توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
المص (آيت : 1) |
الٓمّٓصٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الٓمّٓصٓ(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الۗمّۗصۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) المص(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الٓمّٓصٓۚ۱ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) المص. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام ميم صاد (هي حروفِ مقطعات آهن، هنن جو مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الٓـمّٓـصٓ جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف- لام- ميم- صاد- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﶍ (الف ـ لام ـ ميم ـ صاد) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-م-ص(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف - لام- ميم- صاد (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كِتٰبٌ أُنزِلَ إِلَيكَ فَلا يَكُن فى صَدرِكَ حَرَجٌ مِنهُ لِتُنذِرَ بِهِ وَذِكرىٰ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 2) |
(اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! هي) ڪتاب آهي جو توتي نازل ڪيو ويو آهي. پوءِ ان (ڪتاب) جي ڪري تنهنجي سيني ۾ ڪجهه به تنگي ۽ تڪليف نه هئڻ گهرجي (۽ نه ٿيندي) انهيءَ لاءِ ته تون هن (ڪتاب) جي وسيلي (انڪار ۽ بدعملي جي نتيجن کان) خبردار ڪرين. (۽ هي ڪتاب) ايمان وارن لاءِ بيداري ۽ نصيحت ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هيءُ) قرآن ڪريم نازل ڪيو ويو رسولِ عربي ڏانهن پوءِ توهان (تبليغ وقت) پريشان نه ٿيو ان لاءِ ته ماڻهن کي قرآن ڪريم سان ڊيڄاريو ۽ مؤمنن لاءِ (قرآن ڪريم) نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هي خدا جو ڪتاب (قرآن) تو تي هن لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته جيئن ان جي وسيلي (ماڻهن کي خدا جي عذاب کان ڊيچارين ۽ ايمان وارن لاءِ نصيحت جو سبب ٿئي ته پوءِ هن سبب جي ڪري تنهنجي دل ۾ تنگي پيدا نه ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (هي) ڪتاب آهي جو لاٿو ويو آهي توڏانهن پوءِ نه هجي سيني (مبارڪ) تنهنجي ۾ تنگي ان (جي پهچائڻ) ۾ تانته ڊيڄارين ان سان ۽ نصيحت آهي مؤمنن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي هڪ ڪتاب آهي جو توڏي نازل ڪيو ويو آهي پوءِ تنهنجي سيني ۾ ان (کي ماڻهن تائين پهچائڻ) جي ڪري ڪجهه به تنگي نه اچڻ گهرجي هن لاءِ ته تون ان سان (ماڻهن کي) ڊيڄارين ۽ ايمان وارن لاءِ نصيحت هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هي) ڪتاب آهي جيڪو تو ڏانهن لاٿو ويو آهي پوءِ (ڪفار جي انڪار سبب) تنهنجي سيني ۾ تنگي نه اچڻ گهرجي هن لاءِ (لاٿو ويو آهي) ته تون ان جي ذريعي ڊيڄارين ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پرور کي، پَروڙ، توڏي لاٿو ويو ليک ڪو، پوءِ هُجي، ڪانه حُضور!، تُنهنجي سِيني ۾، سوڙه ڪا، تنهن کان ذرو ضرور، تان ڊِڄار اُن سان، ڍوليا! باه ڀَران، ڀَرپُور، ۽ مومنن لئي مُور، موچارو مَذڪور، سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ڪتاب تو ڏانهن نازل ڪيل آهي ته تون ان سان ڊيڄارين ۽ مومنن لاءِ نصيحت آهي- تنهنڪري ان کان تنهنجو سينو تنگ ٿيڻ نه گهرجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي هڪڙو ڪتاب آهي، جيڪو توڏانهن نازل ڪيو ويو آهي. سو اي نبي! تنهنجي دل ۾ ان جي ڪري ڪابه تنگي نه ٿيڻ کپي. اهو ته ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته تون ان جي ذريعي (منڪرن کي) ڊيڄارين ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو توڏي نازل ڪيو آهي، پوءِ (اي نبي!) نه ٿئي تنهنجي دل ۾ ان لاءِ ڪا هٻڪ، ان کي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته تون ان سان (منڪرن کي) ڊيڄارين جيئن ايمان وارن کي نصيحت ٿئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي هڪ ڪتاب آهي، جيڪو تنھنجي مٿان نازل ڪيو ويو آهي (ان جي نازل ڪرڻ سان) تنھنجي دل ۾ ڪا به پريشاني نه ٿيڻ کپي (ڇو جو هن ڪتاب جي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته) توهان هن جي ذريعي انڪار ڪندڙن کي ڊيڄاريو ۽ ايمان وارن لاءِ هي ڪتاب هڪ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اتَّبِعوا ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم وَلا تَتَّبِعوا مِن دونِهِ أَولِياءَ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 3) |
جيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو) توهان جي پروردگار وٽان جيڪي اوهان ڏي موڪليو ويو آهي (يعني جيڪو منهنجو وحي اوهان کي منهنجو رسول ٻڌائي ٿو) تنهن جي پيروي ڪيو (ان تي عمل ڪيو) ۽ خدا کي ڇڏي اوليائن (جن کي توهان خدا سان شريڪ ٿا ڪيو ۽ سمجهو ٿا ته خدا وٽ هنن جي رسائي آهي ۽ اسان جي مدد ڪندا اهڙن خيالن) جي تابعداري نه ڪريو. (افسوس جو) توهان (اهڙي سولي ڳالهه نٿا سمجهو ۽) تمام ٿورا آهيو جو نصيحت حاصل ڪيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تابعداري ڪريو قرآن ڪريم جي جيڪو توهان ڏانهن نازل ڪيو ويو توهان جي رب جي طرفان ۽ الله کان سواءِ حاڪمن جي تابعداري نه ڪريو، توهان تمام ٿورو سمجھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي انسانو!توهان جي پالڻهار جي طرفان جيڪي اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي ان جي پيروري ڪريو ۽ انکانسواءِ ٻين (فرضي) سرپرستن (معبودن جي پيروي نه ڪريو. اوهين ماڻهو ته تمام ٿوري نصيحت قبول ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تابعداري ڪيو ان جي جو لاٿو ويو اوهان ڏانهن رب اوهان جي وٽان ۽ نه تابعداري ڪيو سواءِ ان جي ٻين دوستن جي ٿوري ٿا نصيحت قبول ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اوهان ڏي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان لاٿو ويو آهي تنهن تي هلو ۽ اُن (الله) کان سواءِ ٻين دوستن جي پٺيان نه هلو.اوهين بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي انسانو) تابعداري ڪيو ان (قرآن) جي جيڪو اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار پاران نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (الله) کي ڇڏي ٻين دوستن جي پويان نه هلو. اوهان ٿوري نصيحت قبول ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو اُتريان آگي ڪنان، لڳو لَڙه تِنهين، ۽ تِنهن ري، ٻِين ٻيليَنِ مان، نه لڳو ڪَڍ ڪنهين، اوهان، مَنجھان تِنهين، پُورو پُنو پِرائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اوهان ڏانهن اوهان جي رب کان لاٿل آهن، ان جي ئي پيروي ڪريو، ۽ ان کي ڇڏي ٻين الاهن جي پيروي نه ڪريو اوهين گهٽ ئي نصيحت وٺو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسانؤ! جيڪي توهان جي رب طرفان توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، ان تي هلو ۽ پنهنجي رب کي ڇڏي ٻين سهارن جي ڪڍ نه لڳو، پر توهان نصيحت ٿورو ئي وٺندا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيروي ڪريو ان تي جيڪو توهان تي نازل ڪيو ويو آهي توهان جي رب طرفان، ۽ ٻين جي پيروي نه ڪريو سرپرستن جي پنهنجي رب کي ڇڏي، پر ٿورا ئي آهن جيڪي نصيحت قبول ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي پالڻھار جي طرف کان جيڪو ڪجهه توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي، ان جي پيروي ڪريو ان کان علاوه ٻين حمايتين جي پيروي نه ڪريو (حقيقت هي آهي ته) توهان ماڻهو تمام گهٽ ئي نصيحت پرايو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَم مِن قَريَةٍ أَهلَكنٰها فَجاءَها بَأسُنا بَيٰتًا أَو هُم قائِلونَ (آيت : 4) |
۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسانو! عبرت وٺو، ڏسو ته) ڪيترا نه شهر اسان تباه ڪري ڇڏيا (هن ڪري جو انهن جي ماڻهن تڪبر ۽ ظلم ڪيو ۽ خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي) اسان جو عذاب هنن تي رات جي وقت (اوچتو) اچي ڪڙڪيو يا ڏينهن جي وقت جڏهن (منجهند واري مٺي) ننڊ ۾ هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا پوءِ آيو انهن تي عذاب اسان جو رات جي وقت يا ٻنپهرن جو جنهن وقت اهي آرام ڪندڙ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اوهان کي خبر نه آهي جو) اهڙيون ڪيئي بستيون (شهر) آهن جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو ته اسان جو عذاب (کين اهڙي مهل) اچي پهتو جو اهي ماڻهو يا ته (رات جو) گهري ننڊ ۾ ستا پيا هئا، يا وري ڏينهن جو اهي (ٻن پهرن جي) قيلوله (لوٽ پوٽ) ڪري رهيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا ڳوٺ هلاڪ ڪيوسون انهن کي پوءِ آيو انهن وٽ عذاب اسان جو رات جو يا اهي مجھند جو ستل هيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيترا ڳوٺ آهن جن کي اسان برباد ڪيو آهي پوءِ اسان جو عذاب مٿن (ياته) راتو رات آيو يا اهي ٻن پهرن جي ننڊ ۾ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪيترا ئي ڳوٺ آهن جن کي اسان هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي اسان جو عذاب رات جو آيو يا اُهي منجهند جي ننڊ ۾ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪياسون ننگر ناس ڪَئين، پوِ اسان جو عذاب، رات سِين، مَنجھ خواب، يا مانجھاندي ۾ مارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان ڪيترن ڳوٺن کي ناس ڪيو. وٽن اسان جو عذاب رات جو آيو يا سندن ڏينهن جي سمهڻ وقت. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪيتريون ئي آباديون هيون، جن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو. مٿن اسان جو عذاب رات جي وڳڙي ۾ اوچتو اچي ڪڙڪيو يا وري ڏينهن ڏٺي جو اوڏي مهل آيو، جڏهن هو آرام ڪري رهيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيتريون ئي وستيون هيون جن کي اسان تباهه ڪيو، انهن تي اسان جو عذاب رات جو يا ڏينهن جو اچي ڪڙڪيو جڏهن هو آرام ۾ هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ڪيترن ئي ڳوٺن (۽ شھرن) کي برباد ڪري ڇڏيوسين پوءِ انهن تي اسان جو عذاب رات جو آيو هو يا منجهند جو جڏهن هو آرام ۾ هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما كانَ دَعوىٰهُم إِذ جاءَهُم بَأسُنا إِلّا أَن قالوا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 5) |
پوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن وقت هنن جي مٿان اسان جو عذاب اچي ڪڙڪيو تنهن وقت هنن جي وات ۾ فقط اهائي وائي هئي ته بيشڪ اسان سچ پچ ظالم هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ نه هو (ڪارآمد) پُڪارڻ انهن جو، جنهن وقت انهن تي اسان جو عذاب آيو مگر پاڻ چيائون ٿي ته بيشڪ اسين ظالم هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ جڏهن اسان جو عذاب مٿن آيو تڏهن سندن فرياد هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو بيشڪ اسين ظالم هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه هئي پڪار انهن جي جڏهن آيو انهن وٽ عذاب اسان جو مگر هيءُ جو چيائون ته بيشڪ اسين هئاسين ظلم ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب مٿن آيو تڏهن سندن فرياد هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو ته بيشڪ اسين ظالم هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته انهن جي پُڪار ان کان سواءِ ٻي نه هئي جو چوڻ لڳا: ”بيشڪ اسان پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وائـِي نه هُينِ تِنهن وار، جڏهن آينِ وار اسان جو، مگر چيائون مُنهن سان، ته هُئاسون هاڃيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن، وٽن اسان جي عذاب اچڻ وقت فقط ايئن ئي ٿي چيو ته ”اسين برابر ظالم هئاسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اسان جو عذاب مٿن اچي پيو ته ان کانسواءِ ٻي ڪا وائي سندن وات نه هئي ته "بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اسان جو عذاب انهن تي آيو ته انهن جي زبان تي ان کان سواءِ ٻي ڪا صدا نه هئي ته واقعي اسين ظالم هئاسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بھرحال) جڏهن به اسان جو مٿن عذاب آيو ته هو اعتراف ڪندا هئا ته واقعي اسان ئي ظالم هئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَنَسـَٔلَنَّ الَّذينَ أُرسِلَ إِلَيهِم وَلَنَسـَٔلَنَّ المُرسَلينَ (آيت : 6) |
پوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (به) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (به) ضرور پُڇنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (قيامت جي ڏينهن) اسان انهن ماڻهن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇا ڪنداسين (ته توهان پنهنجي ماڻهن کي اسان جا ڪهڙا حڪم پهچايا ۽ انهن ڪيتري قدر اسان جي حڪمن جي تعميل ڪئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ضرور پڇنداسين انهن ماڻهن کان جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ ضرور سوال ڪنداسين (تبليغ متعلق) رسولن کان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسين ته ضرور (هر ڳالھ جو) انهن ماڻهن کان پڇنداسون ۽ خود پيغمبرن کان به ضرور پڇنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ البته ضرور پڇنداسون انهن کان جو موڪليا ويا انهن ڏانهن ۽ البته ضرور پڇنداسون موڪليلن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جن ڏي رسولن کي موڪليو ويو تن کان ضرور پڇنداسون ۽ رسولن کان به ضرور پڇنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ضرور انهن ماڻهن کان پڇاڻو ڪنداسين جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ اسان رسولن کان به (ماڻهن جي رد عمل بابت) ضرور پڇنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُڇنداسون اُنهن کان، آيا پيغمبر جن پار، پڻ کولي خَبر چار، پُڇنداسون پيغمبرن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جن ڏانهن رسول موڪليا ويا تن کان به ضرور پڇنداسون ۽ رسولن کان به ضرور پڇنداسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ائين ته ضرور ٿيندو جو اسان انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪنداسون، جن ڏانهن اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇنداسين (ته انهن پنهنجو پيغام پهچائڻ وارو ڪم ڪيتريقدر سرانجام ڏنو ۽ کين ڪهڙو جواب مليو) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ائين ته ضرور ٿيڻو آهي ته اسان انهن کان پڇنداسين ۽ انهن موڪليل پيغمبرن کان (ته انهن کي ڇا جواب مليو؟)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن قومن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي رسول موڪليا هئا ۽ وري رسولن کان به ان باري ۾ ضرور پڇا ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيهِم بِعِلمٍ وَما كُنّا غائِبينَ (آيت : 7) |
پوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نه ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) پوءِ جيئن ته اسان کي (اڳيئي) سڀ ڪجهه معلوم آهي سو اسان سڀ حالتون کين ٻڌائينداسين، ڇو ته اسان ڪٿي به (۽ ڪنهن به وقت هنن کان پري) غائب يا غيرحاضر ڪونه هئاسين (۽ اسان نه رڳو سندن عمل پئي ڏٺا پر سندن دل جا خيال به معلوم پئي ڪيا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن تي اسين سندن حالات پنهنجي علم سان بيان ڪنداسين ۽ اسين بي خبر ناهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسين انهن کان پوري پوري حقيقت حال پڇنداسون ۽ اسين غائب ته نه هياسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ البته ضرور بيان ڪنداسون انهن تي علم سان ۽ نه هئاسون غائب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسين کين ثابتيءَ سان ٻڌائينداسون. ۽ اسين پري نه هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کي علم سان (سڀ ڪجھه) ضرور ٻڌائينداسين ۽ اسان (انهن کان) پري نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَٿنِ صحِي سُڌسان قِصو ڪنداسين، ۽ اُنهن کان اَسين، دُور نه آهيون، دم گھڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين علم سان سڀ ٻڌائينداسون ۽ اسان کانئن پري ته نه هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان پاڻ پوريءَ ڄاڻ سان سڀ ڪجهه ٿيل کين بيان ڪري ٻڌائينداسين. آخر اسان ڪٿي غائب ته نه هئاسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان سمورو احوال کين ٻڌائي پڇنداسين ته اسان ڪٿي غائب ته نه هئاسين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن کان غائب (يعني پري) ته نه هئاسين، سو کين پوري ثبوت سان هر شيءِ ٻڌائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالوَزنُ يَومَئِذٍ الحَقُّ فَمَن ثَقُلَت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 8) |
۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا تراڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن (عملن جي) تور بلڪل ٺيڪ ٺيڪ ڪئي ويندي پوءِ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ ڳورو ٿيندو سي ئي ڪامياب ٿيندا (۽ بهشت جون نعمتون ماڻيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن عملن جو پورو ثواب ملندو، پوءِ جنهن ماڻهو جا وزن (نيڪ عمل) زياده ٿيا پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن (اعمال جو) تورڻ بلڪل سچ آهي. پوءِ جن جي (نيڪ اعمال جا) پڙ ڳرا ٿيندا سي ئي ڪامياب ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (عملن جي) تور ان ڏينهن حق آهي پوءِ اهو شخص جو ڳرا ٿيا عملناما ان جا پوءِ اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ڏينهن (عملن جي) تور انصاف سان ٿيندي. پوءِ جن جا (چڱا) عمل ڳرا ٿيندا، سي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن (عملن جو) تورجڻ حق آهي، پوءِ جن جا (نيڪين جا) پُڙَ ڳرا ٿيا ته پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهي ڏينهن تور، واجبِي وَهنوار سان، پوءِ آجا اُهي اَتور، جن جو، ڳرو بار ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُن ڏينهن تور برابر ٿيندي، پوءِ جنهن جو پُڙ ڳرو هوندو اهي ئي ڪامياب هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وزن انهيءَ ڏينهن بلڪل اصل حق هوندو، پوءِ جن جا پــُـڙ ڳورا ٿيندا، اهي ئي هوندا ڪاميابي لهڻ وارا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وزن ان ڏينهن عين حق هوندو، پوءِ جن جا پڙ ڳرا ٿيا اهي ئي ماڻهو فائدو ماڻيندا (ڪامياب رهندا).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن اعمال جو وزن (انصاف سان) ضرور ڪيو ويندو پوءِ جن جا (نيڪيءَ جا) وزن ڳرا هوندا، بس! اُهي ئي ڪامياب هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن خَفَّت مَوٰزينُهُ فَأُولٰئِكَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَظلِمونَ (آيت : 9) |
۽ جن جا تراڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان ڇيئو لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ هلڪو ٿيندو تن جون جانيون هلاڪت ۾ پونديون، ڇو ته هنن اسان جي آيتن ۽ حڪمن بنسبت بي انصافي ئي هئي (۽ انهن تي عمل ڪرڻ بدران مخالفت ڪئي هئائون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو جا وزن (نيڪ عمل) گھٽ ٿيا پوءِ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجن نفسن کي نقصان ۾ وڌو انهيءَ سببان جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪيائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن جي (نيڪ اعمالن جا) پڙ هلڪا ٿيندا ته انهن ماڻهن اسان جي آيتن جي نافرماني ڪرڻ جي سبب پاڻ ئي پاڻ کي نقصان پهچايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو شخص جو هلڪا ٿيا عملناما ان جا پوءِ اهي ئي آهن جو نقصان ۾ وڌائون سرن پنهنجن کي سببان ان جي جو آيتن اسان جن سان ظلم ٿي ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن جا (چڱا) عمل هلڪا ٿيندا سي اهي آهن جن پاڻهين پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي، هن ڪري جو اُهي اسان جي آيتن جو انڪار پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن جا (نيڪين جا)پُڙَ هلڪا ٿيا ته اُهي ئي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ان ڪري جو اُهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَلڪو جن جو بار ٿيو، اُهي، سي آڄاڻ، جوکي ۾ سندنِ جانِيون، پاڻهين وِڌائون پاڻ، اَسان جي آيتن ساڻ، جيلانهن، جاڙون ڪن پيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن جو پُڙ هلڪو هوندو، سي نقصان هيٺ هوندا، جو هو اسان جي حڪمن سان بي انصافي ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن جا پــُـڙ ٿيندا هلڪا سي ئي ته هوندا اهي جن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو هو، ڇو جو اهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن جا پڙ هلڪا ٿيا پوءِ اهي ئي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڇيهو رسائڻ وارا هوندا، ڇو ته اهي اسان جي آيتن سان ظالماڻو ورتاءُ ڪندا رهيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن جا (نيڪيءَ جا) وزن گهٽ ٿيا ته اهڙن ماڻهن اسان جي آيتن سان ظلم ڪرڻ سبب پنھنجو پاڻ کي وڏي خساري ۾ وجهي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد مَكَّنّٰكُم فِى الأَرضِ وَجَعَلنا لَكُم فيها مَعٰيِشَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسانو) اسان توهان کي زمين تي (پنهنجي پنهنجي حد اندر) حڪمراني ڏني آهي (يا سلامتيءَ سان رهايو آهي) ۽ ان زمين ۾ توهان جي زندگيءَ ۽ گذران جو سامان ۽ وسيلا ٺاهيا آهن (پر افسوس) توهان ماڻهو گهڻي قدر بي شڪري ٿا ڪيو (جو خدا جي نعمتن خصوصاً وحي جي نعمت جو پورو فائدو نٿا وٺو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان توهان کي زمين تي آباد ڪيو ۽ اسان توهان لاءِ زمين ۾ گذران پيدا ڪيو، توهان تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (بني آدم اسان ته يقينن اوهان کي زمين ۾ قدرت ۽ اقتداري ڏنو ۽ انهن ۾ اوهان جي لاءِ زندگي جي گذران جو سامان پيدا ڪيو (پر تڏهن به) اوهين تمام گهٽ قدر ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق طاقت سان ورهايوسون اوهان کي زمين ۾ ٺاهياسون اوهان لاءِ ان ۾ گذران جا ذريعا تمام ٿورو ٿا شڪر ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان اوهان کي زمين ۾ طاقت ڏني ۽ اوهان لاءِ ان ۾ گذران جو سامان پيدا ڪيوسون. اوهين بلڪل ٿورو شڪر ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تحقيق اسان اوهان کي زمين ۾ (اختيارات سان) آباد ڪيو ۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا اسباب بنايا. توهان ٿورڙو شڪر ادا ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسون زور، زمين ۾، آن کي، ماڳ مَڪان، ۽ ڪيو سون اوهان جو اُن ۾، مُقرّر گُذران، اُنهيءَ جا اِحسان، ٿورا، ٿورا، ڳائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان اوهان کي زمين ۾ رهايو ۽ ان ۾ اوهان جو گذران رکايوسون، پر اوهين گهٽ ئي شڪر ڪريو ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توهان کي زمين ۾ بااختيار بڻائي رهايو ۽ توهان لاءِ منجهس زندگي گذارڻ جو سامان مهيا ڪيو پر توهان ٿوروئي شڪر ادا ڪريو ٿا!(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان توهان کي بااختيار ڪري زمين ۾ رهايو ۽ توهان لاءِ زندگي گذارڻ لاءِ سامان ڏنو، پر ٿورا ئي ماڻهو شڪر ادا ڪندا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توهان کي زمين ۾ رهايوسين ۽ اوهان جي لاءِ ان ۾ زندگي گذارڻ جو سامان مھيا ڪيوسين، (پوءِ به) توهان ماڻهو تمام گهٽ شڪر ادا ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد خَلَقنٰكُم ثُمَّ صَوَّرنٰكُم ثُمَّ قُلنا لِلمَلٰئِكَةِ اسجُدوا لِءادَمَ فَسَجَدوا إِلّا إِبليسَ لَم يَكُن مِنَ السّٰجِدينَ (آيت : 11) |
۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسانو! ڏسو ته) اسان ئي توهان کي پيدا ڪيو ۽ (نه رڳو پيدا ڪيو پر پيدا ڪرڻ بعد ظاهري توڙي معنوي طور سهڻي) صورت ڏني (۽ علم سيکاريو ۽ فرشتن کان به مٿاهون درجو ڏنو) پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان جهڪو. پوءِ سڀئي فرشتا (آدم جي اڳيان تعظيم لاءِ) جهڪيا ۽ نوڙيا، پر ابليس نه جهڪيو ۽ جهڪڻ وارن سان شامل نه ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان توهان کي پيدا فرمايو پوءِ اسان توهان جون صورتون تيار ڪيون اُن کان پوءِ اسان ملائڪن کي فرمايو ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ (سڀني) سجدو ڪيو مگر شيطان، سجدي ڪندڙن مان نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ شڪ ئي نه آهي ته اسان، اوهان (جي پيءُ آدم) کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته (اوهان) سڀئي جهڪيا. پر ابليس جيڪو سجدي ڪرڻ وارن ۾ (شامل) نه ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پيدا ڪيو سون اوهان کي ان کان پوءِ صورت ڏني سون اوهان کي ان کان پوءِ چيوسون ملائڪن کي ته سجدو ڪيوآدم جي اڳيان پوءِ سجدو ڪيائون سواءِ شيطان جي جو نه هو سجدي ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان اوهان کي پيدا ڪيو وري اوهان جي شڪل ٺاهي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو ! پوءِ انهن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. هو (ابليس) سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تحقيق اسان اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي صورت ڏني پوءِ اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُهو سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَنايو سُونِيان بحال، پوءِ سِينگاريون سُونِينان صُورتون، موٽِي مَلائڪن کي، چيو سون اِهڙِي چال، ته نَمو آدم اڳيان، پوءِ نَميا نيڪ نِهال، مگر نَمندڙنِ نال، شيطان شامل ڪِين هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان اوهان کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان جون صورتون بنايون سون، پوءِ اسان ملائڪن کي چيو ته ”آدم اڳيان جهڪو“ ۽ پوءِ ابليس کان سواءِ سڀ جهڪيا، مگر هو جهڪڻ وارن مان نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توهان کي خلقڻ جي شروعات ڪئي، پوءِ توهان کي شڪل صورت ڏني سون، پوءِ ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو. حڪم ٻڌي سڀني سجدو ڪيو، پر ابليس سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان توهان جي تخليق ڪئي پوءِ توهان کي شڪل ڏني، پوءِ چيوسين ملائڪن کي ته سجدو ڪريو آدم کي، سڀني سجدو ادا ڪيو سواءِ ابليس جي، اهو شامل نه هو سجدي ڪرڻ وارن ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان کي پيدا ڪيو ۽ توهان کي (سهڻي) شڪل ڏني پوءِ ملائڪن کي آدم کي سجدو ڪرڻ لاءِ چيو، سو سڀني ملائڪن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي، هو سجدو ڪندڙن ۾ شامل نه ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ما مَنَعَكَ أَلّا تَسجُدَ إِذ أَمَرتُكَ قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 12) |
(الله) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن ته توکي حُڪم (به) ڪيم، چيائين ته آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باہ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي الله تعاليٰ ابليس کان) پڇيو ته، جڏهن مان توکي سجدي ڪرڻ جو حڪم به ڏنو تڏهن ڪهڙي ڳالهه توکي روڪيو جو سجدو نه ڪيئي؟ ابليس ورندي ڏني ته مان هن (يعني آدم) کان بهتر آهيان ڇو ته مون کي باهه مان پيدا ڪئي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو توکي ڪهڙي شيءِ منع ڪيو جو تو سجدو نه ڪيو جڏهن ته مون توکي حڪم ڪيو، شيطان چيو آئون آدم کان ڀلو آهيان تو مون کي باه مان پيدا ڪيو ۽ آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا (ابليس کي) فرمايو: جڏهن مون (خود) تو کي حڪم ڏنو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪهڙي ڳالھ روڪيو؟ چوڻ لڳو ته آءُ هن کان افضل آهيان. ڇو ته تو مون کي باھ (جهڙي لطيف عنصر) مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽي (جهڙي ڪثيف عنصر) مان پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو (الله) ته ڪنهن روڪيو توکي جو سجدو نه ڪَيُئي جڏهن امر ڪيو مون توکي ته چيائين ته مان ڀلو آهيان ان کان، پيدا ڪَيُئي مون کي باھ مان ۽ پيدا ڪَيُئي ان کي مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله (ابليس کي) فرمايو ته توکي ڪهڙي ڳالهه سجدي ڪرڻ کان روڪيو آهي جڏهن آءُ توکي (ان جو) حڪم ڪري چڪو آهيان؟ابليس چيو ته آءُ ان کان چڱو آهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) پڇيو: ”تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو؟ جڏهن مون تو کي حڪم ڪيو هو“. چيائين: ”آءٌ هن (آدم) کان ڀلو آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، توکي جُھڪڻ کان، ڪِنهن جَھليو، جڏهن ڪيئـِي، مُون فرمان، چي، آئون آهيان اُن ڪنان، ڀَلو بي گمان، هُن کي مِٽِيان، مِهربان!، مُون کي جوڙئـِي جوت مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (الله) چيو ”ابليس! جڏهن مون توکي حڪم ڏنو، ته توکي ڪهڙيءَ ڳالهه جهڪڻ کان روڪيو؟“ چيائين ”آءٌ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (تنهن تي الله، ابليس کي) چيو ته، "توکي ڪهڙيءَ ڳالهه سجدي ڪرڻ کان جهليو، جڏهن جو مون توکي حڪم ڏنو هو؟" چيائين، "مان انهيءَ کان ڀلو آهيان، تو مونکي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هــُـن کي مٽيءَ مان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (الله) پڇيو، توکي ڪهڙي شيءِ سجدي ڪرڻ کان روڪيو جڏهن ته منهنجو حڪم هو؟ چيائين: آئون ان کان بهتر آهيان، تو مون کي پئدا ڪيو آهي باهه مان ۽ ان کي پئدا ڪيو آهي مٽيءَ مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کيس فرمايو ته جڏهن مان تو کي سجدو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ته تو کي ڪهڙي شيءِ سجدي ڪرڻ کان روڪيو هو؟ هن چيو ته: مان آدم کان بھتر آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَاهبِط مِنها فَما يَكونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فيها فَاخرُج إِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرينَ (آيت : 13) |
(الله) چيو ته اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ توکي منجھس وڏائي ڪرڻ نه جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇوته تون خوار ٿيلن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (تنهن تي) حڪم ڪيو ته (اي ابليس!) جنت مان نڪري وڃ مناسب ناهي ته تون هن حالت ۾ رهي تڪبر ڪرين. نڪري وڃ ٻاهر. يقيناً تون ذليلن خسيسن مان آهين. (جيڪي هميشه خوار خراب رهن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو تون اِتان نڪري وڃ توکي لائق ناهي جو تون اتي تڪبر ڪرين، پوءِ تون اِتان نڪري وڃ بيشڪ تون ذليلن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو (تو کي اها ئي وڏائي آهي) ته (بهشت مان) هيٺ لهي وڃ ڇو ته تو کي اها مجال نه آهي جو هتي رهي ڪري وڏائي ڪرين، تون هتان (ٻاهر) نڪر! بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين پوءِ لهي وڃ ان مان پوءِ نه ٿو مناسب رهي تولاءِ هيءُ جو هٺ ڪرين ان ۾ پوءِ نڪري وڃ بيشڪ تون ذليلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته تون ان (جنت) مان هيٺ لهي وڃ جو توکي ان ۾ وڏائي ڪرڻ جو حق نه آهي پوءِ ٻاهر نڪر ! ڇو ته تون خوار ٿيلن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”تون هتان هيٺ لهي وڃ تو کي نه پيو جُڳائي جو تون ان ۾ وڏائي ڪرين! پوءِ (منهنجي بارگاهه مان) ٻاهر نڪر بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، لَھُ هِن مان؛ تون نه لَهين، ته مَنجھسِ پَڏائين پاڻ، پوءِ نِڪر هِن مان هاڻ، تون نِدورا! ننڍڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تون نڪري وڃ ۽ توکي هتي تڪبر ڪرڻ جو حق نه آهي تنهن ڪري اتان نڪري وڃ! تون ذليلن مان آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين، "چڱو لهه هتان، ڪهڙو حق اٿيئي جو هتي ويهي وڏائي ٿو ڪرين. نڪري وڃ. حقيقت ۾ تون ته انهن مان آهين جيڪي ذلت گهري وٺندا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله فرمايو، چڱو تون لهي وڃ هتان توکي حق نه آهي ته تون هتي ويهي وڏائي ڪرين، نڪري وڃ هتان، حقيقت ۾ تون اهو آهين جيڪي پنهنجي ذلت پاڻ ٿا چاهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى فرمايو ته هتان هليو وڃ، هتي ويھي توکي تڪبر ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ٽري وڃ، تون ذليلن مان آهين (۽ تون انتھائي ننڍي سوچ رکندڙ آهين) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 14) |
چيائين ته قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ابليس چوڻ لڳو ته (اي خدا) مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (جزا ۽ سزا لاءِ) ماڻهن کي وري اٿاريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شيطان چيو تون مون کي قيامت تائين مهلت ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوڻ لڳو ته (چڱو پر) مون کي ان ڏينهن تائي (موت کان) مهلت ڏي جنهن ڏينهن سموري خدائي جا ماڻهو (ٻيو دفعو جياري) اٿاريا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته مهلت ڏي مون کي ان ڏينهن تائين جو اٿاريا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابليس چيو ته جنهن ڏينهن کين جيئرو ڪري اٿاريو ويندو تنهن ڏينهن تائين مون کي مهلت ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”مون کي مُهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن (مُردا قبرن مان) اٿاريا ويندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُهلت ڏِنيمِ مُورهين، تِنهين ڏِينهن تائين تمام، تان اُٿاريا اِهي وڃن، موٽي، مان مقام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيائين، "مونکي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جڏهن اهي سڀئي وري ٻيهر اٿاريا ويندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، مون کي مهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن سڀ ٻيهر اٿاريا ويندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن چيو ته (سائين! چڱو ڀلا) مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مھلت ڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 15) |
چيائين ته تون مُھلت ڏنلن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته توکي مهلت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو بيشڪ توکي مهلت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرمايو ويو (چڱو منظور) تو کي بيشڪ مهلت ڏني ويندي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو (الله) بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته تون مهلت ڏنلن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مدت، سا مُدام، تون مُهلتينِ مان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ته ”توکي مهلت آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "توکي مهلت آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو (الله) توکي بيشڪ مهلت آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى فرمايو: بيشڪ تو کي مھلت ڏني وڃي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَبِما أَغوَيتَنى لَأَقعُدَنَّ لَهُم صِرٰطَكَ المُستَقيمَ (آيت : 16) |
چيائين انھيءَ سببان جو تو مونکي گمراہ ڪيو (آءٌ ته) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌي واٽ تي ضرور وھندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حاسد ابليس مهلت وٺي) چيو ته (اي خدا) جيئن ته تو مون کي بي راهه ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري مان به ماڻهن کي تنهنجي سڌي (راه کان ڀلائي گمراهه ڪري کڏ ۾ ڪيرائڻ لاءِ) واٽ تي (لڪي ڇپي) ويهي رهندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شيطان چيو انهي سببان جو تو مون کي گمراه ڪيو، آئون ضرور گمراه ڪرڻ لاءِ تنهنجي سنئين واٽ تي ويهندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوڻ لڳو ته تو منهنجو رستو روڪيو ته آءُ به تنهنجي سڌي رستي تي ماڻهن کي (گمراھ ڪرڻ لاءِ کين) تڪي ويهي رهندس. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته پوءِ سببان ان جي جو گمراھ ڪيو تو مون کي البته ضرور وهندس انهن (کي گمراھ ڪرڻ) جي لاءِ واٽ تنهنجي سڌيءَ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابليس چيو ته تون جو مون کي گمراهه ڪيو آهي تنهن ڪري آءُ به ضرور ماڻهن لاءِ تنهنجي سڌي رستي تي ويهندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”ان ڪري جو تو مون کي گمراهه ڪيو آءٌ انهن (کي گمراهه ڪرڻ) لاءِ ضرور تنهنجي سڌي واٽ تي ويهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُون کي مُنجھائـِي، جنهن سان، اُن جو قسم ڪلتار، ته وِهندس، تُنهنجِي واٽ سَنئين، جَھلي آئون جبار!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تو مون کي بي راهه ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ ضرو تنهنجي سڌيءَ واٽ تي (انهن کي تڪي) وهندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيائين: "چڱو پوءِ جيئن تو مونکي گمراهيءَ ۾ وڌو آهي، تيئن مان به هاڻي سڌي راهه تي گــَـهٽُ جهلي ويهندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، جيئن تو مون کي مبتلا ڪيو آهي گمراهيءَ ۾، ته آئون گهٽ جهلي ويهندس انهن انسانن جو تنهنجي سڌي راهه جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابليس چيو ته (يا الله!) تو مون کي (جنهن طريقي سان) راهه تان هٽائي ڇڏيو آهي مان به (بلڪل) اهڙي طريقي سان ماڻهن جي تاڙ ۾ تنھنجي ٻڌايل سڌي رستي تي (گهٽ وٺي) ويھي رهندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ لَءاتِيَنَّهُم مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم وَعَن أَيمٰنِهِم وَعَن شَمائِلِهِم وَلا تَجِدُ أَكثَرَهُم شٰكِرينَ (آيت : 17) |
پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ يقيناً انهن ماڻهن جي اڳئين پاسي کان پٺئين پاسي کان انهن جي ساڄي پاسي کان ۽ پڻ کاٻي پاسي کان (يعني هر طرف کان ۽ هر حيلي ۽ ٺڳيءَ سان) وٽن ايندس (۽ گمراهه ڪندس، تان جو) تون ڏسندين ته هنن مان گهڻا تنهنجي (نعمتن جي) شڪرگذاري نه ڪندا (۽ تنهنجي نافرماني ڪري ظلم ڪندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ضرور ايندس آئون ماڻهن جي اڳيان ۽ انهن جي پويان ۽ انهن جي سڄي ۽ کٻي پاسي (گمراه ڪرڻ لاءِ)، ۽ تون اڪثر ماڻهن کي شڪرگذار نه لهندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان ۽ سندن ساڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان (مطلب ته انهن جي چوڌاري) مٿن اچي ڪرندس (۽ کين برغلائيندس) ۽ تون انهن مان گهڻن ئي ماڻهن کي شڪر گذار نه ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوِءِ البته ضرور ايندس انهن وٽ اڳيان انهن جي ۽ پويان انهن جي ۽ سڄي پاسي انهن جي کان ۽ کٻي پاسي انهن جي کان ۽ نه لهندين گھڻن انهن جي کي شڪر ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان ضرور وٽن ايندس. ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪر گذار نه ڏسندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ آءٌ ضرور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان ۽ انهن جي ساڄي ۽ انهن جي کاٻي کان ايندس ۽ تون انهن مان گھڻن ماڻهن کي شڪر گذار نه لهندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، ايندوسينِ اڳيان ۽ پُٺيان، پڻ سَڄي، کَٻي پار، پوءِ گھڻا شُڪر گذار، آگا! نه ڏِسندِين اُنهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ضرور سندن اڳيان پٺيان. سڄي ۽ کٻي کان ايندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه ڏسندين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انسانن کي اڳيان، پٺيان، ساڄي کان، کاٻي کان هر طرف کان ورائي ويندس ۽ تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه لهندين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ آئون انهن کي گهيري ويهندس اڳيان ۽ پويان، ۽ ساڄي ۽ کاٻي (هر طرف کان) کين ورائي ويهندس (اهڙيءَ طرح سان) جو تون انهن مان گهڻن کي شڪر ڪندڙ نه ڏسندين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! پوءِ ته مان انهن جي سامهون، پويان، ساڄي ۽ کاٻي پاسي گهيرو ڪري بيٺو هوندس پوءِ تون (به) انهن مان گهڻن کي شڪر گذار نه ڏسندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ اخرُج مِنها مَذءومًا مَدحورًا لَمَن تَبِعَكَ مِنهُم لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُم أَجمَعينَ (آيت : 18) |
(الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار ( ۽ ) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (تنهن تي) فرمايو ته، (اي ابليس) هتان خوار خراب ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. بيشڪ (ائين ٿيندو جو) جيڪو به ماڻهن منجهان تنهنجي پيروي ڪندو تنهن سان ۽ اوهان سڀني سان (يعني تون، تنهنجا سنگتي شيطان ۽ تنهنجي پيروي ڪندڙ انسانن سان) دوزخ کي ڀري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو تون اتان بڇڙو ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ، جن ماڻهن تنهنجي تابعداري ڪئي توهان سڀني سان آئون ضرور جهنم ڀريندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو ته تون هتان تڙيل (۽) ڌڪاريل ٿي نڪري وڃ! جيڪو به انهن (ماڻهن) مان تنهنجو چوڻ مڃيندو ته آءُ بيشڪ تو کي (انهن) سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته نڪر ان مان ذليل تڙيل ٿي البته جيڪو پويان لڳو تنهنجي انهن مان ته البته ضرور ڀريندس جهنم کي اوهان مڙني مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته تون هتان تڙيل ۽ ڌڪاريل ٿي نڪري وڃ. جيڪو به انهن (انسانن) مان تنهنجي پٺيان هلندو ته آءُ اوهان سڀني مان دوزخ کي ضرور ڀريندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”تون هتان کان ذليل ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. جيڪو به انهن مان تنهنجي پيروي ڪندو ته آءٌ ضرور توهان سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نِڪري هِن مان، نِڪما!، خراب ۽ خوار، جو هِنن مان، هَلندو تو پُٺيان، ته ڪندسِ برقرار، ٽانڊي کي ٽِمٽار، اَهنجي سَڄي ساٿ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هتان ذليل ۽ خوار ٿي نڪري وڃ، جيڪي به انهن مان تنهنجي پيروي ڪندا، انهن ۽ اوهان سڀني سان جهنم ڀريندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "نڪر هتان ذليل ۽ تڙيل ٿي! پڪ ڄاڻ ته انهن مان جيڪي تنهنجي ڪڍ لڳا تو سميت تن سڀني سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (الله) فرمايو، نڪري وڃ هتان ذليل ۽ تڙيل، يقين ڄاڻ انهن مان جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا ته ڀري ڇڏيندس جهنم کي تو سان گڏ (انهن) سڀني کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى فرمايو ته تون هتان ذليل ۽ خوار ٿي نڪري وڃ، انهن مان جيڪو به تنھنجي پيروي ڪندو ته مان توهان سڀني سان جھنم کي ڀريندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰـٔادَمُ اسكُن أَنتَ وَزَوجُكَ الجَنَّةَ فَكُلا مِن حَيثُ شِئتُما وَلا تَقرَبا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكونا مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 19) |
۽ (چيوسون ته) اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (الله تعاليٰ فرمايو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي اهليه (بي بي حوا) جنت ۾ رهو ۽ جيڪي به وڻيؤ سو مزي سان کائو. پر هن وڻ کي ويجهو به نه وڃجو. جيڪڏهن ويجهو ويندؤ ته (خدا جي نافرماني سببان) ظالمن ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي گھر واري بهشت ۾ رهو پوءِ توهان کائو بهشت مان جتان توهان کي پسند اچي ۽ توهان هن وڻ کي ويجھا نه ٿيو ورنه توهان حد کان وڌندڙن مان ٿي پوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (آدم کي چيو ويو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي عورت (ٻئي) بهشت ۾ رهو ۽ جتان وڻيو تتان کائو (پيئو) پر ياد رهي ته هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو! نه ته پاڻهين پنهنجو نقصان ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي آدم رھ تون ۽ زال تنهنجي بهشت ۾ پوءِ کائو جتان به گھرو اوهان ۽ نه ويجھا وڃو هن وڻ کي پوءِ ٿي پئو نقصان وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو. پوءِ جتان وڻيوَ ، تتان کائو ۽ هن وڻ کي ويجها نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو، پوءِ ٻئي ڄڻا جتان چاهيو کائو ۽ (رڳو) هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته توهان ٻئي (پنهنجو پاڻ سان) نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندئو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اي آدم! ڪر آرام، پُڻ بِيبِي تُنهنجي، باغ ۾، پوءِ واپرايو وَڻِي تِتان، تَازِي توڻ طَعام، ۽ ويجھاهِن وڻ هيڪڙي، نه وَڃو مُور مُدام، هُوندا، پوءِ هَمام!، بلڪل بيدادن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اي آدم! تون ۽ تنهنجي زال باغ ۾ رهو ۽ جتان وڻيوَ، اتان کائو پيئو مگر هن وڻ جي ويجهو نه وڃو، نه ته اوهين ظالم ٿي پوندؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال ٻئي انهيءَ جنت ۾ رهو، جتان وڻيوَ سو کائو پر هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو، نه ته ظالمن منجهان ٿي پوندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي آدم! رهو تون ۽ تنهنجي زال ٻئي هن بهشت ۾، ڀلي کائو پيئو جيڪي وڻيوَ هر شيءِ مان، پر ويجها نه وڃجو هن وڻ جي، نه ته ٿي پوندؤ ظالمن مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى فرمايو) اي آدم! تون ۽ تنھنجي گهر واري جنت ۾ ئي رهو ۽ جنت ۾ جتان به توهان جي مرضي چاهي، اتان وڃي کائو پر (اهو خيال ڪجو) هن (خاص) وڻ جي ويجها نه وڃجو نه ته توهان به ظالمن مان ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَسوَسَ لَهُمَا الشَّيطٰنُ لِيُبدِىَ لَهُما ما وۥرِىَ عَنهُما مِن سَوءٰتِهِما وَقالَ ما نَهىٰكُما رَبُّكُما عَن هٰذِهِ الشَّجَرَةِ إِلّا أَن تَكونا مَلَكَينِ أَو تَكونا مِنَ الخٰلِدينَ (آيت : 20) |
پوءِ شيطان انھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو ته سندن اوگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ پڌرو ڪري ۽ چيائين ته اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان رڳو ھن ڪري جھليو آھي ته (متان) اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ شيطان هنن (آدم ۾ حوا) جي دلين ۾ وسوسو وڌو انهيءَ لاءِ ته انهن (جي فطرت) ۾ جيڪو ستر يا شرمگاه کانئن لڪل هو سو کين کولي ڏيکاري. سو کين شيطان چيو ته، اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان ٻئي ڪنهن به سبب نه روڪيو آهي، سواءِ هن (سبب جي ته) توهان ٻئي (ان وڻ جي ويجهو وڃڻ سان) فرشتا نه بنجي پئو يا جنت ۾ هميشه رهڻ وارن منجهان نه ٿي پئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ شيطان آدم ۽ حوا کي وِسوِسو وڌو انهي لاءِ ته سندن ڍڪيل بدن ظاهر ڪري، ۽ شيطان چيو توهان کي توهان جي رب انهي وڻ کان منع ان ڪري ڪئي آهي ته متان توهان ٻئي فرشتا ٿي پئو يا هميشه بهشتي ٿي پئو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ شيطان انهن ٻنهن کي وسوسو وڌو ته جيئن (نافرماني جي ڪري) سندن اگهاڙ جا انهن (جي نظر سان بهشتي پوشاڪ سبب) لڪيل هئي سان مٿن ظاهر ڪري ۽ چيائين ته اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهن کي هن وڻ (ڦر کائڻ) کان هن ڪري منع ڪئي آهي ته (متان) اوهين ٻئي فرشتا بڻجي وڃو يا هميشه (جيئرا) رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وسوسو وڌائين انهن ٻنهي (جي دلين) ۾ شيطان تانته ظاهر ڪري انهن ٻنهي جي لاءِ اهو جو لڪايو ويو انهن ٻنهي کان اگھڙن سندن مان ۽ چيائين (شيطان) ته نه روڪيائين اوهان ٻنهي کي رب اوهان جي هن وڻ کان مگر هن جي ڪري ته ڪٿي ٿي نه وڃو ٻئي ملائڪ يا ٿي پئو هميشہ زندھ رهندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي وسوسو وڌو هن لاءِ ته انهن ٻنهين جي جيڪا اگهاڙ انهن کان لڪل هئي سا انهن تي ظاهر ڪري ۽ چيائين ته اوهان جي پاليندڙ اوهان ٻنهين کي هن وڻ کان رڳو هن لاءِ روڪيو آهي ته متان اوهين ٻئي ملائڪ ٿي پئو يا هميشة رهڻ وارن مان ٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي وسوسو وڌو، ته جيئن انهن جون شرمگاهون جيڪي هڪ ٻئي کان لِڪايون ويون هيون سي سندن سامهون ظاهر ڪري ۽ چيائين: ”اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهين کي هن وڻ کائڻ کان رڳو هن لاءِ روڪيو آهي ته (ان جي کائڻ سان ڪٿي) اوهان ملائڪ نه ٿي وڃو يا هميشه رهڻ وارن مان نه ٿي وڃو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَچي اِبليس اُنهن کي، وِڌو ڪو وسواس، تان لاهينِ، سو لِباس، جو اوِڍيؤن، سندنِ اُ گھاڙ تان. چي ربَّ نه روڪِيان، هن وڻ کان، مگر اِنهيء ڪاڻ، ته نه هُجو مَلڪ پاڻ، يا هميشه هوندنِ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ شيطان سندن دلين ۾ وسوسو وڌو، ته جيڪي (عضوا) کانئن لڪل هئا، سي کين پڌرا ڪري ڏيکاري ۽ چيائين ته ”اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان رڳو هن ڪري روڪيو آهي، جو اوهين ملائڪ نه بڻجي وڃو، يا هميشه جي حياتي نه حاصل ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ شيطان کين برغلايو ته جيئن سندن اوگهڙيون جيڪي کانئن هڪ ٻئي کان لڪايون ويون هيون، سي سندن آڏو کولي ظاهر ڪري. هن کين چيو: "توهان جي رب جو توهان کي هن وڻ کان روڪيو آهي، سو رڳو هن ڪري ته متان توهان ملائڪ بڻجي وڃو يا توهان کي هميشه رهڻ واري حياتي ملي وڃي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وسوسو وڌو (ڀلايو) انهن کي شيطان جيئن ظاهر ڪري سندن اوگهڙون جيڪي انهن کان لڪايون ويون هيون، هن انهن کي چيو: توهان کي روڪيو آهي توهان جي رب هن وڻ کان، ته ان جو سبب ان کان سواءِ ٻيو ناهي ته متان توهان فرشتا ٿي وڃو، يا توهان کي حياتي حاصل نه ٿي وڃي هتي رهڻ واري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ شيطان ٻنهي (جي دلين) اندر وسوسو وڌو ته جيئن سندن اوگهڙ انهن جي لاءِ ظاهر ڪري جيڪا انهن کان لڪائي وئي هئي. ۽ انهن کي چيائين ته توهان جي پالڻھار توهان کي هن وڻ کان ان ڪري روڪيو آهي ته ڪٿي توهان فرشتا نه بنجي وڃو يا توهان کي تاحيات زندگي نه ملي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقاسَمَهُما إِنّى لَكُما لَمِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 21) |
۽ سُنھن کڻي انھن کي چيائين ته آءٌ (ته) اوھان جو خيرخواہ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ شيطان هنن کي قسم کڻي چيو ته مان سچ پچ اوهان ٻنهي جو خير خواهه آهيان ۽ چڱيءَ ۽ سچي نصيحت ڏيندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ شيطان آدم ۽ حوا جي سامهون قسم کڻي چيو ته آئون توهان جو خيرخواهه آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هنن ٻنهن اڳيان قسم کڻي چيائين ته بيشڪ آءُ اوهان جو خير خواھ (سڄڻ) آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم ڏنائين انهن ٻنهي کي ته يقينًا مان اوهان جي خير خواهن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻنهين کي قسم کڻي چيائين ته بيشڪ آءُ اوهان جي خير خواهن مان آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ٻنهين سان قسم کنيائين ته ”بيشڪ آءٌ اوهان ٻنهين (آدم ۽ حواءَ) لاءِ خيرخواهن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ کَيائين سُنهُن، ته آئون اوهان جي، خير خواهن مان خاص،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽن قسم کاڌائين ته ”آءٌ سچ پچ اوهانجو خيرخواهه آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن قسم کڻي کين چيو ته، "مان ته توهان جو پڪو هڏ ڏوکي آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن کين قسم کڻي چيو ته، بيشڪ آئون توهان جو سچو خيرخواهه آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو قسم کڻي چوڻ لڳو ته مان توهان ٻنهي جو خيرخواه آهيان (جو اوهان کي هن ماحول جي بجاءِ فرشتن واري ماحول ۾ آڻي توهان لاءِ هميشه واري زندگي چاهيان ٿو.) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَدَلّىٰهُما بِغُرورٍ فَلَمّا ذاقَا الشَّجَرَةَ بَدَت لَهُما سَوءٰتُهُما وَطَفِقا يَخصِفانِ عَلَيهِما مِن وَرَقِ الجَنَّةِ وَنادىٰهُما رَبُّهُما أَلَم أَنهَكُما عَن تِلكُمَا الشَّجَرَةِ وَأَقُل لَكُما إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُما عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 22) |
پوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (ته) سندين اوگھڙ کين پڌري ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن ھڪ ٻئي سان ڳنڍي پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار انھن کي سڏيو ( ۽ چيائين ته) اوھان کي ھن وڻ کان نه جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهڙيءَ طرح شيطان ٻنهي کي فريب ڏئي ڦاسايو. پوءِ هنن اڃا وڻ کي چکيو مس ته هنن جي (فطرت ۾ رکيل) شرمگاهه يعني اوگهڙ جا عضوا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا (سو ڇا ڪيائون جو شرم کان) باغ جي پنن سان پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لڳا ۽ سندس پروردگار کين پڪاري چيو ته، مان توهان ٻنهي کي انهيءَ وڻ (کي ويجهو وڃڻ) کان منع ڪين ڪري ڇڏي هئي؟ ۽ توهان کي ٻڌائي ڪين ڇڏيو هوم ته شيطان اوهان جي کليو کلايو دشمن آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ٻنهي کي ڌوڪي سان هيٺ لاٿائين، پوءِ جڏهن ٻنهي وڻ کي چکيو ته سندن پردي وارو بدن ظاهر ٿي پيو ۽ پنهنجي بدن تي بهشت جا پنا ويڙهيائون (پردي لاءِ) ۽ الله ٻنهي کي فرمايو ڇا مون توهان کي انهي وڻ کان منع نه ڪئي هئي ۽ مون توهان ٻنهي کي نه چيو هو ته بيشڪ شيطان توهان جو صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته ڌوڪي سان انهن ٻنهين کي هن جي (کائڻ) لاءِ مائل ڪيائين. نيٺ! جيئن ئي ٻنهين ڄڻن ان وڻ (جي ڦر) کي چکيو ته (بهشتي پوشاڪ لهي پين ۽ ڄاڻ ٿين ۽) مٿن سندن اگهاڙ ظاهر ٿي، پوءِ ته بهشت جا پن (پٽي جوڙي) لڳا پاڻ کي ڍڪڻ، تڏهن سندن پروردگار کين سڏيو ته ڇا! مون اوهان ٻنهي کي هن وڻ جي ويجهو (ٿيڻ) کان منع نه ڪئي هئي؟ ۽ (ڇا!) مون هي نه ٻڌايو هو ته شيطان اوهان جو ظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ هيٺ لاٿائين ٻنهي کي ڌوڪي سان پوءِ جڏهن چکيائون وڻ کي ته ظاهر ٿيون انهن ٻنهي لاءِ شرمگاهون سندن ۽ شروع ٿيا جو ڍڪين پيا پنهنجي مٿان پن بهشت (جي وڻن) جا ۽ سڏيائين ٻنهي کي رب سندن ته ڇا نه روڪيو هو مون اوهان ٻنهي کي ان وڻ کان ۽ نه چيو هو مون اوهان ٻنهي کي ته يقينًا شيطان اوهان ٻنهي جو دشمن کليل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ٻنهين کي ٺڳيءَ سان ڦاسايائين. پوءِ جڏهن انهن ٻنهين وڻ کي چکيو ته انهن ٻنهين تي سندن اگهاڙ ظاهر ٿي پيئي ۽ پاڻ تي جنت جا پَنَ چنبڙائڻ لڳا. ۽ انهن ٻنهين کي سندن پاليندڙ سڏيو ته ڇا مون اوهان کي هن وڻ کان نه جهليو هو؟ ۽ مون اوهان کي نه چيو هو ته شيطان اوهان جو ظاهر دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ دوکي سان ٻنهين کي لاڙي آيو، پوءِ جڏهن ٻنهين وڻ (جي ميوي) کي چکيو ته ٻنهين جون شرمگاهون هڪ ٻئي اڳيان ظاهر ٿي پيون ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي جنت پنن سان ڍڪڻ لڳا. ۽ (تڏهن) سندن پالڻهار کين سڏي چيو ته: ”ڇا مون اوهان ٻنهين کي ان وڻ کان نه روڪيو هيو؟ ۽ توهان کي (نه) چيو هيو ته شيطان اوهان ٻنهين جو چِٽو دشمن آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وِرسايائينِ سين وسواس، جڏهن واپرايؤَن وَڻ منجھان. ته کُليون اگھاڙون اُنهن جُون، لَهِي ويو لِباس، ۽ اوڍينِ پئا اُداس، پَنان باغ بهشت جا. ۽ ڪَيَنِ سَڏسُبحان، ڇاهِن وَڻ کان مون نه روڪيان؟ پڻ چيو مهان، ته شقِي شيطان، عَدو اوهان جو وپَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين فريب ۾ آندائين.جڏهن انهن وڻ کي چکيو، ته سندن اوگهڙ مٿن ظاهر ٿي پيئي ۽ هو باغ جي پنن سان پنهنجي اوگهڙ کي ڍڪڻ لڳا- سندن رب کين پڪاري چيو ته ”ڇا، مون اوهان ٻنهي کي هن وڻ کان نه روڪيو هو؟ ۽ ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته شيطان اوهان جو پڌرو دشمن آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين دوکو ڏئي ٻنهي کي نيٺ لاهي وڌائين. پوءِ جڏهن انهن ٻنهي انهيءَ وڻ جو مزو چکيو ته سندن اوگهڙيون هڪ ٻئي جي سامهون کلي پيون ۽ پنهنجن جسمن کي جنت جي پنن سان ڍڪڻ لڳا. تڏهن سندن رب کين سڏي چيو، "ڇا مون توهان کي هن وڻ کان نه روڪيو هو ۽ نه چيو هو ته شيطان توهان جو پڌرو دشمن آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح ڌوڪو ڏئي کين ريهي ريبي ورتو، نيٺ انهن ان وڻ جو مزو چکيو، ۽ سندن اوگهڙون هڪ ٻئي جي سامهون کلي پيون انهن جي آڏو، ۽ هو پنهنجي جسمن کي جنت جي پنن سان ڍڪڻ لڳا، تڏهن کين چيو سندن رب، ڇا مون توهان کي جهليو نه هو هن وڻ کان ۽ چيو نه هو ته يقينًا شيطان توهان جو دشمن آهي پڌرو (ظاهر ظهور)؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن ( انهن ٻنهي کي ڌوڪي ۽ ڪوڙ سان (ذهني طور) تيار ڪري ڇڏيو پوءِ جڏهن انهن وڻ جو ذائقو چکيو (ته انهن جي آڏو بلوغت کان اڳ وارو ماحول ختم ٿي ويو) ۽ هڪ ٻئي جي آڏو ٻنهي جي جسماني اوگهڙ ظاهر ٿي پئي پوءِ ته ويھي ان جسماني اوگهڙ کي جنت جي وڻن جي پنن سان ڍڪڻ لڳا ۽ انهن ٻنهي کي پنھنجي پالڻھار سڏيو ته ڇا مان توهان کي ان وڻ جي ويجهو وڃڻ کان نه روڪيو هو ۽ اهو نه چيو هو ته بيشڪ شيطان توهان ٻنهي جو پڪو دشمن آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالا رَبَّنا ظَلَمنا أَنفُسَنا وَإِن لَم تَغفِر لَنا وَتَرحَمنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نه ڪندين ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تڏهن هڪدم) ٻنهي چئي ڏنو ته، اي اسان جا پروردگار! اسان پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي نقصان پهچايو) ۽ جيڪڏهن تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين ته اسان ضرور تباهه ٿي وينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (آدم ۽ حوا) عرض ڪيو اي اسان جا رب اسان پنهنجي نفسن تي ظلم ڪيو، ۽ جيڪڏهن تو اسان کي بخش نه فرمايو ۽ رحم نه ڪيو ته اسين ضرور نقصان وارن مان ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ٻئي عرض ڪرڻ لڳا، اي اسان جا پالڻهار!، اسان پاڻهين پنهنجو نقصان ڪيو پوءِ جيڪڏهن تون اسان کي معاف نه ڪندين ۽ اسان تي رحم نه فرمائيندين ته ضرور اسين نقصان پائڻ وارن مان ٿينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائون ته اي اسان جا رب ظلم ڪيو اسان نفسن پنهنجن تي ۽ جيڪڏهن نه بخشيندين اسان کي ۽ نه رحم ڪندين اسان تي ته البته ٿي پونداسون نقصان وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهين چيو ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو. ۽ جيڪڏهن تون اسان کي معاف نه ڪندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين ته ضرور اسين نقصان پائڻ وارن مان ٿينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻنهين عرض ڪيو: ”اي اسان جا مالڪ! اسان پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي ۽ جي تون اسان کي معاف نه ڪندين ۽ اسان تي رحم (نه) ڪندين ته اسان ضرور نقصان وارن مان ٿي پونداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ!، پاڻهِين پاڻ سين، ڪيوسون ڪَلور، ۽ تون نه مَرهِيندِين جيڪڏهن، ۽ مِهر نه ڪندين، ڪامُور، ته ضرر مَنجھ ضرور، هونداسون، اَڻ هوندن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان جا ڌڻي! اسان پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، هاڻي جي تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين، ته اسين ضرور نقصان پائينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي چوڻ لڳا، "اي اسان جا رب! اسان پنهنجو پاڻ تي ڏاڍو ظلم ڪيو آهي، هاڻي جيڪڏهن تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين ته اسان ضرور نقصان وارن مان ٿي پونداسون"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻئي چوڻ لڳا، اسان جا پالڻهار! اسان پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ هاڻي تو جيڪر اسان کي نه بخشيو ۽ اسان تي رحم نه ڪيو ته اسين تباهه ٿي وينداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻنهي چيو ته اي اسان جا پالڻھار! اسان پنھنجو پاڻ تي (وڏو) ظلم ڪري وڌوسين (هاڻي) جيڪڏهن تون اسان کي معاف نه ڪيو ۽ اسان تي رحم نه ڪيو ته پوءِ پڪ اسان نقصان وارن مان ٿي وينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ اهبِطوا بَعضُكُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ وَلَكُم فِى الأَرضِ مُستَقَرٌّ وَمَتٰعٌ إِلىٰ حينٍ (آيت : 24) |
(الله) فرمايو ته ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ھڪ) وقت تائين (ٺھرايل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (کين) فرمايو ته هيٺ لهي وڃو (يعني جنت مان نڪري زمين تي رهو ۽ مَلڪَي زندگيءَ مان نڪري حيواني حالت ۾ اچو) توهان (سڀني انسانن) ۾ هڪٻئي لاءِ دشمنيءَ جو مادو هوندو ۽ (آئنده) اوهان جي لاءِ زمين تي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ ڪنهن (مقرر) وقت تائين اتي رهي (دنيائي) فائدا ۽ نعمتون ماڻيندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو توهان هيٺ لهو توهان هڪ ٻئي جا دشمن ٿيندا، ۽ توهان لاءِ زمين ۾ ڪنهن وقت تائين رهڻ ۽ گذران آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حڪم ٿيو اوهين (زال مڙس ۽ شيطان) سڀ ئي بهشت مان هيٺ لهي وڃو، اوهين هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ هڪ (خاص) وقت تائين اوهان لاءِ زمين ۾ رهائش ۽ گذران جو سامان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته لهو بعضي اوهان مان بعض جا دشمن آهن ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ قرار جي جاءِ ۽ سامان آهي وقت مقرر تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته هيٺ لهي وڃو. اوهين هڪ ٻئي جا دشمن ٿيندؤ. ۽ هڪ وقت تائين (يعني مرڻ تائين) اوهان لاءِ زمين ۾ ٺڪاڻو ۽ گذران جو سامان (ٺهرايل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”لهي وڃو (ڌرتيءَ تي) اوهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن آهيو. ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جو هنڌ ۽ گذران جو سامان هڪ وقت تائين آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هيٺ لَهو هاڻ، ڪي ويرِي هوندا، ڪِن جا. ۽ ڀُون ۾، اوهان لئي ڀاڻ، پڻ وَٽابو، ڪنهن وقت سين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”سڀئي لهي وڃو، هڪ ٻئي جا دشمن هوندؤ ۽ اوهان لاءِ زمين ۾ رهڻ جي جاءِ آهي ۽ هڪ مقرر وقت تائين فائدو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "لهي وڃو، توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ توهان لاءِ هڪ خاص مدت تائين زمين ۾ رهڻ جي جاءِ ۽ جياپي جو سامان آهي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (الله) فرمايو، هيٺ لهي وڃو توهان هڪ ٻئي جا ويري آهيو، ۽ توهان جي لاءِ خاص زمين تي هڪ مدت لاءِ رهڻ ۽ جياپي جو سامان آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى فرمايو: توهان سڀ جا سڀ هيٺ هليا وڃو، هاڻي توهان هڪ ٻئي جا دشمن آهيو ۽ توهان لاءِ زمين ۾ هڪ مقرر وقت تائين رهڻ جي جاءِ ۽ زندگي گذارڻ جو سامان موجود آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فيها تَحيَونَ وَفيها تَموتونَ وَمِنها تُخرَجونَ (آيت : 25) |
(الله) چيو ته اوھين ان ۾ حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ کين هيئن پڻ) فرمايو ته انهيءَ ئي زمين تي رهي زندگي گذاريندؤ ۽ انهيءَ زمين تي مرندؤ ۽ پوءِ (آخر) انهيءَ ئي زمين مان (ٻيهر جيئاري قيامت جي ڏينهن) اوهان کي (قبرن مان) اٿاري ٻاهر ڪڍيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمايو توهان انهي زمين ۾ زندگي گذاريندا ۽ انهي ۾ توهان کي موت ايندو ۽ انهي مان اٿاريا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا (هي به) فرمايو ته اوهين زمين ۾ زندگي گذاريندو ۽ ان ۾ مرندو ۽ انهي مان (وري ٻيو ڀيرو) اوهان کي (جيئرو ڪري) ڪڍيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ان ۾ جيئرا رهندؤ ۽ ان ۾ مرندؤ ۽ ان مان ئي ڪڍيا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته ان (زمين) ۾ جيئندو ۽ ان ۾ مرندو، ۽ ان مان (جيئرو ڪري) اوهان کي ڪڍيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”اوهان ان (زمين) ۾ جيئندؤ ان ۾ مرندؤ ۽ ان مان (قيامت واري ڏينهن) ڪڍيا ويندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِن مَنجھان جِياربا، پن اُن منجهان مارِبا، ۽ ورِي اُٿاربا، آخر ڏينهن، اُن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهين ان ۾ حياتي گذاريندؤ ۽ ان ۾ مرندؤ ۽ (وري) به ان مان ئي ڪڍيا ويندؤ.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ فرمايائين: "اتي ئي توهان کي جيئـڻو ۽ اتي ئي مرڻو آهي ۽ اتان ئي توهان کي نيٺ ڪڍيو ويندو"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، اتي ئي توهان کي جيئڻو ۽ اتي ئي توهان کي مرڻو آهي ۽ اتان ئي توهان کي آخرڪار ڪڍيو ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اتي زمين تي ئي توهان جو جيئڻ ۽ مرڻ ٿيندو پوءِ وري ان زمين مان ئي توهان ٻيھر ڪڍيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى ءادَمَ قَد أَنزَلنا عَلَيكُم لِباسًا يُوٰرى سَوءٰتِكُم وَريشًا وَلِباسُ التَّقوىٰ ذٰلِكَ خَيرٌ ذٰلِكَ مِن ءايٰتِ اللَّهِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 26) |
اي آدم جي اولاد تحقيق اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اوگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي آدم جا اولاد! تحقيق اسان توهان جي لاءِ لباس نازل ڪيو (يعني ڪپڙا مهيا ڪيا) انهيءَ لاءِ ته توهان جي شرمگاهن کي ڍڪي ۽ پڻ زينت جو سامان مهيا ڪياسين. (پر ياد رکو ته) تقويٰ (يعني الله جي نافرمانيءَ کان بچڻ) جو لباس ئي بهترين لباس آهي. (۽ پڻ ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جي نشانين منجهان آهن (جي انهيءَ لاءِ نازل ڪيون ويون آهن) ته من ماڻهو نصيحت وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اولاد آدم جا تحقيق اسان نازل ڪيو توهان ڏانهن لباس کي جيڪو توهان جي اوگھڙن کي ڍڪي ٿو ۽ توهان لاءِ خوبصورتي آهي، ۽ پرهيزگاريءَ جو لباس اهو تمام بهتر آهي، اهي الله جون نشانيون آهن ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي آدم جي اولاد! اسان اوهان لاءِ پوشاڪ لاٿي جا اوهان جي اگهڙن کي ڍڪي ٿي ۽ سينگار جا ڪپڙا ۽ (تنهن کانسواءِ) پرهيزگاري جو لباس ۽ اهو سڀني پوشاڪن کان بهتر آهي. اهو (لباس به) خدا جي قدرت جي نشانين مان آهي ته من ماڻهون عبرت ۽ سبق حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي آدم جا فرزندؤ! تحقيق لاٿو اسان اوهان جي مٿان لباس جو ڍڪي شرمگاهون اوهان جون ۽ سينگار ۽ لباس تقوى جو اهو ڀلو آهي اهو نشانين الله جي مان آهي شايد اهي نصيحت حاصل ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي آدم جي اولاد ! بيشڪ مون اوهان تي اهڙي پوشاڪ جا اوهان جي اگهڙن کي ڍڪي ٿي ۽ سينگار جا ڪپڙا لاٿا آهن.۽ پرهيزگاريءَ جي پوشاڪ (انهن ٻنهين پوشاڪن کان) گهڻو چڱي آهي. اهو (پوشاڪ جو پيدا ڪرڻ) الله جي نشانين مان آهي. مَنَ اهي ڌيان ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي آدم جا اولاد! بيشڪ اسان اوهان لاءِ (اهڙو) لباس لاٿو آهي جيڪو اوهان جي شرمگاهه ڍڪي ٿو ۽ زينت بخشي ٿو. ۽ بهترين پوشاڪ پرهيزگاريءَ جي آهي. اها الله جي نشانين مان آهي تان ته من اُهي نصيحت قبول ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آدم ذات!، وٖيس اُتاريو سون اوهان مٿي، جِنهن سان جِسم، ڍڪيو، ٻئو عمدو عِيد برات. پِهرڻ پَٽ پرهيز جو، سُهڻِي، سا سوغات، آهي اِها اَلله جِي، ڏاتِيَن مَنجھان، ڏات، تان ڀورا! مَن ڪابات، سمجِھي سَنڀالِينِ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي آدم جا اولاد! اسان اوهان تي پوشاڪ لاٿي، ته اوهان جي اوگهڙ کي ڍڪي ۽ زينت ٿئي- ۽ دينداريءَ جي پوشاڪ ئي سڀ کان سٺي آهي، اهو الله جي حڪمن مان آهي ته (ماڻهو) نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي آدم جي اولاد! اسان توهان تي پوشاڪ لاٿي آهي ته توهان جي اوگهڙ ڍڪي ۽ توهان لاءِ جسم جي حفاظت جو ۽ سونهن جو وسيلو پڻ بڻجي ۽ ڀلي ۾ ڀلو لباس ته تقويٰ جو لباس آهي. اهو ته الله جي نشانين مان هڪڙي نشاني آهي ته مَنَ ماڻهو ڪو سبق پرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي آدم جا اولاد! اسان توهان تي لباس نازل ڪيو آهي ته توهان جي جسم جا لڄ وارا حصا ڍڪي ۽ توهان جي حفاظت ۽ سونهن جو سبب ٿئي، تقويٰ جو لباس ڀلو آهي، هي الله جي نشانين مان هڪ نشاني آهي من ماڻهو سبق وٺن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي آدم جو اولاد! توهان لاءِ اسان پوشاڪ لاٿي جيڪا توهان جي جسمن کي به ڍڪڻ ۽ هار سينگار جو سبب به آهي پر حقيقت هي آهي ته پرهيزگاريءَ جي پوشاڪ ئي سڀ کان بهتر پوشاڪ آهي، اهو (پرهيزگاريءَ وارو) لباس به الله تعالى جي نشانين مان آهي شايد گھري نگاهه رکڻ وارا ماڻهو ان مان نصيحت وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى ءادَمَ لا يَفتِنَنَّكُمُ الشَّيطٰنُ كَما أَخرَجَ أَبَوَيكُم مِنَ الجَنَّةِ يَنزِعُ عَنهُما لِباسَهُما لِيُرِيَهُما سَوءٰتِهِما إِنَّهُ يَرىٰكُم هُوَ وَقَبيلُهُ مِن حَيثُ لا تَرَونَهُم إِنّا جَعَلنَا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ لِلَّذينَ لا يُؤمِنونَ (آيت : 27) |
اي آدم جا اولاد شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح خرابيءَ ۾ نه وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي ته کين سندين اوگھڙ ڏيکاري، سچ آھي ته اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين انھن کي نه ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نه مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي آدم جا اولاد! (خبردار) متان شيطان اوهان کي ڀلائي وجهي. جهڙيءَ طرح هن اوهان جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ (آدم ۽ حوا) کي ڀلائي جنت مان ٻاهر ڪڍائي ڇڏيو ۽ هنن جو (الله تعاليٰ جي فرمانبرداريءَ جو) لباس لهارائي ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ ته هنن کي سندن شرمگاهه کولي ڏيکاري. (ياد رکو ته) اهو شيطان ۽ سندس لشڪر (هر وقت) اهڙيءَ طرح توهان کي نظر ۾ رکيو ويٺو آهي، جي توهان انهن کي ڏسي نٿا سگهو. (هو توهان کي ڀلائڻ لاءِ اهڙا موقعا ۽ وجهه تاڙي ٿا وٺن جو توهان کي پتوئي نٿو پوي. تنهن ڪري هر وقت خبردار رهو ۽ فقط خدا ۾ ايمان رکي سندس ئي حڪمن تي عمل ڪيو) يقين ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو (خدا تي) ايمان نٿا رکن (اهي ئي ڀلجن ٿا ۽) انهن ئي لاءِ اسان شيطان کي سندن دوست بنايون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اولاد آدم جا توهان کي شيطان فتني ۾ نه وجھي جهڙي طرح آدم ۽ حوا کي بهشت مان ڪڍيائين، انهن ٻنهيءَ کان سندن لباس کسي ورتائين انهي لاءِ ته کين سندن ڍڪيل بدن ڏيکاري، بيشڪ شيطان ۽ سندس قبيلو توهان کي انهي جاءِ تان ڏسي ٿو جتان توهان انهن کي نٿا ڏسي سگھو، بيشڪ اسان شيطان کي بنايو آهي دوست انهن ماڻهن جو جيڪي ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي آدم جي اولاد! (هوشيار رهو) جو متان اوهان کي ابليس نه ٿيڙي ڇڏي جيئن هن اوهان جي پيءُ ماءُ (آدم ۽ حوا) کي بهشت مان ڪڍرايو انهيءَ ئي انهن ٻنهين کان (بهشتي) پوشاڪ لهرائي ته جيئن کين سندن اگهاڙ ڏيکاري. اهو ۽ سندن قبيلو اوهان کي ضرور جيئن ڏسندو رهي ٿو تئين اوهين کين نٿا ڏسو. اسان شيطانن کي انهن ماڻهن جو ساٿي ڪيو آهي جيڪي بي ايمان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي آدم جا فرزندؤ! نه فتني ۾ وجهي اوهان کي شيطان جيئن ڪڍيائين پيءُ، ماءُ اوهان جي کي بهشت مان- لاهي پيو انهن کان لباس انهن جو تانته ڏيکاري انهن کي شرمگاهون سندن بيشڪ اهو ڏسي ٿو اوهان کي پاڻ ۽ خاندان سندس ان جاءِ کان جو نه ٿا ڏسو اوهان انهن کي بيشڪ اسان بڻايو شيطانن کي دوست انهن جو جي نه ٿا ايمان آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي آدم جي اولاد ! شيطان اوهان کي گمراهه نه ڪري جيئن اوهان جي ماءُ پيءُ جا ڪپڙا لاهي انهن کي جنت مان ڪڍيائين هن لاءِ ته انهن کي سندن اگهاڙ ڏيکاري. بيشڪ اهو ۽ ان جي جماعت اوهان کي اتان ڏسن ٿا جتان اوهين انهن کي نه ٿا ڏسو. بيشڪ اسان شيطانن کي انهن جو دوست ڪيو آهي جيڪي ايمان نه ٿا آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي آدم جا اولاد! شيطان اوهان کي ائين فتني ۾ نه وجهي جيئن ان اوهان جي ماءُ پيءُ کي جنت مان ڪڍيو هيو ۽ انهن کان سندن لباس لهرايائين هن لاءِ جو سندن شرمگاهون هڪ ٻئي تي ظاهر ڪري. بيشڪ اُهو (شيطان خود)۽ ان جو قبيلو اوهان کي اتان ڏسن ٿا جتان اوهان انهن کي نه ٿا ڏسو. بيشڪ اسان شيطانن کي انهن ماڻهن جو دوست بنايو آهي جيڪي ايمان نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ابليس اوهان کي، آدميو! نه ڏي لَر لَغار، بابا اَهنجا، بهشت مان، جِيئن ڪيائين ٻَهار، لاهِينِ لَٽا، تان ڪري، سندنِ اُ گھاڙون اِظهار، ڏِسي اوهان کي، جِتان ڪِٿان، اُو ۽ اُن جا ڀار، مورک! نه ڏِسو مورهين، اوهين اِهو اسرار شيطان ڪياسون اُنهن جا، ٻِيلي ٻانهن ٻِيهار، اُهي، جي اِعتبار، آڻينِ ڪينَ اَلله تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي آدم جا اولاد! اوهان کي شيطان ائين دوکو نه ڏئي، جيئن اوهان جي پيءُ ماءُ کي باغ کان ٻاهر ڪڍرايائين ۽ کانئن سندن پوشاڪ لهرايائين ته کين سندن اوگهڙ ڏيکاري. (ياد رکو) اهو ۽ سندن لشڪر اوهان کي اتان ڏسي رهيو آهي، جتان اوهين کين نٿا ڏسو، بيشڪ اسان شيطان کي انهن جو دوست بڻايو آهي، جي ايمان نه ٿا آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي آدم جي اولاد، ائين نه ٿئي جو شيطان توهان کي وري به ائين فتني ۾ وجهي، جيئن هــُـن توهان جي والدين کي جنت مان ڪڍايو هو ۽ سندن لباس کانئن لهرائي ڇڏيو هئائين ته جيئن سندن اوگهڙيون هڪ ٻئي جي آڏو کولي ظاهر ڪري. هو ۽ سندس پوئلڳ توهان کي اتان پيا ٿا ڏسن، جتان توهان کين ڏسي نٿا سگهو، انهن شيطانن کي اسان انهن ماڻهن جو سرپرست بڻايو آهي، جيڪي ايمان نٿا آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي آدم جا اولاد! ائين نه ٿئي جو وري فتني ۾ وجهي توهان کي شيطان، جيئن هن ڪڍرايو هو توهان جي ماءُ پيءُ کي جنت مان ۽ سندن لهرائي ڇڏيو هو لباس ۽ سندن اوگهڙون هڪ ٻئي تي ظاهر ڪيون، هو ۽ ان جا قبيلي وارا توهان کي اهڙي هنڌان ڏسن ٿا جتان توهان انهن کي ڏسي نٿا سگهو، بيشڪ اسان بڻايو آهي انهن شيطانن کي ماڻهن جو سرپرست جيڪي ايمان نٿا رکن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي آدم جو اولاد! (ذرا خيال ڪجو) شيطان توهان کي اهڙي طريقي سان آزمائشن ۾ نه وجهي ڇڏي جھڙي طريقي سان هن توهان جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي جنت مان ڪڍرايائين ۽ سندن (روحاني) پوشاڪ لھرايائين ته جيئن انهن جون اوگهڙون هڪ ٻئي جي سامهون ڏيکاري. بيشڪ شيطان ۽ سندس ساٿي توهان کي اهڙي جڳه تان ڏسن ٿا جو اوهان انهن کي نٿا ڏسي سگهو. بيشڪ اسان شيطانن کي ايمان نه آڻيندڙن جو دوست بنائي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا فَعَلوا فٰحِشَةً قالوا وَجَدنا عَلَيها ءاباءَنا وَاللَّهُ أَمَرَنا بِها قُل إِنَّ اللَّهَ لا يَأمُرُ بِالفَحشاءِ أَتَقولونَ عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 28) |
۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هي (ڪافر) ڪو بي شرميءَ جو ڪم ڪن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهيءَ طريقي تي هلندو ڏٺو ۽ خدا به اسان کي اهوئي حڪم ڏنو آهي. (الله تعاليٰ (ڪڏهن به) بي شرميءَ جي ڪمن ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي. ڇا (خود) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون ٿا مڙهيو جن بنسبت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا، چون ٿا ته اسان پنهنجن وڏن کي ايئن ڪندي ڏٺو ۽ الله اسان کي اهو ئي حڪم ڪيو آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ الله بي حيائي جو حڪم نه فرمايو آهي، جن حڪمن جي توهان کي خبر ناهي اُهي الله ڏانهن ڇو ٿا منسوب ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو جڏهين ڪو به بڇڙو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا ته اسان اهڙي طريقي تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڏٺو ۽ پڻ خدا (به) اهڙو ئي حڪم ڪيو آهي. (اي رسول!) تون کولي ٻڌائين ته خدا ڪڏهين به بڇڙي ڪم جو حڪم نٿو ڏئي. ڇا اوهين ماڻهو خدا تي (ڪوڙ هڻي) اهي ڳالهيون ڪريو ٿا جيڪي اوهين نٿا ڄاڻو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڪن ٿا برائي ته چون ٿا لڌوسون ان تي پيئرن پنهنجن کي ۽ الله امر ڪيو اسان کي ان جو فرماءِ ته بيشڪ الله نه ٿو امر ڪري برائيءَ جو، ڇا چئو ٿا الله تي جيڪي نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ان (ڪم) تي ڏٺو. ۽ الله اسان کي ان جو حڪم ڪيو آهي. چئو ته بيشڪ الله بي حيائيءَ جي ڪم جو حڪم نه ٿو ڪري. ڇا اوهين الله تي اها (ڪوڙي) ڳالهه چئو ٿاجا نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا: ”اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي (ان طريقي تي) لڌو آهي ۽ الله اسان کي ان جو امر ڪيو آهي“. چؤ ته: ”بيشڪ الله بي حيائي جو حڪم ڪونه ٿو ڪري. ڇا اوهان الله تي اهڙيون ڳالهيون چئو ٿا جيڪي خود نه ٿا ڄاڻو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اهي، جن اِختيار ڪئي، جڏهن جوٺِي پَر، چي پُريون، پِيء پَنهنجا، اَسان ڏِٺا اِن سر، ۽ اسان کي اَمر، خُود خدا ڪيو اُن جو. چئو، الله اَڀرِي ڳالھ جو، اَمر نه ڪري ڪو، ڇا؟ سائين مٿي سو، ٻَڌو، جو ٻُجھو ڪِين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڪا بڇڙائي ڪن ٿا ته چون ٿا ”اسان پنهنجن وڏن کي ان تي ڏٺو ۽ الله به اسان کي ان جو حڪم ڏنو آهي“ چئو ته الله (هرگز) بڇڙائي جو حڪم نه ڏنو ٿئي. ڇا، اوهين الله بابت اهو چئو ٿا، جنهن جي اوهان وٽ ڪا سند نه آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُهي ماڻهو جڏهن به ڪو بيحيائيءَ وارو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو آهي ۽ الله ئي اسان کي انهيءَ جو حڪم ڏنو آهي. چوين ته الله ڪڏهن به بيحيائيءَ جو حڪم نه ڏيندو آهي. ڇا توهان الله تي ٿا اُهي ڳالهيون هڻو، جن بابت توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي ته الله جي طرفان آهن؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جڏهن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا ته چون ٿا، اسان ڏٺو آهي انهيءَ تي پنهنجن ابن ڏاڏن کي، ۽ الله ئي اسان کي حڪم ڏنو آهي ائين ڪرڻ جو. انهن کي چؤ ته بيشڪ الله ڪڏهن به حڪم نه ڏيندو آهي بي حيائيءَ جو، ڇا اهڙيون ڳالهيون ڪريو ٿا الله لاءِ، جن جي توهان کي ڪا ڄاڻ ناهي ته اهي الله طرفان آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن هي ( مڪي جا بي ايمان) ماڻهو بيحيائيءَ جو ڪم (يعني خانه ڪعبه جو اگهاڙو ٿي طواف) ڪندا آهن ته چوندا آهن ته اسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي انهيءَ طريقي سان ڏٺو آهي ۽ الله تعالى ئي اسان کي حڪم ڏنو آهي. انهن کي چؤ ته الله تعالى ڪڏهن به بيحيائيءَ جي ڪمن جو حڪم نه ڏيندو آهي. الله تعالى جي باري ۾ توهان جيڪي ڪجهه ڳالهايو ٿا ان جي توهان کي ڪا به ڄاڻ نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَمَرَ رَبّى بِالقِسطِ وَأَقيموا وُجوهَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ كَما بَدَأَكُم تَعودونَ (آيت : 29) |
چؤ ته منھنجي پالڻھار انصاف جو حُڪم ڪيو آھي، ۽ (حُڪم ڪيو اٿس ته) پنھنجا مُنھن سڀڪنھن نماز مھل (الله ڏانھن) سِڌا ڪريو ۽ اُن لاءِ سچا فرمانبردار ٿي سندس عبادت ڪريو، جئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تئن (اوھين) موٽندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون انهن ماڻهن کي) چئو ته منهجي پروردگار (هر حالت ۾) اعتدال جي راهه اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي (پڻ حڪم ڪيو آهي ته) نماز جي هر وقت تي ۽ هر هنڌ پنهنجا منهن بلڪل سڌا رکو (يعني پوريءَ طرح الله جي اڳيان نياز جو سر جهڪايو) ۽ الله کي سچي دل سان ۽ ڪامل فرمانبرداريءَ جي نيت سان پڪاريو (ياد رکو ته) جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو تهڙيءَ طرح اوهان (موت کان پوءِ ڏانهنس) موٽندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو مون کي منهنجي رب انصاف جو حڪم فرمايو آهي، ۽ هر نماز وقت پنهنجي رُخ کي قبلي ڏانهن ڪريو ۽ خلوص دل سان الله جي عبادت ڪريو، جيئن توهان کي پيدا فرمايائين تيئن توهان کي موٽائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته منهنجي پروردگار ته انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ (هي به فرمايو اٿس) ته هر نماز جي وقت پنهنجا پنهنجا منهن (قبلي ڏي) سڌا ڪندا ڪيو ۽ خدا جي خالص عبادت ڪيو. ۽ خدا جي خالص عبادت ڪندڙ ٿي دعا ڪريو. جيئن اوهان کي پهرين پيدا ڪيو اٿس تئين اوهين ٻيهر جيئرا ڪيا ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: امر ڪيو رب منهنجي عدل جو ۽ سڌا رکو منهن پنهنجا (قبلي ڏانهن) وقت هر نماز جي ۽ عبادت ڪيو ان جي (سچو ڪندڙ) ان جي لاءِ دين کي جيئن پهريان پيدا ڪيائين اوهان کي تيئن ئي موٽندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته منهنجي پاليندڙ (سڀڪنهن ڳالهه ۾ ) انصاف ڪرڻ (يعني وچولي رستي تي هلڻ) جو حڪم ڪيو آهي ۽ (حڪم ڪيواٿس ته) پنهنجا منهن سڀ ڪنهن نماز جي وقت سڌا ڪريو، ۽ الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. جيئن اوهان کي پهرين پيدا ڪيو اٿس تيئن اوهين ٻيهر پيدا ٿيندؤ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: منهنجي رب انصاف جو حڪم ڪيو آهي. ۽ اوهان هر سجدي گاهه وٽ پنهنجا چهرا (ڪعبي طرف) سڌا ڪيو ۽ ان جي عبادت ڪيو سڀ فرمانبردارِي ان لاءِ خالص ڪندي. جيئن پهريان توهان کي پيدا ڪيائين تيئن توهان وري پيدا ڪيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو سائـِين سندمِ، ستار، اَمر ڪري انصاف جو، ۽ هر مِهت وَٽ، مُنهن پنهنجا، جَھليو پوري پار، ۽ ٻاڏايوس ٻِيهار، رڳو ڏيندڙ، ڏان اُن کي. جِيئن جوڙيان اڳ جبار، تِـئين موٽائيندان مُورهين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته منهنجي رب انصاف جو حڪم ڏنو آهي. (۽ هي به) ته هر هڪ نماز جي وقت پنهنجو رخ سڌو رکو ۽ ان کي خالص فرمانبرداري جي خيال سان پڪاريو. جيئن اوهان کي پهرئين پيدا ڪيو اٿس تيئن ئي موٽندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته منهنجي رب ته سچ ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ سندس حڪم ته اهو آهي ته هر عبادت ۾ پنهنجو رُخ صحيح رکو ۽ کيس ئي سڏيو، پنهنجي دين کي خالص انهيءَ لاءِ ئي ڪري. جيئن هن توهان کي هاڻي پيدا ڪيو آهي، تيئن ئي توهان وري پيدا ڪيا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! چؤ انهن کي ته منهنجي رب ته سچ ۽ انصاف جو حڪم ڏنو آهي ۽ حڪم ڏنو آهي هر عبادت ۾ پنهنجو رخ ٺيڪ رکو ۽ ان کي ئي سڏيو ۽ پنهنجي ئي خلوص کي پنهنجي دين لاءِ وقف ڪريو، جيئن هن توهان کي هاڻي پئدا ڪيو آهي، تيئن توهان وري پئدا ڪيا ويندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان انهن کي چؤ ته منھنجي پالڻھار انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ (اهو به حڪم ڏنو آهي ته) هر نماز دوران توهان پنھنجا منھن سڌا رکو ۽ دين کي الله تعاليٰ لاءِ خالص ڪري ان کي ئي سڏيو، جيئن هن توهان کي شروع ۾ پيدا ڪيو هو بلڪل اهڙي طريقي سان ئي توهان ٻيھر پيدا ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَريقًا هَدىٰ وَفَريقًا حَقَّ عَلَيهِمُ الضَّلٰلَةُ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيٰطينَ أَولِياءَ مِن دونِ اللَّهِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 30) |
ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇوته اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن ته پاڻ ھدايت وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هڪڙيءَ ٽوليءَ کي (سندن اخلاص سبب ڪاميابي ۽ سعادت جي) راه وٺائي آهي ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراهي (حق ۽ انصاف سان) واجب ٿي آهي، ڇو ته هنن الله کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايو آهي ۽ (ڀلجي) سمجهن ٿا ته اسان سچي هدايت جي واٽ ورتي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله هڪ ڌُر کي هدايت ڏني ۽ ٻي ڌُر تي گمراهي ثابت ٿي، بيشڪ انهن شيطانن کي دوست بنايو الله تعالى کان سواءِ ۽ ڀانئن ٿا ته بيشڪ اهي هدايت وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ئي هڪ ٽولي جي هدايت ڪئي ۽ هڪ گروھ (جي سر تي) گمراهي سوار ٿي وئي. هنن ماڻهن خدا کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو سرپرست بنايو. ۽ تنهن هوندي به گمان ڪن ٿا ته اهي هدايت تي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هڪ جماعت کي هدايت ڪيائين ۽ ٻي جماعت ثابت ٿي چڪي آ انهن تي گمراهي- يقينًا انهن بڻايو شيطان کي مددگار سواءِ الله جي ۽ سمجهن ٿا ته يقينًا اهي هدايت وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ جماعت کي سڌو رستو ڏيکاريو اٿس ۽ ٻي جماعت تي گمراهي لازم ٿي چڪي آهي، ڇو ته انهن الله کي ڇڏي شيطانن کي دوست ڪري ورتو ۽ (اُهي) سمجهن ٿا ته اُهي (پاڻ) رستي تي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هڪ گروهه کي هدايت ڪيائين ۽ هڪ گروهه تي گمراهي ثابت ٿي وئي. (ڇو جو) بيشڪ انهن الله کان سواءِ شيطانن کي دوست بنائي ورتو ۽ سمجهن ٿا ته اُهي ئي هدايت وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سُهائـِين ڪِنهن ساٿ کي، ۽ ٻِي ٻارِي کي ٻِيهار، مُونجھارو مارڳ کان، ثابت ٿِيو سَهوار، ساٿِي شيطانن کي، وَرتـئون ڌڻِيءَ ڌار، ۽ ڀائينِ پِيا بَدڪار، ته آهن، پوري پير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪڙن کي واٽ لڳايائين، هڪڙن تي گمراهي ثابت ٿي چڪي آهي، انهن الله کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو دوست بڻايو آهي ۽ سمجهن ٿا ته سنئين رستي تي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ٽولي کي ته هن سڌو رستو ڏيکاريو آهي پر ٻئي ٽولي تي گمراهي لاڳو ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن الله جي بدران شيطانن کي پنهنجو سرپرست بڻايو آهي ۽ وري سمجهن ائين ٿا ته ڏاڍي سڌي رستي تي آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ ٽولي کي ته ان سڌو رستو ڏيکاريو آهي حق وارو پر ٻئي ٽولي تي گمراهي لاڳو ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن شيطان کي پنهنجو سرپرست بڻائي رکيو آهي الله جي بدران ۽ سمجهن پيا ته اسان سڌي رستي تي آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن (توهان منجهان) هڪڙي جماعت کي (ايمان جي توفيق ڏئي) سڌو رستو ڏيکاريو ۽ ٻي ٽولي پڪي گمراهيءَ ۾ پئجي وئي ڇاڪاڻ جو انهن الله تعالى کان سواءِ شيطانن کي حمايتي ۽ مددگار بنائي ڇڏيو آهي ۽ وري سمجهن ٿا ته هو سڌي رستي تي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى ءادَمَ خُذوا زينَتَكُم عِندَ كُلِّ مَسجِدٍ وَكُلوا وَاشرَبوا وَلا تُسرِفوا إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
اي آدم جا اولاد سڀڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي آدم جا اولاد! نماز جي هر وقت ۽ هر هنڌ سٺائي ۽ سينگار رکو ۽ (بيشڪ) کائو پيئو، (يعني الله تعاليٰ جون ڏنل نعمتون ماڻيو) پر حدن کان ٻاهر نه وڃو. (حدن کان ٻاهر وڃڻ ۾ اوهان جو ئي نقصان آهي) بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو توهان نماز پڙهڻ وقت سهڻو لباس ڍڪيو ۽ توهان کائو ۽ پيو ۽ اجايو خرچ نه ڪريو، بيشڪ الله اجائي خرچ ڪندڙ سان محبت نٿو رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي آدم جي اولاد! هر نماز جي وقت بڻجي سينگارجي ويندا ڪريو. ۽ کائو ۽ پيئو پر فضول خرچي نه ڪريو (ڇو ته) خدا اجائي خرچ ڪندڙن کي نٿو چاهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي آدم جا فرزندؤ! وٺو سينگار پنهنجو وقت هر نماز جي ۽ کائو ۽ پيئو ۽ نه فضول خرچي ڪيو بيشڪ اهو نه ٿو محبت رکي فضول خرچي ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي آدم جي اولاد ! سڀ ڪنهن نماز جي وقت پنهنجا ڪپڙا ڍڪيو. (يعني اگهاڙا نه ٿيو). ۽ کائو ۽ پيو ۽ اجايو خرچ نه ڪريو. بيشڪ الله اجائي خرچ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي آدم جا اولاد! هر مسجد وٽ (يعني هر عبادت جي موقعي تي) پنهنجي سينگار سان آراسته ٿيو. ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو خرچ نه ڪيو، بيشڪ اهو اجايو خرچ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر مَسجد وٽ، ماڻهئا!، پايو سَندان سِنيگار، ۽ کائو، پِيو خوب طرح ۽ وِڃائيو نه وار، پرور ڏي، نَه پِيار، واڌُو وِڃائـِيندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي آدميو! هر هڪ نماز جي وقت پنهنجا ڪپڙا پهريو. کائو ۽ پيئو مگر حد کان نه وڌو، بيشڪ هو حد کان وڌندڙن کي پسند نه ڪندو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي آدم جي اولاد، هر عبادت جي موقعي تي ٺهيل سينگاريل هوندا ڪريو ۽ کائو پيئو پر حد کان نه لنگهو، الله حد کان لنگهندڙن کي پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي بني آدم! سدا سينگاريل رهو هر عبادت جي موقعي تي زينت ۾ رهو، ۽ کائو ۽ پيئو پر حد کان نه وڌو، بيشڪ اهو (الله) پسند نٿو ڪري حد کان وڌڻ وارن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي آدم جو اولاد! نماز لاءِ مسجد ڏانھن وڃڻ وقت پنھنجو پاڻ کي سينگاري نڪرندا ڪريو. کائو ۽ پِيئو پر فضول خرچي نه ڪريو ڇو ته فضول خرچي ڪرڻ وارن کي الله تعالى پسند ئي نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل مَن حَرَّمَ زينَةَ اللَّهِ الَّتى أَخرَجَ لِعِبادِهِ وَالطَّيِّبٰتِ مِنَ الرِّزقِ قُل هِىَ لِلَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا خالِصَةً يَومَ القِيٰمَةِ كَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 32) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ ( ۽ ) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر تون) ماڻهن کان پڇ ته الله تعاليٰ زينت جو جيڪو ساز سامان پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيو آهي، تنهن کي ۽ کائڻ پيئڻ جي صاف ۽ سٺين شين کي ڪنهن حرام ٺهرايو آهي؟ کين ٻڌاءِ ته اهي سڀ شيون دنيا ۾ ئي ايمان وارن لاءِ آهن، ُ قيامت جي ڏينهن ته خالص طور (دنيائي تڪليفن کان پاڪ) فقط، مومنن لاءِ آهن (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون آيتون (سمجهاڻيون ۽ حڪم) کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم ۽ سمجهه رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن کان معلوم ڪريو ته الله جي پيدا ڪيل زينت (ڪپڙا وغيره) ۽ پاڪ شيون جيڪي انسانن لاءِ پيدا ڪيون اٿس اُهي ڪنهن حرام ڪيون، توهان فرمايو اهي شيون مؤمنن لاءِ آهن ۽ قيامت ۾ به خاص سندن حصي جون آهن، اهڙي طرح اسين آيتون بيان ڪريون ٿا اُن قوم لاءِ جيڪي سمجھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! انهن کان) پڇو ته جيڪو زينت (جو اسباب) ۽ کائڻ جون (صاف سٿريون) شيون خدا پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيون آهن سي ڪنهن حرام ڪيون؟ تون پاڻ چئي ڏين ته اهي سڀئي (پاڪ پاڪيزه) شيون قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن جي لاءِ خاص آهن جن دنيا جي (فاني) زندگي ۾ ايمان آندو هو اسان اهڙي طرح پنهنجون آيتون سمجهدار ماڻهن جي لاءِ کولي بيان ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪنهن حرام ڪيو سينگار الله جي کي جيڪو ڪڍيائين ٻانهن پنهنجن لاءِ ۽ پاڪ شيون رزق مان فرماءِ ته اهي انهن جي لاءِ آهن جو ايمان آندائون حياتيءَ دنيا جي ۾ خاص قيامت جي ڏينهن ائين ئي کولي بيان ڪيون ٿا آيتون ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته الله جي (پيدا ڪيل) زينت (يعني ڪپڙن) کي جيڪا پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪڍي اٿس ۽ کاڌي پيتي جي سٺين شين کي ڪنهن حرام ڪيو آهي؟ چئو ته اهي (اصل ۾) دنيا جي حياتيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ آهن (۽) قيامت جي ڏينهن (انهن لاءِ) خالص آهن. اهڙيءَ طرح اسين ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪريون ٿا جيڪي ڄاڻن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته الله جي ان زينت کي ڪنهن حرام ڪيو آهي؟ جيڪا پاڻ پنهنجي ٻانهن لاءِ پيدا ڪيائين ۽ کاڌي پيتي جي پاڪيزه شين کي (ڪنهن حرام ڪيو آهي؟). چؤ ته اهي ايمان وارن لاءِ دنيا جي حياتي ۾ آهن، قيامت جي ڏينهن ته انهن لاءِ خالص آهن. اهڙي طرح اسان کولي کولي آيتون بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مَنع ڪِنهن ڪيئـِي مورهين، جو سائين ڪَڍيو سينگار، سندسِ سپاهينِ لئي، پڻ کاڌا خوش گُوار؟، چئو، اِنهن لئي آهن، خاص اِهي، مَهندان محشر وار، جڏي هِن جھان ۾، جن آندو اِعتبار، اِنپر کوليون پار، جي سَمجھن، تنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله جا سندن بندن لاءِ پيدا ڪيل ڪپڙا ۽ پاڪ کاڌا ڪنهن حرام ڪيا آهن؟ چئو ته اُهي دنيا ۾ ايمان وارن لاءِ جائز آهن ۽ آخرت ۾ خاص انهن لاءِ آهن. ايئن علم رکندڙن لاءِ حڪم چٽا ڪريون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته ڪنهن الله جي انهيءَ زيب زينت کي حرام ڪيو آهي، جيڪا هن پنهنجن ٻانهن لاءِ ٺاهي آهي ۽ ڪنهن الله جون ڏنل پاڪ شيون کائڻ کان روڪيون آهن؟ چؤ! اهي سموريون شيون دنيا واريءَ زندگي ۾ به ايمان وارن لاءِ آهن ۽ قيامت جي ڏينهن ته هونديون ئي رڳو انهن لاءِ . اهڙيءَ ريت اسان پنهنجون ڳالهيون کولي تفصيل سان ٿا بيان ڪيون، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! انهن کي چؤ ڪنهن حرام ڪيو الله جي ان زينت کي، جنهن کي (الله) پنهنجن ٻانهن جي لاءِ پئدا ڪيو هو، ۽ ڪنهن (الله جون) عطا ڪيل پاڪ شيون حرام ڪيون؟ چؤ، اهي سڀ شيون ايمان آڻڻ وارن جي لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۾ به انهن لاءِ آهن خاص طور تي قيامت جي ڏينهن ته آهن ئي انهن لاءِ، اهڙيءَ طرح کولي بيان ڪريون ٿا پنهنجون ڳالهيون انهن لاءِ جيڪي علم رکن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) چؤ ته الله تعالى جي ان خوبصورتيءَ کي ڪنھن حرام ڪيو، جنھن جي هن خود پنھنجي ٻانهن کي موڪل ڏني آهي ۽ پاڪ شين جي کائڻ کان ڪنھن منع ڪيو آهي؟ تون چؤ ته هي شيون دنيا جي زندگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ ئي آهن ۽ وري قيامت جي ڏينھن اهي سڀ شيون خصوصي طور تي انهن کي ئي ڏنيون وينديون. اهڙي طريقي سان اسان آيتن کي علم رکندڙ ماڻهن لاءِ تفصيل سان بيان ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّما حَرَّمَ رَبِّىَ الفَوٰحِشَ ما ظَهَرَ مِنها وَما بَطَنَ وَالإِثمَ وَالبَغىَ بِغَيرِ الحَقِّ وَأَن تُشرِكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَأَن تَقولوا عَلَى اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 33) |
(اي پيغمبر) چؤ ته منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناہ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙي شيء کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حُجّت نه لاٿي اٿس ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو اوھان جو الله تي چوڻ اھي ئي حرام ڪيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته منهنجي پروردگار ته بي حيائيءَ جون ڳالهيون ۽ ڪم حرام ڪيا آهن، پوءِ اهي ظاهر هجن توڙي لڪل هجن ۽ پڻ گناه جا ڪم ۽ زيادتي وارا ڪم جي حق ۽ انصاف جي خلاف هجن (حرام ڪيا اٿس ۽ هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس ته) اوهان الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو جنهن لاءِ ڪابه سند نازل ڪانه ڪئي اٿس ۽ (هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس جو) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون مڙهيو جن بابت توهان کي ڪوبه علم ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجي رب حرام ڪئي بي حيائي جڪا ظاهر ۾ آهي يا باطن ۾، ۽ گناه ۽ ناحق سرڪشي ۽ الله سان شرڪ ڪرڻ جنهن لاءِ ان وٽ ڪو دليل ناهي، ۽ جن حڪمن جي توهان کي خبر ناهي اُهي الله ڏانهن ڇو ٿا منسوب ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون (کولي) ٻڌائين ته اسان جي پروردگار ته سڀ بڇڙا ڪم پوءِ ظاهر هجن يا لڪيل، گناھ کي ناحق زيادتي ڪرڻ کي حرام ڪيو آهي پڻ هن ڳالھ کي ته اوهين ڪنهين کي خدا جو شريڪ بڻايو جنهن جو هن ڪو دليل نازل نه فرمايو آهي ۽ هي به ته سواءِ سمجهڻ ٻجهڻ جي خدا تي بهتان نه ٻڌو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: بيشڪ حرام ڪيو رب منهنجي بيحيائين کي جيڪو ظاهر ٿيو انهن مان ۽ جيڪو ڳجهو ٿيو ۽ (حرام ڪيائين) گناھ ۽ سرڪشيءَ کي حق کان سواءِ ۽ هيءُ جو شريڪ ڪيو الله سان اها شيءِ جو نه لاٿائين ان سان ڪا سند ۽ هي جو چئو الله تي اها ڳالهه جو نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته منهنجي پاليندڙ رڳو بي حيائيءَ جي ڪمن کي جيڪي انهن مان ظاهر آهن ۽ جيڪي لڪل آهن ۽ گناهه کي ۽ ناحق زيادتي ڪرڻ کي ۽ هن ڳالهه کي ته الله سان اهڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪريو جنهن جي ڪا ثابتي به الله نه لاٿي آهي ۽ هن ڳالهه کي ته جيڪا ڳالهه نه ٿا ڄاڻو سا الله تي چئو، حرام ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: منهنجي پالڻهار جن شين کي حرام ڪيو آهي سي ته هي آهن. بي حيائي جي ڪمن کي انهن مان جي کليل آهن ۽ جي لڪل آهن ۽ گناهه کي ۽ حق جي خلاف زيادتي کي ۽ هن ڳالهه کي جو الله سان ڪنهن اهڙي کي شريڪ ڪيو جنهن بابت ان ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ هي ته الله تي اهڙيون ڳالهيون چئو جن کي توهان پاڻ به نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مُنهنجي مالڪ مُور، بي حَيايون بندڪيون، جيڪي ظاهر اُن مَنجھان، يا مَنجھو مَنجھ مجبور، ۽ گُناھ ۽ گُھر بي واجبي، يا گڏيون ساڻ غفور، اُن کي، ته اُتارئـِين ڪانه ڪا، اُن لئي نِشاني نُور، يا جِنهن جي پَونِيان، نه پرور، سو مَڙهيو مالِڪ پاڪ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته منهنجي رب حرام ڪيو آهي: بي حيائي جي ڪمن کي، پڌرا هجن خواهه لڪل، گناهه ۽ ناحق، حد کان لنگهڻ کي ۽ هن ڳالهه کي به ته اوهين الله سان ٻين کي ڀائيوار بنايو، جنهن لاءِ ڪا سَنَد نه لاٿي آهي ۽ هيءُ به ته اوهين الله بابت اهو چئو جنهن جو اوهان کي علم نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته منهنجي رب ته جيڪي شيون حرام ڪيون آهن، سي ته هي آهن: بيحيائيءَ جا ڪم کليل توڙي لڪل ۽ گناهه ۽ ناحق ڏاڍائي ڪرڻ ۽ پڻ اهو جو الله ساڻ ڪنهن کي شريڪ ڪريو، جنهن لاءِ هن ڪابه ســَـنــَـدَ نه لاٿي آهي ۽ اها ڳالهه به ته توهان الله تي هڻي ڪا ڳالهه چئو، جنهن لاءِ توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي (ته هــُـن ئي اها چئي آهي) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! انهن کي چؤ، حرام ڪيون آهن منهنجي رب جيڪي شيون، اهي آهن بي شرميءَ جا ڪم، پوءِ ڀلي ظاهر هجن يا لڪل، ۽ گناهه ۽ هي ته ڪنهن سان به حق جي خلاف زيادتي نه ڪريو ۽ شريڪ نه ڪريو توهان الله سان، جنهن جي هن ڪابه سَند نازل نه ڪئي آهي ۽ هي ته ڪا اهڙي ڳالهه ٺاهيو الله تي، جنهن جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نٿا رکو (ته واقعي ان فرمائي آهي).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين ٻڌائي ڇڏيو! ته منھنجي پالڻھار (هي شيون) حرام ڪيون آهن: ٭ بيحيائيءَ جا ڪم چاهي اهي ظاهري طرح يا لڪيل طريقي سان ڪيا وڃن ٭ گناهه جا سڀ ڪم ٭ ناحق بغاوت ڪرڻ ٭ بغير ڪنھن دليل جي الله تعالى سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ ٭ ۽ الله تعالى جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چوڻ جنھن جي توهان کي ڪا به ڄاڻ نه هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم لا يَستَأخِرونَ ساعَةً وَلا يَستَقدِمونَ (آيت : 34) |
۽ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي، پوءِ جڏھن سندن مُدّت پھچندي (ته) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هرهڪ قوم لاءِ هڪڙو وقت ٺهرايل آهي (جنهن وقت هن تي عذاب ايندو يا بربادي ٿيندي) پوءِ جڏهن هنن تي اهو وقت اچي ويندو تڏهن نڪي هڪ گهڙي (ان عذاب يا تباهي کي) دير ڪرائيندا نڪي هڪ گهڙي ان کي اڳي آڻي سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر اُمت لاءِ موت جو وقت مقرر آهي، پوءِ جنهن وقت سندس موت ايندو ته ڪا گھڙي اڳتي ۽ پوئتي ڪري نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ڪنهن گروھ لاءِ (ناپيد هئڻ) جو هڪ خاص وقت آهي. پوءِ انهن جو وقت اچي پهچي ٿو ته نه هڪ گهڙي پٺ تي ٿيندا ۽ نه وڌي سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ واسطي هر امت جي مدت مقرر آهي پوءِ جڏهن ايندو مدو انهن جو ته نه پوئتي ٿيندا هڪڙي گهڙي نه اڳتي ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ ڪنهن امت لاءِ هڪ مقرر مدت آهي پوءِ جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته نه هڪ گهڙي پٺتي ٿيندا ۽ نه اڳي ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر امت (لاءِ مُهلت) جو هڪ وقت مقرر آهي، پوءِ جڏهن انهن جو مقرر وقت پهچندو ته نه هڪ گهڙي پوئتي ٿيندا ۽ نه اڳتي ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُقرّر هر ڪِنهن ميڙ لَئي، اَجل آخرڪار، پوءِ جڏهن اَجل اُنهن جو، ڪَڙ ڪيو سِر ڪَپار، پوءِ ويهَنِ هِت نه وار، ۽ نه گُــزرن، گَھڙِي اڳ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر هڪ جماعت لاءِ هڪ مقرر وقت آهي جڏهن سند مقرر وقت ايندو ته نڪي هڪ گهڙي پٺتي رهندا ۽ نه اڳتي وڌندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر قوم لاءِ مهلت جي هڪ مدت مقرر آهي، پوءِ جڏهن ڪنهن قوم جو وقت ڀرجي آيو ته هڪڙو پــَـلُ به نڪي پوئتي پوندا ۽ نه اڳتي ٽپندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هر قوم جي لاءِ مهلت جي مدت مقرر آهي، پوءِ جڏهن ڪنهن قوم جي مدت اچي پوري ٿئي ٿي ته اها اڳ پوءِ نٿي ٿئي (اها ڳالهه الله تخليق وقت صاف فرمائي هئي).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ياد رکو) هر هڪ امت جي لاءِ (مھلت جو) هڪ وقت مقرر آهي پوءِ جڏهن اهو وقت اچي پھچندو ته نه هڪ گهڙي دير ڪئي ويندي آهي ۽ نه هڪ گهڙي اڳتي ڪئي ويندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبَنى ءادَمَ إِمّا يَأتِيَنَّكُم رُسُلٌ مِنكُم يَقُصّونَ عَلَيكُم ءايٰتى فَمَنِ اتَّقىٰ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 35) |
(چيو ويو ته) اي آدم جا اولاد جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي آدم جا اولاد! جڏهن جڏهن اوهان ڏي اوهان منجهان رسول اچن جي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائين تڏهن جيڪو به تقويٰ اختيار ڪندو (يعني گناهن کان پاڻ بچائيندو) ۽ نيڪ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ نڪو ڪو خوف هوندو نڪي هو غمگين ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو جيڪڏهن توهان وٽ توهان مان رسولَ اچن، جيڪي بيان ڪن ٿا توهان تي منهن جون آيتون، پوءِ جنهن ماڻهو خوفِ خدا ڪيو ۽ نيڪي ڪئي پوءِ انهن تي ڪو خوف ناهي ۽ نه اهي ڏکوئبا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي آدم جي اولاد! جڏهن اوهان مان اوهان وٽ ڪي رسول اچن ۽ اوهان کي اسان جون آيتون ٻڌائن ته (سندن چيو مڃجو ڇو ته) جيڪو شخص پرهيزگاري ۽ نيڪ ڪم ڪندو ته اهڙن ماڻهن تي نه ته (قيامت ۾) ڪو به خوف هوندو ۽ نه غمگين (ئي) ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي آدم جا فرزندؤ! جيڪڏهن اچن اوهان وٽ رسول اوهان مان بيان ڪن اوهان جي اڳيان آيتون منهنجون پوءِ جيڪو پرهيزگار ٿيو ۽ پاڻ سڌاريائين پوءِ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي آدم جي اولاد ! جيڪڏهن اوهان وٽ اوهان مان ڪي رسول اچن، اوهان کي منهنجيون آيتون ٻڌائين ته پوءِ جيڪي (اوهان مان) پرهيزگار ٿيندا ۽ (پاڻ کي) سڌاريندا تن تي نه ڊپ آهي ۽ نڪي اُهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي آدم جا اولاد! جيڪڏهن اوهان وٽ خود اوهان مان رسول اچن جيڪي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائن ته پوءِ جيڪو پرهيزگار ٿيو ۽ (پنهنجو) اصلاح ڪيائين ته پوءِ نه انهن تي ڪو خوف هوندو ۽ نه ئي اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِيندا اوهان مان آدميو!، مُرسل مَڻياندار، پڙهن اوهان تي، مُنهنجون نِشانِيون نِروار، پوءِ جنهن پرهيز ڪئـِي، ۽ ڪيائين چڱِي ڪار، تن تي نه ڀَو، ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻتِي کِيَنِ، ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي آدميو! جيڪڏهن اوهان وٽ اوهان مان رسول اچن، جي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائين ته، پوءِ جيڪو نيڪ ٿيندو ۽ (پاڻ) سڌاريندو، ته اهڙن کي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اها ڳالهه الله خلقڻ وقت ٻڌائي ڇڏي هئي ته) اي آدم جي اولاد، ياد ڪري ڇڏجو ته جيڪڏهن توهان وٽ خود توهان منجهان اهڙا رسول اچن، جيڪي توهان کي منهنجون آيتون ٻڌائين ته جيڪو به بي فرمانيءَ کان بچندو ۽ پنهنجي هلت سڌاريندو، اهڙن لاءِ نه ڪو خوف هوندو ۽ نه وري هو غمگين ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي بني آدم! ياد رکو ته توهان مان جيڪڏهن اهڙا رسول اچن، جيڪي توهان کي منهنجون آيتون ٻڌائي رهيا هجن، ته پوءِ جيڪو به نافرماني کان بچندو ۽ پاڻ سڌاريندو، تنهن لاءِ ڪوبه خوف ۽ نه وري ڪو رنج هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي آدم جو اولاد! ياد رکو جيڪڏهن توهان وٽ توهان مان ئي رسول اچن ۽ هو اوهان کي منھنجون آيتون بيان ڪن پوءِ جيڪو پرهيزگاريءَ جي راهه اختيار ڪندو ۽ پنھنجي اصلاح ڪندو ته اهڙن ماڻهن لاءِ ڪو به خوف ۽ ڪو به غم نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 36) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ ان جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو ۽ تڪبر ڪري انهن جي خلاف عمل ڪيائون سي دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کي ڪُوڙو سمجھن ٿا ۽ انهن کان تڪبر ڪن ٿا اهي دوزخي آهن، اهي دوزخ ۾ هميشه هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشيءَ ڪئي اهي ئي ماڻهو دوزخي آهن جيڪي ان ۾ سدائين پيا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي ۽ هٺ ڪيائون انهن کان اهي دوزخي آهن اهي ان ۾ هميشہ رهندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن (جي قبول ڪرڻ کان) وڏائي ڪئي سي دوزخي آهن، ۽ اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ انهن کان وڏائي ڪيائون ته اُهي جهنمي آهن. اُهي ان ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جن ڪُوڙا ڪوٺيا، اسان جا اُهڃاڻ، ۽ مُرڳو اُن جي مڃڻ کان، لڳا پَڏائڻ پاڻ، اُهي ڄاڃِي ڄيري ڄاڻ، ۽ هُوْنِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشي ڪيائون، اُهي دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي ڪوڙو چوندا ۽ انهن جي قبولڻ ۾ وڏائي ڪندا، اهي ئي دوزخ ۾ پوڻ وارا هوندا جتي هو سدائين رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪوڙو چوندا اسان جي آيتن کي ۽ انهن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪندا ته اهي بَک ٿيندا باهه جو، جتي هو هميشه رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ( انهن کي مڃڻ کان) تڪبر ڪيو، اهي سڀ جھنمي آهن، هو ان ۾ هميشه رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ أُولٰئِكَ يَنالُهُم نَصيبُهُم مِنَ الكِتٰبِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُم رُسُلُنا يَتَوَفَّونَهُم قالوا أَينَ ما كُنتُم تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا وَشَهِدوا عَلىٰ أَنفُسِهِم أَنَّهُم كانوا كٰفِرينَ (آيت : 37) |
جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حِصّو (سُک ۽ ڏُک جو) ملندو رھندو، ايتري قدر جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن رُوح ڪڍڻ لاءِ ايندا چوندا ته اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ (تنھن مھل چوندا) ته اسان کان لڪي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا ته پاڻ ڪافر ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهڙي شخص کان ڪير وڌيڪ ظالم ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙ مڙهي ۽ سندس حڪمن کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪري. انهن ماڻهن جي نصيب ۾ جيڪي لکيل آهي، سو کين (هن دنيا ۾) ملندو. تان جو جڏهن اسان جا موڪليل (موت جا ملائڪ) سندن جانيون قبض ڪرڻ لاءِ وٽن پهچي ويندا، تڏهن کين (اهي ملائڪ) چوندا ته توهان الله کي ڇڏي جن (ديوتائن) کي پڪاريندا هئو سي ڪٿي آهن؟ هو (ڪافر) جواب ۾ چوندا ته اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا ۽ اهي ڪافر پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيندا ته سچ پچ اسان ڪافر هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جيڪو الله ته ڪوڙ مڙهي ٿو يا الله جي آيتن کي ڪوڙو سمجھي ٿو، انهن ماڻهن کي سندن نصيب جو حصو ملندو، ايستائين جو جنهن وقت انهن وٽ اسان جا فرشتا پهچندا جيڪي سندن ساهه ڪڍندا، فرشتا کين چوندا توهان جا بُت ڪٿي آهن جن جي عبادت ڪندا هئا، اُهي چوندا اڄ اسان کان بُت غائب ٿي ويا ۽ پاڻ تي اهي شاهدي ڏيندا ته بيشڪ اُهي ڪافر هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ جيڪو شخص خدا تي ڪوڙ بدوڙ هڻي يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري، ان کان وڌيڪ ٻيو ظالم ڪير ٿيندو؟ اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن کي سندن (تقدير) جو لکيل حصو (رزق وغيره) ملندو رهندو. تيستائين جو جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) انهن وٽ اچي سندن روح قبض ڪندا، کائن پڇندا ته خدا کي ڇڏي جن کي سڏيندا هئا اهي هاڻي ڪٿي آهن؟ ته اهي (منڪر ڪافر) جواب ۾ چوندا ته اهي سڀئي ته اسان کي ڇڏي ڪک پن ٿي ويا ۽ پنهنجي خلاف پاڻ شاهدي ڏيندا ته لاشڪ ته اسين ڪافر هياسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪير آهي وڏو ظالم ان کان جو ٺاهي هنيائين الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو چيائين آيتن ان جي کي اهي پهچندو انهن کي حصو انهن جو لکيل عذاب مان تان جو جڏهن ايندا انهن وٽ قاصد اسان جا وفات ڪرائيندا انهن کي ته چوندن ته ڪٿي آهن اهي جن جي عبادت ڪندا هيئو، الله کان سواءِ چوندا ته گم ٿي ويا اسان کان ۽ شاهدي ڏيندا سرن پنهنجن تي ته بيشڪ اهي هيا ڪافر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيو. کين ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل سندن حصو ملندو. ايتري تائين جو جڏهن اسان جا رسول سندن روح قبض ڪرڻ لاءِ وٽن ايندا ته چوندا ته اهي ڪٿي آهن؟ جن کي اوهين الله کانسواءِ سڏيندا هئا. (ان وقت) چوندا ته اهي اسان کان گم ٿي ويا آهن ۽ پاڻ تي هيءَ شاهدي ڏيندا ته اهي (پاڻ) ڪافر هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جيڪو ڪوڙ گھڙي الله تي مڙهي يا ان جي (سچي) آيتن کي ڪوڙو چوي. اُهي آهن جن کي انهن جو (اهو) حصو ملندو جيڪو ڪتاب ۾ لکيل آهي. تانجو جڏهن انهن وٽ اسان جا قاصد (ملائڪ) ايندا ته انهن جو روح قبض ڪن چوندا ته ”ڪٿي آهن (ڪوڙا معبود) جن جي اوهان الله کي ڇڏي عبادت ڪندا هئا“؟ چوندا ”اسان کان گم ٿي ويا“ ۽ پنهنجو پاڻ تي شاهدي ڏيندا ته بيشڪ اُهي ڪافر هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ڪير اُن کان، ظالم زور زبر؟ جَنهن جُڙتو ڳالهيون جوڙيون، مٿي ربَّ رهبر، يا ڪوڙيو ڪُوٺيون اُن جون، نِشانيون نابر، مِلندو مُعتبر، لاڳ اُنهن کي، ليک مان. تان جڏهن اسان جا آيا، ڪٖيڻَنِ ڪوٺارِي، ته ڪڍنِ پَساھ پَڇاڙِيء جو، پُڇندنِ سُڌ سارِي، ڪِٿي، جن کي ڪوٺيان، بِنا ربَّ بارِي؟، چي، هي هي! هُو اسان کان، وِيا هِن وارِي، ۽ پاڻهين شاهدِ پاڻ تي، بَنيا بَدڪارِي، ۽ ٿِيا اُن دم اِقرارِي، ته مُنڪر هُئا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير آهي جو الله تي ڪوڙ گهڙي، يا ان جي آيتن کي ڪوڙو ڪري؟ جيڪي سندن نصيب ۾ لکيل آهي سو کين ملندو، تان جو جڏهن اسان جا ملائڪ کين مارڻ ايندا ته اهي کانئن پڇندا ته ”الله کي ڇڏي جن کي اوهين پڪاريندا هئا، اهي ڪٿي آهن؟“ چوندا ته ”اهي اسان کان گم ٿي ويا“ ۽ هو پنهنجي ڪافر هجڻ جو اقرار ڪرڻ لڳندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو صفا ڪوڙيون ڳالهيون گهڙي الله ڏانهن منسوب ڪري يا الله جي آيتن کي ڪوڙو چوي، اهڙن ماڻهن کي سندن قسمت جي لکئي مطابق پنهنجو حصو ملندو رهندو تانجو اها ويل اچي ويندي، جڏهن اسان جا موڪليل ملائڪ سندن ساهه ڪڍڻ لاءِ ايندا. کانئن پڇندا: "ڪٿي آهن اهي جن کي توهان الله کي ڇڏي ٻاڏائيندا هيؤ؟" هو چوندا، "سڀئي اسان کان گم ٿي ويا" ۽ هو پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيندا ته، "اسان حق جا منڪر هئاسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ظاهر آهي ان کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿيندو جيڪو بلڪل ڪوڙيون ڳالهيون الله تي گهڙي ۽ سچين آيتن کي ڪوڙو چوي، اهي ئي ماڻهو قسمت جي لکڻي مطابق پنهنجو حصو حاصل ڪندا، تان جو اها مهل ايندي جڏهن اسان جا موڪليل ملائڪ سندن روح قبض ڪرڻ لاءِ پهچندا ان وقت کانئن پڇندا ته، ڪٿي آهن توهان جا اهي معبود جن کي الله جي بدران سڏيندا هئا؟ هو چوندا ته، سڀئي اسان کان گم ٿي ويا، ۽ شاهدي ڏيندا پاڻ تي، ته سچ پچ اسان حق جا منڪر هئاسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم آهي؟ جنھن الله تعالى تي ڪوڙ گهڙيو يا ان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو؟ کين (دنيا ۾) ايترو ئي حصو ملندو جيترو سندن تقدير ۾ لکيل آهي، ايستائين جو اسان جا موڪليل فرشتا انهن وٽ روح قبض ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيندا ۽ (اچڻ سان ئي) فرشتا انهن کان پڇا ڪندا ته اهي (معبود) ڪٿي آهن؟ جن کي توهان الله تعالى کي ڇڏي پڪاريندا هئا. جواب ۾ هو چوندا ته اهي ته اسان کان لڪي ويا (هاڻي) هو پنھنجو پاڻ تي ئي شاهدي ڏيندا ته واقعي هو ڪفر ڪرڻ وارن مان ئي هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ادخُلوا فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِكُم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ فِى النّارِ كُلَّما دَخَلَت أُمَّةٌ لَعَنَت أُختَها حَتّىٰ إِذَا ادّارَكوا فيها جَميعًا قالَت أُخرىٰهُم لِأولىٰهُم رَبَّنا هٰؤُلاءِ أَضَلّونا فَـٔاتِهِم عَذابًا ضِعفًا مِنَ النّارِ قالَ لِكُلٍّ ضِعفٌ وَلٰكِن لا تَعلَمونَ (آيت : 38) |
(الله) چوندو ته اُنھي ٽولي سان دوزخ ۾ گھڙو جيڪي اوھان کان اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا، جنھن مھل ھڪ ٽولي پئي گھڙندي تنھن مھل پنھنجي سنگت تي لعنت پئي ڪندي، تان جو جڏھن منجھس مڙئي گھڙندا ته (اُن وقت) سندين پوئين ٽولي پنھنجي پھرين ٽوليءَ لاءِ چوندي ته اي اسانجا پالڻھار ھنن اسان کي گمراہ ڪيو ھو تنھنڪري اُنھن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي، (الله) چوندو ته سڀڪنھن لاءِ ٻيڻو عذاب آھي پر اوھين نه ٿا ڄاڻو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ الله تعاليٰ جو) حڪم ٿيندو ته جيڪي (منڪر) ٽوليون جنن ۽ انسانن مان توهان کان اڳي گذريون آهن تن سان گڏ توهان به دوزخ ۾ داخل ٿيو. جڏهن به ڪا ٽولي دوزخ ۾ داخل ٿيندي تڏهن اڳي داخل ٿيل ٽوليءَ تي لعنت ڪندي (ڇو ته انهن وڏن ننڍن کي سنئين واٽ نه ڏيکاري). تان جو جڏهن اهي سڀ ٽوليون ان ۾ گڏ ٿي وينديون تڏهن پويون ٽوليون اڳين ٽولين بنسبت چونديون ته اي اسان جا پروردگار! هنن ماڻهن اسان کي گمراه ڪيو هو، تنهن ڪري هنن کي دوزخ جي باه جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله تعاليٰ فرمائيندو ته، توهان سڀني (اڳوڻن توڙي پوين) لاءِ ٻيڻو عذاب آهي، پر توهان نٿا ڄاڻو (جيئن اڳوڻن اوهان کي گمراه ڪيو، تيئن اوهان به ننڍن کي گمراه ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله فرمائيندو توهان جهنم ۾ داخل ٿيو انهن گروهن سان جيڪي اڳ ۾ گذريا، جِنن ۽ انسانن مان، جڏهن هڪ گروه جهنم ۾ داخل ٿيندو ته اهو اڳئين گروه تي لعنت ڪندو ايستائين جو اهي سڀ جهنم ۾ پهچندا، ته پويان پهرين لاءِ چوندا ته اي اسان جا رب اسان کي انهن گمراه ڪيو پوءِ تون انهن تي ٻيڻون عذاب جهنم جو ڪر، الله تعالى فرمائيندو هر هڪ گروه لاءِ ٻيڻون عذاب آهي پر توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن خدا کين) فرمائيندو ته: جنن ۽ ماڻهن مان جيڪي اوهان کان اڳ هليا ويا آهن انهن ۾ ملي توهان به جهنم واصل ٿي وڃو. (۽ جهنم وارن جو هي حال هوندو.) جو جڏهن ان ۾ هڪ گروھ داخل ٿيندو ته پنهنجي ساٿي ٻي گروھ تي لعنت ڪندو، تان جو جڏهن اهي سڀ ان ۾ پهچي ويندا ته انهن مان پوئين جماعت پاڻ کان پهرين جماعت جي لاءِ بد دعا ڪندا ته پروردگار انهن ماڻهن ئي اسان کي گمراھ ڪيو هو، تون مٿن جهنم جو ٻيڻو عذاب ڪر! (ان تي) خدا فرمائيندو ته: سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر (حيف هجيو) اوهين سمجهو نٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته: داخل ٿيو جماعتن ۾ جيڪي گذريون اڳي اوهان کان جنن مان ۽ انسانن مان باهه ۾ - جڏهن به داخل ٿيندي هڪ جماعت ته لعنت ڪندي هم جنس پنهنجيءَ کي، تانجو جڏهن گڏ ٿيندا ان ۾ سڀئي ته چوندي پوئين انهن مان پهرين انهن جي لاءِ ته اي رب اسان جا! هنن گمراھ ڪيو اسان کي پوءِ ڏي انهن کي عذاب ٻيڻو باهه مان فرمائيندو ته سڀني جي لاءِ ٻيڻو آهي ۽ پر نه ٿا ڄاڻو اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمائيندو ته جيڪي جماعتون اوهان کان اڳ جنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن تن سان گڏ اوهين باهه ۾ داخل ٿيو. جڏهن به ڪا جماعت (ان ۾ ) داخل ٿيندي ته پاڻ جهڙي ٻي جماعت کي لعنت ڪندي. ايتري تائين جو اهي سڀئي جڏهن ان ۾ پهچندا ته انهن مان پوئين (جماعت) سندن پهرئين (جماعت) لاءِ چوندي ته اي اسان جا پاليندڙ ! هنن اسان کي گمراهه ڪيو هو. پوءِ تون کين باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله فرمائيندو ته سڀ ڪنهن لاءِ ٻيڻو آهي پر اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله فرمائيندو: اوهان جِنن ۽ انسانن جي انهن جماعتن سان شامل ٿيو جيڪي اوهان کان اڳ گذري چڪيون هيون (پوءِ) جهنم ۾ داخل ٿيو. پوءِ جڏهن به ڪا جماعت ان ۾ داخل ٿيندي ته پاڻ جهڙي ٻي جماعت تي لعنت ڪندي. تانجو جڏهن سڀ ان ۾ گڏ ٿيندا ته پوئين جماعت پهرين جماعت لاءِ چوندي اي اسان جا پالڻهار! انهن اسان کي گمراهه ڪيو ان ڪري انهن کي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله فرمائيندو سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي ۽ پر توهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، گِھڙو گِرو هن ۾، جي مهندان گذريان، مُور باھِ اَندر ڀرپور، جنن ۽ ماڻهن مَنجھان. جڏهن، جڏهن جماعت نئين، آئـِي اَندر آڳ، ته جِھڙس اڳئين اُمت کي، ڏِنائون لَعنت لاڳ، تان مِڙئـِي مَنجھ اِن ماڳ، وڃِي هيڪاندا، هُت ٿِيا. پويَنِ چيو، پهريَنِ لئي، ته سانيمِ! رب ستّار، اسان کي، هِن اڳينَ، نِيو نَرگھٽ نِگو نسار، پوءِ اِنهن تي عذاب، آگ مان، ٻِيڻون ڪر ٻِيهار، چي، ٻِيڻو ٻنهِين هارِ، پر پَروڙيو ڪين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (الله) چوندو ”جيڪي جنن ۽ انسانن جا ٽولا اوهان کان اڳ ۾ ٿي چڪا آهن، انهن سان باهه ۾ داخل ٿي وڃو“ جڏهن به ڪو ٽولو دوزخ ۾ ويندو، ته اهو ٻئي تي ڦٽڪار وجهندو. تان جو سڀئي ان ۾ داخل ٿي ويندا ته پويان ٽولا پهرين لاءِ چوندا ته ”اي اسان جا رب! هنن اسان کي گمراهه ڪيو هو، ان ڪري کين دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڏي“ چوندو ته ”سڀني لاءِ ٻيڻو آهي، مگر اوهين نٿا ڄاڻو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله فرمائيندو، "توهان به توهان کان اڳ ٿي گذريل، جنن ۽ انسانن جي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃي جهنم داخل ٿيو". هرهڪ ٽولو جڏهن جهنم ۾ داخل ٿيندو ته پاڻ کان اڳ ٿي گذريل ٽولي تي لعنت ڪندو ويندو، تانجو جڏهن سڀ وڃي گڏ ٿيندا ته هر پويون ٽولو اڳئين ٽولي جي باري ۾ چوندو ته، "اي رب ! اهي ئي ماڻهو هئا جن اسان کي گمراهه ڪيو هو، تنهنڪري انهن کي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏجانءِ ". جواب ۾ فرمايو ويندو: "هرهڪ لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر توهان نٿا ڄاڻو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله فرمائيندو، وڃو توهان به انهيءَ جهنم ۾ هليا وڃو جنهن ۾ توهان کان اڳ گذريل جنن ۽ انسانن جا ٽولا وڃي چڪا آهن باهه ۾، هر ٽولو جهنم ۾ گهڙندو ته پاڻ کان اڳ گذريل ٽولي تي لعنت وجهندي داخل ٿيندو، جڏهن سڀ ٽولا اتي گڏ ٿي ويندا ته هرڪو پويون ٽولو چوندو اڳئين ٽولي لاءِ ته، ”اي اسان جا پالڻهار! اهي ئي ماڻهو هئا جن اسان کي گمراهه ڪيو، ان ڪري انهن کي عذاب ٻيڻو ڪري ڏي باهه جو“، جواب ۾ ارشاد ٿيندو، ”هر ڪنهن جي لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر توهان نٿا ڄاڻو.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کين فرمائيندو ته هاڻي توهان به وڃي باهه ۾ داخل ٿيو، جتي جنن ۽ انسانن جا ٽولا توهان کان اڳ ۾ داخل ٿي چڪا آهن، جڏهن به ڪو ٽولو ان باهه ۾ داخل ٿيندو ته اهو اڳ ۾ داخل ٿيل ٽولي تي لعنت وجهندو، ايستائين جو سڀ ان ۾ داخل ٿي ويندا. آخر ۾ ايندڙ ٽولو اڳ ۾ داخل ٿيندڙن کي ڏسي چوندو ته اي اسان جا رب! هي اُهي ئي ماڻهو آهن جن اسان کي (دنيا ۾) گمراهه ڪيو، انهن کي ته باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي، الله تعالى فرمائيندو ته (هتي ته) سڀني لاءِ ٻيڻو عذاب آهي پر توهان کي (ان جي) سمجهه نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَت أولىٰهُم لِأُخرىٰهُم فَما كانَ لَكُم عَلَينا مِن فَضلٍ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 39) |
۽ منجھانئن پھرين (ٽولي) اُنھن مان پوئينءَ لاءِ چوندي ته اسان تي اوھان جي ڪا وڏائي نه آھي تنھنڪري جيڪي ڪمايو ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پهريون ٽوليون پوئين ٽولين کي چونديون ته اوهان اسان کان بهتر ڪونه آهيو. سو توهان به جيڪي عمل ڪمايا آهن، تن جي بدلي ۾ عذاب چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پهريان چوندا پوين کي ته توهان به اسان کان بهتر ناهيو (مطلب ته ٻَئي گروه عذاب جا حقدار آهن) پوءِ توهان عذاب چکو پنهنجي بداعمالي سببان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان پهرين جماعت پوئين جماعت ڏي ڏسي چوندي ته هاڻي ته اوهان کي، اسان تي ڪا به فضيلت نه رهي، پوءِ (اسان وانگر) اوهين به پنهنجي ڪرتوتن ڪري عذاب (جا مزا) چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو پهرينءَ انهن مان واسطي پوئين پنهنجي ته پوءِ نه آهي اوهان جي لاءِ اسان تي ڪا برتري پوءِ چکو عذاب سببان ان جي جو ڪمايُوَ ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان پهرين (جماعت) سندن پوئينءَ (جماعت) کي (الله جي مٿئين فرمان موجب) چوندي ته پوءِ اوهان کي اسان تي ڪا فضيلت نه آهي، پوءِ جيڪي اوهين ڪمائيندا هئا تنهن جي ڪري عذاب (جو مزو) چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جا پهريان پنهنجي پوين کي چوندا ته: ”توهان کي اسان تي ڪا فضيلت ڪانهي پوءِ توهان (به) عذاب چکو ان ڪمائي سبب جيڪي اوهان ڪم ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پهرِين اُمت، پويَنِ کي، چيو اِهڙِي چال، پوءِ اَسان تي، اوهان جو، بِلڪل نه رهيو ڀال، جو ڪندا هئا ڪالھ، پوءِ چَکو عذاب اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن پهريون ٽوليون پوين کي چونديون ”اوهين اسان کان ڀلارا نه آهيو، سو اوهين به جيڪي ڪندا رهيا، ان لاءِ عذاب چکو.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پهريون ٽولو پوئين ٽولي کي چوندو ته (جيڪڏهن اسان ڏوهي هئاسون) ته توهان کي وري اسان تي ڪهڙي فضيلت حاصل هئي، هاڻي جيڪي ڪمايو اٿوَ تنهن جي عيوض چکو مزو عذاب جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن مان پهريون ٽولو چوندو ٻئي ٽولي کي ته (جيڪڏهن اسان ڏوهي هئاسين) ته توهان کي اسان تي ڪهڙي فضيلت حاصل هئي، هاڻي چکو عذاب جو مزو پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان وري پھريون ٽولو پوئين ٽولي کي چوندو ته اوهان کي اسان تي ڪا به فضيلت نه آهي (يعني پاڻ سڀئي هڪجھڙا ئي ڏوهاري هئاسين) هاڻي هر ڪو ماڻهو پنھنجي پنھنجي ڪمائيءَ جي بدلي عذاب جو مزو چکي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَاستَكبَروا عَنها لا تُفَتَّحُ لَهُم أَبوٰبُ السَّماءِ وَلا يَدخُلونَ الجَنَّةَ حَتّىٰ يَلِجَ الجَمَلُ فى سَمِّ الخِياطِ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُجرِمينَ (آيت : 40) |
جن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئي جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڄاڻو ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪيو ۽ تڪبر ڪري انهن جي مخالفت ڪئي تن جي لاءِ آسمان جا (يعني معافي ۽ رحمت جا) دروازا نه کيوليا ويندا، نڪي اهي جنت ۾ داخل ٿيندا جيستائين ڪه اٺ سئيءَ جي سوراخ مان لنگهي وڃي. (يعني نڪي اٺ سئيءَ جي سوراخ مان لنگهي سگهندو نڪي هو جنت ۾ داخل ٿي سگهندا) اهڙيءَ طرح اسان گنهگارن کي (بدعملن جو) بدلو ڏيون ٿا ۽ ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو ۽ انهن کان تڪبر (روگرداني) ڪيائون انهن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نٿا داخل ٿين اهي بهشت ۾ ايستائين جو سُئي جي سوراخ ۾ اُٺ داخل ٿئي، ۽ اسان اهڙي طرح مجرمن کي جزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان وڏائي ڪئي تن لاءِ نه آسمان جا دروازا کوليا ويندا ۽ نڪي تيستايئن اهي بهشت ۾ داخل ئي ٿيندا جيسيتائين اٺ سئيءَ جي پاکي ۾ داخل ٿئي. (يعني جيئن اهو محال آهي تئين هنن جو بهشت ۾ داخل ٿيڻ به محال آهي) ۽ اسين گناهگارن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا رهندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي ۽ وڏائي ڪيائون انهن کان نه کوليا ويندا انهن لاءِ دروازا آسمان جا ۽ نه داخل ٿيندا بهشت ۾ تانجو گهڙي اٺ سوراخ سئيءَ جي ۾ ان ئي نموني سزا ڏينداسون مجرمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن (جي قبول ڪرڻ) کان وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نڪي تيستائين اهي جنت ۾ داخل ٿيندا جيستائين اُٺُ سُئيءَ جي ناڪي ۾ داخل (نه) ٿئي. ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڏوهارين کي بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ انهن کان وڏائي ڪيائون ته انهن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نه ئي اهي جنت ۾ داخل ٿيندا ايستائين جو سُئي جي سوراخ مان اُٺ داخل ٿي وڃي (يعني انهن جو جنت ۾ داخل ٿيڻ ائين ناممڪن آهي جيئن سُئيءَ جي سوراخ مان اُٺ جو گذرڻ) ۽ اهڙي طرح اسان ڏوهارين کي سزا ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن اسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪُوڙ فتور، ۽ ڪرڻ لڳا اُن کان، وَڏائو وَهلُور، اَصل دروازا اُڀ جا، نه مَٿنِ کُلندا مُور، ۽ نه داخل ٿِيندا دائما، جَنت مَنجھ ضرور، تان سُئي جي پاکي مان، نه لَنگھي مَهِري مُور، اِنپر ڏِيون ڀَرپُور، بَدلا بَدڪارن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان سرڪشي ڪيائون، انهن لاءِ نڪي آسمان جا دروازا کوليا ويندا، نڪي هو جنت ۾ داخل ٿيندا، ايتري تائين، جو اُٺ سئي جي پاکي مان نه لنگهي ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڏوهارين کي سزا ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻو ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو ۽ انهن جي مڃڻ کان آڪڙ ڪئي، تن لاءِ آسمان جا دروازا ڪڏهن به نه کوليا ويندا. انهن لاءِ جنت ۾ وڃڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن سئيءَ جي پاکي مان اٺ جو لنگهڻ. ڏوهارين کي اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (پڪ ڄاڻو) جن ماڻهن ڪوڙو چيو آهي اسان جي آيتن کي ۽ انهن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪئي آهي ته ڪڏهن به نه کوليا ويندا انهن جي لاءِ دروازا آسمان جا ۽ انهن جو داخل ٿيڻ ناممڪن هوندو بهشت ۾، جيترو لنگهڻ اٺ جو سئي جي پاکي منجهان، ۽ اهڙو ئي ملندو بدلو اسان وٽان مجرمن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ ( انهن کي مڃڻ کان) تڪبر ڪيو، انهن لاءِ آسمان جا دروازا به نه کوليا ويندا ۽ جنت ۾ انهن جو داخل ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي، جيئن اُٺ جو سئيءَ جي سوراخ مان نڪري وڃڻ ممڪن نه آهي، اسان ڏوهارين کي اهڙيءَ طرح ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم مِن جَهَنَّمَ مِهادٌ وَمِن فَوقِهِم غَواشٍ وَكَذٰلِكَ نَجزِى الظّٰلِمينَ (آيت : 41) |
اُنھن لاءِ وڇاڻو (به) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (به دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (منڪرن) لاءِ باهه بسترو ٿيندي (يعني باهه تي ليٽايا ويندا) ۽ سندن مٿان به باه جي چادر يا سوڙ هوندي، ظالمن کي اسان اهڙيءَ طرح (سندن ظلم جو) بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ جهنم جو وڇاڻو آهي ۽ انهن جي مٿان جهنم جو اوڍڻ آهي، ۽ اسان اهڙي طرح ظالمن کي جزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن لاءِ دوزخ (جي باھ جي تهن) جو وڇاڻو هوندو ۽ سندن مٿان (باھ جو ئي) اوڇڻ به. ۽ اسين ظالمن کي اهڙي سزا ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي لاءِ دوزخ مان وڇاڻو آهي ۽ مٿان انهن جي ڍڪيندڙ آهن. ائين ئي سزا ڏينداسون ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ دوزخ جو وڇاڻو ۽ سندن مٿان (دوزخ جا) پوش هوندا. ۽ اهڙيءَ طرح ظالمن کي بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن لاءِ جهنم (جي باهه) مان وڇاڻو هوندو ۽ سندن مٿان اوڍڻ (به باهه جو) هوندو. ۽ اهڙي طرح اسان ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) باھ اُنهن لئي بِسترو، پڻ اوڍاڻِي اُنهن سِر، ۽ پورهيو اِهڙي پَر، ڏِيون ظالم ذات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن لاءِ باهه مان ئي وڇاڻو هوندو ۽ مٿان باهه جو ئي ڍڪ هوندو ۽ اسين اهڙي طرح ئي ظالمن کي سزا ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ وڇاڻو به جهنم جو هوندو ته مٿن اوڇڻ به جهنم جو هوندو. هيءَ آهي اها سزا جيڪا اسان ظالمن کي ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي لاءِ جهنم جو وڇاڻو هوندو ته مٿانئن اوڇڻ به جهنم جو هوندو، ۽ هي آهي اها ئي سزا جيڪا اسان ظالمن کي ڏيندا آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي انهن جي لاءِ جھنم جا تيار ٿيل بسترا ۽ مٿان پائڻ لاءِ چادرون هونديون اسان ظالمن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لا نُكَلِّفُ نَفسًا إِلّا وُسعَها أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 42) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف ڏيندا ئي نه آھيون، اُھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل به ڪيا (ياد رکڻ گهرجي ته) اسان ڪنهن به شخص کي سندس طاقت کان ٻاهر (نيڪ عملن ڪرڻ جي) تڪليف نٿا ڏيون. اهي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه جنت ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اسان نٿا تڪليف ڏيون انهن نفسن کي مگر سندن طاقت آهر، اهي بهشتي آهن، اهي هميشه بهشت ۾ رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيائون ۽ اسين ته ڪنهين کي سندس طاقت کان مٿي تڪليف ڏيندا ئي نه آهيون، اهي ئي ماڻهو جنتي آهن جيڪي هميشه جنت ۾ ئي رهيا پيا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن شخصن ايمان آندو ۽ ڪيائون ڀلا ڪم نه ٿا تڪليف ڏيون ڪنهن نفس کي مگر وسعت آهر ان جي اهي بهشتي آهن ان ۾ هميشہ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اسين ڪنهن به شخص کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون اهي جنت وارا آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪندا رهيا اسان ڪنهن شخص کي ان جي طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ٿا ڏيون. اُهي جنتي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جن مَڃيو ۽ چڱِي رکيائون چال؛ ڪم نه رکون ڪنهن تي، مگر مُوجب اُن جي حال، اُهي بِهشتِي بَحال، سَدا ساڪِن اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسين ڪنهن کي به سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نٿا ڏيون، اهي ئي بهشتي آهن- اهي ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃيو ۽ نيڪ عمل ڪيائون ۽ اسان هر ڪنهن کي سندس وِت آهر ئي ذميوار بڻائيندا آهيون. اُهي جنت جا حقدار آهن جتي هو سدائين رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان جي بدران) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃيو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهيءَ ڏس ۾ اسان هرهڪ کي سندن وت آهر ذميوار ڪندا آهيون، اهي ئي بهشتي آهن، جتي هو هميشه رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا سو اسان ڪنھن کي به سندن برداشت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيندا آهيون (هاڻي صبر ڪرڻ وارا ئي) جنتي آهن، هو ان ۾ هميشه رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَزَعنا ما فى صُدورِهِم مِن غِلٍّ تَجرى مِن تَحتِهِمُ الأَنهٰرُ وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى هَدىٰنا لِهٰذا وَما كُنّا لِنَهتَدِىَ لَولا أَن هَدىٰنَا اللَّهُ لَقَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ وَنودوا أَن تِلكُمُ الجَنَّةُ أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 43) |
۽ جيڪو غير سندين دلين ۾ ھوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون سندين (ماڙين جي) ھيٺان واھيون پيون وھنديون، ۽ چوندا ته سڀ ساراہ انھي کي جڳائي جنھن اسان کي ھن (بھشت) ڏانھن رستو لاتو، جيڪڏھن الله اسان کي ھدايت نه ڪري ھا ته ڪڏھن اسين ھدايت نه لھون ھا، بيشڪ اسان وٽ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ وٺي آيا، ۽ سڏيو ويندو ته ھي بھشت (اوھان کي ڏنو ويو) اُن جا اُنھيءَ سببان (اوھين) وارث آھيو جو (چڱائي) ڪندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (نيڪ ماڻهن) جي سينن ۾ جيڪو ڏک يا ڪينو (انهن بنسبت جن کين دنيا ۾ ايذاءَ ڏنا هئا) هوندو، سو اسان ڪڍي ڇڏينداسين. (انهيءَ لاءِ ته هنن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ هو (بي اختيار) چئي ڏيندا ته حمد (يعني سڀ ساراهه) آهي الله جي، جنهن اسان کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي هلايو. ۽ (ان واٽ تي هلڻ سببان) اسان کي هن (جنت) ڏانهن آندائين. جيڪڏهن الله تعاليٰ اسان کي سڌي واٽ تي نه لڳائي ها ته اسان پنهنجو پاڻ ڪڏهن به اها واٽ نه لهي سگهون ها. اسان جي پروردگار جا رسول سچ پچ حق ۽ صداقت کڻي اسان وٽ آيا هئا. پوءِ انهن (نيڪ ماڻهن) کي پڪاري چيو ويندو ته ڏسو اها اٿو جنت جا اوهان جي (نيڪ) عملن سبب اوهان کي ورثي ۾ ڏني وئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن جي سينن مان حسد کي ڪڍنداسين، انهن بهشتين جي هيٺان نهرون وهنديون، ۽ اهي چوندا سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن اسان کي سڌي واٽ جي هدايت ڏني ۽ جيڪڏهن الله اسان کي هدايت نه ڏئي ها ته اسين هدايت وارا نه ٿيون ها، تحقيق الله جي رسولن سچ آندو، ۽ پُڪاريا ويندا (نيڪوڪار) ته هيءُ بهشت توهان کي ورثي ۾ مليو، انهيءَ سببان جو توهان نيڪ عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جي دلين ۾ جيڪو (بغض ۽ حسد) هوندو سو سڀ اسين ڪڍي (ٻاهر ڪري) ڇڏينداسون، (سندن محلاتن جي هيٺان واھ وهندا هوندا. ۽ چوندا شڪر آهي ان خدا جو جنهن اسان کي هن (مطلب واري جاءِ) تائين پهچايو، پر جيڪڏهن خدا هتي نه رسائي ها ته اسين ڪڏهن به هتي پهچي نه سگهون ها بيشڪ اسان جي پالڻهار جي پيغمبرن برحق دين آندو هو پڻ انهن ماڻهن کي وڏي آواز سان چيو ويندو ته: هي اهو بهشت آهي جنهن جا اسان پنهنجي نيڪين جي جزا ۾ وارث (۽ مالڪ) ڪيا ويا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍنداسون جيڪو سينن (سندن) ۾ هوندو ڪينو وهنديون هيٺان انهن جي نهرون ۽ چوندا ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي جنهن هدايت ڪئي اسان کي هن جي لاءِ ۽ نه هياسون تانته هدايت وارا ٿيون جيڪڏهن نه هجي ها هيءَ ڳالهه جو هدايت ڪئي اسان کي الله البته تحقيق آيا رسول رب اسان جي جا حق جي پيغام سان ۽ سڏيا ويندا ته هيءُ بهشت آهي جو وارث بنايا ويؤ ان جا سببان انهن عملن جي جيڪي ڪندا هيؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو ڪينو انهن جي سينن ۾ هوندو سو، ڪڍي ڇڏينداسون، سندن هيٺان واهه پيا وهندا. ۽ چوندا ته سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جنهن اسان کي هن (جنت) جو رستو ڏيکاريو. ۽ جيڪڏهن اسان کي الله رستو نه ڏيکاري ها ته اسين رستو لهڻ وارا نه ٿيون ها. بيشڪ اسان جي پاليندڙ جا رسول سچي ڳالهه کڻي آيا. ۽ کين سڏيو ويندو ته اوهين جيڪي ڪم ڪندا هئا تن جي ڪري هن جنت جو اوهان کي وارث ڪيو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جي سينن مان ڪڍي ڇڏينداسين جيڪو ڪينو (ڪنهن لاءِ) هوندو. انهن جي (ماڙين) هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ چوندا ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي هي راهه وٺائي ۽ اسان اها راهه نه وٺون ها جي الله (خود) اسان کي اها راهه نه وٺائي ها. تحقيق اسان جي پالڻهار جا رسول حق سان آيا“. ۽ انهن کي سَڏي چيو ويندو ته: ”هي جنت جنهن جا اوهان وارث بنايا ويا آهيو انهن عملن جي بدلي آهي جيڪي توهان ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساڙ سندنِ سِينن مان، ڪياسون ڪِڍي ٻهار، تن هيٺان هَلن ناليون، ۽ ٻوليائون ٻِيهار، ته آهن، الله پاڪ جا، هر دم حمد هزار، ته سُهايوسون ساڻيہ هِي، ۽ نه سُهائي ها ستار، ته ڪڏهن نه ڏِسون، ڏيہ اِهو؛ ۽ آيا اسان پار، سَندئون سائين جا، سَچ تي، مُرسل مَڻياندار، ۽ اُتي ٿِئي اُنهن کي پَڌرِي ڪا پُڪار، هِي باغ بهشت، اَوهان جي، ٿِيو حوالي هموار، جي ڪندا هُئا، ڪم ڪار، اُن عملن جي، آڌار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي سندن سينن ۾ ڪينو هوندو، سو اسين ڪڍي ڇڏينداسون، انهن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ چوندا ته ”اُن الله لاءِ تعريف آهي جنهن اسان کي هن واٽ لڳايو، جيڪڏهن الله رستو نه ڏيکاري ها ته اسين ڪڏهن به رستو نه لهي سگهون ها- بيشڪ اسان جي رب جا رسول حق وٺي آيا.“ کين پڪاري چئبو ته ”اها جنت آهي، اوهان جيڪي نيڪ عمل ڪندا هئا، انهن جي ڪري اوهان کي ان جو وارث ڪيو ويو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي دلين ۾ هڪ ٻئي جي خلاف جيڪا ڪدورت هوندي سا اسان ڪڍي ڇڏينداسون، سندن هيٺان واهيون پيون وهنديون ۽ هو چوندا ته ساراهه الله جي ئي لاءِ آهي، جنهن اسان کي هيءُ رستو ڏيکاريو، نه ته اسان پاڻ پنهنجي سر سڌو رستو ڪڏهن به نه لهي سگهون ها، جيڪڏهن الله اسان جي رهنمائي نه ڪري ها. اسان جي رب جي موڪليل رسولن بيشڪ حق ئي آندو هو. ان وقت آواز ايندنِ ته "هيءَ جنت جنهن جا توهان وارث بڻايا ويا آهيو، توهان کي انهن عملن جي بدلي ۾ ملي آهي جيڪي توهان ڪندا رهندا هيؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن وٽ جيڪا ڪدورت هوندي هڪ ٻئي خلاف سندن دلين ۾، ان کي اسان ڪڍي ڇڏينداسين، سندن هيٺان وهنديون پيون نهرون، ۽ اهي چوندا، سڀ تعريف الله کي ئي جڳائي جنهن اسان کي هي رستو ڏيکاريو ۽ اسان پاڻ ته ڪڏهن اهو رستو لهي نه سگهون ها. جيڪڏهن الله اسان جي رهنمائي نه ڪري ها، اسان ڏي موڪليل رسول رب طرفان بلاشڪ حق کڻي آيا هئا، ۽ ان وقت آواز ايندو، هي بهشت جنهن جا وارث بڻايا ويا آهيو، توهان کي انهن عملن جي عيوض مليو آهي، جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي دلين ۾ جيڪا هڪ ٻئي جي لاءِ ٿوري گهڻي نفرت هوندي سا اسان ڪڍي ڇڏينداسين، ان جنت جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون ۽ (جنتي ماڻهو شڪرگذاريءَ واري انداز ۾) چوندا ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جنھن اسان کي اهو رستو ڏيکاريو. جيڪڏهن هو اسان کي اهو رستو نه ڏيکاري ها ته اسان سڌو رستو ڪڏهن به نه ڏسي سگهون ها. بيشڪ اسان جي پالڻھار جا رسول سڳورا اسان وٽ حق ڳالهه کڻي آيا هئا ۽ (قيامت جي ڏينهن) کين وڏي واڪي ٻڌايو ويندو ته اها جنت توهان جي آهي اوهان جيڪي نيڪ عمل ڪندا هئا ان جي ڪري ئي توهان کي ان جنت جو وارث بنايو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبَ النّارِ أَن قَد وَجَدنا ما وَعَدَنا رَبُّنا حَقًّا فَهَل وَجَدتُم ما وَعَدَ رَبُّكُم حَقًّا قالوا نَعَم فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌ بَينَهُم أَن لَعنَةُ اللَّهِ عَلَى الظّٰلِمينَ (آيت : 44) |
۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا ( ۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنت وارا ماڻهو دوزخ وارن کي سڏي چوندا ته جنهن ڳالهه جو واعدو اسان جي پروردگار اسان سان ڪيو هو سو اسان جي حق ۾ سچو نڪتو (۽ اسان جنت ۾ داخل ٿيا آهيون) (هاڻي اوهان ٻڌايو ته) جيڪو واعدو (دوزخ ۾ وجهڻ جو) اوهان جي پروردگار اوهان سان ڪيو هو سو به اوهان جي حق ۾ سچو نڪتو آهي يا نه؟ اهي چوندا ته هائو (اهو واعدو به سچو نڪتو ۽ اسان دوزخ جو عذاب پيا ٿا چکون) پوءِ هڪڙو آواز ڏيندڙ انهن ۾ آواز ڏيندو ته ظالمن تي خدا جي لعنت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بهشتي دوزخين کي پڪاريندا، ته اسان کي بيشڪ ملي ويو جيڪو سچو وعدو اسان جي رب اسان سان ڪيو هو، پوءِ ڇا توهان کي نه مليو جيڪو سچو وعدو توهان جي رب توهان سان ڪيو هو، چوندا هائو، پوءِ آواز ڏيندڙ انهن جي درميان چوندو ته الله جي لعنت ظالمن تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيئن ته انسان جهنم وارن ماڻهن کي وڏي واڪي چوندا، اسان ته پنهنجي پروردگار جيڪو اسان سان واعدو ڪيو هو تنهن کي بيشڪ سچو ڏٺو ته توهان به ڇا! جيڪو واعدو توهان جي پروردگار به اوهان سان ڪيو هو پورو لڌو (يا نه؟) دوزخ وارا چوندا ته هاءُ (پورو لڌوسين) تڏهن هڪ مناديءَ وارو سندن وچ ۾ منادي ڪندو ته ظالمن تي خدا جي لعنت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڏي چوندا بهشت وارا دوزخ وارن کي ته بيشڪ لڌو اسان جيڪو وعدو ڪيو هو اسان سان رب اسان جي سچو پوءِ ڇا لڌو اوهان جيڪو وعدو ڪيو هو رب اوهان جي سچو چوندا ته هائو پوءِ اعلان ڪندو اعلان ڪندڙ وچ انهن جي ۾ ته لعنت الله جي آهي ظالمن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنت وارا دوزخين کي سڏيندا ته اسان جي پاليندڙ اسان سان جيڪو وعدو ڪيو هو سو بيشڪ اسان سچو لڌو. پوءِ اوهان جي پاليندڙ (اوهان سان) جيڪو وعدو ڪيو هو سو ڇا اوهان سچو لڌو؟ (دوزخي) چوندا ته هائو ! پوءِ سندن وچ ۾ هڪ آواز ڪندڙ آواز ڪندو ته الله جي لعنت (انهن) ظالمن تي آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنت وارا جهنم وارن کي سڏي چوندا ته : ”بلاشڪ اسان ان کي سچو لڌو جيڪو اسان جي پالڻهار اسان سان وعدو ڪيو هيو، ڇا پوءِ توهان به ان کي سچو لڌو جيڪو وعدو توهان جي پالڻهار توهان سان ڪيو هيو“؟ چوندا: ”هائو“. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ اعلان ڪندڙ اعلان ڪندو ته: ”ظالمن مٿان الله جي لعنت آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِهشتِين، دوزِخين کي، پَڌرِي ڪِئي پُڪار، ته پرور اسان سين پاريا، جي ڪيا قول قرار، پوءِ آگي آن کي آکيا، سو ڪو حاصل ڪيان هيڪار؟ چي آنه، اسان کي مِليو، پورهيو پُورا پار؛ پَڙهي ڏِيندڙ پڙهو ڏِنو، چيائين تِنهن وار، ته ڌڻيءَ جِي ڌِڪار، آهي آزارِيندڙن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنت وارا دوزخ وارن کي سڏيندا، ته ”اسان جي رب اسان سان جيڪو وعدو ڪيو هو، اسان ان کي سچ ڏٺو، ڇا اوهان اهو وعدو سچ ڏٺو، جو اوهان جي رب اوهان سان ڪيو هو؟“ چوندا ”هائو“. پوءِ هڪ آواز ڏيندڙ سندن وچ ۾ پڪاريندو ”ظالمن تي الله جي ڦٽڪار هجي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهي جنتي ماڻهو دوزخين کي سڏ ڪري چوندا، "اسان ته انهن سڀني وعدن کي سچو ڏٺو، جيڪي اسان جي رب اسان سان ڪيا هئا، ڇا توهان به انهن وعدن کي سچو لڌو جيڪي توهان جي رب ڪيا هئا؟" هو وراڻي ڏيندا، "هائو". پوءِ ان وقت سندن وچان هڪ سڏيندڙ وڏي واڪي چوندو، "الله جي لعنت آهي انهن ظالمن تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي بهشت وارا سڏي چوندا دوزخ وارن کي، اسان ته انهن رب جي سڀني ڪيل وعدن کي سچو ڏٺو جيڪي هن اسان سان ڪيا هئا، ڇا توهان به سچو ڏٺو رب جي انهن وعدن کي جيڪي هن توهان سان ڪيا هئا؟ اهي جواب ڏيندا، هائو. پوءِ انهن مان هڪ آواز ڏيندڙ آواز ڏيندو ته، لعنت آهي الله جي انهن ظالمن مٿان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنتي ماڻهو دوزخين کي سڏي چوندا ته (اڄ) اسان پنھنجي پالڻھار جي ڪيل سڀني وعدن کي سچو ٿيندي ڏٺوسين، ته ڇا توهان به پنھنجي پالڻھار جا وعدا سچا ٿيندي ڏٺا؟ اهي چوندا ته هائو بلڪل، ايتري ۾ سندن وچ ۾ پڪارڻ وارو آواز ڏيندو ته ظالمن تي الله تعالى جي لعنت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ وَيَبغونَها عِوَجًا وَهُم بِالءاخِرَةِ كٰفِرونَ (آيت : 45) |
جيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ ان جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نه مڃيندڙ ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن ظالمن تي خدا جي لعنت آهي) جي ماڻهن کي الله جي راهه (تي هلڻ) کان روڪيندا هئا ۽ ان (واٽ) ۾ ڏنگائي ڦڏائي (۽ عيب) ڳوليندا هئا (۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا) ۽ هو آخرت جا منڪر هئا، (تنهن ڪري ئي هو بيباڪ ٿي اهي ڪم ڪندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي الله جي راه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته الله جي دين کي تبديل ڪن ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪيندا هئا، پڻ ان ۾ (اجائي بيجائي) ٽيڙهائپ پيدا ڪندا هئا. ۽ اهي روز آخرت کان انڪار ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي روڪين ٿا واٽ الله جي کان ۽ طلب ڪن ٿا ان کي ڏنگو ۽ اهي آخرت جا انڪار ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله جي رستي کان روڪين ٿا ۽ ان ۾ ڏنگائي گهرن ٿا. ۽ اهي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (ظالم) ماڻهو جيڪي الله جي راهه کان روڪيندا هئا ۽ ان ۾ ڏنگاڻ چاهيندا هئا ۽ اُهي آخرت سان ڪفر ڪرڻ وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي روڪين ربَّ جي راه کان، ۽ گُھرنِس ڏِنگِي ڏُور، ۽ اُهي مُنڪر مُور، آهن آخرت جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي الله جي واٽ کان روڪيندا هئا ان ۾ ڏنگ پيدا ڪندا هئا ۽ اهي آخرت جا (به) منڪر هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي الله جي رستي کان ماڻهن کي روڪيندا هئا ۽ ان ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ گهرندا هئا ۽ آخرت جا انڪاري هئا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي روڪيندا هئا ماڻهن کي الله جي رستي کان ۽ انهن کي ڏنگو ڪرڻ گهرندا هئا ۽ اهي ئي آخرت جا منڪر هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي لعنتي ماڻهو دنيا ۾ ٻين ماڻهن کي به الله تعالى جي رستي کان روڪيندا هئا، ان رستي ۾ ڏنگائي پيدا ڪندا هئا ۽ آخرت جا انڪاري به هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَينَهُما حِجابٌ وَعَلَى الأَعرافِ رِجالٌ يَعرِفونَ كُلًّا بِسيمىٰهُم وَنادَوا أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن سَلٰمٌ عَلَيكُم لَم يَدخُلوها وَهُم يَطمَعونَ (آيت : 46) |
۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي اَلسّلَامُ عَلَيۡڪُمۡ چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نه گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنتي ماڻهن ۽ دوزخي ماڻهن جي وچ ۾ پردو هوندو. پر اتاهين جاين تي (پيغمبر ۽ ٻيا صالح) ماڻهو هوندا جيڪي بهشتين ۽ دوزخين کي سندن نشانين منجهان سڃاڻي وٺندا ۽ جنتين کي سڏي چوندا ته اوهان تي سلامتي هجي (اوهان اجهو ٿا جنت ۾ داخل ٿيو). اهي اڃا (جنت ۾) داخل ڪونه ٿيا هوندا پر کين اميد ۽ آسرو هوندو (ته اجهو ٿا داخل ٿيون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بهشتين ۽ دوزخين جي وچ ۾ پردو آهي، ۽ اعراف ۾ ماڻهو هوندا جيڪي هڪ ٻئي کي سندن نشانين سان سڃاڻن ٿا، ۽ اهي بهشتين کي سڏيندا ته توهان تي سلامتي آهي، اهي بهشت ۾ داخل نه ٿيندا اگرچه اهي سَڌََ ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جنت ۽ دوزخ) جي وچ تي هڪ جدا ڪرڻ واري حد آهي. ۽ ڪي ماڻهو اعراف تي هوندا (بهشت هجي يا دوزخي) سندن پيشانن مان سڃاڻندا ۽ اهي جنت وارن کي وڏي واڪي چوندا ته اوهان تي سلام هجي. اهي (اعراف وارا) ماڻهون اڃا جنت ۾ داخل نه ٿيا آهن پر اهي تمنا ضرور رکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ پردو هوندو ۽ اعراف تي ڪجهه مڙس هوندا سڃاڻندا سڀني کي نشانيءَ انهن جي سان ۽ سڏيندا بهشت وارن کي ته سلام آهي اوهان تي نه داخل ٿيا هوندا ان ۾ ۽ اهي اميد رکندا هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻنهين (جنت ۽ دوزخ) جي وچ ۾ هڪ پردو آهي ۽ اعراف تي ڪي مڙس هوندا جي سڀ ڪنهن کي سندن نشانين مان سڃاڻندا ۽ جنت وارن کي سڏيندا ته اوهان تي الله جي سلامتي آهي (ان وقت اعراف وارا پاڻ) ان ۾ داخل نه ٿيا هوندا ۽ اهي ان (۾ داخل ٿيڻ) جو شوق رکندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻنهين (جنت ۽ جهنم) جي وچ ۾ هڪ پردو هوندو ۽ اعراف (ان وچين مقام) تي ڪجهه مرد هوندا جيڪي سڀني کي سندن نشانين مان سُڃاڻيندا ۽ اُهي جنتين کي سڏي چوندا: ”توهان تي سلامتي آهي“. اُهي ان (جنت) ۾ داخل نه ٿيا هوندا ۽ اُهي (جنت جا) اميدوار هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قابو ڏِنو ڪوٽ وِيو، تنين وِچان تڪرار، ۽ ڪي همراه هوندا ڀِت مٿي، بِيٺل برقرار، نِرارن تي نِروار، پِيا سُڃاڻندا سڀن کي. چوندا بِهشتين کي ته اوهان تي سلام، نه هوندا مَنجسِ هَمام ۽ اُهي رکن اِهوئي آسرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن جي وچ ۾ اوٽ هوندي ۽ ”اعراف“ تي به ڪي ماڻهو هوندا، جي (اڃا) جنت ۾ داخل نه ٿيا هوندا مگر اميد رکندا هوندا- هو هر ڪنهن کي سندن نشانن مان سڃاڻيندا، جنتين کي آواز ڏيندا ته ”السلام عليڪم“- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ هڪڙي اَڙَ هوندي، جنهن جي اوچائين تي ڪي ماڻهو هوندا، جيڪي هر ڪنهن کي سندن منهن ڏسي سڃاڻي وٺندا ۽ جنت وارن کي سڏي چوندا ته، "توهان تي سلامتي هجي". اهي ماڻهو جنت ۾ ته داخل نه ٿيا هوندا پر ان جا اميدوار هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ هڪ اوٽ هوندي، جنهن جي اوچائين (اعراف) تي ڪي ٻيا ماڻهو هوندا جيڪي سڃاڻيندا ان جي نشانيءَ مان ۽ آواز ڏئي چوندا بهشت وارن کي، سلامتي هجي توهان تي. هي ماڻهو بهشت ۾ داخل ته نه ٿيا، پر اهي ان جا اميدوار هوندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنهي گروهن (يعني جنتين ۽ دوزخين) جي بلڪل وچ ۾ هڪ پردو يعني ڀت ڏنل هوندي، جنهن جي مٿان ڪي ماڻهو چڙهيل هوندا جيڪي هر ڪنھن کي سندن مھانڊن مان ئي سڃاڻيندا ۽ اهي جنتين کي سڏي چوندا ته اَلسَّلامُ عَلَيڪُم (توهان تي سلامتي هجي) ھي ڀت تي چڙهيل ماڻهو اڃا جنت ۾ داخل نه ٿيا هوندا پر جنت ۾ وڃڻ جو کين وڏو آسرو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا صُرِفَت أَبصٰرُهُم تِلقاءَ أَصحٰبِ النّارِ قالوا رَبَّنا لا تَجعَلنا مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 47) |
۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (ته) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نه ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري) جڏهن (انهن صالحن جون) اکيون دوزخين تي پونديون تڏهن هو چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي ظالمن جي سنگت ۾ نه موڪلجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اعراف (درمياني درجي وارن) جون اکيون جهنمين ڏانهن ڦيرايون وينديون، چوندا اي اسان جا رب، اسان کي تون ظالمن جي قوم سان نه ملاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن سندن نگاهون ڦري جهنم وارن ڏي پونديون ته (انهن جي خراب حالت ڏسي خدا کي) عرض ڪندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي ظالم ماڻهن جو ساٿي به بڻائج!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڦيرايون وينديون اکيون انهن جون طرف دوزخين جي ته چوندا اي رب اسان جا! نه گڏ اسان کي ظالم قوم سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن جون اکيون دوزخين ڏي ڦيرايون وينديون ته چوندا ته اي اسان جاپاليندڙ ! اسان کي ظالم قوم سان گڏ نه ڪر ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن جون اکيون دوزخين ڏانهن ڦيرايون وينديون. چوندا: ”اي اسان جا مالڪ! اسان کي ظالم قوم سان گڏ نه ڪجانءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُٿلِيون اکيون اُنهن جون، جڏهين جھنين پار، چي، قادر!، اسان مَ ڪارِ، ڀيڙو بيدادن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن سندن نظر ڦري دوزخين ڏانهن ٿيندي، ته چوندا ”اي اسان جا رب! اسان کي ظالمن ۾ شامل نه ڪجانءِ!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن سندن نظرون ڦري دوزخ وارن ڏانهن ٿينديون ته چوندا، "اي اسان جا رب! اسان کي انهن ظالمن جي قوم ۾ شامل نه ڪجانءِ"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن جون نگاهون ڦرنديون دوزخين ڏانهن، ته چوندا، اي اسان جا پالڻهار! نه ڪجانءِ اسان کي شامل هنن ظالم ماڻهن ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري جڏهن سندن نگاهون دوزخين ڏانھن ڦرنديون ته ( کين ڏسي) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! (پنهنجي مھرباني سان) اسان کي ظالمن ۾ شامل نه ڪجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنادىٰ أَصحٰبُ الأَعرافِ رِجالًا يَعرِفونَهُم بِسيمىٰهُم قالوا ما أَغنىٰ عَنكُم جَمعُكُم وَما كُنتُم تَستَكبِرونَ (آيت : 48) |
۽ اَعراف وارا جن مُڙسن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا ته اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ به نه ٽاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مٿاهين جاين وارا (دوزخي) ماڻهن کي، جن کي سندن نشانين جي ڪري سڃاڻي وٺندا، سڏ ڪري چوندا ته، توهان جو وڏو لشڪر (يا گڏ ڪيل ناڻو ۽ سامان) ۽ توهان جو تڪبر توهان کي ڪنهن به ڪم نه آيو. (اهو توهان کي توهان جي بدعملن جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڏيندا اعراف وارا، (درمياني درجي وارا) دوزخي ماڻهن کي جن کي اهي سندن نشانين سان سڃاڻيندا، اهي چوندا، نه دفع ڪيو توهان تان عذاب توهان جي گروه ۽ جنهن تي توهان کي غرور هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اعراف وارا ڪن (جهنمي) ماڻهن کي جن کي سندن چهرا ڏسي سڃاڻي وٺندا، وڏي واڪي چوندن ته هاڻي نه ته توهان جو جٿو ئي اوهان جي ڪم آيو ۽ نه اوهان جي وڏ ماڻهائپ (فائدو ڏنو) جيڪا اوهين دنيا ۾ ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڏيندا اعراف جا رهاڪو انهن مڙسن کي جو سڃاڻندا انهن کي نشانيءَ انهن جي سان چوندا ته نه فائدو ڏنائين اوهان کي ٽولي اوهان جي ۽ نه انهن (شين جن جي ڪري) تڪبر ڪندا هيؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اعراف وارا ڪن مڙسن کي سڏيندا جن کي سندن نشانين مان سڃاڻندا، چوندا ته اوهان جي جماعت ۽ جيڪا اوهين وڏائي ڪندا هئا سي اوهان کي ڪم نه آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اعراف وارا (انهن دوزخي) مردن کي سڏيندا جن کي اُهي سندن نشانين سان سڃاڻيندا هوندا چوندا: (اڄ) ”توهان جون جماعتون توهان جي ڪم نه آيون نه اُها (دولت ڪم آئي) جنهن کي اوهان وڏي شيءَ سمجھندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀِت وارا ڪِن ڀاتِين کي، پُڇڻ لڳاپاڻ، مُنهن مُهانڊن تي، جن کي، سُڃاڻن سُڄاڻ، ته وَٿ ۽ وَڏائو، جو ڪيان، تِنهن ڪُجھ نه لاٿِيان ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اعراف وارا، جن کي سندن نشانن مان سڃاڻندا هوندا پڪاري چوندا ”اوهان جي جماعت ۽ اوهان جو تڪبر، اوهان جي ڪنهن ڪم نه آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهي اوچائين (اعراف) وارا ماڻهو دوزخ جي ڪن مکيه شخصيتن کي سندن منهن مان ئي سڃاڻي سڏ ڪري چوندا ته، "ڏٺوَ! اڄ نڪي توهان جا جٿا توهان جي ڪنهن ڪم آيا ۽ نه اها موڙي جنهن تي وڏائي ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري اهي آواز ڏيندا اعراف وارا دوزخ جي ڪن وڏين شخصيتن کي سندن نشانين مان سڃاڻي ته، ڏٺوَ اڄ توهان جا جٿا توهان کي ڪم نه آيا ۽ (نه) سڄو ساز و سامان جنهن تي توهان کي وڏو هَٺ هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڀت تي چڙهيل ماڻهو (اعراف وارا) دوزخين کي سندن مھانڊن مان سڃاڻي سڏي چوندا ته (اڄ) توهان کي پنھنجو گڏ ڪيل مال ۽ توهان جي وڏائي ڪجهه به ڪم نه آئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَهٰؤُلاءِ الَّذينَ أَقسَمتُم لا يَنالُهُمُ اللَّهُ بِرَحمَةٍ ادخُلُوا الجَنَّةَ لا خَوفٌ عَلَيكُم وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 49) |
ھيءُ اُھي (ماڻھو) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ ته الله مٿن ٻاجھ نه ڪندو، (کين چئبو ته) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ مٿاهين جاين وارا صالح ماڻهو تڪبر ڪندڙ دولتمند دوزخي ماڻهن کان پڇندا ته) هي جنتي اهي ئي (مسڪين) ماڻهو ناهن جن بنسبت توهان (ڌڪار ۽ نفرت سان) قسم کڻي چوندا هئو ته، انهن تي الله تعاليٰ هرگز رحمت نه ڪندو؟ (هاڻي ته اکيون کولي ڏسي سگهو ٿا). (الله تعاليٰ انهن مسڪينن کي خطاب ڪري فرمائي رهيو آهي ته) جنت ۾ داخل ٿيو اوهان تي ڪوبه خوف خطرو ڪونه هوندو ۽ نڪي توهان غمگين ٿيندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا هي اهي ماڻهو آهن جن لاءِ توهان قسم کڻي چوندا هئا ته انهن کي الله جي رحمت نه پهچندي، توهان داخل ٿيو بهشت ۾ توهان تو ڪو خوف ناهي ۽ نه توهان ڏکوئبا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي ئي اهي انسان آهن جن جي لاءِ اوهين قسم کائي چوندا ته انهن تي خدا (پنهنجي) رحمت نه ڪندو. (ڏسو! اڄ اهي ئي انسان آهن جن کي چيو ويو ته بي ڌڙڪ) بهشت ۾ هليا وڃو، نه اوهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪڏهين غمگين ٿيندو!.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا هي اهي (ناهن) جو قسم ٿي کنيو ته نه پهچائيندو انهن کي الله رحمت – داخل ٿيو بهشت ۾ نه آهي ڪو خوف اوهان تي ۽ نه اوهان غمگين ٿيندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا هي اُهي آهن جن لاءِ اوهين قسم کڻندا هئا ته الله انهن تي ڪجهه به مهرباني نه ڪندو (انهن کي چيو ويو آهي ته) جنت ۾ داخل ٿيو اوهان کي نه ڊپ آهي ۽ نه ڪي اوهين غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا هي اُهي (جنتي نه) آهن جن لاءِ توهان قسم کڻي چوندا هئا ته: ”الله انهن تي رحمت ڪو نه ڪندو“؟ (اڄ انهن کي چيو پيو وڃي ته) جنت ۾ داخل ٿيو نه توهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه توهان غمگين ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇاهِي؟، سي باغ بهشت ۾، ٿٖي قسم کيان، جن ڪاڻ، ته ڪَرم نه ڪندو، تن ساڻ، الله جل جلالہٗ؟ گِھڙو باغ بهشت ۾، جو سدا باغ بهار، آن تي به ڀَو ڀُلڪار، ۽ نه ڳڻِتي کِيندا، ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هي (جنتي) اهي ناهن، جن بابت اوهين قسم سان چوندا هئا ته الله انهن تي رحمت نه ڪندو؟“. (اي جنتيو!) جنت ۾ هليا وڃو، نه اوهان کي ڪو خوف آهي ۽ نه اوهين غم کائيندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا هي جنت وارا اهي ناهن، جن بابت توهان قسم کڻي پيا چوندا هيؤ ته انهن کي ته الله پنهنجي رحمت مان ڪجهه نه ڏيندو، اڄ ته انهن کي ئي چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي وڃو، توهان لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪو غم (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي بهشت وارا اهي ماڻهو ناهن جن لاءِ قسم کڻي چوندا هئا ته الله کين ڪجهه نه ڏيندو پنهنجي رحمت مان؟ اڄ انهن کي ئي چيو ويو ته داخل ٿيو جنت ۾ جتي توهان جي لاءِ نه خوف آهي ۽ نه غم.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي (جنتي) ماڻهو اهي آهن جن جي لاءِ توهان قسم کڻي چوندا هئا ته الله تعالى (پنهنجي) رحمت مان کين ڪجهه به نه ڏيندو (اڄ ته) کين وڏي واڪي چيو ويو آهي ته جنت ۾ داخل ٿي وڃو، توهان لاءِ ڪنھن به قسم جو ڪو خوف نه آهي ۽ نه ئي توهان غمگين رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنادىٰ أَصحٰبُ النّارِ أَصحٰبَ الجَنَّةِ أَن أَفيضوا عَلَينا مِنَ الماءِ أَو مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالوا إِنَّ اللَّهَ حَرَّمَهُما عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) ته ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا ته اُھي ٻئي ڪافرن تي الله حرام ڪيا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ دوزخ وارا ماڻهو جنت جي ماڻهن کي سڏي چوندا ته اسان تي ڪجهه پاڻي ڇڻڪايو (يا پرٽايو، جو گرمي اسان کي بي تاب ڪري وڌو آهي.) ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو آهي، تنهن مان اسان کي به ڪجهه ڏيو. اهي جنتي ماڻهو جواب ڏيندا ته الله تعاليٰ اهي ٻئي شيون حق جي منڪرن لاءِ حرام ٺهرايون آهن. (تنهن ڪري اوهان کي ڪونه ملي سگهنديون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڏيندا جهنمي، بهشتين کي ته توهان موڪليو اسان ڏانهن پاڻي يا جيڪي توهان کي الله رزق عطا ڪيو آهي، بهشتي چوندا بيشڪ الله پاڻي ۽ رزق ڪافرن تي حرام ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ دوزخ وارا بهشت وارن کي (ايلاز ڪري) وڏي واڪي چوندا ته اسان تي ٿورو پاڻي اڇلايو يا جيڪي (نعمتون) خدا توهان کي ڏنيون آهن انهن مان ڪجھ (ڏيو ته بهشت وارا جواب ۾) چوندن ته خدا تعالى ته بهشت جو کاڌو پيتو ڪافرن تي قطعي حرام ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڏيندا دوزخ وارا بهشت وارن کي ته پلٽايو اسان تي پاڻي يا ان مان جو رزق ڏنو اوهان کي الله چوندا ته بيشڪ الله حرام ڪيو انهن ٻنهي کي ڪافرن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دوزخي جنت وارن کي سڏيندا ته اسان تي ٿورو پاڻي پلٽيو يا جيڪا روزي اوهان کي الله ڏني آهي تنهن مان ڪجهه (ڏيو) هو چوندا ته الله انهن ٻنهين (شين) کي ڪافرن تي حرام ڪيو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ دوزخ وارا جنت وارن کي سڏي چوندا ته: ” اسان تي (جنت) جو ڪجهه پاڻي پلٽيو يا ان مان جيڪو الله اوهان کي رزق ڏنو آهي“ (ڪجهه اسان کي ڏيو. جنتي) چوندا: ”بلاشڪ الله اهي ٻئي (جنت جو پاڻي ۽ کاڌو) ڪافرن تي حرام ڪري ڇڏيا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نارين، نُورين کي چيو، ته ڀري ٻُڪ ٻِيهار، آب اسان ڏي اُڇليو، يا ڦِينڪيو اُن مان ڦار، جيڪو رزق ربّ ڏِنان؛ ته وراڻيون تِنهن وار، ته ڪافرن تي ڪَلتار، هِي هميشه حرام ڪيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دوزخ وارا جنت وارن کي پڪاري چوندا ته ”اسان کي ڪجهه پاڻي يا اوهان کي الله جي ڏنل رزق مان ڏيو،“ هو چوندا ”الله انهن کي منڪرن لاءِ حرام ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ دوزخي بهشت وارن کي سڏي چوندا ته ٿورڙو پاڻي يا جيڪو رزق الله توهان کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه اسان ڏي به اڇلايو. هو جواب ۾ چوندا: "الله اهي ٻئي شيون انهن حق جي منڪرن تي حرام ڪري ڇڏيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سڏي چوندا دوزخ وارا بهشت وارن کي ته، ٿورو اسان تي به وجهو پاڻي يا جيڪو ڏنو آهي توهان کي رزق الله، ان مان ڪجهه اڇليو. هو چوندا ته، بيشڪ الله حرام ڪيون آهن اهي ٻئي شيون حق جي منڪرن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (وري) دوزخي ماڻهو جنتي ماڻهن کي پڪاري چوندا ته اسان جي مٿان ٿورو (ٿڌڙو) پاڻي ته هاريو يا الله تعاليٰ جي طرف کان توهان کي کائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه مليو آهي ان مان اسان کي به ٿوري وَٽ ڪرايو (يعني ٿورو کارايو) جنتي ماڻهو کين چوندا ته اهي ٻئي شيون الله تعالى ڪافرن لاءِ حرام ڪري ڇڏيون آهن (تنهنڪري اسان توهان کي نٿا کارائي سگهون). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَهوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ نَنسىٰهُم كَما نَسوا لِقاءَ يَومِهِم هٰذا وَما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 51) |
جن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ڪافر انهن نعمتن کان محروم رهندا) جن پنهنجي دين کي کيل تماشو بنائي رکيو هو ۽ جن کي هن دنيا جي زندگيءَ (جي حرصن هوسن) فريب ڏنو. تنهن ڪري اڄ (قيامت جي ڏينهن) اسان هنن کي (ڄاڻي واڻي) وساري ڇڏينداسين جو هنن به هن پنهنجي ڏينهن تي اسان وٽ حاضر ٿيڻ (جي حقانيت) کي وساري ڇڏيو هو ۽ (پڻ هن ڪري اسان کين وساري ڇڏينداسين جو) هنن اسان جي آيتن (۽ حڪمن) کي نه مڃيو هو (۽ انهن جي ابتڙ عمل ڪيا هئا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي پنهنجي دين کي مذاق ۽ راند ڪري سمجھندا هئا ۽ کين سندن دنيا جي حياتي مغرور ڪيو، پوءِ اڄ اسان انهن کي وساريون ٿا جيئن انهن قيامت کي وساريو هو، ۽ جيئن اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن پنهنجي دين کي راند تماشو بڻائي ڇڏيو هو ۽ دنيا جي (فاني) زندگي کين ڌوڪو ڏنو هو ته اسان به اڄ (قيامت ۾) کين (ڄاڻي واڻي) وساري ڇڏينداسون جهڙي ريت اهي ماڻهو (اسان جي) اڄ جي حضوري کي وساري ويٺا هئا، ۽ اسان جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن بنايو دين پنهنجي کي کل ۽ راند ۽ ڌوڪو ڏنو انهن کي حياتيءَ دنيا واريءَ پوءِ اڄ ڇڏينداسون انهن کي جيئن وساريائون ملڻ هن پنهنجي ڏينهن جي کي ۽ (سببان) ان جي جو آيتن اسان جن جو انڪار ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن پنهنجي دين کي تماشو ۽ راند ڪري ورتو ۽ کين دنيا جي حياتي ڌوڪو ڏنو. پوءِ اڄ اسين کين (ائين) وسارينداسون جيئن انهن پنهنجي هن ڏينهن جي ملڻ کي وساريو هو. ۽ (جيئن) اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو ڪري ورتو هيو ۽ انهن کي دنياوي زندگي دوکو ڏنو، پوءِ اڄ اسان انهن کي ائين وسارينداسين جيئن انهن پنهنجي هن ڏينهن جي ملڻ کي وساريو هيو ۽ جيئن اُهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن ڌرم پَنهنجو ڌاريو، رانديون. راڳ، ستار، ۽ دُنيا کِين ڌُتاريو، هِن نِپٽ نَنڍِي ڄمار، پوءِ اَڄ وساريونِ، جِيئن وِساريون، مُقرّر ملڻ، هِن وار، پُن جو ڪندا هئا اِنڪار، اسان جي، اُهڃاڻن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن پنهنجي دين کي کيڏ ۽ تماشو ڪري ورتو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ٺڳيو هو.“ پوءِ اڄ اسين به کين ايئن وسارينداسون، جيئن انهن هن ڏينهن جي ڏسن کي وساري ڇڏيو هو ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن پنهنجي دين کي کڻي رؤنشو ۽ راند بڻايو هو ۽ جن کي دنيا جي حياتيءَ ٺڳي وڌو هو". الله ٿو فرمائي ته ”اڄ اسان به کين ائين ڌيان مان ڪڍي ڇڏينداسون، جيئن هنن هن ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏيو هو ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن بڻايو هو پنهنجي دين کي کيل ۽ تماشو، ۽ جن کي فريب ۾ ڦاسايو هو دنيا جي حياتي. الله فرمائي ٿو ته، اڄ اسان به انهن کي اهڙيءَ طرح وسارينداسين جهڙيءَ طرح هن ڏينهن جي ملاقات کي هنن وساريو هو ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن پنھنجي دين کي کيل ۽ تماشو ٺاهيو هو ۽ دنيا جي حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو هو، (الله تعالى فرمائيندو ته) اڄ اسان انهن کي ايئن وساري ڇڏينداسين جيئن اڄوڪي ڏينھن اسان جي سامھون پيش ٿيڻ کي هنن وساريو هو ۽ هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جِئنٰهُم بِكِتٰبٍ فَصَّلنٰهُ عَلىٰ عِلمٍ هُدًى وَرَحمَةً لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون ( ۽ ) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن (سڀني ماڻهن) ڏانهن هڪ ڪتاب (قرآن مجيد) آندو آهي ۽ اسان ان ڪتاب ۾ (پنهنجي ڪامل) علم (۽ حڪمت) سان تفصيل سان روشن هدايتون ڏنيون آهن. (اهو ڪتاب) ايمان آڻيندڙ ماڻهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راه ڏيکاريندڙ ۽ (سراسر) رحمت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق انهن وٽ قرآن ڪريم پهتو پوءِ اسان قرآن کي پنهنجي علم سان کولي کولي بيان ڪيو، هدايت ۽ رحمت آهي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هوڏانهن اسان جنن ڏي) رسول جي وسيلي ڪتاب به موڪليو هو جنهن کي چڱيءَ طرح کولي ٻڌايو ويو آهي ۽ اهو ايمان وارن ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آندوسون انهن وٽ ڪتاب جو کولي بيان ڪيوسون ان کي مطابق علم جي هدايت ۽ رحمت واسطي ان قوم جي جو ايمان آڻين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان انهن وٽ هڪ ڪتاب پهچايو آهي جنهن کي علم (يعني علمي قاعدي) سان کولي بيان ڪيو اٿئون (۽) جو ايمان واريءَ قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تحقيق اسان انهن وٽ هڪ اهڙو ڪتاب آندو آهي جنهن کي اسان علم جي بنياد تي تفصيل سان بيان ڪيو آهي جيڪو هدايت ۽ رحمت آهي ايمان واري قوم لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسُونِ ڪتاب، کوليوسون اُن کي، عِلم سان، ۽ سُونهپ، ٻاجھ صواب، جي مَڃين، تِنهن ميڙلئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان وٽن هڪ ڪتاب آندو آهي، جنهن کي اسان علم سان کولي بيان ڪيو آهي، جو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن ماڻهن وٽ اهڙو ڪتاب آندو آهي، جنهن کي اسان علم جي بنياد تي مفصل بڻايو آهي ۽ جيڪو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان انهن ماڻهن وٽ اهڙو ڪتاب آندو آهي جنهن کي اسان علم جي بنياد تي مفصل بڻايو آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ايمان وارن جي لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن وٽ هڪ ڪتاب آندو آهي جنھن ۾ علمي انداز ۾ اسان وڏي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هي (ڪتاب) ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل يَنظُرونَ إِلّا تَأويلَهُ يَومَ يَأتى تَأويلُهُ يَقولُ الَّذينَ نَسوهُ مِن قَبلُ قَد جاءَت رُسُلُ رَبِّنا بِالحَقِّ فَهَل لَنا مِن شُفَعاءَ فَيَشفَعوا لَنا أَو نُرَدُّ فَنَعمَلَ غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ قَد خَسِروا أَنفُسَهُم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 53) |
(ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته اُن (جي وعدہ) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو سي چوندا ته بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون ته جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي ڇيئو لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اهي (منڪر) ماڻهو فقط انهيءَ لاءِ ترسيا ويٺا آهن ته ڏسون ته ڪيئن ۽ ڪڏهن خدا جو واعدو ۽ حڪم (عذاب بنسبت) سچو ٿو ثابت ٿئي؟ (اهي بيوقوف ايترو به نٿا سمجهن ته) جڏهن اهو ڏينهن ايندو جنهن ڏينهن خدا جو واعدو سچو ثابت ٿيندو (تڏهن ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ جو وقت گذري ويو هوندو ۽ عذاب کي هو ٽاري ڪونه سگهندا ۽) جن (ڪافرن) ان (قيامت جي) ڏينهن کي اڳي خيال ۾ ئي ڪونه آندو هو سي پوءِ چوندا ته بيشڪ اسان جي پروردگار جا رسول سچائي سان آيا (۽ سچ ٻڌايائون ته منڪر دوزخ ۾ پوندا) ۽ پڻ چوندا ته ڪي شفاعت ڪرڻ وارا هجن جيڪي اسان جي لاءِ (خدا وٽ) سفارش ڪن. يا (شال هيئن ٿئي جو) اسان کي (دنيا ۾) موٽايو وڃي ته جيڪي (بد) عمل اسان ڪيا هئا تن جي ابتڙ (نيڪ) عمل وڃي ڪيون. (پر نڪو هوندن ڪو سفارش ڪرڻ وارو، نڪي دنيا ڏانهن موٽايا ويندا). حقيقت هي آهي ته هنن پاڻ کي پاڻ نقصان هيٺ آندو ۽ جيڪي ڪوڙ ٺاهيا هئائون ۽ ڪوڙا ديوتائون ٺهرايا هئائون سي کانئن گم ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ڪافرن کي ناهي انتظار مگر آخري نتيجي جو، جنهن ڏينهن اُن جو آخري نتيجو سامهون ايندو ته چوندا اُهي جن دنيا ۾ قيامت کي وساريو هو، ته تحقيق الله جا رسول اسان وٽ سچ کڻي آيا، پوءِ ڇا اسان لاءِ ڪي سفارشي آهن جيڪي اسان لاءِ (هينئر) سفارش ڪن، يا اسين دنيا ۾ موٽي نيڪ عمل ڪريون، بيشڪ نقصان ۾ وڌائون پنهنجن نفسن کي ۽ هٿ مان نڪري وَيَنِ اهي ڳالهيون جيڪي ٺاهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا! هي ماڻهو بس فقط نتيجي جا ئي منتظر آهن (حالانڪه) جنهن ڏينهن ان (ڳالھ جي) نتيجي جو وقت اچي ويندو ته جيڪي ماڻهو ان کي اڳي ئي وساري ويٺا هئا (اوچتو) چوندا ته بيشڪ اسان جي پروردگار جا سڀ رسول حق (جي ڳالھ) وٺي آيا هئا ته ڇا! (هاڻي) اسان جا به ته سفارش ڪرڻ وارا آهن؟ جيڪي اسان جي سفارش ڪن يا وري اسان (دنيا ۾) موٽايا وڃون ته جيڪي جيڪي ڪم اسان ڪندا هئاسين انهن کي ڇڏي ٻيا (چڱا) ڪم ڪريون. بيشڪ هنن ماڻهن پنهنجو سخت نقصان ڪيو ۽ جيڪي ڪوڙ بدوڙ ڪندا هئا اهي سڀ گم (شم) ٿي وين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا انتظار ڪن مگر نتيجي ان جي جو، ان ڏينهن جو ايندو نتيجو ان جو ته چوندا اهي جو وساريائون ان کي اڳ ۾ ته تحقيق آيا رسول رب اسان جي جا حق سان پوءِ ڇا اسان جي لاءِ سفارش ڪندڙ آهن؟ پوءِ سفارش ڪن اسان جي لاءِ يا موٽايا وڃون پوءِ عمل ڪيون سواءِ ان جي جو عمل ڪياسون ٿي تحقيق نقصان ۾ وڌائون سرن پنهنجن کي ۽ گم ٿيو انهن کان جيڪو ٺاهيو هيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي رڳو ان (ڪتاب) جي نتيجي جو انتظار ڪن ٿا. جنهن ڏينهن ان جو نتيجو ظاهرٿيندو تنهن ڏينهن جن هن کان اڳيان ان (ڪتاب) کي ڀلائي ڇڏيو هوندو سي چوندا ته اسان جي پاليندڙ جا رسول سچي ڳالهه کڻي آيا، پوءِ ڇا اسان جا ڪي سفارش ڪرڻ وارا آهن ته اهي اسان جي سفارش ڪن يا اسان کي موٽايو وڃي ته جيڪي ڪم اسين ڪندا هئاسون تنهن کانسواءِ ٻيا ڪم ڪريون انهن پاڻهين پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان وسري ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي رڳو ان (ڪتاب جي ڳالهين) جي انجام جي انتظار ۾ آهن. جنهن ڏينهن ان جو انجام اڳيان ايندو ته اهي ماڻهو جن هن کان اڳ ان (ڪتاب) کي وساري ڇڏيو هيو سي چوندا: ”بيشڪ اسان جي پالڻهار جا رسول حق کڻي آيا هئا. ڇا پوءِ (اڄ) اسان جا ڪي سفارشي آهن؟ جيڪي اسان جي سفارش ڪن يا اسان کي (دنيا ۾) موٽايو وڃي ته پوءِ اسان جيڪي ڪم ڪندا هئاسين انهن کان سواءِ ٻيا ڪم ڪيون“. تحقيق انهن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ انهن کان گم ٿي وينديون جيڪي ڳالهيون گهڙيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڪڍنِ اِنتظار، مگر اُن موقع سَندو، مُقرّر موقعو اُن جو، جڏهن ڪَڙڪيو سِرڪَپار؛ جن اڳ وساريو، تِنهن وار کي، سي ٻوليندا ٻِيهار، ته سائين اسان جي جا، سچ تي آيا مُرسل مڻياندار، ته ڪٿِي وسِيلا، واهرُو، آهن اسان هار؟ ته ڪن اسان جِي ڪارڻي، هِن اُهکي ويل وَهَار، يا مِلنيون موڪل پوئتي، ته ڪريون ڪم اُن ڌار، جيڪي اڳ جھان ۾، هُئاسون ڪندا ڪم ڪار؛ پالهو ڪيائون پاڻ کي، هرگز کاڌئون هار، ۽ وِيا کائنِ وَهار، جاٺلهِي ٺڳِي ٿي ٺاهيؤن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو ان جي ماهيت جو انتظار ٿا ڪن؟ مگر جنهن ڏينهن اها ماهيت ظاهر ٿيندي، تڏهن کيس انهيءَ کان اڳ وساريندڙ چوندا ته ”بيشڪ اسان جي رب جا رسول حق وٺي آيا هئا، هاڻ ڪو آهي شافع، جو اسان جي شفاعت ڪري؟ يا اسين وري دنيا ڏي وڃون ته جيڪر جيڪي ڪم ڪندا هئاسون، ان جي بدران ٻيا ڪم ڪريون!“ بيشڪ انهن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ۽ جيڪي ڪوڙ گهڙيندا هئا سي کانئن ڀلجي ويا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي ماڻهو (ڪافر) نٿا انتظار ڪن، مگر ان ڳالهه جو ته اهو نتيجو سامهون اچي، جنهن جي هي ڪتاب خبر ڏيئي رهيو آهي، جنهن ڏينهن اهو نتيجو آڏو آين ته پوءِ اهي ئي ماڻهو جن اڳي ان کي پئي نظرانداز ڪيو هو، چوندا ته سچ پچ اسان جي رب جي رسولن ته حق آندو هو، پوءِ ڇا هاڻي اسان کي ڪي سفارشي ملندا، جيڪي اسان لاءِ سفارش ڪن، يا وري اسانکي واپس موڪليو وڃي تان ته اسان جيڪي ڪندا هئاسون، ان کان ٻيءَ طرح عمل ڪري ڏيکاريون. انهن پاڻ کي ٽوٽي ۾ وڌو هو ۽ اهي سمورا ڪوڙ جيڪي گهڙيا هئائون، کانئن گم ٿي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ڇا هي ماڻهو انتظار ۾ آهن ڪنهن ٻيءَ ڳالهه لاءِ ته اهو نتيجو آڏو اچي، جنهن جي خبر هي ڪتاب ڏئي پيو؟ (جڏهن اهو نتيجو آڏو ايندو ته نظر انداز ڪندڙ) اهو چوندا، سچ پچ ته اسان جي رب جا رسول حق کڻي آيا هئا، پوءِ ڇا اسان کي ڪي سفارشي ملندا، جيڪي اسان جي حق ۾ سفارش ڪن؟ يا وري اسان کي ٻيهر واپس موڪليو وڃي ته جيڪي ڪجهه اسين پهرين ڪندا هئاسين، ٻيءَ طرح ڪريون. پوءِ انهن ڇيهي ۾ وڌو پاڻ کي ۽ اهي سمورا ڪوڙ جيڪي انهن ٺاهيا هئا، اهي اڄ کانئن گم ٿي ويا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ڪافر ان انتظار ۾ آهن ته انهن سان ڪيل وعدن جو انجام ظاهر ڪيو وڃي؟ (کين چؤ ته) جڏهن ڪيل وعدن جو ڏينھن سامھون ايندو ته پوءِ ان ڏينھن کي وسارڻ وارا چوندا ته (واقعي) اسان جي پالڻھار جا رسول سڳورا حق ڳالهه کڻي آيا هئا، ڇا اسان جي لاءِ هاڻي ڪي سفارش ڪندڙ آهن، جيڪي اسان جي حق ۾ سفارش ڪن؟ يا اسان کي دنيا ۾ ٻيھر موڪليو وڃي پوءِ اسان پھرئين وارا عمل نه ڪنداسين،انهن پنھنجو پاڻ کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو ۽ انهن جيڪي ڪوڙ گهڙيا هئا سي سڀ انهن کان وسري ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يُغشِى الَّيلَ النَّهارَ يَطلُبُهُ حَثيثًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ وَالنُّجومَ مُسَخَّرٰتٍ بِأَمرِهِ أَلا لَهُ الخَلقُ وَالأَمرُ تَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 54) |
اوھان جو پالڻھار اھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجه ٿيو، رات کي ڏينھن سان ڍڪيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو) بيشڪ توهان جو پروردگار الله ئي آهي، جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو ۽ (ڪائنات جي) تخت تي قائم ۽ محڪم رهيو (يعني دنيا جي نگهباني ڪندو ٿو رهي.) اهوئي الله تعاليٰ رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو (يعني رات جو پردو ڏينهن تي پوي ٿو) ۽ رات ڏينهن جي پٺيان چهٽي ملي اچي ٿي ۽ هن سج، چنڊ ۽ تارا بنايا جي سندس فرمان هيٺ آهن. (ياد رکو ته) خلقڻ ۽ حڪم هلائڻ فقط الله تعاليٰ جو ئي ڪم آهي. (نه ڪنهن ٻئي جو) وڏي برڪت واري آهي ذات الله جي جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب الله آهي جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي ڇهن ڏينهن ۾ اُن کان پوءِ برابر ٿيو عرشِ عظيم تي (جيئنڪ سندس شايانِ شان آهي)، اهو الله آهي جيڪو رات کي ڏينهن ڪري ٿو جيڪي هڪ ٻئي پويان جلدي اچن ٿا، ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا الله جي حڪم جا تابعدار آهن، خبردار ! سڀئي مخلوق ۽ سڀئي حڪم الله جا آهن، وڏي برڪت وارو الله آهي جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اوهان جو پروردگار اهو خدا آهي جنهن (فقط) ڇهن ڏينهن ۾ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو، پوءِ عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. اهو ئي رات کي ڏينهن جو پوش پهرائي ٿو (ته ڄڻ) رات، ڏينهن کي پويان پويان تڪڙي ڳوليندي وتي ٿي. ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ ۽ تارن کي پيدا ڪيو. اهي سڀئي سندس حڪم جا تابعدار آهن. ڏسو! حڪومت ۾ پيدا ڪرڻ بس خاص ان جي لاءِ ئي آهي. اهو خدا جيڪو ساري جهان جو پالڻهار وڏو برڪت وارو آهي .(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ رب اوهان جو الله آهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ تنهن کان پوءِ توجہ فرمايائين عرش تي – ڍڪي ٿو رات سان ڏينهن کي طلب ڪري ٿو ڏينهن ان کي تڪڙو ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا مطيع ڪيل آهن امر ان جي سان خبردار خاص ان جي لاءِ آهي پيدا ڪرڻ ۽ امر ڪرڻ برڪت وارو آهي الله رب جهانن جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهان جو پاليندڙ الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، وري عرش تي قرار ورتائين (يعني سندس تجليءَ جو عڪس عرش تي پيو).هو رات کي ڏينهن سان ڍڪي ٿو هن طرح جو ڏينهن رات جي پٺيان تکو هلندو اچي ٿو ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارن کي (پيدا ڪيو اٿس) جي سندس حڪم سان تابع ڪيل آهن. خبردار ٿيو ! پيدا ڪرڻ ۽ حڪم ڪرڻ ان جو ئي ڪم آهي. وڏيءَ برڪت وارو آهي الله جهانن جو پاليندڙ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان جو پالڻهار الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهه ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو. اُهو رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو هن طرح جو ڏينهن رات جي پٺيان ڊوڙندو اچي ٿو ۽ سج ۽ چنڊ ۽ ستارا ان جي حڪم جي تابع آهن. خبردار! پيدا ڪرڻ ۽ حڪم هلائڻ ان جو ئي ڪم آهي. الله برڪتن وارو آهي جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، پڪ اوهانجو پرور پالڻهار، اُڀ، ڀُون ڇهن ڏينهن ۾، جوڙيا جنهن جبار، پوءِ چَڙهيو عرش عظيم تي، چونڪِي ٿيو چوڌار، رات ڍَڪائي ڏينهن کي، طلبيسِ تابعدار، ۽ سِج، چنڊ سندس اُمر ۾، پُڻ تارا تابعدار، جوڙڻ، اَمر اُن جا، پوءِ صاحب ربَّ ستار، ڀَلو ٿِيو بِسيار، پالڻهار پِر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان جو رب اهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ تخت تي قائم ٿيو، رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو، ڄڻ اها هن کي تڪڙو طلبي ٿي، سج ۽ چنڊ ۽ ستارا (سڀ) سندس حڪم ۾ ٻڌل آهن. ياد رکو، پيدا ڪرڻ ۽ حڪم هن جي ئي وس آهي، نهايت برڪت ڀريو آهي الله، جهانن جو پالڻهار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ توهان جو رب الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇـَـهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ پنهنجي بادشاهيءَ واري تخت تي جلوه فرما ٿيو. جيڪو رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو ڇڏي، پوءِ ڏينهن رات جي ڪڍ پيو ڊوڙندو اچي، جنهن سج ۽ چنڊ ۽ تارا پيدا ڪيا، سڀئي سندس حڪم جا پابند آهن. خبردار ٿيو، خلق به انهيءَ جي ئي آهي ۽ حڪم به ان جو ئي هلندو. وڏيءَ برڪت وارو آهي الله، سڀني جهانن جو مالڪ، پالڻهار (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ توهان جو رب الله ئي آهي جنهن پئدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي جلوه فرما ٿيو، جيڪو ڍڪي ٿو رات سان ڏينهن کي ۽ پوءِ ڏينهن رات پٺيان ڊوڙندو اچي ٿو. جنهن سج ۽ چنڊ ۽ تارا پئدا ڪيا سڀ تابع آهن سندس فرمان جا. خبردار! انهيءَ جي خلق آهي ۽ حڪم به انهيءَ جو، برڪت وارو الله، سڀني جهانن جو مالڪ ۽ پاليندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان سڀني جو پالڻھار الله تعالى ئي آهي، جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو. پوءِ هو (آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيل هر مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوه افروز ٿيو. (جو ڪير به ان جي نگھبانيءَ کي ظاهري طرح نٿو ڏسي سگهي) هو رات کي ڏينھن ۾ اهڙيءَ طرح تبديل ڪري ٿو جو رات جي پويان ڏينھن تيزيءَ سان هلندو اچي ٿو، سج، چنڊ ۽ ستارا ان جي حڪم جا ئي پابند آهن. ياد رکو! مخلوق به ان جي ته حڪم به ان جو ئي هلندو. الله تعالى جيڪو جھانن جو پالڻھار آهي وڏي برڪت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادعوا رَبَّكُم تَضَرُّعًا وَخُفيَةً إِنَّهُ لا يُحِبُّ المُعتَدينَ (آيت : 55) |
پنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو، ڇوته اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو!) خدا کي نماڻائي ۽ آهه زاريءَ سان ۽ خلوت ۾ (اڪيلائي ۾ آهسته آهسته، (نه وڏي واڪي سان) پڪاريو. (ياد رکو ته الله تعاليٰ دل جا خيال به ڄاڻي ٿو. ظاهري ڏيک ويک ڪرڻ ۽ هٺ وڏائي رکڻ واري دعا يا نماز گهربل اخلاقي بلندي ۽ روحانيت پيدا نه ڪندي اٽلندو خدا کان دور ڪندي) يقين ڄاڻو ته الله انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) دعا گھرو توهان پنهنجي رب کان عاجزيءَ ۽ آهستگي سان، بيشڪ الله حد کان وڌندڙن سان محبت نٿو رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسانو!) اوهين پنهنجي پالڻهار کي زاري سان ۽ ڳجهو سڏيو. اهو حد کان وڌندڙ کي هرگز نٿو چاهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏيو رب پنهنجي کي زاريءَ سان ۽ لڪ ۾ بيشڪ اهو نه ٿو محبت رکي تجاوز ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين پنهنجي پاليندڙ کي زاريءَ سان ۽ ڳجهو سڏيو. بيشڪ هو حد کان لنگهندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي پالڻهارکي سڏيو زاري سان ۽ ڳجهو بيشڪ اهو حد کان وڌڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سڏيو پنهنجي سائينءَ کي، زاري ساڻ ضرور، پڻ مخفي طرح مُور، هُو گُھري نه، گوڙ ڪندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجي رب کي عاجزيءَ سان ۽ آهستي سڏيو. هو حد کان وڌندڙن کي پسند نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب کي سڏيو عاجزيءَ سان ۽ لڪي لڪي. بيشڪ هو حد کان لنگهڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڏيو پنهنجي رب کي نيزاريءَ سان ماٺ ميٺ ۾ ۽ لڪل، بيشڪ اهو پسند نٿو ڪري حد کان لنگهندڙن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پنھنجي پالڻھار کي نوڙت ۽ اڪيلائيءَ ۾ پڪاريندا رهو. بيشڪ هو حد کان اڳتي وڌندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها وَادعوهُ خَوفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحمَتَ اللَّهِ قَريبٌ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 56) |
۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙي دعا زمين تي سڌارو ۽ امن امان پيدا ڪندڙ آهي) ۽ توهان (اي انسانو) متان درستي انتظام ۽ امن امان بعد زمين تي فساد ۽ خرابيون پيدا ڪيو (ان لاءِ ضروري آهي ته) الله تعاليٰ کي خوف ۽ اميد جا جذبا رکي پڪاريو. (خوف اهو رکو ته متان اوهان کان خدا جي نافرمانيءَ جو ڪو ڪم ٿي وڃي ۽ اميد اها رکو ته چڱن ڪمن لاءِ توهان کي برڪتون نصيب ٿينديون) بيشڪ الله جي رحمت نيڪيون ڪندڙن کي بلڪل ويجهي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان زمين ۾ فساد نه ڪريو رسولن جي اچڻ کان پوءِ ۽ دعا گھرو توهان خوف ۽ اُميد سان، تحقيق الله جي رحمت نيڪوڪارن کي ويجھي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين ۾ اصلاح کان پوءِ فساد نه ڪندا وتو ۽ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد ڪري خدا کان دعا گهرو (ڇو ته) نيڪي ڪرڻ وارن سان خدا جي رحمت پڪ ويجهي آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه فساد ڪيو زمين ۾ پڄاڻان اصلاح ان جي ۽ دعا گهرو ان کان ڊپ ۽ اميد جي حالت ۾ بيشڪ رحمت الله جي ويجهي آهي نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين زمين ۾ ان کي درست ڪرڻ کان پوءِ فساد نه ڪريو. ۽ ان (الله) کي ڊپ ۽ اميد سان سڏيو. بيشڪ الله جي رحمت نيڪي ڪرڻ وارن کي ويجهي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ۾ فساد نه ڪيو ان جي سڌاري کان پوءِ ۽ ان کان دعا گھروڊڄندي ۽ اميد رکندي. بيشڪ الله جي رحمت نيڪي ڪرڻ وارن جي ويجهو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِگيڙ نه وجھو ڀُون ۾، سندسِ سُڌاري بعد، ۽ خوف ۽ اُميد ۾، گُھروسِ، مَن مُراد، الله جِي اِمداد، آهي نِيڙي؛ نيڪ بندن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ملڪ سڌرڻ بعد منجهس خرابي نه ڪريو ۽ خوف ۽ اميد سان ان کان دعائون گهرو، بيشڪ الله جي رحمت نيڪوڪارن کي ويجهي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين ۾ فساد کڙو نه ڪريو، جڏهن جو سندس اصلاح ٿي چڪي آهي ۽ الله کي ئي سڏيو ڊڄندي ڊڄندي ۽ اميد وچان. بيشڪ الله جي رحمت نيڪن کي ويجهي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فساد برپا نه ڪريو زمين ۾ جڏهن ان جي اصلاح ٿي چڪي آهي ۽ خدا کي ئي سڏيو خوف ۽ طمع سان، بيشڪ الله جي رحمت ويجهي آهي نيڪ ڪردار ماڻهن جي لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين ۾ سڌاري اچڻ کان پوءِ ان ۾ فساد نه ڦھلايو ۽ الله تعالى کي خوف ۽ اميد واري انداز ۾ پڪاريو. بيشڪ الله تعالى جي رحمت نيڪوڪار ماڻهن جي بلڪل ويجهو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى يُرسِلُ الرِّيٰحَ بُشرًا بَينَ يَدَى رَحمَتِهِ حَتّىٰ إِذا أَقَلَّت سَحابًا ثِقالًا سُقنٰهُ لِبَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَنزَلنا بِهِ الماءَ فَأَخرَجنا بِهِ مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ كَذٰلِكَ نُخرِجُ المَوتىٰ لَعَلَّكُم تَذَكَّرونَ (آيت : 57) |
۽ اُھو (الله) آھي جو ھوائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، ايتري قدر جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيہ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ انھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙي طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (الله) آهي جو هوائن کي پنهنجي رحمت (يعني برسات کان اڳي برسات) جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ هوائيون موڪلي ٿو، تان جو جڏهن اهي هوائون (مينهن سان ڀريل) ڳورن ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون تڏهن اسان انهن (هوائن ۽ ڪڪرن) کي مئل (يعني خشڪ ۽ غيرآباد) ملڪن ڏانهن هڪاليون ٿا ۽ انهن ملڪن تي (برسات جو) پاڻي انهن ڪڪرن مان وسايون ٿا، پوءِ اسان ان پاڻيءَ جي وسيلي هر قسم جا ميوا ۽ ڦل پيدا ڪيون ٿا. (ياد رکو ته) اهڙيءَ ئي طرح اسان مئلن کي (وري زنده ڪري) ٻاهر آڻيون ٿا، انهيءَ لاءِ ته من توهان غور ۽ فڪر ڪريو ۽ نصيحت وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اُهو آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي مينهن کان اڳ ۾ خوشخبري ڏيندڙ، تان جو جنهن وقت هوائون کڻن ٿيون ڳرن ڪَڪَرن کي، اسان انهن ڪڪرن کي غيرآباد شهر لاءِ هلايون ٿا، پوءِ ڪڪرن مان مينهن وسايون ٿا، مينهن مان هر قسم جا ميوا پيدا ڪريون ٿا، اهڙي طرح اسين مئلن کي (زمين مان) زندهه ڪري ٻاهر ڪڍنداسين اُن لاءِ ته توهان نصيحت حاصل ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو (خدا) آهي جيڪو پهنجي رحمت (مينهن) کان اڳ ۾ خوشخبري ڏيڻ وارن هوائن کي موڪلي ٿو ايستائين جو جڏهن هوائون (پاڻيءَ ڀريل) ڳرن ڪڪرن کي کڻي اڏائن ته اسان انهن کي ڪنهن شهر ڏانهن (جيڪو پاڻي نه پوڻ ڪري ڄڻ ته) مري چڪو هو، هڪلي ڇڏيو. پوءِ اسان ان سان هر طرح (قيامت جي ڏينهن زمين مان) مئل ڪڍنداسون ، ته اوهين نصيحت ۾ سبق حاصل ڪريو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) اهو آهي جو موڪلي ٿو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري اڳيان رحمت پنهنجي تانجو جڏهن کڻن ٿيون (هوائون) ڪڪر ڳري کي ته هلايون ٿا ان کي طرف شهر غير آباد جي پوءِ لاٿوسون ان سان پاڻيءَ کي پوءِ ڪڍيوسون ان سان هر قسم جي ميون مان ائين ئي ڪڍنداسون مئلن کي تانته اوهان نصيحت وٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اُهو آهي جو پنهنجيءَ رحمت (مينهن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ هوائون موڪلي ٿو.تان جو جڏهن ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته اسين انهن (ڪڪرن) کي ڪنهن غير آباد شهر ڏي روانو ڪريون ٿا پوءِ ان ۾ پاڻي وسايون ٿا. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان سڀ ڪنهن قسم جا ميوا ڪڍون ٿا. اهڙيءَ طرح اسين مئلن کي ڪڍنداسون. مَنَ اوهين ڌيان ڪريو ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ بنائي موڪلي ٿو پنهنجي رحمت (يعني برسات) کان اڳ. تانجو جو جڏهن اهي ڳرن ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته اسان انهن ڪڪرن کي ڪنهن غيرآباد شهر ڏانهن موڪليون ٿا پوءِ انهن مان پاڻي نازل ڪيون ٿا پوءِ اسان ان (پاڻي) جي ذريعي هر قسم جا ميوا ڪڍون ٿا. اهڙي طرح اسان مُردن کي (قبرن مان) ڪڍنداسين من اوهان نصيحت پرايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو جو، واسِي واء موڪلي، واڌايون وَلهار، مَهند سندسِ مِهر کان، منڊل مينگھ مَلهار، تان جڏهن ڀَرجِي بار ٿيا، ڪڪر ڪارُونڀار، پوءِ صَفا سُڪل شهر تي، ناياسون تِنهن نار، پوءِ آب اُتاريوسون، اُن مان، پوءِ اِنهينءَ جي آڌار، ڪڍياسون هر قِسم جا، ميوا مَڃر ڏار، مُئا ڪڍندا سون مِٽيءَ مان، اِن اوڀرن آچار، اِن نشانِيان نِروار، پُرجھي مانَ، پرايو! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي جو رحمت کان اڳ هوائن کي خوشخبريءَ لاءِ موڪلي ٿو. تان جو جڏهن ڳرن ڪڪرن کي آڻي ٿي، ته اسين کين مئل زمين ڏي موڪليون ٿا. پوءِ ان سان مينهن وسايون ٿا ۽ ان سان هر قسم جا ڦر اُپايون ٿا- ايئن اسين مئلن کي اٿارينداسين، ته اوهين نصيحت وٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو الله ئي آهي، جيڪو هوائن کي پنهنجي رحمت کان اڳواٽ خوشخبريءَ طور موڪليندو آهي. پوءِ جڏهن اهي پاڻيءَ سان ڀريل ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون ته اسان کين ڪنهن مئل زمين ڏانهن هڪلي وڃون ٿا ۽ اتي مينهن وسائي (ان مئل زمين منجهان) قسمين قسمين ميوا اپايون ٿا. ڏسو، ائين اسان مئلن کي موت واري حالت مان ڪڍون ٿا ته مــَـن توهان ڪو سبق پرايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله ئي آهي جيڪو موڪليندو آهي هوائن کي خوشخبري ڏيندڙ اڳيان پنهنجي رحمت جي، پوءِ جڏهن اهي کڻن ٿيون پاڻي سان ڀريل ڪڪرن کي، کين ڪنهن مئل زمين ڏانهن حرڪت ڏئي ٿو، ۽ وسائي ٿو اتي مينهن (انهيءَ مئل زمين مان) هر قسم جا پئدا ڪري ٿو ميوا، پوءِ ڏسو! اهڙيءَ طرح اسان ڪڍون ٿا مئلن کي موت جي حالت مان، ته من انهيءَ مشاهدي مان سبق وٺو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي هوائن کي پنھنجي رحمت کان اڳ بارش جي خوشخبريءَ طور (ٿڌڙو ڪري) موڪليندو آهي. پوءِ جڏهن هوا پاڻيءَ سان ڀريل ڳرن ڪڪرن کي کڻي گھليندي آهي ته اسان ان کي غيرآباد زمين ڏانھن موڪليندا آهيون پوءِ اتي اسان بارش وسايون ٿا ۽ اسان ئي ان جي ذريعي هر قسم جا ميوا پيدا ڪريون ٿا، سو اهڙيءَ طرح ئي اسان مئلن کي ( زمين مان) ڪڍنداسين ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالبَلَدُ الطَّيِّبُ يَخرُجُ نَباتُهُ بِإِذنِ رَبِّهِ وَالَّذى خَبُثَ لا يَخرُجُ إِلّا نَكِدًا كَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لِقَومٍ يَشكُرونَ (آيت : 58) |
۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اَدنىٰ آھي (تنھن جا سَلَا) خراب سَلَن کان سواءِ ٻيا نه ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪا زمين ڀلي ۽ سٺي آهي تنهن جي (ڪارائتي) سبزي خدا جي حڪم سان خوب اڀڙي ٿي، پر جيڪا زمين خراب آهي تنهن مان ڪجهه نٿو اڀڙي سواءِ بيڪار ٻوٽن جي. اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن لاءِ جي خدا جي نعمتن جو قدر ڪندڙ آهن ۽ انهن مان فائدو وٺن ٿا، پنهنجون آيتون کولي کولي طرح طرح سان بيان ڪيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڀَلِي زمين الله تعالى جي حڪم سان (ُبهترين) سلا پيدا ڪري ٿي، ۽ ڍِلِي زمين تمام ٿوري پيدائش ڏئي ٿي، اهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا پنهنجين نشانين کي اُن قوم لاءِ جيڪي شُڪر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سٺي زمين جا سلا سندس پاليندڙ جي حڪم سان چڱا نڪرن ٿا ۽ خراب زمين جا سلا اڀڙ خراب ئي نڪرن ٿا. اهڙي طرح اسين شڪرگذار ماڻهن جي لاءِ پنهنجون آيتون ڦرائي گرائي بيان ڪريون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (جيڪا) سرزمين پاڪ آهي نڪرن ٿا سلا ان جا حڪم رب ان جي سان ۽ جيڪا (سرزمين) گندي ٿي وئي نه ٿا نڪرن ان مان (سلا) مگر مشڪل سان ائين ئي کولي کولي بيان ڪيون ٿا آيتن کي واسطي ان قوم جي جيڪي شڪر ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سٺيءَ زمين جا او ڀڙ سندس پاليندڙ جي حڪم سان (چڱا) نڪرن ٿا ۽ خراب زمين جا اوڀڙ خراب نڪرن ٿا. اهڙيءَ طرح اسين شڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جا سٺي زمين آهي ان جا سلا سندس پالڻهار جي حڪم سان (سُٺا) نڪرن ٿا ۽ جا خراب آهي اها ٿوري بي فائده شيءِ کان سواءِ ڪجهه نه ٿي ڄمائي. اهڙي طرح اسان آيتون وري وري بيان ڪيون ٿا ان قوم لاءِ جيڪي شڪر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُٺو شهر گل ڪڍي، سندس حُڪم سان هيڪار، ڪِنون ڪڍي ڪِينِ مگر لُـئانڊا لاچار، اِنپر کُوليون خُوب طرح، نِشانيون نِروار، جي ڳائـِنِ ڳُڻ نِبار، ڪارڻ تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چڱي زمين پنهنجي رب جي حڪم سان سندس اوڀڙ اپائي ٿي ۽ جيڪا خراب آهي، سا رڳا خراب سلا ڄمائي ٿي. ائين اسين شڪر ڪندڙن لاءِ پنهنجن آيتن کي ورائي ورائي بيان ڪريون ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪا زمين ڀلي هوندي آهي، پنهنجي رب جي حڪم سان ان جي پيداوار به جام لهندي آهي ۽ جيڪا زمين خراب هوندي آهي، تنهن جو اُپاڄ ته ڪنهن به ڪم جو نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح اسان نشانين کي ورائي ورائي ٿا پيش ڪيون، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي شڪر ڪرڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪا زمين ڀلي آهي ان جو فصل به ڀلو نڪرندو آهي الله جي حڪم سان، ۽ جيڪا زمين خراب هوندي آهي تنهن مان خراب پئداوار کان سواءِ ڪجهه نٿو ملي، اهڙيءَ طرح اسان پيش ڪريون ٿا وري وري نشانين کي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي شڪر ڪندڙ آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آباد زمين پنھنجي رب جي حڪم سان ئي مڪمل گاهه ٻوٽا ڪڍندي آهي ۽ غيرآباد زمين مان رڳو ڪٿي ڪٿي تيلا ۽ ٽانگا نڪرندا آهن، اسان اهڙيءَ طرح شڪر ادا ڪندڙن لاءِ آيتن کي بار بار بيان ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 59) |
بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو، سو هن پنهنجي قوم کي (همدردي ۽ محبت وچان) چيو ته اي منهنجي (پياري) قوم! الله جي بندگي ڪريو (شيطان جي بندگي ڇڏي ڏيو، يعني ٻين تي ظلم ڪرڻ ۽ ٻيا گناه جا حڪم ڦٽي ڪيو. ياد رکو ته) الله کان سواءِ توهان جو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪيو. خدا جي حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به حڪم جي تعميل ڪرڻي ناهي) بيشڪ مون کي اوهان جي بنسبت ڏاڍو خوف آهي ته متان اوهان تي وڏي ڏينهن جو عذاب اچي ڪڙڪي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق اسان نوح کي پيغمبر ڪري سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين اي منهنجي قوم الله جي عبادت ڪريو، الله کان سواٰءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، بيشڪ آئون توهان جي مٿان قيامت جي عذاب جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (رسول بنائي) موڪيلو ته هن ماڻهن کي چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو ان کانسواءِ اوهان جو ڪو به معبود نه آهي. ۽ آءُ اوهان جي باري ۾ (قيامت جهڙي) تمام وڏي (خوفناڪ) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق موڪليوسون نوح کي قوم ان جي ڏانهن پوءِ چيائين اي قوم منهنجي! عبادت ڪيو الله جي نه آهي اوهان جو ڪو به معبود (بالحق) سواءِ ان جي بيشڪ مان خوف ٿو ڪيان اوهان تي عذاب ڏينهن وڏي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي موڪليو. پوءِ ان چيو ته اي منهنجي قوم ! الله جي عبادت ڪريو، اوهان لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي. بيشڪ آءُ اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو. ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. بيشڪ مون کي ڊپ لڳي ٿو اوهان تي زبردست ڏينهن جي عذاب جو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موڪليو سون نوح نبِي، سندسِ پاڙِيچِين پار، چي سَڳا! سائين پُوڄيو، اَهنجو ڌِڻي، نه اِنهيان ڌار،مونکي وڏو وِيچار، آن تي، ڏينهن وڏي جي، ڏُک جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو، چيائين ”اي قوم! الله جي عبادت ڪريو. ان ڌاران اوهان جو ٻيو ڪو سائين ڪونهي، آءٌ اوهان تي هڪ وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليوسون. هـُـن چيو: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهانجو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. مان توهانجي باري ۾ هڪڙي خطرناڪ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان موڪليو نوحؑ کي سندس قوم ڏي، چيائين: اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي، جنهن کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه الله ڪونهي، آئون ڊڄان ٿو توهان جي باري ۾ ڀوائتي ڏينهن جي عذاب کا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نوح (ؑ) کي پنھنجي قوم ڏانھن موڪليو، هن چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به معبود نه آهي، بيشڪ مان ته توهان تي قيامت واري وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 60) |
سندس قوم جي سردارن چيو ته اسين توکي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندس قوم جي سردارن چيو ته، (اي نوح) اسان توکي يقيناً کلي ۽ چٽي گمراهيءَ ۾ ڏسي رهيا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سندس قوم مان وڏن ماڻهن چيو، بيشڪ اسان توکي صاف گمراهي ۾ ڏسون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته) سندس قوم جي ڪن سردارن چيو: اسين ته پڪ تو کي ڏسون ٿا ته تون ظاهر ظهور گمراهي ۾ پيل آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو سردارن قوم ان جي مان ته بيشڪ اسين البته ڏسون ٿا توکي گمراهيءَ چٽيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس قوم جي سردارن چيو ته بيشڪ اسين توکي ظاهر گمراهيءَ ۾ ڏسون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سندس قوم جي سردارن چيو ته: ”بلاشڪ اسان تو کي ڏسون ٿا ته تون کلي گمراهي ۾ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪچهرِي سندسِ قوم مان، ڪَهيو برقرار، توکي ڏِسون تڪرار، بِلڪل پَڌريءَ ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم جي سردارن چيو ”اسين توکي چٽيءَ گمراهيءَ ۾ پيا ڏسون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم جي سردارن جواب ڏنو، "اسان کي ته ائين ٿو نظر اچي ته تون پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ چيو سردارن سندس قوم جي اسان کي ائين نظر ٿو اچي ته تون ڀليل آهين پڌري پٽ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندس قوم جي سردارن چيو ته (اهڙي ڳالهه ڪندي) اسان ته تو کي صفا گمراهيءَ ۾ ٿا ڏسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى ضَلٰلَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 61) |
چيائين ته اي منھنجي قوم مون کي ڪا گمراھي ڪانه آھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت نوح فرمايو ته، اي منهنجي قوم! مون ۾ ته ڪابه گمراهيءَ جي ڳالهه ڪانهي، بلڪ مان ته سڄي جهان جي پروردگار وٽان (اوهان ڏي) رسول ٿي آيو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح چيو اي منهنجي قوم مون کي ڪا گمراهي ناهي پر آئون رب العالمين جي طرفان رسول آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن نوح کين) چيو: اي منهنجي قوم مون ۾ گمراهي (وغيره) ته ڪجھ نه آهي پر آءُ پرودگار عالم جي طرف کان رسول آهيان. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي قوم منهنجي! ناهي مون ۾ گمراهي ۽ پر مان رسول آهيان طرفان رب جهانن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نوح چيو ته اي منهنجي قوم ! مون ۾ ڪا گمراهي نه آهي پر آءُ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان هڪ رسول آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون ۾ ڪا گمراهي ناهي پر آءٌ جهانن جي پالڻهار پاران رسول (بنجي آيو) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، بِلڪل ڀُل نه مون کي، آئون قاصِد برقرار، طرفان تِنهن تڪرار، جو پالڻهار پر ٿڻين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجي قوم! آءٌ گمراهيءَ ۾ نه آهيان، پر جهانن جي رب جو رسول آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح چين: "اي منهنجي قوم! مون ۾ ته ڪا گمراهي ڪانهي پر مان ته جهانن جي پالڻهار جو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نوحؑ چيو، اي منهنجي قوم! آئون ڪنهن به گمراهيءَ ۾ پيل نه آهيان، پر آئون ته رسول آهيان رب العالمين جي طرفان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تنھن تي) نوح (ؑ) چيو ته اي منھنجي قوم! مان ڪنھن به گمراهيءَ ۾ نه آهيان، مان ته تمام جھانن جي پالڻھار جي طرف کان هڪ رسول آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنصَحُ لَكُم وَأَعلَمُ مِنَ اللَّهِ ما لا تَعلَمونَ (آيت : 62) |
اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام ۽ حڪم پهچايان ٿو ۽ مان توهان کي اخلاص سان چڱيون نصيحتون ٿو ٻڌايان (۽ اوهان جو ڀلو ٿو چاهيان. مان توهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان ته) مون کي الله تعاليٰ وٽان انهن ڳالهين جو علم ٿو ملي جن ڳالهين جي اوهان کي ڪجهه به خبر ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آئون توهان کي پنهنجي رب جا احڪام پهچايان ٿو ۽ توهان کي نصيحت ڪريان ٿو ۽ آئون الله جي طرفان اُهو ڄاڻان ٿو جيڪو توهان نٿا ڄاڻو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان تائين پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيان ۽ اوهان لاءِ اوهان جي خير خواهي ڪريان ٿو ۽ خدا جي طرف کان جيڪي ڳالهيون آءُ ڄاڻان ٿو اوهين نٿا ڄاڻو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پهچايان ٿو اوهان کي پيغام رب پنهنجي جا ۽ خير خواهي ڪيان ٿو اوهان جي ۽ ڄاڻان ٿو الله جي طرفان اهو جو نه ٿا ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آءٌ، اوهان کي پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايان ٿو ۽ اوهان جي خير خواهي ڪريان ٿو ۽ جيڪي اوهين نه ڄاڻو سو آءُ الله جي طرفان ڄاڻان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آءٌ اوهان کي پنهنجي رب جا پيغام پهچايان ٿو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪيان ٿو ۽ الله پاران اهو ڄاڻان ٿو جيڪي توهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پرور پاڪ جا پُهچايانِيان پيغام، ۽ آئون اوهان جو ٿو گُھران، مِڙئـِي خير مُدام، ۽ آگي کان، عَلام، ڄاڻان، جو ڄاڻو ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچائڻ آيو آهيان اوهان جي خير خواهي ٿو ڪريان، آءٌ الله وٽان اهو ٿو ڄاڻان، جو اوهين نٿا ڄاڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي پنهنجي رب جا پيغام پهچايان ٿو ۽ توهان جو خيرخواهه آهيان ۽ مونکي الله وٽان جيڪو معلوم ٿيو آهي، سو توهان کي معلوم نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيغام پهچايان ٿو توهان کي پنهنجي رب جا، توهان جو خيرخواهه آهيان ۽ مون کي اهو ڪجهه معلوم آهي الله جي طرفان جنهن کان توهان لاعلم آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايان ٿو، توهان جو گهڻ گهرو آهيان ۽ الله تعالى جي طرف کان مون کي اهڙي ڄاڻ آهي جيڪا توهان کي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَلِتَتَّقوا وَلَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 63) |
اوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا ته اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري ۽ تان ته اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ڇا ته توهان مان هڪڙي شخص جي وسيلي توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي پيغام ۽ نصيحت اچي انهيءَ لاءِ ته توهان کي (نافرماني ۽ بدعملن جي نتيجن کان هو خبردار ڪري ۽) خوف ڏياري ۽ انهيءَ لاءِ ته توهان خدا جو خوف رکي صالح عمل ڪيو ته من توهان تي رحمت ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان کي عجب لڳي ٿو ته توهان مان هڪ انسان کي رسالت ملي الله جي طرفان، انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاري ۽ توهان ڊڄو ۽ من توهان تي رحم ڪيو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان کي هن ڳالھ جي حيرت آهي ته اوهان وٽ اوهان مان ئي هڪ مرد (آدمي) جي واسطي سان اوهان جي پروردگار جو ذڪر (حڪم) آيو ته جيئن اهو اوهان کي (عذاب) کان ڊيڄاري ۽ جيئن ته اوهين پرهيزگار بڻجو ۽ جيئن ته اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا عجب ۾ پيئو اوهان هن ڳالهه کان جو آئي اوهان وٽ نصيحت طرفان رب اوهان جي مٿان هڪ مڙس جي اوهان مان تانته ڊيڄاري اوهان کي ۽ تانته پرهيزگار بنجو ۽ تانته اوهان رحمت ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان کي هن ڳالهه جو عجب ٿيو آهي ته اوهان تي پاليندڙ جي طرفان اوهان مان هڪ مَرَدَ تي اوهان وٽ هڪ سمجهاڻي آئي. هن لاءِ ته اوهان کي ڊيڄاري ۽ هن لاءِ ته اوهين پرهيزگار ٿيو ۽ مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان عجب ۾ آهيو؟جو اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار پاران اوهان مان هڪ مرد ذريعي نصيحت آئي آهي هن لاءِ ته اوهان کي ڊيڄاري ۽ هن لاءِ ته اوهان پرهيزگار ٿيو ۽ من اوهان تي رحم ڪيو وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ عجب لَڳان، ته آئيان، پَنهنجي سائين کان سَنڀار، اوهان مَنجھان ڪنهن مرد تي، ته ڏِينِيان خبر چار، ۽ بَنو نيڪ نِبار، تان مَرهياوَڃو مِهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان کي انهيءَ جو عجب ٿو لڳي جو اوهان کي پنهنجي رب جي نصيحت اوهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ جي هٿان ٿي پهچي ته هو اوهان کي خبردار ڪري ۽ اوهين (بڇڙاين کان) بچو ۽ ته من اوهان تي رحمت ٿئي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهانکي ان ڳالهه تي عجب لڳو آهي ته توهان وٽ توهان جي ئي پنهنجي قوم جي هڪڙي ماڻهوءَ جي وسيلي توهان جي رب جو چتاءُ آيو آهي ته جيئن توهان کي خبردار ڪري ۽ توهان غلط روش کان بچي وڃو ته مــَـنَ توهان تي رحم ڪيو وڃي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته توهان وٽ يادگيري جي لاءِ توهان جي رب توهان جي قوم مان هڪ ماڻهو توهان کي خبردار ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ته غلط هلت کان بچو جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان کي ان ڳالهه تي تعجب آهي ته توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان توهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ تي نصيحت لٿي آهي ته جيئن هو توهان کي (جھنم جي باهه کان) ڊيڄاري ۽ توهان پرهيزگار ماڻهو بڻجي وڃو، من توهان تي رحم ڪيو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبوهُ فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ فِى الفُلكِ وَأَغرَقنَا الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا إِنَّهُم كانوا قَومًا عَمينَ (آيت : 64) |
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھُيا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ اسان جي آيتن کي جن ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇوته اُھا انڌي قوم ھُئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اهڙين سهڻين هدايتن ملڻ بعد به) هنن (منڪرن) حضرت نوح کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ڌمڪيون ڏنيون) پر اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس (دين ۾) شامل هئا ٻيڙيءَ ۾ (چاڙهي ٻوڏ کان) بچايو. پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي (ٻوڏ جي پاڻي ۾) غرق ڪري ڇڏيوسين. يقيناً اهي (منڪر) ماڻهو (دل ۽ دماغ جا) انڌا ٿي ويا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن نوح کي ڪوڙو سمجھو پوءِ اسان نوح ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي ٻيڙيءَ ۾ هئا نجات ڏني ۽ اسان انهن کي ٻوڙيو جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھندا هئا، بيشڪ اها قوم (حق کان) نابين هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهين به ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو، بس پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي ان سان ٻيڙي ۾ هئا بچايو ۽ باقي جن به ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو سڀني کي ٻوڙي ماريوسون، اهي سڀئي ماڻهو اصل ۾ (دل جا) انڌا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ ڇڏايوسون ان کي ۽ انهن کي جو گڏ هيا ان سان ٻيڙيءَ ۾ ۽ ٻوڙيوسون انهن کي جو ڪوڙو چيائون آيتن اسان جن کي بيشڪ اهي هئا قوم انڌا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کيس ڪوڙو ڪيو، پوءِ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي اسان بچايو، ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي ٻوڙيوسون. بيشڪ اهي انڌي قوم هئا. ۽ عاد (جي قوم) ڏي سندن ڀاءُ هود کي موڪليوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ کيس ڪوڙو چيائون پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ساڻس ٻيڙي ۾ هئا تن کي نجات ڏني ۽ اسان انهن ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو هيو. بيشڪ اُهي نابينا قوم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺِيو، اُن کي، قوم ڪُفار، پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ جن آندو اِعتبار، ٻِيلِي، تِنهن ٻيڙي ۾؛ ۽ ٻِيا ٻوڙياسون مَنجھ ٻار، جن ڪُوڙيون اَسان جون ڪوٺيون، نِشانيون نِروار، اُها قوم ڪُفار، نِپٽ ڪا نابِين هُئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کيس ڪوڙو ڪيو- اسان کيس ۽ انهن کي جي ساڻس ٻيڙي ۾ هئا بچايو ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تن کي ٻوڙيوسون، ڪجهه شڪ نه آهي ته هو انڌا هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انهن کيس ڪوڙو سڏيو، نيٺ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي ٻوڙي ڇڏيوسين جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو. پڪ ڄاڻو ته اهي ماڻهو انڌا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن کيس ڪوڙو چيو نيٺ اسان کيس ۽ سندس ساٿين کي هڪ ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو، ۽ ٻوڙي ڇڏيوسين انهن ماڻهن کي جن ڪوڙو چيو هو اسان جي آيتن کي، يقينًا اهي ماڻهو انڌا (بلڪل) نابين هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ قوم کيس ڪوڙو ڪيو، اسان ان کي ۽ ان سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار مؤمنن کي بچايوسين ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪندڙن کي غرق ڪري ڇڏيوسين. بيشڪ اها قوم (عقل کان) انڌي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ عادٍ أَخاهُم هودًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ أَفَلا تَتَّقونَ (آيت : 65) |
۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ساڳيءَ طرح) اسان قوم ڏي ( جا عربستان جي ڏکڻ ۾ رهندي هئي) سندن ڀاءُ حضرت هود کي رسول ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهجي قوم! الله جي بندگي ڪيو، کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) پوءِ توهان (سندس نافرمانيءَ جي نتيجن ۽ سزا کان) نٿا ڊڄو ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ عاد (قوم) ڏانهن سندن ڀاءَ (حضرت) هود کي پيغمبر ڪري موڪليوسين، هود چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو الله کان سواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، ڇا پوءِ توهان الله کان نٿا ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان) عاد جي قوم ڏي سندن ڀاءُ هود کي (رسول بڻائي) موڪليو ته ان (به ماڻهن کي) چيو ته اي منهنجي قوم فقط خدا جي عبادت ڪريو ان کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي ته ڇا توهين (خدا کان) نٿا ڊڄو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (موڪليوسون) عاد (جي قوم) ڏانهن ڀاءُ انهن جي هود کي فرمايائين ته اي قوم منهنجي! عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان لاءِ ڪو به معبود سواءِ ان جي ڇا پوءِ نه ٿا ڊڄو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اي منهنجي قوم ! الله جي عبادت ڪريو. اوهان لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي. ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عاد (قوم) ڏانهن سندن (هم قبيله) ڀاءُ هود کي موڪليوسين. چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ان کان سواءِ اوهان جو ڪو معبود نه آهي. ڇا پوءِ اوهان پرهيزگار نه ٿا ٿيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عادِل هُود، عاد ڏي، سندنِ ڀاءُ ڀَلير، چي، عزيزو! اَلله کي پوڄيو، وير سوير، جِنهن ڌاران، ڌڻِي اوهان جو، ڪونهي ٻيو ڪير، پوءِ ڪِهڙو اَٿان اَنڌير، ته ڪِرِي ڪريو ڪا نه ڪا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (قوم) ”عاد“ ڏانهن سندن ڀاءُ ”هود“ کي موڪليوسون، چيائين ”منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو. ان ڌاران اوهان لاءِ ٻيو ڪو سائين ڪونهي- ڇا، اوهين نٿا ڊڄو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عاد ڏانهن اسان سندن ڀاءُ هود کي موڪليو، چيائين ته: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. پوءِ ڇا توهان بڇڙين ڳالهين کان پاڻ نه بچائيندؤ!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين عاد (وارن ڏي) سندن ڀاءُ هود کي، چيائين: اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي ان بنا توهان جو ڪوبه خدا نه آهي، پوءِ توهان براين کان پرهيز نه ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان عاد قوم ڏانھن سندن ڀاء هود (ؑ) کي موڪليوسين، هن چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به معبود نه آهي، پوءِ به توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ إِنّا لَنَرىٰكَ فى سَفاهَةٍ وَإِنّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 66) |
سندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو ته اسين بلاشڪ توکي بي سمجھيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر سندس قوم مان جن مڃڻ کان انڪار ڪيو تن جي سردارن چيو ته اسان ڏسون ٿا ته تون حماقت (يعني بي وقوفي) ۾ پيل آهين ۽ توکي اسان يقيناً ڪوڙو ٿا سمجهون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سندس قوم مان ڪافرن جي هڪ گروه چيو بيشڪ اسين توکي بي عقل سمجھون ٿا ۽ تحقيق اسان کي يقين آهي ته تون ڪوڙن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته) سندس قوم جي ڪن رئيسن جي ڪافر هئا چوڻ لڳا اسين ته تو کي بيشڪ حماقت (بي وقوفي) ۾ (ڦاٿل) ڏسون ٿا ۽ اسين پڪ تو کي ڪوڙو سمجهون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو سردارن، جن ڪفر ڪيو هو قوم ان جي مان ته بيشڪ اسين البته ڏسون ٿا توکي بيوقوفيءَ ۾ ۽ بيشڪ اسين البته گمان ڪيون ٿا توکي ڪوڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته بيشڪ اسين توکي بيوقوفيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا ۽ اسين توکي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سندس قوم جي سردارن جن ڪفر ڪيو هيو چيائون ته : ”اسان تو کي بي وقوفي ۾ مبتلا ڏسون ٿا ۽ بيشڪ اسان تو کي ڪوڙن مان سمجهون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَهيو سندسِ، قوم مان، جنهن عملي ڪيو اِنڪار، بِلڪل ڀورائي ۾، توکي، ڏِسون تڪرار، ۽ ڀانيون برقرا، توکي، ڪُوڙن جي قطار مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته ”اسين توکي بيوقوفي ۾ پيل ڏسون ٿا ته اسين توکي ڪوڙو سمجهون ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم جي سردارن جيڪي سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا، جواب ۾ چيس: "اسان ته توکي بي عقليءَ ۾ پيل ٿا سمجهون ۽ اسان جو خيال آهي ته تون ڪوڙو آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ چيو سندس قومي سردارن جيڪي سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪاري هئا، اسان ڏسون ٿا توکي بي عقلائيءَ ۾ ڦاٿل، ۽ اسان جو گمان آهي ته تون ڪوڙو آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندس قوم جي سردارن چيو ته (اهڙي ڳالهه ڪندي) اسان توکي بي وقوف سمجهون ٿا ۽ اسان جو اهو خيال آهي ته تون ڪوڙ ڳالهائڻ وارن مان آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰقَومِ لَيسَ بى سَفاهَةٌ وَلٰكِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 67) |
چيائين ته اي منھنجي قوم مونکي ڪابه بي سمجھي ڪونھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت هود کين جواب ۾) چيو ته، اي منهنجي قوم! مون ۾ ته تر جيتري حماقت به ڪانهي، بلڪ مان ته سڄي جهانن جي پروردگار جي طرفان رسول ٿي آيو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) هود چيو اي منهنجي قوم مون کي ڪا بي عقلي ناهي پر آئون رب العالمين جي طرفان رسول آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هود چيو ته اي منهنجي قوم! مون ۾ ته حماقت جي ڪا به ڳالھ ڪانهي پر آءُ ته پروردگار عالم جو رسول آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اي قوم منهنجي! ناهي مون ۾ بي وقوفي ۽ پر مان رسول آهيان طرفان پالڻهار جهانن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هود چيو ته اي منهنجي قوم ! مون ۾ ڪا بيوقوفي نه آهي پر آءُ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان هڪ رسول آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجي قوم! مون ۾ ڪا بي وقوفي ڪونهي ۽ پر آءٌ جهانن جي پروردگار جي پاران رسول آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڀورائي، ڀائرو! اَصل نه مون اَندر، پر آئون پيغمبر پرور، جو پالڻهار، پرٿڻِين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجي قوم! آءٌ بيوقوف نه آهيان پر آءٌ جهانن جي رب جو رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "اي منهنجي قوم! مان بي عقليءَ ۾ پيل ناهيان، بلڪه مان ته رب العالمين جو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان چيو، اي منهنجي قوم! آئون بي عقلائي ۾ ڦاٿل نه آهيان ۽ آئون ته رسول آهيان رب العالمين جي طرفان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هود (ؑ) چيو ته اي منهنجي قوم! مان بيوقوف نه آهيان مان ته تمام جھانن جي پالڻھار جي طرف کان موڪليل هڪ رسول آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُبَلِّغُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَأَنا۠ لَكُم ناصِحٌ أَمينٌ (آيت : 68) |
اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايان آءٌ اوھان لاءِ امين نصيحت ڪندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آءٌ اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام ۽ حڪم پهچايان ٿو ۽ ايمانداريءَ سان توهان کي چڱيون نصيحتون ٿو ٻڌايان ۽ اوهان جو سچو خيرخواه آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آئون توهان کي پنهنجي رب جا احڪام پهچايان ٿو ۽ آئون توهان لاءِ نصيحت ڪندڙ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ اوهان ڏي اوهان جي پالڻهار جا پيغام پهچائي ڇڏيان ٿو ۽ آءُ اوهان جو سچو خير خواھ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پهچايان ٿو اوهان کي پيغام رب پنهنجي جا ۽ مان اوهان لاءِ خير خواهه، امانتدار آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آءُ، اوهان کي پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايان ٿو ۽ اوهان جو امانتدار خير خواهه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آءٌ اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام پهچايان ٿو ۽ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار خير خواهه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَسايانِيان رِسالتون، پَنهنجي پالڻهار، ۽ آهيان اوهان هارِ، آئون اَمِين ۽ گَھڻگُھرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءٌ اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچائڻ آيو آهيان ۽ آءٌ اوهان جو ايمانداريءَ سان خيرخواهه آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي پنهنجي رب جا پيغام پهچايان ٿو ۽ توهانجو اهڙو ڀلو گهرندڙ آهيان، جنهن تي ويساهه ڪري سگهجي ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان کي پيغام پهچايان ٿو پنهنجي رب جا ۽ آئون توهان جو اهڙو خيرخواهه آهيان جو ان تي ويساهه ڪجي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان کي پنهنجي پالڻھار جا پيغام پھچايان ٿو ۽ مان توهان جي لاءِ انتھائي ايماندار نصيحت ڪندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَعَجِبتُم أَن جاءَكُم ذِكرٌ مِن رَبِّكُم عَلىٰ رَجُلٍ مِنكُم لِيُنذِرَكُم وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ قَومِ نوحٍ وَزادَكُم فِى الخَلقِ بَصۜطَةً فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 69) |
(ھِن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا جو اوھان جي پالڻھار کان اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان سمجھاڻي ھن لاءِ اوھان وٽ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري؟ ۽ (اوھين اُھو وقت به) ياد ڪريو جڏھن اوھان کي نُوح جي قوم کان پوءِ (سندن) پيڙھي تي وھاريائين ۽ اوھان جي جُسن ۾ سگھ وڌايائين، تنھنڪري الله جون نعمتون ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ڇا ته توهان مان هڪڙي ماڻهو جي معرفت توهان جي پروردگار وٽان پيغام ۽ نصيحت آئي آهي؟ (حضرت هود اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) انهيءَ لاءِ ته توهان کي (گناهن ۽ ظلمن جي بدلي ۾ ايندڙ عذابن کان) خبردار ڪري (هيءَ حقيقت) ياد ڪريو ته الله تعاليٰ نوح جي قوم کان پوءِ اوان کي سندن جانشين ڪيو ۽ قد، بت ۽ طاقت ۾ (ٻين قومن کان) وڌيڪ ڪيو. سو (اها ڳالهه ياد رکو ته) الله تعاليٰ جي نعمتن کي نه وساريو (۽ سندس نعمتن جو قدر ڪري سندس حڪمن جي پيروي ڪريو) انهيءَ لاءِ ته ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان عجب ڪريو ٿا ته توهان مان هڪ انسان کي رسالت ملي الله جي طرفان انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاري، ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت الله توهان کي نائب مقرر ڪيو، نوح جي قوم کان پوءِ ۽ قَدَ بُتَ ۾ توهان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ توهان الله تعالى جون نعمتون ياد ڪريو ته يقيناً توهان نجات لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا توهان کي هن ڳالھ تي تعجب ٿو ٿئي ته توهان جي پالڻهار جو حڪم توهان وٽ اوهان مان هڪ مرد (آدمي) جي ذريعي سان آيو ته هڪ کي (عذاب کان) ڊيڄاري پڻ (اهو وقت به) ياد ڪريو جڏهن هن (خدا) اوهان کي نوح جي قوم کان پوءِ خليفو( ۽ جانشين) بڻايو ۽ اوهان جي پيدائش ۾ به گهڻو واڌارو ڪيو ته خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ته جيئن اوهين دل جون مرادون حاصل ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا عجب ۾ پيئو اوهان هن ڳالهه کان جو آئي اوهان وٽ نصيحت طرفان رب اوهان جي مٿي هڪ مڙس جي اوهان مان تانته ڊيڄاري اوهان کي ۽ ياد ڪيو جڏهن بنايائين اوهان کي جاءِ نشين پڄاڻان قوم نوح جي ۽ وڌايائين اوهان کي جسم ۾ سگهه (ڦيلاءَ) پوءِ ياد ڪيو نعمتون الله جون من اوهان ڪامياب ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان کي هن ڳالهه جو عجب ٿيو آهي ته اوهان جي پاليندڙ جي طرفان اوهان مان هڪ مرد تي اوهان وٽ هڪ سمجهاڻي آئي هن لاءِ ته توهان کي ڊيڄاري. ۽ (اهو وقت) ياد ڪريو جڏهن اوهان کي نوح جي قوم کان پوءِ حاڪم ڪيائين ۽ اوهان کي بدن ۾ (ٻين کان) طاقتور ڪيائين. پوءِ الله جي نعمتن کي ياد ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان کي ان ڳالهه تي تعجب آهي؟ جو اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ پاران اوهان مان هڪ مرد وٽ نصيحت آئي هن لاءِ ته اوهان کي ڊيڄاري. ۽ ياد ڪيو جڏهن ان اوهان کي نوح جي قوم کان پوءِ جانشين بنايو ۽ اوهان کي بدن ۾ طاقتور ڪيائين. پوءِ الله جا ٿورا ياد ڪيو ته جيئن اوهان ڪامياب ٿيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ عجب لڳان، ته آئـِيان، پنهنجي سائين کان سَنڀار، اوهان مَنجھان ڪِنهن مرد تي، ته ڏِينيان خبر چار، ۽ ساريو ته سرزمين جو، وارث ڪيائـِينِيان جنهن وار، پُڄاڻا پَهر نوح جي، ۽ ساريو، ته ربَّ، ستار، ڏِنيان وَاڌَ وُجود ۾، پڻ قُوَّت برقرار، پوءِ ڏاتِيون سڀ ڏاتار، ساريو، ته سَولا رهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان کي انهيءَ تي عجب لڳي ٿو، جو اوهان وٽ اوهان جي رب جي نصيحت اوهان جي ڊيڄارڻ لاءِ اوهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ جي هٿان پهتي آهي؟ ياد ڪريو، جو نوح جي قوم کان پوءِ اوهان کي حاڪم بڻايائين ۽ اوهان جي نسل کي وڌيڪ پکيڙيائين، تنهنڪري خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ته ڪامياب ٿيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان کي ان ڳالهه تي ٿو عجب لڳي ته توهان وٽ توهان جي پنهنجي قوم جي ئي هڪ ماڻهوءَ وسيلي توهان جي رب جو چتاءُ پهتو آهي ته جيئن هو توهان کي خبردار ڪري. اها ڳالهه ياد ڪريو ته توهان جي رب نوح جي قوم کان پوءِ توهان کي ان جو جاءِ نشين بڻايو آهي ۽ توهان کي جسم ۾ طاقتور بڻايو اٿائين، پوءِ الله جي نعمتن کي ياد رکو، اميد ته ڪامياب ٿيندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي ان ڳالهه تي حيرت آهي جو توهان وٽ خود پنهنجي رب وٽان هڪ ماڻهو جي ذريعي يادگيري آئي آهي جيئن خبردار ڪري توهان کي؟ ۽ توهان اها ڳالهه نه وساريو ته توهان جي رب نوحؑ جي قوم کان پوءِ توهان کي ان جو جانشين بنايو خوب طاقتور، سو ياد رکو الله جي ڪرشمن کي، اميد ته توهان ڪاميابي ماڻيندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان کي ان ڳالهه تي تعجب آهي ته توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان توهان مان ئي هڪ ماڻهوءَ تي نصيحت لٿي آهي، ته جيئن هو توهان کي (جھنم کان) ڊيڄاري. اهو وقت به ياد ڪريو جڏهن (توهان جي پالڻھار) توهان کي نوح (ؑ) جي قوم کان پوءِ جانشين بنايو هو ۽ توهان کي صحتمند ۽ مضبوط جسم عطا ڪيو هو سو توهان الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو، توهان ئي ڪامياب ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَجِئتَنا لِنَعبُدَ اللَّهَ وَحدَهُ وَنَذَرَ ما كانَ يَعبُدُ ءاباؤُنا فَأتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 70) |
چيائون ته (تون) ھن لاءِ اسان وٽ آيو آھين ڇا؟ ته رڳو ھڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ اسانجا ابا ڏاڏا جن کي پوڄيندا ھئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏھن تون سچو آھين ته جنھن (عذاب) کان اسانکي ڊيڄارين ٿو سو آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (هٺيلا) چوڻ لڳا ته ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسان فقط هڪ الله جي بندگي ڪيون ۽ جن جي بندگي اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي آهي (ته اسان تي عذاب ايندو) ته ڀلا جنهن عذاب جو اسان کي ڊپ ڏيارين ٿو سو آڻ. (اسان کي ته يقين آهي ته تون ڪوڙو آهين ۽ اسان تي عذاب ڪونه ايندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُمتين چيو ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسين فقط هڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ انهن معبودن کي ڇڏيون جن جا پوڄاري اسان جا وڏا هئا، پوءِ تون اُهو عذاب آڻ جنهن جو تون وعدو ڪرين ٿو جيڪڏهن تون سچو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهي ماڻهو چوڻ لڳا، ڇا! تون اسان ڏي ان لاءِ آيو آهين ته اسين فقط الله جي ته عبادت ڪريون ۽ جن کي اسان جا پيءُ، ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، ڇڏي ڏيون، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو، اسان وٽ آڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ڇا آئين تون اسان وٽ تان ته عبادت ڪيون الله هڪ جي ۽ ڇڏيون انهن کي جو عبادت ڪندا هئا.يئر اسان جا پوءِ آڻ اسان وٽ جنهن جو وعدو ڏنو تو اسان کي جيڪڏهن آهين سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسين اڪيلي الله جي عبادت ڪريون ۽ اسان جا ابا ڏاڏا جن شين کي پوڄيندا هئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ پوءِ جنهن (عذاب) کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو سو اسان وٽ آڻ. جيڪڏهن تون سچن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان اڪيلي الله جي پوڄا ڪيون ۽ جن جي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄا ڪندا هئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ پوءِ تون اسان تي (اُهو عذاب) آڻ جنهن کان ڊيڄارين ٿو. جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڇا؟ آئـِين اِنهيء ڪاڻ، ته پُوڄيون پرور هيڪڙو، ۽ جي پُوڄِيندا هُئاپِيء اسان جا، سي هَمه ڇڏيون هاڻ، پوءِ جِنهن جو ٻول ٻُڌائـِيـين، سو جلدي اسان تي آڻ، جي تون پيغمبر پاڻ، صفا سَچن مان آهِيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”تون اسان ڏي آيو آهين ته اسين اڪيلي خدا جي عبادت ڪريون، جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيون؟ جي سچو آهين، ته جنهن کان ڊڄارين ٿو، سا آڻ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وراڻي ڏنس، "ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته اسان فقط الله جي ئي عبادت ڪريون ۽ انهن کي ڇڏي ڏيون جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن، چڱو ته پوءِ آڻ اهو عذاب جنهن جي تون اسان کي ڌمڪي پيو ڏين، جيڪڏهن تون سچو آهين!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته الله واحد جي عبادت ڪريون ۽ انهن کي ڇڏي ڏيون جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا؟ چڱو ته پوءِ آڻ اهو عذاب جنهن جي تون اسان کي ڌمڪي ٿو ڏين، جيڪڏهن تون سچو آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جواب ۾) انهن چيو ته ڇا تون اسان وٽ ان لاءِ آيو آهين ته جيئن اسان هڪ الله جي بندگي ڪريون ۽ جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا هئا تن کي ڇڏي ڏيون. (چڱو ڀلا) جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته تون اسان جي مٿان اهو عذاب آڻي ڏيکار، جنھن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ قَد وَقَعَ عَلَيكُم مِن رَبِّكُم رِجسٌ وَغَضَبٌ أَتُجٰدِلونَنى فى أَسماءٍ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما نَزَّلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ فَانتَظِروا إِنّى مَعَكُم مِنَ المُنتَظِرينَ (آيت : 71) |
چيائين ته بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (انھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن جي مڃڻ بابت الله ڪو دليل نه لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت هود جواب ۾) فرمايو ته، (جيڪڏهن توهان ايمان نٿا آڻيو ته ڏسو) توهان جي پروردگار جي طرف کان توهان تي عذاب ۽ غضب اچي ڪڙڪيو آهي. ڇا توهان مون سان (ديوتائن جي سکڻن) نالن جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪيو جي نالا توهان ۽ توهان جي وڏن پاڻ هٿراڌو ٺاهيا آهن جن بابت الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي؟ (جيڪڏهن توهان فلاح ۽ سعادت جي بدران عذاب ٿا گهرو ته) پوءِ (عذاب جو) انتظار ڪيو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. (ترسو تباهي اجها ٿي اچي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هود چيو تحقيق توهان تي توهان جي رب جي طرفان عذاب ۽ غضب ايندو، ڇا توهان مون سان انهن نالن متعلق جھڳڙو ڪريو ٿا جيڪي خود توهان ۽ توهان جي وڏن (بُتن لاءِ) رکيا آهن، الله بُتن جي عبادت لاءِ ڪا حجت نه موڪلي، پوءِ توهان (عذاب جو) انتظار ڪريو بيشڪ آئون به توهان سان انتظار ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هود جواب ڏنو ته(بس! سمجهو) ته اوهان جي پالڻهار جي طرفان توهان تي عذاب ۽ غضب نازل ٿي چڪو. ڇا اوهين مون سان ڪن (بتن جي ٺاهيل) نالن جي باري ۾ وڙهو ٿا جن کي توهان ۽ اوهان جي پيءُ ڏاڏن (اجايو) گهڙي رکيا آهن. حالانڪه هن لاءِ خدا ڪا به سند نازل نه فرمائي آهي. پوءِ اوهين (خدا جي عذاب جو) انتظار ڪريو، آءُ به اوهان سان گڏ منتظر آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته تحقيق واقع ٿيو اوهان تي طرفان رب اوهان جي عذاب ۽ غضب ڇا جهيڙو ٿا ڪيو مون سان (انهن) نالن جي (باري ۾) جو رکيا انهن تي اوهان ۽ پيئرن اوهان جي نه لاٿو الله انهن جي لاءِ ڪو دليل پوءِ انتظار ڪيو بيشڪ مان به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هود چيو ته اوهان جي پاليندڙ جي طرفان عذاب ۽ ڪاوڙ اوهان تي لازم ٿي چڪا آهن. ڇا اوهين مون سان اهڙن نالن ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا جن کي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيو آهي، الله انهن جي (مڃڻ جي)ڪابه ثابتي نه لاٿي آهي پوءِ اوهين انتظار ڪريو. بيشڪ آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”پڪ سان اوهان جي پالڻهار پاران اوهان تي عذاب ۽ ڏمر لازم ٿي ويا. ڇا اوهان مون سان انهن (بتن جي) نالن ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا؟ جيڪي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن جن جي مڃڻ لاءِ الله ڪو دليل نه لاٿو آهي. پوءِ اوهان (عذاب جو) انتظار ڪيو آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آگي کان ڏُرت اوهان تي، پڻ ڪِريو قهر قهار،ڇا؟ مون سان خالِي نالن ۾، ڪريو طبل تڪرار، جي پاڻ ۽ پِين اوهان جي، بنايا بيڪار، الله نه اُتارِي، جن لئي، حجت ڪا هيڪار، پوءِ ڪَڍو اِنتظار اوهين؛ آئون پڻ آخرڪار، ڪڍندڙ اِنتظار، اوهان ڀيڙو آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهان تي اوهان جي رب کان عذاب ۽ غضب لهي چڪو آهي، ڇا اوهين مون سان اهڙن نالن بابت جهڳڙو ڪري رهيا آهيو جي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن-۽ انهن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آهي؟ پوءِ اوهان به انتظار ڪريو ۽ آءٌ به اوهان سان انتظار ڪريان ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "توهانجي رب جي ڦٽڪار ۽ سندس غضب توهان تي پئجي چڪو آهي." ڇا توهان مون سان انهن نالن بابت جهڳڙو ڪريو ٿا، جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن، جن لاءِ الله ڪابه ســَـنــَـدَ نازل نه ڪئي آهي. چڱو ڀلا توهان به انتظار ڪريو ۽ مان به توهان سان گڏجي انتظار ٿو ڪريان. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو ته، توهان تي ڦٽڪار پئجي وئي رب جي ۽ مڙهجي ويو قهر توهان تي، ڇا توهان مون سان جهڳڙو ڪريو ٿا، انهن نالن جو جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن ۽ جن جي لاءِ الله ڪابه سَنَد نازل نه ڪئي آهي؟ چڱو توهان انتظار ڪريو آئون توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هود (ؑ) چيو ته (بس!) هاڻي ته توهان جي مٿان توهان جي پالڻھار جي طرف کان عذاب ۽ ڏمر لازم ٿي چڪو آهي، توهان مون سان انهن (بتن) جي نالي تي وڙهو ٿا جن جا نالا توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن، الله تعالى انهن جي باري ۾ ڪا به ثابتي نه ڏني آهي. بس! توهان (عذاب جو) انتظار ڪريو مان به توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنجَينٰهُ وَالَّذينَ مَعَهُ بِرَحمَةٍ مِنّا وَقَطَعنا دابِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَما كانوا مُؤمِنينَ (آيت : 72) |
پوءِ ان کي ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون ۽ اُھي مؤمن نه هُئا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ٿيو به ائين) اسان حضرت هود کي ۽ انهن کي جي ساڻس (دين ۾) شامل ٿيا هئا. (ايندڙ تباهيءَ کان) پنهنجي رحمت سان بچايو. پر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايمان نه آندائون تن جون پاڙون به وڍي پٽي ڇڏيون سين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان هود ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ اسان پاڙون پٽيون انهن ماڻهن جون، جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھندا هئا ۽ اهي مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ اسان کيس ۽ جيڪي ماڻهو ان سان هئا انهن کي پنهنجي رحمت سان نجات ڏني ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو، تن جي اسان پاڙ پٽي ڇڏي ۽ اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏايوسون ان کي ۽ انهن کي جو گڏ هئا ان سان سببان رحمت جي پاڻ وٽان ۽ ڪٽيوسون پاڙ انهن جي کي جو ڪوڙو چيائون آيتن اسان جن کي ۽ نه هئا مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا تن کي پنهنجي مهربانيءَ سان بچايو ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ اُهي ايمان وارا نه هئا، تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا تن کي نجات ڏني پنهنجي پاران رحمت جي سبب ۽ اسان انهن ماڻهن جون پاڙون پَــٽي ڇڏيون جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ اُهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيوسون پَنهنجي ڪَرم سان، آزاد کان آزار، اُن کي، ۽ گڏ اُنهيءَ سان، جن آندو اِعتبار، پَنهنجي پاران مِهرسان، ٻَهون ٻاجھ ٻِيهار، ۽ پُٺ پُئا ڏَڪپِي سون، اُنهن جِي آخرڪار، جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نِشانيون نِروار، پڻ هُئا، نه هاڃيڪار، مڃڻ وارا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان ان ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي رحمت سان ڇوٽڪارو ڏنو ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو، تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون، جو اهي ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخر اسان پنهنجي مهربانيءَ سان هود ۽ سندس ساٿين کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن جي پاڙ ئي پٽي ڇڏي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو ۽ نه وري ايمان ئي آندو هئائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر اسان بچائي ورتو هودؑ ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي مهربانيءَ سان، ۽ پاڙ پٽي ڇڏي انهن ماڻهن جي، جن ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي، ۽ اهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان هود (ؑ) ۽ سندس ساٿينِ کي پنھنجي مھربانيءَ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي پاڙ ئي پٽي ڇڏي سين، (ڇاڪاڻ جو) هو مؤمن ئي نه هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ ثَمودَ أَخاهُم صٰلِحًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم هٰذِهِ ناقَةُ اللَّهِ لَكُم ءايَةً فَذَروها تَأكُل فى أَرضِ اللَّهِ وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 73) |
۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالِح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (ته) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نه پُھچائجو نه ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ حضرت صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. حضرت صالح (عليه السلام) کين چيو ته، اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪيو. اوهان جي لاءِ کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءِ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا توهان لاءِ نشاني آهي، ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي ۽ برائي جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن ان کي ڪو نقصان رسائيندؤ ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ثمود (قبيلي) ڏانهن سندن ڀاءُ (حضرت) صالح پيغمبر ڪري موڪيلوسين، صالح چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو الله کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، تحقيق توهان وٽ آيو دليل توهان جي رب جي طرفان، هيءُ الله جي ڏاچي آهي جيڪا توهان لاءِ نشاني آهي، پوءِ توهان ڇڏي ڏيو ته اها الله جي زمين ۾ چَري ۽ توهان ان کي ڪا تڪليف نه ڏيو، (ورنه) توهان کي دردناڪ عذاب پهچندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان قوم) ثمود ڏي سندس ڀاءُ صالح کي (رسول بڻائي موڪليو) ته ان (هنن ماڻهن کي) چيو، اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو، ان کانسواءِ ڪو به اوهان جو معبود نه آهي. اوهان وٽ ته اوهان جي پالڻهار وٽان کليل ۽ روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءُ خدا جي (موڪليل) ڏاچي اوهان لاءِ هڪ معجزو آهي، اوهين ان کي ڇڏي ڏيو ته خدا جي زمين ۾ جتي چاهي چرندي وتي ۽ کيس ڪا به تڪليف نه ڏيو نه ته اوهين دردناڪ عذاب ۾ گرفتار ٿي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (موڪليوسون) ثمود ڏانهن ڀاءُ انهن جي صالح کي چيائين ته اي قوم منهنجي! عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان جي لاءِ ڪو به عبادت جو حقدار سواءِ ان جي تحقيق آيو اوهان وٽ چٽو دليل طرفان رب اوهان جي هيءَ ڏاچي الله جي آهي واسطي اوهان جي نشاني پوءِ ڇڏيو ان کي ته کائيندي رهي زمين الله جي ۾ نه هٿ لڳايو ان کي بريءَ نيت سان پوءِ پڪڙي اوهان کي عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ثمود (جي قوم) ڏي سندن ڀاءُ صالح کي (موڪليوسون) ان چيو ته اي منهنجي قوم ! الله جي عبادت ڪريو. اوهان لاءِ ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي. اوهان جي پاليندڙ جي طرفان بيشڪ اوهان وٽ ثابتي پهچي چڪي آهي. هيءَ الله جي ڏاچي آهي جا اوهان لاءِ هڪ نشاني آهي پوءِ ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ کائي ۽ ا نکي ڪجهه به نه پهچايو نه ته اوهان کي دردناڪ عذاب اچي وٺندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (قومِ) ثمود ڏانهن انهن جي ڀاءُ صالح کي (موڪليوسين). چيائين:”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو اوهان لاءِ ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي. بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽي نشاني آئي آهي. هيءَ”الله جي ڏاچي“ آهي (جا) اوهان لاءِ نشاني آهي پوءِ ان کي (آزاد) ڇڏي ڏيو الله جي زمين ۾ چَرندي رهي ۽ ان کي برائي (جي نيت) سان هٿ به نه لائجو ورنه ته اوهان کي دردناڪ عذاب پڪڙيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ صالح قوم ثمود ڏي، سندنِ ڀاء ڀَلير، چي، عزيزو! الله کي، پُوڄِيو وير سوير، تِنهن ڌاران، ڌڻي اوهان جو، ڪونهي ٻِيو ڪير، پَنهنجي مالڪ کان، مٿير!، صَحِي آيان ساک ڪا. هِيءَ اُٺِ الله جِي، اوهان لئي، نشاني نِروار، پوءِ، ڇَڏي ڏِيو، ڇُلنگار!، تِنهن، ته وڙڪي مَنجھ وَلهار، ۽ هٿ نه لايو اُن کي، اَصل سَندو آزار، پوءِ، وَٺنِيان تِنهن وار، سُورن ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ثمود جي قوم ڏانهن سندن ڀاءُ صالح کي موڪليوسون. چيائين ”منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو، اوهان لاءِ ان ڌاران ڪو سائين ناهي، اوهان وٽ پنهنجي رب کان پڌرو دليل اچي چڪو آهي، هيءُ الله جي ڏاچي اوهان جي لاءِ هڪ نشاني آهي، ان کي (آزاد) ڇڏي ڏيو ته زمين ۾ چرندي رهي ۽ اوهان ان کي بڇڙي نيت سان هٿ نه لڳائجو، نه ته دردناڪ عذاب اچي وٺندوَ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ثمود ڏانهن اسان سندن ڀاءُ صالح کي موڪليو، هن چين: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، توهان وٽ توهان جي رب جو پڌرو دليل اچي ويو آهي. هيءَ ڏاچي توهان لاءِ هڪڙي نشانيءَ طور آهي، تنهنڪري ان کي ڇڏيو ته الله جي زمين ۾ چــَـرندي رهي ۽ ان کي ڪنهن بري ارادي سان هٿ نه لائجو، نه ته هڪ دردناڪ عذاب اچي اوهان کي سوگهو ڪندوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين ثمود ڏانهن سندن ڀاءُ صالحؑ کي. ان چيو، اي منهنجا قومي ڀائرؤ! بندگي ڪريو الله جي، ان کان سواءِ توهان جو ڪو ٻيو خدا نه آهي، توهان وٽ توهان جي رب جو پڌرو دليل اچي ويو آهي، هيءَ ڏاچي الله جي توهان جي لاءِ نشاني آهي، تنهنڪري ان کي ڇڏي ڏيو، ته الله جي زمين ۾ چرندي وتي، ان کي ڪنهن بري ارادي سان هٿ نه لائجو، نه ته توهان کي پڪڙيندو دردناڪ عذاب.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ثمود قوم ڏانھن سندن ڀاءُ صالح (ؑ) کي موڪليوسين، هن کين چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪو به معبود نه آهي. بيشڪ توهان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرف کان واضح دليل اچي چڪو آهي، هي الله تعالى جي ڏاچي آهي جيڪا توهان جي لاءِ هڪ نشانيءَ طور آهي، توهان ان کي آزاد ڇڏي ڏيو ته الله تعالى جي زمين ۾ جتان چاهي ڀلي چرندي وتي. هن کي ڪو به نقصان نه پھچائيندا، ورنه توهان تي تڪليف وارو عذاب ايندو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُروا إِذ جَعَلَكُم خُلَفاءَ مِن بَعدِ عادٍ وَبَوَّأَكُم فِى الأَرضِ تَتَّخِذونَ مِن سُهولِها قُصورًا وَتَنحِتونَ الجِبالَ بُيوتًا فَاذكُروا ءالاءَ اللَّهِ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 74) |
۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين ( ۽ ) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کان پوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾ اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بنايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙين) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت الله توهان کي عاد قوم کان پوءِ نائب مقرر ڪيو ۽ توهان کي زمين ۾ ٽڪايائين، نرم زمين مان توهان ماڙيون ڪندا هئا (اونهاري لاءِ) ۽ جبلن مان گھر تيار ڪندا هئا (سياري لاءِ)، پوءِ توهان الله جون نعمتون ياد ڪريو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي نه اُٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت به) ياد ڪريو جڏهن ان اوهان کي عاد قوم کان پوءِ (زمين ۾) خليفو (۽ جانشين) بڻايو ۽ اوهان کي زمين ۾ اهڙي طرح وسايو جو اوهين سڌي سنئين نرم زمين ۾ (وڏا وڏا) محل اڏايو ٿا پڻ جبلن کي (ٽڪي ٽڪي) گهر بڻايو ٿا ته خدا جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ روءِ زمين تي فساد نه ڪندا ڦرو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪيو جڏهن بنايائين اوهان کي جاءِ نشين پڄاڻان عاد جي ۽ جاءِ ڏنائين اوهان کي زمين ۾ بنايو ٿا نرم ميداني علائقن ان جي ۾ محلاتون ۽ گهڙيو ٿا جبلن کي گهرن جي لاءِ پوءِ ياد ڪيو نعمتون الله جون ۽ نه پکڙجو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت) ياد ڪريو جڏهن اوهان کي عاد (جي قوم) کان پوءِ حاڪم ڪيائين ۽ اوهان کي زمين ۾ رهايائين جنهن جي نرم زمين تي محلات ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي (انهن ۾ ) گهر ٺاهيو ٿا. پوءِ الله جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ياد ڪيو جڏهن ان اوهان کي عاد کان پوءِ جانشين بنايو ۽ اوهان کي زمين ۾ رهايائين توهان ان جي نرم (ميداني) علائقن ۾ ماڙيون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي گهڙي گهر بنايو ٿا. پوءِ اوهان الله جا احسان ياد ڪيو ۽ زمين ۾ فسادي بنجي نه ڦرو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساريو، ته آن کي، عاد پُٺيان، ڪَيو جاءِ نَشِين جَبار، ڀُون ۾، ڏِنِيان ڀيڻيون، طاقت، تَڪ تڪرار، ماڙِيون، مَحل بنايو، نرم مان نِبار، ۽ گَھڙي پِيا گَھر جوڙيو، جَبلن مان جونجھار!، ساريو سُک اَلله جا، نِعمتون نِروار، پوءِ وَلَاريو، نه وَلهار، ڌَر ۾ ڌَرتِي ڌوٻ ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪريو، جڏهن الله اوهان کي عاد جي قوم کان پوءِ حڪومت ڏني ۽ اوهان کي ان زمين ۾ ايئن آباد ڪيائين جو اوهان ان جي ميدانن تي ماڙيون ٿا بڻايو ۽ جبلن کي گهڙي گهر بنايو ٿا. پوءِ الله جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ زمين ۾ وڳوڙ نه ڪندا رهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو وقت، جڏهن الله عاد جي قوم کان پوءِ توهان کي ان جو جاءِ نشين بڻايو ۽ توهان کي ڌرتيءَ تي اها حيثيت ڏنائين، جو اڄ توهان سندس ميداني علائقن ۾ عاليشان محل اڏيو ٿا ۽ جبلن کي ٽـُـڪي گهر ٿا جوڙيو، سو قدرت جي ڪرشمن کان غافل نه ٿيو ۽ ڌرتيءَ تي بي فرماني ڪري فساد برپا ڪندڙ نه بڻجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو اهو وقت جڏهن توهان کي جانشين بنايو ويو (الله طرفان) عاد جي قوم کان پوءِ، ۽ توهان کي زمين ۾ اهو موقعو عطا ڪيو ويو جو اڄ توهان ان جي ميداني علائقن ۾ محلات اڏيو ٿا ۽ جبلن کي ٽُڪي گهر بڻايو ٿا، پوءِ ياد ڪريو ان جي قدرتي ڪرشمن کي ۽ غافل نه رهو ۽ نه برپا ڪريو زمين ۾ فساد.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو وقت به ياد ڪريو، جڏهن (توهان جي پالڻھار) توهان کي عاد قوم کان پوءِ جانشين مقرر ڪيو ۽ اوهان کي (وڏي شان سان) زمين ۾ رهايو، جو توهان ميدانن ۾ وڏا وڏا محل ۽ ماڙيون ٺاهيو ٿا ۽ وري جبلن کي ٽُڪي انهن ۾ گهر ٺاهيو ٿا. بس! الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦھلايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لِلَّذينَ استُضعِفوا لِمَن ءامَنَ مِنهُم أَتَعلَمونَ أَنَّ صٰلِحًا مُرسَلٌ مِن رَبِّهِ قالوا إِنّا بِما أُرسِلَ بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 75) |
سندس قوم مان وڏائي ڪندڙ سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو ته اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا ته صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي، اُنھن چيو ته جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي (حضرت صالح جي) قوم جي هٺيلن سردارن انهن مسڪينن ضعيفن کان جن (حضرت صالح تي) ايمان آندو هو (ٽوڪ طرح) پڇيو ته، توهان کي خبر آهي ڇا ته صالح سچ پچ پنهنجي پروردگار جي طرفان موڪليل مرسل آهي؟ هنن (مسڪين مومنن) وراڻي ڏني ته، بيشڪ اسان انهن (سچين حقيقتن ۽ حڪمن) تي ايمان آندو آهي جن سان هن کي خدا موڪليو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سندس قوم مان هڪ گروه چيو جيڪي تڪبر ڪندا هئا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي مسلمان مسڪين هئا، ته ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته بيشڪ صالح پيغمبر آهي الله جي طرفان، مسڪينن چيو ته بيشڪ اسين سندس رسالت کي مڃيندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سندن قوم جي وڏن رئيسن متڪبر ماڻهن، ويچارن مسڪينن مان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، چيو: ڇا! توهان کي معلوم آهي ته صالح (در اصل) پنهنجي پروردگار جو (سچو) رسول آهي؟ هنن (ويچارن) جواب ڏنو ته: جن ڳالهين جو هن پيغام آندو آهي اسان ته ان تي ايمان آندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو سردارن جن غرور ڪيو قوم ان جي مان انهن جي لاءِ جو ڪمزور سمجهيا ويا ان جي لاءِ جو ايمان آندائين انهن مان ڇا ڄاڻو ٿا اوهان ته بيشڪ صالح موڪليل آهي رب پنهنجي طرفان چيائون ته بيشڪ اسين ان ڳالهه تي جو موڪليو ويو آهي ان سان ايمان آڻيندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس قوم مان جن سردارن وڏائي ڪئي تن انهن ضعيف ماڻهن کي چيو جن انهن مان ايمان آندو هو ته ڇا اوهين ڄاڻو ٿا ته صالح سندس پاليندڙ جي طرفان (برابر) موڪليل آهي؟ انهن چيو ته جنهن (شريعت) سان کيس موڪليو ويو آهي تنهن تي بيشڪ اسين ايمان آڻيندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جي قوم جي سردارن جن تڪبر ڪيو تن انهن ڪمزورن کي چيو جيڪي انهن مان ايمان آڻي چڪا هئا ته: ”ڇا اوهان واقعي ڄاڻو ٿا ته صالح پنهنجي پروردگار وٽان رسول بنجي آيو آهي“؟ چيائون: ”جنهن پيغام سان ان کي موڪليو ويو آهي، بيشڪ اسان ان تي ايمان رکڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَهيو سندسِ قوم مان، جي وَڏا ٿِيا وِينجھار، هِيڻن کي، حشمت سان، جن آندو اِعتبار، ڇا صالح کي، سُونهون سَمجھيو، سائينسِ کان ستار؟ چي، جِنهن سان، مُڪو وِيو مَهندار، اَسين مَڃِيندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم مان مغرور سردارن هيڻن مومنن کي چيو ته ”ڇا اوهين صالح کي الله جو رسول ٿا ڄاڻو؟“ چيائون ”بيشڪ اسين ان کي مڃيون ٿا، جنهن سان هو موڪليل آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم جي سردارن جيڪي وڏائيءَ ۾ پــُـر لڳا پيا هئا، ڪمزور طبقي جي انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو هو، چيائون: "ڇا توهان واقعي ڄاڻو ٿا ته صالح پنهنجي رب جو موڪليل آهي؟" انهن چيو: "بيشڪ جنهن پيغام ساڻ هو موڪليو ويو آهي، ان کي اسان مڃيون ٿا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان قوم جي سردارن جيڪي وڏائيءَ ۾ ڀريل هئا، انهن ماڻهن جي هيڻي طبقي کي جن ايمان آندو هو چيو ته، ڇا توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته صالحؑ پنهنجي رب جو پيغمبر آهي؟ انهن جواب ڏنو، بيشڪ جنهن پيغام سان هو موڪليو ويو آهي ان کي اسين مڃون ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (صالح ؑ جي) قوم جي مغرور سردارن قوم جي ڪمزور ايمان وارن کي چيو ته ڇا توهان کي خبر آهي ته واقعي صالح پنھنجي پالڻھار جي طرف کان موڪليو ويو آهي؟ هنن جواب ۾ چيو ته اسان ته کيس ملندڙ پيغام تي يقين رکون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا بِالَّذى ءامَنتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 76) |
وڏائي ڪندڙن چيو ته جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هٺيلن سردارن تنهن تي چيو ته، جن ڳالهين کي توهان (چڱيون سمجهي) ايمان آندو آهي تن کان اسان انڪار ٿا ڪريون (جو اسان کي اها تعليم ڪانه ٿي وڻي. ڀلا خودغرض ظالمن کي اها تعليم ڪيئن وڻندي ته مسڪينن سان عدل ۽ احسان ڪيو ۽ خدا جي زمين تي تڪبر سان نه گهمو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيو انهن ماڻهن جن تڪبر ڪيو بيشڪ اسان ان رسالت کي جيڪا توهان مڃو ٿا، انهيءَ جو انڪار ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن جن (ڪافر رئيسن) کي (پنهنجي دولت ۾ مال تي) گهمنڊ هو چوڻ لڳا، اسين ته جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي ان کي ڪين مڃينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو انهن جو غرور ڪيائون ته بيشڪ اسين ان سان جو ايمان آندو اوهان ان تي ڪفر ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وڏائي ڪندڙن چيو ته جنهن تي اوهان ايمان آندو تنهن جو بيشڪ اسين انڪار ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) متڪبر ماڻهو چوڻ لڳا ته: ”بيشڪ اوهان جنهن تي ايمان آندو آهي اسان ان جو انڪار ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن واتان، تَن وراڻيو، جي وڏا ٿيا وِينجھار، جِنهن تي، اَهنجو اِعتبار، اَسين اِنڪاري، اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي مغرور چوڻ لڳا ته ”جنهن کي اوهين مڃيو ٿا، اسين ان کي نٿا مڃيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وڏائي ڪندڙن چيو: "جنهن شيءِ کي توهان مڃيو آهي، اسان ان جا منڪر آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو انهن دعويدارن وڏائيءَ مان، توهان جنهن شيءِ کي مڃو ٿا، اسان ان جا منڪر آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ مغرور سردارن چيو ته جنھن شيءِ تي توهان ايمان آندو آهي اسان ته ان جو انڪار ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعَقَرُوا النّاقَةَ وَعَتَوا عَن أَمرِ رَبِّهِم وَقالوا يٰصٰلِحُ ائتِنا بِما تَعِدُنا إِن كُنتَ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 77) |
پوءِ ڏاچيءَ جون کُچون ڪپي ڇڏيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالِح جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين ته جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ ڇا ڪيائون جو) انهيءَ ڏاچيءَ کي زخمي ڪيائون ۽ هٺيلائيءَ سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخلفت ڪيائون. ۽ (آڪڙ ۾ ڀرجي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون مرسلن (موڪليلن) منجهان آهين ته ڀلا آڻ اهو عذاب جنهن جو اسان کي خوف ڏياريندو آهين. (اسان کي ته يقين آهي ته نڪي تون سچو رسول آهين، نڪي اسان تي ڪو عذاب ايندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڏاچيءَ کي (تلوار سان) ماريائون ۽ پنهنجي رب جي حڪم جي نافرماني ڪيائون ۽ چيائون ته اي صالح تون اهو عذاب اسان لاءِ آڻ جنهن جو تو اسان سان وعدو ڪيو جيڪڏهن تون پيغمبر آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ هنن ماڻهن ڏاچي جا گوڏا ۽ پير وڍي ڇڏيا ۽ پنهنجي پروردگار سان گستاخي ڪئي ۽ (بي پرواهي سان) چوڻ لڳا، جيڪڏهن تون سچو رسول آهين ته جنهن عذاب بابت اسان ماڻهن کي ڊيڄارين ٿو، ڀلي آڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪٽيائون ڏاچيءَ کي ۽ منهن موڙيائون امر رب پنهنجي کان ۽ چيائون اي صالح! آڻ اسان وٽ اهو جنهن جو واعدو ڏنو اٿئي اسان کي جيڪڏهن آهين مرسلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ڏاچيءَ جا پير وڍي وڌا ۽ پنهنجي پاليندڙ جي حڪم (مڃڻ) کان وڏائي ڪيائون ۽ چيائون ته اي صالح ! جنهن (عذاب) کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو سو اسان تي آڻ جيڪڏهن تون رسولن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڏاچيءَ جي پيرن جي پَٺن کي ڪٽي (ان کي ماري وڌائون) ۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان سرڪشي ڪيائون ۽ چيائون: ”اي صالح ! اُهو (عذاب) آڻ جنهن کان تون اسان کي ڊيڄارين ٿو جيڪڏهن تون رسولن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گڏُيٖ اُٺ گوڏن کان، وِڌائون تنِهن وار، ۽ آگٖين جي اَمر کان، نِڪرِي ويا نيڪار، ۽ چي، صالح! سِگھو آڻ تون، اسان تي آزار، جو ٻولائـِين ٻِيهار، جي تون، مرسلن مان، مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن ڏاچيءَ کي ڪهي وڌو ۽ پنهنجي رب جي حڪم کان منهن موڙيائون ۽ چيائون ته اي صالح! جي تون برابر رسولن مان آهين ته اهو آڻ، جنهن جو اسان کي انجام ڏيندو هئين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن ڏاچيءَ کي ماري وڌو ۽ نهايت سرڪشيءَ سان پنهنجي رب جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪيائون ۽ صالح کي چيائون ته: ”آڻ اهو عذاب جنهن جي اسان کي ڌمڪي ٿو ڏين، جيڪڏهن تون سچ پچ رسولن منجهان آهين“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن ڏاچيءَ کي ماري وڌو ۽ پوري سرڪشيءَ سان پنهنجي رب جي حڪم خلاف ويا، ۽ چيائون صالحؑ کي، آڻ اهو (عذاب) تون جنهن جي ڌمڪي ٿو ڏين اسان کي، جيڪڏهن تون واقعي رسولن مان آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هنن ڏاچيءَ کي لولو لنگڙو ڪري (ماري) ڇڏيو ۽ آڪڙ ۾ اچي پنھنجي پالڻھار جي حڪم جي نافرماني ڪيائون ۽ (وڏي تڪبر سان اچي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون (واقعي) رسولن مان آهين ته اسان جي مٿان اُهو عذاب آڻي ڏيکار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 78) |
پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪرڻ وارا ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (نيٺ خدا جو غضب منڪرن تي اچي ڪڙڪيو ۽) سخت زلزلي (يعني ڌرتيءَ جي ڌٻڻ) هنن کي اوچتو گهيري ورتو جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهرن ۾ ڪريل ۽ ليٽيل حالت ۾ (دٻجي پورجي) فنا ٿي ويا (صبح جي وقت اونڌي منهن پيا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن تي سخت زلزلو آيو پوءِ پنهنجن گھرن ۾ گوڏن ڀَر مئل ٿي ڪري پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن کين زلزلي پڪڙيو ۽ اهي ماڻهو (جيئن) گوڏن تي سر رکيو ويٺا تئين ئي ويٺي جا ويٺا رهجي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڪڙيو انهن کي زلزلي پوءِ صبح ڪيائون گهر پنهنجي ۾ منهن ڀر ڪرندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ کين زلزلي اچي ورتو، پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ گوڏن ڀر ڪريا پيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي سخت زلزلي ورتو پوءِ اُهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏَڪڻِي ڏاڌا پَڪڙيا، ٿِيا اُڀري سان اَبتر، پوءِ مَٿان مُونِن ڀَر، جھوڙِي سندنِ جاين ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين ڌرتي ڌٻڻ اچي ورتو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ هڪ ڌوڏيندڙ آفت اچي کين قابو ڪيو جو هو پنهنجن گهرن ۾ ڊونڊڙا ٿي پئجي رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن کي اچي ورتو هڪ ڏڪائيندڙ آفت جا مٿن ڪڙڪي ۽ اهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس!) پوءِ ته انهن کي زلزلي اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ هو پنھنجي گهرن ۾ صبح جو ئي اونڌي منهن مئل پيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسالَةَ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم وَلٰكِن لا تُحِبّونَ النّٰصِحينَ (آيت : 79) |
پوءِ (صالِح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان وقت (حضرت صالح) هنن کان پنهنجو منهن ڦيرايو ۽ فرمايو ته، اي منهنجي قوم! مون ته پنهنجي پروردگار جو پيغام اوهان کي پهچائي ڏنو ۽ توهان جي خيرخواهي ڪري اوهان کي چڱيون نصيحتون ٻڌايم، پر (افسوس جو) توهان خيرخواهن ۽ نصيحت ڪندڙن کي پسند نٿا ڪيو (هاڻي چکو خدا جو عذاب).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ صالح انهن کان پاسو ڪيو ۽ چيائين اي منهنجي قوم تحقيق مون توهان کي پنهنجي رب جي رسالت پهچائي ۽ مون، توهان کي نصيحت ڪئي پر توهان نصيحت ڪندڙن کي پسند نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ صالح پاسو ڪيو ۽ (انهن سان مخاطب ٿي) کين چيو اي منهنجي قوم (افسوس) مون ته پنهنجي پروردگار جا پيغام توهان تائين پهچائي ڇڏيا هئا پڻ اوهان جي خير خواهي ڪئي هيم (۽ لاها چاڙها سمجهائي ڇڏيا هئا) پر (وڏي ڳالھ ته) اوهين (ڀلو ڪندڙ) سمجهائڻ وارن کي پنهنجو سڄڻ ئي نٿا سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ منهن موڙيائين انهن کان ۽ فرمايائين ته اي قوم منهنجي! البته تحقيق پهچايو مون اوهان کي پيغام رب پنهنجي جو ۽ خير خواهي ڪيم اوهان جي ۽ پر نه ٿا محبت رکو خير خواهي ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ صالح انهن کان مُنهن موڙيو ۽ چيائين ته (اي منهنجي قوم ! بيشڪ مون اوهان کي پنهنجي پاليندڙ جو پيغام پهچايو ۽ اوهان جي خير خواهي ڪيم پر اوهين خير خواهي ڪندڙن کي پسند نه ٿا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (صالح) انهن کان منهن موڙيو ۽ چيائين: ”اي منهنجي قوم! تحقيق مون توهان کي پنهنجي پالڻهار جو پيغام پهچايو ۽ توهان کي نصيحت ڪيم ۽ پر توهان نصيحت ڪندڙن کي پسند نه ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُنهن موڙِئين اُنهن کان، چي، سندمِ سَڳا سڳر!، رسانِيان رِسالتون، مون، پَنهنجي ربَّ، پرور، ۽ بِلڪل ڀَلو اَهنجو، گُھرينمِ سربسر، پر اَوهِين ڪِنهن پر، نه گُھر وگَھڻ گُھرن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن کانئن منهن ڦيري چيائين ”منهنجي قوم! بيشڪ مون اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچايو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪيم، مگر اوهين نصيحت ڪندڙن کي پسند نه ڪندا آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ صالح اهو چوندو اتان نڪري ويو ته، "اي منهنجي قوم! مان ته پنهنجي رب جو پيغام توهان کي پهچائي ڇڏيو ۽ مان ته توهان جي ڏاڍي خير خواهي ڪئي، پر آءٌ ڇا ڪريان، توهان کي پنهنجا خيرخواهه ته وڻندا ئي ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ صالحؑ ) ائين چوندو سندن وستين مان نڪري ويو ته، اي منهنجي قوم! مون پهچايو پنهنجي رب جو پيغام توهان کي ۽ تنهنجي وڏي خيرخواهي ڪئي، پر آئون ڇا ڪريان توکي پسند ناهن تنهنجا خيرخواهه.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ صالح (ؑ) ان شھر مان نڪرندي ( سندن لاشن تي بيھي) فرمايو ته اي منھنجي قوم! مان ته پنھنجي پالڻھار جو پيغام توهان کي پھچائي چڪو هوس ۽ مون اوهان سان وڏي خيرخواهي ڪئي هئي پر توهان خيرخواهي ڪندڙن کي پسند ئي نه ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ أَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 80) |
۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ به نه ڪئي آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ لوط کي به اسان هڪڙي قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو) هن پنهنجي قوم کي چيو ته، (وڏي شرم جي ڳالهه آهي) ڇا توهان اهڙي بي شرميءَ جو ڪم ٿا ڪيو جو اوهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پيغمبر لوط جنهن وقت پنهنجي قوم کي چيو ڇا توهان بدفعلي ڪريو ٿا جيڪا توهان کان اڳ ۾ جهان وارن مان ڪنهن هڪ به ڪا نه ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ لوط کي (اسان رسول بڻائي موڪليو ته) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو (افسوس) اوهان اهڙي بدڪاري (لونڊي بازي) ڪريو ٿا جو اوهان کان اڳ ساري خدائي ۾ ڪنهن اهڙو بڇڙو ڪم نه ڪيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لوط کي (موڪليوسون) جڏهن چيائين واسطي قوم پنهنجي ڇا ڪيو ٿا بيحيائي اهڙي جو نه اڳرائي ڪيائين اوهان کان ان ۾ ڪنهن هڪڙي جهانن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ لوط کي (موڪليوسون) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ڇا اوهين (اُهي) بي حيائيءَ جا ڪم ڪريو ٿا (جنهن کي) جهان وارن مان اوهان کان اڳ ڪنهن به نه ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ لوط کي (موڪليوسين) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”ڇا اوهان اهڙي بي حيائي ڪيو ٿا جيڪا اوهان کان اڳ جهانن مان ڪنهن به ڪونه ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن لُوط لال، ڪَهيو پَنهنجِي قوم کي، ڇا؟ اوهين اُوڇو ڪم ڪريو، جو جھانن مان جال، ماڻهون ڪِنهن مجال، اوهان کان اڳ، ۾، نه ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”لوط“ کي (موڪليوسون) جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين ته ”ڇا اوهين اهڙِ بي حيائي ڪريو ٿا، جا اوهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنهن به نه ڪئي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ لوط کي به اسان رسول ڪري موڪليو. پوءِ ياد ڪريو، جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو، "ڇا توهان اهڙا بيحياءَ ٿي ويا آهيو، جو اهڙا بي لڄائيءَ جا ڪم ٿا ڪريو، جيڪي توهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنهن نه ڪيا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لوطؑ کي اسان موڪليوسين نبي ڪري (پوءِ ياد ڪريو) جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو، ڇا توهان اهڙا بي حيا ٿي ويا آهيو، جو اهڙا بڇڙا ڪم ڪريو ٿا، جيڪي توهان کان پهرين نه ڪيا ويا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اسان) لوط (ؑ) کي موڪليوسين جڏهن هن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان اهڙو ته برو ڪم ڪريو ٿا جو توهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنھن به قوم اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ شَهوَةً مِن دونِ النِّساءِ بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 81) |
جو اوھين زالن کي ڇڏي مڙسن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (يعني) توهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت راني ڪرڻ لاءِ ويندا آهيو ڇا؟ بلڪ (افسوس ۽ شرم!) توهان ماڻهو (فطرت جي) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق توهان مردن ڏانهن خراب ارادي سان وڃو ٿا، عورتن کان سواءِ، بلڪ توهان ماڻهو حد کان لنگھي ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاءُ!) اوهين عورتن کي ڇڏي شهوت پرستي لاءِ مردن ڏي مائل ٿيو ٿا (توڙي جو ان ڳالھ جي ضرورت نه آهي) پر اوهين ماڻهو آهيو ئي بيهودا صرف ڪرڻ وارا (جو نطفي کي وڃايو ٿا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اوهان البته اچو ٿا مردن وٽ شهوت جي لاهڻ لاءِ سواءِ عورتن جي بلڪ اوهان قوم حد کان لنگهندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهين زالن کي ڇڏي مڙسن ڏي شهوت سان اچو ٿا، بلڪ اوهين (سڀ ڪنهن ڪم ۾ ) حد کان لنگهندڙ قوم آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏانهن شهوت (پوري ڪرڻ) لاءِ اچو ٿا بلڪه اوهان حد کان لنگهندڙ قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نارينِ ري، نَرن تي، اچو شهوت ساڻ، آهيو اوهين اَڄاڻ، وَڳرئـِي واهيات ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين زالن کي ڇڏي مردن ڏي سڌ ڪندا اچو ٿا؟ بلڪ اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان عورتن کي ڇڏي مردن سان ٿا پنهنجي خواهش پوري ڪريو، حقيقت ۾ توهان ته بلڪل ليڪوئي لنگهي وڃڻ وارا ماڻهو آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان مردن سان پنهنجي شهوت (خواهش) پوري ڪريو ٿا عورتن کي ڇڏي، اها حقيقت آهي ته توهان حد لنگهي وڃڻ وارا ماڻهو آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان عورتن کي ڇڏي مردن سان قرب ونڊيو ٿا، توهان ته بالڪل ليڪا لنگهي ويا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالوا أَخرِجوهُم مِن قَريَتِكُم إِنَّهُم أُناسٌ يَتَطَهَّرونَ (آيت : 82) |
۽ سندس قوم جي ورندي ھن کانسواءِ نه ھُئي ته اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇوته اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هنجي قوم جو جواب ٻيو ڪوبه ڪونه هو، سواءِ هن جي جو چوڻ لڳا ته هنن (يعني حضرت لوط ۽ ايمان وارن) کي پنهنجي شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍو. اهي ماڻهو (ڏسو جو) اچي پاڪ ۽ صاف بڻيا آهن!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ لوط جي قوم جو جواب نه هو مگر چيائون ته توهان انهن (لوط ۽ سندس گھر وارن کي) سندن ڳوٺ مان ٻاهر ڪڍو، بيشڪ اهي ماڻهو بُرائي کان پاڪ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن تي) سندس قوم وٽ ان کانسواءِ ٻيو جواب ئي ڪين هيو، جيڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته هنن ماڻهن کي ڳوٺ کان ڪڍي ٻاهر ڪريو ڇو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڪ صاف هجڻ چاهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هو جواب قوم ان جي جو مگر هي جو چيائون ته ڪڍو انهن کي ڳوٺ پنهنجي مان بيشڪ اهي ماڻهو آهن جو ٿا پاڪ ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس قوم جو جواب هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو ته انهن (لوط جي گهر وارن) کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو. بيشڪ اهي اهڙا ماڻهو آهن جي پاڪ رهڻ گهرن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جي قوم جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هيو چوڻ لڳا: ”انهن کي پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو. بيشڪ اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي پاڪباز بنجڻ چاهن ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، سامُهون سندسِ ساٿ جو، هن ري، نه هو جواب، ته تڙي ڪَڍو تن کي، پَنهنجي شهر مان شِتاب، هِي اِهڙا نيڪ نواب، ته پاڪ سَڏائينِ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم جو هن کان سواءِ ٻيو ڪو جواب نه هو ته ”هنن کي پنهنجي ڳوٺ مان تڙي ڪڍو، جو هي وڏا پاڪ ماڻهو ٿا بڻجن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر سندس قوم جو جواب ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه هو ته، "ڪڍو انهن کي پنهنجي ڳوٺن مان، جو هو وڏا پاڪباز ٿا بڻجن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ان کان سواءِ سندس قوم جو جواب ٻيو ڪونه هو ته، چيائون: ڪڍو انهن ماڻهن کي پنهنجي ڳوٺن مان، جيڪي وڏا پاڪباز ٿا بڻجن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهڙي بيحياء) قوم جو جواب اهو هو ته اهڙن ايمان آڻيندڙن کي ته پنھنجي ڳوٺ مان ئي تڙي ڪڍي ڇڏيو، هو پنھنجو پاڻ کي وڏا پارسا ٿا سمجهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنجَينٰهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 83) |
پوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان حضرت لوط کي ۽ سندس ماڻهن کي (ايندڙ مصيبت کان) بچايو (يعني شهر مان ٻاهر آندو) سواءِ سندس زال جي جا پٺتي رهيل (عذاب چکڻ وارن منڪرن) ماڻهن ۾ رهجي پئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان لوط ۽ سندس گھر وارن کي نجات ڏني سواءِ سندس گھر واريءَ جي، جيڪا عذاب ڪيلن مان هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي ته نجات ڏني پر (فقط) سندس زال جيڪا (پنهنجي بد اعمالي سان) پٺتي رهڻ وارن مان ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏايوسون ان کي ۽ اهل ان جي کي سواءِ زال ان جي جو هئي پٺ تي رهندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان ان کي ۽ ان جي گهر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايو، اها (باقي) رهيلن مان ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان (لوط) کي ۽ سندس گهروارن کي نجات ڏني سواءِ ان جي زال جي، اُها (عذاب ۾ ) رهجي ويندڙن مان هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، پڻ سندسِ آل عيال، سوا سندس زال، جا پُوارن مان، پاڻ هُئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان هن کي ۽ سندس گهروارن کي ڇوٽڪارو ڏنو. سواءِ سندس زال جي، اها پوئتي رهڻ وارن مان ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخرڪار اسان لوط ۽ سندس گهروارن کي، سواءِ سندس زال جي جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي، بچائي ورتوسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان بچايوسين (لوطؑ ) ۽ سندس گهر وارن کي سواءِ سندس زال جي، جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! اسان لوط (ؑ) ۽ مٿس ايمان آڻيندڙن کي بچايوسين پر سندس گهر واري (ايمان نه آڻڻ سبب) پوئتي رهڻ وارن ۾ شامل هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُجرِمينَ (آيت : 84) |
۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ اسان انهن منڪرن تي پٿرن جو مينهن وسايو، پوءِ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان بارش وسائي انهن جي مٿان هڪ بارش (پٿرن جي) پوءِ توهان ڏسو ته ڪهڙي طرح پڇاڙي آهي مجرمن جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن ماڻهن جي مٿان مينهن وسايو، پوءِ ڪجھ سوچو ته سهي! ته گناهگارن جي نيٺ پڇاڙي ڪهڙي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وسايوسون انهن جي مٿان (پٿرن جو) مينهن پوءِ ڏس ته ڪيئن هئي پڇاڙي مجرمن جي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انهن تي هڪ قسم جو (پٿرن جو) مينهن وسايو. پوءِ ڏس ته ڏوهارين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن مٿان (پٿرن جو) مينهن وسايو. پوءِ ڏس ته ڏوهارين جو انجام ڪيئن هيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون مَٿنِ ڪَڪرِين جو، واري وَسڪارو، پوءِ، پويون پَسارو، ڏِس ڪِيئن ڏُهارين جو!!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان مٿن پٿرن جو مينهن وسايو، پوءِ ڏس ته گنهگارن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندس قوم تي هڪڙو (پٿرن جو) مينهن وسايوسون، پوءِ ڏسو ته انهن ڏوهارين جي پڇاڙي ڇا ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وسايوسين انهن تي هڪ (وڏو) مينهن، پوءِ ڏسو ته ڇا ٿي پڇاڙي انهن مجرمن جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ) اسان انهن (بيحياء قوم جي ماڻهن) مٿان (پٿرن جو) مينھن وسايو پوءِ ڏسو ته ڏوهارين جو ڪھڙو حشر ٿيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا قالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ ما لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرُهُ قَد جاءَتكُم بَيِّنَةٌ مِن رَبِّكُم فَأَوفُوا الكَيلَ وَالميزانَ وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تُفسِدوا فِى الأَرضِ بَعدَ إِصلٰحِها ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 85) |
۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعالي! مدين وارن ڏي سندن ڀاءِ شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم! فقط الله جي بندگي ڪيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) توهان وٽ توهان جي پروردگار جي طرف کان روشن دليل اچي چڪو آهي. سو آئينده توهان ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ صلح امن امان ۽ انتظام هئڻ بعد وري فساد نه پکيڙيو. توهان ۾ جيڪڏهن ايمان هجي ته ان ۾ (يعني مٿين حڪمن مڃڻ ۾) توهان جي لاءِ گهڻي چڱائي ۽ بهتري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مدين (قبيلي) ڏانهن اسان سندن ڀاءُ (حضرت) شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو، شعيب چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو الله کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، تحقيق توهان وٽ دليل آيو توهان جي رب جي طرفان پوءِ توهان ماپ ۽ تور پوري ڪريو ۽ ماڻهن کي تور ۾ گھٽ شيون نه ڏيندا ڪريو، ۽ زمين ۾ فساد نه ڪريو پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ، انهي ۾ توهان لاءِ ڀلائي آهي جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان) مدين (وارن) ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي (رسول ڪري موڪليو) ته هن (انهن ماڻهن کي) چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي ئي عبادت ڪريو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به اوهان جو معبود نه آهي (پڻ) اوهان ڏي ته اوهان جي پروردگار جي طرفان هڪ کليل ۽ روشن معجزو (به) آندم ته (پوءِ اوهين) ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن (خريد ڪيل) شيون گهٽ نه ڏيندا ڪريو ۽ زمين ۾ ان جي سڌاري ۽ درستي کان پوءِ فساد نه ڪندا ڦرو جيڪڏهن اوهين سچا ايماندار آهيو ته اهو اوهان جي حق ۾ سٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدين ڏانهن ڀاءُ سندن شعيب کي (موڪليوسون) چيائين ته اي منهنجي قوم عبادت ڪيو الله جي ناهي اوهان جي لاءِ ڪو به عبادت جي لائق سواءِ ان جي تحقيق آيو اوهان وٽ روشن دليل رب اوهان جي وٽان پوءِ پورو رکو ماپ ۽ تور کي ۽ نه گهٽايو ماڻهن کان شيون انهن جون ۽ نه فساد ڪيو زمين ۾ پڄاڻان اصلاح ان جي اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ جيڪڏهن آهيو ايمان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مدين (جي قوم) ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسون) ان چيو ته اي منهنجي قوم ! الله جي عبادت ڪريو، ان کان سواءِ اوهان لاءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي. بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ثابتي پهچي چڪي آهي. پوءِ ماپ ۽ تور کي پورو ڪريو، ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو. ۽ اوهين زمين ۾ ان جي درست ڪرڻ کان پوءِ فساد نه ڪريو. اهو (ڪم) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مدين ڏانهن سندن ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسين). چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو اوهان لاءِ ان کان سواءِ ٻيوڪو معبود ناهي. بيشڪ آءٌ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽو دليل آيو آهي پوءِ اوهان ماپ ۽ تور پوري ڪيو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گَهٽائي نه ڏيو . ۽ زمين ۾ ان جي سڌاري بعد فساد برپا نه ڪيو. اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي جي اوهان ايمان رکڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ شُعيب شهر مَدين ڏي، سَندنِ ڀاءُ ڀَلير، چي، عزيزو! الله کي، پُوڄِيو وٖير سوير، تِنهن ڌاران، ڌڻِي اوهان جو، ڪونهي، ٻِيو ڪير، اَهنجي مالڪ کان، مَٿير!، صَحِي آيان، ساک ڪا. پوءِ پُورو مَيو ماڻ، پڻ پورا جَھليو پُڙ ساهمِين، ۽ ماڻهن سَندٖي مال ۾، ڪَس نه ڏِيو ڪِنهن ڪاڻ، ۽ ڀُون نه بِگيڙيو، اُن جٖي، پُورٖي سُک پُڃاڻ، اِي ڀَلو اوهان ڪاڻ، جي آهيو، مُؤمِن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مدين ڳوٺ ۾ سندن ڀاءُ ”شعيب“ کي موڪليوسون- چيائين ”منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو، ان ڌاران اوهان لاءِ ٻيو ڪو سائين ناهي، اوهان وٽ پنهنجي رب کان پڌرو دليل اچي چڪو، پوءِ ماپ تور پوري ڪندا ڪريو، ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيندا ڪريو ۽ ملڪ جي سڌرڻ کان پوءِ ان ۾ خرابي نه ڪريو، جيڪڏهن اوهين مومن آهيو ته اها ڳالهه اوهان لاءِ بهتر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مــَـديــَـن وارن ڏانهن اسان سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليو، هن چيو: "اي منهنجي قوم! الله جي ٻانهپ ڪريو، ان کانسواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. توهان وٽ توهان جي رب جي چٽي رهنمائي اچي وئي آهي، تنهنڪري ماپ ۽ تور پوري ڪريو، ماڻهن کي سندن شين ۾ ڪـَـسُ نه لڳايو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦهلايو، جڏهن جو سندس اصلاح ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ توهان جي ڀلائي آهي، جيڪڏهن سچ پچ توهان مؤمن آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين مَدين وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيبؑ کي، چيائين اي منهنجي قوم! بندگي ڪريو الله جي ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪوبه خدا نه آهي، توهان وٽ اچي وئي آهي چٽي رهنمائي توهان جي رب وٽان، تنهن ڪري ماپ ۽ تور پوري ڪريو ۽ گهٽ نه ڏيو ماڻهن کي سندن شيون، ۽ برپا نه ڪريو فساد زمين ۾ جڏهن ته ان جي اصلاح ٿي چڪي آهي، انهيءَ ۾ ئي ڀلائي آهي توهان جي لاءِ، جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان مدين وارن ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب (ؑ) کي موڪليوسين، جنھن کين چيو ته اي منھنجي قوم! الله تعالى جي بندگي ڪريو، ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪو به معبود نه آهي، توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان (وڏو) واضح دليل اچي چڪو آهي. (تنھنڪري) ماپ ۽ تور پوري پوري ڪندا ڪريو، ماڻهن کي شيون گهٽ توري نه ڏيو ۽ زمين ۾ سڌاري اچڻ کان پوءِ فساد نه ڦھلايو. جيڪڏهن توهان واقعي ايمان وارا آهيو ته اهو ئي توهان لاءِ بهتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَقعُدوا بِكُلِّ صِرٰطٍ توعِدونَ وَتَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ بِهِ وَتَبغونَها عِوَجًا وَاذكُروا إِذ كُنتُم قَليلًا فَكَثَّرَكُم وَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 86) |
۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نه وھو ته جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو ته فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ائين نه ڪيو، جو هرهڪ رستي تي ويهي ماڻهن کي دڙڪا ڏيو ۽ ڊيڄاريو ۽ الله جي راهه (سچي دين) کان انهن کي روڪيو جي الله تي ايمان ٿا آڻين. ۽ ان سچي راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي ڳولڻ لڳو ۽ اهو وقت ياد ڪيو جڏهن توهان ٿورڙا هئو. ۽ الله تعاليٰ اوهان کي تعداد ۾ وڌايو ۽ اکيون کولي ڏسو ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر سنئين رستي تي ماڻهن کي ڊيڄارڻ لاءِ (گمراه ڪرڻ لاءِ) نه ويهو ۽ الله جي راه کان توهان روڪيو ٿا انهن ماڻهن کي جيڪي الله تي ايمان آڻن ٿا ۽ انهيءَ راه ۾ ٽيڙائي طلب ڪريو ٿا، ۽ توهان ياد ڪريو جڏهن توهان ٿورا هئا پوءِ الله توهان جي نسل ۾ برڪت وڌي ۽ توهان ڏسو ته فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان ماڻهو، جو رستن تي (ويهي) جنهن خدا تي ايمان آندو آهي تنهن کي ڊيڄاريو ٿا ۽ خدا جي راھ کان جهليو ٿا ۽ ان جي راھ ۾ (اجايو بيجا) ٽيڙهائپ ڳولي ڪڍو ٿا، هاڻي نه وهندا ڪريو. پڻ ان (ڳالھ) کي به ياد ڪريو ته جڏهن اوهين (تعداد ۾) گهٽ هئا ته خدا ئي اوهان کي وڌايو ۽ ڪجھ سوچو ته سهي ته (نيٺ) جهڳڙا پکيڙڻ وارن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه وهو هر رستي سان جو ڊيڄاريو واٽ ويندڙن کي ۽ روڪيو ٿا؟ واٽ الله جي کان ان کي جو ايمان آندائين ان سان ۽ طلب ڪيو ٿا ان کي ڏنگو ۽ ياد ڪيو جڏهن هيئو ٿورا پوءِ گهڻو ڪيائين اوهان کي ۽ ڏسو ته ڪيئن هئي پڇاڙي فساد ڪندڙن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ ڪنهن رستي تي (هن لاءِ) نه ويهو جو الله جي رستي کان ڌمڪايو ۽ اهڙي ماڻهوءَ کي روڪيو جنهن ان تي ايمان آندو ۽ ان (رستي) ۾ ڏنگائي گهرو ٿا (يعني هٿراڌو عيب ڳوليو ٿا) ۽اهو وقت ياد ڪريو جڏهن اوهين ٿورا هئا، پوءِ اوهان کي وڌايائين ۽ ڏسو ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (زندگي جي) هر رستي تي (رهزن بنجي) ان لاءِ نه ويهو جو جنهن ايمان آندو آهي ان کي ڌمڪايو ۽ الله جي راهه کان روڪيو ۽ ان (دين) ۾ ڏنگائي گهرو ۽ ياد ڪيو (اهو زمانو) جڏهن اوهان ٿورا هيا پوءِ ان اوهان کي گهڻو ڪيو ۽ (اکيون کولي) ڏسو ته فساد مچائڻ وارن جو انجام ڇا ٿيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه هر دَڳ جَھليو، ته ڌَماڪايو ۽ روڪيو، ربّ جِي راه، اُنهِيء کي، ته الله ۾، آندو جِنهن ويساھ، ۽ ِڏنگِي وَرن، وَڪڙن تي، گُھرو، ساگمراه! ۽ ساريو، ته جڏهن ڳاڻ ڳڻيا، هُئا اَوهين همراه، پوءِ، واه!، جو وَڌائـِين اوهان کي؛ ۽ ڪَريو نظر نِگاه، ته ڪِيئن آخر، حال تَباھ، آهي، اُجاڙِيندڙن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڏسو، رستن تي ان لاءِ نه ويهندا ڪريو، جو ايمان آڻڻ وارن کي ڊيڄاريو ۽ الله جي رستي کان روڪيو ۽ ان ۾ ڏنگائيءَ کي ڳوليو ۽ ياد ڪريو جڏهن اوهين ٿورا هئا پوءِ ان اوهان کي وڌائي گهڻو ڪيو ۽ ڏسو ته خرابي ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (زندگيءَ جي) هر واٽ تي رهزن بڻجي نه ويهو جو ماڻهن کي ڏهڪاءَ ۾ وجهڻ ۽ ايمان آڻڻ وارن کي الله جي رستي کان روڪڻ لڳو ۽ سنئينءَ واٽ کي ڏنگو ڦڏو ڪرڻ جي ڪڍ لڳو ۽ ياد ڪريو اهو زمانو جڏهن توهان ٿورا هيؤ، پوءِ الله توهان کي وڌائي گهڻو ڪيو ۽ اکيون پٽي ڏسو ته دنيا ۾ فساد ڦهلائيندڙن جي پڇاڙي ڇا ٿي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ويهو رهزن بنجي زندگيءَ جي هر راهه تي جو ڊيڄاريندا رهو ٿا ماڻهن کي ۽ روڪيندا رهو الله جي راهه کان ايمان وارن کي ۽ سڌي راهه کي به ڏنگو بڻايو ٿا. ۽ ياد ڪريو اهو زمانو جڏهن توهان ٿورا هئا، پوءِ (الله) توهان کي وڌايو ۽ اکيون کولي ڏسو ته (دنيا ۾) پڄاڻي ڪيئن ٿي فسادين جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايئن نه ڪريو جو هر طرف کان رستن تي ويھي ماڻهن کي ڊيڄاريندا رهو ۽ ايمان آڻيندڙ مؤمنن کي الله تعالى جي رستي کان روڪيو ۽ ان ۾ ڏنگائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو. توهان اهو وقت به ياد ڪريو جڏهن اوهان تعداد ۾ ٿورا هئا، الله تعالى توهان کي گهڻائيءَ ۾ ڪري ڇڏيو پوءِ اوهان ڏسو ته فساد ڦھلائيندڙن جو انجام ڪيئن ٿيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كانَ طائِفَةٌ مِنكُم ءامَنوا بِالَّذى أُرسِلتُ بِهِ وَطائِفَةٌ لَم يُؤمِنوا فَاصبِروا حَتّىٰ يَحكُمَ اللَّهُ بَينَنا وَهُوَ خَيرُ الحٰكِمينَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ انھن کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نه مڃيو آھي ته (اوھان کي جڳائي ته ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن هڪ ٽولي اهڙي آهي جا توهان مان هن پيغام تي ايمان رکي ٿي جنهن جي پهچائڻ لاءِ الله تعاليٰ مونکي (رسول ڪري) موڪليو آهي ۽ هڪ ٽولي اهڙي آهي جا ان تي ايمان نه ٿي آڻي ته (ان حالت ۾) صبر ڪريو، جيستائين الله تعاليٰ اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ (يقين ڄاڻو ته) اهوئي بهترين فيصلو ڪندڙ حاڪم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان مان ڪن ماڻهن ايمان آندو منهنجي رسالت تي ۽ ڪن ماڻهن ايمان نه آندو پوءِ توهان صبر ڪريو ايستائين جو الله فيصلو فرمائي اسان جي وچ ۾، ۽ الله بهترين فيصلو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ڳالهين جو آءُ پيغام وٺي آيو آهيان جيڪڏهن اوهان مان هڪ جماعت مڃيو ۽ هڪ جماعت نه مڃيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهين ماٺ ڪري ويهي (ڏسندا) رهو ايستائين جو خدا (پاڻ) اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. ۽ هو سڀني کان وڌيڪ چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن آهي جماعت هڪڙي اوهان مان جو ايمان آندائون ان سان جو موڪليو ويس مان ان سان ۽ جماعت ٻي جو نه ايمان آندائون ته پوءِ صبر ڪيو تانجو فيصلو ڪري الله اسان ۾ ۽ اهو ڀلو آهي فيصلي ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهان مان هڪ جماعت ان تي ايمان آندو آهي جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي ۽ ٻي جماعت ايمان نه آندو ته ايتري تائين صبر ڪريو جو الله اسانجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ اهو سڀني فيصلي ڪندڙن کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر اوهان مان هڪ جماعت ان (دين) تي ايمان آندو آهي جنهن سان مون کي موڪليو ويو آهي ۽ ٻي جماعت ايمان نه آندو آهي ته پوءِ صبر ڪيو جيستائين الله اسان جي وچ ۾ فيصلو فرمائي ۽ اُهو سڀ کان بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي مَڃيو اوهان مان، ميڙ ڪِنهن، آندئين، جي اُهڃاڻ، ۽ ڪِنهن ميڙ نَه مڃيو، پوءِ سَهو، ڪَڍو، ڪو ڏينهن ڪاڻ، تان پاڻهين پنهنجو فيصلو، ڪري پرور پاڻ، ۽ سوئـِي سَرس سُڄاڻ، نِياءُ نِبريندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي اوهان مان هڪ جماعت ان موڪليل حڪم تي ايمان آندو آهي ۽ هڪ ٽوليءَ ايمان نه آندو آهي ته صبر ڪريو. جيستائين الله اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ اهوئي بهتر فيصلي ڪرڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان مان هڪڙو ٽولو انهيءَ تعليم تي جنهن ساڻ مونکي موڪليو ويو آهي، ايمان آڻي ٿو ۽ ٻيو ايمان نٿو آڻي، ته صبر ڪري ويٺا ڏسو، تانجو الله اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏي ۽ هوئي سڀني کان ڀلي ۾ ڀلو فيصلو ڪندڙ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن هڪ ٽولو توهان مان ايمان آڻي ٿو ان تعليم تي جيڪا مون آندي آهي ۽ ٻيو ٽولو ايمان نٿو آڻي ته پوءِ صبر سان ڏسندا رهو، جيستائين فيصلو ڪري الله اسان جي وچ ۾، ۽ اهو ئي آهي سٺي فيصلي ڪرڻ وارو حاڪم.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (شعيب ؑ) چيو ته مون کي جيڪا تعليم ڏئي ڪري موڪليو ويو آهي جيڪڏهن توهان مان هڪ ٽوليءَ ان تي ايمان آندو ۽ ٻي ٽوليءَ ايمان نه آندو ته پوءِ توهان سڀ صبر ڪريو، ايستائين جو الله تعالى اسان سڀني جي وچ ۾ فيصلو ڪري، اهو ئي بھترين فيصلو ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ المَلَأُ الَّذينَ استَكبَروا مِن قَومِهِ لَنُخرِجَنَّكَ يٰشُعَيبُ وَالَّذينَ ءامَنوا مَعَكَ مِن قَريَتِنا أَو لَتَعودُنَّ فى مِلَّتِنا قالَ أَوَلَو كُنّا كٰرِهينَ (آيت : 88) |
سندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟)(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت) شعيب جي قوم جي هٺيلن سردارن چيو ته، اي شعيب! اسان توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي جن توتي ايمان آندو آهي، يقيناً پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏينداسين، يا ته اوهان اسان جي (ابن ڏاڏن جي) مذهب ۾ موٽي اچو (ته پوءِ اسان اوهان کي ملڪ نيڪالي ڪونه ڏينداسين). حضرت شعيب فرمايو ته، جيڪڏهن اسان (توهان جو غلط مذهب ۽ ظالم طريقا) ڌڪاريون ٿا ته به (توهان جو مذهب ۽ طريقا) اختيار ڪريون ڇا؟ (۽ روشنائيءَ کي ڇڏي اونداهي اختيار ڪريون ڇا؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) شعيب جي قوم مان سردارن چيو جيڪي تڪبر ڪندا هئا، ته اي شعيب اسين توکي ۽ جن ماڻهن تو سان گڏ ايمان آندو آهي انهن کي ضرور پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍنداسين يا ضرور توکي پنهنجي مذهب تي موٽائينداسين، شعيب چيو ڇا جيتوڻيڪ اسان بيزار آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سندس قوم مان انهن (وڏن) ماڻهن جن کي پنهنجي (راڄ ۽ حشمت تي) گهمنڊ هو چوڻ لڳا ته، اي شعيب! اسين تو کي ۽ انهن کي جن تو تي ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ٻاهر ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهين به اسان جي مذهب ۽ ملت ۾ موٽي اچو (ته خير) شعيب چيو: اسين توڙي جو اوهان جي مذهب کان نفرت ئي ڪندا هجون؟ (تڏهين به موٽي اچون! معاذ الله)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو سردارن جن تڪبر ڪيو هو قوم ان جي مان ته البته ضرور ڪڍنداسون توکي اي شعيب! ۽ انهن کي جو ايمان آندائون گڏ توسان ڳوٺ پنهنجي مان يا ضرور موٽندؤ دين اسان جي ۾ فرمايائين ته جيتوڻيڪ هجون (ان کي) نه پسند ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس قوم مان جن سردارن وڏائي ڪئي تن چيو ته اي شعيب ! اسين توکي ۽ جن توسان گڏ ايمان آندو آهي تن کي پنهنجي ڳوٺ مان ضرور ڪڍنداسون يا ته اسان جي دين ڏي موٽي اچو. شعيب چيو ته ڇا (موٽي اچون) توڻيڪ اسين (اوهان جي دين کي) ناپسند ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سندس قوم جي سردارن مان جن وڏائي ڪئي چيائون: ”اي شعيب! اسان توکي ۽ جن تو سان گڏ ايمان آندو آهي تن کي ضرور پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍنداسين يا ته اوهان کي اسان جي دين ڏانهن موٽڻو پوندو“. (شعيب) چيو ته: ”توڙي جو اسان (اوهان جي دين کي) ناپسند ڪندڙ هجون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَهيو سندسِ قوم مان، جن ڪيو تڪبر تڪرار، اي شعيب! پَنهنجي شهر مان، ڪنداسُون ٻَهار، توکي ۽ ڀيڙو توسان، جن آندو اِعتبار، يا موٽِي مَذهب اَسان جو، ڪريو اِختيار، چي، توڻي هُجون تَڪرار، مَٺِين ڀائـِيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم جي هٺيلن سردارن چيو ته ”شعيب! اسين توکي ۽ توسان گڏ مومنن کي، ضرور پنهنجي ڳوٺ مان تڙي ڪڍنداسون، يا ته اوهين اسان جي مذهب ۾ موٽي اچو.“چيائين ”جيتوڻيڪ اسين بيزار هجون؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم جي سردارن جن وڏائي ڪئي تن چيو، "اي شعيب! اسان توکي ۽ انهن ماڻهن کي جن توسان گڏ ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان تـڙي ڪڍنداسون، نه ته توهان کي اسان جي ملت ۾ موٽي اچڻو پوندو". شعيب جواب ڏنو، "ڇا توڻي جو اسان راضي نه هجون ته به اسان کي زوريءَ ڦيرايو ويندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو سردارن جيڪي هٺ ۾ پيل هئا سندس قوم جي ته، اسان توکي ڪڍنداسون اي شعيب! انهن ماڻهن سان گڏ جن ايمان آندو آهي، پنهنجي ڳوٺ مان، نه ته توهان کي واپس اچڻو پوندو پنهنجي ملت ۾. شعيب چيو، ڇا زبردستي اسان کي ڦيرايو ويندو ڀلي اسان راضي نه هجون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (شعيب ؑ جي قوم جي) مغرور سردارن چيو ته اسان تو کي ۽ تو سان گڏ ايمان آڻيندڙن کي پنھنجي شھر مان ضرور ڪڍي ڇڏينداسين يا توهان کي اسان جي دين ۾ وري موٽي اچڻو پوندو. شعيب (ؑ) چيو ته چاهي اسان کي توهان جو دين پسند نه به هجي ته به اسان واپس موٽون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَدِ افتَرَينا عَلَى اللَّهِ كَذِبًا إِن عُدنا فى مِلَّتِكُم بَعدَ إِذ نَجّىٰنَا اللَّهُ مِنها وَما يَكونُ لَنا أَن نَعودَ فيها إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ رَبُّنا وَسِعَ رَبُّنا كُلَّ شَيءٍ عِلمًا عَلَى اللَّهِ تَوَكَّلنا رَبَّنَا افتَح بَينَنا وَبَينَ قَومِنا بِالحَقِّ وَأَنتَ خَيرُ الفٰتِحينَ (آيت : 89) |
جيڪڏھن اسين اوھان جي پر ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو الله اسان کي کانئس ڇڏايو موٽي اچون ته بيشڪ الله تي ڪُوڙ چيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نه جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شيئن کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت شعيب وڌيڪ فرمايو ته) جيڪڏهن اسان توهان جي دين ۾ موٽي اچون ته پوءِ اهو موٽي اچڻ ٿيو الله تعاليٰ تي ڪوڙ ۽ بهتان مڙهڻ. (ڇو ته حقيقتاً اهو غلطين ۽ گناه جا ڪم الله تعاليٰ ڪونه سيکاريا آهن ۽ اسان ڪيئن غلط دين ۾ موٽي سگهون ٿا). جڏهن ته اسان کي الله تعاليٰ ان مان ڇڏايو آهي ۽ اسان جي لاءِ هي هرگز مناسب ناهي ته اسان ان (غلط دين) ۾ وري اچي داخل ٿيون، سواءِ هن جي جو (توهان جو دين سچو هجي ۽) اسان جو پروردگار پاڻ ائين چاهي. اسان جي پروردگار جو علم هر شيء تي پهچي ٿو (يعني الله تعاليٰ کي سڀ ڪجهه معلوم آهي). اسان ته الله تي توڪل رکي آهي (توهان ظالمن کان هرگز ڊڄڻ وارا ناهيون) اسان جي صدا ته هيءَ آهي ته) اي اسان جا پروردگار! اسان (مومنن) جي ۽ اسان جي (منڪر) قوم جي وچ ۾ حق ۽ صداقت سان فيصلو ڪرڻ فرماءِ ۽ تون ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق توهان الله تي ڪوڙ مڙهيو آهي جيڪڏهن اسين توهان جي مذهب تي موٽياسين اُن کان پوءِ جو الله اسان کي اُن کان نجات ڏني (ته اسين به ڪوڙ مڙهيندڙ ٿينداسون) ۽ اسان کي مناسب ناهي جو انهي مذهب ۾ داخل ٿيون مگر جيڪو اسان جو رب چاهي، اسان جي رب جو علم هر شيءِ کي گھيرو ڪندڙ آهي، الله تعالى تي اسان توڪل ڪئي آهي اي اسان جا رب، اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون بهترين فيصلو ڪندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن خدا توهان جي باطل دين کان اسان کي نجات ڏني تنهن کان پوءِ به هاڻي جيڪڏهن اسين اوهان جي مذهب ۾ موٽي اچون ته پوءِ اسان خدا تي ڪوڙو بهتان ٻڌو (نه!) پڻ اسان لاءِ ته ڪنهن طرح جائز نه آهي جو اسين اوهان جي مذهب ڏي موٽي اچون. پر جيڪڏهن منهنجو پروردگار الله گهري (۽ اهو ڪڏهين به نه گهرندو) اسان جو پروردگار ته پنهنجي علم سان سموري (عالم جي) شين تي حاوي آهي. اسان ته خدا تي ئي ڀروسو ڪيو، اي اسان جا پروردگار تون ئي اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ پورو پورو فيصلو ڪر ۽ تون ته سڀني کان وڌيڪ سٺو فيصلو ڪرڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق بهتان هيونسون الله تي ڪوڙو جيڪڏهن موٽي آياسون دين اوهان جي ۾ پڄاڻان ان جي جو ڇڏايو اسان کي الله ان کان ۽ نه ٿو هجي (ڪو وجهه) اسان لاءِ جو موٽي اچون ان ۾ مگر هي جو گهري الله (جيڪو) پالڻهار اسان جو آهي.هيري ۾ ورتو رب اسان جي هر شيءِ کي علم سان الله تي توڪل ڪئي اسان، اي رب اسان جا! فيصلو ڪر اسان ۾ ۽ قوم اسان جيءَ ۾ حق سان ۽ تون ئي (ٻين) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان الله تي ڪوڙ گهڙيو جيڪڏهن اوهان جي دين ۾ موٽياسون هن کان پوءِ به جو الله اسان کي ان کان بچايو. ۽ اسان کي مناسب نه آهي جو ان ۾ موٽي اچون پر جي اسان جو پاليندڙ الله گهري (ته ٻي ڳالهه آهي). اسان جي پاليندڙ (الله) جي علم ۾ سڀ ڪا شيءِ سمائي آهي. الله تي ئي اسان ڀروسو ڪيو آهي. اي اسان جا پاليندڙ ! اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر. ۽ تون سڀني فيصلي ڪندڙ کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان الله تي ڪوڙو بهتان گھڙيو جي اسان اوهان جي مذهب ۾ موٽون ان ڳالهه کان پوءِ جو الله اسان کي ان کان بچايو آهي. ۽ اسان لاءِ ممڪن نه آهي جو ان ۾ موٽون سواءِ هن جي جو الله چاهي جيڪو اسان جو پالڻهار آهي. اسان جي پالڻهار پنهنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي. اسان الله تي ڀروسو ڪيو. اي اسان جا پالڻهار! تون اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق وارو فيصلو ڪر ۽ تون ئي سڀ کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ، پرور پاڪ تي، ڪياسون ڪُوڙ فَتُور، جي اسين، اوهان جي دين ۾، موٽياسون مَجبور، جنهن بعد، ڇَڏياسون اُن ڪنان، غالب، ربَّ، غفور، ڪهڙٖي ڪارڻ اُن ۾، موٽون اي مغرور، مگر گُھري جيڪڏهن، مالڪ اَسان جو، مُور، ۽ پَرور ساڻ، پَروڙ، سَمجُھو، سَڀ ڪنهن ڳالھ کي. سَڀئـِي ڪم ڪريم کي، سوپياسُون سَوير، آگا!اسان ۽ قوم وِچ، نِياءُ سَچو نِبير، بي شڪ تون ڀَلير، نِياءَ نبيريندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اسين اوهان جي دين ۾ ان کانپوءِ (به) موٽي اچون، جو الله اسان کي ان کان ڇڏايو ته پوءِ اسان برابر الله تي ڪوڙ گهڙيو ۽ اسان کي ان ۾ موٽڻ مناسب نه آهي، مگر جيڪڏهن اسانجو رب گهري. اسان جي رب جو علم هر چيز تي ڇانيل آهي. الله تي ئي ڀرسو رکون ٿا. اي اسان جا رب! اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون ئي بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ته پوءِ الله تي ڪوڙ هڻڻ وارا ٿياسون جو توهان جي دين ۾ موٽي اچون، جڏهن جو الله اسانکي انهيءَ کان ڇوٽڪارو ڏئي چڪو آهي. اسان لاءِ ته اوڏانهن موٽڻ هاڻي ممڪن ئي ناهي سواءِ ان جي جو الله، اسان جي رب جي اها مرضي هجي. اسان جي رب جي علم ۾ ته هر شيءِ اچي وڃي ٿي. انهيءَ تي ئي اسان جو ڀروسو آهي. اي اسان جا رب! اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق مطابق فيصلو ڪري ڇڏ ۽ تون فيصلي ڪرڻ ۾ سڀني کان ڀلو آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ته اسان الله تي ڪوڙ ٺاهڻ وارا هونداسين جيڪڏهن توهان جي ملت ۾ موٽي اچون، جڏهن ته نجات ڏئي چڪو آهي الله انهيءَ مان، هاڻي ته اسان لاءِ ان طرف موٽڻ ڪنهن به طرح ممڪن نه آهي. ها، جي الله اهو پاڻ گهري اسان جو رب. حاوي آهي اسان جو رب علم جي هر شيءِ تي، اسان ئي الله تي ڀروسو ڪيو آهي. اسان جا رب! اسان ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون بهتر فيصلو ڪندڙ آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان توهان جي دين ۾ واپس موٽياسين ته اهو عمل ته الله تعالى تي ڪوڙ هڻڻ جي برابر ٿيندو. حالانڪه الله تعالى اسان کي اهڙي دين کان بچائي ورتو آهي. اسان جي لاءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته اسين ان دين ۾ واپس موٽي اچون، سواءِ ان جي جيڪڏهن اسان جو پالڻھار الله تعالى ايئن چاهي. اسان جي پالڻھار پنھنجي علم سان هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي، اسان جو ڀروسو صرف الله تعالى تي آهي (اسان جي ته هي دعا آهي ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان جو ۽ اسان جي قوم جو حق سان فيصلو ڪرڻ فرماءِ. بيشڪ تون ئي بھترين فيصلو ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ المَلَأُ الَّذينَ كَفَروا مِن قَومِهِ لَئِنِ اتَّبَعتُم شُعَيبًا إِنَّكُم إِذًا لَخٰسِرونَ (آيت : 90) |
۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽوليءَ (پنھنجي يارن کي) چيو ته جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ ته اوھين اُتي جو اُتي ڇيئي وارا ٿيندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ قوم مان جن (حضرت شعيب تي) ايمان آڻڻ کان انڪار ڪيو تن جي سردارن (قوم جي مومنن توڙي منڪرن کي) چيو ته، جيڪڏهن توهان شعيب جي پروي ڪئي ته يقيناً نقصان هيٺ ايندؤ (يعني اسان توهان کي پنهنجي ظالم ڪاررواين سان تباهه ڪري ڇڏينداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ شعيب جي قوم مان سردارن چيو جيڪي ڪافر هئا، ته جيڪڏهن توهان شعيب جا تابعدار ٿيا ته ان وقت توهان ضرور نقصان ۾ رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس قوم مان ڪي سردار ڪافر (ماڻهن کي) چوڻ لڳا ته، جيڪڏهن اوهان ماڻهن شعيب جي پيروي ڪئي ته پوءِ يقينن اوهين (وڏي) نقصان وارا ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو سردارن جن ڪفر ڪيو هو قوم ان جي مان ته البته جيڪڏهن تابعداري ڪئي اوهان شعيب جي ته يقينًا اوهان ان وقت خساري وارا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ته جيڪڏهن اوهين شعيب جي تابعداري ڪندؤ ته ان وقت اوهين نقصان وارا ٿيندؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سندس قوم جي سردارن مان جن ڪفر ڪيو (پاڻ ۾) چيائون: ”جيڪڏهن اوهان شعيب جي پيروي ڪئي ته اوهان ان وقت پڪ سان نقصان وارا ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَهيو سندسِ قوم مان، اُهي جن ڪيو اِنڪار، ته ٿيا شاھ شعيب جا، جي تهدِل تابِعدار، ته کُٽاٽُٽا خُوار، بلڪل ڀينگيا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم جي ڪافر سردارن چيو ”جيڪڏهن اوهان شعيب جي پيروري ڪئي ته اوهين انهي وقت نقصان ۾ پوندؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم جا سردار جيڪي سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري چڪا هئا، پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته، "جيڪڏهن توهان شعيب جي پيروي ڪرڻ لڳؤ ته پوءِ برباد ٿي ويندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو انهن سردارن جيڪي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪاري هئا پاڻ ۾ قوم جي ته، جي توهان پيروي ڪئي شعيبؑ جي ته يقينًا تباهه ٿي ويندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ شعيب (ؑ) جي قوم جي ڪافر سردارن (پنھنجي قوم جي ماڻهن کي) چيو ته جيڪڏهن توهان شعيب (ؑ جي ڏسيل طريقي) جي پيروي ڪئي ته برباد ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 91) |
پوءِ اُنھن کي زلزلي (جي عذاب) ورتو پوءِ پنھنجي جاين ۾ گوڏن ڀر ڪري مري ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي الله تعاليٰ جو غضب منڪرن تي آيو ۽) پوءِ هنن کي ڌرتيءَ جي زلزلي اچي پڪڙ ڪئي. جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهرن ۾ ڪريل ۽ ليٽيل حالت ۾ (دٻجي پورجي) فنا ٿي ويا (صبح جي وقت اونڌي منهن پيا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن تي زلزلو آيو پوءِ اهي پنهنجن گھرن ۾ گوڏن ڀر مئل ٿي ڪِري پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته انهن (ڪافر) ماڻهن کي زلزلي (اهڙو ته) ورتو جو اهي گهرن ۾ (اونڌي جا) اونڌا رهجي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڪڙيو انهن کي زلزلي پوءِ ٿي ويا گهرن پنهنجن ۾ اونڌا(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ کين زلزلي اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجي گهرن ۾ گوڏن ڀر ڪريا (مئا) پيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي شديد زلزلي اچي پڪڙيو پوءِ اهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَڙڪي قابو پَڪڙيا، مُؤمن ڀَر مَٿير، هُئا صبح سوير، جُھورِي سندنِ جاين ۾ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين زلزلي اچي ورتو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ ٿيو ائين جو، هڪ ڌوڏيندڙ آفت اچي کين پڪڙيو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ٿيو ائين جو هڪ دل ڏاريندڙ آفت اچي کين پڪڙيو ۽ اهي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا پيل رهجي ويا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس!) پوءِ ته کين زلزلي اچي وڪڙ ۾ ورتو ۽ هو پنھنجي گهرن ۾ اونڌي منهن مئل پيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كَأَن لَم يَغنَوا فيهَا الَّذينَ كَذَّبوا شُعَيبًا كانوا هُمُ الخٰسِرينَ (آيت : 92) |
جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڄڻڪ اُنھن (ڳوٺن) ۾ رھيا ئي نه ھوا، جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڇيئي وارا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو ته) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙيو سمجهي نه مڃيو سي (اهڙا ته فنا ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن انهن گهرن ۾ رهيائي ڪونه هئا (جن ۾ دنيائي نعمتون ماڻيون هئائون ۽ ڏسو ته اهي منڪر مومنن کي ڪوبه نقصان پهچائي ڪونه سگهيا اٽلندو) اهي ئي تباهه ٿي ويا جن حضرت شعيب کي ڪوڙو سمجهي مٿس ايمان نه آندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن ماڻهن ڪوڙو سمجھو شعيب کي، ايئن برباد ٿيا گوياڪ اُهي انهي شهر ۾ آباد ئي نه هئا، جن ماڻهن شعيب (پيغمبر) کي ڪوڙو سمجھو اُهي ئي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو ڪيو هو اهي (اهڙا ته ميٽجي ويا جو) ڄڻ ته سندن ڳوٺن ۾ ڪڏهن آبادي ئي ڪا نه هئي. (بيشڪ) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو سمجهو هو اهي ئي ماڻهو گهاٽي ۾ رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ڪوڙو چيو شعيب کي ڄڻ ته نه رهيا هئا انهن ۾ جن ڪوڙو چيو شعيب کي هئا اهي ئي خساري وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن شعيب کي ڪوڙو ڪيو، سي ڄڻ ته ان (زمين) ۾ رهيا ئي نه هئا. جن شعيب کي ڪوڙو ڪيو، سي ئي نقصان وارا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو چيو (اُهي ائين نابود ٿي ويا) ڄڻڪ اُهي (ڳوٺ ۾) رهيا ئي نه هيا، جن شعيب کي ڪوڙو چيو اُهي نقصان وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ حضرت شاھ شعيب کي، ڪُوڙو ڪوٺيو جن، تِن ماڙيُن ۾، تَن، ڪَر گَھڙِي خُوش نه گھاريو. جن ڪوڙو ڪوٺيو شعيب کي، ڇڏيو ڪِين ڪُسانگ، اُهي بُکيا ڏُکيا ڀَانگ، پوءِ مُنهن اُنهن کان، موڙِئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن شعيب کي ڪوڙو ڪيو، سي ڄڻ ته انهن ڳوٺن ۾ ڪڏهن آباد ئي نه ٿيا هئا. جن شعيب کي ڪوڙو ڪيو اُهي ئي نقصان ۾ پئجي ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙو سڏيو هو، اهي ائين ٿي ويا جو ڄڻ اُتي هئا ئي نه! جن شعيب کي ڪوڙو سڏيو هو تباه ئي اهي ٿيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن به ڪوڙو چيو شعيب کي، اهي ائين ختم ٿي ويا ڄڻ ته اهي اتي رهيا ئي ڪونه هئا. جن ماڻهن ڪوڙو چيو شعيبؑ کي نيٺ اهي تباهه ٿي ويا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن شعيب (ؑ) کي ڪوڙو ڪيو، اهي (ايئن پيا لڳن) ڄڻ ته انهن گهرن ۾آباد ئي نه هئا . جن ماڻهن شعيب (ؑ) کي ڪوڙو ڪيو آخرڪار اهي ئي خساري ۾ پئجي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَوَلّىٰ عَنهُم وَقالَ يٰقَومِ لَقَد أَبلَغتُكُم رِسٰلٰتِ رَبّى وَنَصَحتُ لَكُم فَكَيفَ ءاسىٰ عَلىٰ قَومٍ كٰفِرينَ (آيت : 93) |
پوءِ کائن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايا اٿم ۽ اوھانجي خيرخواھي ڪيم، تنھنڪري (ھاڻي) ڪافر قوم تي ڇالاءِ ڏک ڪريان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ حضرت شعيب انهن منڪرن کان منهن موڙي هليو ويو ۽ چيائين ته، اي منهنجي قوم! مون ته بيشڪ پنهنجي پروردگار جا موڪليل پيغام ۽ حڪم اوهان کي پهچائي ڏنا ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪري چڱيون نصيحتون ڏنم. (مون پنهنجو فرض بجا آندو) پوءِ ڇو منڪر قوم (جي برباد ٿيڻ) تي اجايو ويهي افسوس ڪيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ شعيب انهن کان پاسو ڪيو ۽ چيائين اي منهنجي قوم تحقيق مون توهان کي پنهنجي رب جا احڪام پهچايا ۽ مون توهان کي نصيحت ڪئي، پوءِ آئون ڪهڙو ڏک ڪريان اُن قوم جو جيڪي ڪافر هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن شعيب انهن ماڻهن کان پاسو ڪيو ۽ (انهن ڏي ڏسي) چيو: اي منهنجي قوم! مون ته پنهنجي پروردگار جا پيغام اوهان تائين پهچايا پڻ اوهان جو ڀلو ڪيو پوءِ (وري) هاڻي ڪافرن (جي حال) تي افسوس ڇو ڪريان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ منهن ڦيرايائين انهن کان ۽ چيائين ته اي قوم منهنجي! البته تحقيق پهچايم اوهان کي پيغام پالڻهار پنهنجي جا ۽ خيرخواهي ڪيم اوهان جي پوءِ ڪيئن افسوس ڪيان مان قوم ڪافرن جي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ شعيب انهن کان منهن موڙيو ۽ چيائين ته اي منهنجي قوم ! بيشڪ مون اوهان کي پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايا ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪيم پوءِ ڪافرقوم تي ڪيئن افسوس ڪريان؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (شعيب) انهن کان منهن موڙيو ۽ چيائين: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ مون اوهان کي پنهنجي پالڻهار جا پيغام پهچايا ۽ مون اوهان جي خيرخواهي ڪئي، پوءِ آءٌ ڪافر قوم (جي تباهي) تي افسوس ڪيئن ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، عزيز اوهان کي، پُهڇايمِ پيغام، ۽ سَمجھايمِ، سانيمِ جا، توهان کي تمام، پوءِ مُنڪرن تي مُدام، ڪِنهن پَر ڪريان، اَرمان ڪو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کانئن پاسو ڪيائين ۽ چيائين ”منهنجي قوم! مون اوهان کي پنهنجي رب جو پيغام پهچايو هو ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪئي هئي، ته پوءِ آءٌ ڪافرن تي ڇو غم ڪريان!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ شعيب ائين چوندو اتان هليو ويو ته، "اي منهنجي قوم وارؤ! مون پنهنجي رب جا پيغام توهان کي پهچائي ڇڏيا ۽ توهان جي خيرخواهيءَ جو حق ادا ڪيو، پوءِ آءٌ هاڻي ڪيئن ٿو اهڙيءَ قوم تي افسوس ڪيان، جيڪا حق جي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين چوندي انهن کي شعيبؑ ڳوٺ مان نڪري ويو ته اي منهنجا قومي ڀائرو! مون پنهنجي رب جا پيغام پهچايا توهان کي، ۽ خير جو حق ادا ڪيو، هاڻي ان قوم تي ڇا افسوس ڪجي جا خوود انڪاري آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ شھر مان نڪرندي شعيب (ؑسندن لاشن تي بيھي) فرمايو ته اي منھنجي قوم! مان ته پنھنجي پالڻھار جو پيغام توهان کي پھچائي چڪو هوس ۽ توهان سان وڏي خيرخواهي ڪئي هئي، سو هينئر مان ڪافر قوم تي ڇو افسوس ڪريان؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا فى قَريَةٍ مِن نَبِىٍّ إِلّا أَخَذنا أَهلَها بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَضَّرَّعونَ (آيت : 94) |
۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ پيغمبرن مان ڪوبه نه موڪليوسون پر اُتي جي رھاڪن کي (پيغمبرن جي نافرماني سبب) سختي ۽ مصيبت ۾ پڪڙيندا رھياسون ته مانَ اُھي عاجزي ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جتي به ۽ جڏهن به ڪنهن بستيءَ ۾ نبي موڪليو تڏهن اتي جي رهندڙن کي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ مبتلا ڪيوسين، انهيءَ لاءِ ته هو نماڻائي سکن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو نبي نه موڪليو مگر اتي جي رهندڙن کي (جن ايمان نه آندو) مسڪيني ۽ بيماري ۾ مبتلا ڪيوسين ته من اهي عاجز ٿي (ايمان آڻن)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ڪنهين ڳوٺ ۾ ڪو به نبي نه موڪليو پر اتاهون جي رهڻ وارن کي (چوڻ نه مڃڻ جي ڪري) بلا ۽ مصيبت ۾ مبتلا ڪيو ته جيئن اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾) عاجزيءَ سان ٻاڏائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليوسون ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو نبي مگر پڪڙيوسون اهل ان جي کي سختيءَ ۽ تڪليف سان تانته اهي عاجزي ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪوبه نبي اسان نه موڪليو پر اتي جي رهاڪن کي (نه مڃڻ واري حالت ۾ ) سختيءَ ۽ تڪليف سان پڪڙيوسون ته مَنَ اهي زاري ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪنهن بستي ۾ ڪو نبيءُ نه موڪليو مگر (اول) ان جي رهواسين کي اسان سختي ۽ تڪليف سان پڪڙيو ته من اُهي زاري ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه مُڪوسون ڪِنهن شهر ۾، مُرسل ڪو مُور، وَرتوسون سندسِ واسين کي، مَنجھ سوڙه، سخِتي سُور، تان ضَرر مَنجھ ضرور، آزيون ڪن الله کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جنهن به شهر ۾ نبي موڪليو آهي، ان جي رهاڪن کي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ وڌوسين ته من هو عاجزي ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي جو اسان ڪنهن ڳوٺ ۾ نبي موڪليو هجي ۽ اتان جي رهاڪن کي اڳواٽ تنگيءَ ۽ سختيءَ ۾ نه وڌو هجي ته مـَـنَ ائين نوڙت ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪڏهن ائين نه ٿيو جو اسان موڪليو هجي ڪنهن وستيءَ ۾ نبيءَ کي، ۽ ان وستيءَ جي ماڻهن کي پهرين تنگي ۽ سختيءَ ۾ مبتلا نه ڪيو هجي، ته مَن اهي عاجزي اختيار ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن به اسان ڪنھن شھر ۾ نبي موڪليندا آهيون ته پھريائين ان قوم کي (نبيءَ جي انڪار سبب) سختي ۽ تڪليف سان پڪڙ ڪندا آهيون ته جيئن هو نوڙت ۽ انڪساريءَ وارو رستو وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ بَدَّلنا مَكانَ السَّيِّئَةِ الحَسَنَةَ حَتّىٰ عَفَوا وَقالوا قَد مَسَّ ءاباءَنَا الضَّرّاءُ وَالسَّرّاءُ فَأَخَذنٰهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 95) |
وري (ايستائين) ڏک جي بجاءِ سُک مٽائي ڏنوسون جيستائين آسودا ٿيا ۽ چيائون ته بيشڪ اسان جن ابن ڏاڏن کي (ايئن) ڏک سُک پھتو ھو پوءِ اوچتو ئي اُنھن کي سندن بيخبريءَ جي حالت ۾ پڪڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ وري اسان ان تڪليف ۽ تنگيءَ جي جاءِ تي راحت ۽ آسودگي آندي ايتري قدر جو هنن خوب ترقي ڪئي ۽ وڌيا. پر پوءِ چوڻ لڳا ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به ساڳيءَ طرح (پهريائين) سختي ۽ (پوءِ) راحت ۽ آسودگي پيش آئي هئي. (يعني هنن خدا جي قانون کي وساري اها ڳالهه رواجي سمجهي پر حقيقتاً هي قانون اڻ ٽر آهي ته نيڪ ۽ صالح قوم ترقي ڪري ٿي ۽ وري جڏهن گناهن ۾ غلطان ٿئي ٿي تڏهن مٿس زوال اچي ٿو. هو خدا جي حڪمن کان غافل ٿيا تنهن ڪري) اسان اوچتو کين پڪڙ ڪئي (۽ مٿن عذاب نازل ڪيو) جڏهن هو بلڪل بي خبر هئا ۽ هنن کي اها ڳالهه سمجهه ۽ خيال ۾ ئي نه آئي (ته سندن اخلاقي حالت بگڙندي رهي آهي ۽ مٿن عذاب اچڻ وارو آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بدحالي جي جاءِ تي خوشحالي ڪئي سين، ايستائين جو ترقي ورتائون ۽ چيائون تحقيق اسان جي وڏن کي به ڏک سُک پهتا هئا، پوءِ اسان انهن کي سندن غفلت ۾ اوچتو پڪڙي ورتو ۽ اِهي نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان تڪليف جي جڳھ، آرام کي بدلايو ايستائين جو اهي ماڻهو وڌي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اهڙي طرح تڪليف ۽ آرام ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به پهتو هو. تڏهن اسان کين (ان وڏائي جي سزا ۾) اوچتو (عذاب ۾) پڪڙيو جڏهن اهي صفا بي خبر هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ مٽايوسون بجاءِ برائيءَ جي نيڪيءَ کي تانجو زيادھ ٿيا ۽ چيائون ته تحقيق پهتي پيئرن اسان جن کي تڪليف ۽ خوشي پوءِ پڪڙيوسون انهن کي اوچتو ۽ اهي نه ٿا سمجھن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري کين ڏک جي بدلي سک ڏنوسون ايتري تائين جو اهي گهڻا ٿيا ۽ چيائون ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (به) ڏُک ۽ سُک پهچندو رهيو آهي پوءِ اسان کين اوچتو پڪڙيو ۽ انهن کي خبر به نه پئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري اسان (انهن جي) بدحالي کي مَٽائي ان جي جاءِ تي خوشحالي ڏني تانجو اهي گھڻا ٿيا ۽ چيائون: ”اسان جي ابن ڏاڏن کي به اهڙي طرح رنج ۽ راحت پهچندي رهي آهي“ (ڇا جو عذاب؟ اها ته زماني جي گردش آهي!) پوءِ اسان اچانڪ انهن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي خبر به نه هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏِناسون سُک، ڏُ کن بجاءِ، تان ٿِيا مَزي ۾ مُور، چي، پُهتاپِيَنِ اسان جي، اِن صُورت سَختيون، سُور، پوءِپِيَنِ ڪانه پَروڙ، تان وَرتون سون اُنهن کي، اوچتو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان مصيبت کي راحت سان بدليو، تان جو هو (سک ۾) وڌي ويا ته چوڻ لڳا ”(ائين) رنج ۽ راحت ته اسان جي وڏن کي به پئي پهتي!“ پوءِ کين اوچتو بي خبر هجڻ ۾ پڪڙ ڪئي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري اسان سندن خراب حالت کي سٺي حالت ۾ بدلائي ڇڏيو، ايستائين جو هو وڌئون وڌ ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جي وڏن تي به ڏکن ۽ سکن جا لاها چاڙها ايندا رهيا آهن. نيٺ اسان کين اوچتو پڪڙيو جو ڪا کــُـڙڪ ئي نه پـَـيــَـن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري اسان بدلايو انهن جي بدحالي کي خوشحالي ۾، ايتري تائين جو هو وڌيا ويجهيا ۽ چوڻ لڳا، ته اسان جي وڏن تي به چڱا ۽ مٺا ڏينهن ايندا رهيا آهن، پوءِ اسان پڪڙيو انهن کي اوچتو ئي ۽ انهن کي پتو ئي نه پيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انڪساري نه ڪرڻ سبب) پوءِ اسان کين تڪليف مان ڪڍي سک ۾ آڻيندا آهيون، ايستائين جو هو دنيا جي زندگيءَ ۾ گهڻو اڳتي وڌي ويندا آهن. (پوين ڏکن ۽ تڪليفن کي ياد ڪندي) چوندا آهن ته اهي ڏک ۽ تڪليفون ته اسان جي ابن ڏاڏن تي به اينديون رهيون آهن، (اهو ڪو ايمان جو مسئلو نه آهي) پوءِ اسان انهن جي اچانڪ پڪڙ ڪئي، جو کين خبر ئي نه پئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنَّ أَهلَ القُرىٰ ءامَنوا وَاتَّقَوا لَفَتَحنا عَلَيهِم بَرَكٰتٍ مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ وَلٰكِن كَذَّبوا فَأَخَذنٰهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 96) |
۽ جيڪڏھن اُنھن ڳوٺن وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا ته مٿن آسمانن ۽ زمين کان برڪتون ضرور کوليون ھا پر ڪوڙ ڀانيائون تنھنڪري انھن جيڪي ڪيو تنھن سببان کين پڪڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن شهرن ۾ رهندڙ (خدائي قانون ۾) ايمان رکن ها ۽ خدا (جي حڪمن جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄن ها ته اسان هنن لاءِ زمين ۽ آسمان جون سڀ برڪتون کولي ڇڏيون ها پر هنن (خدائي حڪمن کي) ڪوڙيو ٺهرايو، تنهن ڪري اسان هنن کي سندن بدعملن جي سزا ڏيڻ لاءِ پڪڙ ڪئي (۽ مٿن عذاب نازل ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي ڳوٺ وارا ايمان آڻن ها ۽ خوفِ خدا ڪن ها ته البته اسان انهن جي مٿان آسمان ۽ زمين مان برڪتون نازل ڪيون ها پر انهن رسولن کي ڪوڙو سمجھو پوءِ سندن بداعمالي سببان اسان انهن تي عذاب ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن انهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار بڻجن ها ته اسين مٿن آسمان ۽ زمين جي برڪتن (جا دروازا) کولي ڇڏيون ها، پر (افسوس جو) هنن ماڻهن (اسان جي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪرتوتن ڪري کين (غذاب ۾) گرفتار ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق ڳوٺن وارا ايمان آڻين ها ۽ تقوى اختيار ڪن ها ته البته کوليون ها مٿان انهن جي برڪتون آسمان ۽ زمين مان ۽ پر ڪوڙو چيائون پوء پڪڙيون سون انهن کي سببان ان جي جو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن ڳوٺن جا رهاڪو ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسين مٿن آسمان ۽ زمين مان برڪتون کولي ڇڏيون ها پر انهن ڪوڙو ڪيو، پوءِ جيڪي ڪم ڪندا هئا تن جي ڪري کين پڪڙيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ ڊڄن ها ته اسان انهن تي آسمان ۽ زمين جون برڪتون کوليون ها ۽ پر انهن (نبين کي) ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي پڪڙيو انهن عملن سبب جيڪي اهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُوند ڳوٺاڻن حق مڃيو، ۽ تقوىٰ ڪيؤن تڪرار، ته اُڀ، ڀُون مان کوليوسون، اُنهن تي، برڪَتون بِسيار، پر ڪوٺيائون ڪُوڙ ڪري، پوءِ ورتوسونِ اُن وار، جي ڪيائون ڪم ڪار، بَدلي ۾، تن بَدين جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪڏهن اهي ڳوٺن وارا آيمان آڻين ها ۽ نيڪ ٿين ها ته اسين آسمان ۽ زمين جي برڪتن کي مٿن کوليون ها، پر هنن ايمان نه آندو، پوءِ اسان (به) سندن ڪمن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن ڳوٺن وارا ايمان آڻن ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان مٿن آسمان ۽ زمين مان برڪتن جا دروازا کولي ڇڏيون ها، مگر انهن ته ڪوڙُ ڀانيو ــ تنهنڪري اسان به سندن بري ڪمائيءَ سبب جيڪا پيا ڪندا هئا، کين پڪڙيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي انهن وستين وارا ماڻهو ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها، ته اسان مٿن برڪتن جا در کوليون ها آسمان ۽ زمين جي، پر هنن ڪوڙو ڀانيو، پوءِ اسان کين جهلي ورتو سندن برائي جي حساب ۾ جيڪا انهن گڏ ڪئي هئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن شھر وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگاري اختيار ڪن ها ته اسان انهن جي مٿان آسمان ۽ زمين مان برڪتون نازل ڪيون ها پر انهن ڪوڙو ڪيو پوءِ سندن ئي برن عملن جي ڪري اسان کين پڪڙيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا بَيٰتًا وَهُم نائِمونَ (آيت : 97) |
ڳوٺن وارا جنھن حال ۾ سمھيل ھجن تنھن مھل راتوواہ پاڻ تي اسانجي عذاب پھچڻ کان ڇو بي پرواہ ٿيا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شهرن جا ماڻهو (پنهنجي غفلت ۾) پاڻ کي هن خطري کان سلامت ٿا سمجهن، ڇا ته اسان جو عذاب مٿن رات جي وقت اوچتو اچي ڪڙڪي ۽ هو ننڊ ۾ پيا هجن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو نٿا ڊڄن جو اچي انهن تي عذاب اسان جو رات جي وقت جڏهن اُهي سُتل هجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا (انهن) ڳوٺن جا رهڻ وارا هن ڳالھ کان بي خبر آهن جو، مٿن اسان جو عذاب رات و رات اچي، جڏهن جو اهي بي گوندرا ستا پيا هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ امن وارا ٿيا ڳوٺن وارا هن کان جو اچي انهن وٽ عذاب اسان جو راتئون رات ۽ اهي ننڊ ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ ڳوٺن جي رهاڪن کي هن ڳالهه جو ڊپ نه آهي ته اسان جو عذاب مٿن راتو رات پهچي ۽ اهي ستل هجن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ڳوٺن وارا ان ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهن جو انهن تي اسان جو عذاب راتو رات اچي ان حال ۾ جو اُهي ستل هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇاڳوٺانن هِن ڳالھ کان، پاتي پَڪ پَناھ؟ ته عذاب اَسان جو اوچتو، رسينِ راتو واھ، ۽ هونِ جڏهن هَمراه، سُکِي سُتل سيجن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، ڳوٺن وارا بي ڊپا آهن، جو وٽن اسان جو عذاب رات جو ننڊ ڪندي رسي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا هاڻي ڳوٺن وارا انهيءَ ڳالهه کان بي ڊپا ٿي پيا آهن ڇا ته اسان جي پڪڙ مٿن اوچتو ئي اوچتو رات جي وڳڙي ۾ جڏهن جو هو ستل هوندا، نه اچي پوندي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا وستين جا ماڻهو ستل هوندا ته رات جي وقت اسان جي اوچتي پڪڙ کان بي خوف آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا شھر وارن کي هن ڳالهه جو ڪو خوف نه آهي ته اسان جو عذاب مٿن راتو رات پھچي جڏهن هو سمهي پيا هجن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَأَمِنَ أَهلُ القُرىٰ أَن يَأتِيَهُم بَأسُنا ضُحًى وَهُم يَلعَبونَ (آيت : 98) |
يا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ۾ مشغول ھجن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شهرن جا رهندڙ هن خطري کان بي خوف ٿي ويا آهن، ڇا ته اسان جو عذاب مٿن ڏينهن جوئي اچي ڪڙڪي ۽ هو کيلن تماشن ۾ بي خبر هجن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو نٿا ڊڄن جو اچي انهن تي عذاب اسان جو ڏينهن جي وقت جڏهن اهي راند ڪندا هجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا وري انهن ڳوٺن وارا ان کان بي خبر آهن ته مٿن ڏينهن ڏٺي جو اسان جو عذاب اچي پڪڙين ۽ اهي کيڏڻ ڪڏڻ ۾ ئي پورا هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا امن وارا ٿيا ڳوٺن وارا هن ڳالھ کان جو اچي انهن وٽ عذاب اسان جو ڏينهن چڙهئي ۽ اهي پيا راند ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڇا ڳوٺن جي رهاڪن کي هن ڳالهه جو ڊپ نه آهي ته اسان جو عذاب مٿن ڏينهن چڙهي پهچي ۽ اهي راند ڪندا هجن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ڳوٺن وارا ان ڳالهه کان بي خوف ٿي ويا آهن جو انهن تي اسان جو عذاب چڙهندڙ ڏينهن ۾ پهچي ۽ اُهي راند ڪندا هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ڳوٺاڻا ٿِيا، سُکِي مَنجھ شهر؟ ته مَنجھد مهل اسان جو، ڪڙڪي مَٿنِ قهر، هُو پاڻ جِنهن پَهر، رَهن رانديون پيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڳوٺن وارا بي ڊپا آهن، جو کين ڏينهن چڙهئي کلندي ڪڏندي اسان جو عذاب رسي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري هاڻي دلجاءِ ٿي وئي اٿن ڇا ته اسان جي پڪڙ مٿن ائين ڏينهن ڏٺي جو جڏهن هو راند روند ۾ هوندا اچي نه پوندي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا کين اطمينان ٿي ويو آهي ته اسان جو مضبوط هٿ ڪڏهن اوچتو مٿن ڏينهن ڏٺي جو نه ايندو جڏهن هو کيڏندا هجن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا شھر وارن کي هن ڳالهه جو ڪو خوف نه آهي ته اسان جو عذاب مٿن ڏينھن جو اچي جڏهن هو راند روند ۾ مشغول هجن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَمِنوا مَكرَ اللَّهِ فَلا يَأمَنُ مَكرَ اللَّهِ إِلَّا القَومُ الخٰسِرونَ (آيت : 99) |
الله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ڇيئي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نه ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اهي ماڻهو الله جي مخفي تدبير (۽ قانون جي گرفت کان) بي خوف ٿي ويا آهن؟ (کين يقين ڄاڻڻ گهرجي ته) فقط اهائي قوم خدا جي مخفي تدبير (۽ قانون جي گرفت) کان پاڻ کي سلامت سمجهي ٿي ۽ بي خوف رهي ٿي جا (ان غفلت سبب) ضرور تباهه ٿيڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهي الله جي خفيه تدبير کان امن ۾ آهن؟ الله جي خفيه تدبير کان ڪافرن جي قوم امن ۾ رهي نٿي سگهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي تدبير کان ڏاڍا ٿي ويا آهن؟ پوءِ (ياد رهي ته) خدا جي داو کان فقط نقصان کڻڻ وارا ئي بي خوف ٿي ويٺا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ امن ۾ ٿيا رٿ الله جي کان پوءِ نه ٿا بي خوف رهن رٿ الله جي کان سواءِ قوم خساري وارن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ کين الله جي تدبير جو ڊپ نه آهي؟ پوءِ الله جي تدبير کان رڳو نقصان پائڻ واريءَ قوم کي (ئي) ڊپ نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ الله جي تدبير کان بي خوف ٿي ويا؟ پوءِ الله جي تدبير کان ڪوبه بي خوف نه ٿو ٿئي سواءِ خساري واري قوم جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ سُکِي ٿيا، ساڪِن شهرجا، سِٽاڪنان سُبحان؟ سِٽاڪنان سبحان جي، نه ڀانئـِن اَمن اَمان، نِسورو نُقصان، سمر کڻندڙ، ساٿ ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو الله جي ڳجهين رٿن کان بي ڊپا آهن؟ (ته ياد رکن) ته الله جي ڳجهين رٿن کان فقط اهي بي ڊپا هوندا، جن کي تباهه ٿيڻو هوندو!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي ماڻهو الله جي رٿيل رِٿ کان بي خوف ٿي ويا آهن؟ حالانڪه الله جي تدبير کان اهائي قوم بي ڊپي ٿيندي آهي، جيڪا تباهه ٿيڻ واري هوندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو الله جي رٿ کان بي خوف آهن؟ جڏهن ته الله جي رٿ کان اها قوم بي خوف رهندي آهي، جيڪا تباهه ٿيڻ واري هوندي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هو الله تعالى جي لڪيل منصوبي کان بي خوف آهن؟ الله تعالى جي لڪيل منصوبي کان ته برباد ٿيڻ واري قوم ئي بي خوف رهندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَهدِ لِلَّذينَ يَرِثونَ الأَرضَ مِن بَعدِ أَهلِها أَن لَو نَشاءُ أَصَبنٰهُم بِذُنوبِهِم وَنَطبَعُ عَلىٰ قُلوبِهِم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 100) |
جيڪي مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته جيڪڏھن گھرون ھا ته کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھئين ان کان جنھنڪري اُھي نٿا ٻُڌن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اهي ماڻهو جي اڳين حڪمران قومن (جي برباد ٿيڻ) کان پوءِ زمين جا وارث ٿيا آهن، سي هي ڳالهه نٿا سمجهن ۽ ان مان سبق ۽ هدايت نٿا وٺن ته جيڪڏهن اسان (خدا تعاليٰ) چاهيون ته کين به سندن گناهن سبب عذاب ۽ مصيبتن ۾ وجهون ۽ سندن دلين تي (اهڙي طرح) مهر ڪري ڇڏيون جو هو (حق ۽ انصاف جا لفظ) ٻڌن ئي نه (نڪي سمجهن، نڪي سعادت جي راهه اختيار ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا موجودهه ماڻهن کي اها هدايت نه پهتي ته جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن کي سندن گناهن جي عيوض عذاب پهچايون، ۽ اسان سندن دلين تي مُهرون هنيون آهن پوءِ اهي نٿا ٻُڌن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا جيڪي ماڻهو اهل زمين کان پوءِ زمين جا وارث (۽ مالڪ) ٿين ٿا انهن کي گهرون ها ته سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري کين مصيبت ۾ ڦاسايون ها (پر اهي ماڻهو ته اهڙا نادان آهن ڄڻ ته) سندن دلين تي اسان پاڻ مهر ڪري ٿا ڇڏيون ته اهي ماڻهو ڪجھ ٻڌن ئي نٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه هدايت ملي انهن جي لاءِ جو وارث ٿين ٿا زمين جا پڄاڻا مالڪن ان جي هيءَ جو جيڪڏهن گھرون ها ته مصيبت پهچايون ها انهن کي سببان گناهن سندن جي ۽ مهر هڻون ها دلين سندن تي پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي زمين جا اتي جي رهاڪن (جي برباد ٿيڻ) کان پوءِ وارث ٿين ٿا تن تي ڇا هيءَ ڳالهه ظاهر نه ٿي ته جيڪڏهن اسين گهرون ته انهن تي سندن گناهن جي ڪري مصيبت آڻيون ۽ انهن جي دلين تي مهر هڻون پوءِ اهي ٻڌن به نه؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا (هن ڳالهه) انهن ماڻهن کي هدايت نه ڏني؟ جيڪي زمين جا وارث ٿيا آهن (اتان جي اصل) رهواسين (جي هلاڪت) کان پوءِ جو جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن جي گناهن سبب انهن کي (به) سزا ڏيون ۽ انهن جي دلين تي مُــهرون هڻون پوءِ اُهي ٻُڌي به نه سگهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا حاصل نه ٿِي اُن مان،هدايت تن هار؟ جي مَهندَينِ مالِڪن جا،والارين وَلهار، جي گُھرون، ته سندنِ گناهن کان، وِجھون مُصيبت مار، مُهر سندنِ مَنن تي، هِڻي ڇڏيو هيڪار، پوءِ ٻوڙا، سي ٻِيهار، ٻولِي ٻُڌن ڪانه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪي شخص انهن زمين جي رهاڪن کان پوءِ مالڪ ٿيا، تن لاءِ اها هدايت آهي، ته جي اسين گهرون، ته کين سندن گناهن ڪري مصيبت ۾ وجهون ۽ سندن دلين تي مهر ڪريون؟ جو هو ٻڌي ئي نه سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي زمين جي اڳوڻن رهاڪن کان پوءِ ان جا وارث ٿيندا آهن، انهيءَ حقيقت ڪو سبق نه سيکاريو آهي ڇا ته جي اسان چاهيون ته سندن گناهن سبب کين پڪڙي سگهون ٿا؟ (مگر هو انهن واقعن مان سبق نٿا پرائين) ۽ اسان سندن دلين تي مهر هڻي ٿا ڇڏيون، جو پوءِ هو ڪجهه ٻڌن ئي نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا اهي ماڻهو جيڪي اڳين قومن کان پوءِ وارث ٿين ٿا زمين جا، هن حقيقت کين اهو سبق نه ڏنو آهي ته جي اسان گهرون ته انهن کي پڪڙي سگهون ٿا سندن ڏوهن ۾ ؟ (پر اهي ان حقيقت کان غافل رهن ٿا) ۽ اسان سندن دلين تي مهر لڳايون ٿا، پوءِ اهي ڪجهه نٿا ٻڌن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين جا اهي رهاڪو جيڪي برباد ٿيندڙ قومن کان پوءِ زمين جا وارث ٿيا. ڇا انهن برباد ٿيندڙ ماڻهن کي ڏسي ڪا رهنمائي حاصل نه ڪئي ته جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن گناهن سبب کين پڪڙيون ها ۽ سندن دلين تي مھر هڻي ڇڏيون ها پوءِ سندن ٻڌڻ جي صلاحيت به ختم ٿي وڃي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ القُرىٰ نَقُصُّ عَلَيكَ مِن أَنبائِها وَلَقَد جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَما كانوا لِيُؤمِنوا بِما كَذَّبوا مِن قَبلُ كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِ الكٰفِرينَ (آيت : 101) |
(اي پيغمبر) اُھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون توکي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر پڌرن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪڏھن به نه مڃيندا ھئا، اھڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهي بستيون ۽ شهر آهن (جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل پيغمبرن پنهنجا فرض ادا ڪيا) جن جا احوال اسان توکي بيان ڪري ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً انهن ماڻهن ڏي انهن جا پيغمبر روشن دليلن سان آيا. پوءِ جنهن ڳالهه (هدايتن ۽ حڪمن) کي هنن ڪوڙو سمجهي نه مڃيو تنهن تي ايمان آڻڻ کان هو پوءِ به پري رهيا. (ڇو ته جيڪو ماڻهو بنا غور ۽ صداقت جي ضد ۽ مخالت ڪري ٿو سو وڌيڪ ۽ وڌيڪ انڌو ٿيندو ٿو وڃي) الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي دلين تي مهر ڪري ٿو ڇڏي. (پوءِ هو سنئين راهه تي اچي نٿا سگهن) جيڪي ضد ۽ هٺ سببان حق کان انڪار ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي (اُهي) ڳوٺ آهن جن جا قصا اسين توهان جي مٿان بيان ڪريون ٿا، ۽ تحقيق آيا انهن وٽ سندن پيغمبر معجزن سان، پوءِ جن ماڻهن اڳي ئي رسولن جو انڪار ڪيو انهن ايمان نه آندو، اهڙي طرح الله تعالى ڪافرن جي دلين تي مُهر لڳائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) اهي ٿورا ڳوٺ آهن جن جو احوال اسين تو سان ڪريون ٿا. ۽ يشڪ سندن پيغمبر انهن ڏي تمام کليل ۽ روشن معجزا وٺي ويا پر اهي ماڻهو جنهن کي پهرين ڪوڙو ڪيو ويو، تنهن تي ڀلا ڪئين ٿا ايمان آڻن! خدا ائين ڪافرن جي دلين تي علامت مقرر ڪري ڇڏي ٿو (ته اهي ايمان نه آڻيندا) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ڳوٺ بيان ڪيون ٿا توتي خبرن انهن جي مان ۽ البته تحقيق آيا انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان پوءِ نه هُئا تانته ايمان آڻن سببان ان جي جو ڪوڙو چيائون اڳ ۾ ائين ئي مهر هڻي ٿو الله مٿان دلين ڪافرن جي(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ڳوٺن جون ڪجهه خبرون توکي ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ انهن وٽ سندن رسول ثابتيون کڻي آيا. پوءِ جنهن ڳالهه کي انهن اڳي ڪوڙو ڪيو هو تنهن تي اهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙيءَ طرح الله ڪافرن جي دلين تي مهر هڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي بستيون آهن جن جون خبرون اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون ۽ بيشڪ انهن وٽ انهن جا رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا. پوءِ به جنهن ڳالهه کي انهن اڳ (هڪ ڀيرو) ڪوڙو چيو هيو تنهن تي اُهي ايمان آڻڻ وارا نه هئا. اهڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مهر هڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي ڳوٺ، ڳالهيون اُنهن جون توتي، ذِڪر ڪريون ضرور، ۽ آيا کڻِي اُنهن کي، مُرسل سندنِ مَذڪور، پوءِ مَڃِيندا نه هُئا، مَهند جِيئن، ڪوٺيون ڪُوڙ فتور، اِنپر مُهر هَنئـِي مُور، مالِڪ، مَٿي مَن مُنڪرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي ڳوٺ آهن، جن جون خبرون اسين توکي ٻڌايون ٿا. ۽ بيشڪ وٽن اسان جا رسول روشن دليل وٺي آيا- مگر جنهن ڳالهه کي هو اڳ ڪوڙو ڪري چڪا هئا، تنهن تي ايمان آڻڻ وارا نه هئا، اهڙيءَ طرح الله ڪافرن جي دلين تي مهر هڻندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي قومون جن جا قصا اسان توکي ٻڌايون پيا (تنهنجي آڏو انهن جو مثال موجود آهي) سندن پيغمبرن وٽن چٽيون نشانيون آنديون پر جنهن شيءِ کي هو اڳي هڪ ڀيرو ڪوڙو سڏي چڪا هئا، تنهن کي وري پوءِ مڃڻ وارا نه هئا. ڏس انهيءَ ريت اسان حق کي نه مڃڻ وارن جي دلين تي مهر هڻي ٿا ڇڏيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي قومون آهن جن جا قصا اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، (انهن وٽ مثال موجود آهن) ۽ انهن وٽ آيا سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي، پر جنهن شيءِ کي هو هڪ ڀيرو ڪوڙو چئي چڪا ته وري ان کي مڃڻ وارا نه هئا، ڏسو اهڙيءَ طرح حق کان انڪار ڪندڙن جي دلين تي الله مهر لڳائي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي اهي شھر هئا جن جون اسان توهان کي خبرون ٻڌايون ٿا ته بيشڪ انهن وٽ سندن رسول واضح دليل کڻي آيا هئا پر جنھن شيءِ کي هو اڳ ۾ ئي ڪوڙو ڪري چڪا هئا، تنھن تي هو ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا، اهڙي طريقي سان ئي الله تعالى ڪافرن جي دلين تي مھر هڻندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما وَجَدنا لِأَكثَرِهِم مِن عَهدٍ وَإِن وَجَدنا أَكثَرَهُم لَفٰسِقينَ (آيت : 102) |
۽ منجھائن گھڻن کي انجام پاڙيندڙ نه ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان گهڻن ماڻهن کي اسان عهد اقرار تي قائم نه ڏٺو، (يعني جيڪي عهد اقرار الله سان ۽ سندن رسولن سان ڪيا هئائون تن تي عمل نه ڪيائون) بلڪه اسان گهڻن کي نافرمان ۽ باغي ڏٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن مان گھڻن کي پهرين وعدي تي پابند نه ڏٺوسين، ۽ بيشڪ انهن مان گھڻا بدڪار ڏٺاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ته انهن مان گهڻن جو عهد پورو نه لڌو. پر انهن ماڻهن مان گهڻن کي اسان بدڪار ئي پاتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه لڌو سون واسطي گھڻن انهن جي (پڪو) واعدو ۽ بيشڪ لڌوسون گھڻن انهن جي کي البته فاسق .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان گهڻن ۾ اسان وعدي جي وفائي نه ڏٺي. ۽ بيشڪ انهن مان گهڻن کي اسان نافرمان لڌو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن مان گهڻن ۾ معاهدي جي وفائي نه لڌي ۽ بيشڪ انهن مان گهڻن کي اسان نافرمان لڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ڏِٺاسون گھڻن جا، اُنهن مان، قول قرار، گھڻا گنهگار، اُٽلو ڏِٺاسون اُنهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان گهڻن کي پنهنجي انجام تي پختو نه ڏٺوسون ۽ گهڻن کي نافرمان ئي ڏٺوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن مان گهڻن ۾ وعدي پاڙڻ جي ڪا ڳالهه نه ڏٺي، اُٽلو گهڻن کي فاسق ئي ڏٺوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان نه ڏٺي وعده وفائي انهن مان اڪثر جي اندر ۾، پر انهن مان گهڻن کي فاسق ئي ڏٺوسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (شھري ماڻهن) مان گهڻن ماڻهن ۾ اسان وعدي وفائي نه ڏٺي، بلڪ انهن مان گهڻن ماڻهن کي اسان نافرمان ئي ڏٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ بَعَثنا مِن بَعدِهِم موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَظَلَموا بِها فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُفسِدينَ (آيت : 103) |
وري کائن پوءِ مُوسىٰ کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سان پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ اُنھن (نه مڃڻ سببان) آيتن تي ظلم ڪيو، (اي پيغمبر) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن پيغمبرن کان) پوءِ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين (معجزن) سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو. پر هنن انهن نشانين بابت ظلم ڪيو، (انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو) پوءِ (اي پيغمبر!) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان (حضرت) موسيٰ کي موڪليو معجزن سان فرعون ۽ سندس قوم ڏانهن پوءِ معجزن جو انڪار ڪيائون، پوءِ توهان ڏسو ته ڪهڙي طرح آهي پڇاڙي فسادين جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان (انهن ذڪر ڪيل پيغمرن کان) بعد موسى کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏي معجز عطا ڪري (رسول بڻائي) موڪليو ته انهن ماڻهن انهن معجزن سان (تمام وڏيون) شرارتون ڪيون. پوءِ ڏسو ته نيٺ انهن فسادين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ موڪليو سون پڄاڻان انهن جي موسى نشانين پنهنجين سان طرف فرعون ۽ ساٿين ان جي پوءِ ظلم ڪيائون ان سان پوءِ ڏس ته ڪئين هئي پڇاڙي فساد ڪندڙن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري انهن کان پوءِ موسيٰ کي پنهنجيون نشانيون ڏيئي فرعون ۽ ان جي سردارن ڏي موڪليوسون. پوءِ انهن (نشانين) جو انهن قدر نه ڪيو، پوءِ ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کان پوءِ موسى کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردار جماعت ڏانهن موڪليو پوءِ انهن به ان (نشانين) سان ظلم ڪيو. پوءِ ڏس ته فسادين جو انجام ڇا ٿيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي موسىٰ، تن پُٺيان موڪليون سون مور، فِرعون ۽ سندس فريق ڏي، مُعجزن سان مشهور، پوءِ هَلت هَليا اُن سان، بي واجبِي وَهلور، پوءِ، پَس پَڇاڙِي پُور، ڪِين آهي، اُجاڙيندڙن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ کان پوءِ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو، مگر انهن بي انصافي ڪئي، پوءِ ڏس ته، فسادين جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن قومن کان بعد اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ساڻ فرعون ۽ سندس قوم جي سردارن ڏانهن موڪليو، پر انهن به اسان جي نشانين سان ظلم ڪيو، پوءِ ڏس ته انهن فسادين جي پڇاڙي ڇا ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري انهن قومن مان (جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو) اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس قوم جي سردارن ڏي موڪليو، پر انهن ظلم ڪيو اسان جي نشانين سان، پوءِ ڏسو ڇا ٿيو انهن فسادين جي پڄاڻي تي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري اسان انهن قومن کان پوءِ موسى (ؑ) کي پنھنجي نشانين سان گڏ فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانھن موڪليو، پر انهن به اسان جي نشانين سان ظلم ڪيو (۽ نه مڃيائون پوءِ اي پيغمبر!) ڏس ته انهن فساد پکيڙيندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ موسىٰ يٰفِرعَونُ إِنّى رَسولٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 104) |
۽ موسىٰ (فرعون کي) چيو ته اي فرعون آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته، اي فرعون مان بيشڪ سڄي جهان جي پروردگار جي طرف کان پيغمبر ٿي آيو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ موسيٰ چيو اي فرعون، بيشڪ آئون رب العالمين جي طرفان رسول آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى (فرعون کي) چيو، اي فرعون! آءُ بيشڪ جهانن جي پالڻهار جو رسول آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو موسى اي فرعون! بيشڪ مان رسول آهيان طرفان رب جهانن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ چيو ته اي فرعون ! بيشڪ آءُ جهانن جي پاليندڙ جي طرفان موڪليل آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى چيو ته: ”اي فرعون! بيشڪ آءٌ جهانن جي پالڻهار پاران رسول آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فرمائيون فِرعون کي، مُوسىٰ مِهربان، آئون ريـٻارو رحمان، جو پالڻهار پرٿيڻين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موسيٰ چيو ته ”اي فرعون! آءٌ جهانن جي رب جو رسول آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيو: "اي فرعون! مان ڪائنات جي مالڪ طرفان رسول ٿي آيو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو موسيٰ، ”اي فرعون! بيشڪ آئون رسول ٿي آيو آهيان ڪائنات جي مالڪ طرفان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) فرمايو ته اي فرعون! بيشڪ مان سڀني جھانن جي پالڻھار جي طرف کان رسول ٿي آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَقيقٌ عَلىٰ أَن لا أَقولَ عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ قَد جِئتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِن رَبِّكُم فَأَرسِل مَعِىَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 105) |
ھن (ڳالھ) تي قائم آھيان ته الله تي سچ کانسواءِ ڪي ڪين چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ جي) موڪل ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منهنجي لاءِ مناسب ۽ زيب ائين آهي ته الله تعاليٰ بابت (۽ سندس پاران) اهڙي ڳالهه نه چوان جا حق نه هجي. مان سچ پچ توهان جي رب جي طرف کان روشن دليل کڻي اوهان ڏي آيو آهيان. پوءِ (منهنجي ڳالهه مڃيو ۽) بني اسرائيلن کي مون سان وڃڻ ڏيو (ته مان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اڳوڻي وطن ڪنعان ڏي وٺي وڃان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مون کي ضروري آهي ته آئون الله تعالى لاءِ سچي ڳالهه چوان، تحقيق آئون توهان وٽ توهان جي رب کان نشانيون کڻي آيو آهيان پوءِ تون مون سان گڏ بني اسرائيل کي ڇڏ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون تي واجب آهي ته حق سچ کانسواءِ (هڪ حرف به ڪوڙ) نه چوان. آءُ اوهان جي پالڻهار جي طرفان کليل ۽ روشن معجزا وٺي آيو آهيان. ته بني اسرائيلن کي مون سان گڏ ڇڏي ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ثابت آهيان هن ڳالھ تي جو نه چوان الله تي سواءِ سچ جي تحقيق آيس اوهان وٽ روشن دليل سان طرفان رب اوهان جي پوءِ موڪل گڏ مون سان بني اسرائيل کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون کي لائق آهي ته الله تي سچ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه چوان. بيشڪ مون اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي آندي آهي. پوءِ بني اسرائيلن کي مون سان گڏ وڃڻ ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مون لاءِ اهو ئي شايان شان آهي جو الله جي باري ۾ حق ڳالهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چوان. بيشڪ آءٌ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان چِٽي نشاني سان آيو آهيان. سو تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ وڃڻ ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون اُنهي جو حَقدار، ته حق ري، نه چوان حق پاڪ تي، آندمِ اَهنجي ربَّ ڪنان، نِشانِي نِروار، پوءِ مون ڀيڙو برقرار، ڇَڏ اِسرائيل جي اولاد کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون تي واجب آهي ته ”آءٌ خدا جي طرفان سچ کانسواءِ ڪجهه به نه چوان، آءٌ برابر اوهان جي رب کان اوهان وٽ نشانيون وٺي آيو آهيان، ان ڪري يهودين کي مون سان هلڻ ڏي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مون تي اهو لازم ڪيل آهي ته الله جو نالو وٺي سواءِ حق جي ٻي ڪابه ڳالهه نه چوان، مان توهان وٽ توهان جي رب وٽان پڌرو ثبوت کڻي آيو آهيان، تنهنڪري تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ هلڻ جي موڪل ڏي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجو منصب هي آهي ته جيڪا به ڳالهه ڪريان الله جو نالو وٺي حق کان سواءِ نه چوان، آئون توهان ڏي پڌرا دليل کڻي رب طرفان توهان ڏي آيو آهيان، ان ڪري تون بني اسرائيل کي مون سان وڃڻ ڏي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون تي لازم آهي ته مان الله تعالى جي باري ۾ (تو کي) بلڪل سچ ڳالهه چوان ۽ مان توهان وٽ توهان جي پالڻھار جي طرف کان واضح دليل آندو آهي پوءِ تون بني اسرائيل کي مون سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِن كُنتَ جِئتَ بِـٔايَةٍ فَأتِ بِها إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 106) |
(فرعون) چيو ته جيڪڏھن ڪو معجزو آندو اٿئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته اُھو آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون ورندي ڏني ته، جيڪڏهن ڪا نشاني کڻي آيو آهين ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ دعويٰ ۾ سچو آهين ته اها نشاني پيش ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو اي موسيٰ جيڪڏهن تو ڪو معجزو آندو آهي ته اهو ڏيکار جيڪڏهن تون سچو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (فرعون) چوڻ لڳو، جيڪڏهن تون سچو آهين ۽ واقعي معجزا آندا اٿئي ته اهي ڏيکار!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين (فرعون) جيڪڏهن آيو آهين تون نشانيءَ سان پوءِ آڻ ان کي جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته جيڪڏهن تو ڪا نشاني آندي آهي ته ان کي آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو ته: ”جيڪڏهن تو ڪا نشاني آندي آهي ته پيش ڪر اگر تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آندِئي، جي اُهڃاڻ ڪو، ته آڻ اُهو اُهڃاڻ، جي تون پيغمبر پاڻ، صَفا سَچن مان آهِيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جي تون سچو آهين، ته جيڪا نشاني آندي اٿئي، سان آڻ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيو: "جيڪڏهن تون ڪا نشاني آندي آهي ۽ پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين ته اها پيش ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، جيڪڏهن تو ڪا آندي آهي نشاني ته اها پيش ڪر جيڪڏهن تون پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته جيڪڏهن تون پنھنجي دعوى ۾ سچو آهين ته (رسول هجڻ جي) ڪا نشاني پيش ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 107) |
پوءِ پنھنجي لٺ اُڇليائين ته اُڇلڻ سان ئي اُھو پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پيئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ پٽ تي اڇلائي ته ڇا ٿيو جو اها لٺ هڪ چٽي چٽي ازدها (يعني وڏو نانگ) ٿي پيئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت) موسيٰ پنهنجي لٺ کي اڇلايو پوءِ فوراً اها لٺ تمام وڏو نانگ ظاهر ٿي پئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ٻڌندي ئي موسى) پنهنجي عصا (زمين تي) اڇلي ته پوءِ اها (بلڪل) ظاهر بظاهر ازدها بڻجي پئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلايائين لٺ پنهنجيءَ کي ته پوءِ ان وقت ئي اها اروڙ نانگ چٽو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ کي اڇلايو ته اها اتي جو اتي پڌرو نانگ ٿي پيئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (موسيٰ) پنهنجي لٺ اڇلائي ته پوءِ اُها ان ئي مهل پڌرو نانگ ٿي پئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، اُڇلئـِين سندسِ عصا کي، ته اِجھو نانگ اَرڙ نِروار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هن پنهنجي لٺ کي اڇلائي وڌو، ته اوچتو اها پڌرو نانگ ٿي پيئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها هڪدم جيئرو جاڳندو واسينگ نانگ بڻجي پئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰؑ پنهنجي لٺ اڇلي ته اها اوچتو ئي جيئرو واسينگ نانگ ٿي پئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موسى (ؑ) پنھنجي لٺ اڇلائي ته اها اتي جو اتي سچ پچ ۾ نانگ ٿي پئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 108) |
۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيائين ته اُھو ڪڍڻ سان ئي ڏسندڙن لاءِ روشن ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (بغل مان جو) هٿ ڪڍيائين ته (سبحان الله) هو ڏسندڙن لاءِ سفيد ۽ نوراني هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنهنجي هٿ کي ٻاهر ڪڍيائين پوءِ فوراً اهو (هٿ) جھَرڪندڙ ٿيو ڏسندڙن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته ڏسن ته هر شخص جي نظر ۾ چمڪي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍيائين هٿ پنهنجو پوءِ ان وقت ئي اهو اڇو (سفيد) آهي ڏسندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اهو ڪڍڻ سان ئي ڏسندڙن جي اڳيان روشن ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجو هٿ ڪڍيائين ته اُهو ان ئي مهل ڏسڻ وارن لاءِ چمڪدار ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَڍيائين هٿ ٻَهار، ته ناظرن لئي، نُور سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هٿ ڪڍيائين، ته اوچتو اُهو ڏسندڙن لاءِ اڇو چمڪندڙ ٿي پيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري پنهنجو (بغل مان) هٿ ڪڍيائين ته اهو سڀني ڏسڻ وارن آڏو چمڪي رهيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن ڪڍيو پنهنجو هٿ بغل مان، ته اهو چمڪي رهيو هو ڏسندڙن اڳيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ وري پنھنجو هٿ بغل مان ڪڍيائين ته ڏسندڙن جي آڏو اهو چمڪدار ٿي پيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 109) |
فرعون جي قوم مان سردار ماڻھو چوڻ لڳا ته ھيءُ پڪو داناءُ جادوگر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجا ٻه معجزا ڏيکاريا تڏهن) فرعون جي قوم جا سردار (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته، بيشڪ هو وڏي علم وارو (هوشيار) جادوگر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون جي قوم مان سردارن چيو بيشڪ هي موسيٰ ماهر جادوگر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن فرعوني قوم جي ڪن سردارن چيو، هي ته بيشڪ وڏو ماهر جادوگر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو سردان قوم فرعون جي مان ته بيشڪ هي البته جادوگر ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته بيشڪ هيءَ داناءُ جادوگر آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون جي قوم جا سردار چوڻ لڳا ته: ”هي ته وڏو ماهر جادوگر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعَون جي فريق مان، ڪِنهن ميڙ ڪيو مذڪور، ته هِي اَڪابِر آھِ ڪو، جادوگر ضرور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته ”هي وڏو هوشيار جادوگر آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏسي فرعون جي قوم جي سردارن پاڻ ۾ چيو ته: "بي شڪ هيءُ شخص وڏو قابل جادوگر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان تي چيو قومي سردارن پاڻ ۾ فرعون جي ته يقينًا هي ماڻهو وڏو ماهر جادوگر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ڏسي) فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته (سائين!) هي ته ڪو وڏو جادوگر ٿو لڳي! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 110) |
اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھري ٿو، تنھنڪري اوھين ڇا ٿا صلاح ڏيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (حضرت موسيٰ) چاهي تو ته اوهان (سڀني مصري ماڻهن) کي ملڪ مان تڙي ڪڍي (۽ پنهنجي بادشاهي قائم ڪري) هاڻي ٻڌايو ته توهان جي ڪهڙي صلاح آهي. (ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ارادو ڪري ٿو ته توهان کي پنهنجي مُلڪ مان ٻاهر ڪڍي، پوءِ توهان جو ڪهڙو مشورو آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري ته پوءِ اوهين ماڻهو هن جي باري ۾ ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارادو ٿو ڪري ته ڪڍي اوهان کي زمين اوهان جي مان پوءِ ڪهڙو ٿا مشورو ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍڻ گهري ٿو. پوءِ ڇا حڪم ڪريو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي، پوءِ اوهان ڇا ٿا مشورو ڏيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِينِيان ڏولائو ڏيھ مان، اِي مَقصد اِن جو مُور، اِن لئي اهل شُعور، ڪِهڙي صلاح سوچيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍڻ گهري ٿو، پوءِ اوهين ڪهڙي صلاح ڏيو ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي توهان جي زمين مان ڪڍڻ ٿو گهري، پوءِ هاڻي ڇا ٿا چئو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو توهان جي زمين مان، پوءِ ٻڌايو توهان ڇا ٿا چئو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي توهان جي ئي سر زمين مان نيڪالي ڏيڻ ٿو چاهي، هاڻي اوهان جو ڇا حڪم آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَأَرسِل فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 111) |
(فرعون کي) چيائون ته کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ ۽ ڪوٺيندڙ شھرن ڏانھن موڪل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (مشورو ڪرڻ بعد فرعون کي) چيو ته موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ (هارون) کي مهلت ڏي ۽ سڀني شهرن ۾ گڏ ڪندڙ (قاصد) موڪل.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيائون موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي ۽ تون شهرن ۾ ماڻهو گڏ ڪندڙ کي موڪل(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) سڀني هڪ آواز چيو (اي فرعون) هن کي ۽ سندن ڀاءُ (هارون) کي قيد ۾ رک!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته مهلت ڏي ان کي ۽ ڀاءُ ان جي کي ۽ موڪل شهرن ۾ (جادوگرن کي) گڏ ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي موڪل (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون کي) چيائون ته ”ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ (پڙهو ڏَئِــي) گڏ ڪرڻ وارن ماڻهن کي موڪل.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُهلت ڏي تون مُور، اُن کي، به اُن جي ڀاء کي، ۽ ماڻهو مدائن شهر ڏي، هِڪدم ڪَڍ حُضور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ، ۽ شهرن ۾ ڪوٺيندڙن ماڻهو موڪل. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن سڀني فرعون کي صلاح ڏني ته، "ان کي ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ سڀني شهرن ۾ ماڻهو ميڙيندڙ (ڪوٺ ڏيندڙ) موڪل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون کي سڀني چيو، هِن ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ پڙهو ڏيندڙ سڀني شهرن ڏي موڪل.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سردارن فرعون کي اهو به چيو ته تون موسى ۽ سندس ڀاءُ کي انتظار ڪراءِ ۽ سڀني شھرن ۾ اعلان ڪرڻ وارن کي موڪليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَأتوكَ بِكُلِّ سٰحِرٍ عَليمٍ (آيت : 112) |
ته تو وٽ سڀئي داناء جادوگر آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي سڀني علم وارن هوشيار جادوگرن کي تو وٽ وٺي اچن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي آڻيندا تو وٽ هر قسم جا ڄاڻو جادوگر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (چوگرد) شهرن ۾ ڪارندا موڪلي تمام وڏا وڏا جادوگر ڪٺا ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته آڻين تو وٽ هر جادوگر ڄاڻندڙ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته سڀ ڪنهن داناءَ جادوگر کي تو وٽ آڻين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته تو وٽ هر ماهر جادوگر کي وٺي اچن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مانڊا ڪُل مَشهور، آڻي ڪَڍنِ، تو اڳيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اهي تو وٽ هر هڪ هوشيار جادوگر وٺي اچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته هرهڪ ماهر جادوگر کي تو وٽ آڻي حاضر ڪن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته تو وٽ سڀ جادو جا ماهر وٺي اچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن هو هڪدم ماهر جادوگرن کي توهان وٽ حاضر ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَ السَّحَرَةُ فِرعَونَ قالوا إِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 113) |
۽ فرعون وٽ جادوگر آيا چوڻ لڳا ته جيڪڏھن اسين غالب ٿيون ته اسان لاءِ ضرور (ڪو) انعام (ھئڻ) گھرجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (فرعون انهيءَ مشوري تي عمل ڪيو ۽ قاصد ويا) پوءِ سڀ جادوگر فرعون وٽ آيا ۽ چيائون ته جيڪڏهن اسان (موسيٰ جي جادورگريءَ تي) غالب پئون (۽ کيس شڪست ڏيون) ته ضرور اسان کي (تو وٽان) انعام ملڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جادوگر فرعون وٽ آيا چيائون (ڇا) اسان لاءِ اجر آهي جيڪڏهن اسان غالب ٿياسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن سڀ جادوگر فرعون وٽ اچي چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان (موسى تي) فتح ڪئي ته اسان کي (تمام) وڏو انعام ضرور ملڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيا جادوگر فرعون وٽ چيائون ته بيشڪ اسان جي لاءِ البته انعام آهي جيڪڏهن هونداسون اسين غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جادوگر فرعون وٽ آيا چيائون ته جيڪڏهن اسين غالب ٿيون ته پوءِ بيشڪ اسان لاءِ ڪو اجورو آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جادوگر فرعون وٽ آيا. چيائون: ”اسان لاءِ ڪو اجر (انعام) آهي جيڪڏهن اسان غالب ٿي وڃون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جادوگر فِرعون وٽ، اَچِي جمع ٿيا جام، چي، جي اَسين اکير ۾ آڪرا، ته ڪا اَسان لئي اِنعام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جادوگر فرعون وٽ آيا، چوڻ لڳا ”جيڪڏهن اسين فتح ڪريون، ته اسان کي انعام ملڻ گهرجي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جادوگر فرعون وٽ اچي ويا. انهن چيو: "جيڪڏهن اسان کٽيو ته اسان کي اجورو ته ضرور ملندو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح جادوگر فرعون وٽ پهچي ويا، انهن چيو جي اسان سوڀ پاتي ته اسان کي ان جو بدلو ته ضرور ملندو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طريقي سان جادوگر فرعون وٽ حاضر ٿيا (۽ انهن پنھنجي ماهرانه فن سبب فرعون کي چيو) ته (سائين!) اسان جيڪڏهن (موسى تي) غالب اچي وياسين ته اسان جي لاءِ ڪو انعام ته ضرور هوندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 114) |
فرعون چيو ته ھائو (انعام به ڏبو) ۽ بيشڪ مرتبي وارن مان (به) ٿيندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (فرعون) چيو ته، هائو (بيشڪ اوهان کي انعام ڏيندسن نه رڳو ايترو پر) اوهان بيشڪ انهن مان ٿيندؤ هي (مون وٽ) ويجها پيارا معزز درٻاري آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو هائو ۽ بيشڪ توهان منهنجا مقرب ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو هاءُ (فقط انعام ته نه) پر اوهين ته پوءِ اسان جي دربار جا مقرب به ٿيندو . (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين هائو ۽ بيشڪ اوهان مقربن مان هوندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته هائو (انعام به ڏبو) ۽ اوهين بيشڪ (منهنجي) ويجهن ماڻهن مان هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”هائو ۽ بيشڪ اوهان (منهنجي) ويجهن ماڻهن مان ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هائو، مُور مُدام، هوندا حُضورين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هائو، بيشڪ اوهين وڏي درجي وارن مان ٿيندؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون جواب ۾ چين: "هائو ۽ توهان اسانجي تمام ويجهو ٿيڻ جو مرتبو به حاصل ڪندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو: ها، ۽ توهان دربار ۾ ٿيندؤ وڏي مرتبي وارا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته: هائو! ۽ بيشڪ توهان منھنجي ويجهن ماڻهن ۾ به شامل ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰموسىٰ إِمّا أَن تُلقِىَ وَإِمّا أَن نَكونَ نَحنُ المُلقينَ (آيت : 115) |
چيائون ته اي موسىٰ توکي (جادوءَ جي شيء) اڇلڻ گھرجي يا (پھرين) اسين اڇليندڙ ٿيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جادوگرن چيو ته، اي موسيٰ (پهريائين) تون اڇلائيندين (يعني جادو ڏيکاريندين) يا اسان (اول) اڇلائڻ وارا ٿيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جادوگرن چيو اي موسيٰ يا تون جادو ڏيکار يا اسين جادو ڏيکاريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (مقرر ڪيل وقت تي ڪٺا ٿيا ته) چوڻ لڳا ته اي موسى! يا پنهنجو منتر اڇل يا اسان ئي (پنهنجو پنهنجو) ڪرتب اڇلي ڏيکاريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي موسى يا (اول) تون اڇلاءِ ۽ يا هجون اسين اڇلائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اي موسيٰ يا ته تون (جادو) اُڇلاءِ يا اسين اُڇلائڻ وارا ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جادوگرن) چيو: ”اي موسيٰ يا ته اول تون (جادو) اڇلاءِ ۽ يا اسان اڇلائڻ وارا ٿيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مُوسىٰ مِيرا! اُڇل، يااسين اُڇليندڙ آهيون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”موسيٰ! تون اڳ ۾ (داؤ) اڇلائيندين، يا اسين اڇلايون؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن موسيٰ کي چيو، "تون اڇلائيندين يا اسان اڇلايون؟"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هنن موسيٰ کي چيو، تون ٿو اڇلين يا اسان اڇلايون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جادوگرن چيو ته: اي موسى! تون اڇلائين ٿو يا اسين اڇلايون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَلقوا فَلَمّا أَلقَوا سَحَروا أَعيُنَ النّاسِ وَاستَرهَبوهُم وَجاءو بِسِحرٍ عَظيمٍ (آيت : 116) |
(موسى) چيو ته (اوھين) اُڇليو، پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (ته) ماڻھن جون اکيون جادوءَ سان بند ڪيائون ۽ انھن کي ڊيڄاريائون ۽ وڏا جادو آندائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ ورندي ڏني ته (اول) توهان اڇلايو، سو جڏهن هنن اڇلايو تڏهن ماڻهن جون اکيون مسحور ڪري ڇڏيائون (يعني چشم بندي ڪيائون ۽ ماڻهن جي اکين کي ڀلايائون) ۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪيائون ۽ وڏو جادو ڪري ڏيکاريائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو توهان جادو ڏيکاريو، پوءِ جڏهن رَسينِ کي اڇلايائون، ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ انهن کي ڊيڄاريائون ۽ تمام وڏو جادو آندائون (رسين مان بلائون ڪري ڏيکاريائون)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو: (چڱو اول) اوهان ئي اڇلي (پنهنجي باھ ڪڍو) پوءِ جيئن ئي انهن (پنهنجون رسيون) اڇليون ته ماڻهن جي نظر بندي ڪري ڇڏي (جو سڀ نانگ بلائون ڏسڻ ۾ آيون) جن ماڻهن کي ڊيڄاري ڇڏيو پڻ انهن تمام وڏو جادو ڏيکاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اڇلايو پوءِ جڏهن اڇلايائون ته جادو ڪيائون اکين ماڻهن جي کي ڊيڄاريائون انهن کي ۽ آندائون جادو وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اوهين اڇلايو. پوءِ جڏهن انهن اڇلايو ته ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ انهن کي ڊيڄاريائون ۽ وڏو جادو آندائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اوهان اڇلايو“. پوءِ جڏهن (رسيون ۽ ڪاٺيون جادوگرن) اڇلايون ته ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ انهن کي ڊيڄاري ڇڏيائون ۽ تمام وڏو جادو پيش ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻ پاٻوهيون انهن کي ته اڇليو اوهين اوّل، پوءِ، اُڇليون ته اکيون ماڻهئـِين ورتيون منڊ مَنڊل، ۽ ڊِيڄاريونِ ڊٻل، ۽ طِلسم ڪيون تمام وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهين ئي اڇلايو.“ جڏهن انهن اڇلايو، ته ماڻهن جي اکين تي جادو ڪيائون ۽ کين ڊيڄاريائون ۽ تمام وڏو جادو ڏيکاريائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنن، "توهان ئي اڇلايو" انهن جو پنهنجا ٽـِـڪساٽ اڇلايا ته ماڻهن جي نظرن کي جادو ڪري (منڊي) ڇڏيائون ۽ سندن دلين کي ڏهڪائي ڇڏيائون ۽ ڏاڍو زبردست جادوءَ جو کيل ڄمائي ڇڏيائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ جواب ڏنو، توهان ئي اڇلايو، پوءِ انهن پنهنجون رسيون اڇليون ته ماڻهن جي نگاهن تي جادو ۽ دلين کي خوفزده ڪيائون ۽ وڏو جادو ڪري آندائون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) چيو ته: توهان اڇلايو. پوءِ جڏهن انهن اڇلايو ته جادوء جي زور تي ماڻهن جي نظربندي ڪري ڇڏيائون ۽ کين ڊيڄاري ڇڏيو. انهن (جادوگرن) اهو ئي وڏو جادو ڪري ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَلقِ عَصاكَ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 117) |
۽ مُوسىٰ ڏانھن وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جيڪو جادو ڪيائون تنھنکي اُھا اُنھيءَ مھل ئي ڳھندا وئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) وحي جي رستي موسيٰ کي حڪم ڏنو ته (هاڻي) تون پنهنجي لٺ اڇلاءِ. (هن لٺ اڇلائي ته) ڇا ٿيو جو هڪدم (اها لٺ نانگ بڻجي) انهن شين کي ڳهي ويئي جي هنن (سکڻيون ڪوڙيون) بنايون هيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان موسيٰ ڏانهن حڪم موڪليو ته پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ، پوءِ اوچتو (موسيٰ جي لٺ) ڳِهي وئي جيڪي انهن جادو ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى ڏي وحي ڪئي ته (ويٺو ڇو آهين) تون به پنهنجي عصا اڇل. (بس اڇلڻ سان ڇا ٿا ڏسن ته) اها عصا سندن بڻايل (ڪوڙن) نانگن کي هڪ هڪ ڪري کائي رهي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وحي موڪليوسون طرف موسى جي ته اڇلاءِ لٺ پنهنجي پوءِ ان وقت اها ڳهڻ لڳي ان کي جو ٺاهين پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان موسيٰ ڏي حڪم موڪليو ته تون پنهنجي لٺ اُڇلاءِ. پوءِ جيڪو ڪوڙو (سانگ) بنايو هئائون تنهن کي اتي جو اتي اها ڳهڻ لڳي وئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان موسى ڏانهن وحي ڪئي ته: ”پنهنجي لٺ اڇلاءِ“. پوءِ اچانڪ اها انهن شين کي ڳِـــهَڻَ لڳي جيڪا انهن فريب ڪاري ڪري ڏيکاري هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيون سون موسىٰ مِير کي، اُنهيء دم اِلهام، ته اُڇل عَصاتُنهن جِي، ته اِجھو وِسير ٿئي وَريام! ته ڳِهِي وَڃي تمام، جِھڙو به، جادو ڪن اُهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان موسيٰ ڏي وحي ڪيو ته تون (به) پنهنجي لٺ اڇلاءِ! ته اوهان اُها سندن بنايل جادوءَ کي ڳهي ويئي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي وحي ڪيو ته، "اڇلاءِ پنهنجي لٺ". لٺ جو اڇلائجڻ هو ۽ اها گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ انهن جو سارو ڪوڙو طلسم ڳڙڪائيندي وئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان اشارو ڪيو موسيٰ کي هو پنهنجي لٺ اڇلي، ته اها ان ئي گهڙيءَ ۾ انهن جي ڪوڙي طلسم کي ڳڙڪائيندي وئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى (ؑ) کي وحي ڪئي ته تون به پنھنجي لٺ اڇلاءِ (لٺ جي اڇلائڻ سان ئي) اها سندن جادوءَ کي ڳڙڪائي وئي (يعني جادوءَ جي اثر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَقَعَ الحَقُّ وَبَطَلَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 118) |
پوءِ سچ پڌرو ٿيو ۽ جيڪي ڪندا رھيا سو ڪوڙو ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اهڙيءَ طرح) حق ثابت ٿيو، ۽ جيڪي جيڪي (ڪوڙيون ڳالهيون) هنن ڪيون هيون سي بيڪار ثابت ٿيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ حق ظاهر ٿي پيو ۽ سندن جادو باطل ٿي ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته حق جي ڳالھ ته (ٺيڪ) ويٺي ۽ سندن سڀ ڪرتب خاڪ ۾ ملي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ثابت ٿيو حق ۽ باطل ٿيو جيڪي ڪيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سچ ثابت ٿيو ۽ جيڪي انهن پئي ڪيو سو غلط ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ حق ثابت ٿي ويو ۽ جيڪو اُهي ڪري رهيا هئا سو باطل ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سچ صفاثابت ٿِيو، ۽ جَھاڙون وِين جاڙ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سچ ثابت ٿيو ۽ جيڪي انهن ڪيو ٿي، سو ڪوڙو ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح حق حق ٿيو ۽ جيڪي جو انهن بڻايو هو، سو ڪوڙ نڪتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح جيڪو حق هو سو حق ٿيو ۽ باطل، باطل ٿي ويو اهو جيڪو انهن ٺاهي رکيو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ حق ظاهر ٿي ويو ۽ جيڪو ڪجهه انهن ڪيو سو غلط ثابت ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَغُلِبوا هُنالِكَ وَانقَلَبوا صٰغِرينَ (آيت : 119) |
پوءِ (فرعون وارا) اُن ھنڌ مغلوب ٿيا ۽ خوار ٿي موٽيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اهڙيءَ طرح فرعون ۽ سردارن کي) اتي شڪست آئي ۽ هو ذليل ۽ خوار ٿيا (۽ هنن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ فرعون ۽ سندس جادوگرن شڪست کاڌي ۽ ڦِري ذليل ٿي پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (ته فرعون ۽ سندس طرفدار سڀيئي ان آکاڙي ۾) اتي هارائي ۽ ذليل ۽ خوار ٿي موٽيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مغلوب ٿيا اُتي جو اُتي ۽ واپس موٽيا ذليل ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اتي هارايائون ۽ خوار ٿي موٽيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُن جاءِ تي ئي هارايائون ۽ (سوڀاري ٿيڻ بجاءِ) ذليل ٿي موٽيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هارِيا هُتي هاڙ، ۽ وَريا وِلها، وِلهار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اتي هنن هار کاڌي ۽ ذليل ٿي پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون ۽ سندس ساٿي اتي شڪست کائي ويا ۽ (سوڀاري ٿيڻ بدران) ويتر ذليل ٿي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (فرعون ۽ سندس ساٿي) مقابلي ۾ هارجي ويا ۽ ذليل ٿي ويا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فرعون ۽ سندس سڀني ساٿين) اتي ميدان تي ئي شڪست کاڌي ۽ ٻوٿ ڀيلا ڪري واپس موٽيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 120) |
۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (اهي سڀ) جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جادوگر سجدي ۾ ڪِري پيا (الله جي دربار ۾)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جادوگر سڀ (موسى جي سامهون) سجدي ۾ ڪري پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪري پيا جادوگر سجدو ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جادوگر (سڀ) سجدي ۾ ڪِري پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سجدي ۾ سَٽيا وِيا، جادوگر جونجھار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جادوگرن جي حالت اها ٿي جو ڄڻ ڪنهن شيءِ اندر مان اڌمو ڏيئي کين سجدي ۾ ڪيرائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جادوگرن کي ڪنهن شيءِ اندر ۾ سجدي ۾ ڪيرائي ڇڏيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (هوڏانهن وري هارايل) جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 121) |
چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽) چيئون ته اسان جهانن جي پروردگار تي ايمان آندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀني چيو اسان رب العالمين تي ايمان آندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (عاجزي سان) چوڻ لڳا اسان ساري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ايمان آندوسون پالڻهار جهانن جي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اسان جهانن جي پاليندڙ تي ايمان آندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان جهانن جي پالڻهار تي ايمان آندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مڃيونسون مالِڪ کي، جو ڏينهن جو ڏاتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا ”اسان جهانن جي رب تي ايمان آندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوڻ لڳا: "اسان ايمان آندو رب العالمين تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوڻ لڳا، اسان مڃي ورتو رب العالمين کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چـوڻ لڳا ته اسان سڀني جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 122) |
(جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار (آھي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو موسيٰ ۽ هارون جو پروردگار آهي (يعني انهيءَ ئي رب تي ايمان آندو اٿئون، جنهن جي تعليم موسيٰ ۽ هارون ڏين ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) جيڪو رب آهي (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) هارون جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جيڪو) موسى ۽ هارون جو پروردگار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پالڻهار موسى ۽ هارون جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو موسيٰ ۽ هارون جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى ۽ هارون جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني موسيٰ ۽ هارون جي رب تي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ ۽ هارون جي رب تي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ رب کي جنهن کي موسيٰ ۽ هارون مڃن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو موسى ۽ هارون (عليهما السلام) جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فِرعَونُ ءامَنتُم بِهِ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّ هٰذا لَمَكرٌ مَكَرتُموهُ فِى المَدينَةِ لِتُخرِجوا مِنها أَهلَها فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 123) |
فرعون چيو ته اوھان منھنجي موڪل کان اڳي ئي اُن تي ايمان ڇو آندو آھي؟ ھيء (اوھان جو) فريب آھي (جو پاڻ ۾ گڏجي) ھن ڪري (ھن) شھر ۾ ڪيو اٿو ته سندس رھاڪن کي منجھانئس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ سگھو کي ڄاڻندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي غصي ۾ اچي) فرعون (انهن جادوگرن کي) چيو ته، ڇا انهيءَ کان اڳي جو مان اوهان کي (ايمان آڻڻ لاءِ) موڪل ڏيان توهان (موسيٰ ۽ سندس رب تي) ايمان ٿا آڻيو؟ بيشڪ هيءَ هڪڙي چالبازي آهي جا توهان هن شهر ۾ کيڏي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان هتئون جي ماڻهن کي هن شهر مان تڙي ڪڍو. پر جلد ئي توهان معلوم ڪندؤ (ته اوهان کي ڪهڙي ٿو سزا ڏيان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو توهان منهنجي اجازت کان اڳ انهيءَ تي ايمان آندو، بيشڪ هيءُ وڏو فريب هو جيڪو توهان شهر ۾ ڪيو، انهيءَ لاءِ ته شهرين کي توهان انهيءَ مان ٻاهر ڪڍو، پوءِ هينئر توهان کي خبر پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو (اڙي!) توهان ماڻهن منهنجي اجازت کان سواءِ ئي ان تي ايمان آندو. اها ضرور اوهان جي مڪاري آهي جا توهان ماڻهن هن شهر ۾ ڦهلائي ڇڏي آهي ته جيئن سندس رهڻ وارن کي ڪڍي ٻاهر ڪريو. ته پوءِ توهان کي جلد ئي ان شرارت جو مزو معلوم ٿي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو فرعون ته ايمان آندو اوهان ان تي اڳي هن جي جو موڪل ڏيان اوهان کي بيشڪ هي مڪر آهي جو رٿيو اوهان ان کي شهر ۾ تانته ڪڍو ان مان اهل ان جي کي پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته (ڇا) اوهان منهنجيءَ اجازت کان اڳي ان تي ايمان آندو آهي؟ بيشڪ هيءَ هڪ تدبير آهي جا اوهان شهر ۾ ڪئي آهي هن لاءِ ته ان مان ان جي رهاڪن کي ڪڍو. سو اوهان کي معلوم ٿي ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون چيو ته: ”اوهان منهنجي موڪل کان اڳ ان (موسيٰ) تي ايمان آندو آهي؟ بيشڪ هي هڪ فريب آهي جيڪو توهان سڀني مِلي (مون سان) هن شهر ۾ ڪيو آهي هن لاءِ ته توهان هن شهر مان ان جي رهواسين کي ڪڍو. پوءِ جلد توهان (ان جو انجام) ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون چينِ ڦُوندجِي، ڇا آندان اِعتبار؟ اڳي، ته اجازت آئون ڏِيان، هي مڪر، سو مَڪار، جو سَٽيان سَندمِ شهر ۾، ته ڪريو مَنجهانِس ٻَهار، سندسِ راڄ ستار، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون چيو ”اوهان منهنجي اجازت کان اڳ ان تي ڇو ايمان آندو؟ بيشڪ اها هڪ ڳجهي رٿ آهي، جا توهان هن شهر ۾ (گڏجي) رٿي آهي ته ان جي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍو، سو هاڻي اجها ٿي خبر پويوَ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چين: "توهان ان تي ايمان آڻي ڇڏيو منهنجي اجازت ڏيڻ کان اڳيئي؟ پڪ ئي پڪ هيءَ ته ڪا ڳجهي سازش هئي، جيڪا توهان هن شهر ۾ ڪئي هئي تان ته ان جي مالڪن کي اقتدار کان بيدخل ڪريو. چڱو پوءِ ڄاڻ ٿي خبر پئيوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو فرعون، توهان ان تي ايمان آندو اڳيئي منهنجي اجازت بنا، يقينًا اها ڪا ڳجهي سازش هئي جيڪا توهان هن گاديءَ واري هنڌ ڪئي جيئن ان جي مالڪن کي اقتدار کان بي دخل ڪريو، چڱو ان جو نتيجو توهان کي هاڻي معلوم ٿي ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون (جادوگرن کي) چيو ته منھنجي اجازت کان سواءِ توهان ان تي (ڪيئن) ايمان آندو آهي؟ (لڳي ٿو ته) پڪ اهو ڪو لڪيل منصوبو هو جيڪو توهان گڏجي شھر ۾ (ويھي) جوڙيو هو ته جيئن هتان جي رهاڪن کي تڙي ڪڍو هاڻي توهان کي سگهو ئي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 124) |
اوھان جا ھٿ ءِ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڄاڻو ته مان توهان جا هٿ ۽ پير الٽا ۽ سڌا وڍائي ڇڏيندس، پوءِ توهان سڀني کي ڦاسيءَ تي چڙهائيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم سان آئون ضرور توهان جي هڪ پاسي جو هٿ ۽ ٻئي پاسي جو پير ڪٽيندس انهي کان پوءِ توهان سڀني کي ڦاسي ڏيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ پڪ اوهان (جي هڪ پاسي) جا هٿ ۽ ٻئي (ٻئي طرف جا) پير وڍائي ڇڏيندس ۽ وري اوهان سڀني کي سوري تي چاڙهيندس. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته ضرور وڍيندس هٿ اوهان جا ۽پيراوهان جا ابتڙ ان کان پوءِ البته ضرور ڦاسيءَ تي چاڙهيندس اوهان مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ضرور آءُ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس (سڄو هٿ ۽ کٻو پير) وري ضرور اوهان سڀني کي سوريءَ چاڙهيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ضرور آءٌ اوهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس پوءِ ضرور اوهان سڀني کي ڦاهي چاڙهيندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَٿ ۽ پير، وَڍِيندس اَهنجا، اُبتڙ ڌارو ڌار، سورِيءَ تي سُوار، موٿِي، ڪندس مِڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءٌ ضرور اوهان جا هٿ پير ابتڙ سبتڙ ڪپائيندس، پوءِ اوهان سڀني کي ڦاسي ڏيندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آءٌ توهان جا هٿ پير هڪ ٻئي جي ابتـڙ پاسن کان ڪپائيندس ۽ پوءِ توهان کي ڦاهيءَ چاڙهيندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڍائيندس توهان جا هٿ ۽ پير ابتڙ ۽ مخالف طرفن کان ضرور ۽ توهان کي سوريءَ تي لٽڪائيندس سڀني کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان جا هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍي ڇڏيندس ۽ توهان سڀني کي ڦاهيءَ تي به ٽنگيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 125) |
چيائون ته بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن ايمان آڻيندڙ جادوگرن) جواب ۾ چيو ته، (تون ڀلي اسان کي سوريءَ تي چاڙهه) اسان سڀ (آخر ته) بيشڪ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جادوگرن چيو بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جادوگرن) چيو اسان کي ته (نيٺ هڪ ڏينهن) پنهنجي پالڻهار ڏي (مري) موٽي وڃڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته بيشڪ اسين رب پنهنجي ڏانهن موٽندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسين پنهنجي پاليندڙ ڏي رجوع ڪرڻ وارا آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَسين اَوس موٽڻا، پَنهنجي پرور پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي وڃڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وراڻي ڏني، "اسانکي موٽي هلڻو ته پنهنجي رب ڏانهن ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، اسان کي موٽڻو پنهنجي رب ڏانهن ئي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جادوگرن وراڻيو ته: (ڀلي تو کي موڪل آهي) اسان جو (اڳي پوءِ) موٽڻ ته پنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَنقِمُ مِنّا إِلّا أَن ءامَنّا بِـٔايٰتِ رَبِّنا لَمّا جاءَتنا رَبَّنا أَفرِغ عَلَينا صَبرًا وَتَوَفَّنا مُسلِمينَ (آيت : 126) |
۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين ته اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي فرعون) تون اسان کان (ڪهڙيءَ ڳالهه جو بدلو ۽ وير ٿو وٺين؟ ڇا) هن ڳالهه جو وير ٿو وٺين ته جڏهن اسان جي پروردگار وٽان اسان ڏي آيتون (يعني نشانيون) اچي ويون آهن، تڏهن اسان انهن تي ايمان آندو آهي. (ڀلي ايمان آڻڻ جي بدلي ۾ اسان کي سزا ڏي. اسان جي صدا ته هيءَ آهي ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کي صبر ۽ ثابت قدمي عطا ڪر ۽ اسان کي اسلام (يعني تنهنجي فرمانبرداريءَ) جي حالت ۾ موت عطا ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون اسان کي الله تعالى ۽ سندس آيتن تي ايمان آڻڻ کان روڪي نٿو سگھين، جڏهن (نشانيون) اسان وٽ پهتيون، اي اسان جا رب اسان کي گھڻو صبر عطا ڪر ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون اسان سان ان کانسواءِ ٻئي ڪهڙي دشمني رکين ٿو جو جڏهن اسان وٽ خدا جون نشانيون آيون ته اسان انهن تي ايمان آندو. (پڻ هاڻي ته اسان جي هي دعا آهي ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر (جو ته ڪو مينهن) وساءِ ۽ اسان کي پنهنجي فرمانبرداري جي حالت ۾ دنيا مان کڻي وٺ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو پلاند وٺين تون اسان کان مگر هي جو ايمان آندوسون آيتن رب اسان جي تي جڏهن آيواسان وٽ اي رب اسان جا پلٽاءِ اسان تي صبر ۽ وفات ڪراءِ اسان کي مسلمان بنائي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون اسان مان هن کان سواءِ ٻيو ڪو عيب نٿو ڪڍين ته اسان پنهنجي پاليندڙ جي نشانين تي ايمان آندو جڏهن اهي اسان کي پهتيون. اي اسان جا پاليندڙ ! اسان تي صبر لاهه ۽ اسان کي فرمانبردار ڪري مار ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون رڳو هن ڪري اسان کان انتقام ٿو وٺين جو اسان پنهنجي پالڻهار جي نشانين تي ايمان آندو آهي جڏهن اسان وٽ آيون آهن. اي اسان جا پالڻهار! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسان کان وير نه وارِيين، مگر مڃيو سون موچار، پَنهنجي پرور پاڪ جون ، نِشانيون نِروار، جڏهن اَسان وٽ آئيون؛ صَبر ربَّ، ستار! اَسان تي، اُتار، پُڻ مُسلمان ڪري مارِجان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون اسان کان رڳو هن ڪري وير ٿو وٺين، جو جڏهن اسان وٽ پنهنجي رب جون آيتون آيون، ته اسان مٿن ايمان آندو. اي اسان جا رب! تون اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي اسلام تي موت ڏجانءِ!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون جنهن ڳالهه جو اسان کان انتقام وٺڻ ٿو چاهين، اها ته ان کانسواءِ ٻي ڪانهي ته اسان جي رب جون نشانيون جڏهن اسان جي سامهون آيون ته اسان انهن تي ايمان آندو. اي اسان جا رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسانکي دنيا مان ان حالت ۾ واپس گهراءِ جو اسان تنهنجا فرمانبردار هجون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون جيڪو اسان کان وير وٺڻ گهرين ٿو، اهو ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي ته اسان جي رب جون نشانيون جڏهن اسان جي سامهون آيون ته ان کي مڃيو، اي رب! اسان تي صبر جي پالوٽ ڪر ۽ اسان کي دنيا مان گهرائين ته تنهنجا فرمانبردار هجون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون اسان کان هن ڳالهه جو بدلو ٿو وٺين جو اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرف کان نشانيون آيون آهن ته اسان (هڪدم) انهن تي ايمان آندو آهي ( وري هنن دعا ڪندي چيو ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان تي صبر جي پالوٽ فرماءِ ۽ اسان کي مسلمانيءَ جي حيثيت ۾ ئي موت نصيب فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ المَلَأُ مِن قَومِ فِرعَونَ أَتَذَرُ موسىٰ وَقَومَهُ لِيُفسِدوا فِى الأَرضِ وَيَذَرَكَ وَءالِهَتَكَ قالَ سَنُقَتِّلُ أَبناءَهُم وَنَستَحيۦ نِساءَهُم وَإِنّا فَوقَهُم قٰهِرونَ (آيت : 127) |
۽ فرعون جي قوم جي سردارن (کيس) چيو ته موسىٰ ۽ سندس قوم کي ھن لاءِ ڇڏي ڏئين ٿو ڇا؟ ته مُلڪ ۾ فساد وجھن ۽ توکي ۽ تنھنجي معبودن (جي عبادت) کي ڇڏي ڏين؟ چيائين ته سندن پٽ سگھوئي ڪھنداسون ۽ سندين ڌيئرون ڇڏي ڏينداسون، ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون جي قوم جي سردارن فرعون کان پڇيو ته، موسيٰ کي ۽ سندس قوم کي ائين ئي ڇڏي ٿا ڏيو ڇا ته ڀلي ملڪ ۾ فساد مچائيندا رهن ۽ توکي ڇڏي ڏين (تنهنجي تابعداري نه ڪن) ۽ تنهنجي خدائن کي به ڇڏي ڏين؟ (يعني مصر جي ديوتائن جي پوڄا نه ڪن؟) تنهن تي فرعون ورندي ڏني ته، (جيئن اڳيئي منهنجو حڪم ڪيل آهي) اسان انهن (بني اسرائيلن) جا (نوان ڄاول) پٽ (داين هٿان) قتل ڪنداسين ۽ سندن (نيون ڄاول) ڌيئرن کي جيئرو ڇڏينداسين (جي اسان جون ٻانهيون ٿينديون) ۽ بيشڪ اسان کي هنن جي مٿان ڪامل طاقت ۽ غلبو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چيو سردارن، فرعون جي قوم مان ته اي فرعون ڇا تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي ڇڏين ٿو، انهي لاءِ ته زمين ۾ فساد ڪن ۽ توکي ۽ تنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏين، فرعون چيو اسين هاڻي انهن جي پُٽَن کي قتل ڪنداسين ۽ سندن نياڻين کي ڇڏينداسين، ۽ بيشڪ اسين انهن تي قهر ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعوني قوم جي ڪن سردارن (فرعون کي) چيو ته ڇا، تون موسى ۽ سندس جماعت کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيندين ته ڀلي ملڪ ۾ فساد ڪندا وتن ۽ اوهان کي اوهان جي خدائن (جي پوڄا پاٽ) کي ڇڏي ويهن، فرعون چيو (اوهين دلجاءِ ڪريو) اسان جلد ئي سندن ڌيئرن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏينداسون. ۽ اسين ته مٿن هر طرح قابو رکون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو سردان قوم فرعون جي مان ته ڇا ڇڏين ٿو موسى ۽ قوم ان جي کي تانته فساد ڪن زمين ۾ ۽ ڇڏي توکي ۽ (باطل) معبودن تنهنجن کي چيائين ته جلد قتل ڪنداسون پٽن انهن جي کي ۽ جيئرو ڇڏينداسون عورتن انهن جي کي ۽ بيشڪ اسان مٿان انهن جي غالب آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون جي قوم جي سردارن (فرعون کي) چيو ته ڇا تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي هن لاءِ ڇڏين ٿو ته اهي زمين ۾ فساد ڪن ۽ توکي ۽ تنهنجن الاهن کي (موقوف ڪري) ڇڏي ڏين. فرعون چيو ته اسين (هينئر) انهن جي پٽن کي ڪُهي ڇڏينداسون ۽ سندن ڌيئرن کي جيئرو ڇڏينداسون ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون جي قوم جي سردارن (فرعون کي) چيو ته: ”ڇا تون موسى ۽ سندس قوم کي ڇڏي ڏيندين؟ ته ملڪ ۾ فساد ڪن ۽ تو کي ۽ تنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏين“. (فرعون) چيو ته: ”جلد انهن جي پُٽن کي قتل ڪنداسين ۽ انهن جي زالن کي جيئرو ڇڏينداسين، ۽ بيشڪ اسان انهن مٿان غالب آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَهيو قوم فرعون مان، ٻاري ڪِنهن ٻِيهار، ڇا مُوسىٰ ۽ سندس ميڙ کي، ٿو ڇيڪ ڇڏيين ڇُلنگار، ته ڀُون ۾ وِجھن بِگيڙ ڪو ۽ تَرڪ ڪن تڪرار، تو ۽ تُنهنجي تِيرٿِين؛ ٻوليائين ٻِيهار، ته ڪُهنداسون ڪونڌر اُنهن جا، ۽ ڌِيون ڇڏينداسونِ ڌار، آهيو اَسين اِظهار، اُنهن مَٿان آڪرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون جي قوم جي سردارن چيو ته ”ڇا، تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي ڇڏي ڏين ٿو، ته ملڪ ۾ فساد ڪن ۽ توکي تنهنجي سائين کي ڇڏي ڏين؟“ چيائين ”اسان اجهو ٿا سندن پٽن کي ماريون، سندن ڇوڪرين کي جيئرو رکون ۽ بيشڪ اسين مٿن غالب آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون کي سندس قوم جي سردارن چيو: "ڇا تون موسيٰ ۽ سندس قوم کي ائين ڇڏين ٿو ته زمين ۾ فساد ڪن ۽ توکي ۽ تنهنجن معبودن کي (پٺي ڏئي) ڇڏي ڏين. فرعون جواب ڏنو: "مان انهن جي پٽن کي قتل ڪرائيندس ۽ سندن عورتن کي جيئرو رهڻ ڏيندس، اسان جي اقتدار جي پڪڙ مٿن مضبوط آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قومي سردارن چيو فرعون کي، ڇا تون موسيٰ ۽ ان جي قوم کي ائين ڇڏي ڏيندين ته اهي ملڪ ۾ فساد پکيڙين ۽ تو سان گڏ تنهنجي خدائن جي ٻانهپ ڇڏي ڏين؟ فرعون چيو، آئون انهن جي پٽن کي قتل ڪرائيندس ۽ سندن عورتن کي جيئرو رکندس، ۽ اسان جي اقتدار جي پڪڙ انهن تي مضبوط آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قومي سردارن فرعون کي چيو ته ڇا تون موسى ۽ سندس قوم کي بس ايئن ڇڏي ڏيندين ته ڀلي هو زمين ۾ فساد ڦھلائيندا وتن ۽ تو کي ۽ تنھنجي معبودن کي به ڇڏي ڏين؟ فرعون چيو ته اسان سندس قوم جي پٽيلي اولاد کي قتل ڪرائي ڇڏينداسين ۽ انهن جي عورتن کي جيئرو ڇڏي ڏينداسين (ڇو ته) اسان ئي انهن سڀني جي مٿان حڪمران آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ موسىٰ لِقَومِهِ استَعينوا بِاللَّهِ وَاصبِروا إِنَّ الأَرضَ لِلَّهِ يورِثُها مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 128) |
مُوسىٰ پنھنجي قوم کي (دلگير ڏسي) چيو ته الله کان مدد گھرو ۽ صبر ڪريو، ڇوته ساري زمين الله جي آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي اُن جو وارث بڻائيندو آھي، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن فرعون ۽ سندس سردارن جا بني اسرائيلن تي وڌيڪ ظلم ٿيڻ لڳا تڏهن) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي فرمايو ته، الله کان مدد گهرو ۽ (مصيبتن ۾) صبر ڪيو (۽ خدا جي راهه ۾ ثابت قدم رهو) يقين ڄاڻو ته، زمين الله جي آهي. پنهنجي بندن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ان زمين جو وارث (يا مالڪ يا حاڪم) ڪري ۽ (يقين ڄاڻو ته) (چڱي) پڇاڙي انهن جي ٿيندي جي پرهيزگار ۽ نيڪ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو پنهنجي قوم کي، توهان الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله تعالى جي آهي. پنهنجي ٻانهن مان جنهنکي چاهي تنهنکي ان جو وارث بنائي ٿو، ۽ پرهيزگارن لاءِ سهڻي پڇاڙي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ٻڌي) موسى پنهنجي قوم کي چيو ته (ڀائرو!) خدا کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، ساري زمين ته خدا جي ئي آهي. اهو پنهنجن بندن مان جنهن کي چاهي ته ان جو وارث (۽ مالڪ) بڻائي. ۽ پڇاڙي نيڪ ته بس، پرهيزگارن جي ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو موسى واسطي قوم پنهنجي ته مدد وٺو الله سان ۽ صبر ڪيو بيشڪ زمين الله جي آهي وارث بنائي ٿو ان جو جنهن کي گھري ٻانهن پنهنجن مان ۽ پڇاڙي واسطي پرهيزگارن جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو. بيشڪ زمين الله جي آهي، پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري تنهن کي ان جو وارث ڪري ٿو، ۽ (چٽي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) موسى پنهنجي قوم کي چيو ته: ”توهان الله کان مدد وٺو ۽ صبر ڪيو. بيشڪ ڌرتي الله جي آهي اُهو پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ٿو ان جو وارث بنائي ٿو ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موسٰى سندسِ ميڙ کي، وَراڻيو تِنهن وار، ته واهر واحد کان گُهرو ۽ سَهو برسِر بار، مِڙِئي مُلڪ الله جو، جِنهن کي، گھري غفّار، ته سندسِ سِپاهين مان، تِنهن کي، ڏي ڏاتار، ۽ آهي آخرڪار، نيڪِي نيڪ بندن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته ”الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪيو- زمين ته الله جي آهي. هو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي وڻيس، ان کي ان جو وارث بڻائي ٿو ۽ پڇاڙي نيڪن جي ئي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: "الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، زمين الله جي آهي، پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ان جو وارث ٿو بڻائي ۽ پڇاڙيءَ واري ڪاميابي انهن لاءِ آهي، جيڪي کانئس ڊڄي هلن ٿا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو موسيٰ پنهنجي قوم کي، الله کان مدد گهرو ۽ صبر ڪريو، بيشڪ زمين الله جي آهي، وارث بنائي ٿو جنهن کي گهري پنهنجي ٻانهن مان، ۽ آخري ڪاميابي انهن لاءِ آهي جيڪي ان کان ڊڄي ڪم ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) پنھنجي قوم کي چيو ته الله تعالى کان مدد گهرو ۽ صبر اختيار ڪريو، بيشڪ زمين الله تعالى جي آهي. پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي چاهي ان جو وارث بڻائيندو آهيان (بھرحال) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أوذينا مِن قَبلِ أَن تَأتِيَنا وَمِن بَعدِ ما جِئتَنا قالَ عَسىٰ رَبُّكُم أَن يُهلِكَ عَدُوَّكُم وَيَستَخلِفَكُم فِى الأَرضِ فَيَنظُرَ كَيفَ تَعمَلونَ (آيت : 129) |
چيائون ته اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (به) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (به) ايذايا ويا آھيون، (مُوسى) چين ته اُميد آھي ته اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندؤ ته (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (بني اسرائيلن ۾ اهڙي صبر ۽ يقين ڪونه هو تنهن ڪري مايوسي ۽ رنجيدگي ۾) هنن چيو ته، اسان جي نصيب ۾ ته اڳي به ايذاءَ ۽ مصيبتون هيون ۽ تنهنجي اسان ڏي (رسول ٿي) اچڻ کان پوءِ به (ساڳيون ئي مصيبتون آهن) تنهن تي حضرت موسيٰ فرمايو ته (نااميد نه ٿيو) ممڪن آهي ته اوهان جو پروردگار اوهان جي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (سندن) جانشين ڪري (يعني اوهان کي غلبو ۽ حڪومت ڏئي) ۽ پوءِ الله تعاليٰ توهان کي آزمائي ته (غلبي جي حالت ۾) توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عرض ڪيائون اسان کي ايذاءُ ڏنو ويو تُنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ۽ توکي نبوت ملڻ کان پوءِ، موسيٰ فرمايو عنقريب توهان جو رب توهان جي دشمنن کي هلاڪ ڪندو (ڏڪار سان) ۽ انهن جي جاءِ تي توهان کي زمين جو مالڪ ڪندو، پوءِ الله ڏسندو ته توهان ڪهڙا عمل ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيس ته (اي موسى) تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ به ته اسان تي ساندھ تڪليف ئي پهچندي رهي ٿي (نيٺ ڪيترو صبر ڪريون) موسى چيو جلد ئي اوهان جو پالڻهار اوهان جي (سندس جانشين ڪندو. پوءِ ڏسندو ته اوهان ڪهڙا ڪم ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ايذايا وياسون اڳي هن جي جو آڻين اسان وٽ ۽ پڄاڻان ان جي جو آئين اسان وٽ چيائين ويجھو آهي رب اوهان جو هي جو هلاڪ ڪري دشمن اوهان جي کي ۽ پويان رهائي اوهان کي زمين ۾ پوءِ ڏسي ته ڪيئن ٿا عمل ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسان کي تنهنجي اچڻ کان اڳ ۽ تنهنجي اچڻ کانپوءِ تڪليفون ڏنيون ويون آهن. موسيٰ چيو ته مَنَ اوهان جو پاليندڙ اوهان جي دشمن کي برباد ڪري ۽ اوهان کي زمين ۾ حاڪم ڪري. پوءِ ڏسي ته ڪيئن ڪريو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”(اي موسى!) اسان کي تنهنجي اچڻ کان اڳ به اذيتون ڏنيون ويون ۽ تنهنجي اچڻ کان پوءِ به“. فرمايائين: ”(پڪ سان) قريب آهي جو اوهان جو پالڻهار اوهان جي دشمن کي هلاڪ ڪري ۽ انهن جي جاءِ تي توهان کي زمين ۾ جانشين ڪري ۽ پوءِ ڏسي ته (زمين جا مالڪ ٿيڻ بعد) توهان ڪهڙي طرح عمل ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آئين تون، اِنهيان اَ ڳي، اسان سَٺا آزار، پڻ آئين، ته وري اُن پُٺيان، بَرسِر بَلائون بار، چي، آگو پاڪ اوهان جو، ڪريو سَگٖهي ڪم ڪار، ته ماري مُوذي اَهنجو، ۽ ڏِينِيان وِي وَلهار، پوءِ پَرکِينيان پالڻهار، ته اوهين به، ڪِهڙا ڪم ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”تنهنجي اچڻ کان اڳ به اسان کي ايذاءُ ملندا هئا ۽ تنهنجي اسان وٽ اچڻ کان پوءِ به،“ چيائين ”جلد ئي اوهان جو رب اوهان جي دشمنن کي ناس ڪندو ۽ اوهان کي زمين ۾ حاڪم بڻائيندو، پوءِ ڏسندو، ته اوهان ڪهڙا ڪم ٿا ڪريو!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم وارن چيو: "تنهنجي اچڻ کان اڳ به اسان کي ايذايو ويندو هو ۽ هاڻي تنهنجي اچڻ کان پوءِ به ستايو پيو وڃي". هن جواب ۾ چين: "اهو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي جو توهان جو رب توهان جي دشمن کي برباد ڪري ڇڏي ۽ توهان کي زمين ۾ خليفو بڻائي، پوءِ ڏسي ته توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو سندس قوم جي ماڻهن، تنهنجي اچڻ کان اڳ به ستايا وياسين ۽ تنهنجي اچڻ تي به ستايا پيا وڃون، هن چيو، ويجهو آهي اهو وقت جو توهان جو رب توهان جي دشمن کي ناس ڪري ۽ توهان کي خليفو بنائي زمين ۾، پوءِ ڏسي ته توهان ڪيئن ٿا ڪم ڪريو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بني اسرائيل) قوم چيو ته (اي موسى) تو کان اڳ به اسان کي ايذايو ويو آهي ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ به ايذايو وڃي ٿو. موسى (ؑ) چيو ته: (نااميد نه ٿيو) جلد ئي توهان جو دشمن تباهه ٿيندو ۽ الله تعالى توهان کي زمين جي حڪمراني عطا ڪندو پوءِ هو ڏسندو ته (هاڻي) اوهان ڪھڙا عمل ڪريو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَخَذنا ءالَ فِرعَونَ بِالسِّنينَ وَنَقصٍ مِنَ الثَّمَرٰتِ لَعَلَّهُم يَذَّكَّرونَ (آيت : 130) |
۽ بيشڪ فرعون جي قوم کي ڏڪار ۽ ميون جي گھٽتائيءَ ۾ گرفتار ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) فرعون جي ماڻهن کي خشڪ سالي (پاڻيءَ جي گهٽتائي) ۽ فصلن جي ڪميءَ جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو، انهيءَ لاءِ ته من ائين هو خدا کي ياد ڪن ۽ نصيحت حاصل ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان گرفتار ڪيو فرعون جي قوم کي ڏُڪار ۽ ميون جي ڪمي سان ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان فرعون جي ماڻهن کي ڪيئي سال ڏڪر ۽ ميون جي گهٽ پيداوار جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو. ته جيئن اهي ماڻهو سبق حاصل ڪن. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پڪڙيوسون فرعونين کي (ڏڪار جي) سالن سان ۽ گھٽائڻ ميون جي سان تانته اهي نصيحت وٺن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان فرعون جي تابعدارن کي ڏڪارن (يعني ڏڪار جي مٿان ڏڪار) ۽ ميون جي گهٽتائي ۾ گرفتار ڪيو مَنَ اهي ڌيان ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان فرعون (جي قوم) وارن کي (ڪيئي سالن تائين) ڏڪار ۽ پيداوار جي گهٽتائي (جي سزا) ۾ گرفتار ڪيوسين ته من اُهي نصيحت پرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فِرعون وارن کي، وَرهين ۾، پُورو پَڪڙيوسون پَڪ، پڻ داڻن ڪَڻن ۾ ڌَڪ، ته مانَ سُڃاساڱائـِين ڪي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان فرعونين کي ڏڪار ۽ ميون جي گهٽتائي جي مصيبتن ۾ ڦاسايو، ته من اهي سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان فرعون وارن کي ڪيترائي سال ڏڪار ۽ پيداوار جي ڪميءَ ۾ ڦاٿل رکيو ته مــَـنَ ڪو هوش ڌارن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڪيترا ئي سال فرعون جي ماڻهن کي ڏڪار ۽ پيداوار جي گهٽتائيءَ ۾ مبتلا ڪري رکيو ته شايد هوش ۾ اچن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان فرعون جي ماڻهن کي ڪيترن سالن تائين ڏڪار ۽ ( زمين جي) پيداوار ۾ گهٽتائيءَ جي صورت ۾ پڪڙ ڪئي سين ته جيئن هو نصيحت وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا جاءَتهُمُ الحَسَنَةُ قالوا لَنا هٰذِهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَطَّيَّروا بِموسىٰ وَمَن مَعَهُ أَلا إِنَّما طٰئِرُهُم عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 131) |
پوءِ جڏھن اُنھن کي سُک پھتو ٿي ته چيائون ٿي ته ھيء اسان جو (لائق) آھي، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ڏک پھچندو ھو ته موسىٰ ۽ سندس سنگت کي نڀاڳو ڀائيندا ھوا، خبردار الله وٽ سندين ئي نڀاڳائي آھي پر منجھائن گھڻا نه ٿا ڄاڻن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هنن کي ڪو فائدو پهچندو هو تڏهن چوندا هئا ته، اهو اسان جو حق آهي (۽ اسان حق تي آهيون) ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪا تڪليف پهچندي هئي ته، حضرت موسيٰ ۽ سندس ماڻهن کي نحس ۽ بدشگون (خراب سوڻ) سمجهندا هئا. (يعني سمجهندا هئا ته حضرت موسيٰ ۽ سندس قوم جي برائي ۽ نڀاڳ جي ڪري سڄي ملڪ تي مصيبتون اچن ٿيون) ائين هرگز ناهي. حقيقت هي آهي ته الله تعاليٰ جي نظر ۾ اهي ئي (يعني فرعون ۽ سندس قوم) نڀاڳا ۽ نحس هئا، پر انهن مان گهڻن کي (ها حقيقت) معلوم نه هئي (ته ظالم منحوس آهن، نه مظلوم).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن وٽ ڀلائي (تندرستي ۽ خوشحالي) آئي، چيائون اسين انهيءَ جا حقدار آهيون، ۽ جڏهن انهن کي برائي (بيماري ۽ بدحالي) پهتي ته موسيٰ ۽ سندس اُمتين کي منحوس سمجھڻ لڳا، خبردار! اهي ئي الله تعالى وٽ منحوس آهن، پر گھڻا انهن مان نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن کين راحت پئي ملي ته پيا چون ته انهيءَ جا ته اسين لائق آهيون پر جڏهن کين ڪا مصيبت پهچي پئي ته وري موسى ۽ سندس ساٿين جي بدشگوني پيا سمجهن. ڏسو سندن بدشگوني ته خدا وٽ (لکيل ئي) هئي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آئي انهن وٽ ڀلائي چيائون ته واسطي اسان جي هيءَ آهي ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي انهن کي ڪا برائي ته بري فال وٺن ٿا موسى سان ۽ انهن سان جيڪي ساڻس گڏ هئا خبردار پڪ بري فال انهن جي الله وٽ آهي ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن به کين ڀلائي پهتي ته چيائون ته هيءَ اسان لاءِ آهي. ۽ جيڪڏهن کين ڪا برائي پهتي ته موسيٰ ۽ سندس سنگت جو نڀاڳ سمجهيائون. هيءَ ڳالهه ٻڌي ڇڏيو ته سندس نڀاڳ (جو انهن تي هن کانپوءِ ظاهر ٿيندو) الله وٽ ئي آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن کي خوشحالي آئي ته چيائون: ”اها اسان لاءِ هجڻ گهرجي“ ۽ جي انهن کي بدحالي پهتي ته موسى ۽ جيڪي ان سان گڏ آهن انهن ڏانهن نڀاڳ جي نسبت ڪرڻ لڳا. خبردار! انهن (فرعونين) جو نڀاڳ الله وٽ ثابت آهي ۽ پر انهن مان گھڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جڏهن آيو اُنهن کي، سامهون سال سُڪار، چي، هِي سڀ سبب اسان جي؛ ۽ پُهتنِ ڏُرت ڏُڪار، ته مُوسىٰ جي، ۽ جن مڃيو، شامت ڪَيون شُـمار، ڏُرت، ڏولائو اُنهن جو، سَمجھ، ته وَٽ سَتّار، پر نَتِيجو نِروار، اَڪثر نه سمجھن، اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جڏهن کين سک مليو ٿي، ته چيائون ٿي ”هي اسان جو حق آهي“ ۽ جي تڪليف ٿي پهتين، ته موسيٰ ۽ سندس ساٿين جي نڀاڳائي ٿي سمجهيائون! ٻڌو! الله وٽ سندن ئي نڀاڳائي آهي، مگر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر سندن حالت اها هئي جو جڏهن چڱو زمانو ايندو هئن ته چوندا هئا ته اهو ته اسان جو حق آهي ۽ جڏهن برو وقت ايندو هئنِ ته موسيٰ ۽ سندس ساٿين کي نڀاڳ جي نشاني ڀانئيندا هئا، حالانڪه حقيقت ۾ سندن نڀاڳ ته الله وٽ ئي هو، پر انهن مان اڪثر بي علم هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر سندن حال هي هو ته جڏهن به ڪو چڱو وقت ايندو هو ته چوندا هئا، اسين انهيءَ جي لائق آهيون ۽ جڏهن برو زمانو ايندو هو ته نڀاڳ چوندا هئا موسيٰ ۽ سندس ساٿين کي پنهنجي لاءِ، پر سچ پچ ته انهن جو نڀاڳ الله وٽ هو، پر انهن مان گهڻا بي علم، بي خبر هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن انهن کي ڪا ڀلائي پھچندي هئي ته چوندا هئا ته ان ڀلائيءَ جا اسان ئي حقدار آهيون ۽ جڏهن کين برائي پھچندي هئي ته موسى (ؑ) ۽ سندس ساٿين جي طرف کان ان کي نڀاڳو سمجهندا هئا. ياد رکو! انهن جو نڀاڳ ته الله تعالى جي طرفان آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا مَهما تَأتِنا بِهِ مِن ءايَةٍ لِتَسحَرَنا بِها فَما نَحنُ لَكَ بِمُؤمِنينَ (آيت : 132) |
۽ چيائون ته (اي موسى) جڏھن ڪڏھن ڪابه نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين ته اُن سان اسان تي جادو ڪرين ته اسين توکي مڃڻ وارا نه آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون ۽ سندس ماڻهن (حضرت موسيٰ کي) چيو ته ڪهڙي به نشاني اسان ڏي آڻين جنهن سان اسان تي جادو ڪرين (يا اسان تي ڪا مصيبت آڻين) ته به اسان توتي ايمان ڪونه آڻينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چيائون تون ڪهڙي به نشاني اسان وٽ آڻ جنهن سان تون اسان تي جادو ڪرين، پوءِ به اسين توتي ايمان آڻيندڙ ناهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (فرعون جي ماڻهن موسى کي هڪ دفعي) چيو ته تون اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ چاهي جيتريون به نشانيون آڻين پر اسين تو تي ڪڏهن به ايمان نه آڻيداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته جڏهن به آڻيندين اسان وٽ ڪا نشاني تانته جادو ڪرين اسان کي ان سان پوءِ ناهيون توتي ايمان آڻيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته جابه نشاني تون اسان وٽ آڻيندين هن لاءِ ته ان سان تون اسان تي جادو ڪرين ته به اسين توکي مڃڻ وارا نه آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون: ”(اي موسى) تون اسان وٽ جا به نشاني آڻيندين هن لاءِ ته تون ان سان اسان تي جادو ڪرين ته پوءِ به اسان تو تي ايمان آڻڻ وارا نه آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، آڙي آڻِيين ڪيترا، اسان وٽ اُهڃاڻ، تان اَسان کي، اُن سان، ڪو سِحر ڪرين سُڄاڻ!، تبه اَسين تُنهنجِي آڻ، مُور نه مَڃڻا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوڻ لڳا ته ”جڏهن به تون اسان تي جادو ڪرڻ جي واسطي ڪا نشاني آڻيندين ته اسين توتي ايمان نه آڻينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن موسيٰ کي چيو ته، "تون اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ کڻي ڪهڙي به نشاني آڻين، اسان تنهنجي ڳالهه مڃڻ وارا نه آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن (موسيٰ کي) چيو ته تون ڪهڙي به نشاني آڻين اسان تي جادو ڪرڻ لاءِ، اسين تنهنجي ڳالهه مڃڻ وارا نه آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون جي ماڻهن چيو ته (اي موسى) تون اسان کي جادوءَ واري اثر ۾ آڻڻ لاءِ جيڪڏهن ڪا نشاني به آڻيندين تڏهن به اسان تنھنجي مٿان ايمان نه آڻينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرسَلنا عَلَيهِمُ الطّوفانَ وَالجَرادَ وَالقُمَّلَ وَالضَّفادِعَ وَالدَّمَ ءايٰتٍ مُفَصَّلٰتٍ فَاستَكبَروا وَكانوا قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 133) |
پوءِ مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جونء ۽ ڏيڏر ۽ رت کليل مُعجزا موڪلياسون، پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ (اُھا) ڏوھاري قوم ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان هنن تي طوفان (يا ٻوڏ) آندي ۽ ماڪڙ ۽ جونئان ۽ ڏيڏر ۽ رت. اهي سڀ جدا جدا چٽيون نشانيون هيون. تڏهن به هو تڪبر ڪندا رهيا ۽ هو گنهگار ماڻهو هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان موڪليا انهن تي طوفان ۽ مڪڙ ۽ چِچِڙَ ۽ ڏيڏر ۽ رت، جدا جدا نشانيون ڪري، پوءِ تڪبر ڪيائون ۽ اها قوم هُئي گنهگار(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن اسان انهن تي (پاڻي جو) طوفان ۽ مڪڙن جونئن ۽ ڏيڏرن ۽ رت (جو عذاب) موڪليو جن مان سڀ جدا جدا (اسان جي قدرت جون) نشانيون هيون. تنهن هوندي به اهي نٺر وڏائي ڪندا رهيا ۽ اهي ماڻهو ڏوهاري ته هئا ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موڪليوسون انهن تي طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جون ۽ ڏيڏر ۽ رت، نشانيون کليل پوءِ تڪبر ڪيائون ۽ هئا قوم مجرم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مٿن طوفان ۽ مڪڙ ۽ جوئن ۽ ڏيڏرن ۽ رت، جدا جدا نشانيون موڪليون سون، پوءِ انهن وڏائي ڪئي ۽ ڏوهاري قوم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن مٿان طوفان موڪليو ۽ ماڪڙ (موڪلي) ۽ جوئُون (وِڌيون) ۽ ڏيڏرَ (موڪليا) ۽ رت (وسايو. اهي) جدا جدا نشانيون موڪليون، پوءِ به انهن وڏائي ڪئي ۽ اُهي هئا ئي ڏوهاري قوم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، موڪليو سون تن مَٿي، گوڙ، وَڏو گَھمسان، مَڪڙ، جُون يُون، رَت ۽ ڏيڏريون، کُليل خُوب نِشان، پوءِ پِيا خُودِي ۾ خان، ۽ هُئـِي ڪانِهياري قوم ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جؤن ۽ ڏيڏر ۽ رت جون پڌريون نشانيون موڪليون، ته هٺ ڪيائون ۽ اُهي ڏوهاري ماڻهو هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان مٿن طوفان آندو، ماڪڙ موڪلي، جو نئون پيدا ڪيو، ڏيڏر ڪڍيا ۽ رت وسايو. اهي سڀئي نشانيون ڌار ڌار ڪري ڏيکاريون! مگر هنن هٺ نه ڇڏيو، ڏاڍا ڏوهاري ماڻهو هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ موڪليوسين انهن تي طوفان، ۽ ماڪڙ موڪلي، ۽ جوئون موڪليون، ۽ ڏيڏر ڪڍيا ۽ وسايوسين رت، هي سڀ نشانيون ڌار ڌار ڪري ڏيکاريون، پر هو سرڪشي ڪندا رهيا ۽ اهي تمام وڏا مجرم ماڻهو هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن جي مٿان طوفان، ماڪڙ، جوئن، ڏيڏرن ۽ رت جي صورت ۾ ڪيترائي عذاب موڪلياسين. هي سڀ نشانيون وقفي وقفي سان هڪ ٻئي کان پوءِ موڪليون سين پر هو پوءِ به تڪبر ڪندا رهيا ڇو ته اها ڏوهاري قوم هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا وَقَعَ عَلَيهِمُ الرِّجزُ قالوا يٰموسَى ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفتَ عَنَّا الرِّجزَ لَنُؤمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرسِلَنَّ مَعَكَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 134) |
۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ته (تڏھن) چيائون ٿي ته اي موسىٰ پنھنجي پالڻھار کان انھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دُعا گھُر، ته جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي ته توتي ضرور ايمان آڻينداسون ۽ بني اسرائيلن کي (به) ضرور توسان ھلڻ جي موڪل ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن جڏهن هنن تي ڪو عذاب ايندو هو تڏهن تڏهن چوندا هئا ته، اي موسيٰ! جهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توسان عهد ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اسان جي لاءِ کانئس دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان هي عذاب ٽاريندين ته اسان ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ توسان گڏ (وڃڻ لاءِ) بني اسرائيلن کي موڪلي ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن تي عذاب پهتو چيائون اي موسيٰ اسان لاءِ پنهنجي رب کان دُعا گھر اُن وعدي موجب جيڪو تو سان تنهنجي رب ڪيو هو (نجات جو) بيشڪ جيڪڏهن تو اسان تان عذاب کڻايو ته اسين ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي تو سان گڏ ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن مٿن عذاب اچي ٿي ڪڙڪيو چون پيا ته اي موسى، تو سان جو خدا (دعا قبول ڪرڻ جو) واعدو ڪيو آهي تنهن جي اميد تي پنهنجي خدا کان دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان عذاب ٽاريو ته اسين ضرور تو تي ايمان آڻينداسين، پڻ تو ساڻ بني اسرائيلن کي به ضرور موڪلينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏھن واقع ٿيو انھن تي عذاب ته چيائون اي موسى دعا گھر اسان لا پالڻھار پنھنجي کان سببان ان جي جو وعدو ڪيائون تووٽ البته جيڪڏھن لاٿو تو اسان تان عذاب ته البته ضرور ايمان آڻينداسون توتي ۽ البته ضرور ڇڏينداسون گڏ توسان بني اسرائيل کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن مٿن عذاب پيو ته چوڻ لڳا ته اي موسيٰ ! تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کان انهن (نالن ۽ دعائن) سان دُعا گهر جيڪي توڏي وحي ڪيا اٿس. جيڪڏهن تون اسان تان (اهو) عذاب لاهيندين ته اسين توکي مڃينداسون ۽ توسان گڏ بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن به انهن تي عذاب واقع ٿيو ته چوڻ لڳا: ”اي موسى ! اسان لاءِ پنهنجي پالڻهار کان ان معاهدي جي بنياد تي دعا گهر جيڪو تو وٽ آهي. جيڪڏهن تو اسان تان عذاب ٽارايو ته اسان ضرور تو تي ايمان آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي ضرور تو سان گڏ موڪلينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ موڙو مُوڙهلن تي، ڪَڙڪِينِ سِرڪَپار، چي، مُوسٰى! پَنهنجي مالِڪ کي، ڪر آزي اَسان هارِ، جنهن موجب، مالِڪ توسان، ڪَيا قول قرار، جي لاٿِئي لوڙه اَسان تان، ته مڃينداسُونءِ مَهندار!، ۽ اِسرائـِيل جي اولاد کي، تو گَڏ، ڇَڏيون تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن مٿن ڪو عذاب اچي پوندو هو، ته چوندا هئا. ”اي موسيٰ! توسان جيڪو تنهنجي رب واعدو ڪيو آهي، ان سان اسان لاءِ دعا گهر. جي تون اسان کان عذاب ٽاريندين، ته توتي ايمان آڻينداسون ۽ توسان يهودين کي ضرور ڇڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن به مٿن ڪا آفت نازل ٿيندي هئي ته چوندا هئا، "اي موسيٰ: توکي پنهنجي رب وٽان جيڪو عهدو مليل آهي، ان جي ڪري اسان جي حق ۾ دعا گهر، جيڪڏهن هاڻي اها بلا اسان تان ٽاريئه ته اسان تنهنجي ڳالهه مڃينداسون ۽ بني اسرائيل کي توسان گڏ وڃڻ ڏينداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به مٿن ڪا مصيبت نازل ٿي ته چوندا هئا، اي موسيٰ! دعا گهر اسان لاءِ پنهنجي رب کان پنهنجي مليل منصب جي بنياد تي، جي تو اسان تان مصيبت ٽاري ته اسان تنهنجي ڳالهه مڃينداسين ۽ موڪلينداسين تو سان بني اسرائيل کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مٿين عذابن مان) جڏهن به مٿن ڪو عذاب ايندو هو ته چوندا هئا ته اي موسى! پنھنجي پالڻھار کان اسان جي لاءِ دعا گهر، جنھن جو هن تو سان وعدو فرمايو آهي. جيڪڏهن تو اسان جي مٿان هي مصيبت ٽارائي ڇڏي ته اسان تنھنجي مٿان ايمان به آڻينداسين ۽ بني اسرائيل کي به تو سان گڏ وڃڻ جي ضرور اجازت ڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ الرِّجزَ إِلىٰ أَجَلٍ هُم بٰلِغوهُ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 135) |
پوءِ جنھن مھل عذاب جيڪو کين ٺھرايل مدت توڻي پھچڻو ھو سو کانئن لاٿوسون ٿي (ته) اُتي جو اُتي انھن اَنجام ڀڳو ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن اسان هنن تان اهو عذاب مقرر مدي بعد، جنهن مدي کي هو پهچڻا هئا ٽاري ڇڏيو تڏهن هنن هڪدم بدعهدي ڪئي ۽ واعدو نه پاڙيو (يعني ايمان نه آندائون ۽ بني اسرائيل کي موڪل نه ڏنائون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اسان انهن تان عذاب لاٿو ڪنهن مقرر وقت تائين جنهن تائين انهن کي پهچڻو هو اُن وقت اِهي ڦري ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسان انهن کان جنهن وقت تائين ضرور پهچن ها عذاب کي ٽاري ٿي ڇڏيو ته وري يڪدم انجام اقرار ٽوڙي پيا ڇڏن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏھن لاٿوسون انھن تان عذاب تائين ان وقت جي جو اھي پھچندڙ آھن ان جا ته اوچتوئي اھي ٿا ڦري وڃن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان انهن تان هڪ مدت تائين جنهن (مدت) کي اهي پهچڻ وارا هئا عذاب لاٿو ته ان وقت ئي انهن انجام ڀڳو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اسان انهن تان ان مدت تائين جنهن تائين اُهي پهچڻ وارا هئا عذاب پئي ٽاريو ته انهن اوڏي مهل ئي معاهدو ٽوڙي پئي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن، ڪياسون ڪرم سان، انهن تان ڏُور ڏُوار، مُقرّر مُدّت سِين؛ هُو پُهچڻان جِنهن پار، ته ڀَڃن پِيا بَدڪار، اِجھو انَجامن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن (به) اسان ان عذاب کي، جو کين هڪ مدت تائين پهچندو هو، هٽائيندا هئاسون، ته اوچتو ئي ان (انجام) کي ٽوڙي ڇڏيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جڏهن به اسان کانئن پنهنجو عذاب هڪڙي مقرر وقت تائين جنهن کي هو هر حالت ۾ پهچڻ وارا هئا، هٽايو ته وري هو هڪدم پنهنجي وعدي کان ڦري پئي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جڏهن اسان جو عذاب انهن تان هٽيو ٿي، جيڪو خاص مدت لاءِ هو، ته هو هڪدم پنهنجي عهد تان ڦري ويندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو جڏهن اسان جي مقرر ٿيل عذاب جي وقت تي پھچڻ وارا هوندا هئا ته (موسى ؑ جي دعا گهرڻ سبب) اسان انهن جي مٿان ايندڙ عذاب خاص وقت تائين ٽاري ڇڏيندا هئاسين ته هو وري هڪدم پنھنجي وعدي تان ڦري ويندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم فِى اليَمِّ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 136) |
پوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو انھن کي سمنڊ ۾ انھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ اُن کان بي خبر ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (نيٺ) اسان کين (سندن ظلمن جو) بدلو ڏنو ۽ کين سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو، ڇو ته هو اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائيندا هئا، ۽ انهن کان غافل رهندا هئا (يعني انهن تي عمل نه ڪندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ اسان انهن کي سَمُنڊ ۾ ٻوڙيو انهيءَ سببان جو اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھندا هئا ۽ انهن کان غافل هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (نيٺ) اسان انهن کان (سندن شرارتن جو) عوض ورتو ۽ جيئن ته اهي اسان جي آيتن کي ڪوڙ سمجهندا هئا ۽ انهن کان غافل رهندا هئا ته اسان به کين دريا ۾ ٻوڙي ماريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بدلو ورتوسون انھن کان پوءِ ٻوڙيوسون انھن کي انھيءَ درياءَ ۾سببان ان جي جو بلاشڪ انھن ڪوڙو ڪيو آيتن اسان جن کي ۽ ھئا انھن کان غافل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو جو کين سمنڊ ۾ ٻوڙيوسون هن ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان بي خبر (رهندا) هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کان (بد عملين) جو بدلو ورتو سو اسان انهن کي سمنڊ ۾ ٻوڙيو هن ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ اهي ان کان غافل هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وير وارياسون اُنهن کان، ۽ ٻوڙيون سُونِ مَنجھ ٻار، جو ڪُوڙيون اَسان جون ڪوٺيؤن، نِشانيون نِروار، ۽ تنِنِيين کان تَڪرار، هُئا ويسارا ويسلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان کانئن بدلو ورتو ۽ کين پاڻيءَ ۾ ٻوڙيوسون، ڇا لاءِ ته انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ انهن کان غافل هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اسان کانئن انتقام ورتو ۽ کين سمنڊ ۾ ٻوڙي ڇڏيو، ڇو جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو ۽ انهن کان بي پرواهه ٿي ويا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن اسان انتقام ورتو انهن کان ۽ غرق ڪيو انهن کي درياء ۾، ڇاڪاڻ ته انهن ڪوڙو چيو اسان جي نشانين کي ۽ اهي انهن کان بي پرواهه ٿي ويا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (انهن جي بار بار خلاف ورزين جي ڪري) آخرڪار اسان انهن کان بدلو ورتو ۽ کين سمنڊ ۾غرق ڪري ڇڏيوسين، ڇوته هنن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪيو هو ۽ هو (انتھائي) لاپرواهه ٿي چڪا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَورَثنَا القَومَ الَّذينَ كانوا يُستَضعَفونَ مَشٰرِقَ الأَرضِ وَمَغٰرِبَهَا الَّتى بٰرَكنا فيها وَتَمَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ الحُسنىٰ عَلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ بِما صَبَروا وَدَمَّرنا ما كانَ يَصنَعُ فِرعَونُ وَقَومُهُ وَما كانوا يَعرِشونَ (آيت : 137) |
۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اسرائيلن سان چڱو انجام انھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھوائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ) اسان انهن ماڻهن (بني اسرائيلن) کي جي (مصر ۾) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا انهيءَ ملڪ جي مشرق ۽ مغرب جو وارث ڪيو (يعني بادشاهي ڏني) جنهن ملڪ تي اسان نعمتون ۽ برڪتون ڪيون (يعني فلسطين جو ملڪ) ۽ تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو بني اسرائيلن جي حق ۾ پورو ٿي ويو، هن ڪري جو هنن (ان زماني ۾ مصيبتن تي) صبر ڪيو ۽ (حق جي راهه تي) ثابت قدم رهيا. (پر جن ظالمن مٿن ظلمن ڪيو هو تن جو حال اهو ٿيو جو) جيڪي وڏا ڪاريگريءَ جا ڪم ۽ محلاتون فرعون ۽ سندس ماڻهن ٺاهيون هيون تن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان قوم کي مالڪ بنايو جيڪي ڪمزور ليکيا ويندا هئا مصر ۽ شام (ملڪ) ۾ جنهن ۾ اسان برڪتون رکرايون آهن، ۽ بني اسرائيل لاءِ تنهنجي رب جو وعدو سهڻي نموني سان پورو ٿيو، انهيءَ سببان جو صبر ڪيائون، ۽ اسان برباد ڪيو انهيءَ ڪم کي جيڪو فرعون ۽ سندس قوم ڪندي هئي ۽ جيڪي محل تعمير ڪيائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ويچارن کي اهي ماڻهو ڪمزور سمجهندا هئا انهن کي (شام ملڪ جي) زمين، جنهن ۾ اسان (زرخيز هئڻ جي) برڪت عطا ڪئي هئي، ان جي اوڀر اولھ (سڀ جو) وارث (۽ مالڪ) بڻايو. پڻ جيئن ته بني اسرائيلن (فرعون جي ظلمن تي) صبر ڪيو هو تنهن ڪري تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو (جيڪو هن انهن سان ڪيو هو) پورو ٿي ويو. ۽ جيڪي فرعون ۽ سندس قوم جا ماڻهو ڪندا هئا ۽ جيڪي وڏا وڏا محلات بڻائيندا هئا سڀ اسان برباد ڪري ڇڏيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وارث بنايوسون قوم کي جيڪي ضعيف سمجهيا ويندا هئا اوڀرن زمين جي کي ۽ اولهن ان جي کي جو برڪت وڌي اسان انهن ۾ ۽ پورو ٿيو فرمان رب تنهنجي جو سهڻو مٿان بني اسرائيل جي سببان ان جي جو صبر ڪيائون ۽ برباد ڪيوسون اهو جو ڪيو ٿي فرعون ۽ قوم ان جي ۽ اهو جو ڇتيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن زمين ۾ اسان برڪت رکي آهي تنهن جي اڀرندن ۽ الهندن جو ان قوم کي وارث ڪيوسون، جن کي ضعيف سمجهيو ويندو هو. ۽ بني اسرائيلن جي حق ۾ تنهنجي پاليندڙ جو چڱو وعدو سندن صبر جي ڪري پورو ٿيو. ۽ فرعون ۽ سندس قوم جو ڪجهه بنائيندا هئا ۽ جيڪي (وڏيون عمارتون) ٺاهيندا هئاسي اسان برباد ڪري ڇڏيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان قومِ (بني اسرائيل) کي جيڪي ڪمزور سمجھيا ويندا هئا ان سرزمين جي اولهه ۽ اوڀر جو وارث بنايوسين جنهن ۾ اسان برڪت رکائي هئي. ۽ بني اسرائيل جي حق ۾ تنهنجي پالڻهار جو سهڻو وعدو پورو ٿي ويو هن ڪري جو صبر ڪيائون. ۽ اسان (انهن محلاتن کي) برباد ڪري ڇڏيو جيڪي فرعون ۽ ان جي قوم وارا ٺاهيندا هئا ۽ جيڪي اوچيون ماڙيون ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون اُنهئَ قوم کي، وَرِي وَرثيدار، جي هِيڻان ڀانيا، وِيا، ڀُون جي، اولھ ۽ اوڀر پار، جنهن ۾، ڀَريون سون بَرڪتون؛ ۽ ڳالھ چڱِي چوڌار، پُني بَنِي اسرائيل تي، سَندئـِي ربَّ، سَتّار، جنهن سَبب سَٺائون سَختيون؛ ۽ ڪياسون ناس نِبار، فِرعون ۽ سندسِ فرق جا، جي ڪيائون ڪم ڪار، پُن تنبوُ بَنبوُ تَڪرار، جي هَڻنداهئا، هرهنڌ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن قوم کي هيڻو سمجهيو ويو ٿي، اسان انهن کي اوڀر ۽ اولهه جي برڪت ڀري زمين جو مالڪ بنايو. يهودين تي سندن صبر ڪري تنهنجي رب جو نيڪ واعدو پورو ٿيو ۽ فرعون ۽ سندن قوم جا ماڻهو جيڪي ڪم ڪندا ۽ اڏاوتون بڻائيندا رهيا، تن کي ناس ڪري ڇڏيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن جاءِ تي اسان انهن ماڻهن کي، جيڪي هيسائي ڪمزور ڪيا ويا هئا، ان سرزمين جي، جنهن کي اسان برڪتن سان مالامال ڪيو هو، اڀرندي توڙي الهندي پاسي جو وارث بڻايوسون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي حق ۾ تنهنجي رب جو سهڻو وعدو پورو ٿيو، ڇاڪاڻ ته هنن ڏاڍو صبر ڪيو هو ۽ اسان فرعون ۽ سندس قوم جو اهو سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيو، جيڪي هو ٺاهيندا ۽ اوچو اَڏيندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندن جاءِ تي انهن ماڻهن کي، جن کي هنن هيڻو بڻائي رکيو هو، انهيءَ سرزمين جي اوڀر ۽ اولهه جو وارث بڻائي ڇڏيو، جنهن کي اسان پنهنجي برڪتن سان مالا مال ڪيو هو، اهڙيءَ طرح تنهنجي رب جو سهڻو وعدو بني اسرائيل جي حق ۾ پورو ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهن صبر کان ڪم ورتو هو ۽ سڀڪجهه برباد ڪيوسين فرعون ۽ سندس قوم جو، جيڪي هو ٺاهيندا ۽ ان کي مٿي ڪندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (انهن جي جاءِ تي) اسان برڪت واري زمين جي چؤطرف اهڙي قوم کي وارث بنايوسين جيڪا (فرعونين جي هٿان) ڪمزور ڪئي وئي هئي، اهڙي طريقي سان تنھنجي پالڻھار جو بھترين وعدو بني اسرائيل جي حق ۾ پورو ٿيو، ڇو ته انهن (وڏي) صبر کان ڪم ورتو ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي به محل ۽ ماڙيون ٺاهيون هيون، سي سڀ برباد ڪري ڇڏيون سين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجٰوَزنا بِبَنى إِسرٰءيلَ البَحرَ فَأَتَوا عَلىٰ قَومٍ يَعكُفونَ عَلىٰ أَصنامٍ لَهُم قالوا يٰموسَى اجعَل لَنا إِلٰهًا كَما لَهُم ءالِهَةٌ قالَ إِنَّكُم قَومٌ تَجهَلونَ (آيت : 138) |
۽ بني اسرائيل کي سمنڊ کان پار لنگھايوسون پوءِ اُھي ھڪڙي اھڙي قوم تي پُھتا جو پنھنجي بتن جا مجاور ھوا، (موسى) کي چيائون ته اي موسىٰ اسان لاءِ (به) ھڪڙو اھڙو خُدا بڻاءِ جھڙا ھنن لاءِ خُدا آھن، (موسى) چيو ته بيشڪ اوھين جاھل قوم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جڏهن بني اسرائيلن کي (مصر منجهان ڪڍي) سمنڊ جي پار پهچايو تڏهن هو هڪ اهڙي قوم جي ماڻهن مان لنگهيا جي پنهنجي بتن جي پوڄا ڪندا هئا. (هي ڏسي بني اسرائيلن حضرت موسيٰ کي) چيو ته، اي موسيٰ اسان کي به هڪ معبود (بت) ٺاهي ڏي. جهڙا هنن ماڻهن جا معبود آهن. حضرت موسيٰ فرمايو ته توهان يقيناً سخت جاهل ماڻهو آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ مان پار ڪيو پوءِ اهي اهڙي قوم وٽ پهتا جيڪي پنهنجن بتن اڳيان پلٿي هڻي پوڄا ڪندا هئا، بني اسرائيل چوڻ لڳا اي موسيٰ تون اسان لاءِ معبود مقرر ڪر جيئن انهن لاءِ معبود آهن، موسيٰ فرمايو بيشڪ توهان جاهل قوم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي دريا جي هن پار ٽپايو ته (اهي) اهڙن ماڻهن وٽان لنگهيا جيڪي پنهنجي (هٿن سان بڻايل) بتن (جي پوڄا پاٽ) تي ڄميل هئا (ته هنن کي ڏسي ڪري بني اسرائيلن موسى کي) چيو، اي موسى جيئن هنن ماڻهن جا معبود (بت) آهن، اهڙو ئي اسان جي لاءِ به هڪ (بت) معبود بڻاءِ. موسى چين ته اوهين ته وڏا جاهل ماڻهو آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لنگهايوسون بني اسرائيل کي سمنڊ کان پوءِ آيا اهڙي قوم تي جو (ڏهي) ۾ ويٺا هئا مٿان بتن پنهنجي چيائون ته اي موسى! بناءِ واسطي اسان جي معبود جيئن انهن جي لاءِ معبود آهن فرمايائين ته بيشڪ اوهان قوم آهيو جو جهالت ٿا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي درياءَ کان پار لنگهايو، پوءِ اهي اهڙي قوم تي پهتا، جي پنهنجن بتن جي پوڄا ۾ لڳا پيا هئا. چيائون ته اي موسيٰ جيئن انهن کي معبود آهن تيئن اسان لاءِ ڪو معبود ٺاهه. موسيٰ چيو ته بيشڪ اوهين جاهل قوم آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ (بحر قلزم) کان پار ڪيوسين ته هڪ اهڙي قوم وٽ آيا جيڪي پنهنجي بتن جا مجاور هئا. چيائون: ”اي موسى! اسان لاءِ به اهڙو معبود ٺاهه جيئن هنن جا معبود آهن“. فرمايائين: ”پڪ سان اوهان اهڙي قوم آهيو جو جهالت ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِسرائـِيل جي اولاد کي، ٻار اُڪاريسون پار، پوءِآيا اِهڙِي قوم تي، جن تيرٿ ڪَئين تيار، مَٿنِ ڪنداهئا مُجاوريون؛ چي، موسٰي! مُقرر ڪار، جِيئن درگاهون هِنن جون، تِـئين درگاه، اَسان لئي ڌار، چي، آهيو قوم اَڄاڻ ڪا،بِلڪل اَوهين بيڪار؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان يهودين کي سمنڊ کان پار ڪيو، ته اهي اهڙن ماڻهن وٽ آيا، جي بتن جا مجاور ٿيا ويٺا هئا، چيائون ”موسيٰ! اسان لاءِ به اهڙو سائين بناءِ جهڙو انهن کي آهي،“ چيائين ”اوهان برابر جاهل آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بني اسرائيل کي اسان سمنڊ مان پار اُڪاريو ته پوءِ هو هلندا اچي اهڙي قوم وٽان لانگهائو ٿيا، جيڪي پنهنجن (هٿرادو ٺهيل) بتن جا مجاور بڻيا ويٺا هئا (هي ڏسي موسيٰ کي) چيائون: "اي موسيٰ! اسان جي لاءِ به ڪو اهڙو معبود ٺاهي وٺ، جهڙا انهن جا معبود آهن". موسيٰ چين: "توهان ماڻهو ڏاڍيون جهالت جون ٿا ڳالهيون ڪريو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان پار ڪيو بني اسرائيل کي سمنڊ تان، پوءِ اهي هليا ۽ رستي ۾ اهڙي قوم وٽان لنگهيا، جيڪي پنهنجي بتن تي مجاور بڻيل هئا. چوڻ لڳا، اي موسي! اسان جي لاءِ به ڪو اهڙو خدا بڻاءِ جهڙا انهن جا خدا آهن. موسيٰ چيو، توهان ماڻهو وڏي جهالت جون ڳالهيون ٿا ڪريو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي بني اسرائيل کي سمنڊ پار ڪرايوسين، پوءِ هو اهڙي قوم وٽ پھتا جيڪا پنھنجي بتن جي وڏي پوڄاري هئي. بني اسرائيل چيو ته اي موسى! اسان جي لاءِ به ڪو معبود مقرر ڪر جيئن هن قوم جا معبود آهن. موسى (ؑ) چيو ته توهان ته صفا جاهل ماڻهو آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰؤُلاءِ مُتَبَّرٌ ما هُم فيهِ وَبٰطِلٌ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 139) |
ھيء ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو رد آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو غلط آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن دين ۾ هي ماڻهو آهن سو (مصري ماڻهن جي دين جو) ڀڳل برباد ٿيل ٽڪرو آهي (۽ جلد فنا ٿي ويندو) ۽ اهي ماڻهو جيڪي عمل (۽ عبادتون) ڪن ٿا سي باطل آهن (يعني بلڪل بيڪار ۽ بي بقا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي جنهن ڪم ۾ آهن هلاڪ ٿيندڙ آهن ۽ سندن عمل باطل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اڙي ڪم بختو!) هي ماڻهو جنهن مذهب تي آهن، اهو پڪ برباد ٿي ويندو ۽ جيڪو عمل اهي ماڻهو ڪري رهيا آهن، اهو سڀ ميٽجي ويندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هي هلاڪ ڪيل آهي اهو جو اهي ان ۾ آهن ۽ باطل آهي اهو جو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي (ماڻهو) جنهن (مذهب) ۾ آهن سو برباد آهي ۽ جيڪو ڪم پيا ڪن سو غلط آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي جنهن (بت پرستي) ۾ آهن اُها برباد ٿيڻ واري آهي ۽ جيڪي ڪن ٿا سو باطل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي، جن جي پُوڄاپاٽ ۾، سي اُجڙ، آخرڪار؛ ۽ جي ڪن، اِهي ڪم ڪار، سي واء چَڙِهي، سڀ وڃڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هي ماڻهو جنهن طريقي تي هلي رهيا آهن، سو تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ هو جيڪي ڪن ٿا سي باطل آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي ماڻهو جنهن طريقي تي هلن ٿا سو ته برباد ٿيڻو آهي ۽ جيڪو عمل پيا ڪن، ٿا اهو سمورو باطل آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جنهن طريقي جي پيروي ٿا ڪن، سو تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ اهو باطل آهي جيڪو عمل اهي ڪن پيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اها (مشرڪ) قوم جنھن مذهب تي آهي، اهو (مذهب) ته تباهه ٿيڻ وارو آهي ۽ انهن جو ته هر عمل ئي غلط آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَغَيرَ اللَّهِ أَبغيكُم إِلٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 140) |
مُوسىٰ چيو ته الله کانسواءِ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران؟ جنھن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت موسيٰ وڌيڪ) فرمايو ته (اي بني اسرائيلؤ! افسوس اوهان جي عقل تي) مان سچي الله کي ڇڏي اوهان جي لاءِ ڪو ٻيو معبود ڳوليان ڇا؟ ۽ (توهان ايترو به خيال نٿا ڪريو ته) الله تعاليٰ ئي اوهان کي ٻين قومن تي فضيلت ڏني آهي (۽ اوهان تي بخششون ۽ نعمتون ڪيون اٿس، پوءِ ڇو ٿا ٻين ديوتائن جي ڳولا ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ فرمايو ڇا الله تعالى کانسوءِ آئون توهان لاءِ معبود طلب ڪريان حالانڪ الله توهان کي موجودهه زماني وارن کان ڀلو ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (وري موسى) چين، ڇا! (توهين چاهيو ٿا ته) خدا کي ڇڏي آءُ ٻين کي اوهان لاءِ معبود ڳوليان حالانڪه هن اوهان کي ساري خدائيءَ تي فضيلت ڏني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ڇا سواءِ الله جي طلب ڪيان اوهان لاءِ معبود ۽ ان فضيلت ڏني اوهان کي جهانن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته ڇا آءُ الله کانسواءِ (ٻيو ڪو) معبود اوهان لاءِ ڳوليان، هوڏانهن ان اوهان کي سڀني قومن تي فضيلت ڏني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”ڇا الله کان سواءِ اوهان لاءِ ڪو ٻيو معبود تلاش ڪيان؟ حالانڪه ان اوهان کي جهانن تي فضيلت ڏني آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَوهان جو، الله ري، ڪو ٻِيلي گھُران ٻيو؟ جنهن بِلڪل ڀَلو ڪيو، اوهان کي، عالمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ته ”ڇا آءٌ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي سائين بڻايان ۽ ان ته اوهان کي دنيا جي قومن تي ڀلائي بخشي آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ موسيٰ چين: "ڇا مان الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود توهان لاءِ ڳوليان، حالانڪه اهو ته الله ئي آهي، جنهن توهان کي ساريءَ دنيا جي قومن تي فضيلت عطا ڪئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چين، ڇا آئون ڳوليان الله کان سواءِ ٻيو معبود توهان جي لاءِ جڏهن ته اهو الله آهي جنهن افضل ڪيو آهي توهان کي دنيا وارن تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) وڌيڪ فرمايو ته: ڇا مان الله تعالى کي ڇڏي توهان لاءِ ٻيو ڪو معبود ڳوليان؟ حالانڪه هن توهان کي سڄي جھان وارن تي فضيلت بخشي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَنجَينٰكُم مِن ءالِ فِرعَونَ يَسومونَكُم سوءَ العَذابِ يُقَتِّلونَ أَبناءَكُم وَيَستَحيونَ نِساءَكُم وَفى ذٰلِكُم بَلاءٌ مِن رَبِّكُم عَظيمٌ (آيت : 141) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسين جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جو ڌيئر جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اسان جي هيءَ نعمت به) ياد رکو ته اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇڏائي آزاد ڪيو. جي اوهان کي سخت ايذاءُ ۽ تڪليفون ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا، انهيءَ ۾ توهان جي رب جي طرف کان توهان جي لاءِ تمام وڏي آزمائش هئي. (ته ڪيتري قدر صبر کان ڪم ٿا وٺو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن ٿا خدا جي شڪرگذاري ۽ فرمانبرداري ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت اسان توکي فرعون جي لشڪر کان نجات ڏني جيڪي توهان کي سخت عذاب پهچائيندا هئا، توهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي نياڻين کي زندهه ڇڏيندا هئا، انهيءَ ۾ توهان جي رب طرفان سخت توهان لاءِ آزمائش هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي اسرائيلو اهو وقت به ته ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان نجات ڏني، جڏهن اهي اوهان کي وڏيون وڏيون تڪليفون ڏيندا هئا اوهان جي پٽن کي ته ڳولي ڳولي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي (ٻانهيون ڪرڻ لاءِ) جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا. پڻ ان ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرفان (اوهان جي صبر تي) سخت آزمايش هئا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن ڇڏايوسون اوهان کي فرعونين کان چکائين پيا اوهان کي سخت عذاب قتل ڪن پيا پٽن اوهان جن کي ۽ جيئرو ڇڏين پيا عورتن اوهان جن کي ۽ انهيءَ ۾ آزمائش آهي طرفان رب اوهان جي وڏي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايو جي اوهان کي بڇڙو عذاب پهچائيندا هئا، اوهان جي پٽن کي ڪهندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان وڏو امتحان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون وارن کان نجات ڏني جيڪي اوهان کي ڏاڍو برو عذاب ڏيندا هئا، جو اوهان جي پُٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا. ۽ ان ۾ اوهان جي پالڻهار پاران اوهان جي تمام وڏي آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَهنجِي، اَهل فرعون کان، جڏهن ڇَڏائيسون جانَ، بار غُلامي بُڇڙو، پيا کَڻائـِينِيان خان، ڪُهن ڪُونڌر اَهنجا، جويُنِ، ڏِين جِيدان، ۽ اُن ۾، اِمتحان، اوهان جي، والئ کان وَڏاندرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن اسان اوهان کي فرعون جي قوم کان ڇوٽڪارو ڏنو، جي اوهان کي سخت عذاب ڏيندا هئا- هو اوهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي عورتن کي جيئرو ڇڏي ڏيندا هئا ۽ ان ۾ اوهان جي رب کان وڏي آزمائش هئي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (الله فرمائي ٿو ته) اهو وقت ياد ڪريو، جڏهن اسان توهان کي فرعون وارن کان ڇڏائي آزاد ڪيوسين، جيڪي توهان کي تمام بڇڙو عذاب ڏيندا هئا، توهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ توهان جي عورتن کي جيئرو ڇڏيندا هئا ۽ ان ۾ توهان جي رب جي طرفان توهان جي وڏي آزمائش هئي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (فرمايو) اسان نجات ڏني فرعون وارن کان، جن جو حال اهو آهي ته توهان کي سخت عذاب ۾ رکندا هئا، قتل ڪندا هئا توهان جي پٽن کي ۽ توهان جي عورتن کي زنده رکندا هئا، ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ توهان جي رب جي طرفان وڏي آزمائش هئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى فرمائي ٿو ته اي بني اسرائيل! اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن اسان توهان کي فرعون جي ماڻهن کان بچايوسين. هو توهان کي سخت عذاب ڏيندا رهندا هئا، توهان جي پٽيلي اولاد کي قتل ڪندا هئا توهان جي عورتن کي زندهه ڇڏيندا هئا، ان معاملي ۾ توهان جي پالڻھار جي طرفان هڪ وڏي آزمائش هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوٰعَدنا موسىٰ ثَلٰثينَ لَيلَةً وَأَتمَمنٰها بِعَشرٍ فَتَمَّ ميقٰتُ رَبِّهِ أَربَعينَ لَيلَةً وَقالَ موسىٰ لِأَخيهِ هٰرونَ اخلُفنى فى قَومى وَأَصلِح وَلا تَتَّبِع سَبيلَ المُفسِدينَ (آيت : 142) |
۽ مُوسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ انھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو، ۽ مُوسىٰ پنھنجي ڀاءُ ھارون کي چيو ته منھنجي قوم ۽ منھنجي پوئتان خليفو ٿي ۽ سڌارو ڪج ۽ فسادين جي واٽ تي نه ھلج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ) اسان حضرت موسيٰ جي لاءِ ٽيهه راتيون (پنهنجي ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ لاءِ) مقرر ڪيون، ۽ پوءِ ڏهه راتيون وڌائي مدو پورو ڪيوسين. سو سندس پروردگار جو پورين چاليهن راتين جو مدو (وعدي موجب) پورو ڪيو ويو. (وڃڻ کان اڳي) حضرت موسيٰ پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته، (منهنجي غيرحاضريءَ ۾) منهنجي قوم ۾ منهنجو خليفو (يا نائب) ٿي رهجانءِ ۽ هنن جو سڌارو ڪندو رهجانءِ ۽ بگاڙو ۽ شرارت ڪندڙن جو رستو نه وٺجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان وعدو ڪيو موسيٰ سان (تورات ڏيڻ لاءِ) ٽيهن راتين جو ۽ اسان انهيءَ کي وڌيڪ ڏهن راتين سان پورو ڪيو پوءِ پورو ٿيو رب جو وعدو چاليهه راتين ۾، ۽ (حضرت) موسيٰ پنهنجي ڀاءُ (حضرت) هارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ (منهنجي طرفان) نائب ٿي ۽ انهن جي عملن کي درست ڪر ۽ فسادي ماڻهن جي واٽ جي تابعداري نه ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى سان (تورات ڏيڻ لاءِ) ٽيهن راتين جو واعدو ڪيو. ۽ اسان ان ۾ ڏھ ڏينهن (وڌائي) پورو ڪيو مطلب ته سندس پالڻهار جو واعدو چاليھ راتين ۾ پورو (چلو) ٿي ويو. ۽ (ويندي وقت موسى) پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ منهنجو جانشين ٿي رھ ۽ سندن سڌارو ڪج ۽ فساد ڪرڻ وارن جي طريقي تي نه هلج.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وعدو ڏنوسون موسى کي ٽيهن راتين جو ۽ پورو ڪيوسون انهن کي ڏهن سان پوءِ پورو ٿيو وعدو رب ان جي جو چاليھ راتيون ۽ چيو موسى ڀاءُ پنهنجي هارون کي (ته) نائب منهنجو ٿي رھ قوم منهنجيءَ ۾ ۽ سڌارو ڪر ۽ نه هل واٽ فساد ڪندڙن جيءَ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان موسيٰ سان ٽيهن راتين جو وعدو ڪيو ۽ ان (وعدي) کي ٻين ڏهن (راتين) سان پورو ڪيوسون. پوءِ سندس پاليندڙ جو انجام ڏنل وقت چاليهه راتيون پورو ٿيو. ۽ موسيٰ (طور ڏي وڃڻ وقت) پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته تون منهنجي قوم ۾ منهنجو نائب ٿي رهه ۽ سڌارو ڪندو رهه ۽ فساد ڪندڙن جي رستي تي نه هلج. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان موسى سان ٽيهن راتين جو وعدو ڪيو ۽ اسان ان کي ڏهه (راتيون) ملائي مڪمل ڪيو پوءِ سندس پالڻهار جي چاليهه راتين واري وعدي جو وقت پورو ٿيو۽ موسى پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته: ”منهنجي قوم ۾ منهنجو جانشين ٿي ۽ اصلاح ڪندو رهه ۽ فسادين جي واٽ جي پيروڪاري نه ڪجانءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسون مُوسٰى مير کي، وَعدو جڏهن، وَريام!، ٽِيھ راتيون، ۽ ڏَهن سان تن کي، ڪَئين تَمام، پوءِ چَوڪِيون چالِيہ راتيون، ٿِـئو آگينسِ جو اَنجام، ۽ مُوسٰى ڀاڻسِ هارون کي، ڪَئـِي هِدايت هَمام، ٿِي نائـِب مُنهنجو نيات ۾، ۽ ڪَج نِصحيت نيڪ نام!، ۽ نَه وَٺج مُور مُدام، وِڳوڙِيَنِ جِي وَاٽَڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان موسيٰ کي ٽيهن راتين جو واعدو ڏنو هو ۽ ان کي وڌيڪ ڏهن سان پورو ڪيوسون. ائين سندس رب جو چاليهن راتين جو انجام پورو ٿيو ۽ موسيٰ ڀاڻس هارون کي چيو ”تون مون کان پوءِ منهنجي قوم ۾ جانشين ٿي رهه، سڌارو ڪج ۽ فساد ڪندڙن جي رستي تي نه هلجانءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي ٽيهن راتين لاءِ (جبل سينا تي) گهرايو ۽ پوءِ ڏهن جو اضافو ڪيوسين، اهڙيءَ طرح سندس رب جي مقرر ڪيل مدت چاليهه راتيون ٿي وئي. موسيٰ هلندي وقت پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته: "منهنجي پويان منهنجي قوم ۾ منهنجو ڪم سنڀالجانءِ ۽ معاملو ٺيڪ رکجانءِ ۽ خرابيون ڦهلائيندڙن واري طريقي تي نه هلجانءِ " (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان طلب ڪيو موسيٰ کي ٽيهن راتين جي لاءِ (طور سينا تي) ۽ پوءِ وڌاياسين ٻيا ڏهه ڏينهن، اهڙيءَ طرح سندس رب جي مقرر ڪيل چاليهن راتين جي مدت پوري ٿي، ۽ موسيٰ پنهنجي ڀاءُ هارون کي ويندي وقت چيو ته، منهنجي پويان تون منهنجي قوم ۾ منهنجو جاءِ نشين ٿي رهجانءِ، ٺيڪ ڪم ڪجانءِ ۽ پيروي نه ڪجانءِ فسادين جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى (ؑ) کي (پھريائين طور جبل تي) ٽيهه راتيون ترسائڻ جو وعدو ڪيو پوءِ اسان ان ۾ ڏهن راتين جو ٻيو واڌارو ڪيو، ايئن سندس پالڻھار جي طرف کان چاليهه راتين جو وعدو پورو ٿيو (طور جبل ڏانھن) وڃڻ کان اڳ موسى (ؑ) پنھنجي ڀاءُ هارون (ؑ) کي چيو ته تون منھنجي جاءِ تي قوم جي اڳواڻي ڪجانءِ، اصلاح جو ڪم ڪندو رهجانءِ ۽ فساد ڦھلائيندڙن جي رستي تي (ڪڏهن به) نه هلجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَ موسىٰ لِميقٰتِنا وَكَلَّمَهُ رَبُّهُ قالَ رَبِّ أَرِنى أَنظُر إِلَيكَ قالَ لَن تَرىٰنى وَلٰكِنِ انظُر إِلَى الجَبَلِ فَإِنِ استَقَرَّ مَكانَهُ فَسَوفَ تَرىٰنى فَلَمّا تَجَلّىٰ رَبُّهُ لِلجَبَلِ جَعَلَهُ دَكًّا وَخَرَّ موسىٰ صَعِقًا فَلَمّا أَفاقَ قالَ سُبحٰنَكَ تُبتُ إِلَيكَ وَأَنا۠ أَوَّلُ المُؤمِنينَ (آيت : 143) |
۽ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مونکي پاڻ ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان، (الله) چيو ته مونکي ڪڏھن نه ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو ته تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (ته) اُن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (ته) چوڻ لڳو ته توکي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاہ ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل جاءِ تي آيو ۽ سندس پروردگار ساڻس ڳالهايو، تڏهن حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! تون مونکي پنهنجو پاڻ ڏيکار ته مان توکي هيڪر ڏسان. الله تعاليٰ فرمايو ته تون مونکي هرگز ڏسي نه سگهندين. پر هن جبل ڏي نظر ڪر. جيڪڏهن اهو جبل پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته تون به مون کي ڏسي وٺندين. پوءِ جڏهن سندس رب ان جبل تي پنهنجو تجلو ڪيو تڏهن ان کي خاڪ ڪري ڇڏيائين، ۽ حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن چيائين ته اي خدا تون پاڪ آهين (جسم کان جنهن ڪري توکي ڪوبه ڏسي نٿو سگهي) مان (پنهنجي ڪيل قصور کان توبهه ڪري) توڏي موٽان ٿو ۽ مان ايمان آڻيندڙن ۾ اڳرو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل وقت تي (طور سينا) پهتو ۽ موسيٰ سان سندس رب ڪلام فرمايو، موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي پنهنجو ديدار ڪراءِ، الله فرمايو تون هرگز مون کي ڏسي نه سگھندين، پر تون جبل ڏانهن نگاهه ڪر پوءِ جيڪڏهن جبل پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته تون جلدي مون کي ڏسندين، پوءِ جڏهن سندس رب تجلي فرمائي جبل ڏانهن ته جبل کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيائين ۽ (حضرت) موسيٰ بي هوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جڏهن پاڻ سجاڳ ٿيو عرض ڪيائين تنهنجي ذات پاڪ آهي ۽ آئون تنهنجي حضور ۾ توبه ڪريان ٿو ۽ آئون پَهِرِيَنِ مؤمنن مان آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى اسان جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ (جبل تي) آيو ۽ سندس پروردگار هن سان همڪلام ٿيو ته موسى عرض ڪيو: خدايا! تون مون کي پنهنجي جهلڪ ڏيکار ته آءُ تو کي ڏسان، خدا فرمايو: تون مون کي ڪڏهين به ڏسي نٿو سگهين. پر هاءُ! هن جبل ڏي ڏس (اسين مٿس پنهنجي تجلي وجهون ٿا) پوءِ جبل جيڪڏهن پنهنجي جاءِ تي قائم رهي ته جلد ئي مون کي به ڏسندين (نه ته ڪو نه). پوءِ جڏهين سندس پالڻهار جبل تي تجلي وڌي ته ان کي چڪا چور ڪري ڇڏيو ۽ موسا بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چوڻ لڳو: خداوندا تون (ڏسڻ ڏيکارڻ کان) پاڪ پاڪيزه آهين، مون تنهنجي بارگاھ ۾ توبه ڪئي ۽ آءُ سڀني کان پهريان ئي (تنهنجي عدم رويت جو) يقين ڪريان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو موسى واسطي مقرر ڪيل وقت اسان جي ۽ ڳالهايائين ان سان رب ان جي ته عرض ڪيائين اي رب منهنجا! پاڻ ڏيکار مون کي ته نگاھ ڪيان توڏانهن فرمايائين ته هرگز نه ڏسي سگهندين مون کي ۽ پر نگاھ ڪر طرف جبل جي پوءِ جيڪڏهن قرار سان رهيو جاءِ پنهنجيءَ تي پوءِ عنقريب ڏسندين تون مون کي پوءِ جڏهن تجلي وڌائين رب ان جي جبل تي ته ڪيائين ان کي ٽڪرا ٽڪرا ۽ ڪري پيو موسى بيهوش ٿي پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو (ته) چيائين پاڪائي تنهنجي آهي توبه ڪيم توڏانهن ۽ مان پهريون مؤمنن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن موسيٰ اسان جي انجام ڏنل جاءِ تي آيو ۽ ان سان سندس پاليندڙ ڪلام ڪيو (تڏهن) چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون کي پاڻ ڏيکار ته توکي ڏسان ! الله فرمايو ته تون مونکي ڪڏهن به نه ڏسي سگهندين پر تون جبل ڏي نظر ڪر، پوءِ جيڪڏهن اهو پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو ته تون مون کي ڏسي سگهندين، پوءِ جڏهن سندس پاليندڙ (جو تجلو) جبل تي ظاهر ٿيو ته ان (جبل) کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين ته تون پاڪ آهين توڏي رجوع ڪيم ۽ آءُ پهريون مڃيندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن موسى اسان جي وعدي واري وقت (۽ جاءِ)تي آيو ته ان سان سندس پالڻهار ڳالهايو. چيائين: ”اي پروردگار! مون کي (پنهنجو جلوو) ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان“. فرمايائين: ”تون مون کي ڏسي نه سگهندين ۽ پر تون پهاڙ (طور) ڏانهن نهار پوءِ جي اهو پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو ته پوءِ جلد تون مون کي ڏسي سگهندين“. پوءِ جڏهن سندس پالڻهار جبل تي تجلي فرمائي ته ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائين ۽ موسى بي هوش ٿي ڪِري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: ”توکي پاڪائي آهي تنهنجي حضور ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ سڀ کان پهريون ايمان آڻڻ وارو آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى اسان جي موقع تي، جڏهن پُهتو پاڻ، ۽ قُرب سان، ڪلام ڪيو، سانئيسِ اُنهئ ساڻ! چي، سانيمِ! ربَّ سُڄاڻ، ڏيکاريِنيمِ، ته توکي ڏِسان. چي، مون کي، مُور نه ڏِسندِين، پر پَربت ڏي، ڏِس تون، پوءِ، جي جبل پَنهنجِي جاءِ تي، بيٺو مَٿي ڀُون، ته جَھلي تَجلِّي تون، مون کي، ڏِسندِين مُورهين. پوء جڏهن جَلوو جبل کي، ڏيکاريسِ ڏاتار، ته ڇِيهون ڪيائين ڇَپرکي، ڏُونگر ڏارو ڏار، ۽ مُوسٰى ڪريو مَدهوش ٿِي، جڏهن حضرت، ٿيو هوشيار، چي، پَڪ آهين پاڪ تون، تهدلِ وَريسِ، توپار، ۽ آئون، اَوّل اِعتبار، آڻيندڙن مان آهِيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل وقت تي آيو ۽ سندس رب ساڻن ڳالهايو، چيائين ”منهنجا رب! مون کي پاڻ ڏيکار، ته آءٌ تنهنجو ديدار ڪريان-“ فرمايائين ”تون مون کي هرگز نه ڏسي سگهندين، مگر جبل ڏي ڏس، جي اهو پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهيو، ته تون به مون کي ڏسندين.“ جڏهن سندس رب جبل تي پنهنجي تجلي وڌي ته ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو چيائين ”تون پاڪ آهين، تنهنجي اڳيان توبهه ڪريان ٿو ۽ آءٌ سڀني کان پهريون مؤمن آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل وقت تي اچي پهتو ۽ سندس رب ساڻس ڳالهايو ته هن عرض ڪيو ته، "اي منهنجا رب! مونکي پاڻ ڏيکار ته مان توکي ڏسان". فرمايائين: "تون مونکي ڏسي نٿو سگهين. باقي سامهون واري جبل ڏانهن نظر ڪر، جي اهو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته پوءِ تون مونکي ڏسي سگهندين". پوءِ جڏهن سندس رب جبل تي پنهنجي تجلي ڪئي ته ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين: "پاڪ آهي تنهنجي ذات، مان تنهنجي در توبهه ٿو ڪريان ۽ مان سڀ کان اول ايمان آڻڻ وارن منجهان آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن موسيٰ مقرر وقت تي پهتو ۽ ڳالهايو سندس رب، هن عرض ڪيو، اي رب! مون کي پاڻ ڏسڻ جي نظر ڏي جئن توکي ڏسان، (الله) فرمايو، تون مون کي ڏسي نه سگهندين، ها ٿورو سامهون جبل ڏي ڏس، جي اهو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته پوءِ تون ڏسي سگهندين. پوءِ تجلي ڪئي سندس رب ۽ ان کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسيٰ غش کائي ڪِري پيو، پوءِ هوش آيس ته چيائين، پاڪ آهي تنهنجي ذات، آئون توبھ ٿو ڪريان ۽ آئون سڀني کان اول ايمان آڻڻ وارن مان آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن موسى (ؑ) اسان جي مقرر ڪيل وقت تي پھتو ته ان سان سندس پالڻھار پنھنجي آواز ۾ خود (براه راست) ڳالهه ٻولهه ڪئي، موسى (ؑ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! تون مون کي پاڻ ڏيکار ته جيئن مان تو کي ڏسان، الله تعالى فرمايو ته تون مون کي هرگز نٿو ڏسي سگهين (ها باقي) جبل کي ڏس، جيڪڏهن اهو پنھنجي ساڳي حالت ۾ برقرار رهي سگهيو ته پوءِ ئي تون مون کي ڏسي سگهندين. پوءِ جڏهن سندس پالڻھار جبل تي تجلّو ڪيو ته ان تجلّي جبل کي ذرا ذرا ڪري ڇڏيو ۽ موسى (ؑ) بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو ته چيائين ته (يا الله) تنھنجي ئي ذات پاڪ آهي، مان تنھنجي اڳيان توبہ ڪريان ٿو ۽ (هن وقت) سڀني کان پهريائين مان ئي تنھنجي مٿان ايمان آڻيندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰموسىٰ إِنِّى اصطَفَيتُكَ عَلَى النّاسِ بِرِسٰلٰتى وَبِكَلٰمى فَخُذ ما ءاتَيتُكَ وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
(الله) فرمايو ته اي موسىٰ مون توکي پنھنجي پيغمبريءَ ۽ پنھنجي ڳالھائڻ سان ماڻھن کان ڀلارو ڪيو آھي، جيڪو (توريت) توکي ڏنو اٿم سو وٺ ۽ شڪر ڪندڙن مان ھُج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي موسيٰ بيشڪ مون توکي پنهنجي (پيغمبريءَ جي) پيغامن سان ۽ پنهنجي ڪلام سان (يعني توڏي وحي موڪلڻ سان ۽ توسان گفتگو ڪرڻ سان) ماڻهن جي مٿان برگزيدگي (يعني بهتري ۽ وڏو درجو) بخشيو آهي. پوءِ جيڪي (شريعت جا حڪم) توکي ڏنا ويا آهن سي وٺ ۽ شڪر بجا آڻ. (يعني پاڻ به انهن تي عمل ڪر ۽ ٻين کي به ٻڌاءِ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو اي موسيٰ بيشڪ مون توکي ماڻهن مان چونڊيو پنهنجي رسالت ۽ پنهنجي ڪلام لاءِ، پوءِ جيڪي آئون توکي عطا ڪريان اُهو وٺ ۽ تون شُڪر گذار ٿيءُ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو، اي موسى مون تو کي سڀني ماڻهن تي پنهنجي پيغمبري ۽ همڪلامي (جو درجو) ڏئي برگزيده ڪيو آهي ته پوءِ جو (ڪتاب تورات) اسان تو کي عطا ڪيو آهي ان کي وٺ ۽ شڪر گذار ٿيءُ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو (الله ته) اي موسى! تحقيق مون برگزيدو بنايو توکي ماڻهن تي ساڻ پيغامن پنهنجي ۽ ساڻ ڪلام پنهنجي پوءِ وٺ جيڪو ڏنو مون توکي ۽ هج سڪر ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اي موسيٰ مون توکي پنهنجن پيغامن سان ۽ پنهنجي ڪلام سان ماڻهن کان پسند ڪيو آهي. پوءِ جيڪي توکي ڏنو اٿم سو وٺ ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيءُ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”اي موسى مون تو کي ماڻهن مٿان برگزيدو بنايو آهي پنهنجي رسالت ۽ پنهنجي ڪلام سبب پوءِ جو ڪجهه مون تو کي ڏنو آهي سو وٺ ۽ شڪر گذارن منجهان بنج“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، موسٰى توکي مُون ڏنو، ماڻهن تي مُدام، پَنهنجي پيغام ۽ ڪَلام سان، پوءِ پَڪڙيو، سي پيغام، جي توکي ڏِنمِ انعام، ۽ ٿِي ڀال ڀائيندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”موسيٰ! مون توکي پنهنجي پيغمبري ۽ پنهنجي ڳالهائڻ سان ماڻهن کان ڀلارو ڪيو آهي، پوءِ جيڪي آءٌ توکي ڏيان ٿو، ان کي وٺ ۽ شڪر ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "اي موسيٰ مون توکي پنهنجي پيغمبريءَ جي ڪم لاءِ ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ جي معاملي ۾ سڀني ماڻهن تي ترجيح ڏئي چونڊيو آهي، تنهنڪري جيڪي مان ڏيانءِ سو وٺ ۽ شڪر ادا ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (الله) فرمايو، اي موسيٰ! مون مڙني ماڻهن تي توکي اهميت ڏني، ته تون منهنجي پيغمبري ڪرين ۽ مون سان ڪلام ڪرين، پوءِ تون اهو ڪجهه وٺ جيڪو توکي ڏيان ۽ شڪر بجا آڻ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى فرمايو: اي موسى! مان سڀني ماڻهن مان پنھنجي پيغمبرِي ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ لاءِ تنھنجي چونڊ ڪئي، هاڻي مان تو کي جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، اهو وٺ ۽ شڪرگذاري ڪرڻ وارن مان ٿي رهجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَتَبنا لَهُ فِى الأَلواحِ مِن كُلِّ شَيءٍ مَوعِظَةً وَتَفصيلًا لِكُلِّ شَيءٍ فَخُذها بِقُوَّةٍ وَأمُر قَومَكَ يَأخُذوا بِأَحسَنِها سَأُو۟ريكُم دارَ الفٰسِقينَ (آيت : 145) |
۽ اُن (مُوسى) لاءِ سڀڪنھن شيء جي نصيحت واسطي ۽ سڀڪنھن شيء جي ڌار ڌار بيان واسطي (توريت) تختن ۾ لکي ڏنوسون، ( ۽ چيو ويس ته) اُن کي پختائيءَ سان وٺ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُن جون چڱيون ڳالھيون (عمل ۾) وٺندا رھن، اوھان کي بدڪارن جي جاءِ سگھو ڏيکاريندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان موسيٰ جي لاءِ فرحين ۾ هر قسم جون ڳالهيون لکي ڏنيون هيون، انهيءِ تي (دين جي) هرهڪ ڳالهه بابت انهن ۾ نصيحت هجي ۽ هرهڪ ڳالهه جدا جدا چٽي ٿي وڃي. پوءِ (اسان کيس ائين به چيو ته) انهن کي مضبوطيءَ سان جهل ۽ پنهنجي قوم کي به حڪم ڏي ته انهن جي بهترين حڪمن تي عمل ڪن. اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان توکي نافرمان ماڻهن جي جاءِ ڏيکاري ڇڏينداسين. (يعني تون ڏسندين ته هنن جي حالت ڪهڙي نه خراب ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان لکيو انهن لاءِ تورات جي تختين ۾ هر قسم جي نصيحت ۽ هر شيءِ جو تفصيل، پوءِ تورات کي قوت سان وٺ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُهي تورات تي عمل ڪن، آئون توهان کي جلدي گنهگارن جو گھر (جهنم) ڏيکاريندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان (توريت جي) تختين ۾ موسى جي لاءِ هر قسم جي نصيحت ۽ هر قسم جو تفصيل وار بيان ڏئي ڇڏيو هو. ته (اي موسى) تون ان کي چڱي طرح وٺ (عمل ڪر) پڻ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته هن مان سٺين ڳالهين تي عمل ڪن. ۽ آءُ تمام جلد ئي اوهان کي بدڪارن جو گهر ڏيکاريندس (ته ڪئين برباد ٿا ٿين).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لکيوسون واسطي ان جي تختين ۾ هر شيءِ جي نصيحت ۽ تفصيل واسطي هر شيءِ جي پوءِ وٺ انهن کي طاقت سان ۽ امر ڪر قوم پنهنجيءَ کي ته وٺن تمام سهڻي ان جي کي سگهو ئي ڏيکاريندس اوهان کي گهر بي فرمانن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي تختين تي هر قسم جي نصيحت ۽ سڀڪنهن شيءِ جو تفصيل لکي ڏنوسون (۽ چيوسون ته) پوءِ تون انهن کي مضبوط وٺ ۽ پنهنجيءَ قوم کي حڪم ڪر ته اهي ان جون چٽيون ڳالهيون وٺن، آءٌ اوهان کي نافرمانن جو گهر ڏيکاريندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان جي لاءِ (تورات جي) تختين مٿان هر شيءِ بابت نصيحت ۽ هر شيءِ جو تفصيل لکي ڏنو. پوءِ (چيوسين اي موسيٰ!) ”ان کي مضبوطي سان وٺ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُهي ان جي سهڻين ڳالهين کي اختيار ڪن. جلد آءٌ اوهان کي بدڪارن جو گهر ڏيکاريندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لِکِي سُون، لاءِ تِنهن، پَٽِين مَنجھ پَچار، سَڀ شئء جِي، ۽ سَڀ شئ سَندي کُليل خبر چار، پوءِ، پَڪڙِينس، پورٖي زور سان، پڻ ٻارِي ٻول ٻيهار، ته پَڪِئَ طرح پَڪڙينِ تِنهن، مَنجهسِ، جو موچار، جَلدِي جاءِ قرار، آن کي، ڏوهينِ جِي ڏيکاريان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان ان لاءِ تختين ۾ هر قسم جون ڳالهيون لکيون هيون، ته هر ڳالهه لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ تفصيل هجي. ”پوءِ ان کي مضبوط جهل ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڏي ته ان جي چڱين ڳالهين تي عمل ڪن- آءٌ جلدي توکي نافرمانن جو گهر ڏيکاريندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن کان پوءِ اسان موسيٰ کي زندگيءَ بابت نصيحت ۽ هر معاملي بابت چٽيون هدايتون تختين تي لکي ڏنيون ۽ چيو ته انهن کي قابو ڪجانءِ ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڪجانءِ ته انهن جو سهڻو مطلب وٺي ان تي هلن، سگهوئي آءٌ توهان کي بي فرمانن جا گهر ڏيکاريندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان (موسيٰ کي) لکي ڏني تختين تي هر شعبي متعلق نصيحت ۽ چٽي هدايت ۽ ان کي چيو، هي هدايتون وٺ مضبوط هٿن سان ۽ پنهنجي قوم کي حڪم ڏي ته بهتر سمجهاڻين جي پيروي ڪن، جلد ئي آئون توهان کي فاسقن جا گهر ڏيکاريندس.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ان جي لاءِ تختين ۾ هر قسم جي نصيحت ۽ هر شيءِ جون تفصيلي هدايتون لکيون سين، پوءِ کيس چيو ته انهن هدايتن کي مضبوطيءَ سان سنڀالجانءِ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪجانءِ ته هو به هنن هدايتن کي سھڻي طريقي سان سنڀالين. مان توهان کي سگهو ئي گناهگارن جي انجام واريون جايون به ڏيکاريندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَأَصرِفُ عَن ءايٰتِىَ الَّذينَ يَتَكَبَّرونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها وَإِن يَرَوا سَبيلَ الرُّشدِ لا يَتَّخِذوهُ سَبيلًا وَإِن يَرَوا سَبيلَ الغَىِّ يَتَّخِذوهُ سَبيلًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا عَنها غٰفِلينَ (آيت : 146) |
جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا رھندا آھن تن کي سگھو پنھنجي آيتن (جي سمجھ) کان جھليندس، ۽ جيڪڏھن سڀ نشانيون ڏسندا ته (به) انھن تي ايمان نه آڻيندا، ۽ جيڪڏھن ھدايت جي واٽ ڏسندا ته ان کي واٽ نه بڻائيندا، ۽ جيڪڏھن گمراھي جي واٽ ڏسندا ته ان کي واٽ بڻائيندا، اِھو ھن سببان آھي جو اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ انھن کان غافل رھيا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو حق کان سواءِ خدا جي زمين تي تڪبر جي روش اختيار ڪن ٿا تن جو منهن اسان پنهنجي نشانين کان موڙي ڇڏينداسين. هو کڻي سڀ نشانيون به ڏسن ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا. جيڪڏهن هو هدايت واري سڌي واٽ کڻي ڏسن ته به اها سڌي واٽ هرگز نه وٺندا. پر جيڪڏهن گمراهيءَ واري ڦڏي واٽ سامهون ڏسندا ته هڪدم ان تي هلڻ لڳندا. هنن جي اها حالت هن ڪري ٿي وڃي ٿي جو هو اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ انهن (تي عمل ڪرڻ) کان غافل رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آئون ضرور انهن کي پنهنجي نشانين سان ڦيرائيندس جيڪي ماڻهو ناحق زمين ۾ تڪبر ڪندا هئا، ۽ جيڪڏهن اهي سڀ نشانيون ڏسن ته به ايمان نه آڻيندا، ۽ جيڪڏهن سِڌو رستو ڏسن ٿا ته اُن تي نٿا هلن، ۽ جيڪڏهن اهي غلط رستو ڏسن ٿا ته اُن تي هلن ٿا، اهو انهي سببان آهي جو بيشڪ انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو ۽ اهي انهن آيتن کان غافل هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي ماڻهو (خدا جي) زمين تي اجايو آڪڙ جي هلن ٿا، انهن کي پنهنجي آيتن سان تمام جلد ڦيري ڇڏيندس ۽ (آءُ ڇو ڦيريان! پان سندن دليون اهڙيون ته سخت آهن جو) جيڪو هن (ساري جهان جون) سڀ نشانيون به ڏسن تڏهن به اهي انهن تي ايمان نه آڻيندا. پر جيڪڏهن سڌو رستو به ڏسن تڏهن به پنهنجو گس نه بڻائيندا. ۽ گمراهي جي راھ ڏسندا ته جهٽ پٽ ان کي پنهنجو طريقو بڻائي ڇڏيندا. اها (ٽيڙهائپ) انهي ڪري ٿين جو انهن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان غفلت ڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد ڦيرائيندس نشانين پنهنجين کان انهن کي جو تڪبر ڪن ٿا زمين ۾ ناحق ۽ جيڪڏهن ڏسندا سڀ نشانيون ته نه ايمان آڻيندا انهن تي ۽ جيڪڏهن ڏسندا واٽ هدايت جي ته نه وٺندا ان کي واٽ ڪري ۽ جيڪڏهن ڏسن ٿا واٽ گمراهيءَ جي ته وٺن ٿا ان کي (پنهنجي) واٽ اهو ان جي ڪري جو يقينًا انهن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي ۽ هئا انهن کان غافل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪن ٿا تن کي پنهنجين آيتن (۾ سوچڻ) کان ڦيري ڇڏيندس. ۽ جيڪڏهن اهي سڀڪا نشاني ڏسندا ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا. ۽ جيڪڏهن هدايت جو رستو ڏسندا ته ان کي رستو ڪري نه وٺندا. ۽ جيڪڏهن گمراهيءَ جو رستو ڏسندا ته ان کي رستو ڪري وٺندا. اهو هن ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان بي خبر (رهيا) آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سگھوئي آءٌ پنهنجي آيتن کان انهن ماڻهن کي پاسائتو رکندس جيڪي ڌرتي ۾ ناحق وڏائي ڪن ٿا. ۽ جي سڀ آيتون ڏسن ته به ان تي ايمان نه آڻيندا ۽ جي هدايت وارو رستو ڏسن ته ان کي (پنهنجو) رستو نه بنائيندا ۽ جيڪڏهن گمراهي جي واٽ ڏسندا ته ان کي پنهنجي راهه بنائي وٺندا. اهو هن لاءِ جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ ان کان غافل هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پنهنجي پڌراين ڪنان، تن کي،موڙينداسون مور، ڀون ۾، بي واجبي، جي غافل ڪن غرور، ۽ مُور نَه مَڃِين، مَر ڏِسن، سڀ نِشانيون نُور، ۽ جي سُوهن سَنئـِين واٽڙِي، نه وَٺن سا وَهلور، ۽ جي گُمراهي،جِي گُھور لَهنِ ته وَٺنس واٽ ڪري. جيئن ته اسان جون آيتون، ڪوٺيون ڪوڙ فتور، ۽ غفلت ۾ غرقور، هئا، هميشه ان ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءٌ انهن ماڻهن کي، جي زمين ۾ ناحق سرڪشي ڪن ٿا، جلد ئي پنهنجي آيتن کان ڦيري ڇڏيندس. جيڪڏهن هو سڀ نشانيون به ڏسن، ته به هو انهن تي ايمان نه آڻيندا، ۽ جي هو هدايت جي واٽ به ڏسن ته ان کي ڪڏهن به نه وٺندا ۽ جي گمراهي جي واٽ ڏسندا ته ان تي هلندا- اهو سڀ هن ڪري (آهي) جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ انهن کان غافل هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان پنهنجي نشانين کان انهن ماڻهن جون نگاهون ڦيرائي ڇڏيندس، جيڪي بنا ڪنهن حق جي زمين ۾ وڏا بڻجن ٿا، هو کڻي ڪهڙي به نشاني ڏسن، ڪنهن به صورت ۾ ان تي ايمان نه آڻيندا، جيڪڏهن سڌو رستو نظر ايندنِ ته اهو نه وٺندا، پر جي ڦــِـڏو رستو نظر ايندنِ ته اهو وٺي هلندا ۽ اهو ان ڪري آهي جو هنن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪوٺيو آهي ۽ انهن کان بي پرواهي ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آئون پنهنجين نشانين سان سندن نگاهن کي ڦيريندس جيڪي زمين ۾ وڏائي ڪن ٿا بنا ڪنهن حق جي، ۽ کڻي ڪهڙي به نشاني ڏسن، ان تي ايمان نه آڻيندا، جي سڌو رستو انهن کي ملي به وڃي ته اهو ڪڏهن نه وٺندا، ۽ جي ڏنگو رستو کين ملي وڃي ته ان تي هلڻ شروع ڪندا، ڇو ته انهن ڪوڙو چيو آهي اسان جي نشانين کي ۽ انهن کان بي پرواهي ڪندا رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو زمين ۾ ناحق تڪبر ڪن ٿا، مان انهن ماڻهن کي پنھنجي آيتن کان ڦيري ڇڏيندس ۽ جيڪڏهن هو ڪا نشاني ڏسندا ته به (تڪبر سبب) ان کي نه مڃيندا ۽ جيڪڏهن هدايت وارو رستو ڏسندا به، ته هو ان کي اختيار نه ڪندا، ها باقي جيڪڏهن گمراهيءَ وارو رستو ڏسندا ته، ان کي (هڪدم) اختيار ڪندا، اهو ان ڪري جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ هو انهن نشانين کان (انتھائي) لاپرواهه ٿي چڪا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَلِقاءِ الءاخِرَةِ حَبِطَت أَعمٰلُهُم هَل يُجزَونَ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 147) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اَعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نه ڏبن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ آخرت (جي اچڻ جي حقانيت) کان انڪار ڪيو تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا. هنن کي جيڪو بدلو ملندو سو انهن (بد) عملن جو ڦل هوندو جي بدعمل هو دنيا ۾ ڪندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪوڙو سمجھن ٿا اسان جي آيتن کي ۽ موت کان پوءِ زندهه ٿيڻ کي، انهن جا عمل چٽ ٿيا، کين اها جزا ملندي جيڪو پاڻ عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي حضوريءَ کي ڪوڙو سمجهيو انهن جو سڀ ڪي ڪيو ڪرتيو اڪارت ٿي ويو. انهن کي بس سندن ڪرتوتن جي جزا (يا سزا) ڏني ويندي جيڪي اهي ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي شخص جو ڪوڙو چيائون آيتن اسان جن کي ۽ ملڻ آخرت جي کي چٽ ٿيا عمل انهن جا ۽ نه بدلو ڏنا ويندا مگر اهو جو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن اسان جي آيتن ۽ آخرت جي اچڻ کي ڪوڙو ڪيو تن جا عمل برباد ٿي ويا. جيڪي پيا ڪن کين تنهن کان سواءِ ٻيو بدلو نه ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملاقات کي ڪوڙو چيو ته انهن جا عمل چٽ ٿي ويا. ٻيو ڪو بدلو ڪونه ڏنا ويندا سواءِ ان جي جيڪي اهي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نشانيون نروار، پڻ ملڻ مهندئين جھان جو؛ ڪريان، تن ڪم ڪار، درجو نه ملندان، تنهن ڌار، جي ڪندا هئاڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن اسان جي آيتن ۽ آخرت کي ڪوڙو ڪيو، تن جا سڀ عمل چٽ ٿيا- جيڪي عمل هو ڪندا هئا، انهن ڌاران ٻيو بدلو نه ڏنو ويندن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جي نشانين کي جن به ڪوڙو سڏيو ۽ آخرت ۾ (الله جي آڏو هلي) پيش ٿيڻ جو انڪار ڪيائون، تن جا سڀئي عمل برباد ٿي ويا. ڇا ماڻهن کي اجورو ائين نه ملندو ته، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن به ڪوڙو چيو اسان جي نشانين کي ۽ آخرت جي پيشيءَ جو انڪار ڪيو، انهن جا سڀ عمل چٽ ٿي ويا، ڇا ماڻهو ڪو بدلو ان کان سواءِ ڏسندا، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن به اسان جي نشانين ۽ آخرت ۾ (اسان جي سامھون روبرو) پيش ٿيڻ کي ڪوڙو سمجهيو ته انهن جا سڀ عمل چٽ ٿي ويا ۽ کين اهو ئي ملندو جھڙا سندن عمل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّخَذَ قَومُ موسىٰ مِن بَعدِهِ مِن حُلِيِّهِم عِجلًا جَسَدًا لَهُ خُوارٌ أَلَم يَرَوا أَنَّهُ لا يُكَلِّمُهُم وَلا يَهديهِم سَبيلًا اتَّخَذوهُ وَكانوا ظٰلِمينَ (آيت : 148) |
۽ مُوسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نه ٿي ڏٺائون ڇا ته اُھو ساڻن نه ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو ته) حضرت موسيٰ جي ماڻهن سندس وڃڻ بعد پنهنجي زيورن مان (پگهارڻ بعد) هڪڙي گابي جو ڌڙ ٺاهيو، جنهن مان ڳئون جي رنڀ جهڙو آواز ٿي نڪتو ۽ انهيءَ (گابي) کي (پوڄا لاءِ ديوتا ڪري) ورتائون. هنن (بيوقوفن) اهڙي (سولي) ڳالهه به نه سمجهي ته اهو گابو نڪي ساڻن ڳالهائي ٿو سگهي، نڪي ڪو رهنمائي (واٽ ڏيکارڻ) ڪري ٿو سگهي. هنن ان گابي کي ديوتا ڪري ورتو هو ۽ هنن (پاڻ تي) ظلم ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) موسيٰ جي قوم سندس غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي زيورن مان گابو تيار ڪيو جنهنکي جسم هو ۽ رَنڀ ٿي ڪيائين، ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ گابو انهن سان ڳالهائي نٿي سگھيو ۽ نه وري کين سڌي واٽ ڏيکاري سگھيو ٿي، اهي ظالم هئا جو گابي کي خدا ڪري ٿي سمجھائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى جي قوم (جبل طور تي) سندس وڃڻ کان پوءِ (پنهنجي زيورن کي ڳاري رجائي) هڪ گابي جي شڪل ٺاهي (يعني هڪ اهڙو) جسم جنهن ۾ ڍڳيءَ جهڙو آواز هو (افسوس!) ڇا انهن ماڻهو ايترو به خيال نه ڪيو جو اهو نه ته انهن سان ڳالهائي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن قسم جي هدايت ئي ڪري سگهي پيو. (غرض) انهن هن (گابي کي پنهنجو خدا) بڻايو ۽ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ورتو قوم موسى جي پڄاڻان ان جي زيورن پنهنجن مان گابو اهڙو جسم جو ان جي لاءِ آواز آهي ڇا نه ڏٺائون ته بلاشڪ اهو نه ٿو ڳالهائي انهن سان ۽ نه ٿو رهنمائي ڪري انهن جي واٽ ڏانهن (خدا ڪري) ورتائون ان کي ۽ هئا ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ جي قوم موسيٰ (جي وڃڻ) کانپوءِ سندن زيورن مان هڪ رنڀ ڪندڙ گابي جهڙو بوتو بنايو. ڇا انهن نه ڏٺو ته نه اهو انهن سان ڳالهائي ٿو ۽ نه کين رستو ڏيکاري ٿو. ان کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ اهي (خود) ظالم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى جِي قوم سندس (طُور تي وڃڻ) بعد پنهنجي زيورن مان گابي جو بوتو بنايو جنهن ۾ رنڀڻ (جو آواز) هيو. ڇا نه ڏٺائون ته اُهو نه انهن سان ڳالهائي ٿو ۽ نه انهن کي رستو ڏيکاري ٿو. (پوءِ به) ان کي (معبود بنائي) ورتائون ۽ اُهي ظالم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى وارِي مارڪي، پُٺيانِس ٺاهِي پوءِ، سندن ڳهن ڳـٺن مان، مُورت گابي موءِ، ٺَلهِي ڀان ڀان اُن جِي؛ فِڪر نه ڪيائون ڪوءِ، ته چڱِي نه کين چوءِ، ۽ نَه سُهائـٖـينِ سَنئـِين واٽڙِي. پَڪڙيؤنسِ، ربُّ پاڪ ڪري، ته هُئا هاڃيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان پوءِ موسيٰ جي قوم پنهنجي زيورن مان گابي جو بوتو ٺاهيو، جنهن رنڀيو ٿي- انهن نه ڏٺو، ته هو نه انهن سان ڳالهائي سگهيو ٿي ۽ نه انهن کي رستو ڏيکاري سگهيو ٿي؟ هنن پاڻ تي ظلم ڪري کيس سائين بڻايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جي پٺيان سندس قوم جي ماڻهن پنهنجي زيورن مان هڪڙي گابي جو بوتو ٺاهيو، جنهن مان گابي جي رنڀ جهڙو آواز نڪرندو هو. ڇا کين نظر نٿي آيو ته ان ته نڪي ٿي ساڻن ڳالهايو ۽ نه وري ڪنهن معاملي ۾ سندن ڪا رهنمائي پئي ڪيائين، تڏهن به انهن ان کي معبود بڻايو! ڏاڍا ڪي ظالم هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٺاهي ورتو موسيٰ جي قوم سندس پويان پنهنجي زيورن مان هڪ گابي جو بوتو، ان مان ڏاند جهڙي رنڀ نڪتي ٿي، ڇا انهن نه ڏٺو ته اهو ساڻن نه ڳالهائي ٿو ۽ نه سندن رهنمائي ڪري ٿو؟ تڏهن به انهن ان کي خدا بنائي ورتو، اهي وڏا ظالم هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) جي قوم ( سندس طور جبل ڏانھن) وڃڻ کان پوءِ پنھنجي زيورن مان گابي جي شڪل جو هڪ (ننڍڙو) جانور ٺاهيو، جنھن مان گابي جي رنڀڻ جو آواز پئي آيو، ڇا انهن ماڻهن کي اهو نظر نه پيو اچي ته اهو (گابو) انهن سان ڳالهائي به نٿو سگهي ۽ سندن ڪا رهنمائي به نٿو ڪري سگهي پوءِ به ان کي معبود ٺاهيائون، هو (وڏا) ظالم ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا سُقِطَ فى أَيديهِم وَرَأَوا أَنَّهُم قَد ضَلّوا قالوا لَئِن لَم يَرحَمنا رَبُّنا وَيَغفِر لَنا لَنَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 149) |
۽ جڏھن پشيمان ٿيا ۽ سمجھيائون ته اُھي پڪ گمراہ ٿيا (ته) چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار اسان تي ٻاجھ نه ڪندو ۽ اسان کي نه بخشيندو ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (هيئن ٿيو جو) پشيمانيءَ ۾ هٿ مهٽڻ لڳا ۽ ڏٺائون ته (سچي) واٽ کان بلڪل پري نڪري گمراه ٿي ويا آهيون تڏهن چوڻ لڳا ته، جيڪڏهن اسان جو پروردگار اسان تي رحم نه ڪري ها ۽ نه بخشي ها ته اسان ضرور تباهه ٿي وڃون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن پشيمان ٿيا (گابي جي پوڄا کان) ۽ ڏٺائون ته تحقيق اهي گمراه ٿيا، (پوءِ) چوڻ لڳا جيڪڏهن اسان تي اسان جي رب رحم نه ڪيو ۽ اسان کي بخش نه ڪيو ته بيشڪ اسين نقصان وارن مان ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن پڇتايو ۽ پاڻ کي پڪ گمراهي ۾ ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان جو پالڻهار اسان تي رحم نه ڪندو ۽ اسان جو گناھ معاف نه ڪندو ته اسان پڪ گهاٽي کڻڻ وارن مان ٿينداسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڪيرايو ويو اڳيان انهن جي ۽ ڏٺائون ته بيشڪ اهي تحقيق گمراھ ٿيا ته چيائون البته جيڪڏهن نه رحم ڪندو اسان تي پالڻهار اسان جو ۽ نه بخشيندو واسطي اسان جي ته البته ضرور ٿيندسون نقصان وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن پشيمان ٿيا ۽ ڏٺائون ته اهي (خود) گمراهه ٿي چڪا آهن ته چيائون ته جيڪڏهن اسان جو پاليندڙ اسان تي رحم نه ڪندو ۽ اسان کي معاف نه ڪندو ته اسين ضرور نقصان وارن مان ٿينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن (حاج) هٿان هلي وِيَنِ ۽ ڏٺائون ته واقعي اُهي گمراهه ٿي ويا آهن ته چيائون: ”جي اسان مٿان اسان جو رب رحم نه ڪندو ۽ اسان کي معافي نه ڏيندو ته اسان ضرور خساري وارن مان ٿي پونداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪِي هُئنِ هَٿن ۾، سو ڪرِي پِيو جِنهن وار، ۽ ڀانتون، ته پَڪ ڀُليا؛ ٻوليائون ٻِيهار، چي، جي مَٿـئون، مِهر نَه ڪندِين، سانيمِ! ربَّ، سَتار، ۽ نَه بخشِين بَخشڻهار!، ته هُونداسون، اَڻ هُوندنِ مان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اهي (پشيمان ٿي) هٿ مهٽڻ لڳا ۽ ڏٺائون ته برابر گمراهه ٿيا آهن، چيائون ته ”جيڪڏهن اسان جو رب اسان تي رحم نه ڪندو ۽ اسان کي معاف نه ڪندو، ته اسان تباهه ٿي وينداسون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اهو ٺڳيءَ جو ٺاهه ڪري پٽ پيو ۽ انهن ڏٺو ته اصل ۾ هو گمراهه ٿي ويا هئا ته چوڻ لڳا ته، "جيڪڏهن اسان جي رب اسان تي ٻاجهه نه ڪئي ۽ اسان جو قصور نه بخشيائين ته اسان ضرور برباد ٿي وينداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن سندن ڌوڪي جو طلسم ٽٽي پيو ته ڏٺائون ته اهي پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهن، چوڻ لڳا، جي اسان تي رحم نه ڪيو اسان جي رب ۽ اسان کي معاف نه فرمايو ته اسان برباد ٿي وينداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن سندن پنھنجن (ڪوڙن) ارمانن تي پاڻي ڦرجي ويو ته سمجهيائون ته بيشڪ هو گمراهه ٿي ويا آهن ۽ چيائون ته جيڪڏهن اسان جي پالڻھار اسان تي رحم نه ڪيو ۽ اسان کي معاف نه ڪيو ته اسان ضرور نقصان وارن مان ٿي وينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا رَجَعَ موسىٰ إِلىٰ قَومِهِ غَضبٰنَ أَسِفًا قالَ بِئسَما خَلَفتُمونى مِن بَعدى أَعَجِلتُم أَمرَ رَبِّكُم وَأَلقَى الأَلواحَ وَأَخَذَ بِرَأسِ أَخيهِ يَجُرُّهُ إِلَيهِ قالَ ابنَ أُمَّ إِنَّ القَومَ استَضعَفونى وَكادوا يَقتُلونَنى فَلا تُشمِت بِىَ الأَعداءَ وَلا تَجعَلنى مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 150) |
۽ جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين ته جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيو سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو ته اي مُنھنجا ڀاءُ بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا، تنھنڪري مون تي دشمن نه کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن موسيٰ ڪاوڙ ۽ افسوس ڪندي پنهنجي ماڻهن وٽ موٽي آيو تڏهن کين چيائين ته، افسوس آهي اوهان تي! توهان مون کان پوءِ ڪهڙي نه خراب طريقي سان منهنجي جانشيني ڪئي! توهان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ ذرو به صبر ڪري نه سگهيؤ! (جوش ۾ اچي) هن تختيون کڻي ڦٽي ڪيون ۽ پنهنجي ڀاءُ هارون کي مٿي جي وارن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو. (تنهن تي) هارون چيو ته، اي منهنجا مائيتا ڀاءُ! (مان ڇا ڪيان) ماڻهن مون کي ڪمزور سمجهيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ تي هئا، پوءِ مون سان اهڙي هلت نه ڪر جو دشمن مون تي کلن ۽ مون کي هنن ظالم ماڻهن ۾ شمار نه ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن موٽيو ڪاوڙ ۽ ڏک جي حالت ۾، چوڻ لڳو توهان منهنجي وڃڻ کان پوءِ شرڪ ڪيو، ڇا توهان الله جي حڪم ۾ تڪڙ ڪئي، ۽ (ڪاوڙ مان) تورات جون تختيون اڇلايائين ۽ پنهنجي ڀاءُ کي مٿي مان جھلي پاڻ ڏانهن ڇڪيائين، هارون عرض ڪيو اي منهنجا سڳا ڀاءُ، بيشڪ ماڻهن مون کي ڪمزور سمجھو ۽ عنقريب مون کي قتل ڪن ها، پوءِ تون اهڙو ڪم مون سان نه ڪر جو منهنجا دشمن مون تان کلن ۽ مون کي ظالم قوم سان گڏ نه ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم ڏي آيو ته (اها حالت ڏسي) رنج ۽ ڪاوڙ ۾ (پنهنجيءَ قوم کي) چوڻ لڳو ته اوهان ماڻهن منهنجي وڃڻ کان پوءِ تمام وڏي حرڪت ڪئي. اوهان ماڻهن پنهنجي پروردگار جي حڪم (منهنجي اچڻ ۾) ايتري تڪڙ ڪئي پڻ (تورات جون) تختيون اڇلائي ڇڏيائين ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) جي مٿي (جي وارن) کي جهلي پاڻ ڏي گهلڻ لڳو. (تنهن تي هارون) چيس، اي منهنجي ماءُ ڄايا! آءُ ڇا ڪريان ها! قوم مون کي حقير سمجهيو (۽ منهنجي چيو ڪين مڃيائون الٽو) منهنجي مارڻ تي هئا ته مون تي دشمنن کي نه کلاءِ ۽ مون کي هنن ظالم ماڻهن مان نه سمجھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن موٽيو موسى طرف قوم پنهنجي غصو ڪندڙ افسوس ڪندڙ فرمايائين ته نهايت بڇڙو آهي جيڪو پرپٺ ڪيُوَ مون کان پڄاڻان منهنجي ڇا تڪڙ ڪيَوَ فرمان رب پنهنجي کان ۽ اڇلايائين تختين کي ۽ ورتائين مٿي کان ڀاءُ پنهنجي کي ڇڪي پيو ان کي طرف پنهنجي چيائين ته اي پٽ امان جا! بيشڪ قوم وارن ضعيف سمجھايائون مون کي ۽ ويجھا ٿيا جو قتل ڪن مون کي پوءِ نه کلاءِ مون تان دشمنن کي ۽ نه (شامل) ڪر مون کي قوم ظالم سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن موسيٰ ڪاوڙجي غمگين ٿي پنهنجي قوم ڏي موٽيو ته چيائين ته اوهين مون کان پوءِ جو منهنجا نائب ٿيا آهيو سو اها نائبي بُڇڙي آهي. ڇا اوهان پنهنجي پاليندڙ جي حڪم (چاليهن راتين جي پوري ٿيڻ) کان اڳي ئي تڪڙ ڪئي آهي؟ ۽ تختين کي اُڇلايائين ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) جي مٿي (جي وارن) کي جهلي ان کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو. هارون چيو ته اي منهنجي ماءُ جا پٽ ! مون کي قوم ضعيف سمجهيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ تي هئا، پوءِ دشمنن کي مون تي نه کلاءِ ! ۽ مون کي ظالم قوم سان شريڪ نه ڪر ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن موسى پنهنجي قوم ڏانهن غصي ۽ غم ۾ ڀريل موٽيو ته چيائين: ”توهان مون کان پوءِ منهنجي پرپٺ جو ڪيو سو نهايت برو آهي ڇا توهان پنهنجي پروردگار جي حڪم کان اڳ ئي جلد بازي ڪئي“ ۽ (تورات جون) تختيون (هيٺ) رکيائين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن کي) پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيائين. (هارون) چيو: ”اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! بيشڪ مون کي ماڻهن ڪمزور سمجهيو ۽ قريب هيو ته مون کي ئي قتل ڪري ڇڏن سو تون مون تي دشمن نه کِلاءِ ۽ مون کي ظالمن جي قوم سان شامل نه ڪر“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن موٽيو، پَنهنجِي قوم ڏي، مُوسٰى مِهربان، بِلڪل ڀَريل ڪاوڙ سان، منجھ اوسيڙٖي، اَرمان، چي، مون کان پوءِ، ڪم ڪَيان بُڇڙو بيگمان، ڇا؟ پنهنجي، ربَّ جي ڪم ۾، تَڪڙ ڪيان تَعبان!، ۽ جوش مَنجھان، جولان، پَٽِيون اُڇلئـِين پَٽ تي. ۽ پِئو ڇِڪي پاڻ ڏي، سَندو ڀاڻسِ سِر، چي، مون کي سَمجھيؤن، مادرِي!، نابر، نات نِڌر، ۽ اوڏا پِئا اُن ڳالھ کي، ته مارِينَمِ، مُنڪر، پوءِ، مون تان نه کِلاءِ مُورهين، وٖيريَن کي وٖيتر، ۽ ڪِنهن پَر نَه، مون کي ڪَر، ڀيڙو بيدادن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن غصي سان افسوس ڪندي موٽيو، ته ڀاءُ کي چيائين ”اوهان ڪهڙي بڇڙي نموني ۾ منهنجي جانشيني ڪئي آهي، اوهين پنهنجي رب جي حڪم لاءِ ذرو به نه ترسيا؟“ ۽ پنهنجون تختيون ڦٽيون ڪري، هارون کي مٿي کان وٺي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو- هارون چيو ”منهنجا مائتا ڀاءُ! منهنجي قوم مون کي ڪمزور سمجهيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ تي هئا، تنهنڪري مون تي دشمنن کي نه کلاءِ، نڪي مون کي ظالمن ۾ سمجهه!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن موسيٰ ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ ڀرجي پنهنجي قوم وٽ موٽي آيو ۽ انهن کي چيائين، "منهنجي پٺيان توهان ڏاڍي بري نموني مون وارو ڪم سنڀاليو، ڇا توهان کان ايترو صبر به نه ٿيو جو پنهنجي رب جي حڪم جو انتظار ڪريو ها؟" ۽ تختيون کڻي اڇلايائين ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کي مٿي جي وارن کان وٺي پاڻ ڏي ڇڪيائين. هارون چيس، "اي امڙ جا پٽ! انهن ماڻهن مونکي دٻائي ڇڏيو هو ۽ ائين ٿي لڳو ته اجهو ٿا مونکي ماري وجهن، تنهنڪري تون مون تي دشمن نه کلاءِ ۽ مون کي انهن ظالمن جي ٽولي سان شامل نه ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هوڏانهن موٽيو موسيٰ پنهنجي قوم ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڀريل (سخت) رنج ۾، ايندي ئي چيائين، ڏاڍي بڇڙي جاءِ نشيني ڪئي توهان منهنجي پويان، توهان کان ايترو صبر نه ٿيو جو پنهنجي رب جي حڪم جو انتظار ڪريو ها ۽ ڦرهيون اڇلايائين ۽ مٿي جي وارن کان پنهنجي ڀاءُ هارون کي ڌونڌاڙيائين، هارون چيو اي منهنجي ماءُ جا پُٽ! بيشڪ هنن ماڻهن مون کي دٻايو ۽ شايد اهي قتل به ڪن ها مون کي، پوءِ تون مون کي دشمنن آڏو ڏِٺو نه ڪر، ۽ مون کي شامل نه ڪر هن ظالم ٽولي ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن موسى (ؑ) پنھنجي قوم ڏي موٽيو ته (ان جا شرڪ وارا عمل ڏسي) ڪاوڙ ۽ افسوس وچان چيائين ته توهان ماڻهن مون کان پوءِ تمام بري پوئواري ڪئي آهي. توهان پنھنجي پالڻھار جي (نئين) حڪم جي اچڻ کان اڳ ئي جلدي ڪري ورتي ۽ هن تختيون رکيون ۽ پنھنجي ڀاءُ (هارون) جي مٿي جي وارن کي پڪڙيو ۽ پاڻ ڏانھن ڇڪيائين. هارون (ؑ) چيس ته منھنجا مٺڙا ڀاءُ! قوم مون کي ڪمزور سمجهيو هو ۽ هُو ته مون کي قتل ڪرڻ جي پويان هئا، تون مون تي دشمنن کي نه کلاءِ ۽ نه ئي مون کي ظالم قوم ۾ شامل ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَلِأَخى وَأَدخِلنا فى رَحمَتِكَ وَأَنتَ أَرحَمُ الرّٰحِمينَ (آيت : 151) |
(موسى) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان ٻاجھ وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ (پوءِ) دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجو قصور بخشي ڇڏ (جو مان جوش ۾ اچي تڪڙ ڪئي) ۽ منهنجي ڀاءُ جو قصور به معاف ڪر (جو گمراهن کي سختيءَ سان روڪي نه سگهيو) ۽ اسان کي پنهنجي رحمت (جي ڇانو) ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم وارو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ (حضرت هارون) کي بخش ڪر ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون تمام گھڻو رحم ڪندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن) موسى چيو اي منهنجا پالڻهار! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر جو تون سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين اي منهنجا رب! بخش ڪر مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي ۽ داخل ڪر اسان کي رحمت پنهنجي ۾ ۽ تون وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين رحم ڪندڙن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي معاف ڪر ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان زياده رحم ڪرڻ وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) عرض ڪيو: ”اي منهنجا مالڪ! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي بخش ڪر ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀ کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، بَخش مون ۽ ڀائَمِ کي، سانيمِ! ربّ، ستار، ڏي اَسان کي، پَنهنجي توه ۾، جوڙٖي جاءِ جبار، ۽ تون ڪَرارو ڪَلتار، سڀن سَٻاجھن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجا رب! مون کي بخش ۽ منهنجي ڀاءُ کي (به) ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀني کان وڌيڪ رحمت ڪندڙ آهين.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ موسيٰ چيو: "رب منهنجا! مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي معاف ڪر ۽ اسانکي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر، تون ئي سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن موسيٰ چيو، اي منهنجا رب! تون معاف ڪر مون کي ۽ منهنجي ڀاءُ کي، ۽ اسان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪر، ۽ تون ئي سڀ کان وڏو ٻاجهارو آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى (ؑ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي ڀاءُ کي معاف فرماءِ ۽ اسان کي پنھنجي رحمت ۾ داخل فرماءِ. بيشڪ تون ئي سڀني کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ اتَّخَذُوا العِجلَ سَيَنالُهُم غَضَبٌ مِن رَبِّهِم وَذِلَّةٌ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُفتَرينَ (آيت : 152) |
جن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ فرمايو ته) جن ماڻهن گابي جي پوڄا ڪئي انهن تي سندن پروردگار جو غضب اچي ڪڙڪندو، ۽ دنيا جي زندگيءَ ۾ به ذلت ۽ خواري ڏسندا. اسان ڪوڙن گهڙيندڙن کي (سندن بدعمليءَ جو) بدلو اهڙيءَ طرح ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (معبود) بنايو جلدي انهن تي غضب پهچندو سندن رب طرفان ۽ خواري حياتي دنيا جي ۾، ۽ ڪوڙ مڙهيندڙن کي اسين اهڙي جزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (پنهنجو معبود بنايو) انهن مٿان جلد ئي سندن پروردگار جي طرفان عذاب نازل ٿيندو ۽ دنياوي زندگي ۾ خواري، (پڻ ان کانسواءِ). ۽ اسين ڪوڙ ٺاهڻ وارن کي اهڙي ئي سزا ڏيندا ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن معبود بنايو گابي کي جلد پهچندو انهن کي غضب رب انهن جي وٽان ۽ ذلت حياتيءَ دنيا جي ۾ ۽ اهڙي طرح سزا ڏينداسون بهتان هڻندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن گابي کي ٺاهيو تن کي سندن پاليندڙ جي طرفان ڪاوڙ ۽ دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري پهچندي ۽ اهڙيءَ طرح ڪوڙ گهڙيندڙن کي اسين بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن گابي کي (معبود ڪري) ورتو جلد انهن کي دنياوي زندگي ۾ سندن پالڻهار پاران ڏمر ۽ خواري ملندي ۽ اهڙي طرح اسان ڪوڙ ٺاهيندڙن کي سزا ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن گابو پُوڄِيو، پهچندنِ ڏمر، سَندنِ ڏاتار،پڻ جُٺ ڦِٺ هِن جھان ۾، ۽ اِن پارِين پورِهيا پار، ڏِيون ڏٽا ڏِيندڙِين؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (فرمايائين) جن گابي کي سائين بڻايو، تن کي جلد سندن پالڻهار کان ڏمر ۽ دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري ملندي- اهڙيءَ طرح اسين ڪوڙ گهڙيندڙن کي سزا ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (جواب ۾ فرمايو ويو) "جن ماڻهن گابي کي معبود بڻايو اهي ته ضرور پنهنجي رب جي غضب جو شڪار ٿي ويندا ۽ دنيا واريءَ حياتيءَ ۾ ذلت نصيب ٿيندن، ڪوڙا ٺاهه ٺاهڻ وارن کي اسان اهڙي ئي سزا ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (رب جواب ڏنو) بيشڪ جن ماڻهن بڻايو گابي کي پنهنجو رب (خدا) اهي ضرور غضب هيٺ ايندا پنهنجي رب جي، ۽ ذليل و خوار ٿيندا دنياوي زندگيءَ ۾، ۽ اهڙن (ڪوڙ ٺاهيندڙن) کي اسان (ضرور) سزا ڏيندا آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن گابي کي معبود بنايو انهن کي انهن جي پالڻھار طرفان جلد ئي ڏمر پھچندو ۽ هو دنيا واري زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندا ۽ اسان ڪوڙ گهڙڻ وارن کي اهڙي سزا ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ ثُمَّ تابوا مِن بَعدِها وَءامَنوا إِنَّ رَبَّكَ مِن بَعدِها لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 153) |
۽ (اي پيغمبر) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن براين ڪرڻ بعد توبهه ڪئي ۽ ايمان آندو (تن جي لاءِ) بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن توبهه بعد بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو گناه ڪن ٿا انهيءَ کان پوءِ توبه تائب ٿيا گناه ڪرڻ کان ۽ ايمان آندائون، بيشڪ رسولِ عربيءَ جو رب توبه کان پوءِ بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن بڇڙا ڪم ڪيا ۽ تنهن کان پوءِ توبه ڪئي ۽ ايمان آندائون ته پڪ تنهنجو پروردگار توبه کان پوءِ ضرور بخشڻ وارو مهربان آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪيون برايون تنهن کان پوءِ توبہ ڪيائون پڄاڻان انهن جي ۽ ايمان آندائون بيشڪ رب تنهنجو پڄاڻان انهن جي البته بخشيندڙ، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن بڇڙا ڪم ڪيا وري انهن (گناهن) کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون (تن کي) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان (توبه) کانپوءِ معاف ڪندڙ (۽ مٿن) نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن برا عمل ڪيا ۽ ان کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون بيشڪ تنهنجو پروردگار ان کان پوءِ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ڪوجھا، ڪيا ڪم ڪار، وَرِي وَريا، تِنهن پُٺيان، ۽ آندائون اِعتبار، ته سَچ پَچ سائين تُنهنجو، تهانپوءِ تڪرار، بِلڪل بَخشڻهار، مِڙنِيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن بڇڙا ڪم ڪيا، ان کان پوءِ توبهه ڪيائون ۽ ايمان آندائون تن کي تنهنجو رب ان بعد بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو برا عمل ڪري پوءِ توبهه تائب ٿيندا ۽ ايمان آڻيندا ته پوءِ بيشڪ انهيءَ توبهه ۽ ايمان کان پوءِ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو برا ڪم ڪن پوءِ توبهه تائب ٿين ۽ ايمان آڻين، ته بيشڪ تنهنجو رب بخشڻهار ۽ وڏو مهربان آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن برا عمل ڪيا ان کان پوءِ توبہ ڪيائون ۽ ايمان آندائون، بيشڪ تنھنجو پالڻھار توبہ ڪرڻ کان پوءِ وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا سَكَتَ عَن موسَى الغَضَبُ أَخَذَ الأَلواحَ وَفى نُسخَتِها هُدًى وَرَحمَةٌ لِلَّذينَ هُم لِرَبِّهِم يَرهَبونَ (آيت : 154) |
۽ جڏھن مُوسىٰ کان ڏمر لٿو تڏھن (توريت جون) ڦرھيون ورتائين، ان جي لکيي ۾ اُنھن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ ھُئي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن حضرت موسيٰ جو غصو لهي ويو تڏهن هن فرحيون کڻي ورتيون انهن ۾ جيڪي (حڪم) لکيل هئا سي انهن ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت هئا جي پنهنجي پروردگار جو خوف رکندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن موسيٰ جي ڪاوڙ گھٽ ٿي، تورات جي تختين کي کنيائين ۽ انهي نُسخي (ڪتاب) ۾ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن موسى جي ڪاوڙ لٿي ته (تورات جون) تختيون (زمين تان) کنيائين ۽ تورات جي نسخي ۾ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا تن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ٺريو موسى کان غصو ته ورتائين تختين کي ۽ لکيي ان جي ۾ هدايت ۽ رحمت هئي انهن جي لاءِ جو اهي واسطي رب پنهنجي خوف رکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن موسيٰ جي ڪاوڙ لٿي تڏهن تختين کي ورتائين (کنيائين) ۽ جيڪي انهن ۾ لکيل هو تنهن ۾ انهن لاءِ هدايت ۽ رحمت هئي جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن موسى جي ڪاوڙ لٿي ته تختيون کنيائين ۽ انهن جي لکت ۾ هدايت ۽ رحمت هئي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موسٰى کي، ماٺو ٿِيو، جڏهن ڏوٺ ڏَمر، تختا کنيا توريت جا، سارٖي سربسر، ۽ لوڪ لئي، جنهن جي، ليک ۾، سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهر، جي پَنهنجي، کان پرور، سونڪو رکن، سَرِير ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن موسيٰ کان ڏمر لٿو، ته (توريت جون) تختيون کنيائين، ان جي لکت ۾ انهن لاءِ هدايت ۽ رحمت هئي، جي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن موسيٰ جي ڪاوڙ لٿي ته هن اهي تختيون کنيون جن تي هدايت ۽ نصيحت اُڪريل هئي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان ڪنبن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ جڏهن لٿي موسيٰ جي ڪاوڙ ۽ هن ڦرهيون کنيون جن جي لکڻي ۾ هدايت ۽ رحمت هئي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن موسى (ؑ) جي ڪاوڙ ٿڌي ٿي ته هن تختيون کنيون جن ۾ لکيل هو ته هدايت ۽ رحمت صرف انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاختارَ موسىٰ قَومَهُ سَبعينَ رَجُلًا لِميقٰتِنا فَلَمّا أَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ قالَ رَبِّ لَو شِئتَ أَهلَكتَهُم مِن قَبلُ وَإِيّٰىَ أَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ السُّفَهاءُ مِنّا إِن هِىَ إِلّا فِتنَتُكَ تُضِلُّ بِها مَن تَشاءُ وَتَهدى مَن تَشاءُ أَنتَ وَلِيُّنا فَاغفِر لَنا وَارحَمنا وَأَنتَ خَيرُ الغٰفِرينَ (آيت : 155) |
۽ مُوسىٰ پنھنجي قوم مان ستر ڄڻا اسان جي انجام جي وقت لاءِ چونڊيا، پوءِ جنھن مھل انھن کي زلزلي ورتو (ته موسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جيڪڏھن (تون) گھرين ھا ته ھن کان اڳ انھن کي ۽ خاص مونکي ھلاڪ ڪري ڇڏين ھا، اسان منجھان بي عقلن جيڪي ڪيو تنھن سببان اسانکي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ اِھا تنھنجي پرک (حڪمت) کانسواءِ نه آھي، جنھن کي گھرين تنھن کي ان سان گمراھ ڪندو آھين ۽ جنھن کي گھرندو آھين ھدايت ڪندو آھين، تون اسان جو سنڀاليندڙ آھين تنھنڪري اسانکي بخش ۽ اسان تي ٻاجھ ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو بخشيندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جي ٺهرايل وقت ۽ جاءِ تي حاضر ٿيڻ لاءِ موسيٰ پوءِ پنهنجي قوم مان ستر ماڻهو چونڊي کنيا (اهي اتي آيا) پوءِ جڏهن ڏڪائيندڙ مصيبت انهن کي اچي جهليو تڏهن حضرت موسيٰ (اسان جي درگاه ۾) عرض ڪيو ته، اي پروردگار! جيڪڏهن تون چاهين ها ته هنن سڀني کي اڳيئي تباه ڪري ڇڏين ها ۽ خود منهنجي زندگي به ختم ڪري ڇڏين ها (پر تو پنهنجي فضل ۽ رحمت سان اسان کي مهلت ڏني) پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه لاءِ جا اسان مان ڪي بي وقوف ڪري ويٺا آهن، تون اسان سڀني کي تباهه ڪندين ڇا؟ هي هن کان سواءِ ڪجهه ناهي ته تنهنجي طرف کان هڪ آزمائش آهي. تون جنهن کي چاهين تنهن کي ان (آزمائش) ۾ گمراهه ڪري ڇڏين ۽ جنهن کي چاهين تنهن کي سچي راهه ڏيکاري ڇڏين، اي خدا تون ئي اسان جو والي آهين، اسان کي بخشي ڇڏ ۽ اسان تي رحمت ڪر توکان بهتر بخشڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ موسيٰ پنهنجي قوم مان سَتَر ماڻهو اسان جي وعدي لاءِ چونڊيا، پوءِ جڏهن انهن کي سخت زلزلو پهتو موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب جيڪڏهن تون چاهين ها ته مون کي ۽ انهن کي هن کان اڳ هلاڪ ڪرين ها، ڇا تون بيوقوفن جي ڪمن سببان اسان کي هلاڪ ڪرين ٿو، ناهي هيءُ مگر آزمائش تنهنجي، تون انهيءَ سان گمراه ڪرين ٿو جنهنکي چاهين ۽ هدايت ڏين ٿو جنهنکي چاهين، تون اسان جو مددگار آهين پوءِ تون اسان کي بخش ڪر ۽ تون اسان تي رحم ڪر ۽ تون بهترين بخشيندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى پنهنجي قوم سان اسان جو واعدو پورو ڪرڻ لاءِ (جبل طور تي وٺي وڃڻ لاءِ) ستر ماڻهن کي چونڊيو. پوءِ جڏهن کين زلزلي اچي پڪڙيو ته حضرت موسى عرض ڪيو پروردگارا جيڪڏهن تون گهرين ها ته مون کي ۽ انهن سڀني کي اڳ ۾ ئي هلاڪ ڪري ڇڏين ها ته ڇا اسان مان ڪن بيوقوفن جي ڪرتوتن جي سزا ۾ اسان کي هلاڪ ٿو ڪرين؟ اها ته فقط تنهنجي آزمايش هئي، تون جنهن کي چاهين ان کي هدايت ڪرين. تون ئي اسان جو مالڪ آهين تون ئي اسان جا قصور معاف ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ پڻ تون ته سڀني بخشڻ وارن کان چڱو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چونڊيا موسى قوم پنهنجيءَ مان ستر مرد واسطي وقت وعدي اسان جي پوءِ جڏهن پڪڙيو انهن کي زلزلي چيائين ته اي پالڻهار منهنجا! جيڪڏهن گھرين ها ته هلاڪ ڪرين ها تون انهن کي اڳي ۽ مون کي ڇا هلاڪ ڪرين ٿو اسان کي سببان ان جي جو ڪيو بيوقوفن اسان مان ناهي اها مگر آزمائش تنهنجي گمراھ ڪرين ٿو ان سان جنهن کي گھرين ۽ هدايت ڪرين ٿو جنهن کي گھرين تون ڪارساز اسان جو آهين پوءِ بخش ڪر واسطي اسان جي ۽ رحم ڪر اسان تي ۽ تون ڀلو بخشيندڙ آهين بخشيندڙن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ پنهنجي قوم مان ستر مڙسن کي اسان جي انجام ڏنل وقت تي آڻڻ لاءِ چونڊيو پوءِ جڏهن انهن کي ڏڪڻي ورتو تڏهن چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ ! جيڪڏهن تون گهرين ها ته هن کان اڳ انهن کي ۽ مون کي برباد ڪري ڇڏين ها ڇا تون اسان کي ان ڪم جي ڪري برباد ڪرين ٿو جو اسان مان بيوقوفن ڪيو آهي؟ هي تنهنجو امتحان ئي آهي. ان سان جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي گمراهه ڪرين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي رستو ڏيکارين ٿو. تون اسان جو سنڀاليندڙ آهين پوءِ اسان کي معاف ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ بيشڪ تون سڀني معاف ڪندڙن کان چڱو معاف ڪندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى پنهنجي قوم مان ستر مرد اسان جي مقرر ڪيل وقت (تي حاضر ٿيڻ) لاءِ چونڊيا. پوءِ جڏهن انهن کي شديد زلزلي پڪڙيو ته (موسى) عرض ڪيو: ”اي پروردگار جي تون چاهين ها ته هن کان اڳ انهن کي ۽ مون کي هلاڪ ڪري ڇڏين ها! ڇا تون اسان کي ان (خطا جي) ڪري هلاڪ ٿو ڪرين؟ جيڪا اسان ڪن مان بي وقوف ماڻهن ڪئي. اها تنهنجي آزمائش ئي آهي ان جي ذريعي جنهن کي چاهين گمراهه ڪرين ۽ جنهن کي چاهين هدايت ڪرين. تون ئي اسان جو ڪارساز آهين پوءِ اسان جي بخشش ڪر ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون سڀني کان ڀلو بخشڻهار آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسان جي اَنجام لئي، مُوسٰى مِهربان، چُونڊيا چڱا قوم مان، سَترجنگ جوان، پوءِ جڏهن، واقعي تن وَراڪيو، چي، ڌڻيمِ! پاڪ دَيان، جي گُهرين، ته مُون ۽ اُنهن کي، مارئـِي، مُهندمَنان؛ جن پُونڄن اسان مان پُوڄيو، گابو بي گمان، ڪيئن مارِئُون، تنهن مٿان؟ هِي تنهنجو اِمتحان، وَڻيٖ تِنهن مُنجھائـِين، ۽ وڻيٖ سَمجھائـِين سُبحان؛ اَسان جو آڌارتون، پوءِ عَفو ڪرِين عِصيان، پڻ دُهرا ڏِينِيون دان، ۽ تون بِهتر بخشيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ پنهنجي قوم مان ستر ماڻهو چونڊيا ته اسان جي مقرر وقت تي (حاضر ٿين) جڏهن انهن کي زلزلي اچي ورتو، چيائين ته ”منهنجا رب! جي تون گهرين ها، ته مون کي ۽ انهن کي اڳ ۾ ئي ناس ڪري ڇڏين ها. ڇا جيڪي بيوقوفن ڪيو آهي ان ڪري تون اسان کي ناس ڪندين؟ هي تنهنجي آزمائش کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي- تون انهيءَ سان جنهن کي وڻيئي گمراهه ڪرين ٿو ۽ جنهن کي وڻيئي ان کي هدايت بخشين ٿو. تون ئي اسان جو سنڀاليندڙ آهين، اسان کي بخش ۽ اسان تي ٻاجهه ڪر ۽ تون سڀ کان بهتر بخشڻ وارو آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن پنهنجي قوم جي ستر ماڻهن کي چونڊيو ته جيئن اهي (ساڻس گڏجي) اسانجي مقرر ڪيل وقت تي اچي حاضر ٿين. جڏهن انهن ماڻهن کي هڪ سخت زلزلي اچي پڪڙيو ته موسيٰ عرض ڪيو، "اي منهنجا رب! تون گهرين ها ته اڳيئي هنن کي ۽ مونکي هلاڪ ڪري سگهين پيو، ڇا تون ان ڏوهه ۾ جيڪو اسان مان ڪن نادانن ڪيو هو، اسان سڀني کي هلاڪ ڪندين؟ اها ته تنهنجي هڪڙي آزمائش هئي، جنهن جي وسيلي تون جنهن کي گهرين گمراهيءَ ۾ وجهين ٿو ۽ جنهن کي گهرين هدايت ڏين ٿو، تون ئي اسان جو سنڀاليندڙ آهين، اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر، تون سڀني کان وڌيڪ معاف ڪندڙ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ پنهنجي قوم مان چونڊيا ستر ماڻهو جيئن هو اسان جي مقرر ڪيل وقت تي حاضر ٿئي، جڏهن کين هڪ زلزلي اچي ورتو، موسيٰ عرض ڪيو اي پالڻهار! تون گهرين ها ته تون اڳي ئي اسان کي هلاڪ ڪري سگهين پيو، ڇا تون ڪن ڏوهارين جي ڪري اسان سڀني کي هلاڪ ڪندين، اها ته تنهنجي هڪ آزمائش هئي، جنهن جي ذريعي گمراهه ڪرين جنهن کي گهرين ۽ جنهن کي گهرين هدايت بخشين، اسان جو ڌڻي تون آهين پوءِ اسان کي بخش ڪر ۽ اسان تي رحم فرماءِ، تون سڀ کان وڏو معاف ڪندڙ آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ موسى (ؑ) پنھنجي قوم مان ستر ماڻهن کي اسان جي مقرر ڪيل وقت تي حاضر ٿيڻ لاءِ چونڊيو. جڏهن هو حاضر ٿيا ته هڪ سخت زلزلي کين وڪڙ ۾ ورتو، موسى (ؑ) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! جيڪڏهن تون چاهين ها، ته مون کي ۽ هنن ماڻهن کي اڳ ۾ ئي موت ڏئي سگهين پيو، اسان مان جن بيوقوفن (گابي جي پوڄا جي صورت ۾) هي ڪڌو ڪم ڪيو هو، ڇا انهن جي قصور ۾ تون اسان سڀني کي ماري ڇڏيندين؟ اها ته تنھنجي آزمائش آهي جنھن جي ذريعي تون جنھن کي چاهين گمراهه ڪرين، جنھن کي چاهين سڌي راهه ڏيکارين. تون ئي اسان جو سنڀاليندڙ آهين (بس!) تون اسان کي معاف فرماءِ ۽ اسان تي رحم ڪر، تون ئي وڏو معاف ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاكتُب لَنا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةً وَفِى الءاخِرَةِ إِنّا هُدنا إِلَيكَ قالَ عَذابى أُصيبُ بِهِ مَن أَشاءُ وَرَحمَتى وَسِعَت كُلَّ شَيءٍ فَسَأَكتُبُها لِلَّذينَ يَتَّقونَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالَّذينَ هُم بِـٔايٰتِنا يُؤمِنونَ (آيت : 156) |
۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇوته اسين توڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو ته آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شيء کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ انھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪواة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي خدا) هن دنيا جي زندگيءَ ۾ به اسان جي لاءِ چڱائي لکي ڇڏ ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به (اسان جي لاءِ چڱائي ڪر.) اسان توڏي موٽي آيا آهيون (يعني اڳين گناهن کان باز اچي تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ تيار آهيون). الله تعاليٰ فرمايو ته منهنجي عذاب جو حال هي آهي ته جنهن کي چاهيان تنهن کي (سندس بدعملن جي بدلي ۾) ڏيان، پر منهنجي رحمت جو حال هي آهي جو هرهڪ شيء تي ڇانيل آهي، پوءِ مان انهن ماڻهن جي لاءِ رحمت لکي ڇڏيندس جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندا ۽ انهن جي لاءِ به جيڪي اسان جي نشانين (۽ حڪمن) تي ايمان آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان لاءِ تون هن دنيا ۽ آخرت ۾ نيڪي لِکُ ۽ بيشڪ اسين توبه تائب ٿياسين تنهنجي طرف، الله تعالى فرمايو منهنجو عذاب پهچي ٿو اُنهيءَ کي جنهنکي آئون چاهيان ٿو، ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ کان گھڻي آهي، پوءِ آئون جلدي لکندس پنهنجي رحمت کي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوف ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون ئي هن (فاني) دنيا ۽ آخرت ۾ اسان جي لاءِ نيڪي لکي ڇڏ. اسين تنهنجي ئي طرف رجوع ڪريون ٿا. خدا فرمايو: جنهن کي آءُ گهران ٿو (مستحق سمجهي ڪري) پنهنجو عذاب موڪليان ٿو ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ تي ڇانيل آهي آءُ ته هي جلد ئي خاص انهن ماڻهن جي لاءِ لکي ڇڏيندس (جيڪي بدڪارن کان) بچندا رهندا ۽ زڪوات ڏيندا رهندا ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن تي ايمان رکندا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لک تون واسطي اسان جي هن دنيا ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ تحقيق اسان رجوع ڪيوسون توڏانهن فرمايائين ته عذاب منهنجو پهچايان ٿو اهو جنهن کي گھران ۽ رحمت منهنجي شامل ٿي هر شيءِ کي پوءِ جلدي لکندس ان کي واسطي انهن جي جيڪي پرهيز ڪن ٿا ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ (انهن جي لاءِ) جو اهي آيتن اسان جن تي ايمان آڻين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان لاءِ هن دنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ! بيشڪ اسين توڏي موٽيا آهيون. الله فرمايو ته آءُ پنهنجو عذاب جنهن تي گهران ٿو تنهن کي پهچايان ٿو. ۽ منهنجي رحمت ۾ سڀڪا شيءِ سمائي آهي، پوءِ ان (رحمت) کي انهن لاءِ لکندس جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ جيڪي اسان جي ڳالهين تي ايمان رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جي لاءِ هن دنيا ۽ آخرت ۾ چڱائي لکي ڇڏ بيشڪ اسان تو ڏانهن موٽيا آهيون. الله فرمايو: ”منهنجو عذاب جنهن کي چاهيان پهچايان ٿو ۽ منهنجي رحمت هر شيءِ کان وڌيڪ ڪشادي آهي. پوءِ جلد اها انهن لاءِ لکندس جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکڻ وارا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لِک نيڪِي اَسان هار، هِن ننڍِي ڄَمار ۾، پڻ مَهندان مَحشر وار، توڏي، موٽياسون مورهين. چي، وَڻي تِنهن پُهچايون، اَسان جو آزار، ۽ هرگز گھڻي هَر شي ڪنان، مُنهنجِي ٻاجھ ٻِيهار، پوءِ لِکندسِ لاشڪ تن لئي، جي تقوٰى ڪَن تڪرار، ۽ ڪَن خير خدا هارِ، ۽ اُهي مَڃِين، اسان جون آيتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان لاءِ هن دنيا ۽ آخرت ۾ چڱائي لکُ، جو اسين تو ڏانهن ئي رجوع ٿيا آهيون.“ فرمايائين ”آءٌ پنهنجو عذاب جنهن تي وڻندو آهي، نازل ڪندو آهيان ۽ منهنجي رحمت سڀ ڪنهن تي شامل آهي. آءٌ ان (رحمت) کي انهن لاءِ لکندس، جي بڇڙاين کان بچن ٿا جي زڪوات ادا ڪن ٿا، جي اسان جي نشانين تي ايمان آڻين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان لاءِ هن دنيا جي ڀلائي به لکجانءِ ۽ آخرت جي به، اسان توڏانهن ئي رخ رکيو آهي". جواب ۾ فرمايو ويو: "سزا ته مان جنهن کي گهران ڏيندو آهيان پر منهنجي رحمت هر شيءِ تي ڇانيل آهي ۽ ان کي مان انهن ماڻهن جي کاتي لکندس، جيڪي بي فرمانيءَ کان پرهيز ڪندا، زڪواة ادا ڪندا ۽ منهنجي آيتن تي ايمان آڻيندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان لاءِ لِک هن دنيا ۾ ڀلائي ۽ آخرت ۾ به، اسان تنهنجي طرف رجوع ڪيو آهي، جواب مليو، سزا ته آئون جنهن کي چاهيان ڏيندو آهيان پر منهنجي رحمت هر شيءِ تي حاوي آهي ۽ ان کي آئون لکندس انهن ماڻهن جي حق ۾ جيڪي نافرماني کان بچن، زڪوات ڏين ۽ منهنجي آيتن تي ايمان آڻين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جي لاءِ هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڀلائي لک. بيشڪ اسان تو ڏي ئي رجوع ٿيا آهيون. الله تعالى فرمايو: مان جنھن کي چاهيان ان کي عذاب ڏيندو آهيان (پر) منھنجي رحمت هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي، پوءِ اها رحمت انهن ماڻهن لاءِ لکندس، جيڪي پرهيزگاري جو رستو اختيار ڪندا، زڪوات ڏيندا ۽ اسان جي آيتن تي (پختو) ايمان آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَتَّبِعونَ الرَّسولَ النَّبِىَّ الأُمِّىَّ الَّذى يَجِدونَهُ مَكتوبًا عِندَهُم فِى التَّورىٰةِ وَالإِنجيلِ يَأمُرُهُم بِالمَعروفِ وَيَنهىٰهُم عَنِ المُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ الطَّيِّبٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيهِمُ الخَبٰئِثَ وَيَضَعُ عَنهُم إِصرَهُم وَالأَغلٰلَ الَّتى كانَت عَلَيهِم فَالَّذينَ ءامَنوا بِهِ وَعَزَّروهُ وَنَصَروهُ وَاتَّبَعُوا النّورَ الَّذى أُنزِلَ مَعَهُ أُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 157) |
( ۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو حضرت رسول (ﷺ) جي پيروي ۽ تابعداري ڪندا جو هڪ امي (ظاهري طرح اڻ پڙهيل) نبي هوندو ۽ جنهن جي ظهور جي خبر (اهل ڪتاب) پاڻ وٽ رکيل تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسندا تن (پيروي ڪندڙن) کي اهو نبي نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو، برائيءَ کان روڪيندو، وڻندڙ شيون حلال ڪندو، غليظ شيون حرام ٺهرائيندو. انهيءَ بار کان ڇوٽڪارو ڏيندو جنهن جي هيٺان دٻيل آهن ۽ انهن ڦندن (سرڪڻ ڦاهين) مان ڪڍندو جن ۾ هو ڦاٿل هوندا. تنهن ڪري جيڪي به ماڻهو مٿس ايمان آڻيندا، سندس مخالفن کي روڪيندا، (حق جي راهه ۾) سندس مدد ڪندا ۽ انهيءَ نور ۽ (روشنائي) جي پٺيان لڳندا جو هن سان گڏ موڪليل آهي اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن. (هو دنيا ۾ به خوش آسودا ۽ طاقت وارا رهندا ۽ آخرت ۾ به جنت جا حقدار ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو جيڪي تابعداري ڪن ٿا رسولِ عربيءَ جي جيڪو سموري ڪائنات جو اصل (روح) آهي، رسولِ عربيءَ جي تعريف انهن وٽ لکيل آهي تورات ۽ انجيل ۾. رسولِ عربي انهن کي نيڪيءَ جو حڪم فرمائي ٿو ۽ بُرائي کان روڪي ٿو ۽ پاڪ شيون انهن لاءِ حلال ڪري ٿو ۽ پليت شيون انهن لاءِ حرام ڪري ٿو ۽ انهن تان سندن ڳرا بار لاهي ٿو ۽ جيڪي تڪليفون انهن تي هيون (سي ختم ڪري ٿو)، پوءِ جن ماڻهن رسولِ عربيءَ تي ايمان آندو ۽ سندن تعظيم ڪيائون ۽ سندن مدد ڪيائون ۽ قرآن ڪريم جي تابعداري ڪيائون جيڪو رسولِ عربي تي نازل ڪيو ويو، اهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) جيڪو اسان جي موڪليل نبي امي جي قدم به قدم هلن ٿا (جنهن جي بشارت) کي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل لهن ٿا ۽ (اهو نبي) جيڪو چڱن ڪمن جو حڪم ڏئي ٿو ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪري ٿو ۽ (جيڪي) پاڪ پاڪيزه شيون انهن ۾ حلال ۽ گنديون شيون مٿن حرام ڪري ڇڏي ٿو. ۽ اهو (ڏکن حڪمن جو) بار جيڪي مٿن هو پڻ اهي گهوگها جيڪي انهن تي (پيل) هئا تن کي پري ڪري ٿو پوءِ (ياد رکو ته) جن ماڻهن انهيءَ (نبي محمد) تي ايمان آندو ۽ سندس مدد ڪئي پڻ ان نور جي پيروي ڪئي جيڪو ان سان گڏ نازل ٿيو آهي ته اهي ئي انسان پنهنجي دل جي مراد پائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو تابعداري ڪن ٿا رسول، نبي، امي جي – اهو جو لهن ٿا (ذڪر) ان جي کي لکيل پاڻ وٽ توراة ۽ انجيل ۾ امر ڪري ٿو انهن کي نيڪيءَ جو ۽ روڪي ٿو انهن کي برائيءَ کان ۽ حلال ڪري ٿو انهن لاءِ پاڪ شيون ۽ حرام ڪري ٿو انهن تي ناپاڪ شيون ۽ لاهي ٿو انهن تان بار انهن جا ۽ ڳٽ جيڪي هيا انهن تي پوءِ جن ايمان آندو ان تي ۽ تعظيم ڪيائون ان جي ۽ مدد ڪيائون ان جي ۽ تابعداري ڪيائون نور جي جو لاٿو ويو گڏ ان سان اهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ان نبي اُمي رسول جي پيروي ڪن ٿا جنهن (جي وصفن) کي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا جو انهن کي چڱي ڪم جو حڪم ڪري ٿو ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿو ۽ انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ڪري ٿو ۽ ناپاڪ شيون مٿن حرام ڪري ٿو ۽ سندن بار ۽ جيڪي طوق مٿن هئا سي انهن تان لاهي ٿو. پوءِ جن ان تي ايمان آندو ۽ ان جي عزت ڪئي ۽ ان جي مدد ڪئي ۽ ان نور (قرآن) جا تابع ٿيا جو ان سان لاٿو ويو آهي، سي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جي ماڻهو هن رسول (ﷺ) جي پيروي ڪن ٿا جو نبي اُمي (يعني دنيا جي ڪنهن استاد وٽ پڙهيل نه) آهي جنهن (جي واکاڻ) کي اُهي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل لهن ٿا. جو انهن کي نيڪين جو حڪم ڪري ٿو ۽ انهن کي براين کان روڪي ٿو ۽ انهن لاءِ پاڪيزه شيون حلال ڪري ٿو ۽ انهن تي گنديون شيون حرام ڪري ٿو ۽ انهن تان ڳرا بار ۽ جيڪي ڳٽ مٿن هئا سي لاهي ٿو. پوءِ جن ماڻهن مٿس ايمان آندو ۽ سندس عزت ڪيائون ۽ سندس مدد ڪيائون ۽ ان نور (قرآن) جي پيروي ڪيائون جيڪو ساڻس گڏ نازل ڪيو ويو آهي ته اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڻپڙھ پيغمبر پُٺيان، هَلنِ جي هَموار، جي لَهن لکِيل پاڻ وٽ، صِفت تِنهن سَردار، توريت ۽ اِنجيل ۾، ڏي ٿو مَت موچار، ۽ بَديان بندينِ، ۽ چِيز چڱا، حلال ڪري، تن هار، ۽ هرگز مَٿنِ حرام ڪري، مَٺيون ۽ مُردار، ۽ ڳَرايون ۽ ڳِراهِيون ڪڍي ڳچي مان ڳار، جي بَرسِر مٿنِ بار، اَ ڳي هُئا، اڳواڻ کان. جن مَڃيوسِ ۽ مانَ ڏنونسِ، پن مَدد ڏِنائونسِ مُور، ۽ تابِع ٿيا تِنهنجا، جو نازل ساڻسِ نُور، اُهي اَهل شُعور، آزاد، هر آزار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي (هن) اُمي نبيءَ جي پيروي ڪن ٿا، جنهن جي (خبر) توريت ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا، (اهو) انهن کي نيڪ ڪمن جو حڪم ڪري ٿو ۽ بڇڙن ڪمن کان روڪي ٿو ۽ پاڪ شين کي انهن لاءِ حلال ڪري ٿو ۽ ناپاڪ شين کي مٿن حرام ڪري ٿو، سندن ڳرو بار ۽ ڳٺ، جي مٿن پيل آهن تن کي کانئن لاهي ڇڏي ٿو، پوءِ جن مٿس ايمان آندو، کيس زور وٺايو ۽ سندن مدد ڪئي ۽ انهيءَ روشنيءَ جي تابعداري ڪئي، جا ساڻس گڏ لٿي، ته اهي ئي ڪامياب آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هاڻي اها رحمت انهن جو حصو آهي) جيڪي هن رسول نبي اميءَ جي پيروي قبول ڪندا، جنهن جو ذڪر کين پاڻ وٽ به تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ملي ٿو، هو کين نيڪيءَ جو حڪم ڏئي ٿو، برائيءَ کان روڪي ٿو، انهن لاءِ پاڪ شيون حلال ۽ ناپاڪ شيون حرام ڪري ٿو ۽ مٿانئن اهي بار لاهي ٿو، جيڪي مٿن پيل هئا ۽ اهي ڳــَـٽَ کولي ٿو، جن ۾ هو جڪڙيل هئا. پوءِ جيڪي ماڻهو مٿس ايمان آڻيندا ۽ سندس ساٿ ڏيندا ۽ سندس مدد ڪندا ۽ ان روشنيءَ جي پيروي ڪندا، جيڪا ساڻس گڏ نازل ڪئي وئي آهي، اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي پيروي ڪن ٿا هن رسول نبي امي جي، (اڄ هي رحمت سندن حصو آهي) جنهن جو ذڪر کين لکيل ملي ٿو پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾، جيڪو کين حڪم ڏئي ٿو نيڪيءَ جو ۽ کين برائيءَ کان منع ڪري ٿو، انهن جي لاءِ حلال آهن پاڪ شيون ۽ حرام ڪري ٿو انهن تي ناپاڪ شيون ۽ مٿانئن اهي بار لاهي ٿو جيڪي مٿن لڏيل هئا ۽ اهي بندشون کولي ٿو جن ۾ اهي جڪڙيل هئا، پوءِ جيڪي ان تي ايمان آڻين ۽ ان جي حمايت ۽ مدد ڪن ۽ ان روشنيءَ جي پيروي ڪن، جيڪا انهن سان گڏ نازل ڪئي وئي آهي، اهي ئي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر هي رحمت يھودين ۽ عيسائين جي لاءِ نه آهي)البته جيڪي ماڻهو هن رسول نبي امي (ﷺ) جي پيروي اختيار ڪندا، جنھن جو ذڪر هي پاڻ وٽ تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسن ٿا جيڪو انهن کي نيڪيءَ جو حڪم ڪري ٿو، خراب ڪمن کان روڪي ٿو، پاڪ شيون حلال ڪري ٿو، ناپاڪ شيون حرام ڪري ٿو، انهن جي مٿان سٿيل بار هٽائي ٿو ۽ اهي پابنديون ختم ڪري ٿو جن ۾ هو جڪڙيل هئا. پوءِ جن ماڻهن ان تي ايمان آندو، ان جي عزت ڪئي، ان جي مدد ڪئي ۽ ان روشنيءَ (يعني قرآن) جي پيروي ڪئي، جيڪا ان سان گڏ نازل ڪئي وئي آهي، اهڙا ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم جَميعًا الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ النَّبِىِّ الأُمِّىِّ الَّذى يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَكَلِمٰتِهِ وَاتَّبِعوهُ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 158) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي انسانؤ آءٌ اوھان مڙني ڏانھن اُن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آھيان جنھن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاھي آھي، اُن الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس انھي اُمّي نبيء تي ايمان آڻيو جيڪو الله ۽ سندس حُڪمن کي مڃيندو آھي ۽ اُن جي تابعداري ڪريو ته مانَ اوھين سڌي واٽ لھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون ماڻهن کي) چئو ته، اي انسانو! مان توهان سڀني ڏانهن الله جو موڪليل پيغمبر ٿي آيو آهيان. اهو الله جنهن کي آسمانن ۽ زمين جي سڄي بادشاهي آهي. سندس ذات کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهوئي جيئاري ٿو ۽ اهو ئي ماري ٿو. پوءِ توهان الله ۾ ايمان رکو ۽ سندس رسول امي نبي تي به ايمان آڻيو. (يعني حضرت محمدﷺ تي) جنهن الله تي به ايمان آندو آهي ۽ سندس ڪلمات (يعني سندس سڀني ڪتابن) تي به ايمان آندو آهي. ( اي انسانو! توهان) سندس پيروي ڪيو ته (ڪاميابيءَ جي) راهه توهان جي لاءِ کلي پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو اي انسانو بيشڪ آئون الله جو رسول آهيان توهان سڀني لاءِ، منهنجو اُهو رب آهي جنهن جي بادشاهي آسمان ۽ زمينن ۾ آهي، ناهي ڪو عبادت جي لائق سواءِ الله جي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو، پوءِ توهان (سڀئي) ايمان آڻيو الله ۽ الله جي رسول تي، اُهو رسولِ عربي جيڪو سموري ڪائنات جو اصل (روح) آهي پاڻ ڪريم الله ۽ الله جي موڪليل ڪتابن تي ايمان آڻن ٿا ۽ توهان رسولِ عربيءَ جي تابعداري ڪريو ته يقيناً توهان ڪامياب ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون (کين) چئو ته انسانو! آءُ اوهان سڀني ماڻهن ڏي ان خدا جو موڪليل رسول آهيان جنهن جي لاءِ خاص (سمورن) آسمانن ۽ زمينن جي حڪومت آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي اهو ئي جيئرو ڪري ٿو اهو ئي ماري ڇڏي ٿو پوءِ (انسانو!) خدا ۽ سندس رسول نبي امي تي ايمان آڻيو. جيڪو (پاڻ به) خدا تي ۽ سندس ڳالهين تي (دل سان) ايمان رکي ٿو ۽ ان جي قدم به قدم هلو ته جيئن اوهين هدايت حاصل ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اي انسانو! بيشڪ مان الله جو رسول آهيان اوهان سڀني ڏانهن اهو (الله) جو ان جي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ ناهي ڪو عبادت جي لائق سواءِ ان جي جياري ٿو ۽ ماري ٿو پوءِ ايمان آڻيوالله تي ۽ ان جي رسول نبي، امي تي جيڪو مڃي ٿو الله کي ۽ فرمانن ان جي کي ۽ تابع ٿيو ان جا تانته اوهان هدايت وارا ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته اي انسانو ! بيشڪ آءُ اوهان سڀني ڏي ان الله جو موڪليل آهيان جنهن جي آسمانن ۽ زمينن ۾ بادشاهي آهي. جنهن کانسواءِ ڪو معبود نه آهي، جو جياري ۽ ماري ٿو، پوءِ الله تي ۽ سندس ان رسول تي ايمان آڻيو جو نبي اُمي آهي جو الله تي ۽ سندس (سڀني) ڪلامن تي ايمان آڻي ٿو ۽ ان جي تابعداري ڪريو مَنَ اوهين رستو لهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”اي انسانو! بيشڪ آءُ اوهان سڀني ڏانهن ان الله جو رسول آهيان جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي، اهو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ الله تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول تي (ايمان آڻيو) جيڪو امي (لقب وارو) نبي آهي جيڪو الله تي ۽ ان جي احڪامن تي ايمان رکي ٿو ۽ اوهان ان جي پيروي ڪيو ته توهان هدايت وارا ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اي ماڻهئا!، آئون مالِڪ جو، مُرسل مِڙن پار، اُڀ، ڀُون يون سَڀ جِنهن جا، ٻِيو ڌڻي، نَه جِنهن کان ڌار، جِياري جَبار، پڻ مارٖي، سو مُورهين. پوءِ مَڃيو مالِڪ، بِه اُن جو، مُرسل مَڻياندار، جو اَڻپڙھ، ڏيندڙ عِلم جون، خبرون خبردار، اَللهَ مڃي ۽ اُن جا، ڪَلمان، برقرار، ۽ ٿِيوسِ تابِعدار، ته ماڻِيو مارڳ، ماڳ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو اي انسانو! آءٌ اوهان سڀني ڏانهن انهيءَ الله جو رسول ٿي آيو آهيان، جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ان ڌاران ڪو سائين ناهي، هو ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو- پوءِ الله ۽ سندس رسول امي نبيءَ تي ايمان آڻيو، جو الله ۽ سندس ڪتابن تي ايمان رکي ٿو ۽ ان جي پيروي ڪريو ته من اوهين سڌي واٽ لهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي چوين ته، "اي انسانؤ! مان توهان سڀني ڏانهن انهيءَ الله جو رسول آهيان، جيڪو آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهوئي جيئاري ٿو ۽ اهوئي ماري ٿو، تنهنڪري ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس موڪليل نبي اميءَ تي، جيڪو الله ۽ سندس فرمانن کي مڃيندو آهي ۽ سندس پيروي اختيار ڪريو، اميد ته توهان سنئون دڳ لهندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي محمد) اي انسانؤ! آئون انهيءَ الله جو رسول آهيان، توهان وٽ سڀني جو، جيڪو بادشاهي جو مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ان الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه (معبود) ناهي اهو ئي حياتي ڏئي ٿو ۽ موت به، پوءِ ايمان آڻيو ان الله تي ۽ ان جي موڪليل رسول نبي امي تي، پوءِ جيڪو ايمان آڻي الله تي ۽ ان جي حڪمن کي مڃي، ۽ پيروي ڪري ان جي، اميد ته سڌي واٽ ڏسندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) چؤ ته: اي انسانو! بيشڪ مان توهان سڀني ڏانھن ان الله پاڪ جو رسول ٿي آيو آهيان، جنھن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو تنهنڪري الله تعالى تي ايمان آڻيو ۽ ان جي رسول نبي اُمّي (ﷺ) تي به، جيڪو الله تعالى ۽ ان جي حڪمن تي ايمان آڻي ٿو سو توهان سڀ ان جي پيروي ڪريو، اهڙيءَ طرح ئي توهان هدايت وارا ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن قَومِ موسىٰ أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 159) |
۽ مُوسىٰ جي قوم مان ھڪڙي اھڙي ٽولي آھي جو (ماڻھن کي) سڌو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُھي ان سان انصاف تي ھلندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ موسيٰ جي قوم ۾ هڪ ٽولو (بيشڪ) اهڙو آهي جيڪو ماڻهن کي سچائيءَ جي راهه تي هلائي ٿو ۽ سچائي سان (سندس معاملن ۾) انصاف به ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) موسيٰ جي قوم (يهودين) مان هڪ گروه اهڙو آهي جيڪو حق جو رستو ٻڌائي ٿو ۽ حق سان فيصلو ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى جي قوم جا ڪجھ ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي حق ڳالھ جي هدايت به ڪندا آهن ۽ حق ئي حق (معاملن ۾) انصاف به ڪندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قوم موسى جي مان هڪ ٽولي آهي جيڪا واٽ ڏيکارين ٿا حق جي ۽ ان (حق) سان انصاف ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ جي قوم مان هڪ جماعت آهي جا حق جو رستو ڏيکاري ٿي ۽ ان موجب انصاف به ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى جي قوم مان هڪ جماعت آهي جيڪي حق جي راهه ٻڌائن ٿا ۽ ان جي مطابق انصاف (سان فيصلا) ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪا اُمت، قوم مان، هَلٖي سچ تي صاف، پڻ اُنهيءَ سان اِنصاف، ڪن داد، هَر فرياد جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ جي قوم ۾ اهڙا به ماڻهو آهن، جي حق جو رستو ڏيکارين ٿا ۽ ان موجب انصاف به ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جي قوم ۾ هڪڙو ٽولو اهڙو به هو، جيڪو حق مطابق هدايت ڪندو هو ۽ حق جي ئي مطابق انصاف ڪندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قومِ موسيٰ ۾ هڪ اهڙو به ٽولو هو، جيڪو حق جي مطابق هدايت ڪندو ۽ انصاف به ڪندو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ موسى (ؑ) جي قوم مان هڪ ٽولو اهڙو هو، جيڪو حق جي مطابق ئي هدايت ڪندو هو ۽ حق سان ئي انصاف ڪندو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَطَّعنٰهُمُ اثنَتَى عَشرَةَ أَسباطًا أُمَمًا وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ إِذِ استَسقىٰهُ قَومُهُ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ الحَجَرَ فَانبَجَسَت مِنهُ اثنَتا عَشرَةَ عَينًا قَد عَلِمَ كُلُّ أُناسٍ مَشرَبَهُم وَظَلَّلنا عَلَيهِمُ الغَمٰمَ وَأَنزَلنا عَلَيهِمُ المَنَّ وَالسَّلوىٰ كُلوا مِن طَيِّبٰتِ ما رَزَقنٰكُم وَما ظَلَمونا وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 160) |
۽ بني اسرائيلن مان ٻارھن پاڙا ٽوليون ڪري جدا ڪياسون، جڏھن موسىٰ کان سندس قوم پاڻي گھريو تڏھن ڏانھس وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ (ھنيائين ته) اُن مان ٻارھن واھيون وھيون، بيشڪ سڀڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاتي ٿي، ۽ اسان مٿن ڪڪر جي ڇانو ڪئي ۽ مٿن مَن ۽ سَلۡوىٰ لاٿاسون، ( ۽ چيوسون ته) جيڪا اوھان جي سٺي روزي بڻائي اٿون تنھن مان کائو، ۽ اسان جو ڪُجھ نه وڃائون پر پاڻ کي نقصان ٿي لاٿائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي ٻارهن خاندانن جي ٻارهن قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ جڏهن انهن ماڻهن حضرت موسيٰ کان پيئڻ لاءِ پاڻي گهريو تڏهن اسان کيس وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ سان هن ٽڪريءَ کي ڌڪ هڻ. (ڌڪ هڻڻ سان) ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا، ۽ هرهڪ قبيلي پنهنجي پنهنجي جڳهه پاڻيءَ جي معلوم ڪري ورتي ۽ اسان بني اسرائيلن تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي هئي، ۽ (هنن جي کائڻ لاءِ) ”من“ ۽ ”سلويٰ“ نازل ڪيا هئا. اسان کين چيو هو ته، هيءَ وڻندڙ غذا کائو جا اسان عطا ڪئي آهي (۽ فتنن ۽ فسادن ۾ نه پئو، پر هنن نافرمانيون ڪيون) هنن اسان جو ته ڪجهه به نه بگاڙيو پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان يهودين کي جدا جدا ڪري ٻارهن (12) قبيلا (۽) وڏيون وڏيون جماعتون بنايون، ۽ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي جنهن وقت موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گُھريو، (وحي هي موڪليسين) ته تون پنهنجي لٺ کي پٿر تي هڻ پوءِ پٿر مان ٻارهن (12) چشما چيرجي نڪتا، بيشڪ هر ماڻهو پنهنجي پاڻي پيئڻ جي جاءِ معلوم ڪئي ۽ اسان انهن تي ڪڪرن جو سايو ڪيو، ۽ اسان انهن تي من ۽ سلويٰ (بهشتي طعام) نازل فرمايو، توهان پاڪ شيون کائو جيڪي اسان توهان کي رزق ڪري ڏنيون ۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر انهن پنهنجن نفسن تي پاڻ ظلم ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان (بني اسرائيلن) جي هڪ هڪ ڏاڏي جي اولاد کي جدا جدا ٻارنهن گروھ بنايا ۽ جڏهن موسى جي قوم ان کان پاڻي گهريوو ته اسان ان ڏي وحي کي موڪليو ته تون پنهنجي عصا پاڻي تي هڻ (پوءِ عصا جي هڻڻ سان) ان پٿر مان (پاڻي جا) ٻارنهن چشما ڦاٽي نڪتا ۽ (وري اهڙا صفا جدا جدا جو) هر هڪ قبيلي پنهنجو پنهنجو گهاٽ معلوم ڪري ڇڏيو ۽ اسان بني اسرائيلن تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي. ۽ مٿن من ۽ سلوى (جهڙي نعمت) نازل ڪئي. (انسانو!) جيڪي پاڪ ۽ پاڪيزه شيون اوهان کي ڏنل آهن انهن کي (شوق سان) کائو (پيئو) ۽ انهن ماڻهن (نافرماني ڪري) اسان جو ڪجھ به نه بگاڙيو پر پنهنجو پاڻ ئي خراب ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جدا ڪيوسون انهن کي ٻارنهن قبيلا ٽولا ٽولا ڪري ۽ وحي ڪيوسون طرف موسى جي جڏهن پاڻي گھريو ان کان قوم ان جي هيء ته هڻ لٺ پنهنجي پٿر کي پوءِ وهي هليا ان مان ٻارنهن چشما تحقيق ڄاتو سڀني ماڻهن جاءِ پيئڻ پاڻيءَ پنهنجيءَ کي ۽ ڇانو ڪرائي سون مٿان انهن جي ڪڪر جي ۽ لاٿوسين مٿان انهن جي من ۽ سلوى کائو پاڪ شيون انهن مان جو رزق ڏنوسون اوهان کي ۽ نه ظلم ڪيائون اسان تي ۽ پر هئا جو سرن پنهنجن تي ٿي ظلم ڪيائون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انهن (بني اسرائيلن) کي ٻارهن ڏاڏن جي اولاد (ٻارهن) وڏيون جماعتون ڪري جدا جدا ڪيو. ۽ جڏهن موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گهريو تڏهن ان ڏي حڪم موڪليوسون ته تون پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ، پوءِ ان مان ٻارهن چشما ڦاٽي نڪتا. سڀ ڪنهن قبيلي پنهنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ سڃاتي. ۽ اسان انهن تي ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ انهن تي مَنَ (کاڌي جي شيءِ) ۽ سَلويٰ (تتر جهڙو جانور) لاٿو سون (۽ کين چيوسون ته) اسان جيڪي سٺيون شيون اوهان کي ڏنيون آهن تن مان کائو.۽ انهن اسان تي ظلم نه ڪيو پر اُهي پاڻ تي ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن (بني اسرائيل) کي ٻارهن خاندانن ۾ ورهائي سڀ الڳ الڳ جماعت بنائي. ۽ اسان موسى ڏانهن وحي ڪئي جنهن وقت سندس قوم کانئس پاڻيءَ جي طلب ڪئي ته پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ! پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي هليا. هر ماڻهو پنهنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاڻِي ورتِي. ۽ اسان انهن مٿان ڪڪرن جي ڇانؤ ڪئي ۽ اسان انهن تي من ۽ سلوى (جنتي کاڌو) لاٿو. کائو ان مان جيڪي اسان اوهان کي پاڪيزه رزق بنائي ڏنو آهي. انهن (بي فرمانيون ڪري ) اسان سان ظلم نه ڪيو پر پاڻ پنهنجي جانين سان ظلم پئي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٽوڙي ڪيوسونِ ٽوليون، ٻارهن ڏُهٽ ٻِيهار، ۽ وَحي ڪيوسون ويتر تنهن، مِهتر مُوسٰى پَار، جڏهن ڪَئي ڪيڻَسِ، قوم تِنهن، پاڻي لاءِ پُڪار، ته پَنهنجِي لَٺ پهڻ کي، هڪدم هَڻ هيڪار، ته ٻارهن چشماچَيريا، تِنهين مان تڪرار، ڄاتو پاڻِي پنهنجو، پاڙٖي پاڙٖي ڌار، ۽ ڇَمر مٿنِ ڇانورِي، ڪئـِي سون برقرار، مَنْ ۽ سَلوٰى لاٿاسون، تن مَٿي، تِيوڻ توڻ تيار، جو ڏنو سُونِيان، تنهن مَنجھان، کائو خوشگوار، ۽ ڪُجھ نه ڪَيون اَسان کي، پر هُئا هاڃيڪار، اَجايو آزار،پاڻهِين ڪندا هُئاپاڻ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان انهن کي ٻارهن پاڙن جي جدا جدا خاندانن ۾ ورهايو ۽ جڏهن موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گهريو، ته اسان کيس حڪم ڪيو، ته ”پنهنجي لٺ کي هڪ پهڻ تي هڻ“، پوءِ ان مان ٻارهن چشما وهي نڪتا- بيشڪ هر شخص پنهنجي پيئڻ جي جاءِ سڃاتي، اسان مٿن ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ انهن تي من ۽ سلويٰ لاٿاسون- ”اسان اوهان کي جيڪا پاڪ روزي ڏيون ٿا، ان مان کائو.“ پوءِ اسان جو ڪجهه به نقصان نه ڪيائون، بلڪه خود پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان انهن کي ٻارنهن گهراڻن ۾ ورهائي کين مستقل ٽولن جي شڪل ڏئي ڇڏي هئي ۽ جڏهن موسيٰ کان سندس قوم پاڻي گهريو ته اسان کيس وحي ڪيو ته فلاڻي ٽڪريءَ تي پنهنجي لٺ هڻ، پوءِ ان مان يڪدم ٻارنهن چشما ڦاٽي نڪتا ۽ هر ٽولي پنهنجي پاڻي وٺڻ واري هنڌ کي سڃاڻي ڇڏيو، اسان مٿن ڪڪر جي ڇانوَ ڪئي ۽ مٿن من ۽ سلويٰ لاٿو، کائو اهي پاڪ شيون جيڪي اسان توهان کي ڏنيون آهن پر پوءِ جيڪي ڪجهه ڪيائون ته اهو ڪو اسان تي ظلم نه ڪيائون، بلڪه پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪندا رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ان قوم کي ورهايو هو ٻارهن ٽولن ۾، ۽ کين مستقل ڪيو هو، ۽ جڏهن موسيٰ جي قوم پاڻي گهريو ته اسان کيس اشارو ڪيو ته فلاڻي پٿر تي لَٺ هڻ، پوءِ انهيءَ پٿر مان هڪدم نڪري پيا ٻارهن چشما، ۽ پوءِ هر ٽولي پنهنجي لاءِ پاڻي پيئڻ جي جاءِ مقرر ڪئي، ۽ اسان پاڇو ڪيو انهن تي ڪڪر جو، ۽ مٿن لاٿا (کائڻ لاءِ) مَن ۽ سلويٰ، کائو اهي پاڪ شيون جيڪي اسان توهان کي بخشيون آهن، (پر ان بعد انهن جيڪي ڪيو) ته اسان تي ظلم نه ڪيو، پر پنهنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪندا رهيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان بني اسرائيل کي ٽولن جي لحاظ کان ٻارنهن قبيلن ۾ ورهايوسين، جڏهن هن قوم پاڻيءَ جو مطالبو ڪيو ته اسان موسى (ؑ) کي وحي ڪئي سين ته پنھنجي لٺ ٽڪريءَ تي هڻ پوءِ ان مان ٻارنهن چشما وهي نڪتا، ۽ هر قبيلي پنھنجي پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ سڃاتي ۽ اسان مٿن ڪڪرن جي ڇانو به ڪئي سين ۽ انهن تي من ۽ سلوى به لاٿاسين، (۽ کين چيو ته) توهان اهي پاڪ شيون کائو جيڪي اسان توهان کي رزق طور ڏنيون آهن، پر پوءِ انهن جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو انهن اسان تي نه پر پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قيلَ لَهُمُ اسكُنوا هٰذِهِ القَريَةَ وَكُلوا مِنها حَيثُ شِئتُم وَقولوا حِطَّةٌ وَادخُلُوا البابَ سُجَّدًا نَغفِر لَكُم خَطيـٰٔتِكُم سَنَزيدُ المُحسِنينَ (آيت : 161) |
۽ جڏھن انھن کي چيو ٿي ويو ته ھن ڳوٺ ۾ وڃي ٽڪو ۽ منجھانئس جتان وڻيو تتان کائو ۽ چؤ ته بخش (ڪر) ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ته اوھان کي اوھان جون خطائون بخشيون، ڀلارن کي وڌيڪ (چڱائي) ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ (اهو واقعو ياد ڪريو) جو اسان بني اسرائيلن کي حڪم ڏنو هو ته هن شهر ۾ وڃي رهو (جنهن کي فتح ڪرڻ جي اوهان کي توفيق ملي آهي) ۽ (هي ڏاڍو وسندڙ ملڪ آهي) جتان اوهان کي وڻي اتان غذا حاصل ڪيو ۽ ”حطة“ چوندا رهو (يعني چئو ته، اي خدا اسان کي گناهن کان پاڪ ڪري ڇڏ) ۽ جڏهن ان جي دروازي مان اندر داخل ٿيو تڏهن (الله پاڪ جي حضور ۾) جهڪندي داخل ٿجو. اسان توهان جون خطائون بخشي ڇڏينداسين ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي (ان کان به) وڌيڪ اجر ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن (يهودين) کي حڪم ڪيو ويو ته هن ڳوٺ ۾ رهو ۽ کائو توهان انهيءَ مان جتان توهان چاهيو ۽ هينءَ چئو ته اسان جا گناه بخش ڪيا وڃن ۽ دروازي ۾ سجدو ڪري داخل ٿيو، اسين توهان جا گناه بخش ڪنداسين، نيڪوڪارن کي جلدي ثواب ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کين چيوسون هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ (سندس پيدوار ميون کي) جتان اوهان جي دل گهري (مزي سان) کائو (پيئو) پر (وات سان) حطه چوندا ۽ سجدو ڪندا دروازي ۾ داخل ٿجو ته اسين اوهان جون خطائون بخشي ڇڏينداسون. پڻ نيڪي ڪرڻ وارن کي ته اسين اڃا به وڌيڪ عطا ڪنداسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ويو واسطي انهن جي ته رهو هن ڳوٺ ۾ ۽ کائو ان مان جتي به گھرو ۽ چئو گناھ جي مغفرت ۽ داخل ٿيو دروازي کان سجدا ڪندڙ ته بخشينداسون واسطي اوهان جي خطائون اوهان جون جلد وڌائينداسون نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن کين چيو ويو ته هن ڳوٺ ۾ رهو ۽ ان مان جتان وڻيو، اُتان کائو ۽ چئو ته معافي گهرون ٿا ۽ دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ته اسين اوهان کي اوهان جون غلطيون معاف ڪنداسون. اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي زياده ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن کين چيو ويو ته: ”هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ ان مان جتان وڻي وڃي کائو ۽ چئو حِطَّةٌ ”معاف ڪر“ ۽ دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو ته اسان اوهان جون خطائون بخشينداسين. جلد اسان نيڪوڪارن کي وڌائينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَمر ڪيو ويو اُنهن کي، ته گُذاريو مَنجھ هِن گام، ۽ خُوشي پَئي، کائو تِتان، مَنجھانسِ مال مُدام، ۽ چَئو، مَعافِي ۽ گِھڙو، دَرمان، سَجدٖي ساڻ سَلام، ته مَرهِينِيان مِهرسان، اَهنجون خطائون خادم، جَلدِي جَجھاجام، ڪريو ڀال، ڀَلن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن کين چيو ويو ته ”هن شهر ۾ وڃي رهو ۽ ان ۾ جتان وڻيو، اتان وڃي کائو ۽ چئو ته ”بخش (ڪر)“ ۽ دروازي مان سجدو ڪندي لنگهو، ته اسين اوهان جا گناهه بخشينداسون ۽ نيڪوڪارن کي اجر ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن کين چيو ويو هو ته هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ اتان جيڪا دل گهريوَ سا روزي حاصل ڪريو ۽ "حطته حطته" (يعني بخش ڪر، بخش ڪر) چوندا وڃجو ۽ شهر جي دروازي مان سجدو ڪندا اندر گهڙجو ته اسان توهانجون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسون ۽ سهڻي هلت اختيار ڪرڻ وارن کي وڌائي ڇڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪريو اهو وقت) جڏهن کين چيو هو ته رهو وڃي هن ڳوٺ ۾ ۽ کائو پيئو مرضيءَ مطابق ان جي پيداوار مان ۽ چوندا وڃو ”حِطة حِطة“ ۽ داخل ٿجو شهري دروازي مان سجدو ڪندي، اسان معاف ڪنداسين توهان جون خطائون ۽ چڱي روش رکندڙن کي فضيلت عطا ڪنداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين چيو ويو ته هن ڳوٺ ۾ وڃي رهو ۽ جتان گهرو ان مان کائو ۽ حِطَّةٌ (يعني اسان کي بخش ڪر) چوندا ۽ (شڪر جو) سجدو ڪندي دروازي مان داخل ٿجو، ان عمل جي ذريعي اسان توهان جي خطائن کي معاف ڪنداسين ۽ وري اڳتي نيڪ ڪم ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ مھرباني ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبَدَّلَ الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم قَولًا غَيرَ الَّذى قيلَ لَهُم فَأَرسَلنا عَلَيهِم رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَظلِمونَ (آيت : 162) |
پوءِ انھن (بني اسرائيلن) مان جيڪي ظالم ھئا تن کي جيڪا ڳالھ چئي وئي سا انھن مٽائي ٻي ڳالھ چئي پوءِ مٿن آسمان کان انھيءَ سببان سزا موڪلي سون جو ظلم ٿي ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (پوءِ ڇا ٿيو جو) انهن مان جن ماڻهن ظلم ۽ فساد جي راهه اختيار ڪئي تن خدا جي ٻڌايل ڳالهه بدلائي ٻي ڳالهه بنائي، (يعني خدا جي حڪمن جي ابتڙ عمل ڪيائون) پوءِ اسان هنن تي آسمان مان عذاب موڪليو، انهن ظلمن سببان جي هو ڪندا ٿي رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ظالمن (يهودين) الله جي حڪم کي تبديل ڪيو، جنهنجو کين حڪم ڪيو ويو هو پوءِ اسان انهن جي مٿان آسمان مان عذاب موڪليو انهيءَ سببان جو ظلم ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ظالمن، جيڪا ڳالھ کين چئي وئي هئي ان کي بدلائي ڪجھ ٻيو چوڻ شروع ڪيو ته سندن شرارتن سبب مٿن آسمان مان عذاب موڪلي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مٽايو انهن جو ظلم ڪيائون انهن مان گفتي کي خلاف ان جي جو چيو ويو واسطي انهن جي پوءِ موڪليوسون مٿان انهن جي عذاب آسمانن کان سببان ان جي جو ظلم ٿي ڪيائون. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن مان جن ظلم ڪيو تن ان ڳالهه کانسواءِ جا کين چئي وئي هئي بدلائي ٻي ڳالهه چئي، پوءِ اسان انهن تي آسمان مان عذاب لاٿو، هن ڪري جو اهي ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن مان جن ماڻهن ظلم ڪيو ته اها ڳالهه جيڪا کين چئي وئي هئي سا ٻي ڳالهه سان بدلائي ڇڏيائون. پوءِ اسان انهن تي آسمان مان عذاب موڪليو، ان ڪري جو اُهي ظلم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جَنِين جاڙون ڪَيون، تَنِين مان، تڪرار، جو ٻوليو وِيَنِ، ٻوليؤن، ٻول ٻيو، اُن ڌار، پوءِ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، مَٿنِ ڏُرت ڏُوار،اُنهئَ جي آڌار، ته ڪنداجاڙُون جام هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي انهن ۾ ظالم هئا، تن کين چيل لفظن کي بدلائي ٻيا لفظ چيا- پوءِ جيڪو هو ظلم ڪندا هئا، ان ڪري اسان مٿن آسمان مان عذاب موڪليو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ انهن مان جيڪي ماڻهو ظالم هئا، انهن ان ڳالهه کي جيڪا کين چئي وئي هئي، بدلائي هڪ جو ٻيو ڪري ڇڏيو. پوءِ ته اسان به سندن انهيءَ ظلم جي ڪري مٿن آسمان مان قهر نازل ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر بدلايو انهيءَ ڳالهه کي انهن ماڻهن جيڪي ظالم هئا. ان جي نتيجي ۾ انهن جي لاءِ اسان موڪليو انهن جي مٿان عذاب آسمان مان ڇاڪاڻ ته اهي ظالم هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن کي جيڪا ڳالهه چئي وئي هئي، انهن مان ظالم ماڻهن ان کي ڦيرائي ٻي ڳالهه ڪئي، پوءِ اسان مٿن آسمان مان ان ڪري عذاب موڪليوسين جو هو ظلم ڪندڙ هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسـَٔلهُم عَنِ القَريَةِ الَّتى كانَت حاضِرَةَ البَحرِ إِذ يَعدونَ فِى السَّبتِ إِذ تَأتيهِم حيتانُهُم يَومَ سَبتِهِم شُرَّعًا وَيَومَ لا يَسبِتونَ لا تَأتيهِم كَذٰلِكَ نَبلوهُم بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 163) |
۽ (اي پيغمبر) کائن اُن ڳوٺ (جي حال) بابت پڇا ڪر جيڪو درياءَ جي ڪناري تي ھو، جڏھن (اُھي منع ھوندي) ڇنڇر (جي حُڪم) ۾ حُڪم عدولي ڪرڻ لڳا جڏھن انھن جون مَڇيون سندن ڇنڇر ڏينھن (پاڻي جي مٿان) سندن سامھون پڌريون ٿي اينديون ھيون ۽ جنھن ڏينھن ڇنڇر نه ڪندا ھئا تنھن ڏينھن (ٻاھر نه) اينديون ھيون، اھڙي طرح اُنھن کي انھي سببان پرکيوسون جو نافرماني ٿي ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) بني اسرائيلن کان انهيءَ شهر بابت پڇا ڪر جو سمنڊ جي ڪناري تي هوندو هو، جتي ماڻهو سبت جي ڏينهن خدا جي ٺهرايل حد کان ٻاهر ويندا هئا. سبت جي ڏينهن هنن جون (گهربل) مڇيون پاڻيءَ تي ترنديون هنن ڏي اچي وينديون هيون. پر جنهن ڏينهن سبت نه ملهائيندا هئا تنهن ڏينهن نه اينديون هيون. اهڙيءَ طرح اسان کين آزمائش ۾ وجهندا هئاسين هن ڪري جو هو نافرماني ڪندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان يهودين کان ان ڳوٺ بابت پڇو جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو، جڏهن يهودين ڇنڇر تي بي فرماني ڪئي (منع جي باوجود مڇيءَ جو شڪار ڪيائون) ڇو ته ڇنڇر جي ڏينهن مڇيون پاڻي ۾ ظاهر ٿي ٿيون، ۽ ڇنڇر کان علاوه (انهن لاءِ) مڇيون ظاهر نٿي ٿيون. اهڙيءَ طرح اسان انهن کان امتحان ورتو انهي سببان جو گناه ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) انهن کان ٿورو انهيءَ ڳوٺ جو حال ته پڇو جيڪو درياءُ جي ڪپ تي آباد هو. جڏهن اهي ماڻهو (پنهنجي مبارڪ) ڇنڇر جي ڏينهن زيادتي ڪرڻ لڳا جو جڏهن انهن جي (عبادت جو) ڏينهن ڇنڇر ايندو هو تڏهن ته مڇيون مڙي ڪري سندن سامهون پاڻي تي مٿان تري اينديون هيون پر جيڪڏهن سندن (عبادت جو ڏينهن) ڇنڇر نه هوندو ته وري مڇيون وٽن اينديون ئي نه هيون، جيئن ته اهي ماڻهو بدچال هئا تنهنڪري اسان به اهڙي طرح سندن امتحان ٿي ورتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇ انهن کان ڳوٺ وارن جي (باري ۾) جيڪو هيو ڪناري سمنڊ جي تي جڏهن تجاوز پيا ڪن ڇنڇر جي ڏينهن ۾ جڏهن اچن پيون انهن وٽ مڇيون انهن جون ڏينهن ڇنڇر ۾ ظاهر ظهور ۽ جنهن ڏينهن ڇنڇر نه پيا لهن ته نه پيون اچن انهن وٽ ائين ئي آزمايون پيا انهن کي سببان ان جي جو بي فرماني ڪيائيون ٿي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کان ان ڳوٺ بابت پڇ جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو. جڏهن اهي ڇنڇر (جي ڏينهن واري حڪم) ۾ ان وقت حد کان لنگهڻ لڳا جنهن وقت سندن (ڀر واري سمنڊ جون) مڇيون سندن (برڪت واري) ڇنڇر جي ڏينهن پاڻيءَ جي مٿاڇري تي ظاهر ٿي وٽن اچڻ لڳيون ٿي ۽ جنهن ڏينهن ڇنڇر نه ڪندا هئا (ڇنڇر نه هوندو هو) ته وٽن نه اينديون هيون. اهڙيءَ طرح اسين کين سندن نافرمانيءَ ڪري آزمائيندا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کان ان ڳوٺ جي باري ۾ پڇ جيڪو سمنڊ جي ڪناري واقع هيو. جڏهن ڇنڇر جي ڏينهن جي باري ۾ حد کان وڌڻ لڳا جڏهن انهن جون مڇيون ڇنڇر ڏينهن انهن اڳيان (پاڻيءَ جي سطح تي) ظاهر ٿي اينديون هيون ۽ (جڏهن) ڇنڇر جو ڏينهن نه هوندو هيو ته (سطح تي) نه اينديون هيون..اهڙي طرح.. اسان انهن کي آزمايو پئي ان ڪري جو اهي نا فرماني ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُڇينِ ڳالھ ڳوٺ جِي، جو هُئو درياءَ جي ڪِنار، جنهن وار ڇَنڇر وَار ۾، چُويون وِجھن چوڌار، مَڇيون سندنِ، جنهن مَهل ۾، ڇُلي اَچن ڇلنگار، ته اَچينِ ڇنڇر ڏينهن ري، پِڇَرِي ڪِنهين پار، اِن پارِين، اُنهن لئي، پِئا آزمايون اِظهار، جِنهن سبب ٻَهار، هَلندا هئا، حُڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان ان ڳوٺ بابت پڇ، جو درياءَ جي ڪناري تي هو، جڏهن انهن ڇنڇر بابت نافرماني ڪئي- جڏهن ڇنڇر ڏينهن وٽن مڇيون ترنديون اينديون هيون ۽ جڏهن ڇنڇر نه هوندو ته، وٽن نه اينديون هيون. ان طرح اسين کين آزمائيندا هئاسون، ڇا لاءِ جو هو نافرماني ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن کان انهيءَ ڳوٺ بابت پڇ جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي هو ۽ کين اهو واقعو ياد ڏيار جڏهن سبت (ڇنڇر) جي ڏينهن هو الله جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندا هئا، جو مڇيون به سبت جي ڏينهن ئي مٿاڇري تي اچي ظاهر ٿي پونديون هيون ۽ سبت کانسواءِ ٻين ڏينهن تي مٿي چڙهي نه اينديون هيون. اهو ان ڪري ٿيندو هو ته اسان سندن بي فرمانين جي ڪري کين پرکي رهيا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کانئن پڇو انهيءَ وستيءَ جو احوال جيڪا ڪناري تي هئي سمنڊ جي، انهن کي اهو واقعو ياد ڏياريو ته اتي جا ماڻهو ڇنڇر (جي ڏينهن) الله جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي (مڇيون ڦاسائيندا هئا) ان ڏينهن ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ئي مڇيون پاڻيءَ جي سطح تي سندن سامهون اُڀري ٿي آيون ۽ ٻين ڏينهن تي نه ٿي آيون، اسان کين آزمائش ۾ وڌو ڇو ته اهي نافرمان هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کان ان شھر جي باري ۾ پڇا ڪريو، جيڪو سمنڊ جي ڪناري تي واقع هو. جڏهن ان جا رهاڪو (سبت يعني) ڇنڇر واري ڏينھن جي حڪم جي خلاف ورزي ڪندا هئا، جڏهن ڇنڇر واري ڏينھن ئي مڇيون پاڻيءَ جي مٿان (وڏي تعداد ۾) ظاهر ٿينديون هيون ۽ ڇنڇر کان علاوه ٻين ڏينھن ۾ ايئن ظاهر نه ٿينديون هيون. اهڙيءَ طرح اسان کين نافرمانيءَ سبب آزمائش ۾ وجهندا هئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَت أُمَّةٌ مِنهُم لِمَ تَعِظونَ قَومًا اللَّهُ مُهلِكُهُم أَو مُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا قالوا مَعذِرَةً إِلىٰ رَبِّكُم وَلَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 164) |
۽ جڏھن منجھائن ھڪ ٽوليء (نصيحت ڪندڙن کي) چيو ته اھڙي قوم کي اوھين ڇو نصيحت ڪندا آھيو جن کي الله ھلاڪ ڪندڙ آھي يا کين سخت عذاب ڪندڙ آھي؟ (تڏھن) چيائون ته (اسان جي نصيحت) اوھانجي پالڻھار وٽ عذر آھي ۽ مانَ اُھي ڊڄن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن ان شهر جي رهاڪن مان هڪ ٽوليءَ (واعظ نصيحت ڪرڻ وارن کي) چيو ته، توهان ڇو ٿا (اجايو) اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪيو جن کي (سندن گناهن سبب) يا ته خدا (دنيا ۾ ئي) تباهه ڪندو يا ته (آخرت ۾) نهايت سخت عذابن ۾ مبتلا ڪندو. تڏهن انهن جواب ۾ چيو ته، اسان هن لاءِ ٿا واعظ ڪيون ته پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ عذر پيش ڪري سگهون (ته اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو) ۽ هن لاءِ به ته شايد (ڪي) ماڻهو باز اچي وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت يهودين مان هڪ گروه چيو، توهان ڇا لاءِ انهن ماڻهن کي نصيحت ڪريو ٿا جن کي الله برباد ڪندو يا انهن تي دردناڪ عذاب ڪندو، نصيحت ڪندڙن چيو الله جي دربار ۾ اسين معذرت پيش ڪنداسين (ته اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو) ۽ اسان کي اميد آهي ته شڪار کان روڪجي ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن مان هڪ جماعت (انهن ماڻهن مان جيڪي ڇنڇر جي ڏينهن شڪار ڪرڻ کان منع ڪندا هئا) چيو ته جن کي خدا تباھ ڪرڻ يا سخت عذاب ۾ ڦاسائن گهري ٿو انهن کي (اجايو) ڇو ٿا سمجهايو؟ ته اهي چوڻ لڳا ته فقط اوهان جي پالڻهار جي بارگاھ ۾ پاڻ تان الزام لاهڻ لاءِ پڻ ان لاءِ ته شايد اهي ماڻهو پرهيزگاري اختيار ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو جماعت هڪڙيءَ انهن مان ته ڇو ٿا نصيحت ڪيو؟ اهڙي قوم کي جو الله هلاڪ ڪندڙ آهي انهن کي يا عذاب ڪندڙ آهي انهن کي عذاب سخت چيائون ته عذر پيش ڪرڻ جي لاءِ طرف رب اوهان جي ۽ تانته اهي ڊڄن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن انهن مان هڪ جماعت چيو ته اهڙيءَ قوم کي ڇو نصيحت ڪريو ٿا جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا انهن کي سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي. انهن چيو ته اوهان جي پاليندڙ وٽ پاڻ تان الزام لاهڻ لاءِ (انهن کي نصيحت ڪريون ٿا) ۽ مَنَ اهي پرهيزگار ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن وقت انهن مان هڪ جماعت چيو ته : ”ان قوم کي ڇو ٿا نصيحت ڪيو؟ جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا انهن کي سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي“ ته چيائون: ”اوهان جي پالڻهار جي حضور معذرت پيش ڪرڻ لاءِ ۽ هن لاءِ ته من اُهي پرهيزگار بنجي وڃن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڪنهن ٻارئَ چيو ٻِيهار، ڇو؟ سَمجھايو تنهن ساٿ کي، مارڻ وارو مُورهين، جن کي ربُّ، جبار، يا ڏِيڻ وارو ڏيہ ۾، ڪا سخت سَزا سَرڪار، چي، اوهان جي آگي جو، بَرسِر لاهن بار، ٻيو پڻ اِن آڌار، ته ساڱائينِ مانَ سي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان هڪ ٽولي چيو ته ”اوهان اهڙي قوم کي ڇو ٿا نصيحت ڪريو جن کي الله ناس ڪندو يا کين سخت عذاب ڏيندو؟“ چيائون ”اوهان جي رب وٽ عذر هجي ۽ شايد هو نيڪ ٿين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو به ياد ڏيارينِ ته جڏهن منجهانئن هڪ ٽولي ٻئي ٽولي کي چيو هو ته "توهان اهڙن ماڻهن لاءِ ڇو ٿا نصيحت ڪريو جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو آهي يا سخت سزا ڏيڻ وارو آهي". ته انهن جواب ڏنو هو ته" "اسان اهو سڀ ڪجهه توهان جي رب جي در پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ ٿا ڪريون ۽ ان لاءِ به ته مــَـنَ اهي بي فرماني ڪرڻ کان پاسو ڪن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ کين هي به ياد ڏياريو ته) جڏهن انهن مان هڪ ٽولي ٻئي کي چيو هو ته، توهان کين ڇو ٿا نصيحت ڪريو جن کي الله هلاڪ ڪرڻ وارو يا عذاب سخت ڏيڻ وارو آهي؟ انهن چيو هو، ”اسان عذر پيش ڪنداسين توهان جي رب آڏو انهيءَ اميد تي ته شايد اهي نافرمانين کان پرهيز ڪن.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن انهن جي هڪ گروهه (ٻئي گروهه کي) چيو ته توهان اهڙن ماڻهن کي ڇو ٿا سمجهايو جن کي الله تعالى تباهه ڪرڻ وارو آهي يا کين سخت عذاب ڪندو؟ (ان تي) ٻئي گروهه چيو ته اسان اهو توهان جي پالڻھار جي اڳيان پنھنجي حجت پوري ڪرڻ لاءِ ڪريون ٿا ۽ ٿي سگهي ٿو ته شايد هي ماڻهو ڊڄي وڃن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ أَنجَينَا الَّذينَ يَنهَونَ عَنِ السّوءِ وَأَخَذنَا الَّذينَ ظَلَموا بِعَذابٍ بَـٔيسٍ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 165) |
پوءِ جيڪا (نصيحت) ڏني وئي ھُين سا جنھن مھل وساريائون اُنھي مھل اُنھن ماڻھن کي بچايوسون جيڪي مدائي کان جھليندا ھُين ۽ ظالمن کي سخت عذاب سان انھيء ڪري پڪڙيوسون جو ھو بدڪار ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (هيئن ٿيو جو انهن) ماڻهن اُهي سڀ نصيحتون وساري ڇڏيون جي انهن کي ڪيون ويون هيون تڏهن (اسان جي جزا ۽ سزا جو ظهور ٿيو) اسان انهن ماڻهن کي ته بچائي ورتو جي برائي کان روڪيندا هئا مگر شرارتون ڪندڙ ظالمن کي هڪ اهڙي عذاب ۾ وڌوسين جو محرومي ۽ نامرادي ۾ مبتلا ڪرڻ وارو عذاب هو، انهن نافرمانين سبب جي هو ڪندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن نصيحت کي وساريائون جيڪا انهن کي ڪئي وئي، اسان نجات ڏني انهن ماڻهن کي جيڪي بُرائي کان روڪيندا هئا ۽ انهن بي فرمانن کي اسان سخت عذاب ۾ گرفتار ڪيو انهيءَ سببان جو گناه ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن انهن ماڻهن جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪيل هئي سا وساري ڇڏي ته اسان انهن ماڻهن کي ته بچايو جيڪي بري ڪم کان ماڻهن کي منع ڪندا هئا تن کي سندن بدڪاري سبب وڏي عذاب ۾ پڪڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن وساريائون اها ڳالھ جو نصيحت ڪيا ويا ان سان ته ڇڏايوسون انهن کي جو روڪين پيا برائيءَ کان ۽ ورتوسون انهن کي جو ظلم ڪيائون عذاب منهن بگاڙيندڙ سان سببان ان جي جو بي فرمان ٿيا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪا نصيحت کين ڪئي وئي هئي تنهن کي جڏهن ڀُلائي ڇڏيائون تڏهن اسان انهن کي بچايو جيڪي برائيءَ کان روڪيندا هئا ۽ ظالمن کي سخت عذاب ۾ پڪڙيوسون، هن ڪري جو اهي نافرماني ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن وساري ڇڏيائون (ان ڳالهين کي) جن جي کين نصيحت ڪئي وئي هئي ته اسان (رڳو) انهن کي نجات ڏني جيڪي برائي کان روڪيندا هئا ۽ جي ظلم ڪندا هئا انهن کي بڇڙي عذاب ۾ پڪڙيوسين ان ڪري جو اُهي نافرماني ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن وِساريون، وَعظ سو، جو ڏِنو وينِ ياد، ته جن، مَٺايان مَنع ڪئـِي، ڪياسون اُهي آزاد، ۽ وَرتاسون سخت عذاب ۾، ڪيا جن بيداد، ڪياسون ڪِني عذاب ۾، ٻيا بنہ برباد، جنهن بِناتي، بيداد، ليڪو لَنگھندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن کين ڪيل نصيحت وساريائون، ته انهن کي ڇوٽڪارو ڏنوسون، جي بڇڙائي کان منع ڪندا هئا ۽ جن ظلم ڪيو هو، تن کي سخت عذاب سان ان ڪري پڪڙ ڪئي سون جو هو نافرماني ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اهي انهن هدايتن کي صفا وساري ويٺا، جيڪي سندن ڌيان ۾ ويهاريون ويون هيون ته اسان انهن ماڻهن کي بچائي ورتو، جيڪي برائيءَ کان روڪيندا هئا ۽ باقي ٻين سڀني ماڻهن کي جيڪي ظالم هئا، سندن بي فرمانين سبب سخت عذاب ۾ پڪڙيو سون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ انهن مڙني هدايتن کي وساري ڇڏيو جيڪي ياد ڪرايل هيون، ته اسان انهن ماڻهن کي بچائي ورتو جيڪي برائيءَ کان روڪيندا هئا، باقي مڙني ظالمن کي نافرمانين جي ڪري گرفتار ڪيو سخت عذاب ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن انهن اهي نصيحتون وساري ڇڏيون، جيڪي کين ڪيون ويون هيون ته اسان ان گروهه کي بچايوسين جيڪو برائي ڪرڻ کان روڪيندو هو ۽ باقي جن ظلم ڪيو، تن سڀني کي سندن نافرمانيءَ سبب سخت عذاب ۾ پڪڙيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا عَتَوا عَن ما نُهوا عَنهُ قُلنا لَهُم كونوا قِرَدَةً خٰسِـٔينَ (آيت : 166) |
پوءِ جنھن کان جھليو ويو ھُين تنھن کان جڏھن حد کان لنگھي ويا ته چيوسون ته خوار ٿيل ڀولڙا ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (اها سزا به هنن کي سبق سيکاري نه سگهي ۽) هو انهيءَ ڳالهه ۾ حد کان زياده سرڪش ٿي ويا جنهن کان انهن کي منع ڪئي ويئي هئي، تڏهن اسان چيو ته باندر ٿي پئو، ذليل ۽ خوار.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن نافرماني ڪئي ان ڪم جي جنهن جي لاءِ کين منع ڪئي وئي، اسان انهن کي حڪم ڪيو ته توهين ذليل باندر ٿي پئو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جنهن ڳالھ کان کين منع ڪيل هئي جڏهن انهن ماڻهن ان ۾ بي پرواهي ڪئي ته اسان حڪم ڪيو ته اوهين ذليل ۽ تڙيل ٿي باندر بڻجي وڃو! (ته اهي باندر بڻجي پيا) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن سرڪش ٿيا ان کان جو روڪيا ويا ان کان ته چيوسون انهن کي ته ٿي پئو ڀولڙا (يا باندر) خوار ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جنهن ڪم کان کين روڪيو ويو هو تنهن ۾ جڏهن حد کان لنگهي ويا تڏهن انهن کي چيوسون ته خوار ٿيل ڀولڙا ٿيو ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اُهي حد کان ٽپي ويا ان (ڳالهه) ۾ جنهن کان منع ڪيا ويا هئا ته اسان انهن کي چيو ته ذليل ۽ خوار ڀولڙا ٿي پئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڦِريا، جِنهن کان، جَھليا ويا، وَراڻيو سُونِ تِنهن وار، ته بَنو باندر، ڀولڙا، کِکَراٽيا خُوار، ۽ جڏهن سائين سَندئـِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن منع ڪيل ڳالهه ۾ حد کان زياده وڌي ويا ته اسان کين حڪم ڏنو ته ”ذليل باندر ٿي پئو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن هو نهايت سرڪشيءَ سان اهو ڪم ڪندا رهيا جنهن کان کين جهليو ويو هو ته اسان کين چيو ته، "ٿي پئو باندر ذليل ۽ خوار" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن پوري سرڪشيءَ سان اهي اهو ئي ڪم ڪندا رهيا، جنهن کان کين روڪيو هو، ته اسان چيو، باندر ٿي پئو ذليل ۽ خوار.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن ڪم کان انهن کي روڪيو ويو هو، ان ۾ جڏهن هو حد کان لنگهي ويا ته اسان کين چيوسين ته توهان ذليل خوار باندر ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبعَثَنَّ عَلَيهِم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن يَسومُهُم سوءَ العَذابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَريعُ العِقابِ وَإِنَّهُ لَغَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 167) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) سُڌ ڏني ته (اُھو) مٿن قيامت تائين (اھڙو حاڪم) ضرور مقرر ڪندو جيڪو انھن کي بڇڙي سزا چکائيندو رھندو، ڇوته تنھنجو پالڻھار سَگھو سزا ڏيندڙ آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جڏهن (هيئن ٿيو جو) تنهنجي پروردگار هن ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته (جيڪڏهن بني اسرائيل شرارتن ۽ بدعمليءَ کان باز نه آيا ته) هو قيامت جي ڏينهن تائين انهن تي اهڙن ماڻهن کي غالب ۽ حاڪم ڪندو جي کين ذليل ڪرڻ واري عذاب ۾ مبتلا ڪندا. حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو پروردگار (بدعمليءَ جي) سزا ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ وارو ناهي، بيشڪ هو ان سان گڏ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ به آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان وقت تنهنجي رب حڪم فرمايو ته ضرور انهن تي اُهي ماڻهو قيامت تائين موڪليندو جيڪي انهن کي دردناڪ عذاب چکائيندا، بيشڪ تنهنجو رب جلدي عذاب ڪندڙ آهي، ۽ بيشڪ اهو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين اهو وقت به ياد ڏياريو) جڏهن اوهان جي پالڻهار، وڏي آواز بني اسرائيلن کي چيو ته اهو، انهن تي قيامت تائين اهڙي حاڪم کي سوار ڪندو جو کين بڇڙن کان بڇڙيون تڪليفون ڏيندو رهي (ڇو ته) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي جو اوهان جو پروردگار تمام جلد عذاب ڪرڻ وارو آهي. ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي ته اهو وڏو بخشڻهار مهربان (به) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن اعلان ڪيو رب تنهنجي ته البته ضرور موڪليندو مٿان انهن جي تائين ڏينهن قيامت جي ان کي جو چکائيندو انهن کي بڇڙو عذاب يقينًا رب تنهنجو البته تڪڙو آهي عذاب ڪرڻ جو ۽ بلاشڪ اهو البته بخشيندڙ مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) تنهنجي پاليندڙ ٻڌايو ته قيامت جي ڏينهن تائين يهودين تي ضرور ڪونه ڪو اهڙو ماڻهو موڪليندو رهندو جو کين بڇڙو عذاب پهچائيندو. بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سزا جلد ملڻ واري آهي ۽ بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن وقت تنهنجي پالڻهار اعلان ڪيو ته قيامت جي ڏينهن تائين ضرورانهن (يهودين) مٿان ڪونه ڪو اهڙو ماڻهو موڪليندو رهندو جيڪو کين بڇڙو عذاب پهچائيندو رهندو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار جلدي سزا ڏيڻ وارو آهي ۽ اُهو وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُڌ ڏِني، تَنين تي تڪرار، کَڙا ڪبا، جي کَڻائـِيندانِ، بَرسِر بُڇڙو بار، سائين سزا ڏيڻ ۾، آهي جلد باز، جبار، ۽ سو بي شڪ بَخشڻهار، ۽ مِڙنيان مهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن تنهنجي رب اعلان ڪيو، ته قيامت تائين مٿن اهڙن ماڻهن کي غالب ڪندو رهندو، جي کين ذليل، ڪندڙ عذاب ۾ وجهندا رهندا، بيشڪ تنهنجو رب جلد عذاب ڏيندڙ آهي ۽ بيشڪ هو بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪريو جڏهن تنهنجي رب اعلان ڪيو هو ته، "هو قيامت تائين بني اسرائيل تي اهڙا ماڻهو مڙهيندو رهندو، جيڪي کين بڇڙي ۾ بڇڙو عذاب رسائيندا رهندا". بيشڪ تنهنجو رب سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو تڪڙو آهي ۽ بيشڪ هو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ پڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن تنهنجي رب اعلان ڪيو ته هُو قيامت تائين برابر اهڙا ماڻهو بني اسرائيل جي مٿان مڙهيندو رهندو جيڪي کين بڇڙا عذاب ڏيندا رهندا، بيشڪ تنهنجو رب سزا ڏيڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ بيشڪ درگذر ڪرڻ وارو رحم وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) خبردار ڪري ڇڏيو ته هو قيامت تائين (مسلسل) انهن جي مٿان ضرور اهڙا ماڻهو مسلط ڪندو رهندو جيڪي کين بدترين عذاب ڏيندا رهندا. بيشڪ تنھنجو پالڻھار جلد سزا ڏيڻ وارو آهي ۽ وري بيشڪ هو وڏو بخشڻهار ۽ وڏو رحم ڪندڙ (به) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَطَّعنٰهُم فِى الأَرضِ أُمَمًا مِنهُمُ الصّٰلِحونَ وَمِنهُم دونَ ذٰلِكَ وَبَلَونٰهُم بِالحَسَنٰتِ وَالسَّيِّـٔاتِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 168) |
۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون ته مانَ اُھي موٽن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن کي جدا جدا ٽوليون ڪري زمين تي پکيڙي ڇڏيو. ڪي انهن ۾ نيڪ هئا، ۽ ڪي انهن ۾ ان جي ابتڙ هئا (يعني نيڪ نه هئا، بدعمل هئا) ۽ اسان هنن کي چڱين توڙي خراب حالتن ۾ وجهي آزمايو، انهيءَ لاءِ ته (بدعملين کان) باز اچن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي زمين ۾ گروه گروه ڪري تقسيم ڪيو، ڪي انهن مان صالح آهن ۽ ڪي انهن مان صالح ناهن، ۽ انهن کي اسان نعمتن ۽ تڪليفن سان آزمايو ته من اهي الله ڏانهن موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کين روءِ زمين ۾ ٽولا ٽولا ڪري الڳ (الڳ ڪري) ڇڏيو جن مان ڪجھ ماڻهو ته نيڪ آهن ۽ ڪي ماڻهو وري ٻئي قسم جا (بدڪار) آهن، ۽ اسان کين سک ۽ ڏک (ٻنهين قسمن) سان آزمايو ته جيئن اهي (شرارت کان) باز اچن. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پکيڙيوسون انهن کي زمين ۾ ٽوليون ڪري بعضي انهن مان صالح آهن ۽ بعضي انهن مان سواءِ ان جي آهن ۽ آزمايوسون انهن کي نيڪين ۽ براين سان من اهي موٽن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين فرقا فرقا ڪري زمين ۾ جدا جدا ڪري ڇڏيوسون. ڪي انهن مان چڱا آهن ۽ ڪي انهن مان ٻي طرح جا آهن. ۽ کين نعمتن ۽ تڪليفن سان آزمايوسون، مَنَ اهي (سڌي رستي ڏي) موٽي اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کي زمين ۾ ٽولن ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو. انهن مان ڪي نيڪوڪار آهن ۽ انهن مان ڪي ٻي طرح جا (يعني بدڪار) آهن ۽ اسان انهن کي خوشحالين ۽ بدحالين سان آزمايو من ته اُهي موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بنايو سونِ ڀُون ۾، ٽوليون، ٽوليون ڌار، ڪي چڱااُنهن مان، ۽ ڪي اُنهن سوا، ڪندڙ ٻِيا ڪم ڪار، ۽ سُکن، ڏکن ۾ اُنهن کي، آزمايو سون اِظَهار، اِن آسري آڌار، ته وَرڻ وارِي، ڪن ورِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انهن کي جدا جدا ٽولين ۾ زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو- انهن مان ڪي نيڪ آهن ۽ ڪي انهن کان گهٽ آهن ۽ اسان انهن کي چڱين ۽ بڇڙين حالتن ۾ پرکيو، ته من هو الله ڏي موٽن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن کي ٽولا ٽولا ڪري زمين اندر گهڻين ئي قومن ۾ ورهائي ڇڏيوسون، ڪجهه انهن مان نيڪ هئا ۽ ڪجهه ان جي ابتـڙ ۽ اسان انهن کي سٺين ۽ خراب حالتن وسيلي آزمائيندا رهياسون ته مــَـن اهي موٽ کائن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان کين ٽڪر ٽڪر ڪري زمين ۾ ڪيترين قومن ۾ ورهائي ڇڏيو انهن ۾ ڪي ماڻهو نيڪ هئا ۽ انهن ۾ ڪي وري ابتڙ، اسان کين ڪيترين ئي چڱين ۽ برين آزمائشن ۾ مبتلا ڪيو ته من اهي موٽي پون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انهن يھودين کي زمين ۾ ٽولا ٽولا ڪري گهڻن ئي قومن ۾ ورهائي ڇڏيوسين، جن مان ڪجهه نيڪ ماڻهو هئا ته ڪي وري انهن کان مختلف، اسان انهن کي نعمتن ۽ تڪليفن جي ذريعي آزمايوسين ته جيئن هو سڌي رستي تي موٽي اچن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَخَلَفَ مِن بَعدِهِم خَلفٌ وَرِثُوا الكِتٰبَ يَأخُذونَ عَرَضَ هٰذَا الأَدنىٰ وَيَقولونَ سَيُغفَرُ لَنا وَإِن يَأتِهِم عَرَضٌ مِثلُهُ يَأخُذوهُ أَلَم يُؤخَذ عَلَيهِم ميثٰقُ الكِتٰبِ أَن لا يَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ وَدَرَسوا ما فيهِ وَالدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 169) |
وري کائن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته بخشبا سون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي ته (اُھي پشيمان نه ٿيندا آھن ۽ ) اُھو وٺندا رھندا آھن، کائن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نه ورتو ويو ھو ڇا ته سچ کانسواءِ الله تي ڪي به ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو به اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن ماڻهن بعد، ناخلفن (يعني نيڪ ابن ڏاڏن جي روش ڦٽي ڪندڙن) هنن جي جاءِ ورتي ۽ خدائي ڪتاب جا وارث ٿيا. هو (دين فروشي ڪري) هن حقير دنيا جو مال متاع (بي ڌڙڪ) وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته انهيءَ جي اسان کي معافي ملندي ۽ جيڪڏهن (ٻئي ڪنهن جو) ڪو مال متاع هنن کي اهڙيءَ طرح هٿ اچي وڃي ٿو ته اهي به بي ڌڙڪ وٺن ٿا. ڇا انهن کان (سندن) ڪتاب ۾ عهد نه ورتو ويو هو ته خدا جي نالي سان ڪابه ڳالهه منسوب نه ڪن، سواءِ ان جي جا حق هجي؟ ۽ ڇا جيڪو حڪم (سندن) ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي سو ڪونه پڙهيو اٿن؟ جيڪي متقي (پرهيزگار) آهن، تن جي لاءِ آخرت جو گهر (دنيا ۽ دنيا جي خواهش کان) گهڻو بهتر آهي. (اي يهودين جا عالمو!) ڇا اهڙي (سولي) ڳالهه به توهان سمجهي نٿا سگهو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ يهودين جا پويان اهڙا ٿيا جن کي ورثي ۾ تورات مليو انهن (تورات کي تبديل ڪري) دنيا جي ملڪيت حاصل ڪئي ۽ چون ٿا اسان کي جلدي بخش ڪيو ويندو، ۽ جيڪڏهن انهن کي تورات جي تبديلي جي عيوض ملڪيت ملي ٿي ته اُن کي وٺن ٿا، ڇا انهن کان وعدو نه ورتو ويو ته الله لاءِ اها ڳالهه چون جيڪا حق هجي ۽ اهو حڪم تورات ۾ پڙهيو اٿن ۽ آخرت جو گھر ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوفِ خدا رکن ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن کان پوءِ وري ڪجھ نا خلف جانشين جيڪي خدا جي ڪتاب توريت جا وارث ته ٿيا (پر سندن حال هي آهي جو اهي) هن ڪميني دنيا تي ڪري پيا آهن. ۽ (مزي جي ڳالھ ته وري) چون ٿا ته، اسين جلد ئي بخشيا وينداسون ۽ (جيڪي ماڻهو انهن کي ٽوڪين ٿا) جيڪڏهن انهن وٽ به اهڙو ئي (ٻيو سامان اچي) ته ان کي اهي به (نه ڇڏين ۽) وٺي ڇڏيندا. ڇا هنن کان ( خدا جي) ڪتاب (توريت) جو انجام ۽ اقرار ڪين ورتو ويو هو ته خدا تي سچ کانسواءِ (ڪوڙ ڪڏهين به) نه چوندا پڻ جيڪي هن ڪتاب ۾ آهي تنهن کي هنن (چڱي طرح) پڙهيو آهي. ۽ آخرت جو گهر به خاص انهن ماڻهن لاءِ ئي آهي جيڪي پرهيزگار آهن. ته ڇا اوهين (ايترو به) نٿا ڄاڻو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جاءِ نشين ٿيا پڄاڻان انهن جي اهڙا جاءِ نشين جو وارث بڻجي ويٺا ڪتاب جا وٺن ٿا، سامان هن دنيا جو ۽ چون ٿا ته جلد بخشيو ويندو واسطي اسان جي ۽ جيڪڏهن اچي ٿو انهن وٽ سامان مثل ان جي ته وٺن ٿا ان کي ڇا نه ورتو ويو مٿان انهن جي وعدو ڪتاب جو ۽ هي جو نه چون مٿان الله جي سواءِ حق جي ۽ پڙهيائون جيڪو ان ۾ آهي ۽ دار پوئين ڀلي آهي واسطي انهن جي جو پرهيزگار ٿين ڇا پوءِ نه ٿا سمجھو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن پٺيان اهڙا بڇڙا ماڻهو سندن جاءِ تي آيا جي ڪتاب (تورات) جا وارث بنيا هن خسيس (دنيا) جو سامان وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان کي معاف ڪيو ويندو، هوڏانهن جيڪڏهن انهن وٽ ان جهڙو (ٻيو) سامان اچي ته ان کي به وٺندا، ڇا انهن کان ڪتاب (تورات) ۾ (بيان ٿيل) هيءَ انجام نه ورتو ويو آهي ته الله تي سچيءَ ڳالهه کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه چوندا ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهن کي پڙهيو به اٿن ۽ آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ گهڻو چڱو آهي. ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کان بعد (نا اهل ماڻهو) انهن جي جاءِ تي آيا جي ڪتاب جا وارث ٿي ڪري به هن خسيس دنيا جو سامان (بطور رشوت) وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته: جلد اسان جي بخشش ڪئي ويندي. (ٻيهر ائين نه ڪنداسين) حالانڪه انهن وٽ جي اهڙو مال (ٻيو به )اچي ته ان کي به وٺندا. ڇا انهن کان ڪتاب ۾ هي عهد نه ورتو ويو هيو ته اُهي الله تي حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چوندا ۽ انهن خود پڙهيو به آهي جو ڪجھه ان (ڪتاب) ۾ آهي. ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ ڀلو آهي جيڪي پرهيزگار آهن ڇا پوءِ نه ٿا سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پوتان تن پُٽ ٿيا، جن ڪيا هٿ ڪتاب، وَڍِي طور وَٺن پيا، هِي ننڍڙِي وَٿ نواب؛ چي، مَعاف ٿينداسون مورهين، هِي رِشوت، راڳ رباب، ۽ جي ٻِيهر اَچِينِ ٻِيڻ تنهن، ته وَٺنِ شرع شِتاب، ڇاورتو نه وِينِ واعدو؟ لِکيل حرف حِساب، ته سوا سچ، نه چوندا، واحد سِر، وَهاب، ۽ پڙهيؤن پاڻ اُن ۾، جيڪِي بِلا باب، ۽ آخرت اُنهن لئي، جي رکن، اونَ عذاب، صَحِي سُڌ صواب، سوچو، ڇو نه سَرِير ۾؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ، انهن کان پوءِ اهڙا سندن جانشين ٿي ڪتاب جا وارث ٿيا، جي هن گهٽ درجي جي دنيا جي مال متاع کي وٺن ۽ چون ٿا ته ”اسان کي ان جي معافي ملي ويندي،“ وري جي وٽن ڪو ٻيو اهڙو ئي مال اچي ويندو آهي، ته اهو به وٺندا آهن. ڇا، کانئن ڪتاب ۾ پڪو انجام نه ورتو ويو هو ”الله بابت سچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چوندا؟ ۽ جيڪي منجهس آهي سو پڙهيو به اٿن؟ ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ بهتر آهي جي نيڪ آهن. ڇا اوهين نٿا سمجهو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري انهن کان پوءِ اهڙا نالائق سندن جاءِ نشين ٿيا، جيڪي خدائي ڪتاب جا وارث هوندي به هن خسيس دنيا جي فائدن ميڙڻ ۾ لڳا پيا آهن ۽ چون ٿا ته اميد ته اسانکي بخشيو ويندو، ۽ جيڪڏهن وري به اهڙا دنيوي فائدا سندن هٿ چڙهن ٿا ته سٽ ڏيئي ٿا حاصل ڪن. ڇا کانئن ڪتاب وارو عهد نه ورتو ويو آهي ته الله جو نالو وٺي اهائي ڳالهه چوندا، جيڪا حق هوندي؟ ۽ اهي پاڻ به پڙهي چڪا آهن، جيڪي ڪتاب ۾ لکيل آهي. آخرت وارو گهر انهن ماڻهن لاءِ ئي ڀلو آهي، جيڪي الله کان ڊڄن ٿا، ڇا توهان ايترو به نٿا سمجهو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اڳين نسلن کان پويان اهڙا نالائق سندن جاين تي ويٺا جو الله جي ڪتاب جا وارث بنجي هن حقير دنيا جي فائدن کي گڏ ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته، اميد ته اسين بخشيا وينداسين، ۽ جي اهو ئي سامان دنيا جو سندن سامهون اچي ٿو ته جهٽ ڏئي کڻي وٺن ٿا، ڇا انهن کان اهو عهد نه ورتو ويو آهي ڪتاب جو، ته اهي ئي ڳالهيون چون الله جي نالي جيڪي حق آهن، اهي پاڻ به پڙهي چڪا آهن جيڪي ڪتاب ۾ آهن، ۽ آخرت جو گهر ته چڱو آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا، ڇا پوءِ توهان ايترو به نٿا سمجهو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر) انهن کان پوءِ سندن جاءِ تي اهڙا ته برا ماڻهو آيا، جيڪي ڪتاب جا وارث ٿي ويٺا، هو دنيا جي شين کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا ۽ اميد رکن پيا ته اسان کي معاف ڪيو ويندو، پر جڏهن اهڙيون شيون کين ٻيھر حاصل ٿينديون اٿن (ته شرمسار نه ٿيندا آهن بلڪه) انهن کي به اهي وٺندا آهن . ڇا انهن کان ڪتاب ۾ هي وعدو نه ورتو ويو هو ته هو الله تعالى جي باري ۾ سچ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه چوندا ۽ ان ۾ جو ڪجهه آهي، اهو سڀ انهن پڙهيو به آهي. آخرت جو گهر پرهيزگارن لاءِ ئي ڀلو آهي، ڇا پوءِ به توهان ماڻهو نٿا سمجهو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُمَسِّكونَ بِالكِتٰبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ إِنّا لا نُضيعُ أَجرَ المُصلِحينَ (آيت : 170) |
۽ جيڪي ڪتاب کي مُحڪم وٺن ٿا ۽ نماز پڙھن ٿا، (اھڙن) نيڪن جو اجر اسين نه وڃائيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (بني اسرائيلن مان) جيڪي ماڻهو الله جي ڪتاب کي مضبوط جهلين ٿا (يعني ان تي عمل ڪن ٿا ۽ ان جي حڪمن تي هلن ٿا) ۽ نماز تي قائم رهن ٿا (تن جي لاءِ ڪوبه کٽڪو ڪونهي) اسان ڪڏهن به سنوارڻ وارن (نيڪ عمل ڪندڙن) جو اجر ضايع نٿا ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪتاب تي عمل ڪن ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا، بيشڪ اسين نيڪوڪارن جو اجر ضايع نٿا ڪريون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو (خدا جي) ڪتاب کي مضبوط پڪڙن ٿا ۽ پابندي سان نماز پڙهن ٿا (تن کي ان جو ثواب ضرور ملندو) ڇو ته اسين ڪڏهين به نيڪ ڪم ڪندڙن جو اجر ضايع نٿا ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي مضبوطيءَ سان وٺن ٿا ڪتاب کي ۽ قائم ڪيائون نماز بيشڪ اسين نه ٿا ضايع ڪيون ثواب نيڪو ڪارن جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ڪتاب کي محڪم وٺن ٿا ۽ انهن نماز قائم ڪئي آهي (اهڙن) سڌارو ڪندڙن جو اجر اسين ضايع نه ٿا ڪريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو (الله جي) ڪتاب کي مضبوطيءَ سان پڪڙن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا. ته بيشڪ اسان اصلاح ڪرڻ وارن جو اجر ضايع نه ٿا ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڪتاب پَڪڙين، ۽ پڙهن نمازون نِبار، اسين نه وِڃايون وار، ڀاڙي مان، ڀَلن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ڪتاب کي مضبوط جهليو آهي ۽ نماز کي قائم رکن ٿا، ته اسين نيڪو ڪارن جي اجر کي نه ٿا وڃايون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو ڪتاب کي چنبڙي پون ٿا ۽ جن نماز کي قائم رکيو آهي، بيشڪ اسان اهڙن ڀلائي پکيڙيندڙن جو اجر ضايع نه ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو پابندي ڪن ٿا ڪتاب جي ۽ جن نماز کي قائم رکيو، بيشڪ اهڙن نيڪ ڪردار ماڻهن جو اجر اسان ضايع نه ڪنداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪتاب جي (حڪمن جي) چڱيءَ طرح پابندي ڪن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا، بيشڪ اسان اهڙن نيڪوڪارن جو اجر ضايع نه ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ نَتَقنَا الجَبَلَ فَوقَهُم كَأَنَّهُ ظُلَّةٌ وَظَنّوا أَنَّهُ واقِعٌ بِهِم خُذوا ما ءاتَينٰكُم بِقُوَّةٍ وَاذكُروا ما فيهِ لَعَلَّكُم تَتَّقونَ (آيت : 171) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن انھن جي مٿان جبل کي ٽنگيوسون ڄڻ ته اُھو ڇٽي ھو ۽ ڀانيائون ته اُھو مٿن ڪرندو، (کين چيوسون ته) جيڪي اسان اوھان کي ڏنو آھي سو مُحڪم ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪندا رھو ته مانَ اوھين (عذاب کان) بچو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن (هيئن ٿيو جو) اسان هنن جي مٿان جبل کي زلزلي ۾ وڌو هو، ڄڻ ته هڪ شاميانو هو (جو لڏي رهيو هو) ۽ هو (هراس ۾) سمجهي رهيا هئا ته اجهو ٿو مٿن ڪري پوي. تڏهن اسان هنن کي حڪم ڏنو هو ته هي ڪتاب جو اسان اوهان کي ڏنو آهي، تنهن کي مضبوط جهليو (ان تي عمل ڪيو) ۽ جيڪي به ان ۾ ٻڌايو ويو آهي، ان کي چڱيءَ طرح ياد رکو، انهيءَ لاءِ ته توهان براين کان بچو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت بلند ڪيو اسان جبل کي انهن جي مٿان (اُڇلائڻ لاءِ) جهڙوڪ اُهو ڇَٽيءَ وانگر هو ۽ يقين ڪيائون ته بيشڪ اهو انهن تي ڪرندو، توهان وٺو قوت سان جيڪي اسان توهان کي ڏنو آهي ۽ ياد ڪريو جيڪو تورات ۾ آهي ته يقيناً توهان پرهيزگار ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول! يهودين کي ياد ڏيار ته) جڏهن اسان سندن (مٿان جبل کي کنيو جو ڄڻ ته (مٿن) شاميانو هو ۽ اهي ماڻهو ائين پيا سمجهن ته اجهو ٿو ڪري (اجهو ڪريو) ۽ اسان (کين حڪم ڏنو ته) جيڪو ڪتاب اسان اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن کي مضبوط جهليو ۽ جو ڪجھ ان ۾ لکيل آهي ياد رکو ته جيئن اوهين پرهيزگار بڻجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر)، جڏهن کنيو سون جبل مٿان انهن جي گويا اهو ڇٽي آهي ۽ گمان ڪيائون ته بيشڪ اهو ڪرندڙ آهي انهن تي وٺو جيڪو ڏنوسون اوهان کي پوري طاقت سان ۽ ياد ڪيو جو ان ۾ آهي، تانته اوهان پرهيزگار بنجو. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان جبل کي سندن مٿان کنيو ڄڻ ته اهو ڇٽي هو ۽ انهن خيال ڪيو ته اهو مٿن ڪِرڻ وارو آهي (۽ کين چيوسون ته) جيڪو ڪتاب اسان اوهان کي ڏنو آهي تنهن کي محڪم وٺو ۽ جيڪي ان ۾ آهي تنهن کي ياد رکو مَنَ اوهين پرهيزگار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اُهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان انهن جي مٿان جبل کي کنيوسين ڄڻڪ اهو هڪ ڇَٽي آهي ۽ سمجھيائون ته اهو سندن مٿان ڪِرڻ وارو آهي. (چيوسين) ”جيڪي اسان اوهان کي ڏنو آهي سو مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ جيڪي ان ۾ آهي سو ياد ڪيو تان ته توهان پرهيزگار ٿيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڏاريو سون ڏُونگر، اُٺايوسون اُنهن مٿان، ڪَر سو ڪَڪَر ساريؤن، ۽ ڪِرندڙ مَٿنِ ڪَر، پڪڙيوسِ پُوري زور سان، جو بخشيو سُونِيان بِهتر، ۽ جيڪي اِن اندر، سو ساريو ۽ سونڪو ڌاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر جڏهن جبل کي مٿن ايئن کڙو ڪيو سون، جو ڄڻ ته اهو ڇٽي هو ۽ ڀانيائون ان کي ته هو اجهو ٿو مٿن ڪري، (۽ چيوسون) ”جيڪو (ڪتاب) اوهان کي ڏنو اٿئون، ان کي قابو جهليو ۽ جيڪي (حڪم) ان ۾ آهن، تن کي ياد ڪريو ته اوهين نيڪ ٿيو.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ياد ڪر اهو وقت) جڏهن اسان جبل کي ڌوڏي مٿانئن ائين کڙو ڪيو هو ڄڻ ته اهو ڪا ڇٽي آهي ۽ هو ائين سمجهي رهيا هئا ته اهو اجهو ٿو مٿن ڪري، ان وقت اسان کين چيو هو ته جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏيون پيا، انهيءَ کي قابو ڪري جهلجو ۽ جيڪي منجهس لکيل آهي، ان کي ڌيان ۾ رکجو ته مــَـن ائين توهان غلط روش کان بچي وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کين اهو وقت ياد آهي جڏهن جبل کي لوڏي سندن مٿان اهڙيءَ طرح ڇانئي ڇڏيو جو ڄڻ ته اهو ڇٽي آهي ۽ اجهو ٿو سندن مٿان اچي ڪِري، ان وقت کين چيو ج،يڪو ڪتاب توهان کي ڏنو آهي طاقت سان پڪڙيو اهو ياد رکو ۽ غلط رويي کان بچو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان انهن جي مٿان (طور) جبل کي بيھاريوسين ڄڻ ته اهو هڪ ڇٽي هو، ته انهن هي گمان ڪيو ته هي جبل مٿن ڪرندو ( کين چيو ويو ته) جيڪو ڪتاب اسان توهان کي ڏنو آهي ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ جيڪو ڪجهه ان ۾ آهي، ان کي ياد ڪندا رهو، ته جيئن توهان پرهيزگار ماڻهو بڻجي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذَ رَبُّكَ مِن بَنى ءادَمَ مِن ظُهورِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَأَشهَدَهُم عَلىٰ أَنفُسِهِم أَلَستُ بِرَبِّكُم قالوا بَلىٰ شَهِدنا أَن تَقولوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنّا كُنّا عَن هٰذا غٰفِلينَ (آيت : 172) |
۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين، ( ۽ پڇيائين) ته (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نه آھيان ڇا؟ چيائون ته ھائو (آھين)، گواہ ٿيا آھيون، (اھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) ته متان قيامت جي ڏينھن چئو ته اسين ھن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ماڻهن کي ياد ڏيار) جڏهن تنهنجي پروردگار بني آدم کان يعني انهيءَ اولاد کان جي سندن جسم مان (پشت به پشت) پيدا ٿيڻ وارا هئا، عهد ورتو هو ۽ انهن کي (يعني انهن مان هرهڪ کي سندس فطرت ۾) خود هن ڳالهه تي شاهد ڪيو هو، (خدا پڇيو ته) ”ڇا مان توهان جو پروردگار نه آهيان؟“ سڀني (انسانن) جواب ڏنو هو ته، ”هائو، تون ئي اسان جو پروردگار آهين. اسان ان ڳالهه جي شاهدي ڏني.“ ۽ اهو ڪم (عيني انسان جي فطرت ۾ حق جي قبوليت رکڻ) اسان هن لاءِ ڪيو هو ته ائين نه ٿئي جو اوهان (انسان) قيامت جي ڏينهن عذر ڏيئي سگهو ته اسان هن ڳالهه کان بي خبر هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت توهان جي رب اولادِ آدم جي روحن کان پنهنجي وحدانيت بابت وعدو ورتو ۽ سڀني پنهنجو پاڻ شاهدي ڏني، الله فرمايو ڇا آئون توهان جو رب ناهيان، سڀني روحن عرض ڪيو هائو اسين وحدانيت جي شاهدي ڏيون ٿا، متان قيامت جي ڏينهن توهان چئو ته اسين وعدي کان بي خبر هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! کين اهو وقت به ياد ڏيار ته) جڏهن اوهان جي پالڻهار، آدم جي اولاد مان يعني پٺين مان (ٻاهر) ڪڍي سندس اولاد مان خود ان جي مقابلي ۾ اقرار ڪرايو (پڇيو) ته ڇا! آءُ توهان جو پروردگار نه آهيان؟ ته سڀني چيو: هاءُ اسان ان جا شاهد آهيون (اهو اسان ان ڪري چيو ته) متان اوهين قيامت جي ڏينهن چئو ته اسين ته ان ڳالھ کان بلڪل بي خبر هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪيو) جڏهن ورتو رب تنهنجي بني آدم مان پٺين انهن جي مان اولاد انهن جي کي ۽ شاهد بنايائين انهن کي سندن سرن تي ته ڇا ناهيان مان رب اوهان جو؟ چيايائون ته هائو شاهدي ڏني اسان متان چئو، ڏينهن قيامت جي ته بيشڪ اسين هئاسون هن کان غافل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ماڻهن جي پٺين مان سندن اولادن کي ڪڍيو ۽ انهن (جي وجود) کي خود سندن نفسن تي شاهد ڪيائين (چيائين) ته ڇا آءُ اوهان جو پاليندڙ نه آهيان؟ انهن چيو ته هائو آهين. اسين ان جي شاهدي ڏيون ٿا (اهو هن ڪري ته) متان قيامت جي ڏينهن چئو ته اسين ان کان بي خبر هئاسون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار آدم جي اولاد جي پُٺين مان سندن کي اولاد ڪڍيو۽ انهن کي خود مٿن شاهد بنايائين. (پڇيائين) ”ڇا آءٌ اوهان جو رب نه آهيان“؟ چيائون: ”هائو! (تون اسان جو رب آهين) .. اسان شاهدي ڏيون ٿا“.. (فرمايائين) متان قيامت واري ڏينهن چئو ته: ”اسان هن کان غافل هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن آدم جي اولاد مان، تُنهنجي ربَّ رهبر، وَرتا، وِيا پُٺين مان، پيدا ٿِين، جنهن پر، ۽ شاهد پنهنجا پاڻ تي، بِهارئينِ برسر، چي، ڇا، آئون، نه اوهان جو آهيان، سائين سربسر؟ مِڙني چيو مُقرر، اسين شاهِد آهيون. وعدو ورتو سون اِن ڪري، ته ڪَهو ڏينهن قِيام، ته هِن کان، هئاسون ويسلا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر، جڏهن تنهنجي رب آدم جي اولاد جي پٺين مان سندن نسل کي ڪڍيو ۽ کانئن پنهنجي جانين بابت اقرار ورتائين ته ”ڇا آءٌ اوهان جو رب نه آهيان؟“ جواب ڏنائون ته ڇو نه، اسين سڀ گواهه ٿيون ٿا.“ (انهيءَ لاءِ) ته اوهين قيامت جي ڏينهن ائين نه چئو ته ”اسين انهيءَ کان بيخبر هئاسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! ماڻهن کي ياد ڏيار اهو وقت، جڏهن تنهنجي رب بني آدم جي پٺين مان سندن اولاد ڪڍي ۽ کين پنهنجو پاڻ تي شاهد ڪندي کانئن پڇيو هيائين ته، "ڇا آءٌ توهانجو رب نه آهيان؟" انهن چيو هو: "بيشڪ تون ئي اسانجو رب آهين، اسين اها شاهدي ڏيون ٿا". اهو اسان ان ڪري ڪيو ته متان توهان قيامت جي ڏينهن ائين چئو ته، "اسان ان ڳالهه کان بي خبر هئاسين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) کين اهو وقت ياد ڏيار، جڏهن تنهنجي رب آدمؑ جي پونئيرن مان سندن نسل پئدا ڪيو هو، ۽ انهن کي سندن مٿان شاهد بڻائي پڇيو هو ته، ڇا آئون توهان جو رب نه آهيان؟ هنن چيو: بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين، اسان شاهدي ڏيون ٿا، ته متان چئو ڏينهن قيامت جي ته اسان هر ڳالهه کان بي خبر هئاسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن توهان جي پالڻھار آدم جي اولاد مان ان جي سموري نسل کي پيدا ڪري کين پنهنجو پاڻ تي شاهد بڻايو، (۽ انهن کان پڇيائين ته) ڇا مان توهان سڀني جو رب نه آهيان، انهن سڀني چيو ته هائو (بلڪل توهان ئي اسان جا پالڻھار آهيو) ۽ اسان ان جي شاهدي ڏيون ٿا (اهو هن ڪري ته) متان قيامت جي ڏينھن ايئن نه چئو ته اسان ان ڳالهه کان بي خبر هئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو تَقولوا إِنَّما أَشرَكَ ءاباؤُنا مِن قَبلُ وَكُنّا ذُرِّيَّةً مِن بَعدِهِم أَفَتُهلِكُنا بِما فَعَلَ المُبطِلونَ (آيت : 173) |
يا متان چئو ته اڳئي شرڪ اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو ھو ۽ اسين کائن پوءِ اولاد ھئاسون، تنھنڪري جيڪي بيھودن ڪيو تنھن سببان اسان کي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هيئن چئو ته، (اي خدا!) شرڪ ته اسان کان اڳي اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو اسان هنن جي نسل مان پوءِ پيدا ٿياسين (۽ لاچار سندن راهه تي قدم کنيوسين). پوءِ ڇا تون اسان کي هن ڳالهه تي تباه ڪندين جا (اسان کان اڳي) غلط راهه تي هلڻ وارن ٺاهي هئي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ايئن چئو ته اسان جي وڏن شرڪ ڪيو اڳ ۾ ۽ اسين سندن اولاد هئاسين انهن جي پويان. ڇا پوءِ تون اسان تي عذاب ڪرين ٿو مشرڪن جي بداعمالي سببان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا هي چوڻ لڳو ته (اسين ڇا ڪريون) اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ۾ ئي شرڪ ڪيو هو ۽ اسين ته سندن اولاد آهيون. (جيڪي) انهن کان پوءِ (دنيا ۾) آياسون، ته ڇا اسان کي انهن ماڻهن جي ڏوھ جي سزا ۾ هلاڪ ڪندو جيڪي اڳي ئي باطل ڪم ڪري چڪا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا چئو ته تحقيق شرڪ ڪيو پيئرن اسان جي اڳ ۾ ۽ هئاسون اولاد پڄاڻان انهن جي ڇا پوءِ هلاڪ ڪرين ٿو اسان کي جيڪو ڪيو باطل جي پوڄارين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (متان) چئو (ته الله سان ٻين کي) شريڪ ته اسان جي ابن ڏاڏن، (اسان کان) اڳي ڪيو ۽ اسين انهن کان پوءِ انهن جو اولاد آهيون ڇا پوءِ جيڪي گمراهن ڪيو آهي تنهن جي ڪري تون اسان کي هلاڪ ڪرين ٿو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا متان چئو ته: ”شرڪ (جو آغاز) ته اسان جي ابن ڏاڏن اڳ ڪيو هيو ۽ اسان انهن کان پوءِ انهن جو اولاد آهيون. ڇا پوءِ تون اسان کي ان ڪري هلاڪ ڪندين، جيڪو گمراهه ماڻهو ڪري ويا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا عُذر ڏِيو اظلام!، ته اَبن اسان جي اڳ ۾، جاٽون جوڙيون جام، اسين، پُٺيان پُريون اُنهن جون، تابعدار تمام، پوءِ، مُوڙهل مائٽين، گڏيا غير غُلام، منجھ اِنهئ اِلزام، ڇامارِئين اسان کي مورهين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا چئو ته ”اسان کان اڳ اسان جي وڏن شرڪ ڪيو هو ۽ اسين ته انهن کان پوءِ سندن اولاد آهيون، تنهنڪري تون اسان کي ڪوڙن جي ڪري ناس ڪندين ڇا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري ائين چوڻ لڳو ته شرڪ جي شروعات ته اسان جي ابن ڏاڏن اسان کان اڳ ڪئي هئي ۽ اسان ته پوءِ سندن نسل مان پيدا ٿياسون. پوءِ ڇا تون اسانکي انهيءَ ڏوهه ۾ ٿو ناس ڪرين، جيڪو ڪوڙ تي هلندڙن ڪيو هو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ائين نه چئو ته، شرڪ جي شروعات اسان جي ابن ڏاڏن اسان کان پهرين ڪئي، ۽ تون اسان کي انهيءَ ڏوهه ۾ برباد ڪرين ٿو جيڪو ڪيو هو گمراهه ماڻهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا توهان هيئن نه چئو ته شرڪ جي شروعات اسان جي ابن ڏاڏن ڪئي هئي، اسين ته انهن کان پوءِ جو اولاد آهيون. ڇا تون گمراهه ماڻهن جي قصور ۾ اسان کي هلاڪ ٿو ڪرين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 174) |
۽ اھڙي طرح اسين آيتون کليل طرح بيان ڪندا آھيون ته مانَ اُھي موٽن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان سچائيءَ جون نشانيون جدا جدا ڪري چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو (حق جي طرف) موٽي اچن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا نشانين کي ته من اهي موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين اهڙي طرح پنهنجن آيتن کي کولي بيان ڪندا آهيون. ۽ ان ڪري ته من اهي ماڻهو (پنهنجن غلطين کان) باز اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ائين ٿا کولي کولي بيان ڪيون آيتن کي ۽ تانته اهي موٽن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڳالهيون کولي بيان ڪريون ٿا ته مَنَ اهي موٽي اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان آيتون کولي کولي بيان ٿا ڪيون ته من اُهي موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپر کوليون خُوب طرح، نِشانيون نِروار، اِن آسري آڌار، ته ورن وَهِينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙي طرح اسين آيتون کولي بيان ڪريون ٿا، ته شايد اُهي موٽ کائن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسو، اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون چٽيءَ طرح ٿا پيش ڪريون ته مــَـنَ اهي موٽي پون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو! اهڙيءَ طرح بيان ڪندا آهيون چٽيءَ طرح نشانيون، انهيءَ لاءِ ته اهي موٽي اچن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان اهڙيءَ طرح آيتن کي تفصيل سان بيان ڪندا آهيون ته شايد هو موٽي اچن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ الَّذى ءاتَينٰهُ ءايٰتِنا فَانسَلَخَ مِنها فَأَتبَعَهُ الشَّيطٰنُ فَكانَ مِنَ الغاوينَ (آيت : 175) |
۽ (اي پيغمبر) تون اُن (ماڻھو) جو قصو کين پڙھي ٻڌاءِ جنھن کي پنھنجين آيتن جو علم ڏنوھوسون (اُھو) اُن (آيتن جي علم) مان نڪتو پوءِ شيطان سندس پُٺيان لڳو پوءِ (اُھو) گمراھن مان ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) انهن ماڻهن کي انهي ماڻهو جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون نشانيون ڏنيون هيون (يعني سمجهه ڏني هئي، پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو هن سمجهه ۽ عقل جو) جامون لاهي ڇڏيو. پوءِ شيطان هن جي پٺيان پيو نتيجو هي نڪتو جو هو گمراهن منجهان ٿي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان انهن کي پڙهي ٻڌايو ڳالهه ان ماڻهو جي جنهنکي اسان پنهنجون نشانيون ڏنيون پوءِ انڪار ڪيائين انهن جو، پوءِ پُهتو انهيءَ کي شيطان پوءِ ڦِري ٿيو گمراهن مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تون کين ان شخص جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون آيتون عطا ڪيون هيون پوءِ اهو انهن کان صفا ڪورو ٿي نڪتو ته شيطان سندس پٺيان پيو ۽ نيٺ اهو گمراھ ٿي ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڙھ تون مٿان انهن جي خبر ان جي جو ڏنيون سون ان کي آيتون پهنجيون پوءِ نڪتو انهن مان پوءِ پويان پيو ان جي شيطان پوءِ گمراھن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي ان ماڻهوءَ جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجيون آيتون ڏنيون (يعني انهن جو علم) پوءِ هو انهن کان ڪورو ٿي نڪتو پوءِ شيطان ان جي پٺيان لڳو، پوءِ اهو گمراهن مان ٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي ان ماڻهو جو قصو به پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون آيتون ڏنيون پوءِ انهن کان (بلڪل) نڪري ويو. پوءِ شيطان ان جي پويان لڳو پوءِ گمراهن مان ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پڙھ پيغمبر! اُنهن تي، اُن بزرگ جو بيان، جنهن کي، پَڌرايون، پنهنجون، بخشيون سون بي گمان، پوءِ جِيئن نانگ نِڪري کَل مان، تن مان نِڪتو نادان، پوءِ اَچي لڳو اُن پُٺيان، شرارتي شيطان، پوءِ ڦِرِي ٿيو بيء رمان، مُوڙ هلن مان مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي اُن ماڻهوءَ جو حال ٻڌاءِ، جنهن کي اسان پنهنجيون آيتون ڏنيون. پوءِ هو انهن کان نڪري ويو، پوءِ شيطان ان جي پٺيان لڳو، جو هو گمراهن ۾ (داخل) ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهيءَ شخص جو احوال ٻڌائينِ جنهن کي اسان پنهنجي آيتن جو علم عطا ڪيو هو، پر هو انهن کان ڪنڌ ڪڍائي وٺي ڀڳو، پوءِ شيطان وٺي ڪڍ پيس، تانجو هو ڀٽڪندڙن ۾ شامل ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي محمد!) هنن جي آڏو بيان ڪر ان ماڻهو جو حال، جنهن کي اسان پنهنجي آيتن جو علم ڏنو هو، پوءِ هو پابندين کان نڪري ڀڳو، شيطان سندس پٺيان لڳو، ته اهو به گمراهن ۾ شامل ٿي ويو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) کين ان ماڻهوءَ جو احوال ٻُڌاءِ، جنھن کي اسان پنھنجي آيتن جو علم عطا ڪيو هو، پوءِ هو انهن آيتن کان ڪنڌ ڪڍائي ڀڳو ۽ شيطان ان جي پويان لڳو ايستائين جو هو گمراهن ۾ شامل ٿي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو شِئنا لَرَفَعنٰهُ بِها وَلٰكِنَّهُ أَخلَدَ إِلَى الأَرضِ وَاتَّبَعَ هَوىٰهُ فَمَثَلُهُ كَمَثَلِ الكَلبِ إِن تَحمِل عَلَيهِ يَلهَث أَو تَترُكهُ يَلهَث ذٰلِكَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَاقصُصِ القَصَصَ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 176) |
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھُن (ھيٺ) زمين ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ پنھنجن سڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين ته سھڪي يا جي ڇڏي ڏئين ته (به) سھڪي، اھو انھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ ته مانَ اُھي سوچ ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن نشانين جي وسيلي سندس درجو بلند ڪيون ها. پر هو (پاڻ) زمين جي طرف پستيءَ ڏانهن جهڪي پيو ۽ نفساني حرصن جي پيروي ڪيائين. هن جو مثال ڪتي وانگر ٿيو. ڪتي تي ڪاهه ڪيو ته به هو ڀؤنڪندو ۽ زبان ٻاهر ڪڍندو ۽ کيس ڇڏي ڏيو ته به ائين ئي ڪندو رهندو. اهڙوئي مثال انهن ماڻهن جو آهي جن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو تنهن ڪري (اي پيغمبر) هي ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌاءِ انهيءَ لاءِ ته انهن بابت غور ۽ فڪر ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته ان کي هدايت ڏيون ها پر ان ماڻهو دنيا سان محبت رکي ۽ پنهنجي سَڌُن جي تابعداري ڪئي، پوءِ اُن جو مثال ڪُتي جهڙو آهي، جيڪڏهن توهان اُن تي حملو ڪندا ته زبان ڪڍندو ۽ جيڪڏهن حملو نه ڪندا ته به زبان ڪڍندو، اهو مثال اُن قوم جو آهي جيڪي اسان جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا، پوءِ توهان انهن تي قِصا بيان ڪريو ته من اهي فڪر ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته کيس انهن آيتن جي ڪري مٿانهون درجو ڏيون ها پر اهو ته پاڻ ئي ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي نفساني خواهش جو تابعدار بڻجي ويٺو. پوءِ ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو ڪتو. جو جيڪڏهن ان کي چچڪاريو ته به زبان ڪڍي پر جيڪڏهن کيس ڇڏي ڏبو ته به زبان ٻاهر ڪڍي سهڪي. اهو مثال انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. (اي رسول!) اهي ڳالهيون انهن ماڻهن کي ٻڌاءِ ته من اهي پاڻ به سوچين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گھرون ها اسين ته البته بلند ڪيون ها ان کي انهن سان ۽ پر ان جھڪاءَ ڪيو طرف زمين جي ۽ تابع ٿيو خواهش پنهنجيءَ جو پوءِ مثال ان جو مثال ڪتي جي آهي جيڪڏهن حملو ڪندين ان تي ته زبان ڪڍي سهڪندو يا ڇڏيندين ان کي (ته به) زبان ڪڍي سهڪندو اهو مثال ان قوم جو آهي جن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي پوءِ بيان ڪر قصن کي شايد اهي غور ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ها ته ان کي انهن (آيتن جي علم) سان بلند ڪريون ها پر اُهو پستيءَ ڏي جهُڪي پيو ۽ پنهنجي خواهش جي پٺيان لڳي ويو. پوءِ ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو ڪُتو، جيڪڏهن ان تي بار رکندين ته سهڪندو ۽ جيڪڏهن ان کي ڇڏيندين ته به سهڪندو. اهو ان قوم جو مثال آهي جنهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ (انهن کي اهو) احوال ٻڌاءِ مَنَ اهي فڪر ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن (آيتن) جي ذريعي ان کي بلند ڪيون ها ۽ پر اهو زمين ڏانهن (پستين ۾) ڪِري پيو ۽ پنهنجي خواهشن پٺيان لڳو. پوءِ ان جو مثال ان ڪتي وانگر آهي، جيڪڏهن ان تي سختي ڪرين ته سهڪندو يا جي ان کي ڇڏي ڏين ته به سهڪندو. اهو اهڙي قوم جو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو. پوءِ تون قصا بيان ڪر من اهي فڪر ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چاهيو سون هوند، ته چاڙهيو سون، تنهن سبب، سندس شان، پرپاڻهِين سو چَنبڙي پِيو، ڀُون کي بي گمان، ۽ سَندسِ سَکڻِي سَڌپُٺيان، هليو، سو حيران، پوءِ اُن جو ڪم، ڪُتئ جيئن، جي کڻي، تِنهن تي خان، يا ڇڏيسِ، ته به وات ۾، پِيو مِرڪائي زبان. اُهو اُن قوم جو، مِثال مِهربان!، جن ڪوڙا ڪوٺيا، اسان جا، فرمودا، فرمان، پوءِ کول خُوب بيان، تان سوچينِ، سي سرير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اسين گهرون ها، ته ان کي انهن (آيتن) سان (درجن ۾) بلند ڪريون ها، مگر هو ته دنيا ڏانهن مائل ٿيو ۽ پنهنجي خواهش جي پيروي ڪيائين. پوءِ ان جو مثال ڪتي جهڙو آهي، جيڪڏهن تون ان تي بار رکين ته به سهڪي ۽ جي ڇڏي ڏين ته به سهڪي- اهو مثال ان قوم جو آهي، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، سو تون ان حال کي بيان ڪر، ته شايد هو سوچين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان گهرون ها ته انهن آيتن وسيلي کيس بلند مقام عطا ڪيون ها، مگر هو زمين کي ئي چنبڙي پيو ۽ پنهنجي نفس جي خواهشن جي ڪڍ لڳي پيو، تنهنڪري سندس حالت ڪتي وانگر ٿي پئي جو جيڪڏهن مٿس حملو ڪندين ته به زبان لٽڪائي پيو سهڪندو ۽ ڇڏي ڏيندينس تڏهن به زبان لٽڪائي پيو سهڪندو. اهو آهي مثال انهن ماڻهن جو جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٿا سڏين. تون اهي قصا کين ٻڌائيندو رهه ته مــَـن ڪا سوچ ويچار ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي اسان گهرون ها ته کيس هنن آيتن جي ڪري بلندي ڏيون ها پر هو ته لڙي پيو زمين ڏي ۽ پنهنجي نفساني خواهشن تي هلندو رهيو، تنهن ڪري سندس حالت ٿي ڪتي جهڙي، تون جي مٿس حملو ڪرين تڏهن به زبان ڪڍي سهڪي يا جي ڇڏي ڏين، پوءِ به زبان ڪڍي سهڪي، اهو ئي مثال انهن ماڻهن جو آهي جيڪي ڪوڙو چون ٿا اسان جي آيتن کي، پوءِ تون کين اهي ڳالهيون ٻڌائيندو رهه، شايد اهي غور فڪر ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن آيتن جي ڪري کيس بلند مرتبو عطا ڪريون ها پر هو ته دنيا ڏي مائل ٿي ويو ۽ پنھنجي خواهشن جي پويان لڳي ويو، تنھن ڪري سندس حالت ڪتي جھڙي ٿي وئي، جيڪڏهن تون ڪتي کي ’هُش‘ ڪري هڪليندين ته به هو زبان ڪڍي سهڪندو پيو پر جيڪڏهن کيس ڇڏي ڏيندين ته به هو زبان ڪڍي سهڪندو پيو. اها حالت (عام طور تي) انهن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪن ٿا (اي نبي ﷺ!) هي احوال انهن ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌاءِ ته جيئن اهي سوچ ويچار کان ڪم وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ساءَ مَثَلًا القَومُ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا وَأَنفُسَهُم كانوا يَظلِمونَ (آيت : 177) |
جن ماڻھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جو حال بڇڙو آھي ۽ اُنھن پاڻ تي ئي ظلم ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪهڙو نه برو مثال انهن ماڻهن جو ٿيو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو. هو پنهنجي هٿن سان پنهنجو نقصان ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تمام خراب مثال ان قوم جو آهي جيڪا ڪوڙو سمجھي ٿي اسان جي آيتن کي ۽ انهن جا نفس ظالم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو انهن جو به ڪهڙو نه بڇڙو مثال آهي پڻ پنهنجين جاين تي ظلم ڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بري آهي مثال جي لحاظ سان اها قوم جن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي ۽ نفسن پنهنجن تي ٿي ظلم ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان قوم جو مثال بڇڙو آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ پاڻ تي (خود) ظلم پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان قوم جو بڇڙو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ اُهي پاڻ پنهنجي جانين تي ظلم ڪندا رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُنهئَ قوم جو، ٿِيو بلڪل بُڇڙو حال، جن ڪوڙيون، اَسان جون ڪوٺيون، نِشانيون نهال، ۽ بلڪل ڪن بي واجبيون، پاڻهين پنهنجي نال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن قوم اسانجي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، انهن جو مثال بڇڙو آهي ۽ اهي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏاڍو خراب مثال آهي انهن ماڻهن جو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو ۽ پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏاڍو بڇڙو مثال آهي انهن ماڻهن جو جن ڪوڙو ڪيو اسان جي آيتن کي، ۽ اهي پاڻ تي ئي ظلم ڪندا رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي انهن ماڻهن جو برو مثال آهي جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو (درحقيقت) هو پنھنجو پاڻ تي ئي ظلم ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن يَهدِ اللَّهُ فَهُوَ المُهتَدى وَمَن يُضلِل فَأُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 178) |
جنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀلايائين سي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن لاءِ الله (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي سو ئي (سعادت واري) راهه تي آهي ۽ جنهن لاءِ اها راهه گم ڪري ڇڏي ته اهڙا ئي ماڻهو آهن جي وڏي نقصان هيٺ آيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهنکي الله تعالى هدايت ڏئي ٿو پوءِ اهوئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهنکي پاڻ گمراه ڪري ٿو پوءِ اهي ئي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) رستي تي بس اهو ئي شخص آهي جنهن جي خدا هدايت ڪري پر جنهن کي ڇڏي ڏي ته اهڙا ئي ماڻهو وڏي نقصان ۾ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن کي هدايت ٿو ڪري الله پوءِ اهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جن کي گمراھ ڪري ٿو پوءِ اهي ئي نقصان وارا آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي الله رستو ڏيکاري سي ئي رستو لهندڙ آهن. ۽ جن کي گمراهه ڪري سي ئي نقصان وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن کي الله هدايت ڪري اُهو ئي هدايت وارو آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ته پوءِ اهي نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَنئون سو، سُهائي سَنئين، جنهن کي جَل جلال، ۽ ڀِينگيا، سي بَحال، جن کي، مُنجھائي مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هدايت وارو اهو ئي آهي، جنهن کي الله هدايت ڪري ۽ جنهن جي واٽ گم ڪري ته پوءِ اهڙا ئي ماڻهو نقصان پائيندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي الله هدايت ڪري اهوئي ٿو سنئين واٽ لهي ۽ جنهن کي الله هدايت کان بي نصيب ٿو ڪري ڇڏي اهوئي وڃي ٿو نقصان ۾ پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن کي هدايت الله بخشي، بس اهو ئي هدايت وارو آهي، ۽ جنهن کي محروم ڪري پنهنجي رهنمائي کان، اهو ئي خساري ۾ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن کي الله تعالى هدايت ڏيندو سو ئي هدايت وارو ٿيندو آهي ۽ جنھن کي هو گمراهه ڪري، اهي ئي (هميشه لاءِ) نقصان وارا ٿيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ذَرَأنا لِجَهَنَّمَ كَثيرًا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ لَهُم قُلوبٌ لا يَفقَهونَ بِها وَلَهُم أَعيُنٌ لا يُبصِرونَ بِها وَلَهُم ءاذانٌ لا يَسمَعونَ بِها أُولٰئِكَ كَالأَنعٰمِ بَل هُم أَضَلُّ أُولٰئِكَ هُمُ الغٰفِلونَ (آيت : 179) |
۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻھن مان گھڻا پيدا ڪيا اٿون، انھن جو اھڙيون دليون آھن جو انھن سان (الله جو حُڪم) نه سمجھندا آھن، ۽ اُنھن جون اھڙيون اکيون آھن جو اُنھن سان (حقانيت) ڏسي نه سگھندا آھن، ۽ اُنھن جا اھڙا ڪن آھن جو انھن سان (حق کي) ٻڌي نه سگھندا آھن، اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ اُنھن کان وڌيڪ گمراہ آھن، اُھي ئي غافل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گهڻائي جن ۽ انسان آهن جن کي اسان جهنم جي لاءِ پيدا ڪيو آهي (يعني آخر هو جهنم ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن، ڇو ته) هنن کي عقل آهي پر ان کان سمجهڻ جو ڪم نٿا وٺن، هنن کي اکيون آهن پر انهن کان ڏسڻ جو ڪم نٿا وٺن، هنن کي ڪن آهن پر انهن کان ٻڌڻ جو ڪم نٿا وٺن، هو (عقل ۽ حواسن جو استعمال وڃائي) چوپاين جانورن جهڙا ٿي ويا، بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه ٿيا. اهڙائي ماڻهو آهن جي غفلت ۾ غرق ٿي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق اسان پيدا ڪيا جهنم لاءِ گھڻا انسانن ۽ جِنن مان، انهن کي دليون آهن پر اهي نٿا سمجھن، ۽ انهن کي اکيون آهن پر نٿا ڏسن، ۽ انهن کي ڪن آهن پر نٿا ٻڌن، اِهي جانورن جهڙا آهن بلڪ اهي وڌيڪ گمراه آهن، اهي ئي غافل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڄڻ ته اسان پاڻ ئي گهڻن جنن ۽ ماڻهن کي (خاص) جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي، جن جون دليون ته آهن (پر ڄاڻي واڻي) نٿا سمجهن،۽ کين اکيون آهن (ڄاڻي واڻي) انهن سان ڏسن ئي نٿا ۽ سندن ڪن به آهن (پر) انهن کان ٻڌڻ جو ڪم ئي نٿا وٺن (مطلب ته) اهي ماڻهو ڄڻ ته جانور آهن پر انهن کان ويل آهن. اهي ماڻهو (حق جي ڳالهين کان) بلڪل بي خبر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پيدا ڪياسون واسطي جھنم جي گھڻا جنن مان ۽ انسانن مان واسطي انهن جي دليون آهن جو نه ٿا سمجھن انهن سان ۽ واسطي انهن جي اکيون آهن جو نه ٿا ڏسن انهن سان ۽ واسطي انهن جي ڪن آهن جو نه ٿا ٻڌن انهن سان اهي چوپاين وانگر آهن بلڪ اهي وڏا گمراھ آهن اهي ئي غافل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان جهنم لاءِ گهڻائي جن ۽ انسان پيدا ڪيا آهن انهن کي اهڙيون دليون آهن جن سان (حق کي) نه ٿا سمجهن ۽ انهن کي اهڙيون اکيون آهن جن سان (حق کي) نه ٿا ڏسن. ۽ انهن کي اهڙا ڪَنَ آهن جن سان (حق کي) کي نه ٿا ٻڌن. اهي ڍورن وانگر آهن بلڪه اهي ئي (انهن کان به) وڌيڪ گمراهه آهن. اهي ئي بي خبر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تحقيق اسان جِنن ۽ انسانن مان گهڻن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو آهي انهن کي دليون آهن پر انهن سان سمجهن نه ٿا ۽ انهن کي اکيون آهن پر انهن سان ڏسن نه ٿا ۽ انهن کي ڪن آهن پر انهن سان ٻڌن نه ٿا. اهي جانورن وانگر آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراهه آهن. اهي ئي غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڪ پَکيڙيا سون ڀون لئي، جَجھاجِن، اِنسان، دِليون اُنهن جون، دين تي، ڌاينِ ڪِين ڌِيان، ۽ اََکيون اُنهن جون، جن سان، نه ڏِسن جوڙجھان، ۽ ڪن اُنهن جا، ڪِين ٻُڌن، اُن سان بات بيان، آهن، اُهي وَهٽن جِيئن، نِسورا نادان، اٽُلو، ويتر اُنهن کان، گمراهَ بي گمان، غَفلت ۾ غَلطان، اُهي مورک آهن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان گهڻا ئي اهڙا جن ۽ انسان دوزخ لاءِ پيدا ڪيا آهن، جن جون دليون آهن، پر هو انهن سان نٿا سمجهن ۽ انهن کي اکيون آهن، پر انهن سان نٿا ڏسن ۽ انهن کي ڪن آهن پر انهن سان نٿا ٻڌن- اهي ئي ماڻهو چوپاين وانگر آهن. بلڪه اهي وڌيڪ گمراهه آهن- اهي ئي ماڻهو غافل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اصل ڳالهه اها آهي ته ڪيترائي جــِـن ۽ انسان اهڙا آهن، جن کي اسان جهنم جي لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي. وٽن دليون آهن پر هو انهن سان سوچن نٿا، وٽن اکيون آهن پر هو انهن سان ڏسن نٿا، انهن وٽ ڪــَـن آهن پر هو انهن سان ٻڌن نٿا، هو ڍورن جهڙا آهن، بلڪه انهن کان به وڌيڪ گمراهه (بي راه) آهن. اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي غفلت ۾ غرق ٿي ويا آهن(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان پئدا ڪيا آهن جهنم جي لاءِ ڪيترا ئي جن ۽ انسان، انهن کي دليون آهي پر اهي انهن سان سوچين نٿا ۽ انهن وٽ اکيون آهن پر هو انهن سان ڏسن نٿا، ۽ انهن وٽ ڪن آهن پر هو انهن سان ٻڌن نٿا، اهي ڄڻ ڍور هجن پر انهن کان به ويل، هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي غفلت ۾ ٻڏا پيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان جنن ۽ انسانن مان گهڻن کي رڳو جھنم لاءِ ئي پيدا ڪيو آهي انهن جون دليون آهن پر انهن سان (حق ڳالهه) سمجهن ئي نٿا، انهن جون اکيون آهن، پر انهن سان (حق کي) ڏسن ئي نٿا، انهن کي ڪن آهن پر انهن سان (حق کي) ٻڌن ئي نٿا، هي صفا جانورن وانگر آهن، بلڪه انهن کان به ويل آهن، هو سڀ جا سڀ غفلت ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ الأَسماءُ الحُسنىٰ فَادعوهُ بِها وَذَرُوا الَّذينَ يُلحِدونَ فى أَسمٰئِهِ سَيُجزَونَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 180) |
۽ الله جا چڱا نالا آھن انھن نالن سان کيس سڏيو، ۽ جيڪي سندس نالن ۾ ڏنگائي ھلندا آھن تن کي ڇڏي ڏيو، ( ۽ ) جيڪي ڪندا آھن تنھنجي سگھو سزا ڏبين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) حسن ۽ خوبي جا نالا (يعني سڀ چڱيون صفتون) الله لاءِ آهن، تنهن ڪري توهان انهن ئي نالن سان کيس پڪاريو ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڏنگايون ڦڏايون يا ناپاڪايون گڏين ٿا (يعني اهڙيون صفتون گهڙين ٿا جي سندس جمال ۽ پاڪائيءَ جي خلاف آهن) تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي. اهي جلد پنهنجي ڪئي جو ڦل پائيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جا سهڻا نالا آهن پوءِ انهن نالن سان الله کي پڪاريو، ۽ توهان انهن کي ڇڏيو جيڪي الله جي نالن جو انڪار ڪن ٿا، سندن بداعمالي جي کين جلدي جزا ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سٺا سٺا نالا خدا جي لاءِ ئي خاص آهن ته پوءِ کيس انهن نالن سان سڏيو ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڪفر ڪن ٿا تن کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيو پڻ اهي تمام جلد پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ واسطي الله جي آهن نالا سهڻا پوءِ سڏيو ان کي انهن سان ۽ ڇڏي ڏيو انهن کي جو بي ديني ڪن ٿا نالن ان جي ۾ جلد سزا ڏنا ويندا ان جي جو ڪيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جا نالا (سڀ) چڱا آهن پوءِ انهن (نالن) سان ان کي سڏيو. ۽ انهن (ماڻهن) کي ڇڏي ڏيو جيڪي سندس نالن ۾ ڏنگا هلن ٿا. جيڪي اهي پيا ڪن تنهن جو انهن کي بدلو ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله لاءِ سهڻا نالا آهن پوءِ کيس انهن سان سڏيو ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو جيڪي سندس نالن کي ڦيرائن ٿا. جلد سزا ڏنا ويندا جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُهڻا نالا سائينءَ جا، پوءِ سَڏيوسِ ساڻ تن، ۽ جي ڦيرين، سندسِ نالن کي، ڏِيو ٻَهون تن کي ٻَن، جِھڙا ڪم پِيا ٿا ڪن، تن جو، پُورو مِلندنِ پورهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله جا چڱا نالا آهن، سو انهن سان ئي کيس پڪاريو ۽ اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، جي سندن نالن ۾ ڏنگائي ڪن ٿا. اهي جلد ئي پنهنجن عملن جو بدلو پائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کي سهڻا نالا جڳائن ٿا، تنهنڪري کيس سهڻن نالن سان ئي سڏيو ۽ انهن ماڻهن کان پري رهو، جيڪي سندس نالن وٺڻ ۾ حق سچ کان ٿــڙي ٿا وڃن. جيڪي هو ڪندا رهيا آهن ان جو بدلو هو ضرور ڀوڳيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله سٺن نالن سان ئي سڏبو آهي، هو انهن جو حقدار آهي، ۽ ڇڏي ڏيو انهن ماڻهن کي جيڪي صحيح نالن رکڻ کان هٽي وڃن ٿا، هو ضرور ان جو بدلو ڀوڳيندا جيڪي هو ڪندا رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جا ئي بهترين نالا آهن پوءِ توهان ان کي سندس نالن سان پڪاريو ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو، جيڪي ان جي نالن ۾ڏڦيڙ پيدا ڪندا آهن، سو اهڙن ماڻهن کي پنھنجي ڪيل عمل جي عنقريب سزا ڏني ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِمَّن خَلَقنا أُمَّةٌ يَهدونَ بِالحَقِّ وَبِهِ يَعدِلونَ (آيت : 181) |
۽ جيڪي اسان پيدا ڪيا آھن تن مان ھڪ ٽولي آھي جا سچي (دين) جو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُن (دين) سان انصاف ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن کي اسان پيدا ڪيو آهي تن ۾ بيشڪ اهڙو ٽولو به آهي جو ماڻهن کي سچائيءَ جي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سچائيءَ سان انهن ۾ انصاف به ڪري ٿو(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن مان امتِ محمديه پيدا ڪئي جيڪي حق جي هدايت ڪن ٿا ۽ حق سان انصاف ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جي مخلوقات مان ڪي انسان اهڙا به آهن جي (دين) حق جو رستو ڏيکارين ٿا (پڻ ان جي موافق) حق ئي (حق) انصاف به ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان جو پيدا ڪياسون ٽولي آهي جو هدايت ڪن ٿا حق سان ۽ ان سان انصاف ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي اسان پيدا ڪيو آهي تن مان هڪ جماعت آهي جا حق جو رستو ڏيکاري ٿي ۽ ان جي موافق انصاف به ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن کي اسان پيدا ڪيو آهي انهن مان هڪ جماعت اهڙي به آهي جيڪي حق ڳالهه جي هدايت ڪن ٿا ۽ پاڻ به ان جي موافق عدل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪاجوڙِي، جوڙياسون،تن مان، سونهَنْ سپح سُڄاڻ، ۽ صَفا، صفا تِنهن ساڻ، فَرمائينِ فيصلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جي مخلوق ۾ هڪ جماعت اهڙي به آهي، جا حق جي واٽ ڏيکاري ٿي ۽ ان موجب انصاف به ڪري ٿي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسانجي مخلوق ۾ هڪڙو ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو بلڪل حق جي هدايت ڪري ٿو ۽ حق مطابق انصاف ڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙو گروهه اسان جي مخلوق ۾ آهي جيڪو هدايت ڪري ٿو حق جي ۽ حق مطابق انصاف ڪري ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جي مخلوق (جنن ۽ انسانن) مان هڪ اهڙي جماعت آهي، جيڪا سچائيءَ سان هدايت جو ڪم ڪري ٿي ۽ ان مطابق ئي انصاف ڪري ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 182) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن کي سگھو وڌائي وڌائي (اُتاھون) سزا ڏينداسون جتان ڄاڻندا ئي نه.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي اسان درجي بدرجي (آخر نتيجي تائين) وٺي وينداسين، اهڙيءَ طرح جو هنن کي خبر به نه پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن قرآن ڪريم کي ڪوڙو سمجھيو اسين جلدي آهستگي سان انهن تي اُن جاءِ تان عذاب ڪنداسين جو کين خبر به نه پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي اسين ڍر ڏئي تمام جلد اهڙي طرح (جهنم ۾) وٺي وينداسون جو کين خبر ئي نه پوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪوڙو چيو آيتن اسان جن کي جلد درجي بدرجي وٺنداسون انهن کي اتاهين جو نه ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي ڍر ڏيئي اتان پڪڙينداسون جتان کين خبر به نه پوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو جلد اسان انهن کي رفته رفته (اهڙي طريقي سان) هلاڪت طرف وٺي وينداسين جو انهن کي خبر به نه پوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ڪوڙيون اَسان جو، ڪوٺيون نِشانيون نِروار، وِهلو وَٺنداسُونِ اُتان، نه پروڙينِ جِنهن پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تن کي درجي بدرجي اهڙي طرح (آخري نتيجي تي) وٺي وينداسون، جو ان کي خبر به نه پوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ماڻهن اسانجي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي، انهن کي اسان آهستي آهستي اهڙيءَ طرح تباهيءَ ڏانهن وٺي وينداسون جو کين پتو ئي نه پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جن ڪوڙو ڄاتو اسان جي آيتن کي انهن کي آهستگيءَ سان اهڙي دڳ لائبو جو تباهيءَ جو پتو ئي نه پوندن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اسان انهن کي (غير محسوس طريقي سان) آهستي آهستي (تباهي ڏانھن) وٺي ويندا آهيون جو کين ذرو به محسوس نه ٿيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 183) |
۽ اُنھن کي مُھلت ڏيندس، ڇوته اسان جي رٿ پڪي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان کين مهلت ٿا ڏيون (يعني اسانجي قانون مطابق نتيجا درجي بدرجي ظاهر ٿا ٿين) ۽ اسان جي مخفي تدبير بلڪل مضبوط ۽ اڻ گُس آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون انهن کي مهلت ڏيندس بيشڪ منهنجي تدبير مضبوط آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ کين (دنيا ۾) ڍر ڏيندس بيشڪ منهنجي تدبير تمام (پڪي پختي ۽) مضبوط آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڍر ڏيان ٿو واسطي انهن جي بيشڪ خفيہ تدبير منهنجي مضبوط آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ انهن کي ڍر ڏيندس ڇوته منهنجي تدبير مضبوط آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ انهن کي مُهلت ڏئي رهيو آهيان، بيشڪ منهنجي تدبير مضبوط آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَجھ ڏيانِ، ڪا وار، مُنهنجِي سِٽا، سِٽاڻِي گھڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءٌ انهن کي مهلت ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ مضبوط آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ته انهن کي پيو ٿو ڍر ڏيان، ڇو ته منهنجي رٿ مضبوط آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون انهن کي ڍر ڏئي رهيو آهيان، منهنجي چال جو ڪوبه ٽوڙ نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان ته اهڙن ماڻهن کي ڍر ٿو ڏيان. بيشڪ منھنجو منصوبو تمام مضبوط (بنيادن تي ٻڌل) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَتَفَكَّروا ما بِصاحِبِهِم مِن جِنَّةٍ إِن هُوَ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 184) |
(اُھي) ڌيان نه ڪندا آھن ڇا ته سندن سنگتي (ﷴ ﷺ) کي ڪا چريائي ڪانه آھي، اُھو ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا ماڻهو غور ۽ فڪر به نٿا ڪن. سندن رفيق (يعني پيغمبر اسلام نبوت ملڻ کان اڳ چاليهه سال منجهن گذاريو ۽ سندن عقل ۽ اخلاق ڏٺائون، هاڻي هو ڪيئن ٿا چئي سگهن ته هن کي) چريائي اچي جهليو آهي. (سندس عملن مان کين يقين اچڻ گهرجي ته) هو سواءِ هن جي ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته (انڪار ۽ بدعملي جي سزا بابت) کليءَ طرح خبردار ڪرڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي غور نٿا ڪن ته رسولِ عربي ذهني طرح بلڪل صحيح آهن، ناهي رسولِ عربي مگر صاف ڊيڄاريندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا هنن ماڻهن ايترو به نه سوچيو نيٺ سندن ساٿيءَ (محمد) کي ڪو جنون ته آهي ڪين، اهو ته بس ظاهر بظاهر (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه سوچيائون؟ ته ناهي ساٿيءَ انهن جي ۾ ڪا چريائي ناهي اهو مگر ڊيڄاريندڙ ظاهر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن فڪر نه ڪيو ته (ڄاڻن ته) سندن سنگتيءَ ۾ ڪجهه به چريائي نه آهي.هو رڳو ظاهر ڊيڄاريندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهي غور نه ٿا ڪن! ته انهن جي صاحب (نبي ﷺ)کي ڪو جنون (جو اثر به) نه آهي. اُهو ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ نه سوچينِ، ته سندنِ ساٿِي کي، لَڳت ناھِ لَغار، ناهي، مگر نِروار، ڄاڻوئـِي، ڄيري سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا انهن اهو ويچار نه ڪيو آهي؟ ته سندن رفيق (محمدﷺ) کي ڪا به چريائي نه آهي- هو ته رڳو پڌري پٽ ڊيڄاريندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن سوچيو ناهي؟ ته سندن ساٿيءَ تي چريائپ جو ڪوبه اثر ناهي، هو ته هڪ پڌرو خبردار ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هنن ڪڏهن سوچيو نه آهي ته سندن ساٿي (محمد) تي ڪو چريائيءَ جو اثر نه آهي، اهو ته بلڪل خبردار ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن ان ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ته سندن (حقيقي) ساٿي (يعني حضور ﷺ) کي ڪابه جذباتيت نه آهي، هو ته رڳو واضح طريقي سان ڊيڄاريندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَنظُروا فى مَلَكوتِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما خَلَقَ اللَّهُ مِن شَيءٍ وَأَن عَسىٰ أَن يَكونَ قَدِ اقتَرَبَ أَجَلُهُم فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَهُ يُؤمِنونَ (آيت : 185) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ ( ۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نه نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ ته متان سندن (موت جي) ٺھرايل مُدّت پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا اهي ماڻهو آسمان ۽ زمين جي بادشاهي ڏانهن ۽ جيڪي جيڪي خدا خلقيو آهي تنهن ڏانهن غور جي نظر سان نٿا ڏسن؟ ۽ پڻ هن ڳالهه تي غور نٿا ڪن جا بلڪل ممڪن آهي ته سندس (مقرر) وقت ويجهو اچي ويو آهي؟ (جيڪڏهن اهي ڳالهيون به هنن کي غور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيون ڪن ته) پوءِ ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جنهن تي هن کان پوءِ ايمان آڻيندا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي غور نٿا ڪن آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي ۾ ۽ جيڪي شيون الله تعالى پيدا فرمايون، ڪهڙو عجب آهي جو انهن جو موت ويجھو پهتو هجي، پوءِ قرآن کان سواءِ ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي حڪومت ۽ خدا جي پيدا ڪيل شيون ۾ غور نه ڪيو ۽ نه وري ان ڳالھ ڏي (ڌيان ڏنو) ته متان مٿن موت ويجهو آيو هجي. (پوءِ ايترو سمجهائڻ کان بعد به ڀلا) ڪهڙيءَ ڳالھ تي ايمان آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه غور سان ڏٺائون؟ بادشاهيءَ آسمانن ۽ زمين جي ۾ ۽ جيڪا پيدا ڪئي الله ڪا شيءِ ۽ هيءُ جو شايد هيئن ٿئي جو تحقيق ويجھو ٿيو مدو انهن جو پوءِ ڪهڙي ڳالھ تي پڄاڻان ان جي ايمان آڻيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ ۾ ۽ جو ڪجهه الله پيدا ڪيو آهي تنهن ۾ ۽ هن ۾ ته متان سندن آخري وقت ويجهو اچي ويو آهي انهن نظر نه ڪئي آهي؟ پوءِ ڪهڙيءَ ڳالهه تي ان (قرآن) کانپوءِ ايمان آڻيندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي (غور ۽ فڪر سان) نه ٿا ڏسن؟ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ۾ ۽ جا شيءِ الله پيدا ڪئي آهي (ان ۾) ۽ هن ۾ ته متان انهن جو موت ويجھو اچي چڪو هجي. پوءِ هن (قرآن) کان پوءِ ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ جا چيون نه، اُڀ زمين جِي، حُڪومت هيڪار، يا جيڪا جوڙ جَهان ۾، جوڙِي جوڙڻهار، ياهِي، هِتان هَلڻ جِي، ڪاويجِھي آينِ وار، آڻِيندا اِعتبار، پوءِ، ڳهيلا ڪِهڙِي ڳالھ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا انهن آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ۾ ۽ جيڪي به ٻيو الله پيدا ڪيو آهي، ان ۾ غور نه ڪيو آهي ۽ (هن تي به) ته ٿي سگهي ٿو، جو سندن موت اچي ويجهو ٿيو هجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ٻي ڪهڙيءَ ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي انتظام تي به ڪڏهن ڪو غور ڪيو آهي؟ ۽ ڪنهن به شيءِ کي جيڪا الله پيدا ڪئي آهي، اکيون کولي ڏٺو اٿن؟ ۽ ڇا اهو به سوچيو اٿن ته متان سندن موت جو وقت ويجهو اچي ويو هجي؟ پوءِ ڀلا انهيءَ کان بعد اها ڪهڙي شيءِ رهي آهي، جنهن تي اهي ايمان آڻيندا! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هنن ماڻهن غور نه ڪيو آهي سڄي انتظام آسمان ۽ زمين جو، ۽ جيڪي خلقيو آهي الله ڇا ڪنهن شيءِ کي، انهن اکيون کولي ناهي ڏٺو؟ ڇا هنن اهو به نه سوچيو ته شايد سندن زندگيءَ جي مهلت جو وقت ويجهو هجي، هيٺ نبيءَ جي تنبيهه بعد هي ڇا تي ايمان آڻين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ ۾ ڪڏهن غور نه ڪيو آهي؟ ۽ جنھن به شيءِ کي الله تعالى پيدا ڪيو آهي، ان کي به اکيون کولي نه ڏٺو اٿن! ۽ (ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن اهو به سوچيو آهي ته) متان سندن موت جو وقت ويجهو پهتو هجي؟ پوءِ هي ماڻهو قرآن کان سواءِ ٻي ڪھڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلا هادِىَ لَهُ وَيَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 186) |
جنھن کي الله گمراہ ڪندو آھي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي، ۽ الله اُنھن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏي ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) جهن جي لاءِ الله تعاليٰ (حق جي) راهه گم ڪري ڇڏي (يعني خدائي فطرت جي قانون موجب پنهنجي سمجهه پاڻ وڃائي ڇڏي) تنهن جي لاءِ ٻيو ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. خدا (جي قانون) هن کي ڇڏي ڏنو آهي ته پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندا رهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهنکي الله گمراه ڪرڻ چاهي ٿو پوءِ ان جو ڪو هادي ناهي، ۽ انهن کي سندن سرڪشي ۾ ڇڏي ٿو ته حيران رهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي پوءِ تنهن جو ڪو به رهبر نه آهي. پڻ انهن کي سندن سرڪشيءَ (۽ شرارت) ۾ ڇڏي ڏيندو ته (ڀلي) سرگردان رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن کي گمراھ ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ڪو هدايت ڪندڙ واسطي ان جي ۽ ڇڏي ٿو انهن کي منجھ سرڪشيءَ پنهنجيءَ ٿا ڀٽڪندا رهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو. تنهن کي ڪوبه رستو ڏيکارڻ وارو نه آهي. ۽ الله انهن کي سندن گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو هن حال ۾ جو اهي عقل جا انڌا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان کي ڪو هدايت ڪرڻ وارو ناهي. ۽ انهن کي ڇڏي ڏئي ٿو ته پنهنجي گمراهي ۾ ڀٽڪندا رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالِڪ مُنجھائي جِنهن کي، پوءِ هادِي، نه ڪو تِنهن هار، ۽ ڇَڏينِ، ته اُجھَن آوار، مُنجھ سَندنِ ۾، مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن جي واٽ الله گم ڪري ته ڪو به ان کي سنئين واٽ تي آڻي نه ٿو سگهي- ۽ الله انهن کي گمراهي ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ڏئي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي الله هدايت کان محروم ڪري ڇڏي، ان لاءِ پوءِ ڪوبه رهنمائي ڪندڙ ڪونهي ۽ الله کين ڇڏي ٿو ڏئي ته وتن پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ٿـڙندا ٿاٻـڙندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن کي گمراهه ڪري الله ته ان لاءِ ڪوبه رهنما نه آهي، ۽ (الله) انهن کي سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ياد رکو ته) جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري پوءِ ان کي ڪير به سڌو رستو نٿو ڏيکاري سگهي ۽ هو انهن کي پنھنجي گمراهيءَ ۾ ٿاٻا جهلڻ لاءِ ئي ڇڏي ڏي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلونَكَ عَنِ السّاعَةِ أَيّانَ مُرسىٰها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ رَبّى لا يُجَلّيها لِوَقتِها إِلّا هُوَ ثَقُلَت فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا تَأتيكُم إِلّا بَغتَةً يَسـَٔلونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنها قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 187) |
(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته ڪھڙي مھل اچڻي آھي؟ چؤ ته انھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نه ڪندو، (اُنجي اچڻ جي مھل جي ڄاڻپ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نه ٿو سگھي)، اُھا ته اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ائين) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُنھن جو کوٽيندڙ (يعني جاچي معلوم ڪندڙ) آھين، چؤ ته اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نه آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) ماڻهو توکان (قيامت جي) اچڻ واري وقت بابت پڇن ٿا ته آخر اها ڪڏهن ايندي؟ تون چئو ته، ان جو علم ته منهنجي پروردگار کي آهي. اهوئي آهي جو ان کي ان جي وقت تي ظاهر ڪندو. اهو وڏو ڀاري حادثو آهي جو آسمانن ۽ زمين ۾ واقع ٿيندو. اهو (واقعو) اوهان تي اوچتو اچي ڪڙڪندو. (اي پيغمبر) اهي ماڻهو توکان اهڙيءَ طرح ٿا پڇن جو ڄڻ ته تون ان (قيامت جي اچڻ) لاءِ وڏي شوق سان نهاري رهيو آهين. تون کين ٻڌاءِ ته حقيقت هيءَ آهي ته ان جو علم فقط الله کي آهي. پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جي هن حقيقت کان بي خبر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي کان قيامت بابت سوال ڪن ٿا ته ڪڏهن ايندي، توهان فرمايو ان جو علم منهنجي رب وٽ آهي، الله تعالى قيامت کي پنهنجي وقت تي ظاهر ڪندو، اها ڳالهه آسمانن ۽ زمينن تي ڳري ٿيندي، قيامت بلڪل اوچتو ايندي، اهي توهان کان قيامت جو پڇن ٿا گويا توهان ان کان واقف آهيو، توهان فرمايو انهيءَ جو علم منهنجي رب وٽ آهي، پر گھڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو کان ماڻهو قيامت جي باري ۾ پڇندا رهندا آهن ته ڪٿي سندن ڪڌي ڪنارو به آهي؟ تون (کين) چئو ان جو علم بس! فقط منهنجي پروردگار کي ئي آهي اهو ئي مقرر ڪيل وقت تي کيس ظاهر ڪندو. اهو وقت سمورن آسمانن ۽ زمين ۾ هڪ تمام سخت ڏکيو وقت هوندو. اها اوهان وٽ پوءِ اوچتو ئي اچي ويندي. توکان ماڻهو اهڙي طرح پڇن ٿا ڄڻ نه تون ان کان چڱي ريت واقف آهين. تون (کولي) چوين ته ان جو علم ته بس خدا کي ئي آهي پر ڪيترا ئي ماڻهو نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا تو کان قيامت جي متعلق ته ڪڏهن آهي قائم ٿيڻ ان جو؟ فرماءِ ته تحقيق علم ان جو وٽ رب منهنجي آهي نه ٿو ظاهر ڪري ان کي واسطي وقت ان جي مگر اهو ڳري لڳي ٿي آسمانن ۽ زمين ۾ نه ايندي اوهان وٽ مگر اوچتو پڇن ٿا توکان گويا تون چڱيءَ طرح تحقيق ڪندڙ آهين ان جي فرماءِ ته تحقيق علم ان جو ته الله وٽ ئي آهي ۽ پر اڪثر ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان ان گهڙيءَ بابت پڇن ٿا ته ان جي قائم ٿيڻ جو وقت ڪڏهن آهي؟ چئو ته ان جي خبر رڳو منهنجي پاليندڙ وٽ آهي. ان کي ان جي وقت تي ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه ظاهر نه ڪندو. آسمانن ۽ زمين ۾ اهو وڏو حادثو آهي. اها (گهڙي) اوهان وٽ اوچتو ئي ايندي. اهي توکان (ان بابت) پڇن ٿا ڄڻ ته تون ان جي تحقيق ۾ لڳو پيو آهين. چئو ته ان جي خبر رڳو الله وٽ آهي، پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته ان جو اچڻ ڪڏهن ٿيندو؟ چؤ: ”ان جو علم صرف منهنجي پروردگار وٽ آهي. ان جي مقرر وقت کي ان کان سواءِ ٻيو ڪو پڌرو ڪونه ڪندو. اُها آسمانن ۽ زمين تي ڳري آهي. اُها اوهان تي نه ايندي مگر اوچتو“. اُهي توکان ائين پڇن ٿا ڄڻڪ تون ان جِي تحقيق ڪري چڪو آهين. چؤ ته: ”ان جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنئـِي پَڇاڙِي وار، ته ڪڏهن لنگر اُن جو، چئو مُنهنجي، مالڪ پاڪ وَٽ، اُن جِي خبر چار، نه واقف اُن جي وقت کان. مگر اُهو مُختار. اُڀن، زمن، زمين ۾، بارِي ٿِـئـِي بار، توهان تي تڪرار، نه اِيندي، مگر اوچتِي. پُڇنئـِي اُن جي پَتٖي جو، ڪر حضرت تون حقدار، چئو، عِلم اُن جو، ناھِ مگر، سانيمِ وٽ، ستار، پر ماڻهون گھڻا گَنوار، نٿا سَمجھن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان قيامت بابت پڇن ٿا ته ”اها ڪڏهن قائم ٿيندي؟“ چئو ته ”ان جي خبر رڳو منهنجي رب کي آهي- ان ڌاران ٻيو ڪو به ان کي پوري وقت تي ظاهر نه ڪندو- اهو آسمانن ۽ زمين ۾ وڏو حادثو ٿيندو، اها اوهان تي بلڪل اوچتو اچي پوندي.“ اهي توکان ائين پڇن ٿا، جو ڄڻ ته تون ان جي جاچ ڪري چڪو آهين- چئو ته ”ان جو علم الله ڌاران ٻئي ڪنهن کي به نه آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي توکان پڇن ٿا ته، "قيامت جي اها گهڙي ڪڏهن اچي سهڙندي؟" چوين ته "ان بابت ڄاڻ منهنجي رب کي ئي آهي. هو ئي کيس سندس وقت اچڻ تي ظاهر ڪندو، آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ڏاڍو ڳرو وقت هوندو، اها توهان تي اوچتو ئي اچي ڪڙڪندي". توکان ان بابت ائين ٿا پڇن ڄڻ ته تون انهيءَ جي تاڙَ ۾ لڳو پيو آهين. چوين ته انهيءَ جو علم فقط الله کي آهي مگر اڪثر ماڻهو انهيءَ حقيقت کان اڻ واقف آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو کان پڇن ٿا (هي ماڻهو) ته آخر ڪڏهن ايندي قيامت جي گهڙي؟ چؤ (اي نبي!) ته بيشڪ ان جو علم ته منهنجي رب وٽ آهي، ان کي پنهنجي ئي وقت تي ظاهر ڪندو پاڻ، اهو سخت وقت هوندو آسمانن ۽ زمين ۾، اهو توهان جي مٿان اوچتو ايندو، تو کان پڇن ٿا هي ماڻهو اهڙيءَ طرح ڄڻ ته تون ان جي کوجنا ۾ هجين. چؤ (اي نبي!) ان جو علم به صرف الله وٽ آهي، پر گهڻا ماڻهو ان حقيقت کان اڻ واقف آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو تو کان قيامت جي باري ۾ پڇن ٿا ته اها ڪڏهن ايندي؟ کين ٻڌاءِ ته ان (جي اچڻ) جو علم ته منھنجي پالڻھار وٽ آهي، اهو ئي قيامت کي (صحيح) وقت تي ظاهر ڪندو. آسمانن ۽ زمين ۾ اهو هڪ وڏو حادثو هوندو، تنھنڪري اها گهڙي توهان جي مٿان اوچتو ايندي. (اي نبي ﷺ!) ماڻهو تو کان اهڙي طريقي سان پڇن ٿا ڄڻ ته توهان قيامت جي ڳولا ۾ لڳل آهيو، انهن کي چؤ ته ان جو علم صرف الله تعالى وٽ ئي آهي پر ان حقيقت کي گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لا أَملِكُ لِنَفسى نَفعًا وَلا ضَرًّا إِلّا ما شاءَ اللَّهُ وَلَو كُنتُ أَعلَمُ الغَيبَ لَاستَكثَرتُ مِنَ الخَيرِ وَما مَسَّنِىَ السّوءُ إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ وَبَشيرٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 188) |
چؤ ته الله جي گھُر ڌاران آءٌ پاڻ کي نڪي فائدو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھان ٿو، ۽ جيڪڏھن ڳُجھ ڄاڻان ھا ته گھڻيون چڱايون گڏ ڪريان ھا، ۽ مون کي ڪو ڏک نه پھچي ھا، آءٌ ته قوم مؤمنن لاءِ رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ (پيغمبر) آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر، تون ماڻهن کي هي به) چئوته، منهنجو حال ته اهو آهي جو پنهنجي جان جو نفعو نقصان به منهنجي اختيار ۾ ناهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪي خدا چاهي ٿو. جيڪڏهن مون کي غيب جو علم هجي ها ته ضرور ائين ڪيان ها جو گهڻائي نفعا ۽ فائدا پنهنجي لاءِ حاصل ڪيان ها، ۽ (زندگيءَ ۾) ڪوئي ايذاءُ يا تڪليف مون کي نه پهچي ها. مان هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان ته مڃڻ وارن لاءِ خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله جي رضامندي کان سواءِ آئون پنهنجي لاءِ نفعي ۽ نقصان جو مالڪ ناهيان، ۽ جيڪڏهن آئون علم غيب جو (الله جي تعليم کان سواءِ) ڄاڻان ها ته پنهنجي لاءِ گھڻو خير گڏ ڪريان ها ۽ مون کي ڪا تڪليف نه پهچي ها، ناهيان آئون مگر ڊيڄاريندڙ ۽ مبارڪ ڏيندڙ ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! کين چئو ته آءُ خود پنهنجو پاڻ تي اختيار ئي نٿو رکان. نه فائدي جو ۽ نه نقصان (پهچائڻ) جو، پر رڳو اهو جيڪي خدا گهري. پر جيڪڏهن، (سواءِ خدا جي ٻڌائڻ جي) غيب کي ڄاڻيندو هجان ها ته پڪ آءُ پنهنجو گهڻو ڪجھ فائدو ڪري ڇڏيان ها ۽ مون کي ڪڏهين به تڪليف نه پهچي ها. آءُ ته فقط ايمان وارن کي (عذاب کان) ڊيچارڻ وارو ۽ (بهشت برين جي) خوش خبري ڏيڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته نه ٿو مالڪ ٿيان واسطي ذات پنهنجي نفعي جو ۽ نه نقصان جو سواءِ ان جي جو گھريو الله ۽ جيڪڏهن مان پاڻ ڄاڻان ها غيب ته البته زياده ڪيان ها ڀلائي ۽ نه پهچي ها مون کي تڪليف ناهيان مان مگر ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ واسطي قوم جي جيڪي ايمان آڻين ٿا. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته جيڪي الله گهريو تنهن کانسواءِ آءُ پاڻ کي نه ڪنهن فائدي پهچائڻ ۽ نه ڪنهن نقصان پهچائڻ جو اختيار رکان ٿو. ۽ جيڪڏهن ڳجهه کي ڄاڻان ها ته گهڻي ڀلائي حاصل ڪريان ها ۽ مون کي بُرائي نه پهچي ها. آءُ رڳو ان قوم کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوش خبري ٻڌائيندڙ آهيان جيڪي ايمان آڻين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”آءٌ پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن به نفعي ۽ نقصان جو مالڪ نه آهيان سواءِ ان جي جيڪو الله چاهي. ۽ جيڪڏهن آءٌ (ازخود) غيب جو علم ڄاڻان ها ته گهڻو خير گڏ ڪيان ها. ۽ مون کي ڪو نقصان نه پهچي ها.. آءُ ته رُڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان ان قوم کي جيڪي ايمان رکن ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مون وَس، نه مون پاڻ لئي، نفعو يا نقصان، مگر مُون لئي، جو گُھري، مالِڪ مِهربان، هوند! ڄاتم ڳُجھ مَنجھان، ته جَجھو منجھ جھان، ميڙيمِ مال پاڻ لئي، ۽ ذرو نه رسمِ زِيان، آئون، رڳو کِيانتو، خابرو، پاران ربَّ، رحمان، آڻينِ، جي اِيمان، تِنهن سڳوري ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته مون کي پنهنجي نفعي ۽ نقصان تي به اختيار ناهي، مگر جيڪي الله گهري ۽ جيڪڏهن آءٌ غيب ڄاڻندو هجان ها، ته گهڻو ئي فائدو حاصل ڪري وٺان ها ۽ مون کي ڪا به تڪليف نه پهچي ها- پر آءٌ ته رڳو مومن ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي چوين ته "مان پاڻ کي به ڪو نفعو نقصان پهچائي نٿو سگهان، جيڪو الله گهري سو ئي ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن مونکي غيب جو علم هجي ها ته مان پاڻ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪري وٺان ها ۽ مونکي ڪوبه نقصان نه پهچي ها، مان ته فقط هڪڙو خبردار ڪندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي منهنجي ڳالهه مڃين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي محمد!) انهن کي چؤ ته، نٿو رکان آئون پنهنجي ذات جي لاءِ نفعي ۽ نقصان جو اختيار، الله جيڪي گُهري اهو ئي ٿيندو آهي، جي مون کي غيب جو علم هجي ها ته آئون پاڻ ڪيترا ئي فائدا وٺان ها، ۽ مون کي ڪڏهن به ڪو نقصان نه پهچي ها، آئون ته فقط (منڪرن کي) ڊيڄاريندڙ ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏيندڙ آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کي ٻڌاءِ ته مان ته خود پنھنجي ذات لاءِ ڪنھن فائدي ۽ نقصان ڏيڻ جو اختيار نٿو رکان، سواءِ الله تعالى جي جيڪو (۽ جيترو) هو چاهي ۽ جيڪڏهن مان غيب جو علم ڄاڻان ها ته مان گهڻيون سھولتون حاصل ڪريان ها ۽ مون کي ڪا به تڪليف نه پھچي ها مان ته ايمان آڻيندڙن کي ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنها زَوجَها لِيَسكُنَ إِلَيها فَلَمّا تَغَشّىٰها حَمَلَت حَملًا خَفيفًا فَمَرَّت بِهِ فَلَمّا أَثقَلَت دَعَوَا اللَّهَ رَبَّهُما لَئِن ءاتَيتَنا صٰلِحًا لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 189) |
اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين ته ساڻس آرام وٺي، پوءِ جنھن مھل (اُھو) گڏ ٿيندو آھي ته اُھا ھلڪي بار سان ڳورھاري ٿيندي آھي ۽ اُن سان گھمندي رھندي آھي، وري جنھن مھل ڏاڍي ڳري ٿيندي آھي (تنھن مھل) ٻئي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آھن (ته قسم آھي) ته جيڪڏھن اسان کي صحيح سالم ٻار ڏيندين ته ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي (اوهان جو پروردگار) آهي جنهن هڪ جان (آدم) مان اوهان کي پيدا ڪيو ۽ انهيءَ جي جنس مان سندس جوڙو (حوا) بنايو، انهيءِ لاءِ ته سندس صحبت ۾ آرام ۽ خوشي حاصل ڪري. پوءِ جڏهن مرد عورت سان همبستر ٿئي ٿو تڏهن عورت کي پيٽ ۾ ٻار ٿئي ٿو. پهريائين حمل جو بار هلڪو ٿو ٿئي ۽ ان سان گهمندي ڦرندي وقت گذاري ٿي، پر جڏهن بار ڳورو ٿئي ٿو (۽ ويم جو وقت ويجهو اچي ٿو) تڏهن ٻئي زال مڙس خدا کان، جو سندس پرورش ڪندڙ آهي دعا گهرن ٿا ته، اي خد اسان ٻئي تنهنجا شڪرگذار رهنداسين، جيڪڏهن اسان کي هڪ تندرست ٻار عطا فرمائيندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي هڪ انسان (حضرت آدم) مان پيدا ڪيو ۽ انهيءَ مان سندس گھر واري پيدا ڪئي انهي لاءِ ته سڪون حاصل ڪري، پوءِ جڏهن ان سان همبستري ڪري ٿو ته عورت حامله ٿئي ٿي هلڪي حمل سان هلي گھمي ٿي، پوءِ جڏهن ڳري ٿئي ٿي ته ٻَئي (زال مڙس) دعا گھرن ٿا الله کان ته جيڪڏهن کين صالح اولاد ٿيو ته ضرور شڪرگذار ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو، اهو خدا آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ سندس (باقي بچيل مٽيءَ) مان هن جو، جوڙ به بڻايو ته جيئن هن سان رهي ڪري. پوءِ جڏهن انسان پنهنجيءَ زال سان همبستري ڪري ٿو ته زال هڪ هلڪي حمل سان حامله ٿئي ٿي. پوءِ ان کي پاڻ سان کنيو گهمندي ڦرندي وتي ٿي پوءِ جڏهن اهو (بار زياده ڏينهن هئڻ ڪري) ڳرو ٿئي ٿو ته (زال مڙس) پنهنجي پالڻهار خدا کان دعا گهرڻ لڳا ته جيڪڏهن تو اسان کي نيڪ فرزند عطا فرمائين ته اسين ضرور تنهنجا شڪر گذار ٿينداسين. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) اهو آهي جو پيدا ڪيائين اوهان کي ذات هڪ مان ۽ ٺاهيائين ان مان زال ان جي تانته سڪون وٺي ان ڏانهن پوءِ جڏهن ڇانئيو ان تي حمل واري ٿي حمل هلڪو پوءِ هلندي رهي ان سان پوءِ جڏهن ڳري ٿي ته دعا گھريائون الله رب پنهنجي کان ته البته جيڪڏهن ڏنو تو اسان کي صالح ٻچو ته ضرور ٿينداسون شڪر ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جي زال کي پيدا ڪيائين ته ان سان آرام وٺي. سو جڏهن مرد زال سان گڏ ٿيو ته زال کي هلڪو حمل رهيو. پوءِ ان (حمل سان) گهمندي ڦرندي رهي. پوءِ جڏهن پيٽ ڳرو ٿيس ته ٻنهين پنهنجي پاليندڙ الله کي سڏيو ته جيڪڏهن تو اسان کي صالح (ٻار) ڏنو ته اسين شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙ پيدا ڪيائين جيئن ان مان سڪون حاصل ڪري. پوءِ جڏهن مردَ ان (زال) کي ڍڪيو، (يعني مرد زال سان گڏيو) ته هلڪڙي بار سان حمل واري ٿي پئي پوءِ ان سان گُھمندي رهي. پوءِ جڏهن ڳري بار واري ٿي ته ٻنهين پنهنجي پالڻهار الله کي سڏيو ته: ”جيڪڏهن تو اسان کي صحيح سالم ٻار ڏنو ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالڪ، سو مُقرر، جِنهن هِڪڙي جئ مان، جوڙيان، ۽ جِنهن مان، جوڙئين جوءِ تِنهن، تان گھوٽ بنائيسِ گھر، تان سَندسِ ڍَڪ ڍول ٿيو، حمل رهيسِ هيڪر، هَلڪو حمل، جِنهن سان، ڪي مهينا آندئين مر، پوءِ دُعا گھريؤون ڌڻئ کان، جڏهن ڳَرو ٿيو، سوڳَر، جي نيڪ ڏِنئـِينَئون نِينگر، ته ٿيندا سون، ٿورائتن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو (الله) اهو آهي، جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس جوڙو بنايائين، ته ان مان راحت وٺي- پوءِ جڏهن ساڻس صحبت ڪري ٿو ته هلڪو پيٽ ٿئي ٿو، جنهن سان ڦرندي رهي ٿي. پوءِ جڏهن ڳوري ٿئي ٿي ته پنهنجي رب کان دعا گهرن ٿا، ته جي اسان کي سالم اولاد ڏنئي ته اسين خوب شڪر گذاري ڪنداسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن توهان کي هڪڙي وجود مان پيدا ڪيو ۽ انهيءَ مان ئي سندس زال بڻايائين ته جيئن وٽس قرار وٺي، پوءِ جڏهن مرد عورت کي ڍڪيو (يعني ان سان صحبت ڪئي) ته ان کي هڪڙو هلڪڙو حمل ٿي ويو، جنهن کي کنيو هوءَ گهمندي رهي، پوءِ جڏهن هوءَ ڳؤري ٿي پئي ته ٻنهي گڏجي الله پنهنجي رب کان دعا گهري ته جيڪڏهن تو اسان کي ڪو صالح ٻار ڏنو ته اسان تنهنجا شڪرانا ادا ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي هڪ وجود مان پيدا ڪيو ۽ سندس جنس مان جوڙو (گهر واري کي) بڻايو، جيئن ان وٽ سڪون حاصل ڪري، پوءِ جڏهن مرد عورت کي ڍڪيو ته ان وٽ هلڪو حمل رهجي ويو، پوءِ (عورت) ان سان گهمي ڦري ٿي، پوءِ وري جڏهن ڳري ٿئي ٿي ته ٻنهي گڏجي الله پنهنجي رب کان دعا گهري ته جي اسان کي ڏنو چڱو ٻار ته اسين تنهنجا شڪرگذار رهنداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ئي (الله پاڪ) آهي جنھن توهان کي هڪ جان آدم مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي ان جي جوڙي وال بنايائين ته جيئن هو ان مان سڪون حاصل ڪري (هاڻي توهان خود سوچيو ته) جڏهن مرد عورت سان قرب ونڊڻ لاءِ کيس ڀاڪر ۾ ورتو ته ان سان هلڪو حمل ٿيو ۽ هوءَ ان (حمل) کي کنيو هلندي رهي. پوءِ جڏهن اهو حمل وڌي ڳرو ٿيس ته (هاڻي زال مڙس) ٻنهي پنھنجي پالڻھار الله کان دعا گهري ته جيڪڏهن تو اسان کي نيڪ (۽ صحيح سالم) اولاد ڏنو ته اسان ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا ءاتىٰهُما صٰلِحًا جَعَلا لَهُ شُرَكاءَ فيما ءاتىٰهُما فَتَعٰلَى اللَّهُ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 190) |
پوءِ جنھن مھل انھن کي صحيح سالم ٻار ڏيندو آھي (ته) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شيء کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله جو شان مٿاھون آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن خدا هنن کي هڪ تندرست ٻار عطا فرمايو تڏهن جيڪي خدا هنن کي ڏنو تنهن ۾ ٻين هستين کي شريڪ ٺهرائڻ لڳا (يعني چوڻ لڳا ته، فلاڻي ديوتا يا آستان اسان تي ڀلائي ڪئي آهي) سو (ياد رکو ته) اهي ماڻهو جيڪي شرڪ جون ڳالهيون ڪن ٿا تن کان الله جي ذات گهڻو بلند (۽ پاڪ) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن الله کين صالح اولاد عطا ڪري ٿو ته الله سان شريڪ ڪن ٿا اُنهيءَ ۾ جيڪو الله کين عطا ڪيو، پوءِ الله بلند آهي انهي کان جو شرڪ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن خدا کين صالح (فرزند) عطا فرمايو ته جيڪا (اولاد) خدا کين عطا فرمائي هئي ته لڳا ان ۾ خدا جو شريڪ بنائڻ ته (خدا جو) شان، شرڪ کان گهڻو مٿانهون آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏنائين انهن ٻنهي (زال ۽ مڙس) کي صالح ٻچو ته ڪيائون واسطي ان جي شريڪ ان ۾ جو ڏنائين انهن ٻنهي کي پوءِ مٿاهون آهي الله ان کان جو شريڪ ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن انهن ٻنهين کي صالح (ٻار) ڏنائين تڏهن جيڪي کين ڏنائين تنهن ۾ ان جا ٻيا شريڪ بنايائون. پوءِ الله انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن کي صحيح سالم اولاد ڏنائين ته الله جي ڏنل شيءِ ۾ ان سان شريڪ مقرر ڪيائون، پوءِ الله برتر آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ نَوازئينِ نيڪ جڏهن؛ ته ڀانيؤن ڀائيوار، ٻِيا تِنهن ٻار ۾، ڏِننِ، جو ڏاتار، جو گڏِينِ غير غُبار، الله اُتم اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن کين سالم ٻار ڏنائين، ته هو الله جي ڏنل ۾ ٻيا ڀائيوار بنائڻ لڳا، سو الله انهن جي ڀائيواريءَ کان پاڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن الله کين هڪ صالح ٻار ڏنو ته سندس ڪيل عنايت ۾ ٻين کي به ساڻس شريڪ بنائڻ لڳا. الله تمام مٿي آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو هو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ڏنوسين انهن کي صحيح ۽ سالم ٻار، ته هو شريڪ ڪرڻ لڳا ٻين کي سندس انهيءَ بخشش ۾، مٿاهون آهي الله انهن شرڪ جي ڳالهين کان جيڪي هي ماڻهو ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن الله تعاليٰ کين نيڪ (۽ صحيح سالم) اولاد ڏنو ته پوءِ هو ٻئي اولاد ملڻ تي الله تعالى سان گڏ ٻين کي شريڪ ڪرڻ لڳا پر الله تعالى انهن جي شريڪن کان گهڻو بلند ۽ مٿانھون آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَيُشرِكونَ ما لا يَخلُقُ شَيـًٔا وَهُم يُخلَقونَ (آيت : 191) |
(ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو ڪهڙين هستين کي (خدا سان) شريڪ ٺهرائين ٿا؟ ڇا اهڙين هستين کي جي ڪا به شيء پيدا ڪري نٿا سگهن ۽ خود پاڻ به ڪنهن ٻئي جا پيدا ڪيل آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا الله سان انهن (بتن) کي شريڪ ڪن ٿا جيڪي ڪا شيءِ پيدا نٿا ڪري سگھن ۽ اهي پاڻ پيدا ڪيل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو اهي ماڻهو خدا جو شريڪ اهڙن کي بنائين ٿا جيڪي ڪجھ به پيدا ڪري نٿا سگهن. جو خود (خدا جا) پيدا ڪيل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا شريڪ بنائين ٿا انهن کي جو نه ٿا پيدا ڪن ڪا شيءِ اهي پاڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اهڙين شين کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا جي ڪا شيءِ به پيدا نه ٿيون ڪن ۽ (هيڪاري) انهن کي (خود) پيدا ڪيو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهڙن کي شريڪ ڪن ٿا؟ جيڪي ڪا شيء پيدا ڪري نه ٿا سگهن ۽ اُهي (پاڻ) پيدا ڪيا ويا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ جوڙو ڪن، جوڙ ۾، جي جوڙِين، نه ڪو جنسار؟ جائـِي جوڙيا پاڻ وَڃن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اهي اهڙن کي ڀائيوار ٿا ڪن، جي ڪجهه به خلقي نٿا سگهن ۽ پاڻ خلقيل آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪهڙا نه نادان آهن اهي جو انهن کي ٿا الله جو شريڪ بڻائين، جيڪي ڪابه شيءِ پيدا نٿا ڪن، بلڪه اهي پاڻ ئي پيدا ڪيا وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (بيوقوف ماڻهو) انهن کي خدا جو شريڪ بنائن ٿا جيڪي ڪا شيءِ پئدا نٿا ڪن پر پاڻ پئدا ڪيا وڃن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو اهڙن کي شريڪ ڪن ٿا، جيڪي ڪجهه به پيدا نٿا ڪري سگهن، بلڪ هو شريڪ خود به پيدا ڪيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَستَطيعونَ لَهُم نَصرًا وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 192) |
۽ نڪي انھن کي ڪا مدد ڏيئي سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي (ئي) مدد ڏيئي سگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (ديوتائن) ۾ نڪي اها طاقت آهي جو انهن (ماڻهن) کي مدد ڪري سگهن، نڪي اها طاقت اٿن جو پاڻ کي ئي مدد پهچائي سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن پوڄيندڙن جي مدد نٿا ڪري سگھن ۽ نه پنهنجي وجود جي مدد ڪري سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه اهي سندن مدد جي طاقت رکن ٿا ۽ نه وري پنهنجي ئي مدد ڪري سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا ڪري سگھن انهن جي ڪا مدد ۽ نه سرن پنهنجن جي ٿا مدد ڪن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهي شيون) نڪي انهن جي مدد ڪري سگهن ٿيون ۽ نڪي (خود) پاڻ کي مدد ڪن ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه انهن جي مدد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا ۽ نه ئي پاڻ پنهنجي مدد ڪري سگهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لَهِي نه سگھن سار، ۽ نه اُهِکيءَ ۾ آڌار، ڪا پنهنجِي ڏِينِ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو نڪي سندن مدد ڪري سگهن ٿا. نڪي پاڻ جي ئي مدد ڪري سگهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي نڪي انهن جي ڪا مدد ٿا ڪري سگهن ۽ نه وري پنهنجي ئي ڪا مدد ڪري سگهندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي نه ته سندن مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه وري پاڻ پنهنجي مدد جي سگهه رکن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي (شريڪ) نه انهن ماڻهن جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه خود پنھنجو بچاءُ ڪري سگهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَتَّبِعوكُم سَواءٌ عَلَيكُم أَدَعَوتُموهُم أَم أَنتُم صٰمِتونَ (آيت : 193) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيندؤ ته اوھان جي تابعداري نه ڪندا، اوھان تي ھڪ جھڙو آھي ته انھن کي سڏيو يا اوھين ماٺ ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان هنن کي سڌيءَ واٽ ڏي سڏيو، ته هو توهان جي پٺيان قدم نه کڻندا. ۽ توهان هنن کي سڏيو يا چپ رهو ٻنهي حالتن جو نتيجو اوهان جي لاءِ هڪ جهڙو ٿيندو (يعني هو اوهان ڏي ڪونه ايندا ۽ ايمان ڪونه آڻيندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن بتن کي هدايت ڏانهن سڏيو ٿا ته جواب نٿا ڏئي سگھن، برابر آهي توهان انهن کي سڏيو يا توهان (اي ڪافر) خاموش رهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون هدايت ڏي کين سڏيندين به، تڏهين به تنهنجي پيروي نه ڪندا. اوهان لاءِ ساڳئي ڳالھ آهي، چاهي کين سڏيو يا خاموش ويٺا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن سڏيندين انهن کي طرف هدايت جي ته نه تابعداري ڪندا اوهان جي برابر آهي مٿان اوهان جي يا سڏيو انهن کي يا اوهان ماٺ ڪندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهين اوهين انهن (شين) کي هدايت ڏي سڏيندؤ ته اوهان جي سڏ تي نه اينديون، اوهان لاءِ برابر آهي ته اوهين انهن (شين) کي سڏيو يا اوهين (خود) چپ رهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي اوهان انهن کي هدايت ڏانهن سڏيوته اوهان جي پيروي ڪو نه ڪندا. اوهان تي برابر آهي انهن کي سڏيو يا اوهان خاموش رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سَڏيونِ سَنئينءَ ڏي، ته نه پُٺيان هَلندان هَڏ، ڪريْنِ، نه ڪرينِ سَڏ، سڀ ڳالھ اوهان تي سَرِ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن تون انهن کي هدايت ڏانهن سڏين، ته تنهنجي پيروي نه ڪندا- اوهان لاءِ انهن کي سڏڻ يا نه سڏڻ برابر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن کين سڌيءَ واٽ ڏانهن سڏيندؤ ته توهان جي ڪڍ نه لڳندا. توهان کين سڏيو توڙي چپ رهو، توهان لاءِ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي انهن کي دعوت ڏيندؤ هدايت ڏانهن، ته اهي توهان جي پٺيان نه ايندا، کين سڏيو يا چپ رهو، ٻنهي صورتن ۾ توهان جي لاءِ برابر آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کي سڌي رستي ڏانھن سڏيندا به ته هو توهان جي سڏ تي نه ايندا توهان انهن کي سڏيو يا خاموش رهو ڳالهه مڙئي برابر آهي (هو ڪڏهن به نه ٻڌي سگهندا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ عِبادٌ أَمثالُكُم فَادعوهُم فَليَستَجيبوا لَكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 194) |
الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان جھڙا ئي ٻانھا آھن تنھنڪري جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو ته انھن کي سڏيو ته ڀلي اوھان کي ورندي ڏين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نادانؤ!) توهان خدا کان سواءِ جن هستين کي پڪاريو ٿا اهي ته اوهان وانگر خدا جا ٻانها آهن، جيڪڏهن توهان (پنهنجي هن وهم ۾) سچا آهيو ته (هنن ۾ ٻين انسانن کان وڌيڪ طاقتون آهن) ته پوءِ (پنهنجي گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ) هنن کي سڏيو ۽ هو توهان جي سڏ جو جواب ته ڏين!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مشرڪو، تحقيق جن بتن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا الله کان سواءِ اهي توهان جهڙا پيدا ڪيل آهن پوءِ ڀلي توهان انهن (بتن) کي پڪاريو پوءِ ڀلي ته توهان کي جواب ڏين جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهي ماڻهو جن جي اوهان خدا کي ڇڏي عبادت ڪريو ٿا (اهي به ته آخر) اوهان وانگر (خدا جا خلقيل) بندا آهن، ڀلاکين سڏي ته ڏسو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اهي اوهان جي ڪجھ ٻڌن (ته سهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي جو پوڄيو ٿا (انهن کي) سواءِ الله جي ٻانها آهن، مثال اوهان جي پوءِ سڏيو انهن کي پوءِ ڀل ته قبول ڪن واسطي اوهان جي جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا سي اوهان جهڙا ٻانهان آهن سو انهن کي سڏيو پوءِ انهن کي گهرجي ته اوهان کي جواب ڏين جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان الله کي ڇڏي جن (بتن) کي پوڄيو ٿا اُهي به اوهان وانگر ٻانها آهن. پوءِ انهن کي سڏيو ته اهي اوهان کي جواب ڏين! جيڪڏهن اوهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِي ڌاران، جن سڏيو، سي جِھڙان، بندا بحال، پوءِ سڏيونِ، ڀل سُڻن سي، اوهان جو سوال، قول ۾ ڪُلال!، جي صفا سَچا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ خدا کي ڇڏي، جن کي اوهين سڏيو ٿا، اهي اوهان جهڙا ٻانها آهن. جي سچا آهيو، ته انهن کي سڏيو، پوءِ انهن کي (به) جواب ته ڏيڻ گهرجي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان الله کي ڇڏي جن کي سڏيو ٿا اهي ته بندا آهن جهڙا توهان آهيو، ڀــَـل سڏيون ته ڏين ڪو توهان کي توهان جي سڏن جو جواب، جيڪڏهن انهن بابت توهان جا خيال صحيح آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن کي توهان پڪاريو ٿا خدا کي ڇڏي، اهي اهڙا ئي بندا آهن جهڙا توهين بندا آهيو، انهن کان دعائون ڀلي گهري ڏسو، اهي ڀلي انهن جو جواب ڏين، جي توهان سچا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان الله تعالى کي ڇڏي جن کي سڏيو ٿا اهي توهان جھڙا ئي ته ٻانها آهن پوءِ جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته توهان انهن کي سڏيو،ڏسون ته، هو توهان کي ڪيئن ٿا جواب ڏين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَهُم أَرجُلٌ يَمشونَ بِها أَم لَهُم أَيدٍ يَبطِشونَ بِها أَم لَهُم أَعيُنٌ يُبصِرونَ بِها أَم لَهُم ءاذانٌ يَسمَعونَ بِها قُلِ ادعوا شُرَكاءَكُم ثُمَّ كيدونِ فَلا تُنظِرونِ (آيت : 195) |
اُنھن (بتن) کي ڪي پير آھن ڇا جن سان گھمندا آھن، يا انھن کي ڪي ھٿ آھن ڇا جن سان وٺندا آھن، يا انھن کي ڪي اکيون آھن ڇا جن سان ڏسندا آھن، يا اُنھن کي ڪي ڪن آھن ڇا جن سان ٻڌندا آھن؟ چؤ ته (اوھين) پنھنجن بتن کي سڏيو پوءِ مون لاءِ جيڪا رٿ اچيو سا رٿيو ۽ مون کي مُھلت نه ڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هن (بتن) کي پير آهن جن سان هلي سگهن؟ کين هٿ آهن جن سان ڪا شيء جهلي سگهن؟ کين اکيون آهن جن سان ڏسي سگهن؟ کين ڪن آهن جن سان ٻڌي سگهن؟ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته (جيڪڏهن توهان جا ٺهرايل شريڪ اوهان جي مدد ڪري ٿا سگهن ته) انهن پنهنجن شريڪن کي (خوب) پڪاريو، پوءِ (منهنجي خلاف سڀ) مخفي تدبيرون عمل ۾ آڻيو ۽ مون کي (پنهنجي عقل موجب) ذرو به مهلت نه ڏيو. (پوءِ ڏسو ته نتيجو ڇا ٿو نڪري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن کي پير آهن جن سان هلن ٿا؟ ڇا انهن کي هٿ آهن جن سان پڪڙن ٿا؟ ڇا انهن کي اکيون آهن جن سان ڏسن ٿا؟ ڇا انهن کي ڪن آهن جن سان ٻڌن ٿا؟ رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته پنهنجن بتن کي سڏيو ۽ منهنجي لاءِ جيڪا رِٿ ڪرڻي اَٿَوَ سا ڪريو پوءِ مون کي مهلت به نه ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن جا اهڙا پير به آهن جن سان گهمي ڦري سگهن يا سندن هٿ به آهن جن سان (ڪا شيءَ) پڪڙي سگهن يا (وري) اهڙيون اکيون به اٿن جن سان ڏسي سگهن يا انهن جا اهڙا ڪن به آهن جن سان ٻڌي سگهندا هجن (اي رسول! کين) چئو ته اوهين پنهنجن بنايل شريڪن کي سڏيو پوءِ سڀئي گڏجي مون تي داو هلايو وري مون کي (ذرو به) مهلت نه ڏيو، (پوءِ ڏسان ته منهنجو ڇا ٿا ڪري سگهو) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا واسطي انهن جي پير آهن جو پنڌ ڪن ٿا انهن سان يا واسطي انهن جي هٿ آهن جو وٺن ٿا انهن سان يا واسطي انهن جي اکيون آهن جو ڏسن ٿا انهن سان يا واسطي انهن جي ڪن آهن جو ٻڌن ٿا انهن سان فرماءِ ته سڏيو شريڪن پنهنجن کي تنهن کان پوءِ سازش رٿيو مون لاءِ پوءِ نه مهلت ڏيو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن کي پير آهن جن سان هلن ٿا يا انهن کي هٿ آهن جن سان جهلين ٿا يا انهن کي اکيون آهن جن سان ڏسن ٿا يا انهن کي ڪَنَ آهن جن سان ٻُڌن ٿا. چؤ ته اوهين پنهنجي (الله سان) شريڪ ڪيلن (شين) کي سڏيو پوءِ مون تي پنهنجي تدبير هلايو پوءِ مون کي مهلت نه ڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن کي پَير آهن؟ جن سان هلن، ڇا انهن کي هٿ آهن؟ جن سان پڪڙن، ڇا انهن کي اکيون آهن؟ جن سان ڏسن، ڇا انهن کي ڪن آهن؟ جن سان ٻڌن. چؤ ته پنهنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ مون تي پنهنجي سازش هلايو پوءِ مون کي مُهلت نه ڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ اُنهن سان اهڙا پير؟ جن سان چُرن ڦِرن ڪِنهن پار ڏي، يا آهن هَٿ اُنهن جا؟ جن سان وَٺنِ وَٿ ڪِنهن وير، يا آهن ڪَن اُنهن جا؟، جن سان ٻُڌن ڇَڻ ڇَڻ ڇير، چئو، سَڏيو سڀ اوهان جا، ڀائيوار ڀَلير، پوءِ، سڀ ڪجھ، مون لئي سوچيو، دَم نه ڌاريو دير، مون کي مِڙئي مَٿير!، مُهلت نه ڏِجو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا انهن کي پير آهن، جن سان هو هلن ٿا، يا انهن کي هٿ آهن، جن سان هو جهلين ٿا، يا انهن کي اکيون آهن، جن سان هو ڏسن ٿا، يا انهن کي ڪن آهن، جن سان هو ٻڌن ٿا؟ چئو ته اوهان انهن سڀني الله جي ڀائيوار بنايلن کي سڏيو، پوءِ رٿ رٿيو ۽ مون کي ٿوري به مهلت نه ڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا پير اٿن جو انهن سان گهمن؟ ڇا هٿ اٿن جو انهن سان ڪا شيءِ وٺن؟ ڇا اکيون اٿن جو انهن سان ڪجهه ڏسن؟ ڇا ڪــَـن اٿن جو انهن سان ڪجهه ٻڌن؟ اي نبي چوينِ ته "سڏيو پنهنجي گهڙيل شريڪن کي، پوءِ توهان سڀئي ملي منهنجي خلاف ســِـٽون ســِـٽيو ۽ مونکي ڪابه مهلت نه ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن کي پير آهن جن سان هو هلن؟ ڇا انهن کي هٿ آهن جن سان هو پڪڙن؟ ڇا انهن کي اکيون آهن جن سان هو ڏسن؟ ڇا انهن کي ڪَن آهن جن سان اهي ٻڌن؟ (اي محمد!) کين چؤ ته، پنهنجي بنايل شريڪن کي سڏي وٺو، پوءِ سڀ گڏجي منهنجي خلاف رٿون رٿيو، هرگز مهلت نه ڏيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن کي پير آهن جن سان هو هلي سگهن؟ يا انهن کي هٿ آهن جن سان هو ڪا شيءِ جهلي سگهن يا انهن کي اکيون آهن جن سان هو ڏسي سگهن يا انهن کي ڪن آهن جن سان هو ٻڌي سگهن؟ (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته پنھنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ منھنجي خلاف منصوبا گهڙيو ۽ مون کي بلڪل مھلت نه ڏجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ وَلِۦِّىَ اللَّهُ الَّذى نَزَّلَ الكِتٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى الصّٰلِحينَ (آيت : 196) |
بيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منهنجو ڪارساز ته بس الله آهي جنهن هيءُ ڪتاب نازل فرمايو ۽ اهوئي آهي جو نيڪ انسانن جي ڪارسازي ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ منهنجو مددگار الله آهي جنهن قرآن ڪريم نازل فرمايو ۽ اهو نيڪوڪارن جو مددگار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ منهنجو مالڪ ۽ مختيار ته فقط خدا آهي جنهن ڪتاب (قرآن) کي نازل فرمايو آهي ۽ اهو ئي (پنهنجن) نيڪ بندن جو حامي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مددگار منهنجو الله آهي جنهن لاٿو ڪتاب ۽ اهو مدد ڪري ٿو صالحن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ منهنجو مددگار اهو الله آهي جنهن ڪتاب نازل ڪيو آهي، ۽ اهو نيڪن جا ڪم ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ منهنجو مددگار الله آهي جنهن ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهو ئي صالحن جي مدد ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائين مُنهنجو، سو صَحِي، جنهن لاٿو ليک هِي، ۽ صالحن جِي صَحِي، سدا لهي، سَنڀال سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ منهنجو ڪارساز ته الله آهي، جنهن (هي) ڪتاب لاٿو، اهوئي نيڪن جي مدد ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو ڀرجهلو ته اهو الله آهي، جنهن هيءُ ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهوئي نيڪن جي واهر ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ منهنجو حامي الله آهي جنهن هي ڪتاب نازل ڪيو آهي ۽ اهو حمايت ڪندو آهي نيڪن جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى جي ذات ئي منھنجي مددگار آهي، جنھن ڪتاب نازل فرمايو ۽ هو نيڪ ماڻهن جي مدد ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ لا يَستَطيعونَ نَصرَكُم وَلا أَنفُسَهُم يَنصُرونَ (آيت : 197) |
۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان الله کان سواءِ جن کي پڪاريو ٿا سي نڪي توهان جي مدد ڪري ٿا سگهن، نڪي پنهنجي ئي مدد ڪرڻ جي طاقت اٿن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن بتن جي توهان، الله کان سواءِ پوڄا ڪريو ٿا، اهي توهان جي مدد جي طاقت نٿا رکن ۽ نه پنهنجي وجود جي مدد ڪري سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (بت) جن کي اوهين خدا کانسواءِ پنهنجي مدد لاءِ سڏيو ٿا نه ته اهي اوهان جي مدد جي قدرت رکن ٿا ۽ نه وري پنهنجي پاڻ ئي مدد ڪري سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن جي پوڄا ڪيو ٿا سواءِ ان جي نه ٿا ڪري سگھن مدد اوهان جي ۽ نه سرن پنهنجن جي مدد ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کانسواءِ جن کي اوهين سڏيو ٿا سي نڪي اوهان جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نڪي (خود) پاڻ کي مدد ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن (بتن) کي ان (الله) کان سواءِ پوڄيو ٿا اهي اوهان جي مدد ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه ئي پنهنجي مدد ڪري سگهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، اوهين جن کي، دانهيو اُنهيء ڌار، نه ڏِينِ اوهان آڌار، ۽ نَه لَهنِ، سندن سارڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين خدا کي ڇڏي جن کي پڪاريو ٿا، اهي نه اوهان جي مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نڪي پاڻ جي مدد ڪري سگهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن جن کي توهان الله کي ڇڏي سڏيو ٿا، اهي نڪي توهان جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا ۽ نه خود پنهنجي ئي مدد ڪرڻ جي لائق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جي ابتڙ توهان خدا کي ڇڏي جن کي پڪاريو ٿا، اهي طاقت نه ٿا رکن توهان جي مدد ڪرڻ جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کان سواءِ جن کي توهان سڏيو ٿا انهن جي اندر توهان جي مدد ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي ۽ نه ئي هو پنھنجي مدد ڪرڻ جي طاقت رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تَدعوهُم إِلَى الهُدىٰ لا يَسمَعوا وَتَرىٰهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ وَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏھن اوھين انھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو ته ڪين ٻڌندا، کين ڏسندو آھين (ته ڄڻ) ته توڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي سڌي رستي ڏانهن سڏين ته هو ڪڏهن به تنهنجو سڏ نه ٻڌندا. توکي ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هو تنهنجي طرف نهاري رهيا آهن، پر حقيت هيءَ آهي ته هو توکي ڪونه ٿا ڏسن (۽ سمجهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کي هدايت ڏانهن سڏيو ته اهي نٿا ٻڌن، ۽ توهان بتن کي ڏسو ٿا (سمجھو ٿا) ته اهي توهان کي ڏسي رهيا آهن حالانڪ انهن کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن تون کين هدايت ڏي سڏيندين به ته اهي ٻڌاندا ئي ڪين ۽ تون سمجهندين ته اهي تو کي (اکيون پٽي) ڏسي رهيا آهن حالانڪه اهي ڏسن ڪين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن سڏيندين انهن کي طرف هدايت جي ته نه ٻڌندا ۽ ڏسندين انهن کي نهارين پيا توڏانهن ۽ اهي نه ٿا ڏسن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن کي هدايت ڏي سڏيندؤ ته ڪين ٻڌندا. ۽ تون انهن کي ڏسين ٿو ته ڄڻ هو توڏي ڏسن ٿا حقيقت ۾ اهي نه ٿا ڏسن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان انهن کي هدايت ڏانهن سڏيو ته نه ٻڌندا. ۽ تون انهن کي ڏسين ته (ائين لڳي ٿو) ڄڻڪ اهي تو ڏانهن نهارن ٿا حالانڪه اُهي نه ٿا ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي سڏيندينِ، سِڌ ڏي، ته سُڻن، نَه تو تَنوار، ۽ ڏِسندينِ، ته ڪَن نِهار توڏي، ۽ نه ڏِسنِ توڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين انهن کي هدايت ڏانهن سڏيو، ته نه ٻڌندا- ۽ تون هنن کي پاڻ ڏانهن نظر ڪندو ڏسندين، پر اُهي ڪجهه به نٿا ڏسن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن کين سڌي راه تي هلڻ لاءِ چوندؤ ته هو توهان جي ڳالهه ٻڌي ئي نه سگهندا. ظاهر ۾ توکي ائين لڳندو آهي ته اهي توڏانهن ڏسن پيا پر حقيقت ۾ هو ڪجهه به نٿا ڏسن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن پنهنجي مدد جي قابل آهن ته کين سڏيو سڌي راهه ڏي ته توهان جي ڳالهه نه ٻڌندا، ۽ توهان ڏسندؤ ظاهر ۾ ته اهي توهان کي پيا تڪين پر حقيقت ۾ اهي ڪجهه نٿا ڏسن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کي سڌي راهه ڏانھن سڏيندا به ته هو توهان جي ڳالهه نه ٻڌي سگهندا، حالانڪه توهان انهن کي پاڻ ڏانھن تڪيندي به ڏسو ٿا پر حقيقت ۾ هو ڪجهه به نٿا ڏسن (ڇو ته سندن اکيون پٿر جون ٺھيل آهن). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خُذِ العَفوَ وَأمُر بِالعُرفِ وَأَعرِض عَنِ الجٰهِلينَ (آيت : 199) |
(اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (بهرحال) نرمي ۽ درگذر کان ڪم وٺ، نيڪيءَ جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان مڙي لنگهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان درگذر ڪريو ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪريو ۽ جاهلن کان پاسو ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون درگذر ڪرڻ کي اختيار ڪر ۽ نيڪ ڪمن جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ ڪري ڇڏ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اختيار ڪر معاف ڪرڻ کي ۽ امر ڪر ڀلائيءَ جو ۽ منهن موڙ جاهلن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) معاف ڪرڻ جي عادت ڪر۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) معاف ڪرڻ اختيار ڪر ۽ نيڪي جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَعافِي ڏي مورهين، ۽ چئو چڱائـِي توڙ، ۽ مُنهن مُبارڪ موڙ، مُورکن کان، مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون درگذر ڪر ۽ نيڪ ڪمن جي تعليم ڏي ۽ جاهلن سان منهن نه اڙاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي معافيءَ کان ڪم وٺ، نيڪي جي تلقين ڪندو رهه ۽ جاهلن ڏي ڪو ڌيان ئي نه ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) نرمي ۽ معاف ڪرڻ جي راهه اختيار ڪر، چڱن ڪمن جي تلقين ڪر ۽ اٽڪي نه پؤ جاهلن سان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون انهن کي معاف ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪندو رهه ۽ جاهل ماڻهن کان بچي رهجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 200) |
۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان ڪو وسوسو پوي ته الله کان پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان ڪو (خراب) وسوسو تون محسوس ڪرين ته الله جي طرف متوجهه ٿي وڃ ۽ سندس پناهه گهر. بيشڪ هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان کي پهچي شيطان جي طرفان ڪو وسوسو ته جلدي توهان الله تعالى کان پناه گھرو، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان تنهنجي (امت جي) دلين ۾ ڪنهن طرح جو دغدغو پيدا ٿئي ته تون خدا کان پناھ گهر (ڇو ته) ان ۾ ته شڪ ئي نه آهي ته اهو وڏو ٻڌڻ وارو واقفڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن پوي توکي شيطان کان ڪو وسوسو ته پوءِ پناھ وٺ الله سان بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرفان ڪو وسوسو توکي ڀڙڪائي ته الله کان پناهه گهر ! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن (اي مخاطب) شيطان جي طرفان تو کي ڪو وسوسو اڀاري ته تون الله جي پناهه طلب ڪر. بلاشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي شامِتي شيطان کان، ڪو کُٽڪو کُٽڪئ خان! ته گُھر اَلله کان اَمانَ، سو سُڻندڙ، سُڄاڻ صَحِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جيڪڏهن توکي شيطان کان وسوسو اچڻ لڳي، ته الله جي پناهه وٺندو ڪر- بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن ڪنهن وقت توکي شيطان کان وسوسا پون ته الله کان پناهه گهر، هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي ڪنهن وقت توکي ڀٽڪائي شيطان ته پناهه گهر الله کان، بيشڪ اهو سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن توهان کي شيطان جي طرفان ڪو وسوسو محسوس ٿئي ته هڪدم الله تعالى جي پناهه گهرندا ڪريو. بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏو ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ اتَّقَوا إِذا مَسَّهُم طٰئِفٌ مِنَ الشَّيطٰنِ تَذَكَّروا فَإِذا هُم مُبصِرونَ (آيت : 201) |
جيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو متقي آهن (يعني خدا جو خوف رکندڙ آهن تن کي) جيڪڏهن شيطان جي وسوسي وجهڻ سان ڪو خيال (گناه ڪرڻ جو) اچي وڃي ٿو ته هڪدم خبردار ٿي ٿا وڃن (۽ خدا جي يادگيري اچي ٿي وڃين) ۽ پوءِ (غفلت جو پردو هٽي ٿو وڃي ڄڻ ته) هنن جون اکيون بروقت کلي وڃن ٿيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن جنهن وقت انهن کي شيطان کان (وسوسو) پهچي ٿو ته اهي يڪدم الله جو ذڪر ڪن ٿا پوءِ فوراً انهن جون اکيون کُلي پون ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن کي جڏهن به کڻي شيطان جي خيال ڇهبو ته هوشيار ٿا ٿين پوءِ يڪدم سندن اکيون کلي ٿيون پون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جيڪي شخص پرهيزگار ٿيا جڏهن پهتو انهن کي وسوسو طرفان شيطان جي ته الله کي ياد ڪن ٿا پوءِ ان وقت اهي ڏسندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي پرهيزگار آهن تن کي جڏهن ڪو شيطاني خيال ٿئي ٿو ته (الله کي) ياد ڪن ٿا، پوءِ ان ئي وقت انهن جون اکيون کلي پون ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن پرهيزگاري ڪئي جڏهن انهن کي شيطان کان ڪو خيال به ڇُهي ٿو ته اُهي ذڪر ڪن ٿا پوءِ ان وقت انهن جون اکيون کلي پون ٿيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن آجو رکيو پاند، تن شامتِي شيطان کان، جڏهن آينِ اکين کان، ته ساريؤن حق هيڪاند، دُور ٿئـِي درماند، اُهي اکيارا، اُن وير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن به نيڪن کي شيطان کان ڪو خطرو اچي ٿو ته هو خدا کي ياد ڪن ٿا. تڏهن سندن اکيون کلي پون ٿيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن، تن کي جڏهن به شيطان کان ڪو برو خيال ڇهي به لنگهي ٿو ته هڪدم پاڻ سنڀالي وڃن ٿا ۽ صاف طرح نظر ٿو اچي وڃي ته انهن لاءِ صحيح رستو ڪهڙو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق جيڪي ماڻهو متقي آهن، تن جو حال هي هوندو آهي جو ڪنهن وقت شيطان جي اثر کان ڪو برو خيال ٿي پوي ته هڪدم هوشيار ٿي ويندا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي، جڏهن انهن جي اندر شيطان جي طرفان ڪو برو خيال پيدا به ٿئي ٿو ته هو فوراً الله تعالى ڏانھن متوجهه ٿيندا آهن پوءِ کين صحيح ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِخوٰنُهُم يَمُدّونَهُم فِى الغَىِّ ثُمَّ لا يُقصِرونَ (آيت : 202) |
۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نه گھٽائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو شيطانن جا ڀائر آهن تن کي اهي (شيطان) گهلي وڃي ٿا گمراهيءَ (جي کڏ) ۾ وجهن، پوءِ اهي ان گمراهي (۽ گناهن) ۾ ذرو به گهٽتائي نٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي شيطان جا ڀائر آهن، شيطان انهن کي گمراهيءَ ڏانهن ڇڪي ٿو پوءِ اهي گھٽتائي نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ڪافرن جا ڀائي بند شيطان کين (پڪڙي سوگهو ڪري) گمراهي ۾ گهلن ٿا پوءِ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي (به) ڪين ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڀائر انهن جا ڇڪين ٿا انهن کي گمراهيءَ ۾ تنهن کان پوءِ نه ٿا ڪوتاهي ڪن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن جا ڀائر (شيطان) ڪافرن کي گمراهيءَ ۾ ڇڪين ٿا وري گهٽتائي نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (شيطانن) جا ڀائر انهن کي گمراهي ۾ ڇڪن ٿا ان ۾ ڪا ڪوتاهي ڪونه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُل ۾ ڇڪينن ڀار سَندن، تِنهن ۾ ڪن، نه قُصور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر شيطانن جي پوئلڳن کي هو گمراهيءَ ۾ ڇڪي ويندا آهن، پوءِ اهي نٿا جهلجن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي سندن (شيطان جا) ڀائر ته کين ڏِنگي هلت ڏانهن گـِـهليو پيا وڃن ۽ کين ڀٽڪائڻ ۾ ڪين ٿا گهٽائن(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باقي رهيا دوست شيطانن جا، اهي کين گمراهيءَ ۾ گهليندا وتن ٿا، ان ۾ ڪابه ڪسر نٿا ڇڏين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن (شيطانن) جا انساني ڀائر اهڙن ماڻهن کي گمراهيءَ ڏانھن وٺي وڃڻ ۾ وسئون نٿا گهٽائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا لَم تَأتِهِم بِـٔايَةٍ قالوا لَولَا اجتَبَيتَها قُل إِنَّما أَتَّبِعُ ما يوحىٰ إِلَىَّ مِن رَبّى هٰذا بَصائِرُ مِن رَبِّكُم وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 203) |
۽ (اي پيغمبر) جڏھن وٽن ڪا آيت نه آڻيندو آھين (ته) چوندا آھن ته (پاڻون) ڇونه ٺاھيندو آھين؟ چؤ ته جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ انھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جڏهن تون هنن ڪافرن وٽ ڪا نشاني (آيت) نٿو آڻين تڏهن هو توکي چون ٿا ته ڇو نه تو ڪا نشاني پسند ڪري چونڊي آندي؟ (يعني ڇو نه پاڻ ٺاهي ورتئي؟) تون کين چئو ته، حقيقت فقط هيءَ آهي ته جيڪي منهنجي پروردگار جي طرفان مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جي پيروي ٿو ڪريان (پنهنجون ڳالهيون ڪونه ٿو ٺاهيان) هي (قرآن) توهان جي پروردگار وٽان (سچن) دليلن ۽ ثابتين جو سرمايو آهي ۽ جيڪي به ماڻهو ايمان رکندڙ آهن تن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! جڏهن توهان انهن وٽ ڪا آيت نٿا آڻيو ته چون ٿا ته توهان پاڻ هٿرادو ڳالهيون ڇو نٿا ٺاهيو؟ توهان فرمايو آئون وحي رباني جي تابعداري ڪريان ٿو، هيءُ روشن دليل آهن توهان جي رب جي طرفان ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن وٽ ڪو (خاص) معجزو نٿو آڻين ته چون ٿا، تو ان کي ڇو ڪين بڻايو. (اي رسول!) چئو ته آءُ ته فقط ان وحي جو پابند آهيان جيڪو منهنجي پروردگار جي طرفان مون تي نازل ٿئي ٿي. هيءُ (قرآن) اوهان جي پالڻهار جي طرف کان (سچائي جو دليل آهي) ۽ ايماندارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن نه آندي تو انهن وٽ ڪا نشاني ته چيائون ته ڇو نه ٺاهيو تو ان کي؟ فرماءِ ته تحقيق تابعداري ڪيان ٿو مان ان جي جو وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن طرفان رب منهنجي هي روشن دليل آهن طرفان رب اوهان جي ۽ هدايت ۽ رحمت واسطي ان قوم جي جو ايمان آڻين ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي محمدﷺ) جڏهن تون وٽن ڪا آيت نه ٿو آڻين ته چون ٿا ته تو ان کي (پاڻ وٽان) ڇونه ٺاهيو. چئو ته منهنجي پاليندڙ جي طرفان جيڪو مون ڏي حڪم موڪليو وڃي ٿو ته آءُ رڳو ان جي پيروي ڪريان ٿو. هيءُ (قرآن) اوهان جي پاليندڙ جي طرفان سمجهه پيدا ڪرڻ واريون ڳالهيون آهن ۽ ايمان واريءَ قوم لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن تون انهن وٽ ڪا آيت نه ٿو آڻين ته چون ٿا ”تون پاڻ وٽان ان کي ڇو نه ٿو ٺاهي آڻين“؟ چؤ: ”آءٌ ته صرف ان وحي جي پيروي ڪيان ٿو، جيڪا منهنجي پالڻهار وٽان اچي ٿي. هي (قرآن) اوهان جي پالڻهار پاران قطعي دليل آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن آندئـِي، نه اُنهن اڳيان، ڪا نِشانِي نُور، چي، مُعجزو مَشهور، هيڪر آندئـِي هُوند ڪو! چئو، پير نه پايان، ٻئي پار، مگر مون ڏي، جو اچي، وَحِي سندمِ والِئ کان؛ هِي چٽايون چوڌار، اوهان جي اگي ڪنان، ۽ سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهار، جي آڻينِ اعتبار، تنهن سونهارٖي ساٿَ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تون وٽن ڪو معجزو نه ٿو آڻين، ته چون ٿا ”تون اهو ڇو نه آندو؟“ چئو ته آءٌ رڳو ان جي پيروي ڪريان ٿو، جو مون ڏانهن منهنجي رب کان حڪم پهتو- هي منهنجي رب جي طرفان دليل آهن ۽ مومنن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون جو انهن ماڻهن جي سامهون ڪا نشاني (معجزو) پيش نٿو ڪرين ته چون ٿا ته تو پاڻ لاءِ ڪا نشاني ڇو نه چونڊي کنئي آهي؟ چوين ته مان ته رڳو انهيءَ وحيءَ جي پيروي ٿو ڪريان، جيڪو منهنجي رب مون ڏانهن موڪليو آهي. هي ته توهان جي رب وٽان حقيقت کي نيڪ روشن ڪندڙ ڳالهيون آهن ۽ اها هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ ، جيڪي ان کي قبول ڪندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) جڏهن انهن جي آڏو ڪا نشاني (معجزو) پيش نٿو ڪرين، ته چون ٿا، تو پنهنجي لاءِ ڪا نشاني ڇو نه اختيار ڪئي؟ تون چؤ، آئون ته ان وحي جي پيروي ڪريان ٿو جيڪا منهنجو رب مون ڏي موڪلي ٿو، هي (قرآن) توهان جي رب وٽان سوجهرو، هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ان کي قبول ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن تون انهن جي سامهون ڪو معجزو نٿو آڻين ته هو چون ٿا ته تون ڪو معجزو ڇو نه ٿو پيش ڪرين. کين چؤ ته مان ته رڳو وحيءَ جي پيروي ڪندڙ آهيان، جيڪا منھنجي پالڻھار جي طرفان موڪلي وڃي ٿي. هي توهان جي پالڻھار جي طرفان سمجهه ۽ بصيرت جون ڳالهيون آهن ۽ ايمان آڻيندڙن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قُرِئَ القُرءانُ فَاستَمِعوا لَهُ وَأَنصِتوا لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 204) |
۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو مانَ ٻاجھ ڪيا وڃو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو) جڏهن به قرآن مجيد پڙهيو وڃي تڏهن دل لڳائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو ته، اوهان تي الله تعاليٰ جي رحمت ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن قرآن ڪريم تلاوت ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي غور سان ٻڌو ۽ خاموشي اختيار ڪريو ته يقيناً توهان تي رحم ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسانو!) جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته ڪن لائي ٻڌو ۽ چپ چاپ رهو ته جيئن (ان بهاني) اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پڙهيو وڃي قرآن ته پوءِ ڪن ڏيو واسطي ان جي ۽ چپ ڪريو تانته اوهان رحمت ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته ان کي ڪن لائي ٻڌو ۽ چپ ڪريو، مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته پوءِ ان کي (غور سان) ٻڌو ۽ خاموش رهو من توهان تي رحم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پڙهيو وڃي قرآن، پوءِ ساري سُڻو سو، ۽ ماٺ ڪريو، ته مانَ مرهيا وَڃو مهرسان!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن قرآن پڙهجي ته ان کي ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چپ رهو ته من اوهان تي رحم ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن به توهان جي آڏو قرآن پڙهيو وڃي ته ان کي ڪن لائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو ته مــَـنَ توهان تي رحمت ٿي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن پڙهيو وڃي قرآن توهان جي آڏو ته ان کي ٻڌو ڌيان سان ۽ چپ رهو، من توهان تي به رحمت ٿي وڃي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته خاموش رهو ۽ ان کي غور سان ٻڌو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُر رَبَّكَ فى نَفسِكَ تَضَرُّعًا وَخيفَةً وَدونَ الجَهرِ مِنَ القَولِ بِالغُدُوِّ وَالءاصالِ وَلا تَكُن مِنَ الغٰفِلينَ (آيت : 205) |
۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀو سان وڏي آواز ڌاران صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه ھُج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) پنهنجي پروردگار کي صبح شام (يعني هر وقت) ياد ڪندو ڪر، دل ئي دل ۾ عاجزي ۽ نياز سان ۽ ڊڄندڙ دل سان ۽ زبان سان به آهستي آهستي (دعا گهرندو ڪر يا قرآن پڙهندو ڪر) پر نه وڏي آواز سان ۽ ائين نه ڪجانءِ جو غافلن منجهان ٿي پئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله کي پنهنجي دل ۾ ياد ڪريو عاجزي ۽ خوف سان ۽ زبان مان وڏي آواز ڪڍڻ کان سواءِ الله کي ياد ڪندا رهو صبح ۽ شام ۽ نه هجو توهان غافلن مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پالڻهار کي پنهنجي دل ئي (دل) ۾ زاري ڪندي ۽ ڊڄي (ڊڄي) ۽ تمام ڏاڍيان نه (پر هيٺاهين) آواز سان صبح ۽ شام ياد ڪندا ڪريو پڻ (سندس ياد کان) بلڪل غافل نه ٿي وڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪر رب پنهنجي کي دل پنهنجيءَ ۾ عاجزي ڪرڻ ۽ خوف رکڻ سان ۽ سواءِ وڏي آواز ڪرڻ جي ڳالهائڻ مان صبح وقت ۽ شام جي وقت ۽ نه هج غافلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي دل ۾ زاريءَ ۽ ڊپ سان ۽ ڏاڍيان ڳالهائڻ کان گهٽ (پوري پني) آواز سان صبح ۽ شام جو پنهنجي پاليندڙ کي ياد ڪر ۽ بي خبر رهڻ وارن مان نه ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار جو ذڪر ڪر پنهنجي جيءَ ۾ عاجزي ۽ خوف سان ۽ بغير زوردار آواز جي (يعني وچولي آواز ۾ به) صبح ۽ شام ۽ غافلن مان نه هج.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پرور کي پُوڪار، پنهنجي ساھ پساھ ۾، نِوَڙت ۽ خوف سان، وڏي واڪي، ڌار، سانجِھي، صُبح وار، ۽ بي خبرن مان، ڀيڙو ڪِين ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي رب کي پنهنجي اندر ۾ عاجزي ۽ خوف سان ۽ جهيڻي آواز سان صبح شام ياد ڪر ۽ غافل نه ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پنهنجي رب کي صبح توڙي شام ياد ڪندو ڪر، دل ۾ نيزاريءَ سان ۽ ڪنبندي ڪنبندي ۽ جــَـهڪي آواز ۾ زبان سان پڻ ۽ انهن ماڻهن مان نه ٿيءُ، جيڪي غفلت ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ياد ڪر پنهنجي رب کي دل ئي دل ۾ زاري ۽ خوف سان هوريان هوريان آواز ۾ ۽ انهن ماڻهن مان نه ٿيءُ جيڪي غفلت ۾ پيل آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون پنھنجي پالڻھار کي صبح ۽ شام نوڙت ۽ اڪيلائيءَ ۾ بغير ڪنھن وڏي آواز جي هلڪي آواز ۾ ياد ڪندو رهه ۽ تون بي ڌيان ماڻهن مان نه ٿيءُ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ عِندَ رَبِّكَ لا يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتِهِ وَيُسَبِّحونَهُ وَلَهُ يَسجُدونَ (آيت : 206) |
تحقيق جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ ان کي سجدو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي الله وٽ (مقرب) آهن، سي ڪڏهن به تڪبر ڪري سندس بندگيءَ کان منهن نٿا موڙين. اهي سندس پاڪائي ۽ شان ڳائين ٿا ۽ سندس ئي اڳيان سجدي ۾ جهڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله وٽ مُقرب آهن اُهي الله جي عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ الله جي تسبيح بيان ڪن ٿا ۽ الله لاءِ سجدو ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي (فرشتا وغيره) اوهان جي پالڻهار وٽ مقرب آهن ۽ اهي سندس عبادت کان وڏائي نٿا ڪن ۽ سندس تسبيح ڪندا آهن ۽ انهيءَ جو سجدو ڪندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي جيڪي رب تنهنجي وٽ آهن نه ٿا وڏائي ڪن عبادت ان جي کان ۽ پاڪائي بيان ڪن ٿا ان جي ۽ ان جو ئي سجدو ڪن ٿا. السجدة (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي تنهنجي پاليندڙ وٽ (ويجها) آهن سي سندس عبادت کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ ان کي ئي سجدو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي (ملائڪ) تنهنجي پالڻهار وٽ آهن سي ان جي عبادت کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ ان کي سجدو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي سَندئـِي سائينءَ وٽ، حاضر حُضورِي، سندسِ شيوا کان، سي نه ڪن، مُورهين مغرورِي، ۽ ڳايو ڳائـِين اُن جِي، پاڪائـِي پُوري، ۽ نَمنسِ نِت نُورِي، سدا سِر سُجود ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، جيڪي تنهنجي رب کي ويجها آهن سي سندس عبادت کان تڪبر نٿا ڪن ۽ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ ان کي ئي سجدو ڪن ٿا. (سجدو)(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ملائڪ تنهنجي رب جي بارگاهه ۾ ويجها آهن، سي ڪڏهن به وڏائيءَ ۾ پئجي سندس عبادت کان منهن نٿا موڙين ۽ سندس تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ سندس آڏو سجدو ڪندا رهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي (ملائڪ) تنهنجي رب جي حضور ۾ ويجهڙائيءَ جو درجو رکن ٿا، اهي سندس عبادت ۾ غرور ۾ اچي منهن نٿا موڙين، سندس تسبيح ڪن ٿا ۽ سندس آڏو جهڪيل رهن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انسانن ۽ جنن کان سواءِ) بيشڪ الله تعالى جي جيڪا به ٻي مخلوق آهي، سا ان جي بندگي ڪرڻ کان منھن نه موڙيندي آهي، ان جي پاڪيزگي بيان ڪندي آهي ۽ هميشه ان جي سامھون ئي جهڪندي ۽ سجدو ڪندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |