توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا عَدُوّى وَعَدُوَّكُم أَولِياءَ تُلقونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَقَد كَفَروا بِما جاءَكُم مِنَ الحَقِّ يُخرِجونَ الرَّسولَ وَإِيّاكُم أَن تُؤمِنوا بِاللَّهِ رَبِّكُم إِن كُنتُم خَرَجتُم جِهٰدًا فى سَبيلى وَابتِغاءَ مَرضاتى تُسِرّونَ إِلَيهِم بِالمَوَدَّةِ وَأَنا۠ أَعلَمُ بِما أَخفَيتُم وَما أَعلَنتُم وَمَن يَفعَلهُ مِنكُم فَقَد ضَلَّ سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 1) |
اي ايمان وارؤ منھنجي دشمنن ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست (ڪري) نه وٺو اُنھن ڏانھن دوستي جي ڪري پيغام موڪليو ٿا حالانڪ جيڪو اوھان وٽ سچو دين آيو آھي تنھن جا اُھي مُنڪر ٿي چڪا آھن پيغمبر کي ۽ اوھان کي (پنھنجي وطن مان) ھن ڪري ڪڍين ٿا پنھنجي پالڻھار الله تي ايمان آندو اَٿو جيڪڏھن (خاص) منھنجيءَ واٽ ۾ جھاد ڪرڻ لاءِ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آھيو انھن ڏانھن دوستي جي ڪري ڳُجھو پيغام ٿا موڪليو، حالانڪ جيڪي ڳجھو ڪريو ٿا ۽ جيڪي پڌرو ڪريو ٿا سو آءٌ چڱي طرح ڄاڻندو آھيان، ۽ اوھان مان جيڪو ائين ڪندو سو بيشڪ سِڌو رستو ڀُلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ايمان وارؤ! اوهين منهنجن دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن (ڪافرن) کي دوست نه بنايو! اوهين انهن ڏي دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا. هوڏانهن جيڪو حق اوهان وٽ آيو آهي، ان جو اهي انڪار ڪري چڪا آهن. اُهي رسول ۽ اوهان کي (پنهنجي ديس مان) هن ڪري ڪڍن ٿا جو اوهين پنهنجي پالڻهار الله کي مڃيو ٿا. جيڪڏهن اوهين (منهنجي قانونن جي پيروي ڪندي) منهنجي رستي ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضامندي گهرڻ لاءِ نڪتا آهيو (۽ ٻئي پاسي) اوهين لڪي انهن (منڪرن) سان دوستي رکو ٿا. هوڏانهن جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ان کي آئون چڱيءَ ڄاڻندڙ آهيان ۽ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪندو سو بيشڪ سڌي رستي کان گمراهه ٿي پري وڃي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! توهان منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنايو، توهان انهن ڏانهن دوستي جي ڪري رسولِ عربي جون خبرون پهچايو ٿا، حالانڪ تحقيق انهن (حق) جو انڪار ڪيو جيڪو توهان وٽ پهتو، انهن رسولِ عربي ۽ توهان کي هجرت ڪرائي ان لاءِ جو توهان الله تي ايمان آندو، جيڪو توهان جو رب آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي واٽ ۾ جهاد لاءِ نڪتا ۽ (توهان) منهنجي رضا گھرو ٿا (ته انهن سان دوستي نه رکو) توهان انهن کي دوستي جي ڪري خفيه خبرون پهچايو ٿا، ۽ آئون توهان جي مخفي ۽ ظاهر کي وڌيڪ ڄاڻان ٿو، ۽ توهان مان جنهن ماڻهو ايئن ڪيو پوءِ بيشڪ اهو سنئين رستي تان گمراه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين منهنجي راھ ۾ جهاد ڪرڻ ۽ منهنجي رضامنديءَ جي اميد ۾ (گهر کان) نڪتا آهيو ته منهنجي ۽ پنهنجن دشمنن کي دوست نه بنايو. اوهين ته انهن ڏي دوستيءَ جو نياپو موڪليو ٿا ۽ جو (دين) حق اوهان ڏي آيو آهي تنهن کان اهي ماڻهو انڪار ڪن ٿا. اهي ماڻهو رسول کي ۽ اوهان کي ان ڳالھ تي (ته گهر کان) ڪڍن ٿا جو اوهان پنهنجي پروردگار خدا تي ايمان آندو آهي (۽) اوهين آهيو جو انهن ڏي لڪي لڪي دوستي جا پيغام ڪريو ٿا هوڏانهن جو ڪجھ به لڪي يا ظاهر ڪريو ٿا آءُ تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان ۽ اوهان مان جو شخص ائين ڪندو سو سڌي راھ کان پڪ ٿڙي ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! نه وٺو منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست اظهار ڪيو ٿا انهن ڏانهن دوستي حالانڪ تحقيق انڪار ڪيائون ان جو جيڪو آيو اوهان وٽ حق ڪڍن پيا رسول کي ۽ اوهان کي هن سببان جو ايمان آڻيو پيا الله، پنهنجي رب تي جيڪڏهن نڪتا آهيو اوهان جهاد لاءِ منهنجي واٽ ۾ ۽ منهنجي رضا طلب ڪرڻ جي لاءِ لڪ ۾ پيغام موڪليو پيا انهن ڏانهن دوستيءَ جو ۽ مان وڌيڪ ڄاڻان ٿو جيڪي لڪايو پيا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو پيا ۽ جيڪو به ڪري ٿو اهو اوهان مان پوءِ تحقيق گمراهه ٿيو سڌي واٽ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اوهين منهنجن دشمنن ۽ پنهنجن دشمنن (ڪافرن) کي دوست نه بنايو! اوهين انهن ڏي دوستيءَ جا پيغام موڪليو ٿا. هوڏانهن جو حق اوهان وٽ آيو آهي، ان جو اهي انڪار ڪري چڪا آهن. رسول ﷺ ۽ اوهان کي (پنهنجي ديس مان) هن ڪري ڪڍن ٿا جو اوهين پنهنجي پاليندڙ (الله) کي مڃيو ٿا، جيڪڏهن اوهين منهنجي رستي ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضامندي گهرڻ لاءِ نڪتا آهيو. (ته کين دوست نه بنايو) اوهين لڪي انهن سان دوستي رکو ٿا هوڏانهن جيڪي اوهين لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا ان کي آءُ چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهيان ۽ جو اوهان مان اهو ڪم ڪندو سو بيشڪ سڌي رستي کان پري وڃي پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! توهان منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنائي وٺو، جو اوهان انهن ڏانهن دوستي جا پيغام موڪليو ٿا حالانڪه اُهي ان حق جا انڪاري آهن جو اوهان وٽ آيو آهي. رسول کي ۽ خود توهان کي رڳو هن ڪري جلا وطن ڪن ٿا جو اوهان الله تي ايمان آندو آهي جيڪو توهان جو پروردگار آهي. اگر توهان منهنجي رستي ۾ جهاد لاءِ ۽ منهنجي رضامندي لاءِ نڪتا آهيو (ته انهن سان دوستيون نه رکو جو) اوهان انهن ڏانهن دوستي جا ڳجها پيغام موڪليا ٿا. حالانڪه آءٌ چڱي طرح ڄاڻان ٿو جيڪي اوهان لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا، ۽ جيڪو اوهان مان اهو ڪم ڪندو ته سو بيشڪ سڌي راهه کان ڀٽڪي ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جن اَلله ۾، آندو اِعتبار، مون ۽ اَهنجي عَدو کي، نه ڪريو ڪم ۾ يار، سَندا محبت موڪليو، پارا پاتِن پار، ۽ جو حق اَوهان وَٽ آئيو، اُن کان ڪيؤن اِنڪار، اوهان ۽ مُرسل مِير کي، ڪيؤن ديسان ڌار، هِن تان، ته مالِڪ مڃيو، پنهنجو پالڻهار، جي اَوهِين نِڪتا آهيو، جنگ ڪرڻ جُونجھار!، ۽ مُنهنجِي رَوش، راه ۾، مَرضيمِ ماڻڻ هارِ، مُخفِي ڏانهنِ موڪليو، پيغام پِرت پِيار، ۽ آئون اِنهِئَ سڀ جِي، ٿو رکان سُڌ سَنڀار، جيڪِي اَندر ۾ اوريان، يا اوهان ڪيو اِظهار، ۽ اوهان مان اي مومنو!، جو ڪندو اِهاڪار، بيشڪ سو بَدڪار، وِرسيو، وِچٿرو واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنوَ جيڪڏهن اوهين منهنجي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا مندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو، ته منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بنايو، انهن ڏانهن دوستيءَ جي ڪري پيغام موڪليو ٿا، مگر جيڪو اوهان وٽ سچ آيو آهي، تنهن جا ته اهي منڪر آهن_ رسول کي ۽ اوهان کي هن ڪري (وطن مان) ڪڍن ٿا، جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ الله تي ايمان آندو آهي_ اوهين ته انهن لاءِ دوستيءَ جي ڪري ڳجها نياپا ٿا موڪليو، مگر جيڪي ڳجهو ڪريو ٿا يا پڌرو ڪريو ٿا، اهو آءُ چڱي طرح ڄاڻيندڙ آهيان_ ۽ اوهان مان جيڪو ائين ڪندو، سو بيشڪ سڌو رستو ڀُليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان منهنجي راهه ۾ جهاد ڪرڻ لاءِ ۽ منهنجي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ (وطن ڇڏي گهرن مان) نڪتا آهيو ته پوءِ منهنجي ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست نه بڻايو، توهان انهن سان دوستيءَ لاءِ حيلا هلايو ٿا، حالانڪه جيڪو حق توهان وٽ آيو آهي، هنن ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ رسول کي ۽ خود توهان کي به رڳو ان ڪري ملڪ نيڪالي ٿا ڏين، جو توهان الله، پنهنجي رب تي ايمان آندو آهي، توهان لڪائي انهن ڏانهن دوستيءَ جا نياپا موڪليو ٿا پر مان ته سڀ ڪجهه چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو، جيڪي توهان لڪائي ٿا ڪريو يا کليو کلايو ٿا ڪريو. جيڪو به توهان مان ائين ڪري ته اهو پڪ ئي پڪ سڌي رستي کان ٿـڙي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ته نه ٺاهيو منهنجي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کي دوست، توهان بنياد رکو ٿا انهن سان دوستيءَ جو، جڏهن ته اهي انڪار ڪن ٿا جيڪو آيو آهي توهان وٽ حق (ان جو)، انهن ڪڍيو آهي رسول کي پنهنجي ڏيهه مان ۽ توهان کي ان لاءِ توهان ايمان آندو آهي الله پنهنجي رب تي، جي توهان نڪتا آهيو جهاد ڪرڻ لاءِ منهنجي واٽ ۾ ۽ تلاش ڪرڻ منهنجي مرضي، لڪايو ٿا توهان ساڻن پنهنجي محبت ۽ آئون ڄاڻان ٿو جيڪي لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪريو ٿا، ۽ جيڪو به اهو ڪير عمل ڪندو توهان مان ته بيشڪ اهو گمراهه ٿيو سڌي راهه کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان منھنجي ۽ پنھنجي دشمنن کي دوست نه ٺاهيو حالانڪه توهان وٽ جيڪو سچو دين آيو آهي، هي ماڻهو ان جو انڪار ڪن ٿا پوءِ به توهان انهن ڏي لڪي دوستي جا هٿ وڌايو ٿا. هي ماڻهو ته (ان ڪري) رسول سڳوري ۽ توهان کي جلا وطن ڪن ٿا جو توهان پنھنجي پالڻھار تي ايمان آندو آهي. جيڪڏهن توهان منھنجي راهه ۾ جھاد ڪرڻ ۽ منھنجي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيو ته (پوءِ انهن سان دوستي نه رکو) توهان جو ڪجهه لڪايو ٿا يا ظاهر ڪريو ٿا مان سڀ ڄاڻان ٿو. (هاڻي) توهان مان جيڪو به اهڙي حرڪت ڪندو (پڪ سمجهو ته) هو سڌي رستي کان گمراهه ٿي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَثقَفوكُم يَكونوا لَكُم أَعداءً وَيَبسُطوا إِلَيكُم أَيدِيَهُم وَأَلسِنَتَهُم بِالسّوءِ وَوَدّوا لَو تَكفُرونَ (آيت : 2) |
جيڪڏھن (ڪافر) اوھان کي لھندا ته اوھان جا پڪا ويري ھوندا ۽ اوھان ڏانھن پنھنجا ھٿ ۽ پنھنجيون زبانون ايذاءَ لاءِ ڊگھيون ڪندا ۽ گھُرندا ته جيڪر (ڪنھن طرح اوھين به) ڪافر ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندؤ ته (پوءِ ڏسندؤ ڪيئن) هو اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اوهان ڏي بڇڙائيءَ سان پنهنجو هٿ ۽ زبانون ڊگهيون (ڪري هر قسم جون اذيتون) ڏيندا ۽ هي خواهش اٿن ته اوهين (دين کان منحرف ٿي وري) ڪافر ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اهي (ڪافر) توهان کي لهن ته توهان سان دشمني ڪن ۽ توهان ڏانهن (جنگ لاءِ) هٿ وڌائن ۽ پنهنجي زبانن کي برائي لاءِ هلائن ۽ اهي خواهش ڪن ٿا ته ڪاش توهان ڪافر ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندو ته اهي اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ ايذاءُ لاءِ اوهان ڏي پنهنجا هٿ به ڊگها ڪندا ۽ زبانون به ۽ اها خواهش اٿن ته اوهين ڪافر ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن لهندا اوهان کي ته هوندا اوهان جا دشمن ۽ وڌائيندا اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ۽ پنهنجون زبانون برائيءَ سان ۽ محبت رکن ٿا جيڪڏهن ڪافر ٿيو اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين انهن جي هٿ اچي ويندو ته هو اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اوهان ڏي بڇڙائيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ زبانون ڊگهيون ڪندا ۽ هي خواهش اٿن ته اوهين ڪافر ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر اوهان انهن جي هٿ اچي وڃو ته اُهي اوهان جا دشمن ٿي پوندا ۽ اُهي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجون زبانون توهان ڏانهن برائي سان ڊگهيون ڪندا ۽ چاهيندا ته جيڪر توهان ڪافر ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پَڪڙينيان تَه پَڪ سان، ويرِي هُوندان تِنهن وار، ۽ هٿ، زبانو بُري طرح، پکيڙينِ اَنهن جي پار، ۽ خواهِش رَکن خُوار، ته هُوند! ڦِرو حَق ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن هو اوهان کي هٿ ڪندا، ته اوهان جا پڪ دشمن هوندا ۽ اوهان ڏانهن پنهنجا هٿ ۽ پنهنجيون زبانون بُري ارادي سان وڌائيندا ۽ گهرندا ته جيڪر اوهين به ڪافر ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن جو رويو ته هي آهي، جو جيڪڏهن توهان تي هٿ پڳن ته توهان سان دشمني ڪندا ۽ هٿن ۽ زبان سان توهان کي آزاريندا. هو ته چاهن ٿا ته توهان جيڪر ڪافر ٿي وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اهي توهان کي قابو ڪندا ته ٿي پوندا توهان جا دشمن ۽ وڌائيندا توهان ڏي پنهنجا هٿ ۽ پنهنجي زبانن کي توهان جي خلاف برائيءَ سان چاهين ٿا جيڪر توهان به ڪفر ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هي (ڪافر) توهان کي ڪٿي قابو ڪري وٺندا ته هو توهان سان دشمنن وارو سلوڪ ڪندا ۽ پنھنجي هٿن ۽ زبانن (يعني طعنن تنڪن) جي ذريعي توهان کي وڏي تڪليف پھچائيندا. هي ته چاهين ٿا ته توهان (ڪنهن به طريقي سان) ڪافر ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَن تَنفَعَكُم أَرحامُكُم وَلا أَولٰدُكُم يَومَ القِيٰمَةِ يَفصِلُ بَينَكُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 3) |
ڪڏھن نه اوھان کي اوھان جا مائٽ ۽ نڪي اوھان جو اولاد قيامت جي ڏينھن ڪو فائدو ڏيندو، ۽ اوھان جي وچ ۾ (الله) فيصلو ڪندو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيتوڻيڪ اوهان جون انهن سان مائٽيون آهن پر) قيامت جي ڏينهن نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا، الله اوهان جي وچ ۾ سنڌو وجهندو (توهان کي توهان جا عمل ئي ڪم ڏيندا) ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هرگز قيامت جي ڏينهن توهان کي توهان جون مائٽيون ۽ اولاد نفعو نه ڏيندا، الله تعالى توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قيامت جي ڏينهن نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا خدا توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کي ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نفعو نه ڏينديون اوهان کي اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جو اولاد قيامت جي ڏينهن جدائي ڪندو اوهان ۾ ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قيامت جي ڏينهن نه اوها نجون مائٽيون ۽ نه اوها ن جا اولاد اوهان کي فائدو پهچائيندا، الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسي رهيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قيامت واري ڏينهن اوهان کي نفعو نه ڏينديون نه اوهان جون مائٽيون ۽ نه اوهان جا اولاد، (الله) اوهان جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِيا ۽ ويجھايون اَهنجون، نه ڏِينِ اَوهان آڌار، ڪندو ڏِينهن قيام جي، اَهنجا ٽڳا ٽوڙي ڌار، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، سي ڏِسندڙ آھِ ڏيھ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جا مائٽ خواهه اوهان جو اولاد قيامت جي ڏينهن اوهان کي هر گز فائدو نه پهچائيندا، (الله) اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيامت جي ڏينهن نڪي توهان جون مٽيون مائٽيون توهان جي ڪنهن ڪم اينديون، نه توهان جي اولاد ڪو توهان کي نفعو ڏيندي. انهيءَ ڏينهن الله توهان جي وچ ۾ جدائي وجهي ڇڏيندو ۽ الله ئي توهان جي عملن کي ڏسڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هرگز نه توهان کي ڪو فائدو ڏينديون توهان جون مائٽيون ۽ نه توهان جو اولاد ڏينهن قيامت جي، (الله تعاليٰ) جدائي ڪندو توهان جي وچ ۾، ۽ الله جيڪي ڪجهه توهان ڪريو ٿا ان کي ڏسندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي ڏينھن توهان کي مٽي مائٽي ۽ توهان جو اولاد ڪوبه فائدو نه پھچائي سگهندا. الله تعالى توهان سڀني جي وچ ۾ جدائي وجهي ڇڏيندو. الله تعالى توهان جي عملن کي خوب ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد كانَت لَكُم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ فى إِبرٰهيمَ وَالَّذينَ مَعَهُ إِذ قالوا لِقَومِهِم إِنّا بُرَءٰؤُا۟ مِنكُم وَمِمّا تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ كَفَرنا بِكُم وَبَدا بَينَنا وَبَينَكُمُ العَدٰوَةُ وَالبَغضاءُ أَبَدًا حَتّىٰ تُؤمِنوا بِاللَّهِ وَحدَهُ إِلّا قَولَ إِبرٰهيمَ لِأَبيهِ لَأَستَغفِرَنَّ لَكَ وَما أَملِكُ لَكَ مِنَ اللَّهِ مِن شَيءٍ رَبَّنا عَلَيكَ تَوَكَّلنا وَإِلَيكَ أَنَبنا وَإِلَيكَ المَصيرُ (آيت : 4) |
بيشڪ ابراھيم ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن جي طريقي ۾ اوھان لاءِ چڱي پيروي آھي، جڏھن پنھنجي قوم کي چيائون ته بيشڪ اسين اوھان کان ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھيو تن کان بيزار آھيون، اوھان جا مُنڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ھميشه دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو جيستائين ھڪ الله تي ايمان (نه) آڻيندؤ (ابراھيم جي پيروي چڱي آھي) سواءِ ھن (ڳالھ) جي ته ابراھيم جو پنھنجي پيءُ کي چوڻ ته تولاءِ ضرور بخشش گھرندس ۽ الله کان تولاءِ ڪجھ (ڪري) نه ٿو سگھان، (ابراھيم ۽ سندس ساٿين چيو ته) اي اسان جا پالڻھار توتي ڀروسو ڪيوسون ۽ توڏانھن موٽياسون ۽ تو ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مٿئين ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ) بيشڪ ابراهيم ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا تن (جي طريقي) ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي. جڏهن انهن پنهنجي قوم کي چيو ته، اسين اوهان کان ۽ جن جي اوهين الله کان سواءِ (پيروي) ۽ پرستش ڪريو ٿا، تن کان بيزار آهيون. اسان اوهان (جي عقيدي) جو انڪار ڪيو ۽ اسان ۽ اوهان جو سچ ۾ دشمني ۽ وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو (سو تيستائين رهندو) جيستائين اڪيلي الله کي (نه) مڃيو. پر ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي (صرف ايترو) چوڻ (هو) ته آئون ضرور تو لاءِ معافي گهرندس، توڙي جو آئون تو لاءِ الله جي طرفان ڪنهن شيء جو به اختيار نه نٿو رکان. (جڏهن پڻس ايمان نه آندو تڏهن ابراهيم چيو ته) اي اسان جا پاليندڙ! توتي اسان ڀروسو ڪيو، (تنهنجي هدايت قانون جي صداقت جو اسان کي يقين آهي) ۽ توڏي موٽيا آهيون ۽ (سڀ ڪنهن جو) توڏي ئي موٽڻ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان (مسلمانن) لاءِ سهڻي پيروي آهي (حضرت) ابراهيم جي قولن ۾ ۽ جيڪي مؤمن ساڻن گڏ هئا، جنهن وقت انهن پنهنجي قوم کي چيو بيشڪ اسين توهان کان ۽ توهان جي بتن کان بيزار آهيون جن جي توهان الله کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا، اسين توهان جو انڪار ڪريون ٿا، ۽ توهان ۽ اسان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ بغض پيدا ٿيو آهي ايستائين جو توهان الله تي ايمان آڻيو جيڪو وحدہٗ لا شريڪَ لہٗ آهي، سواءِ ان قول ابراهيم جي جيڪو ان سندس چاچي لاءِ چيو هو ته آئون تنهنجي لاءِ ضرور بخشش طلب ڪندس ۽ آئون الله جي حضور ۾ تو لاءِ ڪنهن شيءِ جو مالڪ ناهيان، اي اسان جا رب اسان تو تي توڪل ڪئي ۽ تو ڏانهن رجوع ٿياسين ۽ تو ڏانهن موٽڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) اوهان لاءِ ته ابراهيم ۽ ان جي ساٿين جي (هلت چلت) جو سٺو نمونو (موجود) آهي جو جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اسين اوهان کان ۽ انهن (بتن) کان جن کي اوهين خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا بيزار آهيون. اسين اوهان جي (دين جا) منڪر آهيون ۽ جيستائين اوهين اڪيلي خدا تي ايمان نه آڻيندو. (تيستائين) اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پڌري دشمني ۽ بغض قائم ٿي ويو. پر (هاءُ) ابراهيم پنهنجي (رسمي) پيءُ کي (البت) هي چيو هو ته آءُ تنهنجي معافي لاءِ دعا ضرور گهرندس ۽ خدا جي اڳيان ته آءُ تنهنجي لاءِ ڪو به اختيار نه ٿو رکان. اي اسان جا پالڻهار (خدا) اسان تو تي ئي ڀروسو ڪيو آهي ۽ تنهنجي ذات ڏي ئي اسين رجوع ڪريون ٿا ۽ تو ڏي ئي (اسين) موٽي اچڻا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق آهي اوهان جي لاءِ نمونو سهڻو ابراهيم ۽ انهن ۾ جيڪي ان سان گڏ هئا جڏهن چيائون پنهنجي قوم کي ته بيشڪ اسين بيزار آهيون اوهان کان ۽ انهن کان جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ انڪار ڪيو اسان اوهان جو ۽ ظاهر ٿي اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ عداوت ۽ بغض هميشہ تانجو ايمان آڻيو الله تي اڪيلو اهو مگر ابراهيم جو چوڻ پنهنجي پيءُ لاءِ ته البته ضرورمغفرت طلب ڪندس تنهنجي لاءِ ۽ نه ٿو مالڪ ٿيان تنهنجي لاءِ الله وٽ ڪجهه به اي اسان جا رب! توتي توڪل ڪئي اسان ۽ تو ڏانهن موٽياسون اسان ۽ تو ڏانهن ئي موٽڻو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ابراهيم ۽جيڪي ان سان گڏ هئا تن (جي ڳالهين) ۾ اوهان لاءِ چٽي پيروي آهي. جڏهن انهن پنهنجيءَ قوم کي چيو ته اسين اوهان کان ۽ جن کي اوهين الله کان سواءِ پوڄيو ٿا، تن کان بيزار آهيون. اسان اوهان (جي عقيدي) جو انڪار ڪيو ۽ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ دشمني ۽ وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو جيستائين اڪيلي الله کي (نه) مڃيو پر ابرآهيم عه جو پنهنجي پيءُ کي چوڻ ته آءُ ضرور تو لاءِ معافي گهرندس توڙي جو آءُ تولاءِ الله جي طرفان ڪنهن شيءِ جو به اختيار نه ٿو رکان (۽ ابرآهيم عه چيو ته) اي اسان جا پاليندڙ! توتي اسان ڀروسو ڪيو ۽ توڏي موٽيا آهيون ۽ توڏي ئي موٽڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان جي لاءِ ابراهيم ۽ ان جي ساٿين ۾ بهترين نمونو آهي، جڏهن انهن پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اسان اوهان کان ۽ جن (بتن) جي اوهين الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا بلڪل بيزار آهيون. اسان اوهان جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ دشمني وير هميشه لاءِ پڌرو ٿي چڪو ايستائين جو اوهان هڪ الله تي ايمان آڻيو“، پر ابراهيم (عليه السلام) جو پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ کي چوڻ ته: ”آءٌ ضرور تو لاءِ معافي گهرندس، توڙي جو آءٌ تو لاءِ الله جي طرفان ڪنهن به شيءِ جو اختيار نه ٿو رکان“. (ابراهيم ۽ سندس ساٿين دعا گھري) ”اي اسان جا پالڻهار اسان تو تي ڀروسو ڪيو ۽ اسان تو ڏانهن موٽيا آهيون ۽ تو ڏانهن ئي موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِبراهيم ۾، پڻ اُن سان جي، اڳوان، سَچ پَچ سُهِڻي پيروِي، پڻ نُڪتو نيڪ نشان، ڪيائون سَندنِ قوم ۾، جڏهن اِهو اِعلان، ته اَسِين اوهان کان آهيون، بيزار بي گمان، پڻ اُنهن کان، جِن اَلله ري، نمو ٿا نادان!، فوراً ڦرياسون اوهان ڪنان، ناتا بَند نِڌان، ۽ ويروروڌ پاڻ ۾، اَڻَهِين ڏِينهن عيان، جيسين اَوهِين اِيمان، آڻيو هِڪ الله تي. مگر اِبراهِيم جو، بابَسِ لئي بيان، ته مَعافِي مڱندسِ تو ڪري، صاحِب، کان سُبحان، ۽ قادِر ربَّ، ڪَرِيم وٽ، ٻِي سَگھ سارِيان ڪانه، تَوَڪَّل رکيوسون تو مَٿي، اي سندمِ رَبَّ، رحمان! ۽ تو هِڪ جاءِ تي، توهيڪ ڏي، موٽياسون مَنان!، ۽ توڏي نيٺ نِڌان، آھِ مِڙوئـِي موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ابراهيم ۽ سندس ساٿين ۾ اوهان لاءِ چڱي پيروي آهي_ جڏهن پنهنجي قوم کي چيائون ”بيشڪ اسين اوهان کان ۽ الله کانسواءِ جن کي پوڄيو ٿا، تن کان بيزار آهيون، اسين اوهان جا منڪر ٿي چڪاسون ۽ اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ وير پڌرو ٿي چڪو، جيسين هڪ الله تي ايمان نه آڻيندا_ سواءِ هن ڳالهه جي، جو ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي چوڻ ته ”تولاءِ ضرور بخشش گهرندس، پر الله کان تو لاءِ ڪجهه به ڪري نٿو سگهان.“ (۽ چيائون) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان توتي ڀروسو رکيو، تو ڏانهن موٽياسون ۽ تو ڏي ئي موٽڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان لاءِ ابراهيم ۽ سندس ساٿين ۾ هڪڙو سهڻو مثال موجود آهي، جو انهن پنهنجيءَ قوم وارن کي کولي چئي ڇڏيو ته "اسان توهان کان ۽ انهن کان جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪريو ٿا بيزار آهيون. اسان توهان جي عقيدي جو انڪار ڪيو ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ هميشه لاءِ دشمني ۽ وير پيدا ٿي پيو آهي، جيستائين توهان هڪڙي الله تي ايمان نه آڻيو"، پر ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي هي چوڻ (ٻي ڳالهه آهي) ته "مان تو لاءِ بخشش جي دعا ضرور گهرندس، باقي الله کان تو لاءِ ڪجهه وٺڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي". (۽ ابراهيم ۽ سندس ساٿين جي دعا اها هئي ته) "اي اسان جا رب! توتي ئي اسان ڀاڙيو آهي ۽ توڏانهن ئي وري آيا آهيون ۽ تنهنجي ئي در موٽي اچڻو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان (ماڻهن) لاءِ هڪ سهڻو مثال موجود آهي ابراهيم جو ۽ (اهي) جيڪي سندس ساٿي هئا، جو صاف چيائون پنهنجي قوم کي، بيشڪ اسان بيزار آهيون توهان کان ۽ انهن کان جن جي توهين پوڄا ڪريو ٿا ڇڏي الله کي، ڪفر ڪيوسين اسان توهان سان ۽ هميشه جي لاءِ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ وير ۽ دشمني ۽ بغض پئجي ويو هميشه جي لاءِ، جيستائين توهان ايمان نه آڻيندؤ الله تي جيڪو اڪيلو آهي، پر هي چوڻ ابراهيم جو پنهنجي پيءُ کي آئون بخشش جي درخواست توهان لاءِ ضرور ڪندس ۽ حاصل ڪرڻ توهان لاءِ الله کان ڪجهه منهنجي وس ۾ ناهي، (ابراهيم جي ساٿين جي دعا هيءَ هئي) اي اسان جا رب! اسان توتي ڀروسو ڪيو ۽ تو ڏانهن ئي اسان موٽياسين ۽ تنهنجي ئي حضور ڏي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ماڻهن جي لاءِ ابراهيم ($) ۽ ان جي ساٿين جي طريقي ۾ بھترين نمونو موجود آهي جڏهن انهن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان الله تعالى کي ڇڏي جن جي پوڄا ڪريو ٿا بيشڪ اسان انهن کان ۽ توهان کان بيزار آهيون. اصل ۾ اسان توهان (جي عقيدي) جا ئي انڪاري آهيون ۽ (اڄ کان) اسان ۽ توهان جي وچ ۾ هميشه رهڻ واري دشمني ۽ نفرت شروع ٿي وئي آهي. (اها ايستائين رهندي) جيستائين توهان هڪ اڪيلي الله تي ايمان نه آڻيندا (باقي ان جو هي عمل پيروي جوڳو نه آهي ته) ابراهيم ($) جو پنھنجي پيءُ کي اهو چوڻ ته مان تنھنجي لاءِ ضرور (الله تعالى کان) معافي گهرندس. حالانڪه مان تنھنجي فائدي لاءِ الله تعالى جي طرفان ڪنھن به شيءِ جو اختيار نٿو رکان. (پوءِ ابراهيم $۽ سندس ساٿين هي دعا گهري ته:) اي اسان جا پالڻھار! اسان توتي ڀروسو ڪيو، توڏي ئي رجوع ڪيو آهي ۽ (هر شيءِ جو) موٽڻ توڏانهن ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا لا تَجعَلنا فِتنَةً لِلَّذينَ كَفَروا وَاغفِر لَنا رَبَّنا إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 5) |
اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪافرن جو زيردست نه ڪر ۽ اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش، ڇوته تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ڪافرن جي زيردست نه ڪر ۽ اسان کي حفاظت ۾ رک. اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون سڀني جي مٿان غالب (۽) حڪمت وارو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب تون اسان کي ڪافرن جي فتني (آزمائش) ۾ نه وجھه ۽ اي اسان جا رب تون اسان کي بخش ڪر، بيشڪ تون غالب حڪمت وارو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي ڪافرن جي آزمائش (جو ذريعو) نه بنائي ۽ پروردگار تون اسان کي معاف ڪر بيشڪ تون غالب ۽ حڪمت وارو آهيم.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! نه بناءِ اسان کي فتنہ انهن جي لاءِ جن ڪفر ڪيو ۽ بخش فرماءِ اسان کي اي اسان جا رب! بيشڪ تون ئي غالب، حڪمت وارو آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ڪافرن جو زيردست نه ڪر ۽ اسان کي معاف ڪر اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار تون اسان کي ڪافرن جي لاءِ آزمائش نه بناءِ ۽ اسان کي بخش، اي اسان جا پالڻهار بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پرور! پَرک اَسان کي، ڪر نه ڪُفارن ڪاڻ، ۽ مَرهيون مِهر ساڻ، آهِين سَٻر سَٻوجھ تون!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! اسان کي ڪافرن لاءِ آزمائش نه بناءِ_ اي اسان جا ڌڻي! اسان کي بخش، بيشڪ تون غالب ۽ ڏاهپ وارو آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسان جا رب! اسانکي ڪافرن جو زيردست نه بڻاءِ ۽ اي اسان جا رب! اسان جي قصورن کان ٽارو ڪر، بيشڪ تون ئي زبردست داناءُ آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان جا رب! نه بنائجان اسان کي فتنو انهن جي لاءِ جيڪي ڪافر آهن ۽ معاف ڪر اسان کي اي اسان جا رب! بيشڪ تون ئي ڏاڍو ۽ داناءُ آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ڪافرن جي لاءِ آزمائش نه بنائجانءِ ۽ اي اسان جا پالڻھار! اسان کي معاف فرماءِ. بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد كانَ لَكُم فيهِم أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 6) |
بيشڪ انھيءَ (مٿينءَ) جماعت ۾ چڱي پيروي اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي لقاءَ) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواھ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ ان (ابراهيمي) جماعت ۾ اوهان مان جيڪو الله (جي قربت) ۽ قيامت جي ڏينهن (اچڻ) جي اميد رکي ٿو، ان لاءِ چڱي پيروي آهي. ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله (انسانن جي مڃتا جو محتاج ڪونهي، هو) بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق توهان لاءِ انهن ۾ سهڻي پيروي هئي اهڙي ماڻهو لاءِ جيڪو الله تعالى ۽ قيامت ۾ اميد رکي ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو (ان کان) مُنهن موڙي ٿو پوءِ بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) انهن ماڻهن جي (افعال) جو اوهان لاءِ جي خدا ۽ ڏينهن قيامت جي اميد رکي ٿو سٺو نمونو آهي ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته خدا بيپرواھ ساراهيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق آهي اوهان جي لاءِ انهن ۾ نمونو سهڻو ان جي لاءِ جيڪو اميد رکي ٿو الله ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن ۾ ۽ جيڪو منهن موڙيندو پوءِ بيشڪ الله اهو ئي شاهوڪار، ساراهيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان (مٿين) جماعت ۾ اوهان مان ان لاءِ جو الله (جي ثواب) ۽ قيامت جي ڏينهن (اچڻ) جي اميد رکي ٿو چٽي پيروي آهي. ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله ئي بي پرواه سارآهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان لاءِ انهن ۾ سهڻو نمونو (۽ بهترين پيروي) آهي، هر ان ماڻهو لاءِ جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکي ٿو. ۽ جيڪو مُنهن موڙيندو ته پوءِ بيشڪ الله اُهو ئي بي پرواهه ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اوهان لئي اُن ۾، سَچ پَچ سُهڻِي پَر، اَلله ۽ آخِر ڏِينهن ۾، جي رکن آس اَپر، ۽ ڦِريل ڪو ڦِرندو، ته پاڪ ڌَڻِي پَروَر، آهي توڙان تونگر، پڻ سَدا ساراهِيل گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهن ۾ توهان لاءِ سٺو طريقو آهي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکندڙ آهي_ ۽ جيڪو منهن موڙيندو، ته بيشڪ الله سڀ کان بي پرواهه ساراهيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ئي ماڻهن جي هلت ۾ توهان لاءِ هڪڙو سهڻو مثال موجود آهي، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏينهن جي اميد رکندو هجي. ان کان جنهن منهن ڦيريو ته پوءِ الله بي نياز ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهن ئي ماڻهن جي عمل ۾ توهان لاءِ هر ان شخص لاءِ سٺو نمونو آهي جيڪو هجي اميدوار الله ۽ ڏينهن قيامت جو، ۽ ان کان (جي) ڪو منهن موڙيندو ته بيشڪ الله بي نياز ۽ پنهنجي ذات ۾ ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن جي اچڻ جي اميد رکي ٿو ته ان لاءِ انهن ماڻهن (يعني ابراهيم $۽ سندس ساٿين) جي طريقي ۾ سھڻو نمونو موجود آهي پوءِ جيڪو ماڻهو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله تعالى بي پرواهه تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَسَى اللَّهُ أَن يَجعَلَ بَينَكُم وَبَينَ الَّذينَ عادَيتُم مِنهُم مَوَدَّةً وَاللَّهُ قَديرٌ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 7) |
ويجھو آھي ته الله اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري جن سان انھن منجھان دشمني رکي اٿوَ، ۽ الله سگھارو آھي، ۽ الله بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اميد آهي ته الله اوهان ۽ انهن جي وچ ۾، جن سان اوهان دشمني رکي آهي، دوستي پيدا ڪري ڏي ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قريب آهي جو الله تعالى توهان جي ۽ توهان جي دشمنن جي وچ ۾ دوستي ڪرائي ڇڏي، ۽ الله قادر آهي، ۽ الله غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جلد ئي خدا توهان ۽ انهن ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڇڏي خدا ته قادر آهي ۽ خدا وڏو معاف ڪندڙ مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهو آهي ته الله پيدا ڪري اوهان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان دشمني رکي اَٿوَ دوستي ۽ الله قادر آهي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اميد آهي ته الله اوهان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڏئي. ۽ الله ڪري سگهي ٿو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قريب آهي جو الله اوهان جي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان اوهان دشمني رکي آهي دوستي پيدا ڪري ڇڏي. ۽ الله سگھه وارو آهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوڏو آھِ اَللهَ، ته جِن کي، دُشمن ڌاريو، اوهان ۽ اُنهن وِچ ۾، ڪري قُرب جو ٺاھ، ۽ صاحِب وَڏِئَ سَگھ جو، اَلله تعالىٰ آھ، ۽ ڏيہ کي ڏوه گُناھ، مَرِهيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٿي سگهي ٿو؛ جو الله اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي پيدا ڪري، جن سان انهن مان دشمني رکي اٿوَ، الله سگهارو آهي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٿي سگهي ٿو ته الله ڪنهن وقت توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ جن سان توهان جي دشمني آهي، محبت پيدا ڪري ڇڏي. الله وڏي سگهه وارو آهي ۽ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين ٿي سگهي ٿو ته الله ڪڏهن پيدا ڪري توهان جي ۽ وچ ۾ انهن ماڻهن جي، دشمني رکي آهي جن سان دوستي، ۽ الله وڏي قدرت رکي ٿو، ۽ الله غفور رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اميد آهي ته الله تعالى توهان جي ۽ جن سان توهان (الله تعالى ڪارڻ) دشمني رکي آهي تن جي دلين ۾ (اڳتي هلي ڪري) محبت پيد اڪري ڇڏي ۽ الله تعالى (هر شيءِ تي) قدرت رکندڙ آهي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ لَم يُقٰتِلوكُم فِى الدّينِ وَلَم يُخرِجوكُم مِن دِيٰرِكُم أَن تَبَرّوهُم وَتُقسِطوا إِلَيهِم إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُقسِطينَ (آيت : 8) |
الله اوھان کي انھن (سان ڳنڍڻ) کان نٿو جھلي جن اوھان سان دين (جي ڳالھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نڪي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي (۽ ھن ڳالھ کان به نٿو جھلي) ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله اوهان کي انهن کان نٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته (انهيءَ صورت ۾) اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي پيارو رکي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو دين ۾ توهان سان نٿا وڙهن ۽ انهن توهان کي پنهنجي گھرن مان نه ڪڍيو، الله تعالى توهان کي اهڙن ماڻهن سان احسان ۽ انصاف ڪرڻ جي منع نٿو فرمائي، بيشڪ الله تعالى انصاف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو اوهان سان نه دين جي باري ۾ وڙهيا ۽ نه انهن اوهان کي اوهان جي گهرن مان لڏايو انهن سان ڀلائي ڪرڻ ۽ انهن سان انصاف ڪرڻ سان پيش اچڻ لاءِ خدا اوهان کي نه ٿو جهلي. بيشڪ خدا ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو روڪي اوهان کي الله انهن کان جو نه جنگ ڪيائون اوهان سان دين ۾ ۽ نه ڪڍيائون اوهان کي اوهان جي گهرن مان ته نيڪي ڪيو انهن سان ۽ انصاف ڪيو انهن سان بيشڪ الله محبت رکي ٿو انصاف ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪڍيائون جو اوهان انهن سان ڀلائي جو سلوڪ ڪيو ۽ انهن سان انصاف جو برتاءُ ڪيو. بيشڪ الله انصاف وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان کي اُنهن ڪنان، جَھلي نٿو جَبّار، جي اوهان سان دِين ۾، نه وِڙهيا ڪِهِين وار، نه اوهان کي اُنهن ڪيو، پنهنجي ديسان ڌار، ته ساڻنِ صِلو ڳنڊيو، لهونِ سار سَنڀار، پڻ عَدل ڪريو اُنهن سان، ڪو اِنصافِي آچار، ڪري پاڻ پيار، آگو اِنصافِيَن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن شخصن اوهان سان دين ۾ نه جنگ ڪئي آهي ۽ نڪي اوهان جي گهرن مان اوهان کي ٻاهر ڪڍيو آهي، تن سان احسان ڪرڻ ۽ ساڻن انصاف ڪرڻ کان الله اوهان کي نٿو روڪي_ بيشڪ الله انصاف ڪندڙن سان محبت ٿو رکي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان کي انهن ماڻهن سان نيڪيءَ ۽ انصاف سان هلڻ کان نٿو روڪي، جن دين جي معاملي ۾ توهان سان جنگ نه ڪئي آهي ۽ نه توهان کي توهانجي گهرن مان ڪڍيو اٿن. بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿو روڪي توهان کي الله انهن ماڻهن کان جن نه ڪئي آهي جنگ توهان سان دين جي معاملي ۾ ۽ نه ڪڍيو آهي توهان کي توهان جي گهرن مان، ته نيڪي ڪريو ۽ انصاف جو ورتاءُ ڪريو انهن سان، بيشڪ الله پسند ڪري ٿو انصاف ڪرڻ وارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو توهان سان دين جي معاملي ۾ نه وڙهيا آهن، نه ئي توهان کي پنھنجي گهرن مان ڪڍيو آهي الله تعالى انهن سان ڀلائي ۽ انصاف ڪرڻ کان توهان کي منع نٿو ڪري. بيشڪ الله تعالى انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما يَنهىٰكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذينَ قٰتَلوكُم فِى الدّينِ وَأَخرَجوكُم مِن دِيٰرِكُم وَظٰهَروا عَلىٰ إِخراجِكُم أَن تَوَلَّوهُم وَمَن يَتَوَلَّهُم فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 9) |
الله اوھان کي رڳو انھن (سان ڳنڍڻ) کان جھلي ٿو جن اوھان سان دين بابت ويڙھ ڪئي ۽ اوھان کي اوھان جي گھرن مان ڪڍيو آھي ۽ اوھان جي ڪڍڻ ۾ (ٻـين جي) مدد ڪئي آھي (ھن کان منع ڪري ٿو) ته ساڻن دوستي رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي ظالم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته (ان صورت ۾) اوهين انهن سان دوستي نه رکو، ۽ جيڪي ساڻن دوست رکندا سي ئي (مسلمانن سان) زيادتي ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو دين ۾ توهان سان وڙهن ٿا ۽ انهن توهان کي توهان جي گھرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ توهان جي ڪڍڻ لاءِ انهن مدد ڪئي الله تعالى فقط اهڙن ماڻهن سان دوستيءَ جي توهان کي منع فرمائي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو انهن سان دوستي رکندو پوءِ اهي ئي ظالم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا رڳو اوهان کي انهن ماڻهن سان دوستي رکڻ کان روڪي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ (انهن جي) مدد ڪئي ۽ جيڪي انهن سان دوستي رکندا سي ئي ظالم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ روڪي ٿو اوهان کي الله انهن کان جن جنگ ڪئي اوهان سان دين (جي معاملي) ۾ ۽ ڪڍيائون اوهان کي اوهان جي گهرن مان ۽ مدد ڪيائون اوهان جي ڪڍڻ تي ته دوستي رکو انهن سان ۽ جيڪو دوستي رکندو انهن سان پوءِ اهيئي ظالم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽اوهان کي پنهنجن گهر ن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته اوهين انهن سان دوستي رکو. ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا سي ئي (مسلمانن تي) ظلم ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله رڳو اوهان کي انهن سان دوستي رکڻ کان روڪي ٿو، جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ توهان کي پنهنجي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪيائون ۽ جيڪو انهن سان دوستي رکندو پوءِ اُهي ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي رڳو اُنهن ڪنان، جَھلي ٿو جَبَّار، جي لڙيا اوهان سان دِين ۾، پڻ ڪيونيان ديسان ڌار، ۽ ڪيون اَهنجي ڪَڍڻ تي، ويرين سان وَهار، هِن کان ته ڌاريو دوست تِن، ۽ جوڌارينِ دوست دار، پوءِ اُهي اِهڙي پار، آهِن هاڃيڪار، هڏهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله فقط انهن سان دوستي رکڻ کان اوهان کي منع ڪري ٿو، جن شخصن اوهان سان دين بابت جنگ ڪئي، اوهان کي اوهان جي گهرن مان ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ ٻين جي مدد ڪئي_ جيڪي انهن سان دوستي رکندا، سي ئي ظالم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته توهان کي فقط انهن ماڻهن سان دوستي ڪرڻ کان روڪي ٿو، جن دين جي معاملي ۾ توهان سان جنگ ڪئي آهي ۽ توهان کي توهان جي گهرن کان ڪڍي ڇڏيو اٿن ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي اٿن. انهن سان جيڪي دوستي ڪن، سي ئي ظالم آهن(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جنهن ڳالهه کان روڪي ٿو الله توهان کي جن توهان سان جنگ ڪئي دين جي باري ۾ ۽ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي توهان کي پنهنجي گهرن مان ۽ مدد ڪئي هڪ ٻئي جي توهان جي ڪڍڻ ۾ ته انهن سان دوستي ڪريو، ۽ جيڪي انهن سان دوستي رکندا ته پوءِ اهي ئي ظالم آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ته توهان کي رڳو اهڙن ماڻهن سان دوستي رکڻ کان جهلي ٿو جيڪي توهان سان دين جي معاملي ۾ وڙهيا آهن، توهان کي پنھنجي گهرن مان ڪڍيو آهي ۽ توهان جي ڪڍڻ ۾ (ٻين ماڻهن سان) هٿ ونڊايو آهي جيڪڏهن ڪير انهن سان دوستي رکي ته اهي ئي ظالم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا جاءَكُمُ المُؤمِنٰتُ مُهٰجِرٰتٍ فَامتَحِنوهُنَّ اللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِهِنَّ فَإِن عَلِمتُموهُنَّ مُؤمِنٰتٍ فَلا تَرجِعوهُنَّ إِلَى الكُفّارِ لا هُنَّ حِلٌّ لَهُم وَلا هُم يَحِلّونَ لَهُنَّ وَءاتوهُم ما أَنفَقوا وَلا جُناحَ عَلَيكُم أَن تَنكِحوهُنَّ إِذا ءاتَيتُموهُنَّ أُجورَهُنَّ وَلا تُمسِكوا بِعِصَمِ الكَوافِرِ وَسـَٔلوا ما أَنفَقتُم وَليَسـَٔلوا ما أَنفَقوا ذٰلِكُم حُكمُ اللَّهِ يَحكُمُ بَينَكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 10) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن تڏھن کين جانچيو، الله انھن جي ايمان کي چڱو ڄاڻندڙ آھي، پوءِ جيڪڏھن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو ته انھن کي ڪافرن ڏانھن موٽائي نه موڪليو، نڪي اُھي (مُسلمان زالون) اُنھن (جي مڙسن ڪافرن) کي حلال آھن ۽ نڪي اُھي (ڪافر مڙس) انھن (مسلمان زالن) کي حلال آھن، ۽ جيڪي (ڪابين بابت) خرچ ڪيائون سو اُنھن مڙسن کي ڏيو، ۽ جڏھن کين سندن ڪابين ڏيو ته انھن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوھان تي (ڪو) گناھ نه آھي، ۽ پاڻ وٽ نه جھليو ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي (به) ۽ جيڪي اوھان (پنھنجين زالن تي ڪابين) خرچ ڪيو سو جڳائي ته انھن کان گھرو ۽ جيڪي انھن (ڪافرن) پنھنجين زالن تي خرچ ڪيو سو ڀلي ته اُھي (اوھان کان) گھرن، اھو الله جو حُڪم آھي، جو اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان وٽ ايمان واريون زالون لڏي اچن ته انهن (جي ايمان) کي جاچيو، الله ته انهن جي ايمان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي، (پر اوهان جي لاءِ تحقيق ڪرڻ ضروري آهي). پوءِ جيڪڏهن (تحقيق مان) اوهان کي معلوم ٿئي ته اهي ايمان واريون آهن ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو، نه اهي (مسلمان زالون) انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اهي (ڪافر مرد) هنن لاءِ حلال ٿيندا. ۽ جو ڪجهه انهن (ڪافر مردن شاديءَ جي سلسلي ۾) خرچ ڪيو هجي سو کين موٽائي ڏيو ۽ (بعد ۾) اوهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪجهه به گناه نه آهي، جڏهن جو اوهين کين سندن مهر ڏيو ۽ ڪافر زالن (جن ايمان نه آندو آهي تن) جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو ۽ جيڪو اوهان (شاديءَ جي سلسلي ۾) خرچ ڪيو هجي سو گهري وٺو ۽ جو انهن (ڪافرن) خرچ ڪيو هجي (زالن جي مسلمان ٿي لڏي اچڻ تي) سو اهي گهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي، الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو ۽ (اختلافي معاملا ان جي حڪمن مطابق حل ڪيو، ڇاڪاڻ ته) الله علم (۽) حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو جڏهن توهان وٽ مؤمن عورتون (ڪافرن وٽان) هجرت ڪري اچن پوءِ توهان انهن جو امتحان وٺو، الله تعالى انهن جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن کي مؤمن معلوم ڪريو پوءِ توهان انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو، اهي ڪافرن لاءِ حلال ناهن ۽ نه اهي ڪافر انهن لاءِ حلال آهن، ۽ توهان انهن جي مڙسن کي ڏيو جيڪو انهن خرچ ڪيو آهي ۽ توهان (مؤمنن) تي ڪو گناه ڪونهي جو توهان انهن عورتن سان نڪاح ڪريو جڏهن ته کين سندن مَهرون ادا ڪريو، ۽ ڪافر عورت جي نڪاح تي مضبوط نه ٿيو ۽ توهان انهن کان گھرو جيڪو توهان خرچ ڪيو ۽ اهي (ڪافر) توهان کان گھُرن جيڪو انهن خرچ ڪيو، اهو توهان لاءِ الله جو حڪم آهي، اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هميشه ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهان ڏي ايماندار عورتون وطن ڇڏي اچن ته اوهين انهن کي آزمايو خدا ته سندن ڪردار کان واقف آهي ئي. پوءِ جيڪڏهن اوهين به کين ايماندار سمجهو ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو (ڇو ته) نه اهي زالون انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اهي ڪافر انهن زالن لاءِ حلال آهن ۽ انهن ڪافرن جيڪي (انهن زالن جي مهر ۾) خرچ ڪيو هجي سو انهن کي ڏيو. پوءِ جڏهن انهن زالن جو کين مهر ڏيو ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي جو اوهين تن سان نڪاح ڪريو ۽ ڪافر عورتن جي آبرو (جي اوهان جون زالون آهن) پنهنجي وس ۾ نه رکو (ڇڏي ڏيو ته ڀلي وڃي ڪافرن سان ملن) ۽ اوهان جو ڪجھ (انهن تي) خرچ ڪيو هجي (سو ڪافرن کان) گهري وٺو ۽ انهن به جيڪي خرچ ڪيو هجي (اهو اوهان کان) گهري وٺن اهو ئي خدا جو حڪم آهي جو خدا اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ خدا وڏو واقف ڪار (۽) حڪيم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! جڏهن اچن اوهان وٽ مؤمن عورتون هجرت ڪندڙ پوءِ آزمايو انهن کي الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي انهن جي ايمان کي پوءِ جيڪڏهن ڄاڻو انهن کي مؤمنياڻيون پوءِ نه موٽايوانهن کي ڪافرن ڏانهن نه اهي حلال آهن انهن جي لاءِ ۽ نه اهي (مرد) حلال آهن انهن (عورتن) جي لاءِ ۽ ڏيو انهن کي جيڪي خرچ ڪيائون ۽ ناهي ڪو گناهه اوهان تي هي ته نڪاح ڪيو انهن سان جڏهن ڏنا اوهان انهن کي مهر انهن جا ۽ نه چنبڙي پئو ڪافرياڻين جي نڪاح سان ۽ گهرو جيڪي خرچ ڪيو اوهان ۽ ڀلي گهرن جيڪو خرچ ڪيائون اهو الله جو حڪم آهي حڪم ڪري ٿو اوهان ۾ الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان وٽ ايمان واريون عورتون لڏي اچن ته انهن (جي ايمان) کي جاچيو. الله انهن جي ايمان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي . پوءِ جيڪڏهن اوهان کي معلوم ٿئي ته اهي ايمان واريون آهن ته انهن کي ڪافرن ڏي نه موٽايو. نه اُهي (مسلمان عورتون) انهن لاءِ حلال آهن ۽ نه اُهي (ڪافر مرد) هنن لاءِ حلال ٿيندا. ۽ جو ڪجهه انهن (ڪافر مردن) خرچ ڪيو هجي سو کين ڏيو. ۽ اوهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪجهه به گناه نه آهي جڏهن اوهين کين سندن مهر ڏيو. ۽ ڪافر زالن جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو ۽ جيڪو اوهان خرچ ڪيو هجي سو گهري وٺو ۽ جو انهن خرچ ڪيو هجي سو اُهي گهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي. الله اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله علم وارو (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان وٽ ايمان واريون عورتون هجرت ڪري اچن ته توهان انهن جي (مؤمن هجڻ جي) جانچ ڪيو. الله انهن جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. پوءِ اگر اوهان کي انهن جي مؤمن هجڻ جو يقين ٿئي ته انهن کي ڪافرن ڏانهن نه موٽايو. نه اُهي (مؤمنياڻيون) انهن (ڪافرن) لاءِ حلال آهن ۽ نه اُهي (ڪافر) هنن لاءِ حلال آهن. ۽ انهن (ڪافر مردن) جيڪو (مال انهن تي بطور مهر) خرچ ڪيو هجي سو کين ادا ڪيو. ۽ توهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه گناهه نه آهي، جڏهن توهان کين سندن حق مهر ادا ڪري ڏيو، ۽ (اي مسلمانو!) ڪافر عورتن جي عزت پنهنجي قبضي ۾ نه رکو (يعني پنهنجي نڪاح ۾ نه رکو) ۽ توهان جيڪو خرچ ڪيو هجي سو گُهري وٺو، ۽ جو انهن خرچ ڪيو هجي سو اُهي گُهري وٺن. اهو الله جو حڪم آهي. اُهو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اچن اوهان ڏي مُؤمِنو! جڏهن ڇڏي ماڳ مَڪان، عورتون اَشراف سي، آندو جِن اِيمان، اوهين وَٺو اُنهن کان، اوّل اِمتحان، آهي سَندنِ ايمان کي، سَمجھندڙ سُبحان، پوءِ جي صَحِي کين سَمجھيان، مُؤمن مُسلمان، ته وَرِي نَه اُنهن کي واريو، ڪڏهن ڏُونہ ڪُفران، هِي نه حَلال اُنهن مَٿي، ۽ نه لائـِق هُو لاڪانِ، ۽ جو ڏِنـائون ڏان، سو واري وَرن کي ڏِيو. ۽ جي پَرڻيون، ته پاپ نه ڪو اوهان تي، اَمِين!، مَهر مُقرّر اُنهن جِي، جڏهن ڪيڻنِ ڏِنان ڪابِين، ۽ ڪافِرياڻيَن جو ڪِين، پَڪريو پانڌ نِڪاح جو. ۽ خَرچ اُڳاڙِيو اُنهن ڪنان، جو ڪيان تِن ڪاڻ، ۽ هُنن پڻ ڏِنو جو ڏاڻ، اُهو ا ُڳاڙينِ اوهان ڪنان. اِهو اَوهان وِچ فيصلو، ڪري ٿو ڪلتار، ۽ سائـِين سَمجھندار، پڻ پُورو آهي پارکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! جڏهن اوهان وٽ مؤمنياڻيون وطن ڇڏي اچن، تڏهن کين جاچيو، الله انهن جي ايمان کي چڱو ڄاڻنيدڙ آهي_ پوءِ جيڪڏهن کين مؤمنياڻيون ڄاڻو، ته انهن کي ڪافرن ڏانهن موٽائي نه موڪليو_ اُهي ڪافرن لاءِ حلال ناهن ۽ نڪي ڪافر انهن لاءِ حلال آهن_ ۽ جيڪو خرچ ڪيائون، سو انهن مڙسن کي ڏيو ۽ جڏهن کين سندن مهر ڏيو، ته انهن جي نڪاح ڪرڻ ۾ اوهان تي گناهه نه آهي_ ۽ اوهين به ڪافرياڻين جي لاڳاپن کي پاڻ وٽ نه روڪيو ۽ جيڪو اوهان خرچ ڪيو، سو ڀلي انهن کان گهرو ۽ جيڪي هنن خرچ ڪيو، سو به ڀل اوهان کان گهرن، اهو الله جو حڪم آهي، جو اوهان جي وچ ۾ فيصلو ٿو ڪري ۽ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن مؤمن عورتون هجرت ڪري توهان وٽ اچن ته (انهن جي مؤمن هجڻ جي) جاچ ڪريو. باقي سندن ايمان جي اصل حقيقت ته الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو. پوءِ جڏهن توهان کي پتو پئجي وڃي ته اهي مؤمن آهن ته انهن کي ڪافرن ڏانهن موٽائي نه موڪليو، نڪي اهي ڪافرن لاءِ حلال آهن ۽ نه ڪافر انهن لاءِ حلال آهن. سندن ڪافر مڙسن جيڪي مــَـهر کين ڏنا هئا، سي انهن کي واپس ڪريو ۽ ساڻن نڪاح ڪرڻ ۾ توهان تي ڪوبه گناهه ڪونهي، جڏهن توهان سندن مــَـهر کين ڏئي ڇڏيو ۽ توهان پاڻ به ڪافر عورتن کي نڪاح ۾ نه جهليو. جيڪي مــَـهر توهان پنهنجي ڪافر زالن کي ڏنا هئا، سي توهان موٽائي وٺو ۽ جيڪي مهر ڪافرن (پنهنجي مسلمان زالن کي) ڏنا هئا، سي اهي واپس وٺن. اهو الله جو حڪم آهي، هو توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو ۽ هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن آندو آهي ايمان! جڏهن اچن توهان وٽ مؤمنياڻيون هجرت ڪري ته انهن جي جاچ ڪريو (مؤمن هئڻ جي) الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو انهن جي ايمان جي حقيقت، پوءِ جڏهن معلوم ٿي وڃي توهان کي ته اهي مؤمنياڻيون آهن، ته انهن کي موٽايو نه ڪافرن ڏانهن، نه اهي حلال آهن ڪافرن لاءِ ۽ نه ڪافر حلال آهن انهن لاءِ، ۽ جن ڪافر (مڙسن) کين جيڪو (حق مهر) ڏنو سو موٽائي ڏيو، ۽ ناهي ڪو گناهه توهان تي انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ جڏهن ته توهان ادا ڪريو انهن جا حق مهر، ۽ نه روڪي رکو توهان پنهنجي نڪاح ۾ ڪافر عورتن کي، ۽ ڀلي گهرو توهان واپس پنهنجا ڏنل مهر ۽ ڀلي واپس گهرن ڪافر مهر جيڪي انهن ڏنا هئا. اهو توهان لاءِ حڪم آهي الله جو، اهو فيصلو ڪري ٿو توهان جي وچ ۾، ۽ الله ڄاڻندڙ ۽ وڏو داناءُ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان وٽ مؤمن عورتون هجرت ڪري (مديني) اچن ته پھريائين انهن جي (ايمان جي) جانچ وٺندا ڪريو. الله تعالى کي ته انهن جي ايمان جي خوب خبر آهي. پوءِ جيڪڏهن جانچ ۾ توهان کي انهن جي مؤمنياڻي هجڻ جو يقين ٿي وڃي ته پوءِ انهن کي ڪافرن ڏانھن نه موٽايو (هاڻي هي عورتون) نه انهن ڪافرن لاءِ حلال آهن ۽ نه ئي ڪافر ماڻهو انهن مؤمنياڻين لاءِ حلال آهن، ۽ توهان انهن ڪافر مڙسن کي انهن جا حق مھر واپس ڪري ڇڏيو. هاڻي (توهان مؤمنن تي) انهن سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه گناهه نه آهي. پر انهن کي حق مھر(ضرور) ادا ڪريو ۽ توهان به پنھنجي ڪافر گهر وارين کي پاڻ وٽ نه روڪي رکو ۽ کين (پنهنجو) ڏنل حق مھر واپس وٺو. ۽ ڪافر مڙس به مسلمان ٿيندڙ گهر وارين جا حق مھر واپس وٺن. الله تعالى جو اهوئي حڪم آهي، اهو ئي توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ٿو. ۽ الله تعالى وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن فاتَكُم شَيءٌ مِن أَزوٰجِكُم إِلَى الكُفّارِ فَعاقَبتُم فَـٔاتُوا الَّذينَ ذَهَبَت أَزوٰجُهُم مِثلَ ما أَنفَقوا وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى أَنتُم بِهِ مُؤمِنونَ (آيت : 11) |
۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي پوءِ (ڪافرن کي) ايذايو ته جن جون زالون ويئون ھجن تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو جيترو انھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جو جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان کا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏي وڃي (۽ اهي شاديءَ جا خرچ ادا نه ڪن ته) پوءِ اوهان جي سزا ڏيڻ جو وارو اچي (۽ مال غنيمت ملي) ته جن جون زالون ويون هجن انهن کي (ان مان) ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو هجي، ۽ (ڏسو زياتي نه ڪجو) ان الله کان ڊڄو جنهن کي اوهين مڃيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان جي هٿ مان ڪجھه عورتون (ڪنهن سبب جي ڪري) ڪافرن ڏانهن نڪر ي وڃن پوءِ توهان انهن کي سزا ڏيو پوءِ جن ماڻهن جون گھر واريون ويون آهن، انهن کي (مالِ غنيمت مان) ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو آهي، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو جنهن تي توهان يقين رکندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا زال اوهان جي هٿ مان نڪري ڪافرن ڏي هلي وڃي ۽ (خرچ نه ملي) ۽ اوهين (انهن ڪافرن سان) وڙهيو ۽ کين ڦريو ته (غنيمت مان) جن جون زالون هليون ويون آهن تن کي ايترو ڏيو جيترو سندس خرچ ٿيو آهي ۽ جنهن خدا تي اوهان ايمان آندو آهي ان کان ڊڄندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ويون اوهان کان ڪجهه اوهان جي زالن مان ڪافرن ڏانهن پوءِ سزا ڏيو پوءِ ادا ڪيو انهن کي جو ويون زالون انهن جون ان جيترو جيڪو خرچ ڪيائون ۽ ڊڄو الله کان جو اوهان ان تي ايمان آڻيندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهانجن زالن مان ڪا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏي وڃي پوءِ اوهان جي سزا ڏيڻ جو وارو اچي ته جن جون زالون ويون هجن انهن کي ايترو ڏيو جيترو انهن خرچ ڪيو هجي. ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن کي اوهين مڃيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا اوهان جي هٿ کان نڪري ڪافرن ڏانهن وڃي پوءِ توهان ڪافرن کي (بطور جنگ) سزا ڏيو، پوءِ (اوهان کي مالِ غنيمت ملي ته) جن جون زالون ويون هيون (غنيمت جي مال مان) انهن کي ايترو ڏيو جيڪو انهن خرچ ڪيو هيو. ۽ الله کان ڊڄو جنهن تي توهان ايمان رکڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اوهان جي جوين مان، ڪا ويئـِي وڃڻ کي ڳالھ، پوءِ اوهان وَرسون وارِيون، فتح ڪيان فِى الحال، ته وِيئون وَنيون جِن جون، تِن ڀَري ڏِيو بحال، وِهانءَ ويلي خرچيو، مَردن جِھڙو مال، اُنهِئَ پاڪ اَلله جو، رَکو خوف خيال، جِنهن هادِئَ جا هَر حال، آڻ مَڃِيندڙ آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اوهان جي زالن مان ڪا ڪافرن ڏانهن ويئي هجي، پوءِ اوهان (ڪافرن تي) سوڀ ڪئي، ته جن جون زالون ويون هجن تن کي اوترو ڏين، جيترو انهن خرچ ڪيو هو، ۽ انهي الله کان ڊڄو، جنهن تي اوهين ايمان آڻيندڙ آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان جي ڪافر زالن جي مهرن مان ڪجهه توهان کي ڪافرن کان واپس نه ملي ۽ پوءِ توهان جو وارو اچي ته انهن ماڻهن کي جن جون زالون اُتي رهجي ويون آهن، اوتري رقم ڏئي ڇڏيو، جيتري سندن ڏنل مهرن جي آهي ۽ انهيءَ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن تي توهان ايمان آندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن رهجي وڃي ڪا شيءِ توهان جي زالن جي مهرن جي ڪافرن ڏانهن، (جن جون زالون رهجي ويون توهان وٽ) ته توهان به ايترو ڏيو (مهر) انهن جي زالن کي جيترو انهن ڏنو هو، ۽ ڊڄندا رهو الله کان جنهن تي توهان آندو آهي ايمان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان کي پنھنجي ڪافر گهر وارين جا حق مھر واپس نه مليا آهن ته پوءِ جيڪي عورتون هجرت ڪري توهان وٽ پھچن ته اُنهن جا حق مھر ڪافر مڙسن کي نه ڏيو بلڪه جن ماڻهن کي ڪافر گهر وارين جا حق مھر واپس نه مليا آهن انهن جي مسلمان مڙسن کي اوترو مهر ادا ڪريو، جيترو انهن ڪافر گهر وارين جو حق مھر مقرر ڪيو ويو هو. ۽ اُن الله کان ڊڄو جنھن تي توهان ايمان آندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِذا جاءَكَ المُؤمِنٰتُ يُبايِعنَكَ عَلىٰ أَن لا يُشرِكنَ بِاللَّهِ شَيـًٔا وَلا يَسرِقنَ وَلا يَزنينَ وَلا يَقتُلنَ أَولٰدَهُنَّ وَلا يَأتينَ بِبُهتٰنٍ يَفتَرينَهُ بَينَ أَيديهِنَّ وَأَرجُلِهِنَّ وَلا يَعصينَكَ فى مَعروفٍ فَبايِعهُنَّ وَاستَغفِر لَهُنَّ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي پيغمبر جڏھن تو وٽ مؤمن زالون اچن ھن (شرط) تي ته توسان بيعت ڪن ته ڪنھن کي الله سان شريڪ مُقرّر نه ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تڏھن سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي! جڏهن مومن عورتون (هجرت ڪري) تو وٽ اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيء کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون، نه زنا ڪنديون، نه پنهنجن ٻچن کي ڪهنديون، نه پنهنجن هٿن ۽ پيرن سان (ديده دانسته) تهمت ٺاهي ڪنهن تي هڻنديون ۽ نه ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر. ۽ انهن کي الله جي حفاظت واري نظام ۾ آڻ! بيشڪ الله (ان نظام هيٺ سڀني کي) حفاظت ۾ وٺندڙ نهايت رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي سچا نبي جنهن وقت توهان وٽ مؤمن عورتون اچن (۽) ان ڳالهه تي بيعت ڪن ته اهي الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ نه ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه بدڪاري ڪنديون ۽ نه اهي پنهنجي اولادن کي قتل ڪنديون ۽ نه اهي بُهتان آڻينديون جنهنکي پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان گھڙين ٿيون، ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ توهان جي بي فرماني نه ڪنديون، پوءِ توهان انهن عورت سان بيعت ڪريو ۽ توهان الله کان انهن لاءِ بخشش طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول جڏهن اوهان وٽ ايماندار زالون اوهان سان هن ڳالھ تي بيعت ڪرڻ اچن ته اهي نه ڪنهن کي خدا جو شريڪ بنائينديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي ماري ڇڏينديون ۽ نه پنهنجن هٿن پيرن جي اڳيان ڪو به بهتان (پٽ جو مڙس تي) گهڙي آنينديون ۽ نه ڪنهن نيڪ ڪم ۾ اوهان جي نافرماني ڪنديون ته اوهين تن کان بيعت وٺي ڇڏيو ۽ خدا کان انهن جي معافيءَ لاءِ دعائون گهرو. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي نبي! جڏهن اچن تو وٽ ايمان آڻڻ واريون بيعت ڪن ٿيون تنهنجي هن تي ته نه شريڪ ڪنديون الله سان ڪا شيءِ ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه قتل ڪنديون پنهنجو اولاد ۽ نه آڻينديون بهتان جو ٺاهين ان کي پنهنجن هٿن ۽ پنهنجن پيرن ۾ ۽ نه بي فرماني ڪنديون تنهنجي ڀلي ڪم ۾ پوءِ بيعت وٺ انهن کان ۽ مغفرت طلب ڪر انهن لاءِ الله کان بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي ﷺ! جڏهن تو وٽ ايمان واريون زالون اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه زنا ڪنديون ۽ نه پنهنجن ٻچن کي ڪُهنديون ۽ نه پنهنجن هٿن۽ پيرن سان تهمت ٺاهي ڪنهن تي هڻنديون. ۽ نه ڪنهن چٽي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر! ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر! بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! جڏهن تو وٽ ايمان واريون عورتون اچي هن ڳالهه تي بيعت ڪن ته نه الله سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ ڪنديون ۽ نه چوري ڪنديون ۽ نه بدڪاري ڪنديون ۽ نه پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون ۽ نه ڪو اهڙو بهتان ٻَڌنديون جيڪو پنهنجي هٿن پيرن جي سامهون گهڙي وٺن ۽ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ تنهنجي نافرماني نه ڪنديون ته تون سندن بيعت قبول ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن نَبِي! اَچَنئـِي نارِيون، ٿيون ڏِينئـِي ٻول ٻيهار، ته ڪنديون ڪِين ڪَرِيم سان، ڪو ڀيڙو ڀائيوار، ۽ چورِي، ڏارِي ڪانه ڪنديون، ۽ نه ڪُهندِيون سَندن ٻار، نه بَنائـِينديون بُهتان ڪو، ڪارو ڪُوڙ نِبار، سَندنِ هَٿن ۽ پيرن وِچان، تِنهن کي ڪن تيار، ۽ چَڱِئَ ۾ چَڱئي چَوڻ کان، وِينديون ڪِين ٻَهار، پوءِ وَٺ وَچن اُنهن کان، بيعت بَرقرار، ۽ اُنهن لئي اَلله کان، مَعافِي گُھر مَهندار، بيشڪ بَخشڻهار، سائـِين سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! جڏهن تو وٽ مؤمن زالون تو سان بيعت ڪرڻ لاءِ اچن، ته ”ڪنهن کي الله سان شريڪ نه ڪنديون، نڪي چوري ڪنديون، نڪي زنا ڪنديون، نڪي پنهنجي اولاد کي قتل ڪنديون، نڪي اهڙي ڪوڙي تهمت رکنديون، جنهن کي پنهنجي هٿن پيرن سان ٺاهيو هجنِ، ۽ نڪي ڪنهن چڱي ڪم ۾ تنهنجي نافرماني ڪنديون؛“ تڏهن ساڻن بيعت ڪر ۽ انهن لاءِ الله کان بخشش گهر، بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جڏهن تو وٽ مؤمن عورتون بيعت ڪرڻ لاءِ اچن ۽ اهو عهد ڪن ته هو الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنديون، چوري نه ڪنديون، زنا نه ڪنديون، پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون، پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي آڏو ڪوبه بهتان گهڙي نه آڻينديون ۽ چڱين ڳالهين بابت تنهنجي ڪنهن به حڪم جي نافرماني نه ڪنديون ته بيعت وٺين ۽ سندن حق ۾ الله کان بخشش جي دعا گهر. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! جڏهن اچن مؤمن عورتون بيعت ڪرڻ جي لاءِ، ۽ ان ڳالهه جو وعدو ڪن ته اهي شريڪ نه ڪنديون الله سان ڪنهن کي ۽ نه ڪنديون چوري ۽ نه ڪنديون زنا ۽ نه ڪنديون قتل پنهنجي اولاد کي ۽ نه آڻينديون بهتان ٺاهي پنهنجي هٿن ۽ پيرن سان ۽ نه نافرماني ڪنديون تنهنجي حڪم جي ته پوءِ انهن جي بيعت وٺ ۽ بخشش جي دعا گهر انهن جي لاءِ الله کان، بيشڪ الله معاف ڪندڙ ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي (ﷺ) جڏهن مؤمن عورتون تو وٽ هنن ڳالهين تي اچي بيعت ڪن ته: هُو الله تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي شريڪ نه ڪنديون. چوري نه ڪنديون، زنا نه ڪنديون، پنھنجي اولاد کي قتل نه ڪنديون، پنھنجي طرفان ويٺي ويٺي ڪنھن تي بھتان نه هڻنديون ۽ نه نيڪيءَ جي ڪمن ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون ته پوءِ اُنهن کان بيعت وٺ ۽ اُنهن لاءِ الله تعالى کان بخشش جي دعا گهرندو رهه. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم قَد يَئِسوا مِنَ الءاخِرَةِ كَما يَئِسَ الكُفّارُ مِن أَصحٰبِ القُبورِ (آيت : 13) |
اي ايمان وارؤ اوھين انھيءَ قوم سان دوستي نه رکو جنھن تي الله ڏمريو آھي بيشڪ اُھي آخرت (جي ثواب) کان (اھڙو) نا اُميد ٿيا آھن جھڙوڪ ڪافر قبرن وارن کان نا اُميد ٿيا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي الله (خدائي نظام جي مخالفت جي بنياد تي) ڪاوڙيو آهي. اهي آخرت کان اهڙا نااميد ٿيا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن (جي ٻيهر جيئري ٿيڻ) کان نااميد ٿيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان انهيءَ قوم سان (قطعاً) دوستي نه رکو جن تي الله تعالى غضب ڪيو آهي، اُهي آخرت کان نااميد ٿيا جيئنڪ ڪافر قبرن وارن کان نااميد ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي خدا غضبناڪ ٿيو آهي، اهي آخرت کان اهڙا نا اميد ٿيا آهن جيئن ڪافر مردن (جي ٻيهر زنده ٿيڻ) کان نا اميد آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! نه دوستي رکو ان قوم سان جو ڪاوڙيو الله انهن تي تحقيق نا اميد ٿيا آخرت کان جيئن نااميد ٿيا ڪافر قبرن وارن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اوهين اهڙي قوم سان دوستي نه رکو جن تي الله ڪاوڙيو آهي اهي آخرت کان اهڙا نااميد ٿيا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن کان نااميد ٿيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اهڙن ماڻهن سان دوستي نه رکو جن تي الله ڏمريو آهي، بيشڪ اُهي آخرت کان (ائين) مايوس ٿيا آهن جيئن ڪافر قبرن وارن کان نااميد آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جِن اِيمان! سي سَنگت نه رکو تِنهن ساٿ سان، ڏاڍو ڏَمريو جِن مَٿي، مالِڪ مِهربان، آسرپل آخرت مان، نادان ٿيا نِڌان، لاٿو جِيئن ڪُفران، اَهل قبر مان آسرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! اوهين انهي قوم سان دوستي نه رکو، جنهن تي الله ڏمريو آهي_ بيشڪ اهي آخرت کان اهڙا نا اميد ٿيا آهن، جهڙو ڪافر قبرن وارن (جي جيئري ٿيڻ) کان نا اميد ٿيا آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! انهن ماڻهن کي دوست نه بڻايو، جن تي الله جو ڏمر ٿيو آهي، جيڪي آخرت کان ائين نا اميد آهن، جيئن قبرن ۾ پيل ڪافر نا اميد آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! نه بنايو دوست انهن کي جن تي ڏمر الله جو ڪيل آهي، جيڪي مايوس آهن آخرت کان جيئن مايوس آهن ڪافر پيل آهن قبرن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان انهن ماڻهن سان (به) دوستي نه رکو جن ماڻهن تي الله تعالى ڏمريل آهي، هي ماڻهو آخرت کان ايئن مايوس آهن جيئن ڪافر قبرن ۾ پيل مئلن کان (مايوس ٿيل آهن) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |