توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي، سو الله جي (مقرر ڪيل نظام تي هلندي سندس عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو، ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون اهي (شيون) جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ اهو ئي غالب صاحبِ حڪمت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي شيون آسمانن ۾ آهن ۽ جي شيون زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪائي بيان ڪري ٿي الله جي هر اها شيءِ جيڪا آسمانن ۾ ۽ جيڪا زمين ۾ آهي ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو. ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، ۽ اُهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَر وَر واحِد پاڪ کي، واکاڻيو وه واھ! جيڪِي اُڀ، زمين ۾، خلقون خاطر خواھ، ۽ آهي اُهو اَلله، ڏاڍو ۽ ڏاهو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري ۽ اهو غالب ڏاهپ وارو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي پاڪائي بيان ڪئي آهي هر انهيءَ شيءِ، جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ هو زبردست داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تسبيح (پاڪائي بيان) ڪئي آهي الله جي هر شيءِ جيڪا آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي، ۽ اهو ئي آهي غالب حڪمت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لِمَ تَقولونَ ما لا تَفعَلونَ (آيت : 2) |
اي ايمان وارؤ جيڪي نه ڪندا آھيو سو ڇو چوندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! (اوهان بي پنهنجو عمل ان جي قانونن تي پابنديءَ سان هلندي ڏيکاريو ۽) اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو جا نٿا ڪري سگهو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! توهان اهڙي ڳالهه ڇو ٿا ڪريو جنهن تي پاڻ عمل نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪندا آهيو جي نه ٿا ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا ! ڇو ٿا چئو جيڪي نه ٿا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اهڙي ڳالهه ڇو ٿا چئو جا نٿا ڪريو. جيڪي اوهين نٿا ڪريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان اِها ڳالهه (ٻين کي) ڇو ٿا چئو جيڪا توهان پاڻ نه ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن اِيمان سي ڪوه چئو، جو ڪِين ڪريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! جيڪي نٿا ڪريو، سو ڇو ٿا چئو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! ڇو ٿا اها ڳالهه چئو جيڪا ڪريو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڇو ٿا چئو اها ڳالهه (توهان) جيڪا نٿا ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان اهڙي ڳالهه ڇو چوندا آهيو جنھن تي توهان خود عمل نه ڪندا آهيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ أَن تَقولوا ما لا تَفعَلونَ (آيت : 3) |
الله وٽ اھا (ڳالھ) ڏاڍي ناپسند آھي جو اُھا (ڳالھ) چئو جا نٿا ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي اوهين (عملي طرح) نٿا ڪريو سا ڳالهه (زباني طرح) چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى کي سخت ناپسند آهي اُها ڳالهه جيڪا توهان چئو ٿا (۽ پاڻ) ان تي عمل نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي اوهين نه ٿا ڪريو سا ڳالھ چوڻ خدا وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڏي ڪاوڙ (جو سبب آهي) الله وٽ ته چئو اهو جيڪو نه ٿا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سا ڳالهه چوڻ الله وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله وٽ سخت ناپسند آهي جو توهان (ٻين کي) اُها ڳالهه چئو جا توهان پاڻ نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڏو آھِ وِڏوڙ ۾، صاحِب، وٽ سُبحان، ته چَئو، ساڻ زبان، جو ڪم ڪريوئـِي ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها ڳالهه الله وٽ بلڪل نا پسند آهي، جو جيڪي نٿا ڪريو، سو چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي نظر ۾ اها ڏاڍي ناپسند (ڳالهه) آهي ته چئو اهو جيڪو ڪريو نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سخت اڻ وڻندڙ آهي اها ڳالهه الله وٽ جيڪا توهان چئو ٿا پر نٿا ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي ويجهو اها هڪ وڏي ناپسنديده ڳالهه آهي جو توهان اهڙي ڳالهه چئو جنھن تي توهان خود عمل نٿا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذينَ يُقٰتِلونَ فى سَبيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيٰنٌ مَرصوصٌ (آيت : 4) |
بيشڪ الله انھن کي دوست رکندو آھي جي سندس واٽ ۾ (اھڙي) صف ٻڌي وڙھندا آھن (جو) ڄڻڪ اُھي ھڪڙي سِيھي پلٽيل ڀِت آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي (عملي طرح) سندس رستي ۾ صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا (۽ پنهنجي ان عمل تي ايڏو مضبوطيءَ سان بيٺل آهن) ڄڻ ته اهي شيهي پلٽيل ڀت آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن سان محبت رکي ٿو جيڪي صفون ٻَڌي سندس راه ۾ جهاد ڪن ٿا، گوياڪ اهي بيحد مضبوط ديوار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ته انهن سان الفت رکي ٿو جيڪي سندس راھ ۾ صفون ٻڌي اهڙي طرح وڙهن ٿا جو ڄڻ ته اهي شيءِ هي پلٽيل ڀت آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله محبت ٿو رکي انهن سان جيڪي جنگ ڪن ٿا ان جي واٽ ۾ صفون ٻڌي ڄڻ ته اهي عمارتون (پاڙن ۾) سيهو پلٽايل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله انهن کي دوست رکي ٿو جيڪي سندس رستي ۾ صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا ڄڻ ته اُهي شيهي پلٽيل ڀت آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو جيڪي سندس رستي ۾ ائين صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا ڄڻڪ اُهي سيهي پَلٽِيَلَ ديوار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ رکي ٿو پاڪ ڌَڻِي، اُنهن سان پِرت پِيار، جي وِڙهن سَندسِ واٽ ۾، ڪري هيڪ قطار، ڪر آهِن بَرقرار، ساڳِي شِيهي جو ڪوٽ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله انهن سان محبت ٿو رکي، جي سندس واٽ ۾ اهڙي صف ٻڌي لڙائي ٿا ڪن، جو ڄڻ اهي ڪا شيهي جي پلٽيل ڀت آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کي اهي ماڻهو ڏاڍا پسند آهن، جيڪي سندس راهه ۾ ائين ٿا صفون ٻڌي وڙهن، جو ڄڻ ته شيهي پيٽيل ڀت آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله پسند ڪري ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي وڙهن ٿا سندس راهه ۾ اهڙيءَ طرح صف ٻڌي جيئن اهي ڀت آهي شيهي جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى اهڙن ماڻهن کي پسند ڪندو آهي جيڪي ان جي رستي ۾ متحد ٿي جنگ وڙهندا آهن ڄڻ ته هو (جنگ جي ميدان ۾) شيهي سان ٺهيل ڀت وانگر (بيٺا) آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ موسىٰ لِقَومِهِ يٰقَومِ لِمَ تُؤذونَنى وَقَد تَعلَمونَ أَنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم فَلَمّا زاغوا أَزاغَ اللَّهُ قُلوبَهُم وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم مون کي ڇو ايذائيندا آھيو ۽ حالانڪ (اوھين) ڄاڻندا آھيو ته آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪيل آھيان، پوءِ جنھن مھل ڏنگائي ڪيائون ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو، ۽ الله بدڪار قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکويو ٿا. اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آئون اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان. (۽ ان جي تجويز ڪيل رستي تي اوهان کي سڏيان ٿو) پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته الله بي (ڊگهو رسو ڏيئي) سندن دلين کي (پوريءَ طرح) ڏنگو ڪيو، ۽ (جيڪو ڄاڻي واڻي غلط رستن تي هلندو ته ان سرڪشيءَ جي ڪري الله (اهڙي) بدڪار قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت (حضرت) موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم توهان مون کي ڇو ايذايو ٿا؟ حالانڪ توهان کي چڱي طرح معلوم آهي ته بيشڪ آئون توهان ڏانهن الله جو پيغمبر آهيان، پوءِ جڏهن انهن ٽيڙائي ڪئي ته الله انهن جون دليون ٽيڙيون ڪيون ۽ الله تعالى گنهگار قوم کي هدايت نٿو ڏئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن موسى پنهنجيءَ قوم کي چيو هو ته اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکايو ٿا اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آءُ اوهان جي طرف خدا جو موڪليل (پيغمبر) آهيان. پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته خدا به سندن دلين کي ڏنگو ڪيو. ۽ خدا بدڪار ماڻهن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد فرماءِ جڏهن چيو موسى پنهنجي قوم کي ته اي منهنجي قوم وارا! ڇو ٿا ايذايو مون کي ۽ تحقيق ڄاڻو ٿا ته بيشڪ مان الله جو رسول آهيان اوهان ڏانهن پوءِ جڏهن ڏنگائي ڪيائون ته ڏنگو بنايو الله انهن جي دلين کي ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري فاسق قوم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن موسيٰ عه پنهنجي قوم کي چيو ته اي منهنجي قوم! ڇو مون کي ڏکويو ٿا اوهين ته ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آءُ اوهان جي طرف الله تعاليٰ جو موڪليل آهيان. پوءِ جڏهن ڏنگا ٿيا ته الله به سندن دلين کي ڏنگو ڪيو. ۽ الله بدڪار قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) موسى جي اها ڳالهه جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”اي منهنجي قوم مون کي ڇو ٿا ڏکويو؟ حالانڪه توهان پڪ سان ڄاڻو ٿا ته بلاشڪ آءٌ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل رسول آهيان“. پوءِ جڏهن اُهي ٽيڙا ٿيا ته الله به انهن جي دلين کي ٽيڙو ڪري ڇڏيو. ۽ الله نافرمان قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پَنهنجِي پَهر کي، چيو مُوسٰى مِير، ته ڪيڻمِ ڪوه رَنجاڙيو؟ جڏهن سَمجھيو مَنجھ سَرِير، ته آئون اوهان ڏي آهيان، قاصِد رَبَّ، قَدِير، پوءِ جڏهن ڦِريا، ته ڦيريَنِ دِليون صاحِب رَبَّ سُڌِير، ۽ سُهائي نَه سَچ سِير، آگو اوڳِئَ ذات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، ”اي منهنجي قوم! مون کي ڇو ٿا ايذايو، جڏهن اوهين ڄاڻو ٿا، ته بيشڪ آءُ اوهان ڏي الله جو رسول آهيان_“ پوءِ جڏهن ڏنگائي ڪيائون، ته الله سندن دلين کي ڏنگو ڪيو ۽ الله بدڪار قوم کي رستو نه ڏيکاريندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪر موسيٰ جي اها ڳالهه، جيڪا هن پنهنجيءَ قوم کي چئي هئي ته: اي منهنجي قوم! توهان ڇو ٿا مون کي ايذايو، جڏهن جو چڱيءَ طرح ڄاڻو به ٿا ته مان توهان ڏانهن الله جو موڪليل آهيان. پوءِ جڏهن اهي ڏِنگا هليا ته الله به سندن دليون ڏنگيون ڪري ڇڏيون، الله نافرمانن کي سنئين دڳ نه لائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪريو اها ڳالهه) جڏهن چيو هو موسيٰ پنهنجي قوم کي اي منهنجي قوم! ڇو ٿا مون کي ايذايو توهان ۽ جڏهن ته توهان ڄاڻو ٿا ته بيشڪ آئون رسول آهيان الله جو توهان ڏي موڪليل؟ پوءِ جڏهن انهن ڏنگائي اختيار ڪئي ته ڏنگو ڪيو الله سندن دلين کي، ۽ الله نٿو هدايت ڪري انهيءَ قوم کي جيڪا بدڪار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن موسى ($) پنھنجي قوم کي چيو ته: اي منھنجي قوم! توهان مون کي (هروڀرو) ڇوٿا تڪليف ڏيو؟ حالانڪه توهان کي خبر آهي ته مان توهان ڏي الله تعالى جو رسول ٿي آيو آهيان. پوءِ جڏهن هُنن ٽيڙائي ڏيکاري ته الله تعالى به سندن دلين کي ٽيڙو ڪري ڇڏيو. الله تعالى نافرمان قوم کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ يٰبَنى إِسرٰءيلَ إِنّى رَسولُ اللَّهِ إِلَيكُم مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَمُبَشِّرًا بِرَسولٍ يَأتى مِن بَعدِى اسمُهُ أَحمَدُ فَلَمّا جاءَهُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا هٰذا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 6) |
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جڏھن عيسىٰ پُٽ مريم جي چيو ته اي بني اسرائيلو بيشڪ آءٌ اوھان ڏانھن الله جو موڪليل آھيان جيڪو توريت منھنجي اڳيان آھي تنھنجو سچو ڪندڙ آھيان ۽ ھڪ اھڙي پيغمبر جي خوشخبري ڏيندڙ آھيان جو مُون کانپوءِ ايندو جنھن جو نالو احمد ھوندو، پوءِ جنھن مھل اُھو چِٽن مُعجزن سان وٽن آيو چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن مريم جي پٽ عيسيٰ چيو ته، اي بني اسرائيل! بيشڪ آئون اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان. (مان ڪا نئين شريعت کڻي نه آيو آهيان بلڪ) جيڪو تورات منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو چوندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ٻڌائيندڙ جو مون کان پوءِ ايندو. ان جو نالو احمد (الله جي گهڻي تعريف ڪرڻ وارو) هوندو. پوءِ اهو جڏهن وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيو تڏهن (حضرت موسيٰ کان وٺي حضرت عيسيٰ تائين نبين کي تنگ ڪندڙ ساڳين بني اسرائيلن) چيو ته، هي پڌرو جادو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت (حضرت) عيسيٰ ابن مريم چيو ته اي بني اسرائيل بيشڪ آئون توهان ڏانهن الله جو پيغمبر آهيان آئون پاڻ کان اڳ ۾ آيل ڪتاب تورات جي تصديق ڪريان ٿو ۽ رسولِ عربيءَ جي بشارت ڏيندڙ آهيان جيڪو مون کان پوءِ تشريف فرما ٿيندو سندن نالو مبارڪ احمد (ﷺ) هوندو، پوءِ جڏهن پاڻ ڪريم انهن وٽ واضح دليل کڻي پهتا، انهن چيو هي صاف جادو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن مريم جي پٽ عيسى چيو هو ته: اي بني اسرائيلو! آءُ اوهان ڏي خدا جو موڪليل (رسول) آهيان ۽ جو ڪتاب توريت منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو ٿو چوان ۽ هڪ پيغمبر جنهن جو نالو احمد هوندو (۽ اهو) مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي تنهن جي خوش خبري ٻڌايان ٿو. ته جڏهن اهو (پيغمبر احمد) وٽن پڌرا معجزا وٺي آيو ته چوڻ لڳا، هي ته کليل جادو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو عيسى ابن مريم اي بني اسرائيل! بيشڪ مان الله جو رسول آهيان اوهان ڏانهن تصديق ڪندڙ ان جي جو اڳي مون کان هو توراة ۽ خوشخبري ڏيندڙ ان رسول جي جيڪو ايندو مون کان پوءِ نالو ان جو احمد آهي پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ دليلن سان ته چيائون هي جادو چٽو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن مريم جي پٽ عيسيٰ عه چيو اي بني اسرائيل! بيشڪ آءُ اوهان جي طرف الله جو موڪليل آهيان جيڪو تورات منهنجي اڳيان آهي ان کي سچو چوندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان جو مون کان پوءِ ايندو، ان جو نالو احمد (الله جي گهڻي تعريف ڪرڻ وارو) هوندو. پوءِ اهو جڏهن وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيو تڏهن چيائون ته هي پڌرو جادو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن مريم جي فرزند عيسى (روح الله) چيو ته: ”اي اسرائيل جا اولاد بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل (رسول) آهيان، پاڻ کان اڳئين ڪتاب تورات جي تصديق ڪندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙي رسول جي خوشخبري ٻڌائيندڙ آهيان جو مون کان پوءِ ايندو ان جو نالو احمد آهي“. پوءِ جڏهن اُهو (احمد عربي) وٽن پڌريون نشانيون کڻي آيو تڏهن چيائون هي کُلو جادو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عِيسٰى پُٽ مريم جي، جڏهن وَراڻيو وِير، ته اِسرائـِيل جا، فرزند فيض پَذِير!، آئون اوهان ڏي آهيان قاصِد رَبَّ قَدِير، صَحِي ڪَندڙ توريت کي، جو مُنهان اڳ مُنِير، پڻ ڪِنهن پيغمبر پاڪ جِي، خاصِي ڏِيندڙ کِير، اِيندو مُنهنجِي پُٺ ۾، جنهن جو اَحمد نام امير، پوءِ جڏهن اُنهن ۾ آئيو، کَڻِي آيتون اَڪسِير، ته چَوَڻ لڳا چوٽِير، ته هِي سِحر صَفا پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن عيسيٰ مريم جي پٽ چيو ته ”اي يهوديو! بيشڪ آءُ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل آهيان، جيڪو توريت مون کان اڳ آيل آهي، ان جو سچو ڪندڙ آهيان ۽ هڪ اهڙ ي رسول جي مبارڪ ٿو ڏيان، جو مون کان پوءِ اچڻ وارو آهي، ان جو نالو ”احمد“ (ﷺ) آهي.“ پوءِ جڏهن وٽن اهو کليل معجزن سان آيو، تڏهن چيائون ”هي پڌرو جادو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد ڪر عيسيٰ پٽ مريم جي اها ڳالهه، جيڪا هن چئي هئي ته "اي بني اسرائيلؤ! مان توهان ڏانهن الله جو موڪليل رسول آهيان. تصديق ڪندڙ آهيان انهيءَ تورات جو، جيڪو مون کان اڳي ئي آيل موجود آهي ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان هڪ رسول جي، جيڪو مون کان پوءِ ايندو، جنهن جو نالو هوندو "احمد"، پر پوءِ جڏهن هو وٽن چٽيون نشانيون کڻي آيو ته انهن چيو ته اهو ته پڌرو جادو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو هو عيسيٰ پٽ مريم، اي بني اسرائيل! بيشڪ آئون رسول آهيان الله جو توهان ڏي موڪليل، تصديق ڪندڙ آهيان (ان جو) جيڪو موجود آهي توهان جي هٿن ۾ تورات ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهيان ان رسول جي جيڪو مون کان پوءِ ايندو، سندس نالو هوندو احمد، پر جڏهن اهو وٽن آيو چٽيون نشانيون کڻي ته انهن چيو، هي ته جادو آهي سنئون سڌو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن عيسى پُٽ مريم (ؐ) چيو ته: اي بني اسرائيل! مان توهان ڏي الله تعالى جو رسول ٿي آيو آهيان. جيڪو مون کان اڳ تورات موجود آهي مان ان جي تصديق ڪندڙ آهيان ۽ مان هڪ اهڙي رسول سڳوري جي خوشخبري ڏيندڙ آهيان جيڪو مون کان پوءِ ايندو. ان جو نالو احمد (ﷺ) هوندو پوءِ جڏهن هو (يعني احمد ﷺ) انهن وٽ پڌريون نشانيون کڻي آيو ته هُنن چيو ته هي ته پڌرو جادو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُوَ يُدعىٰ إِلَى الإِسلٰمِ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 7) |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻَڌو حالانڪ ان کي اِسلام ڏانھن سڏيو ويندو آھي، ۽ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪير ان کان وڏو ظالم آهي جيڪو الله تي ڪوڙ گهڙي ٿو، هوڏانهن ان کي اسلام (سلامتيءَ واري طريقي تي) ڏانهن سڏيو وڃي ٿو. ۽ الله زيادتي ڪندڙ قوم کي رستو نٿو ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ هڻي ٿو حالانڪ ان کي اسلام ڏانهن سڏيو وڃي ٿو، ۽ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن کي اسلام ڏي سڏيو وڃي (۽) اهو (مڃڻ جي بدلي) خدا تي ڪوڙ (بدوڙ) جوڙي تنهن کان وڌيڪ ڪير ظالم هوندو ۽ خدا ظالمن کي منزل مقصود تائين نه ٿو پهچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جنهن ٺاهيو الله تي ڪوڙ ۽ اهو سڏيو وڃي ٿو اسلام ڏانهن ۽ الله نه ٿو هدايت ڪري ظالم قوم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪير ان کان وڏو ظالم آهي جيڪو الله تي ڪوڙ گهڙي ٿو هوڏانهن ان کي اسلام ڏانهن سڏيو وڃي ٿو. ۽ الله ظالم قوم کي رستو نٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کان وڌيڪ زور ظالم ڪير آهي جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان گهڙي حالانڪه ان کي اسلام ڏانهن سڏيو پيو وڃي. الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ زِياده ظُلم ڪرڻ ۾، اُنهيان آهي ڪير؟ ٻَڌا ڪُوڙ ڪَرِيم تي، جِنهن پَڌرا کوڙي پير، ۽ اُنهئ کي اِسلام ڏي، سَڏيو وَڃي جِنهن وير، ۽ سائـِين نه سُهائي سير، ذرو ظالم ذات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جنهن الله تي ڪوڙ ٻَڌو، جڏهن ته هو اسلام ڏانهن سڏيو ٿو وڃي، ۽ بيشڪ الله ظالم قوم کي رستو نٿو ڏيکاري_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا انهيءَ شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي، جڏهن ته کيس اسلام (الله جي فرمانبرداريءَ ۾ ڪنڌ نوائڻ) ڏانهن سڏيو پيو وڃي؟ اهڙن ظالمن کي الله سڌي واٽ نه وٺائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو جيڪو هڻي بهتان الله تي ڪوڙا، ۽ اهو سڏي ٿو (الله جي اطاعت) اسلام لاءِ، ۽ الله نه ڏيندو آهي هدايت اهڙن ظالمن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀلا ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ گهڙي، حالانڪه ان کي ته اسلام ڏي سڏيو وڃي ٿو. الله تعالى ظالم ماڻهن کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُريدونَ لِيُطفِـٔوا نورَ اللَّهِ بِأَفوٰهِهِم وَاللَّهُ مُتِمُّ نورِهِ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 8) |
(اُھي ڪافر) گھرندا آھن ته الله جي نُور کي پنھنجي واتن سان وِسائين، حالانڪ الله پنھنجي نُور کي پوري ڪرڻ وارو آھي توڻيڪ ڪافر مٺيان ڀانئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اُهي (ڪافر) گهرن ٿا ته الله جي روشنيءَ کي پنهنجن واتن سان ڦوڪ ڏئي وسائي ڇڏين، هوڏانهن الله پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي، توڙي جو (اکين ٻوٽ) ڪافرن کي برو لڳي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (ڪافر) ارادو ڪن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجي ڦُوڪن سان وِسائن ۽ الله تعالى پنهنجي نور کي مڪمل ڪندڙ آهي جيتوڻيڪ ڪافرن کي (اهو) ناپسند آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو پنهنجي واتن سان (ڦوڪ ڏئي) خدا جي نور کي وسائڻ گهرن ٿا. هوڏانهن خدا پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي اها ڳالھ بڇڙي لڳي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارادو ڪن ٿا تانته وسائين الله جي نور کي پنهنجن واتن سان ۽ الله پورو ڪندڙ آهي پنهنجي نور کي جيتوڻيڪ نه پسند ڪيو ڪافرن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اُهي (ڪافر) گهرن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجن واتن سان وسائي ڇڏين هوڏانهن الله پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي بڇڙو لڳي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي چاهن ٿا ته الله جي نور کي پنهنجي واتن (جي ڦوڪن) سان اجھائي ڇڏن ۽ الله ته پنهنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي توڙي جو ڪافرن کي مَٺيان لڳي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پِيا پَچائـِن پُور، ته نُور ڌَڻِي جي دِين جو، وِسائن پَنهنجي وات سان، ۽ هوڏانهن پاڪ حُضور، پُورو پنهنجي نُور کي، ظاهر ڪندو ضرور، ۽ مُنڪر مُوڳا مور، ڀَلِين بُڇيان ڀانئـِن کَڻِي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ کي ڦوڪن سان وسائين، پر الله پنهنجي روشنيءَ کي مڪمل ڪندو، پوءِ ڀل ڪافر مٺيان ڀانئين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي وات سان ڦوڪون ڏيئي الله جي نور کي وسائڻ چاهن ٿا ۽ الله جو وري فيصلو اهو آهي ته هو پنهنجي نور کي توڙ رسائڻ وارو آهي، پوءِ کڻي ڪافر ڪيڏا به ناخوش ڇونه ٿين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي گُهرن ٿا وِسائڻ نور الله جي کي پنهنجي وات جي ڦوڪن سان، ۽ الله (جو فيصلو آهي ته اهو) پکيڙيندو پنهنجي نور کي، پوءِ ڀلي نه وڻي ڪافرن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙا ماڻهو ته الله تعالى جي نور کي پنھنجي ڦُوڪن سان وسائڻ چاهيندا آهن، پر الله تعالى پنھنجي نور کي پورو ڪرڻ وارو آهي. ڀلي جا اها ڳالهه ڪافرن کي ڪيترو ئي برو لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَلَو كَرِهَ المُشرِكونَ (آيت : 9) |
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڻيڪ مشرڪ بڇان ڀانئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول (محمدﷺ) کي سڌي رستي جي سمجهه ۽ (زندگيءَ جي ضابطي جو) مڪمل ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني ديننن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي برو لڳي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن پنهنجي رسولِ عربي کي هدايت ۽ دينِ حق سان انهي لاءِ موڪليو ته جيئن انهيءَ کي سمورن دينن تي غالب ڪري، جيتوڻيڪ مشرڪن کي (اهو) ناپسند آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي بڇڙو لڳي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو الله اهو آهي جنهن موڪليو پنهنجي رسول کي هدايت سان ۽ سچي دين سان تانته غالب ڪري ان کي دينن سڀني تي جيتوڻيڪ نه پسند ڪيو مشرڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن پنهنجي رسول (محمدﷺ) کي سڌي رستي جي سمجهه ۽ سچو دين ڏئي موڪليو ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري توڙي جو مشرڪن کي بڇڙو لڳي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري، توڙي جو مشرڪن کي مَٺيان لڳي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو مالِڪ جِنهن موڪليو، پَنهنجو پَيغمبر، سُونهپ ۽ سَچي دِين سان، خاص اِنهِئَ خاطِر، ته ڪَريس قوِي هَر دِين تي، ڏيئـِي سوڀون سربَسر، ۽ ديکِيندڙ ٻِئا ڌُر، مَر ته مَٺِين ڀانئـِن کَڻِي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن پنهنجي رسول کي، هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، ته سڀني دينن جي مٿان ان کي غالب ڪري، پوءِ ڀل مشرڪن کي بڇاڻ لڳي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو آهي، تانته ان کي سمورن دينن تي غالب ڪري ڇڏي، جيتوڻيڪ ڪافرن لاءِ اها ڳالهه ڪيترو به اڻ وڻندڙ هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ته آهي جنهن موڪليو آهي پنهنجي رسول کي هدايت ۽ دين سچي سان، جيئن غالب ڪري ان کي سڀني دينن تي، پوءِ ڀلي ڪيترو به اڻوڻندڙ ڇو نه هجي مشرڪن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جنھن پنھنجي رسول سڳوري کي هدايت (وارو رستو) ۽ سچو دين ڏيئي موڪليو ته جيئن هو هن دين کي ٻين سڀني دينن جي مٿان غالب ڪري. ڀلي جا مشرڪن کي ڪيترو ئي برو لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ تِجٰرَةٍ تُنجيكُم مِن عَذابٍ أَليمٍ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ اوھان کي انھيءَ سوداگريءَ جو ڏس نه ڏيان ڇا جو اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! (جيڪي دنيوي ڪاروبار ۾ مشغول آهيو) ڇا آءٌ اوهان کي اهڙيءَ سوداگريءَ جي خبر ڏيان جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! ڇا آئون توهان کي اهڙي تجارت جو ڏس ڏيان جيڪا توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! ڇا آءُ اوهان کي اهڙي سوداگري جي خبر ڏيان جا اوهان کي (قيامت جي) دردناڪ عذاب کان بچائي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! ڇا ڏس ڏيان مان اوهان کي اهڙي تجارت جو جيڪا ڇڏائي اوهان کي عذاب دردناڪ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! ڇا آءُ اوهان کي اهڙيءَ سوداگريءَ جي خبر ڏيان جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ ڇا آءٌ اتوهان کي اهڙي واپار جي خبر ڏيان جيڪو اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا آن کي ڏَسيان، اي مُؤمنو! وَڌندڙ سو واپار؟ جو آجو اَوهان کي ڪري، ڪَنان اَهنج آزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! اوهان کي انهي واپار جو ڏس ڏيان، جو اوهان کي ڏکوئيندڙ عذاب کان بچائي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! اوهان کي ٻڌايان اهو واپار، جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي وٺي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڏَس ڏيان توهان کي انهيءَ واپار جو، جيڪو بچائي توهان کي عذاب دردناڪ کان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! ڇا مان توهان کي اهڙو واپار نه ٻڌايان جيڪو توهان کي دردناڪ عذاب کان نجات ڏياري؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 11) |
(ته) الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ لڙائي ڪريو، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو ته اُھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله ۽ سندس رسول تي ڪامل ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ (خدائيءَ نظام قائم ڪرڻ لاءِ) پنهنجن مالن ۽ جانين سان جنگ ڪريو، اهو (سودو) اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اها هي آهي جو) توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو، ۽ توهان الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪريو پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان. اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته) خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جهاد ڪريو، اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي جيڪڏهن اوهين ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ايمان آڻيو اوهان الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ جهاد ڪيو الله جي واٽ ۾ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن سان اهو ڀلو آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجن مالن ۽ جانن سان جنگ ڪريو، اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهو هي آهي جو) اوهان الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو پنهنجي مالن ۽ پنهنجي جانين سان. اِهو توهان لاءِ تمام ڀلو آهي جي توهان ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته رَبَّ ۽ سَندس رسول ۾، آڻيو اِعتبار، ۽ لَڙو رَبَّ جِي راه ۾، ڪريو ويرِيَنِ مَٿي وار، پنهنجي مال مَتاع سان، پڻ جانِيَن سان جُونجھار، جي سوچيو ٿا سَچّار،!، ته ڀَلو اوهان لئي آھِ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو، پنهنجي مال ۽ جسم سان خدا ڪارڻ جهاد ڪريو، جيڪڏهن ڄاڻو ٿا، ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايمان آڻيو الله ۽ سندس رسول تي ۽ جهاد ڪريو الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ پنهنجين جانين سان، اهوئي توهان لاءِ ڏاڍو ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي، ۽ جهاد ڪريو راهِه خدا ۾ پنهنجي مالن سان ۽ پنهنجي جانين سان، اهو ئي بهتر آهي توهان لاءِ، جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيو ۽ الله تعالى جي رستي ۾ پنھنجي مالن ۽ جانين سان جھاد ڪريو. جيڪڏهن توهان سمجهو ها ته اهو ئي توهان لاءِ بھتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَيُدخِلكُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَسٰكِنَ طَيِّبَةً فى جَنّٰتِ عَدنٍ ذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ۽ سُٺين جاين ھميشه (رھڻ) وارن بھشتن ۾، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ائين ڪندو ته الله) اوهان جي غلطين کي (هن دنيا ۾ به) معاف ڪندو ۽ (آخرت ۾ به) اوهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا ۽ سٺين جاين ۾ به (داخل ڪندو) جيڪي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي. ان لاءِ جيڪو پاڻ کي لهڻيدار بڻائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو (رب ڪريم) توهان جا گناه بخش ڪندو ۽ توهان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ شاندار محلن ۾ جيڪي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ هوندا، اها تمام وڏي ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ائين ڪندو ته خدا) اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو ۽ اوهان کي اهڙن باغن ۾ رهائيندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ (تمام) سٺين جاين ۾ به جي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته بخشيندو اوهان لاءِ اوهان جا گناھ ۽ داخل ڪندو اوهان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ پاڪ جاين ۾ رهڻ وارن بهشتن ۾ اها وڏي ڪاميابي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. (ائين ڪندو ته الله) اوهان کي اوهان جا گناه معاف ڪندو ۽ اوهان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه وهن ٿا ۽ سٺين جاين ۾ به جي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو توهان جا گناهه معاف ڪندو ۽ توهان کي بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون ۽ پاڪيزه گهر هوندا سدا بهار باغن ۾. اِها زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اوهان جي عيبن مان، بَخشي نخشڻهار، ۽ جوڙي آن کي جاءِ ڏئي، مَنجِھين باغ بهار،، هَلن هيٺان جن جي، ناليون نُور نِبار، پڻ موچارِيَن ماڙِيَن ۾، گھاٽي مَنجھ گُلزار، آهي وَڏو اَپار، اِي ماڻڻ مَن مُراد جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اوهان جا گناهه اوهان کي بخشيندو ۽ اوهان کي انهن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون پيون وهن، ۽ سٺيون جايون، هميشه رهندڙ باغن ۾_ اها وڏي ڪاميابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان جا گناهه معاف ڪندو ۽ توهان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان واهيون وهنديون ۽ سدائين رهڻ وارين جنتن ۾ تمام سٺيون رهڻ جون جايون توهان کي عطا ڪندو، اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) معاف ڪندو (الله) توهان جا گناهه ۽ داخل ڪندو توهان کي اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، ۽ رهڻ جي جاءِ بهشتن ۾ توهان کي بهترين گهر عطا ڪندو، اها ئي ڪاميابي آهي وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان جي نتيجي ۾) هو توهان (جي ڀلائي) لاءِ توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ توهان کي اهڙن باغيچن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون ۽ هميشه رهڻ وارن باغن ۾ رهائش لاءِ پاڪيزه (۽ سھڻيون) جايون هونديون. اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُخرىٰ تُحِبّونَها نَصرٌ مِنَ اللَّهِ وَفَتحٌ قَريبٌ وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ (آيت : 13) |
۽ ٻي (نعمت به ڏيندو) جنھن کي دوست رکندا آھيو، الله جي طرف کان مدد ۽ فتح ويجھي، ۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هڪڙي ٻي به ڳالهه (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين (خاص طور تي) پسند ڪريو ٿا (يعني) الله جي طرفان مدد ۽ جلد فتحيابي ۽ ايمان وارن کي (ان جي) خوشخبري ٻڌاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (علاوه ازين) توهان کي ٻي نعمت به ملندي جيڪا توهان کي وڻندي، الله تعالى جي طرفان مدد ايندي ۽ فتح قريب آهي، ۽ توهان مؤمنن کي بشارت ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪڙي ٻي به ڳالھ (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا (۽ اها) خدا جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي ۽ (اي رسول) ايمان وارن کي (اها) خوش خبري ٻڌاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻي شيءِ جو محبت رکو ٿا ان سان مدد الله وٽان ۽ فتح ويجهي ۽ بشارت ڏي مؤمنن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪڙي ٻي به ڳالهه (اوهان کي ڏيندو) جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا (۽ اها) الله جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي۽ ايمان وارن کي (ان جي) خوشخبري ٻڌاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هڪ ٻي ڳالهه به جنهن کي اوهان پسند ڪيو ٿا الله جي طرفان مدد ۽ ويجهڙي فتح آهي. ۽ (اي نبي) مؤمنن کي خوشخبري ڏئي ڇڏ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻِيون نيون نِت نِعمتون، جن لئي سِڪو مَنجھ سَرِير، هِڪ مَدد مالِڪ پاڪ جِي، ٻِي ويجِھي سوڀ سُڌير، پوءِ کلِي ڏي تون کِير، مُرسل! مؤمنن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پڻ ٻيون (نعمتون به)، جن کي اوهين پسند ٿا ڪريو، (يعني) الله جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح. ۽ مؤمنن کي مبارڪ ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها ٻي شيءِ ، جيڪا توهان چاهيو ٿا، سا پڻ توهان کي ڏيندو، الله وٽان مدد ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ملندڙ فتح، اي نبي! مؤمنن کي ان جي خوشخبري ڏئي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻي شيءِ جيڪا توهان گُهرو ٿا، سا به ڏيندو، مدد طرفان الله جي ۽ فتح (جيڪا) يجهڙائيءَ ۾ حاصل ٿيڻ واري ۽ (اي نبي!) خوشخبري ڏي ايمان وارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (دنيا جي حساب سان) توهان جيڪا ٻي نعمت چاهيو ٿا اها به ڏيندو (يعني) الله تعالى جي طرفان (ظاهري) مدد ۽ ويجهي فتح. سو مؤمنن کي (انهن ٻنهي نعمتن جي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا أَنصارَ اللَّهِ كَما قالَ عيسَى ابنُ مَريَمَ لِلحَوارِيّۦنَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ فَـٔامَنَت طائِفَةٌ مِن بَنى إِسرٰءيلَ وَكَفَرَت طائِفَةٌ فَأَيَّدنَا الَّذينَ ءامَنوا عَلىٰ عَدُوِّهِم فَأَصبَحوا ظٰهِرينَ (آيت : 14) |
اي ايمان وارؤ الله جي دين جا مددگار ھجو جھري طرح عيسىٰ پٽ مريم جي پنھنجي خاص يارن کي چيو ته الله جي دين ۾ منھنجا مددگار ڪير آھن؟ انھن خاص يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آھيون پوءِ بني اسرائيلن مان ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ٻئي ٽوليءَ انڪار ڪيو، پوءِ ايمان وارن کي سندن دشمنن تي غلبو ڏنوسون پوءِ غالب ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! (هي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪونه ٿيندو، بلڪ ان لاءِ) الله جي دين جا مددگار ٿيو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجن يارن کي چيو ته، الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير بڻجن ٿا؟ انهن يارن چيو ته، اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون، (انهن ڪوششن کان پوءِ) بني اسرائيلن مان ڪجهه ماڻهن ايمان آندو ۽ ڪجهه ماڻهو منڪر ٿي بيٺا. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني پوءِ اهي غالب ٿيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! توهان الله تعالى جا مددگار ٿيو جيئنڪ عيسيٰ پٽ مريم حَوارين کي چيو ته الله جي طرفان (حمايتي ٿي) منهنجي مدد ڪير ڪندا. حَوارين چيو اسين الله جا مددگار آهيون، پوءِ بني اسرائيل جي هڪ ٽولي ايمان آندو ۽ (ٻِئي) ٽولي ڪفر ڪيو، پوءِ اسان سندن دشمنن تي مؤمنن کي مدد عطا ڪئي، پوءِ مؤمن غالب ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا جا مددگار ٿيو جيئن مريم جي پٽ عيسى (پنهنجن) حوارين کي چيو هو ته (ڀلا) خدا ڏي (سڏڻ ۾) منهنجا مددگار ڪير آهن؟ ته حواري چوڻ لڳا ته اسين خدا جا انصار آهيون، پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت (مٿس) ايمان آندو ۽ هڪ ٽولو ڪافر رهيو. پوءِ جن ايمان آندو اسان تن کي سندن دشمنن جي مقابلي ۾ مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! ٿي پئو الله (جي دين) جا مددگار جيئن چيو عيسى مريم جي پٽ حوارين کي ته ڪير مددگار منهنجا آهن الله جي طرف چيو حوارين ته اسين الله جا مددگار آهيون پوءِ ايمان آندو هڪ جماعت بني اسرائيلين مان ۽ ڪفر ڪيو ٻي جماعت پوءِ تائيد ڪئي اسان انهن جي جن ايمان آندو سندن دشمن تي پوءِ ٿي ويا غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! الله جي دين جا مددگار ٿيو جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ عه پنهنجن يارن کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن؟ انهن يارن چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون، پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي. پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني پوءِ اهي غالب ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان الله جا مددگار ٿي وڃو، جيئن عيسى بن مريم (عليه السلام) حوارين کي چيو هيو ته: ”الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن“؟ حوارين چيو ته: ”اسان الله جا مددگار آهيون“. پوءِ بني اسرائيل مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي، پوءِ اسان ايمان وارن جي مدد ڪئي سندن دشمنن مٿان پوءِ اُهي غالب ٿي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مُؤمن! مَددگار، رَهو ڌڻِئَ جي دِين جا، جِيئن عِيسٰى پُٽ مَريم جي، ڪَئـِي پَرِيٽن پُڪار، ته مُنهنجو مَددگار، ڪو آهي پَروَر پارِ؟ هِڪدم تڏهن حوارِين، لَڳائـِي لَلڪار، ته اَسِين مَددگار، آهيون ڌَڻِئَ جي دِين جا. پوءِ اسرائـِيل جي اولاد مان، آندو ڪِن اِيمان، ڪا ٽولِي ٽَرِي ڌار ٿي، ڦِريا کون فرمان، پوءِ مَدد ڏِنِي سون مُؤمِنين، اُنهن جي دُشمن سودگران، پوءِ موٽِي مَنجھ ميدان، ٿيا سو ڀارا صُبح سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! الله (جي دين) جا مددگار ٿيو_ جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ حوارين کي چيو ته ”آهي ڪو، جو الله جي دين ۾ منهنجو مددگار ٿئي؟“ حوارين چيو ته ”اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون“_ پوءِ بني اسرائيل جي هڪ ٽوليءَ ايمان آندو ۽ ٻيءَ جماعت انڪار ڪيو- پوءِ ايمان وارن کي انهن جي دشمنن تي غلبو ڏنوسون، ته اهي غالب ٿيا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله جا مددگار بڻجو، جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ حوارين کي چيو هو ته "ڪير آهي الله ڏانهن (سڏڻ ۾) منهنجو مددگار؟" ۽ حوارين جواب ڏنو هو ته "اسين آهيون الله جا مددگار". پوءِ بني اسرائيل منجهان هڪڙي ٽولي ايمان آندو ته هڪڙي انڪار ڪيو. پوءِ اسان ايمان آڻڻ وارن جي سندن دشمنن جي مقابلي ۾ پوري پوري پٺڀرائي ڪئي ۽ اهي ئي پوءِ غالب ٿيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! بنجو مددگار الله جا، جيئن چيو هو عيسيٰ پٽ مريم خطاب ڪندي پنهنجي حوارين کي، ”ڪير آهي مددگار منهنجو الله ڏي سڏڻ ۾؟“ چيو هو حوارين، ”اسين آهيون مددگار الله جا“، ان وقت ايمان آندو هڪ ٽولي بني اسرائيل جي ۽ انڪار ڪيو ٻئي ٽولي، پوءِ اسان مدد ڪئي ايمان آڻڻ وارن جي سندن دشمنن جي مقابلي ۾، پوءِ اهي ئي سوڀارا ٿيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى (جي دين) جا مددگار ٿي وڃو جيئن عيسى پٽ مريم (ؐ) پنھنجي حوارين (يعني ايمان آڻيندڙ ساٿين) کي چيو ته الله تعالى جي رستي ۾ منھنجي مدد ڪرڻ وارو ڪير آهي؟ ان تي حوارين چيو ته: اسان الله تعالى جا مددگار آهيون. پوءِ بني اسرائيل مان هڪڙي گروهه مٿس ايمان آندو ۽ ٻئي ان جو انڪار ڪيو، پوءِ اسان سندن دشمنن جي مقابلي ۾ ايمان وارن جي مدد ڪئي پوءِ هو غالب ٿي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |