توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
قَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّتى تُجٰدِلُكَ فى زَوجِها وَتَشتَكى إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ يَسمَعُ تَحاوُرَكُما إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 1) |
بيشڪ الله انھيءَ (زال) جو ڳالھائڻ ٻڌو جنھن مڙس بابت توسان جھڳڙو ٿي ڪيو ۽ الله جي آڏو (پنھنجو) ڏک جو احوال (بيان) ٿي ڪيو، ۽ الله اوھان ٻنھي جو پاڻ ۾ ڳالھائڻ ٻڌو ٿي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي رسول) الله ان زال جي ڳالهه ٻڌي ورتي جيڪا پنهنجا مڙس جي معاملي ۾ توکي هر هر چوي پئي ۽ الله جي اڳيان (پاڻ سان ٿيل ناانصافيءَ وارو) پنهنجو ڏک بيان ڪري پئي ۽ الله اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌي پيو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ان عورت جي ڳالهه ٻڌي جيڪا پنهنجي گھر واري جي معاملي ۾ توهان سان تيز ڳالهائي رهي هئي ۽ (پنهنجي) شڪايت الله تعالى سان ڪري رهي هئي ۽ الله تعالى توهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو هو، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جا عورت (خوله نالي) تو سان پنهنجي مڙس (اوس) جي معاملي ۾ جهڳڙو ڪري ٿي ۽ خدا سان گلا ڏک بيان ڪري ٿي خدا ان جي ڳالھ ٻڌي رهيو آهي ۽ خدا اوهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ خدا وڏو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ٻڌو الله قول ان جو جيڪا تڪرار ڪري پئي توسان پنهنجي مڙس جي باري ۾ ۽ شڪايت ڪري پئي الله وٽ ۽ الله ٻڌي پيو اوهان جي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول) الله ان زال جي ڳالهه ٻڌي ورتي جا پنهنجي مڙس جي معاملي ۾ توسان جهڳڙو ڪري ٿي ۽ الله جي اڳيان پنهنجو ڏک بيان ڪري ٿي ۽ الله اوهان ٻنهي جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ٻڌي ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ان عورت جي ڳالهه ٻڌي جيڪا تو سان پنهنجي مڙس جي باري ۾ تڪرار ڪري رهي هئي ۽ الله اڳيان فرياد ڪري رهي هئي ۽ الله توهان ٻنهين جا هڪ ٻئي ۾ سوال وجواب ٻڌي رهيو آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله پاڪ اُن جِي، سُئـِي سَمورِي ڳالھ، سَندسِ وَرجي ويڙھ جو، ذڪر ڪيو جِنهن زال، اوري پَئـِي اَلله سِين، اَندر جو اَحوال، اَلله اَوهان جو پاڻ ۾، ٿو ٻُڌي ٻائيتال، سُڻندڙ سَڀ سُوال، ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله انهي عورت جو ڳالهائڻ ٻڌو، جنهن سندس مڙس بابت توسان تڪرار ٿي ڪيو ۽ الله سان ڏک ٿي اوريو ۽ الله اوهان جي گفتگو ٿي ٻڌي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) الله ٻڌي ان عورت جي ڳالهه، جيڪا پنهنجي مڙس جي معاملي ۾ توسان جهيڙو پئي ڪري ۽ الله کي دانهن پئي ڏئي ۽ الله توهان ٻنهي جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي پيو، هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ٻُڌي ورتي الله ڳالهه ان عورت جي جيڪا توسان تڪرار ڪري پئي پنهنجي مڙس جي ۽ شڪايت پئي ڪري الله سان، ۽ الله ٻڌي رهيو آهي ڳالهه ٻولهه توهان جي، بيشڪ الله ٻڌڻ ڏسڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى اُن عورت جو مسئلو ٻڌي ورتو جيڪا توسان پنھنجي مڙس جي باري ۾ تڪرار ڪري رهي هئي ۽ الله تعالى جي اڳيان هُو پنهنجو ڏکڙو بيان ڪري رهي هئي ۽ الله تعالى توهان ٻنهي جي گفتگو ٻڌي رهيو هو. بيشڪ الله تعالى وڏو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُظٰهِرونَ مِنكُم مِن نِسائِهِم ما هُنَّ أُمَّهٰتِهِم إِن أُمَّهٰتُهُم إِلَّا الّٰـٔى وَلَدنَهُم وَإِنَّهُم لَيَقولونَ مُنكَرًا مِنَ القَولِ وَزورًا وَإِنَّ اللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفورٌ (آيت : 2) |
اوھان مان جيڪي پنھنجين زالن کي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن اُھي (زالون ڪي) اُنھن جون مائر نه آھن، سندن مائر (ته) اُھي آھن جن کين ڄڻيو آھي، بيشڪ اُھي (ائين چوندڙ) ھڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چوندا آھن، ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي اوهان مان (نادانيءَ جي ڪري غصي ۾) پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي بيهودي ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا (کين گهرجي ته ڪوڙ کان توبهه ڪن) ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان مان جيڪي مرد پنهنجي گھر وارين سان ظِهَارُ ڪن ٿا، اهي (گھر واريون) سندن مائرون ناهن، انهن جون مائرون ته اهي آهن جن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ بيشڪ اهي مرد هڪ نامعقول ڳالهه ڳالهائن ٿا ۽ ڪوڙ ڳالهائن ٿا، ۽ بيشڪ الله تعالى يقيناً عفو ڪندڙ بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي اوهان مان پنهنجين زالن سان ظهار ڪن ٿا (پنهنجي ماءُ جي پٺ سان مشابهت ڏين ٿا) سو اهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون سندس مائرون رڳيون اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽ اهي نه وڻندڙ ڳالھ ۽ ڪوڙ چون ٿا. ۽ بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ٻانها جيڪي ظهار ڪن ٿا اوهان مان پنهنجين زالن کان ناهن اهي مائرون انهن جون، ناهن مائرون انهن جون مگر جن ڄڻيو انهن کي ۽ بيشڪ اهي البته چون ٿا هڪ ناپسند ڪيل قول ۽ ڪوڙ ۽ بيشڪ الله البته معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو!) جيڪي اوهان مان پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا سو اُهي (زالون) انهن جون مائرون نه ٿيون ٿين. سندن مائرون رڳيون اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي. ۽اهي ناپسند ڳالهه ۽ ڪوڙ چون ٿا ۽ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو!) اوهان مان جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان ظهار ڪن ٿا (يعني زالن کي چون ٿا ته تنهنجي پُـٺي مون لاءِ منهنجي ماءُ جي پُٺي مثل آهي). اُهي انهن جون مائرون نه ٿيون ٿي پون. سندن مائرون ته رُڳي اُهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي ۽ بيشڪ اُهي سخت ناپسنديده ڳالهه ۽ نهايت ڪوڙ چون ٿا. ۽ بيشڪ الله ضرور معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهان مان سَندنِ عورتين، جي سَڏِين ماء مثِال، مائون سي، جَن ڄائـِيا، مائون هي نه مَجال، اُهي ڪَوڙي ۽ ڪُوڙِي، ڳِهلا ڪَن ٿا ڳالھ، ۽ ڀَلو ڪندڙ ڀال، پڻ مَعافِيون ڏِيندڙ مُلڪ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان مان جيڪي پنهنجين زالن کي ماءُ ٿا سڏي وجهن، اهي انهن جون مائون ناهن، پر سندن مائون اهي آهن، جن انهن کي ڄڻيو آهي_ بيشڪ اهي هڪ اڻ جڳائيندڙ ڳالهه ۽ ڪوڙ ٿا چون ۽ بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻهار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن کي پنهنجي مائن جهڙو چون ٿا، انهن جون زالون سندن مائر ناهن. مائر ته اهي اٿن جن کين ڄڻيو آهي. اهي ماڻهو ڏاڍي اڻ وڻندڙ ۽ ڪوڙي ڳالهه چون ٿا ۽ بيشڪ الله ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ درگذر ڪري ڇڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جيڪي ظهار ڪن (ماءُ سڏين) توهان مان پنهنجي زالن کي، سندن زالون انهن جون مائرون نه آهن، انهن جون مائرون ته اهي آهن جن کين ڄڻيو آهي، ۽ بيشڪ اهي ماڻهو چون ٿا سخت اڻ وڻندڙ ڳالهه ۽ چون ٿا نسورو ڪوڙ، ۽ بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ درگذر ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪي ماڻهو پنھنجي گهر وارين کي پاڻ لاءِ ماءُ جھڙو چئي ويھن ته درحقيقت هو گهر واريون انهن جون مائرون نٿيون ٿين. انهن جون مائرون صرف اهي ئي آهن جن کين ڄڻيو آهي. بيشڪ اهڙو ٻول ڳالهائڻ وارا ڪوڙ ۽ ناپسنديده ڳالهه چون ٿا. بيشڪ الله تعالى وڏو درگذر ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُظٰهِرونَ مِن نِسائِهِم ثُمَّ يَعودونَ لِما قالوا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا ذٰلِكُم توعَظونَ بِهِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 3) |
۽ جيڪي پنھنجي زالن ئي ماءُ ڪوٺي وھندا آھن سي وري جيڪي چيائون تنھن کان (پوئتي) موٽندا آھن ته ٻنھي (زال مڙس) جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ (ھڪ) ٻانھون آجو ڪرڻ واجب آھي، انھي (حُڪم) سان اوھان کي نصيحت ڏجي ٿي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي پنهنجين پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا، وري جيڪا (بيهودي ڳالهه) چئي اٿن ان کان (پشيمان ٿي پوئتي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته پنهنجو پاڻ تي قابو رکڻ سکو) ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي مرد پنهنجي گھر وارين سان ظِهَارُ ڪن ٿا ان کان پوءِ پنهنجي ڳالهه تان موٽڻ جو ارادو ڪن ٿا پوءِ اهي هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳ ۾ ٻانهون آزاد ڪن، اها توهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي پنهنجين زالن سان ظهار ڪن ٿا پوءِ وري جيڪي چيو اٿن تنهن کي واپس وٺن ٿا (تن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي (ڪفاره ۾) هڪ غلام جو آزاد ڪرڻ (ضروري آهي) ان جي اوهان کي نصيحت ڪئي ٿي وڃي. ۽ اوهين جيڪي ڪريو ٿا خدا تنهن کان با خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ٻانها جو ظهار ڪن ٿا پنهنجين زالن کان ان کان پوءِ موٽن ٿا ان جي لاءِ جو چيائون پوءِ آزاد ڪرڻ آهي ٻانهي جو ان کان اڳي جو هٿ لڳائن اهو نصيحت ڪيا وڃو ٿا ان سان ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جي پنهنجين زالن کي پاڻ تي مائرن جهڙو ڪن ٿا وري جيڪي چيو اٿن ان کانپوءِ (پوءِ تي) موٽن ٿا (انهن تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي هڪ غلام آزاد ڪرڻو آهي. هن (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ۽ الله اوهان جي عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن سان ظِهار ڪري ويهن پوءِ جيڪي چيو اٿن ان ڳالهه کان موٽڻ چاهن ته پوءِ هڪ گردن (يعني ٻانهو يا ٻانهي) آزاد ڪرڻ لازم آهي ان کان اڳ جو اُهي هڪ ٻئي کي هٿ لائن. توهان کي هن ڳالهه جي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. ۽ الله خبروار آهي توهان جيڪي اوهين عمل ڪيو ٿا تن کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آکِين پَنهنجي عورتينِ، جي مادر، ماء مِثال، وَرِي وَرَن تِنهن ڪنان، جا چِڙ مان چَيائون ڳالھ، پوءِ آهي آجو ڪرڻو، باندِي هِڪ بَحال، اِنهيان اڳ ته ڇُهن ٻَئـِي، هڪ ٻئي کي هَٿ نالي، اِها اَوهان کي ٿِي ڪَجي، نصِحيت نِهال!، جي اوهِين ڪريو اَعمال، آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص سندن زالن کي ماءُ ٿا سڏي وجهن، پوءِ وري سندن چوڻ کان موٽن ٿا، ته ٻنهي جي پاڻ ۾ هٿ لائڻ کان اڳ ٻانهو آجو ڪرڻ واجب آهي_ انهي (حڪم) سان اوهان کي نصيحت ڏجي ٿي، جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تَنهن جي الله کي خبر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن کي پنهنجي مائن جهڙو چون ۽ پوءِ وري پنهنجي چيل ڳالهه کان موٽ کائن ته ان کان اڳ جو ٻئي هڪ ٻئي کي هٿ لائين، هڪڙو ٻانهو آزاد ڪرڻو پوندو. ان وسيلي توهان کي نصيحت ٿي ڪجي ۽ جيڪي ڪجهه توهان ڪريو ٿا، الله ان کان واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو ظهار ڪن (ماءُ چون مائرن کي) پنهنجي زالن سان، پوءِ موٽن پنهنجي ان ڳالهه کان جيڪا انهن چئي هئي ته آزاد ڪندا هڪ ٻانهو انهيءَ کان اڳ ۾ جو اهي هڪ ٻئي کي هٿ لائن ان ڪري توهان کي نصيحت ڪجي ٿي، ۽ الله ان کان باخبر آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي گهر وارين کي پاڻ لاءِ ماء چئي ويھن پوءِ ان غلطي تان هٿ کڻن ته هاڻي (مڙس کي) زال سان قرب ونڊڻ کان اڳ هڪ غلام آزاد ڪرڻ (واجب) آهي. ان حڪم جي ذريعي توهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ۽ توهان جيڪو به عمل ڪريو ٿا الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ مِن قَبلِ أَن يَتَماسّا فَمَن لَم يَستَطِع فَإِطعامُ سِتّينَ مِسكينًا ذٰلِكَ لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 4) |
پوءِ جيڪو (ٻانھي کي) نه لھي (تنھن تي) ٻنھي جي پاڻ ۾ ھٿ لائڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳولڳ روزا رکڻ (واجب) آھن، پوءِ جيڪي (روزا رکي) نه سگھي تنھن تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ (واجب) آھي، اِھو (حُڪم) ھن لاءِ آھي ته (اوھين) الله ۽ سندس پيغمبر (جي حڪم) کي مڃيو، ۽ اھي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آھن، ۽ مُنڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جو شخص (ٻانهون غلاميءَ ۾ڦاٿل) نه لهي ته (ان تي) هڪٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳولڳ ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن (جيڪو الله جي حدن جو ئي مورئون انڪار ڪندو ته اهو ڪافر آهي) ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن ماڻهو وٽ ٻانهو ناهي پوءِ (ان تي) هٿ لائڻ کان اڳ ۾ لڳاتار ٻه مهينا روزا رکڻا آهن. پوءِ جنهن ماڻهو کي اها طاقت ناهي پوءِ (ان تي) سَٺِ) مسڪينن کي طعام کارائڻو آهي، اهو ان لاءِ ته توهان (عملي طور) الله ۽ الله جي رسول تي ايمان آڻيو، ۽ اهي الله تعالى جون حدون آهن ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جنهن کي غلام نه ملي ته (هو) هڪ ٻي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳو لڳ ٻن مهينن جا روزا رکي. ۽ جنهن کي اها به طاقت نه هجي ته (ان تي) سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (فرض آهي) . اهو (حڪم) هن ڪري آهي ته جيئن اوهين خدا ۽ سندس رسول جي (پوري) تصديق ڪريو ۽ اهي خدا جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ انڪار ڪرڻ وارن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جنهن نه لڌو پوءِ روزو رکڻ ٻن مهينن لاڳيتن جو آهي ان کان اڳي جو هٿ لڳائن پوءِ جيڪو نه ٿو ڪري سگهي پوءِ طعام کارائڻ آهي سٺ مسڪينن کي اهو تانته ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ اهي الله جون حدون آهن ۽ ڪافرن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جو (شخص ٻانهون) نه لهي ته (ان تي) هڪ ٻئي کي هٿ لائڻ کان اڳي لڳاتار ٻن مهينن جا روزا آهن. پوءِ جو (هي به) نه ڪري سگهي ته (ان تي) سٺ مسڪينن جو کاڌو کارائڻو آهي. هي (حڪم) هن لاءِ آهي ته اوهين الله ۽ سندس رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪو (ٻانهو يا ٻانهي) نه لهي ته پوءِ ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻ (ان جي ذمي) آهن ان کان اڳ جو هڪ ٻئي کي هٿ لائن، پوءِ جيڪو ان جي (به) سگهه نه رکي ته سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ (لازم) آهي. هي (حڪم) ان لاءِ آهي ته توهان الله ۽ ان جي رسول جا تابعدار ٿي رهو. ۽ اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن. ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي نه لَهي، ته لَڳ، ٻَه مَهِينا روزا رکڻا، اُنهِئَ ڪَنان اڳ، ته هَٿ لائـِن هيڪ ٻِئي کي. ٻَه مَهِينا روزا رکڻ جِي، جو سَگھ ساري ڪِين، کارائـِڻ خيرات پوءِ، سَٻرِي، سَٺ مِسڪِين، اِها آهي اِن ڪري، توهان کي تَلقِين، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، يَڪدِل رکو يَقِين، ۽ هِي حَدون هادِي پاڪ جون، مُقرّر مُبِين، ۽ ساڙو سَخت سَنگِين، آهي اِنڪارِيَن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن کي ٻانهي آجي ڪرڻ جي طاقت ناهي، تنهن تي ٻنهي جي پاڻ ۾ هٿ لائڻ کان اڳ ٻه مهينا لڳو لڳ روزا رکڻا آهن. پوءِ جيڪو نه پُڄي سگهي، ته ان تي سٺ مسڪينن جو کارائڻ آهي_ اهو هن لاءِ آهي، ته الله ۽ سندس رسول کي مڃو، اهي الله جون حدون آهن، ۽ منڪرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن کي ڪو ٻانهو نه ملي ته پوءِ اهو ٻه مهينا ساندهه روزا رکي، هن کان اڳ جو ٻئي هڪ ٻئي کي هٿ لائين ۽ جيڪو ائين به نه ڪري سگهي ته پوءِ هو سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي. اهو حڪم ان لاءِ ٿو ڏنو وڃي ته توهان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو، اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو شخص ٻانهو نه لهي ته پوءِ روزا رکي ٻن مهينن جا لاڳيتو، ان کان پهرين جو اهي هڪ ٻئي کي هٿ لائين، ۽ جيڪو ان جي قدرت به نه رکي ته پوءِ کاڌو کارائي سٺ مسڪينن کي، اهو حڪم ان ڪري ڏنو پيو وڃي ته توهان ايمان آڻيو الله ۽ سندس رسول تي، ۽ اهي حدون آهن الله جون مقرر ڪيل، ۽ ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي ڏکوئيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪو ماڻهو غلام آزاد ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي ته هُو قرب ونڊڻ کان اڳ ٻه مھينا لڳاتار روزا رکي. پر جيڪڏهن کيس ان جي به طاقت نه آهي ته پوءِ سَٺ مسڪينن کي کاڌو کارائي. اهو حڪم ان لاءِ آهي ته جيئن توهان الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي پُختو ايمان آڻيو. ۽ (هي ڳالهه به چڱي طرح ٻڌي وٺو ته) اهي الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن، انهن حدن جي ڀڃڪڙي نه ڪريو ۽ خلاف ورزي ڪندڙن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ كُبِتوا كَما كُبِتَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَقَد أَنزَلنا ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ وَلِلكٰفِرينَ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 5) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندا آھن تن کي (ائين) خوار ڪيو ويو جيئن اُنھن کي خوار ڪيو ويو جيڪي کائن اڳ ھوا ۽ بيشڪ پڌريون آيتون نازل ڪيون سون، ۽ مُنڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي (حڪمن جي) مخالفت ڪن ٿا اهي (دنيا ۾ به ائين) خوار ٿيندا جيئن اهي خوار ٿيا، جيڪي کانئن اڳ هئا ۽ بيشڪ اسان ته پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن ۽ (انهن حڪمن جي مخالفت ڪرڻ وارن) ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي ذليل ڪيا ويندا جيئنڪِ انهن کان اڳين کي ذليل ڪيو ويو ۽ بيشڪ اسان صاف صاف آيتون نازل ڪيون آهن ۽ ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا اهي (ائين) خوار ٿيندا جيئن انهن کان اڳيان خوار (۽ ذليل) ٿيا هئا ۽ اسان (ته بلڪل) پنهنجا پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن. ۽ انڪار ڪرڻ وارن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ٻانها جيڪي مخالفت ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي ذليل ڪيا ويا جيئن ذليل ڪيا ويا اهي جيڪي انهن کان اڳي هئا ۽ تحقيق نازل ڪيون اسان آيتون چٽيون ۽ ڪافرن جي لاءِ خوارڪندڙ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا اهي خوار ٿيندا جيئن اهي خوار ٿيا جي کانئن اڳ هئا ۽ بيشڪ اسان ته پڌرا حڪم نازل ڪيا آهن ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي (ان ڏينهن خوار ڪندڙ عذاب ٿيندن) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي ائين ذليل ڪيا ويندا جيئن اُهي ماڻهو ذليل ڪيا ويا هئا جيڪي انهن کان اڳ هئا، ۽ بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون آهن. ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جي، اُبتڙ هَلن اَبتر، سي اُونڌا ڪيا وِيا اِنهِئَ کان، مَهندِيَن جِيئن مُنهن ڀَر، ۽ اُتارِيون سون آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ۽ مِڙ مُنڪرن ماتر، جُٺ جِھڙو آهي جَنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ٿا ڪن، تن کي اونڌو ڪيو ويو، جيئن کانئن اڳين کي اونڌو ڪيو ويو هو، بيشڪ اسان پڌريون آيتون نازل ڪيون ۽ منڪرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا، سي ائين خوار خراب ڪيا ويندا، جيئن کانئن آڳاٽا خوار خراب ڪيا ويا هئا. اسان چٽيون آيتون نازل ڪري ڇڏيون آهن ۽ ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو مخالفت ڪن ٿا الله ۽ سندس رسول جي، اهي اهڙيءَ طرح ذليل ۽ خوار ڪيا ويندا جيئن ذليل ۽ خوار ڪيا ويا آهن ماڻهو انهيءَ کان اڳي (جڏهن ته) اسان نازل ڪيون آهن پڌريون آيتون، پوءِ ته ڪافرن جي لاءِ عذاب آهي ذلت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪن ٿا سي اهڙا ته ذليل ۽ خوار ٿيندا جيئن انهن کان اڳ مخالفت ڪرڻ وارا ذليل ٿي چُڪا آهن. بيشڪ اسان ته پڌريون آيتون نازل ڪري چڪا آهيون. ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا أَحصىٰهُ اللَّهُ وَنَسوهُ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 6) |
جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اُٿاريندو (تنھن ڏينھن) کين (انھيءَ جي) سُڌ ڏيندو جيڪي ڪمايو ھوائون، الله اُن کي ڳڻي رکيو آھي ۽ (ھنن) اُھو وساري ڇڏيو، ۽ الله ھر شيءِ تي خبر رکڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان ڏينهن خوار ڪندڙ عذاب ٿيندن) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو. پوءِ انهن کي سندن عملن جي خبر ڏيندو. الله ان (سندن ڪئي) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ انهن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن انهن سڀني کي الله تعالى ٻِئي دفعي زنده ڪندو، پوءِ اهو انهن کي سندن ڪيل ڪمن جي خبر ٻڌائيندو. الله تعالى انهن کي ڳڻيو آهي ۽ انهن الله کي وساريو آهي، ۽ الله تعالى کان ڪا شيءِ غائب ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي ٻيو ڀيرو اٿاريندو ته کين سندن اعمالن کان آگاھ ڪندو. انهن (اگرچه) وساريو آهي پر خدا انهن کي ياد رکيو آهي ۽ خدا ته هر شيءِ جو شاهد آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن اٿاريندو انهن کي الله پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جيڪي ڪيائون ڳڻي رکيو ان کي الله ۽ وساريائون ان کي ۽ الله هر شيءِ تي شاهد آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو. پوءِ انهن کي سندن عملن جي خبر ڏيندو. الله ان (سندن ڪئي) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ انهن ان کي وساري ڇڏيو آهي ۽ الله سڀني شين جي خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو پوءِ انهن کي خبر ڏيندو جيڪي انهن عمل ڪيا. الله انهن (جي عملن) کي ڳڻي رکيو آهي ۽ هنن ان کي وساري ڇڏيو آهي. ۽ الله هر شيءِ مٿان گواهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٿارِيندو اُن سَڀين کي، جِهِين ڏِينهن ڏاتار، پوءِ سُڌ ڏِيندنِ، اُن سڀ جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، ۽ هُن ته اُهي وِساريا، سارِيا خُوب سَتار، جَلِيل رَبَّ جَبار، حاضِر هَرڪِنهن چِيز تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن الله انهن مڙني کي اٿاريندو، تڏهن کين سندن ڪمائي جي خبر ڏيندو_ هنن ته اهو وساري ڇڏيو، پر الله انهي کي ڳڻي رکيو آهي ۽ الله هر ڪنهن شيءِ تي حاضر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي وري جيئرو ڪري اٿاريندو ۽ کين ٻڌائيندو ته اهي ڇا ڇا ڪري آيا آهن. اهي وساري ويٺا آهن پر الله ته سندن سموري عمل جو حساب رکي ڇڏيو آهي ۽ الله هر ڳالهه جو شاهد آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن ٿيڻو آهي (ذلت جو عذاب) جڏهن الله سڀني کي جياري کين خبر ڏيندو ته ڇا ڇا ڪري آيا آهن، انهن وساري ڇڏيو آهي پر الله ته سندن سارا عمل ڳڻي سنڀالي رکيا آهن ۽ الله هرهڪ شيءِ تي خبر رکڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جنھن ڏينھن انهن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو پوءِ کين سندن عمل ٻڌائيندو. الله تعالى ته انهن جي هر شيءِ کي ڳڻي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پر هي ماڻهو خود پنهنجن عملن کي وساري ويٺا آهن ۽ الله تعالى هر شيءِ تي گواهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ ما يَكونُ مِن نَجوىٰ ثَلٰثَةٍ إِلّا هُوَ رابِعُهُم وَلا خَمسَةٍ إِلّا هُوَ سادِسُهُم وَلا أَدنىٰ مِن ذٰلِكَ وَلا أَكثَرَ إِلّا هُوَ مَعَهُم أَينَ ما كانوا ثُمَّ يُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 7) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، (ڪٿي به پاڻ ۾) ٽن ڄڻن جي ڳُجھي صلاح ڪرڻ نه ھوندي آھي پر اُنھن مان چوٿون الله آھي ۽ نڪي پنجن (ڄڻن) جي پر انھن ۾ ڇھون الله آھي ۽ نڪي ان (ڳاڻاٽي) کان تمام گھٽ ۽ تمام وڌ آھن پر الله ساڻن آھي جتي به ھجن، وري جيڪي ڪيو اٿن (تنھنجي) قيامت جي ڏينھن کين سُڌ ڏيندو، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ان کي الله ڄاڻي ٿو. ڪا ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته اهو انهن ۾ چوٿون هوندو آهي ۽ پنجن ڄڻن جي ته اهو انهن ۾ ڇهون هوندو آهي ۽ توڻي ان کان گهٽ ۽ توڻي (ان کان) وڌيڪ (ماڻهو هجن) جتي به هجن (۽ جيترا به هجن) پر اهو انهن سان گڏ هوندو آهي، پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيء کي ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى (سڀ ڪجھه) ڄاڻي ٿو جيڪو آسمانن ۾ ۽ جيڪو زمينن ۾ آهي، ايئن نٿو هجي ته ٽي ماڻهو پاڻ ۾ مخفي صلاح ڪن مگر اهو (الله) چوٿون نه هجي ۽ نه پنج ماڻهو (پاڻ ۾ صلاح ڪن ٿا) مگر اهو (الله) ڇهون نه هجي ۽ نه ان کان گھٽ ۽ نه ان کان وڌيڪ (صلاح ڪندڙ آهن) مگر اهو انهن سان گڏ آهي اُهي ڀلي ڪٿي به هجن، ان کان پوءِ اهو انهن کي سندن عملن بابت قيامت جي ڏينهن ٻُڌائيندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان کي معلوم نه آهي ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ کي)خدا ڄاڻي ٿو. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالھ ٻولھ نه ٿيندي پر اهو (خدا) انهن ۾ چوٿون آهي ۽ نه پنجن ڄڻن جي (پاڻ ۾ صلاح) پر خدا انهن ۾ ڇهون هوندو ۽ نه ان کان گهٽ هجن يا وڌيڪ جتي به هجن پر اهو (خدا) انهن سان گڏ هوندو آهي. پوءِ جو ڪجھ اهي (دنيا ۾) ڪندا رهيا قيامت جي ڏينهن کين ان کان آگاھ ڪندو. بيشڪ خدا هر ڳالھ کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله ڄاڻي ٿو اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي نه ٿي هجي ڪا صلاح ٽن جي مگر اهو انهن جو چوٿون آهي ۽ نه پنجن جي مگر اهو انهن جو ڇهون آهي ۽ نه گهٽ ان کان ۽ نه گهڻا مگر اهو انهن سان گڏ آهي جتي به هوندا ان کان پوءِ خبر ڏيندو انهن کي ان جي جيڪو ڪيائون قيامت جي ڏينهن بيشڪ الله هرشيءِ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسولﷺ!) ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، ان کي الله ڄاڻي ٿو. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي پر اُهو انهن ۾ چوٿون هوندو ۽ نه پنجن ڄڻن جي پر اهو انهن ۾ ڇهون هوندو ۽نه ان کان گهٽ ۽ نه (ان کان) وڌ پر اُهو انهن سان گڏ هوندو جتي به هجن. پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله ڄاڻي ٿو (تن سڀ شين کي) جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه نه ٿي ٿئي مگر الله انهن جو چوٿون هوندو آهي ۽ نه پنجن جي مگر انهن جو ڇهون اُهو هوندو آهي ۽ نه ان کان گهٽ ۽ نه (ان کان) وڌ پر اُهو انهن سان گڏ هوندو آهي، اُهي جتي به هجن، پوءِ الله انهن کي قيامت واري ڏينهن انهن ڪمن جي خبر ڏيندو جيڪي انهن ڪيا. بلاشڪ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڏِٺائون نه؟ ته ڏاتار، سَڀ ڪُجھ آهي سَمجھندو، جيڪِي اُڀن ۾ اَسرار، ۽ جيڪِي زَمن زَمِين ۾. نَه هُوندِي ڪِنهِين به هَنڌن تي، ٽِن جِي رَمز رِهاڻ، مَگر چوٿون اُنهن سان، صِاحب سُرت، سُڄاڻ، نه پنج ڪِنهِين ماڳ، مگر ڇَهون پَنجن سان پاڻ، نه اِنهيان، گھٽ، نه گھڻا، مَگر اُهو اُنهن ساڻ، ڀيڙو هَر ڪِنهن ڀاڻ، جِتي به هُجي جھان ۾. موٽِي مَحشر ڏِينهن ۾، ڏِيندنِ ڪَل ڏاتار، ساري تَن سَڀن جِي، جي ڪيائون ڪم ڪار، سائـِين سَمجھدار، هرگز هَر ڪِنهن چِيز کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نه ڏٺو اٿئي ڇا، ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو اُهو ڄاڻي ٿو_ جيڪي به ٽي ڄڻا ڳجهي صلاح ٿا ڪن، الله انهن جو چوٿون آهي ۽ جيڪي به پنج هوندا، انهن جو الله ڇهون آهي، ۽ ان کان تمام گهٽ هجن، خواهه تمام وڌيڪ، پر جتي به هوندا، الله انهن سان گڏ آهي_ قيامت جي ڏينهن انهن کي خبر ڏيندو، بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اها خبر نه اٿئي ڇا ته الله کي آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو علم آهي؟ ڪڏهن به ائين نٿو ٿئي، جو ٽن ماڻهن جي سس پس هجي ۽ انهن جي وچ ۾ چوٿون الله نه هجي يا پنجن جي سس پس هجي ۽ سندن وچ ۾ ڇهون الله نه هجي. ڳجهي ڳالهه ڪرڻ وارا کڻي ان کان گهٽ هجن يا وڌ، جتي به کڻي هجن الله گڏ هوندو اٿن. پوءِ قيامت جي ڏينهن هو کين ٻڌائيندو ته انهن ڇا ڇا ڪيو آهي. الله کي هر شيءِ جو علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توکي خبر نه آهي ته الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾، ۽ جيڪا به ڳجهي صلاح ٿئي ٽن ماڻهن ۾ ته سندن وچ ۾ نه هجي اهو (الله) چوٿون، ۽ پنجن (ماڻهن ۾) اهو الله ڇهون نه هجي ۽ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ وارا کڻي ان کان گهٽ هجن يا وڌيڪ، اهو الله انهن سان گڏ هوندو آهي جتي به هجن، پوءِ اهو کين خبر ڏيندو سندن عملن جي ڏينهن قيامت جي، بيشڪ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توکي خبر نه آهي ته بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. ايئن نٿو ٿي سگهي جو ٽي ماڻهو پاڻ ۾ ويھي ڳجهيون صلاحون ڪن، اُنهن ۾ چوٿون الله تعالى خود موجود نه هجي. يا پنج ماڻهو پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ڪن، ڇهون انهن ۾ الله تعالى موجود نه هجي. ڳجهيون صلاحون ڪرڻ وارا تعداد ۾ چاهي گهٽ هجن يا وڌيڪ جتي به ويھي صلاحون ڪندا، الله تعالى خود انهن سان گڏ هوندو آهي. پوءِ الله تعالى کين قيامت جي ڏينھن سندن عملن جي باري ۾ ٻڌائيندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ نُهوا عَنِ النَّجوىٰ ثُمَّ يَعودونَ لِما نُهوا عَنهُ وَيَتَنٰجَونَ بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَإِذا جاءوكَ حَيَّوكَ بِما لَم يُحَيِّكَ بِهِ اللَّهُ وَيَقولونَ فى أَنفُسِهِم لَولا يُعَذِّبُنَا اللَّهُ بِما نَقولُ حَسبُهُم جَهَنَّمُ يَصلَونَها فَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 8) |
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن کي ڳُجھين صلاحن ڪرڻ کان جھليو ويو وري جنھن کان جھليا ويا سوئي ڪندا آھن ۽ گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجھيون صلاحون ڪندا آھن، ۽ جڏھن تو وٽ ايندا آھن (تڏھن) توکي انھي (لفظ) سان سلام ڪندا آھن جنھن سان توکي الله سلام نه ڪيو آھي ۽ پنھنجين دلين ۾ چوندا آھن ته جيڪي چوندا آھيون تنھن جي ڪري الله اسان کي ڇونه ٿو عذاب ڪري؟ کين دوزخ بس آھي، ان ۾ پوندا، پوءِ (دوزخ) بڇڙي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين (ذريعي سازشن) ڪرڻ کان روڪيو ويو، پوءِ اهي جنهن ڳالهه کان جهليا ويا وري به اهوئي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گناهه ۽ ظلم ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته (سلام ڪرڻ مهل) توکي ان (لفظ) سان سلام ڪن ٿا جيڪو سلام الله (مقرر) نه ڪيو آهي ۽ پنهنجين دلين ۾ چون ٿا ته جيڪي اسين چئون ٿا ان جي ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نٿو ڪري (ٿورڙو ترسن) انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي مخفي صلاحن ڪرڻ کان منع ڪيو ويو، ان کان پوءِ اهو ئي ڪندا رهيا جنهن کان اهي منع ڪيا ويا ۽ اُهي (يهودي ۽ منافق) پاڻ ۾ گناهه۽ (مسلمانن تي) زيادتي ۽ رسولِ عربيءَ جي نافرماني لاءِ مخفي صلاحون ڪن ٿا ۽ جڏهن اهي توهان وٽ اچن ٿا ته توهان کي انهن لفظن سان سلام ڪن ٿا جن سان الله تعالى توهان کي سلام نه ڪيو ۽ اهي پنهنجي دلين ۾ چون ٿا، اسان جي انهي چوڻ جي ڪري الله تعالى اسان تي فوراً عذاب ڇو نٿو ڪري، انهن لاءِ جهنم ڪافي آهي، ان ۾ اهي داخل ٿيندا، پوءِ اها موٽڻ لاءِ تمام خراب جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تون انهن کي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ کان روڪيو ويو هو مطلب ته جنهن ڳالھ کان کين جهليو ويو هو تنهن کي وري ڪن ٿا ۽ (وڏي ڳالھ ته) گناھ ۽ (بيجا) زيادتي ۽ رسول جي نافرمانيءَ ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون (سس پس) ڪن ٿا. ۽ جڏهن به تو وٽ اچن ٿا ته جن لفظن سان تو کي الله سلام نه ڪيو تن (ڪريل) لفظن سان سلام ڪن ٿا ۽ پنهنجي دل ۾ چون ٿا (جيڪڏهن هي سچو نبي آهي ته) جيڪي اسين چئون ٿا خدا ان جي سزا ڇو نه ٿو ڏئي! (اي رسول) کين دوزخ (جي سزا ئي) ڪافي آهي جنهن ۾ اهي داخل ڪيا ويندا. ته اها (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جيڪي روڪيا ويا لڪل وڏي صلاح ڪرڻ کان ان کان پوءِ ورن ٿا ان جي لاءِ جو روڪيا ويا ان کان ۽ وڏو مشورو ڪن ٿا گناهه جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرماني جو ۽ جڏهن آيا تو وٽ ته مرحبا ڪيائون تنهنجي انهن لفظن سان جو نه مرحبا ڪئي تنهنجي ان سان الله ۽ چون پيا پنهجين دلين ۾ ته ڇو نه ٿو عذاب ڪري اسان کي الله ان جي ڪري جو اسين چئون ٿا ڪافي آهي انهن جي لاءِ جهنم داخل ٿيندا ان ۾ پوءِ بري جاءِ موٽڻ جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڳجهين ڳالهين ٻولهين ڪرڻ کان روڪيو ويو پوءِ اُهي جنهن ڳالهه کان جهليا ويا ان کي موٽي ڪن ٿا ۽ پاڻ ۾ گناه ۽ ظلم ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا. ۽جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته (سلام ڪرڻ مهل) توکي ان (لفظ) سان دعا ڪن ٿا جنهن سان توکي الله دعا نه ڪئي آهي ۽ پنهنجين دلين ۾ چون ٿا ته جيڪي اسين چئون ٿا ان ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي، ان ۾ داخل ٿيندا پوءِ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڳُجهي طرح سرگوشي ڪرڻ کان روڪيو ويو هيو وري به اُهو ئي ڪن ٿا جنهن کان رويا ويا هئا، ۽ اهي پاڻ ۾ گناهه ۽ زيادتي ۽ رسول جي بي فرماني جون ڳجهيون ڳالهيون ڪن ٿا، ۽ جڏهن تو وٽ حاضر ٿين ٿا ته تو کي انهن لفظن ۾ سلام ڪن ٿا جن لفظن ۾ الله توتي سلام نه ڪيو آهي، ۽ پنهنجي دلين ۾ چون ٿا ته: ”جيڪي اسان چئون ٿا ان ڪري الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري“؟ انهن لاءِ دوزخ ڪافي آهي. ان ۾ داخل ٿيندا، پوءِ اها بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه ڏِٺئـِي؟ تَن کي، جَن مَنع ٿئـِي مُور، ڳِرهڻ بُڇِڙي ڳالھ کان، وَرِي پوءِ وَهلور، جِنهن کان جھليو کِين وِيو، سو موٽِي ڪَن مَذڪور، گُفتگُوءِ گَند جِي، پڻ ڀَڃڻ حُڪم حُضور، پڻ مُخفِي ڪن مَخمور، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ جنهن مَهل تو وَٽ، مُصطفى! اَچڻ اِهي اَظلام، ته توتي سَلام، سو نه چيون، جو صاحِب چَئي سَلام، ڪَهن سَندنِ قُلوب ۾، ته ڪَهون جو ڪلام، ڇو نه اَسان تي عَذاب ڪري، اِن تان رَبُّ عَلام، بس آهي باھِ اُنهن لئي، جَھنّم جنهن جو نام، ڪَندا ڪڙڪو اُن ۾، ناگہ سي ناڪام، اُهو ماڳ مَقام، بي حد ڪو بُڇڙو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو انهن ڏي نظر نه ڪئي آهي؟ جن کي ڳُجهين صلاحن ڪرڻ کان روڪيو ويو_ پر هو اهو ئي پيا ڪن، جن کان روڪيو وين، ۽ گناهه ۽ حد کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرماني ڪرڻ بابت پاڻ ۾ ڳجهيون صلاحون ٿا ڪن_ جڏهن تو وٽ اچن ٿا، تڏهن انهي (لفظ) سان توتي سلام ٿا ڪن، جنهن سان توتي الله سلام نه ڪيو آهي ۽ دل ۾ چون ٿا ته ”جيڪي چئون ٿا، تنهن کان الله اسان کي عذاب ڇو نه ٿو ڪري؟“ انهن لاءِ دوزخ بس آهي، جنهن ۾ پوندا ۽ اهو بڇڙي جاءِ آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا نه ڏٺئي، انهن ماڻهن کي جن کي سس پس ڪرڻ کان جهليو ويو هو ته وري به اهوئي ڪن ٿا، جنهن کان کين جهليو ويو هو؟ اهي ماڻهو لڪي لڪي پاڻ ۾ گناهه ۽ ڏاڍائيءَ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته توتي ان نموني سلام ڪن ٿا، جنهن نموني الله توتي سلام نه ڪيو آهي ۽ پنهنجي دلين ۾ چون ٿا ته اسان جي ائين چوڻ تي ڀلا الله اسان کي عذاب ڇو نٿو ڏئي؟ انهن لاءِ جهنم بس آهي، جنهن جو وڃي هو بــَـکُ (ٻارڻ) بڻبا. پوءِ ڪهڙي نه بڇڙي اٿن اها پڇاڙي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو نه ڏٺو انهن ماڻهن کي جن کي جهليو ويو هو (سس پس) ۾ صلاحون ڪرڻ کان، وري اهي ئي حرڪتون ڪن پيا جن کان روڪيو ويو هو، ۽ اهي ماڻهو لڪي لڪي پاڻ ۾ گناهه ۽ زيادتي ۽ نافرماني ڪندي رسول جي ڳالهيون جڏهن تو وٽ اچن ٿا ته توکي ان طرح سلام ڪندا آهن جيئن توتي سلام نه ڪيو آهي الله، ۽ چوندا آهن پنهنجي دلين ۾ ته ڇو نٿو ڏئي عذاب اسان کي الله انهن ڳالهين تي، انهن جي لاءِ بس دوزخ ئي آهي، ٻارڻ ٿيندا انهيءَ جو، ڏاڍو برو ٺڪاڻو آهي انهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڳجهين صلاحن ڪرڻ کان منع ڪيو ويو هو پر پوءِ به هو منع ڪيل ڳالهه کي ورجائين ٿا ۽ گناهه، ظلم ۽ رسول سڳوري جي نافرماني ڪرڻ لاءِ لڪي لڪي صلاحون ڪن ٿا ۽ جڏهن اهي تو وٽ حاضر ٿين ٿا ته اهڙي طريقي جو سلام ڪن ٿا جنھن طريقي جو الله تعالى توتي سلام نه ڪيو آهي ۽ پنھنجي دلين ۾ چون ٿا ته (جيڪڏهن اسان جي سلام جو طريقو غلط هجي ها ته) ان غلط ڳالهه تي الله تعالى عذاب ڇو نٿو نازل ڪري؟ انهن جي لاءِ جھنم ئي ڪافي آهي ۽ هو ان ۾ ئي اڇلايا ويندا. اها انتھائي بُري موٽڻ جي جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا تَنٰجَيتُم فَلا تَتَنٰجَوا بِالإِثمِ وَالعُدوٰنِ وَمَعصِيَتِ الرَّسولِ وَتَنٰجَوا بِالبِرِّ وَالتَّقوىٰ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى إِلَيهِ تُحشَرونَ (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ جڏھن (اوھين) پاڻ ۾ (ڪا) ڳُجھي صلاح ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگھڻ ۽ پيغمبر جي نافرمانيءَ بابت (ڪابه) پاڻ ۾ صلاح نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ چڱائي ۽ پرھيزگاريءَ بابت صلاح ڪريو، ۽ انھيءَ الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته (منافقن وانگر) گناهه ۽ الله جي حدن کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين (خدائي قانونن جي نگهباني ۽ انساني فلاح جو سوچي) ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون (۽ رٿابنديون) ڪريو، ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي (حساب ڪتاب ڏيڻ واسطي) گڏ ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڪو مشورو ڪريو پوءِ گناه ۽ زيادتي ۽ رسولِ عربيءَ جي نافرماني لاءِ پاڻ ۾ مشورو نه ڪريو ۽ توهان نيڪي ۽ پرهيزگاري لاءِ پاڻ ۾ مشورو ڪريو ۽ توهان ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن توهان کي اُٿاريو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالھ ٻولھ ڪريو ته گناھ ۽ حد کان لنگهڻ ۾ رسول جي نافرمانيءَ جو ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ڪريو ۽ ان خدا (جي غضب) کان ڊڄو جنهن (جي بارگاھ) ۾ اوهان کي ڪٺو ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن ڪو مشورو ڪيو ته پوءِ نه مشورو ڪيو گناهه جو ۽ ظلم جو ۽ رسول جي بي فرمانيءَ جو ۽ مشورو ڪيو نيڪيءَ جو ۽ پرهيزگاريءَ جو ۽ ڊڄو الله کان جو ان ڏانهن اوهان اٿاريا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ٻولهه ڪريو ته گناه ۽ حد کان لنگهڻ ۾ رسول جي نافرماني جون ڳجهيون ڳالهيون نه ڪريو ۽ اوهين ڀلائي ۽ پرهيزگاريءَ جون ڳجهيون ڳالهيون ٻولهيون ڪريو ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن ڏانهن اوهان کي گڏ ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڳجهي طرح ڳالهه ڪيو ته پوءِگناهه ۽ زيادتي ۽ رسول جي بي فرماني لاءِ ڳجهي طرح سرگوشي نه ڪيو، ۽ توهان نيڪي ۽ پرهيزگاري لاءِ ڀلي سرگوشي ڪيو. ۽ ان الله کان ڊڄو جنهن جي حضور اوهان کي حشر ۾ پيش ٿيڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جَن مَڃيو!، جڏهن ڳرهيو ڳالھ، ته ڳرهيون نه ڳالهيون، پاپ جون، حَد لنگھڻ جُون لال!، ۽ چوريو نه ڪِنهن چال، نافرمانِي نَبِئ جِي. ۽ ڳرهيؤ ڳالهيون پاڻ ۾، نيڪِئَ جون نبار، پڻ پوتي پاڪ، رکڻ جون، ۽ ڏرو ڀَر ڏاتار، تِنهِين ڏي تڪرار، اَوهِين مِرئـِي ميڙبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! اوهين پاڻ ۾ جڏهن ڪا ڳجهي صلاح ڪريو، ته گناهه ۽ حد کان لنگهڻ ۽ رسول جي نافرماني بابت نه ڪريو ۽ پاڻ ۾ نيڪيءَ ۽ دينداريءَ بابت صلاح ڪندا ڪريو_ ۽ انهي الله کان ڊڄو، جنهن ڏانهن گڏ ڪيا ويندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان پاڻ ۾ لڪي ڪا ڳالهه ڪريو ته گناهه ۽ ڏاڍائيءَ ۽ رسول جي نافرمانيءَ جون ڳالهيون نه، بلڪه نيڪيءَ ۽ الله کان ڊڄڻ واريون ڳالهيون ڪريو ۽ انهيءَ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن جي آڏو توهان کي حشر ۾ حاضر ٿيڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن آندو آهي ايمان! جڏهن توهان پاڻ ۾ ڳجهي ڳالهه ڪريو ته نه ڪريو صلاحون گناهه ۽ زيادتي ۽ نافرماني ڪندي رسول جون ڳالهيون پر صلاحون ڪريو نيڪي ۽ تقويٰ جون، ۽ ڊڄو ان الله کان، جنهن جي حضور ۾ توهان کي حشر جي ڏينهن پيش ٿيڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به توهان ڳجهيون ڳالهيون ڪريو ته (بهرحال) انهن ۾ گناهه، ظلم ۽ رسول سڳوري جي نافرماني جي ڳالهه شامل نه هجي، بلڪه نيڪي ۽ پرهيزگاري جي ڳالهه ڪندا ڪريو. ان الله کان ڊڄو جنھن ڏانھن توهان سڀني کي گڏ ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّمَا النَّجوىٰ مِنَ الشَّيطٰنِ لِيَحزُنَ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيسَ بِضارِّهِم شَيـًٔا إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 10) |
بڇڙي صلاح ڪرڻ ته شيطان جو ڪم آھي ھن لاءِ ته مؤمنن کي دلگير ڪري ۽ ھو الله جي حُڪم کانسواءِ کين ڪجھ به نُقصان پُھچائڻ وارو نه آھي، ۽ جڳائي ته مؤمن الله تي ڀروسو ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها (منافقن) ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي، الله جي حڪمن کان سواءِ. ۽ الله تي ايمان وارا هر ڳالهه ۾ ڀروسو ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (گناهه۽ زيادتي لاءِ) مخفي صلاح ته شيطان جي طرفان آهي، ان لاءِ ته مؤمنن کي غمگين ڪري حالانڪِ اهو انهن کي الله جي حڪم کانسواءِ ڪنهن شيءِ جو نقصان پهچائي نٿو سگھي، ۽ مؤمنن کي الله تعالى تي توڪل ڪرڻ گھرجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (برين ڳالهين جي) ڳجهي ڳالھ ٻولھ ته شيطاني ڪم آهي (اهو هن لاءِ ڪن ٿا) ته ايمان وارن کي ان مان رنج پهچي. هوڏانهن خدائي مشيت کان سواءِ (سندن) ڳجهي ڳالھ ٻولھ انهن (مومنن) کي ڪو به نقصان پهچائي نه ٿي سگهي. ۽ مومنن کي ته خدا تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو مشورو ته شيطان جي طرفان آهي تانته ڏک ڏئي انهن کي جن ايمان آندو ۽ ناهي نقصان ڏيندڙ انهن کي ڪجهه به مگر الله جي اذن سان ۽ الله تي پوءِ گهرجي ته توڪل ڪن مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها ڳجهي ڳالهه ٻولهه ته شيطان جي طرفان ئي آهي. هن لاءِ ته ايمان وارن کي غمگين ڪري ۽ اها انهن کي ڪجهه به نقصان پهچائڻ واري نه آهي. مگر الله جي حڪم سان ۽ الله تي ته ايمان وارا ڀروسو ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڳجهي طرح (بري ڳالهه جي) سرگوشي ڪرڻ ته صرف شيطان جي طرفان ئي هوندي آهي هن لاءِ ته ايمان وارن کي پريشان ڪري ۽ اُهو کين ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نه ٿو سگهي سواءِ الله جي اذن جي. ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گوشي جيِ گُفتار، آهي شر شيطان جو، تان اُهي، جَن مَڃيو، تَن وِجھي مَنجھ وِيچار، ۽ اُهو ڏُک نَه ڏِيندڙ اُنهن کي، حُڪم ڌَڻِئَ جي ڌار، پوءِ بِهتر ته رکن بار، مُؤمِن مالِڪ پاڪ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بڇڙي صلاح ڪرڻ شيطان جو ڪم آهي، ته مؤمنن کي غمگين ڪري، مگر هو انهن کي الله جي حڪم کان سواءِ نقصان پهچائي نٿو سگهي ۽ مؤمنن کي الله تي ڀروسو رکڻ کپي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سس پس ته هڪ شيطاني ڪم آهي ۽ ان لاءِ ڪئي ويندي آهي ته مؤمنن کي ڏکوئجي، پر اها الله جي حڪم کانسواءِ انهن کي ڪوبه نقصان نٿي پهچائي سگهي. پوءِ مؤمنن کي الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ سُس پُس ته هڪ شيطاني ڪم آهي ۽ اها ان لاءِ ڪندا آهن ته غمگين ٿين ايمان وارا ماڻهو، جڏهن ته اها ڪوبه نقصان نٿي رسائي سواءِ حڪم الله جي، ۽ الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي مؤمنن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طريقي جون ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻ ته شيطان جو طريقو آهي ته جيئن مؤمنَ دلگير ٿين. حالانڪه الله تعالى جي اجازت کان سواءِ (شيطان) کين ڪجهه به نقصان نٿو پھچائي سگهي. مؤمنن کي ته رڳو الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا قيلَ لَكُم تَفَسَّحوا فِى المَجٰلِسِ فَافسَحوا يَفسَحِ اللَّهُ لَكُم وَإِذا قيلَ انشُزوا فَانشُزوا يَرفَعِ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَالَّذينَ أوتُوا العِلمَ دَرَجٰتٍ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 11) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھان کي چئجي ته (پنھنجين) مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو پوءِ (جاءِ) ڪشادي ڪريو ته الله به اوھان جي لاءِ ڪشادگي ڪري، ۽ جڏھن چئجي ته اُٿو تڏھن اُٿو ته اوھان مان جن ايمان آندو آھي ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن جا مرتبا الله وڏا ڪري، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته (هتان وارا حڪم ٻڌي عمل ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو. اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي (اهڙين جماعتي پابندين سان) الله تن جا درجا بلند ڪندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! جڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان (رسولِ عربيءَ جي) مجلس ۾ (خاص اصحابين لاءِ) جايون خالي ڪريو پوءِ توهان جايون خالي ڪريو الله تعالى توهان کي کليل جاءِ (جنت) عطا ڪندو، ۽ جڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان اُٿو، پوءِ توهان اٿي وڃو، الله تعالى توهان مان مؤمنن ۽ (ديني) علم وارن جا درجا (جنت ۾ به) بلند فرمائيندو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلس ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو ته ڪشادي ڪندا ڪريو الله اوهان کي ڪشادگي عطا ڪندو. جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو جي شخص اوهان مان ايماندار آهن ۽ جن کي علم عطا ڪيل آهي خدا تن جا درجا بلند ڪندو ۽ خدا اوهان جي سڀني ڪمن کان خوب واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن چيو وڃي اوهان کي ته ڪشادا ٿي ويهو مجلسن ۾ ته پوءِ ڪشادا ٿي ويهو ته ڪشادگي ڪندو الله اوهان جي لاءِ ۽ جڏهن چيو وڃي ته اٿي بيهو ته پوءِ اٿي بيهو بلند ڪندو الله انهن جا جن ايمان آندو اوهان مان ۽ انهن جا جيڪي ڏنا ويا علم درجا ۽ الله ان جي جيڪو ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن به اوهان کي چيو وڃي ته مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو تڏهن (ضرورت جيتري) جاءِ ڪشادي ڪريو ته الله اوهان لاءِ ڪشادگي ڪري. ۽ جڏهن به چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي وڃو ته اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي تن جا الله درجا بلند ڪري. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي چيو وڃي ته مجلسن ۾ ڪشادگي ڪيو ته ڪشادگي ڪيو ته الله به اوهان لاءِ ڪشادگي ڪندو، ۽ جڏهن چيو وڃي ته اٿي کڙا ٿيو ته اٿي کڙا ٿيو، الله انهن ماڻهن جا درجا بلند ڪري ٿو جن اوهان مان ايمان آندو ۽ جن کي علم ڏنو ويو. ۽ الله خبروار آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مَڃِي جَن آڻ!، جڏهن اَوهان کي، آکيو وَڃي، ته وِهو ٿِي ويڪرا، پاٿارِئَ ۾ پاڻ، پوءِ وِهو ٿِي ويڪرا، راهُو! مَنجھ رِهاڻ، ته آگو اَوهان ڪاڻ، سَڀ ڪُجھ سَولائـِي ڪري. جڏهن آن کي آکجي اُٿو، ته اٿو اَنهِئَ وار، ۽ مولا مٿاهون تن ڪري، جن آندو اِعتبار، ۽ جن کي عطا عِلم ٿيو، پڻ سُڃاڻپ ستار، درجن مٿي دِرجا، ڏِئي تَنِين ڏاتار، ۽ ڪَندا آهيو، جا ڪار، آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! جڏهن اوهان کي چئجي، ته مجلسن ۾ جاءِ ڪشادي ڪريو، ته ڪشادي ڪريو، ته الله به اوهان لاءِ ڪشادائي ڪري ۽ جڏهن چئجي ”اُٿو“ ته اُٿي وڃو- ته اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو، تن جا مرتبا الله مٿاهان ڪري ۽ جيڪي به ڪريو ٿا، ان کان الله خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهانکي چيو وڃي ته پنهنجي ڪچهرين ۾ ڪشادگي پيدا ڪريو ته سري پري جاءِ ڪندا ڪريو، ته الله توهان کي ڪشادگي عطا ڪندو ۽ جڏهن توهان کي چيو وڃي ته اٿي هليا وڃو ته اٿي ويندا ڪريو. توهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم عطا ڪيو ويو آهي، الله انهن کي بلند درجا عطا ڪندو ۽ جيڪي به توهان ڪريو ٿا، الله ان کي ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، جڏهن چيو وڃي توهان کي ته ڪشادگي رکو پنهنجي مجلسن ۾، پوءِ جاءِ ڪشادي ڪريو، بخشيندو الله توهان کي ڪشادگي، ۽ جڏهن چيو وڃي توهان کي ته اٿي وڃو، ته اٿي ويندا ڪريو، مٿاهان درجا الله ڏيندو انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو آهي توهان مان، ۽ اهي ماڻهو جن کي عطا ڪيو ويو آهي علم کين مٿاهان درجا ملندا، ۽ الله توهان جي سڀني عملن کان باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان کي (ڪنهن مجلس ۾) چيو وڃي ته ويھڻ لاءِ ڪشادگي پيدا ڪريو ته (سوڙها ٿي) ڪشادگي پيدا ڪندا ڪريو ته الله تعالى توهان جي لاءِ ڪشادگي پيدا ڪندو ۽ وري جڏهن توهان کي اٿڻ لاءِ چيو وڃي ته (فوراً) اُٿي ويندا ڪريو ته جيئن اوهان مان جن ايمان آندو آهي ۽ جن کي علم ڏنو ويو آهي تن جا الله تعالى درجا بلند ڪري. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نٰجَيتُمُ الرَّسولَ فَقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقَةً ذٰلِكَ خَيرٌ لَكُم وَأَطهَرُ فَإِن لَم تَجِدوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 12) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين (گھرو ته) پيغمبر سان ڪا ڳجھي ڳالھ ڪريو تڏھن پنھنجي ڳجھي ڳالھ ڪرڻ کان اڳ پھريائين خيرات ڏيو، اھو (ڪم) اوھان لاءِ ڀَلو ۽ تمام سٺو آھي، پوءِ جيڪڏھن ڪُجھ نه لھو ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالهه ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي (عام مفاد لاءِ) خيرات يا عطيو ڏيو. هي (ڪم) اوهان لاءِ تمام چڱو ۽ تمام سٺو آهي. (انهيءَ سان منافق جيڪو گهڙيءَ گهڙيءَ ڳجهي ڳالهه جو بهانو ڪري رسول ڪريم جو وقت وڃائين ٿا سو بند ٿي ويندو) پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ (عطيو ڏيڻ لاءِ) نه هجي ته الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! جڏهن توهان رسولِ عربيءَ جي خدمت ۾ (ڪا ڳالهه) عرض ڪرڻ چاهيو پوءِ پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳ ۾ (ڪجھه) خيرات ڪريو، اهو توهان لاءِ بهتر آهي ۽ (توهان جي گناهن کي) پاڪ ڪندڙ آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان وٽ ڪجھه ناهي پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالھ ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالھ ڪرڻ کان اڳي پهرين صدقو ڏيو. اها اوهان لاءِ تمام چڱي ۽ پاڪيزه ڳالھ آهي. پر جيڪڏهن اوهان وٽ ڪجھ به نه هجي ته خدا گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! جڏهن آهستي ڳالهائڻ گهرو رسول سان ته پوءِ اڳي ڏيو پنهنجي آهستي ڳالهائڻ کان پهريان صدقو اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ ۽ گهڻو پاڪ پوءِ جيڪڏهن نه لهو ته بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن رسول سان ڳجهي ڳالهه ڪرڻ گهرو ته اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي پهرين خيرات ڪيو. هي (ڪم) اوهان لاءِ تمام چڱو ۽ تمام سٺو آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهان وٽ (خيرات ڪرڻ لاءِ) نه هجي ته الله گهڻو بخشيندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان رسول (ﷺ) سان ڳُجهي طرح ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيو ته توهان پنهنجي ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ڪجهه صدقو خيرات ڪيو. اِهو (عمل) توهان جي لاءِ بهتر ۽ پاڪيزه تر آهي. پوءِ جيڪڏهن (خيرات لاءِ) ڪجهه نه لهو ته پوءِ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل سان، اي مؤمنو! جڏهن ڳَرهيو ڳالھ، پوءِ اَهنجي ڳرهڻ کان اڳي، ڏِيو مالِڪ لڳ، ڪُجھ مال، اِهو ڀَلو ڪم بحال، آھِ اوهان لئي ۽ پاڪ گھڻو. پوءِ خُدا ڪارڻ خير لئي، جي لَهو مُور نه مال، پوءِ بَخشِيندڙ بحال، آھِ سائـِين سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو!جڏهن اوهين رسول سان ڪا ڳجهي ڳالهه ڪريو، تڏهن انهي ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ خيرات ڏيو- اهو ڪم اوهان لاءِ ڀلو ۽ سٺو آهي_ پوءِ جيڪڏهن ڪجهه نه هجيوَ، ته بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ڪريو ته ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ڪجهه خيرات ڏيندا ڪريو، اها ڳالهه توهان لاءِ ڀلي آهي ۽ وڌيڪ پاڪائيءَ واري به. پر جيڪڏهن توهان وٽ خيرات ۾ ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه هجي ته پوءِ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن آندو آهي ايمان، جڏهن ڪا ڳجهي ڳالهه ڪريو رسول سان ته انهيءَ ڳالهه ڪرڻ کان پهرين ڪندا ڪريو خيرات، اهو سٺو ڪم آهي توهان جي لاءِ ۽ پاڪيزه پڻ، جي توهان اهو ڪجهه ڪري نه سگهو ته پوءِ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سڳوري سان عليحدگي ۾ ڳالهه ڪرڻ گهرو ته (ڳالهه ڪرڻ کان) پھريائين ڪجهه خيرات ڪڍندا ڪريو. اهو طريقو توهان لاءِ ئي بھتر۽ پاڪيزهه آهي پر جيڪڏهن (خيرات ڪڍڻ لاءِ) ڪجهه به نه آهي ته بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءَأَشفَقتُم أَن تُقَدِّموا بَينَ يَدَى نَجوىٰكُم صَدَقٰتٍ فَإِذ لَم تَفعَلوا وَتابَ اللَّهُ عَلَيكُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ وَأَطيعُوا اللَّهَ وَرَسولَهُ وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 13) |
اوھين (انھي ڳالھ کان) ڊڄي ويؤ ڇا ته پنھنجي ڳالھ چوڻ کان اڳي خيرات ڏيو، پوءِ جڏھن اوھان نه ڪيو ۽ الله اوھان کان ٽارو ڪيو تڏھن نماز پڙھندا رھو ۽ زڪوٰة ڏيندا رھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيو، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي عطيو يا خيراتن ڏيڻ کان ڊڄي ويا. پوءِ جڏهن اوهان (خيرات) نه ڪئي (جا تنظيم ڪاري جي ابتدائي معاملن ۾ ضروري هئي) ته الله اوهان کي معاف ڪيو، تڏهن (فرمانبرداري جي واٽ تي هلي) نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳ ۽ خيرات ڪرڻ کان ڊڄو ٿا؟ پوءِ جيڪڏهن توهان ايئن ڪري نٿا سگھو ۽ الله تعالى توهان تي عنايت ڪئي پوءِ توهان نماز قائم ڪريو ۽ توهان زڪوات ادا ڪريو ۽ توهان الله تعالى ۽ اُن جي رسول جي اطاعت ڪريو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) ڇا اوهين (رسول سان) پنهنجيءَ ڳجهي ڳالھ ڪرڻ کان اڳي خيراتن ڪرڻ کان ڊڄي ويا؟ ته جڏهن اوهان ماڻهون (ايترو ڪم به) نه ڪري سگهيا ۽ خدا توهان کي معاف ڪري ڇڏيو ته نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيندا رهو پڻ خدا ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا باخبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان ڊڄو ٿا ته پهريان ڏيو پنهنجي عرض ڪرڻ کان اڳيان صدقا پوءِ جيڪڏهن نه ڪيو اوهان ۽ توبہ قبول ڪرڻ سان موٽيو الله اوهان تي پوءِ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جيڪي اوهان ڪيو پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين پنهنجيءَ ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي خيراتن ڏيڻ کان ڊڄي ويا. پوءِ جڏهن اوهان(خيرات) نه ڪئي ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو تڏهن نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان پنهنجي سرگوشي ڪرڻ کان اڳ صدقو خيرات ڪرڻ کان گهٻرائجي ويا؟ پوءِ جڏهن اوهان ائين نه ڪيو ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو (يعني اُهو حڪم کڻائي ورتو) پوءِ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو. ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ الله خبروار آهي ان کان جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اَوهين ڊِڄي وِيا اِن ڪان، ته اَهنجي عَرض ڪرڻ کان اڳ، ڪو صدقو سائـِينءَ لَـڳ، آڻي اَڀرن کي ڏِيو؟ پوءِ جي اوهان ڪُجھ نَه ڪيو، ۽ لاٿو بارِي آن تان بار، پوءِ رکو فرض نماز جو، قائـِم بَرقرار، ۽ ڏيو زڪوٰتون مال مان، مُقرر مِقدار، ۽ رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جا، حُڪم مڃيو هيڪار، ۽ جي ڪريو ٿا ڪَم ڪار، واحِد وقِف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهين ڊڄي ويا_ ته پنهنجي ڳجهي ڳالهه ڪرڻ کان اڳي خيرات ڏيو؟ پوءِ جڏهن اوهان نه ڪيو ۽ الله اوهان کي معاف ڪيو، تڏهن نماز پڙهندا رهو، زڪوات ڏيندا رهو ۽ الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيو، جيڪي به ڪريو ٿا ان کان الله خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان ڊڄي ويؤ ته اڪيلائيءَ ۾ ڳالهه ڪرڻ کان اڳ توهان کي خيرات ڏيڻي پوندي؟ چڱو جي توهان ائين نٿا ڪريو ۽ الله توهان کي ان کان معاف ڪري ڇڏيو، ته نماز قائم ڪندا رهو ۽ زڪواة ڏيندا ڪريو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندا ڪريو. جيڪي به توهان ڪيو ٿا، الله کي ان جي خبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ڊڄي ويا ان ڳالهه کان ته اڪيلائي ۾ ڳالهه ڪرڻ کان پهرين توهان کي ڪرڻي پوندي خيرات، چڱو جي توهان ائين نه ڪيو ته معاف ڪيو الله توهان کي، پوءِ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيندا رهو زڪواة ۽ اطاعت ڪندا رهو الله ۽ سندس رسول جي، ۽ الله ته باخبر آهي ان کان جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان عليحدگي ۾ ڳالهه ڪرڻ کان اڳ خيرات ڪڍڻ کان ڊڄي ويا (ٺيڪ آ) توهان اهو نه ڪري سگهيا. الله تعالى به توهان کي معاف ڪري ڇڏيو. (هاڻي) توهان نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ تَوَلَّوا قَومًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم ما هُم مِنكُم وَلا مِنهُم وَيَحلِفونَ عَلَى الكَذِبِ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 14) |
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا جن ھڪ اھڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمريو آھي، نڪي اُھي (يعني منافق) اوھان مان آھن ۽ نڪي اُنھن (يھودين) مان آھن، ۽ اُھي ڄاڻي ٻجھي ڪوڙ تي قسم کڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي (خدائي نظام جي مخالفت ۽ سرڪشيءَ جي ڪري) الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه (حقيقت ۾) اوهان مان آهن ۽ نه (کليو کلايو) انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي (اوهان سان سچي هئڻ جو) ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو انهن ماڻهن (منافقن) کي جيڪي انهيءَ قوم (يهودين) سان دوستي رکن ٿا جن تي الله تعالى غضب نازل ڪيو، اهي نه توهان مان آهن ۽ نه انهن مان آهن ۽ معلومات جي باوجود ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تون انهن (منافقن) جي رويه تي غور نه ڪيو آهي آهي جن اهڙن ماڻهن سان دوستي رکي جن تي خدا غضب نازل ڪيو آهي. اهي نه ته اوهان مان آهن ۽ نه انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا اهي ڄاڻن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جن دوستي رکي اهڙي قوم سان جو ڪاوڙيو الله انهن تي ناهن اهي اوهان مان ۽ نه انهن مان ۽ قسم کڻن ٿا ڪوڙ تي ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول!) ڇا تو انهن (منافقن) ڏي نه ڏٺو جن اهڙيءَ قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڪاوڙيو آهي. اهي نه ته اوهان مان آهن ۽ نه اُنهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ تي قسم کڻن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن اهڙي قوم سان دوستي رکي آهي جن تي الله ڏمريو آهي؟ اُهي (منافق) نه ته اوهان مان آهن نه وري انهن مان آهن، ۽ اُهي ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالهه جو قسم کڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا تو نه ڏِٺو؟ تَن ڏي ، جي پَر ۾ ڪَن پيار، اُنهئ ڪافِر قوم سان، جَن تي ڏَمرِيو ڏاتار، نه اَوهان مَنجھان، ۽ اُنهن مان، آهِن اِهي آوار، ۽ سَمجھي سُڻي، سُنهن کڻن، مٿي ڪُوڙ ڪُفّار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ڏانهن نه ڏٺو اٿيئي ڇا، جن هڪ اهڙي قوم سان دوستي رکي جن تي الله ڏمر ڪيو، اهي (منافق) نڪي اوهان مان آهن ۽ نڪي انهن مان آهن ۽ اهي ڄاڻي ٻُجهي ڪوڙ تي قسم کڻندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي پيغمبر) ڇا تون انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن هڪڙي اهڙي ٽولي کي دوست بڻايو آهي، جن تي الله جو ڏمر ٿيل آهي؟ اهي نه توهان جا آهن ۽ نه انهن جا ۽ اهي ڄاڻي واڻي ڪوڙيءَ ڳالهه تي قسم ٿا کڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو ناهي ڏٺو انهن ماڻهن کي جن دوست بنايو اهڙي ٽولي کي جن تي غضب (ڏمر) آهي الله جو؟ نه ته اهي توهان جا آهن ۽ نه (توهان) انهن جا، ۽ قسم کڻندا آهن ڪوڙي ڳالهه تي، جڏهن ته اهي اهو به ڄاڻن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو انهن منافق ماڻهن کي نه ڏٺو، جن الله تعالى جي ڪاوڙ هيٺ آيل ماڻهن (يعني يھودين) کي دوست بنايو آهي. هي (منافق) ماڻهو نه توهان جا آهن ۽ نه ئي يهودين جا آهن. هُو ڄاڻي واڻي ڪوڙين ڳالهين تي قسم کڻن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم عَذابًا شَديدًا إِنَّهُم ساءَ ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 15) |
اُنھن لاءِ الله سخت عذاب تيار ڪيو آھي، بيشڪ اُھي جيڪي ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي، بيشڪ اهي خراب عمل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي بيشڪ اهي جو ڪجھ ڪن ٿا بلڪل بڇڙي ڳالھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تيار ڪيو الله انهن جي لاءِ عذاب سخت بيشڪ اهي برو آهي اهو جيڪو ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي ڇو ته انهن جا ڪم بڇڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله انهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. بيشڪ اُهو برو (ڪم) آهي جيڪو ڪري رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله سَخت عذاب ڪيو، تَنِين لئي تَڪرار، جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، اُهي بي حد ڪي بُڇڙا ٿيا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله هنن لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي، بيشڪ اُهي جيڪي ڪن ٿا سو بڇڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله انهن لاءِ سخت عذاب ٺاهي رکيو آهي. ڏاڍا بڇڙا ڪم آهن، جيڪي اهي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تيار ڪيو آهي الله انهن جي لاءِ عذاب تمام سخت، بيشڪ ڏاڍا برا ڪرتوت آهن انهن جا جيڪي هو ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهڙن ماڻهن لاءِ سخت عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ اُهي جيڪو ڪجهه ڪن ٿا سو انتھائي برو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اتَّخَذوا أَيمٰنَهُم جُنَّةً فَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ فَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 16) |
پنھنجن قَسمن کي ڍال ڪري ورتو اٿن ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليائون تنھنڪري انھن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (فريب ڪاريءَ سان) پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي، پوءِ (ان ڍال جي آڙ ۾) ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪين ٿا. سو انهن لاءِ ذلت ڀريو عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن پنهنجي قسمن کي (پنهنجي لاءِ) ڍال بنايو آهي پوءِ اهي الله جي راه کان روڪين ٿا، پوءِ انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان روڪين ٿا سو انهن لاءِ خوار ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بنايائون پنهنجن قسمن کي ڍال پوءِ روڪيائون الله جي واٽ کان پوءِ انهن جي لاءِ عذاب خوارڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن پنهنجن قسمن کي ڍال بنايو آهي پوءِ ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪين ٿا سو انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن پنهنجي قسمن کي ڍال بنايو آهي، پوءِ (ان جي آڙ ۾ ماڻهن کي) الله جي رستي کان روڪن ٿا پوءِ انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سندن قسم ڪيائون ڍال، پوءِ روڪيؤن ربّ جي راه کان، پوءِ آهي اُنهن نال، سِٺ وارو سَخت عذاب ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن پنهنجي قسمن کي ڍال ڪري ورتو آهي- پوءِ الله جي واٽ کان ماڻهن کي روڪيائين، تنهن ڪري انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن پنهنجن قسمن کي کڻي ڍال بڻايو آهي، پوءِ ان جي اوٽ ۾ ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪين ٿا، تنهنڪري انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ڪري ورتو آهي پنهنجي قسمن کي ڍال جن جي اوٽ ۾ اهي الله جي راهه کان ماڻهن کي روڪين ٿا، ان تي انهن لاءِ عذاب آهي خواريءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن پنهنجي قَسمن کي بچڻ جي ڍال بنائي ورتو آهي. جنھن ڪري هي (ٻين ماڻهن کي) الله تعالى جي رستي کان روڪين ٿا. پر انهن جي لاءِ ذليل ڪرڻ وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 17) |
الله (جي عذاب) کان نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد کانئن ڪجھ به ٽاريندو، اُھي دوزخي آھن، اِھي اُن ۾ سدائين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندن مال ۽ سندن اولاد (جنهن جي گهمنڊ تي آهن) الله جي (مڪافات واري قانون جي) مقابلي ۾ کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هرگز انهن جا مال ۽ اولاد انهن کي الله جي عذاب کان بچائي نه سگھندا، اهي جهنمي آهن، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندن مال ۽ سندن اولاد خدا جي مقابلي ۾ کين ڪجھ به ڪم نه ايندا. اهي دوزخي آهن جي سدائين ان ۾ رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه دفع ڪندا انهن کان انهن جا مال ۽ نه انهن جو اولاد الله کان ڪجهه به اهي دوزخي آهن اهي اُن ۾ هميشہ رهندڙ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندن مال ۽ سندن اولاد الله جي مقابلي ۾ کين ڪجهه به ڪم نه ايندا. اهي باهه وارا آهن، ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سندن مال ۽ سندن اولاد انهن کي الله (جي عذاب) کان ڪجهه به بچائي نه سگهندو. اُهي دوزخ وارا آهن. اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مال ۽ اولاد اُنهن جو، وَڳر وَڳ وَٿاڻ، قادر رَبَّ ڪرِيم کان، ڪُجھ نه ڇُڏائيندنِ ڪاڻ، صَحِي ساٿِي باھ جا، اُهيئـِي اَڄاڻ، سَدا سُورن ساڻ، گھارِيندڙ اُن گَھر ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن مال خواهه اولاد الله (جي عذاب) کان انهن کي ڪجهه به بچاءُ ڪري نه سگهندو_ اهي دوزخي آهن ۽ ان ۾ سدائين رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کان بچائڻ لاءِ نڪي سندن مال ئي ڪم ايندن ۽ نه سندن اولاد. هو ته دوزخ جا يار آهن، جنهن ۾ هو سدائين پيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي بچائڻ لاءِ ڪم نه ايندو سندن مال ۽ نه وري سندن اولاد ڪنهن به طرح الله کان، اهي ته دوزخ جا صاحب آهن، ۽ انهيءَ ۾ اهي سدائين رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي الله تعالى جي مقابلي ۾ پنھنجا مال ۽ پنھنجو اولاد ڪجهه به ڪم نه ايندو. هي ماڻهو باهه ۾ وڃڻ وارا آهن، جنھن ۾ هو هميشه پيل رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَبعَثُهُمُ اللَّهُ جَميعًا فَيَحلِفونَ لَهُ كَما يَحلِفونَ لَكُم وَيَحسَبونَ أَنَّهُم عَلىٰ شَيءٍ أَلا إِنَّهُم هُمُ الكٰذِبونَ (آيت : 18) |
جنھن ڏينھن انھن مڙني کي الله اٿاريندو تنھن ڏينھن سندس آڏو (ائين) قسم کڻندا جئن اوھان جي آڏو قَسم کڻندا آھن ۽ ڀائيندا آھن ته اُھي ڪنھن چڱي ڳالھ تي آھن، خبردار ٿيو بيشڪ اُھي اصل ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو، پوءِ اهي سندس اڳيان قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته (سندن انهن قسمن سان ڀرم رهجي ويندو، تنهن ڪري) ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن. خبردار ٿيو! اهي ئي (ماڻهو پهرين درجي جا) ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن الله تعالى انهن سڀني کي (زنده ڪري) اُٿاريندو. پوءِ اهي ان لاءِ قسم کڻندا، جيئنڪِ توهان لاءِ قسم کڻن ٿا ۽ ڀانئين ٿا ته بيشڪ اهي نفعي واري شيءِ تي آهن، خبردار ! بيشڪ اهي ئي ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن خدا انهن سڀني کي ٻيو ڀيرو (جياري) اٿاريندو ته اهي ماڻهو جيئن تنهنجي اڳيان (ڪوڙا) قسم کڻڻ ٿا تئين ان (خدا) جي اڳيان به قسم کڻندا ۽ اهو گمان اٿن ته اهي به ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ رهن. خبردار ٿيو! اهي ئي يقينا ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن جو اٿاريندو انهن کي الله مڙني کي پوءِ قسم کڻندا ان جي لاءِ جيئن قسم کڻن ٿا اوهان جي لاءِ ۽ سمجهن ٿا ته بيشڪ اهي ڪنهن شيءِ تي آهن خبردار بيشڪ اهيئي ڪوڙا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اُن ڳالهه کي ياد ڪريو) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريندو، پوءِ اُهي سندس اڳيان قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان قسم کڻن ٿا ۽ خيال ڪن ٿا ته اهي به ڪنهن چڱيءَ حالت ۾ آهن. خبردار ٿيو! اِهي ئي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي (جيئرو ڪري) اٿاريندو پوءِ اُهي ان جي اڳيان به ائين قسم کڻندا جيئن اوهان جي اڳيان کڻن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته اُهي ڪنهن چڱي حالت ۾ آهن. خبردار بيشڪ اُهي ئي ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٿارِيندو اُن مِڙن کي، جِھِين ڏِينهن جَبّار، پوءِ اُن کي ڏِيندا، ڏِينِ جِيئن آن کي اِعتبار، ۽ آهِن اُهي ڪِنهن ڳالھ تي،ڀانئـِن ٿا بيڪار، رَهو خَبردار، اُهي آهِن اَصل ڪُوڙ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي اٿاريندو، تڏهن وٽس قسم کڻندا، جيئن اوهان وٽ قسم ٿا کڻن ۽ ڀانئن ٿا اُهي ڪنهن ڳالهه تي آهن_ خبردار! بيشڪ اُهي ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن الله انهن سڀني کي اٿاريندو ته هو سندس آڏو به ائين قسم کڻندا، جيئن توهان جي آڏو کڻندا آهن ۽ پنهنجي خيال ۾ سمجهندا ته سندن ڪم ٺهي ويندو. چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏيو ته اهي حد درجي جا ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن اٿاريندو الله سڀني کي ته اهي قسم کڻندا ان جي سامهون ائين ئي جيئن قسم کڻندا هئا توهان جي سامهون ۽ ڀائيندا ته ان سان سندن ڪجهه ڪم ٿي ويندو، چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته اهي وڏا ڪوڙا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن الله تعالى انهن سڀني کي ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو ته هو ايئن قسم کڻندا جيئن توهان جي اڳيان قسم کڻن ٿا ۽ اهو گمان ڪن ٿا ته هو ڪنھن (چڱائي) تي بيٺل آهن. خبردار رهو! اهي سڀ ڪوڙا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
استَحوَذَ عَلَيهِمُ الشَّيطٰنُ فَأَنسىٰهُم ذِكرَ اللَّهِ أُولٰئِكَ حِزبُ الشَّيطٰنِ أَلا إِنَّ حِزبَ الشَّيطٰنِ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 19) |
مٿن شيطان غالب ٿي ويو آھي پوءِ اُنھن (جي دل) کان الله جي يادگيري وساريائين، اِھي (ماڻھو) شيطان جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ شيطان جي جماعت ئي ٽوٽي واري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مٿن (مفاد پرستين ۽ سرڪشين جو محرڪ) شيطان غالب ٿي ويو آهي، پوءِ انهن کان الله جي يادگيري ڀلائي ڇڏي اٿس. اهي شيطان جي جماعت آهن. خبردار ٿيو شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تي شيطان غلبو ڪيو، پوءِ انهن الله جي ذڪر کي وساري ڇڏيو. اهي شيطان جو گروه آهن. خبردار ! بيشڪ شيطان جو گروه ئي نقصان وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مٿن شيطان غالب ٿي ويو آهي جنهن انهن کان خدا جي ياد گيري ڀلائي ڇڏي آهي. اهي شيطان جي جماعت آهن.ياد رکو! شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) غلبو ڪيو انهن تي شيطان پوءِ وسارايائين انهن کان الله جو ذڪر اهيئي شيطان جو لشڪر آهن خبردار بيشڪ شيطان جو لشڪر اهيئي نقصان وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مٿن شيطان غالب ٿي ويو آهي پوءِ انهن کان الله جي يادگيري ڀلائي ڇڏي اٿس. اِهي شيطان جي جماعت آهن. خبردار ٿيو شيطان جي جماعت ئي نقصان پائڻ واري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن مٿان شيطان غالب اچي ويو آهي پوءِ انهن کان الله جي ياد وساريائين، اُهي شيطان جو لشڪر آهن. خبردار! بيشڪ شيطان جي لشڪر وارا نقصان وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شامتِي شيطان ٿيو، سِر تي، تَن سُوار، پوءِ ڏِنئين وِسارِي اُنهن کي، رَبَّ جي تات تنوار، اُهي ئـِي اِبليس جِي، آهِن فوج فُجَّار، کُٽو ٽُٽو خُوار، آهي ساٿ اِبلِيس جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن تي شيطان غالب آهي، جو کانئن الله جي يادگيري وساريائين، بس اهي شيطاني جماعت آهن-خبردار! بيشڪ شيطان جي ٽولي ٽوٽي واري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شيطان مٿن سوار ٿي چڪو آهي ۽ کانئن الله جي ياد وسارائي ڇڏي اٿائين، اهي شيطان جي ٽولي وارا آهن. خبردار، شيطان جي ٽولي وارا ئي نقصان ۾ پوڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قبضو ڪري ويو آهي انهن تي شيطان ۽ وسارائي ڇڏي آهي انهن کان ياد الله جي، اهي ماڻهو آهن طرفدار شيطان جا، خبردار! بيشڪ طرفدار شيطان وارا ئي ٽوٽي ۾ رهڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن جي مٿان شيطان غالب اچي چڪو آهي پوءِ هُن انهن کان الله تعالى جي ياد وساري ڇڏي آهي. هي شيطان جو ٽولو آهي. خبردار! بيشڪ شيطان جو ٽولو ئي نقصان ۾ رهڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُحادّونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ أُولٰئِكَ فِى الأَذَلّينَ (آيت : 20) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر (جي حُڪم) کان مخالفت ڪندا آھن سي تمام خواريءَ وارن (ماڻھن) ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (نيٺ) تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي وڏن ذليلن مان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي خدا ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (ئي) تمام خوار (خراب) ماڻهن مان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي مخالفت ڪن ٿا الله جي ۽ ان جي رسول جي اهي ذليلن ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا سي (نيٺ) تمام خوار ماڻهن مان ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪن ٿا اُهي ذليل ترين ماڻهن مان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، جي پُرن پُٺ ڏيئـِي، آهِن اُهيئـِي، هميشه هِيڻن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ٿا ڪن، سي تمام خواريءَ ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اهي ماڻهو ذليل ۾ ذليل مخلوقات مان آهن، جيڪي الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي مقابلو ڪن ٿا الله ۽ سندس رسول سان، اهي وڏي ذليل مخلوق مان آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي مخالفت ڪن ٿا سي انتھائي ذليل ماڻهن ۾ شامل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَتَبَ اللَّهُ لَأَغلِبَنَّ أَنا۠ وَرُسُلى إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 21) |
الله لکي ڇڏيو آھي ته آءٌ ضرور غالب رھندس ۽ منھنجا پيغمبر به، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله جو لکيل فيصلو (قانون) آهي ته مان ۽ منهنجا رسول (حق ۽ باطل جي ڪشمڪش ۾) ضرور (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ الله هر قسم جي قوتن جو مالڪ ۽ زبردست آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى (لوحِ محفوظ ۾) لکيو آهي ته ضرور آئون ۽ منهنجا رسول غالب ٿينداسين، بيشڪ الله تعالى وڏي قوت وارو غالب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ناطق حڪم ڪري ڇڏيو آهي ته آءُ ۽ منهنجا رسول ضرور غالب ٿينداسون. بيشڪ خدا زور آور زبردست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لکي ڇڏيو آهي الله ته البته ضرور غالب رهندس مان ۽ منهنجا رسول بيشڪ الله قوت وارو،غالب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله لکي ڇڏيو آهي ته آءُ ۽ منهنجا رسول ضرور (ڪافرن تي) غالب ٿيندا. بيشڪ الله زورآور زبردست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله لکي ڇڏيو آهي ته آءٌ ۽ منهنجا رسول ضرور غالب ٿيندا. بيشڪ الله طاقتور غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قُدرت جي ڪتاب۾، اَلله لِکيو اَصل، ته مَهٽِيندسِ آئون مُورهِين، پڻ مُنجھائـِي مُرسل، مالِڪ بي مِثل، زَبردست زور ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله لکي ڇڏيو آهي ته آءُ خواهه منهنجا رسول ضرور غالب رهنداسون، بيشڪ الله سگهارو غالب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله لکي ڇڏيو آهي ته مان ۽ منهنجا رسول ئي سوڀارا ٿينداسون. بيشڪ الله وڏيءَ سگهه وارو ۽ زبردست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لکي ڇڏيو آهي الله ته ضرور غالب رهندس آئون ۽ منهنجا رسول، بيشڪ الله ڏاڍو ۽ زوردار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان ۽ منھنجا رسول سڳورا ئي غالب رهندا. بيشڪ الله تعاليٰ زبردست طاقت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَجِدُ قَومًا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ يُوادّونَ مَن حادَّ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَلَو كانوا ءاباءَهُم أَو أَبناءَهُم أَو إِخوٰنَهُم أَو عَشيرَتَهُم أُولٰئِكَ كَتَبَ فى قُلوبِهِمُ الإيمٰنَ وَأَيَّدَهُم بِروحٍ مِنهُ وَيُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها رَضِىَ اللَّهُ عَنهُم وَرَضوا عَنهُ أُولٰئِكَ حِزبُ اللَّهِ أَلا إِنَّ حِزبَ اللَّهِ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 22) |
(اي پيغمبر) اھڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندي ھجي تنھن کي تون (ھن وصف سان) نه ڏسندين ته جنھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي آھي تنھن سان دوستي رکندا ھجن توڙيڪ اُھي سندن پيئر يا سندن پُٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ ھجن، اِھي (مؤمن اُھي) آھن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آھي ۽ جن کي پنھنجي فيض سان سگھ ڏني اٿس، ۽ انھن کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن ھو اُنھيءَ ۾ سدائين رھندا، الله کانئن راضي ٿيو ۽ اُھي کانئس راضي ٿيا، اُھي الله جي جماعت آھن، خبردار (ٿيو ته) بيشڪ الله جي جماعت ئي ڇُٽڻ واري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي رسول!) اهڙي قوم جيڪا الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندي هجي انهن کي تون نه ڏسندين ته جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي تن سان دوستي رکندا هجن. توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ، سندن ڀائر يا مائٽ هجن. اهي ئي (ڀلارا ماڻهو آهن) جن جي دلين ۾ الله ايمان لکي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي وحي واري فيض سان طاقت ڏني اٿس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واه پيا وهن. اهي انهن ۾ پيا رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا. اهي الله جي جماعت آهن. پڪ ڄاڻو ته الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخري ڏينهن تي ايمان آڻن ٿا، توهان انهن کي نه ڏسندا ته اُهي اهڙن سان دوستي رکن ٿا جيڪي الله تعالى ۽ اُن جي رسول جا مخالف آهن، جيتوڻيڪ اُهي سندن پيءُ آهن يا سندن پُٽ آهن يا سندن ڀاءُ آهن يا سندن مائٽ آهن، اِهي اُهي آهن جن جي دلين ۾ الله تعالى ايمان چِٽي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنهنجي مدد سان مضبوط بنايو آهي ۽ انهن کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي اُن کان راضي ٿيا، اهي الله تعالى جي جماعت آهن، خبردار ! بيشڪ الله تعالى جي جماعت ئي ڪامياب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان رکن ٿا تون انهن کي خدا ۽ سندس رسول جي دشمن سان دوستي ڪندي نه ڏسندين توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ يا سندن ڀائر يا سندن خاندان مان هجن. اهي ئي اهي آهن جن جي دلين ۾ خدا ايمان کي ثابت ڪري ڇڏيو آهي پڻ خاص پنهنجي نور سان سندن تائيد ڪئي آهي. ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ پيا وهن، اهي انهن ۾ پيا رهندا. خدا انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي الله کان راضي ٿيا. اهو ئي خدائي گروھ آهي. خبردار ٿيو الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه لهندين ڪا قوم جيڪي ايمان رکن ٿا الله تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ته دوستي رکن انهن سان جن مخالفت ڪئي الله جي ۽ ان جي رسول جي جيتوڻيڪ هجن پيئر انهن جا يا پٽ انهن جا يا ڀائر انهن جا يا قبيلي وارا انهن جا اهي لکيائين دلين انهن جي ۾ ايمان ۽ تائيد ڪيائين انهن جي روح سان پنهنجي طرفان ۽ داخل ڪندو انهن کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي ان کان اهي الله جو لشڪر آهن خبردار بيشڪ الله جو لشڪر اهيئي ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) اهڙي قوم جا الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندي هجي انهن کي تون نه ڏسندين ته جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي تن سان دوستي رکندا هجن توڙي جو اهي انهن جا ابا ڏاڏا يا سندن پٽ ياسندن ڀائر يا سندن مائٽ هجن. انهن جي دلين ۾ الله ايمان لکي ڇڏيو آهي، ۽ انهن کي پنهنجي ڳجهي فيض سان طاقت ڏني اٿس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن اهي انهن ۾ پيا رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽اهي ان کان راضي ٿيا. اهي الله جي جماعت آهن. خبردار ٿيو الله جي جماعت ئي ڪامياب ٿيڻ واري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو جيڪي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا تون انهن کي هرگز ائين نه لهندين جو اهي انهن ماڻهن سان دوستي رکن جن الله ۽ ان جي رسول جي مخالفت ڪئي آهي توڙي جو اُهي سندن ابا ڏاڏا هجن يا سندن پُٽ پوٽا هجن يا سندن ڀائر هجن يا انهن جا ڪٽنب وارا هجن. هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان چِٽي طرح لکي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي روح سان انهن جي تائيد ڪئي آهي. ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون اهي ان ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿي ويا. اهي الله جي جماعت آهن. خبردار بيشڪ الله جي جماعت وارا ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله ۽ آخِر ڏِينهن ۾، جي آڻِينِ اِعتبار، ڪَڏهن نه ڏِسندِين تِنهن قوم کي، ته تِن سان ڪن پيار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول سان، جي ڪن طَبل تڪرار، توڻي پِئَ، پُٽ اُنهن جا، ڀائيچارِي يا ڀار، لکيا اکر ايمان جا، تن جي قلبن ۾ ڪلتار، پڻ ڏِنئـِين اُنهن آڌار، پنهنجي پاران رُوح ڪو. جوڙي ڏِيندنِ جايون، جَنَّت مَنجھ جَبّار، هَلن هيٺان جَن جي، ناليون نِير نِبار، سَرهَا سَڀ ڄَمار، ساڪِن اُن سُکن ۾. سائـِين سَرهو اُنهن کان، اُهي سَرها، کان، سائـِين، خبردار! خبر رکو، اَندر ۾ آئـِين، ته آهِن لشڪر اَلله جو، اِهي مُؤمِن مُهائـِين، سَچ ته سَدائـِين، آهي آجو ساٿ اَلله جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا هجن، تن کي تون الله ۽ رسول جي مخالفن سان دوستي رکندو نه ڏسندين، پوءِ کڻي اهي سندن پيءُ يا سندن پٽ يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ هجن_ اهي (مؤمن) آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان لکيو آهي، کين پنهنجي ڳجهي فيض سان مدد ڏني اٿس_ ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن. هو انهن ۾ سدائين رهندا_ الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي کانئس راضي ٿيا_ اهي ئي الله جي جماعت آهن ۽ خبردار! بيشڪ الله جي جماعت ئي ڪامياب آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون ڪڏهن به نه ڏسندين ته جن ماڻهن جو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي، سي انهن ماڻهن سان محبت ڪندا هجن، جن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي آهي، توڻي جو اهي سندن پيئر هجن يا سندن پٽ هجن يا سندن ڀائر هجن يا سندن قبيلي جا هجن. اِهي ماڻهو اُهي آهن، جن جي دلين ۾ الله ايمان پڪو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پاڻ وٽان موڪليل هڪڙي روح سان کين طاقت ڏني اٿائين، هو کين اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان پيون نهرون وهنديون، جن ۾ هو سدائين رهندا. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله کان راضي ٿيا. اهي آهن الله جي جماعت وارا. ياد رکو، الله جي جماعت وارا ئي ڪامياب ٿيڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ڏسندين تون ڪڏهن ته جيڪي شخص ايمان رکڻ وارا آهن الله ۽ آخرت تي، اهي محبت ڪندا هجن جن مخالفت ڪئي آهي الله ۽ سندس رسول جي، ۽ پوءِ ڀلي اهي سندن پيءُ هجن يا سندن پٽ هجن يا سندن ڀائر يا سندن مائٽ هجن، هي اهي (مؤمن) آهن جن جي لاءِ لکيو ويو سندن دلين ۾ ايمان ۽ پنهنجي طرفان هڪ روح عطا ڪري قوت بخشيائين، ۽ اهو کين داخل ڪندو اهڙين جنتن ۾ جن جي هيٺان وهي رهيون هونديون نهرون، انهن ۾ اهي سدائين رهندا، راضي ٿيو الله انهن کان ۽ راضي ٿيا اهي الله کان، اهي ئي ته آهن جماعت الله جي، خبردار رهو! بيشڪ جماعت الله وارا ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي (دل سان) ايمان آڻين ٿا انهن کي تون الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري جي مخالفن سان (ڪڏهن به) دوستي رکندي نه ڏسندين. ڀلي اُهي ان جا پيئر، پُٽ، ڀائر يا ويجها مائٽ ئي ڇونه هجن. اهڙي (ڪردار وارن) ماڻهن جي دلين ۾ الله تعالى ايمان لکي ڇڏيو آهي ۽ انهن کي پنھنجي طرفان هڪ روحاني طاقت عطا ڪئي آهي، هو کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون جن ۾ هو هميشه رهندا. الله تعالى انهن کان راضي ٿيو ۽ هو الله تعالى کان راضي ٿي ويا. اُها ئي الله تعالى جي جماعت آهي. (ڪن کولي) ٻڌي ڇڏيو ته الله تعالى جي جماعت ئي ڪاميابي حاصل ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |