توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي (مقرر قانونن تي هلي ان جي عظمت ۽) پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي وڏين قوتن ۽ غلبي جو مالڪ (۽) حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جي پاڪائي بيان ڪن ٿيون اُهي شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي (سڀ) خدا جي تسبيح ڪري ٿي ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪائي بيان ڪيائين الله جي ان جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ ان جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جي پاڪائي بيان ڪئي (هر ان شيءِ) جا به آسمانن ۾ آهي ۽ جا به زمين ۾ آهي، ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنٰهن سَڀنِ اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪِي عَجب اُڀن ۾، جيڪِي خوبيون اَندرخاڪ، اُهو اَپر عِزتناڪ، پڻ حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۾ آهي، ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري_ ۽ اهو غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي ئي پاڪائي بيان ڪئي آهي، هر ان شيءِ جيڪا آسمانن توڙي زمين ۾ آهي ۽ اهوئي زبردست داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تسبيح ڪئي آهي الله جي هر شيءِ جيڪا آسمانن ۾ آهي ۽ زمين ۾، ۽ اهو ئي غالب ۽ داناءُ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي. ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى أَخرَجَ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن دِيٰرِهِم لِأَوَّلِ الحَشرِ ما ظَنَنتُم أَن يَخرُجوا وَظَنّوا أَنَّهُم مانِعَتُهُم حُصونُهُم مِنَ اللَّهِ فَأَتىٰهُمُ اللَّهُ مِن حَيثُ لَم يَحتَسِبوا وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ يُخرِبونَ بُيوتَهُم بِأَيديهِم وَأَيدِى المُؤمِنينَ فَاعتَبِروا يٰأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 2) |
(الله) اُھو آھي جنھن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گھرن مان پھرين ئي ويڙھ ۾ ٻاھر ڪڍي ڇڏيو، (اي مسلمانؤ) انھن جي نڪرڻ جو اوھان ڪو گمان نه ڪندا ھئو ۽ اُھي ڀائيندا ھوا ته الله (جي عذاب) کان سندن قلعا کين بچائڻ وارا ھوندا پوءِ (اُتان) وٽن الله (جو عذاب) پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا ۽ سندن دلين ۾ اھڙي دھشت وڌائين جو پنھنجن ھٿن سان ۽ مُسلمانن جي ھٿن سان پنھنجن گھرن کي (پاڻ) ڊاھڻ لڳا، تنھنڪري اي اکين وارؤ عبرت وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو اهو (قوت ۽ غلبي جو مالڪ) آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان (خدائي نظام جي خلاف سرڪشي ڪري) ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو!) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته، اهي ڪي نڪرندا. ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ انهن کي الله (جي عذاب) کا بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان پنهنجا گهر ويران ڪرڻ لڳا ۽ (جن سرڪشي ڪئي ته) ايمان وارن جي هٿن سان (سندن گهر ويران ٿيڻ لڳا) تنهن ڪري اي اکين وارؤ! اوهين عبرت وٺو (ته حق جي مخالفت جو نتيجو ڇا ٿيندو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن انهن ڪافرن (بني نضير قبيلي جي) يهودين کي سندن گھرن مان پهريون ڀيرو گڏ ڪري ڪڍيو، توهان کي ته انهن جي نڪرڻ جو گمان ئي نه هو ۽ خود انهن جو گمان هو ته بيشڪ اهي سندن قلعا کين الله جي عذاب کان بچائي سگھندا پوءِ انهن تي عذابِ الاهي اُتان اچي پهتو جتان کين خيال ئي نه هو، ۽ الله تعالى انهن جي دلين ۾ رُعب وڌو جو اهي پنهنجا گهر پنهنجي هٿن ۽ مسلمانن جي هٿن سان خراب ڪرڻ لڳا، پوءِ اي عقلمندو توهان (ان مان) عبرت وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن اهل ڪتاب ڪافرن (بني نضير) کي پهرئين حشر (جلا وطن) ۾ کين گهرن کان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (مسلمانو!) اوهان کي ته اهو وهم به نه هو ته اهي ڪي نڪرندا. ۽ اهي (ڪافر) هي خيال ڪندا هئا ته سندن قلعا کين خدا (جي عذاب) کان بچائيندا. پوءِ خدا (جو عذاب) مٿن اتان پهتو جتان کين گمان به نه هو ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي ته) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر اجاڙڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت حاصل ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) "اهو ئي آهي جنهن ڪڍيو ڪافرن کي اهل ڪتاب مان سندن گهرن مان پهرئين حشر جي لاءِ نه گمان ڪيو هو اوهان ته نڪري ويندا ۽ گمان ڪيائون ته بيشڪ اهي بچائيندڙ آهن انهن کي قلعا انهن جا الله کان پوءِ آيو انهن وٽ الله ""جو قهر"" ان جاءِ کان جو نه گمان ڪيو هيائون ۽ وڌائين دلين انهن جي ۾ ڊپ ويران ڪن پيا پنهنجا گهر پنهنجن هٿن سان ۽ مؤمنن جي هٿن سان پوءِ عبرت وٺو اي اکين وارؤ! ."(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن پهرئين ئي لشڪر گڏ ڪرڻ وقت جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا هئا تن کي پنهنجن گهرن مان ڪڍي ٻاهر ڪيو. (اي مسلمانو !) اوهان اهو خيال ئي نه ڪيو هو ته اُهي ڪي نڪرندا ۽ انهن (ڪافرن) هي خيال ڪيو هو ته سندن ڪوٽ اُنهن کي الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارا آهن، پوءِ الله (جو عذاب) مٿن اُتان پهتو جتان کين گمان ئي نه هو، ۽ سندن دلين ۾ (مسلمانن جي اهڙي) دهشت وڌائين جو پنهنجن هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجا گهر ڊاهڻ لڳا. تنهن ڪري اي اکين وارو! اوهين عبرت وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪرڻ وارن (قبيله بَنُو نُضير) کي سندن گهرن مان ڪڍيو پهرئين ئي جلاوطني جي وقت. توهان کي اُهو گمان (به) نه هيو ته اُهي ڪو نڪرندا! ۽ انهن کي هي گمان هيو ته انهن جا (مضبوط) قلعا کين الله (جي پڪڙ) کان بچائيندا، پوءِ الله (جو عذاب) انهن تي اتان پهتو جتان انهن کي گمان به نه هيو، ۽ (الله) انهن جي دلين ۾ دهشت وڌي جو پنهنجي هٿن سان ۽ ايمان وارن جي هٿن سان پنهنجي گهرن کي ويران ڪري رهيا هئا. پوءِ عبرت حاصل ڪيو اي ڏسڻ واري اک رکڻ وارؤ!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جنهن ڪيو اُنهن، کي، سَندنِ ديسان ڌار، ڪتاب وارِئَ قوم مان، جِن ڪئـِي ڪُفر جِي ڪار، لڏي هليا لاچار، مُقابلي جي مُنڍ ۾. اوهان اِيئن ڀانيو ته، نه نِڪرندا نيڪار، ۽ هُنن به ڀُلجِي ڀانيو، ته سِندنِ گَڍ گِرنار، آهن آڏا اُنهن کي، قادِر کان قَهار، پوءِ آيَنِ اَلله اُتهين، جِنهن جِي، سُڌ نه پِيَن سار، ۽ سَٽئـِين سَندنِ سِينن ۾، ڏاڍو ڪو ڏهڪار، ڊاهيو ڊپ کان، ڍيرڪن، سَندنِ گھر گلزار، پَنهنجن ۽ مؤمنن جي، هٿن سان هيڪار، پوءِ عِبرت وَٺو اِظهار، اَکيارا! اکيون کوليو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (الله) اهو آهي، جنهن ڪتاب وارن مان ڪافرن کي سندن گهرن مان پهرين ئي جنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو، جن جي نڪرڻ جو اوهان کي ڪو گمان نه هو_ اُهي ڀائيندا هئا، ته الله (جي عذاب) کان انهن کي سندن قلعا بچائڻ وارا هوندا، پوءِ الله کين اتان پهتو، جتان ڄاڻندا ئي نه هئا_ ۽ انهن جي دلين ۾ اهڙي دهشت وڌائين، جو هو پنهنجي هٿن سان ۽ مسلمانن جي هٿن سان پنهنجي گهرن کي ڊاهڻ لڳا، تنهن ڪري اي اکين وارؤ! عبرت وٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جنهن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪرڻ وارن کي پهرئين ئي حملي ۾ سندن گهرن مان بيدخل ڪري ڇڏيو. توهان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هو نڪري ويندا ۽ هو به سمجهيو ويٺا هئا ته سندن قلعا کين الله کان بچائي وٺندا، پر الله اهڙي پاسي کان مٿن آيو، جتان کين ڪو گمان ئي نه هو، هن سندن دلين ۾ رعب وجهي ڇڏيو، جو پنهنجن هٿن سان ئي پئي پنهنجا گهر ڊاٿائون ۽ مؤمنن جي هٿان به پئي ڊاهرايائون، پوءِ اي اکين وارؤ! ڪجهه عبرت پرايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهوئي آهي جنهن ٻاهر ڪڍيو انهن ڪافرن کي اهلِ ڪتاب مان سندن گهرن مان پهرين ئي حملي ۾، ڪوبه گمان ئي توهان کي نه هو ته اهي نڪري ويندا ۽ سمجهيو ويٺا هئا اهي به ته بچائي وٺندا کين سندن قلعا الله کان، پر اهڙي رخ کان انهن تي الله آيو جيڏانهن سندن خيال به نه ويو هو، ۽ وڌو ان سندن دلين ۾ (اهڙو) رعب جو اهي ڊاهي رهيا هئا پنهنجا گهر پنهنجي هٿن سان ۽ هٿان مؤمنن جي پڻ برباد ڪرائي رهيا هئا، پوءِ عبرت وٺو اي اکيون رکڻ وارؤ!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله ئي آهي جنھن ڪفر ڪرڻ واري يھودي ٽولي (بنو نضير) کي پھرين ئي حملي ۾ سندس گهرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. (اي مسلمانو!) توهان جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هو (ايترو آسانيءَ سان مديني مان) نڪري ويندا . اُهي (يھودي) اهو سمجهي ويٺا هئا ته کين سندن قلعا الله تعالى (جي پڪڙ) کان بچائيندا. پر الله تعالى (جو عذاب) انهن ڏي اهڙي طرف کان آيو جو کين گمان ۾ به نه هو. الله تعالى انهن جي دلين ۾ (مسلمانن جي) اهڙي ته دهشت ويھاري ڇڏي جو هُو پنھنجي هٿن سان ۽ مسلمانن جي تعاون سان پنھنجي گهرن کي ڊاهڻ لڳا (ته جيئن ڪجهه سامان بچائي کڻي وڃن) اي بصيرت (يعني سمجهه ۽ سوچ) رکڻ وارؤ! (هن واقعي مان) عبرت پڪڙيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا أَن كَتَبَ اللَّهُ عَلَيهِمُ الجَلاءَ لَعَذَّبَهُم فِى الدُّنيا وَلَهُم فِى الءاخِرَةِ عَذابُ النّارِ (آيت : 3) |
۽ جيڪڏھن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ھا ته کين (ٻيءَ طرح) دنيا ۾ عذاب ڪري ھا، ۽ انھن کي آخرت ۾ (به) باھ جو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله انهن جي لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي ئي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى (سندن تقدير ۾) سندن جلاوطني نه لکي ها ته يقيناً انهن کي دنيا ۾ عذاب ڪري ها، ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باه جو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن مٿن ديس نيڪالي نه لکيل هجي ها ته دنيا ۾ انهن کي (ٻيءَ طرح) سزا ملي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها جو لکي الله انهن تي جلاوطني ته البته عذاب ڪري ها انهن کي دنيا ۾ ۽ انهن لاءِ آخرت ۾باهه جو عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله مٿن ديس نيڪالي نه لکي ها ته انهن کي (ٻي طرح) دنيا ۾ سزا ڏئي ها. ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باه جو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اللهُ انهن مٿان جلا وطني نه لکي ها ته انهن کي دنيا ۾ سخت سزا ڏئي ها. ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اَلله نه لِکي ها، اُنهن مَٿي، ڏيہ نيڪالِي ڏور، ته ڌڻِي دُنيا ۾ ڏينِ ها، سَزا سَخت ضرُور، پڻ آخرت ۾ آڳ جو، اُنهن لئي ساڙو سُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله انهن لاءِ ديس نيڪالي نه لکي ها، ته کين دنيا ۾ ٻيءَ طرح عذاب ڏئي ها ۽ انهن لاءِ آخرت ۾ باهه جو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله سندن باري ۾ ملڪ نيڪالي نه لکي ڇڏي هجي ها ته دنيا ۾ ئي هو کين عذاب ڏئي ڇڏي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي نه لکي هجي ها الله انهن جي حق ۾ جلاوطني (ڏيهه نيڪالي) ته کين عذاب ڏئي ها دنيا ۾ ئي، ۽ انهن جي لاءِ ته آخرت ۾ به عذاب آهي دوزخ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى انهن جي لاءِ ملڪ مان نيڪالي نه لکي ها ته کين دنيا ۾ (ٻئي قسم جو) عذاب ڏي ها ۽ آخرت ۾ ته انهن جي لاءِ جهنم جو عذاب (ضرور) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم شاقُّوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَمَن يُشاقِّ اللَّهَ فَإِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 4) |
اِھو عذاب (ڪرڻ) ھن ڪري آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله (جي نظام جي) ۽ سندس رسول جي (جيڪو اهو نظام قائم ڪري رهيو هو) مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي (حق ۽ انصاف واري نظام جي) مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ انهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن جي مخالفت ڪئي ۽ جنهن ماڻهو الله تعالى جي مخالفت ڪئي پوءِ بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو (عذاب) هن ڪري جو انهن خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو خدا جي مخالفت ڪندو ته (ياد رکو!) بيشڪ الله تمام سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بيشڪ انهن مخالفت ڪئي الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ جيڪو به مخالفت ڪري ٿو الله جي پوءِ بيشڪ الله عذاب ڪرڻ ۾ سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (عذاب) هن ڪري آهي جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو الله جي مخالفت ڪندو ته بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري ٿيو جو انهن الله ۽ ان جي رسول سان مقابلو ڪيو ۽ جيڪو الله جو مقابلو ڪندو ته بيشڪ الله عذاب ڏيڻ ۾ سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيون اِنهن تي اِن ڪري، اِهي مُصيبتون مذڪُور، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُوْل کان، هليا مُخالف مُور، اُبتڙ اَلله پاڪ جي، وِيندو جو وَهلور، پوءِ پَروَر پاڪ حُضور، آھِ سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اِهو هنڪري، جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي، جيڪو الله جي مخالفت ڪندو، ته پوءِ بيشڪ الله سخت عذاب وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ان ڪري ٿيو، جو انهن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته الله انهيءَ کي سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو انهن مقابلو ڪيو الله ۽ سندس رسول جو، ۽ جيڪو به مقابلو ڪندو الله جو، ته بيشڪ الله ڏاڍو سخت آهي سزا ڏيڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن سان اهو سلوڪ ان ڪري ٿيو آهي جو انهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪئي. (سو ٻُڌي ڇڏيو ته) جيڪو به الله تعالى جي مخالفت ڪندو ته الله تعالى به سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما قَطَعتُم مِن لينَةٍ أَو تَرَكتُموها قائِمَةً عَلىٰ أُصولِها فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيُخزِىَ الفٰسِقينَ (آيت : 5) |
(اي مؤمنؤ) جيڪي کجين جا وڻ وڍيوَ يا انھن کي پنھنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيوَ سو الله جي حُڪم سان ۽ ھِن لاءِ ته ھو ڪافرن کي خوار ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان (محاصري وقت) جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا انکي پنهنجين پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي قانون مطابق آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي کجور جا وڻ توهان (انهن جا) وڍيا يا توهان انهن کي پنهنجي پاڙن تي بيهڻ ڏنو پوءِ اهو الله جي حڪم سان هو ۽ ان لاءِ ته فاسقن کي خوار ڪيو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مومنو) اوهان جيڪو کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي (ائين ئي) رهڻ ڏيو سو خدا جي حڪم سان (ئي) آهي ۽ مطلب هي هو ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ڪٽيو اوهان کجيءَ جو وڻ يا ڇڏيو اوهان ان کي بيهندڙ پنهنجي پاڙن تي پوءِ الله جي اذن سان آهي ۽ تانته خوار ڪري فاسقن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان جو به کجيءَ جو وڻ وڍيو يا ان کي پنهنجن پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي حڪم سان آهي ۽ هن ڪري ته (الله) بدڪارن کي خوار ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان جيڪو به کجيءَ جو وڻ ڪٽيو يا ان کي پنهنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيو سو سڀ الله جي حڪم سان هيو ۽ هن لاءِ ته اهو نافرمانن کي خوار ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وَڍيان خاصيون کجيون، وَڻندڙ مَنجھ وڻڪار، يا ڇڏيان پاڙن تي پَنهنجي، بِيٺل برقرار، پوءِ اَمر سان اَلله جي، ۽ پڻ اُنهِئَ هارِ، ۽ ته ڪري خُوب خوار، ڏيہ ۾ ڏهارِيَن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جيڪي کجين جا وڻ وڍيا، يا انهن کي پنهنجي پاڙن تي بيٺل ڇڏيو، سو الله جي حڪم سان هو ۽ هن لاءِ ته هو بدڪارن کي خوار ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کجين جا جيڪي وڻ وڍي ڇڏيا يا جن کي پنهنجن پاڙن تي بيٺل ڇڏي ڏنوَ، اهو سڀ ڪجهه الله جي ئي حڪم سان هو (۽ الله اهو حڪم ان ڪري ڏنو) تانته نافرمانن کي ذليل ۽ خوار ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان وڍيا کجين جا جيڪي وڻ يا جن کي ڇڏي ڏنو بيٺل پنهنجي پاڙن تي، اهو حڪم الله سان هو ۽ (اهو ان ڪري به ڏنو ته) جيئن ذليل خوار ڪري نافرمانن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بنو نضير کي گهيرو ڪرڻ وقت) توهان جيڪي (سندن کجين جا) وڻ ڪپيا هئا يا جن کي ڇڏي ڏنو هو سو سڀ الله تعالى جي اجازت سان هو ته جيئن هُو نافرمان ماڻهن کي خوار خراب ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِنهُم فَما أَوجَفتُم عَلَيهِ مِن خَيلٍ وَلا رِكابٍ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يُسَلِّطُ رُسُلَهُ عَلىٰ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 6) |
۽ انھن (يعني بني نضير جي مالن) مان جيڪو (مال) الله پنھنجي پيغمبر کي ھٿ ۾ ڏنو تنھن تي اوھان نڪي گھوڙا ۽ نڪي ڪي اُٺ ڊوڙايا ھوا پر الله پنھنجن پيغمبرن کي جنھن تي وڻيس (تنھن تي) غالب ڪندو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ ئي غنيمت ۾) ڏياريو سو (اي مسلمانو!) ان تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ) پر الله (پنهنجي مشيت واري قانون مطابق) پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. ۽ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو مالِ غنيمت انهن مان الله تعالى پنهنجي حبيب ڪريم کي عطا ڪيو، پوءِ توهان نه ان تي گھوڙا ڊوڙايا ۽ نه اُٺ هلايا پر الله تعالى پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي غالب ڪري ٿو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته پوءِ) جيڪو مال خدا پنهنجي رسول کي انهن ماڻهن سان سواءِ وڙهڻ جي ڏياريو (تنهن مال ۾ اوهان جو حق نه آهي ڇو ته) اوهان ان لاءِ ته ڪا ڪوشش نه ڪئي هئي (۽) نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ. پر خدا پنهنجن پيغمبرن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي عالب ڪري ٿو. ۽ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي مال ڏنو الله پنهنجي رسول کي پوءِ نه ڊوڙايا اوهان ان تي ڪي گهوڙا ۽ نه اُٺ پر الله غالب ڪري ٿو پنهنجن رسولن کي جنهن تي گهري ۽ الله هر شيءِ تي قادرآهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان جو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي (جنگ کان سواءِ) غنيمت ۾ ڏياريو سو (اي مسلمانو !) اُن تي نه اوهان گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اٺ پر الله پنهنجن رسولن کي جنهن تي وڻيس تنهن تي غالب ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جو مال الله انهن جي قبضي مان ڪڍي پنهنجي رسول ڏانهن موٽايو (يعني مال فئي جيڪو بنا جنگ جي غنيمت ۾ مليو) جو توهان نه ته ان جي (حاصل ڪرڻ) لاءِ گهوڙا ڊوڙايا هئا ۽ نه اُٺ ۽ پر الله پنهنجي رسولن کي جنهن تي چاهي غلبو عطا فرمائي ٿو. ۽ الله هر شيءِ تي طاقت رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پيغمبر کي، ڏِنون، جو مالِڪ اُنهن جو مال، پوءِ اُٺ ۽ نه گھوڙا اُن مَٿي، ڪِي لايا اوهان لال!، پَر پَنهنجي پيغمبرن کي، اَلله جَلّ جَلال، وڻيسِ تنهن ويرِئَ مٿي، فتح ڏِئي فِى الحال، ۽ بارِي آھِ بَحال، سگھارو سَڀ شئ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن جي مال مان الله جيڪي سندس رسول جي هٿ ۾ ڏنو، تنهن تي اوهان گهوڙا يا اُٺ ڪو نه ڊوڙايا هئا، پر الله پنهنجي رسولن کي جنهن تي وڻيس غالب ڪندو آهي ۽ الله سڀ ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي مال ملڪيتون الله انهن کان کسي پنهنجي رسول کي موٽائي ڏنيون، اهي اهڙا مال مڏيون ناهن جن لاءِ ڪو توهان گهوڙا ۽ اٺ ڊوڙايا هجن، بلڪه الله پنهنجن رسولن کي جنهن جي به مٿان وڻيس غلبو عطا ڪري ڇڏي ٿو ۽ الله هر شيءِ تي وس وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي به مال موٽايا الله انهن جي قبضي مان ڪڍي پنهنجي رسول ڏي، (اهي اهڙا نه آهن) جن تي ڊوڙايا هجن توهان پنهنجا گهوڙا ۽ اُٺ طرفدار پر الله عطا ڪندو آهي غلبو پنهنجي رسولن کي جنهن تي به گهرندو آهي، ۽ الله هر شيءِ تي وس وارو (قدرت وارو) آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بنو نضير جي وڃڻ کان پوءِ) جيڪو مال انهن (يهودين) جي قبضي مان مليو سو الله تعالى پنھنجي رسول (ﷺ) کي ڏنو. ان مال لاءِ توهان گهوڙا ۽ اٺ ڪونه ڊوڙايا هئا پر الله تعالى پنھنجي رسول کي جنھن (قوم) تي وڻيس غالب ڪندو آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَفاءَ اللَّهُ عَلىٰ رَسولِهِ مِن أَهلِ القُرىٰ فَلِلَّهِ وَلِلرَّسولِ وَلِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَابنِ السَّبيلِ كَى لا يَكونَ دولَةً بَينَ الأَغنِياءِ مِنكُم وَما ءاتىٰكُمُ الرَّسولُ فَخُذوهُ وَما نَهىٰكُم عَنهُ فَانتَهوا وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ شَديدُ العِقابِ (آيت : 7) |
ڳوٺاڻن (جي مالن) مان جيڪي الله پنھنجي پيغمبر جي ھٿ ۾ ڏنو سو خاص الله لاءِ پيغمبر لاءِ ۽ (پيغمبر جي) مائٽن لاءِ ۽ ڇورن ٻارن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي (اِھو ھن لاءِ آھي) ته اُھو اوھان مان دنيا وارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ جيڪي پيغمبر اوھان کي ڏئي سو وٺو، ۽ جنھن کان اوھان کي جھلي تنھن کي ڇڏي ڏيو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله سخت عذاب (ڪرڻ) وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو ڪجهه الله پنهنجي رسول کي بستين مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (جنگ ۾ شريڪ ٿيندڙن ۽ ان ۾ کپجندڙن جي) قرابت وارن ۽ يتيمن، مسڪينن (ته جيئن انهن جي پرگهور ٿئي) ۽ مسافرن لاءِ آهي (جيڪي مدد جا محتاج هجن) ، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي، ۽ (اي مسلمانو!) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ڳوٺن مان جيڪو مالِ غنيمت الله تعالى پنهنجي حبيب ڪريم کي عطا ڪيو پوءِ اهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جو آهي ۽ رسولِ عربيءَ جي رشتيدار ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، ان لاءِ ته اها توهان مان شاهوڪارن جي ملڪيت نه بنجي وڃي، جيڪو ڪجھه توهان کي رسولِ عربي عنايت ڪري پوءِ اهو توهان وٺو ۽ جنهن کان توهان کي منع فرمائي پوءِ ان کان روڪجو، ۽ توهان الله کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جو مال خدا پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو خاص خدا ۽ رسول ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافن لاءِ آهي، ته اهو گمهي ڦري اوهان جي مالدارن ۾ نه رهي. ۽ (اي مسلمانو) جو ڪجھ اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ خدا سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو فيء جو مال ڏنو الله پنهنجي رسول کي ڳوٺن جي رهندڙن وٽان پوءِ الله جو ۽ رسول جو ۽ قرابت وارن جي لاءِ ۽ يتيمن جي لاءِ ۽ مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي تانته نه هجي گردش ڪندڙ شاهوڪارن جي وچ ۾ اوهان مان ۽ جيڪي ڏئي اوهان کي رسول پوءِ اهو وٺو ۽ جنهن کان روڪي اوهان کي پوءِ رڪجي وڃو ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله عذاب ڪرڻ ۾ سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. جو الله پنهنجي رسول کي ڳوٺن وارن مان (جنگ کان سواءِ) ڏياريو سو الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ (رسول جي) قرابت وارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، ته اهو اوهان جي مالدارن جي وچ ۾ ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي. ۽ (اي مسلمانو !) جو ڪجهه اوهان کي رسول ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته ان کان رڪجي وڃو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله جو عذاب سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڳوٺن وارن جو جيڪو (مال) الله (جنگ کان سواءِ) پنهنجي رسول ڏانهن پلٽايو سو الله لاءِ ۽ رسول جي لاءِ آهي ۽ (رسول جي) قرابت دارن لاءِ ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آهي، (اِهو نظام ان لاءِ) ته مال توهان جي دولتمندن جي هٿن ۾ ئي گردش نه ڪندو رهي. ۽ جو ڪجهه رسول (ﷺ) توهان کي ڏئي ته ان کي وٺو ۽ جنهن کان اوهان کي روڪي ته رڪجي وڃو، ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله سخت عذاب ڏيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واهِڻَن وارن جو، سَر تن ۽ سامان، پنهنجي پيغمبر پاڪ تي، جو موٽايو منّان، پوءِ آھِ گنج اَلله جو، پڻ نبي نور نشان، ۽ ويجھائـِي وارن لئي، گُھرجائو گُذران، ۽ ڇورن ڇِنن ٻارن لئي، پڻ ڏُکين بُکِيَن کي ڏان، پڻ واٽهڙن واسطي، ۽ جن ڇَڏيا ماڳ مڪان، تان اُٿل پاٿل اُهو نه ٿئي، تِن ڌُرين درميان، آهِن جي اِنسان، آسُودا اَوهان مَنجھان. پوءِ وَٺو، جو آن کي ڏِنو، مُرسل هِينئَڙي هار، ۽ جنهن کان روڪئـِين، پوءِ روڪجو ۽ ڪَنبو ڀَر قَهّار، پَٽئـِين پالڻهار، آھِ سَزا ڏِيَڻ ۾ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڳوٺاڻن مان جيڪو مال الله پنهنجي رسول کي هٿ ۾ ڏنو، سو خاص الله لاءِ ۽ رسول لاءِ ۽ مائٽن لاءِ يتيمن ۽ مسڪينن لاءِ ۽ مسافرن لاءِ آهي، ته اهو اوهان مان شاهوڪارن جي وچ ۾ ئي ڏيڻ وٺڻ ۾ نه اچي_ ۽ جيڪي رسول اوهان کي ڏئي سو وٺو، جنهن کان اوهان کي جهلي، تنهن کي ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو_ بيشڪ الله سخت عذاب وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه به الله انهن آبادين وارن کان پنهنجي رسول ڏانهن موٽائي آڻي اهو الله ۽ رسول ۽ عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسيڪنن ۽ مسافرن لاءِ آهي ته جيئن اهو توهان جي آسودن ماڻهن جي ئي وچ ۾ ڦرندو گهرندو نه رهي. جيڪي توهان کي رسول ڏئي سو وٺو ۽ جنهن ڳالهه کان توهان کي جهلي ڇڏي ته ان کان جهلجي وڃو. الله کان ڊڄو، الله ڏاڍي سخت سزا ڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڪجهه موٽائي ڇڏي الله پنهنجن رسولن ڏانهن انهن ڳوٺاڻن کان، سو سڀ الله ۽ رسول ۽ مائٽن مٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ (اهي جيڪي) مسافر آهن انهن جي لاءِ آهي جيئن اهو گردش نه ڪندو رهي توهان جي مالدارن جي وچ ۾، ۽ جيڪي ڪجهه توهان کي ڏئي رسول سو وٺو، ۽ جنهن شيءِ کان توهان کي جهلي، تنهن کان رڪجي وڃو، ۽ ڊڄو الله کان، بيشڪ الله ئي ڏيڻ وارو آهي سخت ترين سزا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) جيڪو به مال انهن ڳوٺن جي رهندڙ ماڻهن کان، الله تعالى پنھنجي رسول سڳوري کي (بغير ويڙهه جي) ڏياريو آهي سو الله تعالى، رسول سڳوري، سندس مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي لاءِ آهي ته جيئن اهو مال توهان مان رڳو مالدارن جي وچ ۾ ڦرندو نه رهي. توهان کي رسول سڳورو جيڪو ڪجهه ڏيئي اهو وٺو ۽ جنھن شيءِ کان منع ڪري ته ان کان رڪجي وڃو. ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو. بيشڪ الله تعالى سخت عذاب ڏيندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلفُقَراءِ المُهٰجِرينَ الَّذينَ أُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأَموٰلِهِم يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا وَيَنصُرونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ هُمُ الصّٰدِقونَ (آيت : 8) |
(۽ اُھو فَيءَ جو مال) انھن ھجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ (به) آھي جن کي سندن گھرن مان ۽ مالن مان ٻاھر ڪڍيو ويو جيڪي (پنھنجي) الله کان فضل ۽ سندس رضامندي طلبيندا آھن ۽ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي مدد ڏيندا آھن، اُھي ئي سچا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان مال مان) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن، (۽) هو الله (جي قانون تي هلي ان) جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا آهن (جن پنهنجي ايمان واري دعويٰ کي پنهنجي قربانين سان سچو ڪري ڏيکاريو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ضرورت مند مهاجرن جو حق آهي جيڪي پنهنجي گھرن ۽ پنهنجي ملڪيتن مان ٻاهر ڪڍيا ويا، اُهي الله تعالى جو فضل ۽ رضامندو طلب ڪن ٿا ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مدد ڪن ٿا، اُهي ئي سچا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ان مال مان) انهن غريب مهاجرن جو (حصو) به آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) لڏايا ويا آهن (۽) اهي خدا جو فضل ۽ رضا مندي چاهين ٿا ۽ خدا ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اهي ئي سچا (ايمان دار) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فقيرن، هجرت ڪندڙن جي لاءِ جيڪي ڪڍيا ويا پنهنجن گهرن مان ۽ پنهنجن مالن مان طلب ڪن ٿا مهرباني الله کان ۽ رضامندو ۽ مدد ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي اهيئي سچا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (يعني) انهن لڏي ايندڙ مسڪينن لاءِ آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۽ پنهنجن مالن مان (زبردستي) ٻاهر ڪڍيا ويا آهن(۽) هو الله جو فضل ۽ رضامندي گهرن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪن ٿا. اُهي ئي سچا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فيء جو مال) ان هجرت ڪندڙ مسڪينن لاءِ (به) آهي جيڪي پنهنجي گهرن ۽ مال کان ڪڍيا ويا آهن اُهي الله جو فضل ۽ ان جي رضا چاهن ٿا ۽ الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي مدد ڪن ٿا. اُهي ئي سچار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن مِسڪِين مُهَاجِرن لئي، جي ڪيا وِيا ٻَهار، پَنهنجي ماڳن، مال ڪنان، پڻ ڀيڻِيَن، باغ بهار، گُھرن رِزق رَبَّ ڪنان، پڻ مَرضِي ماڻڻ هارِ، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جو، ڪن ٻيليِپڻو ٻِيهار، اُهي ئـِي اِظهار، سَچاآهِن سِيل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اهو مال) هجرت ڪرڻ وارن مسڪينن لاءِ به آهي، جن کي سندن گهرن مان ۽ مالن مان ٻاهر ڪڍيو ويو، جيڪي الله کان فضل ۽ رضا مندي ڳوليندڙ آهن ۽ الله ۽ سندس رسول کي مدد ٿا ڏين، بس اهي ئي سچا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهو مال) انهن غريب مهاجرن لاءِ (پڻ) آهي، جيڪي پنهنجي گهرن ۽ مال ملڪيتن کان ڪڍي ٻاهر ڪيا ويا آهن. اهي الله جو فضل ۽ سندس راضپو طلبين ٿا ۽ الله ۽ سندس رسول جي مدد ڪرڻ ۾ لڳل آهن، اهي ئي سچا ماڻهو آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو مال) انهن غريب مهاجرن جي لاءِ آهي جيڪي ڪڍيا ويا آهن پنهنجي گهرن ۽ جائدادن مان، اهي شخص گُهرن ٿا فضل پنهنجي رب جو ۽ سندس رضا ۽ تيار رهندا آهن حمايت الله ۽ سندس رسول جي تي، اهي ئي ماڻهو (حقيقت ۾) سچا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ اهو مال) هجرت ڪندڙ مسڪينن جي لاءِ (به) آهي، جن کي پنھنجي گهرن مان ڪڍي سندن مال کان محروم ڪيو ويو آهي. هُو ته الله تعالى جي مھرباني ۽ رضامندي چاهين ٿا ۽ الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي حمايت ۾ ڄمي بيٺا آهن. اهي ئي سچائي واري رستي تي هلڻ وارا ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ تَبَوَّءُو الدّارَ وَالإيمٰنَ مِن قَبلِهِم يُحِبّونَ مَن هاجَرَ إِلَيهِم وَلا يَجِدونَ فى صُدورِهِم حاجَةً مِمّا أوتوا وَيُؤثِرونَ عَلىٰ أَنفُسِهِم وَلَو كانَ بِهِم خَصاصَةٌ وَمَن يوقَ شُحَّ نَفسِهِ فَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 9) |
۽ (انھن لاءِ به آھي) جن دارالاسلام (يعني مديني) ۾ ۽ ايمان ۾ مُھاجرن کان اڳ گھر بڻايو جيڪو وٽن لڏي اچي تنھن کي دوست رکندا آھن ۽ جيڪي مھاجرن کي ڏنو ويو تنھن بابت پنھنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نه لھندا آھن ۽ (ٻـين کي) پاڻ کان پسند ڪندا آھن توڻيڪ کين ڪو احتياج ھوندو آھي، ۽ جن کي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو سي ئي ڇٽڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾) ۽ ايمان (جي مرڪز) ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن، جي هنن ڏي لڏي آيا آهن، انهن سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن شيء ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي ڇو نه هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا (۽ ايثار کي پنهنجو مرڪ بنائيندا) سي ئي ڪامياب آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ماڻهن جو به حق آهي جن مدينه منوره ۽ ايمان ۾ انهن کان اڳي پنهنجو گھر تيار ڪيو، اهي انهن اصحابن سان محبت رکن ٿا، جن انهن ڏانهن هجرت ڪئي، ۽ جيڪو ڪجھه انهن کي ملي ٿو ان تي ڪو رَشڪ نٿا ڪن ۽ اهي انهن کي پنهنجي وجودن تي برتري ڏين ٿا، جيتوڻيڪ اهي پاڻ سخت ضرورتمند آهن ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي نفسن جي لالچ کان بچو، پوءِ اهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (انهن جو به حصو آهي) جي مهاجرن کان اڳ ۾ ئي (هجرت جي) جاءِ (مديني) ۾ رهيل آهن ۽ ايمان ۾ (پختا) رهيا ۽ جي ماڻهو هجرت ڪري وٽن آيا تن سان محبت ڪن ٿا ۽ جيڪي انهن (پرديسين) کي مليو تنهن جي ڪري پنهنجي دلين ۾ غرض نه ٿا ڏسن ۽ (سڀ ڪنهن ڳالھ ۾) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا توڙي کين تنگدستي هجي. ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويا سي ئي ڪامياب آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ٻانها جن گهر بنايو هن شهر ۽ ايمان کي انهن کان اڳي محبت رکن ٿا ان سان جنهن هجرت ڪئي انهن ڏانهن ۽ نه ٿا لهن پنهنجن سينن ۾ ڪا حاجت ان مان جو ڏنا ويا ۽ ترجيح ڏين ٿا سرن پنهنجن تي جيتوڻيڪ آهي انهن کي سخت ضرورت ۽ جيڪو بچايو وڃي ٿو پنهنجي نفس جي حرص کان پوءِ اهيئي ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾ ) ۽ ايمان ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن جو هنن ڏي لڏي آيو آهي ان سان (هو) محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو ان جي ڪري پنهنجن دلين ۾ ڪا تنگي نٿا ڏسن ۽ (سڀڪنهن شيءِ ۾ ) پنهنجي جان کان به انهن کي اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا سي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اُهو مال انهن انصارن لاءِ به آهي) جي مهاجرن جي اچڻ کان اڳ ايمان آڻي دار (الهجرت يعني مدينه ) ۾ رهيل آهن، اُهي ان سان محبت رکن ٿا جنهن انهن ڏانهن هجرت ڪئي ۽ مهاجرن کي جو ڪجهه ڏنو وڃي ان سان اُهي پنهنجي دلين ۾ ڪا تنگي نه ٿا رکن ۽ پنهنجو پاڻ تي انهن کي ترجيح ڏين ٿا توڙي جو خود انهن کي سخت ضرورت هجي. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي نفس جي بخل کان بچايو ويو پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن لئي بِه اِنهيان اَ ڳي ڪيو آستان، مَدِيني مُنوّر ۾، پڻ آسڻ مَنجھ اِيمان، جو اَچي لَڏي اُنهن ڏي، ته ڏِينَسِ مُحبت مان، ۽ جو ملينِ، ته پَنهنجي مَن ۾، اُن جو نه رکن اَرمان، اُن کي ڀانئـِن اڳ ۾، ڪنان پَنهنجي جِگر جان، توڻِي هُجي تِن کي، گُھرج سَنِدي گُذران، ۽ پَنهنجي هِينِين کان، جنهن کي مِليو اَمن اَمان، پوءِ خوش دِل آهِن خان!، اُهي آجا هَر اَرمان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن لاءِ به، جن مديني ۾ مهاجرن کان اڳ گهر بنايو ۽ (پڪو) ايمان آندو ته جيڪو وٽن لڏي اچي، تنهن سان محبت ٿا رکن_ ۽ جيڪي مهاجرن کي ڏجي ٿو، تنهن بابت پنهنجين دلين ۾ ڪا پريشاني نٿا سمجهن ۽ ٻين کي پاڻ کان وڌيڪ پسند ٿا ڪن، جيتوڻيڪ انهن کي به احتياج هوندو آهي_ ۽ جن کي پنهنجي نفس جي حرص کان بچايو ويو، سي ئي ڪامياب آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اهو انهن ماڻهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن مهاجرن جي اچڻ کان اڳي ئي ايمان آڻي چڪا هئا ۽ هجرت واري هنڌ رهندڙ هئا. اهي انهن ماڻهن سان محبت ڪن ٿا، جيڪي وٽن هجرت ڪري آيا آهن ۽ جيڪي ڪجهه به ڏجينِ ٿو ته ان جي ڪابه تنگي پنهنجي اندر ۾ محسوس نٿا ڪن ۽ پاڻ تي ٻين کي ترجيح ڏين ٿا، پوءِ کڻي پاڻ به گهرجائو ڇو نه هجن. حقيقت ۾ جيڪي پنهنجي دل جي تنگيءَ کان بچايا ويا، سي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اهو انهن ماڻهن جي لاءِ به آهي) جيڪو ايمان آڻي انهن مهاجرن جي اچڻ کان اڳي ئي انهن سان محبت رکن ٿا جيڪي هجرت ڪري وٽن آيا دار الهجرت (مديني) ۾ رهيل هئا ۽ نٿا محسوس ڪن اهي پنهنجي دلين ۾ ڪابه حاجت جيڪي ڪجهه انهن کي ڏنو وڃي ۽ پنهنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏين ٿا جيتوڻيڪ اهي خود محتاج هجن، حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي بچايا ويا آهن بخيلي سندن نفس جي کان، اهي ئي ڪامياب آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اهو مال) اُنهن انصاري ماڻهن لاءِ به آهي جيڪي هجرت ڪندڙ (مھاجرن) کان اڳ ئي ايمان آڻي هن اسلامي حڪومت ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا. هي ماڻهو هجرت ڪندڙ (مھاجرن) سان وڏي محبت رکندا آهن ۽ جيڪو ڪجهه هجرت ڪندڙ (مھاجرن) کي ڏنو ويو، اُن تي هنن (انصارين) جي دل نه ڏکندي آهي (بلڪه) هو ته پنھنجي ذات تي ٻين کي ترجيح ڏيندا آهن توڙي جو هو خود به ضرورت مند هوندا آهن. (درحقيقت) جيڪي ماڻهو تنگ نظري (يا مال جي حرص) کان بچايا ويا، سي ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ جاءو مِن بَعدِهِم يَقولونَ رَبَّنَا اغفِر لَنا وَلِإِخوٰنِنَا الَّذينَ سَبَقونا بِالإيمٰنِ وَلا تَجعَل فى قُلوبِنا غِلًّا لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا إِنَّكَ رَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 10) |
۽ (اھو مال اُنھن لاءِ به آھي) جيڪي انھن (مھاجرن ۽ انصارن) کانپوءِ آيا چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي بخش ۽ اسان جي (انھن) ڀائرن کي (به) جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن به نسبت اسان جي دلين ۾ ڪو ڪينو نه وجھ اي اسان جا پالڻھار بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مھربان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته، اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ آيا انهن جو به حق آهي. اهي چون ٿا اي اسان جا رب تون اسان کي بخش ڪر ۽ (تون اسان جي انهن) ڀائرن کي بخش ڪر جن اسان کان ايمان آڻڻ ۾ سبقت ڪئي (اڳرائي ڪئي) ، ۽ اسان جي دلين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪينو پيدا نه ڪر، جن ايمان آندو، اي اسان جا رب بيشڪ تون شفقت ڪندڙ ٻاجھارو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (انهن لاءِ به حصو آهي) جي انهن (مهاجرن) کان پوءِ آيا (۽) دعا ڪن ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن. ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ کوٽ نه وجھ. اي اسان جا پروردگار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ٻانها جيڪي آيا انهن کان پوءِ چون ٿا ته اي اسان جا رب! اسان کي بخش ڪر ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي جيڪي اڳي گذريا اسان کان ايمان سان ۽ نه پيدا ڪر تون اسان جي دلين ۾ ڪينو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اي اسان جا رب! بيشڪ تون ٻاجهارو، مهربان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (انهن لاءِ به آهي) جي انهن (مٿين ٻن قسمن جي حقدارن) کان پوءِ ايندا. چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جن انهن ڀائرن کي بخش جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪو کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون ته بيحد شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کان پوءِ آيا عرض ڪن ٿا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي بخش ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به بخش جي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳتي وڌي ويا ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن لاءِ ڪا کوٽ نه وِجُهه، اي اسان جا پالڻهار بيشڪ تون بيحد شفقت ڪندڙ وڏي باجهه وارو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي اُنهن پُڃاڻا آئـِيا، اُنهن کي بِه ڏبو ڏان، جي ڪَن ٿا رَبَّ ڪَرِيم کي، زاريون ساڻ زبان، ته بَخش اَسان کي بَديون، سانيمِ رَبَّ، سُبحان!، پڻ بَخش اَسان جي ڀائـِرين، آگا! سِين اِحسان، اَسان ڪنان اَڳڀرو، آندو جِن اِيمان، ۽ مَدِي نه اَسان جي مَن ۾ ڏِئي مُؤمن، ڏي مَنَّان!، تون مُورهِين مِهربان، تَرس وارو توڙ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (اهو مال) انهن لاءِ به آهي، جيڪي انهن (مهاجرن ۽ انصارن) کان پوءِ آيا ۽ چون ٿا ”اي اسان جا رب! اسان کي بخش ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي به، جن ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳرائي ڪئي ۽ مؤمنن لاءِ اسان جي دلين ۾ ڪينو نه وجهه- اي اسان جا ڌڻي! بيشڪ تون ڏاڍو شفقت ڪندڙ مهربان آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اهو انهن ماڻهن لاءِ به آهي) جيڪي انهن آڳاٽن کان پوءِ آيا آهن ۽ چون ٿا ته "اي اسان جا رب! اسان کي ۽ اسان جي انهن سڀني ڀائرن کي بخشي ڇڏ، جن اسان کان اڳ ايمان آندو آهي ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن لاءِ ڪوبه کوٽ نه رک. رب! تون بيشڪ ڏاڍو مهربان ۽ رحم ڪندڙ آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اهو انهن ماڻهن لاءِ به آهي ته) جيڪي انهن پهرين آيلن کان پوءِ آيا آهن، چوندا آهن، اي پالڻهار اسان جا! بخش ڪر اسان کي ۽ اسان جي ڀائرن، انهن کي جن اسان کان اڳي ايمان آندو ۽ نه وجهه اسان جي دلين ۾ ڪو بغض انهن جي باري ۾ جن ايمان آندو، اسان جا رب! بيشڪ تون وڏو مهربان رحيم آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هي مال انهن ماڻهن لاءِ به آهي جيڪي مھاجرن ۽ انصارين کان پوءِ (مديني جي رياست ۾) ايمان جي حيثيت ۾ داخل ٿيا ۽ چون ٿا ته: اي اسان جا پالڻھار! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي معاف فرماءِ جيڪي اسان کان اڳ ايمان آڻي چڪا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ مؤمنن جي لاءِ ڪوبه ساڙ نه رکجانءِ. اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ تون وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نافَقوا يَقولونَ لِإِخوٰنِهِمُ الَّذينَ كَفَروا مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَئِن أُخرِجتُم لَنَخرُجَنَّ مَعَكُم وَلا نُطيعُ فيكُم أَحَدًا أَبَدًا وَإِن قوتِلتُم لَنَنصُرَنَّكُم وَاللَّهُ يَشهَدُ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 11) |
اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جيڪي منافق ٿيا جي پنھنجن انھن ڀائرن کي چوندا آھن جيڪي ڪتاب وارن مان مُنڪر آھن ته جيڪڏھن اوھان کي (وطن مان) تڙايو ويندو ته (به اسين) اوھان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوھان جي حق ۾ ڪڏھن به ڪنھن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏھن اوھان سان ويڙھ ڪئي ويندي ته اوھان جي ضرور مدد ڪنداسون، ۽ الله شاھدي ٿو ڏيئي ته بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن (هم فڪر) ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو!) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي (اوهان سان ته ٺهيو پر انهن سان به اهڙي دوستيءَ جي دعويٰ ۾) ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي مخاطب) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن منافقي ڪئي اهي پنهنجي انهن ڀائرن کي چئي رهيا هئا جن ڪفر ڪيو، اهلِ ڪتاب وارن مان ته قسم سان جيڪڏهن توهان کي (مدينه منوره مان) ڪڍيو ويو ته اسين ضرور توهان سان گڏ نڪرنداسين ۽ اسين ڪڏهن (توهان جي معاملي ۾) ڪنهنجو چوڻ نه ڪنداسين، ۽ جيڪڏهن توهان سان لڙائي ٿي ته يقيناً اسين توهان جي مدد ڪنداسين ۽ الله تعالى شاهدي ڏي ٿو ته بيشڪ اهي يقيناً ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تون انهن منافقن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي ڪافر ڀائرن اهل ڪتاب کي چون ٿا ته جيڪڏهن اوهين (گهرن مان) لڏايا ويا ته پڪ ڄاڻو ته اسين به اوهان سان گڏ نڪري پونداسون ۽ اوهان جي باري ۾ ڪڏهين به ڪنهن جي تابعداري نه ڪنداسون. پر جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اوهان جي مدد ڪنداسون پر خدا شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا تو انهن ڏانهن نه ڏٺو جيڪي منافق ٿيا چون پيا پنهنجن انهن ڀائرن جي لاءِ جيڪي ڪافر ٿيا اهل ڪتاب مان ته البته جيڪڏهن اوهان ڪڍيا ويندؤ وطن مان ته البته ضرور اسين به نڪرنداسون اوهان سان گڏ ۽ نه تابعداري ڪنداسون اوهان جي باري ۾ ڪنهن هڪ جي هميشہ ۽ جيڪڏهن جنگ ڪيا ويندؤ اوهان ته البته ضرور مدد ڪنداسون اسين اوهان جي ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ اهي البته ڪوڙا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو آهي جيڪي دغاباز ٿيا پنهنجن انهن ڀائرن کي چون ٿا جيڪي ڪتاب وارن مان ڪافر ٿيا ته قسم آهي ته جيڪڏهن اوهان کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ته ضرور اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان جي حق ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه مڃينداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ٿي ته ضرور اسين اوهان جي مدد ڪنداسون ۽ (اي مسلمانو !) الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن منافقن کي ڏٺو جيڪي پنهنجي انهن ڀائرن کي چون ٿا جن اهلِ ڪتاب مان ڪفر ڪيو ته، ”اگر اوهان جلا وطن ڪيا ويا ته ضرور اسان اوهان سان گڏ نڪرنداسين، ۽ توهان جي باري ۾ ڪڏهن به ڪنهن جي ڳالهه نه مڃنداسين ۽ اگر توهان سان جنگ ڪئي وئي ته اسان ضرور توهان جي مدد ڪنداسين“. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته اُهي يقيناً ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪُوڙ جِن جي قَلب ۾، تِن جو، هُوند نه ڏِٺئـِي حال؟ ڀُليا سَندنِ ڀائـِرن سان، ڪَن مَنجهو مَنجھ مَقال، جي ڪنان اَهل ڪتاب جي، ڪافِر ٿيا ڪُلال، جي توهان کي تَڙِيو وِيو، ڪَنان مِلڪيت مال، ته نِڪرنداسون، نڪڻٖي اَسِين بِه اَوهان نال، ۽ ڪِنهن هِڪ جِي، اَوهان جي حق ۾، مُور نه مَڃيون ڳالھ، ۽ جي اَوهان سان اِسلام جِي لڳي جنگ جِدال، ته آڌاريداسون اَوهان کي، بِلاشڪ بحال، ۽ سائـِين ڏئي ٿو ساک اِها، بيشڪ بي مِثال، ته مُنافِق مَتوال، ڪُوڙا آهِن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي رسول) تو انهن منافقن ڏانهن نه ڏٺو، جي اڳين ڪتابن وارن مان سندن ڪافر ٿيل ڀائرن کي چون ٿا ته ”جيڪڏهن اوهان کي تڙيو ويو، ته اسين به اوهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ اوهان بابت ڪڏهن به ڪنهن جو چيو نه وٺنداسون ۽ جيڪڏهن اوهان سان لڙائي ٿيندي ته اوهان جي ضرور مدد ڪنداسون.“ ۽ الله واقف ٿو ڪري ته بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا تون انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن منافقت جي هلت اختيار ڪئي آهي؟ اهي پنهنجي ڪافر اهل ڪتاب ڀائرن کي چون ٿا ته "جيڪڏهن توهان کي ڪڍيو ويو ته اسان به توهان سان گڏ نڪرنداسون ۽ توهان جي معاملي ۾ اسان ڪنهن جي به چوڻ تي نه لڳنداسون ۽ جيڪڏهن توهان سان جنگ ڪئي ويئي ته توهان جي مدد ڪنداسون"، پر الله شاهدي ڏئي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو ڏٺو نه آهي انهن ماڻهن کي، جن منافقت جي راهه اختيار ڪئي، اهي چوندا آهن پنهنجي انهن ڀائرن کي جن ڪفر ڪيو اهلِ ڪتاب مان، ”جيڪڏهن ڪڍيو ويو توهان کي ته اسان نڪرنداسين توهان سان گڏ، ۽ هرگز نه مڃينداسين توهان جي باري ۾ ڪنهن جي به ڪا ڳالهه، ۽ جيڪڏهن توهان سان جنگ ڪئي وئي ته اسان توهان جي مدد ڪنداسين، پر الله شاهد آهي ته اهي بلڪل ڪوڙا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته هي منافق ماڻهو پنھنجي ڪافر اهل ڪتاب ڀائرن کي چون ٿا ته جيڪڏهن توهان کي هتان (مديني) مان ڪڍيو ويو ته اسان به توهان سان گڏ نڪرنداسين ۽ اوهان جي خلاف ڪنھن جو به چيو نه مڃينداسين ۽ جيڪڏهن توهان سان ويڙهه ڪئي وئي ته اسان توهان جي ضرور مدد ڪنداسين پر الله تعالى گواهي ڏي ٿو ته هي (منافق) ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَئِن أُخرِجوا لا يَخرُجونَ مَعَهُم وَلَئِن قوتِلوا لا يَنصُرونَهُم وَلَئِن نَصَروهُم لَيُوَلُّنَّ الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 12) |
جيڪڏھن تڙبُن ته (اُھي منافق) ساڻن (وطن مان) نه نڪرندا، ۽ جيڪڏھن اُنھن سان جنگ ڪبي ته کين مدد نه ڏيندا، پر جيڪڏھن (کڻي) مدد ڏيندا ته ضرور پٺيون ڦيرائيندا، وري کين مدد نه ملندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد به نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي (ڪنهن عار کان) انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا، وري سندن (به ڪٿي) مدد نه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم سان جيڪڏهن اهي ڪڍيا ويا ته (اهي منافق) انهن سان گڏ ڪونه نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن (يهودين) سان لڙائي ٿي ته اهي سندن مدد ڪونه ڪندا، ۽ قسم سان جيڪڏهن اهي انهن جي مدد ڪن ته يقيناً اهي پُٺ ورائي ڀڄندا، ان کان پوءِ انهن جي مدد نه ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪڍايا به ويا ته اهي (منافق) انهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ٿي ته مدد به نه ڪندا. پر جيڪڏهن انهن جي مدد ڪندا به ته پٺ ڦيري ڀڄندا. وري کين ڪٿان به مدد نه ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته جيڪڏهن وطن کان ڪڍيا ويندا ته نه نڪرندا انهن سان گڏ ۽ البته جيڪڏهن جنگ ڪيا ويندا ته نه مدد ڪندا انهن جي ۽ البته جيڪڏهن مدد ڪندا انهن جي ته البته ضرور پٺيون ڦيرائي ويندا ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تحقيق جيڪڏهن کين ملڪ نيڪالي ڏني ويئي ته اهي انهن سان ڪئين نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان جنگ ٿي ته اهي انهن جي مدد نه ڪندا ۽ جيڪڏهن اهي انهن جي مدد ڪندا ته ضرور پٺ ڦيري ڀڄندا. وري سندن(به) ڪٿي مدد نه ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر اُهي (اهلِ ڪتاب ڪافر) جلا وطن ڪيا ويا ته اُهي (منافق) انهن سان گڏ ڪونه نڪرندا اگر انهن سان جنگ ڪئي وئي ته هي انهن جي مدد ڪونه ڪندا، ۽ اگر انهن سندن مدد ڪئي به ته ضرور پٺي ڦيري ڀڄندا، پوءِ سندن مدد نه ٿيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي تِڙيا وِيا، ته تِن سان، نه نِڪرن گَڏ نيڪار، ۽ جي لَڳي لَڙائـِي اُنهن سان، ته وَرندنِ ڪِين وَهار، ۽ جي ڏَڪندي ڏِنائون کَڻِي ڪا، اُنهن کي آڌار، ته ڦيرِينِ پُئاڏون پَڪ سان، ڀَڄنِ ٿِي بيزار، تِهانپوءِ تڪرار، وَرندنِ وَاهرو ڪو نڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن انهن سان جنگ ڪبي، ته انهن کي مدد نه ڪندا، پر جيڪڏهن مدد ڏيندا، ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ انهن کي ڪابه مدد نه ملندي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن هو ڪڍيا ويا ته اِهي اُنهن سان گڏ نه نڪرندا ۽ جي انهن سان جنگ ڪئي ويئي ته اهي ڪڏهن به سندن مدد نه ڪندا ۽ جيڪڏهن مدد ڪن به ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ پوءِ ته ڪٿان به ڪا مدد نه ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اهي واقعي ڪڍيا ويا ته نه نڪرندا اهي انهن سان گڏ، ۽ جي انهن سان جنگ ڪئي وئي ته نه ڪندا اهي مدد انهن جي، ۽ جي انهن جي مدد ڪئي وئي ته ضرور پٺي ڏئي پوئتي ڀڄندا، پوءِ انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هي (يھودي) هتان ڪڍيا ويا ته هي منافق انهن سان گڏ ڪڏهن به نه نڪرندا ۽ جيڪڏهن انهن سان ويڙهه ڪئي وئي ته هي (منافق) ماڻهو اُنهن جي (ڪابه) مدد نه ڪندا پر جيڪڏهن هي اُنهن جي مدد ڪندا به ته (هي وچ ۾ گوهي هڻي) پُٺي ڏئي ڀڄندا ۽ پوءِ انهن جي ڪٿان به مدد نه ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَأَنتُم أَشَدُّ رَهبَةً فى صُدورِهِم مِنَ اللَّهِ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَفقَهونَ (آيت : 13) |
(اي مُسلمانؤ) بيشڪ اوھين انھن جي دلين ۾ الله کان (به) وڌيڪ دھشت وارا آھيو، اِھو ھِن ڪري آھي جو اُھي بي سمجھ قوم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو!) بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (سگهه جي ايمان وارن محرڪن جي) سمجهه نٿا رکن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي مسلمانو) بيشڪ انهن (منافقن) جي سينن ۾ توهان جو خوف الله کان وڌيڪ آهي، اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ اهي اها قوم آهي جيڪا نٿي سمجھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مومنو!) اوهان جي دهشت سندن دلين ۾ خدا کان به وڌيڪ آهي. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو سمجھ نه ٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته اوهان سخت هيبت وارا آهيو انهن جي سينن ۾ الله کان اهو ان سببان جو بيشڪ اهي قوم آهن جيڪي نه ٿا سمجهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو !) بيشڪ اوهين سندن دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي سمجهه نٿا رکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو!) بيشڪ انهن جي دلين ۾ الله کان وڌيڪ توهان جو ڊپ آهي. اُهو هن ڪري ته اُهي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجهه نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خُود خُدا پاڪ ڪنان، مَنجھ هيبت ۽ حشمت، سَخت سَندنِ سِينن ۾، آهيو اوهين البت، اِهو سَڀ اِن ڪري، ته صَحِي سا سنگت، آهِن مُوڙهل مَت، صفا سَمجھن ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهين انهن جي دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو، اهو هن ڪري، جو اُهي بي سمجهه قوم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي دلين ۾ الله کان وڌيڪ توهان جو خوف آهي، اهو ان ڪري آهي ته اهي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي سمجهه نٿا رکن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جو تمام سخت خوف آهي انهن جي دلين ۾ الله کان به، ان ڪري جو اهي اهڙا ماڻهو آهن جو نه ٿا رکن ڪابه سمجهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مسلمانو!) انهن (منافقن) جي دلين ۾ الله تعالى کان وڌيڪ توهان جي دهشت ويٺل آهي. اهو ان ڪري آهي جو هي ماڻهو سمجهه نٿا رکن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُقٰتِلونَكُم جَميعًا إِلّا فى قُرًى مُحَصَّنَةٍ أَو مِن وَراءِ جُدُرٍ بَأسُهُم بَينَهُم شَديدٌ تَحسَبُهُم جَميعًا وَقُلوبُهُم شَتّىٰ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قَومٌ لا يَعقِلونَ (آيت : 14) |
(سڀ) ھڪ ھنڌ تي اوھان سان ويڙھ نه ڪندا پر قلعي واري (محڪم) ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي آڙ ۾، پاڻ ۾ انھن جي ويڙھ تمام سخت پيل آھي، کين گڏ ٿيندو ڀانئيندو آھي پر اُنھن جون دليون ڌار ڌار آھن، اھو ھن ڪري آھي جو اھي بي عقل قوم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀ گڏجي اوهان سان کليل ميدان ۾ ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا، پر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي، پاڻ ۾ انهن جي اندروني ويڙهه سخت آهي (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن (منجهن وڏو اتحاد آهي) پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (۽ نٿا ڄاڻن ته اصل ۽ دلي اتحاد ايمان ۽ هڪ ئي عمدي نصب العين تي هجڻ سان پيدا ٿئي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي منافق) گڏجي به توهان (مسلمانن) سان نه وڙهندا، مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ديوارن جي آڙ ۾ اهي پاڻ ۾ سخت ويڙه ڪن ٿا. (اي مخاطب) تون انهن کي متفق ڀانئين ٿو حالانڪ انهن جون دليون جدا جدا آهن. اهو انهي سببان جو اهي اُها قوم آهن جيڪي عقل نٿا رکن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ ڪري نه سگهندا مگر محفوظ ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ ته انهن جي ڏاڍي ڌاڪ آهي جو تون خيال ڪندين ته سڀئي هڪ (جان) آهن. پر در اصل سندن دليون هڪ ٻئي کان الڳ آهن. اهو هن ڪري جو اهي ماڻهو بي عقل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه جنگ ڪندا اوهان سان گڏجي مگر ڳوٺن قلعا ڦيرايلن ۾ يا ڀتين جي پويان ويڙهه انهن جي پاڻ ۾ سخت آهي سمجهين ٿو انهن کي گڏ ۽ دليون انهن جون جدا جدا آهن اهو ان سببان جو بيشڪ اهي قوم بي عقل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ گڏجي اوهان سان ڪڏهن به جنگ نه ڪري سگهندا مگر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان ٿي. پاڻ ۾ انهن جي ويڙه سخت آهي. (اي ڳالهه ٻڌندڙ) تون کين ڀائيندين ته گڏ آهن پر حال هي آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جي بي عقل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ڪڏهن به گڏجي (کُلي ميدان ۾) اوهان جو مقابلو نه ڪندا، سواءِ قلعي بند شهر جي يا ديوارن جي آڙ ۾. انهن جي پاڻ ۾ به سخت ويڙهه آهي. تون کين گڏ سمجهين ٿو حالانڪه انهن جون دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري جو اُهي بي عقل قوم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِڙِئي نه اوهان سان مُورهِين، ڪَن مقابلو مگر، گَڍ وارن گامن ۾، يا جَھلي ڀتين جِي ڀر، جھيڙو پَنهنجو پاڻ ۾، آهينِ گھڻو اَپر، ڀيڙو ڀانئـِين کِينِ تون ۽ اَلڳ سَندنِ اَندر، اِهو سَڀ اِن ڪري، ته آهِن اِهي اَبتر، جي پَروڙِينِ نه ڪِنهن پَر، هِي صَحِي آهِن، ساٿ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو هڪ هنڌ گڏجي اوهان سان جنگ نه ڪندا، پر قلعي وارن ڳوٺن ۾، يا ڀتين جي آڙ ۾_ هنن جي پاڻ ۾ لڙائي به تمام سخت آهي_ تون انهن کي پاڻ ۾ گڏ ٿيل ٿو سمجهين، پر انهن جون دليون ڌار ڌار آهن_ اهو هن ڪري، جو اهي بي عقل قوم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪڏهن به گڏجي (کليل ميدان ۾) توهان سان مقابلو نه ڪندا، وڙهندا به ته قلعن وانگر محفوظ بڻايل ڳوٺن ۾ اندر ويهي يا ڀتين جي پوئتان لڪي. پاڻ ۾ به انهن جي ويڙهه سخت آهي، تون ٿو ڀانئين ته ڪَٺا آهن پر سندن دليون هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿيل آهن، سندن اها حالت ان ڪري آهي جو اهي بي عقل ماڻهو آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه مقابلو ڪندا توهان جو (کليل ميدان ۾) اهي گڏ ٿي، جي وڙهيا به ته قلعي وارين وستين ۾ ويهي يا ڀتين جي پويان لڪي، اهي پنهنجي مخالفت ۾ ڏاڍا سخت آهن، تون انهن کي سمجهين ٿو گڏيل پر انهن جون دليون ڦٽل آهن هڪ ٻئي کان، انهن جو اهو حال انهيءَ ڪري آهي جو اهي ماڻهو ڪو عقل نٿا رکن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو توهان سان متحد ٿي (کليل ميدان ۾) جنگ نه ڪري سگهندا. هي ته قلعن ۾ ويھي يا ڀتين پويان (ڊڄڻن ماڻهن وانگر) وڙهندا. توهان سمجهو ٿا ته هي سڀ پاڻ ۾ گڏ آهن حالانڪه انهن جون دليون هڪ ٻئي کان الڳ الڳ (۽ وڙهيل) آهن. اهو ان ڪري آهي جو هي ماڻهو عقل کان ڪم نٿا وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَمَثَلِ الَّذينَ مِن قَبلِهِم قَريبًا ذاقوا وَبالَ أَمرِهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 15) |
(سندن مثال) انھن جي مثال جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ويجھو (گذريل) ھوا (جن) پنھنجي ڪئي جي سزا چکي، ۽ انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن جو قصو) انهن (منڪرن) جي قصي جهڙو آهي، جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو مثال انهن ماڻهن جهڙو آهي جيڪي ٿورو وقت اڳ ۾ گذريا جو انهن (دنيا ۾) پنهنجي ڪيل عملن جي سزا چکي، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن حال انهن وانگر آهي جي انهن کان ڪجھ اڳي پنهنجن ڪمن جي سزا جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن وانگر جيڪي انهن کان اڳي ويجها هئا چکيائون سزا پنهنجي امر جي ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هنن جو قصو) انهن جي قصي جهڙو آهي جيڪي انهن کان اڳ هئا. انهن ويجهو ئي پنهنجي ڪم جو بڇڙو نتيجو چکيو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي انهن ماڻهن وانگر آهن جيڪي انهن کان اڳ زمانهءِ قريب ۾ پنهنجي عملن جي شامت جو مزو چکي چڪا آهن، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُنهن مِثال، جِن اڳهرو اِنهن کان، سَزا سَندنِ ڪَمن جِي، چکي چڱئَ چال، ۽ آهي اُنهن نال، سُورن وارو ساڙ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن مثال به انهن جهڙو آهي جيڪي کانئن ڪجهه اڳ ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳي ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي انهن ماڻهن وانگر آهن، جيڪي کانئن ٿورو اڳ پنهنجي ڪـَـئي جو مزو چکي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي انهن ماڻهن وانگر آهن جو اهي اڳي ٿورڙو وقت مزو چکي چڪا آهن پنهنجي ڪِئي جو، ۽ انهن جي لاءِ عذاب آهي تمام دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (منافقن) جو مثال انهن (مڪي جي مشرڪن ۽ يھودي قبيلي بنو قينقاع جي ماڻهن) وانگر آهي جن ٿورو اڳ (بدر جي ميدان ۽ مديني مان نيڪالي جي صورت ۾) پنھنجي عمل جي سزا چکي آهي ۽ انهن لاءِ (وڌيڪ) تڪليف وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَمَثَلِ الشَّيطٰنِ إِذ قالَ لِلإِنسٰنِ اكفُر فَلَمّا كَفَرَ قالَ إِنّى بَريءٌ مِنكَ إِنّى أَخافُ اللَّهَ رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
(انھن جو مثال) شيطان جي مثال وانگر آھي جڏھن ماڻھوءَ کي چوندو آھي ته ڪافر ٿيءُ، پوءِ جنھن مھل ڪافر ٿيو (تنھن مھل ھو) چوندو آھي ته بيشڪ آءٌ توکان بيزار آھيان آءٌ پنھنجي پالڻھار الله کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن منافقن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي، جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته، تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته، (منهنجو انهيءَ ۾ ڇا وڃي) آئون توکان بيزار آهيان، آئون جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو مثال شيطان جهڙو آهي، جنهن وقت ان انسان کي چيو ته تون ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن ان ڪفر ڪيو شيطان چيو بيشڪ آئون تو کان بَري آهيان، بيشڪ آئون الله کان خوف ڪريان ٿو جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (منافقن جو) مثال شيطان وانگر آهي جيڪو ماڻهوءَ کي چوندو رهيو ته ڪافر ٿيءُ! پوءِ جڏهن ڪافر ٿيو ته چوڻ لڳس ته آءُ تو کان بيزار آهيان. آءُ سموري جهان جي پالڻهار کان ڊڄان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) شيطان وانگر جڏهن چيائين انسان کي ته ڪفر ڪر پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چيائين بيشڪ مان بيزار آهيان توکان بيشڪ مان ڊڄان ٿو الله کان جهانن جي رب کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هنن جو قصو) شيطان جي قصي جهڙو آهي جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ته تون ڪفر ڪر! پوءِ جڏهن ڪفر ڪيائين ته چوندو آهي ته آءُ توکان بيزار آهيان آءُ جهانن جي پاليندڙ الله کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جو مثال شيطان وانگر آهي جنهن وقت انسان کي چوي ٿو ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن اُهو ڪفر ڪري ٿو ته چوي ٿو ته آءٌ تو کان بيزار آهيان بيشڪ آءٌ الله کان ڊڄان ٿو جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي حال اُنهن جو، حال شَقِي شيطان، آکيو جنهن اِنسان کي، ته ڦِرڪَنان فَرمان، پوءِ جڏهن ڦِريو فرمان کان، ته بِيهِي ڪَئـِين بَيان، جو صاحِب سَڀ جھان، آئون ڏَران تِنهن ڏاتار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شيطان جي مثال وانگر، جو جڏهن ماڻهوءَ کي چوندو آهي ته ”ڪافر ٿيءُ“، پوءِ جڏهن ڪافر ٿو ٿئي، تڏهن چوندو آهي ته ”آءُ توکان بيزار آهيان، آءُ جهانن جي ڌڻيءَ کان ڊڄان ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جو مثال شيطان وانگر آهي، جو پهريائين هو انسان کي چوندو آهي ته ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن ڪفر ڪري ويهندو آهي ته چوندو اٿس ته مان ٻڌل نه آهيانءِ ، مونکي ته الله رب العالمين کان ڊپ ٿو ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جو مثال شيطان وانگر آهي، جو پهرين چوندو آهي انسان کي ته ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن اهو ڪفر ڪري ته اهو چوندو آهي آئون ته بيزار آهيان تو کان، مون کي ته خوف ٿو ٿئي الله رب العالمين کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جو مثال شيطان وانگر آهي جڏهن هو ڪنھن ماڻهوءَ کي چوندو آهي ته ڪفر ڪر، پوءِ جڏهن هو ڪفر ڪندو آهي ته شيطان کيس چوندو آهي ته مان توکان بيزار آهيان (۽ تنھنجي ڪفر سان مان ٻڌل نه آهيان) مان ته خود سڀني جھانن جي پالڻھار کان ڊڄان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكانَ عٰقِبَتَهُما أَنَّهُما فِى النّارِ خٰلِدَينِ فيها وَذٰلِكَ جَزٰؤُا۟ الظّٰلِمينَ (آيت : 17) |
پوءِ ٻنھي جي پڇاڙي ھيئن ٿي ته ٻئي باھ ۾ ھميشه ھوندا، ۽ اھا ظالمن جي سزا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هي آهي ته اهي باه ۾ پيا رهندا ۽ جيڪي به ماڻهو ظلم ۽ زيادتي ڪن ٿا، انهن جو اهوئي حشر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي (هي آهي ته) بيشڪ اهي ٻئي هميشه باه ۾ آهن، ۽ اها ظالمن جي جزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ٻنهي جو نتيجو هي ٿيو جو هي ٻئي دوزخ ۾ (وڌا) ويندا ۽ ان ۾ سدائين رهندا ۽ اها ئي سڀني ظالمن جي سزا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ٿي پڇاڙي انهن ٻنهي جي ته بيشڪ اهي ٻئي باهه ۾ هوندا هميشہ هميشہ رهندڙ ان ۾ ۽ اهو ظالمن جو بدلو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ٻنهي جي پڇاڙي هيءَ آهي ته اهي باه ۾ پيار رهندا ۽ اها ظالمن جي سزا آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن ٻنهين جو انجام هي ٿيندو جو اُهي ٻئي دوزخ ۾ هوندا هميشه ان ۾ رهندا. ۽ ظالمن جي اِها سزا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ عاقِبت اُنهن جِي، ٻَئـِي ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ اِها مُقرّر مار، آهي اَنڌاريلن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ٻنهي جي پڇاڙي هيءَ آهي، جو ٻئي دوزخ ۾ هوندا، هميشه اتي رهندا ۽ اها ظالمن جي سزا آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ٻنهي جي پڇاڙي اها ٿيڻي آهي، جو ٻئي وڃي هميشه لاءِ جهنم ۾ پوندا ۽ ظالمن جو اهوئي بدلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ٻنهي جي پڇاڙي اها ٿيڻي آهي ته ٻئي دوزخ ۾ سدائين لاءِ ويندا، ۽ اها ئي جزا آهي ظالمن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ٻنهي (شيطان ۽ ماڻهوءَ) جي پڇاڙي اها ٿي جو هو ٻئي هميشه لاءِ باهه ۾ رهندا، ظالمن جي اها ئي سزا آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَلتَنظُر نَفسٌ ما قَدَّمَت لِغَدٍ وَاتَّقُوا اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 18) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ جڳائي ته سڀڪو شخص سوچي ته سڀاڻي (قيامت) لاءِ ڇا اڳي موڪليو اٿس، ۽ الله کان ڊڄندا رھو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! (توهان به) الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻ (مستقبل سنوارڻ) لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري وري) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان مان (هر هڪ) انسان کي ڏسڻ گھرجي ته سُڀاڻي لاءِ ان ڪهڙو عمل موڪليو آهي، ۽ توهان الله تعالى کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا (جي غضب) کان ڊڄو پڻ هر شخص کي غور ڪرڻ گهرجي ته سڀاڻي (قيامت) جي واسطي ان اڳ ۾ ئي ڇا موڪليو آهي ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ جو ڪجھ اوهين ڪندا رهو ٿا خدا تنهن کان باخبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! ڊڄوالله کان ۽ جڳائي ته سوچي هرنفس اهو جو اڳي ڪري موڪليائين صبحاڻي جي لاءِ ۽ ڊڄو الله کان بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سڀڪو شخص ڏسي ته سڀاڻي لاءِ ڇا اڳي ڪيو اٿس ۽ (وري به) الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهانجن عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص ڏسي ته ان سڀاڻي (يعني قيامت) جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ ۽ توهان الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله انهن ڪمن کان با خبر آهي جيڪي توهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جِن مَڃيو!، سي ڪَنبو ڀَر قهار، ۽ هرڪو پَنهنجي حال ڏي، ڪري نِرت نِهار، ته سَندسِ هَٿن سَنڀاهيو، جو سمر سُڀان هار، ۽ رکو ربَّ ڪريم کان، اَنديشو اِظهار، واقف آهي اُن ڪنان، پٽيـين پالڻهار، هَڙ حاصِل، توڻي هارِ، جيڪي ڪريو جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص کي ويچارڻ گهرجي، ته سڀاڻ لاءِ، اڳتي ڇا موڪليو اٿس- (الله) کان ڊڄندا رهو، بيشڪ جيڪي به اوهين ڪريو ٿا، ان جي الله خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ هر شخص کي ڏسڻ گهرجي ته سڀاڻي لاءِ ڪهڙو توشو ڪيو اٿس. الله کان ڊڄندا رهو، الله بلاشڪ توهان جي سڀني عملن کان، جيڪي به توهان ڪريو ٿا، واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! ڊڄو الله کان ۽ اهو ڏسي ته هن پنهنجي سڀاڻي جي لاءِ ڇا گڏ ڪيو آهي، ۽ ڊڄندا رهو الله کان، بيشڪ الله سڀ خبر رکي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو ۽ (توهان مان) هر شخص کي اهو ڏسڻ گهرجي ته هُن سڀاڻي (برپا ٿيندڙ آخرت) جي لاءِ اڳتي ڇا موڪليو آهي؟ الله تعالى کان ڊڄو بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ نَسُوا اللَّهَ فَأَنسىٰهُم أَنفُسَهُم أُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 19) |
۽ انھن جھڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انھن کان سندن جيئن (جي سڌاري) کي وسارايو، اھي بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن (رڳو طبعي زندگيءَ جي پرورش کي مقصد بڻايو ۽) الله کي وساريو پوءِ (ائين ڪرڻ جي ڪري) الله انهن کان سندن جانيون به وسارائي ڇڏيون. (يعني پاڻ کان به غافل ٿي ويا) اهي ئي (صحيح رستي کان هٽي غلط رستي تي هلندڙ) بدڪار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان اهڙن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن الله تعالى کي وساريو پوءِ الله تعالى انهن جي وجودن کي وساري ڇڏيو، اهي ئي فاسق (نافرمان) آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن خدا کي وساري ڇڏيو ته خدا به اهو ڪيو جو پنهنجو پاڻ کي ڀلي ويا، اهي ئي ته بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هجو انهن وانگر جن وساريو الله کي پوءِ وسارايائين انهن کان سِــرَ انهن جا اهيئي فاسق آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جن الله کي وساريو پوءِ الله انهن کان سندن جانيون به ڀلائي ڇڏيون. اهي ئي بدڪار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن الله کي وساري ڇڏيو پوءِ الله به انهن کي سندن وجودن کان غافل ڪري ڇڏيو. اُهي نافرمان ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن جِيئن نَه بنو بيهود!، واحِد جن وِساريو، پوءِ پَروَر ڏِنن پَنهنجا، وِساري وُجود، آهن اُهي مَردُود، هَلندڙ ٻاهر حُڪم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو، جن الله کي وساريو، ته الله به کانئن پنهنجو سندن پاڻ وسارائي ڇڏيو_ اهي بدڪار شخص آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو، جن الله کي وساري ڇڏيو ته پوءِ الله سندن پنهنجا وجود ئي وسارائي ڇڏين. اهي ئي ماڻهو نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ٿيو انهن ماڻهن جهڙا جن وساريو الله کي ته وساريا ويا سندن نفس، اهي ئي ماڻهو آهن فاسق(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان اُنهن ماڻهن جھڙا نه ٿجو جن الله تعالى کي وساري ڇڏيو پوءِ (نتيجي ۾) الله تعالى به سندن دلين ۾ غفلت (يعني خود فراموشي) پيدا ڪري ڇڏي. (دراصل) اهي ئي ماڻهو نافرمان آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَستَوى أَصحٰبُ النّارِ وَأَصحٰبُ الجَنَّةِ أَصحٰبُ الجَنَّةِ هُمُ الفائِزونَ (آيت : 20) |
دوزخي ۽ بھشتي برابر نه آھن، بھشتي ئي مُراد ماڻيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پنهنجي تخليقي مقصدن کي وساريندڙ) باهه وارا ۽ (پنهنجي تخليقي مقصدن تي ڄمي بيٺل) جنت وارا (پنهنجي عملن جي نتيجي ۾) برابر نٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿا برابر ٿين جهنمي ۽ جنتي، جنتي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دوزخي ۽ بهشت وارا ڪنهن طرح برابر ٿي نه ٿا سگهن بهشت وارا ئي ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا برابر ٿين جهنم وارا ۽ جنت وارا، جنت وارا اهيئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) باهه وارا ۽ جنت وارا برابر نه ٿا ٿين. جنت وارا ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جهنمي ۽ جنتي پاڻ ۾ برابر ٿي نه ٿا سگهن، جنتي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساٿِي باغ ۽ باھِ جا، ٿِيَن بارو بار، ۽ بي شڪ اَهل بهشت جا، ساڪِن باغ بهار، آهِن اُهي اِظهار، مَن مُرادون ماڻڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دوزخي ۽ بهشتي برابر نه آهن، بهشتي ئي مراد ماڻيندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دوزخ ۾ وڃڻ وارا ۽ جنت ۾ وڃڻ وارا برابر نٿا ٿي سگهن. جنت ۾ وڃڻ وارا ئي اصل ۾ ڪامياب آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿا ٿي سگهن برابر دوزخ وارا ماڻهو ۽ جنت ۾ وڃڻ وارا ماڻهو، جنت ۾ وڃڻ وارا ماڻهو اصل ۾ ڪامياب آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باهه ۾ وڃڻ وارا ۽ جنت ۾ وڃڻ وارا ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن. جنت ۾ وڃڻ وارا ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو أَنزَلنا هٰذَا القُرءانَ عَلىٰ جَبَلٍ لَرَأَيتَهُ خٰشِعًا مُتَصَدِّعًا مِن خَشيَةِ اللَّهِ وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ لَعَلَّهُم يَتَفَكَّرونَ (آيت : 21) |
جيڪڏھن ھن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ھا ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز پرزا پرزا ٿيل ڏسين ھا، ۽ اھي مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مانَ اُھي ڌيان ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته، تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي (عقل ۽ فڪر کان ڪم وٺن ۽) ڌيان ڪن (ته اهڙي عظمت واري قرآن جي خلاف ورزيءَ جا نتيجا ڇا ٿي سگهن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن (بالفرض) اسين هيءُ قرآن ڪريم ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ته اي مخاطب تون ضرور ان کي الله جي خوف کان جُھڪندڙ ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيندڙ ڪَري ڏسين ها، ۽ اهي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي غور ۽ فڪر ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي خدا جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. اهي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڌرين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن نازل ڪيون ها اسين هي قرآن جبل تي ته البته ڏسين ها ان کي جهڪندڙ، ٽڪرا ٽڪرا ٿيندڙ الله جي خوف کان ۽ اهي مثال بيان ڪيون ٿا اهي ماڻهن جي لاءِ تانته اهي سوچين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ان کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هي مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته من اهي ڌيان ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اسان هي قرآن ڪنهن جبل تي نازل ڪيون ها ته تون ان کي ڏسين ها ته اُهو الله جي خوف کان جهُڪي پوي ها، ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوي ها. ۽ اُهي مثال اسان ماڻهن لاءِ بيان ڪيون ٿا تان جو اُهي غور و فڪر ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪر نازِل جبل تي، ڪيوسون هِي قُرآن، ته ڏِٺئـِيسِ ڀَنوارون، ڀورئون، رُعب ڪنان رَحمان، ۽ ماڻهن لئي مِثال اِهي، ڀَريو ڪريون بَيان، ته مَن ۾، اِهي مانِ!، ڪو ڦورو ڦيرِين فِڪر جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن هن قرآن کي ڪنهن جبل تي نازل ڪريون ها، ته ضرور ان کي الله جي خوف کان عاجز ۽ پرزا پرزا ٿيل ڏسين ها_ اهي مثال ماڻهن لاءِ بيان ٿا ڪريون ته من اُهي ڌيان ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي پيغمبر) جيڪڏهن اسان هيءُ قرآن ڪنهن جبل تي لاٿو هجي ها ته تون ڏسين ها ته اهو الله جي خوف کان عاجزي ڪري ڦاٽي رهيو آهي. اهي مثال اسان ماڻهن کي ان لاءِ ٿا ڏيون ته هو (پنهنجيءَ حالت تي) ڪو غور ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اسان نازل ڪريون ها هي قرآن ڪنهن جبل تي ته تون ڏسين ها ته اهو لرزي ڦاٽي رهيو آهي خوفِ خدا ۾، ۽ اهي مثال اسان بيان ڪريون ٿا انهن ماڻهن جي لاءِ ته اهي (پنهنجي حالت تي) غور ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان هن قرآن کي ڪنھن جبل تي نازل ڪريون ها ته تون ڏسين ها ته اهو (جبل) الله تعالى جي خوف وِچان جهڪي وڃي ها ۽ ڦاٽي پُرزا پُرزا ٿي وڃي ها. اسان ماڻهن جي اڳيان هي مثال ان ڪري پيش ڪندا آهيون ته جيئن هُو غور ۽ فڪر ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ هُوَ الرَّحمٰنُ الرَّحيمُ (آيت : 22) |
الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، (جو) ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي، اُھو ٻاجھارو مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله (هن ڪتاب جو موڪليندڙ) اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. (سڄي ڪائنات تي سندس ڪارفرمائي آهي) ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان (پنهنجي ٻانهن تي) نهايت ٻاجهارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي الله تعالى آهي جو ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، (اهو) غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ آهي، اهو نهايت مهربان ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي. ڳجھ ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو، اهو ئي وڏو مهربان ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اِهو الله اُهو آهي جو ناهي ڪو معبود بالحق ان کان سواءِ ڄاڻندڙ آهي غيب ۽ ظاهر اهوئي مهربان ٻاجهارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، اهو ڳُجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي، اُهو ئي وڏو مهربان ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله آهي سو، جنهن ڌاران، نه ڪا دربار، ڳُجِھي پَڌرِي ڳالھ کان، واقِف ويرو تار، اُهوئـِي ڏيہ ڏاتار، ٻَهون ٻاجھارو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ڪو به سائين ڪونهي، ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻيندڙ آهي ۽ اهو ٻاجهارو مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، ڳجهيءَ توڙي پڌريءَ، هر شيءِ جي ڄاڻڻ وارو، اهوئي رحمان ۽ رحيم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي جنهن کان سواءِ ڪو خدا نه آهي، هرڪا ڄاڻ رکي ٿو ڳجهه ۽ ظاهر جي، اهو ئي ٻاجهه وارو ۽ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جنھن کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي هو هر ظاهري ۽ لڪيل شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو، هو بيحد مھربان ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ اللَّهُ الَّذى لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ المَلِكُ القُدّوسُ السَّلٰمُ المُؤمِنُ المُهَيمِنُ العَزيزُ الجَبّارُ المُتَكَبِّرُ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 23) |
الله اُھو آھي جنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، (جو) بادشاھ تمام پاڪ ذات (سڀني عيبن کان) سلامت امن ڏيڻ وارو نگھبان غالب زبردست وڏائي جو سائين آھين، انھن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. (سموري ڪائنات تي) سندس حڪمراني هلندڙ آهي، (ان جي ڪامل ۽) پاڪ ذات، سڀني عيبن کان سلامت، (ڪائنات جي ايذائيندڙ قوتن کان) امن ڏيڻ وارو، (ويچارن جي) نگهباني ڪرڻ وارو، (ظالمن کان بچائڻ وارو) زبردست، خودمختيار ۽ وڏائي جو سائين آهي. الله هن ڳالهه کان پاڪ آهي جو ماڻهو ساڻس ڪنهن ٻئي (جي قوت ۽ اقتدار) کي شريڪ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي الله تعالى آهي جو ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي (اهو) بادشاهه، بيحد پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، حفاظت ڪندڙ، غالب وڏي عظمت وارو مُتڪبر آهي، انهن جي شرڪ کان الله تعالى پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪو به لائق عبادت جي نه آهي. (حقيقي) بادشاھ، پاڪ ذات، (سڀني عيبن کان سلامت) امن ڏيڻ وارو، نگهبان، زبردست، خود مختار، وڏائيءَ جو سائين آهي. جن کي ان (الله) جو شريڪ ٺهرائين ٿا ان کان پاڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اِهو ئي اُهو آهي جو ناهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ بادشاهه، پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، نگهبان، غالب، جبار، متڪبر، الله جي پاڪائي آهي ان کان جيڪو شريڪ بنائن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِڪوبه عبادت جي لائق نه آهي جو بادشاه پاڪ ذات سڀني عيبن کان سلامت امن ڏيڻ وارو نگهباني ڪرڻ وارو زبردست خودمختيار وڏائي جو سائين آهي. الله انهن جي شريڪ ڪرڻ کان پاڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي، اهو بادشاهه آهي، هر عيب کان پاڪ آهي، هر نقص کان سلامت آهي، امن ڏيڻ وارو آهي، حفاظت فرمائڻ وارو آهي، عزت وارو آهي، خودمختار آهي، وڏائيءَ وارو آهي. الله هر ان شيءِ کان پاڪ آهي جنهن کي ان جو شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله، آھِ سو، جنهن ڌاران، نه ڪا درگاھ، سدا سلامت پاڪ سو، برحق بادشاھ، اَجھو ڏِيندڙ عاجزِين، مالِڪ مِهر نگاھ، زَبردست زور ڀريو، وڏائي وارو واھ!، جيڪِي به گڏِين گُمراھ، اَلله پاڪ اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، هو بادشاهه، تما م پاڪ، سلامت ۽ سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيڻ وارو، نگهبان، غالب، زبردست ۽ وڏائي وارو آهي- انهن جي شريڪ مقرر ڪرڻ کان الله پاڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهو بادشاهه آهي، نهايت پاڪ آهي، سلامتي ئي سلامتي آهي، امن ڏيڻ وارو آهي، نگهبان آهي، زبردست آهي، طاقت سان پنهنجو حڪم لاڳو ڪندڙ آهي ۽ وڏو ٿي ئي رهڻ وارو آهي، پاڪ آهي الله انهيءَ شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي جنهن کان سواءِ ڪو خدا نه آهي، اهو ئي بادشاهه مقدس ۽ پاڪ، سراسر سلامتي، امن ڏيڻ وارو نگهبان، سڀني تي غالب، هر حڪم زوري نافذ ڪندڙ، پاڪ آهي الله ان شرڪ کان جيڪو ماڻهو ڪري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جنھن کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، هو بادشاهه، انتھائي پاڪ، سلامتي ڏيندڙ، امن ڏيندڙ، نگھبان، غالب رهندڙ، سڀني کي جهڪائيندڙ ۽ وڏائي وارو آهي. الله تعالى پاڪ آهي اُن شِرڪ کان جيڪي هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ اللَّهُ الخٰلِقُ البارِئُ المُصَوِّرُ لَهُ الأَسماءُ الحُسنىٰ يُسَبِّحُ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 24) |
اُھو الله خلقڻھار نئون بڻائيندڙ شڪليون ٺاھيندڙ آھي اُن جا (سڀ) چڱا نالا آھن، جيڪي (به) آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سي (سڀ) سندس پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، (نقطه آغاز کان) نئون بنائڻ وارو ۽ صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا (۽ صفتون) آهن. (هي ته رڳو چند صفتون بيان ڪيل آهن) جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سندس حڪم جي مطابق هلي ٿو ۽) سندس عظمت جي شهادت ڏئي ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي الله تعالى آهي (جيڪو) پيدا ڪندڙ، بنائيندڙ، صورت ڏيندڙ آهي، ان جا تمام سهڻا نالا آهن، جيڪا (مخلوق) آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي اها ان جي پاڪائي بيان ڪري ٿي، ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو الله ئي پيدا ڪرڻ وارو، نئون بنائڻ وارو، صورت ٺاهڻ وارو آهي. ان جا سڀ چڱا نالا آهن جو ڪجھ آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس تسبيح ڪري ٿو ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهوالله پيدا ڪندڙ، وجود ڏيندڙ، صورت ٺاهيندڙ آهي ان جا ئي آهن نالا سهڻا تسبيح پڙهن ٿا ان لاءِ جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهوئي الله پيدا ڪرڻ وارو نئون بنائڻ وارو صورت ٺاهڻ وارو آهي. اُن جا سڀ چڱا نالا آهن، جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي الله آهي جيڪو پيدا ڪرڻ وارو آهي، نئون بنائڻ وارو آهي، صورت ٺاهڻ وارو آهي، ان جا سڀ نالا سهڻا آهن. جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سندس پاڪائي بيان ڪري ٿو ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خالِق ساري خلق جو، آهي اُهوئـِي، جوڙون جوڙِيندڙ، مُنڍ کان نَموني نوئـِي، سِينگارِيندڙ سوئي، سَڀ رنگ واريون صُورتون. سُهڻا سَڀ اُنِهئَ جا، نالا نُور نِشان، پَڙهن پاڪائـِي اُن جِي، جُملي جڳ جھان، جيڪي زَمن زمين ۾، ۽ جي اَندر آسمان، اُهو غالِب بي گمان، حِڪمتِي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو الله خلقڻهار، ڪين مان بنائيندڙ ۽ شڪليون ٺاهيندڙ آهي، ان جا نالا سڀ چڱا آهن_ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، سي سڀ ان جي پاڪائي ٿا بيان ڪن، ۽ اهو غالب ڏاهپ وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي جيڪو وجود ۾ آڻڻ وارو، شڪل ڏيڻ وارو، سهڻي صورت بنائڻ وارو آهي، ان لاءِ نهايت سهڻا نالا آهن، هر شيءِ جيڪا به آسمانن توڙي زمين ۾ آهي سندس پاڪائي بيان ڪري ٿي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي خالق تخليق جو منصوبو ٺاهيندڙ، نافذ ڪندڙ، شڪليون ڏيندڙ، ان جا سڀ سٺا نالا آهن، هر شيءِ ان جي تسبيح بيان ڪري پئي جيڪا آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو ئي زبردست ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جيڪو پيدا ڪندڙ، نئون بنائيندڙ ۽ شڪليون ٺاهيندڙ آهي. ان جا سڀ نالا سھڻا آهن. آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق ان جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |