توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِنّا أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ أَن أَنذِر قَومَكَ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 1) |
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغام رسائيندڙ ڪري) موڪليو، ته تون پنهنجيءَ قوم کي (سندن غلط ڪارين جي نتيجي ۾) مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي (ان جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڊيڄار!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان (حضرت) نوح کي پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ ۾ جو انهن تي دردناڪ عذاب اچي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ وڃي ڊيڄار!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو نوح کي ان جي قوم ڏانهن ته ڊيڄار پنهنجي قوم کي ان کان اڳي جو اچي انهن وٽ عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو ته تون پنهنجيءَ قوم کي مٿن دردناڪ عذاب اچڻ کان وڃي ڊيڄار! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم کي ڊيڄار ان کان اڳ جو انهن کي دردناڪ عذاب اچي پهچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نُوح سَندسِ نيات ڏي، پَڪ مُڪو سون پاڻ، ته ڪامِل! پَنهنجِي قوم کي، پُهچائي پرياڻ، اِنهيان اڳ اڳواڻ!، ته اَچينِ سخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو، ته سندءِ قوم کي ڊيڄار، انهي کان اڳ، جو وٽن ڏکوئيندڙ عذاب پهچي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو (انهيءَ حڪم سان) ته پنهنجي قوم کي خبردار ڪري، هن کان اڳ جو مٿن هڪڙو دردناڪ عذاب اچي ڪڙڪي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان موڪليو نوحؑ کي سندس قوم ڏي (ان هدايت سان) ته خبردار ڪري پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ان کان اڳي جو اچي وڃي (مٿن) هڪ عذاب ڏکوئيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نوح ($) کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته تون پنھنجي قوم کي دردناڪ عذاب اچڻ کان اڳ ئي ڊيڄار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ إِنّى لَكُم نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 2) |
چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان (کين) چيو ته، اي منهنجي قوم! (توهان جون غلط ڪاريون، توهان کي تباهيءَ جي طرف وٺي وڃي رهيون آهن) بيشڪ آئون اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄارندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح فرمايو اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان لاءِ صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (رسول) آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجي قوم! بيشڪ مان اوهان لاءِ ڊيڄاريندڙ پڌرو آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (کين) چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نوح) چيو: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (نبي) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَراڻيو وَريام، ته اي نِماڻِي نيات! مون، آئون اَوهان لئي آهيان، اِطلاع ڏِيندڙ عام، پَڌرا پَرئـِين پارجا، پُهچائـِيندڙ پيغام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "اي منهنجي قوم وارؤ! مان توهان لاءِ هڪڙو کولي کولي خبردار ڪندڙ (پيغمبر) آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، اي منهنجي قوم! بيشڪ آئون توهان لاءِ هڪ ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) آهيان ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن چيو ته اي منھنجي قوم! بيشڪ مان توهان لاءِ هڪ پڌرو ڊيڄاريندڙ ٿي آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ وَأَطيعونِ (آيت : 3) |
ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪڏهن اوهان ان تباهيءَ کان بچڻ گهرو ٿا ته پوءِ) الله جي عبادت ڪريو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪيو (۽ سندس فرمانبرداريءَ جا جيڪي قانون ۽ حڪم مان عمل ۾ آڻيان ٿو تنهن ۾) منهنجي اطاعت ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ توهان اُن کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي اطاعت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا جي عبادت ڪريو ۽ ان (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته عبادت ڪيو الله جي ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته توهان الله جي عبادت ڪيو، ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پُوڄيو پَروَر پاڪ کي، پڻ تِنهن کان ڊِڄو تمام، پڻ ڪريو مُنهنجِي ڪَمن ۾، مُتابعت مُدام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (توهان کي آگاه ٿو ڪريان) ته الله جي ٻانهپ ڪريو، کانئس ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (چوان ٿو توهان کي) ته بندگي ڪريو الله جي ۽ ڊڄو ان کان، ۽ منهنجي تابعداري ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن توهان الله تعالى جي عبادت ڪريو، ان کان ئي ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَغفِر لَكُم مِن ذُنوبِكُم وَيُؤَخِّركُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذا جاءَ لا يُؤَخَّرُ لَو كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 4) |
ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اوهان ائين ڪيو ته الله) اوهان جا (پويان) گناه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي (صحيح واٽ تي هلڻ جي) مقرر وقت تائين مهلت ڏئي (۽ تباهي کان محفوظ رکي) جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪيو ته پوءَ هلاڪت لاءِ) الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن (اوهان الله جي مڪافات واري نظام ۽ قانون کي) ڄاڻو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو توهان لاءِ توهان جا ڪجھه گناه بخش ڪندو ۽ توهان کي هڪ مقرر مدي (موت) تائين مهلت ڏيندو، بيشڪ الله جو اجل (موت) جڏهن ايندو (ته ان کي) پوئتي نٿو ڪيو وڃي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهان جا گناھ معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته خدا جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته بخش ڪندو اوهان کي اوهان جا گناهه ۽ مهلت ڏيندو اوهان کي مدي مقرر تائين بيشڪ الله جو مدو جڏهن ايندو ته نه پوئتي ڪيو ويندو جيڪڏهن ڄاڻو ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اوهان جا گناهه اوهان کي معاف ڪري ۽ اوهان کي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏئي ڇو ته الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو تڏهن ان کي پٺتي نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته اُهو توهان جا گناهه بخشي ڇڏيندو ۽ توهان کي مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏيندو. بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن اچي ٿو ته پوئتي نه ٿو ڪيو وڃي، هائو جي توهان ڄاڻو ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته کمٖي خطائون اَهنجو، آگو، رَبَّ عَلام، ۽ تان عمر جي اَنجام، مُهلت ڏِينيان مِهر سان. آيو اَللهَ پاڪ جو، وقت ٻَڌل جِنهن وير، دَم نه ٿئٖي پوءِ دير، جيڪي جاچيو ڳالھ کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هو اوهان جا گناهه بخشي ۽ اوهان کي مقرر وقت تائين ڍر ڏئي- بيشڪ جڏهن الله جو مقرر ڪيل وقت ايندو، تڏهن ان کي ڍر ڪا نه ڏبي- جيڪڏهن اوهين ڄاڻندا آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان جا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو ۽ توهان کي هڪڙي مقرر ڪيل وقت تائين مهلت ڏيندو، حقيقت اها آهي ته الله جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ڀرجي ايندو آهي ته پوءِ ٽارئي نه ٽرندو آهي، جيڪر توهان کي ان ڳالهه جي ڄاڻ هجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بخش ڪندو (الله) توهان جا گناهه ۽ باقي رکندو (مهلت ڏيندو) توهان کي هڪ مقرر وقت تائين، بيشڪ وعدو آهي الله جو، جڏهن اهو اچي ٿو وڃي مقرر ڪيل وقت ته پوءِ ٽاريو نه ويندو، ڪاش توهان کي ان جو علم هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته الله تعالى توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ توهان کي هڪ مقرر وقت تائين (سڌرڻ لاءِ) مھلت ڏيندو. بيشڪ الله تعالى جو مقرر ڪيل وقت جڏهن ايندو ته پوءِ ان کي پُٺتي نه ڪبو. ڪاش! توهان کي معلوم هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ إِنّى دَعَوتُ قَومى لَيلًا وَنَهارًا (آيت : 5) |
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نوح) چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن (تنهنجي عظمت کي مڃڻ ۽ تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ) سڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ڏينهن (دين جي) دعوت ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جڏهن ماڻهن نه مڃيو ته) عرض ڪيائين خداوندا! آءُ پنهنجي قوم کي (ايمان ڏي) رات ڏينهن سڏيندو رهيس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بلاشڪ مون سڏيو پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (نوح) چيو ته اي منهجا پاليندڙ! بيشڪ مون پنهنجيءَ قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نوح ) چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سَچ پَچ سَڏيَمِ نيات کي، ڏاتر! ڏِينهان، رات،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نوح چيو ته ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ آءُ پنهنجي قوم کي رات ڏينهن سڏيندو رهيس، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن عرض ڪيو: "اي منهنجا رب! مان پنهنجي قوم کي رات ڏينهن سڏيندو رهيس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن عرض ڪيو، اي منهنجا رب! مون دعوت ڏني پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نوح $ ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مان پنھنجي قوم کي رات ڏينھن سڏيندو رهيس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَم يَزِدهُم دُعاءى إِلّا فِرارًا (آيت : 6) |
پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ منهنجي سڏڻ تي (دين کان) هيڪاري زياده ڀڄڻ لڳا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ منهنجي سڏڻ تي اُهي فرار ٿيڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر منهنجي سڏڻ تي هيڪاري وڌيڪ ڀڄڻ لڳا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه وڌايائين انهن کي منهنجي سڏڻ مگر ٽهڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ منهنجي سڏڻ تي هيڪاري زيادهه ڀڄڻ لڳا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر منهنجي سڏڻ انهن جي لاءِ سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪجهه نه وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ري ڀَڄڻ، مُنهنجِي بات، وار نه وڌايو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اهي ته منهنجي سڏڻ کان گهڻو ڀڄندا ئي رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر منهنجي سڏڻ اٽلندو سندن پري ڀڄڻ کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به ڳالهه ۾ واڌارو نه ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر واڌارو ڪيو منهنجي پڪارڻ انهن جي ڀڄڻ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر منھنجي سڏڻ جي ڪري ته ويتر هي ماڻهو پري ڀڄندا وڃن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّى كُلَّما دَعَوتُهُم لِتَغفِرَ لَهُم جَعَلوا أَصٰبِعَهُم فى ءاذانِهِم وَاستَغشَوا ثِيابَهُم وَأَصَرّوا وَاستَكبَرُوا استِكبارًا (آيت : 7) |
۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته جيئن تون انهن کي (سندن ايمان ۽ عاجزيءَ تي) معاف ڪرين ته انهن (ٽرڙائپ ۽ سرڪشيءَ وچان) پهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون (تان ته حق جي ڳالهه ٻڌن ئي نه) ۽ (حقارت وچان منهن لڪائڻ ۽ نه ڏسڻ لاءِ) پنهنجي ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (پنهنجا انڪار تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ مون جڏهن به اُنهن کي سڏيو ان لاءِ ته تون اُنهن کي بخشين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا ڍڪيا ۽ (اهي پنهنجي) ڪفر تي قائم رهيا ۽ انهن تمام گھڻي تڪبر ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجيون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ (مون کان لڪڻ لاءِ) پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهي ڇڏيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٿ ڪيائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ مون جڏهن به سڏيوانهن کي تانته انهن کي بخش ڪرين ته (داخل) ڪيائون پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ ۽ ويڙهيائون ڪپڙا پنهنجا ۽ ضد ڪيائون ۽ تڪبر ڪيائون گهڻو تڪبر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن کي معاف ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجن ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) قائم رهيا ۽ تمام گهڻو هٺ ڪيائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ مون جڏهن به کين سڏيو ته تون انهن جي بخشش ڪرين ته انهن پنهنجون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وڌيون ۽ پنهنجا ڪپڙا پنهنجي مٿان ويڙهيائون ۽ (ڪفر تي) ضد ڪيائون ۽ زور وڏي وڏائي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سچ ته، سَڏيَمِ اُنهن کي، جَڏهن به، جھڙي وار، تان مَرهِينِ تون مِهر سان، اي ڏيهن جا ڏاتار!، ته ڪيائون ڪَنن ۾ آڱريون، تان ٻُڌن ڪِين ٻِيهار، ۽ ڍاريون پنهنجا پارچا، پڻ اُڀا مٿي اِنڪار، ۽ پيا خُودِي مَنجھ خُوار، لڳا پَڏائـِڻ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مون جڏهن به هنن کي سڏيو ٿي، ته تون کين بخش ڪرين، ته هنن سندن آڱريون ڪَنن ۾ ٿي وڌيون، پاڻ تي ڪپڙا کڻي ٿي وڌائون ۽ ڪفر تي ضد ٿي ٻَڌائون ۽ تمام گهڻو هٺ ٿي ڪيائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن به انهن کي سڏيم تانته تون کين معاف ڪري ڇڏين ته ڪنن ۾ آڱريون وڌائون ۽ پنهنجي ڪپڙن سان منهن ڍڪيائون ۽ ويتر پنهنجي ڳالهه تي کڻي ڳــَـتِ ڏنائون ۽ ڏاڍي وڏائي ڪيائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڀي مون انهن کي سڏيو ته جيئن تون معاف ڪرين انهن کي، انهن وڌيون آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ ۽ ڍڪي ورتائون منهن پنهنجي ڪپڙن سان ۽ ضد تي قائم رهيا ۽ وڏائي ڪئي تمام گهڻي وڏائي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون جڏهن به هنن کي سڏيو ته جيئن تون اُنهن جي گناهن کي معاف ڪرين ته هي پنھنجي ڪنن ۾ آڱريون ۽ چھرن تي ڪپڙا وجهي وڏي تڪبر سان ضد ڪري بيٺا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنّى دَعَوتُهُم جِهارًا (آيت : 8) |
وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري (بي) بيشڪ مون کين وڏي واڪي سڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي ظاهر بظهور سڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (به) مون کين ڏاڍيان سڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ بلاشڪ مون انهن کي سڏيو وڏي آواز سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري (به) بيشڪ مون کين ڏاڍيان سڏيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري مون انهن کي بلند آواز ۾ دعوت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڏي واڪي اُنهن کي، موٽِي چَيمِ مَذڪور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته به وري مون هنن کي سڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مان انهن کي واڪا ڪري سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ مون بيشڪ سڏيو انهن کي وڏي واڪي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون انهن کي وڏي واڪي گڏيل طريقي سان به سڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنّى أَعلَنتُ لَهُم وَأَسرَرتُ لَهُم إِسرارًا (آيت : 9) |
وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري مون کين چٽو پڌرو به چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم. (مطلب ته نصيحت جو ڪو طريقو نه ڇڏيم.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ مون انهن کي علي الاعلان سڏيو ۽ تمام مخفي انداز سان به مون انهن کي سڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري مون کين ظاهر ظهور چيو ۽ تمام گهجھيءَ طرح (به) کين چيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ بيشڪ مون کلي چيو مون انهن کي ۽ گهڻو ماٺ مٺ ۾ سمجهايو انهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري مون کين ظاهر ظهور چيو، ۽ تمام ڳجهيءَ طرح (به) کين چيم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري بيشڪ مون انهن کي ظاهر ظهور چيو ۽ انهن کي ڳجهي طرح رازدارانه انداز ۾ سمجهايم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي به اِعلان اُنهن کي، ظاهِر ڪَيَمِ ضرور، پڻ مون ڪِيَنِ، ڪي مُور، نرمئَ ساڻ نَصِيحتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري کين پڌرو خواهه ڳجهيءَ طرح چيو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري پوءِ کين کليو کلايو به تبليغ ڪئي ۽ لڪي ڇــَـپي به سمجهايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيشڪ مون ظاهر ظهور کين تبليغ ڪئي ۽ انهن کي ڳجهيءَ طرح به سمجهايو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُنهن کي ظاهر ظهور ۽ هرهڪ کي نويڪلائي ۾ به سڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقُلتُ استَغفِروا رَبَّكُم إِنَّهُ كانَ غَفّارًا (آيت : 10) |
پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ کين چيم ته، (توهان جون غلط ڪاريون توهان لاءِ تباهي آڻينديون سو) پنهنجي پاليندڙ (جي قانونن تي هلي ان) کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ مون چيو توهان پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪريو، بيشڪ اهو هميشه گناه بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ مون انهن کي چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو بيشڪ اهو وڏو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيو مون ته مغفرت گهرو پنهنجي رب کان بيشڪ اهو آهي بخشڻهار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چيم ته پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهرو! بيشڪ اهو گهڻو معاف ڪندڙ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مون کين چيو ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرو. بيشڪ اُهو معافي ڏيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چَيمِ ته، پَنهنجي رَبّ کان، بَخشايو بَحال، سَچ ته سَدائـِين آھِ سو، ڀَلو ڪندڙ ڀَال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين چيم ته ”پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهرو، بيشڪ، هو بخشيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مون کين چيو ته پنهنجي رب کان معافي گهرو، بيشڪ هو ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ مون کين چيو، معافي گهرو پنهنجي پالڻهار کان بيشڪ اهو وڏو معاف ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون کين چيو ته توهان پنھنجي پالڻھار کان گناهن جي معافي گهرو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُرسِلِ السَّماءَ عَلَيكُم مِدرارًا (آيت : 11) |
ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته اوهان تي (راضي ٿي اهڙو برڪت ڀريو) جهجهو مينهن وسائي، (جو توهان جون بنجر زمينون آباد ٿي وڃن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو الله توهان تي مسلسل (فائديمند) بارش موڪليندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهان تي آسمان مان گهڻو مينهن وسائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موڪليندو آسمان کان اوهان تي برسات .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اوهان تي گهڻو مينهن وسائي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان تي وڏ ڦڙي زوردار بارش برسائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مَٿان اوهان تي موڪلي، نارو نار نِهال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اوهان تي آسمان مان لڳو لڳ مينهن وسائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو توهان تي آسمان مان گهڻو مينهن وسائيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو خوب وسائيندو آسمان مان توهان تي وڏ ڦڙو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (معافيءَ جي صورت ۾) هو توهان تي آسمان مان خوب مينھن وسائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُمدِدكُم بِأَموٰلٍ وَبَنينَ وَيَجعَل لَكُم جَنّٰتٍ وَيَجعَل لَكُم أَنهٰرًا (آيت : 12) |
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي، اوهان لاءِ باغ بنائي ۽ (انهن جي سيرابيءَ واسطي) اوهان لاءِ نهرون بڻائي. (جڏهن معاشرو خدا جي قانونن تي هلندو ته، ان جي سهڻي انتظام سان هر قسم جون سهولتون ٿينديون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي مدد ڪندو مالن ۽ پُٽن سان ۽ توهان لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ توهان لاءِ نهرون وهائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان کي مال ۽ اولاد گهڻو ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ (بستان) بڻائي ۽ اوهان لاءِ نهرون جاري ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدد ڪندو اوهان جي مالن سان ۽ پٽن سان ۽ ڪندو اوهان جي لاءِ باغ ۽ ڪندو اوهان جي لاءِ نهرون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان کي مال ۽ پٽ گهڻا ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ بنائي، ۽ اوهان لاءِ نهرون بڻائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مالن ۽ پُٽن جي ذريعي اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان لاءِ باغ بنائيندو ۽ اوهان لاءِ نهرون وهائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڏئـِي اوهان کي ڏيھ ڌڻي، مَدد پُٽ ۽ مال، پڻ آن لئي باغ بَهار، ڪَئـِين جوڙي جَلّ جَلال، پڻ جارِي ڪري جال، نال اوهان جي ناليون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي مال ۽ پٽ وڌائي ڏئي ۽ اوهان لاءِ باغ بنائي ۽ نديون بنائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي مال ۽ پٽن سان نوازيندو، توهان لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ توهان لاءِ نهرون وهائي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مدد ڪندو توهان جي مال ۽ اولاد جي نوازڻ سان، ۽ پيدا ڪندو توهان جي لاءِ باغ ۽ وهائيندو توهان جي لاءِ نهرون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان جي مال ۽ اولاد ۾ واڌارو آڻيندو. توهان جي لاءِ باغ پيدا ڪندو ۽ نھرون جاري ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما لَكُم لا تَرجونَ لِلَّهِ وَقارًا (آيت : 13) |
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مان حيران آهيان جو اوهان الله جي وجود کي به مڃيو ٿا، پر) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي عظمت ۽ بزرگيءَ جو ويساه نٿا رکو. (۽ ان جي قانونن تي نٿا هلو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله ۾ عِزَّتَ جي اميد نٿا رکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا جي عظمت جو ذرو به ويساھ نه ٿا رکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ٿيو آهي اوهان کي جو نه ٿا اميد رکو الله وٽ عزت جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي بزرگيءَ جو ويساهه نه ٿا رکو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي عظمت جو ويساهه نه ٿا رکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان سان اَڄاڻ! ڪُوڪٽ آهي ڪِهرو؟ ته رکو نَه عِزَّت جو آسرو، قادِر مُطلق ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جوالله جي وڏائي جو ويساهه نٿا رکو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان الله جي بزرگيءَ جو ويساهه نٿا رکو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ٿيو آهي توهان کي جو ويساهه نٿا رکو الله جي وڏائيءَ تي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان الله تعالى جي عظمت جو خيال نٿا رکو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَد خَلَقَكُم أَطوارًا (آيت : 14) |
حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هوڏانهن (ڏسو ته ڪيئن تخليق جا مختلف مرحلا طئه ڪندي) اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حالانڪ تحقيق ان توهان کي ڪيترن مرحلن ۾ تخليق فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حالانڪ تحقيق پيدا فرمايائين اوهان کي طرح طرح سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن اوهان کي طرح طرح سان بڻايو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه ان توهان کي طرح بطرح پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ طرحِين ترتِيبن ساڻ، جنهن آن کي، جوڙي راس ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيتوڻيڪ هن ته اوهان کي قسمن قسمن ۾ خلقيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه هن توهان کي نموني نموني جو ڪري خلقيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن هن گذاريو آهي توهان کي ڪيترن مرحلن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه هُن توهان کي مختلف مرحلن مان گذاري پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَوا كَيفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا (آيت : 15) |
نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اوهين نٿا ڏسو ته، الله ڪيئن (ستن سيارن وانگر) ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو؟ (۽ اهي سيارا به ان جي مقرر قانونن ۽ نظام تي ڪائنات لاءِ محڪم مثال بڻيل آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪهڙيءَ طرح سَتَ آسمان هڪ ٻِئي جي مٿان پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته خدا ڪئين ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو اوهان ته ڪهڙي طرح پيدا ڪيا الله ست آسمان طبقا طبقا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته الله ڪيئن ست آسمانن کي طبق در طبق پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اوهين نه اکِيين ڏِٺو؟ ته جوڙيا ڪِيئن جبار، ست اُڀ سارا سامهان، تَھ تي تھ تيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهين نه ٿا ڏسو، ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا ڪري خلقيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسو نٿا ڇا ته الله ڪيئن ته ست آسمان هڪ ٻئي مٿان بڻايا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ڏسو نٿا ته ڪهڙيءَ طرح خلقيا آهن الله ست آسمان تهن مٿان تهه ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله تعالى ڪيئن هڪ ٻئي جي مٿان ست آسمان پيدا ڪيا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلَ القَمَرَ فيهِنَّ نورًا وَجَعَلَ الشَّمسَ سِراجًا (آيت : 16) |
۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ۾ چنڊ کي (رات جو) روشن ڪيائين ۽ سج کي (ڏينهن جي لاءِ) ڏيئو ڪيائين. (۽ اوهان به جيڪڏهن ان جي مقرر ڪيل نظام تي هلو ته اوهان جا به ڏينهن ۽ راتيون روشن ٿي وڃن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ۾ چنڊ روشن ڪيو ۽ سج کي ڏيئو بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ۾ چنڊ کي نور ڪيو ۽ سج کي روشن چراغ ڪيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بنايائين چنڊ کي انهن ۾ روشني ۽ بنايائين سج کي ڏيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي ڏيئو ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي روشن (ٻرندڙ) ڏيئو بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِن ۾ رَکيائـِين رَمز سان، چمڪندڙ چنڊ چوڌار، پڻ ڏِيو ڪيو ڏاتار، ڏيھ سَڄي لئي سِج کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي چمڪندڙ ڏيئو ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهن چنڊ کي روشني ڏيندڙ ۽ سج کي ٻرندڙ ڏيئو بڻايائين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايائين چنڊ کي ان ۾ نور ۽ ڪيائين ان ۾ سج کي ڏيئو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي چمڪندڙ ڏيئو بنايائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِنَ الأَرضِ نَباتًا (آيت : 17) |
۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان (نباتات جي نظام تي) زمين مان پيدا ڪيو آهي. (جو نباتات جون غذا حاصل ڪندڙ پاڙون، وڻ ۽ ان جي پکڙيل هر پن ۽ ٽام لاءِ هڪجيترو مفيد آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله توهان کي سَلن وانگر زمين مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ڄمايائين اوهان کي زمين مان ساون سلن وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان کي هڪ طرح سان زمين مان پيدا ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله توهان کي زمين مان (هڪ خاص انداز سان) ڄمايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اُڀاريو آن کي، ڀُون مان بي گمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان کي هڪ دفعي زمين مان اڀاڙڻ جئن اڀاڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله توهان کي زمين مان عجب نموني اُپايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله توهان کي اپايو آهي زمين مان عجيب نموني اڀاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى توهان کي زمين مان (هڪ خاص انداز ۾) پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ يُعيدُكُم فيها وَيُخرِجُكُم إِخراجًا (آيت : 18) |
وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽ اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو. (۽ اوهان کان مفيد بڻجڻ ۽ نه بڻجڻ جو حساب وٺندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ توهان کي ان زمين ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي ان مان دوباره ٻاهر ڪڍندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اوهان کي ان ۾ ٻيو ڀيرو نيندو ۽ (قيامت ۾ ان مان ئي) ڪڍي ٻاهر ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ورائي آڻيندو اوهان کي ان ۾ ۽ اوهان کي پڪي طرح (ان مان ٻاهر) ڪڍندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اوهان کي زمين ۾ موٽائيندو ۽اوهان کي پوريءَ طرح ٻاهر ڪڍندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان کي ان ۾ موٽائيندو ۽ توهان کي (ان مان دوبارو) ٻاهر ڪڍندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِيندو اوهان کي اُن ۾، موٽِي ماڳ مَڪان، پڻ سُڀاڻي سُبحان، ڪڍندو اوهان کي اُن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري اوهان کي زمين ۾ موٽائي موڪليندو ۽ وري اوهان کي چڱيءَ طرح ٻاهر ڪڍندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري هو توهان کي ساڳيءَ زمين ۾ موٽائيندو ۽ وري توهان کي (قيامت ڏينهن) چڱيءَ طرح ٻاهر ڪڍندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو موٽائي نيندو ان ۾ ۽ ان مان اوچتو ڪڍي اٿاريندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو وري توهان کي ان ۾ ئي موٽائيندو ۽ ان مان ئي توهان کي ٻيھر ڪڍندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ بِساطًا (آيت : 19) |
۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله اوهان لاءِ زمين (جهڙي گول سياري) کي وڇاڻو بڻايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ئي زمين کي اوهان جي لاءِ وڇاڻو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله بنايو اوهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله توهان لاءِ زمين کي پکڙيل وڇاڻو بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌَڻِئ ڌَرتِي آن لئي وَھ!، جو ڪَئين وِڇاڻ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله زمين کي توهان لاءِ فرش طور وڇائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله وڇايو توهان جي لاءِ زمين کي فرش وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ زمين کي وڇائي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِتَسلُكوا مِنها سُبُلًا فِجاجًا (آيت : 20) |
ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته ان جي ڪشادن رستن ۾ (ان جي مخلوق لاءِ ڪشادگيون کڻي) هلو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان جي ڪشادن رستن ۾ گهمو ڦرو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته هلو ان مان ڪشادن رستن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ان جي ڪشادن رستن ۾ هلو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته توهان ان جي ڪشادن رستن تي هلو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پَهرو اُنهِئَ ۾ پاڻ، وَٺِي واٽون ويڪريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته انهي ۾ ڪشادين واٽن سان هلو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته توهان منجهس کليل رستن تي هلو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته جيئن توهان هلي سگهو ان ۾ کليل طور تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن ان ۾ ٺهيل ويڪرن رستن تي (آرام سان) هلي سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ نوحٌ رَبِّ إِنَّهُم عَصَونى وَاتَّبَعوا مَن لَم يَزِدهُ مالُهُ وَوَلَدُهُ إِلّا خَسارًا (آيت : 21) |
نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ايتري سمجهائڻ کان پوءِ) نوح چيو ته، اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن (سردارن، وڏيرن ۽ دولتمندن، جي پٺيان لڳا، جن) جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن پنهنجي رئيسن جي تابعداري ڪئي جن کي سندن مال ۽ اولاد وڌيڪ خساري ۾ وڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) نوح چيو ته اي منهنجا پالڻهار! هنن منهنجو بلڪل چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو نوح اي منهنجا رب! بيشڪ انهن بي فرماني ڪئي منهنجي ۽ تابعداري ڪيائون ان جي جو نه وڌايو ان کي ان جي مال ۽ ان جي اولاد مگر نقصان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ايتري سمجهائڻ کانپوءِ) نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پٺيان لڳا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح عرض ڪيو: ”اي منهنجا مالڪ! بيشڪ انهن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ انهن جي پيروي ڪندا رهيا جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نُوح ڌَڻِي کي دانهيو، ته سانيمِ رَبَّ، سُبحان!، هِنن حُڪم مُنهنجا ٽوڙيا، ٿيا تابع تِنهن تعبان، جنهن کي اِملاڪ اُن جِي، پڻ نِينگر نوجوان، ذروري زيان، ٻي اوڄ نه ڏِنِي اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نوح چيو ته ”منهنجا ڌڻي! هنن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن جي وڃي تابعداري ڪيائون، جنهن کان سندن مال ۽ اولاد کي رڳو نقصان ئي پهتو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح چيو: "منهنجا رب! انهن منهنجي ڳالهه نه مڃي ۽ انهن (چڱن مڙسن) جي پيروي ڪيائون، جيڪي مال ۽ اولاد ملڻ تي ويتر نقصان ۾ وڌي ويا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو نوح، اي منهنجا رب! انهن منهنجي ڳالهه رد ڪري ڇڏي ۽ لڳا رئيسن جي پويان جيڪي وڌيڪ مال ۽ اولاد وارا ٿي ويل اڃا به ٿي ويا نامراد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) چيو ته: منھنجا پالڻھار! بيشڪ هنن ماڻهن منھنجو چيو نه مڃيو آهي ۽ هو اهڙن ماڻهن جي پويان وڃي لڳا آهن جن جي مال ۽ اولاد هِنن ماڻهن کي وڏو نقصان پھچايو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَكَروا مَكرًا كُبّارًا (آيت : 22) |
۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي جن جي ڪڍ لڳا سي فريبي ۽ سازشي هئا) ۽ انهن (حق جي دعوت خلاف) وڏو مڪر پکيڙيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (نوح پيغمبر لاءِ) تمام وڏا فريب ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مڪر ڪيائون مڪر وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽انهن تمام وڏو مڪر پکيڙيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن فريب ڪيو تمام وڏو فريب!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَليا چالاڪيون وَڏيون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن تمام وڏو فريب پکيڙيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن ڏاڍو وڏو مڪر جو ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن تمام وڏو فريب جو ڄار پکيڙيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن (وڏن ماڻهن) ته چال بازين جو هڪ وڏو ڄار پکيڙي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لا تَذَرُنَّ ءالِهَتَكُم وَلا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلا سُواعًا وَلا يَغوثَ وَيَعوقَ وَنَسرًا (آيت : 23) |
۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پنهنجي پوئلڳن کي) چيائون ته، پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نه ڪي ود ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر (بتن) کي ڪڏهن ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سردارن چيو توهان هرگز پنهنجي بتن کي نه ڇڏجو ۽ توهان هرگز (پنهنجي بتن) وَدُّ ۽ سُواع ۽ يَغُوثَ ۽ يَعُوقَ ۽ نَسر کي نه ڇڏجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (پاڻ ۾) چيائون ته پنهنجن بتن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو، ۽ نڪي “ود” ۽ نڪي “سواع” ۽ نڪي “يغوث” ۽ “يعوق” ۽ “نسر” کي ڪڏهن به نه ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته هرگز نه ڇڏيو پنهنجن معبودن کي ۽ هرگز نه ڇڏيو وُد کي ۽ نه سواع کي ۽ نه يغوث کي ۽ يعوق کي ۽ نسر کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته پنهنجن خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽ نه ڪي ودّ ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي ڪڏهن به ڇڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته پنهنجي معبودن کي اصل نه ڇڏيو ۽ نه ڪي وَد کي ڇڏجو ۽ نه سُواع کي ۽ نه يغوث کي ۽ نه يعوق ۽ نَسر (نالي بتن) کي (ڇڏجو).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون اِهڙِي چال، ته هرگِز ڪِنهِين حال، پُوڄ نه پَنهنجا ڇَڏيو. ۽ ڇَڏيو نه وَد، سُوَاعَ کي نه يَغُوْثَ، يَعـُوْقَ، نَسْرَ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو چيائون ته پنهنجي سائينين کي هر گز نه ڇڏيو ۽ نڪي ود، سواع، يغوث، يعوق ۽ نسر کي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيائون ته پنهنجي معبودن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽ نڪي ڇڏيو ودّ ۽ سواع کي ۽ نه يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو انهن، هرگز نه ڇڏيو پنهنجي خدائن کي ۽ نه ڇڏيو ود ۽ سواع کي، ۽ نه يغوث ۽ يعوق ۽ نسر کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن وڏن ماڻهن پنھنجي قوم جي ماڻهن کي) چيو ته پنھنجي معبودن کي هرگز نه ڇڏجو (۽ خاص طور) وَدّ ــ سواع ـــ يغوث ــ يعوق ۽ نسر (بتن) کي ته بلڪل نه ڇڏجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَد أَضَلّوا كَثيرًا وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا ضَلٰلًا (آيت : 24) |
۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ انهن (رئيسن ۽ سرمائيدارن مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي. ۽ (اي الله هاڻي تون انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ ۽ تباهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهن گھڻن کي گمراه ڪيو، ۽ نه زياده ڪيائون ظالمن لاءِ مگر گمراهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن گهڻن کي گمراھ ڪيو آهي. ۽ (اي خدا انهن) ظالمن لاءِ گمراهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه وڌائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تحقيق گمراهه ڪيائون گهڻن کي ۽ نه ٿو وڌائين تون ظالمن کي مگر گمراهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن (مڪر فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو آهي ۽ (اي الله انهن) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ (ته مٿن جلد عذاب اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو ۽ (پوءِ اي منهنجا مالڪ) ظالمن لاءِ گمراهي کان سواءِ ٻيو ڪنهن شيءِ ۾ ترقي نه ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تِن مَنجھايا مُورهِين، ڪي آدمِي اَڪثر، ۽ وِرس سوا ويتر، ذَرو نه ڏِئي ظالِمِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ هنن گهڻن کي گمراهه ڪيو، ان ڪري هاڻ تون به ظالمن تي رڳي گمراهي پيو وڌاءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن گهڻن کي ئي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي، سو تون به انهن ظالمن کي سواءِ گمراهيءَ جي ٻي ڪنهن به ڳالهه ۾ زور نه وٺراءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيو آهي انهن گمراهه ڪيترن ماڻهن کي، ۽ نه ڏي انهن ظالمن کي ترقي سواءِ ڪنهن گمراهيءَ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي تون ظالمن جي گمراهيءَ ۾ (اڃا به) واڌارو فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِمّا خَطيـٰٔتِهِم أُغرِقوا فَأُدخِلوا نارًا فَلَم يَجِدوا لَهُم مِن دونِ اللَّهِ أَنصارًا (آيت : 25) |
انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ته مٿن جلد عذاب اچي. نيٺ) انهن کي سندن خطاڪارين جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين (جهنم جي) باهه ۾ وڌو ويو، پوءِ انهن ڏٺو الله کان سواءِ سندن لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار ڪونهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي پنهنجي ڪيل گناهن جي ڪري ٻوڙيا ويا پوءِ قبر جي عذاب ۾ داخل ڪيا ويا، پوءِ انهن الله تعالى کانسواءِ ڪو مددگار نه لڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) انهن کي سندن سرڪشيءَ ڪري ٻوڙيو ويو (۽) پوءِ کين دوزخ ۾ وڌو ويو. پوءِ خدا کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سببان گناهن پنهنجي غرق ڪيا ويا پوءِ داخل ڪيا ويا باهه ۾ پوءِ نه لڌائون پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ ڪي مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نيٺ انهن کي سندن گناهن جي ڪري ٻوڙيو ويو پوءِ کين باهه ۾ وڌو ويو. پوءِ الله کان سواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نيٺانيٺ) اُهي پنهنجي گناهن سبب ٻوڙيا ويا پوءِ باهه ۾ وِڌا ويا، پوءِ انهن پنهنجي لاءِ الله کان بچائڻ وارو ڪو مددگار نه لڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندِن قُصورن جي ڪري، ويئـِي واري تِن تان وِير، پوءِ دوزخ ۾ ڌوڪيا ويا، سِڌا مَنجھ سَعِير، ري ڌڻِئَ دَستگِير، پوءِ، نه لڌائون پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کي سندن گناهن سبب ٻوڙيو ويو ۽ باهه ۾ وڌو ويو، هنن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو مددگار نه ڏٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجن افعالن جي ڪري ٻوڙيا ويا ۽ پوءِ باهه ۾ وڌا ويا، پوءِ الله جي بدران کين ٻيو ڪوبه مددگار نه مليو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجي خطائن جي ڪري اهي ٻوڙيا ويا، پوءِ وري اڇلايا ويا باهه ۾، پوءِ نه لڌائون پنهنجي لاءِ ڪوبه الله کان سواءِ بچائڻ وارو مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ) کين پنھنجي ئي گناهن جي ڪري غرق ڪيو ويو ۽ باهه ۾ داخل ڪيو ويو. پوءِ انهن الله تعالى کان سواءِ پنھنجي لاءِ ٻيا مددگار نه لڌا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ نوحٌ رَبِّ لا تَذَر عَلَى الأَرضِ مِنَ الكٰفِرينَ دَيّارًا (آيت : 26) |
۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نوح چيو ته، اي منهجا پاليندڙ! (هنن منڪرن جي سرڪشي ۽ جرم ناسور بڻيل ۽ وچڙندڙ حد تي پهتل آهن. ان ڪري ٻين انسانن کي انهن جي اثرن کان بچائڻ لاءِ هنن) ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نوح (پيغمبر) عرض ڪيو اي منهنجا رب تون زمين تي ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ نه ڇڏ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح عرض ڪيو ته اي منهنجا پروردگار! ڪافرن مان ڪو به زمين تي رهندڙ نه ڇڏ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو نوح اي منهنجا پالڻهار! نه ڇڏ زمين تي ڪافرن مان ڪو رهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! ڪافرن مان ڪوبه رهندڙ زمين تي نه ڇڏ ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نوح چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار ڪافرن مان ڪوبه رهندڙُ زمين تي نه ڇڏ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نُوح ڌڻِئَ کي دانهيو، ته مَنجھان قوم ڪُفّار، ڌڻيَمِ! ڌرتي تي نَه ڇَڏ، وَڙڪندڙ، مَنجھ وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نوح چيو ته ”اي منهنجا ڌڻي! تون زمين تي ڪافرن جو هڪڙو به وسندڙ گهر نه ڇڏ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نوح چيو: "منهنجا رب انهن ڪافرن مان ڪوبه زمين تي چــُـرندڙ نه ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو نوح، رب منهنجا! نه ڇڏ زمين تي ڪوبه انهن ڪافرن مان گهمندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! (هاڻي) ڪافرن مان ڪنھن هڪ کي به زمين تي (جيئرو) نه ڇڏجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكَ إِن تَذَرهُم يُضِلّوا عِبادَكَ وَلا يَلِدوا إِلّا فاجِرًا كَفّارًا (آيت : 27) |
بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇو ته، تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته، اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽ ناسور واري) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪڏهن تو انهن کي ڇڏيو ته اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراه ڪندا، ۽ اهي نٿا ڄڻن مگر گنهگار، ناشڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراھ ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر اولاد ڄڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تون جيڪڏهن ڇڏيندين انهن کي ته گمراهه ڪندا تنهنجن ٻانهن کي ۽ نه ڄڻيندا مگر فاجر، ڪافر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته تون جيڪڏهن کين ڇڏيندين ته اهي تنهنجن ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار (۽) ڪافر (اولاد) ڄڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلاشڪ اگر تون انهن کي (جيئرو) ڇڏيندين ته اُهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ رڳو بدڪار ڪافر ئي ڄڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي گولن کي گُمراھ ڪندا، جي وَڌڪ ڇَڏِيندينِ وار، ۽ ڪَڏهن ڪافِر ڌار، ٻِئو نه ڄَڻِيندا ٻار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو جيڪڏهن تون انهن کي ڇڏيندين، ته هو تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ هو رڳا بدڪار ڪافر ئي ڄڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن تو انهن کي ڇڏي ڏنو ته اهي تنهنجي ٻانهن کي گمراهه ڪندا ۽ انهن جي نسل مان جيڪو به ڄمندو بدڪار ۽ ڪــَـٽو ڪافر ئي هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تو جيڪڏهن ڇڏيو انهن مان (ڪنهن کي به) ته گمراهه ڪندا تنهنجي بندن کي ۽ نه ڄڻيندا مگر بدڪار ڪافر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن تون انهن کي جيئرو ڇڏيندين ته هو تنھنجي ٻانهن کي گمراهه ئي ڪندا ۽ هو بدڪار ۽ ڪافر اولاد ئي ڄڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ اغفِر لى وَلِوٰلِدَىَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيتِىَ مُؤمِنًا وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَلا تَزِدِ الظّٰلِمينَ إِلّا تَبارًا (آيت : 28) |
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا پاليندڙ! مونکي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارن زالن کي معاف ڪر! ۽ سرڪش ظالمن لاءِ تباهي ۽ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به وڌاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا رب تون مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي بخش ڪر ۽ هر ان ماڻهوءَ کي بخش ڪر جيڪو ايمان سان منهنجي گھر ۾ داخل ٿيو ۽ (قيامت تائين) مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتن کي بخش ڪر ۽ نٿي زياده ٿئي ظالمن لاءِ مگر تباهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناھ وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن کي ۽ ايمان وارن عورتن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجھ بن نه وڌائي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا رب! مون کي بخش ڪر ۽ منهنجي پيءُ ماءُ کي ۽ ان کي جيڪو داخل ٿيو منهنجي گهر ۾ مؤمن ٿي ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ۽ نه وڌاءِ ظالمن کي مگر هلاڪت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ ۽ ان کي جيڪو ايمان آڻي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿئي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن کي معاف ڪر! ۽ ظالمن لاءِ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پالڻهار! مون کي بخش ۽ منهنجي والدين کي ۽ هر ان شخص کي جيڪو مؤمن بنجي منهنجي گهر ۾ (پناهه وٺڻ لاءِ) داخل ٿيو ۽ (سڀ) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي (به بخش). ۽ ظالمن لاءِ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون ۽ مُنهنجي مائٽِين، بَخشِين بَخشڻهار، پڻ جيڪي مُنهنجِي جاءِ ۾، ٿِيا داخِل دِيندار، پن مُؤمن ۽ مُؤمنياڻيون، وِيندي مَحشر وار، ۽ جَجھو ڏِج نَه جَبَّار! ري بِيدِي، بيدادن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي ۽ منهنجي مائٽن کي بخش ڪر ۽ جيڪو به منهنجي گهر ۾مؤمن ٿي اچي، ان کي خواهه مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بخش ڪر، باقي ظالمن تي ته رڳي بربادي وڌاءِ!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجا رب! مونکي ۽ منهنجي پيءُ ماءُ ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ کي، جيڪو منهنجي گهر ۾ مؤمن ٿي داخل ٿيو آهي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي معاف ڪري ڇڏ ۽ ظالمن لاءِ تباهيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ واڌارو نه ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رب منهنجا! معاف فرماءِ مون کي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ هر ان شخص کي جيڪو داخل ٿيو منهنجي گهر ۾ مؤمن جي حيثيت ۾ ۽ سڀني مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ۽ نه ڪر واڌارو ظالمن لاءِ سواءِ هلاڪت جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پالڻھار! مون کي، منھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ۽ جيڪي منھنجي گهر ۾ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون داخل ٿيون آهن، تن سڀني جي گناهن کي معاف فرماءِ ۽ ظالمن جي لاءِ برباديءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |