توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لَهُ المُلكُ وَلَهُ الحَمدُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو ڪجهه آسمان ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانون تي هلندي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو. ان جي ئي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي تعريف آهي ۽ هر (شيء کي پنهنجي مقرر قانونن تي هلائڻ جي) انهيءَ کي سڀ ڪا قدرت حاصل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪري رهيون آهن اُهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، انهيءَ جو ملڪ آهي ۽ انهيءَ جي تعريف آهي، ۽ اهو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (سي سڀ) خدا جي ئي تسبيح ڪن ٿا. ان جي حڪومت آهي ۽ حمد (به) ان لاءِ ئي لائق آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تسبيح پڙهي ٿي الله جي لاءِ اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي ان جي بادشاهي آهي ۽ ان جو حمد آهي ۽ اهو هرشيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو. ان جي ئي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي تعريف آهي ۽ اهو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي جا شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جا شيءِ زمين ۾ آهي، ان جي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي واکاڻ آهي، اُهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي پاڪ چَون پَروَر کي، سڀئـِي ڪَن سُبحان، آهن اُڀن ۽ ڀون ۾، جيڪِي جُڳ جَھان، مِڙئـِي مُلڪ اُن جو، ٻِي جِي ڪوڏي ڪانه، ۽ ڳُڻ سَڀ اُن جاڳائـڻا، سَڀ اُنهِئَ جا اِحسان، هَر شي مَٿي هَر آن، هَلندِي وارو اُهو هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ٿو ڪري. ملڪ ان جو آهي ۽ ان جي ئي ساراهه آهي ۽ هو هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي هر اها شيءِ، جيڪا آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي، بادشاهي به انهيءَ جي آهي ۽ ساراهه به انهيءَ لاءِ ئي آهي ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تسبيح (پاڪائي) الله جي بيان ڪري رهي آهي هر اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ آهي، انهيءَ جي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي ساراهه آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ تي وس وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي. بادشاهي ان جي ئي آهي ۽ تعريف به ان جي ئي آهي ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم فَمِنكُم كافِرٌ وَمِنكُم مُؤمِنٌ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 2) |
(الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو اهو آهي جنهن اوهان کي (انسان ڪري) پيدا ڪيو (اوهان کي ارادي ۽ اختيار جي سگهه مليل آهي، ان سگهه جو نتيجو آهي جي) ڪو اوهان مان ڪافر ۽ ڪو اوهان مان ايمان وارو آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا (ان جا نتيجا ان مڪافات واري قانون هيٺ جڙن ٿا) تنهن کي الله ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪي توهان مان ڪافر آهن ۽ ڪي توهان مان مؤمن آهن، ۽ الله تعالى توهان جا عمل ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهيءَ ته اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪو اوهان مان ڪافر آهي ته ڪو مومن ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي پوءِ اوهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ اوهان مان ڪو مؤمن آهي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اهو آهي جنهن اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ ڪو اوهان مان ڪافر ۽ ڪو اوها ن مان ايمان وارؤ آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ توهان مان ڪو ايمان وارو آهي. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو اُهوئي آھِ، جنهن اوهان کي جوڙيو، پوءِ ڪي ڪافِر ٿيا اوهان مان، ۽ ڪِن جو واحِد تي ويساه، ۽ ڏِسندڙ آھِ اَلله، جيڪِي ڪَريو ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اُهو آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو، پوءِ اوهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ ڪو مؤمن_ ۽ جيڪي به اوهين ڪريو ٿا، سو الله ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جنهن توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ته ڪو مومن ۽ الله اهو سڀ ڪجهه ڏسي ٿو، جيڪي توهان ڪيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ۽ توهان مان ڪو مؤمن، ۽ الله اهو سڀ ڪجهه توهان جو ڪيل عمل ڏسي رهيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهو (الله) ئي آهي جنھن توهان کي پيدا ڪيو آهي. پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ته ڪو مؤمن ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، ان تي الله تعالى جي گهري نظر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين کي تدبير سان (خوبين وارو) بنايو اٿس ۽ اوهان جون صورتون (خوبين واريون) بنايون اٿس، پوءِ اوهان جي صورتن کي (ڪارگر ڪري) چڱو ڪيو اٿس (ته جيئن ان معيار کي سامهون رکي خدا جي صفتن کي پاڻ ۾ اوتيو. زندگي جي اصل ريت اها ئي آهي ۽ پوءِ) ان ڏي ئي موٽڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ آسمانن ۽ زمينن کي وڏي حڪمت سان پيدا ڪيو ۽ توهان جون صورتون بنايون پوءِ توهان جون تمام سهڻيون صورتون بنايون ۽ انهي ڏانهن موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي آسمانن ۽ زمين کي حڪمت ۽ مصلحت سان پيدا ڪيو ۽ ان ئي اوهان جو شڪليون ٺاهيون ته سڀ کان سٺيون صورتون جوڙيائين ۽ ان ڏي (ئي) موٽي هلڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان ۽ صورت ڏنائين اوهان کي پوءِ سهڻيون بنايائين اوهان جون صورتون ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين کي تدبير سان بنايو اٿس ۽ اوهان جون صورتون بنايون اٿس، پوءِ اوهان جن صورتن کي چٽو ڪيو اٿس ۽ ان ڏي ئي موٽڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو ۽ ان توهان جون صورتون بنايون پوءِ توهان جون صورتون سهڻيون بنايائين، ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوڙئـِين اُڀ، زَمِين کي، قائـِم بَرقرار، پڻ سَو رنگ اَهنجون صُورتون، جوڙيون تِنهن جبّار، سُونهن اوهان جي صُورتِين، ڏِنِي پوءِ ڏاتار، ۽ تِنهِين ڏي تَڪرار، آھِ وَرڻو ڪِنهن وار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان بنايو آهي ۽ اوهان جون صورتون بنايائين، پوءِ اوهان جون شڪليون نهايت سٺيون آهن ۽ ان ڏي ئي موٽڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي ۽ توهانجون صورتون بڻايون اٿائين ۽ ڪهڙيون نه سهڻيون بڻايون اٿائين ۽ ڏانهس ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي (بلڪل) حق تي، ۽ ٺاهي توهان جي صورت پوءِ تمام سهڻي صورت ڏني ۽ آخرڪار ان ڏي ئي توهان کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هُن) آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي ۽ توهان جي شڪل ۽ صورت کي تمام سھڻو بنايو آهي ۽ ان ڏانھن ئي موٽڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَعلَمُ ما تُسِرّونَ وَما تُعلِنونَ وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 4) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، انکي ڄاڻي ٿو. ۽ جو لڪايو ٿا ۽ جو ظاهرظهور ڪريو ٿا، ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ الله دلين جي (اندر پچندڙ پهن، خيالن ۽) ڳالهين کي ڄاڻندڙ آهي. (انهيءَ ڪري ممڪن ئي ڪونهي ته انسان جو عمل نتيجي بنا رهجي وڃي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ڄاڻي ٿو انهيءَ کي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪو توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا، ۽ الله تعالى دلين جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو جو ڪجھ اوهين لڪي ڇپي ۽ ظاهر بظاهر ڪريو ٿا تنهن کان (به) واقف آهي ۽ خدا ته دلين جي ڳجھ جو به واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻي ٿو اهو جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا ۽ الله ڄاڻندڙ آهي سينن واريون ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ان کي ڄاڻي ٿو. ۽ جو لڪايو ٿا ۽ جو ظاهر ڪريو ٿا، ان کي ڄاڻي ٿو. ۽ الله دلين جي ڳالهين کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سڀ) کي ۽ ڄاڻي ٿو توهان جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا. ۽ الله سينن جي رازن کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو سَڀ ڄاڻي پاڻ ٿو، جيڪِي اُڀن اَندر، پڻ جيڪِي زَمن زَمِين ۾، سو سَمجھي سَربسر، ۽ ڳُجھو، پَڌرو ڪم ڪريو، سو پَرُوڙي پَروَر، ۽ جو دِليَن ۾ دَفتر، تِنهنجو پَرکِيندڙ پاڻ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي_ سو ڄاڻي ٿو، جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ ظاهر ٿا ڪريو، سو به ڄاڻي ٿو- ۽ الله سينن جو ڳجهه ڄاڻيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن توڙي زمين جي هر شيءِ جي ڄاڻ اٿس، جيڪي توهان لڪايو ٿا يا جيڪي توهان ظاهر ڪريو ٿا، هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو ۽ هو دلين جا حال به ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ (اهو به) ڄاڻي ٿو جيڪي توهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي توهان ظاهر ڪريو ٿا، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي توهان جي دلين (سينن) ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي هُو سڀ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان لڪايو ٿا يا ظاهر ڪريو ٿا ان کي به هو خوب ڄاڻي ٿو، الله تعالى ته سينن جي رازن کي به ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم يَأتِكُم نَبَؤُا۟ الَّذينَ كَفَروا مِن قَبلُ فَذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 5) |
(ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي جيڪي هن کان اڳي ڪافر ٿيا، پوءِ انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ (آخرت ۾ به) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جن توهان کان اڳ ۾ ڪفر ڪيو، پوءِ انهن پنهنجي ڪئَي جو وبال چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي آهي جن (اوهان کان) اڳ ڪفر ڪيو ته انهن پنهنجن ڪرتوتن جي سزا (دنيا ۾ ئي) ڀوڳي ۽ (آخرت ۾ ته) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه آئي اوهان وٽ خبر انهن جي جن ڪفر ڪيو اڳ ۾ پوءِ چکيائون وبال پنهنجي امر جو ۽ انهن جي لاءِ عذاب درد ناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان کي انهن جي خبر نه پهتي جيڪي هن کان اڳي ڪافر ٿيا پوءِ انهن (دنيا ۾ ) پنهنجي ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ (آخرت ۾ ) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي خبر نه پهتي جن اڳ ڪفر ڪيو هيو، پوءِ انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪرتوتن جي سزا چکي ۽ (آخرت ۾) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا اوهان کي نه آئـِيو، اُنهن جو اَحوال؟ آڳي ڪُفر جِن ڪيو، ڦِريا هُئا ڦيريال، پوءِ سَزا سَندنِ ڪَمن جِي، چکيؤن چَڱِئ چال، ۽ ساڙوسُورن نال، اَڃا آهي اُنهن لئي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان وٽ اڳوڻن ڪافرن جي خبر نه آئي آهي؟ جن پنهنجي ڪئي جي سزا چکي ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان کي انهن ماڻهن جي ڪا خبر نه پئي آهي، جن هن کان اڳ ڪفر ڪيو، پوءِ پنهنجي ڪئي جي سزا چکيائون؟ ۽ اڳتي انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي خبر نه پهتي انهن ماڻهن جي، جن ڪفر ڪيو ان کان اڳي ۽ چکيو مزو وبال جو پنهنجي ڪفر جي نتيجي ۾ ۽ انهن جي لاءِ عذاب آهي تمام سخت؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان تائين هنن کان اڳ گذري ويل ڪافرن جي خبر نه پھتي آهي؟ جو انهن پنھنجي عملن جي سزا چکي ۽ (قيامت ۾) انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُ كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَقالوا أَبَشَرٌ يَهدونَنا فَكَفَروا وَتَوَلَّوا وَاستَغنَى اللَّهُ وَاللَّهُ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 6) |
اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون، دليل ۽ قانون کڻي ايندا هئا، پوءِ تن چيو ته، اسان کي (اسان جهڙا) ماڻهو رستو ڏيکاريندا ڇا؟ (حالانڪ انهن کي ته الله جي ڳالهه ڏسڻي هئي) پوءِ (غور ڪرڻ بنا تڪبر وچئون) انڪار ڪيائون ۽ منهن ڪوڙي ڇڏيائون ۽ الله به (سندن) پرواهه نه ڪئي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن وٽ سندن پيغمبر دليلن سان پهتا، پوءِ انهن چيو ڇا (اهي) ماڻهو اسان کي هدايت ڏيندا، پوءِ اهي ڪافر ٿيا ۽ اهي ڦِريا ۽ الله تعالى (انهن کان) بي نيازي ڪئي، ۽ الله تعالى بي نياز، ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري جو انهن ڏي سندن پيغمبر پڌرا معجزا وٺي آيا ته چوڻ لڳا ڇا ماڻهو اسان جو هادي بڻبو؟ مطلب ته اهي ڪافر ٿي ويٺا ۽ منهن ڦيري ويٺا ۽ خدا به (انهن جي) پرواھ نه ڪئي ۽ خدا ته بيپرواھ لائق حمد آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو تحقيق شان هي آهي ته آيا ٿي انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان پوءِ چيائون ته ڇا بشر هدايت ڪن ٿا اسان کي؟ پوءِ ڪفر ڪيائون ۽ منهن موڙيائون ۽ بي پرواهي ڏيکاري الله ۽ الله بي نياز، ساراهيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي ايندا هئا پوءِ تن چيو ته اسان کي (اسان جهڙا) ماڻهو رستو ڏيکاريندا ڇا؟ پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منهن ڦيرايائون ۽ الله بي پرواهي ڪئي ۽ الله بي پرواه ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهو هن ڪري ته انهن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي ايندا هئا ته اُهي چوندا هئا: ”ڇا بشر اسان کي هدايت جي راهه ڏيکاريندا“؟ پوءِ ڪفر ڪيائون ۽ (حق کان) مُنهن موڙيائون ۽ الله به (انهن جي ) ڪا پرواهه نه ڪئي. ۽ الله بي پرواهه سڀ خوبين وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو سَڀ اِن ڪري، ته هونِ اِهڙو حال، ته جڏهن به آيَنِ اُنهن جا، نبي نيڪ نِهال، سَچِيَن ثابِتيَن سان، پوءِ ڪيؤن قِيل مَقال، سَئـِين ڇاسُهائنيون، ماڻهو اَسان مِثال؟ پوءِ ڦِريا ۽ مُنهن ڦيريؤن، ٿيا پُٺيرا پيمال، پوءِ پَروَر بي پَرواه ٿِيو، کَيائـِينِ خيال، ۽ بي پَرواه بَحال، پڻ ساراهِيَل سَچو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو سندن رسول معجزن سان وٽن ايندا هئا، پوءِ چوندا هئا، ته ”ڇا، اسان جهڙا ماڻهو اسان کي رستو ڏيکاريندا؟“ پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منهن ڦيرايائون- ته الله بي پرواهي ڏيکاري ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ سزا جوڳا هو ان ڪري ٿيا، جو وٽن سندن رسول چٽيون نشانيون ۽ دليل کڻي ايندا رهيا، پر انهن چيو ته "ڇا اسان کي (اسان جهڙا) انسان هدايت ڏيندا". پوءِ انهن مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ منهن موڙي ڇڏيائون ته پوءِ الله به کانئن بي پرواهي اختيار ڪئي ۽ الله ته آهي ئي بي نياز ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ نتيجي جا حقدار ان ڪري ٿيا جو انهن وٽ سندن رسول پڌرا دليل کڻي ايندا رهيا، پر انهن چيو، ڇا انسان اسان کي هدايتون ڏيندا؟ اهڙيءَ طرح انهن مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ منهن ڦيريائون، تڏهن بي پرواهه ٿيو کانئن الله، ۽ الله ته آهي ئي پنهنجي ذات ۾ ساراهيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها سزا هُنن کي اِن ڪري ملي جو وٽن رسول سڳورا پڌريون نشانيون کڻي ايندا رهيا پر هي چوندا هئا ته ڇا اسان کي (هاڻي) انسان ئي هدايت ڏيندا؟ سو انهن ڪفر ڪيو ۽ منھن ڦيري ڇڏيو پوءِ الله تعالى به انهن کان بي پرواهي اختيار ڪئي. الله تعالى بي پرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
زَعَمَ الَّذينَ كَفَروا أَن لَن يُبعَثوا قُل بَلىٰ وَرَبّى لَتُبعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِما عَمِلتُم وَذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 7) |
ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪافر دعويٰ ڪن ٿا ته کين ڪڏهن به جيئرو ڪري نه اٿاريو ويندو. (اي پيغمبر! کين) چئون ته، ڇو نه! آئون پنهنجي پاليندڙ جو قسم کڻان ٿو ته، اوهان کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو. پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي اوهان کي خبر ڏني ويندي ۽ اهو (ڪم) الله لاءِ (بيحد) آسان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪافرن چيو ته اهي هرگز نه اٿاريا ويندا، رسولِ عربي توهان فرمايو هَا! مون کي منهنجي رب جو قسم آهي ته توهان ضرور اٿاريا ويندا، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏني ويندي، ۽ اهو الله تعالى لاءِ آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪافرن جو هي خيال آهي ته اهي ٻيو ڀيرو نه اٿاريا ويندا. (اي رسول) چئو ته هاءُ! پنهنجي پروردگار جو قسم اوهين ضرور اٿاريا ويندو. پوءِ جيڪي ڪم اوهين ڪندا رهيا تنهن جي باري ۾ ضرور اوهان کي ٻڌايو ويندو ۽ اهو ڪم ته خدا تي آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گمان ڪيو انهن جن ڪفر ڪيو هي ته هرگز نه اٿاريا ويندا فرماءِ هائو منهنجي رب جو قسم آهي ته البته ضرور اٿاريا ويندؤ ان کان پوءِ البته ضرور خبر ڪيا ويندؤ ان جي جيڪي عمل ڪيا اوهان ۽ اهو الله لاءِ آسان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪافر دعويٰ ڪن ٿا ته کين ڪڏهن به جيئرو ڪري نه اٿاريو ويندو. (اي پيغمبر! کين) چئو ته ڇو نه؟ آءُ پنهنجي پاليندڙ جو قسم کڻان ٿو ته اوهان کي ضرور جيئرو ڪري اٿاريو ويندو پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي اوهان کي خبر ڏني ويندي ۽ اهو (ڪم) الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪافرن هي گمان ڪيو ته اُهي (مرڻ بعد) هرگز نه اٿاريا ويندا. چؤ: ”ڇونه؟ مون کي منهنجي پالڻهار جو قسم ته توهان ضروري اٿاريا ويندا پوءِ توهان کي خبر ڏني ويندي جيڪي توهان عمل ڪيا، ۽ اُهو الله تي آسان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڪاهي پِيا ڪُفر ۾، تِن ڪيو غَلط گُمان، ته اَصل ئـِي ڪِين اُٿاربا، ڪَر اُنهن کي اِعلان، هائو سُنهن سانِيَمِ جو، سوگند سَندو سُبحان، اَوس اَوهِين اُٿاربا، موٽِي تِنهن مَڪان، خُوب ڏِبيان خبرون، جيڪِي ڪريو مَنجھ جھان، ۽ آھِ گھڻو آسان، اِهو ڪَم ڪَرِيم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر ڀانئن ٿا ته انهن کي ڪڏهن نه اٿاربو_ چئو ته ”هائو منهنجي رب جو قسم! اوهين اٿاربؤ، پوءِ جيڪي ڪندا هئو، ان جي اوهان کي خبر ڏبي ۽ اهو الله لاءِ سولو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪافر دعويٰ ڪن ٿا ته هو مرڻ کان پوءِ ڪڏهن به ٻيهر نه اٿاريا ويندا. چوين ته "نه، منهنجي رب جو قسم! توهان ضرور اٿاريا ويندؤ. پوءِ توهان کي ضرور ٻڌايو ويندو ته توهان دنيا ۾ ڇا ڇا ڪيو آهي ۽ ائين ڪرڻ الله لاءِ تمام سؤلو آهي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڏي دعويٰ سان چيو منڪرن ته اهي مرڻ کان پوءِ هرگز ٻيهر اٿاريا نه ويندا، کين چؤ: نه، منهنجي رب جو قسم، ضرور اٿاريا ويندا، پوءِ ضرور ٻڌايو ويندو ته ڇا ڪيو آهي توهان (دنيا ۾) ۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ تمام سولو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافرن جي اها دعوى آهي ته کين ڪڏهن به ٻيھر نه اٿاريو ويندو، تون چؤ ته ڇونه! قسم آهي منھنجي رب جو! توهان سڀني کي ٻيھر جيئرو به ڪيو ويندو ۽ توهان کي توهان جا ڪيل ڪم به ٻڌايا ويندا ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالنّورِ الَّذى أَنزَلنا وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 8) |
تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور (قرآن) تي جو اسان (عقل جي رهنمائي لاءِ روشني ڪري) نازل ڪيو آهي، ايمان آڻيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (جو سڀ ڪم ان جي مڪافات واري قانون جي نگاهه ۾ هوندا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ نور (قرآن ڪريم) تي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان باخبر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور تي ايمان آڻيو جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پو ءِ ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ نور تي جيڪو نازل ڪيو اسان ۽ الله ان جي جيڪي ڪيو ٿا خبررکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور تي جو اسان نازل ڪيو آهي ايمان آڻيو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان نور تي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي. ۽ الله خبروار آهي توهان جيڪي عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِرَبَّ ۽ سَندسِ رَسول تي، آڻيو اَوهِين اِيمان، پڻ نازِل ڪيوسون نُور، جو قادِر جو قُرآن، ۽ سَمجھندڙ آھِ سُبحان، جيڪِي ڪريو ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ روشنيءَ تي به، جيڪا نازل ڪئي سون ۽ جيڪي ڪندا آهيو، ان جي الله خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ انهيءَ روشنيءَ تي جيڪا اسان نازل ڪئي آهي ۽ جيڪي به توهان ڪريو ٿا، الله ان کي ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ايمان آڻيو الله تي، ۽ سندس رسول تي، ۽ ان روشنيءَ تي جيڪا اسان نازل ڪئي آهي (يعني قرآن)، ۽ الله جيڪي توهان ڪريو ٿا ان کان باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھن ڪري توهان الله تعالى، ان جي رسول سڳوري ۽ اسان جيڪو نور (يعني قرآن) نازل ڪيو آهي ان تي ايمان آڻيو. الله تعالى توهان جي عملن کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَجمَعُكُم لِيَومِ الجَمعِ ذٰلِكَ يَومُ التَّغابُنِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ وَيَعمَل صٰلِحًا يُكَفِّر عَنهُ سَيِّـٔاتِهِ وَيُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته پوءِ) جنهن ڏينهن الله اوهان کي (آخري فيصلي طور) گڏ ٿيڻ جي ڏينهن لاءِ گڏ ڪندو، اهوئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي ۽ جيڪي الله تي ايمان رکندڙ هوندا ۽ چڱو عمل ڪندا رهيا ته انهن کان سندن مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن هي هيٺان نهرون وهن ٿيون. انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو قيامت جي ڏينهن توهان سڀني کي جمع ڪندو ۽ اهو ڏينهن (ڪافرن ۽ گنهگارن لاءِ) حسرت جو ڏينهن هوندو، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ايمان رکي ٿو ۽ عمل صالح ڪري ٿو، الله تعالى انهيءَ تان ان جا ڪيل گناه ميٽرائي ڇڏي ٿو ۽ ان کي باغن ۾ داخل ڪري ٿو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه هميشه انهيءَ ۾ هوندا، اها عظيم ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اهو قيامت جي ڏينهن اوهان سڀني کي گڏ ڪندو. اهو ئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي. ۽ جيڪي الله تي ايمان آڻيندا ۽ چڱو عمل ڪندا ته انهن کان سندن مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ انهن کي (بهشت جي) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. جن ۾ هميشه رهندا اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن گڏ ڪندو اوهان کي گڏ ٿيڻ جي ڏينهن لاءِ اهو ڏينهن کَٽڻ ۽ هارائڻ جو آهي ۽ جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ۽ ڪري ٿو صالح عمل ميٽي ڇڏيندو ان کان برايون ان جون ۽ داخل ڪندو ان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ هميشہ اها ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن الله اوهان کي گڏ ٿيڻ جي ڏينهن لاءِ گڏ ڪندو، اهوئي کَٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي ۽ جيڪي الله تي ايمان آڻيندا ۽ چڱو عمل ڪندا ته انهن کان سندن مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه وهن ٿا انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن (الله) اوهان کي گڏ ڪندو گڏ ٿيڻ واري ڏينهن لاءِ، اُهو ئي کٽڻ هارائڻ جو ڏينهن آهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ چڱا ڪم ڪري ٿو ته ان کان سندس مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ ان کي بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اُهو ان ۾ هميشه رهندو اها زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهان کي اَلله، ڪَٺي ڪَندو جِنهن ڏِينهن لئي، ڪارڻ ڏِينهن قِيام جي، ميلي مَحشر گاھ، ڏِينهن اُهوئـِي آھِ، نفع، يا نقصان جو. ۽ جيڪو مَڃي مالِڪ کي، ۽ ڪَندو چَڱِي ڪار، ميٽي مَدايون اُن جُون، ۽ ڏئيسِ گَھر گُلزار، هردم هيٺان جن جي، ناليون وَهن نِبار، سَدا ساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آھِ وَڏو اَپار، ماڻڻ اُهو مراد جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن قيامت جي ڏينهن اوهانکي گڏ ڪندو، اهو ڏينهن هارائڻ ۽ کٽڻ جو آهي_ پوءِ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو، تنهنکان الله ان جون برايون ميٽيندو ۽ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون پيون وهن_ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان ڳالهه جو پتو توهان کي تڏهن پوندو) جڏهن گڏ ٿيڻ واري ڏينهن هو توهان سڀني کي گڏ ڪندو، اهوئي ڏينهن هوندو هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ ماڻهن جي کٽڻ هارائڻ جو. جنهن الله تي ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪري ٿو، الله سندس گناهه ميساري ڇڏيندو ۽ کيس اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهيون وهنديون، هو اتي سدائين رهندا، اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (توهان کي خبر پوندي) جڏهن گڏجاڻي جي ڏينهن توهان سڀ گڏ ٿيندا، اهو ڏينهن هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ هارائڻ ۽ کٽڻ جو هوندو ۽ جنهن ايمان آندو آهي الله تي ۽ عمل ڪيا آهن سُٺا، (الله) ان جا گناهه ان کان ڇاڻي ڇڏيندو ۽ کيس داخل ڪندو اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان وهنديون هونديون نهرون، اهي ماڻهو ان ۾ رهندا هميشه جي لاءِ، اها ئي ته ڪاميابي وڏي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هو توهان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ واري ڏينھن گڏ ڪندو. اهوئي ته کٽڻ ۽ هارائڻ جو ڏينھن هوندو ۽ جيڪو الله تعالى تي ايمان آڻيندو ۽ نيڪ عمل ڪندو ته هو (الله) انهن جي ڪوتاهين کي مِٽائي ڇڏيندو ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون. هو انهن ۾ هميشه رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ خٰلِدينَ فيها وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 10) |
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن (دنيا جي زندگيءَ ۾) انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ئي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا ۽ اها موٽڻ جي جاءِ ڏاڍي بڇڙي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو، اهي جهنمي آهن، اهي هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ اِها موٽڻ جي تمام خراب جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ئي دوزخي آهن ان ۾ پيا رهندا ۽ اها موٽڻ جي جاءِ (ڏاڍي) بڇڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي اهي جهنمي آهن هميشہ رهندڙ ان ۾ ۽ بري آهي موٽڻ جي جا ءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ئي باه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي دوزخي آهن، اُهي ان ۾ هميشه رهندا. ۽ اُها بري موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي جِن ڪُفر ڪيو، ڦِريا کون فَرمان، ۽ ڪوٺيؤن اَسان جون آيتون، ڪُوڙا باب بيان، اُهي ساٿِي ڀاتِي باھِ جا، مَنجھ تِنهن ماڳ مَڪان، هَميشه حيران، ۽ سو بِلڪُل بُڇڙو ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، اهي دوزخي آهن، ان ۾ سدائين رهندا ۽ اهو هنڌ بڇڙو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ڪفر ڪيو آهي ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي، اهي ئي دوزخي آهن، جنهن ۾ هو سدائين رهندا ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو ڄاتو اسان جي آيتن کي، اهي رهاڪو هوندا دوزخ جا سدائين رهندا انهيءَ ۾، ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو هنڌ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اُهي جھنمي آهن. هو سدائين ان ۾ رهندا ۽ اُها ڏاڍي بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَمَن يُؤمِن بِاللَّهِ يَهدِ قَلبَهُ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 11) |
الله جي حُڪم کانسواءِ ڪابه مصيبت نه پھچندي آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪابه اڻوڻندڙ ڳالهه الله جي (مقرر قانونن) کان سواءِ نٿي ٿئي. ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو (ته پنهنجي عقل ۽ فهم سان الله جي مقرر قانونن جي اها هدايت واري روشني ماڻيندو. نتيجي ۾) اهو سندس دل کي (مصيبتن کان بچڻ جو) رستو ڏيکاريندو ۽ الله سڀ ڪنهن شيء کي ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿي پهچي ڪا مصيبت مگر الله جي اجازت سان ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو، الله تعالى ان جي دل کي هدايت ڏي ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته خدا جي اذن سان ۽ جو شخص خدا تي ايمان آڻي ٿو ته خدا ان جي دل جي هدايت ڪري ٿو ۽ خدا هر شيءِ کان چڱيءَ طرح آگاھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿي پهچي ڪا مصيبت مگر الله جي اذن سان ۽ جيڪو ايمان آڻي ٿو الله تي ته هدايت ڪري ٿو ان جي دل کي ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪابه مصيبت الله جي حڪم کان سواءِ نه ٿي پهچي. ۽ جو الله تي ايمان آڻيندو ته اهو سندس دل کي رستو ڏيکاريندو ۽ الله سڀڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪا مصيبت الله جي اجازت کان سواءِ نه ٿي پهچي سگهي. ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻي ٿو ته الله سندس دل کي هدايت ڏئي ٿو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَسي نه مُصِيبت ڪا، مَگر اِذن ساڻ اَلله، ۽ رَکي جيڪو رُوح ۾، واحِد تي ويساه، قادِر اُن جي قلب کي، سَئـِين سُهائي راه، ۽ آگو آھِ آگاه، هَر شئ سَندي حال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي حڪم کان سواءِ ڪا به مصيبت نٿي پهچي ۽ جيڪو الله تي ايمان ٿو آڻي، ان جي دل کي سنئين واٽ ٿو لڳائي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪابه مصيبت سواءِ الله جي حڪم جي نٿي اچي. جنهن جو الله تي ايمان هوندو آهي، تنهن جي دل کي الله هدايت بخشيندو آهي، الله کي هر شيءِ جي ڄاڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿي اچي ڪابه مصيبت ڪڏهن سواءِ حڪم الله جي، ۽ جيڪو شخص ايمان رکندو هجي الله تي اهو هدايت بخشي ٿو سندس دل کي، ۽ الله کي هر شيءِ جو علم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪابه مصيبت الله تعالى جي اجازت کان سواءِ نه ايندي آهي. جيڪو ماڻهو الله تعالى تي ايمان آڻيندو ته هو ان جي دل کي هدايت نصيب ڪندو ۽ الله تعالى هر شيءِ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ فَإِن تَوَلَّيتُم فَإِنَّما عَلىٰ رَسولِنَا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 12) |
۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته (ان ۾ اوهان جو پنهنجو ئي نقصان آهي) اسان جي رسول تي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ جو ڪم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان الله تعالى جي فرمانبرداري ڪريو ۽ توهان رسولِ عربيءَ جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان مُنهن موڙيو پوءِ اسان جي رسولن تي فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي تابعداري ڪري پوءِ جيڪڏهن اوهان (ان ڳالھ) کان منهن ڦيريو ته (ياد رکو! ته) اسان جي رسول تي رڳو (اوهان تائين) پيغام پهچائڻ فرض آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ اطاعت ڪيو رسول جي پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيو اوهان پوءِ اسان جي رسول تي صرف کليل پيغام پهچائڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندو ته اسان جي رسول تي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو حڪم مڃو ۽ رسول جو فرمان مڃو، پوءِ جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ ته اسان جي رسول تي صرف پڌرو پيغام پهچائڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جِن مَڃيو!، مالِڪ بي مِثال، ڪي اَوهان جون عورتون، ڪي اَهنجا نونهِال، آهِن عَدو اوهان جا، پوءِرکونِ خوف خيال، ۽ جي مرهيونِ، ۽ مڙت ڪريون، ۽ بخشيونِ ڪري ڀال، پوءِ بي شڪ جَلَّ جَلال، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي تابعداري ڪريو ۽ رسول جي، جيڪڏهن منهن موڙيندؤ، ته اسان جي رسول تي رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو، پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ٿا ته پوءِ اسان جي رسول تي چٽيءَ طرح کولي حق پهچائڻ کان سواءِ ٻي ڪا ذميواري ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اطاعت ڪريو الله جي ۽ پيروي ڪريو رسول جي، پر جڏهن توهان منهن موڙيندؤ (تابعداري کان) ته پوءِ اسان جي رسول تي (ڪا ذميواري ناهي) سواءِ پڌري پيغام پهچائڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي اطاعت ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته بيشڪ اسان جي رسول جي مٿان رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 13) |
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي (ئي) ڀروسو ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله کان سواءِ ڪوبه عبادت ۽ فرمانبرداريءَ جي لائق نه آهي ۽ الله (جي قانونن جي محڪميت ۽ ٺوس هئڻ) تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، ۽ الله تعالى تي مؤمنن کي توڪل ڪرڻ گھرجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله (اهو آهي) جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ مومنن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچو معبود ناهي ڪو مبعود مگر اهو ۽ الله تي پوءِ جڳائي ٿو ته توڪل ڪن مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اهو آهي جو ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله، جِنهن ري ناھِ ڪو، سائـِين لَهندڙ سار، پوءِ بارِي مَٿي بار، رَکڻ گُھرجي مُؤمِنِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کان سواءِ ٻيو ڪو سائين ڪونهي ۽ مؤمنن کي جڳائي، ته الله تي ڀروسو ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، تنهنڪري ايمان آڻڻ وارن کي الله تي ئي ڀروسو رکڻ کپي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو خدا ناهي، ان ڪري الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي مؤمنن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ مؤمنن کي ته رڳو ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ مِن أَزوٰجِكُم وَأَولٰدِكُم عَدُوًّا لَكُم فَاحذَروهُم وَإِن تَعفوا وَتَصفَحوا وَتَغفِروا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 14) |
اي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! کي اوهان جون زالون ۽ اولاد (خدا جي فرمانبرداري واري نظام ۾ عملي شرڪت تي) اوهان جا دشمن آهن. پوءِ (انهن کي ساڳي انسانيت عامه جي فڪر تي وٺي اچو پر) انهن کان هوشيار رهو ۽ جيڪڏهن (ڪا اڙي ڪري وجهن ته کين) معاف ڪريو، مڙي وڃو ۽ بخش ڪريو ته الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! بيشڪ توهان جون ڪي گھر واريون ۽ ڪي توهان جا اولاد توهان لاءِ دشمن آهن پوءِ توهان انهن کان محتاط رهو، ۽ جيڪڏهن توهان معاف ڪندا ۽ توهان درگذر ڪندا ۽ توهان بخش ڪندا، پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! ڪي اوهان جون زالون ۽ اولاد اوهان جا دشمن آهن ته اوهين انهن (جي فريب) کان بچندا رهو. ۽ جيڪڏهن اوهان معاف ڪيو ۽ درگزر ڪيو ۽ بخشي ڇڏيو ته خدا وڏو بخشڻهار نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! بيشڪ اوهان جي زالن مان ۽ اوهان جي اولاد مان دشمن آهن اوهان جا پوءِ ڊڄو انهن کان ۽ جيڪڏهن معاف ڪندؤ ۽ درگذر ڪندؤ ۽ بخش ڪندؤ پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! ڪي اوهان جو ن زالون ۽ اولاد اوهان جا دشمن آهن پوءِ انهن کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن معاف ڪريو ۽ مڙي وڃو ۽ بخش ڪريو ته الله گهڻو معاف ڪندڙ ۽ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ توهان جي زالن ۽ توهان جي اولادن مان ڪي توهان جا دشمن آهن پوءِ انهن کان هوشيار رهو ۽ جيڪڏهن اوهان معاف ڪيو ۽ مُڙي وڃو ۽ بخش ڪيو ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جِن مَڃيو!، مالِڪ بي مِثال، ڪي اَوهان جون عورتون، ڪي اَهنجا نونهِال، آهِن عَدو اوهان جا، پوءِرکونِ خوف خيال، ۽ جي مرهيونِ، ۽ مڙت ڪريون، ۽ بخشيونِ ڪري ڀال، پوءِ بي شڪ جَلَّ جَلال، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! بيشڪ اوهان جي زالن ۽ اولاد مان ڪي اوهان جا دشمن آهن، تنهن ڪري انهن جو فڪر رکو ۽ جيڪڏهن معاف ڪريو، درگذر ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله به بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! توهان جي زالن ۽ توهان جي اولاد مان ڪي توهان جا دشمن آهن، تنهنڪري انهن کان هوشيار رهو، پر جيڪڏهن توهان نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ معاف ڪري ڇڏيو ته الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بيشڪ توهان جي زالن ۽ توهان جي اولاد مان ڪي دشمن آهن توهان جا، انهن کان هوشيار رهو، ۽ جي توهان معاف ڪريو ۽ درگذر ڪريو ۽ بخشيو ته پوءِ بيشڪ الله به بخشڻهار ۽ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! بيشڪ توهان جي گهر وارين ۽ توهان جي اولاد مان ڪجهه توهان جا دشمن آهن، انهن کان هوشيار رهجو ۽ جيڪڏهن توهان (انهن کي) معاف ڪريو، درگذر ڪريو ۽ بخش ڪريو ته (اهو توهان لاءِ) بھتر آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما أَموٰلُكُم وَأَولٰدُكُم فِتنَةٌ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 15) |
اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان جا مال ۽ اولاد رڳو آزمائش آهن ۽ (اوهان خدائي قانونن تي هلي ان آزمائش ۾ پار پئو ته پوءِ) الله وٽ (پار پوڻ وارن لاءِ) وڏو اجر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد (توهان لاءِ) آزمائش آهن، ۽ الله تعالى وٽ ئي اجرِ عظيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد رڳو آزمائش آهن. ۽ خدا وٽ ته وڏو اجر (موجود) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان جا مال ۽ اوهان جا اولاد صرف فتنو آهن ۽ الله ان وٽ اجر وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جا مال ۽ اوهان جي اولاد رڳو آزمائش آهن، ۽ الله وٽ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جا مال ۽ توهان جا اولاد صرف توهان جي آزمائش ئي آهن. ۽ تمام وڏو اجر ته الله وٽ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مال ۽ اولاد اَوهان جو، آهي اِمتحان، ۽ صاحِب رَبُّ سُبحان، اُن وٽ آهي اَجر وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد رڳي آزمائش آهن ۽ الله وٽ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد ته هڪ آزمائش آهن ۽ (اهو ته) الله ئي آهي جنهن وٽ تمام وڏو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد هڪ آزمائش آهن، ۽ الله وٽ ئي اجر آهي (سڀ کان) وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جا مال ۽ توهان جو اولاد (هڪ قسم جي) آزمائش آهن ۽ الله تعالى وٽ وڏواجر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا استَطَعتُم وَاسمَعوا وَأَطيعوا وَأَنفِقوا خَيرًا لِأَنفُسِكُم وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 16) |
تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جيترو ٿي سگهيو اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جا احڪام) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ (پنهنجي ڪمائي خدا جي پالڻهاريءَ وانگر کليل رکي) خرچ ڪريو ته اوهانجي نفسن جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪي (ٻين جي ضرورت کي پنهنجي وس آهر نظرانداز نه ڪندا ۽) پنهنجي نفسن جي حرص کان بچايا ويندا، سي ئي ڪامياب آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو جيترو توهان کان پهچي سگھي ۽ توهان (نصيحت) ٻڌو ۽ توهان (حڪم) مڃو ۽ توهان (ضروري) خرچ ڪريو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي، جيڪو ماڻهو نفس جي حرص کان بچو پوءِ اهي ئي نجات وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيترو ڪي اوهان کان ٿي سگهي خدا کان ڊڄندا ۽ (سندس حڪم) ٻڌو ۽ مڃيو۽ پنهنجي بهتريءَ لاءِ (سندس راھ ۾) خرچ ڪريو. ۽ جو شخص پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو ته اهڙا ئي ماڻهو مرادون پائڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ الله کان ڊڄو جيترو ڪري سگهو ٿا ۽ ٻڌو ۽ اطاعت ڪيو ۽ خرچ ڪيو ته ڀلو هوندو اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو بچايو ويندو پنهنجي نفس جي حرص کان پوءِ اهيئي ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو جيترو ٿي سگهيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوهان جن نفسن جو ڀلو ٿئي. ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي حرص کان بچايا ويندا، سي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان الله کان ڊڄندا رهو جيتريقدر به ٿي سگهي ۽ (احڪام) ٻڌو ۽ فرمانبرداري ڪيو ۽ خرچ ڪيو اهو توهان جي پنهنجي لاءِ ڀلو آهي. ۽ جيڪو پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو وڃي پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌاريو ڊپ ڌڻئَ جو، جيڪِي پُهچ سارِيو پاڻ، ۽ سڻو سَندسِ ڳالهيون، ۽ پاريو سَڀ پَرياڻ، ۽ خَرچيو خدا ڪاڻ، جيڪي ڀلو ڀانيو پاڻ لئي. ۽ سَندنِ هِنيِـين جي هَٻَڇ کان، پناھ جي پائـينِ، پوءِ اُهيئـِي آهِينِ، سوڀارا سَڀِـين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري جيترو ٿي سگهيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (ان جو حڪم) ٻڌو ۽ تابعداري ڪريو ۽ (ان جي راهه ۾) خرچ ڪريو، ته اوهان لاءِ چڱو آهي_ ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا، سي ئي ڪامياب آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري جيتريقدر وَسُ پــُـڄيوَ الله کان ڊڄندا رهو ۽ ٻڌو ۽ چوڻ وٺو ۽ پنهنجا مال خرچ ڪريو، اهو توهان لاءِ ئي ڀلو آهي. جيڪي پنهنجي دل جي تنگيءَ کان بچايا ويا، اهي ئي ته ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڊڄندا رهو الله کان جيتري قدر توهان جي وس ۾ آهي ۽ ٻڌو ۽ اطاعت ڪريو ۽ خرچ ڪريو پنهنجا مال، اهو بهتر آهي توهان جي لاءِ، ۽ جيڪي دل جي تنگيءَ کان بچيل رهيا، اهي ئي آهن ڇوٽڪارو لهڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو جيترو ٿي سگهي الله تعالى کان ڊڄندا رهو، (ان جو حڪم) ٻڌو، اطاعت ڪريو ۽ (ان جي راهه ۾) خرچ ڪريو. اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي ۽ جيڪو ماڻهو پنھنجي نفس جي هوس کان بچايو ويو (درحقيقت) اهو ئي ڪامياب ماڻهو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تُقرِضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعِفهُ لَكُم وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ شَكورٌ حَليمٌ (آيت : 17) |
جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله جي چوڻ تي هلي ٻين جون ضرورتون پوريون ڪري) جيڪڏهن اوهين الله کي چڱو قرض ڏيندو ته هو اوهان کي اهو (قرض) گهڻو وڌائي ڏيندو ۽ اوهان کي (نقصانن کان) بخشيندو. ۽ الله وڏو قدردان (ماڻهن جي ڪوتاهي ڪرڻ تي) بردبار آهي. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان الله جي راه ۾ ثواب جي اميد سان خرچ ڪندا ته اهو ان کي توهان لاءِ وڌائيندو ۽ اهو توهان کي بخش ڪندو، ۽ الله شڪر قبول ڪندڙ بردبار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اوهين خدا کي قرض حسنه ڏيندو ته اهو ان کي اوهان جي لاءِ ڪيترو ئي وڌائي ۽ اوهان کي عطا ڪندو. ۽ خدا ته وڏو قدردان بردبار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن قرض ڏيندؤ الله کي قرض سهڻو ته ٻيڻو ڪندو ان کي اوهان جي لاءِ ۽ بخش ڪندو اوهان کي ۽ الله قدر دان بردبار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين الله کي چڱو قرض ڏيندو ته هو اوهان کي اهو (قرض) ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو. ۽ الله وڏو قدردان بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اوهان الله کي چڱو قرض ڏيندؤ ته اُهو توهان جي لاءِ ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ اوهان جي بخشش ڪندو ۽ الله وڏو قدردان بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڏِيندا قرض ڪرِيم کي، سُهڻو ساهِن ڌار، ته اوهان لئي اَن کي، ٻِيڻو ڪري ٻِيهار، ۽ بيشڪ بَخشي آن کي، ۽ آهي موکيِندڙ مُختار، کَمندل خطائون خلق جون، ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله کي چڱو قرض ڏيندؤ ته اهو اوهان کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان الله کي سهڻو قرض ڏيندؤ ته هو توهان کي ڪــَـئين حصا وڌائي ڏيندو ۽ توهان جا قصور معاف ڪندو، الله ڏاڍو قدر ڪرڻ وارو ۽ بردبار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي توهان قرض ڏيو الله کي، سٺو ته اهو ڪئين حصا وڌائي ڏيندو توهان کي، ۽ معاف ڪندو توهان جا قصور ۽ الله وڏو قدردان ۽ بُردبار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان الله تعالى کي سھڻو قرض ڏيندا ته هو توهان کي گهڻو وڌائي ڏيندو ۽ توهان (جي گناهن) کي معاف به ڪندو. الله تعالى وڏو قدردان ۽ وڏو بردبار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڳجهه ۽ ظاهر (۾ اوهانجي نيتن ۽ جَذبن) کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڳـجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻندڙ غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻُجھندڙ مَنجھ، ٻَهار، غالِب آهي غَفّار، ڏاڍو ڏاهو ڏيھہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ، غالب ۽ ڏاهپ وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لڪل توڙي پڌري، هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي، زبردست داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄاڻي ٿو (هر) ڳجهه کي ۽ ظاهر جي (هر شيءِ کي) هو زبردست داناءُ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو لڪيل ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ ۽ زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |