توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحاقَّةُ (آيت : 1) |
قيامت.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ثابت ٿيڻ واري (سزا ۽ تباهي اجهو ثابت ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يقيناً ٿيندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سچ پچ هئڻ واري (قيامت).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حق هوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ثابت ٿيڻ واري (سزا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ثابت ٿيڻ واري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حقا حق موجود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) قيامت! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٿيڻي ئي ٿيڻي (قيامت) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بلڪل ٿيڻ واري!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ضرور) اچڻ واري (يعني قيامت) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَا الحاقَّةُ (آيت : 2) |
ڇا آھي (اھا) قيامت.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪهڙي يقيني ٿيندڙ؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪهڙي آهي حق هوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا آهي ثابت ٿيڻ واري؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حق حَقيقت ڪِهڙي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا آهي قيامت؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا آهي اها ٿيڻي ئي ٿيڻي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا آهي اها بلڪل ٿيڻ واري؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ضرور) اچڻ واري ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَدرىٰكَ مَا الحاقَّةُ (آيت : 3) |
۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (اسان کان وڌيڪ توکي بهتر سمجهائڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو ته يقيني ٿيندڙ ڇا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته اها سچ پچ هئڻ واري ڪهڙي شيءَ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪنهن ڄاڻايو توکي ڇا آهي حق هوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته ثابت ٿيڻ واري ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حق حَقِيقت آهي ڇا؟ ڪِنهن خبرڏِنئي خُوشنود!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪنهن توکي ڄاڻايو، ته ”ڇا آهي قيامت؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ٿيڻي ئي ٿيڻي ڇا آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪهڙي خبر توکي ته ڇا آهي اها بلڪل ٿيڻ واري؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توکي ڪهڙي خبر ته (ضرور) اچڻ واري ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت ثَمودُ وَعادٌ بِالقارِعَةِ (آيت : 4) |
ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ساڳي تباهي توکان اڳين قومن تي به آئي ۽) ثمود ۽ عاد (جي قومن بدعملين جي نتيجي ۾) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ثمود ۽ عاد ان قيامت جو انڪار ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها ئي) وڏي مصيبت واري جنهن کي عاد ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو ثمود ۽ عاد ٽڪرا ٽڪرا ڪندڙ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ثمود ۽ عاد (جي قومن) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ثمود ۽ عاد (جي قومن) ان سخت صدمو ڏيندڙ (قيامت) کي ڪوڙو سمجھيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙو ڪَڙڪيدار کي، سَڏيو عاد، ثمود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ثمود ۽ عاد قومن قيامت کي ڪوڙ سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ثمود ۽ عاد انهيءَ اوچتو اچي پوڻ واري آفت کي ڪوڙ ڀانيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چيو ثمود ۽ عاد وارن ان ٽٽڻ واري آفت (قيامت) کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ثمود ۽ عاد قومن (اچانڪ) ڊيڄاريندڙ آفت (يعني قيامت) کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمّا ثَمودُ فَأُهلِكوا بِالطّاغِيَةِ (آيت : 5) |
پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر ثمود پوءِ اهي بيحد زبردست دانهن سان هلاڪ ڪيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ثمود (جي قوم) کي سخت چيخ سان هلاڪ ڪيو ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر ثمود پوءِ هلاڪ ڪيا ويا هڪ رڙ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ثمود وارا بي حد خوفناڪ آواز جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ثمود صفا ناس ٿيا، هِڪ هَڪل سان بيهود، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ”ثمودي“ ته هڪڙيءَ رڙ سان ناس ڪيا ويا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ثمود (جي قوم وارا) هڪڙيءَ سخت آفت (قيامت) وسيلي تباهه ڪيا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اهي) ثمود سخت خوفناڪ آواز سان هلاڪ ڪيا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ثمود قوم ته سخت رَڙِ جي ذريعي تباهه ڪئي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا عادٌ فَأُهلِكوا بِريحٍ صَرصَرٍ عاتِيَةٍ (آيت : 6) |
۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لگهندڙ تيز (ٿڌي) هوا سان هلاڪ ڪيو ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر عاد پوءِ اهي بيحد سخت طوفان سان هلاڪ ڪيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ عاد (جي قوم) کي تيز هوائن سان هلاڪ ڪيو ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر عاد پوءِ هلاڪ ڪيا ويا واءَ سخت ٿڌي، نهايت تيز سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز هوا سان هلاڪ ڪيو ويو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر عاد وارا بيحد سخت تيز هوا جي ذريعي هلاڪ ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ عاد تُند باد سان، مارِيا وِيا مَردُود، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”عادين“ کي وري هڪ تمام سخت هوا سان ناس ڪيو ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عاد هڪڙيءَ زبردست طوفاني هوا سان تباهه ڪيا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي هئا عاد، پوءِ اهي هلاڪ ڪيا ويا سخت انڌاري واري هوا طوفان سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ عاد قوم سخت طوفاني هوا جي ذريعي تباهه ڪئي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَخَّرَها عَلَيهِم سَبعَ لَيالٍ وَثَمٰنِيَةَ أَيّامٍ حُسومًا فَتَرَى القَومَ فيها صَرعىٰ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ خاوِيَةٍ (آيت : 7) |
(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن کي (الله)مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار هلايو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون اتي ڏسين ها ته) تون ان قوم کي ان زمين تي ائين منهن ڀر اونڌو) ڪريل ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ (پيل) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله تعالى انهيءَ طوفان کي) انهن تي مسلسل سَتَ راتيون ۽ اَٺَ ڏينهن مسلط ڪيو ويو، پوءِ توهان ان قوم کي انهيءَ زمين تي ڪِريل ڏسو ها، گوياڪ اهي کجيءَ جا ڪِريل ٿڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي خدا مٿن ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ هلايو ته تون ماڻهن کي اهڙي طرح ڊٺل (۽ مئل) ڏسين ها ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جو مطيع ڪيائين ان کي انهن تي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن پاڙن کان پٽيندڙ پوءِ ڏسندين قوم کي ان ۾ ڪريل ڄڻ ته اهي ٿڙ کجين ڪريلن جا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقررڪيو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون ڏسين ته) تون ان قوم کي ان (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (تيز هوا) کي الله انهن تي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقرر ڪيو، پوءِ تون انهن ماڻهن کي (ان دوران ڏسين ها ته) ائين مُئل پيو ڏسين ها، ڄڻڪ اُهي کجيءَ جا کوکلا ٿُـــڙَ ڪريل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَت راتيون، سانده اَٺ ڏينهن، واريسِ مَٿِن وُدود، پوءِ ڪِريل ڏِسِين قوم سَڄِي، ظاهِر مَنجھسِ زود، ڪر پَٽِيَل پاڙان کَجيون، ناڀن کان نابُود،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله انهي کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن لڳو لڳ مٿن هلايو- پوءِ انهي قوم کي ڏسين ها، ته ائين ڪريل هئا جو ڄڻ ته اهي ڀُتل کجيءَ جا ٿڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪا الله مٿن ساندهه ست راتيون ۽ اٺ ڏينهن مڙهي ڇڏي هئي (تون اتي هجين ها ته) ڏسين ها ته هو اتي ائين ســَـٽيا پيا هئا، جو ڄڻڪ کجيءَ جا ڀــُـتا ٿــڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (الله) ان کي لاڳيتو مڙهي رکيو ست راتيون ۽ اٺن ڏينهن تائين، پاڙ پٽيندڙ (هئي)، پوءِ ڏسين ٿو ان قوم کي جيڪا سٽيل هئي ڄڻ ته اهي ٿڙ هجن کجيءَ جا کوکلا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى) اُن (طوفاني) هوا کي اُنهن جي مٿان ستن راتين ۽ اَٺن ڏينھن تائين مسلسل گُهلايو. پوءِ (جيڪڏهن) تون انهن کي ڏسين ها (اِيئَن هئا) ڄڻ ته کجين جا کوکلا (ڀُتا) ٿُڙَ پيا آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهَل تَرىٰ لَهُم مِن باقِيَةٍ (آيت : 8) |
پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (اهي ڌرتيءَ تان نيست ۽ نابود ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڇا توهان انهن مان ڪو باقي رهيل ڏسو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇا ڏسين ٿو انهن مان ڪو باقي رهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هاڻي تِنهن حُدود، ڪوپَسِين پاڇاندو اُنهن جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن مان ڪنهن کي بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توکي انهن منجهان ڪو باقي بچيل نظر اچي ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا توکي نظر اچي ٿو انهن مان ڪو چيل هجي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اُنهن مان ڪو بچي ويل ڏسو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَ فِرعَونُ وَمَن قَبلَهُ وَالمُؤتَفِكٰتُ بِالخاطِئَةِ (آيت : 9) |
۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا (تن جو به بڇڙو حشر ٿيو) ۽ (حضرت لوط جي قوم جو به) جن جون وستيون اونڌيون ڪري سٽيون ويون جو ڏوهه ڪيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آيو فرعون ۽ ان کان اڳيان ۽ اُبتا ڪيل ڳوٺن وارن گناه ڪيائون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون ۽ جي ماڻهون انهن کان اڳ هئا ۽ اهي ماڻهو (قوم لوط) جي اڇلايل ڳوٺن وارن (کي جي) سڀئي گنهگارن هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آندو فرعون ۽ انهن جيڪي ان کان اڳي هئا ۽ اونڌو ڪيرايل ڳوٺن جي (رهاڪن) گناهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ اڇلايل شهرن وارن ڏوهه ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ (قومِ لوط جي)اونڌي ڪيل ڳوٺن وارا (به اهڙا ئي) گناهه کڻي آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦيريالو فِرعون سو، پڻ جي مَهند تِنهان مُردار، ۽ اُڀي ڳاٽي، ڳوٺ سي؛ نِسنگ نِگو سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون ۽ کانئس اڳيان ۽ ناس ڪيل شهرن وارا گنهگار ٿي آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙو ئي وڏو گناهه فرعون ۽ کانئس اڳ ٿي گذريل ماڻهن ۽ اونڌو ٿيندڙ ڳوٺن به ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيون ئي ڪيون فرعون ۽ ان کان اڳي وارين ناس ٿيل ۽ اونڌي ٿيڻ وارين (قومن) خطائون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙا ئي ڏوهه جا ڪم فرعون ۽ ان کان اڳ گذري ويل ماڻهن ۽ تباهه ٿيل شھر وارن به ڪيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعَصَوا رَسولَ رَبِّهِم فَأَخَذَهُم أَخذَةً رابِيَةً (آيت : 10) |
۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله (جي مڪافات واري قانون) کين تمام سخت پڪڙ ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن سندن رب جي رسولن جي نافرماني ڪئي پوءِ الله تعالى انهن کي بيحد سختي سان پڪڙيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي رسول جي نافرماني ڪئي ته خدا به مٿن سخت پڪڙ (نازل) ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بي فرماني ڪيائون پنهنجي رب جي رسول جي پوءِ پڪڙيائين انهن کي پڪڙ سخت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪيائون پوءِ الله کين تمام سخت پڪڙ ڪئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن پنهنجي پالڻهار جي رسول جي نافرماني ڪئي، پوءِ الله انهن جي زور سخت پڪڙ ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِن مَڃـيو نه پَنهنجي مالڪ جو، مُرسل مَڻيادار، پوءِ وَرتو وَٺ اُنهن کي، چَڙهندڙ چوٽيان پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن سندن ڌڻيءَ جي رسول جي نافرماني ڪئي ته الله کين وڏيءَ پڪڙ سان پڪڙيو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن سڀني پنهنجي رب جي رسول جي ڳالهه نه مڃي ته هن ڏاڍو سخت جڪڙي ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ نافرماني ڪئي انهن سڀني رسولِ خدا جي، پوءِ هن (الله) انهن کي پڪڙيو ڏاڍي سختيءَ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن پنھنجي پالڻھار جي رسول سڳوري جي نافرماني ڪئي ته (الله تعالى) کين انتھائي سختيءَ سان پڪڙ ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا لَمّا طَغَا الماءُ حَمَلنٰكُم فِى الجارِيَةِ (آيت : 11) |
بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي ماڻهؤ! نبين جي ساٿ ڏيڻ تي اسان توهان جو ساٿ ڏنو ۽ نوح نبيءَ جي وقت ۾) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جڏهن پاڻي حد کان زياده ٿيو، اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪرايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن پاڻي حد کان مٿي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان جڏهن حد کان لنگهيو پاڻي ته کنيوسون اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ماڻهو !) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن (نوح واري طوفان ۾) پاڻي حد کان ٽپي ويو تڏهن اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ ته جڏهن جَر جوش ڪيو، ٿيو پاڻِي پُرهن تار، اَسان اُٺايو آن کي، مَنجھ ڪِشتي برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جڏهن پاڻيءَ نهايت پالوٽ ڪئي، تڏهن اسان اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ٻوڏ وارو پاڻي حد کان ٽپي ويو ته اسان توهان کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان جي طوفان جو پاڻي جڏهن حد کان لنگهي ويو ته اسان توهان کي هلندڙ ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پاڻي جڏهن حد کان مٿي چڙهي آيو ته بيشڪ اسان توهان (يعني توهان جي شروعاتي نسل نوح $۽ ان تي ايمان آڻيندڙن) کي ٻيڙي ۾ سوار ڪيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِنَجعَلَها لَكُم تَذكِرَةً وَتَعِيَها أُذُنٌ وٰعِيَةٌ (آيت : 12) |
ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن لاءِ ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگار (۽ عبرت) بڻايون ۽ ان (قسم جي مڪافات وارن واقعن) کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَن (نصيحت وٺڻ جي لاءِ) ياد رکي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته ان کي توهان لاءِ يادگار بنايون ۽ ياد رکندڙ ڪَنَ (ان کي) محفوظ رکن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته اسين ان کي اوهان جي لاءِ يادگار بڻايون ۽ ان کي ياد رکڻ وارا ڪن لائي (ٻڌي) ياد رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته بنايون ان کي اوهان جي لاءِ يادگار ۽ محفوظ رکن ان کي ياد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُ ياد رکي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته اسان ان (واقعي) کي توهان لاءِ نصيحت بنايون ۽ محفوظ رکڻ وارا ڪن ان کي ياد رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڪريون اَوهان لئي اُن کي، عِبرت جو اَذڪار، ۽ ٻُڌندڙ ڪَن ٻِيهار، جانڪي رَکيسِ جاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته انهي کي اوهان لاءِ يادگيري بنايون، ۽ ياد رکڻ وارو ڪن کيس ياد رکي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته انهيءَ واقعي کي توهان لاءِ نصيحت جو نشان بڻائي ڇڏيون ۽ ياد رکڻ وارا ڪــَـنَ ان کي ياد ڪري ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته جيئن بڻايون ان واقعي کي توهان جي لاءِ سبق ڏيندڙ يادگار ۽ ياد رکڻ وارن ڪئي اها ياد محفوظ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن ان واقعي کي توهان جي لاءِ يادگار بنايون ۽ چڱي طرح ٻُڌڻ وارا ڪَنَ اِن کي ياد رکي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا نُفِخَ فِى الصّورِ نَفخَةٌ وٰحِدَةٌ (آيت : 13) |
پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (وري آخرت جي مڪافات وارو مرحلو ايندو ته ان وقت) صورت ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن هڪ دفعو صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ ڦوڪ هڪڙي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڀيرو ڦوڪ ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڏنڊ ۾ ڦوڪبو، فقط ڦُوڪ هِڪڙِي ڦُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن هڪ ڀيرو صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ڦوڪي ويندي صور ڦوڪڻ واري هڪ ڀيرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن هڪ ڀيرو صور ۾ ڦوڪبو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحُمِلَتِ الأَرضُ وَالجِبالُ فَدُكَّتا دَكَّةً وٰحِدَةً (آيت : 14) |
۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان وقت) زمين ۽ جبل (پنهنجي جاءِ تان) مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري کڻي ذريون ذريون ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ اهي هڪ دفعو چڪنا چور ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ڀيري ريزه ريزه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کنئي ويندي زمين ۽ جبل پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويندا هڪ دفعي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري ڪٽي سنئون ڪيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ۽ جبلَ (پنهنجي جاءِ کان) مٿي کنيا ويندا ۽ هڪ ئي ڌڪ ۾ ذرا ذرا ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کَنيو وِيو خاڪ کي، پڻ جَبل، جيڪِي مَنجھ جُو، ٺوڪيا ٺوڪر هيڪڙِي، پوءِ ڌَڙ ڌَڙ ڌرتِي ڌُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين ۽ جبل کڻبا ۽ کين هڪ دفعي ڪُٽبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين ۽ جبلن کي مٿي کڻي هڪ ئي ڌڪ سان ذرا ذرا ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هٽايو ويندو زمين ۽ جبلن کي ٽوڙيو ويندو ذرا ذرا ڪري هڪ ئي ڌڪ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين ۽ جبلن کي مٿي کڻي هڪ ئي ڌَڪ ۾ پرزا پرزا ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيَومَئِذٍ وَقَعَتِ الواقِعَةُ (آيت : 15) |
پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان ڏينهن ايندڙ (قيامت) واقع ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان ڏينهن قيامت اچي ئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان ڏينهن واقع ٿيندي واقع ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقعي ٿي پوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن واڪِيندڙ واڪو ڪيو، ٿئـِي قِيامت قابُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان ڏينهن قيامت قائم ٿيندي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته انهيءَ ڏينهن اهو ٿيڻ وارو (واقعو) پيش ايندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان ڏينهن اهو ٿيڻ وارو پيش ايندو واقعو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان ڏينھن ئي (اچانڪ) ٿيڻ واري (قيامت برپا) ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَانشَقَّتِ السَّماءُ فَهِىَ يَومَئِذٍ واهِيَةٌ (آيت : 16) |
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمان ڦاٽندو، پوءِ اهو ان ڏينهن لاچار ٿيل هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمان چيربو پوءِ اهو ان ڏينهن نهايت ڪمزور هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن بروبر ٿي پيو هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦاٽي پوندو آسمان پوءِ اهو ان ڏينهن ڪمزور هوندو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڳريو پيو هوندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمان ڦاٽي پوندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڪمزور ڦاٽل هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦاٽو اُڀ اُن ڏِينهن ۾، پوءِ اُن هوندو اُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمان ڦاٽندو، جو ان ڏينهن ڍلو ٿي ويندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ ان جا ٻنڌڻ ڍلا ٿي پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڦاٽندو آسمان انهيءَ ڏينهن ڍري ٿيل هوندي بندش(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمان ڦاٽي پوندو ۽ سندس ڇِڪ (يعني چقمقي نظام) ختم ڪيو ويندو (۽ هو صفا ڍلو ٿي ويندو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالمَلَكُ عَلىٰ أَرجائِها وَيَحمِلُ عَرشَ رَبِّكَ فَوقَهُم يَومَئِذٍ ثَمٰنِيَةٌ (آيت : 17) |
۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ملائڪ (جيڪي ان تي ڦهليل آهن سي) ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ (جي انوار ۽ تجلين) جو (مرڪز ۽) تخت ان ڏينهن (ميدان ۾ محشرت ۾ آڻي) اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ملائڪ ان جي ڪِنارن تي بيٺل هوندا، ۽ ان ڏينهن توهان جي رب جو عرش اَٺَ ملائڪ پاڻ تي کڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرشتا ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ تنهنجي پروردگار جي عرش کي ان ڏينهن اٺ فرشتا کڻندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ملائڪ ان جي پاسن تي هوندا ۽ کڻندا تنهنجي رب جو عرش پنهنجي مٿان ان ڏينهن اٺ (ملائڪ) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا. ۽ ان ڏينهن تنهنجي پالڻهار جي عرش کي اٺ ملائڪ پنهنجي مٿان کڻندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي پاسن کان پَهري مَٿي، هُوندا مَلڪ هر سُو، تُنهنجي آگي جي عرش کي، جِنهن جو دنگ هِي نه هُو، ۽ اُن ڏِينهن اُٺائـِين اَٺ ڄَڻا، برسِر ڏيئـِي بازُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ملائڪ سندن ڪنارن تي هوندا ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ سندن مٿان کڻندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ملائڪ ان جي پاسن کان هوندا ۽ اٺ فرشتا انهيءَ ڏينهن تنهنجي رب جو عرش پنهنجي مٿان کنيو بيٺا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فرشتا ان جي ڪنارن ۾ هوندا، ۽ کنيل هوندو عرش تنهنجي رب جو پنهنجي مٿان ان ڏينهن اٺن (فرشتن) طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ملائڪ آسمانَ جي ڪنارن سان وڃي لڳي بيھندا ۽ ان ڏينھن تنھنجي پالڻھار جي سلطنت جي ذميدارين کي اَٺ ملائڪ سنڀالي وٺندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ تُعرَضونَ لا تَخفىٰ مِنكُم خافِيَةٌ (آيت : 18) |
اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو، اوهان جي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن توهان سڀئي پيش ٿيندا ڪوبه توهان مان مخفي نٿي سگھندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن اوهان سڀني کي (خدا جي سامهون) پيش ڪيو ويندو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالھ لڪي نه رهندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن پيش ڪيا ويندؤ اوهان نه لڪل رهندو اوهان مان ڪو لڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو. اوهانجي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه رهندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن توهان (الله اڳيان) پيش ڪيا ويندا توهان جو ڪو راز ڳجهو نه رهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آڻي ڪبا اُن ڏِينهن ۾، رَبَّ جي رُوبَرُو، پوءِ خالِق ڪَنان خُوْ، اَنهن جِي لِک لِڪِي نه رهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن اوهان کي الله اڳيان آڻبو ۽ اوهان جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رهندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن توهان پيش ڪيا ويندؤ ۽ توهان جو ڪوبه راز لڪل نه رهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڏينهن هوندو جڏهن توهان ماڻهو پيش ڪيا ويندؤ، ڪوبه لڪل نه هوندو توهان جو ڳجهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ڏينھن توهان کي (الله تعالى جي آڏو) پيش ڪيو ويندو ۽ توهان جي ڪابه ڳالهه لڪيل نه رهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِيَمينِهِ فَيَقولُ هاؤُمُ اقرَءوا كِتٰبِيَه (آيت : 19) |
پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامون سندس سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته، وٺو منهنجو عمل نامون پڙهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر جنهنکي پنهنجو عمل نامون ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، پوءِ اهو چوندو وٺو ۽ توهان منهنجو عمل نامون پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي سڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان ماڻهن کي) چوندو ته وٺو منهنجو اعمال نامو پڙهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جيڪو ڏنو ويندو پنهنجو دفتر پنهنجي سڄي هٿ ۾ پوءِ چوندو وٺو پڙهو منهنجو دفتر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته وٺو منهنجو عملنامون پڙهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن ماڻهو کي سندس اعمال نامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته اُهو (خوشيءَ ۾) چوندو: ”اچو منهنجو هي اعمال نامو پڙهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر پوءِ مِلي جِنهن پاس، سَندسِ سائي هَٿ ۾، چَوندو چِٺِي مُنهنجِي پَڙهو، ته پُڄيمِ آس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن کي سندن اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏبو، سو چوندو ”وٺو، منهنجو اعمالنامو پڙهو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهيءَ وقت جنهن کي سندس اعمالنامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، اهو چوندو ته "ڏسو، پڙهو منهنجو اعمالنامو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جنهن جو به اعمالنامو ان جي ساڄي هٿ ۾ هوندو، سو چوندو، اجهو ڏسو پڙهو منهنجو اعمالنامو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينهن جنھن کي سندس اعمال نامو ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويو ته هو (خوشيءَ وِچان) چوندو ته وٺو! پڙهوهي منھنجو اعمال نامو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى ظَنَنتُ أَنّى مُلٰقٍ حِسابِيَه (آيت : 20) |
بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مون کي يقين هو ته، ضرور (دنيا ۾ ڪيل نيڪ عملين وارو) حساب مونکي ملندو. (سو مليو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مون کي يقين هو ته بيشڪ آئون پنهنجي حساب کي پهچندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون کي پڪ هئي ته مون کي ضرور منهنجو حساب (ڪتاب) ملندو (سو مليو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مون يقين ڪيو هو ته بيشڪ مان پنهنجي حساب کي ملندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون کي يقين هو ته ضرور مون کي منهنجو حساب (عملنامون) ملندو (سو مليو) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مون کي يقين هيو ته مون کي پنهنجو حساب ملڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز حَرف حِساب جو، مون کي اڳي هُئو اِحساس، ته ڏِسڻو اَٿمِ ڏِينهن هيڪڙي، توڙان توڙ تپاس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ مون کي يقين هو، ته آءُ پنهنجي حساب کي پهچندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان سمجهندو هوس ته مونکي ضرور پنهنجو حساب ڪتاب ملڻو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ آئون سمجهندو هئس ته مون کي ضرور منهنجو حساب ملڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مون کي پختو يقين هو ته حساب ڪتاب ضرور ملندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهُوَ فى عيشَةٍ راضِيَةٍ (آيت : 21) |
اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهو (پنهنجي لاءِ) وڻندڙ مزن ۾ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو پسنديده آرام ۾ هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اهو دل پسند عيش ۾ هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اهو پسند ڪيل حياتيءَ ۾ هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهو وڻندڙ گذران ۾ هوندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو هڪ دلپسند عيش (واري زندگي) ۾ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گھڻو خُوش گُذران ۾، اُو هوندا حَقّ شناس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو خوش ڪندڙ گذران ۾ هوندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ هو دل گهرين عيشن ۾ هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو دل پسند زندگانيءَ تي خوش هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو انتھائي خوشيءَ واري زندگيءَ ۾ هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى جَنَّةٍ عالِيَةٍ (آيت : 22) |
مٿاھين بھشت ۾.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن مزن جي) اعليٰ بهشت ۾ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مٿاهين باغ ۾ هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وڏي عاليشان باغ ۾.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلند جنت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مٿاهين باغ ۾ ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مٿاهين جنت ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بلند باغ بهشت ۾، ويٺا وَٺنِ واس، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني مٿاهين بهشت ۾، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مٿانهينءَ جنت ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) عالي مقام جنت ۾ (هوندو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مٿانهين باغ ۾ هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُطوفُها دانِيَةٌ (آيت : 23) |
جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن جا ميوا (ايترو ته) جهڪيل هوندا. (جو آسانيءَ سان پڪڙي سگهبا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن جا ميوا قريب هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن جا ميوا ويجها هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جا ميوا ويجها هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جا ميوا ويجها هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن جا ميوا جهڪيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِھميل جُھڳٽ جِن جا، ميوا رَسِيَل راس،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهنجا ميوا ويجها هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن جي ميون جا ڇڳا هيٺ جهڪي رهيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ۾ ميون جا ڇڳا جهڪيل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن جا ميوا صفا جُهڪيل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما أَسلَفتُم فِى الأَيّامِ الخالِيَةِ (آيت : 24) |
(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اتي کين چيو ويندو ته) انهن (نيڪو ڪارين) جي صلي ۾ جيڪي اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليون هيون، سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان مزي مزي سان کائو ۽ پيئو انهن عملن جي ڪري جيڪي توهان گذريل ڏينهن ۾ ڪيا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اتي جيئن ئي) جي ڪم اوهان گذريل ڏينهن ۾ ڪري اڳي موڪليا هئا تنهن جي صله ۾ مزي سان کائو ۽ پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کائو ۽ پيئو خوش ٿيندي ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو اوهان گذريلن ڏينهن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اتي چئبن ته) جو اوهان گذريل ڏينهن ۾ اڳي موڪليو هوتنهن جي ڪري سلامتيءَ سان کائو ۽ پيئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (کين چيو ويندو) مزي سان کائو ۽ پيئو پنهنجي انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان گذريل (زندگي جي) ڏينهن ۾ اڳتي موڪليا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کائو پِيو خُوب طرح، سَر پَڪا هر پاس، جي عَمل اُماڻيان اَڳڀرو، چکو تِن جِي چاش، ڪيان جِن سان پاس، هُو جي ڏِينهن لنگھيا، هُن ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کين چئبو ته ”اوهان جيڪي ڪم اڳ ڪيا هئا، تن جي ڪري جيئن وڻيوَ تيئن کاؤ ۽ پيئو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو) مزي سان کائو پيئو پنهنجن انهن عملن جي عيوض جيڪي توهان گذري ويل ڏينهن ۾ ڪيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو) کائو پيئو پنهنجن انهن عملن جي بدلي ۾ جيڪي توهان گذريل ڏينهن ۾ ڪيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چيو ويندو ته) توهان گذريل ڏينھن ۾ جيڪي (نيڪ عمل) ڪيا هئا انهن جي بدلي ۾ مزي سان کائو ۽ پيئو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا مَن أوتِىَ كِتٰبَهُ بِشِمالِهِ فَيَقولُ يٰلَيتَنى لَم أوتَ كِتٰبِيَه (آيت : 25) |
۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (نهايت حسرت ۽ ندامت وچان) چوندو ته جيڪر مونکي پنهنجو اعمالنامو نه ڏنو وڃي ها!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو کي کاٻي هٿ ۾ عمل نامون ڏنو ويندو، پوءِ اهو چوندو هاءَ. افسوس. مون کي منهنجو عمل نامون نه ڏنو وڃي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن کي سندس اعمال نامو ان جي کٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته افسوس! جيڪر مون کي منهنجو عملنامو نه ڏنو وڃي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جيڪو ڏنو ويو پنهنجو دفتر پنهنجي کٻي هٿ ۾ پوءِ چوندو اي ڪاش! نه ڏنو وڃان ها مان پنهنجو دفتر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن کي سندس عملنامون سندس کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو چوندو ته جيڪر مون کي پنهنجو عملنامون نه ڏنو وڃي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر اُهو ماڻهو جنهن جو اعمال نامو ان جي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو پوءِ اُهو چوندو: ”هائو جي مون کي منهنجو اعمال نامو نه ڏنو وڃي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڏِبو مَنجھ ڏاءِ، جِنهن کي ڪِتاب سَندسِ ڪَمن جو، چڱو ته چِٺِي نه مِلٖيمِ ها! پوءِ ڳهلو اِيئَن ڳالهاءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن کي سندس اعمالنامو کٻي هٿ ۾ ڏبو، سو چوندو ”هاءِ! جيڪڏهن مون کي منهنجو اعمالنامو نه ملي ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن کي سندس اعمالنامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته هو چوندو: "جيڪر منهنجو اعمالنامو مونکي نه ڏنو وڃي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن جو اعمالنامو ان جي کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو، سو چوندو، هاءِ ارمان، نه ڏنو وڃي ها مون کي منهنجو اعمالنامو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن کي سندس اعمال نامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ته هو چوندو ته ڪاش! مون کي منهنجو اعمال نامو ڏنو ئي نه وڃي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَم أَدرِ ما حِسابِيَه (آيت : 26) |
نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪي مونکي خبر پوي ها ته منهنجو (هيڏانهن موڪليل عملن جو) حساب ڇا آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڄاڻان ها مان ته منهنجو حساب ڪهڙو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي مون کي خبر پوي ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُوند سَندمِ حِساب مان، حرف نه ڄاتمِ هاءِ!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءٌ نه ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نڪي مان ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڪتاب ڇا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڄاڻان ها آئون پنهنجو حساب ته ڇاهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ڪاش!) مون کي خبر ئي نه پوي ها ته منھنجو حساب ڪتاب ڇا آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰلَيتَها كانَتِ القاضِيَةَ (آيت : 27) |
ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو (دائمي) خاتمو ڪندڙ هجي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هاءِ. افسوس. اهو موت فيصلو ڪندڙ هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاءُ! ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪري ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ڪاش! ٿي وڃي ها پورو ڪندڙ (موت) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪنهن طرح اهو (موت) منهنجو خاتمو ڪندڙ هجي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪاش! جي اهو (موت منهنجو) ڪم ئي پورو ڪري ڇڏي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي مارِيندڙ مُورهِين، ويٺَسِ سَڀ وِڃاءِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاءِ افسوس! جيڪڏهن موت ڪم لاهي ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪر ته منهنجو (دنيا وارو) موت ئي سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منهنجو اهو موت (جيڪو دنيا ۾ آيو هو) فيصلي وارو هجي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪاش! (دنيا وارو) موت ئي (منهنجو هميشه لاءِ) خاتمو ڪري ڇڏي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَغنىٰ عَنّى مالِيَه (آيت : 28) |
منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (افسوس جو) مونکي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. (جنهن تي زندگيءَ ۾ آءٌ پڏندو هوس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) منهنجي ملڪيت مون تان (عذاب) نه لاٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) افوسوس! مون کي منهنجو مال ڪجھ ڪم نه آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه فائدو ڏنو منهنجي طرفان منهنجي مال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون کي منهنجو مال ڪجهه ڪم نه آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) منهنجي مال به مون کي ڪو نفعو نه ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويئـِي مون کان، واءِ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجو ته منهنجي مال ڪو به بچاءُ نه ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڄ منهنجو مال منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه آيو ڪم اڄ مون کي منهنجو اهو مال(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون کي منھنجو مال ڪنھن به ڪم نه آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَلَكَ عَنّى سُلطٰنِيَه (آيت : 29) |
مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منهنجي معتبرائپ به مون کان هلي وئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) منهنجا سڀ دليل مون وٽان ختم ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاءِ! هاءِ! منهنجي حڪومت چٽ ٿي ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاڪ ٿي وئي مون کان منهنجي بادشاهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون کان منهنجي بادشاهي چٽ ٿي ويئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مون کان منهنجي طاقت به چَٽُ ٿي وئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر ڪا هُجت هار جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون کان سندم بادشاهي به چٽ ٿي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو اقتدار ڪک پن ٿي ويو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ختم ٿي ويو منهنجو اهو سڄو اقتدار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي ته حڪمراني به ختم ٿي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خُذوهُ فَغُلّوهُ (آيت : 30) |
(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پوءِ ان ماڻهوءَ لاءِ ملائڪن کي چيو ويندو ته) ان کي جهليو ۽ ڳٽ وجهوس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمائيندو توهان ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي چؤکنبو ٻَڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ حڪم ٿيندو) هن کي گرفتار ڪريو ۽ طوق پهرايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڪڙيو ان کي پوءِ (ڳچيءَ ۾) ڳٽ وجهو ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي جهليو پوءِ ڳٽ ٻڌوس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (حڪم ٿيندو) ”ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي ڳٽ وجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٺو وِهلو اُن کي، هَڻوسِ ڳِچِئَ ۾ ڳَٽ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ملائڪن کي حڪم ڪبو) ته ”هن کي پڪڙيو، پوءِ ڳچيءَ ۾ڳٽ وجهوس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (حڪم ٿيندو) پڪڙيوس وجهوس ڳٽ ڳچيءَ ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حڪم ٿيندو پڪڙيوس ۽ کيس ڳچيءَ ۾ ڳٽ وجهوس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ملائڪو!) هن کي پڪڙيوس ۽ ڳچيءَ ۾ رسو ٻڌوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ الجَحيمَ صَلّوهُ (آيت : 31) |
وري دوزخ ۾ وجھوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ دوزخ ۾ هڻوس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ توهان ان کي جهنم ۾ وجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري دوزخ ۾ وجهوس،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ دوزخ ۾ داخل ڪيو ان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري دوزخ ۾ وجهوس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي دوزخ ۾ ڦِٽي ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي وِجهو تِنهن کي، جَهنّم ۾ جَهٽ پَٽ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري دوزخ ۾ وجهوس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ کيس جهنم ۾ سٽيوسِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کيس دوزخ ۾ وجهو ڌڪي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کيس جھنم ۾ اڇلايوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ فى سِلسِلَةٍ ذَرعُها سَبعونَ ذِراعًا فَاسلُكوهُ (آيت : 32) |
وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اتي دوزخ ۾) وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان کي سَتَر هٿ (ڊگھي) زنجير ۾ چڱيءَ طرح جڪڙيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اهڙي زنجير ۾ جڪڙيوس! جنهن جي ڊيگھ ستر هٿ هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ زنجير ۾ جو ماپ ان جي ستر گز آهي پوءِ ان کي ٻڌو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اهڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ هجي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هڪ زنجير ۾ جنهن جي ڊيگهه ستر گز آهي پوءِ ان ۾ کيس ٻڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَتَر نَريون ڊيگھ جِنهن، سو هَڻوسِ نِيّر نِپٽ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ستر گز ڊگهيءَ زنجير ۾ کيس قابو ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ستر هٿ ڊگهي زنجير ۾ جڪڙي ڇڏيوس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان کي اهڙي زنجير ۾ جڪڙيو جنهن جي ڊيگهه ستر هٿ (ڊگهي) هجي پوءِ داخل ڪريوس (دوزخ ۾)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري سَتر وال ڊگهي زنجير ۾ ٻڌوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ كانَ لا يُؤمِنُ بِاللَّهِ العَظيمِ (آيت : 33) |
ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇو ته اهو عظمت واري الله تي (ان جي ربوبيت ۽ رزاقيءَ تي) ايمان نه آڻيندو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ان عظيم رب تي ايمان نه ٿي آندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته اهو بزرگ خدا تي ايمان نه آڻيندو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ انهي نه ٿي ايمان آندو الله عظيم تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇو ته اهو وڏائي واري الله تي ايمان نه آڻيندو هو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهو وڏي عظمت واري الله تي ايمان نه رکندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻندو نه هو ڄَٽ، ايڏي وَڏي اَلله کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇو ته اهو شخص الله وڏي کي نه مڃيندو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهـو نـڪي الله وڏي ۽ مٿانهين تي ايمان آڻيندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي نه رکندو هو ايمان الله بزرگ عظيم (هستيءَ) تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ماڻهو اُن الله تي ايمان نه آڻيندو هو، جيڪو سڀني کان وڏو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَحُضُّ عَلىٰ طَعامِ المِسكينِ (آيت : 34) |
۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان ڪري حالت اها هيس جو) مسڪين ماڻهن جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق نه ڏياريندو هو. (نه اهڙي ماحول جوڙڻ جو فڪر ڪندو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه مسڪينن کي کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پيو رغبت ڏياري مسڪين کي کاڌي کارائڻ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه مسڪين جي کاڌي جو (ماڻهن کي) شوق ڏياريندو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه محتاج کي ماني کارائڻ جي رغبت ڏياريندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کارائـِڻ تي کُٽل جي، کَڙو نه ٿئي خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي همٿائيندو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه مسڪين کي کاڌي کارائڻ لاءِ همٿائيندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ترغيب ڏيندو هو کاڌي کارائڻ جي مسڪين کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي مسڪين کي کاڌو کارائڻ جي تلقين ڪندو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَيسَ لَهُ اليَومَ هٰهُنا حَميمٌ (آيت : 35) |
تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (دنيا ۾ هنن الله جي مسڪين ٻانهن کي دوست نه رکيو) اڄ ان جو هتي ڪوبه دوست نه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اڄ هتي ان جو ڪو حمايتي دوست ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سو اڄ ان جو نڪو دوست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ناهي ان جي لاءِ اڄ هتي ڪو دوست .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو اڄ اُن جو هتي نڪو دوست آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان جي لاءِ اڄ ڏينهن هتي ڪوبه دلي دوست ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَڄ نه هِت اُن جو، ڪو هرگز حامِي يار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري اڄ هتي سندس ڪو به دوست ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ته اڄ هتي نه سندس ڪو دوست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪونهي هتي اڄ سندس لاءِ ڪو دوست غمخوار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تنهن ڪري) اڄ هتي سندس ڪوبه جگري دوست نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا طَعامٌ إِلّا مِن غِسلينٍ (آيت : 36) |
۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نه (هن ٽچڪندڙعذاب ۾ ان لاءِ) ڦٽن جي پونءِ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه ان لاءِ ڪو طعام آهي مگر (دوزخين جي) پونءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ پيو ڪو کاڌو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه کاڌو مگر پونءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه (ان لاءِ) ڦٽن جي روڳ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ان جي لاءِ ڪو کاڌو آهي سواءِ ڦَٽن جي پُونءِ جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کاڌو نه تِنهن خوار جو، روڳ رُڳي کان ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي سندس ڦٽن جي پونءِ کان سواءِ ٻيو ڪو کاڌو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري ڦٽن جي گند پونءِ کان سواءِ کائڻ لاءِ ٻي ڪا شيءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ان جي لاءِ ڪو طعام آهي سواءِ ڦٽن جي روڳ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن لاءِ (هِتي) زخمن جي ٽِميل گند کان سواءِ ٻيو ڪوبه کاڌو نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَأكُلُهُ إِلَّا الخٰطِـٔونَ (آيت : 37) |
(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. (خطا ڪارن جي اهائي غذا آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿا کائين ان کي مگر خطا ڪندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪو به نه کائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه کائيندا ان کي مگر خطا ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه کائيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن کي گنهگارن کان سواءِ ڪوبه ڪونه کائيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو طعام تيار، نه چکنسِ چُوڪ وارن سوا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي فقط ڏوهاري ئي کائيندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي سواءِ گناهگارن جي ٻيو ڪوبه نه کائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن کي ڪوبه نه کائيندو سواءِ ڏوهارين جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهڙو کاڌو) جو ڏوهارين کان سواءِ ٻيو ڪير به نه کائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا أُقسِمُ بِما تُبصِرونَ (آيت : 38) |
پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي ماڻهو!) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا، اهي به شاهد آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ آئون انهن شين جو قسم کڻان ٿو جيڪي توهان ڏسو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ مون کي انهن شين جو قسم آهي جن کي اوهين ڏسو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ قسم کڻان ٿو مان ان جو جيڪو ڏسو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي ماڻهو !) جن (شين) کي اوهين ڏسو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو مون کي قسم آهي انهن شين جو جن کي توهان ڏسو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گُواھ ڇو نه گُذاريان؟ جي ڏِسو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ آءُ شاهد ٿو واريان جيڪي اوهين ڏسو ٿا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ نه، مان قسم ٿو کڻان انهن شين جو جن کي توهان ڏسو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين هرگز ناهي، آئون قسم کڻان ٿو انهن شين جو جيڪي توهان ڏسو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ مان اُنهن (شين) جو قسم کڻي چوان ٿو جن کي توهان ڏسو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لا تُبصِرونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ايندڙ دور جي) جن (منڪشف ٿيندڙ حقيقتن) کي نٿا ڏسو، اهي به شاهدي ڏينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي توهان نٿا ڏسو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن کي نه ٿا ڏسو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جو جيڪو نه ٿا ڏسو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي نه ٿا ڏسو، انهن جو قسم کڻان ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن شين جو جن کي توهان نه ٿا ڏسو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ڏسو ڏُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خواهه نٿا ڏسو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن جو به، جن کي توهان نٿا ڏسو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن جو به جن کي توهان نٿا ڏسو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُنهن (شين) جو به جن کي توهان نٿا ڏسو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ لَقَولُ رَسولٍ كَريمٍ (آيت : 40) |
ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ رسول جو ئي ڪلام آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو قرآن ڪريم رسولِ عربي ڪريم سان (الله تعلى وٽان رسالت بابت) گفتگو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته بيشڪ هي (قرآن) هڪ عزت واري فرشتي جو آندل پيغام آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو البته رسول، ڪريم جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام پهچائيندڙ (ملائڪ) جو ئي ڪلام آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ اهو (قرآن) ڪرم واري رسول جو قول آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته بي شڪ ڀَلي رَسُول جو، هِي موچارو مَذڪُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ قرآن، سڳوري قاصد جا چيل اکر آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو هڪ مانواري رسول جو قول آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي قول هڪ رسول ڪريم جو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي عزت واري رسول سڳوري جو ڪلام آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما هُوَ بِقَولِ شاعِرٍ قَليلًا ما تُؤمِنونَ (آيت : 41) |
۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. (بلڪ خدا جو وحي آهي) اوهين (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو قول ناهي، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. اوهين بلڪل ٿورو ايمان آڻيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اهو شاعر جو قول ٿورو ايمان آڻيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي. اوهين بالڪل ٿورو يقين ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ڪنهن شاعر جو ڪلام نه آهي. توهان ٿورڙو يقين ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪونهِي ڪو قول اِهو، ڪِنهن شاعر بي شُعور، وِسهو ٿا وَهلور!، وِڙلي اِن وحِئَ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام ناهي- اوهين ٿورڙو يقين ٿا رکو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن شاعر جو قول ناهي، توهان گهٽ ئي ايمان آڻيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي اهو قول ڪنهن شاعر جو، توهان ماڻهو گهٽ ئي ايمان آڻيو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آهي. توهان ٿورا ماڻهو ايمان آڻيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا بِقَولِ كاهِنٍ قَليلًا ما تَذَكَّرونَ (آيت : 42) |
۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ائين به ناهي ته هي ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهوءَ) جو ڪلام آهي اوهين ( (عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺي انهن حقيقتن کي زندگيءَ جو ضابطو نٿا بڻايو) بلڪل ٿورو اعتبار ڪريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو قول ڪنهن ڪاهن جو ناهي، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ڪاهن) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڀوپي جو قول ٿوري نصيحت وٺو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڪنهن اڳ ڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهو) جو ڪلام آهي، اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه هي ڪنهن اڳ ڪٿي ڪندڙ (ڀوپي) جو ڪلام آهي. اوهان تمام ٿورڙي نصيحت پرايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه جاڙُون جادوگر جون، ٿا ٿورو پِرايو پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي هي ڪنهن اڳڪٿيون ڪندڙ جو ڪلام آهي، اوهين ٿورڙي نصيحت وٺو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري اهو ڪنهن ڀوپي (نجوميءَ) جو قول آهي، توهان گهٽ ئي سوچ ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي هي قول ڪنهن ڀوپي جو، توهان ماڻهو گهٽ ئي غور ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هي ڪنھن ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ واري جو ڪلام نه آهي. پر توهان ماڻهو گهٽ ئي نصيحت وٺو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزيلٌ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 43) |
(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حقيقت هيءَ آهي ته) اهو جهانن جي پالڻهار پاران (فردن ۽ قومن لاءِ رهنما ڪري) نازل ڪيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو قرآن ڪريم رب العالمين جي طرفان نازل ڪيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل (ڪلام) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب العالمين جي طرفان نازل ڪيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ جهانن جي پالڻهار پاران نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اُتارا اُهڃاڻ، ڏيهَن جي ڏاتار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءُ ته جهانن جي ڌڻيءَ کان لٿل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو رب العالمين جي طرف کان نازل ٿيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي نازل ٿيل آهي رب العالمين جي طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي تمام جھانن جي پالڻھار جي طرفان نازل ٿيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو تَقَوَّلَ عَلَينا بَعضَ الأَقاويلِ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن (بالفرض) ڪو ماڻهو ڪا ڳالهه ٺاهي اسان ڏانهن منسوب ڪري ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (رسول) جيڪڏهن ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن پاڻ ٺاهي ها اسان تي بعضي قول ته .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن (پيغمبر) ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اهو (نبي ڪريم) ڪي ڳالهيون پاڻ گهڙي اسان تي هڻي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي ڪُوڙيون ڳالهيون اَسان تي، ٻولَيئـِن هُوند ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن نبي اسان تي ڪي هٿرادو ڳالهيون چوي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن هن (نبيءَ) پاڻ ٺاهي ڪي ڳالهيون اسان تي هنيون هجن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن (هن نبي) پاڻ ٺاهي اسان ڏي منسوب ڪئي هجي ها ڪا ڳالهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هي (نبي ﷺ) پنهنجيون ڳالهيون گهڙي اسان تي هَڻي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَأَخَذنا مِنهُ بِاليَمينِ (آيت : 45) |
ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته اسين (سگهه وارو) سڄو هٿ ان جو جهليون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته ضرور اسين ان کي قوت سان پڪڙيون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسين سڄو هٿ ان جو جهليون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته وٺون ها اسين ان کي سڄي هٿ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اسين ساڄو هٿ ان جو جهليون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته اسان ان کي پوري طاقت سان پڪڙيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پَڪ پَڪڙيو سُون اُن کي، سوگھو سَڄي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اسين جيڪر سندس ساڄي هٿ کان جهلي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اسان سندس ساڄو هٿ پڪڙي جهليون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پڪڙيون ها اسان سندس ساڄو هٿ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته اسان سندس ساڄي هٿ کي پڪڙيونس ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ لَقَطَعنا مِنهُ الوَتينَ (آيت : 46) |
وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ سندس شهه رڳ وڍي ڇڏيون، (جو قصو اڳتي ئي نه وڌي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسين ضرور ان جون ساهه واريون رڳون ڪٽيون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ البته ڪٽيون ها ان جي ساهه جي رڳ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ضرور ان جي شهه رڳ ڪٽي ڇڏيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَپِي سُونسِ رَڳ قَلب جِي، تِهانپوءِ تَڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندس ڪنڌ جي رڳ ڪپي ڇڏيون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ سندس نــڙيءَ جي رڳ ڪپي ڇڏيون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وڍي ڇڏيون ها اسان سندس گردن جي رڳ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان (سندس) ساهه واري رَڳ ڪاٽي ڇڏيونس ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما مِنكُم مِن أَحَدٍ عَنهُ حٰجِزينَ (آيت : 47) |
پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ائين ڪرڻ کان روڪڻ وارو نه هجي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان مان ڪوبه ان کي بچائيندڙ نه هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان ڪو به (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ناهي اوهان مان ڪو هڪڙو ان کان روڪيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهان مان ڪوبه (اسان کي) ان کان روڪڻ وارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان مان ڪوبه (اسان کي)ان کان روڪڻ وارو نه هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان مان ڪو هيڪڙو، ڪونهي بَرقرار، اُنِهئَ کان آزار، جَھلِيندڙ جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان مان ڪو به مٿانئس اسان جو عذاب روڪي نه سگهي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان مان ڪوبه (اسان کي) ان ڪم کان روڪڻ وارو نه هجي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ توهان مان (اسان کي) ڪوبه هڪ ان ڪم کان جهلڻ وارو نه هجي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ توهان مان ڪير به اسان کي ان ڪم کان روڪڻ وارو نه هجي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَتَذكِرَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 48) |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن زندگيءَ جي خسارن کان بچڻ واسطي) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو قرآن ڪريم پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو البته نصيحت آهي متقين جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي پَڪ پاڪن لئي، هِئَ نَصِيحت نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ هي قرآن ته نيڪن لاءِ نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ اهو پرهيزگار ماڻهن لاءِ هڪڙي نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ انهيءَ ۾ نصيحت آهي پرهيزگار ماڻهن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي (قرآن) پرهيزگار ماڻهن جي لاءِ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا لَنَعلَمُ أَنَّ مِنكُم مُكَذِّبينَ (آيت : 49) |
۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (زندگيءَ جي خسارن کان بي فلڪا ماڻهو) ان کي ڪوڙو ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان کي معلوم آهي ته يقيناً توهان مان ڪي ڪوڙا به آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اسين البته ڄاڻون ٿا ته بيشڪ اوهان مان ڪوڙو چوندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته توهان مان ڪي (ان کي) ڪوڙو چوڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوهان مان ڪُل ڪُوڙن جِي، رَکون سار سَنڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي هن کي ڪوڙ ٿا سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان بلڪل ڄاڻون ٿا ته توهان منجهان ڪي ماڻهو ڪوڙو سڏڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته يقينًا توهان مان ڪي ماڻهو ڪوڙو ڀائيندڙ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کي سڀ خبر آهي ته توهان مان ڪي ماڻهو اِن (قرآن) کي ڪوڙو ڪرڻ وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَحَسرَةٌ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 50) |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڪو فرق نٿو پوي انهن جي انڪار جو) بيشڪ اهو (قرآن انهن نه مڃيندڙ) ڪافرن لاءِ (اڳتي هلي) پشيماني (جو ڪارڻ) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو قرآن ڪريم ڪافرن لاءِ حسرت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو البته حسرت هوندي ڪافرن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) ڪافرن لاءِ پشيماني (جو سبب) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اَفسوس اِنڪاريَن تي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر هي ڪافرن لاءِ ارمان جو سبب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙن ڪافرن لاءِ اهو بيشڪ افسوس جو ڪارڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ هي (قرآن) ارمان جو سبب آهي اهڙن ڪافر ماڻهن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي (قرآن) ڪافرن جي لاءِ وڏي ارمان جو سبب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَحَقُّ اليَقينِ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن ۽ ان جو ضابطن وارو سرشتو) ٺوس حقيقت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو يقيناً حق اليقين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقينا برحق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو حق اليقين آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) خالص يقين آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) يقيني حق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي سَچو اِعتبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ هي پوريءَ طرح سچو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو بلڪل يقين تي ٻڌل حق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ هي (قرآن) حق آهي يقيني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي (قرآن) بلڪل سچو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَبِّح بِاسمِ رَبِّكَ العَظيمِ (آيت : 52) |
تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر! نه مڃيندڙن کي ڊگهو رسو آهي ۽ تون) عظمت واري پنهنجي پاليندڙ (جي پيغام ۽ پروگرام جي سرگرميءَ ذريعي ان) جي نالي جي پاڪائي بيان ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اي رسولِ عربي توهان پنهنجي ربِ عظيم جي نالي سان سندس پاڪائي بيان ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي پيغمبر) تون پنهنجي بزرگ پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تسبيح پڙهه پنهنجي رب عظيم جي نالي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ !) وڏائي واري پنهنجي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پنهنجي عظمتن واري پالڻهار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساراهِج صَد بار، سانيَئي صدر جي نام کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري تون سندءِ وڏي ڌڻيءَ جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن ڪري اي نبي! تون پنهنجي عظيم رب جي پاڪائي بيان ڪندو رهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) پاڪائي بيان ڪر پنهنجي رب عظيم جي نالي سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! تون پنھنجي عظمت واري پالڻھار جي نالي جي تسبيح بيان ڪندو رهه.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |