توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
ن وَالقَلَمِ وَما يَسطُرونَ (آيت : 1) |
نٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) قسم آهي، قلم جو ۽ ان جو جيڪي (علم) لکندا آهن (سي شاهد آهن ته تون عاليشان تعليم ڏيندڙ آهين.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ن. قسم آهي قلم جو ۽ جيڪو اهو لکت ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ن ۽ قلم جو ۽ ان شيءِ جو جيڪو لکي ٿو. (تنهن جو) قسم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ن قسم آهي قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) نٓ. قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا تنهن جو قسم آهي ته (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نون (اِهو حروف مقطعات منجهان آهي ان جي معنى الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي قلم جو، قسم آهي ان (لکت) جو جيڪا لکڻ وارا (ملائڪ) لکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نازِڪ نُڪتو نون جو، پَروَر ڄاڻي پاڻ، ساکِي ڪانِي ڪانهن جِي، پڻ سِٽون لِکن سُڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ن_ قلم ۽ جيڪي هو لکن ٿا، سي شاهد آهن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ز (ن) قسم آهي (اي نبي) قلم جو ۽ انهيءَ شيءِ جو جيڪا لکڻ وارا لکن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ن- قسم آهي قلم جو ۽ ان شيءِ جو جنهن کي لکيو پيو وڃي لکڻ وارن طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نون ــ قسم آهي قلم جو ۽ اِن شيءِ (يعني قرآن) جو جنهن کي لکڻ وارا (فرشتا) لکن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) نون (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا) قلم جو قسم ۽ ان (مضمون) جو قسم جيڪو (ملائڪ) لکن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) نٓ- قسم آهي قلم جو، ۽ جيڪو ڪجهه لکن ٿا- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ما أَنتَ بِنِعمَةِ رَبِّكَ بِمَجنونٍ (آيت : 2) |
ته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ته (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل (نبوت) سان (همڪنار آهين) ڪو چريو نه آهين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي نعمت سان عقلمند آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون پنهنجي پروردگار جي فضل ۽ ڪرم سان چريو نه آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهين تون پنهنجي رب جي نعمت جي ڪري مجنون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ !) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل سان ڪو چريو نه آهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون پنهنجي پالڻهار جي فضل سان (هرگز) مجنون نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي آگي جي احسان سان، آهِين تُون نَه اَڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته تون سندس ڌڻيءَ جي فضل سان چريو ڪونه آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون پنهنجي رب جي فضل سان ڪو چريو نه آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه آهين تون نعمت پنهنجي رب جي سان ڪو چريو (مجنون)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون پنھنجي پالڻھار جي مھربانيءَ سان ڪو ديوانو نه آهين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي حبيب مڪرم!) توهان پنهنجي رب جي فضل سان (هرگز) ديوانا نه آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون پنهنجي رب جي فضل سان، مجنون ناهين.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِنَّ لَكَ لَأَجرًا غَيرَ مَمنونٍ (آيت : 3) |
۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ بيڪشڪ تو لاءِ ته (تنهنجي ڪوششن جو) اڻ کٽ اجر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان لاءِ بي انتها اجرِ عظيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ تنهنجي لاءِ پڪ اهو اجر آهي جيڪو ڪڏهين به نه کٽندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ اجر اڻ کٽ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تو لاءِ ته اڻ کٽ اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تو لاءِ نه کٽندڙ اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَکٽ اَجر اڳرا، آهِن اوهان ڪاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تو لاءِ اڻ کٽ ثواب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تو لاءِ اهڙو اجر آهي، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ تنهنجي لاءِ اجر اهڙو آهي جنهن جو سلسلو ختم نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجي لاءِ ته اَڻ کُٽ اجر آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ توهان جي لاءِ اهڙو اجر آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ تنهنجي لاءِ اڻ کٽ اجر آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِنَّكَ لَعَلىٰ خُلُقٍ عَظيمٍ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ تون (سيرت ۾ به) وڏي خلق وارو آهين. (کين اها ڳالهه به نٿي سمجهائي ته تونسيرت ۾ به مثالي آهين.).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو خُلقُ عظيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجا اخلاق (تمام وڏي درجي جا) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تون البته اخلاق وڏي تي آهين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تون وڏي خُلق وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تون زبردست اخلاق تي فائز آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَڏِي چَڱِي چال تي، آهِين تون اڳواڻ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تون تمام وڏي درجي جي لڇڻن وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ تون اخلاق جي تمام وڏي مرتبي تي آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ تون قائم آهين اخلاق جي مرتبي تمام وڏي تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ تون اخلاق جي (انتھائي) مٿانهين درجي تي آهين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ توهان عظيم الشان اخلاق تي قائم آهيو (يعني قرآني آدابن سان سينگاريل ۽ اخلاق الاهيه سان متصف آهيو).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ تون وڏي اخلاق تي (پيدا ٿيو) آهين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَسَتُبصِرُ وَيُبصِرونَ (آيت : 5) |
پوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ تون به ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا. (جو سگهو عملي طرح اها ڳالهه واضح ٿيندي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ (تون بہ) سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (ڪافر بہ) ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي ڪافر به ڏسندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جلد ڏسندين ۽ ڏسندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون به ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جلد تون به ڏسندين اُهي به ڏسندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَلدِي پَسندِين پان تون، پڻ پَسن اِهي پَرياڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون به جلد ئي ڏسندين ۽ هو به ڏسي رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جلد ئي تون به ڏسندين ۽ اهي به ڏسندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جلدي تون به ڏسندين ۽ اهي به ڏسندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو عنقريب تون به ڏسندين ۽ هِي (ديوانو چوڻ وارا) به ڏسندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ عنقريب توهان (به) ڏسي وٺندؤ ۽ اُهي (به) ڏسي وٺندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ستت ئي توهين به ڏسندؤ ۽ اهي ڪافر به ڏسندا- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بِأَييِكُمُ المَفتونُ (آيت : 6) |
ته اوھان مان ڪير چريو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ته اوهان مان ڪير چريو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تہ اوھان مان ڪير چريو آھي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهان ۾ چريو ڪير آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته اوهان مان ڪير چريو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ته اوهان مان ڪير چريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته اوهان مان ڪير جنون ۾ مبتلا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اوهان مان ڪِنهن ساڻ، آهي لڳت لاڳو لوڪ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ڪير اوهان مان چريو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته توهان منجهان ڪير چريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته توهان مان ڪير چريو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته توهان مان ڪير چريائپ ۾ ورتل آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته توهان مان ڪير ديوانو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته توهان منجهان ديوانو ڪير آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 7) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻيندڙ آهي، جيڪو سندس (فرمانبرداريءَ واري سڌي) رستي کان ڀليو ۽ اهو سڌي رستي تي هلندڙن کي به چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب ئي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو ان جي واٽ کان گمراه ٿيو، ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار انهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي جي سندس راھ کان ٿڙيل آهن ۽ هدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ تنهنجو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراهه ٿيو ان جي واٽ کان ۽ اهو هدايت وارن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ اُن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪو سندس رستي کان ڀليو ۽ اهو سڌي رستي تي هلندڙ کي به چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان شخص کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي جيڪو سندس رستي کان ڀٽڪي ويو ۽ اُهو سڌي رستي تي هلڻ وارن کي به چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، آهي اُنهِئَ کان آگاھ، جو وَڃِي اَوجھڙ اُجھيو، ڪَنان سَندسِ سَئـِين راھ، جيڪي پُورا پير تي، تِن کان، واه! جو واقِف آھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجي رب کي چڱيءَ طرح خبر آهي، ڪير سندس واٽ کان ڀليل آهي ۽ اهو سنئين راهه تي هلندڙن کي به خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي، جيڪي سندس راهه کان ڀٽڪي ويل آهن ۽ هو ئي انهن کي به چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي جيڪي سڌيءَ راهه تي آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجو رب جيڪو ڄاڻي ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي ڀٽڪيل آهن سندس راهه کان ۽ اهو انهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي سڌي راهه تي آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي وڌيڪ خبر آهي ته ڪير اُن جي راهه کان هٽي ويو آهي؟ ۽ جيڪي سڌي راهه تي آهن، اُنهن کي به هُو چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ توهان جو رب ان ماڻهو کي (به) خوب ڄاڻي ٿو جيڪو سندس واٽ کان ڀٽڪي ويو آهي، ۽ هو انهن کي (به) خوب ڄاڻي ٿو جيڪي هدايت وارا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بي شڪ! تنهنجو پالڻهار انهن ماڻهن کي خوب ڄاڻي ٿو جيڪي ان جي راهه کان ڀٽڪيل آهن. ۽ اهوئي انهن ماڻهن کي به خوب ڄاڻي ٿو جيڪي سنئين واٽ تي آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلا تُطِعِ المُكَذِّبينَ (آيت : 8) |
تنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڪوڙ بڪيندڙن جي (سندن ڪوڙ تي) تابعداري نه ڪر.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ڪوڙن ماڻهن جي نه ٻڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون ڪوڙ ڪندڙن جو چيو نه مڃج!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه اطاعت ڪر ڪوڙو چوندڙن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون ڪوڙي چوندڙن کي تابعداري نه ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ڪوڙي چوڻ وارن جي تابعداري نه ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙن پُٺيان ڪِين هَل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون انهن نه وسهندڙن جو چيو نه مڃج. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري تون انهن ڪوڙو سڏيندڙن جي دٻاءَ ۾ نه اچ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون نه اچ سندن دٻاءَ ۾ جيڪي ڪوڙو چون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تون ڪوڙن ماڻهن جو چيو نه مڃجانءِ.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ توهان ڪوڙو چوڻ وارن جي ڳالهه نه مڃو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون ٺڪرائي ڇڏيندڙن جي اطاعت نه ڪجان. (نه ڪي انهن جي ڳالهين ۾ اچجان)! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَدّوا لَو تُدهِنُ فَيُدهِنونَ (آيت : 9) |
اُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهي خواهش ڪن ٿا ته، (اهڙن طعنن کان تنگ اچي) تون ڍرو؟ ٿئين، پوءِ هو به (مفاهمت لاءِ) ڍرا ٿين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي نرمي ڪرڻ جي تمنا ڪن ٿا پوءِ اهي به نرمي ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي هي چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي اختيار ڪرين ته اهي به ڍرا ٿي وڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چاهين ٿا جيڪڏهن نرمي ڪرين ته پوءِ (اهي به) نرمي ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اهي خواهش ڪن ٿا ته تون نرم ٿئين پوءِ هو به نرم ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي چاهن ٿا ته جي تون نرم ٿين ته پوءِ اُهي به نرم ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي گُھرن ٿا گُمراھ، ته هُوند حِيلي سان حَقَّ چَوِين، اي نِرمل! نيڪ نِگاھ، ته ٺيڪ وَڃِي ٿِي ٺاھ، هُو به لَهن هوڏ تان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ته چاهين ٿا ته جيڪڏهن تون نرمي ڪرين ته هو به ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته چاهن ٿا ته ڪجهه تون ڍرو ٿيءُ ته هو به ڍرا ٿين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي چاهين ٿا تون انهن سان نرمي ڪرين ته اهي به نرمي ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ته چاهين ٿا ته تون ( پنهنجي دعوت ۾) ٿورو هلڪو هٿ رک ته اهي به هلڪو هٿ رکن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهي ته چاهن ٿا ته (دين جي معاملي ۾) توهان (بيجا) نرمي اختيار ڪريو ته اُهي به نرم ٿي پوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منڪر اهوئي ته چاهين ٿا ته تون نرمي ڪرين (آزاديءَ جي تحريڪ ۾ لچڪ آڻين) ته هو به (پنهنجي رئيساڻين خباثتن ۾) نرمي ڪن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تُطِع كُلَّ حَلّافٍ مَهينٍ (آيت : 10) |
۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر، جو (اهو پست ذهنيت جي ڪري) گهڻا قسم کائڻ وارو، خوار هجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان ڪا ڳالهه نه ٻڌو هر اهڙي ماڻهوءَ جي جيڪو گھڻا قسم کڻندڙ خوار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون (ڪڏهن) اهڙي جي چوڻ ۾ نه اچج جيڪو گهڻو قسم کڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه اطاعت ڪر هر وڏا قسم کڻندڙ ذليل .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جي تابعداري نه ڪر (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون اهڙي شخص جي ڳالهه نه مڃ جو گهڻا قسم کڻڻ وارو انتهائي ذليل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن ڪُوڙي قَسمِي کي نَه مَڃ، جو سَڀ خَلق ۾ خُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون ڪنهن به اهڙي شخص جو چيو نه مڃج، جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ، خوار، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون تابعداري نه ڪر ڪنهن اهڙي شخص جي، جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ هلڪڙو ماڻهو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هرگز نه دٻاءَ ۾ اچ ڪنهن اهڙي شخص جي جيڪو گهڻا قسم کائيندڙ بي عزتو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون (ڪڏهن به) اهڙي ماڻهوءَ جي پويان نه لڳجانءِ جيڪو ذليل ۽ گهڻا وڏا قسم کائيندو رهي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اوهان ڪنهن اهڙي شخص جي ڳالهه نه مڃو جيڪو گهڻا قسم کڻندڙ انتهائي ذليل آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) خبردار ! تون ڪنهن اهڙي شخص جي اطاعت نه ڪجان- ۽ نه ڪي ان (انقلاب جي دشمن) جي ڳالهه مڃجان جيڪو وڏا وڏا قَسم کڻندڙ- ذليل آهي- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هَمّازٍ مَشّاءٍ بِنَميمٍ (آيت : 11) |
(جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) طعنا هڻندڙ، (جو کيس تنهنجي جماعت ۾ ڪٿي به چڱائي نظر نٿي اچي) چغليون کڻي هلندڙ. (ته جيئن فتنو ۽ فساد پيدا ٿئي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (جو) طعنا ھڻندڙ، چغلي کڻي ھڻندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ذليل (خوار) طعنا هڻندڙ وڏو چغل خور(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهڻا طعنا هڻندڙ، چغلخور .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جو گهڻا قسم کڻڻ وارو، خوار، طعنا هڻندڙ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) طعنا هڻندڙ گھمندو ڦرندو چغلخور آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِهڻيدار، مَسخرو، ڪُلفت سَندسِ ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) عيب ڪڍندڙ، چغليون هڻندو وتندڙ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مهڻا ڏيندڙ آهي ۽ وتندو آهي هِت هــُـت چغليون هڻندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) طعنا هڻي چغليون هڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ته طعنا تنڪا ڏيندڙ آهي ۽ چغل خوري به ڪندو رهي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (جيڪو) مهڻا ڏيندڙ، عيب ڪڍندڙ (آهي ۽) ماڻهن ۾ فساد پکيڙڻ جي لاءِ چغلخوري ڪندو ٿو وتي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ماڻهن تي چٿرون ڪندڙ آهي- چغل خور آهي- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ أَثيمٍ (آيت : 12) |
خير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (پاڻ به چڱو ڪم نه ڪري ۽ ٻين کي به) چڱي ڪم کان روڪيندڙ، (سرڪشيءَ ۾) حد کان لگهندڙ، ڏوهاري، (انسانيت لاءِ تعميري ڪم ۾ سڀ کان پٺتي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) خير کان جھليندڙ، حد کان لنگھيل، وڏو ڏوھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مال ۾ وڏو بخيل، حد کان لنگهندڙ، گنهگار،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خيرکان روڪيندڙ تجاوز ڪندڙ گناھ ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چغليون کڻي هلندڙ چٽي ڪم کان روڪيندڙ، حد کان لنگهندڙ، گنهگار، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چڱي ڪم کان روڪيندڙ حد کان لنگهندڙ سخت گهنگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کارِيندڙ خير ڪنان، بي چيو بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چڱي ڪم کان روڪيندڙ، حد کان لنگهيل، بدڪار، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلائيءَ کان روڪيندڙ، ظلم ۽ ڏاڍائيءَ ۾ حد کان لنگهي ويندڙ، نهايت بڇڙا ڪم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) روڪي ٿو ڀلائيءَ کان، حد لنگهندڙ گنهگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀلائي (جي ڪمن) کان روڪيندڙ، حد کان لنگهندڙ ۽ وڏو پاپي (به) آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (جيڪو) ڀلائي جي ڪمن کان گهڻو روڪيندڙ ڪنجوس، حد کان لنگهندڙ سرڪش (۽) سخت گنهگار آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) چڱن ڪمن کان ماڻهن کي روڪيندڙ آهي- حدون اورانگهيندڙ آهي- بدڪار آهي- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
عُتُلٍّ بَعدَ ذٰلِكَ زَنيمٍ (آيت : 13) |
بدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) بڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کانپوءِ بداصل هجي. (هميشه نيت اها ته ماڻهن جو سڀ ڪجهه هڙپ ڪري وڃي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بدعادتو اِن (سڀني) کانپوءِ حرامي (بہ) ھجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بڇڙي طبيعت وارو ۽ ان کان سواءِ بد اصل (حرامي) هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سخت طبيعت جي ان کان پوءِ بد نسل .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بڇڙي طبيعت وارو (۽) ان کان پوءِ بداصل هجي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جفاڪار آهي ان (سڀ عيبن) کان پوءِ بد اصل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُند طَبِيعت تِنهن پُٺيان، گاڏڙ ذات گنوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بڇڙين عادتن وارو ۽ ان کان پوءِ حرامي به آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏاڍائيءَ تي سندرو ٻڌل اٿس ۽ انهن سڀني عيبن سان گڏ نسب به صحيح نه اٿس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بدعمل بد عادتو سان گڏ بد بڻ بنياد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪِني طبيعت وارو (۽ ان سان گڏوگڏ) بد اصل (يعني حرام نطفي جي پيداوار) آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (جيڪو) بڇڙي طبيعت وارو بد عادت آهي، وڌيڪ اهو ته بد بڻياد (به) آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بدچالو آهي انهن (سمورن عيبن) کان علاوه حرامي به آهي -(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَن كانَ ذا مالٍ وَبَنينَ (آيت : 14) |
انھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (پوءِ به هو معتبر بڻيل آهي) هن ڪري ته اهو سرمائيوارو ۽ اولاد (۽ ڦهليل خاندان) وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اِنھيءَ ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ڪري جو اهو گهڻي مال ۽ اولاد وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان سببان جو مال ۽ پٽن وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هن ڪري ته هو مال ۽ اولاد وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن ڪري (ان کي اهميت نه ڏي) جو اُهو مال ۽ اولاد وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَر هُجي مالدار، خاوَند کِير پُٽن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنڪري، جو هو مال ۽ اولاد وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ڪري جو گهڻو مال ۽ اولاد اٿس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڪري جو گهڻي مال ۽ اولاد وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي ايڏي سخت مخالفت ان لاءِ ڪري ٿو) جو (کيس گهڻو) مال ۽ اولاد اٿس. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان لاءِ (سندس ڳالهه کي اهميت نه ڏيو) ته اُهو مالدار ۽ صاحب اولاد آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اهي سموريون بدڪرداريون ان ڪري ڪري ٿو) ڇاڪاڻ جو مال اولاد وارو به آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا قالَ أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 15) |
جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (دولت ۽ قوت جي نشي ۾ سندس ڪيفيت هيءَ آهي جو) جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (نفرت ۽ آڪڙ وچان) چوي ٿو ته، هي اڳين جون آکاڻيون آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون چوي ٿو (ته اهي) اڳين ماڻهن جو آکاڻيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان وٽ اسان جون آيتون ته چيائين پهرين جون آکاڻيون آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن کيس اسان جو ن آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي اڳين جون آکاڻيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ان تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته چوي ٿو: ” هي ته اڳين جون آکاڻيون آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڙهجن اَسان جا اُن مٿي، حُڪم جڏهن هيڪار، ته آکاڻيون اَڳيَنِ جون، آکيائـِين اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن وٽس اسان جو آيتون پڙهجن ٿيون ته هو چوي ٿو ته ”اهي ته اڳين جون آکاڻيون آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن اسان جون آيتون کيس ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته اهي ته اڳئين زماني جون آکاڻيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون کيس اسان جون آيتون ته چوي ٿو، هي ڪهاڻيون آهن اڳين وقتن جون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن به کيس اسان جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته چوي ٿو ته هي پراڻي دور جون ڪھاڻيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جڏهن مٿن اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن (ته) چوي ٿو: هي (ته) اڳين ماڻهن جون آکاڻيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن اسان جون آيتون کيس پڙهي ٻڌائجن ٿيون ته چوي ٿو؛ اهي آڳاٽن ماڻهن جون آکاڻِيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
سَنَسِمُهُ عَلَى الخُرطومِ (آيت : 16) |
سگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سگهوئي کيس (انهيءَ آڪڙيل کي) نڪ تي ڏنڀ ڏينداسون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جلدي اسين سندس سونڍ (نڪ) تي داغ ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سگهو ئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد نشان ڪنداسون ان کي نڪ تي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سگهوئي کيس نڪ تي داغ ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سگهوئي اسان سندس سونڊ (جهڙي نڪ) تي داغ ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگهو ڪَنداسونسِ، سُونڊ تي، نِشانِي نِروار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين جلد ئي سندس سونڍ جهڙي نَڪ تي ڏنڀ ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سگهوئي اسان سندس نڪ تي ڏنڀ ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جلد هڻنداسين داغ سندس سونڍ (نڪ) تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عنقريب اسان سندس سونڍ (يعني نڪ) کي ڏَنڀ ڏينداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هاڻي اسان سندس سونڍ جهڙي نڪ تي داغ هڻنداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) چڱو ! ڏسجو ته اسين ستت ئي سندس دُونَ تي داغ ڪنداسون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنّا بَلَونٰهُم كَما بَلَونا أَصحٰبَ الجَنَّةِ إِذ أَقسَموا لَيَصرِمُنَّها مُصبِحينَ (آيت : 17) |
بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان انهن (سرمائي پرستن) کي اهڙيءَ طرح آزمايو جهڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايوسون. جڏهن انهن قسم (کائي پڪ ڪري ڇڏي هئي) ته صبح ٿيندي ئي ان (جي ميوي) کي پٽيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انهن کي آزمايو، جيئنڪ اسان باغ وارن کي آزمايو، جنهن وقت انهن قسم کنيو ته صبح جو سويري اهي ميوا پٽيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جهڙي طرح اسان هڪ باغ وارن جو امتحان ورتو هو اهڙيءَ طرح انهيءَ جو امتحان ورتو سو جڏهن انهن قسم کڻي چيو هو ته صبح ٿيندي ئي اسين ان جو ميوو ضرور پٽي اينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان آزمايو انهن کي جيئن آزمايو سون باغ وارن کي جڏهن قسم کنيائون ته البته ضرور لڻندا ان کي صبح جو سوير .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) اسان انهن (ڪافرن) کي اهڙي طرح آزمايو جهڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايوسون. جڏهن انهن قسم کنيو هو ته صبح ٿيندي ئي ان (جي ميوي) کي پٽيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انهن (مڪي وارن) کي اهڙي طرح آزمائش ۾ وڌو آهي جهڙي طرح باغ وارن کي آزمايو هيو جڏهن انهن قسم کنيو ته اسان صبح ٿيندي ئي ان جا ميوا پَٽينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان آزماياسون اَڳڀرا، باغائـِي ڪي ڀار، سَنجھي جِن سُونهن وِڌو، ڪيائون قول قرار، ته اُن مان پَٽِيندا پِرھ سان، موڙٖي مَڃر ٽار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان هنن کي ائين آزمايو، جيئن باغ وارن کي آزمايو هوسون_ جڏهن قسم کنيائون ته ”پوک کي ضرور سويرو ئي لڻندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن (مڪي وارن) کي ائين آزمائش ۾ وڌو آهي، جيئن هڪڙي باغ جي مالڪن کي آزمائش ۾ وڌو هئوسون. جڏهن انهن قسم کنيو هو ته صبح جو ساجهر ضرور باغ جو ميوو پٽيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان (مڪي وارن کي) آزمائش ۾ وڌو آهي جهڙيءَ طرح وڌوسين آزمائش ۾ باغ وارن ڌڻين کي، جڏهن انهن قسم کنيو ته ضرور ميوا پٽينداسين صبح سويرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن ڪافرن کي اهڙي طرح آزمائش ۾ وڌو آهي جيئن ان کان اڳ باغَ وارن (مالڪن) کي آزمائش ۾ وڌو هو. جن قسم کڻي چيو هو ته اسان (سڀاڻي) صبح جو سوير ضرور باغ جي پَٽائي ڪرڻ وينداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ اسان انهن (مڪي وارن) کي (اهڙي طرح) آزمائينداسين جيئن اسان (يمن جي) انهن باغن وارن کي آزمايو هو جڏهن انهن قسم کنيو هو ته يقيناً اسان صبح جو سوير ان جا ميوا ٽوڙينداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جهڙيءَ طرح اسان باغ وارن کي آزمايو هيو، اهڙيءَ طرح اسان انهن ڪافرن کي به آزمايو آهي، انهن باغ وارن قَسم کنيا هئا ته صبح ٿيندي ئي اسين ان جا ميوا ڇانگينداسون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا يَستَثنونَ (آيت : 18) |
۽ اِنشاءَالله نه چيائون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان مان مسڪينن جو حصو) جدا نه ڪندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن اِنشَاءالله نه چئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انشاءَ الله نه چيو هئائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه انشاءَ الله چون پيا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (مسڪينن جو حصو) جدا نه ڪندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انشاءالله نه چيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَکر نه آندئون وِچ ۾، جي گُھريو رَبَّ، غفار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”انشاءَ الله“ به نه چيائون_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو (ٻي ڪا ڳالهه ٿي پوڻ لاءِ ) ڪابه گنجائش نه ڇڏي رهيا هئا (ان شاءَ الله نه چئي رهيا هئا) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه چيو انشاءَ الله (اگر الله گهريو ته)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ميون کي نه پَٽي سگهڻ جو ته هُو ڪو امڪان ئي نه رکندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن (انشاءَالله چئي يا غريبن جو حصو) جدا نه ڪيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (پنهنجي ان غلط رٿ تي ايڏا ته خوش ٿيا جو) انشاءَ الله به ڪونه چيائون (۽ ٻيو ته مستحقن ۽ ڪڙمين جو حصو به ڪونه پئي ڪڍيائون)-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَطافَ عَلَيها طائِفٌ مِن رَبِّكَ وَهُم نائِمونَ (آيت : 19) |
پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا ڦيرو (پائي چٽ) ڪرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستا ئي رهيا. (جو سندن سمورو فصل چٽ ٿي ويو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ ان باغ تي (رات جو) توهان جي رب جي طرفان آفت پهتي ۽ اهي (ان وقت) ننڊ ۾ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان (باغ) تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي ستائي رهيا (پيا هئا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڦيرو ڏئي ويو ان تي ڦيرو ڏيندڙ تنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ننڊ ڪندڙ هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان باغ تي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا ڦرڻ واري (آفت) گهمي وئي ۽ اهي سُتا رهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (باغ تي) تنهنجي پالڻهار جي پاران ڪا ڦرڻ واري (آفت) ڦري وئي ان حال ۾ جو اُهي ستل ئي رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ڦِريو فِرقو رات ۾، تُنهنجي صاحِب، کان سَتّار، جَڏهن سُتل هُئا سيجن تي، ڪِنهن کي نه سار سَنڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن ستي ئي تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ان باغ تي ڪا بلا پيئي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جو جڏهن هو اڃان ســُـتل هئا ته تنهنجي رب وٽان هڪڙي آفت انهيءَ باغ تي گهمي وئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هڪ آفت ٽٽي پئي ان باغ تي تنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ستل هئا رات جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو (رات جو) اڃا ننڊ ۾ ئي ستل هئا ته تنھنجي پالڻھار جي طرفان اُن باغ تي هڪ بَلا اچي ڪڙڪي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ توهان جي رب جي طرفان هڪ ڦرڻ واري (عذاب راتو رات) ان (باغ) تي ڦري ويو ۽ اُهي سمهندا ئي رهيا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هو سمهيا ئي رهيا ۽ تنهنجي پالڻهار جي پاران باغ تي هڪ اهڙي بلا اچي ڪڙڪي- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَصبَحَت كَالصَّريمِ (آيت : 20) |
جو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهو ڀيليل (زمين) جهڙو ٿي پيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ باغ ڦري ٿيو مثل لاباري ڪيل پوک جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهو (سڄو باغ ٻري) اهڙو ٿي ويو جهڙي تمام ڪاري رات.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ٿي ويو لڻي کنيل وانگر .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهو لاباري پيل (زمين) جهڙو ٿي پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو (باغ) ائين ٿي ويو جيئن لابارو ٿيل پوک.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَڪل باغ پِرھ سان، ٿيو ڦِري ڍِڳ ڦُلهيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جوهو لڻيل جهڙو ٿي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو ائين ٿي ويو جو ڄڻڪ لڻيل پوک آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو ٿي ويو هڪ پاڙ ڪٽيل (ڄڻ ناڙ هجي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اِهو باغ ڀيلايل فصل وانگر ٿي ويو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اُهو (لهريون هڻندڙ گلن سان ٽمٽار باغ) صبح جو لڻيل پوک وانگر ٿي ويو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جو صبح ٿيندي ئي باغ لابارو پيل زمين وانگر ناڙ ٿي ويو- ڄڻ ڪوئي (رات جي پيٽ ۾) سمورا ميوا ڇانگي کنيون ويو ۽ باغ کي باهه ڏنيون ويو هجي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَتَنادَوا مُصبِحينَ (آيت : 21) |
پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ صبح ٿيندي ئي (فصل پٽڻ لاءِ) هڪٻئي کي سڏيائون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏيائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سڏيائون هڪ ٻئي کي صبح ٿيندي ئي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏيائون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ صبح ٿيندي ئي هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هِڪ ٻئي کي هوشيار، ڪيؤن پرھ ڦُٽِي پِرڀات ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ته سويرو هڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) صبح جو انهن هڪ ٻئي کي سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن سڏيو هڪ ٻئي کي صبح جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ صبح جو سوير ئي هڪ ٻئي کي (باغ ڏانھن هلڻ لاءِ) سڏيائون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ صبح ٿيندي ئي اُهي هڪٻئي کي سڏڻ لڳا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) صبح سوير جڏهن اهي اٿيا ته هڪ ٻئي کي آواز ڏنائون: (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَنِ اغدوا عَلىٰ حَرثِكُم إِن كُنتُم صٰرِمينَ (آيت : 22) |
جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ته پنهنجي پوک تي جلدي هلو، جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تہ جيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو تہ پنھنجيءَ پوک تي سويرو ھلو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پنهنجي پوک تي جلدي هلو. جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته صبح جو سوير هلو پنهنجي پوک تي جيڪڏهن آهيو لڻندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ته پنهجي پوک تي جلدي هلو جيڪڏهن اوهان کي ميوو پٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته پنهنجي پوک تي ساجھر سوير هلو جيڪڏهن اوهان کي ميوا پَــٽڻا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُٿيا اَسر آسري، ڪيؤن هِڪ ٻِئي کي به هَڪل، ته پُهچو پَنهنجِي پوک تي، سرهي صُبح مَهل، اٿوَ ميوا ماڻڻا، ته اُٿو سِين اَٽڪل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”جيڪڏهن لابارو ڪرڻو اٿوَ، ته پنهنجي پوک ڏي سويل هلو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيڪڏهن ميوو پٽڻو اٿو ته ساجهر ئي پنهنجيءَ ٻنيءَ ڏانهن نڪري هلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن هلڻو اٿوَ سويرو پنهنجي کيتيءَ ڏي توهان کي ميوو پٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چيائون ته جيڪڏهن توهان کي ميوو پٽڻو آهي ته پوءِ جلدي پَوک تي نڪري هلو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ پنهنجي ٻنيءَ تي سويري سويري هلو جيڪڏهن توهان ميوا پٽڻ چاهيو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته توهان کي ميوا ڇانگڻا آهن ته اٿو هلي باغ ۾ پهچو.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَانطَلَقوا وَهُم يَتَخٰفَتونَ (آيت : 23) |
پوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ٺينگ ٽپا ڏيندا) پاڻ ۾ هڪٻئي کي هوريان چوندا هليا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ اهي روانا ٿيا ۽ اهي پاڻ ۾ آهستي ڳالهائڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان چوندا هليا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ روانا ٿيا ۽ اهي پاڻ ۾ آهستي ڳالهائن پيا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي هوريان هوريان چوندا هليا ته (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هليا ۽ اُهي هڪ ٻئي کي هوريان چوندي پي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَڙڪيا ڪَندٖي ڪَن سِرا، متان ڪنهن کي پَوي ڪَل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هڪ ٻئي سان سُر پُر ڪندا هليا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ روانا ٿيا ۽ پاڻ ۾ آهستي آهستي چوندا پئي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي نڪري پيا ۽ اهي پاڻ ۾ هوريان چوندا پئي ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُو (باغ ڏانھن)هلڻ لڳا ۽ (رستي ۾) هڪ ٻئي کي سُس پُس واري انداز ۾ چئي رهيا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اُهي روانا ٿيا ۽ اُهي پاڻ ۾ آهستي آهستي چوندا ٿي ويا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) همراهه اٿيا ۽ هلڻ لڳا- پاڻ ۾ هوريان هوريان چوندا ٿي ويا: (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَن لا يَدخُلَنَّهَا اليَومَ عَلَيكُم مِسكينٌ (آيت : 24) |
ته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه محتاج ۽ مسڪين اندر نه اچي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ته نه داخل ٿئي اڄ توهان جي باغ تي ڪو مسڪين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪو به مسڪين نه اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته هرگز داخل نه ٿيندو ان ۾ اڄ اوهان وٽ ڪو مسڪين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اڄ ان(باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه مسڪين اندر نه اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته اڄ ان (باغ) ۾ اوهان وٽ ڪوبه مسڪين اندر نه اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڄ نه گِھڙندو اُن ۾، ڪو کاڻُو ۽ کُٽل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”جيئن اڄ هن ۾ اوهان وٽ ڪو مسڪين نه اچي سگهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اڄ ڪوبه مسڪين توهان وٽ باغ ۾ اندر نه اچي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته نه اچي سگهي باغ ۾ اڄ توهان وٽ ڪوبه مسڪين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته اڄ توهان وٽ باغ ۾ ڪو مسڪين (گُهرڻ وارو) نه اچڻ کپي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته اڄ هن باغ ۾ توهان وٽ هرگز ڪو محتاج نه اچڻ کپي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته ڏسجو متان اڄ ڪو غريب ماڻهو نه باغ ۾ اندر گهڙي اچي (۽ ڳچيءَ ۾ پوي!)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَغَدَوا عَلىٰ حَردٍ قٰدِرينَ (آيت : 25) |
۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي سوير پهتا ۽ (اهڙو انتظام ڪيائون جو مسڪينن کي) روڪڻ جي کين سگهه هئي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ صبح جي وقت پنهنجي ارادي سان قادر ٿي روانا ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي سويري پهتا ۽ (مسڪينن) روڪڻ جي کين سگھ هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبح جو سوير ويا (پنهنجي ان) ارادي تي قادر ٿيندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي سويري پهتا ۽ (مسڪينن) کي روڪڻ جي کين سگهه هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صبح جو ساجھر هليا پنهنجي (ڪجھه نه ڏيڻ واري) ارادي تي سگھه سمجهندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ صُبح سوڀارا ٿيا، مَنجھ ٽارڻ وارِي ٽَل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي ڪنجوسيءَ تي قادر ٿي اچي سويل ئي پهتا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪنهن کي ڪجهه نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪري هو صبح ساجهر ئي تڪڙا تڪڙا ائين پئي ويا ڄڻ ته هو ائين ڪري (ميوو پٽي) سگهندا! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪجهه نه ڏيڻ (بخيلي) جو فيصلو ڪري جلدي اتي پڳا ڄڻ (ميوا پٽڻ تي) قادر هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو باغ ڏانھن ايئن وڃن پيا ڄڻ ته کين ميوا پٽڻ جي وڏي پَڪ هئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهي صبح سويري (ميوا ٽوڙڻ ۽ غريبن کي انهن جي حصي کان محروم ڪرڻ جي) منصوبي تي قادر بڻجندي نڪري پيا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (سمجهيائون ٿي ته بس اجهو! هاڻي هلڻ سان ميوا ڇانگيندا) تنهنڪري سامان کڻي هليا ۽ صبح جو ساجهر پهتا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا رَأَوها قالوا إِنّا لَضالّونَ (آيت : 26) |
پوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته، چيائون ته، اسين رستو ڀليل آهيون. (ڪٿي هي ٻين جو باغ ته ناهي؟!)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن (سڙيل) باغ ڏٺو ته چوڻ لڳا ته بيشڪ اسين يقيناً رستو ڀلجندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته چيائون ته اسين (شايد) رستو ڀليل آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏٺائون ان کي ته چيائون بيشڪ اسين البته ڀلجي پوندڙ آهيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان (باغ) کي ڏٺائون ته چيائون ته اسين رستو ڀليل آهيون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان (اجڙيل باغ) کي ڏٺائون ته چيائون: ”اسان پڪ سان رستو ڀُليل آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جَڏهن اک اُنهن جِي، پَئـِي مَٿي تِنهن مَنزل، بيشڪ ڀُليا آهِيون، پاٻوهيون تِنهن پَل،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جڏهن پوک کي ڏٺائون، تڏهن چوڻ لڳا ”اسين ته سچ پچ گمراهه آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر جڏهن باغ کي ڏٺائون ته چوڻ لڳا، "اسان رستو ڀلجي ويا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ڏٺائون (باغ کي) ته چوڻ لڳا، ضرور اسان رستو ڀلجي ويا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پھچڻ کان پوءِ) جڏهن هنن باغ جي حالت کي ڏٺو ته چوڻ لڳا ته (لڳي ٿو ته) شايد اسان رستو ڀلجي ويا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن انهن اهو (ويران باغ) ڏٺو ته چيائون: يقيناً اسان رستو ڀلجي ويا آهيون (هي اسان جو باغ نه آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) باغ کي جڏهن ڏٺائون ته سڙي ناڙ لڳو پيو آهي ته چوڻ لڳا؛ لڳي ٿو ته اسين رستو ڀلجي ويا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَل نَحنُ مَحرومونَ (آيت : 27) |
(نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (جڏهن اکيون مهٽي پڪ ڪيائون ته، پوءِ رڙ نڪري وين ته نه نه!) پر اسين بي نصيب آهيون. (۽ اسان جو سڀ ڪجهه لٽجي ويو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بلڪ اسين محروم آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نه! نه!) پر اسين بي نصيب آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ اسين بي نصيب آهيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (نه نه !) پر اسين بي نصيب آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه نه بلڪه اسان بي نصيب آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو آسَرپَل، وانجِھيَل آهيون وِرڇ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نه، بلڪ اسين ته بي نصيب ٿي وياسون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه نه، بلڪه اسان جو ته جهڳوئي جــَـهڻ ٿي ويو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اسان محروم ٿيل آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر جڏهن باغ کي سڃاتائون ته چيائون ته نه) بلڪه اسان ته باغ کان ئي محروم ٿي ويا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (جڏهن غور سان ڏٺائون ته پڪارڻ لڳا: نه نه،) بلڪه اسان ته محروم ٿي ويا آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (نه) پر رستو ته اهوئي آهي بلڪه اسان جي قسمت ڦِٽي آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ أَوسَطُهُم أَلَم أَقُل لَكُم لَولا تُسَبِّحونَ (آيت : 28) |
سندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سندن چڱي مڙس چيو ته، مون اوهان کي نه چيو ها ڇا ته الله جي (قانونن تي هلي ان جي) پاڪائي ڇو نٿا بيان ڪريو. (۽ سندس فرمانبرداريءَ ۾ ڇو نٿا اچو.).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن مان چڱي ماڻهو چيو، ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته توهان الله جي پاڪائي (خيرات) ڇو نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ۾ جيڪو انصاف پسند هو تنهن چيو ته مون اوهان کي نه چيو هو ته خدا جي پاڪائي ڇو نه ٿا بيان ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو انهن مان چڱي (داناءَ) ڇا نه چيو مون اوهان کي ته ڇو نه ٿا تسبيح پڙهو؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سندن چڱي مڙس چيو ته مون اوهان کي نه چيو هو ڇا ته الله جي پاڪائي ڇو نه ٿا بيان ڪريو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي چڱي مڙس چيو: ”ڇا مون توهان کي نه چيو هيو ته توهان (الله) جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيو چڱي اُنهن مان، ته آن کي چَيَمِ نه چَڱِي چال؟ ته اِن ساءَ اللهُ هُوند چَئو، ڀانيو ڀَلي جا ڀال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته منجهانئن هڪ چڱي مڙس چيو ”مون ڪين اوهان کي چيو هو ته الله جي پاڪائي ڇو نٿا چئو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن چڱي مڙس چين: "مان توهان کي چيو نه هو ته توهان الله جي پاڪائي ڇو نٿا بيان ڪريو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چيو چڱي مڙس انهن کي، مون نه چيو هو توهان کي، ڇو نٿا بيان ڪريو پاڪائي (الله) جي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن مان هڪڙي چڱي مُڙس چيو ته مان ته توهان کي چوندو هوس ته توهان الله تعالى جي تسبيح ڇو نٿا بيان ڪريو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن مان هڪ انصاف پسند سياڻي شخص چيو: ڇا مون توهان کي نه چيو هو ته توهان (الله جو) ذڪر ۽ تسبيح ڇو نٿا ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منجهانئن جيڪو چڱو (مڙس) هيو- چوڻ لڳو؛ مان توهان کي نه چوندو هيس ته (پنهنجي ان آخري معبود جي ئي) تسبيح ۽ تقديس ڇونه ٿا ڪريو؟- (جيڪو مڙني مشڪلاتن کي حل ڪندڙ آهي)!(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالوا سُبحٰنَ رَبِّنا إِنّا كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 29) |
چيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن چيو ته، اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي (اهو ڪنهن جي محنت ائين ضايع نه ڪندو آهي) بيشڪ اسان (مسڪينن ۽ غريبن جي حقن کان اکيون ٻوٽي ڇڏيون سو) پاڻ تي (پاڻ) ظلم ڪيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن چيو اسان جو رب پاڪ آهي، بيشڪ اسان ظالم هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته اسان جو پالڻهار پاڪ آهي. بيشڪ اسين ته ظالم هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون اسان جي رب جي پاڪائي آهي بيشڪ اسين هئاسون ظلم ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اسان جو پاليندڙ پاڪ آهي. بيشڪ اسي نه ته ظالم هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (تڏهن) چيائون: ”اسان جو پالڻهار پاڪ آهي بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوسيڙِي اَرمان مان، ڳالهايؤن هِي ڳالھ، ته آهي پاڪ اسان جو، مالِڪ بي مِثال، اَسِين پاڻهِين پاڻ سان، آهيون جاڙُون ڪَندڙ جال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسين پنهنجي ڌڻي جي پاڪائي چئون ٿا ۽ بيشڪ اسين ظالم آهيون“. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوڻ لڳا: "پاڪ آهي اسان جو رب! بيشڪ اسان ظالم هئاسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي پڪارڻ لڳا، پاڪ آهي رب اسان جو، بيشڪ اسان ئي ظالم (گنهگار) هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي چوڻ لڳا ته پاڪ آهي اسان جو پالڻھار. بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (تڏهن) اُهي چوڻ لڳا ته اسان جو رب پاڪ آهي، بيشڪ اسان ئي ظالم هئاسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) چيائون؛ اسان جو پالڻهار پاڪ آهي، يقينا اسين پاڻ ظالم آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَلٰوَمونَ (آيت : 30) |
پوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ هڪٻئي کي سامهون ٿي هڪٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ اهي هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي تي ملامت ڪرڻ لڳا،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪ ٻئي کي سامهون ٿي ملامت ڪرڻ لڳا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سامهون ٿيا هڪڙا انهن مان ٻين کي ملامت ڪن پيا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي (هڪ ٻئي کي) ملامت ڪرڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُٿليا هيڪ ٻِئن تي، لَڳا لوئـِڻ لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هڪ ٻئي ڏي مهاڙ ڪري ڇينڀڻ لڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏيڻ لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سامهون آيا هڪ ٻئي جي هرڪو ملامت ڪندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ته ويھي هڪ ٻئي کي ملامت ڪرڻ لڳا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ هڪٻئي ڏانهن متوجههه ٿي پاڻ ۾ ملامت ڪرڻ لڳا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ ويٺا هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏيڻ ۽ ملامت ڪرڻ...! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالوا يٰوَيلَنا إِنّا كُنّا طٰغينَ (آيت : 31) |
چوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) چوڻ لڳا ته، هاءِ! اسان جي خرابي! بيشڪ اسين (فصل جو ڏيڻ وارن خدائي قانونن جي) حد کان لنگهندڙ هئاسون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن چيو هاءِ. افسوس. بيشڪ اسين الله جي حدن کان وڌندڙ هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوڻ لڳا ته هاءِ! اسان جي خرابي! بيشڪ اسين حد کان لنگهندڙ هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون اي هلاڪت آهي اسان جي لاءِ بيشڪ اسين هئاسون سرڪش .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چوڻ لڳا ته هاءِ اسان جي خرابي! بيشڪ اسين حد کان لنگهندڙ هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”هاءِ اسان تي افسوس! بيشڪ اسان سرڪش هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هَي! اَسان جي حال، اَسِين مُوڙهل هُئاسون مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا ”هاءِ افسوس! اسين حد اُڪري وياسون! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ چيائون ته "افسوس آهي اسان جي حال تي، بيشڪ اسان حد کان لنگهندڙ هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر چيو انهن، افسوس اسان تي، بيشڪ اسين حد لنگهندڙ هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چوڻ لڳا ته اسان تباهه ٿي وياسين. بيشڪ اسان ئي وڏا سرڪش هئاسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) چوڻ لڳا: هاءِ اسان جي شامت! بيشڪ اسان ئي نافرمان ۽ باغي هئاسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ نيٺ سڀني چيو ته؛ هاءِ، اسان جي بدبختي! بي شڪ (وڏين نافرمانين ۽ گمراهين ۾ مبتلا هياسون) اسين ئي حد لنگهي ويندڙ هياسون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
عَسىٰ رَبُّنا أَن يُبدِلَنا خَيرًا مِنها إِنّا إِلىٰ رَبِّنا رٰغِبونَ (آيت : 32) |
مانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (هينئر اسان خدائي قانونن تي عمل طرف موٽون ٿا) اميد آهي ته اسان جو پاليندر هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي بدلي ۾ ڏئي. بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) عنقريب اسان جو رب اسان کي ان کان بهتر باغ عطا ڪندو، بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اميد آهي ته اسان جو پالڻهار هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي ڏئي. بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهو آهي اسان جو رب ته مٽائي ڏئي اسان کي ڀلو ان کان بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن رغبت رکندڙ آهيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اميد آهي ته اسان جو پاليندڙ هن کان به ڀلو (باغ) اسان کي بدلي ۾ ڏي ، بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ۾ ئي اميد رکندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اميد آهي اسان جو پالڻهار اسان کي ان جي عيوض ان کان بهتر (باغ) ڏيندو بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار ۾ اميدوار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آگو پاڪ اَسان جو، آهي اوڏو اِنهِئَ ڳالھ، ته ڏِينيَئون عيوض اُن جي، ڪو بِهتر باغ بَحال، اَسِين آسائُو آهيون، پَنهنجي مالِڪ ۾ مُعتال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اميد آهي ته اسان جو ڌڻي اسان کي ان جي بدلي ۾ ان کان به ڪو سٺو ڏئي! جو هاڻي اسين بيشڪ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي مهاڙ ڪريون ٿا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پري ناهي ته اسان جو رب اسان کي بدلي ۾ ان کان به ڀلو باغ عطا ڪري، اسان پنهنجي رب سان ٿا دل لڳايون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) من عطا ڪري رب اسان جو ان جي بدلي ۾ ان کان ڪو سٺو باغ، بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏي رجوع ڪريون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٿي سگهي ٿو ته اسان جو پالڻھار اسان کي هن کان وڌيڪ بھتر باغ نصيب ڪري. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏي رجوع ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اميد آهي اسان جو رب اسان کي ان جي بدلي ۾ ان کان بهتر ڏيندو، بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏانهن موٽون ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ٿي سگهي ٿو ته اسان جو پالڻهار اسان کي ان جي بدلي ۾ هن کان به ڀلو باغ عنايت ڪري، هاڻي اسين پنهنجي پالڻهار ڏانهن ٿا رجوع ڪريون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
كَذٰلِكَ العَذابُ وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 33) |
ائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون خدائي قانونن سان سرڪشي ڪندڙن کي ٻڌاءِ ته) اهڙيءَ طرح ئي (نافرماني ۽ ناشڪريءَ جو) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام وڏو آهي، جيڪڏهن (اها ڳالهه) سمجهه وٺن ها.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهڙيءَ طرح عذاب آهي، ۽ پر آخرت جو عذاب تمام وڏو آهي، ڪاش، اهي ڄاڻن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڏسو) ائين عذاب ٿيندو آهي ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان گهڻو وڌيڪ آهي جيڪڏهن اهي ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح عذاب هوندو آهي ۽ البته عذاب آخرت جو وڏو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) اهڙيءَ طرح ئي (ناشڪريءَ جو) عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته تمام وڏو آهي، جيڪڏهن ڄاڻن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عذاب ائين هوندو آهي! ۽ آخرت جو عذاب (اڃا) وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي سَڀ سَزا جون صُورتون، هَلن حال فِى الحال، ۽ آهي آخِرت جو، جبرو جِئ جنجال، پروڙِين پئمال، هُوند انهئ حال کي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ئي عذاب ايندو آهي- ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب گهڻو وڏو آهي- افسوس! جي هو سمجهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙو ٿيندو آهي عذاب ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به وڏو آهي، جيڪر اهي ماڻهو اها ڳالهه ڄاڻن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين ئي ٿيندو آهي عذاب، ۽ عذاب آخرت جو ته اڃا به وڏو آهي، ڪاش! جي اهي ماڻهو ان کي ڄاڻن ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ناشڪري ڪرڻ جو اهو عذاب آهي ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان به وڏو آهي. ڪاش! هي ماڻهو (اَڳ ۾ ئي) ڄاڻن ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) عذاب ائين ئي ٿيندو آهي، ۽ واقعي آخرت جو عذاب (هن کان) اڃان وڌيڪ آهي، ڪاش! اُهي ماڻهو ڄاڻن ها.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (ظالمن تي) ائين ئي عذاب نازل ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ان جي حقيقت ڄاڻي وٺن ته کين خبر پئجي ويندي ته اهو آخرت جو عذاب. ان کان به تمام وڏو عذاب آهي (۽ آخرڪار عذاب ظالمن تي نازل ٿيڻو ئي آهي).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ لِلمُتَّقينَ عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 34) |
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (ٻئي طرف واري خدا جي قانونن تي عمل ڪندڙ ۽ مسڪينن محتاجن جو خيال رکندڙ) پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ نعمت جا باغ آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن رب وٽ نعمتن وارا باغ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ پرهيزگار شخص پنهنجي پروردگار وٽ عيش ۽ آرام جي باغن ۾ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ سندن رب وٽ نعمتن واريون جنتون آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ نعمت جا باغ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سندن پالڻهار وٽ نعمتن وارا باغ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُکن جا باغ سَچن لئي، آهِن سَندنِ سائـِينءَ وَٽِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪن لاءِ سندن ڌڻيءَ وٽ نعمتن وارا باغ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله کان ڊڄندڙ ماڻهن لاءِ سندن رب وٽ نعمتن ڀريل جنتون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهن لاءِ سندن رب وٽ نعمت ڀريا باغ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهن لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ نعمتن وارا باغ آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ سندن رب وٽ نعمتن وارا باغ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن ۾ تقوى (يعني انسان دوستي، انصاف ڪرڻ ۽ الله کان ڊڄڻ جي وصف موجود) آهي انهن ماڻهن جي لاءِ بي شڪ، انهن جي پالڻهار وٽ نعمت ۽ برڪت وارا باغ آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَفَنَجعَلُ المُسلِمينَ كَالمُجرِمينَ (آيت : 35) |
مسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسين (مهربانين جي عطا ۾ خدائي قانونن جي) تابعدارن کي (سرڪشي ڪندڙ) ڏوهارين جهڙو ڪنداسون ڇا؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اسين مسلمانن کي مجرمن وانگر ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اسين فرمانبردارن کي نافرمانن جي برابر ڪنداسون (ڪڏهن نه)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ ڪنداسون مسلمانن کي مجرمن وانگر .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسين تابعدارن کي ڏوهارين جهڙو ڪنداسون ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان فرمانبردارن جو ڏوهارين جهڙو حال ڪنداسين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بُڇڙن ساڻ ڀَلن کي، ڪِيئن ڪَنداسون مَٽ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسين مسلمانن کي گنهگارن جهڙو ڪنداسون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان فرمانبردارن کي به ڏوهارين جهڙو ڪري ڇڏيون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان ڪريون فرمانبردارن جو حال مجرمن جهڙو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان فرمانبردارن کي ڏوهارين جھڙو ڪنداسين؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا اسان فرمانبردارن کي ڏوهارين وانگر (محروم) ڪنداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا، اسين مسلمانن کي گناهه گارن جي برابر ڪري ڇڏينداسون؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 36) |
اوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي (جو جيئن دل ۾ اچيو ٿو تيئن ڪيو ٿا؟ خدا جي قانونن کي اورانگهڻ جو آخر) ڪيئن فيصلو ڪريوٿا؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ توهان ڪهڙيءَ طرح فيصلو ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪئين فيصلو ڪريو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ٿيو آهي اوهان کي ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن فيصلو ڪريو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن ٿا فيصلو ڪيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن سان ڪِهڙو ٿيو ڪُو ڪَٽ؟، ته اِهڙا نِياءَ نبِيريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا ٿيو اٿوَ؟ ڪهڙوٿا فيصلو ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ٿيو اٿوَ، ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ٿيو آهي توهان کي ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو توهان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪھڙو ٿا (ويھي) فيصلو ڪريو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان کي ڇا ٿيو آهي، ڪهڙو فيصلو ڪريو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توهان کي ٿي ڇا ويو آهي؟ ڪهڙا ٿا ويٺا فيصلا ڪيو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم لَكُم كِتٰبٌ فيهِ تَدرُسونَ (آيت : 37) |
اوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يا ته اوهان وٽ ڪو (اهڙو خدائي) ڪتاب آهي جنهن ۾ (پنهنجي مرضي اختيار ڪرڻ جي اجازت) پڙهو ٿا؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جو ان ۾ توهان پڙهو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اوهان وٽ ڪو (ايماني) ڪتاب آهي جنهن ۾ اوهين پڙهي وٺو ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا اوهان لاءِ ڪو ڪتاب آهي جو ان ۾ پڙهو ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي ڇا؟ جنهن ۾ (هيءَ ڳالهه) پڙهو ٿا ته (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنهن ۾ (اهو) پڙهو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اوهان وَٽ آھِ ڪو، ڌُرائـِين دفتر؟ واري وَرق جِنهن مان، پڙهو اِهڙئَ پَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان وٽ ڪو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ٿا پڙهو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي، جنهن ۾ اهو پڙهو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنهن ۾ توهان هي پڙهو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنھن ۾(اها ڳالهه) پڙهو ٿا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي جنهن ۾ توهان (اهو) پڙهو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا توهان وٽ ڪو ڪتاب آهي، جنهن ۾ توهين پڙهو ٿا؟-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ لَكُم فيهِ لَما تَخَيَّرونَ (آيت : 38) |
ته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (يا الله کان اوهان لکي ورتو آهي ته هتي جيئن وڻيو تيئن ڪندا وتو ۽) آخرت ۾ اوهان لاءِ اها شئ (تيار پئي) آهي جا پسند ڪريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ توهان لاءِ ان ۾ اهو ئي آهي جيڪو توهان پسند ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو جيڪا شيءِ اوهان کي وڻندي سا اتي اوهان کي ضرور ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اوهان جي لاءِ ان ۾ البته اهو آهي جيڪو پسند ڪيو ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) آخرت ۾ اوهان لاءِ اها شيءِ آهي جا پسند ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو توهان جي لاءِ ان ۾ اهو ڪجهه آهي جو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته آھِ اوهان لئي اُن ۾، گُھرو جِھڙو گَھر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪي پسند ٿا ڪريو، سو آخرت ۾ اوهان کي ضرور ملندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته توهان لاءِ اتي اهو ئي آهي، جيڪو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان لاءِ ضرور اتي اهو ئي آهي جيڪو توهان پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته آخرت ۾ توهان جي لاءِ اُها شيءِ هوندي جيڪا توهان کي پسند آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته توهان لاءِ ان ۾ اهو ڪجهه آهي جيڪو توهان پسند ڪريو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته توهين جيڪو پسند ڪندؤ، اهوئي توهان کي ملندو، (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم لَكُم أَيمٰنٌ عَلَينا بٰلِغَةٌ إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ إِنَّ لَكُم لَما تَحكُمونَ (آيت : 39) |
اوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يا اوهان (مان ڪو ٻڌائي ته ان) جا اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام ۽ قسم آهن ڇا؟ جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هلندا ته (اتي) جنهن شئ جو اوهين حڪم ڪريو سا اوهان لاءِ (حاضر) آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) يا توهان لاءِ اسان تي قيامت جي ڏينهن تائين ڪي پَڪا قسم کنيل آهن جو بيشڪ توهان لاءِ اهو آهي جيڪو توهان فيصلو ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اوهان اسان کان قسم کڻايا آهن جيڪي ڏينهن قيامت تائين هلندا رهندا ته جو ڪجھ اوهين حڪم ڪندو سو ئي اوهان لاءِ ضرور حاضر ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا اوهان جي لاءِ قسم آهن اسان تي پهچندڙ قيامت جي ڏينهن تائين بيشڪ اوهان جي لاءِ البته اهو آهي جيڪو حڪم ڪيو ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اوهان جا اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام آهن ڇا؟ جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين هلندا ته جنهن شيءِ جو اوهين حڪم ڪريو سا اوهان لاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان جا اسان جي ذمي ڪي پڪا پختا انجام آهن؟ جيڪي قيامت واري ڏينهن تائين هلندا جو توهان جي لاءِ اهو ڪجهه هوندو جنهن جو توهان (پنهنجي لاءِ) فيصلو ڪندؤ!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا آن سان ٻول اَسان جا، مُحڪم تان مَحشر؟ ته آھِ اَوهان آهِر، جِيئن واتان وائـِي واريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڇا، اوهان جا اسان سان ڪي قيامت تائين هلندڙ پڪا انجام ٿيل آهن، ته جيڪي به اوهين فيصلو ٿا ڪريو سو اوهان کي ملندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري ڪو توهان لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين اسان کان ڪو انجام ورتل آهي ڇا ته توهان کي اهوئي ملندو جنهن جو توهان فيصلو ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري توهان جي لاءِ اسان جي ذمي ڪي پڪا انجام ٿيل آهن ڏينهن قيامت تائين، بيشڪ توهان کي اهو ئي ملندو جنهن جو توهان حڪم ڪريو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اوهان جا اسان سان ڪي قيامت تائين جا پَڪا وعدا ٿيل آهن ته توهان جيڪو به فيصلو ڪريو ته اهو اوهان کي ضرور ملندو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) يا توهان جي لاءِ اسان جي ذمي ڪي (اهڙا) پڪا قول قرار آهن جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين باقي رهن (جن جي ذريعي اسان پابند هجون) ته توهان جي لاءِ اُهوئي ڪجهه هوندو جنهن جو توهان (پنهنجي حق ۾) فيصلو ڪندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) يا توهين اسان کان قَسم کڻائي ڇڏيا آهن- جيڪي قيامت تائين پيا هلندا ته توهين جنهن شيءِ جي فرمائش ڪندؤ اهائي توهان کي موجود ڪري ڏني ويندي؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
سَلهُم أَيُّهُم بِذٰلِكَ زَعيمٌ (آيت : 40) |
(اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) انهن کان پڇ ته، انهن مان ڪير ان (ڳالهه) جو ذميوار آهي؟ (جيڪو سيني تي هٿ هڻي چوي ته، مان خدا سان انهيءَ قسم جو عهد ڪيو آهي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان انهن کان پڇو ته انهن مان ڪهڙو سندن ضامن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان پڇو ته انهن ۾ ان جو ڪير ذمه دار آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇ انهن کان ته ڪهڙو انهن مان ان جو ضامن آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) انهن کان پڇ ته انهن مان ڪير ان (ڳالهه) جو ذميوار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان پڇ ته انهن مان ڪير ان (بيهودي ڳالهه) جو ضامن آهي ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڇ پيغمبر! پاڪ تون، تِنِين کان تَفصِيل، ته آهي ڪير ڪَفِيل، بار کڻندڙ اِن بارر جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڇينِ، ته ڀلا اوهان مان ڪهڙو انهيءَ جو ذمو ٿو کڻي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇين ته منجهانئن ڪير آهي ان ڳالهه جو ضامن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کان پڇ توهان مان ڪير آهي ان جو ضامن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان پُڇا ڪر ته انهن مان ڪير ٿو ان ڳالهه جي ذميداري کڻي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن کان پڇو ته انهن مان ڪير ان (قسم جي بيهوده ڳالهه) جو ذميوار آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن ماڻهن کان پڇو ته منجهانئن ڪير ان جو ذميوار آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم لَهُم شُرَكاءُ فَليَأتوا بِشُرَكائِهِم إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 41) |
انھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يا ته انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا؟ (جن کين اهڙي خاطري ڪرائي آهي) پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته پنهنجي (ٺهرايل) شريڪن کي وٺي اچن. (۽ پنهنجي گهڙيل ڪوڙين دعوائن جي صداقت جو ثبوت ڏين).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) يا انهن وٽ ڪي شريڪ آهن، اهي ڀلي پنهنجي شريڪن کي آڻين جيڪڏهن اِهي سچا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (هن باري ۾) انهن جا ٻيا ماڻهو به شريڪ آهن پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو سچا آهن ته پنهنجن شريڪن کي سامهون (ته) آڻين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا انهن جي لاءِ شريڪ آهن پوءِ ڀلي آڻين پنهنجن شريڪن کي جيڪڏهن آهن سچا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) يا ته انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا؟ پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته پنهنجن (ٺهرايل) شريڪن کي وٺي اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ته انهن جا ڪي شريڪ آهن .. ته پوءِ ڀلي پنهنجي شريڪن کي وٺي اچن جي اهي سچا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، آهِن ڪي اُنهن جا، ساٿضي ري سَّتار؟ جي سَچاپاڻ سُخن ۾، ته آهينِ اِختيار، ته ڪوٺي ڪُل قطار، ميڙي اَچنِ ميدان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اٿن ڪي اهڙا سائين؟ پوءِ جي سچا آهن، ته سندن انهن سائينِ کي وٺي اچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري گهڙيل شريڪ اٿن ڇا (جن ان ڳالهه جو ذمو کنيو آهي؟) پوءِ ڀلا آڻن کڻي پنهنجن انهن شريڪن کي، جيڪڏهن اهي سچا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا انهن جا مقرر ڪيل شريڪ آهن (جن جو ان ذمو کنيو) ائين آهي ته آڻين پنهنجا اهي شريڪ، جيڪڏهن اهي (واقعي) سچا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن جا ڪي (اهڙا) شريڪ آهن؟ (جن انهن جي ذميداري کنئي آهي؟) جيڪڏهن هي سچا آهن ته انهن شريڪن کي وٺي اچن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) يا انهن جا ڪي ٻيا شريڪ (به) آهن؟ ته انهن کي کپي ته پنهنجي شريڪن کي وٺي اچن جيڪڏهن اهي سچا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا انهن ماڻهن جا ٻيا به ڀائيوار آهن؟ جيڪڏهن آهن، ۽ اهي پنهنجي دعوى ۾ سچا آهن ته انهن کي ورتيون اچن! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَومَ يُكشَفُ عَن ساقٍ وَيُدعَونَ إِلَى السُّجودِ فَلا يَستَطيعونَ (آيت : 42) |
جنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهو سڀ من گهڙت آهي ۽ خدا جو مڪافات وارو قانون اٽل آهي، سو ان وقت کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن (پريشان حاليءَ ۾ تيز ڀڄندي سندن) پني کولي ويندي ۽ کين سجدي ڏي سڏيو ويندو، پوءِ (دنيا ۾ سجدي نه ڪرڻ ڪري اتي به) سجدو نه ڪري سگهندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن بيحد سختي هوندي ۽ انهن کي سجدي ڏانهن سڏيو ويندو پوءِ کين سجدي جي توفيق نه ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن پني کولي ويندي ۽ (ڪافر) سجدي لاءِ سڏيا ويندا ته سجدو نه ڪري سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن کولي ويندي هڪ ساق ۽ سڏيا ويندا سجدي ڏانهن پوءِ نه ڪري سگهندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (ان وقت کي ياد ڪر) جنهن ڏينهن پني کولي ويندي ۽ کين سجدي ڏي سڏيو ويندو، پوءِ سجدو نه ڪري سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن هڪ پِني (يعني قيامت جي هيبتناڪ منظر) تان پردو کنيو ويندو ۽ انهن (نافرمانن) کي سجدي ڏانهن سڏيو ويندو پوءِ سجدو ڪري نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏاڍي ڏِينهن، بُڪِي تان، وِيندا کنياوَر، تڏهن سَجدي ڏانهن سَڏبا، پيش ڌَڻِي پَروَر، پوءِ سَجدو ڏيئـِي نه سَگھندا، قابُو هُوندونِ ڪَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن پني کولبي، (يعني سڀ ڪم کلي ظاهر ٿيندا ۽ عذاب جي شدت هوندي) ۽ هنن کي سجدي ڏانهن سڏبو، ته هو ڪري ئي نه سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن ڏکيو وقت اچي پوندو ۽ ماڻهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو ته اهي سجدو نه ڪري سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن سخت وقت اچي ويندو ۽ سڏيو ويندو ماڻهن کي سجدي ڪرڻ جي لاءِ ته نه ڪري سگهندا اهي سجدو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن سڀ حقيقتون کولي ظاهر ڪيون وينديون ۽ ماڻهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو پر هي ماڻهو سجدو نه ڪري سگهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جنهن ڏينهن ساق (يعني قيامت جي احوالن جي خوفناڪ سختي) تان پردو کنيو ويندو ۽ اُهي (نافرمان) ماڻهو سجدي جي لاءِ سڏيا ويندا ته اُهي (سجدو) نه ڪري سگهندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهو ڏينهن (اوچتو) اچڻو آهي جڏهن پِنيءَ جي تجلي ٿيندي ۽ انهن ماڻهن کي سجدو ڪرڻ جي دعوت ڏني ويندي، پر ان وقت وٽن سجدو ڪرڻ جيتري سگهه ڪٿان ايندي!! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
خٰشِعَةً أَبصٰرُهُم تَرهَقُهُم ذِلَّةٌ وَقَد كانوا يُدعَونَ إِلَى السُّجودِ وَهُم سٰلِمونَ (آيت : 43) |
انھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سندن اکيون (ندامت کان) جهڪيل هونديون، انهن کي خوراي ويڙهي ويئي هوندي، هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ جڏهن) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو (ته بيپرواهي ڪندا هئا) ۽ اهي (توڻي جو ان وقت) چڱا ڀلا هئا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) سندن اکيون هيٺ هونديون انهن کي خواري ڍڪي ويندي، ۽ بيشڪ انهن کي (دنيا ۾) سجدن ڏانهن سڏيو ويندو هو ۽ اهي (ان وقت) صحيح سلامت به هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن اکيون هيٺ هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو ۽ اهي (تنهن وقت ڏنڊا ڏوٽا) چڱا ڀلا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جهڪندڙ هونديون اکيون انهن جون ڇائنجي ويندي انهن تي خواري ۽ تحقيق سڏيا ويندا هئا سجدي ڏانهن ۽ اهي تندرست هوندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سندن اکيون جهڪيون هونديون، انهن کي خواري ويڙهي ويئي هوندي هوڏانهن (ان ڏينهن کان اڳ) کين سجدي ڏي سڏيو ويندو هو ۽ اهي (ان وقت) سلامت هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جون اکيون جُهڪيل هونديون انهن کي خواري ويڙهي وئي هوندي. حالانڪه اُهي (دنيا ۾ به) سجدي لاءِ سڏيا ويندا هئا ۽ اُهي (ان وقت) تندرست هئا (پر سجدو نه ڪندا هئا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَکيون اُجھاڻيَل اُنهن جون، ٻِي بَدنامِي بَرسِر، ۽ سَجدي ڏانهن سَڏبا هُئا، مَهندِيرا مُنڪر، ۽ چَڱا ڀَلا بِهتر، اُهي جِھر هُئا جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن اکيون جهڪيون هونديون ۽ خواري وٺي ويندين_ جو بيشڪ کين چڱي ڀلي هجڻ وقت به سجدي ڏانهن سڏبو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اکيون هيٺ هوندن، ذلت پئي چڙهندن. اهي جڏهن صحيح سلامت هوندا هئا، تڏهن کين سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو هو (پر اهي نه ڪندا هئا) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جهڪيل هونديون سندن نظرون، کين وٺي ويندي ذلت، ۽ انهن کي جڏهن سڏيو ويندو هو سجدي لاءِ ته اهي صحيح سلامت هئا (ته انڪار ڪندا هئا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن نگاهون ڪُومايل (۽ جهڪيل) هونديون ۽ اُهي خواري ۾ ورتل هوندا ۽ جڏهن هو (دنيا ۾) صحيح سالم هوندا هئا ته کين سجدي ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو هو ته هو انڪار ڪندا هئا (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن جون اکيون (هيبت ۽ پشيماني جي ڪري) جهڪيل هونديون (۽) انهن تي خواري ڇانيل هوندي، حالانڪه اُهي (دنيا ۾ به) سجدي جي لاءِ سڏيا ويندا هئا جڏهن ته اُهي تندرست هئا (مگر پوءِ به سجدي جا انڪاري هئا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن جون اکيون جهڪيل هونديون، سندن چهرن تي ذلت ڇانيل هوندي ، اهي اُهي ئي ماڻهو آهن جڏهن کين (دنيا ۾) سجدي لاءِ چيو ويندو هيو ته ان وقت اهي هٽاڪٽا ۽ صحيح سلامت هيا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَذَرنى وَمَن يُكَذِّبُ بِهٰذَا الحَديثِ سَنَستَدرِجُهُم مِن حَيثُ لا يَعلَمونَ (آيت : 44) |
پوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) تون پنهنجي ڪم سان لڳو رهه) پوءِ ڇڏ مون کي ۽ انهن کي به جيڪي هن مڪافات واري) ڳالهه کي ڪوڙو چون ٿا (تن کي منهنجي حوالي ڇڏ). سگهوئي اسين کين آهستي آهستي ڪري پڪڙ ۾ آڻينداسون، جتان کين خبر به نه پوندي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان مون کي ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏيو جيڪي قرآن ڪريم کي نٿا مڃن، آئون انهن کي درجي بدرجي (عذاب ڏانهن) وٺي ويندس جو کين خبر نه پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته مون کي هن ڪلام جي ڪوڙي ڪرڻ واري سان نبرڻ ڏي اسين ان کي هوريان هوريان اهڙي پڪڙ پڪڙنداسون جو انهن کي خبر به نه پوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مون کي ڇڏي ڏي ۽ ان کي جيڪو ڪوڙو چوي ٿو هن ڳالهه کي جلد درجي بدرجي وٺنداسون انهن کي اتاهين جو نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) مون کي ۽ انهن کي ڇڏي ڏي جيڪي هن ڳالهه کي ڪوڙو چون ٿا. سگهوئي اسين کين آهسته آهسته ڪري پڪڙينداسون جتان کين خبر به نه پوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مون کي ۽ ان ماڻهو کي ڇڏي ڏي جيڪو هن ڳالهه جو انڪار ڪري ٿو. جلد ئي اسان انهن کي آهستي آهستي ڪري پڪڙينداسين جتان کين خبر به نه پوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇَڏ مون ۽ اُن کي، جو حَق کان ڦِريَل هُوڙ، صفا سَچِئَ هِن ڳالھ کي، ڪُوڙو ڪوٺي ڪُوڙ، جَھلي جَھلي، جَلدِي، جَھلي ڪَنداسونِ جُھوڙ، جِتان نَه پَوينِ پَرُوڙ، اُتان پَڪڙينداسُونِ پَڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون مون کي ۽ هن ڳالهه کي ڪوڙ سمجهندڙ کي ڇڏي ڏي، اسين هنن کي جلد ئي درجي بدرجي اتان عذاب ڏي ڇڪينداسون، جتان خبر ئي ڪانه پوندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! تون انهيءَ ڪلام کي ڪوڙو سڏيندڙن کي ۽ مونکي ڇڏي ڏي. اسان اهڙي طريقي سان درجي بدرجي کين تباهيءَ ڏانهن وٺي وينداسون جو خبر ئي نه پوندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) ان ڪلام کي ڪوڙو ڀائيندڙن جو معاملو مون تي ڇڏي ڏي، اسان کين آهستي آهستي تباهي ڏي وٺي وينداسين جو کين خبر ئي نه پوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) بَس! تون مون کي ۽ هن (قرآن) جي ڳالهين کي ڪوڙو ڪرڻ وارن کي ڇڏي ڏي. اسان آهستي آهستي اُنهن جي اهڙي طريقي سان پڪڙ ڪنداسين جو کين خبر ئي نه پوندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ (اي حبيب مڪرم!) توهان مون کي ۽ ان شخص کي جيڪو ان ڪلام کي ڪوڙو چوي ٿو (بدلو وٺڻ جي لاءِ) ڇڏي ڏيو، هاڻي اسان کين آهستي آهستي (تباهي جي طرف) ائين وٺي وينداسين جو کين خبر ئي نه پوندي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اسان کي ۽ انهن ماڻهن کي- جيڪي هن ڪلام کي ٺڪرائين ٿا- پنهنجي پنهنجي حال تي رهڻ ڏيو، اسين ان ريت- جو کين خبر به نه پوندي، آهسته آهسته پڪڙي وٺنداسين(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأُملى لَهُم إِنَّ كَيدى مَتينٌ (آيت : 45) |
انھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن کي آئون (هن وقت) ڍر ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي. (انهيءَ ڪري هي ان جي گرفت مان ٻاهر نٿا وڃي سگهن.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ آئون انهن کي مهلت ڏيان ٿو بيشڪ منهنجي رِٿ پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي آءُ ڍر ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مهلت ڏيان ٿو انهن کي بيشڪ منهنجي رٿ مضبوط آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اُنهن کي آءُ ڍر ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي رٿ تمام پڪي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ انهن کي مهلت ڏيان ٿو. بيشڪ منهنجي تدبير ڏاڍي مضبوط آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن کي اِمتحان لئي، مُهلت ڏِيان ٿو مُور، روزا زور ضرور، آهي سِٽا، سِٽاڻِي مُنهنجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حال ته کين مهلت ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي رٿ پڪي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان کين ڊگهو رسو پيو ڏيان، منهنجي رٿا ڏاڍي پڪي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون انهن کي ڊگهو رسو ڏيان ٿو، بيشڪ رٿ منهنجي وڏي مضبوط آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان ته انهن کي ڍَرَ ٿو ڏيان. بيشڪ منھنجي چال مضبوط آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ آئون انهن کي مهلت ڏيان ٿو، بيشڪ منهنجي تدبير تمام مضبوط آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پر مان کين ڍر ڏيندو رهان ٿو، بي شڪ! اسان جي رٿ، نهايت پختي آهي(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 46) |
انھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (هي جو توکان ڀڄڻ گهرن ٿا) ڀلا تون انهن کان ڪا اجرت گهرين ٿو ڇا، جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان انهن کان ڪو اجر طلب ڪريو ٿا، پوءِ اهي چَٽي ۾ زير بار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڀلا تون ڪو انهن کان ڪا تبليغ رسالت جي اجرت ٿو گهرين جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا گهرين ٿو انهن کان ڪو اجورو پوءِ اهي چٽيءَ جي ڪري ڳري بار هيٺان آيل آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا تون انهن کان ڪا اجرت گهرين ٿو ڇا؟ جو چٽيءَ جي ڪري مٿن ڳرو بار پئجي ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تون انهن کان (تبليغ جو) ڪو معاوضو گهرين ٿو؟ جو اُهي چَٽِيءَ جي بار ۾ دٻجي ويا آهن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، تون گُھرِين ٿو تِن کان، ڪو پورهيو پار، پَگھار؟ پوءِ اُهي ڏنڊ ڏِيڻ کي، ٿا بَرسِر ڀانئـِن بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا تون هنن کان ڪو اجورو ٿو گهرين، جو هو انهي جي بار هيٺ آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون کانئن ڪو اجورو ٿو طلبين ڇا جو انهيءَ چٽيءَ جي بار هيٺ دٻجي ويا آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون انهن کان گُهري رهيو آهين ڪو معاوضو جو اهي ان چَٽيءَ جي بار هيٺان دٻجي رهيا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا تون اُنهن ماڻهن کان ڪو اجر ٿو گهرين جو هُو چَٽيءَ جي بار هيٺ اچي ويا آهن؟(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان انهن کان (رسالت جي تبليغ تي) ڪو معاوضو ٿا گهرو جو اُهي چٽي (جي بار) هيٺ دٻڄندا ٿا وڃن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (ڀلا ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جوايترو پريشان آهن؟) ڇا تون کانئن ڪنهن ڳالهه جي اجرت طلبين ٿو؟ جنهن سبب اهي دٻبا پيا وڃن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 47) |
(يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يا انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا (جو سمجهن ٿا ته، جيڪو تون چوين ٿو اهو واقعي ۾ ٿيندو ئي ڪونه) پوءِ هو لکندا ٿا وڃن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي (ان کي) لکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا جو لکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي لکن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) يا ته انهن وٽ غيب جو علم آهي ڇا؟ جو لکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن وٽ غيب جو علم آهي؟ جو اُهي لکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اُنهن وَٽِ ڳالهيون ڳُجھ جون ، اِلاهي اسرار؟ پوءِ اُنهِئَ جي آڌار، ليک لِکن ٿا لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڇا، هنن وٽ ڪو ڳجهه جوعلم آهي، جنهن کي هو لکن ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا وٽن ڪو غيب جو علم آهي، جنهن کي اهي پيا لکن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن وٽ ڪو غيب جو علم آهي جنهن کي اهي لکي رهيا هجن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن وٽ ڳجهه جو علم آهي جنهن جي بنياد تي هُو حُڪم لڳائين ٿا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا انهن وٽ غيب جو علم آهي جو اُهي (ان جي بنياد تي پنهنجا فيصلا) لکن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) يا وٽن غيب جون خبرون اينديون آهن ۽ هي اُهي لکي وٺندا آهن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ وَلا تَكُن كَصاحِبِ الحوتِ إِذ نادىٰ وَهُوَ مَكظومٌ (آيت : 48) |
پوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ مڇيءَ واري (پيغمبر يونس جهڙو) نه ٿيءُ، جنهن وقت ان پڪاريو ۽ (جيڪو قوم جي مخالفت کان گهٻرائجي وقت کان پهريائين هجرت ڪري هليو ويو جو) اهو رنج ۽ الم سان ڀريل هو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو ۽ توهان يونس پيغمبر وانگر نه هجو، جنهن وقت ان پڪاريو ۽ اهو پريشان حال هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم (اچڻ) جو انتظار ڪر ۽ مڇيءَ (جو گرھ بنجڻ) واري (يونس) جهڙو نه ٿيءُ. جنهن وقت (ان پنهنجي پالڻهار کي) پڪاريو ۽ اهو ڪاوڙ ڀريل هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم جي لاءِ ۽ نه هج مڇيءَ جي صاحب وانگر جڏهن سڏيائين ۽ اهو ڏک ۾ ڀريل هو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون پنهنجي پاليندڙ جي حڪم (اچڻ) جو انتظار ڪر ۽ مڇيءَ واري جهڙو نه ٿيءُ، جنهن وقت اُن پڪاريو ۽ اهو رنج سان ڀريل هو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم جي انتظار ۾ صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (نبي يونس) وانگر نه ٿيءُ. جنهن وقت ان (الله کي) پڪاريو ۽ اهو (قوم جي بي فرمانن مٿان) غم ۽ غصي ۾ ڀريل هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي آگي جي، اَمر جو، پوءِ ڪَڍ تون اِنتظار، ۽ مَڇِئَ وارٖي جِيئن مُور نَه ٿِي، جِنهن واڪا ڪيا تِنهن وار، ۽ پِيَل مَڇِئَ جي پيٽ ۾، هُئو غمن ۾ غَمخوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون به پنهنجي ڌڻيءَ جي حڪم تائين صبر ڪر۽ مڇيءَ واري وانگر نه ٿي، جڏهن هن ڏک ۾ ڀرجي دانهن ڪئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چڱو، ته پوءِ ڀلا پنهنجي رب جو فيصلو اچڻ تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونسؑ) وانگر نه ٿيءُ، جڏهن هن پڪاريو هو ۽ هو ڏک ۾ ڀريل هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ صبر ڪر پنهنجي رب جي فيصلي اچڻ تائين، ۽ نه ٿي ان صاحب مڇي واري جهڙو (يونس عليھ السلام) ۽ جڏهن هن پڪاريو ته اهو ڏک ۾ ڀريل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم اچڻ تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس $ ) وانگر نه ٿيءُ. جڏهن هُن اسان کي سڏيو ته هُو انتھائي پريشاني ۾ ورتل هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ توهان پنهنجي رب جي حڪم جي انتظار ۾ صبر فرمايو ۽ مڇيءَ واري (پيغمبر يونس عليه السلام) وانگر (غمگين) نه ٿيو، جڏهن ان (الله کي) سڏيو ان حال ۾ ته اُهو (پنهنجي قوم تي) ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل هو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بهرحال، تون پنهنجي پالڻهار جي حڪم تي ثابت قدم رهه ۽ ان مڇيءَ واري وانگر نه ٿيءُ جنهن، دلگير ٿي خدا کي پڪاريو هيو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لَولا أَن تَدٰرَكَهُ نِعمَةٌ مِن رَبِّهِ لَنُبِذَ بِالعَراءِ وَهُوَ مَذمومٌ (آيت : 49) |
جيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن ان کي سندس پاليندڙ جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ هو بري حال ۾ هجي ها. (جو اتان نڪري نه سگهي ها.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪڏهن ان کي سندس رب جي طرفان نعمت نه پهچي ها ته ضرور ان کي ميدان تي اڇلايو وڃي ها ۽ اهو مذموم هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن ان کي سندس پالڻهار جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ سندس برو حال ٿئي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن نه هجي ها جو پهتي ان کي نعمت ان جي رب وٽان ته البته اڇلايو وڃي ها ميدان تي ۽ اهو الزام ڏنل هجي ها .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن ان کي سندس پاليندڙ جي طرفان رحمت نه پهچي ها ته کيس رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ هو بڇڙي حال هجي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن ان کي سندس پالڻهار پاران رحمت نه پهچي ها ته ان کي رڻ پٽ ۾ اڇلايو وڃي هاءِ اهو ملامت زده هجي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پَل ۾ پُهچيسِ ڪِين ها، ڏات سَندسِ ڏاتار، ته اُڇليو اَڇي پَٽ ۾، جِتي وَڻ، نَڪو وَڻڪار، اُهو هو اُنهِئَ حال ۾، خراب ۽ خوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن هن کي سندس ڌڻي وٽان فضل نه پهچي ها، ته جيڪر هو ضرور ڏکي حال ڪري نج سڃ ۾ اڇلائجي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن سندس رب جي مهرباني نه هجيس ها ته هو ملامت ٿيل حالت ۾ ئي برپٽ ۾ اڇلايو وڃي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن نه پهچي ها نعمت (مدد) سندس رب جي طرفان ته اڇليو وڃي ها برپٽ ۾ (جتي ڪوبه وڻ ٽڻ نه هجي ها) ۽ اهو ملامت ڪيل هجي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن کيس پنھنجي پالڻھار جي رحمت نه پھچي ها ته هو ضرور بَرپٽ ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ پوءِ وڏي بُري حال ۾ هجي ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن سندس رب جي رحمت ۽ نعمت ان جي واهر نه ڪري ها ته اُهو ضرور پوٺي ۾ اڇلايو وڃي ها ۽ اُهو ملامت ٿيل هجي ها (مگر الله کيس ان کان محفوظ رکيو).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪڏهن پالڻهار جو فضل ۽ ڪرم ان جي دستگيري نه ڪري ها ته ڏاڍن برن حالن ۾ ميدان تي پيو رهي ها. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَاجتَبٰهُ رَبُّهُ فَجَعَلَهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 50) |
پوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ سندس پاليندڙ ان کي (عارضي مصيبت مان ڪڍي کيس) نوازيو پوءِ نيڪن مان ڪيائينس.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ کيس سندس رب برگزيده ڪيو پوءِ ان کي صالحين مان ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندس پالڻهار ان کي نوازيو ۽ نيڪن مان ڪيائينس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ برگزيدو ڪيو ان کي ان جي رب پوءِ رکيائين ان کي صالحن ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندس پاليندڙ ان کي نوازيو پوءِ نيڪن مان ڪيائينس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي سندس پالڻهار چونڊيو پوءِ ان کي نيڪوڪارن مان ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِئ سَندسِ، ڌُئو وَرِي، بَخشيَسِ بَخشڻهار، ڪَيَس پوءِ ڪَلتار، چڱون چڱن جي ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندس ڌڻيءَ کيس نوازيو ۽ کيس صالحن مان ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ سندس رب کيس چونڊي ورتو ۽ کيس نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪري ڇڏيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار نوازيو سندس رب، پوءِ شامل ڪيائين کيس نيڪ ٻانهن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پَر پوءِسندس پالڻھار (کيس) نوازيو ۽ نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ سندس رب کيس چونڊيو ۽ ان کي (پنهنجي خاص قرب سان نوازي) ڪامل نيڪن ۾ (شامل) فرمائي ڇڏيائين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (پر) پوءِ کيس سندس رب چونڊيو ۽ کيس صالح ٻانهن مان ڪيائين.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِن يَكادُ الَّذينَ كَفَروا لَيُزلِقونَكَ بِأَبصٰرِهِم لَمّا سَمِعُوا الذِّكرَ وَيَقولونَ إِنَّهُ لَمَجنونٌ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) بيشڪ ڪافر ته هن ڳالهه تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن توکان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن توکي پنهنجين (گهوريندڙ) اکين سان ٿيڙي ڇڏين. (۽ هلڙ بازيءَ جي طريقن سان توکي پريشان ڪن) ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ عنقريب ڪافر توهان کي پنهنجي بدنظرن سان ڪيرائڻ چاهين ٿا، جڏهن اهي قرآن ڪريم ٻُڌن ٿا ۽ چون ٿا بيشڪ اهو عقل کان پري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) ڪافر ته هن ڳالھ تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن تو کان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن تو کي پنهنجين (تکين) اکين سان ٿيڙي ڇڏين ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ويجها آهن ڪافر ته ڪيرائن توکي پنهنجين نظرن سان جڏهن ٻڌن ٿا قرآن ۽ چون ٿا ته بيشڪ اهو چريو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) بيشڪ ڪافر ته هن ڳالهه تي اچي بيٺا آهن جو جڏهن توکان قرآن ٻڌن ٿا تڏهن توکي پنهنجين (تکين) اکين سان ٿيڙي ڇڏين ۽ چون ٿا ته هي چريو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قريب آهي جو ڪافر توکي پنهنجي تيز نگاهن سان ڪيرائي وجهن جڏهن اُهي قرآن ٻڌن ٿا ۽ چون ٿا ته: ”هي ضرور عقل کان خالي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوڏا ٿيا اِن ڳالھ کي، جي ڦريا کون فرمان، ته آن کي، سَندنِ اَکيَنِ سان، نظر هَڻِن نادان، ڪِنِين ٻُڌو ڪنن سان، جڏهن قادِر جو قُرآن، ۽ چَونِ ٿا چريو آھِ هِي، ڪو اَٻوجھو اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر ته بيشڪ قرآن ٻڌڻ وقت ڄڻ ته توکي سندن تکين اکين سان ٿا ٿيڙين ۽ چون ٿا ته ”هيءُ ته پڪ چريو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪافر نصيحت وارو ڪلام (قرآن) ٻڌن ٿا ته ائين ٿو لڳي ته اجهو ٿا پنهنجي نظرن سان تنهنجا قدم اکيڙي وجهن ۽ چون ٿا ته اهو پڪ سان چريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ ويجها هئا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو، اهي ٿيڙين ٿا اهڙين نگاهن سان توکي جڏهن ٻڌن ٿا نصيحت ڀريو (قرآن) ڄڻ تنهنجا پير ڪڍي ڇڏيندا ۽ چون ٿا، بيشڪ هي چريو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڪافر جڏهن قرآن ٻڌن ٿا ته توکي اهڙي طرح ڪَرِڙي اَکين سان ڏسن ٿا ڄڻ ته هُو توکي پنھنجي ڳالهه تان هٿ کڻائي ڇڏيندا. هو چون ٿا ته هي پَڪ سان ديوانو ماڻهو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ ڪافر جڏهن قرآن ٻڌن ٿا ته ائين ٿو لڳي ته توهان کي پنهنجي (حاسدانه بد) نظرن سان نقصان پهچائڻ چاهين ٿا ۽ چون ٿا ته هي ته ديوانو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انڪار ڪندڙ جڏهن قرآن ٻڌندا آهن ته پنهنجين نظرن سان توکي ائين پيا گهوريندا آهن، ڄڻ (اِجهو) اهي توکي (صحيح راهه کان) ٿيڙائي وجهندا ۽ چون ٿا؛ اهو ته چرياڻ آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 52) |
۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (پر تون انهن کان گهٻراءِ نه. ان ڪري جو هي قرآن صرف هن قوم لاءِ ناهي.) هوڏانهن اهو جهانن (جي سڀني قومن لاءِ) نصيحت ئي آهي. (پوءِ جيڪو به ان مان نصيحت حاصل ڪري).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ناهي اهو مگر سڀني جهانن لاءِ نصيحت(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن اهو (قرآن) ته سڀني جهانن لاءِ نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن اهو (قرآن) جهانن لاءِ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه هي (قرآن) ته سڀ جهانن جي لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ناھِ نَصِحيت ري، اِهو، ڪو باطِل ٻِيو بَيان، ڪارڻ ڪُل جھان، آهي سَبَق ساڃاءِ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اهو قرآن ته جهانن لاءِ رحمت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه اهو (قرآن) ته ساري جڳ جهان وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ته هي نصيحت آهي سڀني جهان وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) هي قرآن ته سڀني جھانن وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهو (قرآن) ته سڀني جهانن جي لاءِ نصيحت آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) حالانڪه اهو (قرآن) ته جڳ جهان جي لاءِ نصيحت آهي!(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |