توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
تَبٰرَكَ الَّذى بِيَدِهِ المُلكُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (الله) وڏي عظمت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ (ساري ڪائنات جي) بادشاهي آهي (جو ڪائنات جون سڀ شيون سندس قدرتي قانونن ۽ حڪمن مطابق هلن پيون) ۽ اهو سڀ ڪنهن شيء تي وس وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بابرڪت آهي اهو الله جنهنجي هٿ قدرت ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن (خدا) جي قبضي ۾ (سموري جهان جي) بادشاهت آهي سو وڏي برڪت وارو آهي ۽ هر شيءِ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) برڪت وارو آهي اهو (الله) جنهن جي (قدرتي) هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (الله) وڏي برڪت وارو آهي جنهن جي هٿ ۾ (ساري ملڪ جي) بادشاهي آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهارو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وڏي برڪت وارو آهي اُهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڌيو واڌران ۾، جنهن هَٿ مُلڪ مُدام، ۽ قادِر ڪُل شئ مَٿي، اُهو آهي رَبُّ عَلام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نهايت ڀلارو آهي اُهو، جنهن جي هٿ ۾ سموري بادشاهي آهي ۽ اهو هر ڪنهن چيز تي اختيار وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڏي مٿانهين ۽ برڪت ڀري آهي اها ذات، جنهن جي هٿ ۾ (ڪائنات جي) بادشاهي آهي ۽ هن کي سڀ ڪا طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نهايت بزرگي وارو ۽ عاليشان آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪائنات آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏي برڪت وارو آهي اهو (الله تعالى) جنھن جي هٿ ۾ (سموري) بادشاهي آهي ۽ هُو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى خَلَقَ المَوتَ وَالحَيوٰةَ لِيَبلُوَكُم أَيُّكُم أَحسَنُ عَمَلًا وَهُوَ العَزيزُ الغَفورُ (آيت : 2) |
(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو، هن لاءِ ته (پنهنجي قانونن مٿان عمل ذريعي) اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن. ۽ اهو (فرد توڻي قومن کي چڱن عملن جو صلو ڏيڻ ۾) زبردست (۽ انهن جي ننڍين لغزشن کي) بخشڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن موت ۽ زندگي کي پيدا ڪيو ان لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان وڌيڪ سهڻا عمل ڪير ڪري ٿو، ۽ اهو ئي غالب بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن موت ۽ حيات کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪم ۾ سڀ کان چڱو ڪير آهي ۽ اهو غالب (۽) وڏو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو جنهن پيدا ڪيو موت ۽ زندگي تانته آزمائي اوهان کي ته ڪهڙو اوهان مان وڌيڪ سهڻو آهي عمل ۾ ۽ اهو غالب، بخشڻهار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن ۽ اهو زبردست (۽) بخشڻ وارو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن موت ۽ زندگيءَ کي پيدا ڪيو هن لاءِ ته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪيرُ عمل جي لحاظ کان ڀلو آهي؟ ۽ اهو غالب آهي بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن مَرڻ جِيئڻ کي جوڙيو، ته پرکي آن کي عام، ته ڪِهڙو آن مان ڪَم ۾، نيڪ ڪَڍائي نام، ۽ اُهو طاقت مَند تمام، مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن موت ۽ حياتي خلقيا، ته اوهان کي آزمائي، ته اوهان مان ڪير ٿو تمام سٺا ڪم ڪري- ۽ هو غالب بخشڻهار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن موت ۽ حياتي خلقيا، تانته توهان کي آزمائي ته توهان مان ڪير آهي وڌيڪ سٺا عمل ڪرڻ وارو ۽ هو زبردست معاف ڪري ڇڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن خلقيو آهي موت ۽ زندگي کي ته جيئن آزمائي توهان کي ته توهان مان ڪير آهي سٺا عمل ڪرڻ وارو، ۽ اهو ئي زبردست آهي بخشڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن موت ۽ زندگي بنايو ته جيئن توهان کي آزمائي ڏسي ته توهان مان ڪير سھڻا عمل ڪرڻ وارو آهي؟ ۽ هو زبردست معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى خَلَقَ سَبعَ سَمٰوٰتٍ طِباقًا ما تَرىٰ فى خَلقِ الرَّحمٰنِ مِن تَفٰوُتٍ فَارجِعِ البَصَرَ هَل تَرىٰ مِن فُطورٍ (آيت : 3) |
(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ! تون ان جي قدرت ۽ رحمت جي اهڙين خوبين تي غور ڪر) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. (ڏس ته سڀ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار تي هلن ٿا ۽ پاڻ ۾ ٽڪرائجن نٿا) پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته، ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير يا ڏار ڏسين ٿو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن سَتَ آسمان طبقا ڪري پيدا ڪيا (اي ڏسندڙ) ڇا تون رحمان جي مخلوق ۾ ڪو تفاوت ڏسين ٿو، پوءِ تون (آسمان ڏانهن) اک کڻي ڏس، ڇا توکي ان ۾ ڪا سِير ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. ڀلا تو کي خدا جي بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نظر اچي ٿي، ته پوءِ (آسمان ڏي) اک کڻي ڏس ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو جنهن پيدا ڪيا ست آسمان طبقا ڪري نه ڏسندين رحمٰن جي پيدا ڪرڻ ۾ ڪو نقص پوءِ وراءِ تون نگاهه ڇا ڏسين ٿو ڪو رخنو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو. (اي ڏسندڙ !) تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ڪجهه به فرق نه ڏسندين. پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) نظر ڪر ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ستن آسمانن کي طبقا بنايو. تون رحمان جي تخليق ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين. پوءِ نظر کڻي نهار ته ڇا تو کي ڪو رُخنو نظر اچي ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَت اُڀ تِنهن اَلله، تَھ تي تَھ تيار ڪيا، مَنجِھين جوڙ جَبَّار جي، لِک ڏِسِين ڪو لاھ؟ پوءِ پَسين ڪِٿـهِين پاچ ڪا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ستن آسمانن کي تهه ڪري بنايو، تون رحمان جي خلقڻ ۾ ڪو به فرق نه ڏسندين- وري به نظر ڦيرائي ڏس، ڇا، ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن هڪ ٻئي مٿان ست آسمان بڻايا، تون رحمان جي خلقڻ ۾ ڪابه گهٽ وڌائي نه ڏسندين. اک ڦيرائي ڏس، ڪٿي ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن بڻايو آهي ستن آسمانن کي طبقا طبقا ڪري، تون نه ڏسندين تخليق رحمٰن جي ۾ ڪو خلل (بي ربطگي)، پوءِ وري موٽي ڏس ڪٿي توکي ڪو خلل نظر اچي ٿو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن هڪ ٻئي جي مٿان ست آسمان ٺاهيا. تون الله تعالى جي ٺاهيل شيءِ ۾ ڪنھن به قسم جو فرق نه ڏسندين. پنھنجي نظر کي هڪ ڀيرو وري ڦيراءِ، ڇا توکي (آسمان ۾) ڪو نُقص نظر اچي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ ارجِعِ البَصَرَ كَرَّتَينِ يَنقَلِب إِلَيكَ البَصَرُ خاسِئًا وَهُوَ حَسيرٌ (آيت : 4) |
پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وري تون (خدا جي تخليق ڪيل انهيءَ ڪائنات ۾) نظر کي بار بار موٽاءِ ته (مٿي به توکي بي ترتيبي نظر نه ايندي ۽) توڏي (تنهنجي) نظر ساڻي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ تون ٻِئي دفعي اک کڻي ڏس ته تو ڏانهن تنهنجي نظر ناڪام ٿي موٽندي ۽ اها عيب ڏسڻ کان خالي هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري تون نظرن کي بار بار موٽائي ته تو ڏي نظر ناڪام ٿي موٽندي. ۽ اها ٿڪل هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ موٽاءِ نگاهه ٻه ٻه ڀيرا ته موٽندي تو ڏانهن نگاهه ناڪام ٿي ۽ اها حسرت واري آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري تون نظر کي بار بار موٽاءِ ته تو ڏي نظر جهڪي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون وري وري نگاهه ورائي نهار ته نظر تو ڏانهن ٿڪجي موٽندي ۽ اُها ناڪام هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪر نيڻن سان نِگاھ، ٻه ڦيرا وَرِي ڦير تون، اک کي اُنهئَ راھ، اَک اُٿلِي توڏي اچي، ٿِي کيري خوامَخواھ، گيرِي ۽ گُمراھ، اُها هُوندِي اُنهِئَ حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري به ٻه دفعا نظر ڦيراءِ، نيٺ تنهنجي نظر جهڪي ٿي، ٿڪجي، تو ڏانهن موٽندي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ورائي نظر ڊوڙاءِ ، تنهنجي نظر ناڪام ٿي ۽ ٿڪجي موٽي ايندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وري ڦيراءِ نظر کي وري وري، موٽندي تو ڏانهن نظر نامراد ۽ اها هوندي ٿڪل ٿڪل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي نظر کي وري ٻيھرڊوڙاءِ ته اها ٿڪجي ۽ مايوس ٿي واپس ايندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَجَعَلنٰها رُجومًا لِلشَّيٰطينِ وَأَعتَدنا لَهُم عَذابَ السَّعيرِ (آيت : 5) |
۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اسان دنيا جي (ويجهي) آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (جيڪي انهن ستارن مان غيب جا حالات معلوم ڪرڻ جي ڪوشش يا دعويٰ ڪن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان هيٺئين آسمان کي تارن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن لاءِ باه جو شعلو بنايو ۽ اسان انهن لاءِ جهنم جو عذاب تيار ڪيو (آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان هيٺئين (پهرين) آسمان کي (تارن جي) چراغن سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطان جي چٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باھ جو عذاب تيار ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق سينگاريو اسان آسمان دنيا وارو تارن سان ۽ بنايو اسان انهن کي اُمڙ شيطانن جي لاءِ ۽ تيار ڪيو اسان انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه جو عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ اسان انهن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءِ هٿيار بڻايو آهي ۽ اسان انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن) سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطانن کي چُٽي (ڀڄائڻ) جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن (شيطانن) لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بي شڪ بَرقرار، هِن اوڏي آسمان کي، ڏِنوسون ڏِيَن سان، صُورت جو سِينگار، ۽ اُماڙ ڪيوسون اُنهن کي، شر شيطانن هارِ، ۽ تِنِين لئي تيار، سَزا ڪَئـِي سون ساڙ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان اورئين آسمان کي (تارن جي) ڏيئن سان سينگاريو آهي ۽ انهن کي شيطان کي ڌڪ هڻڻ لاءِ بنايوسين، ۽ انهن لاءِ باهه جوعذاب تيار رکيو اٿئون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان دنيا واري آسمان کي فانوسن سان سينگاريو آهي ۽ کين شيطانن کي تـڙي ڪڍڻ جو وسيلو بڻايو آهي، انهن شيطانن لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان سينگاريو آهي آسمان کي دنيا جي عظيم الشان (تارن) ڏيئن سان ۽ انهن کي ڪيوسين چُٽي ڀڄائڻ جو ذريعو شيطانن کي ۽ انهن (شيطانن) لاءِ اسان بڻايو آهي عذاب ڀڙڪندڙ باهه جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان دنيا جي (ظاهري) آسمان کي تارن سان سينگاريو آهي ۽ اُنهن کي شيطانن کي پري ڀڄائڻ جو ذريعو ٺاهيو آهي ۽ اسان اُنهن (شيطانن) لاءِ ڀڙڪندڙ باهه جو عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم عَذابُ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 6) |
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن (خدائي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي) پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ (دنيا ۾ به تباهي ۽ بربادي آهي ۽ آخرت ۾) دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جو انڪار ڪيو (انهن لاءِ) جهنم جو عذاب آهي، ۽ اها تمام خراب موٽڻ جي جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو پنهنجي رب جو، جهنم جو عذاب آهي ۽ اهو بري جاءِ موٽڻ جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن پنهنجي پاليندڙ جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن لاءِ جن پنهنجي پالڻهار جو انڪار ڪيو دوزخ جو عذاب آهي. ۽ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجي پَروَر پاڪ کان، ڦِريا جي ڦيريال، آهي عذاب تن لئه، جَھَنّم سندو جال، ۽ بُڇڙو آهي بَحال، موٽِي ماڳ رَهڻ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن پنهنجي ڌڻيءَ جو انڪار ڪيو، تن لاءِ دوزخ جي سزا آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (_) ۽ جڏهن انهن کي دوزخ ۾ اڇلبو، تڏهن ان جون هينگون ٻڌندا، ۽ اهو ڪاوڙ کان ائين پيو اڀامندو، جو ڄڻ اجهو ٿو ڦاٽي! جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ کي ان ۾ پيو وجهبو، تڏهن سندس چوڪيدار انهن کان پڇندا ته ”ڇا اوهان وٽ ڪوڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو هو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن پنهنجي رب سان ڪفر ڪيو آهي، انهن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو موٽڻ جو هنڌ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو آهي پنهنجي رب جو، تن لاءِ عذاب آهي دوزخ جو، ۽ اها تمام بري جاءِ آهي موٽڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو ته انهن لاءِ جھنم جو عذاب آهي ۽ (اُها) رهڻ جي بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذا أُلقوا فيها سَمِعوا لَها شَهيقًا وَهِىَ تَفورُ (آيت : 7) |
جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته انهن جون (ڪربناڪ رڙيون ۽) ۽ هينگون ٻڌڻ ۾ اينديون ۽ اهو (جهنم) پيو ٽهڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت اهي جهنم ۾ اڇلايا ويندا ته اهي ان ۾ خراب آواز ٻڌندا ۽ اها (جهنم) ٽهڪندڙ هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي وڏي چيخ ٻڌندا ۽ اهو (دوزخ) پيو ٽهڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن اڇلايا ويندا ان ۾ ته ٻڌندا ان جون هينگون ۽ اهو اڀامندو پيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جون (گڏهه جهڙيون) هينگون ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو، ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ان ۾ کين اڇلايو ويندو ته ان جي راڙِ جو خوفناڪ آواز ٻڌندا ۽ اهو پيو ٽهڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُڇليا ويا اُن م، گِيهَري سي گُمراھ، سامهون سُئائون اُن جُون، گوڙِيون ۽ گجگاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن انهن کي دوزخ ۾ اڇلبو، تڏهن ان جون هينگون ٻڌندا، ۽ اهو پيو اڀامندو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو ان ۾ اڇلايا ويندا ته هو ان جي گجڻ جا آواز ٻڌندا ۽ اهو اڀامي رهيو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اهي اڇلايا ويندا ان ۾ ته ٻڌندا ان جي گجڻ جو آواز خوفناڪ ۽ اهو پيو اڀامندو (تندور وانگر)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن ڪافرن کي ان ۾ اڇليو ويندو ته هو ان جي ڀڙڪڻ جو خوفناڪ آواز ٻڌندا ۽ اُها (باهه) انتھائي ڪاوڙ ۾ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَكادُ تَمَيَّزُ مِنَ الغَيظِ كُلَّما أُلقِىَ فيها فَوجٌ سَأَلَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم نَذيرٌ (آيت : 8) |
جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ائين پيو لڳندو) ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا کانئن پڇندا ته، اوهان وٽ (بدعملين جي تباهه ڪندڙ نتيجن کان) ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) گھڻي ڪاوڙ جي ڪري اها ڦاٽڻ جي قريب هوندي، جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته انهن کان جهنم جو داروغو (ڪاوڙ مان) پڇندو ته ڇا توهان وٽ ڪو پيغمبر نه آيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڄڻ ته ڪاوڙ کان اجهو ٿو ڦاٽي. جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽولي کي اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) نه آيو ڇا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهو آهي جو ڦاٽي پوي ڪاوڙ جي ڪري جڏهن به اڇلايو ويندوان ۾ هڪ ٽولوته پڇندا انهن کان داروغا ان جا ته ڇا نه آيو اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن به ان ۾ ڪنهن ٽوليءَ کي اُڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته اوهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سخت ڪاوڙ سبب ڄڻڪ اِجھو ڦاٽڻ تي آهي. جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته ان جا داروغا انهن کان پڇندا ته: ”ڇا اوهان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو هيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀَڙڪيو سا باھِ، ڪَر ڇِڄيو پَوي ٿِي ڇوه مان! جڏهن به اُڇلبِي اُن ۾، ڪا فوج بي فرمان، پُڇندَن پُوريون خَبرون، اُن دوزخ جا دَربان، ته ڇا، آن وَٽِ آيو ڪو،ڪو نه ڪو ريٻاڙو رَحمان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ڪاوڙ کان ، جو ڄڻ اجهو ٿو ڦاٽي! جڏهن به ڪنهن ٽوليءَ کي ان ۾ پيو وجهبو، تڏهن سندس چوڪيدار انهن کان پڇندا ته ”ڇا اوهان وٽ ڪوڊيڄاريندڙ ڪو نه آيو هو؟“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڄڻ ته اِجهو ٿو سخت ڪاوڙ وِچان ڦاٽي پوي. جڏهن به منجهس ڪو ٽولو ڦٽو ڪيو ويندو ته سندس داروغا انهن ماڻهن کان پڇندا ته "ڇا توهان وٽ ڪو خبردار ڪرڻ وارو نه آيو هو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄڻ ويجهو هوندو ڦاٽڻ تي ڪاوڙ ۾، هر ڀيري جڏهن ان ۾ وڌو ويندو ڪو ٽولو ته انهن کان پڇندا ان جا ڪارندا (چوڪيدار) ڇا توهان وٽ ڪونه آيو هو ڪو خبردار ڪرڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ايئن محسوس ٿيندو ته) ڄڻ ڪاوڙ جي ڪري اجهو ٿي ڦاٽي پوي. جڏهن به ان ۾ ڪو ٽولو اڇلايو ويندو ته اُن جا داروغا اُنهن کان پڇندا ته ڇا توهان وٽ ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا بَلىٰ قَد جاءَنا نَذيرٌ فَكَذَّبنا وَقُلنا ما نَزَّلَ اللَّهُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ كَبيرٍ (آيت : 9) |
چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي چوندا ته، ڇو نه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو (الله جو پيغام ڏيندڙ) آيو هو، پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيو سون ته، الله ڪابه شئ نازل نه ڪئي آهي. (۽ جيڪي ماڻهو ان کي مڃن پيا تن کي الٽو ٽوڪيون پيا ته) اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چوندا هَا ! بيشڪ اسان وٽ پيغمبر آيا، پوءِ اسان انهن کي نه مڃو ۽ اسان چيو ته الله تعالى ڪا شيءِ نه نازل ڪئي آهي، نه هئا توهان (جهنمي) مگر وڏي گمراهيءَ ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو. پر اسان (ان کي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته خدا ڪا به ڳالھ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏي گمراهيءَ ۾ پيا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا ته هائو تحقيق آيو اسان وٽ ڊيڄاريندڙ پوءِ اسان (ان کي) ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوته نه نازل ڪئي الله ڪا شيءِ ناهيو اوهان مگر گمراهيءَ وڏيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي چوندا ته ڇو نه، بيشڪ اسان وٽ ڊيڄارڻ وارو آيو هو، پوءِ اسان(انکي) ڪوڙو ڪيو ۽ چيوسون ته الله ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي. اوهين ته وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندا: ”ڇونه! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو هيو، پوءِ اسان ان کي ڪوڙو چيو ۽ اسان چيوسين ته الله ڪا شيءِ نازل ڪانه ڪئي آهي توهان ته رڳو وڏي گمراهي ۾ پيل آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي هائو، اَسان وَٽِ آئيو، ڪو خبرون ڏِيندڙ خان، پوءِ اَسان ڪُوڙو ڪوٺيو، ۽ آکيو سون به عيان، ته اَلله ڪُجھ نه اُتاريو، اُن باري مَنجھ بَيان، اوهين آهيو ڪا شئِ ڪانه، مگر مُنجھ وَڏِئَ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”هائو، بيشڪ اسا ن وٽ ڊيڄاريندڙ آيوهو، پر اسان هن کي ڪوڙو سمجهيو، ۽ چيوسون ته ”الله ڪجهه به نه لاٿو آهي، اوهين ته رڳو وڏي گمراهيءَ ۾ آهيو!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو جواب ڏيندا: " هائو، خبردار ڪرڻ وارو ته اسان وٽ آيو هو، پر اسان ان کي ڪوڙو ڀانيو ۽ چيوسين ته الله ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي، توهان وڏيءَ گمراهيءَ ۾ پيل آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اهي چوندا، ها اسان وٽ آيو ته هو خبردار ڪرڻ وارو پر اسان ڪوڙو ڪيو ان کي ۽ چيوسين ناهي نازل ڪئي الله ڪابه شيءِ، توهان ته ڪنهن گمراهيءَ ۾ پيل آهيو تمام وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو چوندا ته: ڇو نه! اسان وٽ ڊيڄارڻ وارا ته آيا هيا پر اسان کين ڪوڙو ڪيو ۽ چيو ته الله تعالى ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي (۽اسان کين اهو به چيو ته) توهان خود وڏي گمراهيءَ ۾ (پيل) آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَو كُنّا نَسمَعُ أَو نَعقِلُ ما كُنّا فى أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 10) |
۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چوندا، (ته اسان عقل ۽ فڪر کان ڪم ئي نه ورتو رڳو ضد ۽ انڌي تقليد ۾ انهن جي مخالفت ڪئي) اسين (هيڪر انهن کي) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چوندا ڪاش ! جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجھون ها ته اسان (اڄ ڏينهن) جهنمين مان نه هجون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوندا ته (افسوس) جيڪڏهن اسين سندن (ڳالهيون) ٻڌون ها يا سمجهون ها ته (اڄ) دوزخين مان نه ٿيون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون جيڪڏهن ٻڌون ها يا عقل رکون ها اسان ته نه هجون ها جهنم وارن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چوندا ته جيڪڏهن اسين ٻڌون ها يا سمجهون ها ته دوزخين (جي جماعت) ۾ (ڪڏهن به داخل) نه ٿيون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چوندا ته: ”هائو جي اسان ٻڌون ها يا سمجهون ها ته اسان دوزخين مان نه هجون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون ته چڱي ڳالھ کي، جي ٻُڌون ها، ڪِ ٻُجھون، ته هرگز ڪِين هُجون، ساڙي واري ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا ته ”جيڪڏهن اسين ٻڌون يا سمجهون ها، ته جيڪر دوزخين مان ڪين ٿيون ها.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو چوندا: "جيڪر ته اسان ٻڌون ها ۽ عقل هلايون ها ته اڄ هن ڀڙڪندڙ باهه جو ٻارڻ نه ٿيون ها" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا ته جيڪڏهن ٻڌون ها (ڪاش) يا وري سمجهون ها ته (اڄ) انهن ماڻهن ۾ شامل نه هجون ها جيڪي پيل آهن ڀڙڪندڙ باهه جي سزا ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو وڌيڪ چوندا ته جيڪڏهن اسان (انهن جي ڳالهه) ٻڌون ها يا سمجهي وٺون ها ته (اڄ) هِنن دوزخين ۾ شامل نه هجون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاعتَرَفوا بِذَنبِهِم فَسُحقًا لِأَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 11) |
پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (عذاب کي پنهنجي اکين سان ڏسي) انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (وقت وڃائي آيا ۽ هاڻي رحمت کان) پري هجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي پنهنجا ڪيل گناه مڃيندا، پوءِ جهنمي، الله تعالى جي رحمت کان پري هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته اهي پنهنجي گناهن جو اقرار ڪندا ته دوزخين کي خدا جي رحمت کان محرومي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مـڃيندا پنهنجوگناهه پوءِ ڦٽڪار آهي جهنم وارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن پنهنجو ڏوهه مڃيو. پوءِ دوزخي (رحمت کان) پري هجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي پنهنجو ڏوهه مڃندا پوءِ دوزخ وارن لاءِ (رحمت کان) دوري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَڃيائون مُنهن سان، سَندِن ڏوه صفا، پوءِ آھِ جاڙ جَفا، ڀاتِيَن ڪارڻ بِاھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجو ڏوهه مڃيندا، پوءِ دوزخين لاءِ شل لعنت هجي!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين هو پاڻ ئي پنهنجو گناهه باسيندا، پوءِ لعنت آهي انهن دوزخين تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي اعتراف ڪندا پنهنجي ڏوهن جو، پوءِ لعنت آهي انهن دوزخين تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو پنھنجي گناهن جو اعتراف ڪندا. دوزخين جي مٿان لعنت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 12) |
بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا (۽ غلط عملين جي نتيجن کان خبردار رهن ٿا) تن لاءِ (ننڍين لغزشن کان) معافي ۽ وڏو اجر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اڻ ڏٺي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا، انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان بي ڏٺي ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ تمام وڏو اجر آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب کان اڻ ڏٺو انهن جي لاءِ مغفرت ۽ ثواب وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان پرپٺ ڊڄن ٿا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان اڻ ڏٺي ڊڄن ٿا انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَرپُٺ پَنهنجي رَبَّ ڪنان، جي رکن خوف خيال، ته بَخشش آهي بَحال، پڻ اَجر وَڏوئـِي اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ جيڪي شخص پنهنجي ڌڻيءَ کان پرپٺ ڊڄندا آهن، تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ جيڪي بنا ڏسڻ جي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ وڏو اجر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ڊڄندا آهن پنهنجي رب اڻ ڏٺل کان، انهن جي لاءِ بخشش ۽ اجر آهي تمام وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان اَڻ ڏٺي ڊڄندا رهن ٿا ته انهن لاءِ بخشش ۽ وڏواجر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَسِرّوا قَولَكُم أَوِ اجهَروا بِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 13) |
۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي ماڻهو!) اوهين (خدا جي قانونن تي هلڻ متعلق) پنهنجي ڳالهه لڪائي ڪريو يا کليءَ طرح علي الاعلان ڪريو، اهو ته سينن جون ڳالهيون (۽ اتي اچڻ وارا خيال به) ڄاڻيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا وڏي سڏ چئو، بيشڪ اهو سينن جو راز ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين ماڻهو پنهنجي ڳالھ ڳجھ ۾ ڪريو يا ڏاڍيان اهو ته سينن جون به ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آهستي ڪيو پنهنجي ڳالهه يا بلند آواز ڪيو اها بيشڪ اهو (الله) ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي ماڻهو !) اوهين پنهنجي ڳالهه آهستي ڪريو يا ڏاڍيان، اهو ته سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان پنهنجي ڳالهه آهستي چئو يا ان کي ڏاڍيان آواز ۾ چئو. بيشڪ اهو سينن جا راز به ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڳُجِھي پَنهنجِي ڳالھ رَکو، يا پَڌرِي ڪريوسِ پاڻ، سَچ پَچ سو سُڄاڻ، سَمجھي سِيني وارِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجو ڳالهاءُ آهستي ڪڍو يا وڏي سڏ، ته هو ته پڪ سان دلين جا حال ڄاڻي ٿو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کڻي آهستي ڳالهايو يا ڏاڍيان (الله لاءِ ته مڙيئي برابر آهي) هو ته دلين جا حال به ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڀلي آهستي ڳالهايو توهان يا وڏي آواز سان، (الله لاءِ برابر آهي) اهو ته ڄاڻندڙ آهي اندر دلين منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان آهستي ڳالهايو يا ڏاڍيان، بيشڪ هو ته سينن جي رازن کي به خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا يَعلَمُ مَن خَلَقَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 14) |
جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي، سو (اهي ڳالهيون) نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهو (مخلوق جو احوال) نٿو ڄاڻي جنهن پيدا ڪيو ۽ اهو ئي لطف ڪندڙ خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته باريڪ بين پوري (پوري) خبر رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ٿو ڄاڻي اهو جنهن پيدا ڪيو ۽ اهوئي سنهيون شيون ڄاڻندڙ خبردار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جنهن پيدا ڪيو آهي سو نه ڄاڻندو ڇا؟ اهو ته اونهيءَ نظر وارو پوري خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا جنهن پيدا ڪيو سو نه ٿو ڄاڻي ڇا؟ حالانڪه اُهو باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اُهو ڄاڻي ئـِي ڪونه ٿو، جوڙيا اِهي جِنهن پاڻ؟ سو سِياڻو، سُڄاڻ، آهي هَر ڪِنهن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهو ڪيئن نه ڄاڻيندو، جنهن خلقيو؟ ۽ هو ته اونهي نظر وارو، هر ڪا خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهو نه ڄاڻندو، جنهن خلقيو آهي؟ هو ته اونهي نظر رکندڙ ۽ باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو نه ڄاڻندو جنهن ڪيو آهي پيدا؟ ۽ اهو ته اونهي نظر رکندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اهو جنھن پيدا ڪيو آهي، ان کي خبر نه هوندي؟ هو ته انتھائي باريڪ بين وڏي خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ ذَلولًا فَامشوا فى مَناكِبِها وَكُلوا مِن رِزقِهِ وَإِلَيهِ النُّشورُ (آيت : 15) |
(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ (رزق جي سرچشمي) زمين کي تابع ڪيو آهي، پوءِ ان جي رستن تي هلو ۽ الله جي رزق مان کائو ۽ (هي نه سمجهو ته ان رزق جي سرچشمن جا اوهان اڪيلا ۽ بي پڇا مالڪ آهيو، بلڪ اها اوهان وٽ امانت آهي، جنهن جي حساب لاءِ اوهان جو) ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي (خالق) آهي جنهن توهان جي (زراعت ۽ هلڻ وغيره) لاءِ زمين کي نرم بنايو پوءِ توهان ان جي رستن تي هلو ۽ (سندس ڏنل) رزق مان کائو ۽ انهيءَ ڏانهن اٿڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم، ۽ (سڌو) ڪري ڇڏيو ته جيئن ان جي هر طرف ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي (ڏنل) روزي کائو ۽ وري ان ڏي قبر مان اٿي وڃڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جنهن بنائي اوهان جي لاءِ زمين مسخر پوءِ هلو ان جي رستن ۾ ۽ کائو ان جي رزق مان ۽ ان ڏانهن ئي اٿڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي تابع ڪيو آهي پوءِ ان جي پاسن ۾ هلو ۽ الله جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي اٿڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي نرم (۽ مطيع) ڪيو سو اوهان ان جي رستن ۾ گهمو ڦرو ۽ ان جي رزق مان کائو. ۽ ان ڏانهن ئي (جيئرو ٿي) اٿڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو سو، اوهان ڪاڻ، جِنهن نَرم ڪيو زَمِين کي، پوءِ وَٺِي واٽون اُن جون، هَلو ڦِرو هاڻ، ۽ سَدا سَندسِ رِزق مان، کائو، پِيو پاڻ، ۽ ڇَڏي مُقام، مَساڻ، آخِر اُن ڏي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي، جنهن زمين کي اوهان جو تابع ڪيو، ته ان جي رستن ۾ گهمو ۽ ان جي ڏنل رزق مان کائو ۽ ان ڏي وري جيئرو ٿي وڃڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي جنهن توهان لاءِ زمين کي تابع بڻائي ڇڏيو آهي، هلو ان جي ڇاتيءَ تي ۽ کائو الله جو رزق، ڏانهس ئي توهان کي وري جيئرو ٿي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ته آهي جنهن بڻايو آهي توهان جي لاءِ زمين کي تابع پوءِ هلو ان جي سيني جي راهن تي ۽ کائو ان جو رزق، ۽ ان ڏي ئي جيئرو ٿي وڃڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي ته آهي جنھن توهان لاءِ زمين کي هموار ڪيو ته جيئن توهان ان ۾ ٺاهيل رستن تي هلندا رهو ۽ ان جي (رکيل) رزق مان کائيندا رهو ۽ ان ڏانھن ئي ٻيھر جيئرو ٿي اٿڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءَأَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يَخسِفَ بِكُمُ الأَرضَ فَإِذا هِىَ تَمورُ (آيت : 16) |
(اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اوهان جو رزق جي معاملي ۾ پاڻ کي آزاد ۽ بي پڇا ٿا سمجهو) ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي رزق جي ساڳئي سرچشمي) زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها ڌڏڻ لڳي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان رب کان بي خوف آهيو جنهنجي بادشاهي آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان کي زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏي پوءِ اها ان وقت ڏڪي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا جيڪو (خدا) آسمان ۾ (حڪومت ڪندڙ) آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ڳهائي ڇڏي ته پوءِ اها ڌڏڻ لڳي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا بي خوف ٿيئو؟ ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته ڳهرائي اوهان کي زمين ۾ پوءِ ان وقت اها ڌُٻي پئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏي پوءِ اها اُن ئي وقت ڌڏڻ لڳي وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان اوهان کي زمين ۾ دٻائي ڇڏي (ان طرح) جو اها اوچتو لرزڻ لڳي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا،ويٺا اُن کان ويسلا؟ جنهن جو اُڀ تي اِختيار، ته ڳِهي آن کي اوچتو، نِئي ڌَرتي نِگو سار، اُها اُنهِئ وار، دَهشت مان ڌُٻندِي رَهي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهين آسمان واري کان بي ڊپا آهيو؟ ته متان اوهان کي زمين ۾ ڳيهائي ڇڏي ۽ اها يڪدم ڌڏي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هن ڳالهه کان بي ڊپا ٿي ويا آهيو ته اهو جيڪو آسمان ۾ آهي، اهو توهان کي زمين کان ڳــِـهائي ڇڏي ۽ اوچتو ئي اها زمين ڌڏڻ لڳي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان بي خوف آهيو ان کان، جيڪو آسمانن ۾ آهي سو ڳِهائي ڇڏي توهان کي زمين ۾، پوءِ اوچتو جڏهن اها ڌٻڻ لڳي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪو (الله تعالى) آسمان ۾ آهي ان کان توهان بي خوف ٿيا ويٺا آهيو ته متان هو توهان کي زمين ۾ ڳھائي ڇڏي. پوءِ اتي جو اتي زمين ڌڏڻ لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم أَمِنتُم مَن فِى السَّماءِ أَن يُرسِلَ عَلَيكُم حاصِبًا فَسَتَعلَمونَ كَيفَ نَذيرِ (آيت : 17) |
(اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا وري، جيڪو (الله) آسمان ۾ آهي تنهن کان اوهان کي اهو ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻ وسائڻ وارو واءُ موڪلي؟ (هن وقت اوهان هنن ڳالهين کي مذاق سمجهو ٿا) پر سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان بي خوف آهيو ان رب کان جنهنجي حڪومت آسمان ۾ آهي (جو اهو) توهان تي آسمان مان پٿر وسائي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته منهنجو عذاب ڪهڙيءَ طرح آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اوهين هن ڳالھ کان بي خوف آهيو ته جيڪو آسمان ۾ (سلطنت ڪندڙ) آهي اوهان تي متان پٿرن ڀريل انڌاري موڪلي ته اوهان کي جلد ئي خبر پئجي وڃي ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا امن وارا ٿيئو ان کان جيڪو آسمان ۾ آهي ته موڪلي اوهان تي پٿر پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪيئن آهي منهنجو ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته جيڪو (الله) آسمانن ۾ آهي تنهن کان اوهان کي ڊپ ڪونهي ته متان اوهان تي پهڻن وسائڻ وارو واه موڪلي. پوءِ سگهوئي ڄاڻندو ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان آسمان واري (الله) کان بي خوف ٿي ويا آهيو؟ جو متان توهان تي پٿر وسائڻ وارو واءُ موڪلي. پوءِ توهان جلد ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ويٺا اُن کان ويسلا؟ جو آهي اُڀ وارو، ته ڪَري اوهان تي ڪَڪَرِيَن جو، ڪو وِهلو وَسڪارو، پوءِ سَمجھو سَوارو، ته ڪِهڙو آهي قَهر مون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا ڇا، اوهين آسمان واري کان بي ڊپا آهيو، ته متان هو اوهان تي پهڻ وسائيندڙ هَوا موڪلي؟ پوءِ جلد ئي ڄاڻندؤ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا ان ڳالهه جو ڪو ڊپ ئي نه اٿوَ ڇا ته اهو جيڪو آسمان ۾ آهي، سو متان توهان تي پٿر وسائيندڙ هوا موڪلي ڇڏي؟ پوءِ ته پتو پوندوَ ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪهڙو ٿيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ان کان بي خوف آهيو، اهو جيڪو آسمان ۾ آهي، موڪلي توهان تي پٿر وسائڻ واري هوا؟ پوءِ توهان کي معلوم ٿي ويندي ته منهنجي تنبيهه ڪهڙي ٿيندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪو (الله تعالى) آسمان ۾ آهي توهان کي ان جو خوف نٿو ٿئي ته متان هو توهان جي مٿان پٿر وسائڻ واري هوا موڪلي، پوءِ توهان کي خبر پئجي ويندي ته منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هوندو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 18) |
۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به اهڙي طرح) ڪوڙو ڪيو. پوءِ (انهن جي تاريخ ۾ جاچيو ته) منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (۽ سندن نتيجو ڪهڙي تباهي ۽ بربادي جي شڪل ۾ سامهون آيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق انهن کان اڳين ماڻهن به انڪار ڪيو، پوءِ ڪهڙيءَ طرح منهنجو انڪار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو ته ڏسو ته منهنجي ڪاوڙ ڪئين هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڪوڙو چيو انهن جيڪي هئا انهن کان اڳي پوءِ ڪيئن هو منهنجو انڪار ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ جيڪي انهن کان اڳ هئا تن (به) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجو روڪڻ ڪيئن هو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن ماڻهن (به) ڪوڙو چيو هيو جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ منهنجو انڪار ڪيئن (عبرتناڪ ثابت) ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي هُئا اُنهن کان اَڳڀرا، تِن ڪيا ڪُوڙ ضَرور، پييَنِ پوءِ پرُوڙ، مُون کان منهن موڙڻ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ انهن کان اڳين به ڪوڙ سمجهيو هو، پوءِ ڪهڙي نه هئي منهنجي سزا! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن کان اڳ ٿي گذريل ماڻهن ڪوڙ سڏيو هو ته پوءِ ڏسو ته ڪهڙي نه سخت هئن منهنجي پڪڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ ڪوڙو چئي چڪا آهن ماڻهو انهن کان اڳي گذري ويل، پوءِ ڏسي وٺو ڪهڙي هئي سخت منهنجي پڪڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ انهن کان پھريائين به ماڻهن ڪوڙو ڪيو هو پوءِ (منهنجي) پڪڙ ڪيئن هئي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الطَّيرِ فَوقَهُم صٰفّٰتٍ وَيَقبِضنَ ما يُمسِكُهُنَّ إِلَّا الرَّحمٰنُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ بَصيرٌ (آيت : 19) |
پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙندڙ ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي؟ انهن کي وڏي مهربان (الله جي جوڙيل قانونن) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته (زندگيءَ جي لوازمات لاءِ) سڀ ڪنهن شئ کي ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اُهي انهن پکين کي نٿا ڏسن جيڪي انهن جي مٿان پَرَ کولي ۽ پَرَ بند ڪري اڏامن ٿا. نٿو سنڀالي انهن کي مگر رحمان. بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پنهنجي مٿان پرن کي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، خدا کان سواءِ انهن کي ڪو به روڪي رکي نه ٿو سگهي بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون پکين ڏانهن انهن جي مٿان پر کوليندڙ ۽ (پر) سميٽي رکن ٿا نه ٿو روڪي رکي انهن کي ڪو رحمٰن کان سواءِ بيشڪ اهو هر شيءِ ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پنهنجي مٿان پرن جي پکيڙيندڙن ۽ بند ڪندڙن پکين ڏي انهن نه ڏٺو آهي، انهن کي وڏي مهربان (الله) کان سواءِ ٻيو ڪوبه (ڪِرڻ کان) نٿو جهلي. بيشڪ اهو ته سڀڪنهن شيءِ کي ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن پنهنجي مٿان پکين کي نه ڏٺو آهي پرَ پکيڙيندي ۽ پرَ بند ڪندي؟ انهن کي (ڪِرڻ کان) ڪونه ٿو روڪي سواءِ رحمان جي. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، پَکِي ڏٺائون نه پان، تان اُڏامَندا اِظهار؟ کُلِيَل کنڀ کَنڀڙٽيون، وارِينِ ڪِنهين وار، نه جَھلينِ ڪير ڪِرڻ کان، ري ڏيہ ڌڻي ڏاتار، هَر شئ کي هَر پارِ، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو سندن مٿان پکين کي نٿا ڏسن، جي کنڀ کوليندا ۽ بند ڪندا آهن؟ انهن کي فقط ٻاجهارو ئي جهلي رکي ٿو- بيشڪ اهو هر چيز کي ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي ماڻهو پنهنجي مٿان اڏامندڙ پکين کي پــَـرَ کنڊيريندي ۽ بند ڪندي نٿا ڏسن؟ رحمان کان سواءِ ته ٻيو ڪوبه ناهي جو کين جهلي بيٺو هجي، اهوئي هر شيءِ جي نظرداري ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن انهن اڏامندڙ پکين کي پنهنجي مٿان کنڀ ٽيڙيندي ۽ (وري) گڏائيندي؟ ڪوبه ناهي انهن کي جهلي رکڻ وارو رحمٰن کان سواءِ، بيشڪ اهو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن پنھنجي مٿان اڏامندڙ پکين کي نه ڏٺو آهي ته هو پَر ڦھلائيندا ۽ بند ڪندا رهن ٿا؟ اُنهن کي هيٺ ڪِرڻ کان الله تعالى قابو ڪري ٿو. بيشڪ هو هر شيءِ تي گهري نظر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمَّن هٰذَا الَّذى هُوَ جُندٌ لَكُم يَنصُرُكُم مِن دونِ الرَّحمٰنِ إِنِ الكٰفِرونَ إِلّا فى غُرورٍ (آيت : 20) |
اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي (آفتن کان بچڻ لاءِ) وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏئي ٿو؟ ڪافر ته رڳو (سرڪشي ۽ خودفريبيءَ جي) ڌوڪي ۾ پيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي جيڪو رحمان کانسواءِ توهان جي مدد ڪري. ناهن ڪافر مگر غرور ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا خدا کان سواءِ اهڙو ڪير آهي جو اوهان جي فوج بڻجي اوهان جي مدد ڪري، ڪافر ماڻهو ته ڌوڪي (ئي ڌوڪي) ۾آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ڪهڙو هي اهو آهي؟ جو اهو اوهان جو لشڪر آهي مدد ڪري ٿو اوهان جي رحمٰن کان سواءِ ناهن ڪافر مگر ڌوڪي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اهو لشڪر اوهان جو ڪهڙو آهي جو اوهان کي وڏي مهربان (الله) کان سواءِ مدد ڏي ٿو؟ ڪافر ته رڳو ڌوڪي ۾ پيل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ٻڌايو)آخر اهو ڪهڙو لشڪر اوهان وٽ آهي جيڪو رحمان جي مقابلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگھي ٿو؟ ڪافر ته رُڳو دوکي ۾ ئي پِيَلَ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو، سو آهي ڪير، لَشڪر اَهنجو لاڏلو؟ ته آڌاري اَلله ري، آن کي اُهکِي وير، ڦِريَل بنا ڦير، آهِن رُڳو ريب فريب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا اوهان جو اهو ڪهڙو لشڪر آهي، جو ٻاجهاري کان سواءِ اوهان کي مدد ڏئي؟ ڪافر فقط ڀولي ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌايو ته توهان وٽ ڀلا اهو ڪهڙو لشڪر آهي، جيڪو رحمان جي مقابلي ۾ توهان جي مدد ڪري سگهي؟ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته اهي ڪافر دوکي ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر اهو ڪهڙو آهي لشڪر جيڪو توهان جي مدد ڪري سگهي مقابلي ۾ رحمٰن جي؟ حقيقت ۾ اهي منڪر پيل آهن وڏي ڌوڪي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخر اوهان جو اُهو ڪھڙو لشڪر آهي جيڪو الله تعالى کان سواءِ توهان جي مدد ڪري سگهي؟ ڪافر ته صفا ڌوڪي ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمَّن هٰذَا الَّذى يَرزُقُكُم إِن أَمسَكَ رِزقَهُ بَل لَجّوا فى عُتُوٍّ وَنُفورٍ (آيت : 21) |
(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا اهو ٻيو ڪير آهي، جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو، جيڪڏهن الله (زمين جي صلاحيت ختم ڪري) پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر (هي ڳالهيون کين سمجهه ۾ نٿيون اچن جو) اهي سرڪشي ۽ نفرت ۾ ورتا پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان جو اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي رزق ڏي جيڪڏهن رحمان توهان جو رزق بند ڪري، بلڪ اهي سرڪشي ۽ حق کان پري ٿيڻ تي ثابت قدم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا خدا جيڪڏهن پنهنجي (ڏنل) روزي روڪي ڇڏي ته ڪير اهڙو آهي جو اوهان کي رزق ڏئي پر اهي ڪافر ته وڏائي ۽ نفرت (جي ڪن) ۾ ڦاٿل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ڪير آهي هي جيڪو رزق ڏيندو اوهان کي جيڪڏهن روڪي رزق اوهان جو بلڪ ڊگها ٿيا سرڪشيءَ ۽ نفرت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي رزق ڏيندو جيڪڏهن الله پنهنجو رزق جهلي ڇڏي؟ پر اهي سرڪشيءَ ۽ ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا ڪو اهڙو آهي جيڪو توهان کي روزي ڏئي سگهي؟ جيڪڏهن اهو (الله) پنهنجو رزق روڪي ڇڏي، بلڪه اُهي سرڪشي ۽ (حق کان) ڀڄڻ تي اٽل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو، سو آهي ڪير؟ جو آن کي ڏئي ڏاتار ري، جي روڪي رِزق پَنهنجو، سو والِي ڪِنهِين وير، اُٽلو پاتـئون پير، آڪڙ ۽ اِنڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪڏهن هو پنهنجو رزق روڪي، ته پوءِ ٻيو ڪهڙو آهي، جو اوهان کي رزق ڏئي؟ بلڪ ڪافر رڳو سرڪشيءَ ۽ نفرت ۾ اڙيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري ٻڌايو ته اهو ڪير آهي، جيڪو توهان کي رزق ڏيئي سگهي، جيڪڏهن رحمان پنهنجو رزق بند ڪري ڇڏي؟ دراصل اهي ماڻهو سرڪشيءَ ۽ حق کان پري ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري اهو ڪير آهي جيڪو توهان کي رزق ڏئي سگهي جيڪڏهن رحمٰن رزق روڪي ڇڏي؟ حقيقت ۾ اهي ارڏائي ۽ حق کان پاسو ڪرڻ تي اڙجي ويل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اهو (الله) توهان جو رزق بند ڪري ته ڪير آهي جيڪو توهان کي رزق ڏئي؟ پر هي ماڻهو رڳو سرڪشي ۽ نفرت جي ضد ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن يَمشى مُكِبًّا عَلىٰ وَجهِهِ أَهدىٰ أَمَّن يَمشى سَوِيًّا عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 22) |
ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا پوءِ جيڪو شخص پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو مُنهن ڀر هلي ٿو، اهو وڌيڪ هدايت يافته آهي يا اُهو ماڻهو، جيڪو سڌي رستي تي سنئون سِڌو هلي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جو شخص اونڌو ٿي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي راھ تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو پنڌ ڪري ٿو اونڌو ٿي منهن پنهنجي تي وڌيڪ هدايت وارو آهي يا جيڪو پنڌ ڪري ٿو برابر ٿيندي سڌي واٽ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀر ڪرندو هلي ٿو سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اهو جو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن ڀَرِ اونڌو هلي رهيو آهي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي يا اُهو جيڪو سڌي رستي تي سنئون سڌو هلي ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو هَلي هٿراڌو واٽ تي، مُنهن ڀَر مُرڳوئـِي، سَواٽو سوئـِي، يا جو سَئون هَلي سَئـِينءَ واٽ تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو منهن ڀر اونڌو ٿي هلندو هجي، سو وڌيڪ سٺو هلي ٿو، يا جيڪو سڌو سنئون سڌيءَ واٽ تي هلندو هجي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا جيڪو ماڻهو منهن اونڌو ڪيو پيو هلي، اهو صحيح واٽ تي هلڻ وارو آهي يا جيڪو ڪنڌ مٿي ڪيو سنئين رستي تي هلي رهيو هجي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا سوچيو، جيڪو شخص هلندو هجي اونڌو ڪري منهن پنهنجو، اهو صحيح راهه لهندو يا وري اهو جيڪو هلندو هجي مٿو کڻي سڌو هڪ سڌي راهه تي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ڀلا جيڪو ماڻهو اونڌي منھن ڌڪا کائيندي هلندو رهي، اهو وڌيڪ هدايت وارو آهي يا اُهو جيڪو مٿي منھن ڪندي صفا سڌو ٿي هلي ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل هُوَ الَّذى أَنشَأَكُم وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 23) |
چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي جنهن اوهان کي (انسان ڪري) پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون بنايون. (جن سان اوهان ان جي آيتن کي ٻڌي ان جي تخليق کي ڏسي ۽ ان جي مثالن کي سمجهي سگهو پر) اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ جنهن توهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، ٿورڙا اُهي آهن جيڪي (توهان مان) شڪر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چوين خدا ته اهو آهي جنهن اوهان کي نت نئون پيدا ڪيو ۽ اوهان جا ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايون (پر) اوهين تمام گهٽ شڪر ادا ڪندا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اِهو اُهو آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو شڪر ڪيو ٿا اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ !) چئو ته هو اُهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايون. اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته اُهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. توهان تمام ٿورو شڪر ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، ته اُهوئـِي آھِ سو، آن کي جوڙيو جِنهن جَبَّار، ڪيائين اَهنجا ڪَن، اکيون، ۽ هِنيان پڻ هوشيار، پوءِ اَهنجا اِهي پار، ته ٿورا، ٿورا ڳائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله اُهو آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو ۽ اوهان جا ڪن، اکيون ۽ دل بنايا، اوهين ٿورڙو ئي شڪر ڪريو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته الله اهو آهي، جنهن توهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ توهان کي ڪــَـنَ ۽ اکيون ۽ سوچڻ سمجهڻ واريون دليون ڏنيون اٿائين پر توهان ٿورو ئي ٿا شڪرانو ادا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ انهن کي، اهو (الله) ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو ۽ ڏنائين توهان کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جون قوتون، ۽ سوچڻ سمجهڻ واريون دليون، پر ٿورو ئي توهان شڪر ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) چؤ ته: (الله تعالى) اُهو آهي جنھن توهان کي پيدا ڪيو ۽ توهان جا ڪن، اکيون ۽ دليون ٺاهيون پر (پوءِ به) توهان ٿورو شڪر ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل هُوَ الَّذى ذَرَأَكُم فِى الأَرضِ وَإِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 24) |
چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، هو اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو (پر اوهان جو اهو پکڙجڻ ضابطي کان ٻاهر نه هجي) ۽ اوهان ان ڏانهن ئي (پنهنجي ڪئي ڪيتي جو حساب ڏيڻ لاءِ) گڏ ڪيا ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوين ته اهو ئي ته (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اِهو اُهو آهي جنهن پکيڙيو اوهان کي زمين ۾ ۽ ان ڏانهن ئي اٿاريا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) چئو ته هو اُهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ اوهان ان ڏي ئي گڏ ڪيا ويندؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ اُهو ئي آهي جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ توهان کي ان ڏانهن گڏ ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ته اُهوئي آھِ سو، بَرابَر بارِي، آن کي پکيڙي پَٽن ۾، جِنهن ڀَرِي ڀُون سارِي، ۽ وَرِي ڪِنهن وارِي، اَوهِين مِڙئـِي اُن ڏي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته هو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ اوهين ان ڏانهن ئي گڏ ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته اهو الله ئي آهي، جنهن توهان کي زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي توهان ميڙي آندا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ انهن کي، اهو (الله) ئي آهي جنهن پکيڙيو آهي توهان کي زمين ۾ ۽ انهيءَ (الله) ڏي ئي گڏ ڪيا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته اهو (الله) ئي آهي جنھن توهان کي زمين ۾ (مختلف جڳھن تي) ڦھلائي ڇڏيو آهي. (آخرڪار) توهان سڀ ان ڏانهن ئي گڏ ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پنهنجي ڪئي جو حساب ڏيڻ جي ڳالهه تي اهي منڪر مسلمانن کي) چون ٿا، ٻڌايو ته هيءَ (تباهي ۽ سزا وارو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي (ڪافر مؤمنن کي) چون ٿا ته هي وعدو (قيامت جو) ڪڏهن پورو ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافر چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته (نيٺ) اهو انجام ڪڏهن (پورو) ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڪافر مسلمانن کي) چون ٿا ته هيءُ انجام ڪڏهن پورو ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”هيءُ وعدو (قيامت وارو) ڪڏهن پورو ٿيندو اگر اوهان سچا آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَون، ته اُهو اَنجام، آهي ڪڏهن اَچڻو؟ اَوهين سَچا، جي آهيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر ٿا چون ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته ٻڌايو ته اهو انجام ڪڏهن پورو ٿيندو“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته "جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته ڀلا اهو وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چوندا آهن ڪڏهن اهو وعدو پورو ٿيندو جيڪڏهن (واقعي) توهان سچا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هِي ڪافر چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ اِهو وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّمَا العِلمُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آئون ته رڳو (غلط ڪارين جي تباه ڪندڙ نتيجن کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو (اهو) علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چوين ته (ان جو) علم ته رڳو خدا کي ئي آهي ۽ آءُ ته بلڪل صاف (عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ مان ته صرف ڊيڄاريندڙ، کليل آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ !) چئو ته (اها) خبر رڳو الله وٽ ئي آهي، ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”ان (جي وقت) جو علم ته صرف الله وٽ آهي ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَهو ته ڪَڏهِن قِيام، هِي خَبر خاص خُدا کي، ڏي وَراڻِي وَريام!، ۽ پَڌرِي پَٽ پَيغام، آئون ڏِيندڙ آهيان ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اها خبر فقط الله کي ئي آهي- ۽ آءُ فقط پورو ڊيڄاريندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "ان جو علم الله وٽ آهي، مان ته فقط کولي کولي خبردار ڪرڻ وارو آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ انهن کي، بيشڪ ان جو علم ته الله وٽ آهي، ۽ بيشڪ آئون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهيان ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: اِن جو علم ته رڳو الله تعالى کي ئي آهي. بيشڪ مان ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا رَأَوهُ زُلفَةً سيـَٔت وُجوهُ الَّذينَ كَفَروا وَقيلَ هٰذَا الَّذى كُنتُم بِهِ تَدَّعونَ (آيت : 27) |
۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن (ڪارا) بڇڙا ٿي ويندا ۽ (ان وقت کين) چيو ويندو ته، هي اهو (عذاب) آهي جيڪو اوهين (سڏي سڏي) گهرندا هيئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اهي ان عذاب کي پاڻ وٽ قريب ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن خراب ۽ ڪارا ٿي ويندا، ۽ انهن کي چيو ويندو ته هيءُ اهو عذاب آهي جيڪو توهان گھُرندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ان (عذاب کي) ويجهو ڏسندا ته (ڊپ کان) ڪافرن جا منهن ڦري ويندا ۽ کين چيو ويندو، هي اهو ئي (عذاب) آهي جنهن جي اوهين گهر ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏسندا ان کي ويجهو ته بڇڙا ڪيا ويندا منهن انهن جا جن ڪفر ڪيو ۽ چيو ويندو هيءُ اهو آهي جنهن جي اوهان طلب ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان (انجام) کي ويجهو (ايندو) ڏسندا تڏهن ڪافرن جا منهن بڇڙا ٿي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو ته هي اهو (عذاب) آهي جنهن کي اوهين گهرندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان کي ويجهو ڏسندا ته ڪافرن جا مُنهن ڪاراٽجي ويندا ۽ (کين) چيو ويندو: ”هي اُهو (عذاب) آهي جنهن جي توهان گهُر ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏِسن اُن اَنجام کي، ويجھو ويچارا، اُتي اِنڪارِيَن جا، ٿِيا مَٽجِي مُنهن ڪارا، ۽ آکيو وِيو اُنهن کي، ڏيئـِي اِشارا، ته هي، سي سانبارا، جي گَھر ويٺي گُھرندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽جنهن وقت اهي انجام کي ويجهو ايندو ڏسندا، تڏهن ڪافرن جا منهن ڪاراٽجي ويندا ۽ کين چئبو ته ”هي آهي اهو، جنهن کي اوهين طلبيندا هئا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جنهن وقت ان شيءِ کي تمام ويجهو ڏسندا ته انهن سڀني ماڻهن جا منهن ڦري ويندا جن ڪفر ڪيو آهي، ۽ تنهن وقت چيو ويندن ته اها اٿوَ اها شيءِ جيڪا پيا گهرندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ڏسندا ويجهو ان شيءِ کي ته ڦري ويندا چهرا انهن سڀني جا جن انڪار ڪيو آهي ۽ کين چيو ويندو ان وقت هي اها ئي ڳالهه آهي جنهن جي توهان گُهر ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن هي ماڻهو ان شيءِ کي ويجهو ڏسندا ته سڀني انڪار ڪندڙن جا منھن بدصورت ٿي ويندا ۽ کين چيو ويندو ته هي اُها شيءِ آهي جيڪا توهان گهرندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَهلَكَنِىَ اللَّهُ وَمَن مَعِىَ أَو رَحِمَنا فَمَن يُجيرُ الكٰفِرينَ مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 28) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي پڪڙ ۾ آڻي يا اسان تي رحم ڪري (اهو فڪر نه ڪريو، بلڪ اوهان فڪر رڳو هن ڳالهه جو ڪريو ته اوهان جي انڪار ۽ آڪڙ تي) ڪير آهي جو (اوهان) ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي اها ڳالهه ٻڌايو ته جيڪڏهن الله تعالى (بالفرض) مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم ڪري، پوءِ ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) کين چوين ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن خدا مون کي ۽ منهنجن مائيٽن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم فرمائي ته ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن هلاڪ ڪري مون کي الله (بفرض محال) ۽ انهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن يا رحم ڪري اسان تي پوءِ ڪير بچائيندو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مو ن سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري يا اسان تي رحم ڪري ته ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن تن کي هلاڪ ڪري ڇڏي يا اسان تي رحم فرمائي، پوءِ اُهو ڪير آهي جو ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان بچائيندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سوچيان ڪاهِئ ڳالھ؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ، مُون ۽ مُنهنجي ساٿِيَن کي، جي پان ڪري پائـِمال، يا اُٽلندو اَسان تي، ڀَلو ڪري ڀال، پوءِ ڪنان بَند بَد حال، ڪير بَچائي ڪافرِين ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڇا، اوهان نه ڏٺو آهي ته جيڪڏهن الله مون کي ۽ منهنجي همراهن کي ماري، يااسان تي رحم ڪري، ته ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي پيغمبر) چوين ته "ڇا ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته جي الله مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي تباهه ڪري ڇڏي يا کڻي اسان تي رحم ڪري، پر ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ انهن کي، ڇا توهان سوچيو آهي جيڪڏهن هلاڪ ڪري مون کي الله ۽ منهنجي ساٿين کي يا اسان تي رحم ڪري، پر ڪير بچائيندو ڪافرن کي عذاب دردناڪ کان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اهو نٿا خيال ڪريو ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي ۽ منھنجي ساٿين کي ماري ڇڏي يا اسان جي مٿان رحم ڪري ته پوءِ ڪافرن کي دردناڪ عذاب کان ڪير بچائيندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل هُوَ الرَّحمٰنُ ءامَنّا بِهِ وَعَلَيهِ تَوَكَّلنا فَسَتَعلَمونَ مَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، اهو (الله) وڏو مهربان آهي، جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ ان (جي رحمت وارن اصولن) تي اسان ڀروسو ڪيو. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ آهي. (۽ ڪير صحيح رستي تي هلي رهيو آهي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو اهو رحمان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان ان تي توڪل ڪئي، پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو ته صاف گمراهي ۾ ڪير آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون چوين ته اهو ئي (خدا) وڏو مهربان آهي جنهن تي اسان ايمان آندو آهي ۽ اسان ته ان (ذات) تي ڀروسو رکيو آهي. ته جلد ئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ (پيل) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اهو رحمٰن آهي اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي اسان توڪل ڪئي آهي پوءِ جلد ڄاڻندؤ ته ڪير کليل گمراهيءَ ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !س) چئو ته اهو (الله) وڏو مهربان آهي ان تي اسان ايمان آندو ۽ ان تي اسان توڪل ڪئي. پوءِ سگهوئي اوهين ڄاڻندو ته (اسان ۽ اوهان مان) ڪير پڌريءَ گمراهي ۾ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ اُهو (الله) وڏو مهربان آهي اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسان ان تي ڀروسو ڪيو، پوءِ توهان سگهو ئي ڄاڻي وٺندؤ ته ڪير ماڻهو کُلي گمراهي ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، اُهو آهي هيڪڙو، سڀ ڏيهن جو ڏاتار، اَسان مَڃيون اُن کي، ۽ بَرسِر رکيوسونسِ بار، پوءِ سَڀ سِگھوئـِي سَمجھندا، حَقِيقت هيڪار، ته اُهو آهي ڪِهڙو پار، وَرتل وائکِي وِرس ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اُهو ئي ٻاجهارو آهي، اسان اُن تي ويساهه آندو ۽ ان تي ڀروسو ڪيوسون، پوءِ جلد ئي خبر پوندوَ، ته صفا گمراهيءَ ۾ ڪير آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته هو نهايت مهربان آهي، انهيءَ تي اسان ايمان آندو آهي ۽ انهيءَ تي ئي اسان جو ڀروسو آهي. سگهوئي توهان کي معلوم ٿي ويندو ته پڌري گمراهيءَ ۾ ڪير پيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ انهن کي، اهو ته وڏو ٻاجهارو آهي اسان ايمان آندو آهي ان تي ۽ ان تي ئي اسان جو ڀروسو آهي، پوءِ سگهوئي معلوم ٿي ويندو توهان کي ته ڪير آهي گمراهيءَ ۾ پيل ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته اُهوئي وڏو مھربان آهي. اسان ان تي ايمان آندو آهي ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪريون ٿا. (بھرحال) توهان کي جلد خبر پئجي ويندي ته ڪير پڌري گمراهي ۾ پيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَصبَحَ ماؤُكُم غَورًا فَمَن يَأتيكُم بِماءٍ مَعينٍ (آيت : 30) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته، ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان (ان جي پالڻهاريءَ جي مقرر ڪيل طريقن کي نه مڃيندو ۽ اوهان) جو پاڻي سڪي وڃي (جنهن تي اوهان جي زندگيءَ جو دارومدا آهي) ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو توهان مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اهو توهان جو پاڻي نهايت هيٺ ڪري ڇڏي، پوءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي چشمي وارو پاڻي آڻي ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چوين ته ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي زمين ۾ اندر هليو وڃي ته ڪير اهڙو آهي جيڪو اوهان لاءِ پاڻيءَ جو وهندڙ (چشمو) آڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو اوهان جيڪڏهن ٿي وڃي پاڻي اوهان جو سڪي ويل پوءِ ڪير آڻيندو اوهان وٽ پاڻي (مٺو) وهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) چئو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي سُڪي وڃي ته ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان جو پاڻي زمين ۾ تمام هيٺ هليو وڃي ته ڪير آهي جو اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو جاچيان ڪِيئن جواب؟ ته پاڻِي اَهنجو پِرھ سان، پيهِي وَڃي پاتار ۾، تَلي وَڃن تالاب، پوءِ اونَهيرو، سو آب، آن کي ڪير ڏئي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ڀلا ڏسو ته سهي، ته جيڪڏهن اوهان جو پاڻي هيٺ پيئجي وڃي، ته پوءِ ڪير اوهان وٽ وهندڙ پاڻي آڻيندو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته ڪڏهن اهو به سوچيو اٿوَ ته جيڪڏهن توهان (جي کوهن) جو پاڻي زمين ۾ اونهو هليو وڃي ته پوءِ اهو ڪير آهي، جيڪو توهان کي ان پاڻيءَ جا وهندڙ چشما کولي ڏيندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ انهن کي، ڪڏهن هي به سوچيو اٿوَ جيڪڏهن توهان جي کوهن جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي (هيٺ لهي وڃي) ته پوءِ ڪير آهي ان وهندڙ پاڻيءَ جون سيرون توهان کي وهائي ڏئي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته ڇا توهان اهو نٿا ڏسو ته جڏهن توهان جو پاڻي (جَرَ ۾ ئي) سُڪي وڃي ته پوءِ ڪير آهي جيڪو توهان جي لاءِ ان کي (چشمي وانگر مَٿي) وهائي آڻيندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |