توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سَأَلَ سائِلٌ بِعَذابٍ واقِعٍ (آيت : 1) |
ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نه مڃيندڙن مان ٽوڪ ڪندي) هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو. (ته ڪڏهن اهو عذاب ڪڙڪندو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هڪ سائل عذاب گھريو جيڪو ڪافرن تي واقع ٿيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ سوال ڪندڙ ، ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گُــهرَ ڪئي گُـهرَ ڪندڙ عذاب واقع ٿيندڙ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب بابت سوال ڪيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هڪ گھرڻ واري گھريو آهي اهڙو عذاب جيڪو واقع ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن سائـِل ڪَيو سُوال، اِيندڙ ڪِنهن عَذاب جو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪڙي پڇندڙ انهي عذاب بابت پڇيو،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) گهرندڙ عذاب گهريو آهي، جيڪو ضرور واقع ٿيڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گهرڻ واري گهريو عذاب (اهو) جيڪو ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ گهرڻ واري عذاب گهري ورتو آهي جيڪو ضرور ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلكٰفِرينَ لَيسَ لَهُ دافِعٌ (آيت : 2) |
جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چئو ته) ان کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪافرن جي لاءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو ٽاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي ڪوبه هٽائڻ وارو نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪافرن جي لاءِ آهي جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِنڪارِيَن تي، واقِع سو وَبال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ڪافرن تي پوندو، کيس ڪو هٽائي نٿو سگهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪافرن لاءِ آهي، جنهن کي ڪو ٽارڻ وارو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڪافرن لاءِ آهي ڪوبه ان کي ناهي ٽارڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو عذاب) ڪافرن لاءِ ئي آهي. ان کي ٽارڻ وارو ڪير نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِنَ اللَّهِ ذِى المَعارِجِ (آيت : 3) |
جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو (ڌيرج جي) وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي مڪافات واري قانون هيٺ نيٺ ته ايندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو عذاب) الله جي طرفان هوندو جيڪو بلندين جو مالڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو وڏن مرتب واري خدا جي طرفان (هئڻ وارو) هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله بلندين جي مالڪ وٽان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو وڏن مرتبن واري الله جي طرفان (انهن تي ايندو). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو) الله جي طرفان (ايندو) جيڪو (بلندين جي) ڏاڪڻين جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪونهي رَبَّ ڪَرِيم کان، ڪو جھالُو تِنهن جَنجال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو چڙهندڙ درجن واري الله کان ايندو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ الله وٽان جيڪو مٿي چڙهڻ وارين ڏاڪڻين (مٿاهن درجن) جو مالڪ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) طرفان ان خدا جي آهي جيڪو مالڪ آهي وڏن مرتبن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو وڏن مرتبن واري الله تعالى جي طرف کان ايندو (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَعرُجُ المَلٰئِكَةُ وَالرّوحُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ خَمسينَ أَلفَ سَنَةٍ (آيت : 4) |
جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ملائڪ ۽ (ايمان وارن جا) روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي (دنيا جي) پنجاهه هزار ورهين (جي برابر) ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ملائڪ ۽ جبريل امين ان جي دربارِ اقدس ڏانهن مٿي چڙهن ٿا، ان ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار پنجاه هزار (50،000) سال آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ملائڪ ۽ روح (القدس) ان ڏي چڙن ٿا (۽ اهي) هڪ ڏينهن ۾ (ايترو پنڌ ڪن ٿا) جنهن جو اندازو پنجاھ هزار سال جو هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چڙهندا ملائڪ ۽ روح ان ڏانهن ان ڏينهن ۾ جو هوندو ان جو مقدار پنجاهه هزار سال جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ملائڪ ۽ روح ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهندا جنهن جي ڊگهائي پنجاهه هزار ورهه ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏانهن ملائڪ ۽ روح چڙهندا اهڙي ڏينهن ۾، جنهن جو مقدار پنجاهه هزار سالن جو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو سائين سَوِين سِيڙهيَن، بي حد بُلند بحال، رُوح ۽ مَلائـِڪ رَبَّ جا، نُورِي نيڪ نِهال، ڏانهسِ چَڙهن جِنهن ڏِينهن ۾، عَرض کَڻِي اَحوال، پَنجاھ هَزارِين سال، آهي عَرصو اُنهِئَ ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏي ملائڪ ۽ پاڪ روح ان ڏينهن چڙهندا، جنهن جو مقدار پنجاهه هزار ورهين جو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ملائڪ ۽ روح ڏانهس چڙهي ويندا آهن، هڪڙي اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جو اندازو پنجاهه هزار سال آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڙهي ويندا آهن ملائڪ ۽ روح سندس حضور ۾ اهڙي ڏينهن جنهن جو مقدار آهي پنجاهه هزار سال(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ملائڪ ۽ جبرائيل ($) ان ڏانھن چڙهي ويندا آهن هڪ اهڙي ڏينهن ۾ جنھن جو مقدار پنجاهه هزار سال آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصبِر صَبرًا جَميلًا (آيت : 5) |
تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر! تون انهن جي مخالفت جي پرواهه نه ڪر ۽) تون سهڻي نموني سان (ثابت قدم رهي) صبر ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان چڱيءَ طرح سهڻو صبر ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون چڱيءَ طرح (انهن تڪليفن کي) سهندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر صبر سهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پو ءِ(اي پيغمبر !) تون چڱو صبر ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون صبر ڪر زور سهڻو صبر (جيڪو هر شڪايت کان پاڪ هجي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سھ تون سَهڻ سُهڻو، رَک مَن ۾ هِي مَذڪُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون چڱو صبر ڪر، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن ڪري اي نبي تون صبر ڪر، سهڻو صبر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر صبر سهڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!)پوءِ تون سھڻي طريقي سان صبر ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم يَرَونَهُ بَعيدًا (آيت : 6) |
ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي ڪافر ان کي پري سمجھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها (قيامت) سندن نگاهن ۾ گهڻي پري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ڏسن ٿا ان کي پري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي ان (ڏينهن) کي پري ڏسن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ان (ڏينهن) کي پري سمجھن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هٖي ڏِسن اُهو ڏِينهن ڏُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو هو ته ان کي پرانهون ٿا ڏسن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو ان کي پري سمجهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو سمجهن ٿا ان کي پري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو (ان عذاب کي في الحال) پري ڏسن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَرىٰهُ قَريبًا (آيت : 7) |
۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين ان کي قريب ڏسون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جي نگاھ ۾ ويجهي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اسين ڏسون ٿا ان کي ويجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين ان کي ويجهو ڏسون ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين ڏِسون اوڏڙو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اسين ان کي ويجهو پيا ڏسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ان کي ويجهو ڏسون پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڏسي رهيا آهيون ان کي ويجهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اسان ته ان کي (تمام) ويجهو ايندي ڏسون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَكونُ السَّماءُ كَالمُهلِ (آيت : 8) |
جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ جنهن وقت اهو اچي ڪڙڪيو ته) ان ڏينهن آسمان رجايل ٽامي جهڙو ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن آسمان پِگِھرِيَلَ چانديءَ وانگر هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن هوندو آسمان پگهريل ٽامي وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿيندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي جهڙو ٿي پوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ تَپِي ٽامون ٿئي، وِگھارِيل جِنهن وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن آسمان پگهريل ٽامي وانگر ٿيندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهو عذاب ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن آسمان رجيل چانديءَ وانگر بڻجي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو عذاب ان ڏينهن ٿيندو) جنهن ڏينهن ٿيندو آسمان پگهريل چاندي وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن آسمان پگهريل ٽامي جھڙو ٿي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَكونُ الجِبالُ كَالعِهنِ (آيت : 9) |
۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (مضبوط بيٺل) جبل رنگارنگي پڃيل ان جهڙا (ڦلڙا) ٿي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جبل رنڱيل اُنَ وانگر (هلڪا ٿي) اُڏامندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبل رنگا رنگي پڃيل ان جهڙا ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هوندا جبل اُنَ وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جبل رنگا رنگي پچيل ان جهڙا ٿيندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبل (پِڃيَل) رنگين اُنَ جهڙا ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جاڏا جَبل جَھان جا، پَڻِي پِڃيَل جا پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبل رڱيل اُن وانگر.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جبل رنگارنگي پڃيل اُن جهڙا ٿي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٿيندا جبل رنگ برنگي پڃيل اُنَ وانگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جبل رنگ برنگي (پڃيل) اُن وانگر ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَسـَٔلُ حَميمٌ حَميمًا (آيت : 10) |
۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نفسا نفسيءَ جي حالت هوندي) ۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ان ڏينهن) ڪو دوست ڪنهن دوست کان نه پڇندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪو به دوست ڪنهن به دوست کي پڇندو به نه.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پڇندو ڪو گهاٽو دوست ڪنهن گهاٽي دوست جو حال (احوال) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪوبه ويجهي ۾ ويجهو مائٽ ڪنهن به ويجهي ۾ ويجهي مائٽ کان پڇندو به نه (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪو جگري دوستُ ڪنهن جگري دوست کي نه پڇندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گَھرو گَھري دوست جِي، پُڇي نه خَبر چار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪو به عزيز ٻئي جي پڇا نه ڪندو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪوبه گهاٽو دوست پنهنجي گهاٽي دوست کان ڪا پڇا ڳاڇا نه ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه پڇندو ڪوبه پيارو دوست پياري دوست کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڏينھن) ڪير به گهرو دوست پنھنجي دوست کان پڇندو ئي نه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُبَصَّرونَهُم يَوَدُّ المُجرِمُ لَو يَفتَدى مِن عَذابِ يَومِئِذٍ بِبَنيهِ (آيت : 11) |
(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (توڙي جو) اهي هڪ ٻئي کي ڏسڻ ۾ به ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب (کان بچڻ خاطر) بدلي ۾ پنهنجا پٽ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (هڪ ٻئي کي) ڏسندا ۽ سڃاڻيندا، ڪافر سڌ ڪندو ڪاش جيڪڏهن اُن ڏينهن جي عذاب جي عيوض پنهنجا پُٽَ ڏِئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن عذاب جي بدران پنهنجا پٽ(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏيکاريا ويندا انهن کي خواهش ڪندو مجرم ته بدلي ۾ ڏئي ان ڏينهن جي عذاب کان پنهنجا پٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (توڙي جو) اهي انهن کي ڏسڻ ۾ ايندا. ڏوهاري خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب جي بدران پنهنجا پٽ،(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جيتوڻيڪ) اُهي هڪ ٻئي کي ڏيکاريا به ويندا. ڏوهاري ماڻهو خواهش ڪندو ته جيڪر ان ڏينهن جي عذاب کان (نجات) جي بدلي ۾ پنهنجا پُٽَ ڏئي ڇڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏيکاربَنِ تِنهن ڏِينهن ۾، هلندي هاوِي پار، اُنهِئ ڏِينهن جي عَذاب کان، گُھرندو گُنہ گار، ته جيڪر گھوري جند تان، بيٽا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي ڏسندو پيو. گنهگار چاهيندو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توڻي جو هڪ ٻئي کي ڏيکاريا ويندا. ڏوهاري چاهيندو ته ان ڏينهن جي عذاب کان بچڻ لاءِ عيوض ۾ ڏئي ڇڏي پنهنجو اولاد (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اهي ڏيکاريا ويندا هڪ ٻئي کي، چاهيندو ڏوهاري بچڻ جي لاءِ عذاب کان ان ڏينهن پنهنجي اولاد جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توڙي جو هو انهن کي ڏسڻ ۾ به ايندا، ان ڏينھن ڏوهاري ماڻهو چاهيندو ته جيڪر اڄوڪي ڏينھن پنھنجا پُٽ عذاب جي بدلي ۾ ڏئي ڇڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَصٰحِبَتِهِ وَأَخيهِ (آيت : 12) |
۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنهنجي گھر واري ڏِئي ۽ پنهنجو ڀاءُ ڏِئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ ۽ پنهنجو گهراڻو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي زال، ۽ پنهنجو ڀاءُ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجو ڀاءُ (ڏئي ڇڏي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِيوِي، ڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زال ۽ ڀاءُ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي زال، پنهنجو ڀاءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي زال کي ۽ پنهنجي ڀاءُ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي گهر واري ۽ پنھنجو ڀاءُ (به ڏي). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفَصيلَتِهِ الَّتى تُـٔويهِ (آيت : 13) |
۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجو گهراڻو، جن سان هو رهندو هو. (فديي طور ڏئي پنهنجي جان ڇڏائي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنهنجو خاندان جيڪو ڏکئي وقت کيس پناه ڏِئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجو خاندان جيڪو پناهه ڏئي پيو ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجو گهراڻو، جو هن کي پاڻ سان ملائي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجو خاندان جو ان کي پناهه ڏيندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڪُڙم قَبِيلا پانهنجا، جي سوڙِهي لَهنسِ سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس ٽڪائيندڙ سندس سمورو خاندان،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجو ويجهي ۾ ويجهو ڪٽنب جنهن پئي کيس اجهو ڏنو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي ويجهي کان ويجهي خاندان کي جيڪو کيس پناهه ڏيڻ وارو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنهنجي ان خاندان کي به جنھن کيس پاڻ وٽ رهايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن فِى الأَرضِ جَميعًا ثُمَّ يُنجيهِ (آيت : 14) |
۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهي سو به بدلي ۾ ڏئي وري اهو (بدلو ڏيڻ) ان کي (ان عذاب مان) ڇڏائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سموريون شيون جيڪي زمين ۾ آهن، ان کان پوءِ اهو ان کي بچائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن سي (عذاب جي) بدلي ۾ ڏئي ته ان کي ڇڏائي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سمورا ان کان پوءِ ان کي ڇڏائن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي زمين ۾ سڀ آهن،سي بدلي ۾ ڏئي. وري (اهو بدلو ڏيڻ) ان کي ڇڏائي. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيترا به ماڻهو زمين ۾ آهن سڀ جو سڀ (پنهنجي پاران بدلو ڏئي) پوءِ اهو ان کي (عذاب کان) بچائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اُتر آڇي اُن مَٿان، ڀُونءَ ۾ جي ڀانڊار، ته پَروَر وَٺٖي پار، وَرِي آجو ڪري اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي به زمين ۾ آهي سو سمورو (ڏئي) ته اهو کيس ڇڏائي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين جي تختي (تي رهڻ) وارا سمورا ماڻهو به، جيڪڏهن اها ڳالهه سندس جند ڇڏائي سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ساري زمين جي سڀني ماڻهن کي فديي ۾ ڏئي پر ان تدبير سان ڇوٽڪارو نه ملندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين جي هر شيءِ فديي ۾ ڏئي هو پاڻ نجات حاصل ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِنَّها لَظىٰ (آيت : 15) |
ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو، بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هرگز نه، بيشڪ اها ڀڙڪي کائيندڙ باه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو بيشڪ ڀڙڪندڙ باھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه! بيشڪ اها ڀڙڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. بيشڪ اها ڀڙڪندڙ باهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪُل بَدلو ناھِ ڪو، سِرهٖي ٿِي سُجاڳ، بي شڪ آهي باھِ سا، ڀَڙ ڀَر ڪري ڀَڙاڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر ائين هر گز نه ٿيندو، بيشڪ دوزخ ڄڀين واري باهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به نه، اهو ته باهه جو ڀـڀڙ هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، اها ته ڄڀي هوندي ڀڙڪندڙ باهه جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر) ايئن هرگز نٿو ٿي سگهي. اُها ڀڙڪندڙ باهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَزّاعَةً لِلشَّوىٰ (آيت : 16) |
مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪا کل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪا کل لاهيندڙ هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جا کلن کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇڪي لاهيندڙ کل کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا کَل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪا کَل کي زور سان ڇڪي لاهيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساڙيو اُڇلي سيڪ سان، اوسا پاسا آڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ماس ۽ چمڙيءَ کي چٽ ڪري ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چٽ ڪندي گوشت کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪا جسم جي چمڙي کي ڇڪي پٽڻ واري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَدعوا مَن أَدبَرَ وَتَوَلّىٰ (آيت : 17) |
جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها باهه آواز ڏئي) ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن (دنيا ۾ خدا جي ربوبيت ۽ ورهاست واري نظام کان) پٺ ڦيري ۽ (ان جي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها ان کي پڪاريندي جنهن پُٺ ڏني ۽ مُنهن ڦيريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندا جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏيندي ان کي جنهن پٺي ڏني ۽ منهن موڙيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي (پاڻ ڏي) سڏيندي جنهن پٺ ڦيري ۽ منهن موڙيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها ان ماڻهو کي سڏيندي جنهن پُٺِ ڦيرِي ۽ مُنهن موڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن کي پُڪاري پوئـِتان، ته مُون ۾ تُنهنجو ماڳ، جو پاڻهِين وَريو پوئـِتي، ۽ وَرائـِين وِنگِئَ واڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي کي سڏي ٿو، جيڪو حق کان پٺيرو ٿيو ۽ منهن موڙيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) واڪا ڪري پاڻ ڏي سڏيندو، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو حق کي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڪاريندي هر ان شخص کي جنهن حق کان منهن موڙيو پٺي ڏني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها باهه (حق کان) پُٺي ڦيريندڙ ۽ منھن موڙيندڙ کي ته پاڻ ڏانھن (پري کان) سڏيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَمَعَ فَأَوعىٰ (آيت : 18) |
۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (مال) گڏ ڪيو، پوءِ (ٽجوڙيون ڀري يا ڪا ڪٿي جمع ڪري) سنڀالي رکيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ملڪيت گڏ ڪري پوءِ ان کي بند ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مال) گڏ ڪيو ۽ سنڀالي رکيو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گڏ ڪيائين پوءِ سنڀالي رکيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (مال) گڏ ڪيو پوءِ سنڀالي رکيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مال گڏ ڪيائين پوءِ سنڀالي رکيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لِکين ميڙئـِين لاڳ، پوءِ ڪيائـِين ڪُنجي ڪُلف ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مال گڏ ڪري انکي سنڀاليائين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مال گڏ ڪري پوءِ ان کي سانڍي رکيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گڏ ڪيو مال ۽ سنڀالي رکيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان مال جمع ڪيو ۽ (خرچ ڪرڻ بجاءِ ان کي) سنڀالي رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الإِنسٰنَ خُلِقَ هَلوعًا (آيت : 19) |
بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ انسان (وحي جي تعليمات کان سواءِ پنهنجي جوهر ۾) ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انسان بيحد لالچي ۽ ٿورو صبر ڪندڙ ڪري پيدا ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ انسان وڏو لالچي پيدا ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ انسان پيدا ڪيو ويو حرص ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ انسان ڪمزور دل پيدا ڪيو ويو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انسان وڏو ۽ لالچي پيدا ٿيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موراهِين ماڻهوءَ کي، وِيو بَنايو بيزورو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انسان حرص وارو پيدا ڪيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان جلدي حوصلو هاري ويهندڙ (بي همت) پيدا ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انسان پيدا ڪيو ويو آهي تنگدل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انسان کي (فطري طور) ڊڄڻي طبيعت وارو پيدا ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزوعًا (آيت : 20) |
جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نتيجي ۾) جڏهن انکي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ۽ بزدل ٿيو پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ان کي تڪليف پهچندي ته گهٻرائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته بي صبر ٿيو پوي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي ته گھٻرائجي وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي دانهِيندڙ دَرد مان، ٿِئيسِ جي ٿورو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو جڏهن کيس تڪليف رسندي آهي، ته دانهون ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن مٿس ڪا مصيبت اچي ٿي ته گهٻرائجي وڃي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ايندي اٿس مصيبت ته گهٻرائجي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن به مٿس ڪا مصيبت اچي پوندي آهي ته کڻي روڄ راڙو ڪرڻ شروع ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا مَسَّهُ الخَيرُ مَنوعًا (آيت : 21) |
۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن خوشحالي پهچيس ٿي ته (خير جي ڪمن کان) ڪنجوس ٿيو پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته منع ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهچندي ان کي ڀلائي ته روڪيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڀلائي پهچيس ٿي ته ڪنجوس ٿيو پوي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ان کي ڀلائي پهچي ٿي ته ڪنجوس ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٿئي مَٿسِ ٿورو، ته قابو، ڪارخير کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڪو سک ملندو اٿس، ته ڪنجوس ٿيندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن آسودگي ٿي نصيب ٿئيس ته ڪنجوسي ڪرڻ لڳي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن مليس ٿي خوشحالي ته ڪنجوسي ٿو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري جڏهن کيس ڀلائي ملندي آهي ته ڪنجوسي ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا المُصَلّينَ (آيت : 22) |
پر (اُھي) نمازي (نه).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر نمازي (يعني فرمانبردار) ائين نه ڪندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر (اُھي) نمازي (نہ)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر نمازي نه!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر نماز پڙهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر نمازي نه! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ نمازين جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر نمازِي نيڪ سي، آهِن اُن کان ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهن نمازين جي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي اهي ماڻهو (انهيءَ عيب کان بچيل آهن) جيڪي نماز پڙهندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ انهن جي جيڪي نماز پڙهن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر نمازي ماڻهو ايئن نه ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم دائِمونَ (آيت : 23) |
جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي پنهنجي نماز (۽ پنهنجي فرمانبرداريءَ) تي هميشه پورا آهن،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي پنھنجيءَ نماز تي ھميشگي ڪندا آھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشه پورا آهن(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جيڪي پنهنجي نماز تي هميشگي ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي پنهنجي نماز تي هميشه پورا آهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي پنهنجي نمازن تي هميشگي ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِت نِت سَندنِ نماز تي، جي دائم دِلقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي سندن نمازون هميشه پڙهندا آهن. (_) ۽ جن جي مال ۾ سوال ڪندڙ خواهه سوال نه ڪندڙن لاءِ هڪ مقرر ٿيل حصو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نماز جا هميشه پائبند آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جيڪي پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي نمازن جي وڏي پابندي ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ فى أَموٰلِهِم حَقٌّ مَعلومٌ (آيت : 24) |
۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن جي فرمانبرداريءَ جي علامت اها آهي جو مال کي صرف پنهنجي انفرادي مفاد لاءِ نه سمجهندا آهن، بلڪ)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جي مالن ۾ معلوم حق آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن جي مالن ۾ هڪ مقرر ڪيل حق آهي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو سندن مالن ۾ حق معلوم آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن جي مالن ۾ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن جي مالن ۾ حصو مقرر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پتيون سَندنِ پيدائش ۾، جِھڙِي جوڙي جوڙڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن جي مال ۾ هڪ مقرر ٿيل حصو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن جي مالن ۾ هڪ حق مقرر ٿيل آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن جي مالن ۾ حق مقرر ڪيل (معلوم) آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن جي مالن ۾ حق مقرر ٿيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلسّائِلِ وَالمَحرومِ (آيت : 25) |
سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي مالن ۾ سوالي ۽ بي سوالي (محتاج ۽ زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم ماڻهن) لاءِ مقرر حق آهي. (جيڪو الله جي سونپيل امانت سمجهي انهن تائين رسائيندا آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سوال ڪندڙ لاءِ ۽ نه سوال ڪندڙ لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سوالي ۽ بي سوالي (محتاجن) لاءِ(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سائل جي لاءِ ۽ محروم جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سوالي ۽ بي سوالي (محتاج) لاءِ مقرر حق آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گهرڻ واري ۽ نه گهرڻ واري لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر مڱتي، مُحتاج لئي، ٻَڌل ڏان ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سوال ڪندڙ خواهه سوال نه ڪندڙن لاءِ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواليءَ ۽ هٿين خاليءَ جو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سائلن ۽ محرومن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) گهرڻ واري ۽ محروم ٿي ويل جا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُصَدِّقونَ بِيَومِ الدّينِ (آيت : 26) |
۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ئي ماڻهو آهن) جيڪي حساب جي ڏينهن کي (پنهنجي عمل سان) سچو مڃين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي قيامت جي ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي تصديق ڪن ٿا قيامت جي ڏينهن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جيڪي بدلي واري ڏينهن جي تصديق ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جي عدل جي ڏِينهن ۾، آڻِينِ اِعتبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي قيامت جي ڏينهن کي سچو مڃين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي حساب ڪتاب واري ڏينهن کي سچو ٿا مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي برحق سمجهن ٿا ڏينهن جزا جي کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي آخرت واري ڏينھن کي سچو مڃين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ هُم مِن عَذابِ رَبِّهِم مُشفِقونَ (آيت : 27) |
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي گرفت ۽ عذاب کان ڊڄندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو ئي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي جيڪي پنهنجي پالڻهار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏرندڙ سَندنِ ڏاتار جي، سَزا کان سَهوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي سندن ڌڻيءَ جي عذاب کان ڊڄندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجي رب جي عذاب کان ڊڄندا ٿا رهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي آهن (جيڪي) عذاب پنهنجي رب جي کان ڊڄن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄندا رهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ عَذابَ رَبِّهِم غَيرُ مَأمونٍ (آيت : 28) |
بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇو ته (الله جي قانون جي خلاف ورزيءَ تي ٻي پناهه آهي ئي ڪونه، ان ڪري) سندن پاليندڙ جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي شئ نه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن جي رب جي عذاب کي ڪو دفع ڪندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته سندن پروردگار جو عذاب بي ڊپي ٿيڻ جي ڳالھ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ سندن رب جو عذاب ناهي بي خوف رهڻ جهڙو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته سندن پاليندڙ جو عذاب ئي بي ڊپي ٿيڻ جي شيءِ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انهن جي رب جو عذاب بي خوف ٿيڻ جي شيءِ نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته آهي سَندنِ اَلله جو، اَڻٽر سو آزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇو ته سندن ڌڻيءَ جو عذاب اهڙو آهي، جنهن کان بچي نه سگهبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇو ته سندن رب جو عذاب اهڙو ناهي، جنهن کان ڪو بي ڊپو ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ عذاب سندن رب جو اهڙو نه آهي جو ڪير بي ڊپو ٿي رهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ سندن پالڻھار جو عذاب بي خوف ٿيڻ واري شيءِ نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ هُم لِفُروجِهِم حٰفِظونَ (آيت : 29) |
۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سندن خاصيت هيءَ به آهي ته) پنهنجين عصمتن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (اهي مرد توڙي عورتون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو ئي پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي پنهنجين اگهاڙن جا محافظ (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو اهي پنهنجين اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجن شرمگاهن کي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهي جي سَندن اگھاڙ تي، آهن پورا پهريدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي سندن اوگهڙن جي سنڀال ڪندا آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ئي آهن جيڪي پنهنجي اوگهڙن جي حفاظت ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عَلىٰ أَزوٰجِهِم أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُهُم فَإِنَّهُم غَيرُ مَلومينَ (آيت : 30) |
پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. سواءِ پنهنجي زالن ۽ ملڪ ٿي ويل عورتن جي. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾) اهي ملامت ڪيل نه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر پنهنجي گھر وارين تي يا پنهنجي (شرعي) ٻانهين تي پوءِ بيشڪ انهن تي ڪا ملامت ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مگر پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن ته هرگز ملامت نه ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر پنهنجين زالن تي يا انهن تي جو مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا پوءِ بيشڪ اهي ناهن ملامت ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کان سواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. ڇو ته (انهن کان شرمگاهن نه بچائڻ ۾ ) اهي ملامت ڪيل نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ پنهنجي گهروارين جي يا پنهنجي مِلڪ ۾ آيل ڪنيزن جي پوءِ بيشڪ اُهي (ان ۾) ملامت ڪيل نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَوا گَھر ۽ گولِيين، جِن جا، هَٿ ٿِيَن حَقدار، ڇُٽل سي ڇِينڀ ڪنان، بَچيَل کون ڀَلڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ سندن زالن يا ٻانهين جي_ انهي حالت ۾ مٿن ڪا به ڇينڀ ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ پنهنجي زالن يا هٿ وس آيل عورتن جي، جن کان حفاظت نه ڪرڻ ۾ مٿن ڪا ملامت ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ پنهنجي زالن يا انهن سندن ٻانهين جي، جن کان محفوظ نه رکڻ تي انهن تي ڪانهي ڪابه ملامت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ پنھنجي گهر وارين يا پنھنجي ٻانهين جي. ڇو ته اُنهن ڏي وڃڻ ۾ (شرعي لحاظ سان مٿن ڪابه روڪ ٽوڪ ۽) ملامت ڪيل نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَنِ ابتَغىٰ وَراءَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ العادونَ (آيت : 31) |
پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو انهن کان علاوه چاهي ٿو پوءِ اهي ئي حد کان وڌندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجھ ڪڌو ڪم ڪرڻ) گهرندا سي ئي حد کان لهندڙ آهن(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪي طلب ڪندا ان کان سواءِ پوءِ اهي ئي حد کان لنگهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي ان کان سواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهرندا، سي ئي حد کان لنگهندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪو انهن کان سواءِ طلب ڪري ته پوءِ اُهي ماڻهو حد کان لنگهندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِن، تِن سوا ٻِي تانگھ ڪئـِي، بيشڪ سي بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باقي جيڪي شخص انهن کان سواءِ ٻين کي چاهيندا، سي ئي حد لنگهندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ان کان سواءِ به ڪجهه طلبين ته پوءِ اهي ئي حد کان لنگهي ويل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪي ان کان وڌ ٻيو ڪجهه گُهرندا سي ئي اهي آهن جيڪي حد ٽپن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه چاهيندڙ آهن ته بيشڪ اُهي حد کان لنگهندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ هُم لِأَمٰنٰتِهِم وَعَهدِهِم رٰعونَ (آيت : 32) |
۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن جي خاصيت هيءَ به آهي ته) اهي پنهنجي امانتن (جي حفاظت) ۽ پنهنجي انجام (کي پوري ڪرڻ) جو خيال رکندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي وعدن کي پورو ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام (اقرار) جو خيال رکندڙ آهن(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو اهي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي عهد جي رعايت ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجن امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي امانتن ۽ پنهنجن انجامن جي سنڀال ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جي عَهد، اَمانتون، سَنڀالِين سَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي شخص جيڪي سندن امانتن ۽ انجامن کي پورو ڪندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجي امانتن جي سنڀال ڪن ٿا ۽ پنهنجي ڪيل وعدن جو لحاظ ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي واعدي جو لحاظ ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي امانتن ۽ پنھنجي وعدن جو خيال رکندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ هُم بِشَهٰدٰتِهِم قائِمونَ (آيت : 33) |
۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي (ڪنهن معاملي تي شاهدي ڏين ٿا ته) پنهنجي شاهدين تي پورا بيهندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو پنهنجي شاهدين تي قائم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي پنهنجين شاهدين تي پورا بيٺا آهن(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو اهي پنهنجين شاهدين تي قائم رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجن شاهدين تي پورا بيٺا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي شاهديُن تي قائم رهندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي جي سَندنِ ساکن تي، بيٺل بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي سندن شاهدين کي قائم رکندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي پنهنجي شاهدين ۾ حق سچ تي قائم رهندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي پنهنجي شاهدين تي قائم رهن ٿا سچائين سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي پنھنجي گواهي ڏيڻ تي مضبوط بيٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ هُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 34) |
۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي رکن ٿا(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جيڪي پنهنجي نماز تي نگهباني ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي (هميشه) پابندي ڪن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي جي سَندنِ، نماز جي، واهيپَ ڪن هر وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي سندن نمازن جي سنڀال ڪندڙ آهن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي سنڀال رکن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي جيڪي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي پنھنجي نمازن جي سختيءَ سان پابندي ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ فى جَنّٰتٍ مُكرَمونَ (آيت : 35) |
اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ئي آهن جيڪي هميشه) باغن ۾ عزت وارا ٿي رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جَنَتُن ۾ تعظيم ۽ تڪريم سان هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي بهشت جي باغن ۾ عزت سان رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي بهشتن ۾ عزت ڪيل هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي باغن ۾ عزت وارا ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جنتن ۾ عزت وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عِزَّت ساڻ اَپار، اُهي آهِن باغ بهشت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي بهشت جي باغن ۾ عزت سان رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو مانَ شانَ سان جنت جي باغن ۾ رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي ماڻهو جنت ۾ رهندا وڏي عزت سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي ماڻهو باغن ۾ (وڏي) عزت سان رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمالِ الَّذينَ كَفَروا قِبَلَكَ مُهطِعينَ (آيت : 36) |
پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو (مٿي ڄاڻايل ڳالهين کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ) توڏي ڊوڙندا اچن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جيڪي توهان ڏانهن تيز نگاهن سان ڏسن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو تو ڏي ڊوڙيندا اچن ٿا(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇا ٿيو آهي انهن کي جن ڪفرڪيو تنهنجي طرف تيز نظر سان ڏسندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر! انهن) ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڊوڙندا اچن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي جو توڏي ڀڳا اچن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهي، ڇا اُنهن کي، جِن اَنڌن ڪيو اِنڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪافرن کي ڇا ٿيو آهي، جو تو ڏانهن ڪنڌ کڻي ڊوڙن ٿا(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! ڇا ڳالهه آهي جو اهي ڪافر توڏي ڊوڙندا پيا اچن؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) (ڪهڙي ڳالهه آهي) جو اهي ڪافر تنهنجي سامهون ڊوڙن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن ڪافرن کي ڇا ٿي ويو آهي، جو هو توڏانهن اچڻ شروع ٿي ويا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ عِزينَ (آيت : 37) |
سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ٿي،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان گروه گروه ٿي ڏسندا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٿي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڄي کان ۽ کٻي کان ٽولا ٽولا ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ٽوليون ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تو وَٽِ تڪڙا ميڙ ڪن، سَڄي، کٻي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ساڄي خواهه کاٻي طرف کان ٽوليون ٽوليون ٿي ؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٽولن جا ٽولا ٿيندا ساڄي ۽ کاٻي کان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڄي طرف کان ۽ کٻي طرف کان ٽولا ٽولا ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ٽولين جي صورت ۾ اچن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَيَطمَعُ كُلُّ امرِئٍ مِنهُم أَن يُدخَلَ جَنَّةَ نَعيمٍ (آيت : 38) |
منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ ساڳي وقت) انهن مان سڀڪو شخص هيءَ طمع به رکي ٿو ته (ساڳين حالن تي رهندي) ڇو نه ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن مان هر هڪ جنت النعيم ۾ داخل ٿيڻ جي طمع رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن مان سڀ ڪو ماڻهو هي لالچ رکي ٿو ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا طمع رکي ٿو هر مڙس انهن مان ته داخل ڪيو ويندو نعمتن واري جنت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن مان سڀڪو شخص هيءَ طمع رکي ٿو ڇا ته ان کي نعمت جي باغ ۾ داخل ڪيو وڃي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن مان هر ماڻهو اها آس رکي ٿو ته ان کي نعمتن واري جنت ۾ داخل ڪيو وڃي! (بنا ايمان ۽ عمل جي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، هرڪو هِرکي تن مان، تَڪون ڪري تڪرار، ته گِھڙندو باغ بِهشت ۾، جِت سدابُوندبهار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن مان هر شخص طمع ٿو ڪري، ته نعمت واري بهشت ۾ گهڙي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان هرهڪ اها اميد ٿو رکي ڇا ته هو نعمتن سان ڀريل جنت ۾ داخل ڪيو ويندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اها لالچ رکي ٿو انهن مان هرهڪ ته اهو داخل ڪيو ويندو نعمتن ڀريل جنت ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن مان هر ڪو ماڻهو نعمتن واري باغ ۾ داخل ٿيڻ ٿو چاهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَلّا إِنّا خَلَقنٰهُم مِمّا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين ڪيئن ٿيندو! بيشڪ اسان انهن کي جنهن (ڪرڀائتي مادي) مان پيدا ڪيو آهي، تنهن کي هو ڄاڻن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هرگز نه، بيشڪ اسان انهن کي ان شيءِ مان خلقيو آهي جنهنکي اهي ڄاڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪڏهن نه اسان کين جنهن (گنديءَ) شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي ڄاڻن ٿا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه بيشڪ اسان پيدا ڪيو انهن کي ان مان جيڪو ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ائين ڪيئن ٿيندو! بيشڪ اسان انهن کي اُن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي جنهن کي ڄاڻن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هرگز نه! بيشڪ اسان انهن کي جنهن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنهن کي اُهي (به) ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِيئن آهي ڪو نه ڪو، هِنيون رَک هوشيار، اَسان اُپايا جِنهن مَنجھنان تنهِنجِي سَڀن سُڌ سَنڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر گز نه، اسان بيشڪ هنن کي انهي مان بنايو آهي، جنهن جي خبر اٿن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪل نه، اسان جنهن شيءِ مان کين پيدا ڪيو آهي، تنهن کي پاڻ ڄاڻن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه، بيشڪ اسان جنهن مان کين پيدا ڪيو آهي، تنهن کي پاڻ ڄاڻن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايئن هرگز ناهي! بيشڪ اسان انهن کي جنھن شيءِ مان پيدا ڪيو آهي تنھن جي کين چڱيءَ طرح خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا أُقسِمُ بِرَبِّ المَشٰرِقِ وَالمَغٰرِبِ إِنّا لَقٰدِرونَ (آيت : 40) |
پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ قسم ٿو کڻان اڀرندن ۽ الهندن جي پالڻهار جو (ان جو پالڻهاريءَ وارو نظام شاهدي ڏيندو) ته بيشڪ اسان کي هيءَ قدرت آهي ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ مون کي قسم آهي اوڀرن ۽ اولهن جي رب جو بيشڪ اسين يقيناً ان ڳالهه تي قادر آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته آءُ اڀرندن ۽ اولهندين جي پروردگار جو (پنهنجو پاڻ) قسم کڻان ٿو ته اسين بيشڪ اها قدرت رکون ٿا(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ قسم کڻان ٿو مشرقن ۽ مغربن جي رب جو بيشڪ اسين البته قادر آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اڀرندن ۽ الهندن جي پاليندڙ جو (پنهنجو) قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسان کي هيءَ قدرت آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ آءٌ اوڀرن ۽ اولهن جي مالڪ جو قسم کڻان ٿو ته يقيناً اسان سگھه رکڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساک نه سائـِين جِي کڻان، جو مُندن مَٿي ڌار، بَنائـِيندڙ بُرجَن سان، اولھ، اوڀر پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ آءُ اوڀرندن ۽ اولهندن جي ڌڻيءَ جو قسم ٿو کڻان، ته بيشڪ اسين انهي جي طاقت رکون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مان قسم ٿو کڻان سج اڀرڻ وارين جاين ۽ سج لهڻ وارين جاين جي مالڪ جو، ته اسان کي اها طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو ائين ناهي، آئون قسم کڻان ٿو انهيءَ رب جو جيڪو اوڀرن ۽ اولهن جو مالڪ آهي، بيشڪ اسان ان تي قادر آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ مان اوڀرن ۽ اولهن جي پالڻهار جو قسم کڻي چوان ٿو ته اسان کي قدرت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلىٰ أَن نُبَدِّلَ خَيرًا مِنهُم وَما نَحنُ بِمَسبوقينَ (آيت : 41) |
ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (پالڻهاريءَ واري نظام جي رستي ۾ رڪاوٽ بنجندڙ ماڻهن) جي بدلي ۾ (دنيا ۾ ئي) انهن کان بهتر (ماڻهو) آڻيون، ۽ اسين (ائين ڪرڻ ۾) ڪي عاجز نه آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جو اسين انهن کي تبديل ڪري انهن کان بهتر آڻيون ۽ اهي اسان کان اڳرائي ڪندڙ ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو انهن جي بدران انهن کان بهتر ماڻهو آڻي (وسايون) ۽ اسين عاجز نه آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هن تي جو مٽي آڻيون ڀلا انهن کان ۽ ناهيون اسين اڳرائي ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته انهن جي بدلي ۾ انهن کان چڱا آڻيون، ۽ اسين ڪي عاجز نه آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان تي ته اسان انهن جي بدلي انهن کان چڱا ماڻهو آڻيون ۽ اسان عاجز ٿيڻ وارا نه آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سَچ پچ اَسِين آهيون، وَڏِي سَگھ سَرڪار، ته مَٽي ميٽي اُنهن کي، ٻِئا جوڙيو نيڪ نبار، ۽ ڪٿي اَسين نه آهيون، هرگز کِيندڙ هار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو انهن کي مٽائي چڱا آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جو سندن جاءِ تي انهن کان ڀلا ماڻهو آڻي ڪڍون ۽ ڪوبه اسان کان زور پوڻ وارو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته آڻيون سندن جاءِ تي کانئن سٺا ماڻهو، ۽ اسان عاجز ناهيون (اسان کان ڪوبه بازي نه کڻندو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته اسان انهن جي جاءِ تي انهن کان بھتر ماڻهو آڻيون، اسان ڪو بي وس ته نه آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 42) |
پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) کين ڇڏي ڏي ته، بڪ ڪندا وتن (بي مقصد ڪوشش جون ٻاراڻيون) رانديون ڪن، ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان (نتيجي واري) ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن کي ڇڏيو ته ڀلي اهي اجايون ڳالهيون ۽ رانديون ڪن ايستائين جو اهي ان ڏينهن کي مِلن جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۾ پيا کيڏندا رهن ايتري تائين جو اهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن سان واعدو ڪيل آهي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي اجاين ڪمن ۾ مشغول رهن ۽ راند ڪندا رهن تانجو ملاقي ٿين پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن جو وعدو ڏنا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) کين ڇڏي ڏي ته بيهودا ڪم ڪن ۽ رانديون ڪن ايتري تائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انهن کي ڇڏي ڏي ته بيهودن ڪمن ۽ راندين ۾ پيا رهن ايستائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇَڏِيِين ته گُھنڊ گھڙينِ ڪي ۽ کيلِينِ کيل خوار، تان ڏِسنِ اُنهئ ڏِينهن کي، جنهن جا ساڻنِ قول قرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اي رسول! تون کين ڇڏي ڏي ته ٺاهه ٺاهيندا ۽ کيڏندا وتن، جيسين هو سندن انهي ڏينهن کي ڏسن، جنهنجو کين انجام ٿو ڏجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري ڇڏي ڏينِ ته بيهودا ڪم ڪندا ۽ رانديون رونديون ڪندا وتن، تانجو پنهنجي انهيءَ ڏينهن تائين وڃي پهچن، جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو ٿو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي بيهوده ڳالهيون ڪن ۽ راند روند ۾ رُڌل رهڻ ڏي جيئن اهي پهچن پنهنجي انهيءَ ڏينهن کي جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو پيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن کي بيھوده ڳالهين ۽ وندر ۾ پيل ڇڏي ڏي. ايستائين جو هو پنھنجو اهو ڏينھن ڏسندا جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ سِراعًا كَأَنَّهُم إِلىٰ نُصُبٍ يوفِضونَ (آيت : 43) |
جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن اهي قبرن مان تڪڙا ٿي محشر ڏانهن نڪرندا گوياڪ تحقيق اهي پنهنجي جھنڊي ڏانهن موٽن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙيندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن نڪرندا قبرن مان تڪڙا ڄڻ ته اهي نشانن ڏانهن ڊوڙن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اهي ڪنهن کُتل نشان ڏي ڊوڙندا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن قبرن مان ائين ڊوڙندا نڪرندا ڄڻڪ اُهي ڪنهن کُتل نشان طرف ڊوڙندا ٿا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تائُو تُربتن مان، جڏهن نِڪرندا نِروار، ڪَر ڀَڄندا وَڃنِ بُتن تي، يا ميڙُو ميلي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن قبرن مان ائين پيا ڊوڙندا نڪرندا، جو ڄڻ ته اُهي ڪنهن جهنڊي ڏانهن ٿا ڊوڙن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن ڏينهن اهي پنهنجي قبرن مان نڪري ائين پيا ڊوڙندا ويندا ڄڻ ته پنهنجن بتن جي آستانن ڏانهن پيا ڊوڙندا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن نڪرندا اهي پنهنجي قبرن مان ڊوڙندا ويندا اهڙيءَ طرح جيئن پنهنجي بتن جي آستانن ڏي ڊوڙي رهيا هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن اُهي قبرن مان ايئن ڊوڙندي نڪرندا ڄڻ ته مقرر نشان ڏانھن ڊوڙندا وڃن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ ذٰلِكَ اليَومُ الَّذى كانوا يوعَدونَ (آيت : 44) |
ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان وقت شرمساريءَ وچان) سندن اکيون هيٺ هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي. اهوئي اهو ڏينهن آهي جنهن جو کين (وري وري) واعدو ڏنو ويندو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جون اکيون جھُڪيل هونديون انهن تي ذلت ڇانيل هوندي. اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن وقت) سندن اکيون (شرم کان) هيٺ هوندين کين خواري وڪوڙيل هوندي . اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جهڪندڙ اکيون انهن جون ڇانئجي ويندي انهن تي ذلت اِهو اُهو ڏينهن آهي جنهن جو وعدو ڏنا ويا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان وقت) سندن اکيون هيٺ هونديون انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي. اِهوئي ڏينهن آهي جنهن جو کين وعدو ڏنو پيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جون اکيون جهُڪيل هونديون انهن کي ذلت وڪوڙي ويندي. اِهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو ويندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَکيون اُجھائل اُنهن جون، رَسَندن ذِلت زار، سا آهي اُهائـِي وار، جنهن جو ٻول ٻَڌو وِيو اُنهن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن اکيون جهڪيون هونديون ۽ کين خواري وٺي ويندي- اهو اُهو ڏينهن آهي جنهن جو کين انجام ڏبو هو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نظرون جهڪيل هوندن، ذلت مٿن ڇانئجي رهي هوندي. اهوئي اهو ڏينهن آهي، جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو ٿو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جهڪيل هونديون سندن نگاهون، ڇانيل هوندي مٿن ذلت، هي اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو پيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن نگاهون ڪُومايل (يعني جهڪيل) هونديون ۽ هو خواريءَ ۾ ورتل هوندا. هي اهوئي ڏينھن آهي جنھن جو انهن سان وعدو ڪيو ويندو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |