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ئي) اوڀر ۽ اولھ جو مالڪ (مختار) آهي ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ تون ان کي پنهنجو ڪارساز بنائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب اوڀر جو ۽ اولهه جو ناهي ڪو عبادت جي لائق ان کان سواءِ پوءِ وٺ ان کي ڪارساز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) اڀرندي ۽ الهندي جو مالڪ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي پوءِ تون ان کي پنهنجن ڪمن بنائڻ وارو ڪري وٺ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو اوڀر ۽ اولهه جو مالڪ آهي ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ تون ان کي ڪارساز بناءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوڀر ڪِ اولھ پار جو، ڏينهن رات جو رکپال، تِنهن ڌاران درگاھ ناھِ ڪا، ٻيون جاٽون سَڀ جَنجال، هِتي، هُتي جو حال، ڪر حوالي اُن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اوڀر ۽ اولهه جو ڌڻي آهي، ان ڌاران ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڪري تون کيس ئي ڀر جهلو بناءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو اوڀر توڙي اولهه جو رب آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنڪري انهيءَ کي ئي پنهنجو ڪارساز بڻاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو رب آهي اوڀر ۽ اولهه جو، ان بنا ڪوبه خدا ناهي، ان ڪري کيس پنهنجو ڪارساز بناءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هو) اولهه ۽ اوڀر جو پالڻھار آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. ان کي ئي سڀ معاملا درست ڪرڻ وارو سمجهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاهجُرهُم هَجرًا جَميلًا (آيت : 10) |
۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن (جو ڪوبه اثر نه وٺ ۽ ان) تي صبر ڪر ۽ کين چڱي وڙ سان ڇڏي ڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن جي اعتراضن تي صبر ڪريو ۽ توهان انهن کي سهڻي نموني سان ڇڏي ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر! ۽ کين چڱي نموني ڇڏي ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبرڪر ان تي جيڪو چون ٿا ۽ ڇڏي ڏي انهن کي ڇڏڻ سهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڪافر) جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر ۽ کين چٽي نموني ڇڏي ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صبر ڪر ان (مِهڻن) مٿان جيڪي اُهي (ڪافر) چون ٿا ۽ کين سهڻي نموني ڇڏي ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَھ سونهان، تون پان تي!، جي تَڙيون ڏِينئي توڙ، ۽ ٽوڙي اُنهن سان ٽوڙ، ناتا نَموني نيڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن جي ڳالهائڻ تي صبر ڪر ۽ کين چڱيءَ طرح سان ڇڏي ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ڳالهيون ماڻهو ڪن ٿا تن تي صبر ڪر ۽ کانئن سهڻي نموني ۾ ڌار ٿي وڃ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي ماڻهو چون ٿا ۽ ڌار ٿي وڃ انهن کان سهڻي نموني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن جي ڳالهين تي صبر ڪر ۽ انهن کان سھڻي طريقي سان پاسو ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَذَرنى وَالمُكَذِّبينَ أُولِى النَّعمَةِ وَمَهِّلهُم قَليلًا (آيت : 11) |
۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي ۽ (منهنجي قانونن کي دولت جي نشي ۾) اجايو ڪندڙن دولتمندن کي (اسان جي مڪافات وارن قانونن) جي حوالي ڪر ۽ کين ٿوري مهلت ڏي. (اسان جو قانون انهن سان پاڻهي نبري وٺندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان تڪذيب ڪندڙ وڏن ماڻهن کي ۽ مون کي ڇڏي ڏيو ۽ توهان انهن کي ٿوري مهلت ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مون کي، انهن ڪوڙي ڪندڙن سان جي آسودا آهن سمجهڻ ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏي ڏي مون کي ۽ ڪوڙو چوندڙن مالدارن کي ۽ مهلت ڏي انهن کي ٿوري . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون کي ۽ ڪوڙو ڪندڙن آسودن کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪوڙو چوندڙ مالدارن کي پُڄَڻَ لاءِ مون کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿورڙي مهلت ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇَڏ مُون ۽ اُنهن کي، ڪُوڙ جِن جِي ڪار، جي مالِڪ بَنيا مال جا، جِن جا، آجھانگا اَپار، ۽ مُهلت ڏِبَيَنِ مَهل ڪا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مون کي ۽ انهن نه وسهندڙ آسودن کي ڇڏي ڏي ۽ کين ٿوري مهلت ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ڪوڙو سڏيندڙ آسودن ماڻهن سان نبرڻ جو ڪم تون مون تي ڇڏي ڏي ۽ انهن کي ٿوري وقت لاءِ انهيءَ حالت تي ڇڏي ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏي ڏي مون کي ۽ انهن ڪوڙو ڪندڙن خوشحالن کي ۽ پڻ انهن کي مهلت ڏي ٿورڙي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ڪوڙن ۽ خوشحال ماڻهن جي معاملن کي مون تي ڇڏي ڏي ۽ انهن کي پنھنجي حال تي ئي ڇڏي ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ لَدَينا أَنكالًا وَجَحيمًا (آيت : 12) |
بيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان وٽ (ان ڏينهن اسان جي نعمتن جي ناشڪري ڪندڙ انهن سرمائيدارن لاءِ) هٿ ڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه (تيار آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان وٽ ڳريون ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باه(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان وٽ هٿڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان وٽ نيل (ڏنڊا ٻيڙيون) ۽ باهه آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان وٽ (ان ڏينهن) هٿ ڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان وٽ وزني (ڏنڊا) ٻيڙيون آهن ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اسان وٽ اُنهن هارِ، زورا زور زَنجِير ڪَئين، باهيون بيشمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان وٽ (هنن لاءِ) ڳرا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اسان وٽ (انهن لاءِ) ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان وٽ انهن لاءِ ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان وٽ ٿلهيون هٿ ڪڙيون ۽ ڀڙڪندڙ باهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَطَعامًا ذا غُصَّةٍ وَعَذابًا أَليمًا (آيت : 13) |
۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب هوندو. (جو انهن دنيا ۾ ٻين جي نڙيءَ جا گرهه روڪيا هوندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اُهو طعام آهي جيڪو نڙيءَ کان هيٺ نه لهي ۽ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نڙي ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب (به)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کاڌو گُـهٽي ڏيڻ وارو ۽ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪڻ وارو کاڌو ۽ دردناڪ عذاب هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نِڙِيءَ ۾ اَٽِڪندڙُ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ طعام تلخ تيار، ۽ سُورن ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڙي گهٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نـڙيءَ ۾ اٽڪندڙ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کاڌو نڙي گهٽيندڙ آهي ۽ عذاب تمام سخت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نڙيءَ ۾ اٽڪندڙ کاڌو ۽ دردناڪ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَرجُفُ الأَرضُ وَالجِبالُ وَكانَتِ الجِبالُ كَثيبًا مَهيلًا (آيت : 14) |
جنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل هاريل واريءَ جي دڙي جهڙا ٿي پوندا. (ان وقت باقي انهن مغرور دولتمندن جي حيثيت ڇا هوندي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُن ڏينهن زمين ۽ جبل ٿرٿلي ۾ هوندا ۽ جبل (ان ڏينهن) واريءَ جي ڍِڳن وانگر وهندڙ هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌڏندا ۽ جبل هاريل واري جي دڙي جهڙا ٿي پوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڌٻندي زمين ۽ جبل ۽ هوندا جبل واريءَ جا ڍير وهايل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل ڌُٻندا ۽ جبل هاريل واريءَ جي دڙي جهڙا ٿي پوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهو سڀ تڏهن ٿيندو) جنهن ڏينهن زمين ۽ جبل لرزندا ۽ جبل هاريل واريءَ جي دڙي وانگر ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ڏِينهن ڌَرتِي ڌُٻندِي، پڻ جوراڻا جَبَل، ۽ پَهڻ تِنهن پَل، ڀَٽڪندڙ هوندا ڀِٽ جِيئن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ڏينهن جڏهن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا هاريل ڍڳ ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو انهيءَ ڏينهن ٿيندو، جڏهن زمين ۽ جبل ڌڏڻ لڳندا ۽ جبل ائين ٿي ويندا جو ڄڻ ته واريءَ جا ڍير آهن، جيڪي کنڊري رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ان ڏينهن ٿيندو جڏهن ڌٻندا زمين ۽ جبل ۽ حال ائين هوندو جبلن جو جيئن هجن ڍڳ واريءَ جا (جيڪي) پکڙجي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن زمين ۽ جبل ڌُڏي ويندا ۽ جبل هاريل واريءَ جا ڍڳ ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنا إِلَيكُم رَسولًا شٰهِدًا عَلَيكُم كَما أَرسَلنا إِلىٰ فِرعَونَ رَسولًا (آيت : 15) |
(اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي ماڻهو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي هڪ پيغمبر اوهان تي (چڱاين ۽ مداين جي واٽ جي) شاهدي ڏيندڙ (محمد) موڪليو آهي، جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسيٰ) موڪليوسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان توهان ڏانهن رسولِ عربي کي توهان تي شاهد ڪري موڪليوسين جيئنڪ اسان فرعون ڏانهن موسيٰ کي پيغمبر ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مڪي وارو!) اسان اوهان ڏي (اهڙي طرح) هڪ رسول (محمد) کي موڪليو آهي جيڪو اوهان جي معاملي بابت شاهدي ڏئي. جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسى کي) موڪليو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو اوهان ڏانهن رسول شاهدي ڏيندڙ اوهان تي جيئن موڪليوسون فرعون ڏانهن رسول .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ماڻهو!) بيشڪ اسان اوهان ڏي هڪ پيغمبر اوهان تي شاهدي ڏيندڙ (محمدﷺ) موڪليو آهي، جيئن فرعون ڏي هڪ رسول (موسيٰٰٰ) موڪليوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان اوهان ڏانهن هڪ رسول (محمد ڪريم ﷺ) اوهان مٿان شاهدي ڏيڻ وارو بنائي (اهڙي طرح ) موڪليو آهي جيئن اسان فرعون ڏانهن هڪ رسول (موسى) موڪليو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اَوهان ڏي موڪليو، ڪو سُونهون، سُرت سُڄاڻ، آهي شاهِد اَوهان مَٿي، هِتي، هُتي سو هاڻ، جِيئن ڦِريل فِرعون ڏي، اُماڻيو سون اڳواڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! اسان اوهان ڏانهن به هڪ حڪم ٻڌائيندڙ رسول موڪليو، جيئن فرعون ڏانهن به رسول موڪليوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ڏي اسان ائين هڪڙو رسول توهان تي شاهد ڪري موڪليو آهي، جيئن اسان فرعون ڏي هڪڙو رسول موڪليو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان موڪليو آهي توهان وٽ هڪ رسول شاهدي ڏيندڙ توهان تي، جيئن موڪليوسين اسان فرعون ڏي هڪ رسول(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي وارؤ!) بيشڪ اسان توهان ڏانھن شاهدي ڏيندڙ هڪ رسول سڳورو موڪليو هو، جيئن اسان فرعون ڏانھن هڪ رسول سڳورو موڪليو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعَصىٰ فِرعَونُ الرَّسولَ فَأَخَذنٰهُ أَخذًا وَبيلًا (آيت : 16) |
پوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (طاقت ۽ معتبريءَ جي اجائي گهمنڊ واري) فرعون ان رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ اسان (سرڪشي ڪرڻ سبب) ان تي سخت پڪڙ ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ فرعون، موسيٰ جِي بَي فرماني ڪئي پوءِ اسان اُن تي سخت پڪڙ ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ فرعون ان رسول جي نافرماني ڪئي ته اسان (ان جي) سزا ۾ کيس سخت پڪڙ ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بي فرماني ڪئي فرعون رسول جي پوءِ پڪڙيوسون ان کي پڪڙڻ سختيءَ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ فرعون ان رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ اسان ان تي سخت پڪڙ ڪئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ فرعون ان رسول جي نافرمان ڪئي پوءِ اسان ان جي پڪڙ ڪئي سخت پڪڙ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ فِرعون مَڃِي ڪان ڪا، اُن اُماڻِيَل جِي آڻ، تڏهن پَڪڙيَسِ اَسان پاڻ، پَڪڙڻ سَخت پَڇاڙ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ فرعون رسول جو چيو نه مڃيو، ان ڪري ان تي سخت عذاب وڌوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (ڏسو جڏهن) فرعون انهيءَ رسول جي ڳالهه نه مڃي ته اسان کيس سختيءَ سان پڪڙيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (پوءِ ڏسو ته) نه مڃي ڳالهه فرعون رسول جي، پوءِ اسان کيس پڪڙيوسين سختي سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ فرعون، رسول سڳوري جي نافرماني ڪئي ته اسان کيس انتھائي سختيءَ سان پڪڙيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ تَتَّقونَ إِن كَفَرتُم يَومًا يَجعَلُ الوِلدٰنَ شيبًا (آيت : 17) |
پوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن اوهان (تڇ سرمائيدارن اسان جي حڪمن کي مڃڻ جو) انڪار ڪيو ته ان ڏينهن کان ڪيئن بچي سگهندو، جيڪو (ڏينهن پنهنجي سختي ۽ ڊيگهه سبب) ٻارن کي ٻڍو ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ڪيئن بچندا جيڪڏهن ڪفر ڪندا، اهو قيامت جو ڏينهن جيڪو ٻارن کي (هيبت ۽ خوف ۽ رعب جي ڪري) پوڙهو ڪري ڇڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهين به نه مڃيندو ته ان ڏينهن (جي عذاب) کان ڪئين بچي سگهندو، جيڪو ڇوڪرن کي پوڙهو ڪري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيئن بچندؤ جيڪڏهن ڪفر ڪَــيُـوَ ان ڏينهن جيڪو بنائيندو ٻارن کي پوڙهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهان ڪفر ڪيو ته ان ڏينهن کان ڪيئن بچي سگهندؤ جيڪو ڇوڪرن کي ٻڍو ڪندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر توهان ڪفر ڪندا رهيا ته پوءِ ان ڏينهن (جي عذاب) کان ڪيئن بچي سگهندا جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪري ڇڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي ڦِريا فرمان کان، ته بَچندا ڪِيئن بَدنام، اُنهِئ ڏِينهن کان، ڪنان روز قيام، جو ٻُڍو ٻارن کي ڪَندو، تابش ساڻ تمام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن اوهين ڪفر ڪندا ته اهڙي ڏينهن کان ڪيئن بچندا؟ جيڪو ٻارن کي پوڙهو ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان مڃڻ کان انڪار ڪندؤ ته انهيءَ ڏينهن ڪيئن بچي ويندؤ، جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪري ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ ڪيئن بچندا جيڪڏهن توهان انڪار ڪندا مڃڻ کان ته ان ڏينهن جيڪو بڻائيندو ٻارن کي ٻڍڙو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان به (هِن رسول سڳوري کي) نه مڃيندا ته پوءِ ان ڏينھن کان ڪيئن بچي سگهندا جيڪو ٻارن کي (وقت کان اڳي) پوڙهو ڪري ڇڏيندو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
السَّماءُ مُنفَطِرٌ بِهِ كانَ وَعدُهُ مَفعولًا (آيت : 18) |
اُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو، (اهڙي تباهيءَ لاءِ) سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آسمان اُن جي خوف کان ڦاٽي پوندو، الله جو ڪيل وعدو پورو ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو. (اهو) سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آسمان ڦاٽندڙ هوندو ان سان هوندو ان جو وعدو پورو ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمان ان ڏينهن ڦاٽندو. سندس وعدو پورو ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمان ڦاٽي پوندو ان (ڏينهن جي صدمي) کان. الله جو وعدو پورو ٿي رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦاٽل اُڀ اُن ڏِينهن ۾، جِتان ڪٿان جام، ۽ اُنهِئَ جو اَنجام، پاريل ڄاڻيج پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ آسمان ڦاٽندو- اهو الله جو انجام ضرور پورو ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن جي سختيءَ کان آسمان پيو ڦاٽندو هوندو؟ الله جو وعدو ته پورو ٿي رهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آسمان ان جي سختي سان ڦاٽي پوندو، اهو (الله) جو وعدو پورو ٿيڻو ئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن ڏينھن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ الله تعالى جو وعدو ضرور پورو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذِهِ تَذكِرَةٌ فَمَن شاءَ اتَّخَذَ إِلىٰ رَبِّهِ سَبيلًا (آيت : 19) |
بيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت (۽ عبرت وٺڻ لاءِ تاريخي حقيقت) آهي. پوءِ جيڪو (پنهنجو خير) گهري، سو پنهنجي پاليندڙ (جي پالڻهاريءَ وارو) رستو وٺي. (۽ پنهنجو رزق ضرورتمندن تي کولي ڇڏي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هيءَ نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي ته اهو پنهنجي رب ڏانهن سنئين راه وٺي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري سو پنهنجي پالڻهار جي راھ اختيار ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هيءَ نصيحت آهي پوءِ جيڪو گهري ته پنهنجي رب ڏانهن واٽ وٺي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءَ هڪ نصيحت آهي. پوءِ جيڪو گهري سو پنهنجي پاليندڙ ڏي رستو وٺي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي (قرآن) نصيحت آهي، پوءِ جيڪو چاهي پنهنجي پالڻهار ڏانهن پهچڻ جو رستو وٺي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته تون رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (تهجد نماز ۾) بيهين ٿو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽين پتي ۽ انهن ماڻهن جي جماعت جيڪي تو سان گڏ آهن (سا به تو سان گڏ قيام ڪري ٿي). ۽ الله ئي رات ۽ ڏينهن (جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ) جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهان وقتن جو صحيح ڳاڻيٽو ڪري نه سگهندؤ سو ان توهان تي مهرباني فرمائي، پوءِ جيترو سهولت سان ٿي سگهي اوترو قرآن پڙهو. اُهو ڄاڻي ٿو ته اوهان (مان ڪي) بيمار ٿي پوندا ۽ ٻيا زمين ۾ سفر ڪندا هن لاءِ ته الله جو فضل (حلال روزگار) تلاش ڪن، ۽ ٻيا الله جي راهه ۾ جنگ ڪندا(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي سَبَق ساڃاءِ جو، هِئَ نصِيحت نِبار، پوءِ پَنهنجي پَروَر پارَ، وَڻيسِ سو واٽ وَٺي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، هيءَ ته آهي نصيحت! پوءِ جنهن جي مرضي پوي، سو سندس ڌڻيءَ جي واٽ وٺي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءَ هڪڙي نصيحت آهي، هاڻي جنهن جي دل گهري ته پنهنجي رب ڏانهن هلڻ واري واٽ وٺي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي هڪ نصيحت آهي، جنهن کي وڻي سو پنهنجي پالڻهار ڏي وڃڻ جي راهه اختيار ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي (قرآن) هڪ نصيحت آهي، جيڪو (نصيحت) وٺڻ چاهي اهو پنھنجي پالڻھار جو (ٻڌايل) رستو اختيار ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّكَ يَعلَمُ أَنَّكَ تَقومُ أَدنىٰ مِن ثُلُثَىِ الَّيلِ وَنِصفَهُ وَثُلُثَهُ وَطائِفَةٌ مِنَ الَّذينَ مَعَكَ وَاللَّهُ يُقَدِّرُ الَّيلَ وَالنَّهارَ عَلِمَ أَن لَن تُحصوهُ فَتابَ عَلَيكُم فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنَ القُرءانِ عَلِمَ أَن سَيَكونُ مِنكُم مَرضىٰ وَءاخَرونَ يَضرِبونَ فِى الأَرضِ يَبتَغونَ مِن فَضلِ اللَّهِ وَءاخَرونَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ فَاقرَءوا ما تَيَسَّرَ مِنهُ وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا وَما تُقَدِّموا لِأَنفُسِكُم مِن خَيرٍ تَجِدوهُ عِندَ اللَّهِ هُوَ خَيرًا وَأَعظَمَ أَجرًا وَاستَغفِرُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 20) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽ جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته، تون رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (عبادت ۽ تربيت لاءِ) بيهين ٿو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽين پتي ۽ جيڪي تو سان گڏ آهن، تن مان هڪ جماعت (به تو سان گڏ بيهي ٿي) ۽ الله رات ۽ ڏينهن جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهين ان کي (دائمي طرح) پورو ڪري ڪين سگهندو. (اڳيون حڪم هنگامي تيارين لاءِ هو، خدا اوهان تي آسانيون چاهي ٿو) ان ڪري اوهان تي مهرباني ڪيائين، پوءِ جيترو (حصو) آسان ٿئي، اوترو قرآن پڙهو. ان ڄاتو ته اوهان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا الله جي فضل (روزگار وغيره جي) تلاش ڪرڻ لاءِ زمين ۾ مسافري ڪندا. ۽ ٻيا الله جي رستي ۾ جنگ ڪندا، ان ڪري جيترو آسان ٿئي اوترو قرآن پڙهو. ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ (خير جي صورت ۾) الله کي چڱو قرض ڏيو (جيڪو اوهان کي ڪيترا ڀيرا وڌي ملندو) ۽ جا به ڀلائي پنهنجي لاءِ (آخرت جو ذخيرو ڪري) اڳي موڪليندؤ، تنهن کي الله وٽ چڱو ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندؤ، ۽ (اهو طريقو آهي جنهن سان) الله کان (دنيا ۽ آخرت ۾ درپيش خطرن جي) معافي گهرو. بيشڪ الله (سڀني خطرن کان بچائي) گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب ڄاڻي ٿو ته بيشڪ توهان رات جو اٿو ٿا ڪڏهن ٻن حصن رات جي قريب ۽ ڪڏهن اڌ رات جو ۽ ڪڏهن ٽئين حصي رات جي قريب ۽ هڪ جماعت (صحابه ڪرام جي) توهان سان گڏ آهي ۽ الله تعالى رات ۽ ڏينهن جو اندازو فرمائي ٿو، ان کي معلوم آهي توهان کان رات جو اندازو هرگز نه ٿيندو پوءِ اهو توهان تي مهربان ٿيو آهي، پوءِ توهان اهو پڙهو جيڪو توهان کي قرآن ڪريم مان آسان لڳي ٿو، ان کي معلوم آهي ته عنقريب توهان مان ڪي مريض ٿيندا، ۽ ٻيا زمين ۾ سفر ڪن ٿا. اهي الله تعالى جو فضل (تجارت ۽ علم وغيرهه) طلب ڪن ٿا، ۽ ٻيا (ماڻهو) الله جي واٽ ۾ جهاد ڪن ٿا، پوءِ توهان قرآن ڪريم پڙهو جيترو توهان کي آسان ٿئي، ۽ توهان نماز قائم ڪريو ۽ توهان زڪوات ڏيو ۽ توهان الله تعالى کي سهڻو قرض ڏيو، (الله جي راه ۾ خرچ ڪريو) ۽ جيڪو نيڪ عمل توهان پنهنجي لاءِ اڳيان موڪليندا اُن کي توهان الله تعالى وٽ ان کان بهتر ۽ اُن کان اجر ۾ وڌيڪ لهندا ۽ توهان الله تعالى کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) بيشڪ تنهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو ته تون ۽ تنهنجا ڪي تو سان گڏ رهڻ وارا ماڻهو (ڪڏهن) رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽئين پتي (پوئين پهر نماز ۾) بيهو ٿا ۽ خدا ئي رات ۽ ڏينهن جو چڱيءَ طرح اندازو ڪري سگهي ٿو. ان کي خبر آهي ته اوهين ماڻهون ان تي چڱي طرح حاوي ٿي نه ٿا سگهو ته ان اوهان تي مهرباني ڪئي پوءِ جيترو سولو ٿي سگهيو اوترو (نماز ۾) قرآن پڙهندا رهندا ڪريو، اهو (خدا) ڄاڻي ٿو ته جلد ئي اوهان مان ڪي بيمار ٿي پوندا ۽ ڪي خدا جي فضل (روزگار) جي تلاش ۾ روءِ زمين تي سفر اختيار ڪندا ۽ ڪجھ ماڻهو خدا جي راھ ۾ جهاد ڪندا ته جيترو اوهان کي سولو لڳي اوترو پڙهندا رهو، پڻ نماز پابندي سان پڙهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو ۽ خدا کي قرض حنسه ڏيو ۽ جيڪو نيڪ عمل پنهنجي لاءِ (خدا جي اڳيان) پيش ڪندو تنهن کي خدا وٽ بهتر ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندو. ۽ خدا کان معافيءَ جي دعا گهرو بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو ته تحقيق تون (نماز ۾) بيهين ٿو ويجهو ٻن ٽهاين رات جو (قدر) ۽ ان جو اڌ ۽ ان جي ٽهائي ۽ هڪ جماعت انهن مان جيڪي تو سان گڏ آهن ۽ الله اندازي سان رکي ٿو رات ۽ ڏينهن کي ڄاڻي ٿو ته هرگز نه طاقت رکي سگهندؤ ان جي پوءِ ٻاجهه سان وريو اوهان تي پوءِ پڙهو جيڪو آسان ٿيو قرآن مان ڄاڻي ٿو ته جلد ٿيندا اوهان مان بيمار ۽ ٻيا سفر ڪن ٿا زمين ۾طلب ڪن ٿا الله جو فضل ۽ ٻيا جنگ ڪن ٿا الله جي واٽ ۾ پوءِ پڙهو اهو جيڪو آسان ٿيو ان مان ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ قرض ڏيو الله کي قرض سهڻو ۽ جيڪا اڳي ڪري موڪلي اوهان پنهنجن سرن لاءِ ڀلائي ته لهندؤ اوهان ان کي الله وٽ اهو ڀلو ۽ وڏو هوندو اجر ۾ ۽ الله کان مغفرت گهرو بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته تون رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (تهجد نماز ۾ ) بيهين ٿو ۽ (ڪڏهن) رات جو اڌ ۽ (ڪڏهن) رات جي ٽين پتي، ۽ جيڪي توسان گڏ آهن تن مان هڪ جماعت (به تو سان گڏ بيهي ٿي) ۽ الله رات ۽ ڏينهن جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهين ان کي پورو ڪري ڪين سگهندو ان ڪري اوهان تي مهرباني ڪيائين پوءِ جيترو آسان ٿئي، اوترو قرآن پڙهو. اُن ڄاتو ته اوهان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا الله جي فضل تلاش ڪرڻ لاءِ زمين ۾ مسافري ڪندا. ۽ ٻيا الله جي رستي ۾ جنگ ڪندا،ان ڪري جيترو آسان ٿئي اوترو قرآن پڙهو. ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏيو ۽ جا به ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳي موڪليندؤ تنهن کي الله وٽ چڱو ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندؤ. ۽ الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو جيترو سهولت سان ٿي سگهي اوترو (قرآن) مان پڙهو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله کي قرض ڏيو سهڻو قرض. ۽ جيڪا ڀلائي توهان پنهنجي لاءِ اڳتي موڪليندا ان کي الله وٽ بهتر ۽ اجر ۾ وڏو لهندؤ. ۽ الله کان معافي گهرو. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سچ پچ سائين تُنهنجو، سَمجھي سارِي بات، ته ٻِن ٽِهائي نِئون ٿورڙو، تون بِيهِين رهبر رات، ۽ اڌ، يا ٽِهائي اُن جِي، تون ساريو پَڙهِين صَلواة، ۽ ڪَن توسان ڀٖيڙِي تات، ڪي ساٿِي تُنهنجي ساٿ جا. ۽ ڏاتِر ڏِينهن ۽ راتيون، جوڙي مَنجھ جھان، ڪُل کي پُهچندا ڪِين ڪِي، صَحِي ڪيو سُبحان، پوءِ موٽِي آن کي معاف ڪيو، مالِڪ مِهربان، پوءِ جيڪي سَهي جان، سو قدر پَڙهو قرآن مان. صاحِب پاڪ صَحِي ڪيو، آڳاٽو اَحوال، ته جَلد ٿِيَنِ اوهان مان، ڪي اَگھا اَڄ، يا ڪالھ، ۽ پئا پَکڙِي ڀُون پَٽن ۾، گُھرن ڀَلي جا ڀال، ۽ ٻِئا رَبَّ جي راھ ۾، لڙن لڙايون لال، پوءِ مَنجھانسِ مُوجِب حال، پڙهو، پُهچي جيترو. ۽ پُورو پَڙهو نِماز کي، ڏيو زَڪوٰتون زَر، ۽ ڏِيو کڻت خُدا کي، کڻت خاصِي پَر، ۽ اَڳي اُماڻِيون پاڻ لئي، جو سَفر سانگ سَمر، ڏِسنداسو ڏاتار وَٽ، ڀَلو ۽ بِهتر، اُهو اَجر ۾ اَجگر، سوايو ثَواب ۾. ۽ گُهرو عَفْوَ اَلله کان، اَلله آهي پَڪ، بَخشِيندڙ بيشڪ، سَٻاجھو سَڀَين پَرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، تنهنجي ڌڻيءَ کي خبر آهي ته تون بيشڪ رات جي ٽئين حصي گذرڻ بعد يا اڌ رات جو يا ٽهائي رات جو نماز لاءِ اٿندو آهين ۽ مؤمنن جي هڪ ٽولي به توسان گڏ اٿندي آهي- ۽ الله ئي رات ڏينهن جو اندازو ڪندو آهي. الله ڄاتو، ته اوهين انهي کي پورو نٿا ڪري سگهو، ان ڪري اوهان تي ٻاجهه سان موٽيو، هاڻي جيترو قرآن سولو لڳيوَ اوترو پڙهو- (الله ڄاڻي ٿو ته توهان مان ڪي بيمار هوندا ۽ ٻيا الله جي فضل جي تلاش ۾ زمين ۾ ڦرندا هوندا ۽ ڪي الله جي واٽ ۾ جهاد ڪري رهيا هوندا پوءِ جيترو سولو لڳي اوترو پڙهو) نماز هميشه پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ الله کي سٺو قرض ڏيو- جيڪي چڱا ڪم اڳتي موڪليندو، سي الله وٽ وڌيڪ سٺا ۽ وڏي اجر وارا ٿي ملندوَ- ۽ الله کان بخشش گهرو- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تنهنجو رب ڄاڻي ٿو ته تون ڪڏهن رات جا ذري گهٽ ٻه ڀاڱي ٽي حصا، ڪڏهن رات جو اڌ ۽ ڪڏهن ان جي ٽهائي عبادت ۾ بيٺو هوندو آهين ۽ تنهنجي ساٿين مان به هڪڙو ٽولو ائين ڪندو آهي. الله ئي رات ۽ ڏينهن جي وقتن جو حساب ٿو رکي. ان کي معلوم آهي ته توهان وقتن جو صحيح حساب نٿا لڳائي سگهو، تنهنڪري هن توهان تي ٻاجهه ڪئي. پوءِ جيترو قرآن سولائيءَ سان پڙهي سگهو ٿا پڙهو. هن کي ته معلوم آهي ته توهان مان ڪي بيمار هوندا، ڪي وري الله جي فضل (روزگار) جي ڳولا ۾ سفر ڪن ٿا ۽ ڪي وري الله جي راهه ۾ لڙن ٿا، تنهنڪري جيترو قرآن سؤلائيءَ سان پڙهي سگهو پڙهندا ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو، زڪواة ڏيو ۽ الله کي سهڻو قرض ڏيندا رهو. جيڪا به ڀلائي توهان پنهنجي لاءِ اڳتي اماڻيندؤ سا الله وٽ موجود ڏسندؤ، اهوئي سڀ کان ڀلو آهي ۽ سندس اجر تمام وڏو آهي. الله کان بخشش گهرندا رهو، بيشڪ الله ڏاڍو بخشڻهار ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو تون بيٺو رهين ٿو (عبادت ۾)، ڪڏهن ٻن ٽهائي رات جي ويجهو ۽ اڌ رات جو، ڪڏهن هڪ ٽهائي رات جو ۽ تنهنجي ساٿين مان به اهو عمل تو سان گڏ ڪري ٿو، ۽ الله حساب رکي ٿو رات ۽ ڏينهن جو، ان کي معلوم آهي توهان هرگز حساب ڪري نه سگهندا، تنهن ڪري هن مهرباني توهان تي ڪئي، هاڻي جيترو به پڙهي سگهو ٿا آسانيءَ سان پڙهندا ڪريو قرآن، هن کي معلوم آهي ته هوندا آهن توهان مان ڪي مريض، ۽ ٻيا اهڙا جيڪي سفر ڪندا آهن زمين ۾، ڳولين ٿا الله جو فضل (روزي) ۽ ٻيا وري جنگ (جهاد) ڪندا آهن الله جي راهه ۾، تنهن ڪري جيترو (قرآن) پڙهي سگهو ٿا سولائي سان پڙهو، ۽ قائم ڪريو نماز ۽ زڪواة ڏيو، ۽ قرض ڏيو الله کي قرض سهڻو، ۽ جيڪا به اڳتي موڪليندؤ پنهنجي لاءِ ڀلائي سا ڏسندؤ الله وٽ، اهو ئي وڌيڪ چڱو آهي ۽ وڏو آهي اجر، ۽ بخشش گهرندا رهو الله کان، بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي اها خبر آهي ته تون رات جو ٻه ٽھايون حصو ۽ ڪڏهن اڌ رات ۽ ڪڏهن هڪ ٽھائي حصو اُٿي تهجد نماز ۾ بيھندو آهين ۽ تنهنجن ساٿين مان به ڪجهه ساٿي اهو عمل ڪندا آهن. الله تعالى رات ۽ ڏينھن جي وقتن جو (باقاعده) حساب رکي ٿو. کيس معلوم آهي ته توهان وقت جي هميشه لاءِ پابندي نٿا ڪري سگهو. تنهنڪري هن توهان تي مھرباني ڪئي (۽ ان حڪم ۾ نرمي ڪئي اٿس) سو هاڻي توهان (تھجد ۾) جيترو آساني سان قرآن مجيد پڙهي سگهو، اوترو ئي پڙهو. هُن اهو به ڏٺو ته توهان مان ڪي ماڻهو بيمار هوندا، ڪي زمين ۾ الله تعالى جو فضل (يعني روزي) تلاش ڪرڻ ۾ هوندا ۽ ڪي وري الله تعالى جي رستي ۾ وڙهندا هوندا. سو (هاڻي) جيترو آسانيءَ سان نماز ۾ قرآن شريف پڙهي سگهو، اوترو ئي پڙهو. نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪندا رهو ۽ الله تعالى کي سھڻو قرض ڏيندا رهو. توهان پنھنجي لاءِ جيڪا به ڀلائي اڳتي موڪليندا سو ان کي الله تعالى وٽ ڏسندا، اهوئي بھتر آهي ۽ ان جو اجربه تمام وڏو آهي. الله تعالى کان (پنهنجي) گناهن جي معافي گهرو. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |