توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنّورَ ثُمَّ الَّذينَ كَفَروا بِرَبِّهِم يَعدِلونَ (آيت : 1) |
سڀ ساراہ (خاص) انھيءَ الله کي جڳائي جنھن آسمان ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوندھ ۽ سوجھرو پيدا ڪيو، وري (به) ڪافر پنھنجي پالڻھار سان ٻـين کي برابر ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سڀ ڪامل ساراهه خاص الله جي لاءِ آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهيون ۽ روشني پڌري ڪئي، تنهن هوندي به (جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان) منڪر ٿي ويا آهن، سي (اونده ۽ روشني جي وچ ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ ٻين هستين کي) خدا جي برابر ٿا سمجهن(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا فرمايو ۽ تخليق ڪيائين اُوندَاهِيُنِ ۽ روشنين کي، انهي کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا سي پنهنجي رب سان بُتن کي شريڪ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ساراھ الله ئي کي جڳائي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ ان ۾ جدا جدا نمونن جون اونداهيون ۽ روشني بڻائي. پوءِ (تنهن هوندي به) ڪافر (ٻين کي) پنهنجي پروردگار جي برابر ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جنهن پيدا ڪيو آسمان ۽ زمين کي ۽ پيدا ڪيائين اونداهين ۽ روشنيءَ کي ان کان پوءِ به جن ڪفر ڪيو پنهنجي پالڻهار سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي پيدا ڪيائين، پوءِ به ڪافر پنهنجي پاليندڙ سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ جنهن اونداهيون ۽ روشني بنائي. پوءِ به ڪافر (ڪوڙن معبودن کي) پنهنجي پالڻهار جي برابر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حمد تنهن حنان، اُڀ ڀون جنهن اُپائيا، ۽ اُونداهيون ۽ سوجھرا، مقرر ڪيا مَنان، موٽِي، پنهنجي مالڪ سان، جي ڦِريا کان فرمان، مُوجب غلط گمان، ڀانئنِ ڀائيوار پِئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي ٿي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي بڻايائين، پوءِ به ڪافر (ٻين کي) پنهنجي ڌڻيءَ جي برابر سمجهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تعريف الله جي ئي لاءِ آهي، جنهن آسمان ۽ زمين خلقيا، اونداهيون ۽ روشني پيدا ڪيائين. تڏهن به اهي ماڻهو جن حق جي دعوت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻين کي پنهنجي رب جي برابر ڪن ٿا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ساراهه خاص انهيءَ الله کي جڳائي، ٺاهيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ بنايون اونداهيون ۽ سوجهرو، پوءِ به ماڻهن ڪيو آهي انڪار حق جي دعوت مڃڻ کان ۽ ٻين کي رب جو همسر بنايو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ جنهن اونداهين ۽ روشنيءَ کي بنايو، پوءِ به ڪافر ٻين کي پنھنجي رب سان برابر سمجهن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سڀئي تعريفون الله جي ئي لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو ۽ اونداهون ۽ روشني کي پيدا ڪيائين، پوءِ به ڪافر (ڪوڙن معبودن کي) پنهنجي رب جي برابر ٺاهين ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هر طرح جي واکاڻ الله کي ئي سونهي ٿي، جنهن آسمانَ ۽ ڌرتي پيدا ڪيا ۽ انڌيرا ۽ سوجهرو خلقيائين. تڏهن به جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جا انڪاري ٿيا بيٺا آهن سي (انڌيري ۽ سوجهري ۾ فرق نه ٿا ڪن ۽ ٻين هستين کي خدا جي) برابر سمجهن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن طينٍ ثُمَّ قَضىٰ أَجَلًا وَأَجَلٌ مُسَمًّى عِندَهُ ثُمَّ أَنتُم تَمتَرونَ (آيت : 2) |
اُھو (ئي الله) آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري (اوھان جي جئڻ ۽ موت جي) مُدّت ٺھرايائين، ۽ (ھڪڙي ٻي) مُدّت وٽس مُقرّر ٿيل آھي وري (اي ڪافرؤ الله بابت) اوھين شڪ ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهوئي (خالق) آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوهان جي لاءِ (هن دنيا جي زندگيءَ جو) هڪ مدو ٺهرايو (عملن ڪرڻ لاءِ) ۽ هڪ ٻيو مدو به سندس علم ۾ مقرر ڪيل آهي (يعني قيامت جو وقت جڏهن دنيا ۾ ڪيل عملن جي نتيجن جو فيصلو ٿيندو)، تڏهن به توهان (حقيقتن تي غور نٿا ڪيو ۽ ان ۾) شڪ ٿا آڻيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو الله جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو پوءِ هڪ مُدت کي (توهان لاءِ) مقرر ڪيائين ۽ الله وٽ وقت (توهان جو) مقرر ٿيل آهي انهيءَ کان پوءِ توهان شڪ ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري (اوهان جي) مرڻ جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو. ۽ (توڙي جو توهان کي خيال نه آهي پر) هن وٽ (قيامت جو) هڪ وقت مقرر آهي. تڏهن (به) اوهين شڪ ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) اهوئي آهي جنهن خلقيو اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ مقرر ڪيائين مدو ۽ مدو مقرر ڪيل آهي ان وٽ ان کان پوءِ اوهان شڪ ڪيو ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري موت جو وقت مقرر ڪيائين، ۽ هڪڙو (ٻيو) وقت ان وٽ مقرر ڪيل آهي. وري اوهين شڪ ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (هر هڪ جي موت جي) مدت مقرر ڪيائين. ۽ (قيامت جو) مقرر ٿيل وقت وٽس آهي پوءِ به اوهان شڪ ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو، سو اوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جِنهن جبار، موٽِي ڪيائين مدتون، مُقرر ڌارو ڌار، ۽ مُقرر وقت موت جو، اُن وٽ آخرڪار، شَڪن جو شِڪار، ورِي به، ٿيو ٿا ويسلا!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ (موت جو) وقت مقرر ڪيائين. هڪ مقرر وقت ان وٽ (ٻيو به) آهي، پوءِ به اوهين شڪ ڪريو ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ توهان جي حياتيءَ جي هڪ مدت مقرر ڪيائين ۽ اڃان هڪڙي ٻي مدت به آهي، جيڪا وٽس مقرر ٿيل آهي. پر وري توهان آهيو جو شڪ ۾ ڦاٿا پيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن خلقيو توهان کي مٽيءَ مان ۽ توهان جي حياتيءَ جي مدت رکيائين ۽ اڃا هڪ ٻي مدت وٽس مقرر آهي، پر توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي شڪ ۾ ڦاٿل آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى جي ذات اها آهي) جنھن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ (توهان جي لاءِ) هڪڙو وقت مقرر فرمايو ۽ ٻيو وقت به جيڪو ان وٽ مقرر ٿيل آهي. پوءِ به توهان ماڻهو شڪ ۾ پيل آهيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (الله) اهوئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ جي گاري مان پيدا فرمايو (يعني زمين جي گولي تي انساني زندگي جي ڪيميائي شروعات ان مان ڪيائين). پوءِ ان (توهان جي موت جو) وقت مقرر فرمايو، ۽ (قيامت جي منعقد ڪرڻ جو) معين وقت اُنهي وٽ (مقرر) آهي پوءِ (به) توهان شڪ ٿا ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهوئي (آسمان ۽ زمين جو خلقڻهار) آهي، جنهن توهان کي مٽيءَ مان جوڙيو (يعني توهان جي تخليق جو آغاز مٽيءَ مان ٿيو) وري توهان جي لاءِ (زندگي ۽ گذران جو) هڪ عرصو مقرر ڪيائين (جنهن دوران هر ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنل آهي) ۽ هڪ ٻيو عرصو به ان وٽ طئه ٿيل آهي (يعني قيامت، جنهن ۾ پهرئين عرصي جو حساب چُڪتو ٿيندو) پوءِ به توهين آهيو جو (ان حقيقت تي غور ڪري ويساهه ڪرڻ بجاءِ) شڪ ويٺا ڪريو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ اللَّهُ فِى السَّمٰوٰتِ وَفِى الأَرضِ يَعلَمُ سِرَّكُم وَجَهرَكُم وَيَعلَمُ ما تَكسِبونَ (آيت : 3) |
۽ اھوئي الله آسمانن ۽ زمين ۾ (سڀڪنھن جو معبود) آھي، اوھان جو ڳجھ ۽ اوھان جو پڌرو ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سوبه ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهوئي الله آهي آسمانن ۾ به ۽ زمين ۾ به، توهان جون سڀ ڪنهن قسم جون ڳالهيون لڪل توڙي ظاهر سڀ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. توهان جيڪي به (چڱا يا برا ڪم) ڪيو ٿا سي به بخوبي ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهو الله آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ ڄاڻي ٿو ڳُجھه توهان جي کي ۽ ظاهر توهان جي کي ۽ ڄاڻي ٿو عملن توهان جن کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي ته آسمانن ۾ (به) ۽ زمين ۾ (به) خدا آهي. اهو اوهان جي ظاهر ۽ لڪيل (ڳالهين) کان (به) خبردار آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا (سڀ ڪي) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو ئي معبود بالحق آهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڄاڻي ٿو ڳجھ اوهان جو ۽ ظاهر اوهان جو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي ڪندا آهيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهوئي الله آهي. اوهان جي ڳجهه ۽ اوهان جي ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ڪمايو ٿا سو به ڄاڻي ٿو.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ئي الله آهي. (جيڪو) اوهان جي ڳجهه ۽ اوهان جي ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪا (نيڪي يا بدي ) اوهان ڪمائي رهيا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اهوئـِي الله، آهي اڀ، زمين ۾، سَمجھي سِر اوهان جو، پڻ وات وَراڻيون واه!، پڻ اُنهئ کان آگاه، جي ڪندا آهيو ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهوئي الله آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ به. اهو اوهان جي ڳجهين ۽ پڌرين ڳالهين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي عمل ڪريو ٿا، انهن کي ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي الله آسمانن ۾ به آهي ۽ زمين ۾ به. توهانجو ڳجهو توڙي پڌرو سڀ حال ڄاڻي ٿو ۽ جيڪا به برائي يا ڀلائي توهان ڪمايو ٿا، انهيءَ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي هڪ الله آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾ به، ڄاڻي ٿو توهان جو ڳجهو ۽ پڌرو سڀ حال ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪمايو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ اهو ئي هڪ الله آهي (جيڪو) توهان جي ڳجهين ۽ ظاهر ڳالهين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪريو (ڪمايو) ٿا ان کي به هو خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ اهو الله ئي (برحق معبود) آهي، جيڪو توهان جي ڳجهين ۽ توهان جي ظاهر (سڀني ڳالهين) کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪمائي رهيا آهيو هو (ان کي به) ڄاڻي ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهوئي الله آهي-آسمانن ۾ به ته ڌرتيءَ تي به (ان کانسواءِ جڳ جو جوڙڻهار ڪوئي ڪونهي) الله توهان جي پڌرين ۽ ڳجهين ڳالهين جي پروڙ رکي ٿو. توهين جيڪا به (لڱائي چڱائي) ڪندا آهيو سا هوڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 4) |
سندن پالڻھار جي آيتن مان ڪا آيت وٽن نه ايندي آھي پر کانئس منھن موڙيندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هنن جي پروردگار جي نشاني مان ڪا به نشاني ڪانهي جا هنن وٽ پهتي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ نٿي اچي انهن وٽ ڪا آيت سندن رب جي طرفان مگر انهيءَ کان اهي مُنهن موڙيندڙ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (انهن ماڻهن جي عجيب حالت آهي جو) جڏهن به انهن وٽ خدا جي آيتن مان ڪا آيت آئي ته پوءِ اهي ضرور ان کان منهن ڦيرين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي اچي ان وٽ ڪابه آيت سندن رب جي آيتن مان مگر ھوندا آھن انھن کان منھن موڙيندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن پاليندڙ جي آيتن مان ڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان منهن موڙيندڙ ئي ٿين ٿا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (منڪرن جو حال هي آهي جو) انهن جي پالڻهار جي آيتن مان جيڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان مُنهن موڙيندڙ ئي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه اَچينِ ڪو اُهڃاڻ، سندنِ، آگي جي اُهڃڻ مان، مگر اِهي آڄاڻ، آهن اِنڪاري اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن رب وٽان سندس نشانين مان جيڪا به نشاني ٿي اچي، اهي ان کان منهن موڙين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن جي حالت ته اها آهي جو سندن رب جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي نه آهي، جيڪا سندن سامهون آئي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهن جو حال هي آهي جو رب جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي ناهي جا وٽن آئي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو (هاڻي حق آيو ته ان کي به ڪوڙو ڀانيو).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ماڻهن جو هي حال آهي) جو جڏهن به وٽن پنھنجي رب جي نشانين مان ڪا نشاني اچي ٿي ته هو منھن موڙيندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن جي رب جي نشانين مان وٽن ڪا نشاني نٿي اچي مگر (هي ته) اُهي ان کان منهن موڙين ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن (منڪرن) جي سامهون پالڻهار جي نشانين منجهان جيڪا به نشاني آئي- تنهن کان منهن موڙيون بيٺا آهن .(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَقَد كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَسَوفَ يَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 5) |
پوءِ بيشڪ سچ (يعني قرآن) کي جنھن مھل وٽن آيو (تنھن مھل) ڪوڙ ڀانيائون، پوءِ جنھن (ڳالھ) بابت چٿر ڪندا آھن تنھنجي (سزا جون) خبرون وٽن سگھو پھچنديون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيئن ته جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جي دعوت کين ملي) تڏهن هنن ان کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو. سو جنهن ڳالهه تي هو ٽوڪون ڪري کلي رهيا آهن، تنهن جي حقيقت هنن کي جلدئي معلوم ٿي ويندي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ انڪار ڪيائون قرآن ڪريم جو جڏهن رسولِ عربي انهن وٽ آندو، پوءِ جلدي ايندي انهن وٽ خبر انهيءَ جي جنهن سان مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيئن، جڏهن انهن وٽ (قرآن بر) حق آيو ته ان کي به هنن ڪوڙو ڪيو ته پوءِ اهي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا. تنهن جي حقيقت کين جلد ئي معلوم ٿي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تحقيق ڪوڙو چيائون حق کي جڏھن آيو انھن وٽ پوءِ جلد اينديون انھن وٽ خبرون ان جون جو ان سان چٿر ڪندا ھئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ انهن سچ کي ڪوڙو ڪيو جڏهن وٽن آيو، پوءِ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن تنهن جون خبرون وٽن اينديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ انهن حق کي ڪوڙو چيو جڏهن انهن وٽ آيو. پوءِ جلد انهن وٽ ان جون خبرون پهچنديون جنهن سان ٺٺول ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سچ کي ڪوٺيؤن ڪُوڙ، جڏهن اُنهن وٽ آئيو، جا هَلڪائـِي ڪن هُوڙ، تِنهنجِي پوندين، سُڌ سِگھڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن وٽن حق آيو، ته ان کي به ڪوڙو ڪيائون. پوءِ جن ڳالهين تي چٿرون ڪندا هئا. تن جي خبر کين جلدي پوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايتريقدر جو هاڻي جيڪو حق وٽن آيو آهي ان کي به هنن ڪوڙو ڀانيو. چڱو ڀلا جنهن شيءِ تي هو پيا ٺٺوليون ڪندا رهيا آهن، سگهوئي ان بابت ڪي خبرون ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو، جنهن ڳالهه تي هو اڄ تائين چٿرون ڪندا رهيا، حق کي ڪوڙو چوندا رهيا، سگهوئي ان جون ڪجهه خبرون وٽن پهچنديون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن به وٽن حق آيو ته انهن ان کي ڪوڙو ڪيو، جلد ئي انهن وٽ انهن شين جون خبرون اينديون جن تي هو ٽوڪون ڪندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ بيشڪ انهن (اهڙي طرح) حق (يعني قرآن) کي (به) ڪوڙو سمجهيو جڏهن اهو وٽن (الله جي نشاني طور) آيو، پوءِ سگهوئي انهن وٽ ان جون خبرون اچڻ واريون آهن جنهن تي اهي ٺٺوليون ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنڪري جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جون پڪارون شروع ٿيون) ته انهن اُن کي ڪوڙو چئي ڇڏيو. تنهنڪري جنهن ڳالهه جو مذاق اڏائيندا رهيا آهن جلد ئي کين ان جي حقيقت جي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ مَكَّنّٰهُم فِى الأَرضِ ما لَم نُمَكِّن لَكُم وَأَرسَلنَا السَّماءَ عَلَيهِم مِدرارًا وَجَعَلنَا الأَنهٰرَ تَجرى مِن تَحتِهِم فَأَهلَكنٰهُم بِذُنوبِهِم وَأَنشَأنا مِن بَعدِهِم قَرنًا ءاخَرينَ (آيت : 6) |
(ڪافر) نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته کانئن اڳي ڪيترا طبقا ناس ڪياسون جن کي زمين ۾ اھڙي قدرت ڏني ھئي سون جو اوھان کي به نه ڏني اٿئون ۽ مٿن آسمانن مينھن ساندہ وساياسون، ۽ سندن ھيٺان واھيون وھندڙ ڪيون سون پوءِ انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ سندن پوئتان ٻـين قومن کي پيدا ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ته کانئن اڳي قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو، اِهي اُهي قومون هيون جن کي اسان اهڙو طاقتور ڪري ملڪن ۾ مضبوط ڪيو هو جهڙو توهان کي ڪونه ڪيو اٿئون. اسان هنن لاءِ آسماني برسات اهڙيءَ طرح موڪلي هئي جو هڪٻئي پٺيان وسندي رهندي هئي ۽ سندن آبادين جي هيٺان نهرون وهائي ڇڏيون هيون، پر ته به اسان (پنهنجي قانون موجب) انهن گناهن سببان کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن جا دؤر آنداسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا نه ڏٺائون ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳ ۾ اُمتون جن کي اسان ٽِڪايو زمين ۾ نعمتن سان جن نعمتن سان اسان توهان کي نه ٽڪايو ۽ اسان مسلسل بارشون انهن تي وسايون ۽ اسان نهرن کي پيدا فرمايو جيڪي وهيون ٿي انهن جي هيٺان پوءِ سندن گناهن سببان اسان انهن کي هلاڪ ڪيو ۽ انهن کان پوءِ اسان پيدا ڪيا ٻيا ماڻهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن کي سجهي ڪين ٿو ته اسان هنن کان اڳ ڪيترائي گروهن (جا گروھ) تباھ ڪيا جن کي اسان روءِ زمين ۾ اها طاقت ۽ قدرت عطا ڪئي هئي جا اڃا تائين اوهان کي ڪانه ڏني. ۽ اسان مٿن آسمان تان ته گهڻو مينهن وسايو ۽ سندن (گهرن) هيٺان واھ جاري ڪيا. پر تڏهن به گناهن سبب کين فنا ڪري ڇڏيوسون ۽ انهن کان پوءِ وري ٻئي گروھ کي پيدا ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته ڪيتريون ھلاڪ ڪيون سين انھن کان اڳ ۾ قومون جو طاقت ڏني ھئي سون انھن کي زمين ۾ اوتري جو نه طاقت ڏني سون اوھان کي ۽ موڪلياسون آسمان کان انھن تي وسندڙ مينھن ۽ ڪيون سون نھرون جي وھن ٿيون سندن ھيٺان پوءِ ھلاڪ ڪيو سين انھن کي سببان گناھن انھن جي ۽ پيدا ڪيون سون پڄاڻان انھن جي قومون ٻيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون جماعتون ناس ڪيون جن کي زمين ۾ اسان اها طاقت ڏني هئي جا اوهان کي به نه ڏني سون ۽ اسان مٿن گهڻو مينهن وسايو ۽ واهن کي پيدا ڪيو هوسون جي سندن هيٺان وهندا هئا پوءِ کين سندن گناهن جي ڪري ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا نه ٿا ڏسن ته اسان انهن کان اڳ ڪيتريون قومون هلاڪ ڪيون؟ جن کي اسان زمين ۾ اهڙو اقتدار ڏنو جهڙو اوهان کي به نه ڏنو آهي ۽ اسان انهن تي آسمان کان مسلسل وسندڙ مينهن موڪليو ۽اسان نهرون بنايون جيڪي انهن جي (ماڙين جي) هيٺان وهنديون هيون پوءِ انهن کي سندن گناهن سبب هلاڪ ڪيوسين ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ورتئون نه ويچار؟ ته انهن کان اڳي جُڳ ڪيترا، نِپٽ ڇڏياسون ناس ڪري، چَٽ پَٽ چَٽ چوڌار، جن کي ڏناسون ڏيہ ڪي، وَڏا وِئ وَلهار، جن جِھڙِي، نه ڏني سون اوهان کي، طاقت ڪا تڪرار، اُتن اُتارياسون اُڀ کان، گھاٽا مينگھ ملهار، جن هيٺان نهرون، ناليون، وهن ويرو تار، پوءِ ڪيوسونِ، ڪَرتوتن ۾، سَندنِ گرفتار، ۽ ٻِئا جُڳ ٻِيهار، پيدا ڪياسون، تن پٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن نه ڏٺو آهي؟ ته کانئن اڳ اسان ڪيترين اهڙين امتن کي ناس ڪيو، جن کي زمين ۾ اهڙو ڄمايو هوسون، جو اوهانکي به نه ڄمايو اٿئون. ۽ مٿن آسمان مان لڳو لڳ، مينهن وسايو سون ۽ انهن لاءِ نهرون بڻايون سين، جي سندن (ڳوٺن) هيٺان وهيون ٿي، پوءِ سندن گناهن ڪري کين ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻيون امتون پيدا ڪيون سين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا نه ڏٺو اٿن ته کانئن اڳ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون اسان تباهه ڪري چڪا آهيون، جن جو پنهنجي پنهنجي زماني ۾ چؤٻول هو؟ جن کي اسان زمين ۾ اهو اقتدار ڏنو هو، جيڪو اسان توهان کي نه ڏنو آهي. انهن تي اسان آسمان مان خوب مينهن وسايا ۽ سندن هيٺان وري واهڙ وهاياسون (پر پوءِ جڏهن بي شڪري ڪيائون ته) اسان کين سندن گناهن جي ڪري تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سندن جاءِ تي ٻين قومن جو دور آندوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هنن ڏٺو ڪونه آهي ته کانئن اڳ اهڙيون قومون تباهه ڪري چڪاسين جن جو پنهنجي زماني ۾ وڏو دور هو، اسان زمين ۾ کين اقتدار عطا ڪيو جو ڏنو ناهي توهان کي، ۽ اسان مٿن آسمان مان وسايا وڏا مينهن، ۽ سندن هيٺان نهرون وهايون (پر جڏهن هنن نعمتن جو قدر نه ڪيو ته) اسان سندن گناهن جي ڪري کين تباهه ڪيو ۽ سندن جاءِ تي قائم ڪيو ٻين قومن جو دور.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته انهن کان اڳ اسان ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيوسين جن جو پنھنجي دؤر جي حساب سان وڏو نالو هو. اهڙو عروج ته توهان کي به نه ڏنو آهي، انهن جي مٿان آسمان مان زوردار بارش وسائي ۽ نھرون بنايوسين جيڪي زمين ۾ وهنديون هيون پوءِ اسان کين سندن گناهن جي نتيجي ۾ تباهه ڪري ڇڏيوسين ۽ پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻئي دؤر جي قومن کي پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جن کي اسان زمين ۾ (اهڙو مضبوط) اقتدار ڏنو هو جو اهڙو اقتدار (۽ مضبوطي) توهان کي به ڪونه ڏني ۽ اسان انهن تي لاڳيتو وسندڙ مينهن موڪليا ۽ اسان انهن (جي گهرن ۽ ماڙين) جي هيٺان نهرون وهايون پوءِ (ايتري عيش ڀري زندگي ڏيڻ جي باوجود) اسان اُنهن جي گناهن جي ڪري کين هلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ کانئن پوءِ اسان ٻين امتن کي پيدا ڪيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا اهي ماڻهو نه ٿا ڏسن ته کانئن اڳ پهرين قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن جن کي اسين ناس ڪري ڇڏيو؟ اِهي اُهي قومون هيون جن جو اسين، جيئن (حشمت ۽ دٻدٻي سان) ملڪن ۾ ڌاڪو ڄمايو هيو، تيئن توهان جو ڌاڪو ناهي ڄمايو. اسين مٿن آل-جال مينهن وسايا ۽ سندن وسندين ۾ نديون وهايونسين (جيڪي لڳاتار وهنديون رهنديون هيون)، پر پوءِ اسين (پنهنجن رٿيل قانونن مطابق) انهن جي بڇڙاين سبب کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ٻين قومن کي وارو ڏنوسين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو نَزَّلنا عَلَيكَ كِتٰبًا فى قِرطاسٍ فَلَمَسوهُ بِأَيديهِم لَقالَ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 7) |
۽ جيڪڏھن توتي ڪاغذن ۾ (لکيل) ڪتاب (قرآن) نازل ڪريون ھا پوءِ اُھي پنھنجا ھٿ کيس لائين ھا ته جيڪي ڪافر آھن سي ضرور چون ھا ته ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسان توتي هڪ ڪتاب ڪاغذ تي لکيل نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي ڏسن ها (ته سچ پچ ڪتاب آهي) ته به جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، سي چون ها ته هي کلي کلائي جادوگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسان رسولِ عربي تي لکت نازل ڪريون ها پني تي پوءِ انهيءَ کي اهي هٿ لائن ها، ته به چون ها جن ماڻهن ڪفر ڪيو ٿي، ناهي هي (قرآن) مگر صاف جادو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين ڪاغذ تي (لکيل( ڪتاب (به کڻي) تو تي نازل ڪريون ۽ اهي ماڻهو پنهنجي هٿن سان (کيس) مس به ڪن ها تڏهن به ڪافر (ڪين مڃين ها ۽) چون ها ته هي ته ڏٺو وائٺو جادو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏھن لاھيون ھا اوھان تي ڪتاب (لکيل) ڪاغذن ۾ پوءِ لڳائين ھا ان کي ھٿ پنھنجا ته البته چون ھا جن ڪفر ڪيو ته ناھي ھيءُ مگر جادو پڌرو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين توتي ڪنهن ڪاغذ ۾ ڪو لکيل (ڪتاب) موڪليون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجن هٿن سان به ڇهن ها ته به ڪافر چون ها ته هي رڳو ظاهر جادو آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) جيڪڏهن اسان تو تي ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به نازل ڪيون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجي هٿن سان ڇُهن ها ته به ڪافر ماڻهو چون ها ته هي کلئي جادو کان سواءِ ڪجهه نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هوند، اُتاريو سون تو اُتي، وَرقن منجھ وَهِي، پوءِ هٿن سندن سان، اُن کي، ڇوتائون صحِي، تڏهن به ڪفر، جن ڪيو، تن ڪِيرت اِي ڪهِي، ته حرف ڪار وهِي، چِٽو آهي، چِٽ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اسين توتي ڪاغذن تي لکيل ڪتاب نازل ڪريون ها ۽ اهي ان کي سندن هٿن سان به ڇهن ها، ته به ڪافر ائين ئي چون ها، ته ”هي پڌري جادوءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جيڪڏهن اسان توتي کڻي ڪو ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به لاهيون ها ۽ جنهن کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به جن حق جو انڪار ڪيو آهي، سي ائين ئي چون ها ته اهو ته کليو کلايو جادو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي پيغمبر! جيڪڏهن اسان تنهنجي مٿان لاهيون ها ڪاغذ تي ڪو ڪتاب به، ۽ ماڻهو ان کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به جن حق جو انڪار ڪيو آهي، چون ها، هي ته ظاهر ظهور جادو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) اسان جيڪڏهن توهان جي مٿان ڪاغذ تي لکيل ڪتاب به نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي به ڏسن ها، تڏهن به انڪار ڪرڻ وارا اهو ئي چون ها ته اهو جادوءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن اسان توهان تي ڪاغذ تي لکيل ڪتاب نازل فرمايون ها پوءِ هي ماڻهو ان کي پنهنجن هٿن سان ڇُهن به ها تڏهن (به) ڪافر (اهوئي) چون ها ته هي کلي جادو کانسواءِ (ڪجهه) نه آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (پيغمبر!) جيڪڏهن توتي، ڪاغذ تي لکيل (هڪ مڪمل طرح تيار ٿيل) ڪتاب لاهيئون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿن سان ڇُهي ڏسن ها ته : واقعي سچ پچ ۾ ڪتاب ئي آهي، پوءِ به جن ماڻهن انڪار جي واٽ ورتي آهي سي (مڃڻ وارا هئا ئي ڪونه-سو) چون ها : اِها ته نسوري جادوگري آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ مَلَكٌ وَلَو أَنزَلنا مَلَكًا لَقُضِىَ الأَمرُ ثُمَّ لا يُنظَرونَ (آيت : 8) |
۽ چون ٿا ته مٿس مَلڪ ڇونه لاٿو ويو؟ ۽ جيڪڏھن اسين مَلڪ نازل ڪريون ھا ته ضرور ڪم پورو ٿي وڃي ھا (يعني مري وڃن ھا) وري کين مُھلت (مور) نه ڏجي ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هيئن به چيائون ته، (جيڪڏهن هي شخص پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي ته) هن وٽ فرشتو ڇو نٿو اچي (جنهن کي اسان پنهنجي اکين سان ڏسون) پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي (ايمان آڻڻ يا نه آڻڻ لاءِ) مهلت ئي ڪانه ملي ها.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ملائڪ نازل ڪيو ويو (جيڪو سندن تصديق ڪري ها) ۽ جيڪڏهن اسان ملائڪ موڪليون ها ته فيصلو ٿي وڃي ها انهي کان پوءِ مهلت نه ڏني وڃي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هي به) چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو ڪين نازل ٿيو (جيڪو ساڻس گڏ رهي ها) پر جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته (سندن) ڪم تمام ٿي وڃي ها (۽) پوءِ کيس مهلت به نه ملي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇو نه لاٿو ويو ان تي ملائڪ ۽ جيڪڏھن لاھيون ھا ملائڪ ته فيصلو ڪيو وڃي ھا امر- ان کان پوءِ نه مھلت ڏنا وڃن ها .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن چيو ته هن تي ڪو مَلَڪُ ڇو نه لاٿو ويو، ۽ جيڪڏهن اسين ڪو ملڪ نازل ڪريون ها ته (سندن) ڪم پورو ڪيو وڃي ها (يعني نه مڃڻ ڪري ناس ٿي وڃن ها). وري کين (ان حالت ۾ ) مهلت نه ڏني وڃي ها(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”ان (نبي ڪريم ﷺ) تي فرشتو ڇو نه لاٿو ويو“؟ ۽ جي اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته (انهن جو) ڪم ئي پورو ٿي وڃي ها پوءِ کين مهلت به نه ڏني وڃي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هوند لَٿو اُن تي، ڪو مَلڪ موچارو، ۽ جي مَلڪ لاٿوسون، ته لِک ۾، لَٿو ليکو سارو، واهر ڪرڻ وارو، موٽِي نه مِلندنِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”مٿس فرشتو ڇو نه آيو؟“ جيڪڏهن اسين فرشتو موڪليون ها ته ڳالهه ئي فيصل ٿي وڃي ها. پوءِ کين مهلت به نه ملي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته هن نبيءَ تي ڪو فرشتو ڇونه لاٿو ويو آهي؟ جيڪڏهن اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته پوءِ ته ڪڏهوڪو فيصلو ٿي به وڃي ها ۽ پوءِ ته کين ڪا مهلت ئي نه ڏني وڃي ها(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا ته هن نبي تي ڪوبه لاٿو نه ويو آهي ملائڪ، جيڪڏهن اسان نازل ڪريون ها ملائڪ، تڏهن ته فيصلو به ٿي وڃي ها، کين مهلت ئي نه ملي ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو به چون ٿا ته هن (نبيءَ) تي ڪو فرشتو ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ پر جيڪڏهن فرشتو نازل ڪيو وڃي ها ته پوءِ سندن ڪم به پورو ٿي وڃي ها ۽ کين ڪا به مھلت نه ڏني وڃي ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهي (ڪافر) چون ٿا ته هن ( عزت واري رسول) تي ڪو ملائڪ ڇونه لاٿو ويو (جنهن کي اسان پڌرو ڏسي سگهون ها ۽ اُهو هن جي تصديق ڪري ها) ۽ جيڪڏهن اسان ملائڪ لاهيون ها ته (انهن جو) ڪم ئي پورو ٿي وڃي ها پوءِ انهن کي (ٿوري به) مهلت نه ملي ها.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ هنن چيو: (جيڪڏهن پيغمبر پنهنجي دعوى ۾ سچو آهي ته) مٿس فرشتا ڇو نه ٿا لهن (ته اسين اکيين ڏسئون) جيڪڏهن اسين فرشتا اماڻيؤن ها ته سموريون ڳالهيون ئي مُڪجي وڃن ها، پوءِ انهن جي لاءِ مهلت ئي نه بچي ها! (ته مڃين ٿا يا نه-يعني اهڙي صورت ۾ انڪار ڪرڻ تي عذاب ۾ لڙهي وڃن ها). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو جَعَلنٰهُ مَلَكًا لَجَعَلنٰهُ رَجُلًا وَلَلَبَسنا عَلَيهِم ما يَلبِسونَ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏھن کيس مَلڪ ڪريون ھا ته ضرور کيس مڙس (جي شڪل ۾) بڻايون ھا ۽ جھڙو شبہ (ھاڻي) ڪندا آھن تھڙو شبہ مٿن قائم رکون ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. (ڇو ته فرشتا پنهنجي ملڪوتي حقيقت ۾ انسانن کي ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندا) پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ گرفتار ٿي وڃن ها (يعني هو چون ها ته هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي انسان آهي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته اُهو ضرور انساني شڪل ۾ موڪليون ها ۽ ضرور رسول بابت اهي شڪ ۾ پون ها جيئنڪ هينئر اهي شڪ ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن اسين فرشتي کي نبي بنايون ها ته (آخر) تنهن کي به مرد جي صورت ڏيون (ها) جيڪي شڪ شبها ڪري رهيا آهن اهي ئي اسين خود مٿس (ان وقت به) ڍڪايون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏھن بنايون ھا ان کي ملائڪ ته ڪيون ھا ان کي به مرد (شڪل ۽ صورة ۾) ۽ شبھي ۾ رکون ھا انھن کي جيڪي شبھو ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين ان کي ملڪ ڪريون ها ته به کيس مرد (جي صورت ۾ ) ڪريون ها ۽ جو گمان (هاڻ) ڪن ٿا تنهن گمان ۾ (پوءِ به) کين وجهون ها.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان ان (رسول) کي فرشتو بنايون ها ته ان کي به ماڻهو بنايون ها ۽ اسان انهن تي اهو ئي شڪ لاڳو رکون ها جيڪو شڪ (هاڻي) ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مَلڪ ڪيوسون اُن کي، ته ماڻهون ڪيوسونسِ پڪ، ۽ وڌاسونِ شُبها شَڪ، جي ڳهلا اڳ، ڳنڊين پِيا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين فرشتو (رسول ڪري) موڪليون ها، ته به ماڻهوءَ جي شڪل ۾ هجي ها ۽ اسين کين انهيءَ شڪ ۾ وجهون ها، جو شڪ هو ڪري رهيا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري جيڪڏهن اسان ڪو فرشتو لاهيون ها ته اهو به ته انساني شڪل ۾ ئي لاهيون ها ۽ کين ائين ئي ساڳئي شڪ ۾ وجهي ڇڏيون ها، جنهن ۾ هو هينئر پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن ملائڪ کي موڪليون ها، تڏهن به انساني شڪل ۾ کيس موڪليون ها، ۽ اهڙيءَ طرح هو شڪ ۾ هجن ها جيئن هاڻي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها تڏهن به هو انساني شڪل ۾ اچي ها ۽ اهڙي طريقي سان اسان کين وري اهڙي شڪ ۾ مبتلا ڪيون ها جهڙيءَ طرح هو هن وقت شڪ ۾ مبتلا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن اسان رسول کي ملائڪ ٺاهيون ها ته ان کي به ماڻهوءَ جي (ئي صورت ۾) ٺاهيون ها ۽ اسان مٿن (تڏهن به) اهو ئي شڪ وجهي ڇڏيون ها جيڪو شڪ (۽ التباس) هو (هينئر) ڪري رهيا آهن (يعني ان جي به ظاهري صورت ڏسي چون ها ته هي اسان وانگر بشر آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪڏهن اسين ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪريون ها ته ان کي به انسان ئي بڻايون ها (ڇو جو اهو قدرت جي انصاف واري قانون جي ئي خلاف آهي ته فرشتا ملڪوتي حالت ۾ ماڻهن ڏي اچن. پوءِ پيغمبري ڪمال ڇا جو؟) ۽ جيڪي شڪ اهي ماڻهو هاڻي ڪري رهيا آهن، اسين کين ان مهل به ساڳين ئي شڪن ۾ وچڙائي ڇڏيئون ها: (۽ چوندا وتن ها: هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي ماڻهو آهي!). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَدِ استُهزِئَ بِرُسُلٍ مِن قَبلِكَ فَحاقَ بِالَّذينَ سَخِروا مِنهُم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 10) |
۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن سان (به) چٿر ڪئي ويئي (آھي) پوءِ منجھانئن جن چٿرون ڪيون تن تي جنھن (ڳالھ) تي چٿر ڪندا ھئا تنھن (جي سزا اچي) گھيرو ڪيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) سچ آهي ته توکان اڳين رسولن تي به ٽوڪون ڪيون ويون هيون، (جيئن توتي ٽوڪون ڪيون وڃن ٿيون) پوءِ جن ماڻهن ٽوڪون ڪيون هيون تن تي انهيءَ ڳالهه جي ٽوڪ اچي مٿئون پئي، جنهن ڳالهه جي ٽوڪ ڪندا هئا، (يعني هو هن ڳالهه تي ٽوڪون ڪندا هئا ته بدعملن جو نتيجو نيٺ بد آهي، سو نيٺ پنهنجي بدعملن جي سزا پاتائون.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق توهان کان اڳين رسولن سان مذاق ڪئي وئي پوءِ (عذاب ۾ گرفتار ٿيا اهي ماڻهو جن پيغمبرن سان مذاق ڪئي انهي سببان جو مذاق ڪيائون ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تون دل تنگ نه ٿي) تو کان اڳ ۾ (به) پيغمبرن سان ٺٺوليون ٿيون آهن. پوءِ جيڪي ماڻهو ٺٺوليون ڪن ٿا تن کي تنهن عذاب، جنهن تان اهي ماڻهو کلندا هئا پڪڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ چٿر ڪئي وئي رسولن سان اوھان کان اڳي پوءِ لٿو انھن تي جو مذاق ڪيائون انھن مان اھو جو ان سا چٿر ٿي ڪيائون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻين) رسولن تي (به) مسخريون ڪيون ويون پوءِ جنهن ڳالهه بابت مسخريون ڪندا هئا سا انهن تي اچي ڪڙڪي جن، انهن مان مسخريون ڪيون.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ توکان اڳ به رسولن سان ٺٺول ڪئي وئي پوءِانهن مان جن ماڻهن به ٺٺول ڪئي انهن کي ان (عذاب)گھيري ورتو جنهن سان اهي ٺٺول ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان مَهند، مَسخريون، ٿيون مُرسلن تان موڪ، تن مان، ڪئـِي جن ٽوڪ، تنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان اڳ به رسولن سان مسخريون ٿينديون رهيون آهن، پوءِ جي ماڻهو انهن سان مسخريون ڪندا هئا، تن کي مسخرين جي سزا گهيري ورتو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توکان اڳ به گهڻن ئي رسولن تي چٿرون ٿيون آهن، پر پوءِ انهن مسخري ڪندڙن کي نيٺ اهائي حقيقت وڪوڙي وئي، جنهن تي هو پيا چٿرون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي نبي، (انهن) چٿرون ڪيون آهن تو کان اڳين رسولن تي به، پر انهن چٿرن ڪندڙن کي اها حقيقت ئي وڪوڙي وئي، جنهن تي هو چٿرون ڪندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) توهان کان اڳ ۾ به ڪيترن ئي رسولن تي ٽوڪون ڪيون ويون آهن، پوءِ جيڪي ماڻهو انهن (رسول سڳورن) تي ٽوڪون ڪندا هئا تن کي انهن جي ٽوڪن واري عذاب ئي گهيري ۾ ورتو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ توهان کان اڳ (به) رسولن تي ٺٺوليون ڪيون ويون پوءِ انهن مان مسخريون ڪرڻ وارن کي (حق جي) انهي (عذاب) اچي گهيريو جنهن تي اُهي ٺٺوليون ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) اها حقيقت آهي ته توکان پهرين نبين جو به مذاق اڏايو ويو (بلڪل ايئن-جيئن اڄ تنهنجو مذاق اڏايو پيو وڃي!) ته جن ماڻهن مذاق اڏايو هيو ۽ هو جنهن ڳالهه جو مذاق اڏائيندا هيا ته اهائي ڳالهه اچي انهن تي ڪڙڪي (يعني هيءَ ڳالهه جي ته : “بڇڙن ڪرتوتن جو انجام بڇڙو آهي.” ته اهوئي قانون کين ڳچيءَ پئجي ويو). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل سيروا فِى الأَرضِ ثُمَّ انظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ملڪ ۾ گھمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي گهمو ڦرو ۽ سير سفر ڪيو (اڳين قومن ۽ شهرن جا کنڊر ڏسو) ۽ معلوم ڪيو ته (پيغمبرن کي) ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ وارن جي پڇاڙي نيٺ ڪهڙي ٿي چڪي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو، سير ڪريو توهان زمين ۾ انهيءَ کان پوءِ ڏسو ته ڪهڙي پڇاڙي آهي رسولن کي ڪُوڙو سمجھندڙن جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول هنن کي) چئو ته ٿورو زمين تي گهمي ڦري سير ڪري ڏسو ته (نبين) کي ڪوڙي ڪندڙن جو ڪهڙو نه (بڇڙو) نتيجو ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته- سير ڪيو زمين ۾ ان کان پوءِ ڏسو ته ڪيئن ھئي پڇاڙي ڪوڙو ڪندڙن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول کين) چئو ته گهمو زمين ۾ وري ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙي ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته زمين ۾ گهمو ڦرو پوءِ ڏسو ته ڪُوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڀُون ۾ گُھمو ڀورڙا!، پوءِ ڪريو نِرت نِهار، ته ڪِهڙا پَڇاڙِي پار، ڪوڙن ڪافرن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته زمين جو سير ڪريو، ۽ ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙو ڪندڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿئي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي چؤ ته ٿورو زمين ۾ گهمي ڦري به ته ڏسو ته ڪوڙو سڏيندڙن جي پڇاڙي آخر ڪهڙي ٿي آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ، (ڀلي) گهمي ڦري ڏسو زمين ۾ ٿورو ۽ ڏسو ته ڪهڙو حال ٿيو، ڪهڙي پڄاڻي ٿي ڪوڙو چوندڙن جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي چؤ ته زمين ۾گهمي ڦري ڏسو ته (الله تعالى جي احڪامن کي) ڪوڙو ڪرڻ وارن جو ڪھڙو انجام ٿيو آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو ته توهان زمين ۾ گهمو ڦرو، پوءِ (عبرت جي نگاه سان) ڏسو ته (حق کي) ڪوڙو چوڻ وارن جو انجام ڪهڙو ٿيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئه: ڌرتيءَ جو سير سفر ڪريو (گذريل قومن جي آثار ۽ باقيات تي نظر وجهو) ۽ ڏسو ته (حقيقتن کي) ڪوڙو چوندڙن جو ڪهڙو انجام ٿيو آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل لِمَن ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ قُل لِلَّهِ كَتَبَ عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 12) |
(اي پيغمبر کانئن) پُڇا ڪر ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو ڪنھنجو آھي؟ چؤ ته الله جو آھي، جنھن (ٻانِھن تي) ٻاجھه (ڪرڻ) پاڻ تي لازم ڪئي آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ شڪ نه آھي ضرور اوھان کي گڏ ڪندو، جنھن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ڪڏھن ايمان نه آڻيندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ چئو ته الله جي لاءِ آهي. هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته رحمت ڪري. (خلقت ۾ ڏسو ته ظاهر ظهور سندس رحمت ڪم ڪري رهي آهي) هو يقيناً اوهان کي قيامت جي ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري رهيا آهن، سي ايمان ڪونه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ڪنهن لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي؟ اي حبيب ! توهان فرمايو اهو سڀ ڪجھه الله لاءِ آهي، الله تعالى (امتِ محمديه لاءِ) رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، ۽ الله ضرور توهان کي گڏ ڪندو قيامت جي ڏينهن جو ناهي شڪ انهيءَ ۾، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي نٿا ايمان آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هنن کان پڇين ته (ڀلا اهو ته ٻڌايو ته) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ (اهي ڇا جواب ڏئي سگهندا تون خود) چوين ته خاص خدا جو ئي آهي. هن پنهنجي وجود تي رحمت واجب ڪري ڇڏي آهي. اهو اوهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ضرور ڪٺو ڪندو. (پر) جن ماڻهن پنهنجو نقصان ڪيو آهي (قيامت تي) ايمان نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪنھن جي لاءِ آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آھي فرماءِ- الله جي لاءِ- يقينًا گڏ ڪندو اوھان کي قيامت جي ڏينھن ناھي ڪو شڪ ان ۾ جن نقصان ۾ وڌو پنھنجن سرن کي پوءِ اھي نه ايمان آڻيندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ چؤ ته الله جو آهي. رحم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. قيامت جي ڏينهن جنهن (جي ٿيڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي، ضرور اوهان کي گڏ ڪندو. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، سي ايمان نه آڻيندا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان پڇ ته جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ چئو ته الله جو آهي. جنهن (ٻانهن تي) ٻاجهه ڪرڻ پاڻ تي لکي ڇڏي آهي. اهو ضرور اوهان کي قيامت واري ڏينهن گڏ ڪندو جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وڌو آهي اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڪِنهن لئي، جو اُڀ ، ڀون ۾؟ چئو آهي اَلله هار، جنهن لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ٻانهن سان ٻيهار، ڪندنِ ڏينهن قيام جي، آڻي گڏ اِظهار، شڪ، نه شُبهو جنهن ۾؛ جن هَڙ ۾ کاڌِي هارِ، اُهي پنهنجو پالڻهار، مُورک نه مَڃينِ مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (انهن کان) پڇ ته ”جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو ڪنهن جو آهي؟“ چئو ”الله جو،“ ان پنهنجي پاڻ تي رحمت کي لازم ڪيو آهي. هو اوهان سڀني کي قيامت ڏينهن ضرور ڪٺو ڪندو، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي سي ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇين ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، سو ڪنهن جو آهي؟ ٻڌائين ته سڀ ڪجهه الله جو ئي آهي، هن رحم ۽ ڪرم واري ريت پاڻ تي واجب ڪري ڇڏي آهي. (انهيءَ ڪري ئي هو بي فرمانين ۽ سرڪشين تي توهان کي جلدي نٿو پڪڙي) قيامت جي ڏينهن هو توهان سڀني کي ضرور گڏ ڪندو، ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، پر جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي اهي نٿا مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڇ انهن کان (اي نبي!) ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ڪنهن جو آهي؟ چؤ سڀ الله جو. هن پاڻ تي رحم ڪرڻ جي ريت واجب ڪئي آهي، تنهن ڪري نافرمانين تي جلد پڪڙ نٿو ڪري، ڏينهن قيامت جي سڀني کي گڏ ڪندو، جيڪا بنا شڪ جي حقيقت آهي. جن ماڻهن پاڻ کي تباهي جي ڳٽ ۾ وڌو آهي، اهي ئي اها ڳالهه نٿا مڃين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان پڇو ته آسمانن ۽ زمين ۾ موجود شيون ڪنھن جون آهن؟ ( انهن وٽ ڪو جواب ئي ڪونهي) توهان ئي کين ٻڌايو! ته الله تعالى جون آهن، هن (الله) پاڻ تي رحم ۽ ٻاجهه ڪرڻ لازم ڪيو آهي، هو قيامت جي ڏينھن توهان سڀني کي گڏ ڪندو، جنھن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي. جن ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، اهي (ڪڏهن به) ايمان نه آڻيندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان (انهن کان سوال) فرمايو ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي ڪنهن جو آهي؟ (پوءِ اهو به) فرمايو ته الله جو ئي آهي، ان پنهنجي ذات (جي ذمي ڪرم) تي رحمت لازم فرمائي آهي، اهو توهان کي قيامت جو ڏينهن جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي ضرور گڏ فرمائيندو. جن پنهنجي جانين کي (دائمي) نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي، سي ايمان نه آڻيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته: آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي اهو ڪنهن جو آهي؟ چئه: الله جو آهي، هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته (هر حال ۾ سڀ تي) ٻاجهه ڪري. (۽ اها ان جي ٻاجهه ئي ته آهي- جيڪا پوري ڪائنات تي ڇانيل آهي). هو ضرور توهان کي قيامت جي ڏينهن (پاڻ وٽ) ڪَٺو ڪندو (ڇو جو ان جي ٻاجهه جي تقاضا اها ئي آهي ته دنيا ۾ سڀ کي مهلت ڏي ۽ عملن جو بدلو قيامت ۾ ڏي)- قيامت ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي. (پر اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو (پنهنجن هٿن سان) پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري چڪا آهن اهي ڪڏهن به يقين ڪونه ڪندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَهُ ما سَكَنَ فِى الَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 13) |
۽ جيڪو رات ۽ ڏينھن ۾ رھندو آھي، سو ان جي مِلڪ آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) ته جيڪي به رات (جي اونداهيءَ) ۾ ۽ ڏينهن (جي روشنيءَ) ۾ رهندڙ آهي، سو سڀ سندس (يعني الله جي) لاءِ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ سڀئي مخلوقات ۽ موجودات الله تعالى جي ملڪيت آهن، ۽ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن (اهو نٿا سمجهين ته) جيڪي رات جو ۽ ڏينهن جو (سموري زمين تي) رهي (سهي) ٿو (سڀ) خاص سندس ئي آهي ۽ اهو ئي سڀني جي) ٻڌي ۽(سڀ ڪجھ) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جو ئي آھي جيڪو رھيو رات ۾ ۽ ڏينھن ۾ ۽ اھو ئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آھي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شيون رات ۽ ڏينهن ۾ رهن ٿيون سي سندس آهن. ۽ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (سڀ ڪجهه) ان جو آهي جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ سڪون وٺي ٿو. ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سڀ اُن جا، ڏينهن، رات ۾، جي ڪٿي به، ڪن قرار، ۽ سُڻندڙ سَمجھدار، سو الله جَلَّ جَلَالُهٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪا مخلوق رات ۽ ڏينهن ۾ رهي ٿي. اها سندس آهي ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جي اونداهي ۾ توڙي چٽي ڏينهن ۾ رهندڙ جيڪو به آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر شيءِ انهيءَ (الله) جي آهي جيڪا رات جي اونداهي ۽ ڏينهن جي سوجهري ۾ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رات ۽ ڏينھن جي نظام ۾ جيڪي شيون رهن ٿيون، سي سڀ ان (الله) جون آهن ۽ هو ٻڌندڙ ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اها (سموري مخلوق) جيڪا رات ۾ ۽ ڏينهن ۾ آرام ڪري ٿي، ان جي ئي آهي، ۽ هو خوب ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ان جو ئي آهي جيڪو ڪجهه رات (جي انڌيري) ۽ ڏينهن (جي سوجهري) ۾ هجي ٿو. ۽ الله ٻڌڻ وارو ۽ ڄاڻڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَغَيرَ اللَّهِ أَتَّخِذُ وَلِيًّا فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ يُطعِمُ وَلا يُطعَمُ قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَكونَ أَوَّلَ مَن أَسلَمَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 14) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين جي بڻائيندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي سنڀاليندڙ ڪري ڇو وٺان؟ ۽ اُھو (سڀني کي) روزي ڏيندو آھي ۽ کيس روزي ڪونه ڏيندو آھي، چؤ ته مون کي حُڪم ڏنو ويو ته پھريون مسلمان آءٌ ھجان ۽ (فرمايو ويو ته) تون مشرڪن مان مُور نه ھج.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغبر انهن ماڻهن کي) چئو ته ڇا، جو خدا آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي تنهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو نگهبان ۽ ڪارساز بنايان؟ اهوئي سڀني کي روزي رسائي ٿو، پر ڪوبه ڪونهي جو کيس روزي ڏيندڙ هجي (کيس ته روزي يا طعام جي ضرورت به ڪانهي) تون چئو ته، مونکي ته هي حڪم ڏنو ويو آهي ته خدا جي اڳيان جهڪڻ وارن ۾ پهريون جهڪڻ وارو ٿي ۽ مونکي چيو ويو آهي ته ائين نه ڪر جو مشرڪن مان هڪڙو ٿي پوين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا الله کان سواءِ آئون عبادت ڪريان جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو ۽ اهو کارائي ٿو ۽ پاڻ نٿو کائي. اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي بيشڪ حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون پهريون فرمانبردار هجان ۽ هرگز تون گڏ نه هج مشرڪن سان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون چوين ته ڇا! خدا کي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارو آهي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي آءُ پنهنجو سرپرست بنايان ۽ اهو ئي (سڀني کي) روزي ٿو ڏئي ۽ کيس ڪو به روزي نٿو ڏئي. (اي رسول!) چوين ته، مون کي حڪم ڏنل آهي ته سڀني کان اڳ ۾ اسلام آڻڻ وارو آءُ ئي آهيان ۽ (هي به ته ياد رک!) مشرڪن مان نه ٿج!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ، ڇا الله کان سواءِ وٺان مان ٻيو وارث (الله ئي) پيدا ڪندڙ آھي آسمانن ۽ زمين جو ۽ اھو (ٻين کي) کارائي ٿو ۽ (پاڻ) نٿو کارايو وڃي فرماءِ ته بيشڪ مان امر ڪيو ويس ته ھجان پھريون اھو جو اسلام آندائين ۽ ھر گز نه ھج تون مشرڪن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته ڇا آءُ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي مددگار ڪري وٺان؟ ۽ اهو کارائي ٿو ۽ ان کي (ٻيو ڪو) نٿو کارائي. چؤ ته مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ (هن امت مان) پهريون فرمانبردار ٿيان ۽ (مون کي چيو ويو آهي ته الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان تون ڪڏهن به نه ٿيءُ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته ڇا ان الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي ڪارساز بنايان جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو (سڀني کي) کارائي ٿو ۽ کيس کارايو نه ٿو وڃي. چؤ ته مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته پهريون مسلمان ٿيان ۽ (هي به حڪم ڏنو ويو آهي ته) ”تون هرگز مشرڪن مان نه ٿجانءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون ڇا الله ري، پرور گُھران، ڪو پَر؟ جو آهي اُڀ، زمين جو، پيدا ڪندڙ پَروَر، ۽ اُوکارائي، ۽ نه کائـِي ڪِي؛ اَمر ٿيمِ اِن پر، ته اَول هُجان، اُنهن مان، جن جُھڪايو سِر، ۽ مُور نه ٿِي مُقرر، پَرجي، پُوڄاريَن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ڇا. آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کي ڇڏي، ڪنهن ٻئي کي ڪارساز بڻايان؟ ۽ اهو (سڀ کي) روزي ڏئي ٿو، ۽ ڪو به کيس روزي نه ٿو ڏئي. چئو ته مون کي حڪم مليو آهي ته آءٌ سڀ کان اڳ حڪم مڃيندڙ ٿيان ۽ تون هرگز ان سان ٻيا ڀائيوار بڻائيندڙ نه ٿيءُ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ! ڇا الله کي ڇڏي مان ڪنهن ٻئي کي پنهنجو سنڀاليندڙ بڻايان؟ انهيءَ الله کي ڇڏي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو خالق آهي ۽ جيڪو روزي رسائي ٿو، روزي طلبي نٿو، چؤ! مونکي ته اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ مان ئي سندس آڏو سر نوايان (۽ تاڪيد ڪيل آهي ته ڪو شرڪ ڪري ته ڪري) تون ڪڏهن به مشرڪن ۾ شامل نه ٿجانءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) ڇا الله کي ڇڏي ڪنهن غير کي آئون پنهنجو سرپرست بنايان؟ ان خدا کي ڇڏي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو خالق آهي، جيڪو روزي رسائي ٿو پر روزي وٺي نٿو. چؤ (اي نبي!) بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهرين آئون سندس آڏو ڪنڌ نوايان، پر (ڪير شرڪ ڪري ته ڪري) آئون انهن مشرڪن ۾ شامل نه ٿيان.)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کين چؤ ته ڇا مان آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله تعالى کي ڇڏي ٻئي ڪنھن کي معبود بنايان؟ هو (ٻين کي) رزق کارائي ٿو پر ٻين کان رزق نٿو وٺي (بلڪه رزق کائڻ کان ئي پاڪ آهي) چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پھريائين مان مسلمان ٿيان ۽ هن جي طرفان مون کي اهو به فرمايو ويو آهي ته تون مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: ڇا آئون ڪنهن ٻئي کي (عبادت جي لاءِ پنهنجو) دوست ٺاهيان (ان) الله کانسواءِ جيڪو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو (سڀني کي) کارائي ٿو ۽ (خود ان کي) کارايو نٿو وڃي. فرمايو: مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون (ان جي دربار ۾) سڀ کان پهريون (ڪنڌ جهڪائيندڙ) مسلمان ٿي وڃان ۽ (اهو به فرمايو ويو آهي ته) توهان مشرڪن مان هرگز نه ٿجو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئه: ڇا (توهين چاهيو ٿا) ته مان خدا کي ڇڏي- جيڪو آسمانن ۽ زمين جو اپائڻهار آهي، ڪنهن ٻي هستيءَ کي پنهنجو واهرو مڃيان؟ هو سڀ کي روزي ڏي ٿو، پر ڪوئي ڪونهي جيڪو- هُن کي روزي ڏي. تون چئه: مون کي ته اهوئي حڪم مليل آهي ته خدا جي فرمانبردارن منجهان پهريون نمبر فرمانبردار بڻجان. ۽ (مون کي حڪم مليل آهي ته) مشرڪن منجهان هرگز نه ٿيان. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 15) |
چؤ ته جيڪڏھن پنھنجي پالڻھار جو چيو نه مڃيان ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته مان ڪيئن خدا جي نافرماني ڪيان؟ مان ته انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جو تمام وڏو ڏينهن آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون خوف ڪريان ٿو قيامت جو جيڪڏهن (بالفرض) مون پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون چوين ته جيڪڏهن آءُ نافرماني ڪريان ته ضرور هڪ تمام وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ بيشڪ مان ڊڄان ٿو جيڪڏھن بي فرماني ڪئي مون پنھجي رب جي عذاب وڏي ڏينھن جي کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊپ ٿئي ٿو جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪندس.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته اگر آءٌ پنهنجي مالڪ جي بي فرماني ڪيان ته وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ڏَران، ته سندمِ ڏاتار جو، جي حُڪم ڀڳمِ هيڪار، وڏي ڏينهن جي، ڏک کان، سَزا سخت اَپار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي رب جي نافرماني ڪندس ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ! مان ڊڄان ٿو ته جيڪڏهن پنهنجي رب جي بي فرماني ڪئي ته هڪ وڏي (خوفناڪ) ڏينهن واري سزا ڀوڳڻي پوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، بيشڪ آئون جيڪڏهن پنهنجي رب جي نافرماني ڪريان ته ڊڄان ٿو خوفناڪ ڏينهن تي وڏي عذاب ڀوڳڻ کان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته بيشڪ مان پنھنجي رب جي نافرماني ڪرڻ جي صورت ۾ قيامت جي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو ته بيشڪ آئون (ته) وڏي عذاب جي ڏينهن کان ڊڄان ٿو، جيڪڏهن آئون پنهنجي پالڻهار جي نافرماني ڪريان (تنهنڪري اهو ڪيئن آهي؟)(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون چئه: مان، ڪيئن خدا جي نافرماني ڪريان؟ مان ته ان ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جيڪو (ايندڙ ڏهاڙن ۾) تمام وڏو ڏينهن آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مَن يُصرَف عَنهُ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمَهُ وَذٰلِكَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 16) |
اُن ڏينھن جنھن (ماڻھو) کان (عذاب) ٽاريو ويندو تنھن تي بيشڪ الله ٻاجھ ڪئي، ۽ اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن جنهن جي سر تان عذاب ٽري ويو تنهن تي خدا وڏو ئي رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪو انسان قيامت جي ڏينهن عذاب کان پري ڪيو ويو پوءِِ بيشڪ انهيءَ تي الله رحم ڪيو، ۽ اِها صاف ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهنن جنهن (جي سر) تان عذاب ٽري ويو ته (سمجھ ته) خدا مٿس (وڏو) رحم ڪيو. ۽ اها ئي ته کليل ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اھو شخص جو ڦيرايو ويندو ان کان ان ڏينھن (عذاب) پوءِ تحقيق رحم ڪيائين ان تي ۽ اھا ئي ڪاميابي روشن آھي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن جنهن (ماڻهو) تان (عذاب) ٽاريو ويندو بيشڪ تنهن تي الله رحم ڪيو ۽ اها ظاهر ڪاميابي آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن جنهن کان اُهو (عذاب) ٽاريو ويو ته بيشڪ (الله) ان تي ٻاجهه ڪئي. ۽ اها ئي پڌري ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن ٽاڻي، جنهن تان، ٽاريو وِيو، اِهو وڏو آزار، ته ٿئـِي مٿسِ ٻاجھ ٻِيهار، ۽ سَڀنِيان وڏِي سوڀ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کان ان ڏينهن عذاب ٽري ويو ته ان تي برابر الله جي مهرباني ٿي ۽ اها پڌري ڪاميابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن جيڪو سزا کان بچي ويو، انهيءَ تي الله وڏو رحم ڪيو ۽ اهائي تمام پڌري ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن جيڪو انهيءَ عذاب کان بچي ويو تنهن تي (الله جو) وڏو رحم ٿيو، ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي ظاهر ظهور.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن جنھن کان عذاب ٽاريو ويو ته سمجهو ته ان تي الله تعالى وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي اصل ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان ڏينهن جنهن ماڻهو کان اهو (عذاب) هٽايو ويو ته بيشڪ (الله) ان تي رحم فرمايو، ۽ اها ئي (آخرت جي بخشش) پڌري ڪاميابي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان ڏينهن جنهن جي سِر تان عذاب ٽري ويو ته ان تي خدا رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِن يَمسَسكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلا كاشِفَ لَهُ إِلّا هُوَ وَإِن يَمسَسكَ بِخَيرٍ فَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 17) |
۽ جيڪڏھن الله توکي ڪو ڏک پُھچائي ته اُن (الله) کانسواءِ ان جو ڪو لاھيندڙ نه آھي، ۽ جيڪڏھن اُھو توکي سُک پُھچائي ته اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسان) جيڪڏهن خدا توتي مصيبت آڻي ته ان کي ٽارڻ وارو ڪوبه ڪونهي، سواءِ سندس ذات جي ۽ جيڪڏهن هو توتي ڀلائي ڪري ته (کيس روڪڻ وارو ڪوبه ڪونهي) هو سڀڪنهن ڳالهه تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله توهان کي سختي پهچائي پوءِ ڪير به ان کي لاهي نٿو سگھي مگر الله تعالى پاڻ ۽ جيڪڏهن الله توهان کي ڀلائي پهچائي ٿو پوءِ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا توهان کي ڪنهن قسم جي تڪليف ڏئي ته انهي کان سواءِ تنهن جي ٽارڻ وارو ڪو به نه آهي. پر جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسائي تڏهن به (کيس ڪو به جهلي نٿو سگهي ڇو ته) اهو هر ڳالھ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏھن پھچائي توکي الله ڪو ڏک ته پوءِ ناھي ڪو لاھيندڙ ان جو ان کان سواءِ ۽ جيڪڏھن پھچائي توکي ڪا ڀلائي ته پوءِ اھو ھر شيءِ تي قادر آھي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائي ته ان کانسواءِ ان (تڪليف) کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي پهچائي ته اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر الله تو کي ڪو نقصان پهچائي ته ان کان سواءِ ان جو لاهيندڙ ڪوبه نه آهي ۽ جيڪڏهن اهو تو کي ڪو خير (سک) پهچائي ته پوءِ اهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي. ۽ اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. (فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڏِنئـِي ڏک ڏيہ ڌڻي، ته ڪو نهي ٻئو اُن ڪاڻ، لاهيندڙ، ڪو لوڪ مان، سوا سائين پاڻ، جي ڏِينئـِي سُک سُڄاڻ، پوءِ اُوقادر هر ڪنهن ڪم مٿي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله توکي ڏک ڏئي، ته ڪو به ان کي ٽارڻ وارو ڪو نه آهي ان کان سواءِ (اِلّا هو) ۽ جيڪڏهن توکي فائدو ڏئي ته هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله توکي ڪوبه نقصان پهچائي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ناهي، جيڪو توکي ان کان بچائي سگهي ۽ جيڪڏهن هو توکي ڪا ڀلائي نصيب ڪري ته هو هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن ڪنهن قسم جو نقصان الله توکي رسائي ته توکي ڪير به ان کان بچائي نٿو سگهي، ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي عطا فرمائي ته اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى ڪنھن کي نقصان ڏيڻ چاهي ته ان کان سواءِ ٻيو ڪير به ان نقصان کان بچائي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن هو ڀلائي ڏيڻ چاهي ته هو هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائي ته کانئس سواءِ ڪوبه ان کي ڪو به ٽارڻ وارو ناهي، ۽ جيڪڏهن اهو توکي ڪا ڀلائي پهچائي ته اهو هر شيءِ تي چڱي طرح قادر آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي انسان!) جيڪڏهن خدا توکي نقصان رسائي ته الله کانسواءِ اهو نقصان ٽارڻ وارو ڪوئي ڪونهي ۽ جيڪڏهن هو توسان چڱائي ڪري ته (ان کي ڪير ٿو روڪي سگهي؟) هو هر ڳالهه تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 18) |
۽ اُھو ٻانھن تي غالب آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو ئي آهي جو پنهنجي سڀني بندن تي غالب آهي ۽ اهو ئي آهي جو حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو هميشه حڪمت وارو خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اھو غالب آھي پنھنجن ٻانھن تي ۽ اھوئي حڪمت وارو خبر رکندڙ آھي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو حڪمت وارو خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ سندنِ بندن تي، قرارو ڪلتار، ۽ حڪمتِي هوشيار، خدا خبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ اهو داناءُ ۽ خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کي پنهنجن ٻانهن جي مٿان اختيار آهي ۽ هو داناءُ ۽ باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو (الله) مڪمل اختيار رکي ٿو پنهنجن ٻانهن تي، ۽ هو داناء ۽ باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو پنھنجي ٻانهن تي مڪمل اختيار رکي ٿو، هو وڏي حڪمت وارو ۽ هر شيءِ کان باخبرآهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي، ۽ اهو وڏي حڪمت وارو خبردار آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهوئي آهي جيڪو پنهنجن سمورن بندن تي غلبو (ڪنٽرول) رکڻ وارو آهي. ۽ اهوئي آهي: حڪمت ڀريو ۽ خبر رکندڙ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَىُّ شَيءٍ أَكبَرُ شَهٰدَةً قُلِ اللَّهُ شَهيدٌ بَينى وَبَينَكُم وَأوحِىَ إِلَىَّ هٰذَا القُرءانُ لِأُنذِرَكُم بِهِ وَمَن بَلَغَ أَئِنَّكُم لَتَشهَدونَ أَنَّ مَعَ اللَّهِ ءالِهَةً أُخرىٰ قُل لا أَشهَدُ قُل إِنَّما هُوَ إِلٰهٌ وٰحِدٌ وَإِنَّنى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 19) |
پُڇا ڪر ته شاھديءَ ۾ ڪير وڏو آھي، چؤ منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ الله ئي گواہ آھي، ۽ مون ڏانھن ھيءُ قرآن ھن لاءِ وحي ڪيو ويو آھي ته اُن سان اوھان کي ۽ جن جن کي (ھيءُ قرآن) پھچي (تن سڀني کي) ڊيڄاريان، (ھيءَ ڳالھ) اوھين ثابت ڪري سگھندؤ ڇا؟ ته الله ساڻ ٻيا (به) عبادت جا لائق آھن، چؤ ته آءٌ (اھڙي باطل ڪم جي) شاھدي نٿو ڏيان، (بلڪ سچي ڳالھ جي ثابتيءَ لاءِ) چؤ ته ھڪ الله کان سواءِ ڪوئي عبادت جو لائق ڪونھي ۽ جنکي اوھين شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته، اها ڪهڙي شيء آهي جنهن جي شاهدي سڀني کان وڏي شاهدي آهي؟ تون چئي ڏي ته (الله جي شاهدي وڏي آهي.) الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي، مون تي هي قرآن انهيءَ لاءِ وحي طور نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي مان اوهان کي ۽ انهن کي جن وٽ اهو پهچي خبردار ڪيان. (هاڻي توهان کي ڇا چوڻو آهي؟) ڇا توهان شاهدي ڏيو ٿا ته خدا سان ٻيا ديوتائون به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان ته اها شاهدي ڪونه ٿو ڏيان، ۽ چئو ته، فقط اهوئي اڪيلو معبود آهي (هن سان ڪوبه شريڪ ڪونهي ) ۽ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪيو ٿا تن کان مان بيزار آهيان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو الله کان شاهدي ۾ ڪهڙي شيءِ وڏي آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو الله شاهد آهي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ۽ مون ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي هيءُ قرآن مجيد انهي لاءِ ته توهان کي ڊيڄاريان ۽ جن ماڻهن تائين قرآن ڪريم پهچي. ڇا توهان (مڪي جا ماڻهو) شاهدي ڏيو ٿا ته بيشڪ الله تعالى سان گڏ ٻيا خدا آهن، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون شاهدي نٿو ڏيان، توهان فرمايو اهو الله هڪ آهي ۽ بيشڪ آئون اوهان جي شرڪ کان قطعاً بيزار آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون پڇين ته ڪهڙيءَ شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي. (تون پاڻ ئي) چئين ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ خدا شاهد آهي. ۽ مون ڏي هي قرآن وحي جي نموني سان ان ڪري نازل ڪيل آهي ته جيئن آءُ اوهان کي ۽ جنهن کي (هن جي) خبر پهچي، هن جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا اوهين پڪ سان اها شاهدي ڏئي سگهندو ته الله کانسواءِ ٻيا به معبود آهن؟ (اي رسول!) تون چئين ته آءُ ته اهڙي شاهدي ڪو نه ٿو ڏيان (اوهين چئپ ته چئو) تون هنن کي چئو ته بس هڪ ئي الله آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪھڙي شيءِ وڏي آھي شاھديءَ جي لحاظ سان؟ فرماءِ ته الله شاھد آھي منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ وحي ڪيو ويو مون ڏانھن ھيءُ قرآن تانته ڊيڄاريان اوھان کي ان سان ۽ ان کي جنھن کي پھتو، ڇا يقينًا اوھان البته شاھدي ڏيو ٿا ته تحقيق الله سان گڏ الـٰہ ٻيا به آھن فرماءِ ته مان شاھدي نه ٿو ڏيان فرماءِ ته پڪ اھو معبود ھڪ آھي ۽ پڪ مان بيزار آھيان ان کان جو شرڪ ٿا ڪيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته ڪهڙي شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي چئو ته الله منهنجي وچ ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي. ۽ مون ڏي هيءَ قرآن نازل ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ۽ جنهن کي هيءَ (قرآن) پهچي تنهن کي ان سان ڊيڄاريان. ڇا اوهين شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به معبود آهن؟ چئو ته آءُ (ان جي) شاهدي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو رڳو هڪڙوئي عبادت جي لائق آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان پڇ ته ڪنهن جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي؟ چؤ ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي ۽ مون ڏانهن هي قرآن ان لاءِ وحي ڪيو ويو آهي ته ان جي ذريعي اوهان کي ۽ جنهن تائين (قرآن) پهچي تن کي ڊيڄاريان. ڇا اوهان شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به عبادت جي لائق آهن؟ چؤ ته آءٌ شاهدي نه ٿو ڏيان. چؤ ته صرف اهو اڪيلو معبود آهي ۽ آءٌ انهن (ڪوڙن معبودن) کان بيزار آهيان، جن کي اوهان شريڪ بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڪهڙِي شئ، شاهدئَ ۾، آهي وڏِي اَپار؟ چئو، مون ۽ اوهان وِچ ۾، ساکِي آهي، ستار، ۽ هِي قرآن ڪريم، ٿو وڃي، موڪليو مون اپار، ته اُن سان، اوهان ڊڄاريان، پڻ پُهتِي جنهن پَچار، ڇاسچ پچ اوهين ساک ڏِيو، ته ٻيا ڪي، منجھ ڪم ڪار؟ آهن، گڏ الله سان، ڀيڙا ڀائيوا؟ آئون نه ڏيندس، ساک سا، ورِي ٻول ٻيهار، چئو ناهي، مگر اُهو هِڪ، ڏينهَن جو ڏاتار، ۽ آئون اِنهيان بيزار، جن کي، ڀيڙا ڀانيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون پڇ ته سڀ کان وڏو گواهه ڪير آهي؟ چئو ته الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ گواهه آهي ۽ هي قرآن مون ڏانهن هن ڪري لاٿو ويو آهي، ته آءٌ ان سان اوهان کي ۽ جن کي (اهو قرآن) پهچي، ڊيڄاريان، ڇا اوهين اها شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان ٻيو به ڪو بندگيءَ جو لائق آهي؟ چئو ته گواهي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو ئي هڪ بندگيءَ جو لائق آهي ۽ جن کي اوهين ان جا ڀائيوار بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان بيزار آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇين ته ڪنهن جي شاهدي سڀ کان ڳري آهي؟ چؤ منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله شاهد آهي ۽ هيءُ قرآن مون ڏانهن وحيءَ وسيلي موڪليو ويو آهي ان لاءِ ته جيئن توهان کي ۽ جنهن تائين اهو پهچي سڀني کي ان وسيلي خبردار ڪريان. ڇا سچ پچ توهان اها شاهدي ڏيئي سگهو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا الــٰـھ (خدا) به آهن؟ چوين ته مان ته اهڙي شاهدي ڏئي نٿو سگهان. چوين ته الـــٰـھ (معبود) ته اهو هڪڙوئي آهي ۽ مان انهيءَ شرڪ کان سخت بيزار آهيان، جنهن ۾ توهان ڦاٿل آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کان پڇ، ڪنهن جي اُتم آهي شاهدي سڀ کان؟ چؤ (اي نبي!)، الله ئي شاهد آهي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾، ۽ وحي وسيلي ئي هي قرآن مون ڏي موڪليو آهي، ان لاءِ ته توهان سڀني کي خبردار ڪريان ۽ جن ماڻهن تائين پهچي سگهان، ڇا سچ جي شاهدي ڏئي سگهو ٿا ته گڏ آهن الله سان ٻيا به خدا؟ چؤ (اي نبي)، اهڙي شاهدي ته آئون ڏئي نٿو سگهان، چؤ بيشڪ اهو الله ته هڪڙو آهي ۽ آئون انهيءَ شرڪ کان بيزار آهيان جنهن ۾ توهان ڦاٿل آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پڇا ڪريو ته ڪنھن جي شاهدي سڀني کان وڌيڪ اهم (۽ سچي) آهي، (کين کولي) ٻڌايو ته الله تعالى منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهد آهي. هي قرآن مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته جيئن مان توهان کي ۽ هي جن تائين به پھچي تن سڀني کي، ان جي ذريعي ڊيڄاريان. ڇا توهان شاهدي ڏئي سگهو ٿا ته الله تعالى سان گڏ ٻيا به معبود آهن؟ (کين وڏي واڪي) ٻڌايو ته مان ته اهڙي شاهدي نٿو ڏيان ۽ مان انهن سڀني کان بيزار آهيان، جن کي توهان (الله تعالى سان گڏ) ڀائيوار بنايو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان (انهن کان دريافت) فرمايو ته شاهدي ڏيڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪير آهي؟ توهان (ئي) فرمايو ته الله منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهد آهي، ۽ مون ڏانهن هي قرآن ان ڪري وحي ڪيو ويو آهي ته ان جي ذريعي توهان کي ۽ هر ان ماڻهو کي جنهن تائين (هي قرآن) پهچي ڊيڄاريان. ڇا توهان واقعي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا معبود (به) آهن؟ توهان فرمايو: آئون (ته ان غلط ڳالهه جي) شاهدي نٿو ڏيان، فرمايو: بس معبود ته اهو هڪ ئي آهي ۽ آئون انهن (سڀني) شين کان بيزار آهيان جن کي توهان (الله جو) شريڪ ٺاهيو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! تون کانئن) پڇ: ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي گواهي سڀ کان وڏي گواهي ٿي؟ تون چئه: (الله جي گواهي سڀ کان وڏي گواهي آهي) الله منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ گواهه آهي. هن مون تي هي قرآن وحي ڪيو ته جيئن ان جي ذريعي توهان کي ۽ انهن کي- جن تائين ان جي تعليم پهچي وڃي (انڪار۽ بڇڙاين جي نتيجن کان) خبردار ڪريان. (هاڻي ٻڌايو ته توهان جو ڇا چوڻ آهي؟) ڇا توهين گواهي ڏيو ٿا ته خدا سان گڏ ٻيا معبود به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئه: (جيڪڏهن توهان جي گواهي اهائي آهي ته ٻڌي ڇڏيو!) مان اهڙي گواهي نه ٿو ڏيان. منهنجي گواهي اها آهي ته معبود ته صرف اهوئي واحد (الله) آهي، ڪوئي به ان سان شريڪ ڪونهي، جو توهين ساڻس شرڪ ڪريو ٿا، مان اهڙي شريڪ کان بيزار آهيان. (تنهنڪري هاڻي هڪ گواهي توهان جي ٿي- هڪ منهنجي ۽ فيصلو خدا جي هٿ وس آهي). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يَعرِفونَهُ كَما يَعرِفونَ أَبناءَهُمُ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 20) |
جن کي ڪتاب ڏنوسين سي اُن (پيغمبر) کي اھڙيءَ طرح سڃاڻندا آھن جھڙيءَ طرح پنھنجن پٽن کي سڃاڻندا آھن، جن پاڻ کي ڇيئي ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن کي مون ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ اهي حقيقت کان بي خبر ناهن) سي سندس سچائي (يعني اسلام جي پيغمبر جي سچائي) اهڙيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙيءَ طرح پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪيو آهي سي ڪڏهن به ايمان آڻڻ وارا ناهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ۽ انجيل ڏنو رسولِ عربي کي سڃاڻن ٿا جيئن سڃاڻن ٿا پنهنجن پُٽن کي، جن ماڻهن نقصان ۾ وڌو پنهنجن وجودن کي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب عطا فرمايو آهي (يهودي نصارى) اهي ته جيئن پنهنجي ٻارن ٻچن کي سڃاڻن ٿا تئين هن نبي (محمد مصطفي) کي به سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ نقصان ڪيو سي ته (ڪنهن طرح) ايمان نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اھي جو ڏنو اسان انھن کي ڪتاب سڃاڻن ٿا ان کي جيئن سڃاڻن ٿا پنھنجي پٽن کي جن نقصان ۾ وڌو پنھنجن سرن کي پوءِ اھي نٿا ايمان آڻين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان (ڳالهه جي حقيقت) کي (اهڙيءَ طرح) سڃاڻن جهڙيءَ طرح پنهنجن پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي اُهي هن (نبي ڪريم ﷺ) کي ائين سڃاڻن ٿا جيئن پنهنجي پُٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پنهنجو پاڻ کي خساري ۾ وڌو ته اُهي ايمان ڪونه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳي ڏِناسون جن کي، ڪتاب ڪَرم ساڻ، سي سُڃاڻنِس، سُڃاڻن جِيئن، پُٽ پنهنجاپاڻ، پوءِ اُهي نه مَڃيندا آڻ، جن جوکي وڌا جِئ پانهنجا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، سي ان کي ائين سڃاڻن ٿا، جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو آهي، سي ايمان نه آڻيندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي، اهي ان کي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ائين ٿا سڃاڻن، جيئن پنهنجي پٽن کي ٿا سڃاڻن، پر جن پنهنجو پاڻ کي ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهي ته مڃيندا ئي ڪونه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن کي اسان ڏنو آهي ڪتاب اهي ڄاڻن ٿا شڪ بنا جيئن پنهنجن پٽن کي سڃاڻڻ ۾ شڪ نه ٿيندو آهي، پر جن ماڻهن پاڻ کي نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي سي ئي هن کي نٿا مڃين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنوسين هو هن ڪتاب کي اهڙي طرح سڃاڻن ٿا جيئن پنھنجي اولاد کي سڃاڻيندا هجن. جن ماڻهن پنھنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، اهي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اهي ماڻهو جن کي اسان ڪتاب ڏنو هو ان (نبي آخر زمان صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) کي ائين ٿا سڃاڻن جيئن پنهنجي پٽن کي سڃاڻن ٿا، جن پنهنجي جانين کي (سدائين جي) نقصان ۾ وجهي ڇڏيو آهي سي ايمان نه آڻيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن کي اسين ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ عيسائي- اهي حقيقت کان بي خبر ناهن). اهي پيغمبر (حضرت محمد ﷺ) جي سچائي اهڙي سڃاڻي ويا آهن جهڙو پنهنجي اولاد کي سڃاڻندا آهن (جو سندي اولاد بابت کين ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو ناهي هوندو ،پر) جن ماڻهن (پنهنجي هٿن سان) پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اهي ڪڏهن به يقين ڪونه ڪندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِـٔايٰتِهِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 21) |
ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڄاتو، ڪو شڪ نه آھي ته ظالم نه ڇٽندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جنهن الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تنهن کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ يقين آهي ته ظلم ڪندڙ (يعني غلط راهه تي هلندڙ) ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ناهي ڪوبه هڪڙو وڌيڪ ظالم اُن شخص کان جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪُوڙ مڙهي ٿو يا الله جي آيتن جو انڪار ڪري ٿو، بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نٿا وٺن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيو، تنهن کان مٿي (ڀلا ٻيو) ڪير ظالم ٿيندو. ۽ ظالمن کي ڪڏهن به نجات نه ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير آهي وڏو ظالم ان کان جو ٺاهي هنيائين الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو چيائين ان جي آيتن کي يقينًا نه ڪامياب ٿيندا ظالم.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا سندس آيتن کي ڪوڙو ڪيائين. بيشڪ ظالم ڪامياب نه ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جنهن الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌو يا ان جي آيتن کي ڪوڙو چيائين. بلاشڪ ظالم ڇوٽڪارو نه لهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفاڪار؟ جنهن قادر، ربُّ ڪريم تي، ٻَڌا ڪوڙ ٻيهار، يا ڪوٺِئين ڪُوڙيون اُن جون، نِشانيون نِروار، هرگز هاڃيڪار، مَنهدان نه ڇٽن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان ڪير وڌيڪ ظالم آهي، جو الله تي ڪوڙ گهڙي ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو ڪري؟ بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نه پائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير ٿيندو، جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان مڙهي يا الله جي نشاني کي ڪوڙو سڏي؟ بيشڪ اهڙا ظالم ڪڏهن به ڪاميابي نه ماڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي لڳائي ڪوڙو بهتان يا ان (الله) جي آيتن کي ڪوڙو چوي، بيشڪ فلاح پائي نه سگهندا اهڙا ظالم.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تعالى جي ذات تي ڪوڙ هڻي يا ان جي نشانين کي ڪوڙو چوي؟ بيشڪ اهڙا ظالم ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جنهن الله تي ڪوڙو بهتان گهڙيو يا ان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهيو؟ بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نه لهندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڀلا ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظالم ٿيو، جنهن الله تي ڪوڙ هنيو. ۽ ساڳئي ريت ان کان وڌيڪ به ڪوئي (ظالم) ڪونهي جيڪو هن جي آيتن کي ٺڪرائي. (۽) بي شڪ ! جيڪي ظالم آهن اهي ڪڏهن ڪامياب ڪونه ٿيندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيَومَ نَحشُرُهُم جَميعًا ثُمَّ نَقولُ لِلَّذينَ أَشرَكوا أَينَ شُرَكاؤُكُمُ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 22) |
۽ (اُھو وقت ياد ڪر) جنھن ڏينھن اُھي مڙئي گڏ ڪنداسين وري مشرڪن کي چونداسين ته اوھان جا اُھي شريڪ جن کي اوھين (الله جو شريڪ) ڀائيندا ھيؤ ڪٿي آھن؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن (جو اچڻ وارو آهي) اسان هنن سڀني کي اٿاري هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ جن ماڻهن خدا سان ٻين کي شريڪ ڪيو هوندو تن کي اسان (يعني خدا) چونداسين، ته ٻڌايو ته ڪٿي آهن، توهان جا اهي (هٿراڌو ٺهرايل ديوتائون) شريڪ، جن بابت توهان اهو باطل عقيدو رکندا هئو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن اسين سڀني کي گڏ ڪنداسين ان کان پوءِ اسين انهن ماڻهن کي چونداسين جيڪي شرڪ ڪندا هئا، ڪٿي توهان جا معبود آهن جن جو توهان گمان ڪندا هئا،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (تنهن ڏينهن کي ياد ڪريو جنهن ڏينهن انهن سڀني کي ڪٺو ڪنداسون پوءِ جن شرڪ ڪيو تن کان پڇنداسون ته جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ سمجهندا هئا، ڪٿي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان ڏينهن جو اٿارينداسون انهن مڙني کي ان کان پوءِ چونداسون انهن کي جن شرڪ ڪيو ته ڪٿي آهن اوهان جا شريڪ جيڪي گمان ڪندا هيؤ.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو ڏينهن ياد ڪر) جنهن ڏينهن اسين سڀني کي گڏ ڪنداسون، پوءِ (الله سان) شريڪ ڪندڙن کي چونداسون ته اوهان جا (الله سان) شريڪ ڪيل ڪٿي آهن جن جي (شريڪ ٿيڻ جي) اوهين دعويٰ ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ڏينهن اسان انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين. پوءِ جن شرڪ ڪيو انهن کي چونداسين ته توهان جا شريڪ ڪٿي آهن؟ جن کي توهان (معبود) خيال ڪندا هيئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن مَهل ميڙي، سي مِڙئي، ڪنداسون قطار، پوءِ جن پَتِيار ڪيا، تن پُڇنداسون پَچار، جن ڀانيا ڀائيوار، اُهي، هاڻي حِصيدار ڪِٿي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن اسان سڀني ماڻهن کي ڪٺو ڪنداسون، پوءِ مشرڪن کان پڇنداسون، ته ”اڄ اوهان جا اُهي سائين ڪٿي آهن، جن کي اوهين (الله جو ڀائيوار) ڀائيندا هئا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي ميڙي گڏ ڪنداسون ته مشرڪن کان پڇنداسون ته هاڻي ڪٿي اٿؤ اهي پنهنجا ٺاهيل شريڪ، جن کي توهان پنهنجو خدا ڀانئيندا هيؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن ڏينهن اسان انهن سڀني کي گڏ ڪنداسين پوءِ پڇنداسين انهن مشرڪن کان ته ڪٿي آهن توهان جا ٺاهيل شريڪ، جن کي پنهنجو خدا سمجهندا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن ڏينھن اسان سڀني انسانن کي گڏ ڪنداسين پوءِ مشرڪن کي چونداسين ته توهان جا اهي شريڪ ڪٿي آهن، جن کي توهان الله تعالى سان گڏ شريڪ ڪرڻ جي دعوى ڪندا هئا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جنهن ڏينهن اسان سڀني کي گڏ ڪنداسين پوءِ اسان انهن ماڻهن کي چونداسين جيڪي شرڪ ڪندا هئا، توهان جا اهي شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) سمجهندا هئا؟.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (جيڪو ڏينهن ضرور اچڻو آهي) ان ڏينهن اسين سمورن ماڻهن کي اٿاري هڪ هنڌ ڪَٺو ڪنداسين. پوءِ جن ماڻهن خدا سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو هوندو، انهن کي چونداسين، ٻڌايو! توهان پاران (بڻايل) شريڪ ڪاڏي ويا، جن بابت توهين گمانن ۾ مبتلا هيئو؟! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ لَم تَكُن فِتنَتُهُم إِلّا أَن قالوا وَاللَّهِ رَبِّنا ما كُنّا مُشرِكينَ (آيت : 23) |
وري سندن ڪوئي عذر ھن چوڻ کان سواءِ نه رھندو ته پنھنجي پالڻھار الله جو قسم اٿئون ته اسين شريڪ ڪندڙ نه ھئاسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهيءَ وقت هو ڪابه ٻي شرارت نه ڪري سگهندا سواءِ هن جي جو چوندا ته قسم آهي الله جو جيڪو اسان جو پروردگار آهي ته اسان مشرڪ (شرڪ ڪندڙ) ڪونه هئاسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ نٿو هجي عُذر انهن جو مگر چوندا قسم آهي الله جو اي اسان جا رب اسين دنيا ۾ شرڪ ڪندڙ نه هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن جي ڪا به شرارت (باقي) نه رهندي، پاڻ اهي چوندا ته قسم آهي ان خدا جو جيڪو اسان جو پالڻهار آهي، اسان ته ڪنهن کي به سندس شريڪ ڪين بڻايو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ نه هو عذر انهن جو مگر هي جو چيائون قسم آهي الله جو اسان جي رب جو ته نه هياسين مشرڪ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن عذر رڳو هيءُ ٿيندو جو اُهي چوندا ته اسان کي پنهنجي پاليندڙ الله جو قسم آهي ته اسين (ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙ نه هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن جو ڪو حيلو بهانو ڪونه رهندو سواءِ هن جي جو چوندا ته: ”الله جو قسم جيڪو اسان جو پالڻهارآهي ته اسان مشرڪ نه هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آخر عُذر اُنهن جو، هُئو نه هِن کان ڌار، چي، سُنهُن سانيمِ، ربَّ ستار، مشرڪ، نه هئاسون مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اُهي هن چوڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به فريب نه ڪري سگهندا ته الله جو قسم! اسان ڪنهن کي به ان جو ڀائيوار نه ٿي ڪيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ هو هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه فتنو کڙو ڪري نه سگهندا ته (ڪوڙ ڳالهائي) ائين چون ته "اي اسان جا رب! تنهنجو قسم آهي ته اسان ته شرڪ ڪندڙ هئاسون ئي نه" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پوءِ وٽن ڪوبه فتنه نه هوندو سواءِ هن جي ته (هي ڪوڙ چوندا) ته تنهنجو قسم، اي اسان جا رب! اسين ته ڪڏهن به مشرڪ نه هئاسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو ٻي ڪا به شرارت (۽ مڪر) نه ڪري سگهندا سواءِ ان جي جو هو چوندا ته الله تعالى جو قسم! اي اسان جا رب ! اسان ته (ڪڏهن به) مشرڪ نه هئاسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ انهن جو (ڪوبه) عذر نه رهندو سواءِ ان جي ته اهي چوندا: اسان کي پنهنجي پالڻهار الله جو قسم آهي اسين مشرڪ نه هئاسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته ان وقت هو ان کانسواءِ ڪوئي بهانو نه ڪري سگهندا ۽ اعتراف ڪري ويهندا ته الله جو قسم-جيڪو اسان جو پالڻهار آهي!- اسين مشرڪ نه هئاسين.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
انظُر كَيفَ كَذَبوا عَلىٰ أَنفُسِهِم وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
(اي پيغمبر) ڏس ته پاڻ تي ڪھڙو ڪوڙ چيائون جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھن سي کانئن ڀلجي ڀڄي ويا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڏس ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ هڻڻ لڳا آهن ۽ جيڪي ٺاهه (هن دنيا ۾) ٺاهيا هئائون سي ڪيئن نه کانئن ڀڄي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان ڏسو ڪهڙيءَ طرح اُهي پاڻ تي ڪُوڙ ڳالهائن ٿا ۽ انهن کي وسري ويون اُهي ڳالهيون جيڪي الله تي مڙهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! ڀلا) ڏس ته اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ تي ڪئين نه ڪوڙ هڻڻ لڳا ۽ اهي ماڻهو (دنيا ۾) جو ڪجھ افترا بازي ڪندا هئا سڀ غائب ٿي ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏس ته ڪيئن ڪوڙ هنيائون پنهنجن سرن تي ۽ گم ٿيو انهن کان جيڪو ڪوڙ ٿي ٺاهيائون.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڏس ته ڪيئن پاڻ تي ڪوڙ چيائون؟ ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان ڀلجي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڏس ته ڪيئن پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ هنيائون ۽ جو بهتان (دنيا ۾) گهڙيندا هئا سو انهن کان ڀُلجي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏس ته ڪوڙو پاڻ کي، چيائون ڪهڙي چال، جي جوڙيؤن هٿ جا لال، سي ويا وٽائن وڃائجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏس ته ڪيئن نه پنهنجي خلاف ڪوڙ ڳالهايائون ۽ جيڪي ڪوڙ گهڙيندا هئا، سي کانئن ڀلجي ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسينِ ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي به ٿا ڪوڙ هڻن ۽ اتي سندن سمورا هٿ ٺوڪيا معبود گم ٿي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏس! هي ڪيئن ٿا ان وقت پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ ٺاهين، ۽ اتي سندن سمورا هٿرادو معبود گم ٿي ويندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڏسو ته هو ڪيئن نه پاڻ تي ڪوڙ هڻن ٿا؟ (قيامت واري ڏينھن) انهن کان سڀ ٺڳيءَ جا ٺاهه وسري ويندا، جيڪي هو دنيا ۾ ٺاهيندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڏسو انهن پاڻ پنهنجي مٿان ڪهڙو ڪوڙ هنيو ۽ جيڪي بهتان اهي (دنيا ۾) گهڙيندا هئا سي کانئن گُم ٿي ويا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڏٺئي، ڪيئن پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ ڳالهائي ويا ۽ جيڪي بهتان بازيون ڪندا هئا- اهي سڀ کانئن وسري چڪيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ وَجَعَلنا عَلىٰ قُلوبِهِم أَكِنَّةً أَن يَفقَهوهُ وَفى ءاذانِهِم وَقرًا وَإِن يَرَوا كُلَّ ءايَةٍ لا يُؤمِنوا بِها حَتّىٰ إِذا جاءوكَ يُجٰدِلونَكَ يَقولُ الَّذينَ كَفَروا إِن هٰذا إِلّا أَسٰطيرُ الأَوَّلينَ (آيت : 25) |
۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو تو ڏانھن (قرآن ٻڌڻ لاءِ) ڪَن ڏيندو آھي، ۽ سندين دلين تي ان جي سمجھڻ کان ڍڪ ۽ سندن ڪنن ۾ گھٻرائي ڪئي اٿئون، ۽ جيڪڏھن سڀ مُعجزا ڏسندا ته (به) کين نه مڃيندا، تان جو جنھن مھل توسان جھڳڙو ڪندڙ ٿي تو وٽ ايندا (تنھن مھل) ڪافر چوندا ته ھيءُ اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ظاهري طرح، حق جي ڪلام) ٻڌڻ لاءِ تنهنجي طرف ڌيان ڏين ٿا، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان هنن جي دلين تي اهڙا پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، جو ان ڳالهه کي سمجهي نٿا سگهن ۽ هنن جي ڪنن ۾ اهڙو روڳ پيل آهي جو ٻڌي به نه ٿا سگهن، (ضد ۽ تعصب ڪرڻ وارن جو حال اهوئي ٿيندو آهي تنهن ڪري) اگرچه هو (سچائي جي) هرهڪ نشاني ڏسن تڏهن به هو ان ۾ ايمان آڻڻ وارا ناهن، ايتري قدر (ضدي آهن) جو جڏهن هو تو وٽ اچن ٿا تڏهن توسان جهڳڙا ۽ بحث ڪن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چوڻ لڳن ٿا ته هي ته اڳين ماڻهن جون (پراڻيون) آکاڻيون آهن (جي هميشه ٻڌندا آيا آهيون.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪجھه انهن مان اُهي آهن جيڪي توهان کان قرآن ٻڌن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي سمجھڻ کان پردا رکرايا آهن ۽ انهن جي ڪنن تي ڳراڻ آهي، ۽ جيڪڏهن هر نشاني ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا انهيءَ تي، ايستائين جو جڏهن رسولِ عربي وٽ اچن ٿا (هر وقت) توهان سان ڪافر جھڳڙو ڪن ٿا ۽ چون ٿا ناهي هيءُ قرآن مگر اڳين جون ڪُوڙيون ڳالهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪي انهن مان اهڙا به آهن جيڪي تنهنجي (ڳالهين) ڏي ڌيان ڏيندا رهيا آهن. ۽ (انهن جو ضد ۽ ساڙ ان حد کي پهتو آهي ڄڻ ته) اسان پاڻ سندن دلين کي پردا وجهي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي ڪنن کي ٻوڙو ڪري ڇڏيو آهي. ته ان (حق) کي سمجهي نه سگهن. ۽ جيڪڏهن اهي (خدائي) جا معجزا به ڏسن تڏهن به ايمان نه آڻيندا. ايستائين (سندن ضد ۽ ساڙ پهتو) جو جڏهن تو وٽ ڪاوڙجي اچن ٿا ته ڪافر (قرآن وٺي) چئي ٿا وهن (ته ڀلا هن ۾ رکيو ئي ڇا آهي) هي ته اڳين جي ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان ڪو اهڙو آهي جو ڪن ڏئي ٻڌي ٿو اوهان ڏانهن ۽ ڪيا اسان قلبن سندن تي ڍڪ متان سمجهن ان کي ۽ ڪنن انهن جي ۾ گهٻرائي ۽ جيڪڏهن ڏسندا هر معجزو ته (به) نه ايمان آڻيندا ان تي تانجو جڏهن اچن ٿا اوهان وٽ ته جهڳڙو ڪن ٿا توسان چون ٿا اهي شخص جو ڪفر ڪيائون ناهي هي مگر آکاڻيون پهرين جون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪي انهن مان ڪَنُ لڳائي تنهنجي ڳالهه ٻُڌن ٿا. ۽ اسان سندس دلين تي پردا وڌا آهن ته متان ان کي سمجهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي (وڌي اٿئون) ۽ جيڪڏهن سڀ نشانيون ڏسندا ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا، تان جو جڏهن تو وٽ تو سان جهڳڙو ڪرڻ ايندا ته ڪافر چوندا ته هي رڳو اڳين جون آکاڻيون آهن. ۽ اهي ان کان روڪين ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي تو ڏانهن (ڪن لائي) ٻڌن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي پردا وڌا آهن جو ان (قرآن) کي سمجهن ۽ انهن جي ڪنن ۾ ٻوڙائپ وِڌي آهي. ۽ جي سڀ نشانيون ڏسندا ته به ان تي ايمان نه آڻيندا. ايستائين جو جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته تو سان جهڳڙو ڪن ٿا ڪافر چون ٿا ته: ”هي (قرآن) اڳين ماڻهن جي ڪهاڻين کان سواءِ ڪجهه نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي تن مان، توڏي، ڪَن ڏيئـِي، سُڻنِ ڳالھ سُڄاڻ!، ۽ ڪياسون ڪُوپاقلبن تي، تان، نه پَروڙينَسِ پاڻ، ۽ آهي اُنهن جي ڪَنن ۾، ٻِي پڻ ڪا ٻوڙاڻ، ۽ نه وِسهن، وَرپَسن، اکيِن سَڀ اُهڃاڻ، جڏهن اوهان وٽ آئـِيا، پيا دڙينِ، اوهان ساڻ، آکِينِ ٿا اَڄاڻ، هِي آکاڻيون، آڳينِ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان ڪي تو ڏانهن ڪن ڏين ٿا ۽ اسان سندن دلين تي پردا وڌا آهن، ته ان کي سمجهي نه سگهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙاڻ (وڌي اٿئون) ۽ جيڪڏهن اهي سڀ نشانيون به ڏسن ته به ان تي ايمان نه آڻيندا. ايستائين جو جڏهن تو وٽ بحث لاءِ اچن ٿا، ته ڪافر چون ٿا ته ”هي (قرآن) اڳين جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منجهانئن ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪــَــنَ ڏئي تنهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا، پر اسان سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، جنهنڪري اهي هن ڳالهه کي سمجهي ئي نٿا سگهن ۽ وري سندن ڪنن تي به تاڙيون چڙهيل آهن (جو سڀ ڪجهه ٻڌي به ڄڻ ڪجهه نٿا ٻڌن) هو کڻي ڪهڙي به نشاني ڏِسن ان تي ايمان نه آڻيندا، ايتريقدر جو جڏهن تو وٽ اچي توسان بحث مباحثو ٿا ڪن ته انهن مان جن جو ڪفر تي سندرو ٻڌل آهي (سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ به) ائين ئي چون ٿا ته اهي ته اڳوڻن جي آکاڻين کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪَن ڏئي تنهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا، پر حال هي اٿن جو اسان سندن دلين تي پردا وجهي ڇڏيا آهن، ان ڪري اهي نٿا سمجهن، ۽ انهن جي ڪنن ۾ ڳوراڻ آهي، (سڀ ٻڌندي به ڪجهه نٿا ٻڌن) هو کڻي ڪهڙي به نشاني ڏسن، پر ايمان نه آڻيندا، ايستائين جڏهن هو تو وٽ اچي جهڳڙو ڪن ٿا، ته انهن مان جن انڪار جو فيصلو ڪيو آهي، اهي (سموريون ڳالهيون ٻڌي به) چون ٿا ته هي پراڻن داستانن کان سواءِ ڪجهه نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي تنھنجي ڳالهه (باقاعده) ڪن لڳائي غور سان ٻڌن ٿا پر اسان سندن دلين تي اهڙا ته پردا وجهي ڇڏيا آهن جو ان ڳالهه کي هو سمجهي ئي نٿا سگهن ۽ (انهن پردن جي ڪري) انهن جا ڪن گهٻرا ٿي چڪا آهن ۽ هي ماڻهو الله تعالى جون سڀ نشانيون ڏسن تڏهن به انهن تي ايمان نه آڻيندا، ايستائين جو هو توهان وٽ ايندا ۽ توهان جون سڀ ڳالهيون ٻڌي پوءِ توهان سان جهڳڙو ڪندا ۽ ڪافر اهو گوڙ مچائيندا ته هي توهان جون سڀ گذري ويل (نبين) جون ڪھاڻيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن مان ڪي اهي (به) آهن جيڪي توهان ڏانهن ڪن لڳائي بيهن ٿا ۽ اسان انهن جي دلين تي (سندن ئي بدنيتي جي ڪري) پردا وجهي ڇڏيا آهن تنهنڪري (هاڻي انهن جي لاءِ) ممڪن ناهي ته اهي هن (قرآن) کي سمجهي سگهن ۽ (اسان) انهن جي ڪنن کي ٻُنجو ڏئي ڇڏيو آهي، ۽ جيڪڏهن اهي سڀني نشانين کي (ظاهر ظهور) ڏسن تڏهن (به) ان تي ايمان نه آڻيندا. ايستائين جو جڏهن توهان وٽ اچن ٿا، ۽ توهان سان جهيڙو ڪن ٿا (ان وقت) ڪافر چون ٿا ته هي (قرآن) اڳين ماڻهن جي ڪوڙين آکاڻين کانسواءِ (ڪجهه) نه آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن ۾ ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ظاهر ۾ حق جي ڳالهه) ٻڌڻ جي لاءِ تو ڏي ڪَنُ ڏين ٿا. ۽ (حقيقت اها آهي ته) اسين سندن دلين تي تهه ڄمائي ڇڏيا آهن جنهنڪري ڳالهه سمجهي نه ٿا سگهن ۽ سندن ڪنن ۾ ٻوڙائي ۽ ڳوراڻ جو ڳالهه ٻڌيو نه ٿا ٻڌن (يعني گمراهي ۽ هٺيلائپ جي ڪري انهن جو اهو حال ٿيو آهي ۽ اسان جو قانون اهو آهي ته جيڪو ماڻهو ضد ۽ تعصب ۾ مبتلا هوندو آهي ان جو اهڙو ئي حال ٿيندو آهي) جيڪڏهن اِهي (سچائيءَ جي) هر هڪ نشاني به (جيڪا ماڻهوءَ جي لاءِ ٿي سگهي ٿي) ڏسي وٺن، تڏهن به يقين ڪونه ڪندا. ايستائين جو جڏهن هو تو وٽ اچن ٿا ۽ توسان جهيڙو ڪن ٿا ته جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي اهي چون ٿا: هي ته ڇڙو آڳاٽيون آکاڻيون آهن (جيڪي وڏي عرصي کان ٻڌندا پيا اچئون) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُم يَنهَونَ عَنهُ وَيَنـَٔونَ عَنهُ وَإِن يُهلِكونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 26) |
۽ اُھي اُن (جي ٻڌڻ) کان (ٻـين کي) جھليندا آھن ۽ (پاڻ به) کانئن پري ڀڄندا آھن، ۽ پاڻ کانسواءِ (ٻئي ڪنھن کي) ھلاڪ نه ٿا ڪن ۽ نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي ماڻهو قرآن مجيد (جي ٻڌڻ) کان ٻين کي به روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ هو (ائين ڪرڻ سان ٻين جو نقصان ڪونه ٿا ڪن پر) پاڻ کي ئي ٿا تباه ڪن، پر ڇا (ڳالهه آهي) جو (نڀاڳن کي) اها خبر ئي نه ٿي پوي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪافر منع ٿا ڪن ماڻهن کي رسولِ عربي جي تابعداري کان ۽ پاڻ پري ٿين ٿا رسولِ عربي کان ۽ نٿا هلاڪ ڪن مگر پنهنجن نفسن کي ۽ نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو (ٻين کي به هن جي ٻڌڻ) کان جهلين ٿا ۽ پاڻ ته پري رهندا ئي آيا آهن. پر انهن ڳالهين سان) پوءِ پاڻ ئي پاڻ کي هلاڪ ڪن ٿا ۽ افسوس جو سمجهن نٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي روڪين ٿا ان کان ۽ پري ٿين ٿا ان کان ۽ نه ٿا هلاڪ ڪن مگر پنهنجن سرن کي ۽ نه ٿا سمجهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان پري ڀڄن ٿا ۽ اهي رڳو پاڻ کي برباد ڪن ٿا ۽ اهي نٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي ان (قرآن) کان روڪن ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ اهي رُڳو پنهنجو پاڻ کي ئي هلاڪ ڪري رهيا آهن. ۽ (ان تباهي جو) شعور به نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ منع ڪن اُن کان، پڻ مُڙن اُن کان مور، پر نه پوينِ پَروڙ، ته نه مارِين، مگر پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي ان کان (ٻين کي به) روڪين ٿا ۽ پاڻ به ڀڄن ٿا. مگر پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به برباد نٿا ڪن، پر اهي بي خبر آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو انهيءَ حق جي ڳالهه کان ٻين کي به ٿا روڪين ۽ پاڻ به ٿا پري ڀڄن (۽ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان ڪو تنهنجو ٿا نقصان ڪن) حالانڪه دراصل پنهنجي ئي تباهيءَ جو ٿا سامان ٺاهن، پر ان ڳالهه کي نٿا پروڙين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو هن سچي ڳالهه جي قبول ڪرڻ کان ماڻهن کي روڪين ٿا، ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا (سمجهن ٿا تنهنجو نقصان ٿيندو) هو پنهنجي نقصان جو پاڻ ڪارڻ آهن پر کين سمجهه ڪانهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو ٻين کي به حق جي ڳالهين کان روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا، اهڙي طرح هو پنھنجو پاڻ کي هلاڪت ۾ وجهن ٿا جنھن جي کين خبر ئي نٿي پوي . (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهي (ٻين کي) ان (نبي جي پيروي ۽ قرآن) کان روڪين ٿا ۽ (پاڻ به) ان کان پري ڀڄن ٿا، ۽ اهي فقط پنهنجي ئي جانين کي هلاڪ ڪري رهيا آهن ۽ اهي (انهي هلاڪت جو) شعور (به) نٿا رکن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهي ماڻهو قرآن (جي ٻڌڻ) کان ٻين کي روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ هو ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو ڪجهه نه ٿا بگاڙين، پاڻ کي ئي ٿا تباهه ڪن۽ (بد بختيءَ جي انتها اها اٿن جو) ان جو شعور به نه ٿا رکن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلَى النّارِ فَقالوا يٰلَيتَنا نُرَدُّ وَلا نُكَذِّبَ بِـٔايٰتِ رَبِّنا وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 27) |
۽ جڏھن (اُھي) باہ تي بيھاربا تڏھن جيڪر کين ڏسين (ته عجب ڪرين) پوءِ چوندا اسان کي ارمان آھي (جيڪر دنيا ۾) موٽايا وڃون ۽ پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڀانيون ۽ مؤمنن مان ٿيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسان) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين ان وقت ڏسين جڏهن هو دوزخ جي باهه جي ڪناري تي کڙا ڪيا ويندا ۽ پوءِ چوندا ته هاءِ هاءِ! شال ائين ٿئي جو وري دنيا ۾ اسان کي موٽايو وڃي ۽ اسان پنهنجي پروردگار جي آيتن کي رد نه ڪيون ۽ انهن مان ٿيون جي ايمان وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان ڏسو ها جنهن وقت بيهندا اُهي باه تي پوءِ چوندا اي ڪاش اسين موٽايا وڃون ها ۽ اسين نه ڪُوڙو ڪريون ها الله جي آيتن کي ۽ اسين هجون ها مؤمنن مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي ان وقت ڏسين (ته حيرت ٿيئي) جڏهن جهنم (جي ڪناري) تي آڻي بيهاريا ويندا ته (ان کي ڏسي) چوندا، افسوس! اسين (جيڪر دنيا ۾) وري (ٻيهر موٽايا وڃون ها ۽ پنهنجي پروردگار جي آيتن کي ڪوڙو نه ڪريون ها ۽ اسين مومنن مان هجون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڏسين جڏهن بيهاريا ويندا باھ تي پوءِ چوندا اي سڌ اسان موٽايا وڃون ۽ نه ڪوڙو چئون پنهنجي رب جي آيتن کي ۽ هجون مؤمنن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (توکي عجب ٿئي) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت کين باهه جي ويجهو ڪيو ويندو، پوءِ چوندا ته جيڪر اسان کي (دنيا ڏي) موٽايو وڃي ۽ اسين پنهنجي پاليندڙ جي نشانين کي ڪوڙو نه ڪيون ۽ ايمان وارن مان ٿيون.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تون انهن کي (ان وقت) ڏسين جڏهن اُهي باهه تي بيهاريا ويندا ته چوندا: ”هائو جي اسان (دنيا ۾) موٽايا وڃون ته پنهنجي پالڻهار جي آيتن جو انڪار نه ڪيون ۽ ايمان وارن مان ٿي پئون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُوندو وِيکينِ، تنهن وار، جڏهن وِيابِيهاريا باه تي، چي، ووءِ ووءِ! جي وريا وڃون، واپس وطن وَلهار، ته ڪوڙيون، نه ڪوٺيون آيتون، سانيمِ جُون، ستار، ۽ هُوندهجون هَموار، مڃيندڙن مان مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪر تون انهن کي ان وقت ڏسين، جڏهن اهي دوزخ جي ڪناري تي کڙا ڪيا ويندا، پوءِ چوندا ته ”جيڪر اسين موٽائجون ته اسين پنهنجي رب جي آيتن کي ڪوڙو نه ڪريون ۽ مومن ٿي پئون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪر ته تون ان وقت جو نظارو ڏسي سگهين، جڏهن هو دوزخ جي ڪناري تي آڻي بيهاريا ويندا ۽ چوندا ته جيڪر ائين ٿي پوي جو اسان دنيا ۾ ورائي موڪليا وڃون ۽ پنهنجي رب جي نشانين کي ڪوڙو نه ڀانيون ۽ مؤمن بڻجي وڃون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي تون ان وقت ڏسي سگهين بيهاريا ويندا هو دوزخ جي ڪنڌيءَ تي، ته چوندا، ڪاش اسان دنيا ۾ واپس موڪليا وڃون ۽ ڪوڙو نه چئون پنهنجي رب جي آيتن کي، ۽ شامل ٿي وڃون ايمان وارن ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن هو باهه جي سامھون بيھاريا ويندا ته توهان انهن کي ڏسندا ته هو چوندا ته ڪاش! اسان کي دنيا ۾ واپس موڪليو وڃي. هاڻي اسان پنھنجي رب جي نشانين کي ڪڏهن به ڪوڙو نه ڪنداسين ۽ اسان مؤمن ٿي رهنداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪڏهن توهان (انهن کي ان وقت) ڏسو جڏهن اهي باهه (جي ڪناري) تي بيهاريا ويندا ته چوندا ڪاش! اسين (دنيا ۾) موٽايا وڃون ته (هاڻي) اسان پنهنجي رب جي آيتن کي (ڪڏهن به) ڪوڙو نه چونداسين ۽ ايمان وارن مان ٿي وينداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي انسان!) تون عجب ۾ پئجي وڃين جيڪڏهن کين ان حالت ۾ ڏسين- جڏهن اهي دوزخ جي ڪناري تي بيٺا هوندا، ان وقت چوندا: ڪاش! اسين ٻيهر دنيا ڏانهن موٽايا وڃئون ۽ پنهنجي پالڻهار جون آيتون (بجاءِ ٺڪرائڻ جي) اکين تي رکئون ۽ مؤمنن منجهان ٿيئون! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَل بَدا لَهُم ما كانوا يُخفونَ مِن قَبلُ وَلَو رُدّوا لَعادوا لِما نُهوا عَنهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 28) |
(نه!) بلڪ ھن کان اڳ جيڪي (ڪفر ۽ گناہ) لڪائيندا ھئا سي (اڄ) کين پڌرا نظر آيا، ۽ جيڪڏھن (دُنيا ڏانھن) موٽايا وڃن ته جنھن (ڪم) کان جھليا ويا سوئي وري ڪرڻ لڳندا ۽ بيشڪ اُھي ضرور ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اهو سچي دل جو ارمان نه هوندو) بلڪ (هن ڪري هوندو جو) جيڪي هو اڳي لڪائيندا هئا، (يعني دل جو روڳ) تنهن جو بدلو هنن تي ظاهر ٿي پيو (۽ ان کان بچڻ لاءِ پشيماني ظاهر ڪرڻ لڳا) جيڪڏهن هنن کي وري دنيا ۾ موٽائي آندو وڃي ته وري به انهيءَ (ڪفر ۽ بدعملن) ۾ پئجي ويندا، جنهن کان هنن کي روڪيو ويندو هو ۽ هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته هو (پشيماني ظاهر ڪرڻ ۾) ڪوڙا هوندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بلڪِ ظاهر ٿي پيو انهن لاءِ جيڪي ڪجھه لڪايائون ٿي دنيا ۾ (ماڻهن کان) ۽ جيڪڏهن اهي موٽايا وڃن ها ته (دنيا ۾) ضرور اهي ڪم ڪن ها جن کان منع ڪيا ويا ۽ بيشڪ اهي ڪُوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر سندن مراد پوري نه ٿيندي) جا (بي ايماني) شروع کان لڪائيندا آيا هئا سا اڄ (اصل صورت ۾) مٿن کلي پئي ۽ ائين ڄاڻون ٿا ته) جيڪڏهن اهي ماڻهو (وري دنيا ۾) موٽايا وڃن تڏهن به جنهن ڳالھ جي کين منع ڪئي وئي آهي سا ڪندا (۽ ضرور ڪندا) ۽ بيشڪ اهي ماڻهو ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ ظاهر ٿيو انهن لاءِ جيڪي لڪايائون ٿي اڳ ۾ ۽ جيڪڏهن موٽايا وڃن ها ته البته ورن ها ان (ڪم) لاءِ جو روڪيا ويا ان کان ۽ بيشڪ اهي البته ڪوڙا آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (ائين نه آهي) بلڪ هن کان اڳ جيڪي (گناهه) لڪائيندا هئا سي مٿن ظاهر ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن کين (دنيا ڏي) موٽايو وڃي ته جنهن (ڪم) کان کين روڪيو ٿي ويو سو وري ڪندا۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه انهن لاءِ پڌرو ٿي پوندو جيڪو اڳ لڪائيندا هئا. ۽ جي (دنيا طرف) موٽايا به وڃن ته اهو ئي دُهرائيندا جنهن کان روڪيا ويا هئا ۽ بلاشڪ اهي آهن ئي ڪوڙا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کُليوخوب اُنهن تي، جو اُٽلو لِڪائن اڳ، ۽ واپس واريا، هُوند وِيا، ته به جنهن کان، جَھليا منجھ جڳ، پاتئون تيڏانهن پَڳ، ۽ اُهي ڪوڙا آهن قول ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ جيڪي هو اڳ لڪائيندا هئا، سو پڌرو ٿي پيو ۽ جي موٽائبا ته وري به منع ڪيل ڪم وڃي ڪندا ۽ هو پڪ ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اصل ڳالهه اها آهي ته هو اهو انڪري چوندا، جو جنهن حقيقت کي لڪائيندا هئا سا ته نڪري نروار ٿي اچي آڏو بيٺي هوندن، نه ته جيڪڏهن اڳينءَ زندگيءَ ڏانهن وري موٽايا وڃن ته به اهوئي سڀ ڪجهه ڪندا جنهن کان کين روڪيو پيو وڃي. هو ته آهن ئي ڪوڙا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ اها ڳالهه هو تڏهن چوندا ته جنهن حقيقت کي انهن لڪايو هو انهيءَ کان اڳ، سا ان وقت ظاهر ٿي سندن اڳيان اچي چڪي هوندي (جي کين واپس موڪليو وڃي) ته وري اهو ئي ڪندا، هو آهن ئي ڪوڙا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هرگز نه!) بلڪ هن کان پھريائين دنيا ۾ جيڪي گناهه هو لڪائيندا هئا سي ئي مٿن ظاهر ٿيا آهن. جيڪڏهن کين (دنيا ۾) موٽايو ويندو ته به هو وري ساڳيا ڪم ڪندا رهندا، جن کان کين منع ڪيو ويندو هو، بيشڪ هي ڪوڙا ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (انهي اقرار ۾ ڪابه سچائي ناهي) بلڪه مٿن اهو (سڀ ڪجهه) ظاهر ٿي ويو آهي جيڪو هو پهرين لڪائيندا هئا، ۽ جيڪڏهن اهي (دنيا ۾) موٽايا (به) وڃن ته (وري) اهوئي ڪندا جنهن کان اهي روڪيا ويا هئا ۽ بيشڪ اهي (پڪا) ڪوڙا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (پر انهن جي اها اُمنگ دلئون نه هوندي) بلڪه (ان لاءِ هوندي ته) جيڪو ڪجهه اهي لڪائيندا رهندا هيا (يعني اندر جي ڪدورت) تنهن جو بدلو مٿن پڌرو ٿي پيو (۽ ان کان) بچڻ جي لاءِ پشيمانيءَ جو اظهار ڪرڻ لڳا. جيڪڏهن اهي (دنيا ڏانهن موٽايا به وڃن تڏهن به غفلتن ۾ کوهجي) ساڳئي ڪرت کي لڳي ويندا جنهن کان کين روڪيو ويو آهي. ۽ بي شڪ ، اهي (پشيمانيءَ جي اظهار ۾) نسورا ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالوا إِن هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا وَما نَحنُ بِمَبعوثينَ (آيت : 29) |
۽ چون ٿا ته ھن دُنيا جي حياتي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) نه آھي ۽ اسين (مرڻ کانپوءِ وري) اُٿڻ وارا نه آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چون ٿا ته، زندگي اهائي آهي جا هن دنيا جي زندگي آهي ۽ اسان (مرڻ بعد) وري اٿڻ وارا ناهيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ چيائون ناهي هيءُ مگر حياتي دنيا جي ۽ اسين (مرڻ کان پوءِ) نه اٿاريا وينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ ڪافر اهو به چون ٿا ته اسان جي هن دنياوي زندگي کان سواءِ ڪجھ به نه آهي ۽ (قيامت وغيره بهانو آهي) اسين (مرڻ کانپوءِ) اٿاريا ئي ڪين وينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا ناهي اها مگر حياتي اسان جي دنيوي ۽ ناهيون اسان (قبرن مان) اٿاريل .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن چيو ته حياتي رڳو اسان جي دنيا جي ئي حياتي آهي ۽ اسان کي (جيئرو ڪري) اٿاريو نه ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اڄ) چون ٿا ته: ”هن اسان جي دنيا جي حياتي کان سواءِ (ٻيو ڪجهه به) نه آهي ۽ اسان (مرڻ بعد ٻيهر) ڪونه اٿاريا وينداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ناھِ جين ان جو، هِن حياتِيء ڌار، ۽ اسين آخرڪار، اَصل نه اُٿڻا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته فقط دنيا جي حياتي ئي آهي ۽ اسين (مرڻ بعد) نه اٿارباسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (تنهنڪري انهيءَ خواهش جي اظهار ۾ به رڳو ڪوڙ هڻندا) اڄ ته هو ائين ئي ٿا چون ته حياتي جيڪا به آهي، بس هن دنيا واري حياتي ئي آهي ۽ اسان مرڻ کانپوءِ وري هرگز نه اٿاريا وينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اڄ هي چون ٿا ته بس دنيا جي ئي زندگي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ ڪڏهن به ٻيهر نه اٿاريا وينداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (ماڻهن) ئي چيو هو ته دنيا جي زندگي ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ اسان مرڻ کان پوءِ ٻيھر ڪو نه اٿاريا وينداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ هو (اهوئي) چوندا رهندا (جيئن انهن پهرين چيو هو) ته اسان جي هن دنيا جي زندگي کانسواءِ (ٻي) ڪابه (زندگي) ناهي ۽ اسين (مرڻ کان پوءِ) ڪونه اٿاريا وينداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن چيو : بس، اهائي دنياوي زندگي ته آهي. مرڻ کانپوءِ وري اٿڻ ڇا جو؟! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو تَرىٰ إِذ وُقِفوا عَلىٰ رَبِّهِم قالَ أَلَيسَ هٰذا بِالحَقِّ قالوا بَلىٰ وَرَبِّنا قالَ فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 30) |
۽ جنھن مھل پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھاربا (تنھن مھل) جيڪڏھن کين ڏسين (ته عجب ڪرين،الله) چوندو ته ھي (وري جيئرو ٿيڻ) سچ نه آھي ڇا؟ چوندا ھائو اسانکي پنھنجي پالڻھار جو قسم آھي (ته سچ آھي، الله) چوندو ته جيڪي اوھين ڪفر ڪندا ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسان) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين انهيءَ حالت ۾ ڏسين جڏهن هو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي سامهون کڙا ڪيا ويندا. ان وقت خدا کانئن پڇندو ته، هي (مرڻ کان پوءِ وري اٿڻ) پر حق ناهي؟ هو چوندا ته، قسم آهي اسان کي پنهنجي پروردگار جو ته بيشڪ (وري اٿڻ) برحق آهي، تنهن تي الله تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو (دنيا ۾ قيامت متعلق) انڪار ڪندا رهيؤ، تنهن ڪري هاڻي ان جي بدلي ۾ عذاب جو مزو چکي وٺو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن رسولِ عربي توهان ڏسو ها ته جڏهن اهي رب جي اڳيان پيش ٿيندا. الله فرمائيندو ڇا ناهي هي حق، عرض ڪندا هائو قسم آهي رب اسان جي جو، الله حڪم فرمائيندو پوءِ توهان عذاب کي چکو انهيءَ سببان جو توهان ڪفر ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) انهن کي ان وقت ڏسين ته (تعجب ڪندين) جڏهن اهي ماڻهو خدا جي سامهون بيهاريا ويندا ۽ خدا (هنن کان) پڇندو ته ڇا! هي (قيامت جو ڏينهن) اڃا به سچ نه آهي؟ اهي جواب ۾ چوندا ته تنهنجي پروردگار جو قسم، ها! بلڪل سچ آهي تڏهن خدا فرمائيندو ته اوهين جيئن ته (دنيا ۾ هن کان) انڪار ڪندا هئا، تنهن جي سزا عذاب جا مزا چکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڏسندين جڏهن بيهاريا ويندا پنهنجي رب جي آڏو فرمائيندو ته ڇا ناهي؟ هيءُ حق چوندا هائو قسم آهي اسان جي رب جو فرمائيندو ته چکو عذاب ان جي ڪري جو ڪفر ڪندا هيؤ. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (توکي عجب ٿئي) جيڪڏهن تون ڏسين جنهن وقت کين سندن پاليندڙ جي اڳيان بيهاريو ويندو. الله فرمائيندو ته ڇا هي (جيئرو ڪري اٿارڻ) سچ نه آهي؟ چوندا ته ڇونه اسان کي پنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي. الله فرمائيندو ته پوءِ جيڪو اوهين ڪفر ڪندا هئا تنهن جي ڪري عذاب چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي تون (انهن کي ان وقت) ڏسين جڏهن اُهي پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهاريا ويندا، ته الله پڇندو: ”ڇا هي حق نه آهي“؟ چوندا: ”هائو اسان جي پالڻهار جو قسم (هي حق آهي). الله فرمائيندو: ”پوءِ عذاب (جو مزو) چکو ان ڪري جو اوهان ڪفر ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي ڏسينِ، بِيهاريا وِياجڏهن، سندنِ سائين وٽ، چِي،هِي ناهي حق ڇا؟ وَراڻيو ڇڏي وَٽ، چي، هائو سُنهُن سايمِ جو، هي آهي حق نِپٽ؛ چي پوءِ، چکو سزا چَٽ!، جِنهن مُوجب مڃيندائـِي نه هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي تون کين ان وقت ڏسين، جڏهن پنهنجي رب وٽ بيهاربا ۽ هو چوندو ”ڇا هي حق نه آهي؟“ اهي چوندا ”هائو. اسان جي ڌڻيءَ جو قسم!“ چوندو ”جيڪو ڪفر ڪندا هؤ، ان جي بدلي عذاب چکو.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪر ته تون اهو نظارو ڏسي سگهين جڏهن اهي پنهنجي رب جي آڏو کڙا ڪيا ويندا. ان وقت سندن رب کانئن پڇندو: "ڇا هي سڀ سچ نه آهي؟" چوندا: "هائو، بيشڪ اسان جي رب جو قسم ته اهو سچ ئي آهي". الله چوندن: "چڱو، پوءِ هاڻي انهيءَ سچي ڳالهه کي نه مڃڻ جي ڪري عذاب جو مزو چکو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن تون اهو منظر ڏسي سگهين جڏهن هو بيهاريا ويندا پنهنجي رب جي اڳيان، سندن رب کانئن پڇندو، ڇا هي حقيقت نه آهي؟ هو چوندا، هائو اي اسان جا رب! اها حقيقت آهي، رب فرمائيندو، چڱو ته پوءِ سچ جي انڪار سبب عذاب جو مزو چکي وٺو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن هو پنھنجي رب جي سامھون بيھاريا ويندا، تڏهن توهان ڏسندا ته الله تعالى کين چوندو ته ڇا اڄوڪو هي ڏينھن سچو نه آهي؟ (جواب ۾) چوندا ته ها! اسان کي پنھنجي رب جو قسم آهي. پوءِ الله تعالى فرمائيندو ته جنھن شيءِ جو توهان انڪار ڪندا هئا ان جي بدلي ۾ هاڻي عذاب چکو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن توهان (انهن کي ان وقت) ڏسو جڏهن اهي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ بيهاريا ويندا (۽ کين) الله فرمائيندو، ڇا هي (زندگي) حق ناهي؟ (ته) چوندا: ڇونه اسان جي رب جو قسم (هي حق آهي)، الله فرمائيندو: پوءِ (هاڻي) توهان عذاب جو مزو چکو، ان ڪري جو توهان ڪفر ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي انسان!) تون عجب ۾ پئجي وڃين، جڏهن کين ان حالت ۾ ڏسين جڏهن اهي (قيامت ڏهاڙي) پنهنجي پالڻهار جي آڏو بيهاريا ويندا. ان وقت خدا کانئن، پڇندو (توهين مرڻ کانپوءِ ٻيهر اٿڻ کان انڪار ڪندا هيئو- هاڻي جو اٿيا آهيو ته ڇاٿا ڀانيو!) ڇا اها حقيقت ناهي؟ وراڻيندا: “برابر، رب جو قسم!” (ته قيامت حقيقت ئي آهي) تنهن تي کين خدا فرمائيندو: توهين جو (دنيا ۾ هن زندگيءَ کان) انڪار ڪندا رهيئو ته هاڻي ان جي لوڙ لوڙيو.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قَد خَسِرَ الَّذينَ كَذَّبوا بِلِقاءِ اللَّهِ حَتّىٰ إِذا جاءَتهُمُ السّاعَةُ بَغتَةً قالوا يٰحَسرَتَنا عَلىٰ ما فَرَّطنا فيها وَهُم يَحمِلونَ أَوزارَهُم عَلىٰ ظُهورِهِم أَلا ساءَ ما يَزِرونَ (آيت : 31) |
جن الله جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو سي بيشڪ ڇيئي وارا ٿيا، ايتري قدر جڏھن اوچتو انھن تي قيامت ايندي (تڏھن) چوڻ لڳندا ته اسان اُن (قيامت) بابت جيڪا ڪوتاھي ڪئي تنھن تي اسان کي افسوس آھي ۽ اُھي پنھنجو بار پنھنجي پٺين تي کڻندا، خبردار جيڪي کڻندا سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يقيناً اهي ماڻهو نقصان ۽ تباهيءَ ۾ پيا جن (مرڻ بعد) خدا وٽ پيش ٿيڻ کي ڪوڙ سمجهيو، تان جو جڏهن (موت جي) گهڙي اوچتو انهن تي اچي پوندي، تڏهن چوندا ته، افسوس! انهيءَ تي آهي جيڪو هن باري ۾ اسان جو قصور ٿيو، اهي انهيءَ وقت پنهنجي گناهن جو بار پٺين تي کڻي هلندا. سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي، جو هو (پنهنجي پٺين تي) وجهي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ نقصان ۾ پيا اهي ماڻهو جن قيامت کي ڪُوڙو سمجھو تان جو جڏهن اوچتي قيامت آئي چيائون اي حسرت اسان جي انهيءَ ڳالهه تي جو ڪوتاهي ڪئي اسان انهيءَ ۾ ۽ اهي کڻندا گناهن پنهنجن کي پنهنجن پٺن تي، خبردار ! خراب آهي اهو بار جيڪو کڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن قيامت جي ڏينهن خدا جي حضوري کي ڪوڙو ڪيو اهي وڏي نقصان ۾ آهن ايستائين جو جڏهن مٿن اوچتو قيامت ايندي ته چوڻ لڳندا، هاءِ افسوس! اسان ته هن ۾ ڏاڍي ڪوتاهي ڪئي (اهو چوندا ويندا) ۽ پنهنجي گناهن جون ڳنڍڙيون پنهنجن پنهنجن پٺين تي لڏيون ويندا. ڏسو ته (اهو ڪهڙو نه بڇڙو بار اٿن جنهن کي اهي کنيون ڦري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق نقصان ۾ پيا اهي شخص جن ڪوڙو چيو الله جي ملڻ کي تانجو جڏهن ايندي انهن وٽ قيامت اوچتو ته چوندا اي ارمان اسان کي ان تي جو ڪو تاهي ڪئي سون ان ۾ ۽ اهي کڻندا بار پنهنجا پٺين پنهنجن تي خبردار برو آهي جيڪي کڻندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن الله سان ملڻ کي ڪوڙو ڪيو تن جو بيشڪ نقصان ٿيو. تان جو جڏهن مٿن (قيامت جي) گهڙي اوچتو ايندي ته چوندا ته اسان ان بابت جيڪا ڪوتاهي ڪئي تنهن تي اسان کي افسوس آهي. ۽ اهي پنهنجا (گناهن جا) بار پنهنجين پٺين تي کڻندا. خبردار رهو! جيڪو بار اهي کڻندا سو بڇڙو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو نقصان ۾ پئجي ويا جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو چيو. تانجو جڏهن اوچتو انهن تي قيامت ايندي، چوندا: ”هاءِ افسوس اسان تي! جو اسان ان (قيامت کي مڃڻ) ۾ ڪوتاهي ڪئي“ ۽ اُهي پنهنجي پُٺين تي پنهنجا (گناهن جا) بار کڻندا. خبردار! اهو برو بار آهي جيڪو کڻندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَڻِي پيا ڇِيهَن ۾، جن ڌڻي جو ديدار، وَر وَر ڪُوڙَو ڪوٺيو؛ تان آخر، اُهکِي وار آئـِي اُنهن تي اوچتِي، ٻَر ٻَر! چيون ٻيهار، ته هي هي! ڪئي سون هِن ۾، جاڪمِي، منجھ ڪم ڪار، ۽ اُهي پَنهنجا پاپ پُٺن تي، پِيا بار کڻن بدڪار؛ جو برسر ڍوئنِ بار، اُهو بلَڪل ڪو بُڇڙو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو سمجهيو، سي برابر نقصان ۾ آهن. ايتري تائين (جو مٿن قيامت جي) گهڙي اوچتو ايندي، ته چوندا ”افسوس! جو اسان ان بابت ڪوتاهي ڪئي“ ۽ اهي پنهنجو بار پٺن تي کنيو ايندا. ڏسو، ڪهڙو نه بڇڙو آهي جو کڻندا! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نقصان ۾ پئجي ويا، اهي ماڻهو جن الله سان پنهنجي ملڻ کي ڪوڙ پئي ڪوٺيو هو. جڏهن اها گهڙي اوچتو ايندي ته اهي پاڻيهي چوندا ته "افسوس اسان کان هن معاملي ۾ ڪيڏي نه ڪوتاهي ٿي وئي" ۽ سندن حالت اها هوندي جو پنهنجي پٺين تي پنهنجي گناهن جو بار کنيو بيٺا هوندا. ڏَسينِ ته ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو بار جيڪو پاڻ تي کڻندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خساري ۾ پيا اهي ماڻهو، جن ڪوڙو چيو الله سان پنهنجي ملاقات کي، جڏهن اوچتو ئي اها گهڙي (قيامت) اچي ويندي، ته اهي ماڻهو چوندا افسوس! اسان کان هن معاملي ۾ ڪوتاهي ٿي وئي، ۽ سندن حالت هيءَ هوندي جو سندن پٺن تي گناهن جو بار کنيل هوندا، (ها) ڏسو! ڪيڏو نه بڇڙو آهي کنيل بار.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سڌو سنئون) نقصان ۾ ويا اهي ماڻهو جن الله تعالى جي سامھون اچڻ کي ڪوڙو سمجهيو هو، ايستائين جو جڏهن انهن تي اوچتو قيامت ايندي ته چوندا ته افسوس! اسان کان ان باري ۾ تمام وڏي ڪوتاهي ٿي وئي ۽ پنھنجي گناهن جا وزن هو پنھنجي نازڪ پٺن تي کڻندا. خبردار! اهو ئي برو وزن آهي جيڪو هو کڻندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اهڙا ماڻهو نقصان ۾ رهيا جن الله جي ملاقات کي ڪوڙو سمجهيو ايستائين جو جڏهن وٽن اوچتو قيامت اچي پهچندي (ته) چوندا: هاءِ افسوس! اسان تي جو اسان ان (قيامت تي ايمان آڻڻ) جي باري ۾ (ڪوتاهي) ڪئي ۽ انهن جي پٺين تي سندن (گناهن جا) بار لڏيل هوندا. ٻڌو! اهو تمام بڇڙو بار آهي جيڪو اهي کڻي رهيا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) يقيناَ اهي ماڻهو ٻوهي ۾ پيا جن (مرڻ کانپوءِ) خدا جي آڏو پيش ٿيڻ کي ڪوڙو چيو، ايستائين جو جڏهن (ضرور ايندڙ) گهڙي اوچتو مٿن اچي ڪڙڪندي ته ان وقت چوندا: هاءِ افسوس! اسين ڪهڙي نه ٺوس حقيقت کي لنوائي ڇڏيو هو! ان وقت سندن گناهن جو ٻوجهه سندن پٺاڙن تي سٿيل هوندو. تنهنڪري ڏسو، ڪيڏو ته بڇڙو ٻوجهه آهي، جيڪو پٺاڙن تي سٿيل اٿن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَلَلدّارُ الءاخِرَةُ خَيرٌ لِلَّذينَ يَتَّقونَ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 32) |
۽ دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ چرچو آھي، ۽ جيڪي پرھيزگار آھن تن لاءِ آخرت جي جاءِ ڀلي آھي، پوءِ ڇونه ٿا سمجھو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ دنيا جي زندگي ته ڪجهه به ناهي، پر (هڪ طرح جو) کيل ۽ تماشو آهي (ڇو ته ان ۾ مهلت ٿوري آهي) جيڪي ماڻهو پرهيزگار ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن تن جي لاءِ آخرت جو گهر بهتر آهي. (افسوس) توهان (ايتري ڳالهه به) نٿا سمجهو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر راند ۽ تماشو ۽ بهشت ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي خوفِ خدا رکن ٿا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هي) دنياوي زندگي ته کيل تماشيءَ کانسواءِ ڪجھ به نه آهي. ۽ هي ته ظاهر آهي ته آخرت جو گهر (بهشت) پرهيزگارن لاءِ آهي جو هن کان بهتر آهي. ته ڇا! توهين ايترو به نٿا سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي حياتي دنيوي مگر راند ۽ چرچو ۽ البته دار آخرت واري ڀلي آهي انهن جي لاءِ جو ڊڄن ٿا، ڇا پوءِ نه ٿا عقل کان ڪم وٺو..(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. ۽ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا تن لاءِ آخرت جو گهر گهڻو چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ دنيا جي زندگي رڳو راند ۽ تماشي کان سواءِ ڪجهه ناهي. ۽ پڪ سان آخرت جو گهر ڀلو آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا. پوءِ ڇو نه ٿا سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناھِ ننڍِي ڄمار،مگر راند ۽ راڳ رُڳو، ۽ آخرت ڀليِ اُنهن لئي، جي تقوٰى رکن تڪرار، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، نه سُوچينِ سچِئَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دنيا جي حياتي راند ۽ تماشي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ نيڪن لاءِ ته آخرت جو گهر ئي بهتر آهي، ڇا اوهين نٿا سمجهو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دنيا جي زندگي ته هڪڙو کيل ۽ تماشو آهي. حقيقت ۾ آخرت وارو ماڳ ئي انهن ماڻهن لاءِ وڌيڪ ڀلو آهي، جيڪي پاڻ کي نقصان کان بچائڻ ٿا چاهن. ڇا پوءِ توهان عقل اصل نه هلائيندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) دنيا جي زندگي ته بس آهي کيل ۽ تماشو، حقيقت ۾ آخرت جي جاءِ ئي ڀلي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غلط ڪمن کان بچڻ گهرن ٿا. ڇا توهان سمجهه نه ڌاريندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دنيا جي زندگي ته بس هڪ کيل ۽ تماشي وانگر آهي ۽ آخرت جو گهر انهن لاءِ سٺو آهي جيڪي پرهيزگار ٿي رهندا، ته ڇا پوءِ اڃا به توهان عقل کان ڪم نه وٺندا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ دنيا جي زندگي (جو عيش ۽ آرام) کيل ۽ تماشي کانسواءِ ڪجهه نه آهي ۽ يقيناً آخرت جو گهر ئي انهن ماڻهن جي لاءِ ڀلو آهي جيڪي تقويٰ اختيار ڪن ٿا، ڇا توهان (اها حقيقت) نٿا سمجهو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ دنياوي زندگي ته نسوري راند ۽ تماشو آهي. جيڪو متقي آهي، ان جي لاءِ آخرت جو گهر ئي بهتر آهي. (افسوس توهان تي !) ڇا توهين (ايترڙي) ڳالهه به نه ٿا سمجهو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قَد نَعلَمُ إِنَّهُ لَيَحزُنُكَ الَّذى يَقولونَ فَإِنَّهُم لا يُكَذِّبونَكَ وَلٰكِنَّ الظّٰلِمينَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 33) |
بيشڪ ڄاڻون ٿا ته جيڪي (اُھي) چوندا آھن سو توکي ضرور غمگين ڪندو پوءِ اُھي نه (رڳو) توکي ڪوڙو چوندا آھن پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) اسان کي معلوم آهي ته توکي هن ڳالهه جو ڏاڍو غم ۽ ڏک آهي جو هو (انڪار ۽ دشمني جون) ڳالهيون چئي رهيا آهن، حقيقت هيءَ آهي ته هو توکي ڪوڙو نه ٺهرائي رهيا آهن، پر اهي ظالم (ڄاڻي ٻجهي) الله جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تحقيق اسان کي معلوم آهي ته اهي ماڻهو رسولِ عربيءَ کي ڏکوئن ٿا. پوءِ بيشڪ اهي توهان کي (اي رسولِ عربي) ڪُوڙو نٿا سمجھن پر ظالم الله جي آيتن (قرآن مجيد) جو انڪار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته انهن ماڻهن جي بڪواس تو کي صدمو رسائي ٿي ته (توکي ڄاڻڻ گهرجي ته) اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو نٿا ڪن پر (اهي) ظالم (در اصل) خدا جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ڄاڻون ٿا ته تحقيق شان ھيءُ آھي ته البته ڏک ٿو پھچائي توکي جيڪو (ڪافر) چون ٿا پوءِ تحقيق اھي نٿا ڪوڙو چون توکي ۽ پر ظالم آيتن الله جي جو انڪار ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ عقل کان ڪم نٿا وٺو. بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪي اهي چون ٿا سو ضرور توکي غمگين ڪري ٿو. پوءِ (سمجهه ته) اُهي توکي ڪوڙو نه ٿا ڪن، پر (اُهي) ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) تحقيق اسان ڄاڻون ٿا ته بيشڪ تو کي ڏکارو ڪري ٿي (اها ڳالهه) جيڪي اهي چون ٿا پوءِ بيشڪ اُهي تو کي ڪوڙو نه ٿا چون ۽ پر (حقيقت ۾) ظالم ماڻهو الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ ٻُجھون، ته ٻولِين جو، سو وِجھنَئـِي منجھ وِيچار، توکي نه ڪُوڙ ڪن سي، پر هرگز هاڃيڪار، ڪَن اَجايو اِنڪار، هادِيءَ جي حُڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان کي خبر آهي ته سندن ڳالهيون توکي غم ۾ وجهن ٿيون پر هو توکي ڪوڙونه ٿا چون، مگر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسانکي ڄاڻ آهي ته جيڪي ڳالهيون اهي ٺاهن ٿا، تن کان توکي ڏک ٿو پهچي، پر اصل ۾ اهي توکي ڪوڙو نٿا سڏين بلڪه اهي ظالم ته الله جي آيتن جو ٿا انڪار ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! اسان ڄاڻون ٿا ته توکي ڏک ٿئي ٿو جيڪي ڳالهيون هي ماڻهو ٺاهين ٿا، حقيقت ۾ هو توکي ڪوڙو نٿا چون، پر هي ظالم حقيقت ۾ الله جي آيتن جو انڪار ڪري رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته انهن ماڻهن جون ڳالهيون ضرور توکي غمگين ڪنديون (پر اهو ذهن ۾ رک ته) هي ڪافر توکي ڪوڙو نٿا ڪن، بلڪ هي ظالم الله تعالى جي آيتن جو کلم کلا انڪار ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي حبيب!) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا ته اها (ڳالهه) يقيناً توهان کي غمگين ٿي ڪري جيڪا اهي ڪن ٿا. پوءِ اِهي توهان کي ڪوڙو نٿا چون پر (حقيقت اها آهي ته) ظالم الله جي آيتن جو ئي انڪار ڪن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) اسين ڄاڻئون ٿا ته اهي ماڻهو (انڪار ۽ تعصب) جهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا اهي توکي اٻاڻڪو ڪري ڇڏين ٿا. اهي اصل ۾ توکي نه ٿا ٺڪرائين بلڪه، اِهي ظالم، ڄاڻي ٻُجهي الله جي آيتن کي ٺڪرائين ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ فَصَبَروا عَلىٰ ما كُذِّبوا وَأوذوا حَتّىٰ أَتىٰهُم نَصرُنا وَلا مُبَدِّلَ لِكَلِمٰتِ اللَّهِ وَلَقَد جاءَكَ مِن نَبَإِي۟ المُرسَلينَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻا) پيغمبر ڪوڙا سمجھيا ويا ھئا پوءِ پنھنجي ڪوڙي ڀائنجڻ ۽ پنھنجي ڏکوئجڻ تي ايسين صبر ڪندا رھيا جيسين کين اسان جي مدد پُھتي، ۽ الله جي ڳالھين (يعني انجامن) کي (ڪوبه) ڦيريندو نه آھي، ۽ بيشڪ تو وٽ پيغمبرن جي ڪُجھ خبر آئي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (هيءَ حقيقت آهي ته) توکان اڳي به رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ويو ۽ هنن کي جو ماڻهن ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون، تنهن تي هنن صبر ڪيو ۽ (پنهنجي ڪم ۾ ثابت قدم رهيا). تانجو اسان جي مدد کين پهچي وئي، ۽ (ياد رکو ته الله تعاليٰ جو هي قانون آهي ته) ڪوبه ڪونهي جو سندس (ٺهرايل) لفظن ۽ حڪمن کي بدلائڻ وارو هجي، ۽ توکي ته رسولن جي خبرن مان گهڻيون ئي ڳالهيون پهچي به چڪيون آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق ڪُوڙا سمجھيا ويا رسولَ جيڪي توهان کان اڳ ۾ آيا، پوءِ صبر ڪيائون انهي ڳالهه تي جنهن ۾ ڪُوڙا سمجھا ويا (نبوت ۾) ۽ ايذاء ڏنا ويا ايستائين جو آئي انهن وٽ مدد اسان جي، ۽ ناهي ڪير تبديل ڪندڙ الله جي حڪمن کي، ۽ بيشڪ تحقيق توهان وٽ آيون آهن خبرون اڳين پيغمبرن جون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (پڻ ڇڙو تون نه پر) تو کان اڳ ۾ به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪري چڪا آهن ته انهن (به) پنهنجي ڪوڙي ڪرڻ ۾ ايذا ۽ (تڪليفن) تي صبر ڪيو ايستائين جو اسان جي مدد انهن کي پهتي (۽ ڇو نه ايندي) خدا جي ڳالهين کي ڪو به بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ پيغمبرن جون ڳالهيون تو وٽ پهچي چڪيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڪوڙا سمجھيا ويا ڪيترا رسول تو کان اڳ ۾ پوءِ صبر ڪيائون ان تي جو ڪوڙا سمجھيا ويا ۽ ايذايا ويا تانجو پھتي انھن کي مدد اسان جي ۽ ناھي (ڪير به) مٽائيندڙ ڪلمن الله جي کي ۽ البته تحقيق آئي تو وٽ خبر مرسلن جي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ توکان اڳ (گهڻن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو. پوءِ انهن کي جو ڪوڙو ڪيو ويو ۽ ايذاءُ ڏنو ويو تنهن تي انهن صبر ڪيو، تان جو انهن کي اسان جي مدد پهتي. ۽ الله جي ڳالهين کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي. ۽ بيشڪ تو وٽ رسولن جون ڪجهه خبرون پهچي چڪيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ البته تحقيق تو کان اڳ به رسولن کي ڪوڙو چيو ويو پوءِ انهن صبر ڪيو ان تي جو کين ڪوڙو چيو ويو ۽ کين ايذايو ويو تانجو انهن وٽ اسان جي مدد پهتي. ۽ الله جي ڳالهين (وعدن) کي ڪوبه بدلائڻ وارو نه آهي ۽ البته تحقيق تو وٽ رسولن جون خبرون اچي چڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪوڙا اڳ، ڪوٺيا ويا، مُرسل مڻياندار، پوءِ سَٺـئون ڪوڙي ڪوٺڻ کي، پڻ آينِ، جي آزار، آئـِي تان اَسان جِي، اُنهن کي آڌار، ۽ هادِئَ جي حڪمن ۾، نه ڪندڙ ڦيڙ ڦار، پڻ ملئـِي پَتا پار، مُرسلن جا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ توکان اڳ به رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو، پوءِ انهن سندن ڪوڙي ڪرڻ ۽ ايذاءُ تي صبر ڪيو. ايتري تائين، جو وٽن اسان جي مدد پهچي- الله جي ڳالهين کي ڪو به بدلائيندڙ نه آهي ۽ تو وٽ ته رسولن جون خبرون پهچي چڪيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ توکان اڳ به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو سڏيو ويو هو، پر انهن ڪوڙي سڏجڻ ۽ ايذائجڻ تي صبر ڪيو تانجو کين اسان جي مدد پهچي وئي. الله جي ڳالهين کي بدلائڻ جي طاقت ڪنهن ۾ به ڪانهي ۽ اڳ ٿي گذريل رسولن سان جيڪي ڪجهه وهيو واپريو، تنهن جون خبرون ته توکي ملي چڪيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو کان اڳي به گهڻا رسول ڪوڙا چيا ويا آهن، پر انهن صبر ڪيو پنهنجي ڪوڙي ڀانئڻ ۽ ايذائڻ تي، تان جو کين اسان جي مدد پهچي وئي، ڪنهن کي به طاقت ناهي الله جي ڳالهين بدلائڻ جي، ۽ جيڪي وهيو واپريو اڳين نبين سان تن جون خبرون توکي پهتل آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توکان پھريائين به ڪيترن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو هو، پوءِ انهن (رسولن) تمام تڪليفن تي صبر ڪيو، ايستائين جو کين اسان جي مدد پھتي. الله تعالى جي ڳالهين کي ڪير به تبديل نٿو ڪري سگهي، توکي ته گذري ويل نبين (سڳورن) جون خبرون پھچي چڪيون آهن (تون ته وڌيڪ صبر ڪر). (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ توهان کان اڳ (به گهڻن) رسولن کي ڪوڙو چيو ويو پر انهن ڪوڙو سڏڻ ۽ اذيت پهچائڻ تي صبر ڪيو، ايستائين جو کين اسان جي مدد اچي پهتي ۽ الله جي ڳالهين (يعني وعدن کي) ڪوبه تبديل ڪرڻ وارو ناهي ۽ بيشڪ توهان وٽ (دل جي اطمينان لاءِ) رسولن جون خبرون اچي چڪيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اها حقيقت آهي ته توکان پهريان به رسولن کي ڪوڙو چيو ويو تڏهن به رسولن، ماڻهن پاران ڪوڙو چوڻ ۽ ڏکن ڏيڻ تي صبر ڪيو. (۽ پنهنجي ڪم کي لڳا رهيا) ايستائين جو (آخرڪار) اچي اسان جي مدد به پهتي. (ياد رکو! اهو الله جو رٿيل قانون آهي) ڪوئي ان جي (رٿيل) قانونن کي بدلائي نه ٿو سگهي! هونءَ به رسولن جي خبرن منجهان کوڙ شيون ته تو تائين پهچي به چڪيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِن كانَ كَبُرَ عَلَيكَ إِعراضُهُم فَإِنِ استَطَعتَ أَن تَبتَغِىَ نَفَقًا فِى الأَرضِ أَو سُلَّمًا فِى السَّماءِ فَتَأتِيَهُم بِـٔايَةٍ وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَمَعَهُم عَلَى الهُدىٰ فَلا تَكونَنَّ مِنَ الجٰهِلينَ (آيت : 35) |
۽ جيڪڏھن سندن منھن موڙڻ توکي ڏکيو لڳي ٿو ته جيڪڏھن زمين ۾ ڪا سُرنگ ھڻي سگھين يا آسمان تي ڪا ڏاڪڻ ٺاھي سگھين يا وٽن ڪو معجزو آڻين ته آڻي انھن کي ڏيکار، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته مڙني کي ھدايت تي گڏ ڪري ھا پوءِ اڻ ڄاڻن مان نه ھُج.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن هنن ماڻهن جو منهن موڙڻ (ايمان نه آڻڻ) توکي ڏکيو ٿو لڳي ته (جيڪي ڪري سگهين سو ڪر، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا) جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته زمين جي اندر سرنگهه ڳولي لهه (۽ ان ۾ گهـڙي وڃ) يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولي لهه (۽ ان تي چڙهي وڃ) ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙي نشاني آڻي هنن کي ڏيکار (ته به هو ڪونه مڃيندا). جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سڀني کي حق جي دين تي جمع ڪري ها (پر خدا جو قانون اهو ناهي) تنهن ڪري تون انهن منجهان نه ٿيءُ جن کي (حقيقت جو علم ڪونهي ۽) جاهل آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي مٿان انهن جو مُنهن موڙڻ جيتوڻيڪ وڏي پريشاني آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان کي توفيق آهي ته طلب ڪريو ڪا سرنگ زمين ۾ يا ڏاڪڻ آسمان ۾ پوءِ توهان انهن کي ڪا نشاني آڻي ڏيو، ۽ جيڪڏهن الله چاهي ته گڏ ڪري انهن کي هدايت تي پوءِ (اي مخاطب) هرگز نٿي تون جاهلن مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جو منهن موڙڻ تو کي ضرور ڳرو لڳو آهي (پر) جيڪڏهن تنهنجو وس هلي ته زمين ۾ ڪا سرنگ ڳولي ڪڍ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ لڳاءِ. ۽ انهن کي ڪو معجزو آڻي ڏيکار (ته ائين به ڪري ڏس) جيڪڏهن خدا گهري ها ته کيس هدايت تي ڪٺو ڪري ها (پر خدا ته امتحان ٿو وٺي) پوءِ (متان) تون ڪڏهن به جاهلن ۾ (شامل) نه ٿج.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏھن ڳرو لڳو توتي منھن موڙڻ انھن جو پوءِ جيڪڏھن ڪري سگھين تون ھي جو ھڻين سرنگھه زمين ۾ يا (ٺاهين) ڏاڪڻ آسمان ۾ پوءِ آڻين انهن وٽ ڪو معجزو ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته البته گڏ ڪري ها انهن کي هدايت تي پوءِ هر گز نه هج جاهلن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن جو منهن موڙڻ توکي ڳرو لڳو آهي ته پوءِ جيڪڏهن تون زمين ۾ ڪا سرنگ يا آسمان ۾ ڪا ڏاڪڻ ڳولي ڪڍي سگهين پوءِ انهن وٽ ڪا نشاني کڻي اچين (ته ڪري ڏيکار) ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته کين هدايت تي گڏ ڪري ها، پوءِ تون ڪڏهن به جاهلن مان نه ٿيءُ.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن انهن جو مُنهن موڙڻ تو کي ڏکيو لڳي ٿو پوءِ اگر زمين ۾ (هيٺ لهڻ واري) سُرنگ ڪڍي سگهين يا آسمان ۾ (مٿي چڙهڻ واري) ڏاڪڻ ٺاهين پوءِ (انهن کي مڃائڻ لاءِ) ڪا نشاني آڻي سگهين. (ته آڻ، پر اهي ايمان ڪو نه آڻيندا) ۽ جي الله چاهي ها ته انهن سڀني کي هدايت تي گڏ ڪري ها پوءِ تون (انهن جي بدبختي کان) بي خبر نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڳَرِي لڳـئـِي ڳالهڙِي، اُنهن جو انڪار، پوءِ جي طاقت توکي، ته هڪدم گُھر هيڪار، ڀُون ۾ ڪوئي بونرو، يا چاڙهِي چُوٽِي پار، پوءِ اُنهن تي آڻ ڪا، نِشانِي نروار، ۽ سڀئـِي آڻي سَنوت تي، جي گُھريو هوند غفّار، پوءِ تون نه ٿِي تڪرار، مُورکن مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جي توکي سندن منهن موڙڻ ڏکيو لڳي ٿو ته جي توکان پڄي، ته زمين ۾ سرنگهه يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولي ڪڍ، ته کين نشاني آڻي ڏيکارين ۽ جي الله گهري ته هوند سڀني کي هدايت تي ڪٺو ڪري، ان ڪري تون اڻ ڄاڻن مان نه ٿيءُ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان هوندي به جيڪڏهن انهن ماڻهن جو منهن موڙڻ توکي ڏکيو ٿو لڳي ته پوءِ جي اٿئي طاقت ته زمين ۾ ڪا ســِـرنگهه ڳولي يا آسمان ۾ ڏاڪڻ رکي انهن وٽ ڪا نشاني آڻڻ جي ڪوشش ڪري ڏس، جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن سڀني کي هدايت تي گڏ ڪري ٿي سگهيو، سو اڻ ڄاڻن مان نه ٿيءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان هوندي به جيڪڏهن انهن ماڻهن جو توکي منهن موڙڻ سٺو نٿو لڳي ته پوءِ طاقت آهي تو ۾ ته ڪا سرنگهه ڳول زمين ۾ يا ڪا ڏاڪڻ لڳاءِ آسمان ۾ ۽ انهن لاءِ ڪا نشاني آڻڻ جي ڪوشش ڪر، جيڪڏهن الله گهري ها ته کين گڏ ڪري ٿي سگهيو هدايت تي، ته پوءِ تون نه ٿي جاهلن مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن انهن ماڻهن جي نافرماني توکان برداشت نه ٿي ٿئي ته پوءِ جيڪڏهن توکي طاقت آهي ته زمين ۾ ڪا سرنگ ڳولهي وٺ يا آسمان تي چڙهي وڃڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ هٿ ڪر پوءِ تون کين ڪا نشاني آڻي ڏيکار. (حقيقت هي آهي ته) جيڪڏهن الله تعالى جي حڪمت ۾ اها شيءِ شامل هجي ها ته الله تعالى (ضرور) انهن سڀني کي هدايت وارو ڪري ڇڏي ها. (بھرحال) توهان ناسمجهن مان هرگز نه ٿيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن انهن جو منهن موڙڻ توهان تي ڏکيو ٿو گذري (۽ توهان هر صورت ۾ انهن جي ايمان آڻڻ جا خواهشمند آهيو) ته جيڪڏهن توهان کان (اهو) ٿي سگهي ته زمين ۾ (داخل ٿيڻ واري) ڪا سرنگهه يا آسمان ۾ (چڙهڻ واري) ڪا ڏاڪڻ ڳوليو پوءِ (انهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ) انهن وٽ ڪا (خاص) نشاني کڻي اچو (اهي تڏهن به ايمان نه آڻيندا)، ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته ضرور کين هدايت تي گڏ ڪري ها پوءِ توهان (پنهنجي رحمت ۽ شفقت جي بي انتها جذبي جي ڪري انهن جي بدبختي کان) اڻ ڄاڻ نه ٿيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن انهن ماڻهن جي ڪن لاٽار توکي ڏکي ٿي لڳي ته (تون جيڪو ڪجهه ڪري سگهين ٿو، ڀلي ڪري ڏس، اهي ڪڏهن به سُڌرڻا ناهن) جيڪڏهن پڄئي ته زمين ۾ ڪا سُرنگهه ڳولهي لهه، يا آسمان لاءِ ڪا ڏاڪڻ هٿ لڳئي (ته ان تي چڙهي وڃ) ۽ کين ڪا نشاني آڻي ڏيکار (پر پوءِ به اهي انڪار ئي ڪندا) جيڪڏهن خدا چاهي ها ته انهن مڙني کي حق جي دين تي ڪَٺو ڪري ڇڏي ها (۽ سڀ هڪ ئي واٽ جا پانڌيئڙا ٿين ها، پر تون ڏسين پيو ته ائين نه ٿو ٿئي) تنهنڪري انهن منجهان نه ٿيءُ جيڪي (حقيقت کان) وانجها آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّما يَستَجيبُ الَّذينَ يَسمَعونَ وَالمَوتىٰ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ ثُمَّ إِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 36) |
جيڪي (حق طلبيندڙ ٿي حق ڳالھ کي) ٻڌندا آھن سي ئي (اسلام جي دعوت) قبول ڪندا آھن (اُنھن کي الله ھدايت ڪندو آھي)، ۽ مئلن (يعني ڪافرن) کي الله قيامت جي ڏينھن کڙو ڪندو وري ڏانھس موٽايا ويندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) تنهنجي سڏ جو جواب فقط اهي ڏيئي سگهندا جي (دل سان) ٻڌندا، پر جيڪي مئلن وانگر آهن (تن ۾ ٻڌڻ جي اميد نه رک) انهن کي ته الله تعاليٰ (قبرن مان) اٿاريندو ۽ اهي (نيٺ) الله تعاليٰ ڏانهن موٽايا ويندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اُهي (توهان جي دعوتِ اسلامي) قبول ڪندا جيڪي ٻڌن ٿا، ۽ ڪافرن کي الله قبرن مان اٿاريندو انهيءَ کان پوءِ الله ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهنجو چوڻ ته) فقط اهي ئي انسان مڃن ٿا جي (دل جي ڪنن سان) ٻڌن ٿا. ۽ مئلن کي ته خدا قيامت ۾ ئي اٿاريندو، پوءِ ان ڏي موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق قبول ڪن ٿا جيڪي ٻڌن ٿا ۽ مئل اٿاريندو انهن کي الله ان کان پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي (دل سان) ٻڌن ٿا، سي ئي قبول ڪن ٿا. ۽ مئلن کي الله (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ ان ڏي ئي کين موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ (حق جو سڏ) صرف اُهي قبول ڪندا آهن جيڪي (دل سان) ٻڌندا آهن. ۽ مُردن کي ته الله (قيامت ڏينهن) اٿاريندو پوءِ ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيندا، سى مورهين، جي سُڻن هِنيِين ساڻ، ۽ مُئا مُقامن مان، پرور اُٿاريندو پاڻ، اُن ڏي اِن پُڄاڻ، موٽائـِبا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (حق کي) اُهي ئي قبول ڪن ٿا، جي ٻڌن ٿا ۽ مئلن کي الله ئي اٿاريندو. پوءِ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حق جي دعوت تي لبيڪ اهي ماڻهو چوندا آهن، جيڪي ٻڌڻ وارا آهن، باقي رهيا مردا ته انهن کي ته الله بس قبرن مان ئي اٿاريندو ۽ پوءِ (سندس عدالت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ ) اهي واپس آندا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ حق جي دعوت تي لبيڪ اهي ئي ماڻهو چوندا آهن جيڪي ٻڌندڙ آهن، باقي رهيا مردا، ته انهن کي الله قبرن مان ئي اٿاريندو پوءِ اهي ڏانهس ئي موٽايا ويندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (صحيح طرح) ٻڌڻ وارا ئي حق کي قبول ڪندا آهن باقي رهيا مئل (يعني ڪن لاٽار ڪرڻ وارا ته) الله تعالى انهن کي (بس) قبر مان ئي اٿاريندو، پوءِ هو سڀ ان ڏانھن موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڳالهه اها آهي ته (حق جي دعوت) صرف اهي ئي ماڻهو قبول ڪن ٿا جيڪي (ان کي سچي دل سان) ٻڌن ٿا، ۽ مئلن (يعني حق جي منڪرن) کي الله (ڪفر جي حالت ۾ ئي قبر مان) اٿاريندو پوءِ اهي انهي (رب) ڏانهن (جنهن جو انڪار ڪندا هئا) موٽايا ويندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنجي دعوت جي موٽ اهي ئي ڏئي سگهن ٿا جيڪي تنهنجي پڪار سڻن ٿا، باقي جيڪي مئل آهن (سو مُردن مان جواب جي اميد ڪيئن رکجي؟) انهن کي ته الله ئي (قبرن مان) اٿاريندو، وري ان جي حضور موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ عَلَيهِ ءايَةٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّ اللَّهَ قادِرٌ عَلىٰ أَن يُنَزِّلَ ءايَةً وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 37) |
۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار وٽان اُن (پيغمبر) تي ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي؟ (اي پيغمبر) کين چؤ ته الله نشاني جي لاھڻ تي وس وارو آھي پر منجھانئن گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چون ٿا ته ڇو هن (رسولﷺ) تي سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (معجزو) نازل نه ٿيو آهي؟ (اي پيغمبر) تون کين چئو ته خدا کي بيشڪ اها قدرت آهي جو ڪا نشاني نازل ڪري، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جو (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ چيائون ڇو نه رسولِ عربي تي ڪا نشاني نازل ڪئي وئي سندس رب جي طرفان، اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آيت نازل ڪرڻ تي الله قادر آهي پر اڪثر انهن جا نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافر چون ٿا ته (آخر) هن نبي تي سندس پروردگار جي طرفان ڪو معجزو ڇو نه ٿو نازل ٿئي ته تون (کين) چئو ته خدا معجزي جي نازل ڪرڻ تي ضرور قادر آهي پر هنن مان گهڻا ماڻهو(خدا جي مصلحتن کي) نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇو نه لاٿي وئي ان تي ڪا نشاني سندس رب جي طرفان فرماءِ ته بيشڪ الله قادر آهي هن تي جو لاهي نشاني ۽ پر اڪثر انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن چيو ته ان (رسول) تي سندس پاليندڙ جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي آهي؟ (کين) چئو ته بيشڪ الله هن ڳالهه تي قدرت رکندڙ آهي ته ڪا نشاني لاهي پرانهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”ان (رسول) تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي“؟چؤ ته بيشڪ الله ان تي قادر آهي جو نشاني لاهي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هوند سندسِ سائينءَ کان، ڪو اُٿسِ لٿو اُهڃاڻ، چئو الله قادر اُن مٿي، ته ڪو پِرتو لاهي پاڻ، پر اڪثر هي اَڄاڻ، نه سمجھن، سچِئَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”نبيءَ تي سندس رب کان ڪا نشاني ڇو نه لٿي؟“ چئو ته ”الله نشاني لاهڻ تي وس وارو آهي، مگر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چون ٿا ته هن نبيءَ تي سندس رب وٽان ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي آهي؟ چوين ته الله کي ته نشاني لاهڻ جي سڀڪا طاقت آهي، مگر انهن مان اڪثر ماڻهو نادانيءَ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته سندن نبيءَ تي سندس رب جي طرفان ڪا نشاني ڇو نه لاٿي وئي؟ چؤ بيشڪ الله قادر آهي پوري طاقت رکي ٿو ڪا نشاني لاهڻ جي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نادانيءَ ۾ پيل آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي چون ٿا ته نبي سڳوري تي پنھنجي رب جي طرف کان ڪا نشاني ڇو نٿي نازل ڪئي وڃي؟ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته نشاني نازل ڪرڻ جي طاقت صرف الله تعالى کي آهي، پر گهڻن ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن چيو ته هن (رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم) تي سندس رب جي پاران (هر وقت گڏ رهڻ واري) ڪا نشاني ڇونه لاٿي وئي؟ فرمايو: بيشڪ الله انهي ڳالهه تي (به) قادر آهي ته هو (اهڙي) ڪا نشاني لاهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ان جي حڪمتن کي) نٿا سمجهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن چيو : پيغمبر تي سندس پالڻهار پاران نشاني ڇو نه لاٿي وئي آهي؟ (اي پيغمبر!) چئه ته: خدا، يقيناَ ان ڳالهه تي قادر آهي ته ڪا نشاني لاهي، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (حقيقت) نه ٿا ڄاڻن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما مِن دابَّةٍ فِى الأَرضِ وَلا طٰئِرٍ يَطيرُ بِجَناحَيهِ إِلّا أُمَمٌ أَمثالُكُم ما فَرَّطنا فِى الكِتٰبِ مِن شَيءٍ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم يُحشَرونَ (آيت : 38) |
۽ نڪو زمين ۾ ڪوئي چرندڙ آھي ۽ نڪو پکي آھي جو پنھنجين کنڀڙاٽين سان اُڏامي ٿو پر اوھان جھڙيون ئي ٽوليون آھن، (سڀ) ڪا شيء ڪتاب (يعني لَوح مَحفُوظ) ۾ لکڻ کانسواءِ نه ڇڏي سون وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن گڏ ڪيون وينديون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين ۾ ڪوئي به چرندڙ جانور ۽ هوا ۾ پرن سان اڏامندڙ ڪوبه پکي اهڙو ڪونهي جو توهان وانگر جماعتون يا ٽوليون رکندڙ نه هجي، (يعني اهي به گڏجي رهن ٿا ۽ گڏجي گذران جو بندوبست ڪن ٿا) ڏسو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ ڪابه شيء ڇڏي نه ڏني آهي ، (يعني هر مخلوق جي لاءِ جيڪي به هئڻ گهرجي سو سڀ اسان لکي ڇڏيو آهي، يعني ٺهرائي ڇڏيو آهي). پوءِ سڀني کي (آخر) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ گڏ ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ناهي ڪو هلندڙ جانور زمين ۾ ۽ ناهي ڪو پکي جيڪو پنهنجن پرن تي اڏامي ٿو مگر سندن تقدير لکيل آهي، نه ڇڏي آهي اسان لوحِ محفوظ ۾ ڪا به شيءِ، انهي کان پوءِ اهي پنهنجي رب ڏانهن گڏ ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زمين تي جي گهمڻ ڦرڻ وارا (جانور) يا پنهنجي پرن سان اڏڻ وارا پکي آهن انهن جون به اوهان وانگر جماعتون آهن. (۽ سڀئي لوح محفوظ ۾ موجود آهن) اسان ڪتاب (قرآن) ۾ڪا به ڳالھ ڇڏي نه آهي پوءِ سڀئي (چوپايه هجن يا پکي) پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ آندا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪا به چرندڙ شيءِ زمين ۾ ۽ نه ڪو پکي جو اڏامي پنهنجن پرن سان مگر امتون آهن اوهان جي مثل نه ڇڏي سون ڪتاب ۾ ڪا شيءِ ان کان پوءِ پنهنجي رب ڏانهن اٿاريا ويندا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ۾ ڪو به هلندڙ نه آهي ۽ نه ڪو اڏامندڙ جو پنهنجن ٻن پرن تي اڏامي ٿو پر اهي اوهان جهڙيون جماعتون (يعني مخلوق) آهن. ۽ اسان ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڪا شيءِ نه ڇڏي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين ۾ ڪو چُرندڙ جانور ۽ (فضائن ۾ ) ڪو اڏامندڙ پکي جيڪو پنهنجي کنڀڙاٽين سان اڏامي ٿو اهڙو نه آهي مگر (اي انسانو!) اوهان جهڙيون ئي قومون آهن. اسان ڪابه شيءِ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکڻ کان سواءِ نه ڇڏي آهي پوءِ پنهنجي پالڻهار ڏانهن گڏ ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه کيڙ ائُو، ڪوکِه ۾، نه پکِي طُور طيور، اُڏٖي ٻن کنڀن سان، مگر آهن مُور، اوهان جِھڙيون، اُمتون ظاهر ۽ ظهور، لِک، نه ڪٿي ليک ۾، ڪيو سون قُصور، هَمہ منجھ حَضور، ڀيڙا ڪري بِيهاربا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين ۾ جيڪو گهمندڙ جانور ۽ سندن پرن سان اڏامندڙ پکي آهي سو اوهان جيئن جماعتون رکندڙ آهي، اسان لکڻ ۾ ڪنهن به ڳالهه جي گهٽتائي نه ڪئي. پوءِ اهي پنهنجي رب وٽ ڪٺا ڪيا ويندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين ۾ چرندڙ ڪنهن جانور يا هوا ۾ کنڀ کنڊيري اڏرندڙ ڪنهن پکيءَ کي ڏسو، اهي سڀئي توهان جهڙيون ئي جنسون آهن. اسان سندن مقدر واري لکي ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي آهي، پوءِ اهي سڀ پنهنجي رب ڏانهن ميڙي سيڙي آندا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪابه جاندار شيءِ هلڻ واري زمين تي ۽ ڪنهن پکيءَ کي ڏسو پرن سان هوا ۾ اڏامندي، اهي سڀ امتون آهن توهان جهڙيون، اسان سندن تقدير (ڪتاب) لکڻي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي، پوءِ اهي سڀ پنهنجي رب ڏانهن ميڙي گڏ ڪيا ويندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين ۾ هلندڙ ڦرندڙ جانور ۽ (هوا ۾) پنھنجا پر ڦھلائي اڏرڻ وارا پکي، هي سڀ توهان وانگر ئي هڪ بِرادري (يعني امت) آهي. اسان انهن سڀني لاءِ به تقدير لکي آهي ۽ اهي سڀ پنھنجي رب جي درٻار ۾ حاضر ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (اي انسانؤ!) ڪوبه هلڻ ڦرڻ وارو (جانور) ۽ پکي جيڪو پنهنجي ٻن پرن سان اڏامي ٿو (اهڙو) ناهي مگر هي ته (ڪيترين ئي وصفن ۾) اهي سڀئي توهان جهڙا آهن، اسان ڪتاب ۾ ڪابه شيءِ ناهي ڇڏي (جنهن کي چٽي طرح يا اشاري سان بيان نه ڪيو هجي) پوءِ سڀئي (ماڻهو) پنهنجي پالڻهار وٽ گڏ ڪيا ويندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ زمين ۾ هلندڙ ڪوئي ساهه وارو ۽ فضا ۾ اڏامندڙ ڪوئي پکي اهڙو ڪونهي جيڪو توهان وانگر ئي ٽوليون ٽوليون نه هجي (يعني توهان وانگر انهن منجهان به هرڪا ٽولي پنهنجي پنهنجي گذران لاءِ بندوبست جي هڻ وٺ ۾ هجي ٿي) اسين لکيي ۾ ڪوئي ليک ناهي رهايو (يعني دنيا جي هر مخلوق جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿيڻو آهي، سوسڀ لکي ڇڏيو اٿئون، ڪائي مخلوق لکيي کان رهجي نه وئي آهي.) وري سڀ (آخرڪار) پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڪَٺا ڪيا ويندا . (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا صُمٌّ وَبُكمٌ فِى الظُّلُمٰتِ مَن يَشَإِ اللَّهُ يُضلِلهُ وَمَن يَشَأ يَجعَلهُ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 39) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو سي گونگا ۽ ٻوڙا اونداھين ۾ (پيل) آھن، الله جنھن کي گھُري تنھن کي ڀلائيندو آھي، ۽ جنھن کي گھُري تنھن کي سڌي واٽ تي بيھڪ ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو سي (گويا) ٻوڙا گونگا اونداهين ۾ گم آهن، خدا جنهن به انسان متعلق چاهي تنهن کي (ڪاميابي جي) واٽ کان پري ڪري ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي تنهن کي ڪاميابي جي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏي. (الله تعاليٰ هن باري ۾ جو قانون ٺاهيو آهي ان کي ڪوبه بدلائي نٿو سگهي. اهو قانون هي آهي ته جيڪو پنهنجو عقل ۽ سمجهه نٿو هلائي ۽ تڪبر ۽ ضد کان حق جو ڪلمون ٻڌڻ کان انڪار ٿو ڪري سو ڪڏهن به سڌي واٽ تي نه ايندو.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھن ٿا، اُهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن اونداهين ۾، جنهنکي رب چاهي گمراه ڪري ۽ جنهنکي رب چاهي انهيءَ کي سنئين رستي تي هلائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي به (ڪفر جي اوڙاھ) اوندھ ۾ گونگا ٻوڙا (ٿيا پيا) آهن خدا جنهن کي گهري تنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي راھ تي آڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي شخص جن ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي ٻوڙا ۽ گونگا اونداهين ۾ آهن جنهن کي به گهري ٿو الله ته گمراھ ڪري ٿو ان کي ۽ جنهن کي گهري ٿو ته رکي ٿو ان کي واٽ سڌيءَ تي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري انهن کي سندن پاليندڙ جي اڳيان گڏ ڪيو ويندو. ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو سي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ (پيا) آهن. الله جنهن کي گهري تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي سڌي رستي تي ڪري ٿو.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي ٻوڙا ۽گونگا آهن، اونداهين ۾ (ڀٽڪندڙ) آهن. الله جنهن کي چاهي ان کي گمراهه ڪري. ۽ جنهن کي چاهي ته ان کي سڌي واٽ تي هلائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ڪوڙو ڪوٺيون، اسان جون، نِشانيون نِروار، ٻوڙا، گنگا آهن اُهي، منجھ اُونداهين آوار، رولي ڇڏي روه ۾، جنهن کي گُھري غفّار، جنهن کي گُھري جَبّار، واري ڪري سَنئينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، سي ٻوڙا ۽ گونگا، اونداهين ۾ گم آهن. الله جنهن کي وڻيس ته گمراهه ڪري ۽ جنهن کي وڻيس ته سنئينءَ واٽ تي رکي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٿا سڏين اهي ٻوڙا آهن، گونگا آهن، اونداهين ۾ پيل آهن، الله جنهن کي وڻيس ڀٽڪائي ٿو ڇڏي ۽ جنهن کي گهري سنئين واٽ وٺائي ٿو ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪي ماڻهو ڪوڙو چون ٿا اسان جي نشانين کي، اهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ پيا آهن. جنهن کي چاهيندو آهي الله ته ڀٽڪائي ڇڏيندو آهي، ۽ جنهن کي گهرندو آهي ته ان کي سڌي واٽ وٺائيندو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، اهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ رهن ٿا. الله تعالى جنھن لاءِ مناسب سمجهي ٿو تنهن کي گمراهه ڪندو آهي ۽ جنھن لاءِ مناسب سمجهي ٿو ته کيس سڌي رستي تي هلائيندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو اهي ٻوڙا ۽ گونگا آهن، اونداهين ۾ (ڀٽڪي رهيا) آهن. الله جنهن کي گهري ٿو ان کي (حق جي انڪار ۽ ضد جي ڪري) گمراهه ڪري ڇڏي ٿو، ۽ جنهن کي گهري ٿو ان کي (حق قبولڻ جي ڪري) سنئين واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جن ماڻهن اسان جون آيتون ٺڪرايون (ته انهن جي حالت اهڙي ٿي پئي آهي، جهڙوڪر ٻوڙا- گونگا ٿيا انڌيرن ۾ ڀٽڪندا هجن. خدا جنهن بابت چاهي (ڪاميابيءَ جي) واٽ وڃائي ڇڏي، جنهن بابت چاهي، کيس ڪاميابيءَ جي سنئين واٽ سُهائي ڇڏي. (خدا، هدايت بابت جيڪو قانون طئه ڪري ڇڏيو آهي، توهين اهو بدلائي نه ٿا سگهو)(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ أَو أَتَتكُمُ السّاعَةُ أَغَيرَ اللَّهِ تَدعونَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 40) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) ڏسو جيڪڏھن الله جو عذاب اوھان کي پُھچي يا قيامت اوھان وٽ اچي ته جيڪڏھن اوھان سچا آھيو ته الله کانسواءِ ڪنھن کي سڏيندؤ؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر انهن ماڻهن کي) چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان تي خدا جو عذاب اچي وڃي يا (موت جي) گهڙي مٿئون اچي بيهي، ته ان وقت به توهان خدا کان سواءِ ٻين کي (مدد لاءِ پڪاريندؤ؟ (جواب ڏيو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ڀلا توهان ٻڌايو جيڪڏهن اچي توهان تي الله جو عذاب يا اچي توهان تي قيامت ڇا الله کان سواءِ بتن کي پڪاريندا جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڇين ته ڇا! توهان هئين سمجهو ٿا ته جيڪڏهن اوهان جي سامهون خدا جو عذاب اچي وڃي يا اوهان جي اڳيان قامت ٿي اچي ته اوهين (جيڪڏهن پنهنجي چوڻ ۾) سچا آهيو ته (ٻڌايو ته پوءِ مدد لاءِ) ڇا! خدا کي ڇڏي ٻئي کي سڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: خبر ته ڏيو جيڪڏهن آيو اوهان وٽ عذاب الله جو يا آئي اوهان وٽ قيامت ڇا الله کان سواءِ ٻئي کي سڏيندؤ؟ جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا (قيامت جي) گهڙي اچي ته ڇا الله کانسواءِ ٻي ڪنهن کي سڏيندؤ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ غور ته ڪيو! جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا توهان تي قيامت اچي ته ڇا الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي سڏيندؤ ؟ (جواب ڏيو) جي اوهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ڪِيئن ٿاڀانيو پاڻ کي، ته جي اچي اوهان سر، اِلاهِي عذاب ڪو، يا محشر ڏينهن مقرر، ته پوءِ ڇا؟ الله الله ڪري، صاحب ري، سَڌر، داهيندا ٻي در، جي صفا آهيو سچ تي؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اچي يا قيامت اچي ته به الله کان سواءِ ٻئي کي پڪاريندؤ؟ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ٿورو سوچي ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان تي الله وٽان ڪا مصيبت اچي پوي ٿي يا اهو آخري وقت اچي ٿو ته پوءِ ڇا ان مهل توهان الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي پڪاريندا آهيو؟ ٻڌايو جيڪڏهن سچا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ ته ٿورو سوچي ٻڌايو، جيڪڏهن توهان تي ڪو عذاب الله طرفان اچي يا آخري وقت اچي وڃي ته ان وقت الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي سڏيندا آهيو؟ ڪُڇو! جيڪڏهن توهان (جي) سچا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته (توهان دنيا ۾ ئي ڏسي وٺو ته) جڏهن توهان تي الله تعالى جي طرفان ڪو عذاب اچي ٿو يا توهان کي موت اچڻ جو احساس ٿئي ٿو ته ڇا توهان الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي سڏيو ٿا؟ جيڪڏهن توهان سچا آهيو (ته پوءِ ان جو نالو ٻڌايو). (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان (انهن ڪافرن کي) فرمايو: ٿورو اهو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان تي الله جو عذاب اچي وڃي يا توهان تي قيامت اچي پهچي ته ڇا (ان وقت عذاب کان بچڻ جي لاءِ) الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي سڏيندؤ؟ (ٻڌايو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئه: ڇا توهين ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن خدا جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪي يا (موت جي) ايندڙ گهڙي اچي وڃي ته ان وقت به توهين خدا کانسواءِ ٻين کي پڪاريندؤ؟ (ڏيو جواب-) جيڪڏهن سچا آهيو ته! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَل إِيّاهُ تَدعونَ فَيَكشِفُ ما تَدعونَ إِلَيهِ إِن شاءَ وَتَنسَونَ ما تُشرِكونَ (آيت : 41) |
(نه!) بلڪ خاص ان کي سڏيندا پوءِ جيڪڏھن گھري ته جنھن (مصيبت جي لاھڻ) لاءِ اوھين کيس سڏيندا آھيو سا لاھي ڇڏي ۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪندا آھيو (سو انھيءَ مھل) وساريندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) نه نه! توهان انهيءَ ئي الله کي پڪاريندؤ ۽ جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي مصيبت لاهي ڇڏيندو ۽ ان وقت انهن کي وساري ڇڏيندؤ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪندا هئو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بلڪ خاص الله کي توهان پڪاريو ٿا پوءِ جيڪڏهن چاهي ته توهان جون تڪليفون لاهي ڇڏي جيڪي دعائون الله کان گھرو ٿا ۽ توهان بتن کي وساري ڇڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ٻين کي ته ڇا) پر انهيءَ کي سڏيندو پوءِ جيڪڏهن هن گهريو ته جنهن (ڳالھ) لاءِ اوهان کيس سڏيو آهي تنهن کي پري ڪندو. ۽ (تنهن وقت) اوهين ٻين معبودن کي جن کي اوهين (خدا جو) شريڪ ڄاڻندا هئا وساري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ خاص ان کي سڏيندا آهيو پوءِ دفع ڪري ٿو اها تڪليف جو سڏيو ٿا ان ڏانهن جيڪڏهن گهري ۽ وساريو ٿا جيڪي شريڪ ٿا بنايو. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بلڪ ان کي ئي سڏيندؤ. پوءِ اهو جيڪڏهن گهرندو ته ان (مصيبت) کي هٽائيندو جنهن لاءِ (کيس) سڏيندؤ ۽ جن شين کي (سندس) شريڪ ڪريو ٿا تن کي ڀلائي ڇڏيندؤ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه ان (الله)کي ئي سڏيندؤ پوءِ جيڪڏهن چاهي ته جنهن لاءِ کيس سڏيو ٿا اها (آفت) هٽائي ڇڏي ۽ جن کي الله سان شريڪ ڪيو ٿا (ان وقت)انهن (ڪوڙن معبودن) کي وساري ڇڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو ڪندا اُن هيڪ سان، حال هِيڻو هَڏ، پوءِ لاهيندان سو، جي گُهري، جنهن لئي، ساري ڪريو سَڏ، ۽ ٻِئا، جي ڀورا! ڀانيو گَڏ، سي وساريندا، تنهن ويل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (نه) بلڪ ان کي ئي سڏيندا- پوءِ جي هو گهري، ته جنهن (دک) لاءِ اوهين کيس پڪاريو ٿا ان کي لاهي ۽ اوهين جن کي شريڪ ڪريو ٿا تن کي وساري ٿا ڇڏيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن ته توهان رڳو الله کي ئي سڏيندا آهيو. پوءِ جيڪڏهن هو گهرندو آهي ته اها مصيبت توهان تان ٽاري ڇڏيندو آهي، اهڙن موقعن تي ته توهان پنهنجي گهڙيل شريڪن کي ياد ئي نه ڪندا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت ته توهان ان کي ئي سڏيندا آهيو، اگر هو گهرندو آهي ته اها مصيبت توهان تان ٽاري ڇڏيندو آهي، اهڙن ئي وقتن تي توهان وساري ڇڏيندا آهيو پنهنجن ٺاهيل شريڪن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڪير به نه) بلڪه توهان صرف الله تعالى کي ئي سڏيندا آهيو. توهان جنھن مقصد لاءِ کيس سڏيندا آهيو، جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي تڪليف ختم ڪندو. (بھرحال) ان وقت توهان پنھنجي ٺاهيل شريڪن کي وساري ڇڏيندا آهيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (ائين هرگز ممڪن ناهي) بلڪه توهان (هينئر به) ان (الله) کي ئي سڏيو ٿا پوءِ جيڪڏهن اهو چاهي ته انهن (مصيبتن) کي پري ڪري ٿو ڇڏي جنهن جي لاءِ توهان (ان کي) سڏيو ٿا ۽ (ان وقت) توهان انهن (بتن) کي وساري ٿا ڇڏيو جن کي (الله جو) شريڪ ٺاهيو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بلڪه توهين الله کي ئي پڪاريندؤ ۽ جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي مصيبت دور ڪري ڇڏيندو ۽ ان مهل انهن سمورن معبودن کي وساري ويهندؤ جن کي الله سان شريڪ ڪندا رهندا هيئو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد أَرسَلنا إِلىٰ أُمَمٍ مِن قَبلِكَ فَأَخَذنٰهُم بِالبَأساءِ وَالضَّرّاءِ لَعَلَّهُم يَتَضَرَّعونَ (آيت : 42) |
۽ بيشڪ توکان اڳ (گھڻين) اُمتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ (اُنھن جي بي فرمانيءَ سبب) کين اسان سختي ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مانَ اُھي زاري ڪن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر هي حقيقت آهي ته) بيشڪ جيڪي امتون توکان اڳي ٿي گذريون آهن ته ڏي اسان (پنهنجا رسول) موڪليا ۽ انهن کي (پنهنجي ٺهرايل قانون موجب) سختي ۽ تڪليف ڏني، انهيءَ لاءِ ته (بدعملي ڦٽي ڪن ۽ خدا جي درگاهه ۾) عاجزي نياز ۽ زاري ڪن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق توهان کان اڳ ۾ اسان گھڻين امتن ڏانهن پيغمبر موڪليا (پوءِ انهن نه مڃو) پوءِ اسان انهن کي مسڪيني ۽ مرضن ۾ گرفتار ڪيو ته من اهي توبه ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) جيڪي امتون تو کان اڳ ٿي گذريون آهن اسان انهن ڏي به ڪيترائي رسول موڪليا پوءِ (جڏهن انهن نافرماني ڪئي ته) اسان انهن کي سختي ۽ تڪليف ۾ گرفتار ڪيو ته جيئن اهي ماڻهو (اسان جي بارگاھ ۾) عاجزي ۽ زاري ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق رسول موڪلياسون امتن ڏانهن توکان اڳ ۾ پوءِ ورتوسون انهن کي سختيءَ سان ۽ تڪليف سان تانته اهي زاري ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان توکان اڳ (گهڻين) جماعتن ڏي (رسول) موڪليا، پوءِ اسان کين سختيءَ ۽ تڪليف ۾ پڪڙيو ته مَنَ اهي زاري ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو کان اڳين امتن ڏانهن رسول موڪليا پوءِ اسان انهن کي تنگدستي ۽ تڪليف جي ذريعي پڪڙيو ته جيئن اُهي (اسان اڳيان) زاري ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُماڻيا سون، توکان اڳي، اُمتن ۾ اڳواڻ، پوءِ تنگِين ۽ تڪلِيفن ۾، پڪڙيوسونِ پاڻ، اِهو اِنهيءَ ڪاڻ، ته ڪن ضروري زاريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کان اڳ گهڻين ئي امتن ڏانهن رسول موڪلياسون، پوءِ انهن کي سختي ۽ تڪليف ڏيڻ سان پڪڙ ڪئي سون، ته من هو عاجزي ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کان اڳ اسان گهڻين ئي قومن ڏانهن رسول موڪليا هئا ۽ انهن قومن کي ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ وڌوسون ته جيئن هو نماڻا ٿي اسان جي آڏو جـُـهڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موڪلياسين رسول ڪيترين ئي قومن ڏانهن توهان کان اڳي به ۽ انهن قومن کي سختين ۽ سورن ۾ وڌوسين ته من اهي نماڻا ٿي اسان آڏو جهڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان توکان اڳ ڪيترين ئي قومن ڏانھن رسول موڪليا، پوءِ کين (نافرمانين سبب) مصيبتون ۽ تڪليفون ڏئي پڪڙ ڪئي ته جيئن هو گڙگڙائين ۽ هيٺانھين وٺي فرمانبرداري اختيار ڪن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ اسان توهان کان اڳ گهڻين ئي امتن ڏانهن رسول موڪليا، پوءِ اسان انهن کي (نافرماني جي ڪري) غربت ۽ تڪليف جي ذريعي پڪڙيوسين ته جيئن اهي (عاجزي ۽ نوڙت سان) زاري ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) اها حقيقت آهي ته جيڪي امتون توکان پهريان گذري چڪيون آهن، اسين انهن ڏانهن (پنهنجا رسول) موڪليا ۽ انهن کي (پنهنجي رٿيل قانون جي مطابق) بُکن ڏکن جي سختين ور چاڙهبو ته مَنَ (بڇڙاين کان مڙي پون ۽ الله جي حضور ۾) زاري ڪن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَولا إِذ جاءَهُم بَأسُنا تَضَرَّعوا وَلٰكِن قَسَت قُلوبُهُم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 43) |
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب وٽن پُھتو ٿي (تنھن مھل) ڇونه ٿي زاري ڪيائون؟ پر سندن دليون سخت ٿي ويون ھيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا ھئا سي شيطان انھن لاءِ سينگاريا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (غور ڪيو ته) ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن اسان جي طرف کان هنن تي سختي آئي تڏهن توبهه زاري ڪن؟ هن ڪري جو هنن جون دليون سخت ٿي ويون هيون، ۽ جيڪي بدعمليون هو ڪندا هئا سي شيطان هنن جي نظر ۾ وڻندڙ ۽ سهڻيون ڪري ڏيڪاريندو هو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ ڇو نه انهن توبه ڪئي جنهن وقت انهن وٽ اسان جو عذاب آيو، پر ڪٽيا قلب انهن جا ۽ سندن لاءِ شيطان سينگاريو جيڪو (ڪفر) ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن انهن (جي سرن) تي اسان جو عذاب آيو ته هنن ڇو ڪين عاجزي ۽ زاري ڪئي (ته اسان عذاب ٽاري ڇڏيون ها) پر سندن دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ سندن ڪرتوتن کي شيطان سينگاري ڏيکاريو هو (پوءِ هو ڇو ٻاڏائين.)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇو نه ائين ڪيائون جڏهن آيو انهن وٽ عذاب اسان جو ته زاري ڪن ها ۽ پر ڪٽجي ويون دليون انهن جون ۽ سينگاريو انهن لاءِ شيطان جيڪي ڪندا هئا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن مٿن اسان جو عذاب آيو تڏهن ڇو نه انهن زاري ڪئي؟ پر سندن دليون سخت ٿيون ۽ جيڪي ڪم ڪندا هئا، سي شيطان کين چڱا ڪري ڏيکاريا! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جو عذاب پهتو ته ڇو نه زاري ڪيائون؟ ۽ پر انهن جون دليون سخت ٿي ويون ۽ شيطان انهن لاءِ سينگاريا هئا (اُهي گناهه) جيڪي اهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آينِ ڏُ ک اَسان جو، جڏهن جُھلِي مَنجھ جھان، ته هوندپَڇتائي پاڻ ڪيون، زاريون ساڻ زبان، پر، ٿيا ڪَٺڻ قلب اُنهن جا؛ ۽ جيڪِي ڪن ڪُفران، شامتِي شيطان، سو سندنِ لئي سنيگاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن ڇو مٿن اسان جي عذاب اچڻ تي عاجزي نه ڪئي؟ مگر سندن دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ شيطان سندن ڪيتن کي سندن نظر ۾ سهڻو ڪري ڏيکاريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اسان وٽان مٿن سختي به آئي ته ڇونه نماڻائي اختيار ڪيائون؟ بلڪه سندن دليون ته ويتر سخت ٿي ويون ۽ شيطان کين اطمينان ڏياريو ته جيڪي ڪريو پيا ڏاڍو سٺو پيا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اسان جي طرفان مٿن تڪليف آئي، تڏهن هنن ڇو نه عاجزي اختيار ڪئي؟ پر سندن دليون ته اڃا به سخت ٿي ويون، ۽ اطمينان ڏياريو انهن کي شيطان ته جيڪي ڪريو پيا سٺو پيا ڪريو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اسان کين پڪڙ ڪئي ته پوءِ انهن ماڻهن ڇو نه هيٺانھين ورتي؟ انهن جون دليون ويتر نافرمانيءَ ۾ وڌيڪ سخت ٿي ويون ۽ شيطان سندن عملن کي سٺو عمل ڪري ڏيکاريندو هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن انهن تائين اسان جو عذاب اچي پهتو ته انهن عاجزي ۽ زاري ڇونه ڪئي؟ پر (حقيقت اها آهي ته) انهن جون دليون سخت ٿي ويون هيون ۽ شيطان انهن جي لاءِ اهي (گناهه) سهڻا ڪري ڏيکاريا هئا جيڪي اهي ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري (غور ڪريو!) ڀلا ايئن ڇونه ٿيو جو جڏهن اسان جي پاران انهن تي سختي آئي ته هو (بڇڙاين کان توبهه ڪري ڇڏين ها ۽ اسان جي حضور ۾) سُڏ ڪي پون ها؟ (ايئن) ان ڪري (نه ٿيو) جو انهن جون دليون ڪَٺور ٿي چڪيون هيون ۽ جيڪي بڇڙايون ڪري رهيا هيا ته اُهي بڇڙايون، شيطان سندن نظرن ۾ ڏاڍيون سهڻيون ڪري پئي ڏيکاريون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا نَسوا ما ذُكِّروا بِهِ فَتَحنا عَلَيهِم أَبوٰبَ كُلِّ شَيءٍ حَتّىٰ إِذا فَرِحوا بِما أوتوا أَخَذنٰهُم بَغتَةً فَإِذا هُم مُبلِسونَ (آيت : 44) |
پوءِ جيڪا نصيحت ڏني وين سا جنھن مھل وساريائون (تنھن مھل) مٿن ھر شيء جا دروازا کولياسون، ايتريقدر جو جيڪي ڏنو وين تنھن سان جڏھن (چڱي طرح) خوش ٿيا (ته) کين اوچتو پڪڙيوسون پوءِ اُھي اُنھيءَ مھل نا اُميد ٿيا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هيئن ٿيو جو جيڪا نصيحت هنن کي ڏني ويئي هئي تنهن کي وساري ڇڏيائون، تڏهن اسان (ظاهر ظهور) هنن لاءِ هر طرح (جي خوشحالين) جا دروازا کولي ڇڏيا. ايتري حد تائين جو اسان جي ڏنل نعمتن تي خوشيون ملهائڻ لڳا، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان هنن کي (سندن بدعملن سبب) پڪڙ ڪئي ۽ ڏسو هو نا اميدين ۾ رهجي ويا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن جو وساريائون جنهن جي کين نصيحت ڪئي وئي پوءِ (بطور مهلت) اسان انهن تي نعمتن جا دروازا کوليا ايستائين جو خوش ٿيا انهي سببان جيڪي اسان انهن کي ڏنو، اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو، پوءِ اهي ان وقت نااميد آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جنهن ڳالھ جي کين نصيحت ڪئي وئي آهي جڏهن ان کي وساري ڇڏيون ته اسان مٿن ( ڍر ڏيڻ لاءِ) هر قسم جي دنياوي نعمتن (۽ مزن جا) دروازا کولي ڇڏيا. ايستائين جو جيڪي نعمتون کين ڏنيون هيون جڏهن انهن کي حاصل ڪري (بلڪل) خوش ٿيا ته اسان کين اوچتو پڪڙيو. پوءِ اهي اتي جو اتي نااميد ٿيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن وساريائون اها ڳالهه جو نصيحت ڪيا ويا ان سان ته کولياسون انهن تي دروازا هر شيءِ جا تانجو جڏهن خوش ٿيا ان تي جو ڏنا ويا ته پڪڙيوسون انهن کي اوچتو ته پوءِ ان وقت اهي نا اميد ٿيندڙ آهن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪا انهن کي نصيحت ڪئي وئي تنهن کي جڏهن انهن ڀلائي ڇڏيو تڏهن اسان مٿن سڀ ڪنهن شيءِ جا دروازا کوليا. تان جو جيڪي کين ڏنو ويو تنهن سان جنهن وقت خوش ٿيا تڏهن اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو پوءِ اهي اُتي جو اُتي نااميد ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان نصيحت کي وساريائون جا کين ڪئي وئي هئي ته اسان انهن تي هر شيءِ جي (ڪشادگي) جا دروازا کوليا، تانجو جڏهن اهي مسرور ٿي ويا انهن (نعمتن تي) جيڪي کين ڏنيون ويون هيون، اسان کين اوچتو پڪڙيو پوءِ ان وقت اُهي مايوس ٿي پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو وِيَنِ ياد ڏِياريو، سو وساريون، جِنهن وار، ته کوليا سون خوب مَٿنِ، در سڀ ڪنهن سُک سُڪار، تان ڏاڍا خوش اُن تي ٿيا، ڏِنَنِ جو ڏاتار، پوءِ اوچتوئـِي اُنهن کي، ڪيوسون گِرفتار، پوءِ آهن اُنهئَ وار، بلڪل بي آسري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن انهن، کين ڪيل نصيحت کي وساريو، ته اسان مٿن هر هڪ شيءِ جو دروازو کولي ڇڏيو، تان جو جڏهن هو ڏنل شين تي خوش ٿيا، ته پوءِ اسان کين اوچتي پڪڙ ڪئي ان وقت هو مايوس ٿي پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن انهن انهيءَ نصيحت کي جيڪا کين ڪئي وئي هئي، وساري ڇڏيو ته اسان وري مٿن هر شيءِ جا دروازا کولي ڇڏيا، تانجو جڏهن هو کين عطا ڪيل شين تي مست ٿي ويا ته اوچتو ئي اوچتو اسان کين پڪڙيو، جو پوءِ هو هر ڀلائيءَ کان نرهه ٿي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن انهن وساريو ان نصيحت کي جيڪا کين ڪئي وئي هئي ته اسان هر خوشيءَ جا دروازا انهن تي کولي ڇڏيا، پوءِ جڏهن هو عطا ڪيل بخششن تي ڦونڊجي ويا، ته اوچتو اسان کين پڪڙي ورتو، هاڻي حال اهو هئن جو هر خير کان مايوس هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن هو اسان جي ڪيل نصيحت کي وساري ويٺا ته اسان انهن لاءِ هر طرح جي خوشحالي جا دروازا به کولي ڇڏياسين، ايستائين جو هو اسان جي عطا ڪيل خوشحاليءَ تي تمام گهڻو ڦونڊجي (۽ آڪڙجي) ويا، پوءِ اسان انهن جي اوچتو پڪڙ ڪئي ته هو (هر طرف کان) نااميد ٿي ويا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن انهن اُن نصيحت کي وساري ڇڏيو جيڪا کين ڪئي وئي هئي ته اسان (انهن کي پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ) مٿن هر شيءِ (جي واڌاري) جا دروازا کولي ڇڏيا. ايستائين جو جڏهن اهي انهن شين (جي لذتن ۽ راحتن) کان خوب خوش ٿي (مدهوش ٿي) ويا جيڪي انهن کي ڏنيون ويون هيون ته اسان اوچتو انهن کي (عذاب ۾) پڪڙي ورتو ته ان وقت اهي مايوس ٿي ويا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري جڏهن انهن کي جيڪا نصيحت ڪئي وئي هئي، تنهن کي هنن وساري ڇڏيو ته اسين (بظاهر) مٿن هر قسم (جي خوشحالين) جا دروازا کولي ڇڏيا، ايستائين جو (پنهنجين ظاهري ڪاميابين تي) جهومڻ لڳا. پر انهن جي جهومڻ مهل اوچتو (عملن جي جزا جو قانون حرڪت ۾ اچي ويو ۽) اسين کين پڪڙي ورتو. تنهنڪري امالڪ نااميد ٿي رهجي ويا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَقُطِعَ دابِرُ القَومِ الَّذينَ ظَلَموا وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 45) |
پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي، ۽ سڀ ساراہ الله جھانن جي پالڻھار کي جڳائي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڏسو ته جنهن قوم ظلم ڪيا تنهن جون اسان پاڙون ئي پٽي ڇڏيون، بيشڪ سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ قوم ظالمن جي پاڙ پٽي وئي، ۽ سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ظالم ماڻهن جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪٽي وئي پاڙ قوم جي جن ظلم ڪيو ۽ سڀ ساراھ ثابت آهي الله جي لاءِ جيڪو جهانن جو رب آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ظالم قوم جي پاڙ پٽي ويئي ۽ سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پاڙ پَٽي وئي ان قوم جي جن ظلم ڪيو ۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُٺ ڪَپِي، تنهن قوم جِي، ڪيا جن ڪَلُور، ۽ هردم حمد حُضور، جو پالڻهار پرٿڻيين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ظالم ماڻهن جي پاڙ پٽجي ويئي ۽ جهانن جي پالڻهار الله کي ئي واکاڻ جڳائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح جن ظلم ڪيو هو تن جي اسان پاڙ ئي پٽي ڇڏي ۽ سڀ ساراهه الله رب العالمين لاءِ آهي (جو هن سندن پاڙ پٽي) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي پاڙ پٽي وئي جن ظلم ڪيو هو، ۽ تعريف آهي الله جهانن جي رب جي (جنهن سندن پاڙ پٽي).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ظالم قوم جي اهڙي طريقي سان پاڙ پٽي ويئي. (بس!) سڀئي تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ ظلم ڪرڻ واري قوم جي پاڙ پٽي وئي، ۽ سموريون تعريفون الله جي ئي لاءِ آهن جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته (ڏسو!) اهڙيءَ ريت ان ٽولي جي پاڙ پٽي وئي جيڪو ظالم هيو ۽ هر طرح جي واکاڻ صرف الله جي لاءِ ئي آهي جيڪو مڙني قومن (۽ مخلوقات) جو پالڻهار آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَرَءَيتُم إِن أَخَذَ اللَّهُ سَمعَكُم وَأَبصٰرَكُم وَخَتَمَ عَلىٰ قُلوبِكُم مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِهِ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ ثُمَّ هُم يَصدِفونَ (آيت : 46) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏسو ته جيڪڏھن الله اوھان جا ڪن ۽ اوھان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوھان جي دلين تي مُھر ھڻي ته انھيءَ الله کانسواءِ ڪير ٻيو خُدا اوھان کي اُھو ڏيندو؟ ڏس ته ڪھڙا دليل بيان ڪريون ٿا وري به اُھي پاسو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر انهن ماڻهن کي) چئو ته، اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جا ڪن ۽ اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي (يعني عقل ۽ سمجهه تي) مهر لڳائي ڇڏي ته پوءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪهڙو معبود آهي جو اوهان کي اهي موٽائي ڏئي سگهي؟ ڏسو ته ڪيئن اسان قسم قسم جي نمونن سان پنهنجون آيتون چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا. تڏهن به اهي ماڻهو منهن ڦيرائي ڇڏين ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا توهان (مڪه جا رهندڙ) مون کي خبر ڏيندا جيڪڏهن الله توهان جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ختم ڪري ۽ توهان جي دلين تي مهر هڻي، ڪير آهي معبود، الله کان سواءِ جو اهي شيون توهان کي ڏي. اي حبيب ! توهان ڏسو ڪهڙي طرح اسين دليل بيان ڪريون ٿا انهيءَ کان پوءِ به اهي نٿا مڃن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) کين چئو ته، مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن خدا توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر ڪري ته خدا کانسواءِ ٻيو ڪير معبود آهي جو (وري) اوهان کي اهي نعمتون (موٽائي) ڏئي؟ (اي رسول!) ڏس ته اسين ڪئين ته پنهنجا دليل پيش ڪريون ٿا، تنهن هوندي به اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته: خبر ڏيو جيڪڏهن کسي وٺي الله ڪن اوهان جا ۽ اکيون اوهان جون ۽ مهر هڻي دلين اوهان جين تي ته ڪير معبود آهي (هڪ) الله کان سواءِ جو آڻي ڏئي اوهان کي اهي.س ته ڪيئن ٿا نموني نموني سان بيان ڪيون دليل پوءِ به اهي پاسو ڪن ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان جا ڪن ۽ اوهانجيون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪير اهڙو بادشاهه آهي جو اوهان کي اهي شيون آڻي ڏيندو؟ ڏس ته ڪيئن نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا پوءِ (به) اهي منهن موڙين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ هي ته ٻڌايو ته جي الله اوهان جو ٻڌڻ ۽ اوهان جون اکيون ڦُري وٺي ۽ اوهان جي دلين مٿان مُــــهر هڻي ڇڏي ته الله کان سواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو اوهان کي اُهي واپس ڏئي سگهي. ڏس ته اسان ڪيئن ورجائي نشانيون بيان ڪيون ٿا پوءِ به اهي منهن موڙن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئوڪِ ڏِٺان؟ ته ڏاتار، جي نِينان ڪَن ۽ اکيون، ۽ هَڻنِيان مُهر هنِيين تي، پوءِ ڪهڙو اُهو آڌار؟ ٽٖيئـِي ٽَپڙ ڏيندان ورِي، پاڪ ڌڻِي کان ڌار، ڏِس، ته مَٿنِ، ڪِيئن کوليون، نِشانيون نِروار، تِنهان پوءِ تڪرار، پورِينِ ڪهڙي پار ڏي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو، ڏسو ته سهي، ته جيڪڏهن الله اوهان جي ڪنن ۽ اکين کي کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر هڻي، ته الله ڌاران ٻيو ڪهڙو سائين آهي، جو اوهان کي ڏئي؟ ڏس ته ڪيئن اسين پنهنجين آيتن کي جدا جدا نمونن ۾ ورائي ورائي بيان ڪريون ٿا، پوءِ به اُهي منهن موڙين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته ڪڏهن اهو به سوچيو اٿؤ ته جيڪڏهن الله توهانجو ٻڌڻ ۽ توهانجي ديد توهان کان کسي وٺي ۽ توهانجي دلين کي سيل مهر ڪري ڇڏي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪهڙو خدا اٿوَ جيڪو اهي واپس ڏياري سگهندوَ؟ ڏس ته اسان ڪيئن نه پيا ٿا وري وري پنهنجون نشانيون انهن جي سامهون آڻيون ۽ هي وري ڪيئن ٿا پيا پاسو ڪري هليا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ، ڪڏهن توهان ان تي به سوچيو آهي ته جي الله توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي، ۽ توهان جي دلين تي مُهر هڻي ڇڏي، ته ڪير آهي ٻيو جيڪو الله کان سواءِ توهان کي اهي ڏئي سگهي؟ ڏس! ڪيئن نه اسان وري وري پنهنجون نشانيون انهن جي آڏو آڻيون ٿا ۽ هي ڪيئن انهن کان منهن موڙين ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته ڀلا جيڪڏهن الله تعالى توهان جي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت کسي وٺي ۽ توهان جي دلين تي مھر هڻي ڇڏي ته پوءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير معبود آهي، جيڪو توهان کي اهي شيون واپس آڻي ڏي؟ ڏسو ته اسان ڪهڙي نه سھڻي انداز سان نشانيون گهمائي ڦيرائي پيش ڪريون ٿا، پوءِ به هو ڪن لاٽار ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (انهن کي) فرمايو ته توهان اهو ته ٻڌايو جيڪڏهن الله توهان جو ٻڌڻ ۽ توهان جون اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي (ته) الله کانسواءِ ڪير اهڙو معبود آهي جيڪو اهي (نعمتون ٻيهر) توهان وٽ کڻي اچي؟ ڏسو اسان ڪهڙي طرح قسمين قسمين جون آيتون بيان ڪريون ٿا، پوءِ (به) اهي منهن موڙيندا ٿا وڃن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! کين) چئه: توهين ڪڏهن ان ڳالهه تي به غور ڪيو ته جيڪڏهن الله توهان جا ڪن ۽ توهان جون اکيون جَهٽي وٺي ۽ توهان جي دلين تي (يعني عقلن تي) مُهر لڳائي ڇڏي ته ان کانسواءِ ڪهڙو معبود آهي، جيڪو توهان کي اهي (نعمتون) واپس ڏياري سگهي؟ ڏسو! اسين مختلف طريقن سان پنهنجون ڳالهيون ۽ حڪم وري وري ورجايون ٿا، تڏهن به اهي ماڻهو منهن مٽيون بيٺا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَرَءَيتَكُم إِن أَتىٰكُم عَذابُ اللَّهِ بَغتَةً أَو جَهرَةً هَل يُهلَكُ إِلَّا القَومُ الظّٰلِمونَ (آيت : 47) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين خبر ڏيو ته جيڪڏھن الله جو عذاب اوچتو يا پڌرو اوھان کي پُھچي ته ظالم قوم کانسواءِ (ٻيو ڪو) ھلاڪ ٿيندو ڇا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (کين) چئو ته، توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو اچي ڪڙڪي يا (اطلاع بعد) ظاهر ٿي اچي ته پوءِ ظالم قوم کان سواءِ ٻي به ڪا قوم ٿي سگهي ٿي، ڇا جا تباهه ڪئي ويندي؟ (يعني فقط ظالم قوم کي تباهه ڪيو ويندو)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو مون کي خبر ڏيو جيڪڏهن توهان تي الله جو عذاب اوچتو اچي يا ظاهر بظهور ته فقط ظالم قوم هلاڪ ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) کين چئو ته مون کي ٻڌايو ته جي اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا گنهگارن کانسواءِ ٻيا ماڻهو به هلاڪ ڪيا ويندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن اچي اوهان وٽ عذاب الله جو اوچتو يا ظاهر ته ڇا هلاڪ ڪيا ويندا سواءِ قوم ظالمن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن اوهان تي الله جو عذاب اوچتو يا ظاهر ظهور اچي ته ڇا ظالم قوم کانسواءِ ٻي ڪنهن کي هلاڪ ڪيو ويندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو جي اوهان تي الله جو عذاب اوچتو اچي يا پڌرو اچي ته ڇا ظالم قوم کان سواءِ ڪو ٻيو هلاڪ ڪيو ويندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، وَرتان ڪو ويچار؟ ته قَهر ربَّ قهار جو، اچي اوهان تي اوچتو، يا پڌرو، هر ڪنهن پار، ظالِم ذات ڌار، مُور نه ٻئو، مايو وڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو، ڏسو ته سهي، جي اوهان وٽ الله جو عذاب اوچتو يا پڌري پٽ اچي، ته ظالم ماڻهن ڌاران ڪو ٻيو به ناس ٿيندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته ڪڏهن ان تي به ڪو ڌيان ڏنو اٿؤ ته جيڪڏهن الله وٽان اوچتو يا واڪو ڪري اچي عذاب توهان تي ڪڙڪي ته ڇا ظالمن کانسواءِ ڪو ٻيو تباهه ٿيندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) ڪڏهن اهو به سوچيو اٿو جي الله طرفان ڪو عذاب اوچتو اچي توهان تي ڪڙڪي، ته ڇا ٻيو ڪير تباهه ٿيندو انهن ئي ظالمن کان سواءِ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى جو توهان جي مٿان عذاب اچانڪ اچي يا ٻُڌائي اچي ته ڇا ان عذاب ۾ ظالم ماڻهن کان سواءِ ٻيو به ڪير تباهه ٿيندو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان (کين اهو به) فرمايو ته توهان مون کي ٻڌايو جيڪڏهن توهان تي الله جو عذاب اوچتو يا کلم کليو اچي ڪڙڪي ته ڇا ظالم قوم کان سواءِ (ڪو ٻيو) هلاڪ ڪيو ويندو؟.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (کين) چئه: توهان (ڪڏهن) ان ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان تي خدا جو عذاب اوچتو اچي ڪڙڪي يا (اڳواٽ اطلاع سان) سَرِ عام عذاب اچي ته ظالمن جي گروهه کانسواءِ ڪهڙو گروهه ٿي سگهي ٿو جنهن کي ان عذاب سان برباد ڪيو ويندو؟ (پوءِ توهان کي آخر ٿيو ڇا آهي، جو ظلم ۽ شرارت کان نه ٿا مڙو!) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما نُرسِلُ المُرسَلينَ إِلّا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ فَمَن ءامَنَ وَأَصلَحَ فَلا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 48) |
۽ پيغمبرن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ئي ڪري موڪليوسون، پوءِ جن مڃيو ۽ پاڻ سڌاريو تن کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اسان پنهنجي رسولن کي فقط هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بدعملي جي بد نتيجن کان) خبردار ڪن. پوءِ جنهن به ايمان ۽ يقين آندو ۽ پاڻ کي سڌاريائين تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن طرح جو انديشو هوندو، نڪي ڪنهن طرح جو غم هوندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ نٿا موڪليون اسان رسولن کي مگر مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري، پوءِ جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا پوءِ ناهي خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏکوئبا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين رسولن کي فقط هن مطلب لاءِ موڪليون ٿا ته (نيڪن کي جنت جي) خوش خبري ڏين ۽ (برن ماڻهن کي دوزخ جي عذاب کان) ڊيڄارين. پوءِ جنهن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا ڪم ڪيا ته اهڙن ئي ماڻهن لاءِ (قيامت ۾) نڪو خوف هوندو ۽ نه اهي غمگين ئي ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا موڪليون رسولن کي مگر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي پوءِ جنهن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريائين پوءِ ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين رسولن کي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليون ٿا. پوءِ جن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريو تن تي ڊپ نه آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان رسولن کي نه ٿا موڪليون مگر خوشخبريون ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي. پوءِ جنهن ايمان آندو۽ پاڻُ سڌاريائين ته پوءِ نه انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُرسل نه مَڃيون مجال، مگر کيانتا ۽ خابرو، پوءِ مڃيو جنهن مذڪور کي، ۽ چڱِي رکيائين چال، تن کي نه ڀَو بحال، ۽ نه ڳَڻتِي ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين رسولن کي رڳو خوشخبري ٻڌائڻ يا ڊيڄارڻ لاءِ موڪليندا آهيون. پوءِ جنهن ايمان آندو ۽ پاڻ سڌاريائين، ته نه انهن تي ڪجهه خوف ٿيندو ۽ نه اهي غم کائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جيڪي به رسول موڪليون ٿا ان لاءِ ته موڪليون ٿا ته هو نيڪن لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ بدڪارن لاءِ ڊيڄاريندڙ هجن. پوءِ جيڪي ماڻهو سندن ڳالهه مڃيندا ۽ سڌري هلندا تن لاءِ نڪي ڪو خوف ۽ نه ڪو ڏک آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان جيڪي به رسول موڪليندا آهيون اهي نيڪن کي خوشخبري ۽ بدڪارن کي ڊيڄاريندڙ هجن، پوءِ جيڪي ماڻهو سندن ڳالهه مڃن، ۽ پنهنجا عمل سُڌارين، تن کي نه ڪو خوف هوندو ۽ نه اهي ڪو ڏک ڏسندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته رسولن کي جنت جي خوشخبري ڏيندڙ ۽ جھنم جي باهه کان ڊيڄاريندڙ جي حيثيت ۾ موڪليوسين پوءِ جنھن به ان تي ايمان آندو ۽ پنھنجي عمل کي سڌاريو ته ان لاءِ ڪنھن به قسم جو نه خوف آهي ۽ نه ئي هو غمگين رهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان پيغمبرن کي نٿا موڪليون مگر خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي، سو جنهن ماڻهو ايمان آندو ۽ (عملي طرح) پاڻ سڌاريائين ته مٿس نڪي خوف هوندو ۽ نه ئي اهي غمگين هوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين رسولن کي صرف ان ڪري موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بڇڙاين جي نتيجن کان) خبردارڪن. هاڻي جنهن يقين ڪيو ۽ پاڻُ سنواريو ته ان جي لاءِ نه ڪي ڪنهن قسم جو ڪو الڪو هوندو نه ڪي ڪنهن قسم جي ڪا ڳڻتي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَالَّذينَ كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا يَمَسُّهُمُ العَذابُ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 49) |
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو تن کي انھيءَ سببان جو بدڪاري ڪندا ھئا عذاب پھچندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تن کي سندن نافرماني ۽ بدعملن سببان عذاب وڪوڙي ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ڪُوڙو سمجھو آيتن اسان جن کي، پهچي ٿو انهن کي عذاب انهي سببان جو گناه ڪندا هُئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو ته جيئن ته (اهي) نافرمان هئا (تنهنڪري اسان جو) عذاب کين وڪوڙي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي پهچندو انهن کي عذاب ان سببان جو بي فرماني ڪندا هئا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو تن کي عذاب پهچندو هن ڪري جو اهي نافرماني پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو انهن کي عذاب ڇُهندو ان ڪري جو اُهي نا فرماني ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، اسان جون آيتون، ڪوٺيون، جن ڪُوڙ، حَدون ڀَڃن هُوڙ، اِيندنِ عذاب، اِن مَٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، ته انهن کي سندن بدعمليءَ ڪري عذاب لاڳو ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي اسانجي آيتن کي ڪوڙو چوندا، اهي پنهنجي بي فرمانين جي سزا ضرور ڀوڳيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن کي ڪوڙو چون، اهي ته ضرور عذاب ڏسندا پنهنجين نافرمانين جي ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، انهن کي ضرور پنھنجي نافرمانيءَ جي سزا ملندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو انهن کي عذاب ضرور ڇهندو، ان جي ڪري جو اهي نافرماني ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پر جن ماڻهن اسان جون آيتون ٺڪرايون ته سندن بڇڙاين جي ڪري ضرور کين اسان جو عذاب پهچندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل لا أَقولُ لَكُم عِندى خَزائِنُ اللَّهِ وَلا أَعلَمُ الغَيبَ وَلا أَقولُ لَكُم إِنّى مَلَكٌ إِن أَتَّبِعُ إِلّا ما يوحىٰ إِلَىَّ قُل هَل يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ أَفَلا تَتَفَكَّرونَ (آيت : 50) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته (آءٌ) اوھان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آھن ۽ نڪي (آءٌ) ڳُجھ ڄاڻندو آھيان ۽ نڪي اوھان کي چوان ٿو ته آءٌ مَلَڪ آھيان، ۽ جيڪي مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي تنھن کان سواءِ (ٻئي جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، چؤ ته انڌو ۽ سڄو ھڪ جھڙا آھن ڇا؟ پوءِ اوھين ڇونه فڪر ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون انهن ماڻهن کي) چئو ته، مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته، غيب جو علم رکندڙ آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو توهان کي چوان ته مان (انسان ناهيان پر) فرشتو آهيان، منهنجي حيثيت ته فقط هيءَ آهي ته مان انهيءَ ئي ڳالهه تي عمل ڪيان ٿو جا خدا مون کي وحي جي وسيلي ٻڌائي آهي. (۽ انهيءَ ئي طرف اوهان کي به سڏيان ٿو پوءِ) انهن کان پڇ ته، ڇا اهو جو انڌو آهي (حقيقت ۽ وحي کي نٿو سڃاڻي) ۽ اهو جو ڏسندڙ آهي (جو وحي جي روشنيءَ کي ڏسي ٿو) اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪريو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو آئون نٿو دعويٰ ڪريان توهان لاءِ ته مون وٽ (بذاتِ خود) الله جا خزانا آهن ۽ (بذاتِ خود) آئون غيب جو علم ڄاڻان ٿو ۽ آئون نٿو دعويٰ ڪريان ته بيشڪ آئون ملائڪ آهيان، آئون ته فقط وحي ربانيءَ جي تابعداري ڪريان ٿو، اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا ڪافر ۽ مؤمن پاڻ ۾ برابر آهن، (يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان فڪر نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته آءُ اهو ته نٿو چوان ته مون وٽ خدا جا خزانا آهن (ته ايمان آڻڻ تي ڏئي ڇڏيندس) ۽ نه (وري) آءُ غيب (جون سڀ ڳالهيون) ڄاڻان ٿو ۽ نه آءُ اوهان کي اهو چوان ٿو ته آءُ فرشتو آهيان. آءُ فقط جو (خدا جي طرف کان) مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جو پابند آهيان. (کين) چئو ته (ڀلا) انڌو ۽ اکين جو سڄو هڪجهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ته ڇا؟ توهين (ايترو به) نٿا سوچيو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته نه چوان ٿو اوهان جي لاءِ ته مون وٽ خزانا آهن الله جا ۽ نه هيءُ ته ڄاڻان ٿو غيب ۽ نه چوان ٿو اوهان لاءِ ته بيشڪ مان ملائڪ آهيان نه ٿو تابعداري ڪيان مان، مگر ان جي جو وحي ڪيو ويو مون ڏانهن، فرماءِ ته ڇا برابر ٿئي ٿو انڌو ۽ ڏسندڙ ڇا پوءِ نه ٿا سوچيو اوهان؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته آءُ اوهان کي نه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نڪي آءُ ڳجهه کي ڄاڻان ٿو ۽ نڪي آءُ اوهان کي چوان ٿو ته آءُ ملائڪ آهيان. جيڪي مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن کانسواءِ ٻي شيءِ جي تابعداري نه ٿو ڪريان. چئو ته ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿيندا؟ ڇا پوءِ فڪر نه ٿا ڪريو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”آءٌ اوهان کي ائين نه ٿو چوان ته ڪو مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آءٌ (از خود) غيب ڄاڻان ٿو ۽ نه آءٌ اوهان کي چوان ٿو ته آءٌ ڪو فرشتو آهيان.آءٌ ته صرف ان (حڪم) جي ئي پيروي ڪيان ٿو جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو“. چؤ ته: ”ڇا انڌو ۽ سڄو پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا؟ ڇا پوءِ توهان (غور ۽) فڪر نه ٿا ڪيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون نه اوهان کي چوان، مون وٽ مالڪِ جا مال، ۽ نه ڪا دعوٰى ڌريان، ته ڄاڻان ڳُجھ جِي ڳالھ، ۽ نه چوڻ، ته مَلائـِڪ آهيان، نه چَلان مٿي، ڪنهن چال، مگر مٿي مَقال، جا مون ڏي، وحِي ڪئـِي وڃي. چئو، اَنڌو ۽ سَڄو، هِڪ ٻئي جا، ڇا مَٽ ٿيندا مُور؟ ڇو مَنجھ اِنهئَ مذڪور، فِڪر ڪرڻ نه فرمائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءٌ اوهان کي نه ٿو چوان، ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نڪي آءٌ غيب ڄاڻان ٿو ۽ نڪي آءٌ اوهان کي چوان ٿو ته آءٌ ملائڪ آهيان. آءٌ ته رڳي ان جي پيروي ڪريان ٿو، جو مون ڏانهن وحي ٿئي ٿو. پڇ ته، انڌو ۽ سڄو برابر ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ اوهين ڇو غور نٿا ڪريو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته "مان توهان کي اهو نه ٿو چوان ته ڪو مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه وري مون وٽ ڪو غيب جو علم آهي ۽ نڪي اهو ٿو چوان ته مان فرشتو آهيان، مان ته فقط انهيءَ وحيءَ جي ٿو پيروي ڪيان، جيڪو مون تي نازل ٿو ڪيو وڃي". پوءِ پڇين ته ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿي سگهن ٿا؟ پوءِ ڇو نه ٿا توهان ڪجهه غور ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کي چؤ! آئون توهان کي ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ خزانا آهن الله جا، ۽ نه وري آئون ڪو غيب جو علم رکان ٿو، ۽ نه وري چوان ٿو توهان کي ته آئون ملائڪ آهيان، آئون ته فقط پيروي ڪريان ٿو انهيءَ وحي جي، جيڪا مون تي نازل ٿئي ٿي، وري انهن کان پڇ ته ڇا انڌو ۽ سڄو ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور نٿا ڪريو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کي (واضح ڪري) ٻڌايو ته مان توهان کي اهو نٿو چوان ته مون وٽ الله تعالى جا خزانا آهن ۽ مون کي ڪنھن به قسم جي غيب جي ڪا خبر آهي ۽ نه ئي اهو چوان ٿو ته مان ڪو فرشتو آهيان، مان ته رڳو ان وحيءَ جي پيروي ڪريان ٿو، جيڪا مون ڏي (الله تعالى جي طرف کان) موڪلي وڃي ٿي (انهن کان پڇو ته) ڇا انڌو ۽ اکين وارو برابر ٿي سگهن ٿا؟(ڪڏهن به نه) ڇا پوءِ به توهان نٿا سوچيو؟(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان (انهن ڪافرن کي) فرمايو ته آئون توهان کي (اهو) نٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه آئون پاڻمرادو غيب ڄاڻان ٿو ۽ نه آئون توهان کي (اهو) ٿو چوان ته آئون ملائڪ آهيان. آئون ته صرف انهي (حڪم) جي پيروي ڪريان ٿو جيڪو منهنجي طرف وحي ڪيو ٿو وڃي. فرمايو: ڇا انڌو ۽ سڄو برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور نٿا ڪريو؟.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کي) چئه: مان توهان کي اهو نه ٿو چوان ته مون وٽ ڪي خدا جا ڳجها خزانا آهن، نه ڪي اهو ٿو چوان ته مان ڪو غيب ٿو ڄاڻان. نه ڪي منهنجي اها دعوى آهي ته مان، (ماڻهو هئڻ کان سواءِ ڪو) فرشتو آهيان. مان ته فقط ان پيغام تي هلي رهيو آهيان جيڪو خدا مون تي وحي ڪيو آهي (۽ ان پيغام ڏانهن، اوهان کي به سڏي رهيو آهيان) کانئن پڇ: ڇا جيڪو انڌو آهي (۽ حقيقت جي ڪائي پروڙ نه ٿو رکي) ۽ جيڪو ڏسندڙ آهي (جيڪو حقيقت جي روشني ڏسي پَسي پيو) ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟! اڃا به سوچ ويچار کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَنذِر بِهِ الَّذينَ يَخافونَ أَن يُحشَروا إِلىٰ رَبِّهِم لَيسَ لَهُم مِن دونِهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 51) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪي (ماڻھو) پنھنجي پالڻھار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آھن تن کي ھن قرآن سان ڊيڄار الله کان سواءِ انھن جو نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي مانَ اُھي پرھيزگاري ڪن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) تون (انهن منڪرن کي جيڪي مڃڻ وارا ناهن ڇڏي ڏي ۽) انهن ماڻهن کي خبردار ڪر جيڪي (آخرت جي زندگيءَ ۾ ايمان رکن ٿا ۽) ڊڄن ٿا ته سندن پروردگار جي حضور ۾ کين حاضر ڪيو ويندو (۽ ايمان ۽ عمل جي نه هئڻ جي حالت ۾ کين عذاب ڪيو ويندو) ۽ انهيءَ ڏينهن سواءِ الله جي هنن جو نه ڪوئي مددگار هوندو، نه سفارش ڪرڻ وارو. (اهڙن ئي ماڻهن کي واعظ نصيحت ڪر) عجب ناهي ته هو متقي (پرهيزگار ۽ نيڪ ڪردار) ٿي پون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! توهان قرآن سان ڊيڄاريو انهن ماڻهن کي جيڪي خوف ڪن ٿا جو اهي گڏ ڪيا ويندا سندن رب ڏانهن ناهي انهن لاءِ (حقيقت ۾) الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ سفارش ڪندڙ، مَن اُهي خوف ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن قرآن جي ذريعي سان تون انهن ماڻهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالھ جو ڊپ نٿا رکن ته اهي (مرڻ کانپوءِ) پنهنجي خدا جي اڳيان ڪٺا ڪيا ويندا (۽ هي ڄاڻن ٿا ته) سندن خدا کانسواءِ ٻيو ڪو به سرپرست ئي نه آهي ۽ نه وري ڪو به سفارش ڪرڻ وارو. ته جيئن اهي ماڻهو پرهيزگار ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊيڄار ان سان انهن کي جو ڊڄن ٿا هن کان ته اٿاريا ويندا پنهنجي رب ڏانهن ناهي انهن جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه سفارش ڪندڙ من اهي پرهيزگار ٿين.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (قرآن) سان انهن کي ڊيڄار جيڪي هن ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته انهن کي سندن پاليندڙ جي اڳيان هن حال ۾ گڏ ڪيو ويندو جو انهن جو ان کانسواءِ نه ڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ هوندو ته مَنَ اهي پرهيزگاري ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن (قرآن) جي ذريعي انهن کي تنبيهه ڪر جيڪي ڊڄن ٿا ته اُهي پنهنجي پالڻهار وٽ (ان حال ۾) گڏ ڪيا ويندا جو اُنَ کان سواءِ نه انهن جو ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارشي هوندو من اُهي پرهيزگار ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن کي، اِن ڳالھ سان، ڍوليا! تون ڊيڄار، ته ڪَنبنِ، ته ڪاهي، ڪَٺي ڪبا، سندنِ پرور پار، ته ڪونهي آڌار اُنهن جو، پن ڌاڙُو اِنهيان ڌار، اِن آسري آڌار، ته اِهي بَچنِ باھ کان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي شخص انهيءَ کان ڊڄن ٿا ته هو پنهنجي رب وٽ حاضر ٿيندا ۽ انهن لاءِ ان (الله) ڌاران نه ڪو مددگار ۽ نه سفارشي هوندو، انهن کي ان (وحي سان) ڊيڄار، ته عجب نه آهي ته هو نيڪ ٿين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! تون انهيءَ (وحيءَ واري علم) جي وسيلي انهن ماڻهن کي نصيحت ڪر، جيڪي انهيءَ ڳالهه کان ڊڄن ٿا ته پنهنجي رب اڳيان اهڙي حال ۾ پيش ڪيا ويندا جو ان کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبه (اهڙو بااختيار) نه هوندو جو سندن ڀرجهلو يا سندن سفارشي بڻجي ته مــَـنَ (اها نصيحت پرائي) الله کان ڊڄڻ واري روش اختيار ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! نصيحت ڪر (وحي کان مليل علم) وسيلي انهن ماڻهن کي جيڪي ڪنبن ٿا هن ڳالهه کان ته پنهنجي رب اڳيان ڪڏهن اهڙي حال ۾ پيش ڪيا ويندا، جو اتي ٻيو ڪوبه اهڙو نه هوندو جيڪو سندن مددگار هجي يا سفارشي ته من اهي خدا ترسي جي راهه اختيار ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون انهن ماڻهن کي (قرآن شريف جي آيتن جي ذريعي) ڊيڄاريندو رهه جيڪي ڊڄڻ چاهين ٿا. هو پنھنجي رب جي سامھون اهڙي حالت ۾ پيش ڪيا ويندا جتي الله تعالى کان سواءِ انهن جو ٻيو ڪير به مددگار ۽ سفارش ڪندڙ نه هوندو. اهڙا ئي ماڻهو پرهيزگاريءَ وارو رستو اختيار ڪري سگهن ٿا ته جيئن جهنم جي عذاب کان بچي وڃن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان هن (قرآن) جي ذريعي انهن ماڻهن کي ڊيڄاريو جيڪي پنهنجي رب وٽ ان حال ۾ گڏ ٿيڻ کان ڊنل آهن ته انهن جي لاءِ ان کانسواءِ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه (ڪو) سفارشي ته جيئن اهي پرهيزگار ٿين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) جيڪي (ماڻهو) پنهنجي پالڻهار وٽ گڏ ٿيڻ کان ڊڄندا آهن تن کي هن (قرآن جي ذريعي) ڊيڄار. الله کان سواءِ انهن جو نه ئي ڪو سنڀاليندڙ آهي ۽ نه ئي ڪو سفارش ڪندڙ آهي- منَ اُهي پرهيزگار ٿي پون.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تَطرُدِ الَّذينَ يَدعونَ رَبَّهُم بِالغَدوٰةِ وَالعَشِىِّ يُريدونَ وَجهَهُ ما عَلَيكَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَما مِن حِسابِكَ عَلَيهِم مِن شَيءٍ فَتَطرُدَهُم فَتَكونَ مِنَ الظّٰلِمينَ (آيت : 52) |
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندس رضامندي گھرندڙ ٿي سڏيندا آھن تن کي نه تَڙ، توتي سندن ڪجھ به حساب نه آھي ۽ نڪي مٿن تنھنجو ڪُجھ به حساب آھي جو انھن کي تڙيندين (جي کين تڙيندين) ته نامناسب ڪم ڪندڙن مان ٿيندين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي جي صبح شام خدا کي پڪارين ٿا ۽ کانئس دعا گهرن ٿا ۽ سندس راضپو چاهين ٿا تن کي پاڻ وٽان تڙي نه ڪڍ. انهن جي ڪمن جي جوابداري تنهنجي ذمي ناهي، نڪي تنهنجي جوابداري هنن جي ذمي آهي، جو (انهيءَ خيال کان) هنن کي تڙي ڪڍين. جيڪڏهن ائين ڪندين ته ظلم ڪندڙن منجهان ٿيندين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان پري نه ڪريو انهن ماڻهن کي جيڪي عبادت ڪن ٿا پنهنجي رب جي صبح ۽ شام، اهي ارادو ڪن ٿا الله جي ذات جو، توهان تي انهن جي حساب مان ڪا شيءِ ناهي ۽ نه توهان جي حساب مان انهن تي ڪا شيءِ آهي، پوءِ توهان انهن کي پري ڪريو ٿا پوءِ توهان انهن لاءِ ناانصافن مان ٿي پوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) جيڪي ماڻهو صبح شام پنهنجي پالڻهار کان سندس رضامنديءَ جي آرزو ۾ دعائون گهرندا رهندا آهن، تن کي نه تڙ! سندن (حساب ڪتاب) جي جوابداري تنهنجي ذمي نه آهي ۽ نه (وري تنهنجي حساب جو) ذمو سندن سر تي آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڪڍي ڇڏ انهن کي جي سڏين ٿا رب پنهنجي کي صبح ۽ شام ارادو ڪن ٿا سندس ذات پاڪ (جي راضي ڪرڻ) جو ناهي توتي سندن حساب مان ڪا شيءِ ۽ ناهي حساب تنهنجي مان انهن تي ڪا شيءِ پوءِ ڪڍي ڇڏين انهن کي پوءِ هجين نا انصافي ڪندڙن مان.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ کي صبح ۽ شام سندس رضامندي گهرندڙ ٿي سڏين ٿا، تن کي نه تڙ! توتي انهن جي حساب جو ڪجهه (بار) نه آهي ۽ نڪي تنهنجي حساب جو انهن تي ڪجهه (بار) آهي جو تون کين تڙڻ لڳين (نه ته) پوءِ ظالمن مان ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن کي (پاڻان) پري نه ڪر جيڪي صبح سانجهي پنهنجي پالڻهار کي سڏن ٿا ان جي ئي رضا چاهين ٿا. تو تي انهن جي حساب مان ڪا شيءِ ناهي ۽ نه انهن تي تنهنجي حساب مان ڪا شيءِ آهي. پوءِ (به) جي تون انهن کي (پنهنجي قرب کان) پري ڪندين ته تون نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تن کي، تون مَ ڌِڪار، جي سندنِ صاحب پاڪ کي، سَڏينِ صبح ۽ شام ۾، پُڇنِ تِنهن جو پار، توتي، بار اُنهن جو، نه اُنهن تي، تُنهنجو بار، جي ڌِڪينِ، کان دربار، ته هوندين، هاڃيڪارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙن کي لوڌي نه ڪڍ، جي صبح شام پنهنجي رب کان دعا گهرن ٿا ۽ سندس ئي رضا طلبين ٿا، انهن جي ڪمن جي توتي ڪا به جوابداري نه آهي ۽ نه اوهان جي ڪا جوابداري انهن تي آهي، جو تون انهن کي تڙين، پوءِ تون ظالمن مان ٿي پوندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کي صبح شام ٻاڏائيندا رهن ٿا ۽ سندس رضا جي طلب ۾ لڳا پيا آهن، تن کي پاڻ کان پري نه ڪر، انهن جي حساب مان ڪنهن به شيءِ جو بار توتي ناهي ۽ نه وري تنهنجي حساب مان ڪنهن شيءِ جو بار انهن تي آهي. تنهن هوندي به جي تو کين پري ڪيو ته پوءِ تون ظالمن مان ليکيو ويندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه تڙ انهن کي پاڻ کان ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کي ٻاڏائيندا رهن ٿا رات ۽ ڏينهن، ۽ سندس راضپي جي طلب ۾ لڳا رهن ٿا، تنهنجي مٿان نه آهي انهن جي حساب مان ڪنهن به شيءِ جو بار، ۽ نه آهي تنهنجي حساب مان ڪنهن به شيءِ جو بار انهن تي، پوءِ به جيڪڏهن تون انهن کي تڙيندين ته پڪ ظالمن مان ليکيو ويندين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) اهڙن ماڻهن کان بيزاري نه ڏيکار جيڪي پنھنجي پالڻھار کي صبح شام ٻاڏائين ٿا ۽ ان کي خوش ڪرڻ ۾ لڳا پِيا آهن. انهن (ويچارن) جو حساب ڪتاب نه ته تنھنجي مٿان آهي ۽ نه ئي ڪو تنھنجو حساب انهن جي مٿان آهي، جيڪڏهن تون انهن کي پاڻ کان پري ڪندين ته بيشڪ نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي ويندين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان انهن ( ڀڳل دل ۽ پريشان حال) ماڻهن کي (پنهنجي صحبت ۽ قربت کان) پري نه ڪريو جيڪي صبح شام پنهنجي پالڻهار کي صرف ان جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ پڪاريندا رهن ٿا. انهن جي (عمل ۽ جزا جي) حساب سان توهان تي ڪا شيءِ (واجب) ناهي ۽ نه توهان جي حساب مان ڪا شيءِ انهن تي (واجب) آهي (جيڪڏهن) پوءِ به توهان انهن کي (پنهنجي لطف ۽ مهرباني کان) پري ڪريو ته توهان حق تلفي ڪرڻ وارن مان ٿي ويندو (جيڪو توهان جي شان لائق ناهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! رئيسن جي خواهش تي) انهن ماڻهن کي پاڻ وٽان تڙي نه ڇڏ، جيڪي (حق جي دعوت تي ايمان رکن ٿا ۽) صبح شام خدا جي حضور ۾ ٻاڏائين ٿا ۽ ان جي رضا طلبين ٿا انهن (رئيسن) جي عملن جو حساب توکان نه چڪائبو نه ڪي تو بابت ڪو هو جوابدار آهن جو (ان ڀَوکان) مسڪينن کي تڙي ڇڏين، جيڪڏهن ايئن ڪندين (يعني رئيسن جي خواهش تي مسڪين ۽ نادار ساٿين کي تڙيندين) ته پوءِ تون به ناانصافي ڪندڙن مان ليکبين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَذٰلِكَ فَتَنّا بَعضَهُم بِبَعضٍ لِيَقولوا أَهٰؤُلاءِ مَنَّ اللَّهُ عَلَيهِم مِن بَينِنا أَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِالشّٰكِرينَ (آيت : 53) |
۽ اھڙي طرح منجھانئن ڪن کي ڪن سان پرکيوسون ته چون ته ھيءَ ٽولي اُھا آھي ڇا جن تي اسان منجھان الله احسان ڪيو آھي، الله شڪر ڪندڙن کي نه ڄاڻندو آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هن طرح اسان (ماڻهن کي مختلف حالتن ۾ رکي) ڪن ماڻهن کي ٻين ماڻهن متعلق آزمايون ٿا جو ڪي ماڻهو (شاهوڪار ۽ طاقت وارا غريبن کي ڏسي) چوڻ لڳا آهن ته ڇا هي (حقير) ماڻهو اهي آهن جن کي خدا پنهنجي انعامن ۽ نعمتن لاءِ اسان مان چونڊيو آهي؟ (اي تڪبر ڪندڙ شاهوڪارؤ!) ڇا خدا (توهان کان) بهتر ڄاڻندڙ ناهي؟ ته ڪهڙا ماڻهو (سندس نعمتن، خصوصاً هدايت جو) قدر ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح اسان آزمايو ڪن ماڻهن کي ڪن ماڻهن سان، نيٺ چوندا ڇا انهن تي الله احسان ڪيو، اسان جي وچان، ڇا الله تعالى شڪرگذار ٻانهن کي زياده ڄاڻندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ٿا اسان مان هنن تي ئي خدا احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله، شڪر ڪندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ان ئي نموني سان پرکيوسون بعض انهن جي کي بعض سان تانته چون ته ڇا هي آهن جو احسان ڪيو الله انهن تي اسان مان ڇا ناهي الله وڌيڪ ڄاڻندڙ شڪر گذارن جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان هڪڙن کي ٻين سان آزمايو هن لاءِ ته چون ته ڇا اسان مان هنن تي ئي الله احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر ڪندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان هڪڙن کي ٻين ذريعي پرکيو جيئن اهي چون ته ڇا اسان مان هي اُهي ماڻهو آهن جن تي الله احسان ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر گذارن کي نه ٿو ڄاڻي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِن کي، اُنهن مان، ڪِن سان، پرکيون ٿا اِن پر، تان آکِين، ته ڇا، اسان وچان ڪيا، ڀال ڀَلي هِنن سِر؟ ڇا، خدا کي، نه خبر، ڳُڻ ڳالِهين، ڳائيندڙن جِي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ايئن اسان ڪن کي ڪن سان پرکيو آهي ته هو چون ته ڇا هي آهن، جن تي الله اسان مان انعام ڪيو آهي؟ ڇا الله شڪر ڪندڙن کي چڱيءَ طرح نٿو ڄاڻي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ اسان ان ريت انهن مان هڪڙن کي ٻين جي وسيلي آزمائش ۾ وڌو آهي ته جيئن هو کين ڏسي چون ته "ڇا اِهي آهن اُهي ماڻهو جن کي اسان مان الله نوازيو آهي؟" هائو، ڇا الله پنهنجي شڪرگذار ٻانهن جو کانئن وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن مان هڪڙن کي ٻين جي ذريعي آزمائش ۾ وڌو آهي ته هو انهن کي ڏسي چون، ڇا الله هنن ماڻهن کي اسان جي وچ ۾ فضل ۽ ڪرم سان نوازيو آهي؟ ڇا الله پنهنجي شڪرگذار ٻانهن کي انهن کان وڌيڪ نٿو ڄاڻي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (غريبن جو ايمان آڻڻ ۽ امير ماڻهن جو ايمان کان پري رهڻ) اهڙي طريقي سان اسان هڪڙن کي ٻين جي ذريعي آزمايون ٿا ته جيئن هي (سردار) چون ته ڇا اسان مان رڳو هي (غريب) آهن جن تي الله تعالى (ايمان آڻڻ جي توفيق ڏئي) احسان ڪيو آهي ( انهن کي ڪهڙي خبر؟) ڇا الله تعالى شڪرگذار ٻانهن کي چڱيءَ طرح نٿو سڃاڻي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهڙي طرح اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين ذريعي آزمايون ٿا ته جيئن اهي (دولتمند ڪافر غريب مسلمانن کي ڏسي ڪري مذاق ۾ اهو) چون: ڇا اسان مان هي اُهي ماڻهو آهن جن تي الله احسان ڪيو آهي. ڇا الله شڪر گذارن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ ناهي؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين (دنيا ۾ مختلف حالتن پٽاندڙ) هڪڙن انسانن کي ٻين جي ذريعي آزمايو آهي جو (دولت ۽ ٻيا وڏا ٺٺ رکندڙ سکيا ستابا ماڻهو، مسڪينن کي ڏسي) چوڻ لڳن ٿا: ڇا اِهي آهن- جِن کي خدا پنهنجي انعام سان نوازڻ لاءِ اسان مان چونڊيو آهي؟ (يعني مسڪينن ۽ غريبڙن مؤمنن کي ڏسي حقارت مان چوندا رهيا ته: حالت ڏسونِ جن کي ايمان جي دولت ملي آهي؟ پر اي هٺيلؤ!) ڇا خدا (توهان کان) بهتر ڄاڻ نه ٿو رکي ته ڪير (ان جي نعمت جو) قدردان آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا جاءَكَ الَّذينَ يُؤمِنونَ بِـٔايٰتِنا فَقُل سَلٰمٌ عَلَيكُم كَتَبَ رَبُّكُم عَلىٰ نَفسِهِ الرَّحمَةَ أَنَّهُ مَن عَمِلَ مِنكُم سوءًا بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ تابَ مِن بَعدِهِ وَأَصلَحَ فَأَنَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 54) |
۽ جيڪي اسان جي آيتن کي مڃيندا آھن سي جڏھن تو وٽ اچن ته (انھن کي) چؤ ته اَلسَّلاَمُ عَلَيۡڪُمۡ اوھان جي پالڻھار پاڻ تي ٻاجھ لازم ڪئي آھي ته اوھان مان جيڪو بي علمي سان ڪا بڇڙائي ڪندو وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ سُڌريو ته اُھو (الله) بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن اهي ماڻهو تو وٽ اچن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تڏهن تون (مٿن مهربان ٿي ۽) چئو ته اوهان تي سلام هجي، توهان جي پروردگار پنهنجي مٿان رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. توهان منجهان جيڪڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪا برائي ڪري وجهي ۽ پوءِ توبهه ڪري (يعني آئينده اها برائي نه ڪري) ۽ پاڻ کي سڌاري ته پوءِ (خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو) بيشڪ هو غفور ۽ رحيم آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت توهان وٽ اهي ماڻهو اچن ٿا جيڪي اسان جن آيتن تي ايمان آڻن ٿا پوءِ توهان فرمايو الله جو سلام توهان تي آهي الله توهان لاءِ پاڻ تي رحمت جو فيصلو فرمايو آهي، بيشڪ جنهن توهان مان غلطي مان گناه ڪيو پوءِ انهيءَ کان توبه تائب ٿيو ۽ نيڪ عمل ڪيا پوءِ بيشڪ آئون بخشيندڙ رحم ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تو وٽ اچن ته تون (کين) ”السلام عليڪم“ (اوهان تي خدا جي سلامتي) چئو. اوهان جي پروردگار پاڻ تي رحمت لازم ڪئي آهي ته جنهن به توهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي پر ان کانپوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن اچن تو وٽ اهي جو ايمان آڻين ٿا آيتن اسان جن تي پوءِ فرماءِ ته سلام آهي اوهان تي لکي رب اوهان جي، ذات پنهنجيءَ تي رحمت تحقيق جنهن ڪئي اوهان مان برائي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تنهن کان پوءِ توبہ ڪيائين ان کان پوءِ ۽ پاڻ سڌاريائين پوءِ تحقيق اهو بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا، سي جڏهن تو وٽ اچن ته تون (کين) چئو ته اوهان تي سلامتي آهي. اوهان جي پاليندڙ (اوهان تي) مهرباني ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪئي آهي ته جنهن به اوهان مان نادانيءَ سان ڪا برائي ڪئي وري ان کان پوءِ توبه ڪيائين ۽ پاڻ سڌاريائين ته الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن تو وٽ اُهي ماڻهو اچن جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا پوءِ چؤ ته اوهان تي سلام هجي. توهان جي پالڻهار پنهنجو پاڻ تي ”ٻاجهه“ ڪرڻ لازم ڪئي آهي پوءِ اوهان مان ڪوبه ناداني ۾ ڪا خطا ڪري وجهي پوءِ ان کان بعد توبه ڪري ۽ اصلاحِ (احوال) ڪري ته پوءِ بيشڪ اُهو (الله) بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيَئـِي، جڏهن اُهي، جن مڃَيا، اَسان جا اُهڃاڻ، چَئو، سَدا سلام اوهان تي؛ اَهنجي پرور پاڻ، لِکِي ٻاجھ پاڻ تي، ته جيڪو به، جھالت ساڻ، ڪندو ڪو جھو ڪَمڙو، اوهان مان اَڄاڻ، موٽِي موٽيو، ۽ ڪم چڱا، ڪيائين تِنهن پُڃاڻ، ته صحِي سو سُڄاڻ، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تو وٽ اسان جي آيتن تي ايمان رکندڙ ماڻهو اچن ٿا ته تون چئو ته اوهان تي سلامتي هجي- اوهان جي رب پاڻ تي رحمت کي لازم ڪري ڇڏيو آهي- ته جيڪو اوهان مان ناداني کان بڇڙائي ڪري، پوءِ ان بعد توبهه ڪندو ۽ پاڻ سڌاريندو، ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن تو وٽ اهي ماڻهو اچن، جن جو اسان جي آيتن تي ايمان آندل آهي ته تون چوينِ ته "توهان تي سلامتي هجي، توهان جي رب پاڻ تي ٻاجهه وارو وَڙُ واجب ڪري ڇڏيو آهي. (اها سندس ٻاجهه ئي آهي جو) جيڪڏهن توهان مان ڪو اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪو بڇڙو ڪم ڪري ويهي ٿو ۽ ان کان پوءِ وري توبه تائب ٿئي ٿو ۽ پاڻ کي سڌاري ٿو ته هو کيس معاف ڪري ڇڏي ٿو ۽ نرميءَ کان ٿو ڪم وٺي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا اهي ماڻهو، جيڪي ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي، ته ٻڌائينِ ته سلامتي آهي توهان تي توهان جي پالڻهار جي ٻاجهه جي وڙ جو جنهن پاڻ تي واجب ڪئي آهي پنهنجي رحمت جيڪڏهن توهان مان ڪنهن ڪو بڇڙو ڪم ڪيو هجي نادانيءَ سبب ۽ ان بعد توبهه ٿو ڪري ۽ پاڻ سڌاري ٿو ڇڏي ته هو ان کي معاف ڪندو آهي ۽ نرمي ڪندو جو پاڻ غفور ۽ رحيم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن اسان جي آيتن تي ايمان آڻڻ وارا تو وٽ اچن ته کين سلام دعا سان آڌرڀاءُ ڪر (۽چوين ته) توهان جي رب پنھنجو پاڻ تي مھرباني ڪرڻ کي لازمي قرار ڏنو آهي پوءِ جيڪڏهن توهان مان ڪنھن غلطيءَ سان برو ڪم ڪري به وِڌو پر ان کان پوءِ فوراً توبہ ڪيائين ۽ پنھنجي عمل کي سڌاريائين ته (سمجهو ته) بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن توهان وٽ اهي ماڻهو اچن جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا ته توهان (انهن کي شفقت مان) فرمايو ته توهان تي سلام هجي توهان جي پالڻهار پنهنجي ذات (جي ذمي ڪرم) تي رحمت لازم ڪئي آهي. سو توهان مان جيڪو شخص اڻ ڄاڻائي مان ڪا برائي ڪري ويهي پوءِ ان کان بعد توبه ڪري ۽ (پاڻ کي) سڌاري ته بيشڪ اهو وڏو بخشيندڙ نهايت رحم ڪندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن اهي ماڻهو تو وٽ اچن جيڪي اسان جي آيتن تي ايمان رکن ٿا ته تون (ساڻن ميٺ محبت ۽ ٻاجهه سان پيش اچ ۽ کين) چئه ته: توهان تي سلام! توهان جي پالڻهار، پاڻ تي رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. توهان منجهان ڪوئي، جهالت سبب ڪا مدائي ڪري ويهي ۽ پوءِ توبهه ڪري ۽ پنهنجي حالت سڌاري ڇڏي ته (خدا جي رحمت مان مايوس نه ٿئي) الله ته بخشڻهار-ٻاجهارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَذٰلِكَ نُفَصِّلُ الءايٰتِ وَلِتَستَبينَ سَبيلُ المُجرِمينَ (آيت : 55) |
۽ اھڙي طرح آيتون بيان ڪندا آھيون (ته عمل ڪريو) ۽ (ھن لاءِ) ته گنھگارن جو رستو (ماڻھن کي) پڌرو ٿئي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح کولي کولي پنهنجون آيتون بيان ڪيون ٿا ۽ هن لاءِ (بيان ڪيون ٿا ته) گنهگار جي واٽ چٽي ظاهر ٿي پوي (۽ سچن جي راهه جهڙي ڏسڻ ۾ نه اچي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهڙيءَ طرح بيان ڪريون ٿا اسان نشانين کي انهيءَ لاءِ ته اي حبيب ! توهان مجرمن جي واٽ ظاهر ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين (پنهنجون) آيتون اهڙيءَ طرح کولي ٻڌائيندا آهيون ته جيئن گنهگارن جي راھ (سڀني تي) ظاهر ٿئي (۽ اهي ان تي نه هلن).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان ئي نموني ٿا کولي بيان ڪريون آيتون ۽ تانته ظاهر ٿئي واٽ مجرمن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڳالهيون کولي بيان ڪريون ٿا هن لاءِ ته ڏوهارين جو رستو ظاهر ٿي پوي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا ته جيئن ڏوهارين جو رستو ظاهر ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپر کوليون آيتون، ڀَري ڀَري ڀَرپُور، تان ظاهر ٿئي ضرور، پاپِين سندو پيچرو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ايئن اسين پنهنجي آيتن کي کولي بيان ڪريون ٿا ۽ هن لاءِ به، ته ڏوهارين جو رستو پڌرو ٿئي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ ريت اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي ٿا ٻڌايون ته جيئن ڏوهارين واري واٽ پڌري ٿي پوي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون نشانيون تفصيل سان ڏيندا آهيون جيئن رستو بلڪل نروار ٿي پوي گنهگارن جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان پنھنجي نشانين کي اهڙي طريقي سان کولي بيان ڪندا آهيون ته جيئن (ماڻهن تي) ڏوهارين وارو رستو چٽو ٿي وڃي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهڙي طرح اسان آيتن کي تفصيل سان بيان ڪريون ٿا ۽ (اِهو) ان لاءِ ته ڏوهارين جو رستو (سڀني تي) پڌرو ٿي وڃي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين ته کولي کولي واضح ڪري پنهنجون آيتون بيان ڪندا آهيون ۽ ان ڪري (بيان ڪندا آهيون) ته جيئن ڏوهين جي واٽ پڌري ٿي پوي!- (۽ سچن جي واٽ کان بلڪل الڳ هجي) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ قُل لا أَتَّبِعُ أَهواءَكُم قَد ضَلَلتُ إِذًا وَما أَنا۠ مِنَ المُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ڪئي وئي آھي، ۽ چؤ ته آءٌ اوھانجي سَڌن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) بيشڪ اُنھي مھل گمراہ ٿيندس ۽ آءٌ ھدايت وارن مان نه ھوندس.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر حق جي منڪرن کي) چؤ ته، مون کي هن ڳالهه کان منع ڪيل آهي ته مان انهن (ديوتائن) جي بندگي ڪيان جن کي توهان خدا کي ڇڏي پڪاريو ٿا. (پڻ کين) چؤ ته مان ڪڏهن به اوهان جي نفساني خواهشن تي ڪونه هلندس. جيڪڏهن مان ائين ڪيان ته پوءِ ته گمراهه ٿي ويس ۽ انهن ۾ نه رهيس جي سڌي واٽ تي هلڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ آئون منع ڪيو ويو آهيان جو آئون عبادت ڪريان (انهن بتن جي) جن جي توهان الله کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون توهان جي سڌن جي تابعداري نٿو ڪريان ايئن ٿيو ته انهي وقت ۾ آئون هدايت تي نه ٿيندس ۽ نه آهيان آئون هدايت وارن مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته خدا کانسواءِ جن جي اوهين پوڄا (پاٺ) ڪريو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي منع ٿي آهي. (۽ هي به) چئين ته آءُ اوهان جي (نفساني) خواهشن تي هلڻ وارو نه آهيان (نه ته) پوءِ آءُ گمراھ ٿي پوندس ۽ هدايت وارن مان نه ٿيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته تحقيق مان روڪيو ويس هن کان ته عبادت ڪيان انهن جي جن کي اوهان پوڄيو ٿا سواءِ الله جي فرماءِ ته نه تابعداري ڪندس سَڌُن اوهان جن جي تحقيق گمراھ ٿيندس مان ان وقت ۽ نه رهندس مان هدايت وارن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (کين) چئو ته الله کانسواءِ جن کي اوهين سڏيو ٿا تن جي عبادت ڪرڻ کان مون کي روڪيو ويو آهي. چئو ته آءُ اوهان جي خواهشن جي تابعداري نه ڪندس (نه ته) ان ئي وقت گمراهه ٿيندس ۽ رستي تي هلڻ وارن مان نه هوندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته مون کي روڪيو ويو آهي جو انهن (معبودانِ باطل) جي پوڄا ڪيان جن جي توهان الله کان سواءِ پوڄا ڪيو ٿا. چؤ ته آءٌ اوهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس (جي ائين ڪيان) ته پڪ سان گمراهه ٿي ويندس ۽ ان وقت آءٌ هدايت يافته ماڻهن مان به نه رهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مون کي منع، ته پُوڄيان، جي پوڄيو پُوڄ، پِير، ڌڻي ڌاران، جن کي، دانهيو ٿا دِلگير!، چئو، آئون اوهان جي، سَڌنِ پُٺيان، ليڙا! نه لڳندس لِير، تڏهن، ته ٿِــئسِ تَغير، نه صحِي سَوا ٽن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اوهين الله ڌاران جن کي پڪاريو ٿا تن جي عبادت جي مون کي منع ڪيل آهي- چئو ته آءٌ توهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس، (نه ته) آءٌ ان وقت گمراهه ٿيندس ۽ هدايت پائيندڙن مان نه ٿيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي ٻڌائين ته "توهان الله جي بدران جن ٻين کي سڏيو ٿا، مونکي انهن جي ٻانهپ کان روڪيو ويو آهي". چوين ته "مان توهان جي خواهشن جي پيروي نه ڪندس، ائين ڪيم ته پوءِ ته گمراهه ٿي ويندس ۽ سنئين واٽ تي هلندڙن مان نه هوندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ انهن کي ته، توهان جن ٻين کي سڏيو ٿا انهن جي بندگي کان مون کي روڪيو ويو آهي الله کان سواءِ. چوينِِ، آئون پيروي نه ڪندس توهان جي سَڌن جي، جيڪڏهن ائين ڪيم ته گمراهه ٿي ويندس ۽ آئون نه هوندس هدايت وارن مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن ماڻهن کي (چڱيءَ طرح کولي) ٻڌايو ته الله تعالى کان سواءِ جن کي توهان پڪاريو ٿا، مون کي انهن جي بندگي ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪيو ويو آهي، کين اهو به ٻڌايو ته مان توهان جي خواهشن تي (ڪڏهن به) نه هلندس، جيڪڏهن مون کان ايئن ٿي ويو ته پوءِ مان گمراه ٿي ويندس ۽ سڌي رستي تي هلڻ وارن مان نه رهندس. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو ته مون کي ان ڳالهه کان روڪيو ويو آهي ته آئون انهن (ڪوڙن معبودن) جي عبادت ڪريان جن جي توهان الله کان سواءِ پوڄا ڪريو ٿا، فرمايو ته آئون توهان جي خواهشن جي پيروي نٿو ڪري سگهان جيڪڏهن ائين ٿيو ته آئون يقيناً ڀٽڪي ويندس ۽ آئون هدايت يافته ماڻهن مان (به) نه رهان (جيڪو ناممڪن آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ( اي پيغمبر! حق جي منڪرن کي) چئه: مون کي ان ڳالهه کان روڪيو ويو آهي ته مان انهن بتن جي بندگي ڪريان، جن کي توهين خدا کانسواءِ پڪاريو ٿا. اهو به چئه ته مان هرگز توهان جي هوس وارين خواهشن تي هلڻ وارو ناهيان. جيڪڏهن مون ايئن ڪيو ته (برابر) گمراهه ٿي چڪس ۽ انهن منجهان نه رهيس جيڪي هدايت يافته آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل إِنّى عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبّى وَكَذَّبتُم بِهِ ما عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ إِنِ الحُكمُ إِلّا لِلَّهِ يَقُصُّ الحَقَّ وَهُوَ خَيرُ الفٰصِلينَ (آيت : 57) |
چؤ ته آءٌ پنھنجي پالڻھار جي پڌري حُجّت تي آھيان ۽ اوھان ان کي ڪوڙ ڀانيو آھي، جنھن شيء جي اٻھر ڪندا آھيو سا مون وٽ نه آھي، (اھڙو) حُڪم الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي اختيار ۾ نه آھي، اُھو سچ کي بيان ڪندو آھي ۽ اُھو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان ڀلو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) چئو ته، بلاشڪ مان پنهنجي پروردگار وٽان مليل روشني ۽ دليل تي آهيان، ۽ اوهان ان (حقيقت) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي. (هاڻي فيصلو الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. توهان چئو ٿا ته فيصلو هڪدم ڇو نٿو ٿئي سو) جنهن فيصلي لاءِ توهان تڪڙ لڳائي ڏني آهي، سو منهنجي اختيار ۾ ناهي. حڪم فقط الله جو آهي. اهوئي حق جون ڳالهيون بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان فرمايو بيشڪ آئون صاف دليلن تي آهيان پنهنجي رب جي طرفان ۽ الله کي اوهان ڪُوڙو سمجھو، جنهن عذاب جي توهان تڪڙ ڪريو ٿا اهو مون وٽ ناهي، ناهي حڪم مگر الله تعالى جو اهو سچي ڳالهه ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀ کان بهتر حاڪم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (کين) چئو ته آءُ منهنجي پالڻهار جي طرفان هڪ ظاهر دليل تي آهيان ۽ اوهان ان کي ڪوڙو ڪيو، (ته پوءِ) اوهين جنهن (عذاب لاءِ) جلدي ٿا ڪريو اهو ڪو منهنجي (اختيار ۾) نه آهي حڪومت ته فقط الله لاءِ ئي آهي. اهو ته حق (سچ) ٻڌائي ٿو ۽ اهو سڀني فيصلي ڪرڻ وارن کان چڱو فيصلو ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته بيشڪ مان کليل دليل تي آهيان، پنهنجي رب جي طرفان ۽ ڪوڙو چيو اوهان ان کي ناهي مون وٽ جيڪو تڪڙو گهرو ٿا ان کي ناهي حڪم مگر الله جو بيان ڪري ٿو حق ۽ اهو ڀلو آهي فيصلي ڪندڙن ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته آءُ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتي تي آهيان ۽ اوهان انکي ڪوڙو ڪيو آهي. جنهن جي جلد اچڻ جي گهُر ڪريو ٿا سو مون وٽ نه آهي (اهڙو) حڪم الله جي اختيار ۾ ئي آهي. اهو حق کي بيان ڪري ٿو ۽ اهو (سڀني) فيصلي ڪندڙن کان چڱو فيصلو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ (اي ڪافرو!) آءٌ پنهنجي پالڻهار جي پاران روشن دليل تي آهيان ۽ توهان ان کي ڪوڙو چئو ٿا. مون وٽ اهو (عذاب) نه آهي جنهن جي توهان جلدي مچايو ٿا. حڪم رڳو الله جو ئي آهي. اهو حق بيان ڪري ٿو ۽ اهو ئي بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون صحِي سونهپ تي، سانيمِ، کان سَتار، ۽ جي ڪوڙ ڪوٺيان اُن کي، ته جو، تڪڙو گُھرو تڪرار، مون وٽ، نه سو مُورهين؛ سڀ آگي جو اختيار، سوئـِي سچ تي فيصلا، نِبيري نِبار، اُهو هر طرح هوشيار، نِياءَ نبيريندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءٌ پنهنجي رب طرفان روشن دليل تي آهيان ۽ اوهان ان کي ڪوڙو سمجهيو. جنهن (عذاب) جي جلدي ڪريو ٿا، سو مون وٽ نه آهي- حڪم ته رڳو الله ئي جي اختيار ۾ آهي، هو سچ کي بيان ڪندو آهي ۽ اهوئي سڀ کان سٺو فيصلو ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ ته "مان ته پنهنجي رب جي طرفان پڌري ثبوت تي قائم آهيان، جنهن کي توهان ڪوڙو ڀانيو آهي، هاڻي اها شيءِ ته منهنجي وس ۾ نه آهي، جنهن لاءِ توهان پيا ٿا تڪڙ مچايو، فيصلي جو سمورو اختيار الله کي ئي آهي، اهوئي حق جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ اهوئي فيصلي ڪرڻ ۾ سڀني کان ڀلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!)، آئون ته قائم آهيان پنهنجي رب جي پڌري دليل تي، ۽ توهان ان کي ڪوڙو چيو آهي، هاڻي منهنجي هٿ ۾ اها شيءِ نه آهي جنهن لاءِ توهان تڪڙ ڪري رهيا آهيو. ان فيصلي جو اختيار مڪمل الله وٽ آهي، اهو ئي حق بيان ڪري ٿو ۽ اهو ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان کين) اهو به ٻڌايو ته بيشڪ مان ئي پنھنجي رب جي طرفان پڌري دليل تي قائم آهيان پر توهان ان کي ڪوڙو ڪريو ٿا، توهان جنھن شيءِ لاءِ جلدي ڪريو ٿا، اها شيءِ منھنجي اختيار ۾ نه آهي. حڪم صرف الله تعالى جو ئي هلندو، اهو ئي حق ڳالهه بيان ڪندو آهي ۽ اهو ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: (ڪافرؤ!) بيشڪ آئون پنهنجي پالڻهار جي طرفان روشن دليل تي (قائم) آهيان ۽ توهان ان کي ڪوڙو سمجهو ٿا. مون وٽ اهو (عذاب) نه آهي جنهن جي توهان جلدي مچائي اٿئو حڪم صرف الله جو ئي آهي. اُهو سچ فرمائي ٿو ۽ اهوئي بهتر فيصلو فرمائيندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون چئه: بي شڪ ! مان پنهنجي پالڻهار جي پاران روشني ۽ دليل تي آهيان (يعني الله حقيقت ۽ يقين جي واٽ مون کي ڏيکاري ڇڏي آهي) ۽ توهان ته هدايت کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي. (تنهنڪري هاڻي فيصلو الله جي هٿ آهي. رهي ڳالهه اها ته-ان جو فيصلو سُتت ظاهر ڇو نه ٿو ٿئي؟) ته جنهن (فيصلي) جي لاءِ توهان کي ايتري جلدي آهي ته ان کي ظاهر ڪرڻ منهنجي وس ۾ ته ڪونهي. حڪم ته الله جو ئي (هلڻو) آهي. اهوئي حق جون ڳالهيون بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي سڀ کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل لَو أَنَّ عِندى ما تَستَعجِلونَ بِهِ لَقُضِىَ الأَمرُ بَينى وَبَينَكُم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِالظّٰلِمينَ (آيت : 58) |
چؤ ته جنھن جي اٻھر ڪندا آھيو سا جيڪڏھن مون وٽ ھجي ھا ته منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ھا، ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) تون چئي ڏي ته جنهن ڳالهه جي توهان تڪڙ مچائي ڏني آهي سا منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها. (پر الله تعاليٰ پنهنجي قانون مطابق سڀ ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت ٺهرايو آهي) ۽ الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن جي حالت چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (غافل ناهي پاڻهي جلد اوهان جو فيصلو ڪندو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو جيڪڏهن تحقيق جنهن عذاب جي توهان تڪڙ ڪريو ٿا مون وٽ هجي ها ته يقيناً منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ الله ظالمن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (کين) چئو ته جنهن (عذاب) جي اوهين تڪڙ ڪريوٿا جيڪڏهن منهنجي (وس ۾) هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهين جو ٿي چڪي ها ۽ خدا ته ظالمن کان خوب واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪڏهن تحقيق مون وٽ هجي ها اهو جو تڪڙو ٿا گهرو اهو ته فيصلو ڪيو وڃي ها ڪم منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ظالمن کي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته جنهن جي جلد اچڻ جي گهر ڪريو ٿا سو جيڪڏهن مون وٽ هجي ها ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڳالهه جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ الله ظالمن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته جي مون وٽ اهو (عذاب) هجي ها جنهن جي توهان جلدي مچايو ٿا ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ئي ٿي وڃي ها. ۽ الله ظالمن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو هئو، جي هوندو ٽم، جو تڪڙو گھرو تڪرار، ته مون ۽ اوهان وچ ۾، لهي ويو ڪم ڪار، سائين سمجھندار، هاڃيڪارن جي حال کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جنهن (عذاب) جي جلدي ڪري رهيا آهيو سو جي منهنجي هٿ ۾ هجي ها، ته هوند اوهان ۽ منهنجي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها ۽ الله ظالمن کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ! "جيڪڏهن اها شيءِ جنهن لاءِ توهان تڪڙ ڪريو ٿا، منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ٿي به وڃي ها، پر الله ٿو بهتر ڄاڻي ته ظالمن سان ڇا ڪيو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، جيڪڏهن اها شيءِ منهنجي اختيار ۾ هجي ها جنهن لاءِ توهان تڪڙ پيا ڪريو، ته ڪڏهوڪو فيصلو ٿي وڃي ها منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾، پر الله وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ظالمن لاءِ ڇا ڪجي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کين اهو به ٻڌايو! ته جنھن شيءِ لاءِ توهان جلدي ڪريو ٿا جيڪڏهن اها شيءِ منھنجي اختيار ۾ هجي ها ته منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ٿي چڪو هجي ها (بھرحال) ظالمن کي الله تعالى ئي وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (انهن کي) فرمايو جيڪڏهن اهو (عذاب) مون وٽ هجي ها جنهن کي توهان تڪڙو ٿا گهرو ته يقيناً منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪم پورو ٿي وڃي ها. ۽ الله ظالمن کي خوب ڄاڻندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! تون) چئه: جنهن ڳالهه بابت توهان کي ايتري جلدي آهي (يعني چٿر طور چئي رهيا آهيو ته جيڪڏهن خدا جي پاران فيصلو ٿيڻو ئي آهي ته ٿئي ڇونه ٿو؟) ته جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته مون ۾ ۽ توهان ۾ ڪڏهو ڪو فيصلو مُڪجي چڪو هجي ها، (پر فيصلو مُڪائڻ ته الله جي هٿ وس آهي ۽ الله هر ڳالهه وانگر ان لاءِ به خاص وقت طئه ڪري ڇڏيو آهي) ۽ الله، ظلم ڪندڙن جي حالت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَعِندَهُ مَفاتِحُ الغَيبِ لا يَعلَمُها إِلّا هُوَ وَيَعلَمُ ما فِى البَرِّ وَالبَحرِ وَما تَسقُطُ مِن وَرَقَةٍ إِلّا يَعلَمُها وَلا حَبَّةٍ فى ظُلُمٰتِ الأَرضِ وَلا رَطبٍ وَلا يابِسٍ إِلّا فى كِتٰبٍ مُبينٍ (آيت : 59) |
۽ وٽس ڳُجھ جون ڪنجيون آھن ان (ڳجھ جي ڪنجين) کي الله کانسواءِ (ٻيو ڪوبه) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي پٽن ۽ دريائن ۾ آھي سو (به اُھو) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي پَن نه ڪرندو آھي پر اُن کي اُھو ڄاڻندو آھي ۽ نڪي ڪو داڻو زمين جي اونداھين ۾ ۽ نڪي ڪا آلي ۽ نڪي ڪا سُڪي شيء پڌري ڪتاب ۾ (لکيل ھُجڻ) کانسواءِ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هن وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن (يعني غيب جي خزانن جو مالڪ آهي) ان کي خود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي. جيڪي خشڪيءَ تي آهي ۽ جيڪي سمنڊن ۾ آهي تنهن سڀ جو علم رکندڙ آهي، وڻن مان ڪو پن به نٿو ڪري ۽ زمين جي اندر گهپ اونداهين ۾ ڪو داڻو به نه ٿو ڦٽي جنهن کي هو نٿو ڄاڻي. ڪوئي آلو تازو يا سڪل ميوو نٿو ڪري جو سندس ڪتاب ۾ چٽو لکيل ناهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى وٽ غيب جون چاٻيون آهن نٿو ڄاڻي (حقيقت ۾) انهن کي مگر الله تعالى ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪو زمين ۽ سمنڊ ۾ آهي، ۽ نٿو ڪِري ڪو وڻ جو پَن مگر الله انهي کي ڄاڻي ٿو ۽ ناهي ڪو ٻج زمين جي اونداهي ۾ ۽ نه تازي شيءِ ۽ نه سڪل شيءِ مگر سڀئي لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان وٽ غيب جون چاٻيون آهن. جن کي ان کانسواءِ ڪو به نٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي خشڪي ۽ دريا ۾ آهي تنهن کي (به) اهو ئي ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پن نٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نڪا آلي ۽ نڪي سڪي شيءَ آهي پر اها به نوراني ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ موجود آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان وٽ آهن ڪنجيون يا خزانا غيب جا نه ٿو ڄاڻي انهن کي مگر اهو ۽ ڄاڻي ٿو جو پٽ ۾ آهي ۽ سمنڊ ۾ آهي ۽ نه ٿو ڪِري ڪو پن مگر ڄاڻي ٿو ان کي ۽ نه ڪو داڻو اونداهين زمين جي ۾ ۽ نه آلي شيءِ ۽ نه سڪي شيءِ مگر ڪتاب روشن ۾ (لکيل) آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان وٽ ئي ڳجهه جون ڪنجيون آهن جن کي ان کانسواءِ ٻيو ڪونه ٿو ڄاڻي ۽ جيڪي خشڪيءَ ۽ درياءَ ۾ آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪوبه پَنُ نه ٿو ڪري پر ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ نه ڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ۽ نه ڪا آلي ۽ نه ڪا سڪي شيءِ آهي پر اها به ظاهر ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (الله) وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن جن کي ان کان سواءِ (از خود) ٻيو ڪو به نه ٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي به سُڪي ۽ سمنڊ ۾ آهي (سڀ کي) اهو ڄاڻي ٿو ۽ ڪو به پَنُ نه ٿو ڪِري مگر ان کي اُهو ڄاڻي ٿو ۽ ڪو داڻو زمين جي اونداهين ۾ ناهي ۽ نه ڪا آلي ۽ نه ڪا سُڪي شيءِ آهي مگر پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَٽسِ ڪُنجون ڳجھ جون، نه ٻُجهي، ٻِئون اُن ڌار، ۽ جيڪي بر ۽ بحر ۾، سڀ ڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ پن، نه ڪري پٽ تي، مگر سمجھي کيس ستار، ۽ نه داڻو، ڌرتئَ جي، منجھ اُونداهين اَنڌڪار، ۽ نه سائو، نه سُڪو سَر ۾، مگر هر مِقدار، آهي لِکيل اِظهار، قدرت جي ڪتاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن، جن کي ان ڌاران ڪو به نٿو ڄاڻي، جيڪي زمين خواهه پاڻيءَ ۾ آهي، سو هو ڄاڻي ٿو ۽ جيڪو به پن ڪري ٿو سو هو ڄاڻي ٿو ۽ زمين جي اونداهين جو هر هڪ ذرو ۽ هر ڪا سڪي خواهه آلي چيز پڌري ڪتاب ۾ لکيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽس ئي غيب جون ڪنجيون آهن، جن کي ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي، بر ۽ بحر ۾ جيڪي ڪجهه به آهي سڀ کان هو واقف آهي، وڻ مان ڪرندڙ ڪو به پــَـن اهڙو نه آهي، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هجي ۽ زمين جي اونداهن تــَـهن ۾ ڪوبه داڻو اهڙو نه آهي، جنهن کان هو واقف نه هجي. آلي توڙي ســُـڪي هر شيءِ هڪ کليل ڪتاب ۾ لکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن جن کي ڪوبه نٿو ڄاڻي سواءِ ان کان، هو ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه بر ۽ بحر ۾ آهي، ڪنهن به ڪرندڙ وڻ جي پن جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ نه ڪو اهڙو داڻو آهي جيڪو زمين جي اونداهين ۾ هجي، ان کان اڻ واقف هجي، سڪل توڙي آلو سڀڪجهه لکيل آهي هڪ ڪتابِ پڌري ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) غيب جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. ان کان سواءِ ڪنھن ٻئي کي ان جي خبر به نه آهي، خشڪيءَ ۽ سمنڊ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، سو سڀ ان کي معلوم آهي، وڻ جي هڪ هڪ پن جي ڪرڻ جو به کيس علم آهي. زمين جي اندر جيڪي به ٻِج آهن ۽ جيڪا به آلي يا خشڪ شيءِ زمين جي اندر موجود آهي، سا سڀ هڪ واضح ڪتاب (يعني ريڪارڊ) ۾ لکيل آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ غيب جون چاٻيون (يعني اهي رستا جن کان غيب ڪنهن تي ظاهر ڪيو وڃي ٿو) انهي وٽ (ان جي قدرت ۽ ملڪيت ۾) آهن ان کانسواءِ (پاڻ مرادو) ڪوبه نٿو ڄاڻي، ۽ اهو هر ان شيءِ کي (بنا واسطي) جي ڄاڻي ٿو جيڪا خشڪي ۽ دريائن ۾ آهي، ۽ ڪوبه پن نٿو ڪِري مگر (اهو ته) هو ان کي ڄاڻي ٿو ۽ نه زمين جي انداهين ۾ ڪو (اهڙو) داڻو آهي ۽ نه ڪا آلي شيءِ آهي ۽ نه ڪا سڪي شيءِ مگر روشن ڪتاب ۾ (سڀ ڪجهه لکيو ويو آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ وٽس غيب جون چاٻيون آهن (يعني غيب جي ذخيرن جو مالڪ الله ئي آهي) اُن کي کانئس علاوه ڪوئي نه ٿو ڄاڻي- جيڪو ڪجهه خشڪيءَ ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه سمنڊن ۾ آهي الله سڀ جو علم رکي ٿو. وڻن مان جيڪو به پن ڇڻي ٿو ان کي هو ڄاڻي ٿو ۽ ڌرتيءَ جي انڌيرن ۾ جيڪو به سَلو هجي ٿو. پر هو ان سڀ کي ڄاڻي ٿو. خشڪ ۽ آلو ميوو جيڪو به آهي، سو (الله جي) لکيي ۾ لکيل آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ الَّذى يَتَوَفّىٰكُم بِالَّيلِ وَيَعلَمُ ما جَرَحتُم بِالنَّهارِ ثُمَّ يَبعَثُكُم فيهِ لِيُقضىٰ أَجَلٌ مُسَمًّى ثُمَّ إِلَيهِ مَرجِعُكُم ثُمَّ يُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 60) |
۽ اُھو (الله) آھي جيڪو اوھان کي رات جو (ڄڻڪ) ماري ٿو ۽ جيڪي اوھين ڏينھن جو ڪمايو ٿا سو (به) ڄاڻندو آھي وري اوھان کي ان مان ھن لاءِ (جاڳائي) اٿاريندو آھي ته ٺھرايل مُدّت پوري ڪرائي وڃي، وري اوھان (سڀني) جو ڏانھس موٽڻ آھي وري جيڪي اوھين ڪندا آھيو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهوئي خدا آهي جو رات جي وقت اوهان کي (ننڊ جو) موت ڏئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي خيال اوهان ڏينهن جي وقت پچايا سي به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ (صبح جو) ڏينهن ٿيڻ تي اوهان کي اٿاري کڙو ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته (زندگيءَ جو) ٺهرايل مدو پورو ٿئي، پوءِ (نيٺ) توهان سڀ خدا طرف موٽايا ويندؤ، جيڪي جيڪي (عمل) توهان ڪيا آهن انهن جي حقيقت هو اوهان کي ٻڌائيندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله اهو آهي جيڪو رات جو توهان کي سمهاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو عمل توهان ڏينهن ۾ ڪريو ٿا انهي کان پوءِ ڏينهن جو توهان کي سجاڳ ڪري ٿو انهي لاءِ ته (انسان) پنهنجي زندگي پوري ڪري انهي کان پوءِ الله ڏانهن توهان کي موٽڻو آهي پوءِ اُهو توهان کي خبر ڏيندو انهيءَ جي جيڪو توهان عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته ننڊ ۾) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو ڪيو اٿو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته (حياتيءَ جي) اها مدت به (سندس علم ۾) مقرر ڪيل آهي پوري ڪجي. وري (ته نيٺ) اوهان سڀني کي ان ڏي موٽڻو ئي آهي پوءِ اوهين جيڪي (دنيا ۾ برو ڀلو ڪم) ڪريو ٿا (سڀ) اوهان کي ٻڌائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اھو (الله) ئي آھي جو وفات ڪرائي ٿو اوھان کي رات جو ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو ڪيو ٿا ڏينھن جو ان کان پوءِ اٿاري ٿو اوھان کي ان ۾ تانته پورو ڪيو وڃي مدو مقرر ڪيل ان کان پوءِ ان ڏانھن موٽڻ اوھان جو آھي.ن کان پوءِ خبر ڏيندو اوھان کي ان جي جو ڪيُوَ ٿي. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جو اوهان کي رات جو (ڄڻ ته) ماري ٿو ۽ جيڪي ڏينهن جو اوهان ڪمائي چڪا آهيو تنهن کي ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو اٿاري ٿو هن لاءِ ته مقرر ڪيل مدت کي پورو ڪيو وڃي. پوءِ ان ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي. پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو رات جو اوهان جو روح قبض ڪري ٿو (يعني ننڊ ڏئي ٿو) ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان ڏينهن جي وقت ڪم ڪيو ٿا، پوءِ توهان کي ڏينهن ۾اٿاري ٿو جيئن (توهان جي عمر جو) مقرر مُدو پورو ڪيو وڃي. پوءِ توهان جو موٽڻ ان ڏانهن آهي. پوءِ اوهان کي خبر ڏيندو جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ صحِي، سو ستار، جو ماري اوهان، رات ۾، پڻ ڄاڻي، جيڪي ڏينهن ۾، ڪيان پورهيا پار، وري اوهان کي، اُن مان، جاڳائي جبّار، تان پورِي ڪري، پاڻ ڌڻي، پويون پهر ڄمار، پوءِ موٽڻ اوهان مِڙن جو، آخر اُنهيء پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تِنهنجون، کولي ڏيندان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اهو آهي جو رات جو اوهان کي (ڄڻ ته) ماري ٿو ۽ جيڪي اوهين ڏينهن جو ڪريو ٿا ان کي (به) ڄاڻي ٿو. وري اوهان کي ڏينهن جو هن لاءِ اٿاري ٿو ته (عمر جو) مقرر وقت پورو ٿئي، پوءِ ان ڏانهن ئي موٽندؤ، پوءِ جيڪي اوهين ڪندا هئا انهن جي اوهان کي خبر ڏيندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي رات جو توهان جا روح قبض ٿو ڪري ۽ ڏينهن جو جيڪي ڪجهه ڪيو ٿا تنهن کي به ڄاڻي ٿو، پوءِ وري ٻئي ڏينهن هو توهان کي هن ڪم ڪار جي دنيا ۾ موٽائي موڪلي ٿو، تانته حياتيءَ جي مقرر ٿيل مدت پوري ڪئي وڃي. نيٺ ته انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽي هلڻو آهي، پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو اهو ئي آهي جيڪو توهان جا روح رات جو قبض ڪري ٿو ۽ اهو به ڄاڻي ٿو ته جيڪي ڪجهه توهان ڏينهن جو ڪريو ٿا، پوءِ وري توهان کي واپس ٻئي ڏينهن ان دنيا ڏانهن موڪلي ٿو جيئن حياتيءَ جي مقرر مدت پوري ٿئي، پوءِ نيٺ انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽڻو آهي، پوءِ اهو ئي توهان کي ٻڌائيندو، ته توهان ڇا ڇا ڪندا رهيا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله تعالى ئي آهي، جيڪو توهان کي رات جو (ننڊ جي صورت ۾) موت ڏئي ٿو ۽ ڏينھن جي وقت توهان جيڪي ڪجهه ڪريو ٿا تنھن کي هو ڄاڻي ٿو پوءِ صبح جو توهان کي جيئرو اٿاري ٿو ته جيئن مقرر مدت پوري ڪريو، ان ڏانھن ئي توهان سڀ موٽايا ويندا پوءِ هو اوهان کي توهان جي عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهوئي آهي جيڪو رات جي وقت توهان جي روحن کي قبض ڪري ڇڏي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڏينهن جي وقت ڪمايو ٿا اُهو ڄاڻي ٿو پوءِ اهو توهان کي ڏينهن ۾ اٿاري ڇڏي ٿو ته جيئن (توهان جي زندگي جو) مقرر ڪيل ميعاد پورو ڪيو وڃي پوءِ توهان جو موٽڻ ان ڏانهن ئي آهي پوءِ اهو (محشر جي ڏينهن) توهان کي انهن (سڀني عملن) کان آگاهه فرمائيندو جيڪي توهان (ان زندگي ۾) ڪندا رهيا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهوئي آهي جيڪو رات جي وقت توهان تي موت طاري ڪري ڇڏي ٿو (يعني توهان کي ننڊ ڪرائي ٿو). ۽ جيڪي توهان ڏينهن جو ڪيوهيو، تنهن کان بي خبر ڪونهي. وري (جڏهن سڄي رات سمهيا رهو ٿا ته صبح جو) سج اڀاري توهان کي اٿاري ٿو، ته جيئن (دستور مطابق پنهنجي ڌنڌن کي لڳي وڃو تان جو زندگيءَ جو) مقرر ٿيل وقت پورو ٿي وڃي. آخرڪار توهين سڀ خدا ڏانهن موٽايا ويندؤ ۽ جيڪي توهان جا عمل رهيا آهن تن جي حقيقت هو توهان کي ٻڌائيندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ القاهِرُ فَوقَ عِبادِهِ وَيُرسِلُ عَلَيكُم حَفَظَةً حَتّىٰ إِذا جاءَ أَحَدَكُمُ المَوتُ تَوَفَّتهُ رُسُلُنا وَهُم لا يُفَرِّطونَ (آيت : 61) |
۽ اُھو پنھنجن ٻانھن تي غالب آھي ۽ اوھان تي پنھنجا نگھبان موڪليندو آھي، ته جڏھن اوھان منجھان ڪنھن ھڪ کي موت اچي تڏھن اسان جا قاصد (ملائڪ) ان کي ماريندا آھن ۽ اُھي ڪوتاھي نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ هو اوهان تي حفاظت ڪندڙ (قوتون) موڪلي ٿو. تانجو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو تڏهن سندس موڪليل (فرشتا) هن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ هو (اسان جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا ۽ ان ۾) ڪنهن به طرح جو قصور نٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى غالب آهي پنهنجن ٻانهن تي ۽ توهان تي حفاظت ڪندڙ ملائڪ (ڪراماً ڪاتبين) مقرر ڪيا اٿس ايستائين جو جنهن وقت توهان مان هڪڙي تي موت اچي ٿو. اسان جا موڪليل فرشتا روح قبض ڪن ٿا ۽ اهي ڪوتاهي نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. اهو توهان تي نگهبان (فرشتا مقرر ڪري) موڪلي ٿو. ايستائين جو اوهان مان جنهن کي موت اچي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) کيس (دنيا مان) کڻي وٺن ٿا ۽ اهي (اسان جي حڪم جي تعميل ۾ ذرو به) ڪوتاهي نٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اھو غالب آھي مٿان ٻانھن پنھنجي ۽ موڪلي ٿو اوھان تي نھگباني ڪندڙ تانجو جڏھن اچي ٿو ھڪڙي اوھان جي وٽ موت ته وفات ٿا ڪرائن ان کي قاصد اسان جا ۽ اھي نه ٿا ڪوتاھي ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهوئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي ۽ اوهان تي نگهبان موڪلي ٿو، تان جو جڏهن اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي ٿو ته اسان جا موڪليل (ملائڪ) ان جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ اهي ڪوتاهي نه ٿا ڪن.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو پنهنجي ٻانهن مٿان غالب آهي ۽ توهان تي (ملائڪ) نگهبان موڪلي ٿو. تانجو توهان مان جڏهن ڪنهن جي موت جو وقت اچي ٿو ته اسان جا قاصد ان (جو روح) قبض ڪن ٿا ۽ اُهي ڪابه ڪوتاهي ڪونه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بيشڪ سندسِ بندن تي، اُهو آهي قبضيدار، ۽ مُقرر اوهان تي موڪلي، پاڻان پَهريدار، تان موت اوهان مان، ڪِنهن تي، وارد ٿيو، جنهن وار، پورو، اسان جا پيڙا، تنهن کي، ڪن تڪرار، ۽ اُهي اُنهيءَ وار، وَڌاء نه ڪن، هڪ وار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي ۽ اوهان تي نگهبان موڪلي ٿو. تان جو اوهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو، ته اسان جا ملائڪ ان کي مارين ٿا ۽ اهي ڪا به ڪوتاهي نه ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن جو پنهنجن ٻانهن تي پورو اختيار آهي ۽ توهان جي سنڀال ڪرڻ وارا مقرر ڪري موڪليندو آهي، تانجو جڏهن توهان مان ڪنهن جي موت جو وقت اچي وڃي ٿو ته اسان جا موڪليل ملائڪ سندس ساهه ڪڍي وٺن ٿا ۽ هو پنهنجي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو پوري پوري قدرت رکي ٿو مٿان پنهنجي ٻانهن جي، ۽ مقرر ڪري موڪلي ٿو توهان تي نظرداري ڪرڻ وارا، تان جو جڏهن توهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو، ته ان جي جان ڪڍي ٿا وٺن ان جا موڪليل (ملائڪ) ۽ اهي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نٿا ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو پنھنجي ٻانهن تي غالب (۽ مڪمل ضابطو رکندڙ) آهي ۽ هو توهان تي نگراني رکڻ وارا (فرشتا) موڪليندو آهي، ايستائين جو اوهان مان ڪنھن جي موت جو وقت اچي ويندو آهي ته اسان جا اهي موڪليل (فرشتا) ان جو ساهه ڪڍندا آهن ۽ هو ان ۾ ذري برابر به ڪوتاهي نه ڪندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهوئي پنهنجن ٻانهن تي غالب آهي ۽ اهو توهان تي (فرشتن کي بطور) نگران موڪلي ٿو، ايستائين جو جڏهن توهان مان ڪنهن کي موت اچي ٿو (ته) اسان جا موڪليل (ملائڪ) ان جو روح قبض ڪري وٺن ٿا ۽ اهي غلطي (يا ڪوتاهي) نٿا ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهوئي پنهنجن ٻانهن تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو آهي ۽ توهان تي حفاظت ڪندڙ (قوتون) موڪلي ٿو، ايستائين جو، جڏهن توهان منجهان ڪنهن جوموت اچيو وڃي ته ان جا موڪليل (فرشتا) ان کي وفات ڏيو ڇڏين ۽ فرشتا (اسان جي رٿيل قانونن جي پوري پوري فرمانبرداري ڪندا آهن. ان ۾) ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ رُدّوا إِلَى اللَّهِ مَولىٰهُمُ الحَقِّ أَلا لَهُ الحُكمُ وَهُوَ أَسرَعُ الحٰسِبينَ (آيت : 62) |
وري (سڀ مئل) سندن سچي ڌڻي الله ڏانھن موٽايا ويندا، خبردار ان جو حُڪم (غالب) آھي، ۽ اُھو جلد حساب وٺندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ سڀ بندا خدا جي طرف موٽايا ويندا جو سندن حقيقي مالڪ آهي. ياد رکو ته حڪم سندس ئي آهي ۽ حساب وٺندڙن ۾ ڪوبه کانئس تڪڙو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهيءَ کان پوءِ موٽايا ويندا طرف الله جي جيڪو سندن سچو مالڪ آهي، خبردار ! (قيامت ۾) الله جو حڪم هلندو ۽ الله نهايت تيز حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اهي پنهنجي سچي مالڪ خدا وٽ موٽايا ويا خبردار رهو! سندس ئي حڪومت آهي. ۽ اهو سڀ کان وڌيڪ حساب وٺندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ موٽايا وڃن ٿا الله ڏانھن، مولا انھن جو سچو، خبردار ان جو ئي حڪم (جاري) آھي ۽ اھو گھڻو تڪڙو آھي، حساب ڪندڙن ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري کين الله ڏي موٽايو ويندو جو سندن سچو مالڪ آهي. خبردار رهو! ان جوئي حڪم آهي، ۽ اهو سڀني حساب وٺندڙن مان جلد حساب وٺندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سڀ الله ڏانهن موٽايا ويندا جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي. خبردار ان جو ئي حڪم آهي ۽ اهو جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي اُٿلائبو اُنهن کي، آخر الله پار، جو سچو سائين اُنهن جو، ڪُل اُن جو اِختيار، ۽ تڪڙو، سو تڪرار، ليکي لاهِيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اوهين پنهنجي سچي مالڪ ڏانهن موٽايا ويندا- ياد رکو! حڪم ان جو ئي آهي ۽ اهو نهايت جلدي حساب وٺڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سڀئي، الله پنهنجي سچي مولا ڏانهن واپس آندا وڃن ٿا. خبردار! فيصلي ڪرڻ جو سمورو اختيار کيس ئي حاصل آهي ۽ هو حساب وٺڻ ۾ تمام تڪڙو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سڀ جا سڀ آندا وڃن ٿا واپس پنهنجي حقيقي مولا ڏي، خبردار! فيصلي جا سڀ اختيار ان وٽ آهن ۽ اهو تمام تڪڙو آهي حساب وٺڻ ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هي سڀ الله تعالى ڏانھن موٽايا ويندا آهن، جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي. خبردار! حڪم ڪرڻ جو اختيار صرف ان کي ئي حاصل آهي ۽ هو سڀني حساب وٺندڙن مان جلدي حساب وٺندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اهي (سڀئي) الله جي حضور ۾ موٽايا ويندا جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي، ڄاڻي وٺو! حڪم (فرمائڻ) ان جو ئي (ڪم) آهي، ۽ اهو سڀني کان جلد حساب ڪرڻ وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري سمورا بندا الله ڏانهن موٽايا ويندا آهن- جيڪو انهن جو حقيقي مالڪ آهي، ياد رکو! حڪم الله جو ئي آهي ۽ حساب چڪائيندڙن ۾ کانئس تڪڙو ڪوئي ڪونهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل مَن يُنَجّيكُم مِن ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ تَدعونَهُ تَضَرُّعًا وَخُفيَةً لَئِن أَنجىٰنا مِن هٰذِهِ لَنَكونَنَّ مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 63) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اوھان کي پَٽن ۽ دريائن جي اونداھين کان ڪير ڇڏائيندو آھي (جڏھن) کيس زاريءَ سان ۽ ڳجھو سڏيندا آھيو؟ ( ۽ چوندا آھيو) ته جيڪڏھن اسان کي ھن (ڏُک) کان الله ڇڏايو ته شڪر ڪندڙن مان ضرور ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر انهن ماڻهن کان) پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي بيابانن ۽ سمنڊن جي اونداهين مان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو ۽ جنهن جي درگاهه ۾ آهي ۽ زاري ڪيو ٿا ۽ دل جو دل ۾ مخفي طرح دعائون گهرو ٿا. (۽ چئو ٿا ته) جيڪڏهن خدا اسان کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏئي ته پوءِ اسان (ڪڏهن به خدا کي نه وسارينداسين) ضرور شڪر گذار بندا ٿي رهنداسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان فرمايو ڪير نجات ڏئي ٿو توهان کي زمين ۽ سمنڊ جي مصيبتن مان، الله کي توهان پڪاريو ٿا دل سان ۽ زبان سان، قَسَم سان جيڪڏهن الله تعالى اسان کي هن مصيبت مان نجات ڏني ته ضرور اسين شڪر ڪندڙن مان ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته ڪير اوهان کي خشڪي ۽ دريا جي اونداهين کان بچائي ٿو؟ جنهن کي اوهين زاري ۽ ڳجُ (عاجزي) سان سڏيو ٿا. ته جيڪڏهن خدا (اڄوڪي) هن (بلا) کان بچايو ته اسان ضرور شڪر گذار (بندا ٿي) هلنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪير ٿو ڇڏائي اوھان کي انڌيرن پٽ ۽ سمنڊ جي کان سڏيو ٿا ان کي زاريءَ سان ۽ لڪ ۾ البته جيڪڏھن ڇڏايائين اسان کي ھن کان ته البته ضرور ٿينداسون شڪر ڪندڙن مان، .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته ڪير اوهان کي خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين کان بچائي ٿو. (جنهن وقت) کيس زاريءَ ۽ ڳجهيءَ (عاجزيءَ) سان سڏيو ٿا (چئو ٿا ته) جيڪڏهن الله اسان کي هن (بلا) کان بچايو ته اسين ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته خشڪين ۽ دريائن جي اونداهين کان توهان کي ڪير نجات ڏئي ٿو؟ جڏهن کيس عاجزي ۽ ڳجهيءَ طرح سڏيو ٿا ته جيڪڏهن اسان کي هن کان ڇوٽڪارو ڏنائين ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڪير بَچائـِنِيان بر ۽ بحر جي، اُونداهيان اَنڌڪار؟ ڪريوسِ مخفِي ڪُرنشون، زاريون زارو زار، جي ڪَڍنِيون ڪارُونڀار مان، ڪري ڪَنڌيءَ ڪِنار، ته هونداسون هَموار، مِهرون مُوکيندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڪير اوهان کي بيابان ۽ سمنڊ جي اونداهين کان ڇڏائي ٿو؟ جڏهن کيس عاجزي سان ۽ ڳجهو پڪاريو ٿا ته جي تون اسان کي هن کان ڇڏائيندين ته اسين شڪر گذارن مان ٿينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پڇين ته بر ۽ بحر جي اونداهين ۾ خطرن کان توهان کي ڪير بچائيندو آهي؟ ڪير آهي جنهن کي توهان (مصيبت جي وقت) آزي نيزاريءَ سان ۽ لڪي لڪي ٻاڏائيندا آهيو؟ ڪنهن لاءِ چوندا آهيو ته جيڪڏهن هن بلا مان بچايائين ته اسان ضرور شڪر ڪندڙ بڻجي وينداسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کان پڇ ته ڪير توهان کي بچائيندو آهي بر ۽ بحر جي انڌارن مان؟ اهو ڪير آهي جنهن کي توهان (مصيبت وقت) آزي نيازي سان لڪي ٻاڏايو ٿا، ڪنهن کي چوندا آهيو ته جيڪڏهن تو هن مصيبت کان بچايو ته اسان ضرور تنهنجا شڪرگذار ٿينداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين چؤ ته ڪير آهي جيڪو توهان کي خشڪيءَ ۽ سمنڊ جي اونداهين مان بچائي ٿو؟ ان وقت ان کي ئي اوهان انتھائي عاجزيءَ سان (چپن ۾ ويھي) سڏيندا هئا ته جيڪڏهن اسان کي هن مصيبت کان بچائيندين ته اسان ضرور شڪرگذار ٻانهن مان ٿينداسين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان (انهن کان دريافت) فرمايو ته پوٺي ۽ درياهه جي اونداهين مان توهان کي ڪير ٿو نجات ڏئي؟ (ان وقت ته) توهان آزيون ڪري (به) ۽ آهستي آهستي (به) ان کي پڪاريو ٿا ته جيڪڏهن اهو اسان کي هن (مصيبت) مان ڇوٽڪارو ڏي ته اسان ضرور شڪر گذارن مان ٿي وينداسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئه: اهوڪير آهي، جيڪو توهان کي بيابانن ۽ سمنڊن جي انڌيرن مان نجات ڏيندو آهي ۽ جنهن جي حضور ۾ ڪڏهن زاري ڪندي ۽ ڪڏهن (دل جو دل ۾) ماٺيڻيون دعائون گهرندا آهيو ۽ چوندا آهيو : جيڪڏهن خدا اسان کي هن مصيبت مان نجات ڏياري ته (وري نه ڪڏهن اسين کانئس غافل ٿينداسين ۽) ضرور شڪر گذار ٿي رهنداسين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُلِ اللَّهُ يُنَجّيكُم مِنها وَمِن كُلِّ كَربٍ ثُمَّ أَنتُم تُشرِكونَ (آيت : 64) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي ان کان ۽ سڀڪنھن ڏک کان ڇڏائيندو آھي وري به اوھين (ان سان) شرڪ ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي آهي جو اوهان کي انهيءَ بلا کان ۽ هر طرح جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، پر توهان تنهن هوندي به ساڻس (ٻين کي) شريڪ ڪيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) توهان فرمايو الله نجات ڏي ٿو توهان کي انهي مصيبت مان ۽ هر غم مان انهيءَ کان پوءِ به توهان شرڪ ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چئين ته انهن بلائن ۽ (مصيبتن) کان خدا توهان کي بچائي ٿو (پر افسوس) تنهن هوندي به اوهين شرڪ ڪندا ئي رهو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته الله ڇڏائي ٿو، اوھان کي ان کان ۽ ھر تڪليف کان ان کان پوءِ به اوھان شرڪ ٿا ڪريو.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته الله اوهان کي ان (بلا) کان ۽ (ٻئي) سڀ ڪنهن رنج کان بچائي ٿو. وري (به) اوهين (ٻين کي ان سان) شريڪ ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته الله اوهان کي ان (مصيبت) مان ۽ هر تڪليف مان نجات ڏئي ٿو پوءِ به اوهان (ان سان) شرڪ ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اُنهي، ۽ هَر اُهکِي مان، هِڪ پرور ڪَندان پار، ٻِئا پوءِ ٻِيهار، ڀيڙا ڪندئو ڀورڙا!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله ئي اوهان کي ان کان ۽ هر هڪ سختي کان ڇڏائي ٿو. پوءِ وري اوهين (ان سان) ڀائيوار بنايو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته الله توهانکي انهيءَ کان ۽ هر تڪليف کان ٿو ڇوٽڪارو ڏئي، پر توهان وري به شرڪ ڪيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، (اي نبي!) الله توهان کي بچائي ٿو هر تڪليف کان ۽ ڇوٽڪارو ڏئي ٿو هر مصيبت کان، پر توهان پوءِ به سندس شريڪ بڻايو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي چؤ ته الله تعالى ئي توهان سڀني کي هن مصيبت ۽ ٻين هر قسم جي تڪليفن کان بچائي ٿو. پر پوءِ به توهان ان سان گڏ ٻين کي شريڪ ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: ته الله ئي توهان کي ان (مصيبت) مان ۽ هر تڪليف مان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو توهان پوءِ (به) شرڪ ٿا ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) تون چئه: الله ئي آهي، جيڪو توهان کي هر بلا کان ۽ هر طرح جي ڏکن کان نجات ڏيندو آهي، تڏهن به توهين ان سان شرڪ ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل هُوَ القادِرُ عَلىٰ أَن يَبعَثَ عَلَيكُم عَذابًا مِن فَوقِكُم أَو مِن تَحتِ أَرجُلِكُم أَو يَلبِسَكُم شِيَعًا وَيُذيقَ بَعضَكُم بَأسَ بَعضٍ انظُر كَيفَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ لَعَلَّهُم يَفقَهونَ (آيت : 65) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (الله) اوھان تي اوھان جي مٿان يا اوھان جي پيرن جي ھيٺان عذاب موڪلڻ لاءِ وس وارو آھي يا اوھان کي ٽولي ٽولي ڪري وِڇڙائي ۽ اوھان مان ڪن کي ڪن جي لڙائي (جو مزو) چکائي، ڏس ته اسين ڪھڙي طرح (طرحين طرحين) دليل بيان ٿا ڪريون ته مانَ اُھي سمجھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته، هن کي اها قدرت آهي جو اوهان تي مٿان (آسمان مان) ڪو عذاب پيدا ڪري يا هيئن ڪري جو توهان پارٽيون بنجي هڪٻئي سان وڙهي پئو ۽ هڪڙي پارٽي ٻئي پارٽيءَ جي ڏاڍائي ۽ ظلم جو مزو چکي. سو ڏسو ته اسان ڪهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان پنهنجون آيتون بيان ٿا ڪيون ته من هو سمجهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان فرمايو الله قادر آهي جو موڪلي توهان جي مٿان عذاب کي توهان جي مٿان يا توهان جي هيٺان يا توهان کي گروه ڪري ۽ توهان پاڻ ۾ جنگ ڪريو. اي رسولِ عربي توهان نگاهه ڪريو ڪهڙي طرح اسين بيان ڪريون ٿا آيتن کي ته من اهي سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته اهو ئي هن (ڳالھ) جي وس وارو آهي ته (جيڪڏهن گهري ته) توهان تي عذاب توهان جي مٿان نازل ڪري يا تووهان جي پيرن جي هيٺان (عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري پکيڙي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جو مزو چکائي. ڪجھ ته سوچو، اسين ڪئين ته پنهنجن آيتن کي ڦيري گيري بيان ڪريون ٿا ته جيئن من سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اھو قادر آھي ھن ڳالھ تي جو موڪلي اوھان تي عذاب مٿان اوھان جي يا ھيٺان پيرن اوھان جي يا وچڙائي اوھان کي ٽولا ٽولا ڪري ۽ چکائي بعض اوھان جي کي سختي بعض جي ڏس ته ڪيئن ٿا نموني نموني سان بيان ڪيون دليلن کي تانته اھي حقيقت کي سمجھن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چو ته ان کي ئي هن ڳالهه تي قدرت آهي ته اوهان تي اوهان جي مٿان يا اوهان جي پيرن جي هيٺان عذاب موڪلي يا اوهان کي مختلف فرقا ڪري وچڙائي ڇڏي ۽ اوهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جومزو چکائي. ڏس ته ڪيئن اسين نموني نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا ته مَنَ اهي سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ اُهو سگهه وارو آهي جو اوهان تي عذاب موڪلي اوهان جي مٿان کان يا اوهان جي پيرن هيٺان کان يا توهان کي ٽولين ۾ ورهائي ۽ توهان مان هڪڙن کي ٻين جي لڙائي جو مزو چکائي. ڏس ته اسان ڪيئن آيتون ورجائي بيان ڪري رهيا آهيون ته جيئن اُهي سمجهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اُهو قادر اُن مٿي، ته اوهان تي آزار، مٿاهون ڪو موڪلي، يا هيٺان پـيرن پار، يا ڪري اوهان کي، پاڻ ۾، ٽوڙي، ٽولا ڌار، ۽ تان مَزو هِڪ، ٻئي جي هٿان، چکائـِينيان چِڪار، ڏِس، ته مَٿِن ڪيئن کوليون، نِشانيون نِروار، اِهو اِن آڌار، ته سَمجھن، سچِيءَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته هو انهيءَ تي وس وارو آهي، ته اوهان تي اوهان مٿان يا اوهان جي پيرن هيٺان عذاب موڪلي، يا اوهان کي ٽولا ٽولا ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي هڪ ٻئي جي لڙائي جو مزو چکائي. ڏس ته اسين ڪيئن پنهنجين آيتن کي ورائي ورائي بيان ڪريون ٿا ته اهي سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌائينِ ته "هن کي اها طاقت آهي ته توهان تي عذاب توهان جي مٿان نازل ڪري يا توهان جي پيرن هيٺان يا توهان کي ٽولا ٽولا ڪري پاڻ ۾ اٽڪائي هڪڙن کي ٻين جي ڏاڍائيءَ جو مزو چکائي ڇڏي. ڏس ته اسان ڪيئن نه بار بار، جدا جدا نمونن ۾ پنهنجون نشانيون سندن آڏو پيش پيا ڪريون ته مــَـنَ اهي حقيقت کي سمجهي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) اهو ان تي به قادر آهي ته موڪلي توهان تي عذاب توهان جي مٿان کان، يا وري توهان جي پيرن هيٺان پئدا ڪري، يا توهان کي ٽولن ۾ ورهائي ۽ مزو چکائي هڪ ٽولي کي ٻئي جي ڏاڍائيءَ سان، ڏس! ڪيئن نه اسان وري وري ڌار ڌار نمونن سان پنهنجون نشانيون آڻيون ٿا من حقيقت سمجهي وڃن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي چؤ ته الله تعالى هن ڳالهه جو اختيار رکي ٿو ته توهان تي آسمان مان عذاب نازل ڪري يا زمين مان عذاب ظاهر ڪري يا (عذاب طور) اوهان کي مختلف گروهن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ پوءِ توهان مان هرهڪ کي هڪ ٻئي جي لڙائيءَ جو مزو چکائي، ڏسو ته اسان ڪيئن پنھنجون نشانيون صفا کولي بيان ڪريون ٿا ته من هو صحيح ڳالهه کي سمجهي وٺن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: هو ان تي قادر آهي ته توهان تي عذاب موڪلي (خواه) توهان جي مٿان کان يا توهان جي پيرن جي هيٺان کان يا توهان کي ٽولا ٽولا ڪري پاڻ ۾ اٽڪائي ۽ توهان مان هڪڙن کي ٻين جي جنگ جو مزو چکائي. ڏسو! اسان ڪهڙي طرح آيتون بيان ڪريون ٿا ته جيئن اهي (ماڻهو) سمجهي سگهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) چئي ڇڏ : هو ان تي قادر آهي ته توهان تي مٿان کان (يعني آسمان جي بلندين مان) ڪو عذاب موڪلي ڇڏي، يا توهان جي پيرن هيٺان (يعني زمين منجهان ئي) ڪو عذاب برپا ڪري، يا توهين ٽوليون ٿي پاڻ ۾ وڙهي پئو ۽ هڪ (ٽولي) ٻي (ٽوليءَ) جي ڏاڍ جو مزو چکي- تنهنڪري ڏسو! ڪيئن ٿا اسين مختلف طريقن سان حقيقتون بيان ڪندا رهون ته جيئن هو سمجهي سگهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَذَّبَ بِهِ قَومُكَ وَهُوَ الحَقُّ قُل لَستُ عَلَيكُم بِوَكيلٍ (آيت : 66) |
۽ تنھنجي قوم اُن (قرآن) کي ڪوڙ ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو بلڪل سچ آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان جو ذمي وار نه آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي قوم ان (قرآن مجيد) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي، حالانڪ اهو بلڪل حق آهي. (پوءِ کين) چئو ته، (ڀلي رد ڪيو، نقصان توهان جو آهي) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي قوم (قريش) قرآن ڪريم کي ڪُوڙو سمجھو حالانڪ اهو سچو آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو آئون توهان تي وڪيل ناهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهيءَ (قرآن کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي، هوڏانهن اهو بر حق آهي. تون چئين ته اوهان تي ڪو نگهبان ته ڪين آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪوڙو چيو ان کي قوم تنھنجي حالانڪ اھو سچ آھي فرماءِ ته ناھيان مان اوھان جو ذميدار .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (قرآن) کي تنهنجي قوم ڪوڙو ڪيو آهي هوڏانهن اهو بلڪل سچ آهي. چئو ته آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجي قوم ان (قرآن) کي ڪوڙو چيو حالانڪه اُهو حق آهي. چؤ ته آءٌ اوهان مٿان ذميوار نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُوڙو ڪوٺيو اُن کي، تنُهنجِي نات گــِنَات، هو ڏانهن آهي حق اِهو، منجھسِ، نه شَڪ شُبهات؛ آئون نه واهِي اوهان تي، چئو، نبي! صِفات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان (قرآن) کي تنهنجي قوم ڪوڙ ڀانيو، پر اهو بلڪل سچ آهي، چئو ته آءٌ اوهان جو جوابدار نه آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجي قوم ته پئي ٿي ان کي ڪوڙ ڀانئي، حالانڪه اهو بلڪل حق سچ آهي. چوين ته مان ڪو توهان جو ذمو کڻندڙ نه آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪوڙو ڪري رهي آهي تنهنجي قوم جڏهن ته اها بلڪل حقيقت آهي. انهن کي چؤ ته آئون توهان جو نگران بڻايل نه آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) تنھنجي قوم هن قرآن کي ڪوڙو ڪيو، حالانڪه هي بلڪل سچو آهي بھرحال انهن کي چؤ ته (هاڻي) مان توهان جو ذميدار نه آهيان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان جي قوم هن (قرآن) کي ڪوڙو سمجهيو حالانڪه اهو سراسر حق آهي فرمايو: آئون توهان تي نگهبان نه آهيان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي قوم قرآن کي ٺڪرائي ڇڏيو آهي، حالانڪه قرآن حق آهي!- تون چئه: (جيڪڏهن توهين ٺڪرايو ٿا ته ڀل ٺڪرايو) مان توهان تي ڪوداروغو ناهيان (جو توهان کي حق مڃڻ تي مجبور ڪريان) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لِكُلِّ نَبَإٍ مُستَقَرٌّ وَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 67) |
( ۽ ) ھر ھڪ شيء لاءِ ھڪ وقت مقرّر آھي ۽ سگھو ڄاڻندؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سڀ ڪنهن خبر جي واسطي هڪ ٺهرايل وقت آهي (۽ ان وقت ان جي حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي) توهان کي به جلد ئي معلوم ٿي ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هر هڪ خبر لاءِ وقت مقرر ٿيل آهي ۽ توهان جلدي معلوم ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هر خبر (جي پوري هجڻ) جو هڪ خاص وقت مقرر آهي ۽ جلد ئي تون سمجهندين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ھر خبر جي (ظھور جو) وقت مقرر ڪيل آھي ۽ جلدي ڄاڻندؤ.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪنهن خبر لاءِ هڪ مقرر وقت آهي ۽ اوهان کي معلوم ٿي ويندو.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر خبر جي (رونما ٿيڻ) لاءِ هڪ وقت مقرر آهي ۽ اوهان جلدي ڄاڻي وٺندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي حد، هَر ڪِنهن بات، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙٖي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر هڪ خبر لاءِ وقت مقرر آهي ۽ جلد ئي ڄاڻندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر خبر جي ظاهر ٿيڻ لاءِ هڪ وقت مقرر آهي، سگهوئي توهان کي نتيجي جي ڄاڻ پئجي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر خبر جي ظاهر ٿيڻ لاءِ وقت مقرر آهي، جلد توهان کي سڀڪجهه معلوم ٿي ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هرهڪ خبر (۽ واقعي) لاءِ هڪ وقت مقرر آهي، سو عنقريب توهان کي ان جو پتو پئجي ويندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هر خبر (جي واقع ٿيڻ) جو وقت مقرر آهي ۽ توهان سگهوئي ڄاڻي وٺندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هر خبر جي لاءِ هڪ مقرر وقت آهي (جو ان وقت ان جي حقيقت معلوم ٿي ويندي آهي) جلد توهان کي به خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا رَأَيتَ الَّذينَ يَخوضونَ فى ءايٰتِنا فَأَعرِض عَنهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ وَإِمّا يُنسِيَنَّكَ الشَّيطٰنُ فَلا تَقعُد بَعدَ الذِّكرىٰ مَعَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 68) |
۽ جيڪي اسان جي آيتن بابت اجايو بحث ڪندا آھن تن کي جڏھن ڏسين ته کانئن مُنھن موڙ جيستائين اُن ڌاران ٻيءَ ڪنھن ڳالھه ۾ بحث ڪن، ۽ جيڪڏھن شيطان توکي وسارائي ته ياد اچڻ کانپوءِ ظالم ٽوليءَ سان نه ويھ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن توهان اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن بابت (شرارت ڪري) بيهودي بڪواس ڪن ٿا تڏهن توهان انهن کان پاسو ڪري هليا وڃو، جيستائين هو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه تي غور ۽ خوض ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي وٽن ويهو ۽ بحث ۾ شامل ٿيو) ۽ جيڪڏهن شيطان اوهان کان هيءَ (ڳالهه) وسارائي ڇڏي ته يادگيري اچڻ بعد اهڙي قوم (جي مجلس) ۾ نه ويهو جا ظلم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت توهان ڏسو انهن ماڻهن کي جيڪي قرآن سان مذاق ڪن ٿا پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ايستائين جو ٻي ڳالهه ۾ مشغول ٿين، ۽ اي مخاطب جيڪڏهن شيطان توکي ڀُلائي يادگيري کان پوءِ به، ته پوءِ تون ظالم قوم سان گڏ نه ويهه(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ڏسين ته اهي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ اجايو بحث ڪري رهيا آهن ته انهن کان پاسو ڪري وڃ. ايستائين جو اهي ماڻهو ان ڳالھ کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ ڳالھ ۾ بحث ڪرڻ لڳن. پر جيڪڏهن (اسان جو هي حڪم) تو کان شيطان وساري ڇڏي ته (حڪم) ياد اچڻ تي ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏھن ڏسين انھن کي جو اجايو بحث ٿا ڪن اسان جي آيتن ۾ پوءِ منھن موڙ انھن کان تانجو بحث ڪن ڪنھن (ٻيءَ) ڳالھه ۾ ان کان سواءِ ۽ جڪڏھن وسارائي توکان شيطان پوءِ نه ويھه ياد ڪرڻ کان پوءِ گڏ قوم ظالمن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اسان جي آيتن ۾ بحث ڪن ٿا تن کي جڏهن تون ڏسين ته انهن کان منهن موڙ، تان جو ان کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ بحث ڪن. ۽ جيڪڏهن شيطان توکان (اها ڳالهه) ڀلائي ته ياد اچڻ کان پوءِ ظالم قوم سان گڏ نه ويهه. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن تون انهن ماڻهن کي ڏسين جيڪي اسان جي آيتن ۾ (اجايو) بحث ڪن ٿا ته پوءِ تون انهن کان منهن موڙ جيستائين اُهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ بحث ڪن. اگر شيطان تو کان (اُها ڳالهه) وسارائي ته پوءِ ياد اچڻ بعد ظالمن جي قوم سان گڏجي نه ويهه.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڏِٺئـِي جَڏن کي، جي بَڪون ڪن بيڪار، اسان جي آيتن ۾، مَٽ تن کان، مُنهن مَهندار!، تان چڱِي چورِين ڳالهڙِي، ٻـي ڪا اِنهيان ڌار، ۽ پوءِ شاھ! توکي، شيطان، جي ويسر ڏي، وينجھار!، پوءِ ياد پُٺيان، نه وِه هڪ وار ڀيڙو بيدادن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن تون اهڙن کي اسان جي آيتن ۾ اجايو بحث ڪندو ڏسين، ته انهن کان منهن موڙ، جيسين ٻين ڳالهين ۾ مشغول نه ٿين- پر جي شيطان توکان اهو وسارائي، ته ياد اچڻ کان پوءِ ظالم ماڻهن سان نه ويهه. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! جڏهن تون ڏسين ته ماڻهو اسانجي آيتن جي باري ۾ اجائي مٿا ماري ٿا ڪن ته تون اتان پري ٿي وڃ، جيستائين هو انهيءَ پچار کي ڇڏي ڪنهن ِٻيءَ ڳالهه ۾ نه پون ۽ جيڪڏهن ڪنهن وقت شيطان توکي ويسر ۾ وجهي ڇڏي ته ياد اچڻ کانپوءِ اهڙن ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) جڏهن تون ڏسين ته ماڻهو نڪته چيني ڪن ٿا اسان جي آيتن تي، ته تون انهن کي پٺي ڏئي وڃ، تان جو هو اها گفتگو ڇڏي ٻين ڳالهين ۾ لڳي وڃن، ۽ جيڪڏهن توکي ويساري ۾ وجهي شيطان، ته جنهن وقت توکي غلطيءَ جو احساس ٿئي ته پوءِ اهڙن ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويهه.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن تون اهڙن ماڻهن کي ڏسين جيڪي اسان جي آيتن تي تنقيد ڪن ٿا ته انهن کان فوراً الڳ ٿي وڃ، جيستائين هو ٻيون ڳالهيون شروع نه ڪن پر جيڪڏهن شيطان توهان جو ذهن (ان ڳالهه کان) هٽائي ڇڏي ته جڏهن به ذهن ۾اها ڳالهه اچي ته پوءِ اهڙن ظالم ماڻهن سان گڏ نه ويھه. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن توهان اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن ۾ (بيجا بحث ۽ مذاق ۾) لڳل آهن ته توهان انهن کان پري ٿي ويندا ڪريو ايستائين جو اهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ مشغول ٿي وڃن، ۽ جيڪڏهن شيطان توهان کي (اها ڳالهه) وسارائي ته ياد اچڻ کان پوءِ توهان (هرگز) ظالم قوم سان گڏ نه ويهو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن توهين اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن بابت بڪواس ڪن ٿا ته (توهين ساڻن بحث ڪرڻ ۾ وقت ضايع نه ڪريو بلڪه) کانئن ٽارو ڪري وڃو ايستائين جو هو ڪنهن ٻي ڳالهه بابت غور ويچار ڪرڻ لڳن. ۽ جيڪڏهن شيطان توهان کان (اها ڳالهه) وسارائي ڇڏي (يعني توهين ڀلجي ساڻن بحث مباحثي ۾ پئجي وڃو) ته ياد پوڻ تي اهڙي ٽولي جي محفلين مان اٿي وڃو جيڪي ظالم آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما عَلَى الَّذينَ يَتَّقونَ مِن حِسابِهِم مِن شَيءٍ وَلٰكِن ذِكرىٰ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 69) |
۽ جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن تن تي اُنھن (ظالمن) جي حساب جي ڪجھ به (ڇڪ تاڻ) نه آھي پر (انھن تي) نصيحت ڪرڻ لازم آھي مانَ اُھي ڊڄن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن تي اهڙن ماڻهن جي ڪمن جي ڪابه ذميواري ڪانهي، جيڪي انهن جي ذمي آهي سو هي آهي ته پاڻ نصيحت وٺن، انهيءَ لاءِ ته (براين کان) بچن. (يا انهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندا رهن ته من اهي پرهيزگار ٿين.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ پرهيزگارن تي انهن (ڪافرن) جي حساب جو ڪو ذمون ناهي، پر (مسلمانن تي) نصيحت ڪرڻ آهي من اُهي خوف ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙن ماڻهن (جي حساب ڪتاب) جي جوابداري ڪا پرهيزگارن تي نه آهي پر (فقط نصيحت طور) ياد ڏيارڻ (گهرجي) ته جيئن اهي ماڻهو به پرهيزگار ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناھي انھن تي جو پرھيزگاري ڪندا حساب انھن جي مان ڪا شيءِ ۽ پر (اھا) نصيحت ڪرڻ آھي تانته اھي پرھيزگار ٿين.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پرهيزگاري ڪن ٿا تن تي انهن (ظالمن) جي حساب مان ڪجهه به نه آهي پر (مٿن ظالمن کي) نصيحت ڪرڻ لازم آهي ته مَنَ اهي (ظالم) ڊڄن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پرهيزگار ٻانهن تي انهن (ڪافرن) جي حساب مان ڪا شيءِ نه آهي ۽ پر نصيحت (ڪرڻ) آهي من اُهي ڊڄن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪجھ نه سندنِ ڪم ڪار جو، ڀَلن مٿي بار، پر ڪرڻ پَرچار، مانَ پَلِينِ، سي پاڻ کي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي نيڪ آهن انهن تي ظالمن جي حساب جي جوابداري نه آهي، مگر نصيحت ڪرڻ گهرجي، ته من اهي بچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي حساب مان ڪنهن به شيءِ جي ذميواري پرهيزگار ماڻهن تي نه آهي، باقي نصيحت ڪرڻ سندن فرض آهي ته مــَـنَ هو غلط ڪم کان بچي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن جي پرهيزگاريءَ تي سندن حساب جي ڪابه ذميواري ڪنهن شيءِ جي ناهي، ۽ البته نصيحت ڪرڻ انهن جو فرض آهي (ته ان غلط راهه کان بچن).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ظالم ماڻهن جي ڪا به ذميداري پرهيزگار ماڻهن جي مٿان نه آهي، پر کين نصيحت به (ضرور) ڪرڻي آهي شايد ته هو پرهيزگار ٿي وڃن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ماڻهن تي جن پرهيزگاري اختيار ڪئي اٿن انهن (ڪافرن) جي حساب مان ڪجهه به (لازم) نه آهي مگر (انهن کي) نصيحت (ڪرڻ کپي) ته جيئن اهي (ڪفر کان ۽ قرآن جي مذمت کان) بچي وڃن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪي ماڻهو پرهيزگاريءَ جي واٽ تي هلڻ وارا آهن ته انهن تي اهڙي ماڻهوءَ بابت (فڪر ڪرڻ جي) ڪائي ذميواري ڪانهي! جيڪو ڪجهه انهن جي ذمي آهي اُهو اِهو آهي ته پاڻ نصيحت وٺن ته جيئن (براين کان) بچن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَذَرِ الَّذينَ اتَّخَذوا دينَهُم لَعِبًا وَلَهوًا وَغَرَّتهُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَذَكِّر بِهِ أَن تُبسَلَ نَفسٌ بِما كَسَبَت لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ وَلِىٌّ وَلا شَفيعٌ وَإِن تَعدِل كُلَّ عَدلٍ لا يُؤخَذ مِنها أُولٰئِكَ الَّذينَ أُبسِلوا بِما كَسَبوا لَهُم شَرابٌ مِن حَميمٍ وَعَذابٌ أَليمٌ بِما كانوا يَكفُرونَ (آيت : 70) |
۽ (اي پيغمبر) جن پنھنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻايو آھي ۽ کين دُنيا جي حياتيءَ ٺڳيو آھي تن کي ڇڏي ڏي ۽ قرآن سان نصيحت ڪر متان (قيامت جي ڏينھن) ڪوئي پنھنجي ڪئي جي سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي، الله کانسواءِ ان جو نڪو مددگار ۽ نڪو سفارش ڪندڙ آھي، ۽ جيڪڏھن سڀڪا شيء عوض ڏيندو ته کانئس نه ورتو ويندو، اِھي اُھي آھن جو جيڪي ڪيائون تنھن سببان (ھلاڪت ۾) ڦاسي ويا، اُنھن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي مان پيڻ ۽ ڏکوئيندڙ عذاب انھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل تماشو کڻي بنايو آهي ۽ دنيا جي زندگي کين ٺڳي ڇڏيو آهي، تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي ۽ قرآن مجيد جي وسيلي واعظ نصيحت ڪندو رهه. ائين نه ٿئي جو ڪوئي انسان پنهنجي بدعملي سببان تباهيءَ ۾ ڇڏيو وڃي. (ڇو ته جيڪڏهن بدعملن سببان تباهيءَ ۾ پوندو ته) پوءِ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو سندس مددگار ٿئي،يا سندس سفارش ڪري هن کي بچائي وٺي جيترو به عيوضو ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڏئي ته به ان کان نه ورتو ويندو، (ڇو ته فديو يا عيوضو بدعملي جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي) هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي بدعملين سببان تباهيءَ ۾ وڌا ويا آهن، هنن کي ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ ڪفر ڪرڻ جي سزا ۾ کين دردناڪ عذاب ملندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ پاسو ڪريو انهن ماڻهن کان جن دين پنهنجي کي راند ۽ تماشو ڪري ورتو ۽ مغرور ڪيائين انهن کي حياتي دنيا جي ۽ توهان نصيحت ڪريو قرآن سان، ان لاءِ ته ڪو ماڻهو پنهنجي بداعمالي جي ڪري هلاڪ نه ٿئي، نه هجي انهيءَ لاءِ الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارشي، ۽ جيڪڏهن اهو ماڻهو وڏو فِديو ادا ڪري (تڏهن به) نه ورتو ويندو انهيءَ کان. اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي بداعماليءَ جي ڪري هلاڪ ڪيا ويا، انهن جي پيئڻ لاءِ گرم پاڻي هوندو ۽ عذاب دردناڪ انهيءَ سببان جو (دنيا ۾) اُهي ڪُفر ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل ۽ تماشو بنائي ڇڏيو آهي پڻ دنيا جي حياتي کين ڌوڪي ۾ وڌو آهي اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو ۽ (موقعو ڏسي) قرآن جي ذريعي کين وعظ ۽ نصيحت ڪندا رهو، (ائين نه ٿئي) جو ڪو شخص پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن ڪري مصيبت ۾ وڃي پوي(ڇو ته ان وقت ته) خدا کانسواءِ هن جو نه ڪوئي سرپرست هوندو نه سفارشي.۽ جيڪڏهن اهو (پنهنجي گناهن جي بدلي) ساري جهان جو بدلو به ڏئي ته به ان مان هڪ به نه ورتو ويندو. جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪئي ڪري مصييبت ۾ آهن تن کي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندو ۽ انهن تي دردناڪ عذاب ٿيندو ڇو ته اهي ڪفر ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏ انھن کي جو ورتائون دين پنھنجي کي راند ۽ تماشو ڪري ۽ ڌوڪي ۾ وڌائين انھن کي حياتيءَ دنيا واريءَ ۽ نصيحت ڪر ان (قرآن) سان تانته ھلاڪ نه ڪيو وڃي ڪو نفس ان سان جو ڪيائين ناھي ان جي لاءِ الله کان سواءِ ڪو حمايت ڪندڙ ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ ۽ جيڪڏھن بدلي ۾ ڏيندو ھر بدلو ته نه ورتو ويندو ان کان ھي اھيئي ماڻھو آھن جو ھلاڪ ڪيا ويا سببان ان جي جو ڪيائون انھن جي پيئڻ جي لاءِ گرم پاڻي ۽ عذاب دردناڪ آھي سببان ان جي جو ڪفر ڪيائون ٿي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بنايو آهي ۽ انهن کي دنيا جي حياتي ڌوڪو ڏنو آهي تن کي ڇڏي ڏي. ۽ قرآن سان نصيحت ڪر ته متان ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمائي جي ڪري گرفتار نه ڪيو وڃي (حقيقت ۾ ) ان گرفتار ٿيندڙ جو الله کانسواءِ نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ آهي. ۽ جيڪڏهن (جان آزاد ڪرائڻ لاءِ) سڀ شيون بدلي ۾ ڏيندؤ ته به (اهو بدلو) ان کان قبول نه ڪيو ويندو. اهي اُهي آهن جن کي سندن ڪمائي جي ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن لاءِ پيئڻ جي شيءِ گرم پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي هن ڪري جو اُهي ڪفر پيا ڪن.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏي جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بنايو آهي ۽ دنياوي زندگي انهن کي دوکي ۾ وڌو آهي ۽ تون (قرآن) جي ذريعي نصيحت ڪندو رهه ته متان ڪو نفس پنهنجي ڪيل گناهه سبب (عذاب ۾) پوي. الله کان سواءِ ان جو نه ڪو مددگار هوندو نه سفارشي ۽ جي (پنهنجي گناهن عيوض) هر شيءِ ڏيندو ته ان کان اها نه ورتي ويندي. اِهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڪئي سبب هلاڪت ۾ پيا. انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي جو پيتو آهي ۽ دردناڪ عذاب آهي ان ڪري جو ڪفر ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪر تَرڪ تن تڪرار، جِن سندنِ، ڌرم ڌاريو، راند، راڳ رَباب کي ۽ موهيا ننڍِي ڄَمار، ۽ اُنهن کي، هِن قرآن سان، سَمجھاءِ سَچار!، ته جَھلجي، اُن ۾ جِندڙو، جي ڪيائين ڪم ڪار، نه وَسِيلو، نه واهُرو، اُن جو ڌڻِيءَ ڌار، ۽ بَدلي ۾ سَڀ بارڏي، نه وَٺبسِ پائـِي پار، اُهي، جو ڪيائون، اُن م، ڦاسِي پئا فُجار، پِيَڻِي پاڻِي گرم جي، آهي، تن اوتار، ۽ اَهکو ٻئو آزار، اُجُورو سندنِ اِنڪار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن پنهنجن دين کي کيڏ ۽ تماشو بڻائي رکيو آهي ۽ دنيا جي حياتي کين دوکي ۾ وڌو آهي، تن کي ڇڏي ڏي ۽ ان (قرآن) سان نصيحت ڪندو رهه، ته ڪو به ماڻهو پنهنجي عملن ڪري (ان ڏينهن) مصيبت ۾ نه پوي، جڏهن الله کان سواءِ ڪو مددگار ۽ سفارشي نه هوندو ۽ جيڪڏهن هر ڪا چيز بدلي ۾ ڏيڻ گهرندو ته به قبول نه پوندي. اهي ئي آهن، جي پنهنجي عملن جي مصيبت ۾ پيا. انهن لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب هوندو، جو هو ڪفر ڪندا هئا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇڏ انهن کي جن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو کڻي بڻايو آهي ۽ جن کي دنيا جي زندگيءَ دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ها باقي، هن قرآن جي وسيلي نصيحت ۽ تنبيــھ ڪندو رهه ته جيئن ڪوبه ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن جي وبال ۾ نه وڪوڙجي ۽ وري وڪوڙجي به ائين جو الله کان بچائڻ وارو نه ڪوئي واهرو هجيس ۽ نه ڪو سفارشي ۽ هر شيءِ عيوض ۾ ڏيئي بچي وڃڻ گهري تڏهن به اها قبول نه پويس. ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو ته خود پنهنجي ئي ڪئي ۾ پڪڙيا ويندا. کين سندن حق کان انڪار سبب پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب ملندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏ انهن ماڻهن کي جن بڻائي ڇڏيو آهي پنهنجي دين کي راند ۽ رونشو، ۽ فريب ۾ ڦاسايو آهي کين دنيا جي زندگي، ۽ هن قرآن سان کين تنبيهه ڪندو رهه، ته متان ڪير پنهنجي ڪرتوتن جي وبال ۾ ڦاسجي نه وڃي، ۽ ڦاسجي به اهڙي حال ۾ جو کيس الله کان بچائڻ وارو ڪوبه واهرو نه هجي ۽ نه سفارشي، پر جيڪڏهن هو هر قسم جو عيوضو ڀري ڇٽڻ لاءِ ته قبول نه ڪبو اهو به، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو پنهنجي ئي ڪمائي ۾ پڪڙيا ويندا، کين پنهنجي حق جي انڪار جي بدلي ٽهڪندڙ پاڻي ملندو پيئڻ لاءِ ۽ دردناڪ عذاب سَهڻ لاءِ ملندو سندن ڪفر ڪرڻ لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهڙن ماڻهن کي ڇڏي ڏي جن پنھنجي دين کي کيل ۽ تماشو ٺاهي ڇڏيو آهي، دنيا جي حياتيءَ کين ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، تون انهن کي قرآن جي ذريعي سمجهائيندو رهه ته جيئن ڪو ماڻهو پنھنجي برن عملن جي شامت ۾ ڦاسي نه پوي. قيامت جي ڏينھن الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به انهن جو مددگار ۽ سفارش ڪندڙ نه هوندو ، جيڪڏهن هو جان بچائڻ لاءِ بدلي ۾ سڀ شيون به ڏين ته به اهي شيون قبول نه ڪيون وينديون. هي ماڻهو پنھنجي برن ڪمن جي ڪري ڦاسندا، حق جو انڪار ڪرڻ سبب اهڙن ماڻهن لاءِ پيئڻ لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ تڪليف وارو عذاب هوندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو جن پنهنجي دين کي راند روند بڻائي ڇڏيو آهي ۽ جن کي دنيا جي زندگي دوکي ۾ رکيو آهي ۽ هن (قرآن) جي ذريعي (انهن کي باخبر ڪرڻ لاءِ) نصيحت ڪندا رهو ته جيئن ڪا جان پنهنجي ڪئي جي عيوض هلاڪت جي سپرد نه ڪئي وڃي (پوءِ) ان جي لاءِ الله کانسواءِ نه ڪو مددگار هوندو ۽ نه ڪو سفارش ڪرڻ وارو ۽ جيڪڏهن اها (جان پنهنجي گناهن جو) پورو پورو بدلو (يعني معاوضو) به ڏئي تڏهن (به) کانئس قبول نه ڪيو ويندو. اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ڪئي جي عيوض هلاڪت ۾ وڌا ويا انهن جي پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ۽ دردناڪ عذاب آهي ان ڪري جو اهي ڪفر ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين کي راند ۽ تماشو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ دنيوي زندگيءَ، کين دوکي ۾ ڦاسائي رکيو آهي ته اهڙن ماڻهن کي انهن جي حال تي ڇڏي ڏيو ۽ الله جي ڪلام جي ذريعي نصيحت ڪندا رهو، ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪوئي انسان پنهنجي بدڪرداريءَ جي ڪري تباهيءَ ۾ برباد ٿي وڃي. الله کانسواءِ ڪوئي ڪونهي جيڪو ماڻهوءَ جو واهرو ٿئي يا ان جي پارت ڪري کيس بچائي سگهي. (بدڪردارين جا) جيڪي به عيوضا ممڪن هجن- جيڪڏهن اهي سڀ ڏيڻ چاهي ته به کانئس نه وٺبا (جو بدڪرداريءَ جي سزا کان ڪوبه عيوضو يا فديو بچائي نه ٿو سگهي). اِهي اُهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجين بدڪردارين جي ڪري تباهيءَ ۾ روليا ويا. انهن جي لاءِ ٻڙڪندڙ پاڻي مشروب طور هوندو ۽ حق کان انڪار جي بدلي ۾ سندن لاءِ دردناڪ عذاب هوندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَنَدعوا مِن دونِ اللَّهِ ما لا يَنفَعُنا وَلا يَضُرُّنا وَنُرَدُّ عَلىٰ أَعقابِنا بَعدَ إِذ هَدىٰنَا اللَّهُ كَالَّذِى استَهوَتهُ الشَّيٰطينُ فِى الأَرضِ حَيرانَ لَهُ أَصحٰبٌ يَدعونَهُ إِلَى الهُدَى ائتِنا قُل إِنَّ هُدَى اللَّهِ هُوَ الهُدىٰ وَأُمِرنا لِنُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 71) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ اھڙي کي سڏيون ڇا جيڪو اسان کي نڪي سُک ڏيندو آھي ۽ نڪي ڏُک ڏيندو آھي ۽ اُنھيءَ کان پوءِ جو الله اسان کي ھدايت ڪئي انھيءَ وانگر پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي موٽايا وڃون ڇا جنھن کي شيطانن جھنگ ۾ ڀلائي ڇڏيو ھجي اھو حيران پيو ڦري، سندس ڪيئي دوست ھُجن جي ان کي سڌي رستي ڏانھن پيا سڏين ته اسان ڏانھن اچ ( ۽ اھو اچي ئي نه، اي پيغمبر کين) چؤ ته الله جي ڏسيل واٽ اھائي سڌي واٽ آھي، ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪريون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا اسان خدا کي ڇڏي انهن (ديوتائن يا بتن) کي پڪاريون جي (پاڻ بيوس آهن ۽) نڪي اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا، نڪي نقصان؟ ۽ توڙي خدا اسان کي (حق پرستيءَ جي) سڌي واٽ ڏيکاري آهي تڏهن به (گمراهيءَ جي طرف) پٺئين پير ڦري هليا وڃون؟ ۽ اسان جو مثال انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي پوي جنهن کي شيطان بيابان ۾ واٽ ڀلائي ڇڏي هجي ۽ حيران پريشان ٿي (هيڏي هوڏي ڀٽڪي) رهيو هجي ۽ سندس سنگتي هن کي واٽ جي طرف سڏيندا رهن (۽ چوندا هجن ته ڪاڏي گم ٿي ويو آهين) هيڏي اسان ڏي اچ؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، فقط خدا جي ڏسيل واٽ ئي حق جي واٽ آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀني جهانن جي پروردگار جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى کان سواءِ انهن (بتن) جي عبادت ڪريان جيڪي اسان کي نفعو ۽ نقصان نٿا ڏين ۽ اسين موٽايا وڃون پنهنجن کُڙين تي انهيءَ کان پوءِ جڏهن الله اسان کي هدايت ڏني، مثال انهيءَ ماڻهو جي جنهنکي شيطانن بيابان ۾ گمراه ڪيو انهي حال ۾ حيران آهي، انهيءَ جا رفيق آهن جيڪي انهي کي سنئين رستي ڏانهن سڏي رهيا آهن، ته تون هيڏانهن اچ، توهان فرمايو بيشڪ هدايت فقط اسلام آهي ۽ اسان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اسان رب العالمين سان مخلص ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) انهن کان پڇو ته ڇا، اسين خدا کي ڇڏي انهن (بتن) کي ٻاڏايون جيڪي نه ته اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا ۽ نه اسان کي نقصان ئي رسائي سگهن ٿا. ۽ جڏهن خدا اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ (به) ڦري ڪفر ڏي ان شخص وانگر ٿيون جنهن کي شيطانن (گهاٽي) جهنگ ۾ گمراھ ڪيو هجي ۽ حيران (پريشان هجي ته ڇا ڪري ۽ ڪيڏانهن وڃي) ۽ سندس ڪي ساٿي هجن جيڪي کيس سڌي گس ڏي اچڻ لاءِ سڏيندا رهن ته (هيڏي) اسان ڏي اچ! ۽ (اهو نڀاڳو هڪ به نٿو ٻڌي) تون ٻڌائين ته هدايت ته فقط خدا جي ئي آهي پڻ اسان کي ته اهو حڪم آهي ته اسين ساري جهان جي پالڻهار خدا جا فرمانبردار بندا رهون. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ڇا عبادت ڪيون الله کان سواءِ ان جي جو نه ٿو نفعو ڏئي اسان کي ۽ نه ٿو نقصان ڏئي اسان کي ۽ موٽايا وڃون کڙين پنھنجين تي ان کان پوءِ جو ھدايت ڏني اسان کي الله ان وانگر جو ڀلايو ان کي شيطانن زمين ۾ حيران ٿيندڙ ان جي لاءِ ساٿي آھن جو سڏين ٿا ان کي ھدايت ڏانھن ته اچ اسان ڏانھن فرماءِ ته بيشڪ ھدايت الله جي اھا ئي ھدايت آھي ۽ امر ڪيا وياسون تانته حڪم مڃيون جھانن جي رب جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته ڇا الله کانسواءِ اهڙي شيءِ کي سڏيون جا نه اسان کي فائدو پهچائي ٿي ۽ نه اسان کي نقصان پهچائي ٿي ۽ هن کانپوءِ به جو الله اسان کي رستو ڏيکاريو اسين پنهنجين کڙين ڀر ڦري وڃون ان شخص وانگر جنهن کي حيرانيءَ جي حالت ۾ شيطانن زمين ۾ گمراهه ڪري ڇڏيو هجي، ان جا دوست ان کي رستي ڏي سڏين ٿا ته تون اسان ڏي اچ. چئو ته الله جي رهنمائي ئي (حقيقي) رهنمائي آهي ۽ اسان کي حڪم ڪيو ويو آهي ته جهانن جي پاليندڙ جي فرمانبرداري ڪريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته ڇا الله کان سواءِ اهڙين شين جي عبادت ڪيون جيڪي نه اسان کي نفعو ڏئي سگهن ۽ نه نقصان ڏئي سگهن؟۽ اسان پنهنجي کُڙين تي الٽي پير ڦرون! ان کان پوءِ جو الله اسان کي هدايت ڏني، ان ماڻهو وانگر جنهن کي زمين ۾ شيطانن واٽ ڀُلائي حيران ڪري ڇڏيو هجي جنهن جا ساٿي ان کي سڌي واٽ ڏانهن سڏن ٿا ته اسان ڏي اچ. چؤ ته بيشڪ الله جي هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي. ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ جهانن جي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اسين ڇا، سَڏيون اُنهن کي، ڌاران ڌڻيءَ دَيان؟ جي نَڪو نفعو ڏِينيون ۽ نه ڏِينينون، ڪو نقصان، کِسڪُون پَنهنجِي کُڙين تي، پانهُون پريشان، جنهن پُڃاڻان پارسَئون، سَهايو سون سُبحان، اُن جيئن، ته شيطانن سُڃ ۾، هَڻِي ڪيسِ حيران، هُونسِ ساٿِي، سَڏ ڪنِس، گس ڏي، بي گمان، ته اورٖي آءُ اسان ڏي؛ ۽ چئو چِٽو سان زبان، حق هدايت آھِ سا، جا هدايت حَنان، ۽ مليو اسان کي مورهين، اي فائـِق جو فرمان، جو صاحب سڀ جھان؛ جُھڪون، تِنهن جَبار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڇا، اسين الله کانسواءِ انهن کي سڏيون، جي اسان کي نه نفعو ڏين ٿا ۽ نه نقصان؟ ۽ الله جي رستي ڏيکارڻ کان پوءِ اسين پوئين پير موٽي وڃون؟ جيئن جهنگ ۾ ڪنهن کي شيطان ڀلائي ڇڏيو هجي، هو حيران هجي ۽ ڪي ان جا سنگتي کيس رستي ڏانهن سڏي رهيا هجن، ته اسان ڏانهن اچ! چئو ته الله جو رستو ئي سڌو رستو آهي ۽ اسان کي ته جهانن جي رب جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڏنل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پڇين ته ڇا اسان الله جي بدران انهن کي سڏيون، جيڪي اسانکي نڪي نفعو رسائي سگهن ٿا ۽ نه نقصان؟ ۽ جڏهن جو الله اسان کي سنئين دڳ لائي چڪو آهي، ته ڇا هاڻي وري اسان پوئين پيرين ڦري وڃون؟ ڇا اسان پنهنجي حالت انهيءَ ماڻهوءَ وانگر ڪري ڇڏيون، جنهن کي شيطانن رڻ پٽ ۾ ڀٽڪائي ڇڏيو هجي ۽ هو وائـڙو ٿيو پيو ڦرندو هجي، هوڏانهن سندس ساٿي کيس سڏيندا هجن ته هيڏي اسان ڏي اچ، هيءُ سڌو دڳ اٿئي. چؤ ته حقيقت ۾ الله واري هدايت ئي ته صحيح هدايت آهي ۽ اسانکي کانئس حڪم مليو آهي ته ڪائنات جي مالڪ آڏو اطاعت ۾ ڪنڌ جهڪايون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کان پڇ، ڇا اسين انهن کي سڏيون الله کان سواءِ جيڪي نه نفعو ڏئي سگهن اسان کي ۽ نه وري نقصان ڏين، جڏهن ته لاتو آهي سنئين دڳ الله، (ڇا ان کان پوءِ به ڦري وڃون) پنهنجو حال ان شخص جهڙو ڪريون، جنهن کي شيطانن برپٽ ۾ حيران ڀٽڪائي ڇڏيو هجي، جڏهن ته سندس ساٿي کيس سڌي رستي ڏي سڏي رهيا هجن ته هيڏانهن اچ، چؤ (اي نبي!) صحيح رهنمائي ته فقط الله جي ئي رهنمائي آهي، ۽ اسان کي سندس حڪم آهي ته ڪائنات جي رب آڏو اطاعت جو ڪنڌ نوايو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته ڇا اسان الله تعالى کان سواءِ انهن کي پڪاريون جيڪي اسان کي ڪنھن به قسم جو نفعو ۽ نقصان نٿا پھچائي سگهن ۽ ڇا اسان الله تعالى جي طرفان ڏنل هدايت تي اچڻ کان پوءِ الٽا ڦري وڃون؟ اهو ته ان شخص وانگر ٿيندو جنھن کي شيطان برپٽ زمين ۾ رلائي ڇڏيو هجي ۽ هو (ويچارو) حيران ۽ پريشان ڦرندو وتي (وري) شيطان جا ساٿي ان شخص کي سڏيندا ته اسان ڏي اچ، اسان کي صحيح رستو معلوم آهي. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته الله تعالى جي هدايت ئي اصل ۾ صحيح هدايت آهي ۽ اسان کي صرف جھانن جي پالڻھار جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو، ڇا اسان الله کانسواءِ اهڙي شيءِ جي عبادت ڪريون جيڪا اسان کي نه (ته) نفعو ڏيئي سگهي ۽ نه (ئي) اسان کي نقصان ڏئي سگهي ۽ ان کانپوءِ جو الله اسان کي هدايت ڏني اسان ان شخص وانگر پنهنجي پوئين پيرين موٽي وڃون جنهن کي شيطانن زمين ۾ رستو ڀلائي بيوس ۽ وائڙو ڪري ڇڏيو هجي سندس ساٿي کيس سڌي واٽ ڏانهن سڏي رهيا هجن ته اسان ڏي اچ (پر ان کي ڪجهه سُجهندو نه هجي). فرمايو ته الله جي هدايت ئي (حقيقي) هدايت آهي، ۽ (ان ڪري ئي) اسان کي (اِهو) حڪم ڏنو ويو آهي ته اسان تمام جهانن جي پالڻهار جي تابعداري ڪريون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ( اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته: ڇا توهين چاهيو ٿا ته اسين خدا کي ڇڏي انهن معبودن کي پڪاريُون جيڪي (عين اسان وانگر بي وس ۽ عاجز مخلوق آهن؟) جيڪي اسان کي نه ڪي ڪو فائدو پهچائي سگهن ٿا نه ڪي نقصان ۽ جڏهن ته خدا اسان کي (خدا پرستيءَ جي) سنئين واٽ ڏيکاري چڪو آهي، پر اسين (گمراهيءَ ڏانهن) پوئين پير ڦري وڃئون ته اسان جو حشر ان ماڻهوءَ وانگر ٿيندو جنهن کي شيطانن بيابان ۾ ڀٽڪائي ڇڏيو هجي- حيران پريشان ٿيو رلندو وتي ! ۽ سندس ساٿي کيس سڌي دڳ ڏانهن سڏي رهيا هجن ته: ڪاٿي کوهجي وئين؟- هيڏانهن اچ! هيڏانهن! (اي پيغمبر!) چئي ڇڏ : خدا جي هدايت ته اهائي ‘اَلهُدَى’ آهي (يعني هدايت جي حقيقي واٽ جيڪا هميشه کان موجود آهي) ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته جهان جي پالڻهار جي حضور ۾ فرمانبرداريءَ جو ڪنڌ نمايون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَن أَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَاتَّقوهُ وَهُوَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 72) |
۽ (ھيءُ به حڪم ڏنو ويو آھي) ته نماز پڙھو ۽ کانئس ڊڄو، ۽ اُھو (الله) آھي جنھن ڏانھن اُٿاريا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اسان کي هي پڻ حڪم ڏنو ويو آهي ته نماز قائم ڪيو ۽ (هر حال ۾) خدا (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ آخر انهيءَ ئي جي طرف توهان کي جمع ڪري موٽايو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان کي حڪم آهي ته نماز پنج وقت پڙهون ۽ الله کان خوف ڪريون، ۽ الله تعالى اهو آهي جو انهي ڏانهن سڀئي گڏ ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي (به حڪم مليل آهي) ته پابنديءَ سان نماز پڙهندا ڪيو ۽ ان کان ئي ڊڄندا رهو ۽ هو، اهو (خدا) آهي جنهن جي حضور ۾ اوهان سڀئي حاضر ڪيا ويندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ھيءُ ته قائم ڪيو نماز ۽ ڊڄو ان کان ۽ اھوئي آھي جنھن ڏانھن اٿاريا ويندؤ.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هي (حڪم به) ته نماز قائم ڪريو ۽ ان کان ڊڄو. ۽ هو اهو آهي جنهن جي اڳيان اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي (فرمان به آهي) ته نماز قائم رکو ۽ ان کان ڊڄندا رهو ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن ڏانهن توهان گڏ ڪيا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نماز پڙهو، ۽ اُن کان ڊِڄو، سوئـِي صحِي سرڪار، ۽ ڪري ڪُل قطار، جنهن ڏي مِڙئـِي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هيءُ (به) ته نماز کي قائم رکو، ان کان ڊڄندا رهو ۽ اهوئي آهي، جنهن ڏي ڪٺا ڪيا ويندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اهو به حڪم آهي ته) نماز قائم ڪريو ۽ سندس بي فرمانيءَ کان بچو ۽ ڏانهس ئي توهان سڀئي ميڙي گڏ ڪيا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نماز قائم ڪريو ۽ سندس نافرمانيءَ کان بچو، ان ڏانهن ئي سڀئي گڏ ڪيا ويندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کي نماز قائم ڪرڻ ۽ ان جي نافرماني ڪرڻ کان بچڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان جي طرف ئي توهان سڀ گڏ ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهو (به حڪم ٿيو آهي) ته توهان نماز قائم رکو ۽ ان کان ڊڄندا رهو ۽ اهوئي الله آهي جنهن ڏي توهان (سڀئي) گڏ ڪيا ويندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پڻ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته نماز قائم ڪريون ۽ (هر حال ۾) خدا (جي نافرمانين جي نتيجن) کان ڊڄندا رهون ۽ وٽس توهين سڀ ڪٺا ڪيا ويندؤ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَيَومَ يَقولُ كُن فَيَكونُ قَولُهُ الحَقُّ وَلَهُ المُلكُ يَومَ يُنفَخُ فِى الصّورِ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ وَهُوَ الحَكيمُ الخَبيرُ (آيت : 73) |
۽ اُھو ئي آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايو آھي، ۽ جنھن ڏينھن (قيامت لاءِ) چوندو ته ٿيءُ ته ٿي پوندي. سندس ڳالھ سچي آھي، ۽ جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (تنھن ڏينھن) رڳو اُن جي بادشاھي آھي، ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، ۽ اُھو حِڪمت وارو خبردار آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي علم ۽ حقيقت سان پيدا ڪيو (يعني مصلحت ۽ حڪمت سان بنايو) ۽ (سندس قدرت ته ڏسو جو) جنهن ڏينهن هو چئي ڏيئي ته ٿي پؤ ته (سندس مرضي موجب) ائين ئي ٿي پوي ٿو. سندس قول حق آهي (يعني علم، حقيقت ۽ حڪمت وارو آهي) ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي (۽ قيامت جو اعلان ٿيندو) تنهن ڏينهن (ڪُليءَ طرح) سندس ئي بادشاهي هوندي (يعني انهيءَ ڏينهن انسان يا شيطان ڪجهه به ڪري نه سگهندو) هو ئي ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻندڙ آهي ۽ هوئي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي حق سان ۽ قيامت جي ڏينهن الله حڪم ڪندو ٿيءُ ته فوراً ٿي پوندو، الله تعالى جو حڪم سچو آهي، ۽ سمورو مُلڪ الله جو آهي انهيءَ ڏينهن صُور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي، الله هر غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ آهي ۽ الله حڪمت وارو خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو (خدا) آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو ۽ جنهن (به) ڏينهن (ڪنهن شيءَ کي) چئي ٿو ته ٿيءُ ته (يڪدم) ٿئي ٿي سندس قول سچو آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪيو ويندو (ان ڏينهن) خاص سندس ئي حڪومت هوندي. (اهو ئي) غائب ۽ حاضر (سڀ) جي ڄاڻڻ وارو آهي. اهو ئي دانا واقفڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اھو ئي (الله) آھي جنھن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين تدبير سان ۽ جنھن ڏينھن چوندو ٿي پؤ ته پوءِ ٿي پوندو، فرمان ان جو سچو آھي ۽ ان جي ئي بادشاھي آھي جنھن ڏينھن ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ ڄاڻندڙ آھي ڳجھه ۽ ظاھر جو ۽ اھو ئي حڪمت وارو، خبردار آھي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. ۽ جنهن (به) ڏينهن چوندو ته ٿيءُ ته اها (پاڻهين) ٿي پوندي. سندس ڳالهه سچي آهي. ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو تنهن ڏينهن بادشاهي سندس ئي آهي (اهو) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو خبردار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو ۽ جنهن ڏينهن چوندو ٿي پؤ ته پوءِ (قيامت) ٿي پوندي. سندس فرمان حق آهي ۽ سندس بادشاهي هوندي جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي. اهو ڳُجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻڻ وارو آهي ۽ اُهو حڪمت وارو خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو، سو، جنهن اُڀ جوڙيا، پڻ ڀُويون بيگمان، ثابت، سڀ اکين اڳيان ۽ جڏهن چوي جَل شان، “ٿِي” ته پوءِ ٿِي پوي، سَچو سندسِ فرمان، ۽ هوندو، اُنهيءَ هيڪ جو، جُملي جڳ جھان، جنهن ڏينهن ڏنڊ ۾، ڦوڪبو؛ پَڌرو ۽ پِنهان، سَمجھندڙ سبحان ۽ اُهو واقف ڪار، ويڄ وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهوئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ٺيڪ طرح پيدا ڪيو ۽ ان ڏينهن حڪم فرمائيندو ته ٿي پئو ته (اها) ٿي پوندي. سندس فرمان حق آهي. جڏن صور ڦوڪي ويندي ان ڏينهن سندس ئي بادشاهي هوندي، هو ڳجهه ۽ ظاهر (سڀ) جو ڄاڻندڙ آهي ۽ اهوئي داناءُ ۽ خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي برحق خلقيو آهي ۽ جنهن ڏينهن هو چوندو ته قيامت قائم ٿئي ته ٺهه پهه ٿي ويندي. سندس فرمان بلڪل حق آهي ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪي ويندي، ان ڏينهن بادشاهي سندس ئي هوندي، هو ڳجهه توڙي ظاهر سڀ جو ڄاڻندڙ آهي ۽ داناءُ ۽ باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي اهو آهي جنهن خلقيو آهي آسمانن ۽ زمين کي برحق، ۽ جنهن ڏينهن هو چوندو ته (قيامت) ٿئي ته اها ٿي پوندي، سندس قول بلڪل حق آهي، ۽ بادشاهي ان ڏينهن سندس هوندي جنهن ڏينهن صور ڦوڪي ويندي، هو ڳجهه ۽ ظاهر هر شيءِ جو ڄاڻندڙ آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو ئي (الله) آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي ۽ جنھن ڏينھن (جنھن شيءِ کي به) چوندو ته “ٿي” ته اها شيءِ “ٿي پوندي” ان جي ڳالهه بلڪل سچي آهي. جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي (ان ڏينھن به) ان جي بادشاهي هوندي. لڪيل ۽ ظاهر هر شيءِ جو چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ اهو ئي آهي ۽ هو وڏو حڪمت وارو ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهوئي (الله) آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي حق (تي ٻڌل حڪمت) سان پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن ڏينهن اهو فرمائيندو ٿي پؤ ته اهو (محشر جو ڏينهن برپا) ٿي ويندو. ان جو فرمان حق آهي، ۽ ان ڏينهن ان جي ئي بادشاهي هوندي جڏهن (اسرافيل جي ذريعي) صور ۾ ڦوڪيو ويندو، (اهوئي) هر ڳجهي ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ آهي، ۽ اهوئي وڏو حڪمت وارو خبردار آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ الله ئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي علم ۽ حقيقت تحت پيدا ڪيو (يعني دنيا کي مصلحت ۽ حڪمت سان جوڙيائين) ۽ (ان جي قدرت جو اِهو ڪمال آهي ته) جنهن ڏينهن هو چوي : ‘ٿي پئه’ ته (جيڪو ڪجهه هو چاهي) اهوئي ٿي پوي. الله جو فرمان حق آهي (يعني هو جيڪو حڪم ڏيندو آهي علم ۽ حقيقت تحت ڏيندو آهي) ۽ جنهن ڏينهن صور ڦوڪي ويندي (۽ قيامت برپا ٿيڻ جو اعلان ٿيندو) ته ان ڏينهن (به) بادشاهي ان جي ئي هوندي. هو غائب ۽ حاضر جو (يعني جيڪو ڪجهه توهان جي لاءِ محسوس آهي ۽ جيڪو ڪجهه غير محسوس آهي سڀ جو) ڄاڻڻهار آهي ۽ هو حڪمت ڀريو ۽ خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ ءازَرَ أَتَتَّخِذُ أَصنامًا ءالِهَةً إِنّى أَرىٰكَ وَقَومَكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 74) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته بُتن کي خدا ڪري ڇوٿا وٺو؟ بيشڪ آءٌ توکي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراھيءَ ۾ ڏسان ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) حضرت ابراهيم پنهنجي پيءِ آزر کي چيو ته ڇا توهان (پٿر جي) بتن کي معبود ڪري ٿا مڃو؟ مان يقين سان سمجهان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم کليل ۽ چٽي گمراهي ۾ مبتلا آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن ابراهيم پنهنجي چاچي آزر کي چيو ڇا آئون بتن کي معبود ڪري وٺان، بيشڪ آئون ڏسان ٿو توکي ۽ قوم تنهنجي کي صاف گمراهي ۾،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!)تنهن وقت کي ياد ڪر!) جڏهن ابراهيم پنهنجي (پالنا ڪندڙ) پيءُ آزر کي چيو ته بتن کي خدا ڪري. مڃين ٿو؟ آءُ تو کي ۽ تنهنجي قوم کي کليل گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏھن چيو ابراھيم پنھجي پيءُ آذر کي ڇا بنائين ٿو بتن کي معبود بيشڪ مان ڏسان ٿو توکي ۽ قوم تنھنجيءَ کي گمراھيءَ کليل ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ڇا تون بتن کي خدا ڪري مڃين ٿو. بيشڪ آءُ توکي ۽ تنهنجيءَ قوم کي ظاهر گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته: ”ڇا تون بتن کي معبود بنائين ٿو؟ بيشڪ آءٌ تو کي ۽ تنهنجي قوم کي کُلي گمراهي ۾ ڏسان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آزر، بابسِ کي اُتو، جڏهن ابراهيم اَتور، ڇا داتا، ڪَرتا ڌاريِين، بُتخاناڀِتر ڀور؟ تون ۽ تُنهنجِي قوم ڪَٺور، پَسان پَڌرِي مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ”اوهين بتن کي ڌڻي ڇو ٿا بڻايو؟ آءٌ ڏسان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم پڌريءَ گمراهي ۾ آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم جو واقعو ياد ڪر، جڏهن ان پنهنجي پيءُ آزر کي چيو هو ته "ڇا تون بــُـتن کي ٿو معبود بڻائين؟ مان ته توکي ۽ تنهنجي قوم کي پڌري گمراهيءَ ۾ پيل ٿو ڏسان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو هو ابراهيم پنهنجي پيءُ آذر کي، ڇا بتن کي ٿو خدا بڻائين، آئون ته توکي ۽ تنهنجي قوم کي پڌري گمراهي ۾ پيل ڏسان ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان ابراهيم(ؑ) جو واقعو ٻڌو! جڏهن هن پنھنجي پيءُ آزر کي چيو ته “ڇا تون بتن کي معبود ٿو مڃين؟” مان ته تو کي ۽ تنھنجي قوم کي پڌري گمراهيءَ ۾ ڏسان ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن ابراهيم (عليه السلام) پنهنجي پيءُ آزر (جيڪو حقيقت ۾ چاچو هو عرب جي محاوري ۾ ان کي پيءُ چيو ويو آهي) کي چيو: ڇا تون بتن کي معبود ٿو بڻائين؟ بيشڪ آئون توکي ۽ تنهنجي قوم کي پڌري گمراهي ۾ (مبتلا) ڏسان ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو هيو : ڇا تون (پٿر جي) بُتن کي معبود ٿومڃين؟ منهنجي حساب سان ته تون ۽ تنهنجي قوم نسوري گمراهيءَ ۾ ڦاٿل آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَذٰلِكَ نُرى إِبرٰهيمَ مَلَكوتَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَلِيَكونَ مِنَ الموقِنينَ (آيت : 75) |
۽ اھڙي طرح ابراھيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ڏيکاري سون ٿي (ھِن لاءِ) ته (اُھو) يقين ڪندڙن مان ٿيئي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاري ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته هو يقين رکڻ وارن مان ٿي پوي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ڏيکاري ابراهيم کي پنهنجي قدرت ۽ حڪمت آسمانن ۽ زمينن ۾ ۽ انهي لاءِ ته پڪو يقين ڪندڙن مان ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جهڙي طرح اسان ابرهيم کي ڏيکاريو هو ته “بت” پوڄا جي لائق نه آهن) تهڙي طرح اسان ابراهيم کي سڀئي آسمانن ۽ زمين جي سلطنت جو انتظام ڏيکاريو ته جيئن اهو (اسان جي وحدانيت جي) يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اھڙي نموني ڏيکاريوسون ابراھيم کي ملڪوت آسمانن ۽ زمين جا ۽ تانته ھجي يقين ڪندڙن مان.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکاري هن لاءِ ته يقين ڪندڙن مان ٿئي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ڏيکاري ۽ هن لاءِ ته اهو (اکين ڏٺي) يقين ڪندڙن مان ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسين اِبراهيم، اُنهي ڏانء ڏيکاريون، اُڀ، ڀُون مُلڪ عَظِيم، تان ٿِئي پاڪ، پَڪن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙي طرح ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ڏيکاري سون ته هو يقين ڪندڙن مان ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن ۽ زمين جي هلائي چلائيءَ وارو نظام پئي ڏيکاريو ته جيئن پوريءَ طرح يقين ڪندڙن مان ٿي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ڏيکاريندا هئاسين ابراهيم کي بادشاهي وارو نظام آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ انهيءَ لاءِ بڻجي هو يقين ڪرڻ وارن مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم (ؑ) کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاريا ته جيئن هو پختو يقين رکڻ وارن مان ٿئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهڙي ريت اسان ابراهيم (عليه السلام) کي آسمانن ۽ زمين جون سموريون بادشاهيون (يعني عجيب خلقتون) ڏيکاريون ۽ (اهو) ان ڪري ته اهو عين اليقين وارن مان ٿي وڃي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسين ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهيءَ جا جلوا ڏيکاريا، ته جيئن هو يقين ڪندڙن منجهان هجي.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا جَنَّ عَلَيهِ الَّيلُ رَءا كَوكَبًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لا أُحِبُّ الءافِلينَ (آيت : 76) |
پوءِ جنھن مھل رات مٿس اونداھي ڪئي (ته آسمان ۾) ھڪ تارو ڏٺائين، چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته لھندڙن کي پيارو نه ٿو رکان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هن تي رات جي اونداهي اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو تارو (زهرو آسمان ۾ چمڪندو) ڏٺو. هن چيو ته، هي منهنجو پروردگار آهي، (جنهن جي بندگي سڀ ماڻهو ڪن ٿا) پر جڏهن اهو تارو لهي ويو تڏهن چيائين ته مان انهن شين کي پسند نٿو ڪريان جي گم ٿي ٿيون وڃن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن رات جي اونداهي کيس ڍڪيو ڏٺائين تاري کي، چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن تارو غائب ٿيو، ابراهيم چيو آئون غائب ٿيندڙن سان محبت نٿو رکان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن مٿس رات جي اونداهي ڇائجي ويئي ته هڪ ستارو ڏسي يڪدم چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي؟ پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين آءُ لهندڙن کي (خدا بنائڻ) پسند نٿو ڪريان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏھن ڇائنجي وئي ان تي رات ته ڏٺائين تاري کي چيائين ته (ڇا) ھي رب منھنجو آهي؟ پوءِ جڏھن لھي ويو ته چيائين نه ٿو محبت رکان مان لھي ويندڙن سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن رات مٿس اونداهي ڪئي ته هڪ تارو ڏٺائين. ابراهيم چيو ته هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ جڏهن اهو (تارو) لهي ويو ته چيائين ته آءُ لهندڙن کي پسند نه ٿو ڪريان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن مٿس رات انڌيرو ڪيو ته هڪ تارو ڏٺائين. چيائين ”(ڇا) هي منهنجو پالڻهار آهي“. پوءِ جڏهن لهي ويو ته چيائين: ”آءُ لهي وڃڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ڪارِيءَ رات، ڪيو اُن تي اَنڌارو، اُوڀريو ڏِٺائين اُڀ ۾، سانجِھيء جو تارو، چي، مَتان آهي مُنهنجو، هِي سائين سُنهارو، پوءِ جڏهن لَٿو، ته چوڻ لڳو مُرسل موچارو، آئون، ته لَئون لائـِڻ وارو، لحظي، نه لَهندڙن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن مٿس رات ڇانئجي ويئي ۽ هن تاري کي ڏٺو چيائين ته ”هي منهنجو رب آهي!“ جڏهن اهو لهي ويو، تڏهن چيائين ته ”مون کي لهي ويندڙ پسند نه آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو جڏهن مٿس رات ڇانئجي وئي ته هن هڪ تارو ڏٺو. چيائين اهو منهنجو رب آهي، پر جڏهن اهو لهي ويو ته چيائين ته لهندڙن سان ته منهنجي پوي ئي ڪانه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن رات مٿس ڇانئجي وئي ته هن هڪ تارو ڏٺو، چيائين هي منهنجو رب آهي، پوءِ جڏهن لهي ويو ته چيائين، لهي ويندڙن سان ته منهنجي پوي ئي ڪانه.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن مٿس رات جي اونداهي ٿي ويئي ته هن هڪ (وڏو چمڪدار) ستارو ڏٺو، ان کي ڏسي چيائين ته “اهو ئي منھنجو رب آهي، ” پوءِ جڏهن اهو ستارو لھي ويو ته هن چيو ته “مان گم ٿيندڙن کي پسند نٿو ڪريان.” (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن ان تي رات اونداهي ڪئي ته ان (هڪ) تارو ڏٺو (ته) چيائين: (ڇا توهان جي خيال ۾) هي منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن اهو لهي ويو ته (پنهنجي قوم کي ٻڌائيندي) چيائين: آئون لهي ويندڙن کي پسند نٿو ڪريان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري جڏهن ابراهيم تي رات جو انڌيرو ڇانئجي چڪو ته هن (آسمان ۾) هڪ ستارو چمڪندي ڏٺو. ابراهيم چيو : اِهو منهنجو پالڻهار آهي (جوسڀ ماڻهو ان جي پوڄا ڪندا آهن) پر جڏهن ستارو گم ٿي ويو ته چيائين: “نه!” مان انهن کي پسند نه ٿو ڪريان- جيڪي ٻڏي ويندڙ آهن، (يعني اڀرندا ۽ لهندا رهن ٿا) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا رَءَا القَمَرَ بازِغًا قالَ هٰذا رَبّى فَلَمّا أَفَلَ قالَ لَئِن لَم يَهدِنى رَبّى لَأَكونَنَّ مِنَ القَومِ الضّالّينَ (آيت : 77) |
پوءِ جنھن مھل چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين ته جيڪڏھن منھنجو پالڻھار مون کي ھدايت نه ڪندو ته آءٌ ضرور گمراہ قوم مان ٿيندس.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن چنڊ چمڪندو اڀريو تڏهن ابراهيم چيو ته هي منهنجي پروردگار آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته جيڪڏهن منهنجي پروردگار مون کي واٽ نه ڏيکاري هجي ها ته مان ضرور انهيءَ قوم منجهان ٿيان ها جي سڌي واٽ ڀلجي پري نڪري ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن چنڊ کي اڀرندڙ ڏٺائين چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن چنڊ غائب ٿيو، چيائين جيڪڏهن منهنجي رب مون کي هدايت نه ڏني ته ضرور آئون گمراه قوم مان ٿيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) اهو ئي منهنجو خدا آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين جيڪڏهن منهنجو پالڻهار منهنجي هدايت نه ڪري ها ته آءُ ضرور گمراھ ماڻهن مان ٿيان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏھن ڏٺائين چنڊ کي چمڪندڙ ته چيائين (ڇا) ھي رب منھنجو آهي؟ پوءِ جڏھن لھي ويو ته چيائين البته جيڪڏھن نه ھدايت ڪندو مون کي رب منھنجو ته البته ٿي پوندس مان قوم گمراھن جي مان.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن چنڊ کي چڙهندو ڏٺائين ته چيائين هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين ته جيڪڏهن مون کي منهنجو پاليندڙ رستو نه ڏيکاريندو ته ضرور آءُ گمراهه قوم مان ٿيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ”(ڇا) هي منهنجو پالڻهار آهي“. پوءِ جڏهن لهي ويو ته (قوم کي) چيائين: ”جيڪڏهن منهنجو پالڻهار مون کي هدايت نه ڏئي ها ته آءُ به ضرور گمراهن جي قوم مان ٿي پوان هان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ڏِٺائين چنڊ کي، اُڀريو اکين ساڻ، چي، مالڪ مُنهنجو هِي متان، پوءِ جڏهن هيٺ لَٿو هاڻ، چي، سَنئين نه سُهائيندمِ جيڪڏهن، سانيمِ، سُرت سڄاڻ، ته پَڪ ٿيندسِ پاڻ، مُوڙهلن جي، ميڙ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين چيائين ته ”هي منهنجو رب آهي.“ جڏهن اهو لٿو ته چيائين ”جيڪڏهن منهنجو رب مون کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو ته آءٌ ڀٽڪندڙ ماڻهن مان ٿي پوندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چيائين ته منهنجو رب اهو آهي. پر جڏهن اهو لهي ويو ته چيائين ته جيڪڏهن منهنجي رب منهنجي رهنمائي نه ڪئي هجي ها ته مان به گمراهن مان ٿي وڃان ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وري جڏهن چنڊ کي چمڪندو ڏٺائين ته چيائين، اهو آهي منهنجو رب، پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين، جيڪڏهن منهنجي رهنمائي منهنجي رب نه ڪئي هجي ها ته آئون گمراهه ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃان ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن چنڊ کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ته “اهو ئي منھنجو رب آهي،” پوءِ جڏهن اهو چنڊ به لھي ويو ته “چيائين ته جيڪڏهن منھنجو رب مون کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو ته مان ضرور گمراهه ماڻهن مان ٿي ويندس.” (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن چنڊ کي چمڪندي ڏٺائين (ته) چيائين: (ڇا توهان جي خيال ۾) هي منهنجو رب آهي؟ پوءِ جڏهن اهو (به) غائب ٿي ويو ته (پنهنجي قوم کي ٻڌائيندي) چيائين: جيڪڏهن منهنجو رب مون کي هدايت نه فرمائي ها ته آئون به ضرور (توهان وانگر) گمراهن جي قوم مان ٿي وڃان ها.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري جڏهن چنڊ چمڪندي اڀري آيو ته ابراهيم چيو : اهو منهنجو پالڻهار آهي پر جڏهن اهو به گم ٿي چڪو ته چيائين : جيڪڏهن منهنجي پالڻهار، مون کي سنئين واٽ نه ڏيکاري ته ضرور آئون ڀٽڪي ويندڙن مان ٿي پوندس. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا رَءَا الشَّمسَ بازِغَةً قالَ هٰذا رَبّى هٰذا أَكبَرُ فَلَمّا أَفَلَت قالَ يٰقَومِ إِنّى بَريءٌ مِمّا تُشرِكونَ (آيت : 78) |
پوءِ جنھن مھل سج کي چمڪندڙ ڏٺائين (ته) چيائين ھي منھنجو پالڻھار آھي (جو) ھي وڏو آھي، پوءِ جنھن مھل لٿو (ته) چيائين اي منھنجي قوم جن کي اوھين خُدا سان شريڪ بڻائيندا آھيو تن کان آءٌ بيزار آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (حضرت ابراهيم) سج اڀرندو ڏٺو تڏهن چيائين ته هي منهنجو پروردگار آهي، هي سڀني کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته اي منهنجي قوم! توهان جن کي خدا سان شريڪ ٺهرايو ٿا تن کان مان بيزار آهيان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن جو سج کي اڀرندڙ ڏٺائين چيائين هيءُ منهنجو رب آهي؟ هيءُ ته تمام وڏو آهي، پوءِ جڏهن سج لهي ويو چيائين اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان جن معبودن کان بيزار آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري جڏهن سج کي روشن ٿيل ڏٺائين ته چوڻ لڳو (ڇا) خدا آهي؟ هي ته سڀني کان وڏو (به) آهي. وري جڏهن اهو به لهي ويو ته چوڻ لڳو اي منهنجي قوم! جن جن کي اوهين ماڻهو (خدا جو) شريڪ بنايو انهن کان آءُ بيزار آهيان. اهي ڪڏهين به خدا ٿي نٿا سگهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏھن ڏٺائين سج کي چمڪندڙ ته چيائين (ڇا) ھيءُ رب منھنجو آھي؟ ھيءُ وڏو آھي پوءِ جڏھن لھي ويو ته چيائين اي قوم منھنجي! بيشڪ مان بيزار آھيان انھن کان جو شريڪ بنايو ٿا (الله سان).(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن سج کي چڙهندو ڏٺائين ته چيائين ته هيءَ منهنجو پاليندڙ آهي. هيءَ سڀني کان وڏو آهي. پوءِ جڏهن اهو به لهي ويو ته چيائين ته اي منهنجي قوم! جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن سج کي (آب تاب سان) چمڪندي ڏٺائين، چيائين: ”(ڇا) هي منهنجو پروردگار آهي هي وڏو آهي“. پوءِ جڏهن لهي ويو ته چيائين: ”اي منهنجي قوم! آءُ انهن کان بيزار آهيان جن کي اوهان (الله جو) شريڪ بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جڏهن سُوٺائين، سِج کي، اُڀرندڙ اظهار، چي، مُنهنجو مالڪ هِي مَتان، هِي ٻَـهون وڏو ٻِيهار، پوءِ جڏهن لٿو،ته لَلڪاريئـِين، ته اي ناٿ! سندمِ نيڪار، جن ڀانيو ڀائيوار، آئون بِلڪل ڀَڳل اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري جڏهن سج کي روشن ڏٺائين، چيائين ”هي منهنجو رب آهي، هي وڏو آهي“ جڏهن اهو (به) لٿو ته چيائين ”اي منهنجي قوم! اوهين جن کي (خدا جو) شريڪ بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان بيزار آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري جڏهن سج کي روشن ڏٺائين ته چيائين ته اهو آهي منهنجو رب! اهو ته سڀني کان وڏو آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو ته ابراهيم دانهن ڪري چيو: "اي منهنجي قوم! مان انهن سڀني کان بيزار آهيان، جن کي توهان الله سان شريڪ ٿا بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري جڏهن سج کي روشن ڏٺائين ته چيائين، هي ئي منهنجو رب آهي، هي سڀ کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به لهي ويو ته (واڪو ڪري) چيو، اي قومي ڀائرو! آءٌ انهن سڀني کان بيزار آهيان جن کي توهان (خدا جو) شريڪ بڻايو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري جڏهن (صبح جو) سج کي چمڪندڙ ڏٺائين ته چيائين ته “(بس!) اهو ئي منھنجو رب آهي، اهو ئي سڀني کان وڏو آهي، ”پوءِ جڏهن (شام جو) سج به لھي ويو ته هن (وڏي واڪي) چيو ته “اي منھنجي قوم! توهان جنھن جي پوڄا ڪريو ٿا (اڄ) مان انهن سڀني کان بيزاريءَ جو اعلان ڪريان ٿو.” (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن سج کي چمڪندي ڏٺائين (ته) چيائين: (ڇا هاڻي توهان جي خيال ۾) هي منهنجو رب آهي (ڇوته) هي سڀني کان وڏو آهي؟ پوءِ جڏهن اهو (به) لڪي ويو ته چوڻ لڳو: اي ماڻهؤ! آئون انهن (سڀني شين) کان بيزار آهيان جن کي توهان (الله جو) شريڪ ٿا ٺاهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) وري جڏهن (صبح ٿيو ۽) سج چمڪندي اڀريو ته ابراهيم چيو: اهو منهنجو پالڻهار آهي، هي سڀ کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به گم ٿي ويو ته چيائين : اي منهنجي قوم! توهين خدا سان جن کي شريڪ ڪيو ٿا، مان انهن کان بيزار آهيان. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنّى وَجَّهتُ وَجهِىَ لِلَّذى فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ حَنيفًا وَما أَنا۠ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 79) |
مون (سڀني کان) ھڪ طرفو ٿي پنھنجي مھاڙ کي انھيءَ الله ڏانھن سامھون ڪيو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو آھي ۽ آءٌ مشرڪن مان نه آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) مون هر طرف کان منهن موڙي فقط انهيءَ هستيءَ ڏي پنهنجي رخ ڪيو آهي جو (بنايل ناهي پر) آسمان ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي (۽ جنهن جي حڪم ۽ قانون تي آسمان ۽ زمين جي سڀ مخلوقات هلي رهي آهي) ۽ مان انهن مان نه آهيان جي ساڻس شريڪ ٿا ٺهرائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون پنهنجي چهري کي عبادت لاءِ الله ڏانهن متوجه ڪريان ٿو، اهو الله جنهن پيدا فرمايو آسمانن ۽ زمينن کي آئون حق جو تابعدار آهيان ۽ نه آهيان آئون مشرڪن مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون ته باطل کان منهن موڙي ان ڏي پنهنجو منهن ڪيو آهي جنهن ڪيئي آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا ۽ پڻ آءُ (هرگز) مشرڪن مان نه آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مون متوجـﮧ ڪيو منھن پنھنجي کي ان جي لاءِ جنھن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي انجوئي رھندڙ ۽ ناھيان مان مشرڪن مان.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) مون (باطل مذهبن کان) هڪ طرفو ٿي پنهنجو منهن ان ڏي ڪيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ آءُ (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مون پنهنجو منهن هڪ طرفو ٿي ان (الله) ڏانهن ڦيرايو جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو آهي، ۽ آءٌ مُشرڪن مان نه آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مون موڙيو مُنهن پَنهنجو، اُن ذات لئي ضرو، جنهن ڀُويون، اُڀ بنايا؛ ڦِريل، کون فُتور، ۽ آئون، نه آهيان مور، ڌاريان، ڌارِيندڙن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون پنهنجو رخ ٻين سڀني کان موڙي ان ڏانهن ڪيو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي ۽ ان سان ٻيا ڀائيوار بنائيندڙن مان نه آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ته ٻيا در ڇڏي پنهنجو منهن انهيءَ هستيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي جوڙيو آهي ۽ مان ڪڏهن به شرڪ ڪندڙن مان ناهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مون ته هڪ مَنو ٿي پنهنجو رُخ انهيءَ هستي ڏي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ٺاهيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، ۽ ڪڏهن به آئون نه آهيان شرڪ ڪرڻ وارن مان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان پنھنجو منھن توحيد پرست هجڻ جي حيثيت ۾ سڌو سنئون ان هستيءَ ڏانھن ڦيري ڇڏيو آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي ۽ مان مشرڪن مان (هرگز) نه آهيان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ مون پنهنجو منهن (هر پاسي کان ڦيري) يڪسوئي سان ان (ذات) ڏانهن ڪري ڇڏيو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي بي مثال پيدا ڪيو آهي ۽ (ڄاڻي ڇڏيو ته) آئون مشرڪن مان نه آهيان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) مون هر پاسي کان منهن مَٽي صرف ان هستيءَ ڏانهن پنهنجو رُخ ڪري ورتو آهي جيڪا (ڪنهن جي جوڙيل ناهي، بلڪه خود) آسمان ۽ زمين جي جوڙڻهار آهي (۽ جنهن جي حڪم ۽ قانون تحت آسمان ۽ زمين جون سموريون مخلوقون هلي رهيون آهن) ۽ مان مشرڪن منجهان ناهيان. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَحاجَّهُ قَومُهُ قالَ أَتُحٰجّونّى فِى اللَّهِ وَقَد هَدىٰنِ وَلا أَخافُ ما تُشرِكونَ بِهِ إِلّا أَن يَشاءَ رَبّى شَيـًٔا وَسِعَ رَبّى كُلَّ شَيءٍ عِلمًا أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 80) |
۽ سندس قوم ساڻس تڪرار ڪيو، چيائين ته اوھين الله بابت مون سان ھن حالت ۾ ڇوٿا تڪرار ڪيو جو بيشڪ مونکي سڌي رستي لاتو اٿس جنھن کي ساڻس شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪين ڊڄندس پر منھنجي پالڻھار جو ڪجھ (ڪرڻ) گھريو (سو ٿيڻو آھي)، سڀڪا شيء منھنجي پالڻھار جي عِلم ۾ سمائي آھي، پوءِ اوھين ڇونه نصيحت مڃيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ) حضرت ابراهيم سان سندس قوم بحث مباحثو ڪيو. حضرت ابراهيم فرمايو ته، ڇا توهان مون سان الله جي باري ۾ رد ڪد ٿا ڏيو. هن ته پاڻ مون کي حق جي واٽ ڏيکاري آهي. (توهان مون کي باطل ديوتائن جو ڊپ ٿا ڏياريو پر ياد رکو) ته جن کي توهان خدا جو شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بلڪل ڪونه ٿو ڊڄان. مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو پروردگار جيستائين مون کي نقصان پهچائڻ نه چاهي تيستائين مون کي ڪوبه نقصان پهچائي نٿو سگهي. منهنجي پروردگار پنهنجي علم سان سڀني شين کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. پوءِ ڇا (ايتري چٽائي هوندي به) نصيحت نٿا وٺو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) ابراهيم سان سندس قوم جھڳڙو ڪيو، ابراهيم چيو ڇا توهان مون سان الله جي وحدانيت تي جھڳڙو ڪريو ٿا حالانڪ تحقيق الله مون کي هدايت ڏني، ۽ آئون خوف نٿو ڪريان توهان جن معبودن کان مگر جيڪو منهنجي رب منهنجي لاءِ تڪليف مقرر ڪئي، منهنجي رب جو علم هر شيءِ کان زياده آهي، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس قوم جا ماڻهو هن سان حجت ڪرڻ لڳا. ته ابراهيم کين چيو هو ته ڇا! توهين مون سان خدا جي باري ۾ حجت ڪريو ٿا. هوڏانهن هن منهنجي يقينا هدايت ڪئي آهي. ۽ جن بتن کي اوهين سندس شريڪ مڃيو ٿا آءُ انهن کان ڊڄان نٿو (اهي مون کي ڇا ڪندا) پر هاءُ منهنجو خدا خود (ڪرڻ) گهري ته علم جي روءِ سان (به) سڀ تي حاوي آهي. ڇا پوءِ به اوهين ڌيان نٿا ڏيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بحث ڪيائين ان سان قوم ان جي فرمايائين ڇا بحث ڪيو ٿا مون سان الله جي باري ۾ ۽ تحقيق ھدايت ڪيائين مون کي ۽ نه ڊڄان ٿو انھن کان جن کي شريڪ ٿا بنايو ان سان مگر ھي جو گھري رب منھنجو ڪجھه به، گھيري ۾ ورتو رب منھنجي ھر شيءِ کي علم سان ڇا پوءِ نصيحت قبول نه ٿا ڪيو.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان سان سندس قوم جهڳڙو ڪيو. (کين) چيائين ته ڇا اوهين مون سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا هوڏانهن ان مون کي رستو ڏيکاريو آهي ۽ جن کي اوهين سندس شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ نه ٿو ڊڄان پرهن کان (ڊڄان ٿو)ته متان منهنجو پاليندڙ ڪا تڪليف پهچائڻ گهري. منهنجي پاليندڙ جي علم ۾ سڀ ڪا شيءِ سمائي آهي. ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان سان سندس قوم تڪرار ڪيو. چيائين: ”ڇا اوهان مون سان الله جي باري ۾ تڪرار ڪيو ٿا؟ حالانڪه ان مون کي هدايت بخشي آهي ۽ آءٌ انهن کان نه ٿو ڊڄان جن کي ساڻس شريڪ ڪيو ٿا سواءِ ان جي جا شيءِ منهنجو پالڻهار چاهي. منهنجي پالڻهار هرشيءِ کي (پنهنجي) علم سان گهيري رکيو آهي. پوءِ توهان ڇو نه ٿا نصيحت حاصل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن سان، قوم اُن جِي،، جوٽِي جنگ جِدال، چي، خُود خُدا ۾ مون سان، ڇا بحث ڪريو؟ بطال!، ۽ جنهن بعد جَلَّ جلالہٗ، ڏَسِينمِ واٽ وِصال، ۽ جي ڀيڙا ڀانيو، تن جو، نه مون کي، خوف خيال، مگر گُھري مون ڌڻي، جيڪِي جَلّ جلال، سَمجھيو، سڀ ڪنهن ٽول جو، مُنهنجي هادِئَ، حال، پوءِ ڇونه، ڳَهلا! ڳالھ، پُرجهِي، ڪجُھ پِرايو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس قوم انهيءَ تي ساڻس بحث ڪرڻ لڳي، چيائين ته ڇا اوهين مون سان الله بابت بحث ڪريو ٿا ۽ ان ئي ته مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي ۽ جن کي اوهين سندس ڀائيوار بڻايو ٿا، آءٌ انهن کان نٿو ڊڄان، پر جيڪي منهنجو رب گهري، منهنجي رب هر هڪ شيءِ کي پنهنجي علم جي گهيري ۾ رکيو آهي. ڇا اوهين نصيحت نٿا وٺو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس قوم ساڻس بحث ڪرڻ لڳي ته انهن کي چيائين ته، "ڇا توهان الله بابت ٿا مون سان جهڳڙو ڪريو، حالانڪه هن ئي ته مون کي صحيح راهه ڏيکاري آهي ۽ نڪي مان توهانجي گهڙيل شريڪن کان ئي ٿو ڊڄان، باقي منهنجو رب ڪا ڳالهه ڪرڻ گهري ته ٻي ڳالهه آهي. منهنجي رب جي علم ۾ هر شيءِ آهي، ڇا پوءِ توهان هوش نه ڌاريندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جهڳڙو ڪرڻ لڳي سندس قوم، ته هن چيو، جهڳڙو ڪريو ٿا الله جي معاملي ۾ مون سان؟ هدايت جي واٽ مون کي ڏيکاري، ۽ آئون نٿو ڊڄان توهان جي ٺاهيل شريڪن کان، باقي منهنجو رب جيڪي گهري اهو اوس ٿي سگهي ٿو، منهنجي رب جو وسيع آهي علم هر شيءِ تي، پوءِ ڇا توهان هوش ۾ نه ايندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان اعلان تي) قوم ان سان جهڳڙو ڪرڻ شروع ڪيو (حضرت ابراهيم ؑ) چيو ته ڇا توهان مون سان الله تعالى جي باري ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا؟ ان هستيءَ ته مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي. جن کي توهان الله تعالى سان شريڪ ڪريو ٿا، مان انهن کان بلڪل نٿو ڊڄان، ٿيندو اهو ئي جيڪو منھنجو رب چاهيندو، منھنجي رب جي علم ئي هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي، پوءِ به توهان نصيحت ڇو نٿا مڃو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان جي قوم ساڻس بحث ۽ جهڳڙو ڪرڻ لڳي (ته) ان چيو: ڀلا توهان مون سان الله جي باري ۾ جهڳڙو ٿا ڪريو حالانڪه ان مون کي هدايت فرمائي ڇڏي آهي، ۽ آئون انهن (ڪوڙن خدائن) کان نٿو ڊڄان جن کي توهان الله جو شريڪ پيا ٿا بڻايو مگر (هي ته) منهنجو رب جو ڪجهه (نقصان) چاهي (پهچائي سگهي ٿو). منهنجي رب هر شيءِ کي (پنهنجي) علم سان گهيري رکيو آهي، سو ڇا توهان نصيحت قبول نٿا ڪريو؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (وري) ابراهيم سان سندس قوم الجهي پئي. ابراهيم چيو : ڇا توهين، مونسان الله بابت الجهو ٿا، حالانڪه هن مون کي حق جي واٽ ڏيکاري ڇڏي آهي (۽ مان حق جي معرفت حاصل ٿيڻ کانپوءِ جهالت ۽ گمراهيءَ جي واٽ تي نه ٿو هلي سگهان-رهي ڳالهه ته توهين مون کي پنهنجن ڪوڙن معبودن جا ڊِڄَ ٿا ڏيو ته ياد رکو!) جن کي توهين خدا جو شريڪ بڻايو آهي، مان انهن کان نه ٿو ڊڄان. مان ڄاڻان ٿو ته جيستائين منهنجو پالڻهار مون کي نقصان پهچائڻ نه چاهي- ٻيو ڪير مون کي ڪوئي نقصان پهچائي نه ٿوسگهي. منهنجو پالڻهار پنهنجي علم سان مڙني شين تي احاطو رکي ٿو. پوءِ ڇا، توهين (حقيقت جي ايڏي وضاحت کانپوءِ به) نصيحت نه ٿا وٺو؟! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَيفَ أَخافُ ما أَشرَكتُم وَلا تَخافونَ أَنَّكُم أَشرَكتُم بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا فَأَىُّ الفَريقَينِ أَحَقُّ بِالأَمنِ إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 81) |
۽ جنھن کي الله سان شريڪ ڪريو ٿا تنھن کان ڪئن ڊڄندس ۽ (اوھين) ھن کان نه ٿا ڊڄو اوھين الله ساڻ اھو شريڪ ڪندا آھيو جنھن جي اوھان وٽ ڪا حُجّت لاٿل نه آھي، جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو (ته ٻڌايو ته) ٻنھي ٽولين مان ڪھڙي امن جي وڌيڪ حقدار آھي؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) مان انهن کان ڪيئن ڊڄندس جن کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي. جڏهن ته توهان هن ڳالهه کان نٿا ڊڄو جو خدا سان ٻين کي شريڪ ٿا ڪيو جنهن لاءِ توهان تي ڪابه سند يا دليل نازل نه ٿيو آهي. (ٻڌايو ته) اسان ٻنهي فريقن (جماعتن) مان ڪنهن جي واٽ امن امان واري واٽ آهي. (ٻڌايو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به علم آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪهڙيءَ طرح آئون خوف ڪريان توهان جن معبودن جوحالانڪ توهان نٿا خوف ڪريو بيشڪ توهان الله تعالى سان شرڪ ڪريو ٿا جنهن الله تعالى نازل نه ڪيو توهان جي مٿان ڪوبه دليل. پوءِ ٻنهي گروهن مان ڪهڙو وڌيڪ امن جو حقدار آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن کي اوهين خدا جو شريڪ بنايو ٿا آءُ انهن کان ڇو ڊڄان؟ جڏهن اوهين ان ڳالھ کان نٿا ڊڄو جو اوهان خدا جو شريڪ اهڙين شين کي بنايو آهي جن جي خدا توهان تي ڪا به سند نازل ڪين ڪئي آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي خبر آهي ته (ٻڌايو ته سهي) اسان ٻنهين ڌرين مان امن قائم رکڻ جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيئن ڊڄان مان انھن کان جو شريڪ بنايا اوھان ۽ نه ٿا ڊڄو اوھان ته تحقيق اوھان شريڪ بنايو الله سان ان کي جو نه نازل ڪيائين ان جو اوھان تي ڪو دليل پوءِ ڪير ٻنھي ٽولن مان وڌيڪ حقدار آھي، امن جو جيڪڏھن آھيو جو ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن شيءِ کي اوهان (الله جو) شريڪ ڪيو آهي تنهن کان آءُ ڪيئن ڊڄان ۽ اوهين هن ڳالهه کان نه ٿا ڊڄو جو اوهان الله سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيو آهي جنهن جي اوهان تي ڪا ثابتي نه لاٿي اٿس. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا (ته ٻڌايو ته) ٻنهين جماعتن مان ڪهڙي (جماعت) امن جي زياده حقدار آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ ڪيئن ٿو ڊڄي سگهان انهن (ڪوڙن معبودن) کان جن کي توهان (الله سان) شريڪ ڪيو ٿا! حالانڪه اوهان نه ٿا ڊڄو جو اوهان الله سان (بتن کي) شريڪ ڪيو آهي جنهن لاءِ (الله) ڪو توهان تي دليل نه لاٿو آهي. پوءِ ٻنهين ڌرين مان ڪير وڌيڪ امن جو حقدار آهي (جواب ڏيو) جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون ڪيئن ڊِڄان اُنهن کان، جن ڀانتا ڀائيوار، ۽ جڏهن اوهين نه ڊِڄو، ته الله سان، گَـڏيان غير غُبار، الله نه اُتاريو جن لئي، دليل، مان دربار، پوءِ آهي ڪير اَمن جو، ٻِن ٽولين مان حَقدار؟ طرف ٻَئـِي تڪرار، جي صحِي سَمجھندا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءٌ انهن کان ڪيئن ڊڄان، جن کي اوهين الله جو شريڪ بڻايو ٿا، جڏهن اوهان ان کان نه ٿا ڊڄو، جو الله جا شريڪ بڻايو ٿا، جنهن لاءِ الله اوهان ڏانهن ڪا سند نه لاٿي آهي. جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا ته پوءِ (ٻڌايو ته) ڪهڙو ٽولو امن جو وڌيڪ حقدار آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ڀلا توهانجي گهڙيل شريڪن کان ڪيئن ٿو ڊڄي سگهان، جڏهن جو توهان انهن کي الله جو شريڪ بڻائيندي نٿا ڊڄو، جن لاءِ هن توهان تي ڪو به دليل (ثبوت) نه لاٿو آهي؟ اسان ٻنهي ڌرين مان بي ڊپائيءَ ۽ اطمينان تي وڌيڪ حق ڪنهن جو آهي؟ ٻڌايو جيڪڏهن اٿوَ ڪو علم!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آخر آئون توهان جي ٺاهيل شريڪن کان ڪيئن ڊڄان، جڏهن ته توهان نٿا ڊڄو پنهنجي ٺاهيل شريڪن کي الله سان ملائيندي، جن جي لاءِ هن نازل نه ڪئي آهي توهان تي ڪابه سَند؟ اسان ٻنهي ڌرين مان ڪير حق تي آهي بي ڊپائي ۽ اطمينان سان، ٻڌايو جيڪڏهن ڪوبه علم رکو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن ته توهان الله تعالى سان انهن شين کي شريڪ ڪندي نٿا ڊڄو ته مان ( انهن کان) ڇو ڊڄان جن کي توهان شريڪ ڪريو ٿا؟ جنھن جو الله تعالى جي طرفان توهان وٽ ڪو به دليل نه آهي (اهڙي حالت ۾ توهان ئي ٻڌايو ته) ٻنهي ڌرين مان امن (۽ سلامتيءَ) جو حقدار وڌيڪ ڪير آهي؟ جيڪڏهن توهان کي ڪو علم آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ آئون انهن (ڪوڙن معبودن) کان ڪيئن ڊڄي سگهان ٿو جن کي توهان (الله جو) شريڪ ٿا ٺاهيو ان حال ۾ ته توهان ان ڳالهه کان نه ٿا ڊڄو ته توهان الله سان (بتن کي) شريڪ بڻائي رکيو آهي (جڏهن ته) ان توهان تي انهي (شرڪ) جو ڪو دليل ڪونه لاٿو (هاڻي توهان ئي جواب ڏيو) سو ٻنهي ٽولن مان (عذاب کان) بي خوف رهڻ جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟ جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ مان انهن هستين کان ڇو ڊڄان جن کي توهين خدا جو شريڪ بڻايو آهي، جڏهن ته توهين ان ڳالهه کان نه ٿا ڊڄو جو خدا سان ٻين کي شريڪ ڪيون ويٺا آهيو جنهن بابت توهان تي ڪوئي دليل به نازل ناهي ٿيو. ٻڌايو، اسان ٻنهي ٽولن منجهان ڪنهن جي واٽ، امن ڀري واٽ ٿي. جيڪڏهن توهين علم ۽ بصيرت رکو ٿا ته! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الَّذينَ ءامَنوا وَلَم يَلبِسوا إيمٰنَهُم بِظُلمٍ أُولٰئِكَ لَهُمُ الأَمنُ وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 82) |
جن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ڪفر سان نه وچڙايو اُنھن لاءِ امن آھي ۽ اُھي ھدايت وارا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (خدا تي) ايمان آندو، ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان بگاڙي نه ڇڏيو تن جي لاءِ ئي امن امان آهي ۽ اهي ئي صحيح راهه تي آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظُلم سان (شرڪ سان ) نه گڏيائون انهن لاءِ امن آهي ۽ اُهي ئي هدايت وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان نه ملايائون انهن ماڻهن لاءِ ئي امن (۽ دلجاءِ) آهي ۽ اهي ئي ماڻهو هدايت وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اھي شخص جو ايمان آندائون ۽ نه ملايائون ايمان پنھنجو ظلم سان اھي ئي آھن جن لاءِ امن آھي ۽ اھي ئي ھدايت وارا آھن. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايو تن لاءِ امن آهي ۽ اهي ئي رستي تي هلندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي (شرڪ جي) ظلم سان رل وچڙ نه ڪيائون ته اُهي ئي آهن جن لاءِ (عذاب کان) امن آهي ۽ اُهي هدايت يافته آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ سندنِ مڃڻ تان، پَردونه وِڌائون پاڻ، ظُلم، زيادتِي سان، ته اَمن اُنهن ڪاڻ، ۽ صَحِي، سي سُڄاڻ، پورا آهن، پير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايائون، انهن لاءِ امن آهي. ۽ اهي ئي سنئون رستو لهندڙ آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سچي ڳالهه اها آهي ته جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان نه گڏايو، انهن جي لاءِ ئي ڪو ڀؤ ڪونهي ۽ اهي ئي سنئينءَ واٽ تي هلندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ انهن لاءِ ئي امن آهي ۽ سڌي واٽ تي اهي آهن جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم هاڻو ڪڏهن نه ڪيو، اهي ئي اصل ۾ هدايت تي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنھنجي ايمان کي ظلم سان نه ملايائون، اهڙن ماڻهن لاءِ امن آهي ۽ اهي سڌي رستي تي آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ پنهنجي ايمان کي (شرڪ جي) ظلم سان نه ملايو انهن ئي ماڻهن جي لاءِ امن (يعني آخرت جي بي خوفي) آهي ۽ اُهي ئي هدايت وارا آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن خدا کي مڃيو ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم سان (يعني شرڪ سان) ميرو نه ڪيائون ته انهن جي لاءِ امن آهي ۽ اهي ئي سڌي واٽ تي آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَتِلكَ حُجَّتُنا ءاتَينٰها إِبرٰهيمَ عَلىٰ قَومِهِ نَرفَعُ دَرَجٰتٍ مَن نَشاءُ إِنَّ رَبَّكَ حَكيمٌ عَليمٌ (آيت : 83) |
۽ ھي اسان جو دليل آھي جو ابراھيم کي سندس قوم تي (مقابلي لاءِ) ڏنوسون، جنھن کي گھرندا آھيون تنھنکي درجن ۾ مٿاھون ڪندا آھيون، ڇوته تنھنجو پالڻھار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هيءَ اسان جي حجت (دليل) آهي جا اسان حضرت ابراهيم کي سندس قوم لاءِ ڏني هئي. اسان جنهن جو درجو ۽ مان بلند ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن کي (علم ۽ دليل جي معرفت سان) بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ يقيناً تنهنجو پروردگار حڪمت ڏيڻ وارو ۽ علم عطا ڪرڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهي اسان جي وحدانيت جا دليل آهن جيڪي اسان (حضرت) ابراهيم کي ڏنا سندس قوم لاءِ اسين بلند درجا ڪريون ٿا جنهن جا اسين چاهيون، بيشڪ تنهنجو رب حڪمت وارو هميشه ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي اسان جا (سيکاريل سمجهايل) دليل آهن جيڪي اسان ابراهيم کي پنهنجي قوم تي (غالب اچڻ لاءِ) عطا ڪيا هئا. اسين جنهن جا درجا چاهيندا آهيون، بلند ڪندا آهيون. ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو باخبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اھي دليل اسان جا آھن جو ڏناسون اھي ابراھيم کي سندس قوم تي مٿي ڪيون ٿا درجن جي لحاظ سان جنھن کي گھرون اسان بيشڪ رب تنھنجو حڪمت وارو، علم وارو آھي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اها اسان جي ثابتي آهي جا اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏني. جنهن کي اسين گهرون ٿا تنهن کي درجن ۾ بلند ڪريون ٿا. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ حڪمت وارو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو اسان جو (مضبوط) دليل هيو جيڪو اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏنو. اسان جنهن جا چاهيون درجا بلند ڪيون ٿا. بيشڪ تنهنجو پالڻهار حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِي اسان جا اُهڃاڻ، عطا ابراهيم کي، ڪياسون، سندس قوم تي؛ جنهن کي گُھرون پاڻ، تمام مَٿاهان مَرتبا، ٿا ڪريون، اُنهئَ ڪاڻ، وَڏو ويـڄ، سُڄاڻ، سَچو سائين تنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو اسان جو دليل هو، جو ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ ڏنوسون. اسين انهن کي درجن ۾ بلند ڪريون ٿا، جن کي گهرون. بيشڪ تنهنجو رب داناءُ ۽ خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو هو اسان جو دليل جيڪو اسان ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾ عطا ڪيو هو. اسان جنهن کي گهرون بلند مرتبا عطا ڪري ڇڏيون ٿا. بيشڪ تنهنجو رب نهايت داناءُ ۽ ڄاڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي هو اسان جو اهو دليل جيڪو اسان ڏنو هو ابراهيم کي سندس قوم جي مقابلي ۾، اسين بلند درجا ڏيندا آهيون جنهن کي چاهيون، بيشڪ تنهنجو رب داناءُ ۽ علم وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جي طرفان ابراهيم (ؑ) کي سندس قوم جي مقابلي ۾ عطا ڪيل اهو ئي دليل هو، اسان جنھن لاءِ چاهيندا آهيون تنھن کي بلند درجا عطا ڪندا آهيون. بيشڪ تنھنجو رب وڏي حڪمت وارو ۽ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهوئي اسان جي (توحيد جو) دليل هو جيڪو اسان ابراهيم (عليه السلام) کي سندس (مخالف) قوم کي مقابلي ۾ ڏنو هو. اسان جنهن جا گهرون ٿا درجا بلند ڪري ڇڏيون ٿا. بيشڪ توهان جو رب وڏي حڪمت وارو خوب ٻڌندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اها اسان جي حجت آهي، جيڪا اسين ابراهيم کي سندس قوم تي ڏني هئي. اسين جنهن جا مرتبا بلند ڪرڻ چاهيندا آهيون (ان کي علم ۽ دليل جي سگهه ڏئي کين) بلند ڪري ڇڏيندا آهيون. ۽ يقيناَ توهان جو پالڻهار حڪمت ڀريو-علم عطا ڪرڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ كُلًّا هَدَينا وَنوحًا هَدَينا مِن قَبلُ وَمِن ذُرِّيَّتِهِ داوۥدَ وَسُلَيمٰنَ وَأَيّوبَ وَيوسُفَ وَموسىٰ وَهٰرونَ وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 84) |
۽ ابراھيم کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيوسون، سڀني کي ھدايت ڪئي سون، ۽ اُن کان اڳ نُوح کي ھدايت ڪئي سون ۽ سندس اولاد مان داؤد کي ۽ سُلَيمان ۽ اَيُّوب ۽ يُوسف ۽ مُوسىٰ ۽ ھارُون کي (ھدايت ڪئي سون)، ۽ اھڙي طرح اسين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب ڏنا. اسان انهن سڀني کي سڌي واٽ ڏيکاري ۽ ابراهيم جي نسل مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي به (اسان اهائي سڌي واٽ ڏيکاري) اسان اهڙيءَ طرح سان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ڏيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان عطا ڪيو ابراهيم کي اسحاق (پُٽ) ۽ يعقوب (پوٽو)، سڀني کي اسان هدايت ڏني ۽ انهيءَ کان اڳ اسان نوح کي هدايت ڏني سين ۽ انهيءَ جي اولاد مان داؤد ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي هدايت ڏني سين، ۽ اهڙيءَ طرح اسين نيڪوڪارن کي بلند درجا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو پٽ ۽ پوٽو) عطا ڪيو. اسان سڀ جي هدايت ڪئي ۽ ان کان اڳ نوح جي (به) اسان ئي هدايت ڪئي ۽ سندس ئي (ابراهيم) جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسى ۽ هارون (سڀني جي اسان هدايت ڪئي) ۽ نيڪو ڪارن کي اسين اهڙو ئي عوض عطا ڪريون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بخشي ڏناسون ان کي اسحاق ۽ يعقوب سڀني کي ھدايت ڏني سون ۽ نوح کي ھدايت ڪئي سون اڳ ۾ ۽ اولاد ان جي مان داؤد ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسـى ۽ ھارون کي ۽ ان ئي نموني بدلو ڏينداسون نيڪي ڪندڙن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشي ڏنا. ۽ هر هڪ کي اسان رستو ڏيکاريو ۽ ان کان اڳ نوح کي رستو ڏيکاريوسون ۽ ابراهيم جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي (به رستو ڏيکاريو سون) ۽ اهڙيءَ طرح ڀلائي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان (ابراهيم) کي اسحاق ۽ يعقوب (پُٽ ۽ پوٽو) ڏنوسين. اسان انهن سڀني کي هدايت ڏني ۽ اسان ان کان اڳ نوح کي هدايت ڏني ۽ ان جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسى ۽ هارون کي (هدايت ڏني سين) ۽ اهڙي طرح اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسحاق، يعقوب اُن کي، بخشياسون ڀَلير، سَنئين سُهائيسون سڀن کي، سَئون سواٽو سير، اُن کان اڳي نوح کي، پڻ ڪيڙ سندسِ مان ڪير؟ دائود، سليمان، ايوب ۽ يوسف شاه شير، ۽ مُوسٰى ۽ هارُون ٻئـِي، پُورا مٿي پير، ۽ بخشيون اِهڙٖي ڀير، ڀَلايون ڀَلن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيا ۽ سڀني کي سنئون رستو ڏيکاريوسون ۽ ان کان اڳ نوح کي به سنئون رستو ڏيکاريوسون ۽ سندس اولاد مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي به، ۽ اسين ائين نيڪن کي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب جهڙي اولاد ڏني ۽ هرهڪ کي هدايت بخشي، جهڙي اڳي نوح کي بخشي هئي ۽ سندس پونئيرن مان اسان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي (هدايت عطا ڪئي). اهڙيءَ طرح اسان نيڪن کي سندن نيڪيءَ جو اجورو ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڏنو ان (ابراهيم) کي اسحاق ۽ يعقوب جهڙو اولاد، سڀني کي سڌي راهه ڏيکاري جيڪا اڳي نوح کي عطا ڪئي هئي ۽ انهن جي نسل مان اسان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون کي هدايت ڏني، اهڙيءَ طرح اسان ڀلارن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏيندا آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ابراهيم (ؑ) کي اسحاق ۽ يعقوب (عليهما السلام) اولاد جي صورت ۾ عطا ڪيا ۽ انهن سڀني کي سڌو رستو ڏيکاريوسين. انهن کان پھريائين نوح (ؑ) کي هدايت وارو رستو عطا ڪيو ۽ ان جي ئي نسل مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسى ۽ هارون (عليهم السلام) کي هدايت عطا ڪئي، نيڪوڪارن کي اسان (سڌي رستي تي هلڻ جي صورت ۾) اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان ان (ابراهيم عليه السلام) کي اسحاق ۽ يعقوب (پٽ ۽ پوٽو عليهما السلام) عطا ڪيا اسان (انهن) سڀني کي هدايت سان نوازيو ۽ اسان (انهن کان) اڳ ۾ نوح (عليه السلام) کي (به) هدايت سان نوازيو هو ۽ ان جي اولاد مان دائود ۽ سليمان ۽ ايوب ۽ يوسف ۽ موسيٰ ۽ هارون (عليهم السلام کي به هدايت عطا ڪئي هئي)، ۽ اسان اهڙي طرح نيڪن کي بدلو ڏيندا آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين ابراهيم کي-اسحاق ۽ (اسحاق جو پُٽ) يعقوب ڏنو. اسين انهن سڀني کي سنئين واٽ ڏيکاري ۽ ابراهيم کان پهريان نوح کي سڌي واٽ ڏيکاري چڪا هئاسين. ۽ ابراهيم جي نسل منجهان داؤد، سليمان، ايوب، يوسف، موسى ۽ هارون کي به (اسين اهائي واٽ ڏيکاري). اسين اهڙيءَ طرح چڱن کي (انهن جي چڱاين جو) بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَزَكَرِيّا وَيَحيىٰ وَعيسىٰ وَإِلياسَ كُلٌّ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 85) |
۽ ذڪريّا ۽ يَحۡيىٰ ۽ عيسىٰ ۽ الياس کي به، جو ھر ھڪ ڀلارن مان ھو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي (به اسان سڌي واٽ ڏيکاري) جو اهي سڀ صالح انسانن منجهان هئا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) زڪريا ۽ يحييٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس، سڀئي (ڪامل) صالحن مان هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ زڪريا ۽ يحيى ۽ عيسى ۽ الياس (سڀني جي هدايت ڪئي) ۽ اهي سڀ (خدا جي) نيڪ بندن مان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زڪريا ۽ يحيـى ۽ عيسـى ۽ الياس کي سڀئي صالحن مان آھن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زڪريا ۽ يحيٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس کي (به رستو ڏيکاريوسون). (اهي) سڀئي چڱن ماڻهن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زڪريا ۽ يحى ۽ عيسى ۽ الياس کي به (هدايت ڏني سين) اُهي سڀئي نيڪوڪارن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ زڪريا ۽ يحيىٰ، عيسىٰ ۽ الياس، سڀ اَملھ ۽ الَماس، صالحن جي ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي به. اهي سڀ نيڪن مان هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (سندس ئي اولاد مان) زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي (هدايت ڏني سون) منجهانئن هرهڪ صالح هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زڪريا ۽ يحييٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس (کي به اها راهه ڏني)، انهن مان هرهڪ صالحن مان هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زڪريا، يحى، عيسى، الياس (ؓ) کي به (اسان ئي) سڌو رستو ڏيکاريو هو . هي سڀ جا سڀ نيڪ ٻانها هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ زڪريا ۽ يحيٰ ۽ عيسيٰ ۽ الياس (عليهم السلام کي به هدايت بخشي). اِهي سڀ نيڪوڪار (قربت ۽ حضوري وارا) ماڻهو هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ زڪريا، يحى، عيسى ۽ الياس کي (پڻ سڌي واٽ ڏيکاري سين) جو اهي سڀ نيڪ انسانن منجهان هئا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَيونُسَ وَلوطًا وَكُلًّا فَضَّلنا عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 86) |
۽ اسماعيل ۽ يَسَعَ ۽ يُونس ۽ لُوط کي به، ۽ سڀني کي جڳ (جي رھندڙن) کان ڀلائي ڏني سون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ اسماعيل، اليَسَعَ، يونس ۽ لوط کي، جو اسان انهن سڀني کي دنيا وارن تي بهتري ۽ فضيلت ڏني.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط، ۽ سڀني کي اسان فضيلت ڏني سين (نبوت سان) انهيءَ جهان وارن تي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (وارن جي هدايت ڪئي سين) ۽ سڀني کي ساري جهانن تي فضيلت عطا ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط کي (ھدايت ڏني سون) ۽ سڀني کي ڀلو ڪيوسون جھانن تي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسماعيل ۽ يسع ۽ يونس ۽ لوط کي (به رستو ڏيکاريوسون). ۽ هر هڪ کي (پنهنجي پنهنجي زماني جي) سڀني قومن تي فضيلت ڏني سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسماعيل ۽اليسع ۽ يونس ۽ لوط کي به ( هدايت ڏني سين) ۽ سڀني کي جهانن وارن تي فضيلت ڏني سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسماعيل ۽ اَلْيَسَع، يُونس ۽ لُوط لال، ڪُل اَفضل عالمن ۾، ڪياسون نيڪ نِهال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسماعيل، يسع، يونس ۽ لوط کي به. انهن سڀني کي دنيا جي ماڻهن تي ڀلائي بخشي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (سندس ئي خاندان مان) اسماعيل، اليسع، يونس ۽ لوط (کي هدايت وارو ڪيوسين) انهن مان هرهڪ کي اسان ساري جڳ وارن تي فضيلت عطا ڪئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (کي به اهو ئي هدايت وارو رستو ڏنو). ۽ انهن سڀني کي دنيا وارن تي فضيلت عطا ڪئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسماعيل، يسع، يونس ۽ لوط (ؓ) کي به سڌو رستو ڏيکاريو هو ۽ اسان کين دنيا وارن تي فضيلت بخشي هئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ يونس ۽ لوط (عليهم السلام کي به هدايت سان مشرف فرمايو)، ۽ اسان انهن سڀني کي (سندن زماني جي) تمام جهان وارن تي فضيلت ڏني.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ پڻ اسماعيل، اليسع، يونس ۽ لوط کي به- جو انهن سڀني کي اسين دنيا وارن تي برتري ڏني هئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِن ءابائِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم وَإِخوٰنِهِم وَاجتَبَينٰهُم وَهَدَينٰهُم إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 87) |
۽ سندن پين ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به، ۽ کين چونڊيوسون ۽ کين سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪئي سون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ سندن ابن ڏاڏن، سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به ڪيترن ئي کي (اسان انهيءَ ئي راهه تي هلايو) انهن سڀني کي اسان شرف لاءِ چونڊيو هو ۽ (فلاح ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي انهن کي لڳايو هو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن جي والدين مان ۽ انهن جي اولاد مان ۽ انهن جي ڀائرن مان (ڪِن کي درجو ڏنوسين) ۽ اسان انهن کي فضيلت ڏني ۽ سنئين رستي تي اسان انهن کي هلايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (نه فقط انهن کي پر) سندن پيءُ ڏاڏن ۽ انهن جي اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به (ڪيترن ئي کي ۽ انهن کي چونڊيوسون ۽ کين سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيئرن انھن جي مان ۽ اولاد انھن جي مان ۽ ڀائرن انھن جي مان ۽ برگزيدو ڪيوسون انھن کي ۽ هدايت ڪئي سون انهن کي واٽ سڌيءَ ڏانهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي اولادن ۽ انهن جي ڀائرن مان به ڪن کي (رستو ڏيکاريوسون) ۽ انهن کي پسند ڪيوسون ۽ انهن (سڀني) کي سڌو رستو ڏيکاريوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي ابن ڏاڏن مان ۽ انهن جي اولاد ۽ ڀائرن مان به (فضيلت وارا بناياسين) ۽ اسان انهن کي چونڊيو ۽ اسان کين سڌي واٽ ڏانهن هدايت ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پِيء ۽ پُٽ اُنهن جا، پڻ سندنِ ڀاء بحال، چُونڊيوسونِ چڱِي چال ۽ سُهائـِي سونِ سنئين واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ ڀائرن مان به ڪيترن کي. ۽ انهن سڀني کي چونڊيوسون ۽ انهن کي سڌو رستو به ڏيکاريوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پڻ سندن ابن ڏاڏن توڙي سندن اولاد کي ۽ سندن برادريءَ وارن مان به گهڻن کي ئي نوازي پنهنجي خدمت لاءِ چونڊي ورتوسين ۽ سڌي رستي تي کين هلايوسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن سان گڏ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان پڻ گهڻن کي نوازيو، کين پنهنجي خدمت لاءِ چونڊيو ۽ سڌي راهه ڏانهن رهنمائي ڪئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن جي ابن ڏاڏن، سندن اولاد ۽ ڀائرن مان ڪيترن کي اسان فضيلت بخشي هئي ۽ انهن سڀني کي (نبوت جي ذميدارين لاءِ) چونڊيو هو ۽ اسان ئي کين سڌو رستو ڏيکاريو هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن جي ابن (۽ ڏاڏن) ۽ انهن جي اولاد ۽ انهن جي ڀائرن مان به (ڪن کي اهڙي فضيلت عطا فرمائي) ۽ اسان انهن کي (پنهنجي خاص مهرباني ۽ بزرگي جي لاءِ) چونڊي ورتو هو ۽ کين سنئين واٽ ڏانهن هدايت فرمائي وئي هئي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي نسل ۽ برادريءَ مان به ڪيترن کي ئي (اسين انهي ئي واٽ تي هلايو) انهن مڙني کي اسين چونڊيو هيو ۽ (فلاح ۽ سعادت جي) سڌي واٽ مٿن کولي ڇڏي هئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَلَو أَشرَكوا لَحَبِطَ عَنهُم ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 88) |
اھا الله جي ھدايت آھي پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھن کي ان رستي لائي، ۽ جيڪڏھن (اھي ماڻھو) شرڪ ڪن ھا ته جيڪي ڪمايائون سو کانئن ضرور ناس ٿئي ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اها الله جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي تنهن کي ان جي وسيلي روشني ڏيکاري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن هي ماڻهو (توحيد جي راهه ڦٽي ڪري) شرڪ ڪن ها ته سندن ساري ڪئي ڪمائي ضايع ٿي وڃي ها.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اها هدايت الله تعالى جي آهي جنهنکي چاهي هدايت فرمائي ٿو انهيءَ سان ٻانهن پنهنجن کي، ۽ جيڪڏهن شرڪ ڪن ها ته يقيناً سندن عمل باطن ٿين ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڏسو) اها خدا جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ان سبب ڪري رستي تي آڻي پر جيڪڏهن انهن ماڻهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن ڪيو (ڪرتيو) سڀ بيڪار ٿي وڃي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها هدايت الله جي آهي هدايت ڪري ٿو ان سان جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان جيڪڏهن شرڪ ڪن ها ته البته ضايع ٿي وڃن ها انهن کان اهي (عمل) جو ڪيائون ٿي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اها الله جي هدايت آهي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو تنهن کي ان سان رستو ڏيکاري ٿو ۽ جيڪڏهن اهي (الله سان ڪنهن) کي شريڪ ڪن ها ته جيڪي ڪندا هئا سو انهن کان برباد ٿي وڃي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها الله جي هدايت آهي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهي ان ذريعي هدايت ڪري ٿو. ۽ جيڪڏهن اهي شرڪ ڪن ها ته انهن جا سڀ عمل ڦُرجي وڃن ها جيڪي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهو ڏَس ڏاتار، وڻيسِ ڏَسي، سو تِنهن کي، سندسِ سپاهين مان؛ ۽ جي ڀانتون ڀائيوار، ته جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، سي ڪانٽي مان، ڪيريا وِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو الله جو ڏسيل سنئون رستو آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي وڻيس، ان کي سنئون رستو ڏيکاري ۽ جي اهي الله سان ٻيا ڀائيوار ڪن ها ته سندن سڀ عمل چٽ ٿي وڃن ها، جي هو ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها الله جي ئي هدايت آهي، جنهن سان هو پنهنجن بندن مان جنهن کي گهري سنئين واٽ وٺائي ٿو، پر جيڪڏهن انهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن ساري ڪئي ڪمائي ناس ٿي وڃي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي هدايت آهي الله جي جنهن سان هو هدايت ڪري ٿو، جنهن لاءِ وڻيس پنهنجي ٻانهن مان، پر جي انهن شرڪ ڪيو هجي ها ته سندن سڀ ناس ٿي وڃي ها عمل ۽ ڪمائي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها ئي الله تعالى جي هدايت آهي. پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي چاهي ان جي ذريعي سڌو رستو ڏيکاري ٿو ۽ جيڪڏهن هو شرڪ ڪن ها ته انهن جا ڪيل سڀ عمل چٽ ٿي وڃن ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي الله جي هدايت آهي هو پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهري ٿو انهي جي ذريعي رهنمائي فرمائي ٿو، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) هي ماڻهو شرڪ ڪن ها ته کانئن اهي سڀئي (نيڪي جا) عمل ضبط (يعني نيست ۽ نابود) ٿي وڃن ها جيڪي اهي سرانجام ڏيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اها الله جي هدايت آهي، پنهنجن بندن منجهان جنهن کي چاهي، ان جي روشني ڏيکاري ڇڏي، ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو (توحيد جي واٽ کي ڇڏي) شرڪ ڪن ها ته انهن جو سمورو ڪيو ڪرتو چَٽُ ٿي وڃي ها. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ فَإِن يَكفُر بِها هٰؤُلاءِ فَقَد وَكَّلنا بِها قَومًا لَيسوا بِها بِكٰفِرينَ (آيت : 89) |
اِھي اُھي آھن جن کي ڪتاب ۽ حِڪمت ۽ پيغمبري ڏني سون، پوءِ جيڪڏھن ھي ماڻھو (قرآن جي انھن) ڳالھين کي نه مڃين ته بيشڪ اسان ھڪ قوم کي مقرّر ڪيو آھي جي (قرآن جي انھن) ڳالھين جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي، پوءِ جيڪڏهن هي (عرب جا مشرڪ) انهيءَ نعمت کان انڪار ٿا ڪن (ته ڀلي ڪن، سندن انڪار مان ڪجهه ڪين بگڙندو) اسان ان جي (پيروي ۽ حفاظت) اهڙي جماعت جي حوالي ڪئي آهي جا سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ واري ناهي، (يعني مهاجر ۽ انصار).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ڏنا ۽ حڪمت ۽ نبوت (عطا ڪئي) پوءِ جيڪڏهن انهن ٽنهي ڳالهين جو انڪار ڪن ٿا (مڪي جا رهندڙ) پوءِ بيشڪ اسين مقرر ڪنداسين انهن لاءِ اُها قوم جيڪي انهيءَ جو انڪار ڪندڙ نه هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي (پيغمبر) اهي (انسان) هئا جن کي اسان (آسماني) ڪتاب ۽ ڪامل عقل ۽ نبوت عطا فرمائي. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو ان (ڳالھ) کي به نه مڃين ته (ڪا پرواھ نه آهي) اسان ته مٿن اهڙن (انسانن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي انڪار ڪرڻ وارا (ئي) نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي اهي ئي آهن جو ڏنوسين انهن کي ڪتاب ۽ حڪم ۽ پيغمبري پوءِ جيڪڏهن ڪفر ڪندا ان جو هي ماڻهو پوءِ تحقيق مقرر ڪئي سون ان جي لاءِ اهڙي قوم جو ناهن ان جو ڪفر ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اِهي اُهي آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪم ۽ پيغمبري ڏني. پوءِ جيڪڏهن هي (موجوده زماني جا ڪافر) انهن ڳالهين جو انڪار ڪن ته انهن ڳالهين لاءِ اسان اهڙيءَ قوم کي مقرر ڪيو آهي جي انهن جا انڪار ڪندڙ نه ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت ڏني. پوءِ جيڪڏهن اهي (ڪافر) ان ڳالهه جو انڪار ڪندا ته بيشڪ اسان انهن (ڳالهين) کي (مڃڻ لاءِ) اهڙي قوم کي مقرر ڪيو آهي جيڪي ان جو انڪار ڪرڻ وارا ناهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪتاب ڏِناسون اُنهن کي، پڻ سَمجھ ۽ نبوت نُور، پوءِ هِئ، جي ڦرندا هِن کان، ته مقرر ڪنداسون مُور، ٻي ڪا ذات ضرور، جي مُنڪر نه هوندسِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي هئا جن کي ڪتاب، حڪومت ۽ نبوت عطا ڪئي سون، جيڪڏهن اهي انهن ڳالهين جو انڪار ڪن ته اسان ان جي (پيروي) هڪ اهڙي قوم جي حوالي ڪئي، جي انڪار ڪندڙ نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو هئا جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت عطا ڪيا هئا، پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو انهن ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪن ته (پرواهه ناهي) اسان اها نعمت هاڻي ڪن ٻين ماڻهن کي سونپي ڇڏي آهي، جيڪي انهيءَ جا منڪر نه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ئي ماڻهو هئا جن کي عطا ڪياسين ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت، پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا، (ته پرواهه ناهي) اسان ڪن اهڙن ماڻهن کي اها نعمت ڏئي ڇڏي آهي جيڪي ان جا منڪر نه آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (رسول) اهي ئي ماڻهو هئا جن کي اسان ڪتاب، حڪم ۽ نبوت عطا ڪئي پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ته (ڪا ڳالهه نه آهي) اسان ٻين ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي جيڪي انهن (نبين سڳورن) کي مڃڻ کان انڪار نه ڪندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اِهي ئي) اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ (شريعت) جو حڪم ۽ نبوت عطا فرمائي هئي. پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو (يعني ڪافر) انهن (ڳالهين) کان انڪار ڪن ته بيشڪ اسان انهن ڳالهين تي (ايمان آڻڻ جي لاءِ) اهڙي قوم کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ان کان انڪار ڪرڻ وارا نه (هوندا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسين ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت (جي نعمت) عطا فرمائي. پوءِ جيڪڏهن اهي (مشرڪ) ان نعمت کان انڪار ڪن ٿا ته (وڃي ڪن-انهن جي انڪار سان ڪجهه ڪونه بگڙندو) اسين قرآن جي پيروڪاري ۽ حفاظت هڪ اهڙي گروهه جي حوالي ڪئي آهي جيڪو (انهن ماڻهن وانگر) سچائيءَ کان انڪاري ناهي. (بلڪه ان جو قدر شناس آهي). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدَى اللَّهُ فَبِهُدىٰهُمُ اقتَدِه قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِن هُوَ إِلّا ذِكرىٰ لِلعٰلَمينَ (آيت : 90) |
اِھي اُھي آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر، چؤ ته اوھان کان اُن (پيغام پُھچائڻ) تي ڪو اجورو نٿو گھُران، اِھو قرآن خاص جھانن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن کي خدا حق جي واٽ ڏيکاري ڇڏي، پوءِ تون به انهن جي راهه جي پيروي ڪر، تون چئي ڏي ته مان هن (رهنمائي) لاءِ ڪوئي بدلو ۽ فائدو ڪونه ٿو گهران. اها (رهنمائي) سواءِ هن جي ڪجهه ناهي ته سڄي دنيا جي لاءِ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت ڏني پوءِ توهان اُنهن جي هدايت جي تابعداري ڪريو، اي رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان قرآن جو اجر نٿو گھران، ناهي هيءُ قرآن ڪريم مگر نصيحت سڀني جهانن لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي اڳيان پيغمبر) اهي انسان هئا. جن جي خدا هدايت ڪئي پوءِ تون به سندن هدايت جي پيروي ڪري. (اي رسول!) کين چئو ته آءُ اوهان کان هن (رسالت) جو اجورو ڪجھ نٿو گهران. هي ته ساري جهان جي لاءِ سمجهاڻي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي اهيئي آهن جو هدايت ڪئي (انهن کي) الله پوءِ انهن واريءَ هدايت تي هل فرماءِ ته نه ٿو گهران اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اِهي اُهي آهن جن کي الله رستو ڏيکاريو. پوءِ تون به سندن طريقي تي هل! چئو ته آءُ اوهان کان ان (قرآن پهچائڻ) تي ڪا اُجرت نه ٿو گهران. اها خاص جهانن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي (انبياءِ ڪرام) اُهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي آهي پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر. چؤ ته آءٌ اوهان کان ان (قرآن سيکارڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. ناهي اهو (قرآن) مگر جهانن وارن لاءِ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي سَنئين اُنهن کي، سُهائـِي ستار، پوءِ رَه سندنِ راه جو، تهدِل تابعدار، چئو آئون نه اوهان کان، اُن تي، ڪو گُهران پورهيو پار، هِي، نه آهي، نصيحت ڌار، جُملي جھانن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي ئي آهن جن کي الله سنئون رستو ڏيکاريو آهي، پوءِ تون به انهن جي هدايت جي پيروي ڪر. چئو ته آءٌ اوهان کان بدلو نه ٿو گهران، هيءُ ته جهان جي ماڻهن لاءِ نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جيڪي ماڻهو الله وٽان هدايت ڪيل هئا، تون به انهن جي طريقي تي هل ۽ ٻڌائي ڇڏين ته مان (انهيءَ ڪم جو) توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران. اها ته هڪڙي عام نصيحت آهي سموري جهان وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اهي ئي ماڻهو هدايت وارا هئا الله جي طرفان، تون به انهن جي طريقي تي هل، ۽ چئي ڇڏ ته آئون (تبليغ واري) ان ڪم تي توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، هي ته عام نصيحت آهي دنيا وارن جي لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي (انبياء ڪرام) آهن جيڪي الله تعالى جي طرفان ٻڌايل سڌي رستي تي هئا. پوءِ تون به انهن جي رستي تي هل ۽ ماڻهن کي چؤ ته مان توهان کان هن ڪم جو ڪو اجورو ته نٿو گهران، هي (قرآن) ته دنيا وارن جي لاءِ هڪ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اهي ئي) اهي ماڻهو (يعني خدا جا پيغمبر) آهن جن کي الله هدايت فرمائي آهي پوءِ (اي رسول آخر زمان!) توهان انهن جي (فضيلت وارن سڀني) طريقن (کي پنهنجي سيرت ۾ جمع ڪري انهن) جي پيروي ڪريو (ته جيئن توهان جي ذات ۾ انهن سڀني نبين ۽ رسولن جون فضيلتون ۽ ڪمال گڏ ٿي وڃن)، توهان فرمايو: (اي ماڻهؤ!) آئون توهان کان (هدايت جي فراهمي) تي ڪو اجورو نٿو گهران، هي ته صرف جهان وارن جي لاءِ نصيحت آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي خدا حق جي راهه ڏيکاري، تنهنڪري توهين به انهن جي واٽ تي هلو. تون چئه : مان ان (رهنمائيءَ) تي توهان کان ڪوئي اجورو نه ٿو طلبيان. قرآن ته سموري دنيا جي لاءِ نصيحت آهي. (۽ جڏهن قرآن نصيحت آهي ته توهين مون کي ڪيترو به ايذايو، مان فرض جي ادائيگيءَ کان باز اچڻ وارو ناهيان.) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ إِذ قالوا ما أَنزَلَ اللَّهُ عَلىٰ بَشَرٍ مِن شَيءٍ قُل مَن أَنزَلَ الكِتٰبَ الَّذى جاءَ بِهِ موسىٰ نورًا وَهُدًى لِلنّاسِ تَجعَلونَهُ قَراطيسَ تُبدونَها وَتُخفونَ كَثيرًا وَعُلِّمتُم ما لَم تَعلَموا أَنتُم وَلا ءاباؤُكُم قُلِ اللَّهُ ثُمَّ ذَرهُم فى خَوضِهِم يَلعَبونَ (آيت : 91) |
۽ اُنھن (يھودين) الله جو سندس شان مطابق قدر نه ڪيو ھن ڪري جو چيائون ته الله ڪنھن ماڻھوءَ تي ڪُجھ نه لاٿو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڪتاب ڪنھن لاٿو جيڪو موسىٰ آندو ھو؟ جو ماڻھن لاءِ نُور ۽ ھدايت ھو جنھن کي اوھين جزون جزون ڪريو ٿا اُن جي ڪنھن ڀاڱي کي پڌرو ڪندا آھيو ۽ گھڻو لڪائيندا آھيو، ۽ جيڪي (ڳالھيون) نڪي اوھين ۽ نڪي اوھان جا پيءُ ڏاڏا ڄاڻندا ھئا سي اوھان کي سيکاريون ويون، چؤ ته الله (ڪتاب لاٿو آھي) وري انھن کي سندن اجائي بحث ۾ راند ڪندو ڇڏي ڏي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن چيو ته خدا ڪنهن به انسان تي ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي، تڏهن هنن خدا جي خدائيءَ جو اهو قدر نه ڪيو جو ڪرڻ گهرجي. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، ڀلا ڪنهن اهو ڪتاب نازل ڪيو جو حضرت موسيٰ کڻي آيو ۽ جو ڍڳ بنائي ماڻهن کي ڏيکاريندا آهيو ۽ (انهيءَ جي حڪمن مان) گهڻيون ئي ڳالهيون لڪائيندا آهيو ۽ پڻ (جنهن ڪتاب جي وسيلي) توهان کي اهي ڳالهيون سيکاريون ويون جي توهان اڳي نه ڄاڻندا هئو نه توهان جا ابا ڏاڏا، تون کين چئو ته الله (نازل ڪيو) ۽ پوءِ انهن کي سندن باطل خيالن ۾ ڇڏي ڏي ته ڀلي (پنهنجي اجاين ڳالهين ۾) کيل تماشو ڪندا رهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ نه سڃاتو (يهودين) الله کي حق سان سڃاڻڻ، جنهن وقت انهن چيائون نه نازل ڪيائين الله تعالى ڪنهن بشر تي ڪا شيءِ، رسولِ عربي توهان فرمايو اهو ڪتاب (تورات) ڪنهن نازل ڪيو جيڪو (حضرت) موسيٰ کڻي آيو روشني ۽ هدايت ڏيندڙ هو ماڻهن کي توهان تورات کي پنو پنو ڪري ڇڏيو انهي مان ڪجھه حصو ظاهر ڪريو ٿا ۽ رسولِ عربي جي تعريف لڪايو ٿا ۽ توهان کي معلوم ڪرايو ويو جيڪو توهان کي ۽ توهان جن پيءُ ڏاڏن کي معلوم نه هو، توهان فرمايو الله نازل فرمايو، پوءِ ڇڏيو انهن کي سندن ڪُوڙن عقيدن ۾، اهي راند ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن (يهودين) خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو، نه ڪيو ان ڪري جو انهن ماڻهن (بيهودگي سان) هي چيو ته خدا ڪنهن انسان تي ڪجھ به ڪين نازل ڪيو آهي. (اي رسول!) تون هنن کان پڇ ته (ڀلا) جيڪو ڪتاب موسى آندو هو، ڪنهن نازل ڪيو هو؟ جو ماڻهن لاءِ نور ۽ (سموري) هدايت ئي (هدايت) هئي، جنهن کي اوهان ماڻهن جدا جدا ڪري ڪاغذ ورق بنائي ڇڏيو ۽ ان مان ڪجھ حصو (جو توهان جي مطلب جو آهي اهو) ظاهر ڪريو ٿا ۽ ڪيترو ئي (حصو جو اوهان جي خلاف آهي) لڪايو ٿا، هوڏانهن (ان ڪتاب جي وسيلي سان) اوهان کي اهي (اهي) ڳالهيون سيکاريون ويون جن کي نه اوهين ڄاڻندا هئا ۽ نه اوهان جا بابا ڏاڏا. (اي رسول!) پڪ اهي چوندا ته. نه!) تون ئي چئين ته خدا (نازل فرمايو) پوءِ کين ڇڏي ڏيو (ڀلي جهڪ پيا مارين) ۽ پنهنجي تون تون، مان مان ۾ کيڏندا ڦرن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه قدر ڪيائون الله جو (جيئن) قدر ڪرڻ جو حق آهي جڏهن چيائون ته نه نازل ڪئي الله ڪنهن بشر تي ڪا شيءِ فرماءِ ته ڪنهن نازل ڪيو ڪتاب جو آندو ان کي موسى نور ۽ هدايت ٿي ماڻهن جي لاءِ ڪيو ٿا ان کي ڪاغذ جا ٽڪرا ظاهر ڪيو ٿا انهن کي ۽ لڪايو ٿا گهڻن کي ۽ سيکاريا ويئو اهو جو نه ڄاتو اوهان ۽ نه پيئرن اوهان جي فرماءِ ته الله ان کان پوءِ ڇڏ انهن کي اجائي بحث پنهنجي ۾ پيا کيڏن.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (يهودين) الله جو قدر سندس شان موافق نه ڪيو جڏهن چيائون ته الله ڪنهن به ماڻهوءَ تي ڪجهه به نه لاٿو آهي. چئو ته اهو ڪتاب ڪنهن لاٿو جنهن کي موسيٰ کڻي آيو جو ماڻهن لاءِ نور ۽ هدايت هو، جنهن کي اوهين ورق ورق ڪري (ماڻهن جي اڳيان) ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻين (ڳالهين) کي لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي (قرآن ۾ ) اهي ڳالهيون سيکاريون ويون آهن جي نه اوهان ۽ نه اوهان جي ابن ڏاڏن کي معلوم هيون. چئوته الله (ان ڪتاب کي لاٿو آهي) پوءِ تون انهن کي سندن بحثن ۾ رانديون ڪندي ڇڏي ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (يهودين) الله جو اهڙو قدر ڪونه ڪيو جهڙو ان جي قدر ڪرڻ جو حق هيو جڏهن انهن چيو ته: ”الله ڪنهن انسان تي ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي“. چؤ ته: اُهو ڪتاب ڪنهن لاٿو هيو؟ جيڪو موسى کڻي آيو جيڪو ماڻهن لاءِ روشني ۽ هدايت هيو. توهان ان جا جدا جدا ورق ڪيا آهن توهان ان مان (ڪجهه) ظاهر ڪيو ٿا ۽ گهڻن کي لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي اهو سيکاريو ويو جيڪو نه اوهان ڄاڻندا هئا نه اوهان جا ابا ڏاڏا ڄاڻندا هئا. چؤ ”الله“ (ئي نازل ڪيو) پوءِ انهن کي ڇڏي ڏي پنهنجي اجائِي بحث بازي ۾ کيڏندا رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه سُڃاتئون سائينءَ کي، سندو سڃاڻڻ شان، جڏهن آکيون، ته ڪُجھ نه اُتاريو، آگي، سِر انسان، چَئو، لاٿو ڪِنهن ڪتاب سو، ته موسٰى مِهربان، آندوسُونهپ سوجھرو اِنسانن تي، اِحسان، پَٽِيء تان پنن ۾، اُتاريوسِ عيان، کوليو کيس، ۽ لِڪايو گھڻو بي گمان، ۽ اوهان ۽ اوهان جي، اَبن کي، جنهن جِي، ڪَرهُئـِي ڪا نه، سَٻاجھي سُبحان، سَمجھايا صفا ڪري. چئو، تون هِڪ الله، وري ڍيل، تن کي ڍول!، تان رانديون ڪن رول، سندنِ خام خيال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن الله جو اهڙو قدر نه ڪيو جهڙو ان جو قدر گهرجي، جڏهن چيائون ته ”الله انسان تي ڪجهه به نه لاٿو آهي“ پڇ ته ”ان ڪتاب کي ڪنهن لاٿو جي موسيٰ آندو هو؟ جو ماڻهن لاءِ نور ۽ سنئين واٽ ڏيکاريندڙ هو. جنهن کي اوهان ورق ورق ڪري ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻو ان مان لڪايو ٿا. ۽ اوهان کي اهو سيکاريو ويو، جو نڪي اوهين ڄاڻندا هئا ۽ نه اوهان جا ابا ڏاڏا. چئو اهو الله ئي لاٿو هو، پوءِ انهن کي سندن اجائي بحث ۾ کيڏندو ڇڏي ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن الله جو ڏاڍو غلط اندازو لڳايو، جڏهن چيائون ته الله ڪنهن به بشر (انسان) تي ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي. پڇين ته پوءِ اهو ڪتاب، جيڪو موسيٰ آندو هو، جيڪو سڀني انسانن لاءِ روشني ۽ هدايت هو، جنهن کي توهان پنا پنا ٿا ڪري ڇڏيو، ڪجهه ظاهر ٿا ڪيو ته گهڻو لڪائي ٿا ڇڏيو ۽ جنهن جي وسيلي توهان کي اهو علم ڏنو ويو هو، جيڪو نڪي توهان کي حاصل هو ۽ نه توهان جي ابن ڏاڏن کي، آخر ان جو نازل ڪندڙ ڪير هو؟ بس ايترو چؤ ته الله! پوءِ ڇڏي ڏين ته وتن اجاين بحثن ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن غلط اندازو لڳايو الله جو، ڏاڍو غلط، جڏهن چيائون ته ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي الله ڪنهن بني بشر تي ڪابه شيءِ نه، پڇين ته پوءِ ڪنهن نازل ڪيو هو اهو ڪتاب، جيڪو آندو هو (توهان وٽ) موسيٰ، نور ۽ هدايت هو سڀني ماڻهن جي لاءِ، جنهن کي توهان حصا حصا ڪري رکو ٿا، ڪجهه ڏيکاريو ٿا ۽ گهڻو ڪجهه لڪايو ٿا، ۽ جنهن وسيلي علم ڏنو ويو توهان کي جيڪو ڪونه هو توهان کي، ۽ نه توهان جي ابن ڏاڏن کي (اهو ڪنهن ڏنو هو) بس ايترو چئي ڇڏ ته الله، پوءِ ڇڏين ته وتن پنهنجن دليلن سان کيڏندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (يھودين) الله تعالى جو، ان جي شان مطابق لحاظ ئي نه رکيو، جڏهن انهن چيو ته الله تعالى ڪنھن به انسان جي مٿان ڪا به شيءِ نازل نه فرمائي آهي. پوءِ انهن کان پڇا ڪر ته اهو ڪتاب ڪنھن نازل ڪيو هو، جيڪو موسى (ؑ) آندو هو، جنھن ۾ سڀني انسانن جي لاءِ روشني (نور) ۽ هدايت هئي، جنھن جي هڪ هڪ پني کي توهان (ماڻهن جي اڳيان) ظاهر ڪريو ٿا ۽ گهڻين ڳالهين کي لڪايو به ٿا. ان ڪتاب جي ذريعي توهان کي اهڙو علم ڏنو ويو جو ان کان اڳ نه توهان کي ۽ نه توهان جي ابن ڏاڏن کي معلوم هو. (اي نبي ﷺ!) چؤ ته الله تعالى (ئي) هن ڪتاب کي نازل ڪيو آهي، کين ڇڏي ڏي ته ڀلي اهي فضول بحثن (۽ بيھوده شغل) ۾ لڳا پيا هجن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن (يعني يهودين) الله جو اُهو قدر ڪونه ڄاتو جهڙو قدر ڄاڻڻ گهرجي ها جڏهن اِهو چئي (ڪري رسالت محمدي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جو انڪار ڪري) ڇڏيو ته الله ڪنهن ماڻهو تي ڪا شيءِ نه لاٿي. توهان فرمايو: اُهو ڪتاب ڪنهن لاٿو هو جيڪو موسيٰ (عليه السلام) کڻي آيا هئا جيڪو ماڻهن جي لاءِ روشني ۽ هدايت هو؟ توهان جنهن جا جدا جدا ڪاغذ ٺاهي ورتا آهن توهان ان کي (ماڻهن تي) ظاهر (به) ڪريو ٿا ۽ (ان مان) گهڻو ڪجهه لڪايو (به) ٿا ۽ توهان کي اُهو (ڪجهه) سيکاريو ويو آهي جيڪو نه توهان ڄاڻندا هئا ۽ نه توهان جا پيءُ ڏاڏا، توهان فرمايو: (اهو سڀ) الله (جو ئي ڪرم آهي) پوءِ توهان انهن کي (سندن حال تي) ڇڏي ڏيو جيئن اُهي پنهنجي خرافات ۾ کيڏيندا رهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن چيو : خدا، ڪنهن انسان تي ڪاشيءِ نه لاٿي آهي (يعني وحي کان انڪار ڪيائون) ته خدا جي خدائيءَ جو جيڪو قدر ڪرڻ گهرجي، سو هنن نه ڪيو. (اي پيغمبر!) تون چئه: (جيڪڏهن ائين ئي آهي ته ڀلا) ڪنهن اهو ڪتاب آندو هيو، جيڪو موسى کڻي آيو هو، (اهو ڪتاب) جيڪو ماڻهن جي لاءِ روشني ۽ هدايت آهي. ۽ جنهن کي توهين ورقن جو ڍڳ ٺاهي ماڻهن کي ڏيکاريو ٿا ۽ (ان جي مطلبن ۽ حڪمن منجهان) کوڙ ڳالهيون لڪائي ٿا ڇڏيو. پڻ (جنهن ڪتاب جي ذريعي) توهان کي اهي ڳالهيون سيکاريون ويون جيڪي پهريان نه ڪي توهين ڄاڻندا هيئو نه ڪي توهان جا ابا ڏاڏا ڄاڻندا هئا؟ (اي پيغمبر!) تون چئه: “الله!”-، (اهي سڀ حقيقتون نازل ڪيون!-) ۽ پوءِ کين سندن بڪواس (۽ بحثن) ۾ ڇڏي ڏي ته (ان ڳالهه جو معقول جواب نه لهي ڪري ڀلي پنهنجين جڙتو ڳالهين ۾) کيڏندا رهن.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهٰذا كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ مُبارَكٌ مُصَدِّقُ الَّذى بَينَ يَدَيهِ وَلِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَالَّذينَ يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ يُؤمِنونَ بِهِ وَهُم عَلىٰ صَلاتِهِم يُحافِظونَ (آيت : 92) |
۽ ھي ڪتاب آھي جو ان کي برڪت وارو جيڪي اُن کان اڳ آھن تن کي سچو ڪندڙ لاٿوسون ھن لاءِ ته (تون) مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين، ۽ جيڪي آخرت کي مڃيندا آھن سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن ۽ اُھي پنھنجي نمازن جي سنڀال ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) هي ڪتاب (قرآن) آهي، جنهن کي اسان (تورات وانگر) نازل ڪيو ۽ برڪت وارو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) اڳي (نازل ٿيو آهي) تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ اهو (قرآن) هن لاءِ اسان نازل ڪيو ته تون مڪي جي ماڻهن کي ۽ انهن کي جي ان جي چوگرد آباد آهن، خبردار ڪرين، سو جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين رکن ٿا سي ان تي ايمان به آڻين ٿا ۽ پنهنجون نمازون به قائم ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ هي (قرآن ڪريم) ڪتاب آهي جيڪو اسان نازل ڪيو آهي وڏي برڪت وارو آهي تصديق ڪندڙ آهي اڳين مقدس ڪتابن جي ۽ انهي لاءِ ته توهان ڊيڄاريو مڪه جي ماڻهن کي ۽ سمورن ماڻهن کي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان رکن ٿا (اُهي) قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا، ۽ اهي پنهنجن نمازن تي هميشگي ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي قرآن به اهو ڪتاب آهي جنهن کي اسان برڪت وارو نازل ڪيو آهي ۽ (ان ڪتاب) جي تصديق ڪري ٿو جو ان کان اڳ (۾ ئي) موجود آهي پڻ ان لاءِ نازل ڪيل آهي ته جيئن تون (ان جي ذريعي سان) مڪي وارن ۽ ان جي چوڌاري رهڻ وارن کي (خدا جي خوف کان) ڊيچارين. ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان رکن ٿا اهي ته هن تي (بنا دير جي) ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجين پنهنجين نمازن جي پابندي ڪندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي ڪتاب آهي جو ڪيوسون ان کي، برڪت وارو، تصديق ڪندڙ آهي ان جي جيڪو ان کان اڳ ۾ هو ۽ تانته ڊيڄارين تون مڪي (وارن کي) ۽ انهن کي جو چؤ طرف ان جي آهن ۽ اهي شخص جو ايمان آڻين ٿا آخرت تي ۽ ايمان آڻين ٿا ان تي ۽ اهي نماز پنهنجيءَ جي حفاظت ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هي برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي، جيڪي ان جي اڳيان آهي تنهن کي سچو چوندڙ آهي ۽ هن لاءِ ته ان سان مڪي وارن کي ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن تن کي تون ڊيڄارين. ۽ جيڪي آخرت تي ايمان آڻين ٿا، سي ان (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا. ۽ اهي پنهنجيءَ نماز جو (هميشه) خيال رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهڙي طرح) هي به هڪ ڪتاب آهي جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي برڪتن وارو آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي جيڪي ان کان اڳ (ڪتاب) آيا ۽ (ان لاءِ لاٿوسين ته) تون سڀ شهرن جي مرڪز (مڪي وارن) ۽ ان جي آس پاس (ساري دنيا وارن) کي ڊيڄار. ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان رکن ٿا اُهي هِن (قرآن) تي به ايمان رکن ٿا ۽ اُهي پنهنجي نمازن جي حفاظت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيو سون ڀَلو قرآن هِيْ، نازِل نُورنبار، صحِي ڪندڙ اُن کي، جو تُهان اڳ تڪرار، تان گامن مان، مُک گام کي، اِن سان ڍول! ڊيڄار، ۽ اوسا پاسا اُن جا؛ ۽ جي آڻينِ اعتبار، آخرت تي، پُڻ اُن کي، وِسهن جي وِينجھار، ۽ ڪن حِفاظت هَر وار، ۽ نظر سندنِ نماز تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هيءُ جيڪو ڪتاب اسان لاٿو آهي، (اهو) برڪت ڀريو ۽ پاڻ کان اڳين ڪتابن کي سچو ڪندڙ آهي ۽ هن لاءِ ته تون مڪي ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين- جيڪي آخرت تي ويساهه رکن ٿا، سي ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ اهي پنهنجين نمازن جي پوري سنڀال رکن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ ڪتاب وانگر) هيءُ به هڪ ڪتاب آهي، جنهن کي پڻ اسان نازل ڪيو آهي. ڏاڍي برڪت ۽ ڀلائيءَ وارو آهي. ان شيءِ جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪا کانئس اڳي آئي هئي ۽ انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي تون ڳوٺن جي انهيءَ مرڪز (مڪي) ۽ ان جي چؤگرد رهڻ وارن کي تنبيــھ ڪرين. جيڪي ماڻهو آخرت کي مڃن ٿا، سي ئي هن ڪتاب تي ايمان آڻن ٿا ۽ اهي ئي پنهنجين نمازن جي سنڀال ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (انهيءَ ڪتاب وانگر) هي ڪتاب اسان نازل ڪيو آهي وڏي ڀلائي ۽ برڪت وارو آهي، تصديق ڪري ٿو ان شيءِ جي جيڪا اڳي آئي هئي، ۽ انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته تون ان جي ذريعي وستين جي هن مرڪز (مڪه) ۽ ان جي چوڌاري رهڻ وارن کي تنبيهه ڪرين جيڪي آخرت کي مڃين ٿا، سي ئي هن ڪتاب تي ايمان آڻين ٿا، پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي برڪت ڀريو ڪتاب آهي جنھن کي اسان نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو ڪجهه اڳ ۾ نازل ڪيو ويو آهي ان جي تصديق ڪندڙ آهي. ان جي نازل ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته جيئن تون مڪي پاڪ ۽ ان جي آس پاس رهڻ وارن کي ڊيڄارين، هن ڪتاب تي اهي ئي ماڻهو ايمان آڻيندا جيڪي آخرت واري ڏينھن تي ايمان آڻيندا آهن ۽ پنھنجي نمازن جي پوري پابندي ڪندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ هي (اُهو) ڪتاب آهي جيڪو اسان نازل فرمايو آهي، برڪت وارو آهي، جيڪي ڪتاب هن کان پهرين هئا انهن جي (اصل ۾) تصديق ڪندڙ آهي. ۽ (هي) ان ڪري (نازل ڪيو ويو آهي) ته توهان (سڀ کان پهرين) سڀني (انساني) وسندين جي مرڪز (مڪي) وارن کي ۽ (ٻئي ڀيري سموري دنيا ۾) ان جي چوڌاري وارن کي ڊيڄاريو، ۽ جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين رکن ٿا سي ئي هن تي ايمان آڻين ٿا ۽ اُهي ئي پنهنجي نماز جي پوري حفاظت ڪن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ هي (قرآن) ڪتاب آهي جيڪو اسين (تورات وانگر) نازل ڪيو، برڪت ڀريو ۽ جيڪو (ڪتاب) هن کان پهريان (نازل ٿي چڪو) آهي ان جي به تصديق ڪندڙ آهي. ۽ (نازل هن لاءِ ڪيوسين) ته جيئن اُمّ القرى (يعني مڪي شهر) جي رهواسين کي ۽ انهن کي جيڪي (پوري دنيا ۾) ان جي چؤڌاري (ملڪ ۽ قومون) وسن ٿيون (گمراهين جي نتيجن کان) خبردار ڪر. تنهنڪري، جيڪي ماڻهو آخرت تي يقين رکن ٿا ، اهي قرآن تي به ايمان رکن ٿا ۽ (ايمان آڻڻ کان پوءِ) پنهنجين نمازن جي حفاظت کان غافل نه ٿا ٿين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو قالَ أوحِىَ إِلَىَّ وَلَم يوحَ إِلَيهِ شَيءٌ وَمَن قالَ سَأُنزِلُ مِثلَ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَلَو تَرىٰ إِذِ الظّٰلِمونَ فى غَمَرٰتِ المَوتِ وَالمَلٰئِكَةُ باسِطوا أَيديهِم أَخرِجوا أَنفُسَكُمُ اليَومَ تُجزَونَ عَذابَ الهونِ بِما كُنتُم تَقولونَ عَلَى اللَّهِ غَيرَ الحَقِّ وَكُنتُم عَن ءايٰتِهِ تَستَكبِرونَ (آيت : 93) |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا چوي ته مون ڏانھن وحي ڪيو ويو آھي ۽ ڏانھنس ڪُجھ به وحي نه ڪيو ويو ھجي يا چوي ته جئن الله (ڪتاب) نازل ڪيو آھي تئن آءٌ (به) ڪتاب نازل ڪندس، ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڏسين (ته جيڪر عجب لڳيئي) جڏھن ظالم موت جي سڪراتين ۾ ھوندا ۽ ملائڪ پنھنجن ھٿن کي ڊگھو ڪندا، ( ۽ چوندا ته) پنھنجن ساھن کي ٻاھر ڪڍو، اڄ اوھان کي خواري واري عذاب جي سزا انھيءَ سببان ڏني ويندي جو اوھين الله تي ناحق چوندا ھيؤ ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ هڻي هٿراڌو ڳالهه ٺاهي يا چوي ته مون تي وحي آيو آهي ۽ حقيقت ۾ هن تي ڪوبه وحي نه آيو آهي. ۽ پڻ انهيءَ کان (وڌيڪ ظالم ڪير آهي) جو (وحي جي مخالفت ڪري) چوي ته، مان به اهڙي ڳالهه نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي خدا نازل ڪئي آهي ۽ (اي پيغمبر!) تون جيڪر عجب کائين جيڪڏهن ظالمن کي انهيءَ حالت ۾ ڏِسين جڏهن هو موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (هنن جو ساه ڪڍڻ لاءِ) هٿ ڊگها ڪندا (۽ چوندا ته) پنهنجا روح (پنهنجي جسم مان) ٻاهر ڪيو. اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جو جيڪي تهمتون توهان خدا تي ڌريندا هئو ۽ سندس آيتن کي تڪبر سببان رد ڪندا هئو، تنهن جي عيوض ۾ توهان کي خوار خراب ڪندڙ عذاب ڏنو وڃي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم انهي کان جيڪو الله تي ڪُوڙ مڙهي ٿو يا چيائين مون ڏانهن وحي رباني ڪئي وئي آهي حالانڪ ان ڏانهن وحي نه موڪلي وئي ۽ جنهن ماڻهو چيو جلدي مون ڏانهن نازل ڪيو ويندو مثل انهيءَ جي جيڪو الله نازل ڪيو، ۽ جيڪڏهن توهان اهو وقت ڏسو ها جڏهن اهي ظالم موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (سندن ساهه ڪڍڻ لاءِ) هٿ وڌائيندا، چوندا توهان پنهنجن ساهن کي ڪڍو، اڄ ڏينهن توهان کي خواري واري عذاب سان سزا ڏني ويندي، ڇو ته توهان الله تي ناحق ڳالهيون مڙهيندا هئا ۽ توهان الله تعالى جي آيتن کان تڪبر ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو جو خدا تي ڪوڙ بدوڙ (زٽ) هڻي چئي ته اسان ڏي وحي آيو آهي، هوڏانهن هن ڏي “وحي” وغيره ڪجھ به نه آيو، يا اهو چوي ته جهڙو قرآن خدا نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به (هاڻي جو هاڻي) جلد نازل ڪري ٿو ڏيان. ۽ (اي رسول!) جيڪر تون ڏسين ته اهي ظالم موت جي سخم پيا آهن ۽ فرشتا هنن ڏي (ساھ ڪڍڻ لاءِ) ڪئين هٿ ڊگهيري رهيا آهن (۽ چوندا وڃن ٿا) ته پنهنجا ساھ ڪڍو. اڄ ئي اوهان کي خواريءَ جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ڇو ته توهين خدا تي اجايو (بيجا) ڪوڙ ٻڌندا هئا. پڻ سندس آيتون (ٻڌي انهن کان آڪڙيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جو ٺاهي هنيائين الله تي ڪوڙ يا چيائين ته وحي موڪليو ويو مون ڏانهن حالانڪه نه وحي موڪليو ويو ان ڏانهن ڪجھ به ۽ ان کان (وڌيڪ به ڪير ظالم آهي) جو چيائين ته جلد نازل ڪندس مان مثال ان جو، جو نازل ڪيو الله ۽ جيڪڏهن ڏسين تون جنهن وقت ظالم سڪراتن موت جي ۾ (هوندا آهن) ۽ ملائڪ ڊگهو ڪندڙ (هوندا آهن) هٿن پنهنجن کي ته ڪڍو ساھ پنهنجا اڄ سزا ڏنا ويندؤ عذاب خواري (واري) جي ان سببان جو چوندا هيئو الله تي ناحق ۽ آيتن ان جي کان تڪبر ڪيُوَ ٿي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو. يا چيائين ته مون ڏي وحي ڪيو ويو آهي هوڏانهن ان ڏي ڪجهه به وحي نه ڪيو ويو آهي ۽ جنهن چيو ته جهڙو (ڪتاب) الله نازل ڪيو آهي اهڙو آءُ به نازل ڪندس ۽ جيڪڏهن تون ڏسين (ته توکي عجب ٿئي) جنهن وقت (اهي) ظالم موت جي سختين ۾ هوندا ۽ ملائڪ پنهنجن هٿن کي ڊگهو ڪري رهيا هوندا (انهن کي چوندا) ته پنهنجن ساهن کي ٻاهر ڪڍو. اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا ڏني ويندي، هن ڪري جو اوهين الله تي ناحق چوندا هئا ۽ سندس آيتن کان وڏائي ڪندا هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌي؟يا چوي ته مون ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي حالانڪه ان ڏانهن ڪا شيءِ به وحي نه ڪئي وئي هجي ۽ جيڪو چوي ته جيئن الله نازل ڪيو تيئن آءٌ به نازل ڪري سگهندس. ۽ جيڪڏهن تون (اهو منظر) ڏسين ته جڏهن ظالم موت جي سختين ۾ هوندا ۽ ملائڪ پنهنجا هٿ ڊگها ڪري (چوندا ته) توهان پنهنجون جانيون جسم مان ڪڍو. اڄ توهان کي خواري واري عذاب جي سزا ڏني ويندي انڪري جو توهان الله تي ناحق ڳالهيون چوندا هيا ۽ توهان ان جي آيتن کان وڏائي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي ڪير اُن کان، جَبر و جفاڪار؟، جنهن ٻَڌا ڪوڙ ڪريم تي، ۽ ٻوليائـِين ٻِيهار، ته مون ڏي وَحِي ڪيو ويو، ۽ نه آيو وَحِي تِنهن پار، ۽ اُتو، ته اُتاريندس سِگھو، پَنهنجا حڪم هيڪار، جِھڙِي طرح جَبّار، اُتاريو اِي آيتون. جيڪر جَفاڪار، ڏِسين مَرينِ ۾، موت جي، ۽ مَلڪ ڪندڙ موڪرا، پَنهنجا هٿ هيڪار، ڪڍو پساه پَنهنجا؛ اڄ لوڙيندو لاچار، خرابِي، خوارِئَ جو، اَهکو ڪو آزار، جيئن بنائينداهُئا باتيون، هادِئَ تي، حق ڌار، ۽ ڪندا هئاڪُفار!، هَٺ، اُن جي حڪمن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جو الله تي ڪوڙ گهڙي، يا چوي، ته مون ڏي وحي ٿيل آهي. مگر ان ڏانهن ڪجهه به وحي نه آيو هجي ۽ جيڪو چوي ته آءٌ به اهڙو وحي آڻي سگهان ٿو جهڙو الله موڪلي ٿو. ۽ جيڪڏهن تون انهن ظالمن کي ڏسين جڏهن اهي موت جي سختين ۾ هوندا آهن ملائڪ هٿ وڌائيندا آهن ته ”پنهنجن جانين کي ٻاهر ڪڍو، اڄ اوهان کي ذلت جو عذاب ڏنو ويندو جو اوهين الله تي ڪوڙ ڳالهائيندا هئا ۽ سندن آيتن کان سرڪشي ڪندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي يا چوي ته مون تي وحي نازل ٿيو آهي، حالانڪه ڏانهس ڪوبه وحي ڪونه آيو آهي. يا چوي ته مان به اهڙي ئي شيءِ نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي الله نازل ڪئي آهي. جيڪر ته تون ظالمن کي ان حالت ۾ ڏسي سگهين، جڏهن هو سڪرات جي هــِـڏڪين ۾ هوندا ۽ ملائڪ هٿ وڌائي پيا چوندا هوندن ته "ڪڍي ڏيو پنهنجا ساهه، اڄ توهان کي انهن ڳالهين جي بدلي ۾ خواريءَ وارو عذاب ملندو، جيڪي توهان الله تي ناحق ٺاهي پيا مڙهيندا هيؤ ۽ سندس آيتن جي مقابلي ۾ آڪڙ ڪندا هيؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ماڻهوءَ کان ٻيو وڏو ظالم ڪير هوندو جيڪو ٺاهه ٺاهي الله تي ڪوڙا يا چوي ته مون ڏانهن وحي آيو آهي جڏهن ته ڪوبه وحي ان ڏانهن موڪليو نه ويو هجي، يا وري(الله جي نازل ڪيل شيءِ جي مقابلي ۾) چوي ته آئون اهڙي شيءِ نازل ڪري ڏيکاريان، جيڪا الله نازل ڪئي آهي، جيڪر تون ظالمن کي ان حالت ۾ ڏسي سگهين جڏهن اهي موت جي سڪرات ۾ پيا هڏڪيون کائين ۽ ملائڪ ڊگهيري پنهنجا هٿ (چون پيا ته) ڪڍي ڏيو پنهنجا ساهه، اڄ توهان کي انهن ڳالهين جي عيوض ذلت وارو عذاب ڏنو ويندو جيڪا توهان تهمت لڳائي الله تي ناحق بڪندا هئا ۽ سندس آيتن جي مقابلي ۾ آڪڙ ڏيکاريندا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم آهي؟ جيڪو الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻي يا هي چوي ته مون تي وحي نازل ڪئي وئي آهي. حالانڪه ان ڏي ڪا به وحي نازل نه ڪئي وئي هجي يا الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل شين جي باري ۾ چوي ته مان به اهڙيون ئي شيون نازل ڪري سگهان ٿو. ڪاش! جيڪڏهن تون اهڙن ظالم ماڻهن جي موت واري سڪرات جي سختيءَ کي ڏسي سگهين، جڏهن فرشتا پنھنجا هٿ انهن جي ڳچين ۾ وجهندا ۽ کين چوندا ته ڪڍو پنھنجن ساهن کي، اڄ ذلت وارو عذاب توهان کي ان ڪري ڏنو ويندو جو توهان الله تعالى جي مٿان ڪوڙ هڻندا هئا ۽ سندس آيتن جي مقابلي ۾ تڪبر ڪندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير هوندو جيڪو الله تي ڪوڙي تهمت هڻي يا (نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪندي اِهو) چوي ته منهنجي طرف وحي ڪيو ويو آهي حالانڪه ان ڏانهن ڪوبه وحي نه لاٿو ويو هجي ۽ (ان کان وڏو ظالم ڪير هوندو) جيڪو (خدائي جي ڪوڙي دعويٰ ڪندي اِهو) چوي ته آئون (به) عنقريب اهڙوئي (ڪتاب) ٿو نازل ڪريان جهڙو الله نازل ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن توهان (ان وقت جو منظر) ڏسو جڏهن ظالم موت جي سختين ۾ (مبتلا) هوندا ۽ ملائڪ (انهن ڏانهن) هٿ پيا وڌائيندا ۽ (انهن کي پيا چوندا) توهان پنهنجون ساهه جسمن مان ڪڍو. اڄ توهان کي سزا ۾ خواريءَ وارو عذاب ڏنو ويندو. ان ڪري جو توهان الله تي ناحق ڳالهيون ڪندا هئا ۽ توهان ان جي آيتن کان نافرماني ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظالم ٿيندو، جيڪو خدا تي ڪوڙا ٺاهه ٺاهي يا چوي: مون تي وحي اماڻي وئي آهي ۽ حقيقت ۾ ان ڏانهن ڪا به وحي نه اماڻي وئي هجي. ۽ ان کان (وڌيڪ ڪير ظالم ٿيندو) جيڪو (خدا جي وحي جو مقابلو ڪري ۽) چوي : مان به اهڙي ئي ڳالهه نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي خدا نازل ڪئي آهي! (اي پيغمبر!) تون جيڪر تعجب ۾ پئجي وڃين، جيڪڏهن ظالمن کي اهڙي حالت ۾ ڏسين جڏهن اهي موت جي بي هوشين ۾ (بي سَتا ٿيا) ڪريا پيا هوندا ۽ فرشتا (انهن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ) هٿ وڌائيندا (۽ کين چوندا) ته : پنهنجا ساهه (پنهنجين جندُن منجهان) ڪڍو ٻاهر. اڄو ڪو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جو، توهين خدا تي جيڪي تهمتون مڙهيندا هيئو ۽ ان جي آيتن جي تصديق کان تڪبر ڪندا هيئو، ان جي سزا ۾ توهان کي رسوا ڪندڙ عذاب ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد جِئتُمونا فُرٰدىٰ كَما خَلَقنٰكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَتَرَكتُم ما خَوَّلنٰكُم وَراءَ ظُهورِكُم وَما نَرىٰ مَعَكُم شُفَعاءَكُمُ الَّذينَ زَعَمتُم أَنَّهُم فيكُم شُرَكٰؤُا۟ لَقَد تَقَطَّعَ بَينَكُم وَضَلَّ عَنكُم ما كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 94) |
۽ بيشڪ اسان وٽ (ائين) ھڪ ھڪ ٿي آيؤ جئن اوھان کي پھرين ڀيري پيدا ڪيو ھوسون ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيو ھوسون سو اوھان پنھنجين پٺين پوءِ تان ڇڏي ڏنو، ۽ اوھان جا سفارش ڪندڙ اوھان سان نه ٿا ڏسون جن کي اوھين پنھنجن (احتياجن پوري ڪرڻ) ۾ (الله سان) شريڪ ڀائيندا ھيؤ، بيشڪ اوھان جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڇنو ۽ جن کي اوھين ڀائيندا ھيؤ سي اوھان کان ڀُلجي ويا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (پوءِ خدا فرمائيندو ته) ڏسو آخر توهان مون وٽ اڪيلا اچي ويؤ، جهڙيءَ طرح توهان پهريائين اڪيلا پيدا ڪيا ويا هئو، ۽ جيڪي جيڪي (رزق) توهان کي (دنيا ۾) ڏنو هوم اهو سڀ پٺيان ڦٽي ڪري آيا آهيو. (اڄ) اسان توهان وٽ اهي هستيون نٿا ڏسون جن کي توهان شفاعت جو وسيلو سمجهيو هو ۽ جن متعلق اوهان جو خيال هو ته اوهان جي ڪمن ۾ هو خدا جا شريڪ آهن. اوهان جا سڀ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ جيڪي جيڪي خيال توهان رکندا هئو سي سڀ اوهان کان پري ڀڄي ويا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ تحقيق توهان اسان وٽ اڪيلا ايندا جيئنڪ اسان توهان کي پيدا فرمايو پهرين دفعي ۽ توهان دنيا ۾ ڇڏيندا جيڪي اسان توهان کي ڏنو، ۽ نه ڏينداسين اسان توهان سان گڏ توهان جن بتن کي جن لاءِ توهان جو گمان هو ته بيشڪ اهي بت عبادت ۾ رب تعالى جا شريڪ آهن، بيشڪ تحقيق اڄ (قيامت ۾) توهان جي ۽ توهان جي بتن جي وچ ۾ جدائي ٿي وئي ۽ توهان کان ضايع ٿيا اُهي جن جو توهان گمان ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نيٺ اوهين اسان ڏي اڪيلا آيو (نه؟) جهڙي طرح اسان اوهان کي پهرئين دفعي پيدا ڪيو هو ۽ جيڪو (مال ۽ اولاد) اسان اوهان کي ڏنو هو. سو سڀ پنهنجي پويان ڇڏي آيو! ۽ اوهان سان گڏ اوهان جي سفارش ڪرڻ وارن کي نٿا ڏسو! جن کي اوهين اسان سان گڏ (پرورش وغيره) ۽ ساٿي سمجهندا هئا. هاڻي ته توهان جا هڪ ٻئي ۾ تعلقات ٽٽي ويا ۽ جيڪي اوهين گمان ڪندا هوءُ سي سڀ اوهان کان گم ٿي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ يقينًا اسان وٽ هڪ هڪ ٿي آيئو جيئن پيدا ڪيوسون اوهان کي پهرئين ڀيري ۽ ڇڏيو اوهان جيڪو ڏنوسون اوهان کي پويان پٺين پنهنجي ۽ نه ٿا ڏسون گڏ اوهان سان سفارشي اوهان جا جن کي گمان ڪيو هيُوَ ته پڪ اهي اوهان (جي گمان) ۾ شريڪ آهن البته تحقيق ڇنو (ڳانڍاپو) اوهان ۾ ۽ گم ٿيا اوهان کان اهي جن جو گمان ٿي ڪيُوَ. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اوهين اسان وٽ اڪيلا آيا آهيو جيئن اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي اسان اوهان کي ڏنو هو سو اوهان پنهنجي پٺين پويان ڇڏي آيو ۽ اسين اوهان جا سفارش ڪندڙ اوهان سان نه ٿا ڏسون جن جي اوهين دعويٰ ڪندا هئا ته اهي اوهان (جي پالڻ) ۾ (الله جا) شريڪ آهن. بيشڪ اوهان جو لاڳاپو ڪپجي چڪو آهي ۽ جن جي (شريڪ هئڻ جي) اوهين دعويٰ ڪندا هئاسي اوهان کان گم ٿي ويا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اوهان (اڄ محشر۾) اسان وٽ اڪيلا ٿي آيا آهيو جيئن اسان اوهان کي پهرئين ڀيري (اڪيلو) پيدا ڪيو هيو ۽ جيڪي (سامان ِ دنيا) اوهان کي ڏنوسين اهو پنهنجي پٺيءَ پويان ڇڏي آيا آهيو ۽ اسان اوهان سان گڏ اوهان جي سفارشين کي به ڪونه ٿا ڏسون جن بابت اوهان گمان ڪندا هئا ته اُهي اوهان (جي ڪمن ٺاهڻ) ۾ (الله جا) شريڪ آهن. بيشڪ اوهان جا پاڻ ۾ تعلق ٽٽي ويا ۽ اُهي سڀ دعوائون اوهان کان گم ٿي ويون جيڪي توهان ڪندا هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوس اسان وٽ آئـِيا، هڪ، هڪ ٿِي هيڪار، اُپايوسون اوهان کي، پهرِين جھڙي پار، ۽ عطا ڪياسون اوهان کي، جيڪي خزانا خرار، سي سڀ پُٺيان پانهنجي، ترڪ ڪيان تڪرار، ۽ ڀيڙا نه ڏِسون اوهان سان، اُو وَسِيلا وَهار، جن کي، اوهان جي جوڙ ۾، ڀانتان ڀائيوار، لَـڳ لاڳاپا پاڻ ۾، وَڍجِي وِيان، هِن وار، ۽ وِيا ڪِنهن نِگو سار، جن کي، ڀانيان ڀائيوارٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن اسان اوهان کي پهرين ڀيرو (اڪيلو) پيدا ڪيو هو، تيئن (اڄ) اوهين اسان وٽ اڪيلا آيا آهيو ۽ جيڪي اسان اوهان کي عطا ڪيو هو، سو پٺتي ڇڏي آيا آهيو ۽ نڪي اسين اوهان سان اوهان جي انهن سفارشين کي ڏسون ٿا، جن کي اوهان پنهنجي خيال ۾ (الله جو) ڀائيوار سمجهيو ٿي. اوهان جا پاڻ ۾ لاڳاپا ٽٽي چڪا ۽ جيڪي اوهان ٿي ڀانيو، سو اوهان کان ويو هليو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ الله فرمائيندو) "ڏسو هاڻي ته توهان ائين اڪيلا ئي اچي اسان جي آڏو حاضر ٿيا آهيو، جيئن اسان توهان کي منڍ ۾ اڪيلو ئي پيدا ڪيو هو ۽ جيڪي ڪجهه دنيا ۾ اسان توهان کي ڏنو هو، سو سڀ پٺيان ڇڏي آيا آهيو ۽ هاڻي ته اسان توهان سان گڏ توهان جا اهي سفارشي به نٿا ڏسون جن جي باري ۾ توهان جو خيال هوندو هو ته توهان جا ڪم ڪرڻ ۾ انهن جو به ڪجهه حصو آهي. توهان جا سڀ لڳ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ جن جو توهان کي باور هوندو هو، سي سڀ توهان جي هٿان هليا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (الله فرمائيندو) ڏسو اڄ توهان اڪيلا ئي اچي اسان وٽ حاضر ٿيا آهيو جيئن توهان کي خلقيو پهريون هو، ۽ جيڪي ڪجهه توهان کي دنيا ۾ ڏنو هو اهو سڀ پوئتي ڇڏي آيا آهيو، اڄ اسان توهان سان گڏ اهي سفارشي ڪونه ٿا ڏسون جن لاءِ سمجهيو ٿي ته انهن جو توهان جي ڪمن پوري ڪرڻ ۾ حصو آهي، توهان جا پاڻ ۾ سڀ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ سڀ توهان کان گم ٿي ويا آهن جيڪي توهان سڀ پنهنجي اندازي سان ٺاهيا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (قيامت وارو منظر پيش ڪندي الله تعالى مشرڪن کي فرمائي ٿو ته) توهان اسان وٽ ايئن اڪيلا اڪيلا ٿي ڪري پھچي ويا آهيو، جيئن توهان کي پھريون ڀيرو اڪيلو اڪيلو ڪري پيدا ڪيو ويو هو ۽ اسان جيڪو ڪجهه توهان کي ڏنو هو سو سڀ توهان پوئتي ڇڏي آيا آهيو (اڙي هي ڇا!) اسان توهان سان گڏ توهان جا سفارشي به نٿا ڏسون، جن جي باري ۾ توهان کي اهو گمان هو ته هو توهان جي معاملي کي ٺاهڻ ۾ شريڪ آهن؟ اڄ هڪٻئي سان توهان جا رابطا به ڪٽجي چڪا آهن ۽ جن جي باري ۾ توهان کي گمان هو، سي به سڀ توهان کان گم ٿي ويا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ توهان (قيامت جي ڏينهن) اسان وٽ اهڙي طرح اڪيلا ايندؤ جيئن اسان توهان کي پهريون دفعو (اڪيلو) پيدا ڪيو هو ۽ (مال ۽ اولاد مان) جيڪو ڪجهه اسان توهان کي ڏنو هو اُهو سڀ پنهنجي پٺيءَ پويان ڇڏي ايندؤ، ۽ اسان توهان سان گڏ توهان جي انهن سفارش ڪرڻ وارن کي نه ڏسنداسين جنهن جي باري ۾ توهان (اِهو) گمان ڪندا هئا ته اُهي توهان جي (معاملن) ۾ اسان سان شريڪ آهن. بيشڪ (اڄ) توهان جو پاڻ ۾ تعلق (۽ ڀروسو) ٽٽي ويو ۽ اُهي (سڀ) دعوائون جيڪي توهان ڪندا هئا توهان کان هليون ويون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (وري خدا فرمائيندو) ته نيٺ توهين اسان جي حضور ۾ اڪيلي سر اچي چڪئو- جيئن پهريان توهان کي اڪيلي سِر پيدا ڪيو ويو هيو، ۽ جيڪو (سامان اسين) توهان کي (دنيا ۾) ڏنو هيو، اهو پنهنجي پويان ڇڏي آيئو. (ڇو ڀلا اڄ) اسين توهان سان اهي هستيون نه ٿا ڏسئون جن کي توهين شفاعت جو وسيلو سمجهندا هيؤ ۽ جن بابت توهان جو ويساهه هيو ته توهان جي ڪمن ۾ هو، خدا جا ڀائيوار آهن؟!- توهان جا سمورا (اعتماد وارا) رشتا ٽٽي چڪا. جيڪي به توهان جا اجايا گمان هيا، سي سڀ وڃائي ويٺؤ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ اللَّهَ فالِقُ الحَبِّ وَالنَّوىٰ يُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَمُخرِجُ المَيِّتِ مِنَ الحَىِّ ذٰلِكُمُ اللَّهُ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 95) |
الله ٻج ۽ ڪڪڙيءَ کي ڦٽائيندڙ آھي، مُئي مان جيئرو ڪڍندو آھي ۽ جيئري مان مُئو ڪڍندڙ آھي، اُھو (ئي) الله آھي پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڀلايا ويندا آھيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) هي الله ئي (جي ڪارسازي) آهي، جو هو (ٻج جي) داڻي ۽ کارڪ جي ککڙيءَ کي (جا زمين ۾ پوي ٿي) ڦوڙي وجهي ٿو (۽ هڪ خشڪ داڻي يا ککڙيءَ مان جيئرو ۽ ڦل ڏيندڙ وڻ پيدا ٿي پوي ٿو) هو زنده کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهوئي آهي جو مئل کي زنده مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي (پروردگار ۽ حڪيم) خدا آهي پوءِ (افسوس اوهان جي عقل تي) توهان ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى داڻن ۽ کجور جي ککڙي کي ڦُٽائيندڙ آهي، زندهه کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي زندهه مان ڪڍندڙ آهي، اهو آهي توهان جو رب پوءِ ڪهڙي طرح ابتا وڃو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ئي ته ککڙين ۽ داڻن کي ڦٽائي (وڻ ۽ سلا) ڪري ٿو. اهو ئي جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهو ئي مئل جيئري مان ڪڍي ٿو اهو ئي اوهان (ماڻهن) جو خدا آهي پوءِ ڪئين اوهين ابتا وڃو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله چيريندڙ آهي داڻي ۽ ککڙيءَ جو ڪڍي ٿو جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍندڙ آهي مئل کي جيئري مان اهوئي الله آهي.وءِ ڪيڏانهن ٿا ڀلايا وڃو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله داڻن ۽ ککڙين کي ڦٽائڻ وارو آهي. جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي الله آهي پوءِ ڪيئن اوهين ابتا وڃو ٿا؟ پرهه کي ڦٽائيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ٻج ۽ ککڙي کي ڦُٽائڻ وارو آهي. اُهو جيئري کي مُردي مان ڪڍي (پيدا ڪري) ٿو۽ زنده مان مرده کي ڪڍڻ وارو آهي. اُهو توهان جو الله آهي پوءِ توهان ڪيڏانهن ڀٽڪندا رهو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻِي ڦوڙِيندڙ داڻي کي، ۽ ککئَ مان، کجور، جِيَرو ڪري مُئي مان، ۽ جيَري مان، مُئو مور، الله، اوهان جو آهي، سو ظاهر ۽ ظُهور، پوءِ ڪهڙي مُنهن مغرور!، ڪوڙن سان، ڪاهيا وڃو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله ئي داڻي ۽ ککڙي کي ڦاڙڻ وارو آهي، اهو ئي جيئري کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍي ٿو اهوئي الله آهي پوءِ اوهين ڪيڏانهن ڀلجي وڃو ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) داڻي ۽ کوکڙيءَ کي ڦٽائڻ وارو الله آهي. اهوئي جيئري کي مئل مان ڪڍندو آهي ۽ اهوئي مئل کي جيئري مان ٻاهر ڪڍڻ وارو آهي. اهي سمورا ڪم ڪرڻ وارو ته الله آهي، پوءِ ڪيڏانهن پيا ٿا ڀٽڪندا وتو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ئي ڦُٽائيندڙ ٻج ۽ ککڙي کي آهي، اهو ئي جيئري کي ٻاهر ڪڍي ٿو مئل مان ۽ ٻاهر ڪڍي ٿو مئل کي جيئري مان، اهي سڀ ڪم ڪرڻ وارو ته الله آهي پوءِ ڪيڏانهن پيا ٿڙندا وتو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ئي هر قسم جي ٻجن ۽ کجيءَ جي ککڙيءَ کي چيري سلا ڪڍي ٿو، مئل مان زندهه ۽ زندهه شيءِ مان مئل شيءِ ڪڍي ٿو. توهان جو الله اهو ئي ته آهي پوءِ توهان کي ڪيڏانهن گمراه ڪيو وڃي ٿو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ الله داڻي ۽ ککڙي کي چيريندڙ آهي اُهو مئل مان جيئري کي پيدا فرمائي ٿو ۽ جيئري مان مئل کي ڪڍندڙ آهي، اهو ئي (شان وارو) ته الله آهي پوءِ توهان ڪٿي ڀٽڪندا ٿا وتو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اها الله جي ئي قدرت آهي جو هو (ٻج جي داڻي) ۽ ککڙيءَ کي، (جيڪا زمين ۾ پوکي ويندي آهي يا پاڻ ئي ڪري پوندي آهي) چيري ڇڏي ٿو (۽ هڪ سُڪل داڻي منجهان جيئرو جاڳندو وڌندڙ وڻ ڦُٽي پوي ٿو.) هو جيئري مان مئل کي ڪڍي ٿو ۽ اهوئي آهي جيڪو مئل کي جيئري مان ڪڍندڙ آهي. اِهوئي الله آهي! افسوس توهان جي سمجهه تي توهين ڪيڏانهن پيا ڀٽڪندا وڃو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فالِقُ الإِصباحِ وَجَعَلَ الَّيلَ سَكَنًا وَالشَّمسَ وَالقَمَرَ حُسبانًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 96) |
پرھ کي ڦٽائيندڙ آھي، ۽ رات کي آرام ۽ سج ۽ چنڊ کي (وقتن جي) حساب لاءِ (پيدا) ڪيائين، اھو اندازو (الله) غالب ڄاڻندڙ ٺاھيو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (رات جي پردي کي ڦاڙي چاڪ ڪري) صبح کي ظاهر ڪندڙ (اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ بدلائيندڙ، اهوئي پروردگار آهي) جنهن رات کي (اوهان جي لاءِ) آرام ۽ فرحت جو سامان بنايو، ۽ سج ۽ چنڊ (جي اڀرڻ لهڻ ۽ گردش مان وقت، ڏينهن، مهينا ۽ سالن جو) حساب جو معيار بنجي ويا. (ممڪن ناهي جو هڪ منٽ يا سيڪنڊ جي به گهٽتائي يا وڌائي ٿئي) هي انهيءَ ئي جو ٺهرايل اندازو آهي، جو سڀني تي غالب آهي ۽ سڀ علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اونداهي کي ختم ڪري صبح ڪندڙ آهي، ۽ پيدا ڪيائين رات کي آرام لاءِ ۽ پيدا ڪيائين سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ، اهو اندازو آهي غالب ڄاڻندڙ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي پرھ کي ڦٽائيندڙ ۽ انهيءَ آرام لاءِ رات کي ۽ حساب لاءِ سج ۽ چنڊ پيدا ڪيا. اهي زبردست خدا ۽ دانا جا مقرر ڪيل (اصول) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيري ڪڍندڙ آهي صبح کي ۽ ڪيائين رات کي سڪون جي لاءِ ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب جو ذريعو اهو اندازو ٺاهڻ آهي غالب ڄاڻندڙ (الله جي طرفان) .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات کي آرام لاءِ ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ پيدا ڪيو اٿس. اهو زبردست (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو پِرهه ڦُٽائيندڙ آهي ۽ ان رات کي آرام لاءِ بنايو ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ ڪيائين. اُهو غالب علم واري (الله) جو مقرر اندازو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صاحب ڦوڙيندڙ صبحن جو، ۽ ڪيائين رات، قرار، ۽ ليکي پورا، لوڪ ۾، سج، چنڊ چَلن چوڌار، اِهو انداز اِظهار، آهي، سٻر، سٻوجھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهوئي صبح کي نروار ڪري ٿو ۽ رات کي آرام لاءِ بڻايائين، سج ۽ چنڊ کي حساب لاءِ، اهو غالب علم رکڻ واري جو اندازو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات کي چيري صبح ٻاهر ڪڍڻ وارو اهوئي آهي ۽ انهيءَ ئي رات کي آرام جو وقت بڻايو آهي. انهيءَ ئي سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ لهڻ جو حساب مقرر ڪيو آهي. اها سڀ انهيءَ زبردست طاقت واري ۽ ڄاڻ واري جي ڪــَـٿي بيهاريل رٿا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ڦاڙي ٿو صبح کي رات جي پردي مان. هن رات کي سڪون وارو بڻايو آهي. ۽ (هن ئي) سج ۽ چنڊ جو اڀرڻ ۽ لهڻ حساب سان رکيو آهي. هي سڀ انهيءَ زبردست طاقت ۽ علم واري جون رٿون آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو رات کي چيري صبح کي ڪڍي ٿو ۽ رات کي سڪون وارو بنايائين۽ سج ۽ چنڊ کي هڪ حساب سان رکيائين. هي اندازا هڪ زبردست ۽ هر قسم جي علم رکڻ واري جا مقرر ڪيل آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اُهوئي) صبح (جي روشني) کي رات جي اونداهي مان ڦاڙي ڪڍندڙ آهي، ۽ اُن ئي رات کي آرام جي لاءِ بڻايو آهي ۽ سج ۽ چنڊ کي حساب ۽ ڳڻپ جي لاءِ، هي تمام غالب وڏي علم واري (رب) جو مقرر ڪيل اندازو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) رات جو پردو سُرڪائي صبح جو اجالو پسائيندڙ (۽ رات جي انڌيري کي ڏينهن جي اجالن ۾ بدلائي ڇڏيندڙ الله!) هُن، رات کي (توهان جي لاءِ) راحت ۽ سڪون خاطر پيدا ڪيو ۽ سج ۽ چنڊ (جي اڀرڻ ۽ لهڻ جو اهڙو سانگ رچايائين جو سج شمسي تاريخ جو ۽ چنڊ قمري تاريخ جي) حساب جو معيار بڻجي پيا! (مجال آهي جو سج ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ ۾ رٿيل وقت کان کن پل جي به ڪا ڪمي بيشي ٿئي!) اهو اٽل اصول آهي سڀ تي غالب ۽ علم واري الله جو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ النُّجومَ لِتَهتَدوا بِها فى ظُلُمٰتِ البَرِّ وَالبَحرِ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 97) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن تارن کي اوھان لاءِ ھن ڪري (پيدا) ڪيو ته پٽن ۽ دريائن جي اونداھين ۾ واٽون لھو، بيشڪ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هو اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان جي لاءِ تارا بنايا ته بيابانن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ انهن جي نشانين سان واٽ لهو، بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي علم رکندڙ آهن پنهنجي (ربوبيت ۽ رحمت جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهو رب آهي جنهن توهان لاء پيدا ڪيائين تارن کي انهي لاءِ ته معلوم ڪريو توهان واٽ انهن سان اونداهِين ميدان ۽ سمنڊ ۾، بيشڪ اسان بيان ڪريون ٿا نشانيون انهي قوم لاءِ جيڪي علم رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو خدا آهي جنهن توهان جي (فائدي لاءِ ستارا بنايا ته جيئن اوهين جهنگلن ۽ دريائن جي اونداهين ۾ رستو لهو، جيڪي ماڻهو ڄاڻ وارا آهن، تن لاءِ اسان پنهنجي (قدرت جون) نشانيون خوب کولي بيان ڪيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهوئي (الله) آهي جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ تارن کي تانته رستا وٺو انهن سان انڌيرن پٽ ۽ سمنڊ جي ۾ تحقيق کولي بيان ڪيوسون آيتن کي ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن تارن کي اوهان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته انهن سان خشڪيءَ ۽ درياءَ جي اونداهين ۾ رستو لهو. بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي ڄاڻن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) آهي جنهن اوهان لاءِ تارن کي بنايو هن لاءِ ته انهن جي ذريعي خشڪي ۽ سمنڊن جي اونداهين ۾ واٽ لهو. بيشڪ اسان علم وارن لاءِ کولي کولي آيتون بيان ڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تارا ڪيائين توهان لئي، ته ساڻنِ، سُونهوپار، برن ۽ بحرن جي، مَنجھ اُونداهِي اَنڌڪار، کوليون سون خوب طرح، نِشانِيون ِنروار، جي سَمجھن ڳالھ سَچار، ڪارڻ تِنهين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ئي اوهان لاءِ تارن کي بڻايو، ته جهنگن ۽ سمنڊن جي اونداهين ۾ رستو لهو. بيشڪ اسان علم وارن لاءِ پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جنهن توهان لاءِ تارن کي رڻ پٽن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ رستا معلوم ڪرڻ جو وسيلو بڻايو آهي. ڏسو اسان نشانيون کولي کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن، انهن لاءِ جيڪي علم وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن ٺاهيا آهن توهان جي لاءِ تارا، جيئن توهان انهن جي وسيلي انڌيري بر ۽ بحر ۾ رستو معلوم ڪريو، کولي کولي اهي نشانيون بيان ڪيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ڄاڻن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو ئي آهي جنھن توهان جي لاءِ ستارن کي برپٽن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ رستا معلوم ڪرڻ جو ذريعو ٺاهيو، علم وارن لاءِ اسان نشانيون کولي بيان ڪيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهوئي آهي جنهن توهان جي لاءِ تارا بڻايا ته جيئن توهان انهن جي ذريعي رڻ پٽن ۽ دريائن جي اونداهين ۾ رستا لهي سگهو. بيشڪ اسان علم رکڻ واري قوم جي لاءِ (پنهنجيون) نشانيون کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ الله ئي آهي، جنهن توهان جي لاءِ ستارا ٽمڪايا ته جيئن بيابانن ۽ سمنڊن جي انڌيرن ۾ ستارن جي ذريعي واٽ لهو. بي شڪ ! اسين انهن ماڻهن جي لاءِ- جيڪي ڄاڻو آهن پنهنجي (ربوبيت ۽ رحمت جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ الَّذى أَنشَأَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ فَمُستَقَرٌّ وَمُستَودَعٌ قَد فَصَّلنَا الءايٰتِ لِقَومٍ يَفقَهونَ (آيت : 98) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھِڪ جِيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ (اوھان لاءِ) ٽڪڻ جو ھنڌ ۽ سانڀڻ جي جاءِ ڪيائين، بيشڪ سمجھندڙ ٽولي لاءِ نشانيون (کولي) بيان ڪيون سون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان کي هڪ نفس (جان) مان پيدا ڪيو (۽ وڌايو) پوءِ توهان جي لاءِ قرار (يڪجا بيهڻ) جي جاءِ آهي (يعني ماءِ جو پيٽ) ۽ حوالي ڪرڻ جي جاءِ آهي (يعني مرڻ واري جاءِ) بيشڪ جي ماڻهو سمجهه رکن ٿا تن جي لاءِ اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهو رب آهي جنهن پيدا فرمايو توهان کي هڪ انسان (آدم) مان پوءِ ڪٿي توهان کي هميشه رهڻو آهي ۽ ڪٿي توهان کي عارضي رهڻو آهي. بيشڪ الله آيتون بيان ڪيون آهن انهي قوم لاءِ جيڪي سمجھه رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو خدا آهي جنهن اوهان ماڻهن کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو پوءِ (هر شخص کي) قرار جي جاءِ (پيءُ جو پٺ) ۽ امانت رکڻ جي جڳھ (ماءُ جو پيٽ) مقرر ڪيل آهي. اسان سمجھ وارن لاءِ (پنهنجي قدرت جون) نشانيون نهايت تفصيل سان بيان ڪيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جو پيدا ڪيائين اوهان کي هڪ وجود مان پوءِ قرار جي جاءِ آهي ۽ امانت جي جاءِ تحقيق تفصيل سان بيان ڪيوسون آيتون ان قوم جي لاءِ جو سمجھن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن اوهان کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو. پوءِ (اوهان لاءِ) ٽڪڻ جي جاءِ (به آهي) ۽ (اوهان کي) امانت رکڻ جي جاءِ (به آهي). بيشڪ اسان ان قوم لاءِ نشانيون کولي بيان ڪيون آهن جيڪي سمجهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو پوءِ (اوهان لاءِ مقرر) رهڻ جو هنڌ ۽ (عارضي) رهڻ جي جاءِ ڪيائين. بيشڪ اسان سمجهڻ وارن لاءِ آيتون کولي کولي بيان ڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن جِئ هڪ مان، جوڙيان، جوڙڻ پٺيان جوڙ، ڏيہ ۾ سُکِي ڪي ڏينهڙا، ۽ تڙ اَمانِي توڙ، کوليون سون ڳالهيون کوڙ، جي سمجھن، تنهين ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ئي اوهان کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو. پوءِ هڪڙو ٽڪاءُ جو هنڌ آهي ۽ ٻيو سؤنپڻ جو. اسان سمجهه رکندڙن لاءِ پنهنجون آيتون کولي بيان ڪيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جنهن هڪڙي ئي وجود مان توهان کي پيدا ڪيو، پوءِ هرهڪ لاءِ هڪڙو رهڻ جو ٿاڪ ۽ هڪڙو سانڍجڻ جو هنڌ آهي. اهي نشانيون اسان چٽيون ڪري ڇڏيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو آهي هڪ جيءَ مان، پوءِ هرهڪ لاءِ هڪ سڪون جي جاءِ ۽ هڪ سانڍجڻ جي جاءِ آهي، اسان کولي کولي هي نشانيون بيان ڪيون آهن انهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار رکن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو ئي (الله) آهي جنھن توهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، پوءِ توهان لاءِ رهڻ جو هڪ هنڌ ۽ حفاظت جي جاءِ مقرر ڪئي، اسان سمجهدار قوم لاءِ اهڙي طرح آيتن کي کولي بيان ڪيو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهوئي (الله) آهي جنهن توهان کي هڪ جان (يعني هڪ خليي) مان پيدا فرمايو آهي پوءِ (توهان جي لاءِ) هڪ رهڻ جي جاءِ (آهي) ۽ هڪ امانت جي جاءِ (مراد ماءُ جو رحم ۽ دنيا آهي يا دنيا ۽ قبر آهي). بيشڪ اسان سمجهڻ وارن جي لاءِ (پنهنجي قدرت جون) نشانيون کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ الله ئي آهي، جنهن توهان کي هڪ ئي جيءَ منجهان وڌايو، وري توهان جي لاءِ قرار گاهه آهي (يعني ماءُ جو پيٽ!) ۽ توهان جي لاءِ امانت طور رکڻ جو ماڳ (به طئي ٿيل) آهي (يعني موت جو هنڌ-) بي شڪ ! جيڪي ماڻهو سمجهه رکندڙ آهن، انهن جي لاءِ اسين پنهنجيون نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ الَّذى أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ نَباتَ كُلِّ شَيءٍ فَأَخرَجنا مِنهُ خَضِرًا نُخرِجُ مِنهُ حَبًّا مُتَراكِبًا وَمِنَ النَّخلِ مِن طَلعِها قِنوانٌ دانِيَةٌ وَجَنّٰتٍ مِن أَعنابٍ وَالزَّيتونَ وَالرُّمّانَ مُشتَبِهًا وَغَيرَ مُتَشٰبِهٍ انظُروا إِلىٰ ثَمَرِهِ إِذا أَثمَرَ وَيَنعِهِ إِنَّ فى ذٰلِكُم لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 99) |
۽ اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ھر شي جا اوڀڙ ڄماياسون پوءِ اُن مان ساوڪ کي ڪڍيوسون پوءِ منجھانئس (سنگن ۾) گڏيل داڻا ڪڍون ٿا، ۽ کجيءَ جي چپڙن مان گوشا لڙڪيل ۽ ڊاکن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙھون ھڪ ٻئي جھڙا ۽ ڌار ڌار (پيدا ڪياسون)، جڏھن ڦرجن ته سندن ڦر ۽ ان جي پچڻ ڏانھن نھاريو، ڇوته اُن ۾ مڃيندڙ ٽولي لاءِ ضروري نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي جو آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ۽ پوءِ ان سان هر طرح جا گاهه ٻوٽا پيدا ڪري ٿو. پوءِ انهن ٻوٽن مان سايون سايون ٽاريون نڪري اچن ٿيون ۽ ٽارين مان داڻا ظاهر ٿين ٿا. هڪ داڻي سان ٻيو داڻو مليو پيو آهي ۽ (اهڙيءَ طرح) انگورن، زيتونن ۽ ڏاڙهن جا باغ پيدا ڪيائين، شڪل ۾ هڪجهڙا به ۽ هڪٻئي کان مختلف ۽ الڳ الڳ به. انهن جي ميون کي ڏسو ته جڏهن وڻ ميوو ڪري ٿو (تڏهن ڪيئن نه ٽارين مان ۽ ٻور مان عجب نمونن سان نڪري ٿو ۽ مقرر انتظار سان درجي بدرجي وڌي ٿو ۽ پچي ٿو) ۽ وري انهن جي پچڻ کي ڏسو (ته ڪيئن شڪل، رنگ، خوشبو ۽ ذائقي ۾ عجيب عجيب قسم جا اختلاف پيدا ٿين ٿا) بيشڪ جيڪي ماڻهو يقين رکندڙ آهن، انهن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (ربوبيت جون) وڏيون نشانيون موجود آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو رب آهي جنهن نازل فرمايو آسمان مان مِينهن کي، پوءِ اسان پيدا ڪيا انهي پاڻيءَ مان سَلا هر شيءِ جا پوءِ اسان انهيءَ مان ساوڪ پيدا ڪئي جنهن مان اسين داڻا (ٻج) پيدا ڪريون ٿا، هڪ ٻئي سان مليل، ۽ (پيدا ڪيا اسان) کجور جي گوشي مان ڇڳا جيڪي زمين کي ويجھا ٿيندڙ آهن (۽ اسان پيدا ڪيا) باغ انگورن جا ۽ زيتونن جا ۽ ڏاڙهن جا، زيتون ۽ ڏاڙهون جا وڻ هڪ جهڙا ۽ ميوا سندن جدا جدا آهن، توهان ڏسو انهن ميون ۾ جڏهن ميوو ڏين ٿا ۽ ميون جي پچڻ کي ڏسو، بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن انهي قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو (قدر ۽ يگانو) آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ اسان سڀ ڪنهن شيءِ جا اوپڙ ڪڍيا پوءِ اسان ئي سايون ٽاريون ڪڍيون جنهن مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (سنگ) ڪڍون ٿا ۽ کجين جي ڇپڙين مان لڙڪيل گوشا (پيدا ڪياسين) پڻ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ (شڪل ۽ مزي ۾) جدا جدا آهن. جڏهن اهي ڦٽن ۽ پچن ته سندس ڦر ڏي، چتائي ڏسو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ايماندار انسانن جي لاءِ (خدا جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) .۽ اهو ئي (الله) آهي جو لاٿائين آسمان کان پاڻي پوءِ ڪڍياسون ان مان سلا هر شيءِ جا پوءِ ڪڍي سون ان مان سر سبز شيءِ جو ڪڍون ٿا ان مان داڻا هڪ ٻئي تي (سنگن ۾) چڙهندڙ ۽ کجين مان ان جي ڦرهن مان گوشا ويجها ٿيل ۽ باغ انگورن جا ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ ۽ نه ملندڙ جلندڙ ڏسو ان جي ميوي ڏانهن جڏهن ميوو جهلي ۽ ان جي پڇڻ ڏانهن بيشڪ انهن سڀني ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان ٿا آڻين.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ اسان ان سان سڀ ڪنهن شيءِ جا اوڀڙ ڪڍيا. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان ساوڪ ڪڍي سون جنهن (ساوڪ) مان هڪ ٻئي تي سٿيل داڻا (يعني سنگ) ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي چپڙين مان لڙڪيل گوشا آهن ۽ انگور جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون جي هڪ ٻئي جهڙا ۽ ڌار ڌار شڪل جا آهن (ان پاڻيءَ سان ڪڍياسون) هر هڪ (اوڀڙ) جي ميوي ڏي جڏهن ميوو ڪري ٿو ۽ ان جي پچڻ ڏي ڏسو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو (الله) ئي آهي جنهن آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان (مينهن) سان هر قسم جا سلا ڄمايا. پوءِ اسان ان جي ذريعي ساوڪ ڄمائي ان مان هڪ ٻئي مٿان تهه به تهه داڻا ڪڍون ٿا. ۽ کجين جي ڳڀ مان لڙڪندڙ ڇُڳن جا ڇڳا ۽ انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن جا باغ (ڄمايون ٿا. جن جا ميوا) هڪ ٻئي جهڙا به آهن ته (ذائقي ۽ تاثير ۾) جدا آهن. انهن جي ڦَرجڻ ۽ پچڻ ڏانهن نهاريو. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو جِنهن اُتاريو، اُڀ کان مينگھ ملار، پوءِ اُڀاڙياسون، اُن سان، اوڀڙ رنگ اَپار، پوءِ ساوا، سَلا اُن سان، ڪياسون ٻَهون ٻهار، پوءِ ڪَڍون اُن مان، ڪيترا ڪڻان مَنجھ قطار، پڻ ڇُڳا ڇُهارن جا، منجهان کَجِين ٽار، پڻ ڊاکن، زيتونن، ۽ ڏاڙهن جا، چمن کُليا چوڌار، ڪي هڪ جِھڙا جنس ۾، ڪن جا، جدا جنسار، مُنهن واريو، اُن جي ميون ڏي، مٿِن وَريا، جِھڙي وار، پڻ پَچڻ پار، اُنهن جي؛ اُنهن ۾ اِظهار، جي آڻينِ اعتبار، ثابِتيون، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ئي آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ پوءِ ان سان هر هڪ شيءِ جا اوڀڙ اپاياسون ۽ پوءِ انهن مان ساوا گونچ ڪڍياسون، ۽ انهن مان هڪ ٻئي ۾ جڙيل داڻا ڪڍون ٿا ۽ کجين جي ڳڀ مان لٽڪندڙ گوشا، انگورن ۽ زيتون ۽ ڏاڙهوئن جا باغ، هڪ ٻئي جهڙا ۽ جدا جدا قسمن جا. انهن جي ڦر ڏانهن نڪرڻ ۽ پچڻ وقت ڏسو- بيشڪ ان ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي آهي، جنهن آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان جي وسيلي اسان هر قسم جا ســَـلا اڀاريا، پوءِ انهن مان سايون پوکون ۽ ٻوٽا اپاياسون، پوءِ انهن مان تــَـهن ۾ ويڙهيل داڻا ڪڍياسون ۽ کجيءَ جي ٻوڪن مان کارڪن سان ڀرجي لڙڪندڙ ڇڳن جا ڇڳا پيدا ڪياسون ۽ انگورن، زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ اُپاياسين، جن جا ميوا ڏسڻ ۾ ته هڪ ٻئي سان ملندڙ لڳن ٿا پر خاصيتن ۾ الڳ الڳ آهن. انهن وڻن جي ڦر کي ڦر جهلجڻ وقت ۽ وري پچڻ وقت غور سان ڏسو، انهن شين ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن وسايو آسمان مان پاڻي (مينهن) پوءِ اُپايائين انهيءَ سان هر قسم جا سلا ۽ اپايائين ان سان سايون پوکون ۽ وڻ، پوءِ انهن مان تهن ۾ ويڙهيل داڻا ڪڍيا ۽ کجيءَ جي ٻوڪن مان ڦر سان لٽڪندڙ ڇڳن جا ڇڳا پيدا ڪيا ۽ جيڪي بار کان جهڪيل آهن انگور ۽ زيتون ۽ ڏاڙهن جا باغ لڳايا جن جو ميوو ملي ٿو هڪ ٻئي سان پر ڌار ڌار آهن هرهڪ جون خاصيتون، غور سان ڏسو انهن وڻن جي ڦر کي جڏهن اهي ڦرجن ٿا ۽ وري انهن جي پچڻ کي به ڏسو، بيشڪ اهي نشانيون انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو (الله) ئي آهي جنھن آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ اسان ان جي ذريعي هر قسم جا سلا ڪڍيا، وري انهن مان سائو ٻور ڪڍيوسين، پوءِ ان ٻور مان هڪ ٻئي مٿان سٿيل داڻا ڪڍيا ۽ کجين جي ڳڀ (يعني ٻوڪجڻ) مان ڏوڪن جا ڇڳا پيدا ڪياسين، جيڪي گهڻي وزن هئڻ ڪري لڙڪيل هوندا آهن ۽ (ان پاڻيءَ جي ذريعي) انگور، زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ پيدا ڪيا، جن جا ميوا هڪ جھڙا به آهن ۽ (ذائقي ۾ وري) مختلف به آهن. (اي انسانو!) انهن وڻن ۾ٻور جهلڻ، ميوو اچڻ ۽ ان ميوي جو پچي تيار ٿيڻ واري نظام تي ٿوري نظر ڪريو، بيشڪ ايمان آڻڻ وارن لاءِ انهن شين ۾ وڏيون نشانيون موجود آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهوئي آهي جنهن آسمانن مان پاڻي وسايو پوءِ اسان ان (برسات) سان هر قسم جي ڦٽندڙ شيءِ ڪڍي پوءِ اسان ان سان سايون (پوکون) ڪڍيون جنهن سان اسان هيٺ مٿي ڳنڍيل داڻا ڪڍون ٿا ۽ کجي جي چپڙن مان لٽڪندڙ ڇُڳا انگورن جا باغ ۽ زيتون ۽ ڏاڙهون (به پيدا ڪيا جيڪي ڪيئي لحاظ کان) پاڻ ۾ هڪجهڙا (لڳن) ٿا ۽ (ميوا، ذائقا ۽ تاثير) جدا جدا آهن. توهان وڻ جي ڦر ڏانهن ڏسو جڏهن اُهو ڦر آڻي ۽ ان جي پچڻ کي (به ڏسو)، بيشڪ انهن ۾ ايمان رکڻ وارن جي لاءِ نشانيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهوئي آهي، جيڪو آسمان مان پاڻي وسائي ٿو وري ان جي ذريعي هر قسم جا سَلا ڦُٽائي ٿو، وري سَلن منجهان سايون سايون ٽاريون نڪرن ٿيون ۽ ٽارين منجهان داڻا هڪ داڻي سان ٻيو داڻو مليل ٿيندو آهي. ۽ (اهڙيءَ طرح) کجين جي وڻ منجهان (به ڦَرُ ڦُٽيو پوي) کجين جي ٽارين ۾ ڇُڳا نميو پون ۽ اهڙيءَ طرح انگور، زيتون ۽ ڏاڙهونءَ جا باغ اپاياسين- ڏسڻ ۾ ڪي هڪ جهڙا- هڪ ڪرا ته ڪي الڳ الڳ- انهن جي ميون ڏي ڏسو جڏهن وڻ ڦرجي ٿو (ته ڪيئن نه عجيب و غريب طريقي سان ٽارين ۽ پاڙن مان ۽ پڻ ولين مان ميوا نڪرن ٿا ۽ پوءِ هڪ مقرر نظام تحت درجيوار وڌندا، پچندا ۽ رَسبا رهن ٿا!) ۽ وري ميون جي پچي راس ٿيڻ ڏانهن ڏسو (ته پچڻ کانپوءِ پنهنجي کل، پنهنجي رنگ، پنهنجي خوشبو ۽ پنهنجي ذائقي ۾ ڪيئن نه رنگ برنگي ۽ الڳ ذائقي وارا ٿين ٿا؟) بي شڪ! جيڪي ماڻهو يقين رکن ٿا، انهن جي لاءِ ان ڳالهه ۾ (الله جي ربوبيت جون) وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَجَعَلوا لِلَّهِ شُرَكاءَ الجِنَّ وَخَلَقَهُم وَخَرَقوا لَهُ بَنينَ وَبَنٰتٍ بِغَيرِ عِلمٍ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 100) |
۽ (ڪافرن) جنن کي الله سان شريڪ بڻايو آھي ھن ھوندي جو کين (الله) خلقيو آھي ۽ اُن لاءِ بي علميءَ سان پُٽ ۽ ڌيئرون ٺاھيون اٿن، اھو پاڪ آھي ۽ جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو ته تنهن هوندي به) هنن ماڻهن خدا سان جنن کي (طاقت ۽ تصرف ۾) شريڪ ٺهرايو آهي، اگرچه (هو مڃن ٿا ته سڄي مخلوقات وانگر) هنن کي به خدا تعاليٰ ئي پيدا ڪيو آهي ۽ هنن ماڻهن علم جي روشني نه هئڻ سببان خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون به ٺهرايون آهن. پاڪائي هجي خدا جي! سندس ذات ته انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جي ڳالهيون سندس متعلق بيان ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله جو شريڪ بنايائون جِنن کي حالانڪ الله انهن کي پيدا فرمايو ۽ الله لاءِ بنايائون پُٽن ۽ ڌيين کي بغير علم جي، الله پاڪ ۽ بلند آهي ان کان جيڪي اهي چون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (ڪم بخت ماڻهن) جنن کي خدا جو شريڪ بنايو. هوڏانهن جنن کي به (ته) خدائي پيدا ڪيو، تنهن هوندي به هنن ماڻهن سواءِ سوچ سمجھ جي خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون گهڙيون اٿن. جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو (سندس شان ۾) ٻڌائين ٿا تن کان اهو پاڪ صاف ۽ اعلى آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيائون الله جي لاءِ شريڪ جنن کي حالانڪ پيدا ڪيائين انهن کي ۽ ٺاهيائون ان جي لاءِ پٽ ۽ نياڻيون سواءِ علم جي، پاڪائي آهي ان جي لاءِ ۽ مٿاهون ٿيو ان کان جو بيان ڪن ٿا. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنن کي الله جو شريڪ ڪيو اٿن هوڏانهن انهن کي ان پيد اڪيو آهي ۽ ان لاءِ بي علميءَ سان پٽ ۽ ڌيئرون بنايون اٿن. اهو پاڪ آهي ۽ جيڪي (ڳالهيون) بيان ڪن ٿا تن کان بلند آهي. آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافرن) جِنن کي الله جو شريڪ بنايو حالانڪه انهن کي ان (الله) پيدا ڪيو آهي ۽ انهن الله لاءِ بغير علم (سمجهه) جي پُٽ ۽ ڌيئون ٺاهيون. اُهو پاڪ ۽ مٿاهون آهي ان کان جيڪي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جِنن کي، جبار لئي، جوريون جوڙِي وال، ۽ هوڏانهن، ته پاڻ اُنهن کي، جوڙيو جَلّ جلال، ۽ عِلم ڌاران، ڌِيون، پُٽ بنايونِس بَحال، ۽ چونِ جِھڙِي چال، تنهن کان، پَڪ مٿاهون، پاڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن جنن کي خدا جو ڀائيوار ٺهرايو، پر انهن کي هن ئي پيدا ڪيو ۽ سوچ سمجهه ڌاران ان لاءِ پٽ ۽ ڌيئر بڻايو اٿن. هو پاڪ آهي ۽ اهي جيڪي ان بابت بيان ڪن ٿا تن کان بلند آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن به ماڻهن جنن کي الله جو شريڪ بڻايو، توڻي جو هو سندن خالق آهي ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي ان لاءِ پٽ ۽ ڌيئر گهڙي رکيا اٿن، حالانڪ هو پاڪ آهي ۽ انهن ڳالهين کان مٿي آهي، جيڪي اهي چون ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان هوندي به ماڻهن الله سان جنن کي شريڪ ڪيو، جڏهن ته اهو ئي انهن جو خالق آهي ۽ بنا ڪنهن ڄاڻ جي ان لاءِ ڌيئر ۽ پٽ ٺاهيائون، جڏهن ته هو پاڪ ۽ مٿانهون آهي انهن کان جيڪي هي چون ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن مشرڪن (اهڙيون نشانيون ڏسڻ کان پوءِ به) جنن کي الله تعالى جو شريڪ بنايو آهي، حالانڪه انهن جنن کي الله تعالى ئي پيدا ڪيو آهي ۽ هي ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي الله تعالى جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئر ٺاهي ويٺا آهن، الله تعالى جي ذات انهن شين کان (بلڪل) پاڪ آهي ۽ انهن جي هٿرادو ڳالهين کان تمام مٿانھين آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن ڪافرن جنن کي الله جو شريڪ ٺاهيو حالانڪه هُن انهن کي پيدا ڪيو هو ۽ انهن الله جي لاءِ بنا علم (۽ عقل) جي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون (به) گهڙيائون. هو انهن (سڀني) ڳالهين کان پاڪ ۽ بلند و بالا آهي جيڪي هي (ان جي باري ۾) ڪندا ٿا وتن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن ماڻهن خدا سان گڏ جنن کي به (طاقت ۽ تصرف ڪرڻ ۾) شريڪ ڪيو آهي، حالانڪه (اهي مڃين ٿا ته سمورين مخلوقن وانگر) انهن کي به الله ئي پيدا ڪيو آهي. ۽ انهن بنا ڄاڻ جي الله جي لاءِ ڌيئر ۽ پٽ به ٺاهي رکيا آهن. الله، پاڪ آهي! ان جي ذات ته انهن سمورين ڳالهين کان بالاتر آهي جيڪي (مشرڪ ماڻهو) ان بابت بيان ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
بَديعُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَنّىٰ يَكونُ لَهُ وَلَدٌ وَلَم تَكُن لَهُ صٰحِبَةٌ وَخَلَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 101) |
آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، انھيءَ کي اولاد جو احتياج ڪئن ٿيندو؟ ۽ اُن کي زال (جو احتياج) نه آھي، ۽ سڀڪا شي (پاڻ) خلقيائين، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هو (الله) آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي (يعني بنا ڪنهن اڳوڻي مثال جي ۽ بنا ڪنهن به شيء جي موجود هئڻ جي پنهنجي خالص علم۽ قدرت سان زمين ۽ آسمان پيدا ڪيائين) هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هن کي ڪوئي پٽ هجي، جڏهن ته هن کي ڪا زال ئي ڪانهي. هن ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ هو هر شيء جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى پيدا ڪندڙ آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو، ڪهڙي طرح ان مقدس ذات کي اولاد آهي حالانڪ ناهي انهي کي گھر واري، ۽ الله تعالىٰهر شيءِ کي پيدا فرمايو، ۽ الله هر شيءِ کي هميشه ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي، کيس اولاد ڪئين ٿيندو جڏهن ته ان کي زال ئي نه آهي. ۽ هن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي. ۽ اهو ئي هر ڳالھ کان چڱي طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نئين نموني پيدا ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو ڪيئن هوندو ان جي لاءِ اولاد حالانڪ ناهي ان جي لاءِ گهر واري ۽ پيدا ڪيائين هر شيءِ ۽ اهو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان کي اولاد ڪيئن ٿيندو هوڏانهن ان کي ڪا زال نه آهي. ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. اهو آهي الله اوهانجو پاليندڙ ان کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي. ڀلا ان جو اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ حالانڪه ان جي ڪا زال (ئي) نه آهي ۽ ان هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ اُهو هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُپائندڙ اُڀ ۽ ڀُون کي، ري مَهندِين ڪِنهن مثال، ڪُونڌر ڪٿِان اُن جو،جِنهن ڌُران، نه ڌارِي زال، ۽ سڀ شئَ کي، صاحب جوڙيو، قُدرت سان ڪَمال؛ ۽ هَرڪِنهن شئَ جو حال، سَمجھندڙ سُبحانهٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو آسمانن ۽ زمين جو نه هجڻ مان بنائيندڙ آهي، جڏهن کيس ڪا زال نه آهي، ته سندس اولاد ڪٿان ايندو؟ هن هر چيز کي پيدا ڪيو ۽ هر چيز کي ڄاڻي ٿو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته آسمانن ۽ زمين جو نئين سر جوڙيندڙ آهي. سندس ڪو پٽ آيو ڪٿان، جڏهن جو سندس ڪا زال ئي ڪانهي؟ هن ته هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ کيس هر شيءِ جي ڄاڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو ته ٺاهيندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو، ڪيئن ٿو ٿي سگهي سندس پٽ، جڏهن ته سندس ڪا ساٿياڻي (زال) ئي نه آهي؟ ۽ هن ئي ٺاهيو آهي هر شيءِ کي، ۽ اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو آسمانن ۽ زمين کي ٺاهيندڙ آهي، ڀلا تنھن کي اولاد ڪيئن ٿيندو؟ هن جي ته زال به نه آهي بلڪ هن ته هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي ۽ کيس هر شيءِ جو علم به آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهوئي آسمانن ۽ زمينن جو پيدا ڪندڙ آهي، ڀلا ان جو اولاد ڪيئن ٿي سگهي ٿو حالانڪه ان جي گهرواري (ئي) ناهي، ۽ ان ئي هر شيءِ کي پيدا فرمايو آهي ۽ اُهو هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هو آسمانن ۽ زمين جو اپائڻهار آهي- ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو الله جو ڪو پٽ هجي جڏهن ته ان جي زال ئي ڪونهي؟ هن سموريون شيون پيدا ڪيون ۽ هو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ فَاعبُدوهُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 102) |
اھو اوھان جو پالڻھار آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سڀڪنھن شي کي پيدا ڪندڙ آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، ۽ اُھو سڀڪنھن شي کي سنڀاليندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهوئي الله اوهان جو پروردگار آهي، ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، پر هو پاڻ سڀني شين جو پيدا ڪندڙ آهي. تنهن ڪري فقط، انهيءَ جي بندگي ڪيو ۽ هر شيء سندس حوالي آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو الله توهان جو رب آهي، ناهي ڪو معبود مگر الله، هر شيءِ جو خالق آهي پوءِ خاص الله جي عبادت ڪريو ۽ اهو هر شيءِ تي ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسانو!) اهوئي الله اوهان جو پالڻهار آهي، جنهن کانسواءِ بيو ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي. اهو هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ وارو آهي ته (پوءِ) ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو ئي هرشيءِ جو نگهبان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو الله رب اوهان جو آهي ناهي ڪو به عبادت جو لائق سواءِ ان جي پيدا ڪندڙ آهي هر شيءِ جو پوءِ عبادت ڪيو ان جي ۽ اهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪنهن شيءِ کي (پاڻ) پيدا ڪيو اٿس. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي پوءِ اوهين ان جي عبادت ڪريو. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي سنڀاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي الله اوهان جو پروردگار آهي. ناهي ڪو ئي معبود سواءِ ان جي. اهو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي. پوءِ ان جي عبادت ڪيو ۽ اُهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو الله اوهان جو، پرور پالڻهار، جنهن ڌاران، ڌڻي ناهِ ڪو، ڪُل شى جو، سو ڪَلتار، پوءِ، سڀ سيوا ڪريو اُن جِي، ۽ اُوسڀ جو سَنڀاليدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهوئي الله اوهان جو ڌڻي آهي. ان ڌاران ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق نه آهي- (هو) هر چيز جو پيدا ڪندڙ آهي، تنهنڪري ان جي عبادت ڪريو ۽ هر چيز ان جي حوالي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي اٿوَ الله توهان جو رب! ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هر شيءِ جو خالق آهي، تنهنڪري توهان سندس ئي ٻانهپ ڪريو، هو هر شيءِ جي سار سنڀال لهندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي الله توهان جو رب آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه خدا نه آهي، هر شيءِ جو خالق آهي ان ڪري سندس ئي بندگي ڪريو، ۽ اهو ئي هر شيءِ جي سنڀال ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو اٿو الله، جيڪو توهان سڀني جو پالڻھار آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي پوءِ توهان سڀ ان جي ئي بندگي ڪريو ۽ هو هر شيءِ کي سنڀاليندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اِهوئي (الله) توهان جو پالڻهار آهي ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي (اُهوئي) هر شيءِ جو خالق آهي پوءِ توهان ان جي ئي عبادت ڪريو ۽ اُهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اِهوئي الله توهان جو پالڻهار آهي. ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ لله جي! الله مڙني شين جو خلقڻهار آهي- تنهن ڪري ان هڪ جي ئي غلامي ڪريو، هر شيءِ ان جي حوالي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
لا تُدرِكُهُ الأَبصٰرُ وَهُوَ يُدرِكُ الأَبصٰرَ وَهُوَ اللَّطيفُ الخَبيرُ (آيت : 103) |
(دنيا ۾) اکيون کيس ڏسي نه سگھنديون ۽ اُھو اکين کي ڏسندو آھي، ۽ اُھو باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هن کي نگاهون نظرون نه ٿيون ڏسي يا لهي سگهن، پر هو سڀني نگاهن کي ڏسي رهيو آهي، هو تمام باريڪ شيون به ڏسي سگهي ٿو ۽ ڪامل طرح باخبر آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) نه ٿيون لهي سگھن الله کي اکيون (انسان جون دنيا ۾) ۽ الله پروڙي ٿو اکين کي، ۽ الله باريڪ ڏسندڙ خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان کي اکيون ڏسي نٿيون سگهن. (نه دنيا ۾ نه آخرت ۾) ۽ اهو (اوهان جي) اکين کي چڱي طرح ڏسي ٿو. ۽ اهو وڏو باريڪ بين ۽ خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿيون گهيرو ڪري سگهن ان کي اکيون ۽ اهو ٿو گهيري ۾ رکي اکين کي ۽ اهو ئي سنهيون شيون ڏسندڙ خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان کي اکيون نٿيون ڏسن ۽ اهو اکين کي ڏسي ٿو. ۽ اهوئي لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نگاهون ان کي پهچي نه ٿيون سگهن ۽ اُهو سڀ نگاهن کي پهچي ٿو ۽ اُهو باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَ کيون پُهچن، نه اُن کي، اُوپُهچي اَ کينِ پار، اُهو عالمِ هر اِسرار، پڻ خبردار خَلق کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اکيون ان کي نه ٿيون ڏسي سگهن، پر هو اکين کي ڏسي ٿو ۽ هر هر ذرو ڏسندڙ، خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نگاهون کيس سڃاڻي نٿيون سگهن پر هو نگاهن کي سڃاڻي وڃي ٿو، هو نهايت باريڪ بين ۽ باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نٿيون پروڙي سگهن نگاهون ان کي، پر هو نگاهن کي پروڙي وڃي ٿو، ۽ هو تمام باريڪ بين ۽ باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دنيا جون اکيون (يا لڪيل ڪئميرا) هن کي نٿا ڏسي سگهن پر هو خود سڀني جي نگاهن تي نظر رکي ٿو ۽ هو غير محسوس طريقي سان هر شيءِ کان باخبر آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) نگاهون ان کي گهيري نٿيون سگهن ۽ اُهو سڀني نگاهن کي گهيريندڙ آهي، ۽ اُهو وڏو باريڪ ڏسندڙ وڏو باخبر آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) کيس ڪي به نگاهون نه ٿيون رسي سگهن، پر هو مڙني نگاهن کي ڏسي پسي ٿو. هو تمام اونهو پسندڙ ۽ خبردار آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قَد جاءَكُم بَصائِرُ مِن رَبِّكُم فَمَن أَبصَرَ فَلِنَفسِهِ وَمَن عَمِىَ فَعَلَيها وَما أَنا۠ عَلَيكُم بِحَفيظٍ (آيت : 104) |
بيشڪ اوھان جي پالڻھار کان اوھان وٽ نشان آيا آھن، پوءِ جنھن ڏٺو (يعني سمجھيو) تنھن پاڻ لاءِ (نفع) ڪمايو، ۽ جيڪو انڌو ٿيو تنھن تي ان جو نقصان آھي، ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) آءٌ اوھان تي نگھبان نه آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) توهان جي پروردگار وٽان توهان وٽ علم ۽ دليل جون روشنيون اچي ويون آهن، (جهل اڻ ڄاڻائي جو ڪوبه عذر هاڻي باقي نه رهيو) پوءِ جيڪو ڏسندو ۽ سمجهندو ته (ان جو فائدو) خود انهيءَ لاءِ ئي آهي، ۽ جيڪو (اکين هوندي) انڌو ٿي ويندو ته ان جو وبال انهيءَ جي سر تي پوندو. ۽ (اي پيغمبر تون چئي ڏي ته) مان توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان جون اکيون کوليان).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تحقيق توهان وٽ آيون حجتون توهان جي رب جي طرفان، پوءِ جنهن انهن حجتن کي ڏٺو ان پنهنجي لاءِ ڏٺو ۽ جنهن نه ڏٺو پوءِ اُن جو بار اُن تي آهي، ۽ ناهيان آئون توهان تي نگهبان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان وٽ ته سمجهائڻ واريون شيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جيڪو ڏسي (سمجهي ته) پاڻ لاءِ ۽ جيڪو (ڏسي وائسي) انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ ۽ (اي رسول کين چئو ته) مان اوهان تي نگهبان نه آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق آيا اوهان وٽ اکيون کوليندڙ دليل رب اوهان جي وٽان پوءِ جنهن اکين سان ڏٺو پوءِ پنهنجي سر جي لاءِ ۽ جيڪو انڌو رهيو پوءِ ان جي مٿان آهي ۽ ناهيان مان اوهان تي نگهبان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان (سمجهه پيدا ڪرڻ واريون) نشانيون اچي ويون آهن پوءِ جيڪو ڏسندو ته پاڻ لاءِ ۽ جيڪو انڌو ٿيندو سو به پاڻ لاءِ. ۽ آءُ اوهان تي نگهبان نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ توهان وٽ توهان جي پالڻهار وٽان (هدايت جون) روشن نشانيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جنهن اکيون کولي ڏٺو ته پوءِ ان جي پنهنجي (نفعي لاءِ) آهي ۽ جيڪو انڌو رهيو ان جو نقصان ان تي آهي. ۽ آءٌ اوهان مٿان نگران نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيان، پنهنجي آگي کان، چِٽايون چوڌار، پوءِ جِنهن اکيون کوليون، ته نفعو سندسِ نِروار، ۽ جو اَنڌو ٿيو اکينِ کان، ته برسَرمٿسِ بار، ۽ واهِي ويروتار، آئون، نه اوهان تي، آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ڏسو) اوهان وٽ اوهان جي رب کان روشن دليل اچي چڪا آهن، پوءِ جنهن ڏٺو ته سندن ئي فائدو آهي ۽ جو انڌو ٿيو، ته ان جو وبال مٿس آهي ۽ آءٌ اوهان جو نگهبان نه آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان وٽ توهان جي رب وٽان اکيون کولي ڇڏيندڙ شيون اچي ويون آهن. پوءِ جيڪو ديد کان ڪم وٺندو پنهنجو ئي ڀلو ڪندو ۽ جيڪو انڌو بڻبو پاڻ ئي نقصان سهندو. مان توهان تي ڪو نگهبان نه آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو! توهان وٽ آيا آهن بصيرت ڏيندڙ سوجهرا رب وٽان، پوءِ جيڪو ديد کان ڪم وٺندو، پنهنجو ئي ڀلو ڪندو، ۽ جيڪو انڌو بڻبو، پاڻ کي نقصان ڏيندو، ۽ آئون ته توهان تي رکوالو نه آهيان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي توهان وٽ پنھنجي رب جي طرفان سمجهه پيدا ڪرڻ واريون نشانيون اچي چڪيون آهن، پوءِ جيڪو اکيون کولي ڏسندو ته سندس فائدو آهي پر جيڪڏهن ڪير (انهن نشانين کان اکيون ٻوٽي) انڌو ٿي رهيو ته سندس ئي نقصان آهي. (اي پيغمبر ﷺ! کين چؤ ته هاڻي) مان توهان جي مٿان نگھبان نه آهيان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان (هدايت جون) نشانيون اچي چڪيون آهن پوءِ جنهن (انهن کي بصيرت جي نگاهه سان) ڏٺو ته (اِهو) ان جي پنهنجي ذات جي لاءِ (فائديمند) آهي، ۽ جيڪو انڌو رهيو ته ان جو وبال (به) مٿس ئي آهي، ۽ آئون توهان تي نگهبان نه آهيان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توهان جي پالڻهار پاران توهان وٽ علم ۽ دليل جون روشنيون اچي چڪيون آهن (جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جو هاڻي ڪوئي بهانو ناهي بچيو) تنهنڪري هاڻي جيڪو ڏسي ۽ سمجهي ته (ان جو فائدو) خود ان جي لاءِ آهي ۽ جيڪو (پنهنجين اکين کان ڪم نه وٺي ۽) انڌو ٿي پوي ته ان جو وبال ان جي ئي ڳچيءَ ۾ پوڻو آهي. ۽ (اي پيغمبر! تون چئي ڏي) مان توهان جي مٿان داروغو (نگهبان) ناهيان (جو زوريءَ توهان جون اکيون کوليان) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَذٰلِكَ نُصَرِّفُ الءايٰتِ وَلِيَقولوا دَرَستَ وَلِنُبَيِّنَهُ لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 105) |
۽ اھڙي طرح طرحين طرحين دليل بيان ڪريون ٿا ۽ ھن لاءِ متان چون ته تون پڙھيو آھين ۽ ھن لاءِ ته ھن (دين) کي اُنھيءَ قوم لاءِ پڌرو ڪريون جي ڄاڻن ٿا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان آيتون بيان ڪيون ٿا (انهيءَ لاءِ ته حجت ۽ دليل پورو ٿئي) ۽ هن لاءِ ته توکي هو چئي ڏين ته تو (حق جي بيان ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي سڀ ڪجهه) پڙهي ٻڌايو ۽ پڻ هن لاءِ جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ (حق جا دليل) روشن ڪري ورتا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان بيان ڪريون ٿا نشانين کي ۽ ڀلي ته ڪافر چون ته توهان گذريل ڪتاب پڙهيا آهن ۽ ضرور بيان ڪريون ٿا قرآن کي انهي قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا، هن لاءِ ته (حجت تمام ٿئي) پڻ هن لاءِ ته اهي ماڻهو زباني به اقرار ڪن ته تو قرآن (سندن سامهون پڙهيو ۽ هن لاءِ ته جي ماڻهو ڄاڻندڙ آهن انهن لاءِ (قرآن کي) چڱي طرح کولي بيان ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح کولي بيان ڪيون ٿا آيتون ۽ تانته چون ته پڙهي ٻڌايو تو ۽ تانته بيان ڪيون ان کي ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسين جدا جدا نموني سان ڳالهيون بيان ڪريون ٿا هن لاءِ ته (متان) چون ته تو (ڪنهن وٽ) پڙهيو آهي ۽ هن لاءِ ته ان کي ان قوم لاءِ بيان ڪريون جيڪي ڄاڻن ٿا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان اهڙي طرح نشانيون وري وري بيان ڪيون ٿا ۽ ان لاءِ اُهي (ڪافر) چون ته تون پڙهيو آهين ۽ هن لاءِ ته جيئن ان کي پڌرو ڪيون ان قوم لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپر کوليون آيتون، ۽ هِن لئي، ته چونِ هِن چال، ڪِنهن کان پڙهين پاڻ تون؟، ۽ کوليونسِ ٿا خُوشحال، سوچينِ سچِي ڳالھ، ڪارڻ تنهين، قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ائين اسين آيتن کي هر نموني بيان ڪريون ٿا ۽ هن لاءِ به، ته اهي چون ته تو پڙهي ٻڌايو، ۽ اسين ڄاڻڻ وارن لاءِ چٽائي سان بيان ٿا ڪريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ ريت اسان پنهنجون آيتون وري وري ڦيرائي گهيرائي بيان ڪريون ٿا تانته اهي ماڻهو چون ته "تون ته ڪنهن کان پڙهي آيو آهين" ۽ جيڪي ماڻهو علم وارا آهن، انهن تي حقيقت کي پڌرو ڪري ڇڏيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ڦيرائي پنهنجين آيتن کي بيان ڪريون ٿا جيئن هو چون ”تون ڪنهن کان پڙهي آيو آهين“ جيڪي علم رکن ٿا، انهن ئي حقيقت کي پڌرو ڪيو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان نشانين کي مختلف طريقن سان بيان ڪريون ٿا ته جيئن هو چون ته تون ڪنھن کان پڙهي آيو آهين ۽ اهو ان لاءِ به آهي ته جيئن علم رکندڙ ماڻهن لاءِ اسان حقيقت کي پڌرو ڪري ڇڏيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان اهڙي ريت (پنهنجين) آيتن کي وري وري (انداز تبديل ڪري) بيان ڪريون ٿا ۽ اِهو ان ڪري ته اُهي (ڪافر) چون ته توهان (ته ڪٿان کان) پڙهيو آهي ته جيئن اسان ان کي ڄاڻڻ وارن ماڻهن جي لاءِ خوب پڌرو ڪري ڇڏيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهڙيءَ طرح اسين مختلف طريقن سان آيتون بيان ڪندا آهيون (ته جيئن حجت پوري ٿي وڃي) ۽ هو چئي ڏين ته: تون حق بيان ڪرڻ ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي، تون سڀ ڪجهه پڙهي ٻڌايو. ۽ جيئن ڄاڻ وارن جي لاءِ (حق جا دليل) روشن ڪري ڇڏيئون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اتَّبِع ما أوحِىَ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَأَعرِض عَنِ المُشرِكينَ (آيت : 106) |
(اي پيغمبر) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪيو ويو آھي تنھنجي تابعداري ڪر، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تنهنجي پرودگار جي طرف کان جيڪو وحي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن جي پيروي ڪر، ڇو ته کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (تنهن ڪري فقط سندس ئي حڪمن جي تعميل ڪر ۽ سندس حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃ) ۽ مشرڪن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان تابعداري ڪريو انهي قرآن جي جيڪو توهان جي رب جي طرفان آهي. ناهي ڪو معبود مگر الله تعالىٰ، ۽ توهان مشرڪن کان مُنهن موڙيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي تنهنجي پالڻهار طرفان تو ڏي وحي ڪئي وڃي بس! انهيءَ تي هل! خدا کانسواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙ ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تابعداري ڪر ان جي جو وحي ڪيو ويو تو ڏانهن رب تنهنجي جي طرفان ناهي ڪو به عبادت جو لائق ان کان سواءِ منهن موڙ مشرڪن کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي تو ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي تنهن جي تون تابعداري ڪر. ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي. ۽ (الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن کان منهن موڙ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) تابعداري ڪر ان جي جيڪو تو تي تنهنجي پالڻهار جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي ۽ مشرڪن کان مُنهن موڙ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تابع ٿِي تَنهنجو، جو اَچئـِي اِلهام، پاران پرور تُنهنجي، آگي، ربَّ عَلام، دِگر درگاه، ناھِ ڪا، مگر اُو مدام، ۽ جي ڀيڙا ڪن بَدنام، مُنهن تن کان، موڙ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو ڏانهن تنهنجي رب کان جيڪو اچي ٿو، ان جي پيروي ڪر. ان ڌاران ٻيو ڪو سائين نه آهي ۽ الله سان ٻيا ڀائيوار بنائيندڙن کان پاسو ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون ان وحيءَ جي پيروي ڪندو رهه، جيڪو توتي تنهنجي رب وٽان نازل ٿيو آهي، ڇو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ مشرڪن کان منهن موڙي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تون پيروي ڪندو وڃ وحي جي، جيڪا توتي تنهنجي رب وٽان نازل ٿي آهي، ڇوته هڪ رب کان سواءِ ٻيو ڪو خدا نه آهي، ۽ انهن مشرڪن جي پٺيان نه لڳ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) پنھنجي رب جي طرف کان آيل وحي جي پيروي ڪندو رهه (ڇو ته) هن (الله) کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ مشرڪن کان پاسو ڪر. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان هن (قرآن) جي پيروي ڪريو جيڪو توهان ڏانهن توهان جي رب جي طرفان وحي ڪيو ويو آهي الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي ۽ توهان مشرڪن کان دوري اختيار ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي پيغمبر!) تنهنجي پالڻهار پاران جيڪو ڪجهه توڏانهن وحي ڪيو ويو آهي، تون ان جي پيروڪاري ڪر- ڇاڪاڻ جو ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ الله جي ذات جي! ۽ مشرڪن کي، سندن حال تي ڇڏي ڏي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو شاءَ اللَّهُ ما أَشرَكوا وَما جَعَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 107) |
۽ جيڪڏھن الله گُھري ھا ته شرڪ نه ڪن ھا، ۽ توکي مٿن نگھبان نه ڪيو اٿئون، ۽ نڪي تون مٿن ڪو نظر ڪندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (بيشڪ کيس هيءَ قدرت هئي ۽ آهي ته سڀني انسانن کي اهڙي طرح خلقي ها جو سڀ هڪ ئي راه تي هلڻ وارا هجن ها ۽) هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها (پر الله جي مرضي هيءَ هئي ته سڀ ڪو پنهنجي سمجهه هلائي ۽ پنهنجي سمجهه موجب عمل ڪري تنهن ڪري تنهنجو ڪم آهي فقط نصيحت ڏيڻ ۽ راهه ڏيکارڻ تون زور سان کين راهه تي هلائي نٿو سگهين) اسان نڪي توکي هنن تي نگهبان ڪري رکيو آهي. نڪي هنن جي ذميواري تنهنجي حوالي آهي (جو هنن جي نه مڃڻ ۽ عملن نه ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهين).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته شرڪ نه ڪن ها، ۽ نه مقرر ڪيو اسان توهان کي انهن جي مٿان نگهبان، ۽ ناهيو توهان انهن جي مٿان ڪارساز(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته اهي ماڻهو شرڪ ڪن ئي ڪين ٿا. ۽ اسان تو کي انهن ماڻهن جو نگهبان ته ڪين ڪيو آهي ۽ نه تون هنن جو ذمه دار ئي آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهري ها الله ته نه شرڪ ڪن ها ۽ نه بنايوسون توکي انهن تي نگهبان ۽ ناهين تون انهن جو ذميوار.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته اهي (الله سان ڪنهن کي به) شريڪ نه ڪن ها. ۽ اسان توکي مٿن نگهبان نه ڪيو آهي. ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ نه آهين.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته شرڪ نه ڪن ها. ۽ اسان تو کي انهن تي نگهبان نه بنايو آهي ۽ نه ئي تون انهن مٿان ذمه دار آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌڻِي هوند وڻِي، ته نه ڀانيؤن ڀائيوار، ۽ مُقرر نه ڪيو سون ئي مُورهين، ڪو تن تي تَلهِيدار، ۽ نه هرگز حوالدار، تون ڪو اُنهن جو آهيِـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي الله گهري ته اهي شرڪ نه ڪن ۽ اسان توکي انهن تي نگهبان مقرر نه ڪيو آهي ۽ نه ئي تون مٿن داروغو آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله گهري ها ته (هو پاڻ ائين ڪري ٿي سگهيو جو) اهي ماڻهو شرڪ ڪن ئي نه ها، توکي اسان مٿن ڪو نگهبان نه بڻايو آهي ۽ نڪي تون ڪو سندن سنڀاليندڙ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن الله چاهي ها ته (هو پاڻ ان جو بندوبست ڪري ها) هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها، ۽ نه اسان توکي هنن جي مٿان ڪو رکوالو ڪيو آهي، ۽ نڪي تون انهن تي ڪو داروغو آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن الله تعالى مناسب سمجهي ها ته هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها ۽ توکي انهن جي مٿان نه ته نگھبان بنايو ويو آهي ۽ نه ئي انهن جي ڪا ذميداري تنھنجي مٿان آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن الله (انهن کي زوري روڪڻ) چاهي ها ته اِهي (ڪڏهن) به شرڪ نه ڪن ها ۽ اسان توهان کي (به) انهن تي نگهبان نه بڻايو آهي ۽ نه توهان انهن تي محافظ آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته (اها طاقت رکيائين پئي جو انسانن کي اهڙو جوڙي ها جو سڀ هڪ ئي واٽ جا پانڌيئڙا هجن ها ۽) ماڻهو شرڪ نه ڪن ها. (پر توهين ڏسو پيا ته الله جي مرضي اها هئي ته هر انسان پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ پنهنجي پنهنجي راهه رکي، تنهنڪري توهين جيترو ٿي سگهي رڳو سچائيءَ جي واٽ ڏيکاريو، انهن کي زوريءَ پنهنجي واٽ تي هلائي نه ٿا سگهو) اسين توکي مٿن نه ڪي داروغو بڻايو آهي (جو انهن جي راءِ ۽ عمل جي نگراني ڪر) نه ڪي تنهنجي حوالي انهن جي ذميواري آهي (جو انهن جي نه مڃڻ تي پاڻ کي قصور وار سمجهين). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تَسُبُّوا الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ فَيَسُبُّوا اللَّهَ عَدوًا بِغَيرِ عِلمٍ كَذٰلِكَ زَيَّنّا لِكُلِّ أُمَّةٍ عَمَلَهُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّهِم مَرجِعُهُم فَيُنَبِّئُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 108) |
(اي مسلمانؤ) جن کي (مُشرڪ) الله کانسواءِ سڏيندا آھن تن کي گاريون نه ڏيو جي متان (اُھي) بي سمجھائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالھائين، اھڙي طرح ھر ٽوليءَ لاءِ سندن ڪم سينگارياسون، وري سندن پالڻھار ڏانھن سندن موٽڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا آھن تنھن جي کين سُڌ ڏيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو) جيڪي ماڻهو خدا کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن (جي ديوتائن) کي گاريون نه ڏيو جو وري هو به حد کان ٻاهر لنگهي بي سمجهيءَ کان خدا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳن. اسان اهڙيءَ طرح هر ڪنهن قوم لاءِ سندس عمل چڱا ۽ سهڻا بنايا آهن (يعني جيڪي ماڻهو غلط ۽ بد ڪم ڪن ٿا تن کي به پنهنجا ڪم صحيح ۽ سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا) پوءِ آخر سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏانهن موٽڻو آهي. ان وقت هو انهن سڀني کي سندن عملن جي حقيقت کولي ڏيکاريندو جيڪي عمل هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان گاريون نه ڏيو انهن جي بتن کي جن جي اهي الله تعالى کان سواءِ عبادت ڪن ٿا پوءِ اهي ٿا بي ادبي ڪن الله جي دشمني ۽ علم نه هئڻ سببان، اهڙيءَ طرح اسان هر اُمت لاءِ سندن عمل سينگاريا آهن، انهيءَ کان پوءِ کين پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي پوءِ جزا ڏي ٿو انهن کي سندن بداعمالي سببان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (مشرڪ) جن جي الله کانسواءِ (خدا ڄاڻي ڪري) عبادت ڪندا آهن، انهن کي تون برو نه چئو نه ته اهي بي علميءَ سبب دشمني ڪري برو ڀلو چئي وهندا. (۽ ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن سبب) اهڙي طرح (پابند ٿيا جو ڄڻ ته) کيس اسان هر ٽولي کي(سندن) عمل (سينگاري) سنواري سٺا ڪري ڏيکاريا آهن. پوءِ کين (نيٺ ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽي وڃڻو آهي تڏهن جو ڪجھ دنيا ۾ ڪندا هئا کيس ٻڌائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه گار ڏيو انهن کي (جن کي) پوڄين ٿا الله کان سواءِ پوءِ اهي بي ادبي ڪندا الله جي حد کان لنگهڻ سان علم کان سواءِ اهڙي طرح سينگاريوسون هر امت جي لاءِ عمل انهن جو ان کان پوءِ سندن رب ڏانهن موٽڻ انهن جو آهي، پوءِ خبر ڪندو انهن کي ان جي جيڪو ڪندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي (ڪافر) الله کانسواءِ سڏين ٿا تن کي گاريون نه ڏيو نه ته اهي بي علميءَ سان بي ادبي ڪري الله کي گاريون ڏيندا. اهڙيءَ طرح اسان سڀ ڪنهن جماعت کي سندن ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. وري سندن پاليندڙ ڏي ئي انهن کي موٽڻو آهي پوءِ اهي جيڪي پيا ڪن تنهن جي اُهو انهن کي خبر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي مسلمانو) اوهان انهن کي گاريون نه ڏيو جن جي اُهي الله کان سواءِ پوڄا ڪن ٿا پوءِ اُهي دشمني ۽ جهالت جي سبب الله جي (شان ۾) ناشائسته لفظ ڳالهائيندا. اهڙي طرح اسان هر جماعت لاءِ سندن عمل سينگاريو آهي پوءِ سندن پالڻهار ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ اهو کين خبر ڏيندو جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ دانهينِ ڌڻئ ري، جن کي، مَٺومَ چئو تن مور، ري سمجھ، سائينءَ، ساڙ کان، پوءِ ويڻ ڏينِ وَهلور، اِنپر هر اُمت لئي، سندنِ، فِعل فُجور، سِينگارئين سندنِ لئي، ظاهر مَنجھ ضرور، موٽِي سندنِ مالِڪ ڏي، هَلڻو مَنجھ حُضور، پوءِ ڪن، جي ڪم، قُصور، تَنهنجون، کولي ڏيندنِ خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي خدا کانسواءِ جن کي پڪارين ٿا ته تن کي گاريون نه ڏيو، نه ته اهي به الله کي سوچ کانسواءِ دشمني ڪري گاريون ڏيندا- ان طرح اسان هر هڪ قوم لاءِ سندن عملن کي سهڻو بنايو آهي. پوءِ انهن کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ ۽ هو انهن کي سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي مسلمانو) اهي الله جي بدران جن کي سڏين ٿا، تن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو ته متان اهي حد کان ٽپي جهالت جي ڪري الله کي نه گهٽ وڌ ڳالهائين. ائين اسان هر ٽولي لاءِ سندن عمل کي ڏسڻ ۾ سهڻو ڪري بڻايو آهي. پوءِ کين پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، تنهن وقت هو کين ٻڌائيندو ته هو ڇا ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي مسلمانؤ!) انهن کي گاريون نه ڏيو هي ماڻهو جن کي پڪارين ٿا الله کان سواءِ، متان هي به حد ٽپي الله کي گهٽ وڌ ڳالهائين جهالت سبب، ائين اسان هر ٽولي جي لاءِ سهڻو بڻايو آهي ڏسڻ ۾ سندس هر عمل کي، پوءِ انهن کي پنهنجي رب ڏانهن موٽي اچڻو آهي، تڏهن اهو کين ٻڌائيندو ته هو ڇا ڪندا رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مؤمنو!) مشرڪ ماڻهو جن کي پڪارين ٿا توهان انهن کي گاريون نه ڏيو، ايئن نه ٿئي ته هو (ڪفر ۾ انڌا ٿي) دشمنيءَ ۾ بي علميءَ سبب الله تعالى کي برو چون، اسان اهڙي طرح هر امت جي ماڻهن جي عمل کي سھڻو بڻائي ڇڏيو آهي، سڀني کي پنھنجي رب ڏانھن موٽڻو آهي پوءِ هو انهن کي سندن ڪيل عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (اي مسلمانؤ!) توهان انهن (ڪوڙن معبودن) کي گار نه ڏيو جنهن کي هي (مشرڪ) الله کانسواءِ پوڄين ٿا پوءِ اِهي (به جواب ۾) جهالت جي ڪري ظلم ڪندي الله جي شان ۾ بي ادبي ڪندا اهڙي طرح اسان هر فرقي (۽ جماعت) جي لاءِ انهن جو عمل (انهن جي اکين ۾) وڻندڙ بڻائي رکيو آهي (۽ اُهي ان کي حق سمجهندا رهن ٿا) پوءِ سڀني کي پنهنجي پالڻهار جي ئي طرف موٽڻو آهي ۽ اُهو کين انهن عملن جي نتيجن کان آگاهه فرمائي ڇڏيندو جيڪي اُهي سرانجام ڏيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (مسلمانؤ!) جيڪي ماڻهو خدا کانسواءِ ٻين هستين کي پڪارين ٿا توهين انهن جي معبودن کي گاريون نه ڏيو، نه ته هو به آپي مان نڪري بنا سمجهڻ سوچڻ جي خدا کي گاريون ڏيڻ لڳندا. اسين اهڙيءَ طرح هر قوم جي لاءِ سندن عملن کي سهڻو بڻائي ڇڏيو (جو هر قوم پنهنجي راهه رکي ٿي ۽ اها ئي راهه، کيس چڱي لڳي ٿي) آخرڪار سڀ کي پنهنجي پالڻهار ڏانهن ورڻو آهي، ان وقت هو انهن سڀني تي سندن عملن جي حقيقت کولي ڇڏيندو جيڪي هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَتهُم ءايَةٌ لَيُؤمِنُنَّ بِها قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَما يُشعِرُكُم أَنَّها إِذا جاءَت لا يُؤمِنونَ (آيت : 109) |
۽ ڪافر پنھنجي سخت سُنھن سان الله جو قسم کڻندا آھن ته وٽن جيڪڏھن ڪو معجزو اچي ته ان کي ضرور مڃيندا، چؤ ته مُعجزا ته (خاص) الله وٽ آھن (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڪنھن سمجھايو آھي ته اُھي مڃيندا (سو معجزا وٽن) جڏھن آيا ته به نه مڃيندا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (حق جا منڪر) خد جا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا نشاني (يا معجزو) کين ڏيکاريو وڃي ته پوءِ هو ضرور ان تي ايمان آڻيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته نشانيون ته فقط الله وٽ آهن (ڪنهن به بندي جي اختيار ۾ ناهن) ۽ (اي مسلمانو) توهان کي (انهن ماڻهن جي حال جي) ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن کين نشانيون به ڏيکاريون وڃن ته به هو هرگز ايمان ڪين آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهي الله تعالى جا قسم کڻي پنهنجن قسمن کي نهايت پڪو ڪن ٿا (اهي چون ٿا) جيڪڏهن آئي انهن وٽ نشاني ته انهي تي ضرور ايمان آڻيندا. رسولِ عربي توهان فرمايو نشانيون ته فقط الله تعالى وٽ آهن ۽ توهان کي ڪهڙي خبر، بيشڪ اهي نشانيون جڏهن اينديون تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ماڻهن خدا جا ڏاڍا سخت قسم کنيا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو معجزو اچي ته اهي ضرور ان تي ايمان آڻيندا (اي رسول!) کين چئو ته معجزا ته فقط الله وٽ ئي آهن پر اوهان کي ڪهڙي خبر! اها پڪ آهي ته جيڪڏهن معجزو به ايندو تڏهن به اهي ايمان نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم کنيائون الله جو پڪا قسم پنهنجا ته البته جيڪڏهن ايندي انهن کي ڪا نشاني ته البته ضرور ايمان آڻيندا ان تي فرماءِ ته يقين ڪيو ته نشانيون الله وٽ آهن ۽ ڪير ٿو ڄاڻائي اوهان کي ته تحقيق اهي جڏهن اينديون ته نه ايمان آڻيندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن پنهنجا (پڪن کان) پڪا قسم الله جا کنيا ته جيڪڏهن وٽن ڪا نشاني ايندي ته ان تي ضرور ايمان آڻيندا. چئو ته نشانيون رڳو الله جي اختيار ۾ آهن ۽ اوهان کي (اي مسلمانو !) هن ڳالهه جو پتو نه ٿو پوي. ته جڏهن اهي (نشانيون) اينديون ته به اهي ايمان نه آڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جا وڏا زوردار قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪا نشاني آئي ته ان تي ضرور ايمان آڻيندا. چؤ ته نشانيون ته صرف الله وٽ آهن ۽ (اي مسلمانو!) توهان کي ڪهڙي خبر ته جڏهن اُها نشاني اچي ويندي (پوءِ به) ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کَيؤن قَسم ڪريم جا، قسمن جِي، ڪوشش ساڻ، ته مَڃِيندسِ مورهين، جي آينِ ڪو اُهڃاڻ، چئو، اَهنج ته سڀ الله وٽ، ۽ ڪنهن پَرُوڙيان پاڻ؟ ته پُهتان جڏهن پَرياڻ، ته مَڃيندسِ، نه مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي الله جا سخت قسم کائي چون ٿا ته، ”جي وٽن ڪا نشاني آئي ته هو ان تي ضرور ايمان آڻيندا.“ چئو ته ”سڀ نشانيون الله وٽ آهن.“ ۽ اوهان کي ڪهڙي خبر، ته جڏهن انهن وٽ اهي نشانيون اينديون، ته هو ايمان نه آڻيندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا نشاني (معجزو) وٽن آئي ته هو مٿس ضرور ايمان آڻيندا. اي نبي! چوين ته "نشانيون ته الله جي هٿ ۾ آهن" ۽ توهان کي ڪيئن سمجهائجي ته جيڪڏهن نشانيون آيون ته به، اهي ايمان ڪونه آڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ماڻهو وڏا قسم کڻي چون ٿا ته ايمان آڻينداسين جيڪڏهن وٽن ڪا نشاني آئي ته ضرور ايمان آڻينداسين، اي نبي! چوين ته بيشڪ نشانيون ته الله وٽ آهن پر ڪيئن توهان کي سمجهائجي، جيڪڏهن اهي اچي به وڃن ته اهي ايمان آڻڻ وارا ناهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو الله تعالى جا وڏا وڏا قسم کڻي چوندا آهن ته جيڪڏهن اسان وٽ ڪو معجزو اچي ها ته هو ضرور ان تي ايمان آڻين ها. (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته معجزا ته صرف الله تعالى وٽ آهن. (۽مسلمانو!) اوهان نٿا سمجهو ته جيڪڏهن انهن وٽ معجزا به اچن ها، تڏهن به هي ماڻهو ايمان نه آڻين ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهي وڏي تاڪيدي حلف سان الله جو قسم کڻن ٿا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪا (پڌري) نشاني اچي وڃي ته اُهي ضرور اُن تي ايمان آڻيندا. (انهن کي) چئو ته نشانيون ته صرف الله وٽ ئي آهن ۽ (اي مسلمانؤ!) توهان کي ڇا خبر ته جڏهن اُها نشاني ايندي (ته) اُهي (پوءِ به) ايمان نه آڻيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ حق جا منڪر خدا جا وڏا وڏا قَسم کڻي چون ٿا : جيڪڏهن ڪا نشاني سندن آڏو اچي ته هو ضرور ان تي ايمان آڻيندا. (اي پيغمبر!) تون چئه: نشانيون ته الله وٽ ئي آهن (ڪنهن بندي جي هٿ وس ڪونهن) ۽ (مسلمانؤ!) توهان کي (انهن ماڻهن جي حال جي) ڪهڙي خبر؟ ڀلي نشانيون اچي به وڃن تڏهن به يقين نه ڪندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَنُقَلِّبُ أَفـِٔدَتَهُم وَأَبصٰرَهُم كَما لَم يُؤمِنوا بِهِ أَوَّلَ مَرَّةٍ وَنَذَرُهُم فى طُغيٰنِهِم يَعمَهونَ (آيت : 110) |
۽ سندن دلين کي ۽ سندن اکين کي ڦيرائينداسون جئن ان کي پھرين ڀيري نه مڃيائون ۽ کين سندين گُمراھي ۾ حيران ٿيل ڇڏينداسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اسان هنن جي دلين ۽ اکين کي اونڌو ۽ ابتو ڪري ٿا ڇڏيون (ڇو ته سمجهه نه هلائڻ وارن لاءِ اسان جو اهوئي قانون آهي) جو هنن اول کان ئي (هٺ ۽ دشمنيءَ سبب) قرآن (جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ) کان انڪار ڪيو ۽ اسان هنن کي ڇڏي ٿا ڏيون ته ڀلي پنهنجي سرڪشين ۾ ڀٽڪندا رهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسين انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيرايون ٿا (حق سچ کان) ڇو ته انهن نه ايمان آندو (معجزن تي) پهرين دفعي ۽ اسان انهن کي سندن گمراهي ۾ ڇڏيون ٿا جو حيران رهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين سندن دليون ۽ انهن جون اکيون ڦيرائي ڇڏينداسون جيئن انهن ماڻهن پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ جي حالت ۾عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون ته ڀٽڪندا رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦيرايون ٿا دليون انهن جون ۽ اکيون انهن جون جيئن نه ايمان آندائون ان تي پهرئين ڀيري ۽ ڇڏيون ٿا انهن کي سرڪشيءَ انهن جي ۾ ڀٽڪندا ٿا وتن. ع(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسين سندن دلين ۽ سندن اکين کي ڦيرينداسون جيئن انهن قرآن تي پهرئين ڀيري ايمان نه آندو. ۽ اسين انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ عقل جا انڌا ڪري ڇڏينداسون.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان اهڙي طرح انهن جي دلين ۽ انهن جي نگاهن کي ڦيريون ٿا جهڙي طرح انهن پهرئين ڀيري ان (قرآن) کي نه مڃيو هيو ۽ اسان انهن کي ڇڏيون ٿا ته پنهنجي سرڪشي ۾ ئي ڀٽڪندا رهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُبتايون دِليون اُنهن جون، پڻ نيڻ، سندنِ نور، اَوّل ڀيري اُن کي، نه وِسهيا، جِيئن وَهلور، ۽ ڇَڏيونِ، ته مَرمَجبور، پِيا مُنجھنِ، سندنِ مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين سندن دلين ۽ اکين کي ڦيرينداسون، جيئن انهن پهرئين ڀيري ايمان نه آندو ۽ انهن کي سندن سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندو ڇڏي ڏينداسين.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان سندن دلين ۽ نگاهن کي ائين ڦيرائي ڇڏينداسون جيئن هنن منڍ ۾ انهيءَ (ڪتاب) تي ايمان نه آندو هو. اسان کين ڇڏي ٿا ڏيون ته وتن پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ڀٽڪندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پنهنجي دلين ۽ نگاهن کي ائين ڦيرائي رهيا آهيون جيئن انهن ايمان نه آندو هو ان تي پهريون ڀيرو به، اسان انهن کي ڀٽڪڻ لاءِ پنهنجي سرڪشيءَ ۾ ڇڏي ٿا ڏيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن دلين ۽ نگاهن جي حالت کي اسان اهڙي طرح ڦيريون ٿا جيئن هنن شروع ۾ انهن (نشانين) تي ايمان نه آندو هو (يعني انهن جي ايمان آڻڻ جي ڪڏهن نيت رهي به نه آهي) ۽ کين پنھنجي سرڪشيءَ ۾ آزاد ڇڏيون ٿا ته جيئن هو ڀٽڪندا وتن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان انهن جي دلين کي ۽ انهن جي اکين کي (سندن ئي بدنيتي جي ڪري حق جي قبولڻ) کان (ائين) ڦيرائي ڇڏينداسين جيئن اُنهن ان (نبي) تي پهريون ڀيرو ايمان نه آندو هو (سو اُهي نشانيون ڏسي به ايمان نه آڻيندا) ۽ اسان کين سندن سرڪشي ۾ (ئي) ڇڏي ڏينداسين ته اُهي ڀٽڪندا وتن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين سندن دليون ۽ اکيون ڦيرائي ڇڏيون (يعني اسان جي رٿيل قانون موجب انهن جي سمجهه ۽ ديد ڪم ڇڏي ڏنو. اهي ماڻهو نشانيون ڏسي به نرڄائيءَ مان انڪار ڪندا ٿا وتن) جيئن پهريون ڀيرو قرآن کان انڪار ڪيائون ۽ اسين کين ڇڏي ڏنو ته ڀلي پنهنجي هوڏ ۾ ڀٽڪندا وتن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَو أَنَّنا نَزَّلنا إِلَيهِمُ المَلٰئِكَةَ وَكَلَّمَهُمُ المَوتىٰ وَحَشَرنا عَلَيهِم كُلَّ شَيءٍ قُبُلًا ما كانوا لِيُؤمِنوا إِلّا أَن يَشاءَ اللَّهُ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم يَجهَلونَ (آيت : 111) |
۽ جيڪڏھن انھن تي اسين ملائڪ لاھيون ھا ۽ ساڻن مُئا (به) ڳالھائين ھا ۽ ھر شيء سندن آمھون سامھون ڪري گڏ (به) ڪريون ھا ته به الله جي گھُر کانسواءِ ڪڏھن ايمان نه آڻين ھا پر اُنھن مان گھڻا بي سمجھائي ڪن ٿا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (يقين ڄاڻو ته) جيڪڏهن اسان هنن (ڪافرن) ڏي فرشتا موڪليون ۽ (قبرن مان) مردا (اٿي) ساڻن ڳالهائين ۽ جيتريون به شيون (دنيا ۾) آهن، اهي سڀ سندن اڳيان کڙيون ڪيون تڏهن به هو اهڙا ناهن جو ايمان آڻين، سواءِ هن جي جو خود خدا جو اهڙو حڪم يا مرضي هجي، پر هنن مان گهڻا جاهل آهن جي (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اسان نازل فرمايون ها انهن ڏانهن ملائڪ ۽ مئل ماڻهو انهن سان ڳالهائن ها ۽ اسين گڏ ڪريون ها انهن جي روبرو هر شيءِ ته به اهي ايمان نه آڻن ها مگر جنهنکي الله چاهي ها ۽ پر اڪثر انهن جا جهالت ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! سچي ڳالھ ته هيءَ آهي جو) اسين جيڪڏهن انهن تي فرشتا به نازل ڪريون ها ۽ سڀ (لڪل) شيون (جيئن جنت دوزخ ۽ ٻيون) ٽولا ٽولا سندن اڳيان بيهاريون تڏهن به اهي ايمان نه آڻين ها پر جڏهن خدا گهري، هنن مان گهڻا نٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اسان لاهيون ها انهن ڏانهن ملائڪ ۽ ڳالهائين ها انهن سان مئل ۽ اٿاريون ها انهن جي اڳيان هر شيءِ سامهون ته نه هئا جو ايمان آڻين مگر هي جو گهري الله ۽ پر گهڻا انهن مان جهالت ڪن ٿا.(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين انهن ڏي ملائڪ لاهيون ۽ مُئل انهن سان ڳالهائين، ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي انهن جي سامهون گڏ ڪريون ته به اهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن مگر جنهن وقت الله گهري پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن ڏانهن ملائڪ به لاهيون ها ۽ انهن سان مُردا به ڪلام ڪن ها ۽ اسان انهن وٽ هر شيءِ انهن جي سامهون اٿاريون ها ته به اُهي ايمان نه آڻن ها سواءِ ان جي جو الله چاهي ۽ پر انهن مان گهڻا جهالت ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هوندمَلَڪَ مٿنِ موڪليون، ۽ مُئا ڳالهائـِينِ مور، ۽ سامهون سڀ شيون ڪريون، ته مَڃِيندا نه مذڪور، مگر مالِڪ پاڪ گهُري؛ پر مُرڳوئـِي مَغرور، ڪَن باتيون بي شُعور، جَجھا اُن مان، جَھل جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي اسين انهن ڏانهن ملائڪ موڪليون ها ۽ مُئل به ساڻن ڳالهائين ها ۽ سندن اڳيان سڀ شيون به آڻي گڏ ڪريون ها ته به الله جي مرضيءَ ڌاران ايمان نه آڻين ها، مگر منجهائن گهڻا جاهل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان مٿن ملائڪ به لاهيون ها ۽ مئا به ساڻن ڳالهائن ها ۽ دنيا جون سموريون شيون سندن آڏو آڻي گڏ ڪيون ها ته به اهي ايمان نه آڻن ها، سواءِ ان جي جو الله ائين گهري ها (ته اهي ايمان آڻين) مگر گهڻا ماڻهو جهالت جون ڳالهيون ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن تي لاهيون ها ملائڪ ۽ ساڻن ڳالهائن ها مُردا ۽ گڏ ڪريون ها انهن جي آڏو هر شيءِ، تڏهن به اهي ايمان آڻڻ وارا ڪونه هئا، باقي جيڪڏهن گُهري ها الله ته اهي ايمان آڻين (ته اها ٻي ڳالهه آهي) پر گهڻا بي وقوفيءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن ماڻهن ڏانھن فرشتا به موڪليون ها، مئل به انهن سان ڳالهائين ها ۽ دُنيا جي سڀني شين کي به سندن آڏو حاضر ڪريون ها تڏهن به هو ايمان نه آڻين ها، سواءِ الله تعالى جي مرضيءَ جي (جن کي هو ايمان آڻڻ جي توفيق ڏي ها) پر انهن مان اڪثر ماڻهو بي علميءَ واريون ڳالهيون ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن جي طرف ملائڪ لاهيون ها ۽ ساڻن مردا ڳالهائن ها ۽ |