توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يُسَبِّحُ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ المَلِكِ القُدّوسِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي (جو) بادشاھ تمام پاڪ (ذات) غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر ڪيل نظام تي هلندي سندس عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاه، پاڪ ذات ۽ زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪري رهيون آهن اهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، اُهو حقيقي بادشاهه، مقدس غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو ڪجھ آسمانن ۾ ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاھ پاڪ ذات زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪائي بيان ڪري ٿي الله جي لاءِ هر اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ اها جيڪا زمين ۾ آهي بادشاهه، پاڪ، غالب، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، جو بادشاه پاڪ ذات زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي هر اُها شيءِ جا آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ آهي (جو) بادشاهه آهي، هر عيب کان پاڪ آهي، غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي سَڀ پَر ۾ پاڪ چَوَن، ڌَڻِئَ کي دَم دَم، آهِن اُڀن ۽ ڀُون ۾، جي ڪارگريون ۽ ڪم، حاڪِم حاڪِمن جو، عيبن کان اُتم، طاقت وارو تَم، پڻ قابِلڪار، ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري_ جو بادشاهه، نهايت پاڪ، غالب ۽ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي هر اها شيءِ، جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي، بادشاهه آهي، نهايت پاڪ آهي، زبردست ۽ حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تسبيح (پاڪائي بيان) ڪري الله جي رهي آهي هر شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪا زمين ۾ آهي، (اهو) بادشاهه آهي، قدوس (نهايت پاڪ) زبردست داناءُ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي جيڪو بادشاهه، انتھائي پاڪ ۽ زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى بَعَثَ فِى الأُمِّيّۦنَ رَسولًا مِنهُم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 2) |
(الله) اُھو آھي جنھن اڻ پڙھيلن ۾ انھن (جي قوم) مان ھڪ پيغمبر پيدا ڪيو جو وٽن سندس آيتون پڙھندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، ۽ بيشڪ اِھي (ھن کان) اڳ پڌري گمراھي ۾ ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو اُهو آهي جنهن (ڪائنات جي نظام کي ترتيب ۾ رکڻ وانگر انساني نظام کي ترتيب ۾ رکڻ لاءِ) اڻ پڙهيلن ۾ (جن کي اڳ عرصي کان آسماني ڪتاب نه مليو هو) انهن مان هڪ رسول موڪليو جيڪو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين (تربيت سان) پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي (ٻيا علم ۽ فهم) سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن اُمِيُنِ (اڻ پڙهيلن ۾) انهن مان رسولِ عربيءَ کي موڪليو جيڪو انهن تي ان جون آيتون پڙهي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اهي رسولِ عربيءَ کان اڳ ۾ صاف گمراهيءَ ۾ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن مڪي وارن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) اهو آهي جنهن موڪليو اڻ پڙهيلن ۾(شان وارو) رسول انهن مان تلاوت ڪري ٿو انهن تي ان جون آيتون ۽ پاڪ ڪري ٿو انهن کي ۽ پڙهائي ٿو انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت جيتوڻيڪ هئا اڳي البته کليل گمراهيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ کين پاڪ ڪري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽عقلمندي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي ته هن کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن اڻ پڙهيلن ۾ هڪ رسول انهن مان ئي موڪليو جيڪو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو ۽ حالانڪه اُهي ان کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جِنهن اُماڻيو، اَڻپڙهيلن اَندر، اَکر نَه پَڙهيل، اُنهن جِھڙو، پارِس، پيغمبر، پَڙهي پَڌرايون اُن جون، مَٿن مُقرّر، ۽ پاڪ ڪرينِ پاپَن کان، اُجارينِ اَنور، ۽ ڪتاب ۽ اُن جا قاعِدا، ٿو سيکارينِ سَروَر، توڻي پَڌري مُنجھ ۾، مَهند هُئا مُضطر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اُهو آهي، جنهن اڻ پڙهيلن ۾ انهن مان هڪ رسول موڪليو، جو انهن تي سندس آيتون ٿو پڙهي، انهن کي پاڪ ٿو ڪري ۽ کين ڪتاب ۽ ڏاهپ ٿو سيکاري، نه ته هو انهي کان اڳ پڌري گمراهي ۾ هئا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جنهن اڻ پڙهيلن ۾ منجهانئن ئي هڪڙو رسول اٿاريو، جيڪو کين سندس آيتون ٻڌائي ٿو، انهن جون زندگيون سنواري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو. جڏهن ته ان کان اڳ هو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اڻ پڙهيلن ۾ هڪ رسول خود انهن مان، جيڪو کين ٻڌائي ٿو، سندس آيتون ۽ سڌاري ٿو سندن زندگي ۽ کين تعليم ڏئي ٿو ڪتاب ۽ حڪمت جي، ۽ جڏهن ته اهي هئا ان کان اڳي پيل گمراهي پڌري ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهو (الله) ئي آهي جنھن (يھودين جي نزديڪ عرب جي) امّين ۾ انهن مان ئي هڪ رسول موڪليو جيڪو کين الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي ٿو. انهن (جي ذهنن) کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو. هن کان اڳ اُهي پڌري گمراهي ۾ پيل هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاخَرينَ مِنهُم لَمّا يَلحَقوا بِهِم وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
۽ انھن مان ٻـين لاءِ به جي اڃا انھن (مسلمانن) سان نه مليا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان ٻين لاءِ به (جيڪي بعد ۾ ايندا ان کي (ئي) موڪليو اٿس) جيڪي اڃا تائين مسلمان سان نه مليا آهن ۽ اهو (هينئر عالمگير نبوت ڏيڻ ۾) زبردست حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن پَويَنِ کي (علم و حڪمت عطا ڪري ٿو) جيڪي انهن کي نه پهتا، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن مان ٻين لاءِ به (کيس موڪليو اٿس) جيڪي اڃان تائين انهن سان نه مليا آهن ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻين جو انهن مان جيڪي اڃان نه مليا انهن سان اهوئي غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ٻين لاءِ به (ان کي موڪليو اٿس) جيڪي اڃان تائين مسلمانن سان نه مليا آهن ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان ٻين لاءِ به (کيس موڪليائين) جيڪي اڃا تائين انهن سان نه مليا آهن (يعني بعد ۾ ايندا). ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻِيا به اُنهن مان ڪِي اَڃا، نه گڏِيَنِ جو گوهر، ۽ اُهو آهي زور زبر، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان جيڪي ٻيا اڃا ساڻن نه مليا آهن (تن ڏي به). ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ان رسول جي بعثت) انهن ٻين ماڻهن لاءِ به آهي، جيڪي اڃان ساڻن مليا ناهن، الله زبردست داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ان رسول جي بعثت- موڪلڻ) انهن ٻين لاءِ به آهي جيڪي اڃا ساڻن نه مليا آهن، ۽ اهو زبردست داناءُ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي رسول سڳورو) انهن ماڻهن جي لاءِ به آهي جيڪي اڃا ايمان وارن سان نه مليا آهن ۽ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 4) |
اِھو الله جو فضل آھي انھن کي ڏيندو آھي جنھن کي وڻندو اٿس، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (وحي جو اچڻ) الله جو فضل آهي جنهن کي وڻيس (جو پنهنجي مشيت سان وحي جي مخاطبن کي ان لائق سمجهي) تنهن کي ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو الله تعالى جو فضل آهي، پاڻ جنهنکي چاهي عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى عظيم فضل ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي. ۽ الله ئي ته وڏو صاحب فضل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو الله جو فضل آهي ڏئي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل جو صاحب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو الله جو فضل آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو الله جو فضل آهي اُهو جنهن کي چاهي عطا ڪري ٿو. ۽ الله تمام وڏي فضل وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي ڪَرم ڪَلتار، وَڻيسِ تِنهن سان، سي ڪري، ۽ صاحِب رَبَّ سَتّار، آهي وَڏي وَڙ جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو الله جو فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو ۽ اهو الله وڏي فضل وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو سندس فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو ۽ هو تمام وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله جو فضل آهي، ڏيندو آهي جنهن کي وڻيس، ۽ الله ئي آهي فضل ڪرڻ وارو (سڀ کان) وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي الله تعالى جي مھرباني آهي. هو جنھن کي وڻيس تنھن کي (رسالت جي صورت ۾ مھرباني) عطا ڪري ۽ الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ الَّذينَ حُمِّلُوا التَّورىٰةَ ثُمَّ لَم يَحمِلوها كَمَثَلِ الحِمارِ يَحمِلُ أَسفارًا بِئسَ مَثَلُ القَومِ الَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 5) |
جن (ماڻھن) کي توريت کڻايو ويو پوءِ اُھو نه کنيائون تن جو مثال (انھيءَ) گڏھ جي مثال وانگر آھي جو (گھڻا) ڪتاب کڻي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙ ٿي ڀانيو تنھن قوم جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله ظالم ماڻھن کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن کي تورات (جو ڪتاب) کڻايو ويو، پوءِ ان کي نه کنيائون، انهن جو مثال گڏهه جي مثال جهڙو آهي، جو (گهڻا) ڪتاب کڻي وڃي ٿو. جن ماڻهن الله جي آيتن کي (پنهنجي بي عملين جي انڪار سان) ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ الله (اهڙي) زيادتي ڪندڙ قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن (يهودين) جو مثال جن تي تورات (جي علم ۽ عمل جو بار) رکيو ويو، ان کان پوءِ انهن اهو بار نه کنيو، انهن جو مثال ان گڏهه جهڙو آهي جيڪو پٺن تي ڪتاب کڻي ٿو، (اهو) تمام خراب مثال آهي ان قوم جو جيڪي الله تعالى جي آيتن جي تڪذيب ڪن ٿا، ۽ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن (جي مٿن) تي تورات لڏايو ويو پوءِ انهن ان (جي بار) کي نه کنيو انهن جو مثال گڏھ وانگر آهي جنهن تي (وڏا) ڪتاب لڏايل هجن. جن ماڻهن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ خدا ظالم ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جو مثال جيڪي کڻايا ويا توراة ان کان پوءِ نه کنيائون ان کي، مثل گڏهه جي آهي جيڪو کڻي پيو ڪتاب برو آهي مثال ان قوم جو جن ڪوڙو چيو الله جي آيتن کي ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي تورات (جو ڪتاب) کنڻايو ويو، پوءِ ان کي نه کيائون انهن جو مثال گڏه جي مثال جهڙو آهي جو (گهڻا) ڪتاب کڻي وڃي ٿو. جن ماڻهن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن جي حالت ڪهڙي نه بڇڙي آهي. ۽ الله ظالم قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن جو مثال جن کي تورات کڻايو ويو هيو پوءِ انهن ان تي عمل نه ڪيو ان گڏهه وانگر آهي جيڪو پٺيءَ تي وڏا ڪتاب کڻي ٿو. بڇڙو مثال آهي انهن ماڻهن جو جن الله جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو. ۽ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن خواندن کڻايو وِيو، توريت سَندو بار، پِوءِ نه اُٺايؤن اُن کي، اُنهن جا اِهڙا پار، اُن گڏھ جي آچار، جو کَڻي ڪِتاب ڪيڏهِين. حال سَڄي تِنهن ساٿ جو، بِلڪُل بُڇڙو آهِه، جِنِين ڪُوڙيو ڪوٺيون، آيتون ﷲ، ۽ رَبُ نه سُهائي راه، ذَرو ظالمِ ذات کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن تي توريت جو بار وڌو ويو، پوءِ اهو چڱي طرح نه ادا ڪيائون، تن جو مثال انهي گڏهه وانگر آهي، جنهن رڳو ڪتابن جا دفتر کنيا، هي بڇڙو مثال انهي قوم جو آهي، جن خدا جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو ۽ الله ظالم قوم کي هدايت نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي تورات کڻايو ويو هو، پر هنن اهو بار نه کنيو، انهن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي، جنهن تي ڪتاب لڏيل هجن، ان کان به اڃان وڌيڪ خراب مثال آهي انهن ماڻهن جو، جن الله جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي. اهڙن ظالمن کي الله هدايت نصيب نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مثال انهن جو جن تي وڌو ويو بار تورات جو، پر نه کنيو انهن ان جو بار، تن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي جنهن تي لڏيل هجن ڪتاب، ان کان وڌيڪ برو مثال آهي انهن ماڻهن جو، جن ڪوڙو ڀانيو الله جي آيتن کي، ۽ الله نٿو هدايت ڪري انهن ماڻهن کي جيڪي ظالم آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن تي تورات جي سنڀالڻ جي ذميداري رکي وئي هئي، اُهي ان (ذميداري) کي نه سنڀالي سگهيا، انهن جو مثال ان گڏهه وانگر آهي جيڪو (صرف وزن سمجهي ڪيترائي) ڪتاب کڻي ٿو. ۽ اُنهن ماڻهن جو مثال به تمام برو آهي جن الله تعالى جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. الله تعالى ظالم قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰأَيُّهَا الَّذينَ هادوا إِن زَعَمتُم أَنَّكُم أَولِياءُ لِلَّهِ مِن دونِ النّاسِ فَتَمَنَّوُا المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي يھوديو جيڪڏھن ڀائيندا آھيو ته ٻـين (سڀني) ماڻھن کانسواءِ رڳو اوھين الله جا دوست آھيو ته جيڪڏھن (انھي ڳالھ ۾) سچا آھيو ته موت گھرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چئو ته، اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعويٰ ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن (منجهئون) رڳو اوهين الله جا دوست آهيو ته (پوءِ ان جي آزمائش هي آهي ته سندس رستي ۾) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعويٰ ۾) سچا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، اي يهوديو جيڪڏهن توهان ڀانيو ٿا ته بيشڪ توهان الله جا پيارا آهيو، ٻين ماڻهن کانسواءِ، پوءِ توهان موت جي تمنا ڪريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! تون) چوين: اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعوى ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين ئي خدا جا دوست آهيو ته (پوءِ ڀلا) موت جي خواهش ڪريو جيڪڏهن (ان دعوى ۾) سچا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اي يهوديؤ! جيڪڏهن گمان ڪيو اوهان ته بيشڪ اوهان الله جا دوست آهيو ماڻهن کان سواءِ پوءِ موت جي خواهش ڪيو جيڪڏهن سچا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) چئو ته اي يهوديو! جيڪڏهن اوهين هي دعويٰ ڪريو ٿا ته سڀني ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين الله جا دوست آهيو ته (پوءِ) موت جي خواهش ڪريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”اي يهوديو! اگر توهان هي گمان ڪيو ٿا ته سڀ ماڻهن کي ڇڏي رڳو اوهان الله جا دوست آهيو ته توهان موت جي تمنا ڪيو جي اوهان سچا آهيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جي ٿيا يَهُود، مِڙن ماڻهنِ جي وِچان، جي دوست ڌڻي جا، پاڻ کي ڀانيو ٿا بيهُود!، پوءِ موت گُهرو موجُود، جي سَچا سُخن ۾ آهيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اي يهوديؤ! جيڪڏهن ڀانيو ٿا، ته ٻين ماڻهن کان سواءِ رڳو اوهين خدا جا دوست آهيو، ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته موت جي گهر ڪريو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوينِ ته "اي يهودي بڻجي وڃڻ وارؤ! جيڪڏهن توهان جو اهو خيال آهي ته ٻين سڀني ماڻهن کي ڇڏي رڳو توهان ئي الله جا دادلا آهيو ته پوءِ موت جي تمنا ڪريو، جيڪڏهن توهان پنهنجي ان خيال ۾ سچا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چئو (انهن کي) اي انسانؤ! جيڪي يهودي بنجي ويا آهيو، ڀانيو ٿا جي توهان لاڏلا آهيو الله جا ٻين سڀني ماڻهن کي ڇڏي، ته پوءِ تمنا ڪريو موت جي، جي توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: اي يھوديو! جيڪڏهن توهان کي اهو غرور آهي ته ٻين ماڻهن جي مقابلي ۾ توهان الله تعالى جا وڌيڪ پيارا (۽ دادلا) آهيو ته پوءِ جيڪڏهن توهان ان دعويٰ ۾ سچا آهيو ته موت جي تمنا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَتَمَنَّونَهُ أَبَدًا بِما قَدَّمَت أَيديهِم وَاللَّهُ عَليمٌ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ جيڪي سندن ھٿن اڳي موڪليو آھي تنھنجي ڪري اُھو ڪڏھن نه گھرندا، ۽ الله ظالمن کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا، انهن ڪمن جي (ڀوَ) ڪري جن کي سندن هٿن اڳي (آخرت لاءِ) موڪليو آهي ۽ الله مجرمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ڪڏهن به موت جي تمنا نه ڪندا، انهي بداعماليءَ سببان جيڪا انهن پنهنجي هٿن سان ڪئي آهي، ۽ الله تعالى ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا انهن ڪرتوتن جي ڪري جن کي اڳي ئي ڪري چڪا آهن ۽ خدا ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه خواهش ڪندا ان جي هميشہ ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو هٿن انهن جي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن (ان دعوا ۾ ) سچا آهيو. هوڏانهن اهي ڪڏهن به اها خواهش نه ڪندا انهن ڪمن جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ الله ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اِهي ان جي تمنا ڪڏهن به ڪونه ڪندا انهن ڪمن جي سبب جن کي سندن هٿن اڳتي موڪليو آهي ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَدا سَڌن نَه اُن ڏي، تِن ڪمن کان ڪُلال، جي سَندنِ هَٿن هَلائِيا، اَڳڀرا اَعمال، ۽ واحِد واقِف حال، آهي آزارِيندڙن جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر سندن هٿن جي ڪمائي سبب هو موت جي خواهش ڪڏهن به نه ڪندا ۽ الله ظالمن کي ڄاڻيندڙ آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر اهي ڪڏهن به انهيءَ جي تمنا نه ڪندا، پنهنجن انهن ڪرتوتن جي ڪري، جيڪي هي ڪري چڪا آهن ۽ الله انهن ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪندا تمنا اهي اهڙي ڪڏهن به پنهنجي ڪرتوتن جي ڪري جيڪي سندن هٿن ڪيا ۽ الله ڄاڻندڙ آهي اهڙن ظالمن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي پنھنجي ڪيل بُرن عملن جي ڪري ڪڏهن به (موت جي) تمنا نه ڪندا. الله تعالى ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّ المَوتَ الَّذى تَفِرّونَ مِنهُ فَإِنَّهُ مُلٰقيكُم ثُمَّ تُرَدّونَ إِلىٰ عٰلِمِ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اُھو موت جنھن کان ڀڄندا آھيو سو ته ضرور اوھان کي پھچڻ وارو آھي وري (اوھين) ڳجھ ڄاڻندڙ ڏانھن موٽايا ويندؤ پوءِ جيڪي (اوھين دُنيا ۾) ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو (ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن) اوهان کي پهچڻ وارو آهي. وري ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين ڪريو پيا تنهن جي (نتيجي جي) اوهان کي خبر ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، بيشڪ جنهن موت کان توهان فرار ٿيو ٿا، پوءِ بيشڪ اهو توهان سان ملاقات ڪندو، ان کان پوءِ توهان کي الله تعالى ڏانهن موٽايو ويندو، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو ته ضرور اوهان وٽ پهچڻ واري آهي. پوءِ ڳجھ ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته بيشڪ موت جنهن کان ڀڄو ٿا پوءِ بيشڪ اهو ملندڙ اوهان جو آهي ان کان پوءِ موٽايا ويندؤ ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻندڙ ڏانهن پوءِ خبر ڪندو اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا سو ته ضرور اوهان کي پهچڻ وارو آهي. وري ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري ڏي اوهان کي موٽايو ويندو، پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”جنهن موت کان توهان ڀڄو ٿا سو ضرور توهان کي پهچڻ وارو آهي، پوءِ اوهان هر ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ واري (الله) جي طرف موٽايا ويندؤ، پوءِ اُهو توهان کي آگاهه ڪندو جيڪي توهان ڪم ڪندا هيا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ته ڀَڄو جِنهن موت کان، سو مِلڻو اوهان سان مُور، پوءِ ڳُجهي پَڌري ڄاڻندڙ ڏانهن، موٽائِبا مَغرور!، پوءِ کولي ڏِيندان خبرون، ذَرو پُرزو ضرور، اِن مِڙن جو مَذڪُور، جيڪي عَمل ڪَندا آهيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جنهن موت کان اوهين ڀڄو ٿا، سو ته ضرور اوهان کي پهچڻ وارو آهي، پوءِ ڳجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻيندڙ ڏي موٽايا ويندؤ، پوءِ جيڪي اوهان ڪندا هئا، تنهن کان هو اوهان کي واقف ڪندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته "جنهن موت کان ڀڄو ٿا سو ته توهان تي اچڻو ئي آهي، پوءِ توهان انهيءَ ذات جي آڏو پيش ڪيا ويندؤ، جيڪو لڪل توڙي ظاهر جو ڄاڻندڙ آهي ۽ پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڇا پيا ڪندا رهيا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (انهن کي) بيشڪ جنهن موت کان توهان ڀڄو ٿا، اهو ته بيشڪ ايندو ضرور توهان تي، پوءِ موٽائي پيش ڪيا ويندؤ ان جي آڏو جيڪو ڄاڻي ٿو ڳجهه ۽ ظاهر کي، پوءِ اهو ئي ٻڌائيندو توهان کي ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته بيشڪ جنھن موت کان توهان ڀڄو ٿا اُهو ته توهان تي ضرور ايندو. پوءِ توهان (ان هستي ڏانهن) موٽايا ويندا جيڪو ڳجهه ۽ ظاهر کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو پوءِ جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا هو توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نودِىَ لِلصَّلوٰةِ مِن يَومِ الجُمُعَةِ فَاسعَوا إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ وَذَرُوا البَيعَ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ جڏھن جُمعي جي ڏينھن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي تڏھن الله جي ياد ڪرڻ ڏانھن ڊُڙو ۽ واپار ڇڏيو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي ته (اجتماعي طرح) الله جي ياد ڪرڻ لاءِ جلد ڪريو ۽ سودي واپار (۽ ٻين مشغولين) کي ڇڏي ڏيو. (اچي الله جا قانون ۽ هدايتون ٻڌو جن جي مطابق توهان کي هلڻو آهي.) اهو (اجتماع) اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي، جيڪڏهن اوهين (ان جا نتيجا) ڄاڻو!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! جنهن وقت توهان کي (جمعي جي ڏينهن) جمعي جي نماز لاءِ سڏيو وڃي پوءِ توهان الله جي ذڪر ڏانهن سعيو ڪريو ۽ توهان واپار کي ڇڏي ڏيو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز (جمعه) لاءِ بانگ ڏني وڃي ته خدا جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! جڏهن سڏيو وڃي نماز لاءِ جمعي جي ڏينهن پوءِ ڊوڙي وڃو الله جي ذڪر ڏانهن ۽ ڇڏيو خريد فروخت اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ ٻانگ ڏني وڃي ته الله جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي ته الله جي ياد (خطبي ۽ نماز) لاءِ جلدي ڪيو ۽ خريد فروخت کي ڇڏي ڏيو. اِهو اوهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن اوهان ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جِن اِيمان! جڏنهن جُمعي جي بانگ ٿئي، پوءِ سڀيئِي سَنبرو، سارڻ لئي سُبحان، ڇڏيو سودي سَٽ کي، ڏِيو دَر دُڪان، جي ڌاريو ٿا ڌِيان، ته ڀَلو اوهان لئي آهِ اِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ بانگ ڏني وڃي، تڏهن الله جي ياد ڪرڻ لاءِ ڊوڙو ۽ ڌنڌو واپار ڇڏيو- جيڪڏهن ڄاڻو ٿا ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ سڏيو وڃي ته الله کي ياد ڪرڻ ڏانهن ڊوڙو ۽ وڻج واپار ڇڏي ڏيو، اهو توهان جي لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جڏهن سڏيا وڃو نماز جي لاءِ ڏينهن جمعي جي، ته جلدي ڪريو ذڪر الله جو (نماز پڙهو)، ۽ ڇڏي وڻج واپار کي، اهو توهان جي لاءِ وڌيڪ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ان کي ڄاڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي جمعي جي ڏينھن نماز لاءِ سڏيو وڃي ته توهان (فورًا) واپار کي ڇڏي ڏيو ۽ الله تعالى جي ذڪر ڏانھن ڊوڙو. جيڪڏهن توهان ڄاڻو ته اهو عمل توهان جي لاءِ بھترآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا قُضِيَتِ الصَّلوٰةُ فَانتَشِروا فِى الأَرضِ وَابتَغوا مِن فَضلِ اللَّهِ وَاذكُرُوا اللَّهَ كَثيرًا لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 10) |
پوءِ جڏھن نماز پوري ڪئي وڃي ته زمين تي کنڊري وڃو ۽ الله جي فضل جي طلب ڪريو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين تي پکڙجي وڃو ۽ (حلال رزق ذريعي) الله جو فضل گهرو ۽ (دنيا جي سڀني ڪمن ۾) الله (جي قانونن تي عمل ڪندي ان) کي گهڻو ياد ڪريو تان ته اوهين ڪامياب ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت نماز ادا ٿي وڃي پوءِ توهان زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جي فضل (رزق ۽ علم) جي طلب ڪريو ۽ توهان الله تعالى جو گھڻو ذڪر ڪريو ته يقيناً توهان نجات حاصل ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته (ڀلي) زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ خدا جي فضل سان (پنهنجي روزيءَ) جي تلاش ڪريو ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندا رهو من اوهين ڪامياب ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پوري ڪئي وڃي نماز پوءِ پکڙجي وڃو زمين ۾ ۽ طلب ڪيو الله جي فضل مان ۽ ياد ڪيو الله کي گهڻو تانته اوهان ڪامياب رهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زمين ۾ پکڙجي وڃو، ۽ الله جو فضل گهرو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن نماز ادا ٿي وڃي ته زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جو فضل (يعني حلال روزگار) ڳوليو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيو من توهان ڪاميابي ماڻيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جَڏهن نماز پُني، ته پکڙو ڀُون ۾ بي گمان، ڀَلي ڌَڻِيءَ جي ڀال مان، گُهرو سڀ گُذران، گهڻو گهڻي ۾ ساريو، صاحِب، کي سُبحان، تہ مومِن اَوهِين مان، مَن مُرادون ماڻيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن نماز پوري ڪئي وڃي، تڏهن زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ الله جو فضل (رزق) ڳوليو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو، ته من اوهين ڪامياب ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته زمين ۾ ٽـڙي پکڙي وڃو ۽ الله جي فضل جي ڳولا ڪريو ۽ الله کي تمام گهڻو ياد ڪندا رهو ته مــَـنَ توهان کي ڪاميابي نصيب ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن پوري ٿي وڃي نماز، ته پکڙجي وڃو زمين ۾ ۽ ڳوليو فضل الله جو، ۽ ياد ڪندا رهو الله کي گهڻي کان گهڻو، من نصيب ٿي وڃي توهان کي ڪاميابي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن نماز پوري ٿي وڃي ته هاڻي توهان الله تعالى جو فضل تلاش ڪرڻ لاءِ زمين ۾ ٽڙي پکڙجي وڃو ۽ الله تعالى کي خوب ياد ڪريو ته جيئن توهان ڪاميابي حاصل ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَأَوا تِجٰرَةً أَو لَهوًا انفَضّوا إِلَيها وَتَرَكوكَ قائِمًا قُل ما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ مِنَ اللَّهوِ وَمِنَ التِّجٰرَةِ وَاللَّهُ خَيرُ الرّٰزِقينَ (آيت : 11) |
۽ (اُھي مسلمان) جڏھن ڪو سودو (ھلندو) يا ڪو تماشو ڏسن ٿا (ته) اُن ڏانھن کنڊري وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏين ٿا، (انھن کي) چؤ ته جيڪي الله وٽ آھي سو تماشي ۽ واپار کان (وڌيڪ) ڀَلو آھي، ۽ الله (سڀني) روزي ڏيندڙن کان ڀَلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، جو الله وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن تجارت يا راند تماشو ڏٺو ته (گھڻا) اوڏانهن ويا ۽ توهان کي خطبي ۾ بيٺل ڇڏيائون، رسولِ عربي توهان فرمايو ته جيڪو (ثواب) الله وٽ آهي اهو راند تماشي ۽ تجارت کان بهتر آهي، ۽ الله تعالى بهترين رزق ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٿڙي پکڙجي وڃن ٿا ۽ تو کي بيٺل ڇڏي ٿا وڃن (اي رسول کين) چئو ته جو خدا وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ خدا سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏسن ٿا واپار يا ڪا راند روند ته پکڙجي وڃن ٿا ان ڏانهن ۽ ڇڏين ٿا توکي بيهندڙ فرماءِ ته جيڪي الله وٽ آهي ڀلو آهي راند روند کان ۽ واپار کان ۽ الله رزق ڏيندڙن مان ڀلو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اهي جڏهن ڪو واپار يا ڪو تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. (اي پيغمبر !) تون چئو ته جو الله وٽ آهي سو تماشي ۽ واپار کان گهڻو چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن واپار ۽ راند تماشو ٿيندي ڏٺو ته ان جي طرف ڊوڙي ويا ۽ تو کي (خطبي ۾) بيٺل ڇڏيائون. چؤ: ”جيڪي الله وٽ آهي سو راند ۽ واپار کان بهتر آهي. ۽ الله سڀ کان بهتر رزق ڏيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڏِٺائون جُمعي ۾، وِندر، يا واپار، تہ توکي بِيٺل تِت ڇَڏي، پلٽيا تِنهِين پار، چئو تہ آهِن چيز جي، صاحِب وَٽ، سَتار، سي سودي سَٽ ۽ راند کان، بِهتر برقرار، ۽ سڀنيان ڀَلو ڀَتار، ﷲ جَلَّ جَلالهُ. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (۽ اي نبي! ڪن مسلمانن جو اهو حال آهي جو) جڏهن ڪو سودو يا ڪو تماشو ڏسن ٿا، تڏهن ان ڏانهن هليا ٿا وڃن ۽ توکي بيٺل ئي ڇڏي ٿا وڃن- چئو ته جيڪي الله وٽ آهي، سو تماشي ۽ سودي کان سٺو آهي، الله سڀني کان وڌيڪ رزق ڏيندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ۽ جڏهن انهن واپار ۽ راند تماشو ٿيندي ڏٺو ته ان ڏانهن ڊوڙي ويا ۽ توکي بيٺل ڇڏي ويا. چوين ته جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، سو راند تماشي ۽ وڻج واپار کان وڌيڪ بهتر آهي ۽ الله سڀ کان بهتر رزق ڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڏٺو انهن واپار ۽ راند تماشو ته ان ڏي ڊوڙ پاتي ۽ توکي ڇڏي ڏنو بيٺل، چؤ (انهن کي) جيڪي آهي الله وٽ، اهو بهتر آهي راند تماشي ۽ واپار کان، ۽ الله ئي ڀلو آهي (سڀني) روزي ڏيندڙن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هنن (پنهنجي سامھون) واپار يا کيل تماشو ٿيندي ڏٺو ته توکي اڌ ۾ ڇڏي اوڏانهن هليا ويا (کين سمجهاءِ ته) الله تعالى وٽ جيڪو اجرموجود آهي سو ان کيل تماشي ۽ واپار کان گهڻو بھتر آهي ۽ الله تعالى بھترين رزق ڏيندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |