توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
سَبَّحَ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 1) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀ الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به مخلوق آهن، سي سڀ الله تعاليٰ جو شان ۽ پاڪائي ظاهر ڪري رهيا آهن ۽ هو هر شيء تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جي تسبيح ڪن ٿيون اهي (مخلوقون) جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن، ۽ اهو ئي غالب، صاحبِ حڪمت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي سڀ شيءَون جيڪي (به) آسمان ۽ زمين ۾ آهن (سي سڀ) خدا جي تسبيح ڪن ٿيون ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تسبيح پڙهيائين الله جي لاءِ انهن جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهو غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي پاڪائي اهي سڀ شيون بيان ڪن ٿيون جي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهوئي زبردست(۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جي پاڪائي بيان ڪن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر عيب ڪنان اَلله کي، چَئـِي چيائون پاڪ، جيڪي عَجب اُڀن ۾، پڻ جيڪِي خُوبيون اَندر خَاڪ، ۽ اُهو اَپر عِزت ناڪ، قابِل ڪار ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جي پاڪائي ٿو بيان ڪري، اهو غالب ڏاهپ وارو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي ئي پاڪائي بيان ڪئي آهي هر ان شيءِ، جيڪا آسمانن توڙي زمين ۾ آهي ۽ اهوئي زبردست داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ساراهه ڪن ٿا الله جي جيڪي ڪجهه آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ اهو ئي آهي زبردست حڪمت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق الله تعالى جي تسبيح بيان ڪري رهي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يُحيۦ وَيُميتُ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 2) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، (اُھو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي، هوئي جيئاري ٿو ۽ هو ئي ماري ٿو ۽ هر شيء تي قادر آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي، اهو جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي. (اهو) جياري ۽ ماري ٿو، ۽ اهو سڀڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت ان جي ئي آهي، اهو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اُهو هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀن ۽ ڀون ۾، راڄ رُڳو اُن ڪاڻ، جياري جَڏن کي، پڻ مارِيو ڀَري مَساڻ، ۽ پهچندڙ آهي پاڻ، هادِي هر ڪِنهن ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي آهي، هو جيئاري ۽ ماري ٿو ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي سگهه وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي، اهوئي جيئاري ٿو ۽ اهوئي ماري ٿو ۽ هن کي سڀ ڪا طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جي سلطنت جو، زندگي بخشي ٿو ۽ موت ڏئي ٿو، ۽ اهو ئي هر شيءِ تي (مڪمل) قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي به ان جي ئي آهي، هو جياري ۽ ماري ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الأَوَّلُ وَالءاخِرُ وَالظّٰهِرُ وَالباطِنُ وَهُوَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 3) |
اُھو (سڀ کان) پھريون ۽ (سڀ کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجھو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هوئي اول ۽ آخر آهي (يعني اصل کان آهي ۽ هميشه هوندو) ۽ هوئي ظاهر به آهي ۽ باطن به. ۽ هو هرهڪ شيءِ جو علم رکي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي اول ۽ آخر ۽ ظاهر ۽ باطن آهي ۽ اهو ئي هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ (پنهنجي قدرتن سان) سڀ تي ظاهر ۽ (نگاهن کان) ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو اول ۽ آخر ۽ ظاهر ۽ باطن آهي ۽ اهو هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهوئي (سڀني کان) پهريون ۽ (سڀني کان) پويون ۽ پڌرو ۽ ڳجهو آهي. ۽ اهو سڀڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي اول آهي ۽ آخر آهي ۽ پڌرو آهي ۽ ڳجهو آهي ۽ اُهو هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اول، آخِر آھِ سو، مالِڪ مِهربان، ظاهِر زَمن، زَمِين ۾، پڻ مخفِي هَر مَڪان، سَمجھندڙ سُبحان، حال هر ڪِنهن ٽول جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سڀ کان پهريون، پويون، پڌرو ۽ ڳجهو آهي ۽ هو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي اول به آهي ته آخر به، کليل به آهي ته ڍڪيل به، هن کي هر شيءِ جو علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي اول آهي ته آخر به، ۽ ظاهر آهي ته لڪل به، ۽ اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اول به اُهو ته آخر به اهو ئي آهي، (صِفاتي طور تي) هو ظاهر آهي ۽ (ذاتي طور تي) لڪيل آهي. هو هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ يَعلَمُ ما يَلِجُ فِى الأَرضِ وَما يَخرُجُ مِنها وَما يَنزِلُ مِنَ السَّماءِ وَما يَعرُجُ فيها وَهُوَ مَعَكُم أَينَ ما كُنتُم وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 4) |
(الله) اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي متوجه ٿيو، جيڪي زمين ۾ گھڙندو آھي ۽ جيڪي نڪرندو آھي ۽ جيڪي آسمان مان لھندو آھي ۽ جيڪي منجھس چڙھي ويندو آھي سو (سڀ) اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جتي اوھين ھجو اُتي اھو اوھان سان گڏ آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جنهن ڇهن ايامن ۾ آسمانن ۽ زمين کي خلقيو، پوءِ به پنهجي بادشاهيءَ جي تخت تي محڪم رهيو (يعني هوئي دنيا کي هلائيندو رهي ٿو) جيڪي به زمين ۾ داخل ٿو ٿئي ۽ جيڪي به ان مان ٻاهر ٿو نڪري سو سڀ هو ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي به آسمان مان هيٺ اچي ٿو ۽ جيڪي به ان ۾ چڙهي وڃي ٿو سو به سڀ ڄاڻي ٿو، ۽ توهان (انسان) جتي به هجو تتي توهان سان گڏ آهي، ۽ توهان جيڪي به عمل ڪيو ٿا سي سڀ هو ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ڇَهَن ڏينهن ۾ پيدا فرمايو ان کان پوءِ (اُهو پنهنجي شان وٽان) عرشِ عظيم تي رونق افروز ٿيو، اهو ڄاڻي ٿو (هر ان شيءِ کي) جيڪا زمين ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ جيڪا ان مان نڪري ٿي ۽ جيڪو ڪجھه آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪو ڪجھه ان ۾ چڙهي ٿو، ۽ اهو (پنهنجي ڪمالِ قدرت سان) توهان سان گڏ آهي (چاهي) توهان ڪٿي به هجو ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن آسمان ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. وري عرش (جي بنائڻ) تي آماده ٿيو. جو ڪجھ زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجھ ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان نازل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ڇهن ڏينهن ۾ ان کان پوءِ استوا فرمايائين عرش تي ڄاڻي ٿو جيڪو داخل ٿئي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو نڪري ٿو ان مان ۽ جيڪو لهي ٿو آسمان مان ۽ جيڪو چڙهي ٿو ان ۾ ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو ۽ الله جيڪو ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو، وري عرش تي برابر ٿيو. جو ڪجهه زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جو ڪجهه ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو سو سڀ اهو ڄاڻي ٿو. ۽ اهو اوهان سان گڏ آهي جتي به هجو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو پوءِ عرش تي (پنهنجي شان مطابق) جلوه گر ٿيو. اُهو ڄاڻي ٿو جو ڪجهه زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جو ڪجهه ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ڏي چڙهي ٿو. ۽ اُهو اوهان سان گڏ آهي اوهان جتي به هجو. ۽ الله ڏسندڙ آهي انهن عملن کي جيڪي اوهان ڪري رهيا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله آھِ سو، جَلَّ جلالہٗ، جَبَّار، جنهن جوڙيا ڇهن ڏِينهَن ۾، اُڀ، ڀُون عَجب اِسرار، تِهانپوءِ تڪرار، ٿِيو اُتاهون عرش تي. ڄاڻي ، جو گِھڙي زَمِين ۾، پڻ ٿئي مَنجھانسِ ٻَهار، ۽ جيڪي اُتري آسمان کان، پِڻ اُسري اُنهِئَ پار، ۽ اُهو اوهان سان، جِتي به هُجو، صاحِب رَبُّ، ستّار، ڪريو جي ڪَم ڪار، سي ڏِسندڙ آهي، ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اُهو آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو؛ پوءِ عرش تي محڪم ٿيو_ جيڪي به زمين ۾ اندر ويندو آهي، جيڪي ٻاهر نڪرندو آهي، جيڪي آسمان مان لهندو آهي ۽ جيڪي مٿي چڙهي ٿو، ان کي هو ڄاڻي ٿو ۽ هو اوهان سان آهي جتي به هجو ۽ جيڪي ڪريو ٿا، تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ئي آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ پوءِ عرش تي جلوو فرمايائين، اهوئي ڄاڻي ٿو، جيڪي زمين ۾ وڃي ٿو ۽ جيڪي ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي ان ۾ چڙهي ٿو. هو توهان سان گڏ آهي جتي به توهان هجو، جيڪي ڪجهه به توهان ڪريو ٿا هو ان کي ڏسي پسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾، ۽ پوءِ جلوه افروز ٿيو عرش تي، ڄاڻي ٿو اهو سڀ ڪجهه جيڪو وڃي ٿو زمين ۾ ۽ جيڪو ڪجهه ان مان نڪرندو آهي ۽ جيڪي نازل ٿئي ٿو آسمان مان ۽ جيڪي ڪجهه ان مان چڙهندو آهي، ۽ اهو ئي توهان سان گڏ آهي جتي به توهان هجو، ۽ الله ئي آهي جيڪو ڪجهه توهان ڪريو ٿا اهو سڀڪجهه ڏسي رهيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ئي آهي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو پوءِ هو (نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طور نٿو ڏسي سگهي)، جيڪا شيءِ زمين (جي حد) ۾ داخل ٿئي ٿي يا جيڪا شيءِ ان کان ٻاهر نڪري ٿي يا جيڪا شيءِ آسمان (جي حدن) مان هيٺ لهي ٿي يا جيڪا شيءِ ان (جي حد) ۾ مٿي وڃي داخل ٿئي ٿي، تن سڀني کي هو خوب ڄاڻي ٿو. توهان جتي به موجود آهيو هو توهان سان هر وقت گڏ آهي ۽ الله تعالى توهان جي هر عمل کي ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي اُن جي آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم ورايا وڃن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي ۽ سڀ ڪم الله ڏي موٽن ٿا (يعني سڀ فيصلا آخر الله تعاليٰ ڪري ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جو مُلڪ آهي، ۽ الله تعالى ڏانهن سمورا ڪم موٽايا وڃن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس ئي آهي. ۽ خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جي آهي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهي ۽ الله ڏانهن ئي موٽايا وڃن ٿا امر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي. ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت سندس آهي. ۽ سڀ معاملات (فيصلي لاءِ) الله ڏانهن ئي موٽايا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀن ۽ ڀُون ۾، هِڪ اُن جو اِختيار، ۽ اِيندا پَروَر پارِ، ڦِري سَڀيئـِي فيصلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي آهي ۽ الله ڏانهن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي ۽ سمورا معاملا فيصلي لاءِ ڏانهس ئي موٽايا وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت جو، ۽ انهيءَ ڏي ئي معاملا فيصلي لاءِ موٽايا وڃن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي ۽ الله تعالى ڏانھن ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَهُوَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 6) |
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي، ۽ اُھوسِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هوئي رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ٿو ڪري ۽ هو دلين جا سڀ راز ۽ ڳجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ اهو سينن جي رازن کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو رات کي (گهٽائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڏو ٿئي ٿو) ۽ ڏينهن کي (گهٽائي رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڏي ٿئي ٿي) ۽ اهو دلين جي راز کي (به) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ڪري ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ڪري ٿو ڏينهن کي رات ۾ اهو گهڻو ڄاڻندڙ آهي سينن واريون ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو رات کي ڏينهن ۾ آڻي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ آڻي ٿو. ۽ اهو سينن جي راز کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ اهو سينن جي (لڪل) رازن کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رات ڳَنڊي ڏِينهن ۾، ڏِينهن ڳنڊي مَنجھ رات، سوئـِي پاڪ صِفات، سَمجھندڙ سِينن وارِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رات کي ڏينهن ۾ گهيڙيندو آهي ۽ ڏينهن کي رات ۾، ۽ هو دلين جا حال ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ اهوئي دلين جا ڳجهه به ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي رات کي ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن کي داخل ڪندو آهي رات ۾، ۽ اهو ئي لڪل راز ڄاڻي ٿو جيڪي دلين ۾ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهوئي آهي جيڪو رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ هو سينن جي رازن کان به خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَأَنفِقوا مِمّا جَعَلَكُم مُستَخلَفينَ فيهِ فَالَّذينَ ءامَنوا مِنكُم وَأَنفَقوا لَهُم أَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ مال مان خرچيو جنھن ۾ اوھان کي ٻـين جو وارث ڪيو اٿس، ۽ اوھان مان جن ايمان آندو ۽ (الله جي واٽ ۾) خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سو) الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان آڻيو، ۽ جن شين جو اوهان کي وارث ڪيو اٿس تن مان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو. پوءِ اوهان مان جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ (خدا جي راهه ۾) خرچ ٿا ڪن تن لاءِ وڏو اجر آهي (۽ کين دنيا ۽ آخرت ۾ وڏيون نعمتون ملنديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي انسانو) توهان الله تعالى ۽ ان جي رسولِ عربي تي ايمان آڻيو ۽ جن ملڪيتن جو الله تعالى توهان کي ٻين جو جا نشين بنايو. انهيءَ ما ڪجھه خدا تعالى جي راه ۾ خرچ ڪريو، پوءِ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو انهن لاءِ تمام وڏو اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ايمان آڻيو الله ۽ ان جي رسول تي ۽ خرچ ڪيو ان مان جو ڪيائين اوهان کي جانشين ان ۾ پوءِ اهي ٻانها جن ايمان آندو اوهان مان ۽ خرچ ڪيائون انهن جي لاءِ اجر وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس. پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو تن لاءِ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان (مال) مان خرچ ڪيو جنهن ۾ ان توهان کي (اڳين جو) نائب بنايو آهي. پوءِ توهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيائون انهن لاءِ وڏو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ۾، جي آڻيو اِعتبار، ته آن کي جِنهن اِملاڪ جو، ڪيو والِي وَرثيدار، تِنهن تَرڪي مان تڪرار، آڌاريو اَڀرن کي. پوءِ جَن آن مان، مَڃيو ۽ مال مان، لَڌئون سَقِيمن سار، آهِن آخِرڪار، وَڏا اُجُورا اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهي مال مان خرچيو، جنهن ۾ اوهان کي ٻين جو وارث ڪيو اٿس_ پوءِ اوهان مان جن ايمان آندو ۽ خرچ ڪيو، انهن لاءِ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايمان آڻيو الله ۽ سندس رسول تي ۽ خرچ ڪريو انهن شين مان، جن تي هن توهان کي نائب بڻايو آهي. جيڪي توهان مان ايمان آڻيندا ۽ مال خرچ ڪندا، انهن لاءِ وڏو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ خرچ ڪريو انهن شين مان جن تي توهان کي خليفو (نائب) ڪيو ويو آهي، پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا توهان مان ۽ خرچ ڪندا مال، انهن لاءِ اجر آهي وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آڻيو ۽ ان مال مان خرچ ڪريو جنھن جو هُن توهان کي جانشين (جي حيثيت ۾ ذميدار) بڻايو آهي. پوءِ توهان مان جن ماڻهن ايمان آندو ۽ (اُن جي راهه ۾) خرچ ڪيو ته اُنهن جي لاءِ وڏو اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لَكُم لا تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَالرَّسولُ يَدعوكُم لِتُؤمِنوا بِرَبِّكُم وَقَد أَخَذَ ميثٰقَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪ پيغمبر اوھان کي سڏي ٿو ته اوھين پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو ۽ بيشڪ الله اوھان کان انجام ورتو آھي جيڪڏھن مڃڻ وارا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان کي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو توهان الله ۾ ايمان نه آڻيو؟ ۽ هي رسول (حضرت محمدﷺ) اوهان کي هن ڳالهه ڏي سڏي رهيو آهي ته، توهان پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو (جو توهان جي پرورش ٿو ڪري ۽ توهان کي رزق ٿو ڏئي، مٿس ايمان رکي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ ته هو اوهان کي ڏهوڻيون نعمتون ڏيندو) ۽ (يا رکو ته) هن اوهان کان (اهڙو) عهد اقرار وٺي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن توهان (سچ پچ) ايمان وارا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله تعالى تي ايمان نٿا آڻيو، حلانڪِ رسولِ عربي توهان کي انهيءَ لاءِ سڏين ٿا ته توهان پنهنجي رب تي ايمان آڻيو، ۽ بيشڪ ان توهان کان (پهريائين) پڪو وعدو ورتو آهي، جيڪڏهن توهان کي يقين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو خدا تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسول اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان (خدا) پڪو وعدو وٺي (به) چڪو آهي جيڪڏهن اوهين باور ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي اوهان کي جو نه ٿا ايمان آڻيو الله تي ۽ رسول سڏي پيو اوهان کي تانته ايمان آڻيو پنهنجي رب تي ۽ ورتائين پڪو وعدو اوهان کان جيڪڏهن آهيو مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو هوڏانهن رسولﷺ اوهان کي سڏي رهيو آهي ته اوهين پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آڻيو ۽ اوهان کان پڪو وعدو وٺي چڪو آهي جيڪڏهن اوهين مڃڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ايمان نه ٿا آڻيو؟ حالانڪه رسول توهان کي سڏي رهيو آهي ته توهان پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو ۽ (الله) توهان کان پڪو عهد وٺي چڪو آهي، اگر اوهان مڃڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اوهان کي ڇا ٿيو؟ ته ڪِين مَڃيو ڪَلتار، ۽ جڏهن آن کي پُڪار ي پِيو، مُرسل مَڻياندار، ته مَڃو اَوهِين مُورهِين، پَنهنجو پالڻهار، ۽ جَڏهن اَوهان کان اَلَست ۾، ڪري سَڀ قِطار، وَرتا قول قرار، جي وِسهڻ وارا آهِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو جڏهن رسول اوهان کي سڏي پيو، ته اوهين پنهنجي رب تي ايمان آڻيو، تڏهن ايمان نٿا آڻيو؟ ۽ جيڪڏهن مڃڻ وارا آهيو ته بيشڪ الله اوهان کان انجام ورتو آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تي ايمان نٿا آڻيو، حالانڪه رسول توهان کي سڏي ٿو ته پنهنجي رب تي ايمان آڻيو ۽ هو توهان کان پڪو وعدو وٺي چڪو آهي، جيڪڏهن توهان سچ پچ مڃيندڙ آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا ٿي ويو آهي توهان کي جو نٿا آڻيو ايمان الله تي، جڏهن ته رسول توهان کي دعوت ڏئي رهيو آهي ايمان آڻڻ جي پنهنجي رب تي، ۽ انهيءَ ورتو آهي توهان کان وعدو جيڪڏهن واقعي توهان مڃڻ وارا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان الله تعالى تي ايمان نٿا آڻيو؟ حالانڪه رسول سڳورو توهان کي پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻڻ لاءِسڏي رهيو آهي ۽ هن توهان کان پڪو وعدو به ورتو آهي. جيڪڏهن توهان واقعي ايمان آڻڻ وارا آهيو (ته ان وعدي کي پورو ڪريو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى يُنَزِّلُ عَلىٰ عَبدِهِ ءايٰتٍ بَيِّنٰتٍ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَإِنَّ اللَّهَ بِكُم لَرَءوفٌ رَحيمٌ (آيت : 9) |
(الله) اُھو آھي جيڪو پنھنجي ٻانھي (محمّد) تي پڌريون آيتون نازل ڪندو آھي ته (ڪفر جي) اونداھين مان (اسلام جي) سوجھري ڏانھن اوھان کي ڪڍي، ۽ بيشڪ الله اوھان تي شفقت ڪندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جو پنهنجي ٻانهي (حضرت محمدﷺ) ڏي چٽيون آيتون ۽ حڪم موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي گهپ اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏي آڻي ۽ يقيناً الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي (جو توهان کي روشنيءَ ڏي آڻڻ ٿو چاهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي پياري عبد (حبيب ڪريم) تي واضح آيتون نازل فرمائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته اهو توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشنائي ڏانهن آڻي، ۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي بيحد شفيق ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جو پنهنجي عبد تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته (جيئن) اوهان کي (ڪفر جي) اونداهين مان ڪڍي (نور جي ايمان) سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ خدا اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جو نازل ٿو فرمائي پنهنجي ٻانهي تي آيتون روشن تانته ڪڍي اوهان کي انڌيرن مان نور ڏانهن ۽ بيشڪ الله اوهان سان البته ٻاجهارو مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جو پنهنجي ٻانهي تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته اوهان کي اونداهين مان سوجهري ڏي آڻي. ۽ بيشڪ الله اوهان تي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهي تي پڌريون نشانيون نازل ڪري ٿو هن لاءِ ته توهان کي اونداهين مان روشني طرف ڪڍي آڻي. ۽ بيشڪ الله توهان سان وڏي شفقت ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله، سو، جو سَندسِ ٻانهي سِر، اُتاري ٿو آيتون، پَڌريون هَر ڪِنهن پَر، ته ڪڍي اوهان کي ڪاراڻ مان، نُور نِسوري ڀَر، ۽ آھِ اوهان تي اَصل ڪنان، پاڪ ڌڻي پَروَر، سَٻاجھو سَٻر، پڻ تَرسَوَند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اُهو آهي، جو پنهنجي ٻانهي تي کُليون آيتون ٿو نازل ڪري، ته اونداهيءَ مان ڪڍي اوهان کي روشنيءَ ڏي نئي، ۽ بيشڪ الله اوهان تي شفقت ڪندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي ته آهي، جيڪو پنهنجي ٻانهي تي چٽيون آيتون نازل ڪري ٿو تانته توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ حقيقت اها آهي ته الله توهان تي ڏاڍو شفيق ۽ مهربان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو (الله ئي آهي) جيڪو نازل ڪري رهيو آهي پنهنجي بندي تي پڌريون نشانيون (آيتون) جيئن ڪڍي توهان کي اونداهين مان روشنيءَ ۾، ۽ بيشڪ الله توهان تي ٻاجهارو ۽ رحم وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جيڪو پنھنجي ٻانهي تي پڌريون آيتون نازل ڪري ٿو ته جيئن هو توهان کي انڌيرن مان ڪڍي روشني ۾ آڻي ۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي وڏو نرمي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لَكُم أَلّا تُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لا يَستَوى مِنكُم مَن أَنفَقَ مِن قَبلِ الفَتحِ وَقٰتَلَ أُولٰئِكَ أَعظَمُ دَرَجَةً مِنَ الَّذينَ أَنفَقوا مِن بَعدُ وَقٰتَلوا وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 10) |
۽ اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي واٽ ۾ نه خرچيندا آھيو حالانڪ آسمانن ۽ زمين جي ميراث خاص الله جي آھي، جنھن (مڪي جي) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ (الله جي دين لاءِ ڪافرن سان) وڙھيو تنھنجي برابر اوھان مان ڪوبه ڪونھي، اھي انھن کان تمام وڏي مرتبي وارا آھن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ (دين لاءِ) وڙھيا، ۽ ھر ھڪ کي الله چڱو انجام ڏنو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله (پوري) خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان کي ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جو توهان الله تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ نه ڪيو! ۽ (نٿا ڄاڻو ڇا ته) آسمانن ۽ زمين جي ميراث سڀ فقط الله جي آهي (نه توهان جي، پوءِ ڇو نٿا الله جو ڏنل رزق الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو) اوهان مان جن (حديبيه جي) فتح کان اڳي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون تن سان برابر اُهي ناهن (جن پوءِ مال خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون) انهن جو وڏو درجو ۽ مرتبو آهي، انهن کان جن پوءِ خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ لڙايون ڪيون. پر الله تعاليٰ سڀني کي (يعني جن اڳي اهي ڪم ڪيا ۽ جن پوءِ ڪيا) چڱي انعام جو واعدو ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله کي پوري پوري خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان الله جي راه ۾ خرچ نٿا ڪريو حالانڪِ آسمانن ۽ زمينن جو وارث الله تعالى آهي، توهان مان برابر نٿا ٿين اهي ماڻهو جن فتحِ مڪه کان اڳ ۾ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو، انهن لاءِ تمام وڏو درجو آهي، انهن ماڻهن کان جن خرچ ڪيو فتح کان پوءِ ۽ جهاد ڪيو، ۽ سڀن سان الله تعالى سهڻو وعدو (بهشت جو) فرمايو آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (پنهنجو مال) خدا جي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪريو هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ۽ وارث الله ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو (۽ جن پوءِ خرچ ڪيو) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڌيڪ آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو. ۽ (هونئن ته) خدا نيڪي ۽ ثواب جو وعدو سڀني سان ڪيو آهي ۽ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي اوهان کي جو نه ٿا خرچ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ الله جي لاءِ آهي ورثو آسمانن ۽ زمين جو نه ٿو برابر ٿئي اوهان مان جنهن خرچ ڪيو فتح کان اڳي ۽ جنگ ڪيائين اهي وڏي درجي وارا آهن انهن کان جن خرچ ڪيو بعد ۾ ۽ جنگ ڪيائيون ۽ سڀني سان وعدو ڪيو الله جنت جو ۽ الله ان جي جيڪي ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪريو، هوڏانهن آسمانن ۽ زمين جو ورثو الله جو ئي آهي. اوهان مان جن (مڪي جي) فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي (اهي ۽ ٻيا) برابر نه ٿا ٿي سگهن. اهي درجي ۾ انهن کان گهڻو وڏا آهن جن (فتح کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي. ۽ سڀني سان الله چڱائي جو وعدو ڪيو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله پوري خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ خرچ نه ٿا ڪيو؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جي سڀ ملڪيت الله جي ئي آهي. اوهان مان ڪو به ان سان برابر ٿي نه ٿو سگھي جنهن فتح (مڪه) کان اڳ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪئي. اُهي انهن ماڻهن کان درجي ۾ تمام وڏا آهن جن (فتح مڪي کان) پوءِ خرچ ڪيو ۽ جنگ ڪيائون. ۽ سڀني سان الله چڱائي (يعني جنت) جو وعدو ڪيو آهي. ۽ الله خبروار آهي تنهن کان جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آن کي آهي ڇا ٿيو؟ ته ڏِيو نه رَبَّ جي راھ، ۽ آهِن لئي اَلله، وَرثا اُڀَ، زَمِين جا. اَصل نه ٿِيَن اُن سان، مَٽو مَٽ مَنجھ مانَ، مَهند مَڪي جي فتح کان، جَن ڏِنان ڏُکين ڏان، ۽ وِڙهيا ويريَن سامهان، مانجِھي مَنجھ ميدان، اُهي وَڏا آهِن اُنهن ڪنان، دَرجن ۾ دگران، جَن پوءِ خُدا لڳ خير ڪيا، يا لڙيا جوڌ جُوان، ۽ ڏِنا اَنجام اِنعام جا، سَڀن کي سُبحان، ۽ جيڪِي ڪَريو مَنجھ جَھان، والِي واقِف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو الله جي واٽ ۾ نٿا خرچيو، جڏهن ته آسمانن ۽ زمين جي سڀ ملڪيت الله جي آهي؟ اوهان مان جنهن (مڪي جي ) فتح کان اڳ خرچ ڪيو ۽ لڙيو، ان جي برابر اوهان مان ڪو، نه آهي_ اهي انهن کان وڏي درجي وارا آهن، جن فتح کان پوءِ خرچ ڪيو ۽ وڙهيا- پر هر هڪ کي الله چڱائيءَ جو انجام ڏنو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا ڇو نٿا الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو، حالانڪه آسمانن ۽ زمين جي ميراث آهي ئي الله جي، توهان مان جيڪي فتح کان پوءِ خرچ ڪندا ۽ جهاد ڪندا، سي انهن ماڻهن جي برابر نه ٿا ٿي سگهن، جن فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو آهي، انهن جو درجو پوءِ خرچ ڪرڻ وارن ۽ جهاد ڪرڻ وارن کان گهڻو مٿانهون آهي، جيتوڻيڪ الله ٻنهي سان سهڻا وعدا ڪيا آهن. جيڪي به توهان ڪريو ٿا الله ان کي ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو توهان خرچ نٿا ڪريو الله جي راهه ۾، جڏهن ته الله جي لاءِ ئي سموري ميراث آهي آسمانن ۽ زمين جي، نٿا برابر ٿي سگهن توهان مان انهن سان جن فتح کان اڳي خرچ ڪيو ۽ جهاد ڪيو، انهن جو وڏو درجو آهي انهن کان جن خرچ ڪيو (فتح کان) بعد ۾ ۽ جهاد ڪيو، جڏهن ته وعدا ڪيا آهن الله (ٻنهي سان) سهڻا، ۽ الله هر شيءِ کان باخبر آهي جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀلا توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ جو توهان الله تعالى جي رستي ۾ خرچ نٿا ڪريو. حالانڪه آسمانن ۽ زمين جي ملڪيت الله تعالى جي ئي آهي. اوهان مان ڪوبه ماڻهو ان ماڻهوءَ جي برابر نٿو ٿي سگهي جنھن (مڪي) جي فتح ٿيڻ کان اڳ الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪيو ۽ جھاد ۾ حصو ورتو، اهڙن ماڻهن جو درجو انهن ماڻهن کان تمام اتم آهي، جن فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ خرچ ڪيو ۽ جھاد ۾ حصو ورتو (پر تڏهن به) الله تعالى سڀني سان چڱائي جو وعدو ڪيو آهي ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، الله تعالى کي ان جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن ذَا الَّذى يُقرِضُ اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا فَيُضٰعِفَهُ لَهُ وَلَهُ أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 11) |
اُھو ڪير آھي جو الله کي چڱو قرض ڏئي پوءِ (الله) اُھو (قرض) اُن کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ اُن لاءِ سڳورو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪير آهي (اهڙو سچو مؤمن) جو الله (تعاليٰ) کي سهڻو قرض ڏئي جو الله تعاليٰ وري ان کي ٻيڻو (بلڪ ڏهوڻو) ڪري موٽائي ڏئي، (ان کان علاوه) کيس وڏو شاندار اجر به ملي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سهڻو قرض ڏِئي ٿو (يعنى پنهنجو مال خدا ڪارڻ خرچ ڪري ٿو) پوءِ اهو ان لاءِ ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ ان لاءِ عزت وارو اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙو ڪير آهي جو خدا کي خالص نيت سان قرض الحسنه ڏئي ته خدا تنهن لاءِ (اجر کي) ڪيئي دفعا وڌائي ۽ ان لاءِ تمام عزت جو بدلو (جنت) ته آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪير آهي جيڪو قرض ڏئي ٿو الله کي سهڻو پوءِ ٻيڻو ڪري ان کي ۽ ان جي لاءِ اجر ڀلو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙو ڪير آهي جو الله کي چڱو قرض ڏي پوءِ (الله) ان لاءِ اهو (قرض) ٻيڻو ڪندو، ۽ ان لاءِ (اڳي) چڱو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪير آهي؟ جيڪو الله کي قرضِ حسنه طور قرض ڏئي پوءِ (الله) ان جي لاءِ اهو (مال) ٻيڻو ڪندو ۽ ان جي لاءِ عزت وارو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو آهي ڪير؟ ته ڏِئي سُهڻو قَرض ڪَرِيم کي، ته ٻِيڻو ڏيسِ ٻاجھ سان، فَرا بِنان ڦير، پڻ آهي آخِر وير، اَجر سڳورو اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آهي ڪو، جو الله کي چڱو قرض ڏئي؟ ته هو ان کي ٻيڻو ڪري ڏيندو ۽ ان لاءِ سڳورو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪير آهي جيڪو الله کي قرض ڏئي، سهڻو قرض؟ تانته هو تمام گهڻو وڌائي موٽائي ڏئيس ۽ ان لاءِ تمام ڀلو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪير آهي جيڪو قرض ڏئي الله کي؟ قرض سهڻو، جيئن وڌائي موٽائي اهو ۽ ان جي لاءِ اجر بهترين آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪير آهي جيڪو الله تعالى کي سھڻو (۽ خلوص سان) قرض ڏئي؟ پوءِ هُو ان کي وڌائي واپس ڪندو ۽ ان لاءِ بھترين اجر به آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَرَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ يَسعىٰ نورُهُم بَينَ أَيديهِم وَبِأَيمٰنِهِم بُشرىٰكُمُ اليَومَ جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 12) |
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (ھن حالت ۾) ڏسندين جو سندن نُور اُنھن جي اڳيان ۽ انھن جي ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو (چئبن ته) اوھان کي خوشخبري ھجي جو اڄ اوھان لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وَھن اُتي سدائين رھندؤ، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين ته (اهڙن سچن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان نور ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اڄ اوهان جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي (جو توهان جي لاءِ) اهڙا باغ (تيار رکيل آهن) جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، توهان انهن ۾ هميشه لاءِ رهندو. اها ئي آهي جا وڏي ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن توهان مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ڏسندا ته انهن جو نُور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي هلندو توهان کي اڄ ڏينهن باغن جي بشارت آهي، انهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون (اهي) هميشه انهيءَ ۾ رهندا، اها ئي عظيم ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو هلندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوش خبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واھ پيا وهن انهن ۾ سدائي رهندو ۽ اوهان جي وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڏسندين مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ڊوڙندو نور انهن جو اڳيان انهن جي ۽ سڄن پاسن انهن جي کان بشارت آهي اوهان کي اڄ بهشتن جي جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ اها ئي ڪاميابي وڏي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن تون (انهن) ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن کي ڏسندين ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو (۽ کين چيو ويندو ته) اوهان کي خوشخبري هجي جو اڄ (اوهان لاءِ) اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان واهه پيا وهن، انهن ۾ سدائين رهندو. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن تون ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي ڏسندين ته انهن جو نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي ساڄي پاسي کان پيو ڊوڙندو (چيو ويندو) ”اڄ اوهان کي خوشخبري آهي جنتن جي، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون (توهان) انهن ۾ هميشه رهندؤ. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُؤمن ۽ مُؤمنياڻِين، ويکيندِين جِنهن وار سَندن سُهائو، ڊوڙندو، سامهون ۽ ساڄي پار، آن کي مبارڪ مؤمنو!، اَڄ بهشت باغ بهار، هَلن هيٺان جَن جي، واهِيون ويرو تار، سَداساڪِن اُن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، آهي وَڏو اَپار، اِي ماڻڻ، مَن مُراد جو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ڏسندين، ته سندن نور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي سڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو، (چئبن ته) ”اڄ اوهان کي مبارڪ هجي، جو اوهان لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهن_ اتي سدائين رهندؤ، اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) انهيءَ ڏينهن تون مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ڏسندين ته سندن نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان ڊوڙي رهيو هوندو (۽ چيو ويندن ته) "اڄ خوشخبري آهي توهان لاءِ ". جنتون، جن جي هيٺان پيون نهرون وهنديون، جن ۾ هو سدائين رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن تون جڏهن ڏسندين مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي، ڏسندين سندن نور انهن جي آڏو، انهن جي ساڄي پاسي ڊوڙندو هوندو (کين چيو ويندو) بشارت آهي توهان لاءِ اڄ، اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان وهي رهيون هونديون نهرون جن ۾ اهي سدائين رهندا، اها ئي آهي ڪاميابي وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ڏينھن ذهن ۾ هجي) جنھن ڏينھن تون ڏسندين ته مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي اڳيان ۽ ساڄي پاسي کان سندن نور ڊوڙندو رهندو (کين چيو ويندو ته) اڄ توهان کي ان جنت جي خوشخبري ٻڌائجي ٿي، جنھن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون. اُن ۾ هميشه رهندا، اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالمُنٰفِقٰتُ لِلَّذينَ ءامَنُوا انظُرونا نَقتَبِس مِن نورِكُم قيلَ ارجِعوا وَراءَكُم فَالتَمِسوا نورًا فَضُرِبَ بَينَهُم بِسورٍ لَهُ بابٌ باطِنُهُ فيهِ الرَّحمَةُ وَظٰهِرُهُ مِن قِبَلِهِ العَذابُ (آيت : 13) |
جنھن ڏينھن منافق ۽ منافقياڻيون (گڏجي) مؤمنن کي چوندا ته ترسو (ته سھي) ته اوھان جي (ايماني) نُور مان (ڪجھ) روشني وٺون چيو ويندو ته اوھين پنھنجي پٺ تي (دنيا ڏانھن) موٽو پوءِ ڪو سوجھرو ڳوليو، پوءِ سندن وچ ۾ ھڪ اھڙي ڀت ھنئي ويندي جنھن کي دروازو ھوندو، اُن ڀت جي اندارن رحمت ھوندي ۽ ان جي ٻاھرين پاسي کان عذاب.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي چوندا ته، ڪجهه ترسو ته سهي ته اسان توهان جي نور مان ڪجهه نور وٺون. کين چيو ويندو ته، پٺتي هٽي وڃو ۽ اتي وڃي ڪنهن نور جي تلاش ڪيو (پر ملندو ڪونه) پوءِ انهن (ٻنهي جماعتن) جي وچ ۾ هڪ ديوار کڙي ڪئي ويندي، جنهن کي هڪڙو دروازو هوندو. (جنهن مان مؤمن لنگهي اندر ويندا) ان جي اندرئين پاسي ان ۾ رحمت هوندي ۽ ان جي ظاهر (ٻاهرئين) پاسي عذاب هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون مؤمنن کي چوندا ته توهان اسان ڏانهن هڪ نظر ڪريو ته اسين توهان جي نور مان ٿورو حصو حاصل ڪريون، انهن کي چيو ويندو ته توهان پويان (دنيا ۾) وڃو پوءِ توهان اُتي نور ڳولهيو، پوءِ مؤمنن ۽ منافقن جي وچ ۾ هڪ ديوار رکي ويندي، ان ۾ دروازو هوندو، ان جي اندرين پاسي ۾ رحمت (جنت) هوندي ۽ ان جي ٻاهرين پاسي سخت تڪليف (دوزخ) هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجھ روشني حاصل ڪريون (کين) چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) پٺ تي موٽي وڃو ۽ (اتي وڃي) ڪنهن ٻئي جي نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن (مومنن ۽ منافقن) جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ۽ ان ۾ دروازو هوندو. ان جي اندرين پاسي ته رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي کان عذاب هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن چوندا منافق مرد ۽ منافق عورتون انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اسان ڏانهن ڏسو ته روشني حاصل ڪيون اوهان جي نور مان چيو ويندو ته موٽو پوئين پير پنهنجي پوءِ طلب ڪيو نور پوءِ هنئي ويندي انهن جي وچ ۾ ڀت جنهن کي دروازو هوندو ان جي اندرئين حصي ۾ رحمت هوندي ۽ ان جي ظاهر واري طرف عذاب هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن دغاباز مرد ۽ دغاباز زالون ايمان وارن کي چونديون ته اسان ڏي (شفقت جي نظر سان) ڏسو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجهه حاصل ڪريون. (کين) چيو ويندو ته اوهين پٺ تي موٽي وڃو، پوءِ نور حاصل ڪريو. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي ان ۾ دروازو (به) هوندو. ان جي اندرين پاسي واري جاءِ ۾ رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي دروازي جي طرف کان عذاب هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته: ”اسان ڏانهن نگاهِ (ڪرم) ڪيو ته اسين به اوهان جي نور مان ڪجهه (روشني) حاصل ڪيون“، چيو ويندو ته: ”توهان پوئتي موٽي وڃو (اتي وڃي) نور تلاش ڪيو“. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت بيهاري ويندي جنهن ۾ هڪ دروازو هوندو. ان جي اندرئين پاسي واري جاءِ ۾ رحمت هوندي ۽ ٻاهرئين پاسي جي طرف کان عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن کوٽا، کوٽيون، جَن جي قَلبن ۾ ڪُفران، آزِيون ڪَندا اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ته نِهاريو ته اَهنجي نُور مان، ڪا چِڻنگ چُونڊيو مان!، چي، وَرِي وَرو پوءِ تي، پوءِ ڳَوليو نُور نِشان، هِڪدَم هَنيو وِيو اُنهن وِچان، ڪو قابُو ڪوٽ ڪَلان، آهي دَر اُن جو، تَنهن اندران، رَحمت رَبَّ، رحمان، باهِيون بي گمان، ٻَرندڙ، اُن جي ٻاهِران.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي چوندا، ته ”ترسو ته اوهان جي نور مان روشني وٺون“_ چيو ويندن ته ”اوهين پنهنجي پٺ تي موٽي ڪو سوجهرو ڳوليو-“ پوءِ سندن وچ ۾ اهڙ ي ڀت ڏبي، جنهن کي دروازو هوندو، اُن ڀت جي اندران رحمت هوندي ۽ ان جي ٻاهرئين پاسي کان عذاب! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن منافق مردن ۽ عورتن جي حالت اها هوندي جو هو ايمان وارن کي چوندا ته ترسو، ته جيئن اسان توهان جي نور مان ڪجهه سوجهرو حاصل ڪريون".پر چيو ويندن ته "موٽو پوئتي، پنهنجو نور وڃي ڪنهن ٻئي هنڌ ڳوليو". پوءِ سندن وچ ۾ هڪڙي ڀت اوٽ ڪئي ويندي، جنهن ۾ هڪ در هوندو. در جي اندران رحمت هوندي ۽ ٻاهران عذاب (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن چوندا منافق ۽ منافقياڻيون مؤمنن کي ته، ٿورو اسان ڏي ڏسو جيئن اسان فائدو وٺون توهان جي نور مان، پر انهن کي چيو ويندو، پوئتي هٽو، ڳوليو ٻئي هنڌ پنهنجو نور، پوءِ هڪ ڀت ڏني ويندي انهن جي وچ ۾، ان ۾ هڪ در هوندو ان در جي اندران هڪ رحمت هوندي ۽ ٻاهرين پاسي هوندو عذاب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن منافق مرد ۽ منافق عورتون ايمان وارن کي چوندا ته اسان ڏي (ٿوري شفقت واري نظر سان ته) ڏسو ته جيئن اسان توهان جي نور مان ڪجهه روشني حاصل ڪريون. پر کين چيو ويندو ته پوئتي هٽي وڃو، (ٻئي هنڌ وڃي) نور تلاش ڪريو. پوءِ انهن جي وچ ۾ هڪ ڀت ڏني ويندي جنھن ۾ هڪ دروازو هوندو، ان جي اندرئين پاسي رحمت هوندي پر ٻاهران عذاب هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُنادونَهُم أَلَم نَكُن مَعَكُم قالوا بَلىٰ وَلٰكِنَّكُم فَتَنتُم أَنفُسَكُم وَتَرَبَّصتُم وَارتَبتُم وَغَرَّتكُمُ الأَمانِىُّ حَتّىٰ جاءَ أَمرُ اللَّهِ وَغَرَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 14) |
منافق مُسلمانن کي سڏيندا ۽ چوندا ته اسين اوھان سان (دنيا ۾) گڏ نه ھواسون ڇا؟ (مُسلمان) چوندا ته ھائو پر پنھنجو پاڻ کي جوکي ۾ وڌوَ ۽ (ايمان آڻڻ ۾) دير ڪندا رھيؤ ۽ (نبوت ۾) شڪ آندو ۽ اوھان کي سَڌن ٺڳي ڇڏيو تان جو الله جو حُڪم آيو ۽ اوھان کي الله (جي حُڪم مڃڻ) کان (شيطان) ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٻاهريان (منافق) اندرين (مؤمنن) کي سڏ ڪري چونداته، (اسان کي ڇو هتي ڇڏي ويا آهيو؟) اسان توهان سان گڏ (توهان سان شامل) ڪين هوندا هئاسين؟ اهي (مؤمن) کين جواب ڏيندا ته، هائو (ظاهر طور ته برابر گڏ هئو) پر توهان پاڻ کي پاڻ فتني ۾ وڌو، ۽ (اسان جي حق ۾ مصيبت ۽ ناڪاميابيءَ جو) انتظار ڪيوَ، ۽ توهان (خدا جي فتح واري واعدي بابت) شڪ آندو ۽ توهان کي (ڪوڙين) اميدن ۽ خواهشن ڀلائي ڇڏيو، تان جو حڪم ۽ فيصلو اچي ويو. (هاڻي ڇا ٿيندو؟) توهان کي (آخر تائين) اهو دغاباز (شيطان) الله تعاليٰ بابت ڌوڪو ڏيندو رهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مؤمنن کي منافق پڪاريندا ته ڇا اسين توهان سان گڏ نه هئاسين؟ مؤمن چوندا ها، پر توهان پنهنجن نفسن کي فتني ۾ وڌو ۽ توهان مؤمنن لاءِ هلاڪت جو انتظار ڪندا هئا ۽ توهان (توحيد ۾) شڪ ڪندا هئا ۽ توهان کي لالچن مغرور ڪيو ايستائين جو الله تعالى جو حڪم پهتو ۽ غرور (شيطان) توهان کي الله تعالى کان مغرور ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته منافق، مومنن کي وڏي سڏ چوندا ته ڇا اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون؟ (اهي ايمان وارا) چوندا ته هاءُ برابر پر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ (اسان جي حق ۾ گردش جا) منتظر رهيا ۽ (دين ۾) شڪ ڪندا رهيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي پهتو ۽ اوهان کي ڌوڪي باز (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏنو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏيندا انهن کي ته ڇا نه هئاسون اوهان سان گڏ چوندا هائو ۽ پر اوهان فتني ۾ وڌو پنهنجن سرن کي ۽ انتظار ڪيو اوهان ۽ شڪ ۾ رهيئو ۽ مغرور ڪيو اوهان کي سڌن تانجو آيو الله جو امر ۽ مغرور ڪيو اوهان کي الله سان شيطان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (دغاباز) انهن (ايمان وارن) کي سڏي چوندا ته (دنيا ۾ ) اسين اوهان سان گڏ نه هئاسون ڇا؟ اهي (ايمان وارا) چوندا ته هائو برابر اوهان پاڻهي پاڻ کي مصيبت ۾ وڌو ۽ اوهين انتظار ڪري رهيا هئا ۽ شڪ ٿي ڪيو ۽ اوهان کي خواهش ڌوڪو ڏنو ايتري تائين جو الله جو حڪم اچي ويو ۽ اوهان کي ڌوڪي ڏيڻ واري، الله جي حق ۾ ڌوڪو ڏنو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (منافق) انهن مؤمنن کي سڏي چوندا ته: ”ڇا اسان توهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسين“؟ اُهي چوندا: ”هائو برابر! پر توهان پنهنجو پاڻ کي (نفاق جي) فتني ۾ وڌو ۽ توهان (اسان جي نقصان جو) انتظار ٿي ڪيو ۽ اوهان شڪ پئي ڪيو ۽ خواهشن اوهان کي دوکو ڏنو ايستائين جو الله جو حڪمِ (موت) اچي ويو ۽ توهان کي الله جي باري ۾ دوکيباز (شيطان) دوکو ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَندا قلعي جي ٻاهِران، ساري اُنهن کي سَڏ، ڇا، هُت نه هُئاسون گڏ؟ اَسِين اوهان سان دِين ۾. چي، هائو، هُئا اَسا سان، ظاهِر ساڻ زبان، پر پاڻهِين اَوهان پَنهنجِي، جوکي وِڌِي جان، ۽ نِڌر نٽائـِيندا رهيا، ۽ ڪيان غلط گُمان، ۽ آن کي خالِي خواهِشَن، موهي ڪيو مَستان، تان اوهان کي آئـِيو، فائـِق جو فَرمان، ۽ ڪَنان رَبَّ، رَحمان، آن کي ٺڳ ٺڳي ڇَڏيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (منافق مسلمانن کي) سڏيندا ته ”اسين اوهان سان (دنيا ۾) گڏ نه هئاسون ڇا؟“ جواب ڏيندا ته ”هائو، پر اوهان پاڻ کي پاڻيهي تڪليف ۾ وڌو، جو دير ڪندڙ هئا، اوهان شڪ ڪيو۽ اوهان کي سڌن ٺڳي ڇڏيو، تان جو الله جو حڪم آيو ۽ اوهان کي الله کان ٺڳيندڙ ٺڳي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي مؤمنن کي سڏي چوندا: "ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسون؟" مؤمن جواب ڏيندن ته "هائو، پر پوءِ توهان پنهنجو پاڻ ئي پاڻ کي فتني ۾ وڌو ۽ موقعي جي تاڙ واريءَ ٻڏ تر ۾ رهيا ۽ اجايون سڌون توهان کي دوکو ڏينديون رهيون، تان جو الله جو فيصلو اچي ويو ۽ آخر تائين اهو وڏو دوکيباز (شيطان) توهان کي الله بابت دوکو ڏيندو رهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سڏي چوندا مؤمنن کي، ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسين؟ ۽ مؤمن جواب ڏيندا، هائو، پر توهان فتني ۾ وڌو پنهنجو پاڻ کي ۽ موقع پرستي ڪئي ۽ شڪ ۾ پيا رهيا ۽ ڪوڙيون اميدون توهان کي فريب ڏينديون رهيون تان جو فيصلو آيو الله جو ۽ آخري وقت تائين اهو دوکي باز توهان کي الله جي باري ۾ دوکو ڏيندو رهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي مؤمنن کي (رڙ ڪري) چوندا ته ڇا اسان (دنيا ۾) توهان سان گڏ نه هئاسين؟ مؤمن چوندا ته برابر (ڳالهه ته صحيح آهي پر) توهان پنھنجو پاڻ کي آزمائش ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو ۽ (ايمان آڻڻ لاءِ) موقعن جي تلاش ۾ هوندا هئا ۽ شڪ به ڪندا هئا ۽ توهان کي نفس جي خواهشن ڌوڪي ۾ وڌو ايستائين جو الله تعالى جو حڪم اچي پھتو ۽ ڌوڪي ڏيندڙ (شيطان) توهان کي الله تعالى جي باري ۾ ڌوڪي ۾ وجهي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاليَومَ لا يُؤخَذُ مِنكُم فِديَةٌ وَلا مِنَ الَّذينَ كَفَروا مَأوىٰكُمُ النّارُ هِىَ مَولىٰكُم وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 15) |
تنھن ڪري (اي منافقؤ) اڄ نڪي اوھان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو بدلو وٺبو، اوھان جي جاءِ (دوزخ جي) باھ آھي، اھا اوھان جي لائق آھي، ۽ اھا موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اڄ توهان کان فديو ڪونه ورتو ويندو (جو فديو ڏيئي عذاب کان ڇٽي وڃو) نڪي انهن کان فديو ورتو ويندو جن (کليو کلايو) ڪفر اختيار ڪيو، توهان جي جاءِ دوزخ جي باهه آهي. اهائي توهان جي رفيقياڻي ۽ سنگتياڻي آهي. اها ڪهڙي نه بري رهڻ جي جاءِ آهي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اڄ ڏينهن نه توهان کان فديو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان (فديو ورتو ويندو) توهان جي جاءِ جهنم آهي، اهو توهان جو ٺڪاڻو آهي ۽ اها تمام خراب جاءِ آهي موٽڻ جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان اوهان جو ٺڪاڻو (دوزخ جي) باھ آهي اها ئي ته اوهان لاءِ سزاوار آهي. ۽ (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڄ نه ورتو ويندو اوهان کان فديو ۽ نه انهن کان جن ڪفر ڪيو اوهان جي جاءِ باهه آهي اها اوهان جي رفيق آهي ۽ بري جاءِ موٽڻ جي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو اڄ نه اوهان کان بدلو ورتو ويندو ۽ نه ڪافرن کان، اوهان جو ٽڪاڻو باهه آهي. اها اوهان سان گڏ رهڻ واري آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو (اي منافقو!) اڄ اوهان کان نه عيوض ورتو ويندو ۽ نه انهن ماڻهن کان جن ڪفر ڪيو. توهان (سڀني) جي جاءِ جهنم آهي. اها ئي توهان جي خبرگيري ڪندڙ آهي. ۽ ڏاڍي بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَڄ نه اوهان کان وَٺبو، ڪو پَئـِسو پائـِي پار، پڻ نه عِوض ڪو اُنهن ڪنان، جَن ڪَئـِي ڪُفر جي ڪار، آهي گَھر اَوهان جو، دَوزخ دَهشت دار، وَڙ اَوهان جو آھِ سو، ڄيرو ڄِڀياندار، ۽ بُڇڙو ٿِيو بِسيار، موٽِي ماڳ رَهڻ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري اڄ نڪي اوهان کان ۽ نڪي ڪافرن کان ڪو عيوض وٺبو، اوهان جي جاءِ دوزخ آهي- اها اوهان جي لائق آهي ۽ اها موٽڻ جي جاءِ بڇڙي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اڄ نڪي توهان کان ڪو فديو ورتو ويندو ۽ نه انهن کان جن کليو کلايو ڪفر ڪيو هو، توهان جو ٺڪاڻو جهنم آهي، اهوئي توهان جي سار سنڀال لهڻ وارو آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ماڳ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڪري اڄ نه قبول ڪيو ويندو توهان کان ڪو فديو ۽ نه انهن ماڻهن کان جن ظاهر ظهور ڪفر ڪيو، توهان جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، اهو ئي توهان جي خبر وٺندو ۽ اهو تمام برو انجام (پڄاڻي) آهي.)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اڄ توهان (منافقن) ۽ ڪافرن کان (آزاديءَ جي عيوض) ڪوبه فديو قبول نه ڪيو ويندو. (هاڻي) توهان سڀني جي جڳھه باهه آهي. اهائي توهان جي ساٿياڻي آهي ۽ اُها بدترين جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم يَأنِ لِلَّذينَ ءامَنوا أَن تَخشَعَ قُلوبُهُم لِذِكرِ اللَّهِ وَما نَزَلَ مِنَ الحَقِّ وَلا يَكونوا كَالَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلُ فَطالَ عَلَيهِمُ الأَمَدُ فَقَسَت قُلوبُهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 16) |
اڃا مؤمنن لاءِ اُھو وقت نه آيو آھي ڇا؟ جو الله جي ياد ڪرڻ وقت ۽ وحي الٰھيءَ مان جيڪو نازل ٿيو تنھن (جي ياد) آڻڻ وقت سندن دليون آزي ڪن ۽ انھن وانگر نه ٿين جن کي ھن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو پوءِ مٿن ڊگھي مدت گذري تنھنڪري سندن دليون سخت ٿي ويون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا مؤمنن لاءِ اهو وقت (ڪاميابي ۽ آسودگيءَ جو) اچي نه ويو آهي، جڏهن سندن دليون الله تعاليٰ جي يادگيري (۽ حڪمن جي پيروي) لاءِ ۽ جيڪو حق نازل ٿيو آهي تنهن لاءِ نماڻيون ٿي جهڪي وڃن ۽ مؤمن انهن (يهودين) وانگر نه ٿين جن تي اڳي ڪتاب نازل ٿيو هو (۽ هنن تي خدا جون وڏيون نعمتون به نازل ٿيون هيون) پر پوءِ جيئن ايام گذرندا ويا تيئن سندن دليون سخت ٿينديون ويون. سو هاڻي هنن مان گهڻا باغي بي فرمان فاسق آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اڃان مؤمنن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي جو انهن جون دليون الله تعالى جي ذڪر لاءِ جھُڪي پون ۽ انهيءَ قرآن ڪريم تي عمل ڪن جيڪو نازل ٿيو آهي ۽ اهي نه هجن انهن ماڻهن وانگر جن کي هن کان اڳ ۾ ڪتاب (تورات) ڏنو ويو پوءِ انهن تي ڊگھو زمانو گذريو، پوءِ انهن جون دليون ڪٽجي پيون، ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا! جو خدا جي ياد ۽ قرآن جي لاءِ جو (خدا جي طرفان) نازل ٿيو آهي انهن جون دليون نرم ٿين ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي انهن کان اڳي (توريت ۽ انجيل) ڪتاب ڏنو ويو هو، ته (جڏهن) مٿن ڊگهو زمانو گذريو ته سندن دليون سخت ٿي پيون ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه وقت آيو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو ته نوڙت ڪن انهن جون دليون الله جي ذڪر لاءِ ۽ ان جي لاءِ جيڪو نازل ٿيو حق مان ۽ نه هجن انهن وانگر جيڪي ڏنا ويا ڪتاب ان کان اڳي پوءِ ڊگهي ٿي انهن جي مدت پوءِ ڪٽجي ويون انهن جون دليون ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اڃا ايمان وارن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي ڇا جو سندن دليون الله کي ياد ڪرڻ مهل ۽ جو حق نازل ٿيو آهي تنهن جي ياد ڪرڻ وقت عاجزي ڪن ۽ انهن جهڙا نه ٿين جن کي اڳي ڪتاب ڏنو ويو هو، پوءِ مٿن ڊگهو وقت گذريو جنهن ڪري سندن دليون سخت ٿي ويون. ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اڃا ايمان وارن لاءِ اُهو وقت نه آيو آهي؟ جو انهن جون دليون الله جي ياد لاءِ جُهڪي پون ۽ ان حق لاءِ (جُھڪن) جيڪو نازل ٿيو آهي. ۽ انهن ماڻهن وانگر نه بنجن جن کي اڳ ڪتاب ڏنو ويو هيو پوءِ انهن تي ڊگهو وقت گذري ويو سو سندن دليون سخت ٿي ويون. ۽ انهن مان گھڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا اُنهن لئي وقت نه آئـِيو، آندو جَن اِيمان، ته ڪَونرا ٿِيَن قلب سَندنِ، سارڻ لئي سُبحان، پڻ اُن لئي، جو اُتاريو مالِڪ مِهربان، ۽ نَڪِي ٿِين نِڪما، اُنهن جِھڙا مَنجھ جھان، جن کي ڪتاب ڪرِيم جا، اڳي ٿِيا اِحسان، پوءِ اِنگھيُون عُمريون اُنهن جون، پوءِ ٿيا ڪَٺن قلن سَندان، فاسق بي فرمان، آهِن گھڻا اُنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اڃا مومنن لاءِ اهو وقت نه آيو آهي، جو الله کي ۽ سندس موڪليل سچ کي ياد ڪرڻ وقت انهن جون دليون عاجزي ڪن؟ ۽ انهن وانگر نه ٿين، جن کي هن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو، پوءِ گهڻو وقت مٿن ائين گذريو، تنهن ڪري انهن جون دليون سخت ٿي پيون ۽ انهن مان گهڻا بدڪار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ايمان آڻڻ وارن لاءِ اڃان اهو وقت نه آيو آهي ڇا جو انهن جون دليون الله جي ذڪر سان نرم ٿي پون ۽ سندس نازل ڪيل حق (قرآن) جي آڏو نمي پون ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿي پون، جن کي هن کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هو، پوءِ گهڻو وقت مٿن ائين گذريو ته سندن دليون سخت ٿي ويون ۽ اڄ ڪلهه انهن مان گهڻا نافرمان بڻيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو وقت نه آيو آهي انهن ايمان آڻڻ وارن لاءِ، جو نرم ٿين انهن جون دليون يادِ الاهي سان، ۽ ان جي نازل ڪيل حق جي سامهون جهڪن، ۽ اهي نه ٿي پون انهن ماڻهن وانگر جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو اڳي، پوءِ هڪ ڊگهو مدو انهن تي گذريو ته ٿي ويون سخت سندن دليون، ۽ اڄ گهڻا ئي آهن انهن مان فاسق (نافرمان)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ايمان وارن لاءِ اڃا به اهو وقت نه آيو آهي جو انهن جون دليون الله تعالى جي ذڪر سان ڊڄي وڃن ۽ ان جي نازل ڪيل حق ڳالهه جي اڳيان جُهڪي وڃن؟ پوءِ هي ماڻهو اُنهن ماڻهن جھڙا نه ٿي وڃن جن کي ڪتاب ڏنو ويو ۽ ڪافي عرصي کان پوءِ انهن جون دليون سخت ٿي ويون ۽ اڄ انهن مان اڪثر ماڻهو نافرمان ئي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اعلَموا أَنَّ اللَّهَ يُحىِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 17) |
ڄاڻو ته الله زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪندو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آھن ته مانَ اوھين پرجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ زمين کي سندس موت بعد وري زنده ڪري ٿو ڇڏي (ڏسو) اسان اڳي ئي اوهان کي نشانيون ظاهر ڪري ڏيکاريون آهن، انهيءَ لاءِ ته من توهان عقل هلايو ۽ سمجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان يقين ڪريو بيشڪ الله تعالى زمين کي غيرآباد ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪري ٿو بيشڪ اسان توهان لاءِ پنهنجيون نشانيون بيان ڪيون آهن ته من توهان سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين ڌيان ڌريو ته الله ئي زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد ٿيڻ) کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ پنهنجي (قدرت جون) ڳالهيون کولي کولي بيان ڪيون آهن ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻو ته بيشڪ الله آباد ڪري ٿو زمين ان جي برباد ٿيڻ کان پوءِ تحقيق بيان ڪيون اسان اوهان جي لاءِ نشانيون تان ته اوهان سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ايمان وارؤ !) اوهين ڄاڻو ته الله زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري ٿو. بيشڪ اسان اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪري ڇڏيون آهن ته مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان ڄاڻو ته الله زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ زنده ڪري ٿو. بيشڪ اسان توهان جي لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن تان ته توهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوچيو صِحِي سڄُاڻ! ته اَلله جَلَّ جلالہٰ، ٿو جِياري زمِين کي، سَندسِ سُڪن پُڄاڻ، کولياسون خُوب طرح، اَوهان لئي اُهڃاڻ، مانَ پُروڙيو پاڻ، ڪِي سَمجھ سَگھ سُبحان جِي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڄاڻو، ته بيشڪ الله زمين کي ان جي سڪي وڃڻ کانپوءِ سائي ٿو ڪري، بيشڪ اسان اوهان لاءِ چٽيون نشانيون بيان ڪيون آهن، ته من اوهين عقل وارا ٿيو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڄاڻي ڇڏيو ته الله زمين کي سندس موت کان پوءِ وري جيئاريندو آهي. اسان نشانيون توهان کي کولي چٽيون ڪري ڏيکاري ڇڏيون آهن ته مــَـن توهان ڪو عقل هلايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄاڻي وٺو چڱيءَ طرح ته، بيشڪ الله جياريندو (آباد ڪندو) آهي زمين کي ان جي ويران ٿيڻ کان پوءِ، ڏيکاريون آهن توهان کي پڌريون نشانيون، شايد توهان عقل کان ڪم وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو چڱي طرح سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ الله تعالى ويراني کان پوءِ زمين کي آباد ڪندو آهي. بيشڪ اسان توهان جي لاءِ نشانيون بيان ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُصَّدِّقينَ وَالمُصَّدِّقٰتِ وَأَقرَضُوا اللَّهَ قَرضًا حَسَنًا يُضٰعَفُ لَهُم وَلَهُم أَجرٌ كَريمٌ (آيت : 18) |
بيشڪ خيرات ڏيندڙن ۽ خيرات ڏيندڙن کي، ۽ جن الله کي سھڻو قرض ڏنو آھي تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ اُنھن لاءِ سڳورو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً جيڪي مرد ۽ عورتون صدقا ڏيندڙ آهن ۽ الله تعاليٰ کي سهڻو قرض ٿا ڏين تن کي ٻيڻو (ٽيڻو بلڪ ڏهوڻو) ملندو ۽ انهن کي ان کان سواءِ ٻيو به وڏو شاندار اجر ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تصديق ڪندڙ مرد ۽ تصديق ڪندڙ عورتون ۽ الله تعالى کي تمام سهڻو قرض ڏيندڙ (خيرات ڪندڙ) اهو قرض انهن لاءِ ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ عزت وارو اجر (جنت) آهي،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ عورتون ۽ (جي ماڻهو) خدا کي نيڪ نيتي سان قرض ڏين ٿا تن کي ڪئين نفعا (ثواب) ڏنو ويندو. ۽ انهن لاءِ تمام عزت ڀريو صلو (جنت) ته آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ صدقو ڏيندڙ مرد ۽ صدقو ڏيندڙ عورتون ۽ قرض ڏنائون الله کي قرض سهڻو ٻيڻو ڪيو ويندو انهن جي لاءِ ۽ انهن جي لاءِ ڀلو اجر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ خيرات ڏيندڙ مرد ۽ خيرات ڏيندڙ زالون ۽(جن) الله کي چڱو قرض ڏنو آهي، تن کي (جيڪي ڏنو اٿن) ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ چڱو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ صدقو ڏيندڙ مرد ۽ صدقو ڏيندڙ عورتون ۽ جن الله کي قرض حسنه جي طور قرض ڏنو تن کي ٻيڻو ڪري ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ عزت وارو اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَدقو ڏِيندڙ صِدق مان، سَچيون ۽ سَچار، ۽ ڏِنئون قَرض ڪرِيم کي، سُهڻو سهِڻ ڌار، اُهو ڏِبو اُنهن کي، ٻِيڻو ڪري ٻيهار، ۽ آهي اُنهِئ هارِ، اُجورو آبائـِتو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ خيرات ڏيندڙ مردن خواهه عورتن کي ۽ جن الله کي سهڻو قرض ڏنو آهي، تن کي ٻيڻو ڪري ڏبو ۽ انهن لاءِ سڳورو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مردن توڙي عورتن مان جيڪي ماڻهو خير خيراتون ڏيندڙ آهن ۽ جن الله کي سهڻو قرض ڏنو آهي، انهن کي بيشڪ تمام وڌائي ڪري ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ نهايت ڀلو اجر به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ صدقو (خيرات) ڏيڻ وارا مرد ۽ عورتون آهن، ۽ انهن قرض ڏنو آهي الله کي، قرض سهڻو، انهن کي پڪ سان وڌائي ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ اجر بهترين آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ خيرات ڪڍندڙ مرد ۽ خيرات ڪڍندڙ عورتون ۽ جن ماڻهن الله تعالى کي سھڻو قرض ڏنو آهي (الله تعالى جي طرفان) انهن سڀني کي گهڻو وڌائي واپس ڏنو ويندو ۽ انهن لاءِ بھترين اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ أُولٰئِكَ هُمُ الصِّدّيقونَ وَالشُّهَداءُ عِندَ رَبِّهِم لَهُم أَجرُهُم وَنورُهُم وَالَّذينَ كَفَروا وَكَذَّبوا بِـٔايٰتِنا أُولٰئِكَ أَصحٰبُ الجَحيمِ (آيت : 19) |
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو آھي اُھي ئي پنھنجي پالڻھار وٽ بلڪل سچا ۽ شھيد آھن، اُنھن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نُور آھي، ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڀانيو اُھي دوزخي آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول ۾ ايمان رکن ٿا سي الله جي نظر ۾ (سچا ۽ خالص) صديق ۽ شهيد آهن. انهن کي سندن اجر ۽ سندن نور ملڻو آهي، پر جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو اٿن سي ئي جهنم جي باهه جا ساٿي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو اُهي ئي صديق (سچا) آهن، ۽ اهي ئي پنهنجي رب وٽ (ٻين تي) گواه آهن، انهن لاءِ انهن جو اجر ۽ انهن جو نور آهي، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجھو اهي ئي جهنمي آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن خدا ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ صادقن ۽ شهيدن جي درجي ۾ هوندا تن لاءِ انهن ئي (صديقن ۽ شهيدن) جو اجر ۽ انهن جو نور هوندو. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو آهي دوزخي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو الله تي ۽ ان جي رسولن تي اهي ئي سچا آهن ۽ شهيد آهن پنهنجي رب وٽ انهن جي لاءِ انهن جو اجر آهي ۽ انهن جو نور آهي ۽ جن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي اهي جهنم وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو سي ئي پنهنجي پاليندڙ وٽ نهايت سچا ۽ (ماڻهن کي سندن)حالتن کان واقف ڪرڻ وارا آهن. انهن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نور آهي، ۽ جن نه مڃيو ۽ اسان جي نشانين کي ڪوڙو ڪيو سي دوزخ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو اُهي ئي پنهنجي پالڻهار وٽ نهايت سچار ۽ ٻين تي شاهد آهن. انهن لاءِ انهن جو اجر ۽ انهن جو نور آهي. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو اُهي دوزخي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڃيو جَن اَلله کي، پڻ اُن جا پيغمبر، اُهي سَچا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، پڻ مُقرر مُعتبر، اُنهن لئي اَجر اُنهن جو، پڻ اُنهن جو اَوجر، ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، پِئا ڪُفر ۾ ڪافِر، ڪُوڙيون ڪوٺيؤَن آيتون، اسان جون اَڪثر، آهِن اُهي اَبتر، بي شڪ ڀاتِي باھِ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو، اهي ئي پنهنجي رب وٽ بلڪل سچا ۽ شهيد آهن انهن لاءِ سندن اجر ۽ نور آهي ۽ جن انڪار ڪيو، ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو، اُهي دوزخي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ماڻهن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو آهي، اهي ئي پنهنجي رب جي نظر ۾ سچيءَ دل سان مڃيندڙ آهن ۽ ان جو عملي ثبوت پيش ڪندڙ آهن، انهن لاءِ سندن اجر ۽ سندن نور آهي ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو آهي ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو آهي، اهي دوزخي آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو الله ۽ سندس رسولن تي، اهي ئي آهن سچا صديق، ۽ شهيد پنهنجي رب وٽ، انهن جي لاءِ اجر آهي ۽ انهن لاءِ نور، ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪوڙو چيو اسان جي آيتن کي، اهي ئي آهن دوزخ ۾ وڃڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي ايمان آندو، اُهي پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ انتهائي سچا ۽ حق جي گواهي ڏيندڙ آهن. انهن لاءِ سندن اجر۽ نور آهي (باقي) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو اهي سڀ جھنم (۾ داخل ٿيڻ) وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اعلَموا أَنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَزينَةٌ وَتَفاخُرٌ بَينَكُم وَتَكاثُرٌ فِى الأَموٰلِ وَالأَولٰدِ كَمَثَلِ غَيثٍ أَعجَبَ الكُفّارَ نَباتُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَكونُ حُطٰمًا وَفِى الءاخِرَةِ عَذابٌ شَديدٌ وَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنٌ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 20) |
ڄاڻو ته دُنيا جي حياتي رڳو راند ۽ بي فائدِي ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ (ھڪ ٻئي کان) گھڻائي طلبڻ آھي، (انھيءَ جو مثال) انھيءَ مينھن وانگر (آھي) جنھن جو سلو (ڄمائڻ) ڪڙمين کي عجب ۾ وجھي وري سُڪي وڃي پوءِ اُن کي پيلو ٿيل ڏسين وري ڀُري وڃي، ۽ آخرت ۾ (الله جي دشمنن لاءِ) سخت عذاب آھي ۽ (الله جي دوستن لاءِ) الله کان بخشش ۽ رضامندي آھي، ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڄاڻي ڇڏيو (۽ ياد رکو) ته هن دنيا جي (خودغرضي ۽ عياشيءَ واري) زندگي فقط (ٻاراڻو) کيل تماشو آهي ۽ ظاهري تجمل ۽ سونهن آهي ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي وٽ فخر ڪرڻو آهي، (پنهنجي طاقت ملڪيت وغيره بابت ٻٽاڪون هڻڻيون آهن) ۽ مال ملڪيت ۽ اولاد وڌائڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻڻي آهي. انهيءَ (زندگيءَ) جو مثال ائين آهي جيئن مينهن جي ڪري پيدا ٿيل پوک ڪڙمين کي وڏي خوشي ڏئي ٿي. پوءِ اها پوک زور وٺي ٿي، پوءِ توهان ڏسو ٿا ته زرد ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ سڪي ذرا ذرا ٿي وڃي ٿي. (اهڙن ماڻهن لاءِ) آخر سخت عذاب اچڻو آهي. پر (نيڪ ماڻهن لاءِ) الله جي مغفرت ۽ راضپو آهي. ۽ (ياد رکو ته) دنيا (۾ خودغرضي ۽ عياشيءَ) واري زندگي ڪجهه به ناهي سواءِ هن جي ته فقط ڌوڪي جو سامان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان يقين ڪريو (آخرت جي مقابلي ۾) دنيا جي حياتي راند ۽ غفلت ۽ زينت آهي ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد جي ڪثرت جو هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ آهي. (انهن جو) مثال ان مِينهن جهڙو آهي جنهن سان اُڀريل ساوڪ پوکيندڙ کي وڻي ٿي ان کان پوءِ اها سُڪي ٿي پوءِ توهان ان کي هيڊو ڏسو ٿا ان کان پوءِ اها ذرا ذرا ٿي وڃي ٿي، ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ (مؤمنن لاءِ) الله جي طرفان بخشش ۽ رضامندو آهي، ۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر غرور جو سامان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ياد رکو ته دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو۽ سينگارڻ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي خواهش آهي، (دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته) بارش وانگر آهي جنهن جي (ٽلندڙ) ساوڪ ڪڙمين کي خوش ڪري ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين وري اها ڀوسو ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (ڪافرن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (مومنن لاءِ) خدا جي طرفان معافي ۽ رضامندي آهي. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻو اوهان ته دنيوي حياتي راند ۽ اجائي ڳالهه ۽ سينگار ۽ فخر جو سبب آهي اوهان ۾ ۽ وڌڻ آهي مالن ۾ ۽ اولاد ۾ مثل مينهن وسندڙ جي جو وڻيا ڪافرن کي ان جا سلا ان کان پوءِ سُڪي ٿو پوءِ ڏسندين ان کي زرد رنگ وارو ان کان بعد هوندو ڪاٺيون ۽ آخرت ۾ عذاب سخت آهي ۽ مغفرت الله جي طرفان ۽ رضامندو ۽ ناهي دنيوي حياتي مگر ڌوڪي جو سامان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ايمان وارؤ !) اوهين ڄاڻو ته دنياجي حياتي رڳو راند ۽ تماشو ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ آهي، مينهن وانگر جنهن جي ساوڪ ڪڙمين کي وڻي ٿي، وري سڪڻ لڳي ٿي، پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين، وري (اها) ڀُرندڙ ٿي پوندي ۽ آخرت ۾ سخت عذاب آهي ۽ الله جي طرفان معافي ۽ رضامندي (به) آهي ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان ڄاڻو ته دنيا جي زندگي ته صرف راند ۽ تماشو ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ آهي. ۽ مالن ۽ اولادن ۾ هڪ ٻئي کان وڌڻ جي طلب آهي. ان جو مثال ان مينهن وانگر آهي جنهن جي ساوڪ هارين کي وڻي ٿي پوءِ اها سُڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين پوءِ اها ذرا ذرا ٿي پوي ٿي. ۽ آخرت ۾ (نافرمانن لاءِ) سخت عذاب آهي، ۽ (فرمانبردارن لاءِ) الله جي پاران بخشش ۽ (سندس) رضامندو آهي ۽ دنيا جي زندگي رڳي دوکي جو سامان ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سيگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڄاڻو، ته دنيا جي حياتي فقط راند، بي فائدي سينگار، پاڻ ۾ فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولاد ۾ گهڻائي طلبڻ آهي- ان جو مثال انهي مينهن وانگر آهي، جنهن جو سلو ڪڙمين کي عجب ۾ وجهي، وري سڪي وڃي، پوءِ ان کي هئڊو ٿيل ڏسين- وري سڙيل ڪاٺي ٿي وڃي- آخرت ۾ سخت عذاب به آهي- ۽ الله کان بخشش ۽ رضامندي به آهي- ۽ دنيا جي حياتي رڳو ٺڳيءَ جو سامان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڄاڻي ڇڏيو ته هيءَ دنيا واري زندگي ته ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ته بس رڳو هڪڙو کيل ۽ تماشو ۽ ظاهري ڏيک ويک ۽ توهان جو پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي ڀيٽ ۾ پاڻ پڏائڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي سان ريس پڄائڻ. ان جو مثال ائين آهي، جيئن ڪو مـِـينهن وسيو ته ان وسيلي زمين مان ڦـٽندڙ شين کي ڏسي هارين خوشيون ڪيون، پوءِ اها پوک سڪي وئي ۽ تون ڏسين پيو ته پيلي ٿي وئي ۽ پوءِ ڪــَـکَ ۽ بــُـهه ٿي وئي. ان جي ابتڙ آخرت اهو هنڌ آهي جنهن ۾ سخت عذاب آهي ته الله جي بخشش ۽ راضپو به آهي. دنيا واري زندگي ته رڳو اکين جو ڍؤ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄاڻي وٺو ته دنيا جي حياتي ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي جو هڪ راند ۽ وندر، ۽ ظاهري ڏيکاءُ ۽ فخر ڪرڻ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي ۽ وڌڻ هڪ ٻئي کان ۽ ڪوشش ڪن وڌڻ جي مال ۽ اولاد ۾، ۽ ان جو مثال ائين آهي جيئن هڪ مِينهن پيو، ته ان سان ڪافر ڦٽندڙ سلن کي ڏسي خوش ٿي ويا، پوءِ اهو ئي فصل پچي ويو ۽ تون ڏسين ٿو ته اهو هيڊو ٿي ڀُريل ڪاٺي ٿي ويندو آهي، ۽ ان جي ابتڙ آخرت اها آهي جتي عذاب سخت آهي ۽ بخشش طرفان الله جي ۽ رضامندي به آهي، ۽ ناهي حياتي (ڪجهه به) دنيا جي سواءِ ٺڳيءَ جي ٺاهه جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو سمجهي ڇڏيو ته بيشڪ دنيا جي زندگي کيل، تماشو، سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مال ۽ اولاد ۾ هڪ ٻئي کان وڌي وڃڻ جو ئي نالو آهي (ان جو مثال) ان مينھن وانگر آهي جو جنھن جي وسڻ سان زمين ۾ پيدا ٿيل ساوڪ ڪڙميءَ کي ڏاڍو خوش ڪري ڇڏيندي آهي. پر پوءِ جڏهن اها پچي تيار ٿي ويندي آهي ته اها توهان جي ئي سامهون پيلي ٿي بُهه ٿي وڃي ٿي. (ان جي مقابلي ۾) آخرت اها جڳهه آهي جنهن ۾ (ڪافرن لاءِ ) سخت عذاب آهي ته (مؤمنن لاءِ) الله تعالى جي طرفان بخشش ۽ رضامندي به آهي. دنيا جي زندگي رڳو ڌوڪي جي سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سابِقوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُها كَعَرضِ السَّماءِ وَالأَرضِ أُعِدَّت لِلَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ ذٰلِكَ فَضلُ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 21) |
پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ انھي بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي وانگر آھي انھن لاءِ تيار ڪيو ويو آھي جن الله ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو، اھو الله جو فضل آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سو اي مسلمانؤ!) پنهنجي پروردگار جي مغفرت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪٻئي کان اڳي نڪري وڃڻ جي ڪوشس ڪيو ۽ پڻ جنت ڏانهن ڊوڙڻ ۾ هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃو، جنهن جنت جي ويڪر ايڏي آهي جيڏو آسمان ۽ زمين. اها جنت انهن لاءِ تيار ڪيل آهي جيڪي الله ۾ ۽ سندس رسولن تي ايمان رکن ٿا (۽ سندن حڪمن تي عمل ڪن ٿا) اها (جنت) الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏيئي ٿو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ وڏي فضل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (عمل صالح سان) توهان تڪڙا هلو پنهنجي رب جي بخشش ۽ جنت ڏانهن، جنهنجي ويڪر آسمان ۽ زمين جي وسعت جيتري آهي (اِها) تيار ڪئي وئي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آڻن ٿا، اهو الله تعالى جو فضل آهي جنهنکي چاهي عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين پنهنجي پالڻهار جي معافي ۽ بهست ڏي جهپٽو جنهن (بهشت) جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي، جن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو تن لاءِ تيار ڪيل آهي. اها الله جي مهرباني آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڳتي وڌو مغفرت ڏانهن پنهنجي رب جي طرفان ۽ جنت ڏانهن جو ان جي ڪشادگي آسمان ۽ زمين جي ڪشادگيءَ جيتري آهي تيار ڪئي ويئي انهن جي لاءِ جن ايمان آندو الله ۽ ان جي رسولن تي اهو الله جو فضل آهي ڏئي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين پنهنجي پاليندڙ جي معافي ۽ جنت ڏي ڊوڙو جنهن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي، جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو تن لاءِ اها تيار ڪئي وئي آهي. اها الله جي مهرباني آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي مهربانيءَ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ڏانهن ۽ ان جنت ڏانهن جنهن جي ويڪر آسمان ۽ زمين جي پکيڙ جيتري آهي جيڪا انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جن الله تي ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو. اِهو الله جو فضل آهي، اُهو جنهن کي چاهي ٿو عطا ڪري ٿو. ۽ الله زبردست فضل وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، گَھٽ ۾ گَھٽ ڄَمار، سَمجھو راند، راڳ رُڳو، صُورت جو سينگار، ۽ آهي ناز اوهان جو، هِڪ ٻئي تي هيڪار، ۽ واڌارو ڪا وار، مال ۽ اولاد ۾. جَيَڻ هِن جَھان جو، آهي مِينهن آچار، هارِي حيرت ۾ هَنيا، جنهن جي اوڀرن اِسرار، ڪک ڪَڪوريا، پوءِ وَرِي پوءِ هَيڊا پَسِين هَر پار، تِهانپوءِ تڪرار، ڇاڻو ٿِيَن سي ڇَڻِي ۽ آهي آخرت ۾، عَذاب سَخت اَپار، پن مَره مالِڪ پاڪ کان، ۽ رضا ربَّ، ستار، ۽ ناهي هِئَ ڄَمار، مگر ٺاٺ ٺڳِئَ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجي رب جي بخشش ۽ انهي بهشت ڏانهن اڳرائي ڪريو، جنهن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جيئن آهي. انهن لاءِ تيار ڪيل آهي، جن الله ۽ سندن رسولن تي ايمان آندو- اهو الله جو فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ٿو ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ڊوڙو ۽ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريو، پنهنجي رب جي بخشش ۽ انهيءَ جنت ڏانهن، جنهن جي ويڪر آسمان ۽ زمين (جي ويڪر) جيڏي آهي، جيڪا تيار ڪئي وئي آهي انهن ماڻهن جي لاءِ، جن الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو هجي، اهو آهي الله جو فضل، جنهن کي وڻيس تنهن کي عطا ڪري ٿو ۽ الله تمام وڏي فضل وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڊوڙو ۽ مغفرت لاءِ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرو پنهنجي رب جي بخشش ۽ ان جي بهشت لاءِ جنهن جي پکيڙ آسمان ۽ زمين جيڏي آهي، جيڪو تيار ڪيل آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ايمان آندو الله ۽ سندس رسولن تي، اهو فضل آهي الله جو عطا ڪندو آهي ان کي جنهن کي گهري، ۽ الله وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنهنڪري توهان پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ ان جنت جي طرف ڊوڙو جنھن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جيتري آهي، جيڪا انهن ماڻهن جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي جن الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) تي ايمان آندو. اها الله تعالى جي مھرباني آهي، جنھن کي هو چاهي تنھن کي عطا ڪندو آهي ۽ الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَصابَ مِن مُصيبَةٍ فِى الأَرضِ وَلا فى أَنفُسِكُم إِلّا فى كِتٰبٍ مِن قَبلِ أَن نَبرَأَها إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 22) |
ڪابه مُصيبت نڪي زمين ۾ ۽ نڪي اوھان جي جندن ۾ پھچندي آھي پر اُنھي کان اڳ اُن کي پيدا ڪريون ھڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪابه مصيبت زمين تي نٿي اچين، نڪي توهانجي جانين تي ٿي اچي، پر اها وجود ۾ آڻيون ٿا، تنهن کان اڳ ئي ڪتاب ۾ لکيل آهي. يعني اسان جي مقرر ڪيل قانونن موجب اها مصيبت ظهور ۾ اچي ٿي) يقيناً هيءَ ڳالهه الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل سولي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) زمين ۾ ڪا مصيبت نٿي پهچي ۽ نه توهان جي وجودن ۾ مگر اها ان جي پيدائش کان اڳي لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي، بيشڪ هي الله تعالى لاءِ آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيتريون مصيبتون سموري زمين تي ۽ خود ماڻهن تي نازل ٿين ٿيون (سي سڀ) اسان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ئي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهن بيشڪ اها (ڳالھ) خدا تي آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه پهتي ڪا مصيبت زمين ۾ ۽ نه اوهان جي سرن ۾ مگر ڪتاب ۾ آهي ان کان اڳي جو ان کي پيدا ڪيون بيشڪ اهو الله لاءِ آسان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪا مصيبت به زمين ۾ ۽ اوهانجن جندن ۾ نٿي پهچي پر ان جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ اها ڳالهه الله وٽ آسان آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪابه مصيبت اهڙي نه آهي جا زمين ۾ پهچي ٿي ۽ نه توهان جي جانين کي پهچي ٿي مگر اسان ان کي پيدا ڪرڻ کان اڳ ئي هڪ ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکي رکيو) آهي. بيشڪ اها ڳالهه الله وٽ آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ذِلت نه رَسي زَمِين ۾، ۽ نه اَهنجي جان اَندر، قُدرت جي ڪتاب ۾، موجود آهي، مگر، اِنهيان اَڳ ته ڪريونسِ اَسِين، پَڌرو ڪِنهِين پَر، آهي اِهو آسان گھڻو، سَچي صاحِب سِر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪا مصيبت زمين ۾ خواهه اوهان جي وجود ۾ پهچي ٿي، سا اسان جي ان کي پيد اڪرڻ کان اڳ ڪتاب ۾ لکيل آهي، بيشڪ اهو الله تي سولو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪابه مصيبت اهڙي ناهي جيڪا زمين ۾ يا توهان جي پنهنجن سرن تي پوندي هجي ۽ اسان ان کي وجود ۾ آڻڻ کان اڳ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي نه رکيو هجي، ائين ڪرڻ الله لاءِ تمام آسان ڪم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪا به پهچي ٿي مصيبت زمين ۾ يا نه ٿي پهچي توهان جي جانين کي پر اها ڪتاب ۾ اڳي ئي (اسين) لکي چڪا آهيون، بيشڪ اهو الله جي لاءِ سولو ڪم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين جي گولي تي يا خود توهان جي مٿان جيڪا به مصيبت اچي ٿي ان جي اچڻ کان پھريائين اسان پنھنجي ڪتاب ۾ ان کي لکي ڇڏيو آهي. بيشڪ اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِكَيلا تَأسَوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا تَفرَحوا بِما ءاتىٰكُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 23) |
ھن ڪري (اھا خبر ڏني اٿون) ته جيڪي اوھان جي ھٿن مان ويو تنھن تي ارمان نه ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي عطا ڪيائين تنھن تي خوشي نه ڪريو، ۽ الله سڀڪنھن ھٺيلي پاڻ سڏائيندڙ کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي مصيبتون هِن لاءِ به اچن ٿيون) ته جيڪي اڳ ئي گذري چڪو (يعني توهان اڳ ئي بدعمل ڪري چڪا آهيو) تن تي مايوس نه ٿيو (آئينده نيڪ عمل ڪيو ته خدا جي رحمت ويجهي آهي) ۽ هن لاءِ به (اچن ٿيون) ته جيڪي (نعمتون) توهان کي ڏنيون ويون آهن تن تي ڦونڊجي نه وڃو. بيشڪ الله تعاليٰ هرهڪ ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪيءَ کي ناپسند ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته توهان ان شيءِ لاءِ غمگين نه ٿيو جيڪا توهان کان وڃي ٿي ۽ نه خوش ٿيو جيڪا توهان کي ڏئي ٿو (مطلب ته رب جي رضا تي راضي رهو) ۽ الله تعالى محبت نٿو رکي هر تڪبر ڪندڙ ۽ فخر ڪندڙ سان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿئون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو آهي تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪا نعمت اوهان کي عطا ڪري تنهن تي وڏائي نه ڪريو. ۽ خدا ڪنهن به هٺيلي ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي دوست نه ٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته نه افسوس ڪيو ان تي جو نه مليو اوهان کي ۽ نه (بيجا) خوش ٿيو ان تي جو ڏنائين اوهان کي ۽ الله نه ٿو محبت رکي هر مغرور، فخرڪندڙ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ڏنو اٿس تنهن تي خوش نه ٿيو ۽ الله کي سڀڪو هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته توهان ڏک نه ڪيو ان تي جا شيءِ توهان جي هٿان هلي وڃي ۽ فخر نه ڪيو ان تي جيڪي توهان کي ڏنائين. ۽ الله هر هٺيلي پاڻُ پَڏَائيندڙَ کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن کي ڏِني ويئـِي اِن ڪري، اِها خاص خبر، ته ٿيو اوهان کان ٿوڪ جو، غفلت مَنجھ گُذر، ڪريو نه پَنهنجي قَلب ۾، تِنهن گُذرِئَ جو گُوندر، ۽ ته ڪِين مَرڪون اُن مٿي، ڏِنان جو ڏاتر، پِيار نه ڏئـِي پَروَر، ڪِنهن مَرڪندڙ مَغرور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ڪري، ته جيڪي اوهان جي هٿن مان ويو، تنهن تي ارمان نه ڪريو_ ۽ جيڪي اوهان کي ڏنائين، تنهن تي پاڻ نه پڏايو، جو الله سڀ ڪنهن هٺيلي ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي پسند نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ آهي ته) جيڪي اوهان جي هٿن مان وڃي ان تي دل نه لاهيو ۽ جيڪي ڪجهه الله توهان کي عطا ڪري ان تي ڦونڊجي نه وڃو. الله پاڻ پڏائيندڙ ۽ ٻٽاڪون هڻندڙ کي هرگز پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو سڀ ان لاءِ ته) جيئن جيڪو به نقصان ٿئي توهان کي ته ان تي مايوس نه ٿيو يا فخر ڪريو جيڪي توهان کي عطا ٿئي ۽ الله (بلڪل) پسند نٿو ڪري تڪبر ڪندڙ فخر ڪندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ان ڪري آهي) ته جيئن توهان هٿن مان ويل ڪنھن شيءِ تي نه افسوس ڪريو ۽ نه ان تي غرور ڪريو جيڪا شيءِ توهان کي ڏني وڃي ٿي. (ڇوته) الله تعالى وڏائي خور ۽ پاڻ پڏائيندڙ کي پسند نه ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَمَن يَتَوَلَّ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 24) |
جيڪي پيچائي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به پيچائي ڏسيندا آھن، ۽ جيڪو منھن موڙيندو ته بيشڪ الله ئي بي پرواھ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي (ڦونڊ ڪندڙ ٻٽاڪي) بخل ۽ ڪنجوسائي ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ڏيندا آهن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه (خدا جي حڪمن کان) ڦري ٿو وڃي ته (ڪابه پرواهه ناهي هو رڳو پنهنجو نقصان ٿو ڪري) الله تعاليٰ ته يقيناً بي پرواهه آهي ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جيڪي بخيلي ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي بخيليءَ جو چون ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو (خرچ ڪرڻ کان) مُنهن موڙي ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي پاڻ به ڪنجوس آهن ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي ڪرڻ لاءِ چون ٿا. ۽ جيڪو (انهن ڳالهين کان) منهن موڙيندو ته خدا به بي پرواھ لائق حمد ۽ ثنا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي بخيلي ڪن ٿا ۽ امر ڪن ٿا ماڻهن کي بخيليءَ جو ۽ جيڪو منهن موڙيندو پوءِ بيشڪ الله اهوئي غني، حميد آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي الله کي نٿا وڻن) جي پاڻ (به) نٿا ڏين ۽ ماڻهن کي (به) نه ڏيڻ لاءِ چون ٿا. ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله ئي بي پرواه ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو (خود به) ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ماڻهن کي به ڪنجوسي جو حڪم ڪن ٿا. ۽ جيڪو ماڻهو منهن موڙيندو ته پوءِ بيشڪ الله (به) بي پرواهه ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي مَرڪندڙ مال تي، جي بُخل ڪن بيڪار، مُوڙهل ڏَسِينِ ماڻهئـِين، ڪَنجوسِئَ جِي ڪار، ۽ جيڪي مُنهن موڙِيندو، ته پوءِ صاحب رَبُّ سَتار، آھِ تونگر تڪرار، پڻ ساراهيل سَڀِـين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي بخل ٿا ڪن ۽ ماڻهن کي بخيلي ٿا ڏسين، ۽ جيڪو منهن موڙيندو، ته بيشڪ الله بي پرواهه، ساراهيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پاڻ به ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ وري ٻين کي به ڪنجوسيءَ تي اڀارين ٿا. پوءِ جي ڪو پٺي ڏيئي ويندو ته الله کي ڪهڙي ڪاڻ آهي، هو ته پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جيڪي پاڻ (ڪنجوسي) بخيلي ڪن ٿا ۽ حڪم ڏين ٿا ماڻهن کي به بخيليءَ جو، ۽ جيڪو به منهن موڙي ٿو، پوءِ ته الله بي نياز ۽ ساراهيل صفتن وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ الله تعالى اهڙن ماڻهن کي به پسند نه ڪندو آهي) جيڪي نه رڳو خود ڪنجوسي ڪندا آهن پر ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسيءَ جو سبق پڙهائيندا آهن (هاڻي به) جيڪو ماڻهو (ان ڳالهه کان) منھن موڙيندو ته الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد أَرسَلنا رُسُلَنا بِالبَيِّنٰتِ وَأَنزَلنا مَعَهُمُ الكِتٰبَ وَالميزانَ لِيَقومَ النّاسُ بِالقِسطِ وَأَنزَلنَا الحَديدَ فيهِ بَأسٌ شَديدٌ وَمَنٰفِعُ لِلنّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ مَن يَنصُرُهُ وَرُسُلَهُ بِالغَيبِ إِنَّ اللَّهَ قَوِىٌّ عَزيزٌ (آيت : 25) |
بيشڪ پنھنجن پيغمبرن کي پڌرين نشانين سان موڪليوسون ۽ ساڻن ڪتاب ۽ تارازي ھن لاءِ موڪليوسون ته ماڻھو انصاف سان بيھڪ وٺن، ۽ لوھ موڪليوسون جنھن جي ڪري سخت ويڙھ آھي ۽ ماڻھن لاءِ (ٻيا) فائدا (به) آھن ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس پيغمبرن کي پرپُٺ مدد ڏئي تنھن کي الله معلوم ڪري، بيشڪ الله سگھارو غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ حقيقت آهي ته اسان پنهنجي رسولن کي چٽين نشانين (۽ چٽن حڪمن) سان موڪليو ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي نازل ڪئي سين انهيءَ ته ماڻهو عدل ۽ انصاف تي قائم رهن ۽ پڻ الله تعاليٰ لوهه نازل ڪيو آهي (يعني عطا ڪيو آهي) جنهن سان سخت لڙائي ڪري ٿي سگهجي ۽ جنهن ۾ ماڻهن لاءِ گهڻائي فائدا رکيل آهن ۽ (اهي ٽيئي شيون) هن لاءِ (عطا ڪيل آهن) ته الله تعاليٰ ڏسي وٺي ته ڪهڙا ماڻهو (انهن ٽن شين سان) کيس ۽ سندس رسولن کي اڻ ڏٺي مدد ڪن ٿا (۽ اهو خيال نٿا ڪن ته اسان جي حق جي راهه ۾ مدد ٻيا ماڻهو ڏسن ٿا يا نه) يقيناً الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ زبردست غالب آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان پنهنجا رسول معجزن سان موڪليا ۽ اسان انهن سان گڏ ڪتاب ۽ ميزان نازل فرمايو ان لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن، ۽ اسان لوهه کي نازل ڪيو انهيءَ مان جنگي اوزار ٺهن ٿا ۽ ماڻهن لاءِ (ٻيا به گھڻا) نفعا آهن، ۽ ان لاءِ ته الله تعالى ڏسي ته پرپٺ سندس ۽ سندس رسولن جي مدد ڪير ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى زبردست قوت وارو غالب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان پنهنجي پيغمبرن کي پڌرا معجزا عطا ڪري موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي نازل ڪئي هن لاءِ ته ماڻهو انصاف تي قائم رهن. ۽ اسان ئي لوھ کي نازل ڪيو، ان ۾ (جنگ لاءِ) سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن. هن لاءِ ته خدا ڏسي ته بنا ڏٺي الله ۽ سندس پيغمبرن جي مدد ڪير ٿو ڪري. بيشڪ خدا زور آور زبردست غالب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليوسون پنهنجن رسولن کي روشن دليلن سان ۽ لاٿوسون انهن سان گڏ ڪتاب ۽ ساهمي تانته ماڻهو عدل سان قائم رهن ۽ اسان لاٿو لوهه ان ۾ خوف سخت آهي ۽ نفعا آهن ماڻهن جي لاءِ ۽ تانته ڄاڻي الله ته ڪير مدد ڪري ٿو ان جي ۽ ان جي رسولن جي اڻ ڏٺي بيشڪ الله قوت وارو غالب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله پنهنجي رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ترازي (حڪمت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن. ۽ اسان لوهه لا ٿو، ان ۾ سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ (بيشمار) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته الله ڄاڻي ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي پرپٺ مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله زورآ ور زبردست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان پنهنجي رسولن کي چِٽين نشانين سان موڪليو ۽ اسان انهن سان گڏ ڪتاب ۽ (عدل جي) تارازي نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن ۽ اسان لوهه لاٿو جنهن ۾ وڏي طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ نفعا آهن، هن لاءِ ته الله ظاهر ڪري ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي اڻ ڏٺي مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله وڏي قوت وارو غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان مُقرّر موڪليا، پَنهنجا پيغمبر، پَڌرن پيغامن سان، ثابِت سراسر، ۽ لِکيا لاٿا سون، اُنهن سان، پڻ مِيزان مُقرر، تان آدمِي اِنصاف تي، بِيهن برابر، ۽ لوه لاٿاسون جنهن ۾، وَڏو خوف خطر، ٻِئا به مَطلب ماڻهن جا، هزارِين هُنر، ۽ پَرکي تان پاڻ ڌَڻِي، لَهي خُوب خبر، ته پَر پُٺ ڪِهڙو پِڙ ۾، وِير ڪري واهِر، اُن جِي، ڪِ جيڪِي اُن جا، نَبِي نيڪ نَظر، زور آوَر زَبر، پڻ ڏاڍو آهي، ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان پنهنجن رسولن کي ظاهر نشانين سان موڪليو ۽ ساڻن ڪتاب ۽ ترازو هن لاءِ لاٿوسون، ته ماڻهو انصاف سان بيهن_ ۽ لوهه پيدا ڪيوسون، جنهن ۾ سخت طاقت رکيل آهي ۽ ماڻهن لاءِ ٻيا به فائدا آهن_ ۽ ته جيڪو الله ۽ سندس رسول کي پر پٺ مدد ڏئي، تنهن کي الله ظاهر ڪري_ بيشڪ الله سگهارو غالب آهي. رڪوع : (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان پنهنجن رسولن کي چٽين نشانين ۽ هدايتن سان موڪليو ۽ تنهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي به لاٿي، تانته ماڻهو انصاف تي (پختا) بيهن ۽ لوهه لاٿوسون، جنهن ۾ ڏاڍي طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ فائدا آهن. اهو ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن الله کي معلوم ٿي وڃي ته ڪير کيس ڏسڻ کانسواءِ ئي ان جي ۽ سندس رسولن جي مدد ٿو ڪري، بيشڪ الله وڏي سگهه وارو ۽ زبردست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان موڪليوسين پنهنجن رسولن کي پڌرين نشانين ۽ هدايتن سان ۽ نازل ڪيو ان سان گڏ ڪتاب ۽ ماپو (ميزان) جيئن قائم رهن ماڻهو انصاف تي، ۽ لاٿوسين لوهه، جنهن ۾ ته وڏو زور آهي ۽ نفعا به آهن ماڻهن جي لاءِ، (اهو ان لاءِ ڪيو ويو) ته جيئن معلوم ٿئي الله کي ته ڪير مدد ڪري ٿو ان جي ۽ سندس رسولن جي ڏسڻ بنا. بيشڪ الله وڏي طاقت وارو زبردست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان پنھنجي رسول سڳورن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ انهن سان گڏ ڪتاب ۽ تارازي نازل ڪئي ته جيئن ماڻهو انصاف تي قائم رهن ۽ اسان لوهه به نازل ڪيو آهي جنهن ۾ تمام گهڻي سختي ۽ ماڻهن جي لاءِ وڏا فائدا رکيل آهن (اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيوسين) ته جيئن الله تعالى کي معلوم ٿي وڃي ته ڪير اڻ ڏٺي ان جي ۽ سندس رسول سڳورن جي مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله تعالى زبردست طاقت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا وَإِبرٰهيمَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِمَا النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ فَمِنهُم مُهتَدٍ وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 26) |
۽ بيشڪ نُوح ۽ ابراھيم کي موڪليوسون ۽ سندن اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب (امانت) رکيوسون پوءِ منجھائن ڪي ھدايت وارا آھن، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان حضرت نوح ۽ حضرت ابراهيم کي پيغمبر ڪري موڪليو ۽ هنن جي اولاد ۾ نبوت ۽ وحي قائم رکندا رهياسين. سو هنن ۾ ڪي ته حق جي راهه تي قائم رهيا پر هنن مان گهڻا بي فرمان بدڪار ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان (حضرت) نوح ۽ ابراهيم کي پيغمبر ڪري موڪليو ۽ اسان انهن ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب رکيا، پوءِ ڪي انهن مان هدايت وارا ٿيا ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان ئي نوح ۽ ابراهيم کي (پيغمبر بنائي) موڪليو ۽ انهن ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليوسون نوح ۽ ابراهيم کي ۽ ڪئي اسان انهن جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب پوءِ انهن مان ڪو هدايت وارو آهي ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ انهن جي اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب رکيوسون، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن. ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ اسان انهن ٻنهين جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر فرمايو، پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ انهن مان گهڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان مُقرّر موڪليا، نُوح، اِبراهِيم، ۽ رکي سون پاڪ پيغمبري، پڻ ڪِتاب ڪَرِيم، اُن ٻِنهِين جي اولاد ۾، اَمانت عَظِيم، آهِن پوءِ اُنهن مَنجھان، سُونهان، ڪي سَلِيم، پڻ ڀُڃندڙ حُڪم حَڪِيم، آهِن گھڻا اُنهن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ سندس اولاد ۾ ڪتاب ۽ نبوت رکيوسون_ پوءِ انهن مان ڪي هدايت وارا آهن ۽ انهن مان گهڻا بدڪار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نوح ۽ ابراهيم کي موڪليو ۽ ٻنهي جي نسل ۾ نبوت ۽ ڪتاب رکياسون. پوءِ سندن اولاد مان ڪن هدايت قبول ڪئي پر گهڻا نافرمان ٿي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان موڪليو نوح ۽ ابراهيم کي ۽ رکي سين انهن جي نسل ۾ نبوت ۽ ڪتاب کي، پوءِ انهن مان ڪنهن هدايت اختيار ڪئي ۽ ڪيترا ئي انهن مان فاسق (نافرمان) ٿيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نوح ۽ ابراهيم (ؐ) کي (رسول ڪري) موڪليو ۽ ٻنهي جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب (موڪلڻ) جو سلسلو جاري رکيو. پوءِ انهن مان ڪجهه ماڻهو هدايت وارا ٿيا ۽ گهڻا وري انهن مان نافرمان ٿيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ قَفَّينا عَلىٰ ءاثٰرِهِم بِرُسُلِنا وَقَفَّينا بِعيسَى ابنِ مَريَمَ وَءاتَينٰهُ الإِنجيلَ وَجَعَلنا فى قُلوبِ الَّذينَ اتَّبَعوهُ رَأفَةً وَرَحمَةً وَرَهبانِيَّةً ابتَدَعوها ما كَتَبنٰها عَلَيهِم إِلَّا ابتِغاءَ رِضوٰنِ اللَّهِ فَما رَعَوها حَقَّ رِعايَتِها فَـٔاتَينَا الَّذينَ ءامَنوا مِنهُم أَجرَهُم وَكَثيرٌ مِنهُم فٰسِقونَ (آيت : 27) |
وري پٺيانئن پنھنجا (ٻيا) پيغمبر موڪلياسون ۽ پوئتان عيسىٰ پُٽ مريم جي کي موڪليوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون، ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ ٻاجھ رکي سون، ۽ اُھا گوشه نشيني جا پاڻ ٺاھي ھوائون سا اسان مٿن فرض نه ڪئي ھُئي پر الله جي رضامندي جي طلب لاءِ پاڻ ٺاھي ھوائون پوءِ اُن جو پورو حق نظر نه رکيائون، پوءِ منجھائن جن ايمان آندو تن کي سندن اجر ڏنوسون، ۽ منجھائن گھڻا بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي نقش قدم تي اسان ٻيا به پيغمبر موڪليا ۽ انهن جي پٺيان وري حضرت عيسيٰ ابن مريم کي موڪليوسين ۽ کيس انجيل موڪليوسين ۽ جن ماڻهن سندس پيروي ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ رحمدلي پيدا ڪئي سين، پر جيڪا رهبانيت هنن ايجاد ڪئي، (يعني بدعت طور يعني نئين سر اختيار ڪيائون) سا اسان هنن کي ڪتاب ۾ ڪانه سيکاري هئي. اسان ته هنن کي فقط هي سيکاريو هو ته خدا جي راضپي جي تلاش ڪندا رهن، پر هنن اها فرض ادائي نه نڀائي جهڙو انهن جو حق هو. (يعني جيئن الله تعاليٰ جي راضپي جي تلاش ڪجي تيئن ڪري نه سگهيا.) تنهن هوندي به انهن مان جن کي (حضرت عيسيٰ جي تعليم تي) ايمان (۽ عمل) هو تن کي اسان (چڱو) اجر ڏنو، پر هنن مان گهڻا بي فرمان ۽ بدڪار ٿي رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان انهن جي پويان پنهنجا پيغمبر موڪليا ۽ اسان انهن کان پوءِ عيسيٰ پٽ مريم جو موڪليو ۽ اسان ان کي انجيل عطا ڪيو، ۽ اسان ان جي تابعدارن جي دلين ۾ (ان لاءِ) محبت ۽ رحمت پيدا ڪئي، ۽ رهبانيت کي انهن پاڻ پيدا ڪيو، اسان انهن تي اها فرض نه ڪئي هئي پر (انهن) الله جي رضامندي طلب ڪرڻ لاءِ ايئن ڪيو پوءِ انهن رهبانيت جو صحيح حق ادا نه ڪيو (يعنى رسولِ عربي تي ايمان نه آندو) پوءِ انهن مان جن ماڻهن ايمان آندو اسان انهن کي سندن اجر ڏنو، ۽ انهن مان گھڻا فاسق آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن جي پٺيان پنهنجا سندن ئي قدم پنهنجا رسول موڪليا ۽ مريم جي وٽ عيسى کي انهن پيغمبرن جي پٺيان موڪليوسون ۽ ان کي انجيل عطا ڪيوسون ۽ جن سندن تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ نرمي ۽ مهرباني رکي ۽ گوشه نشيني (دنيوي لذتن کان پاسو ڪرڻ) پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي پر خدا جي رضامندي گهرڻ لاءِ (انهن پاڻ ٺاهي هئي) پوءِ ان کي به جهڙو نڀائڻ گهرجي نه نڀايائون پوءِ جن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا (ته) انهن مان نافرمان آهن ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ پويان موڪليا اسان سندن نشانن تي پنهنجا رسول ۽ پويان موڪليو اسان عيسى بن مريم کي ۽ ڏنو اسان ان کي انجيل ۽ پيدا ڪئي اسان دلين انهن جي ۾ جو تابع ٿيا ان جا نرمي ۽ رحمت ۽ راهب هجڻ پاڻ شروع ڪيائون ان کي نه مقرر ڪيو اسان ان کي انهن تي مگر الله جي رضا طلب ڪرڻ جي لاءِ پوءِ نه رعايت ڪيائون ان جي حق ان جي رعايت ڪرڻ جو پوءِ ڏنوسون انهن کي جن ايمان آندو انهن مان اجر انهن جو ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان سندن نموني تي انهن جي پٺيان پنهنجا رسول موڪليا ۽ عيسيٰ پٽ مريم جي کي (به) انهن جي پٺيان موڪليوسون ۽ ان کي انجيل ڏنوسون. ۽ جن سندس تابعداري ڪئي تن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ مهرباني رکي، ۽ گوشه نشيني پاڻ ٺاهي هئائون، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي پر الله جي رضامندي گهرڻ لاءِ (انهن پاڻ ٺاهي هئي) پوءِ ان جي سنڀال نه ڪيائون جيئن ان جي سنڀال ڪرڻ کپندي هئي پوءِ جن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن جي پُٺيان لڳاتار انهيءَ طريقي تي ٻيا رسول موڪليا، ۽ انهن جي پٺيان عيسى پٽ مريم کي موڪليوسين ۽ ان کي انجيل ڏنوسين ۽ اسان انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن سندس پيروي ڪئي هئي نرمي ۽ ٻاجھه رکي. ۽ گوشه نشيني (جي بدعت) انهن پاڻ ايجاد ڪئي هئي اها اسان انهن تي فرض نه ڪئي هئي، (اها بدعت) رڳو الله جي رضامندي (حاصل ڪرڻ) لاءِ بنايائون پوءِ ان کي نڀائي نه سگهيا جيئن نڀائڻ جو حق هيو، پوءِ جن ماڻهن انهن مان ايمان آندو تن کي اسان سندن اجر ڏنو ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي مُڪاسون تَن پُٺيان، پَنهنجا پيغمبر، ۽ عِيسٰى اِبن مَريم پوئتان، اُماڻيوسُون اَنور، ۽ اِنجيل ڏِنوسون اُن کي، ۽ پارِيَسِ جَنِين پَر، رَکِيسون اُنهن جي رُوح ۾، نَرمِي، ٻاجھ ٻيهر، ٽِي پڻ جُڙتو جو ڳـپـَڻِي، جا اَسان نه لِکِي اُنهن سِر، پاڻهِين ٺاهِيون پَروَر جي، خُوشنودِي خاطِر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري انهن جي پٺيان پنهنجا ٻيا رسول موڪلياسون- ۽ پوئتان مريم جي پٽ عيسيٰ کي موڪليوسون، ان کي انجيل ڏنو سون ۽ جن ان جي تابعداري ڪئي، تن جي دلين ۾ نرمي ۽ رحمت (ٻاجهه) رکي سون_ ۽ اڪيلو رهي عبادت ڪرڻ جي رسم ماڻهن پاڻ ٺاهي هئي، اها سان مٿن فرض نه ڪئي هئي_ پر الله جي رضا مندي طلبڻ لاءِ پاڻ ٺاهي هئائون، پوءِ ان جو پورو حق ادا نه ڪيائون_ پوءِ انهن مان جن ايمان آندو، تن کي انهن جو اجر ڏنوسون ۽ انهن مان گهڻا بي دين آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري اسان ساندهه هڪ ٻئي پويان پنهنجا رسول موڪليا ۽ انهن سڀني کان پوءِ وري مريم جي پٽ عيسيٰ کي آندوسون ۽ کيس انجيل ڏنوسون ۽ جن ماڻهن سندس پيروي ڪئي، انهن جي دلين ۾ اسان ترس ۽ رحمدلي وجهي ڇڏي. باقي رهبانيت (دنيا کي ترڪ ڪرڻ واري ريت) انهن پاڻ گهڙي ورتي، اسان اها مٿن لازم نه ڪئي هئي، پر الله کي راضي ڪرڻ خاطر انهن پاڻ ئي اها بدعت ڪڍي، پر پوءِ ته ان جي پوريءَ طرح پوئواري جيئن جو ڪرڻ کپندي هئن نه ڪيائون. انهن منجهان جن ايمان آندو هو، تن کي اسان سندن اجر عطا ڪيا، پر انهن مان گهڻا نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کان پوءِ (لاڳيتا) موڪلياسين سندن پيرويءَ ۾ پنهنجا رسول ۽ پويان وري موڪليوسين عيسيٰ پٽ مريم کي ۽ کيس عطا ڪيو انجيل، ۽ وڌي سين دلين ۾ انهن جي پيروي ترس ۽ رحم، ۽ رهبانيت (گوشه نشيني) انهن پاڻ ايجاد ڪئي، اها مٿن فرض ڪيل نه هئي، پر اختيار ڪيائون خوشنودي الله جي ۾ انهن پاڻ ئي اها بدعت ڪڍي، پوءِ ڏنوسين انهن مان ايمان وارن کي انهن جو اجر، پر گهڻا ته انهن مان فاسق آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن کان پوءِ (ٻيا) رسول سڳورا موڪليا ۽ عيسى پُٽ مريم (ؐ) کي (به) موڪليوسين جنهن کي انجيل عطا ڪيو. پوءِ جن ماڻهن ان جي فرمانبرداري ڪئي اسان انهن جي دلين ۾ شفقت ۽ رحم وڌوسين. گوشه نشيني (يعني دنيا کان الڳ ٿي رهڻ ته) انهن ماڻهن پاڻ اختيار ڪئي آهي، اسان اِها اُنهن تي فرض نه ڪئي هئي.اسان ته انهن تي الله تعالى جي رضامندي حاصل ڪرڻ فرض ڪئي هئي (پر ان رضامندي کي حاصل ڪرڻ جو انهن اهو نئون طريقو پنھنجي طرفان گهڙي ورتو هو) پوءِ هو ان طريقي تي قائم به نه رهي سگهيا جيترو ان جو حق هو. پوءِ انهن مان جن ماڻهن ايمان آندو اسان انهن کي سندن اجرعطا ڪيوسين پر انهن مان گهڻا ماڻهو نافرمان آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَءامِنوا بِرَسولِهِ يُؤتِكُم كِفلَينِ مِن رَحمَتِهِ وَيَجعَل لَكُم نورًا تَمشونَ بِهِ وَيَغفِر لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 28) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ته اوھان کي پنھنجي ٻاجھ مان به ڀاڱا ڏئي ۽ اوھان کي اھڙو نُور ڏئي جنھن سان (رستو) ھلو ۽ اوھان کي بخشي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي (عيسائيو) اوهان مان جن کي (حضرت عيسيٰ تي) ايمان آهي، سي خدا کان ڊڄو (۽ خدائي دين جي نظام هيٺ اچو) ۽ سندس رسول (حضرت محمدﷺ) تي ايمان آڻيو (ڇو ته توهان حضرت عيسيٰ واري تعليم وساري ڇڏي آهي ۽ هي رسول حضرت محمدﷺ ساڳئي تعليم ٿو ڏئي) الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجي رحمت مان ٻه حصا ڏيندو. ۽ اوهان جي لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان گامزن ٿيندو (يعني انهيءَ روشنيءَ ۾ عملي طرح اڳتي وڌندا رهندؤ) ۽ اوهان جون (اڳيون) خاميون معاف ڪري ڇڏيندو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بار بار معاف ڪندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (بشرطيڪه توهان غلطيون ڦٽي ڪري سڌيءَ واٽ تي هلو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان رسولِ عربي تي ايمان آڻيو اهو توهان کي ٻه حصا پنهنجي رحمت مان عطا ڪندو ۽ توهان لاءِ هڪ نور پيدا ڪندو جنهن سان توهان پنڌ ڪندا ۽ توهان کي بخش ڪندو، ۽ الله تعالى غفور رحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو ۽ سندس رسول (محمد) تي ايمان آڻيو ته خدا اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي اهڙو نور عطا ڪندو جنهن (جي روشني) ۾ اوهين هلندو ۽ اوهان کي معاف به ڪندو. ۽ خدا ته نهايت بخشڻهار تمام رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارا! ڊڄو الله کان ۽ ايمان آڻيو ان جي رسول تي ته ڏيندو اوهان کي ٻه ڀاڱا پنهنجي رحمت مان ۽ ڪندو اوهان جي لاءِ نور جو هلندؤ اوهان ان سان ۽ بخش ڪندو اوهان کي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ته اوهان کي پنهنجي مهرباني مان ٻه حصا ڏئي ۽ اوهان لاءِ روشني رکي جنهن ۾ اوهين هلو (ترقي ڪريو) ۽ اوهان کي معاف ڪري ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ته اهو اوهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه حصا عطا ڪندو ۽ توهان لاءِ نور پيدا ڪندو جنهن ۾ توهان هلندؤ ۽ توهان جي بخشش ڪندو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي، جَن مَڃيو!، ڪَنبو ڀر قهار، پڻ سَندسِ سَچي رَسُول تي، آڻيو اِعتبار، ته ٻِيڻو پَنهنجِي ٻاجھ سان، ڏِئي اوهان کي ڏاتار، پڻ اُن سان اوهان لئي ڪري، چانڊوڪي چوڌار، اُنهِئَ نُور نِبار تي، هَلو چَلو هَر پار، پڻ اگلايون اوهان کي، بَخشي بَخشڻهار، ۽ صاحِب رَبُّ سَتّار، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو، ته اوهان کي پنهنجي مهرباني سان ٻه ڀاڱا ڏئي ۽ اوهان کي اهڙي روشني ڏئي، جنهن سان هلو ۽ اوهان کي بخشي_ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سندس رسول (محمد ﷺ) تي ايمان آڻيو، الله توهان کي پنهنجي رحمت جا ٻه ڀاڱا ڏيندو ۽ توهان کي اهو نور عطا ڪندو، جنهن جي روشنيءَ ۾ توهان پيا هلندؤ ۽ هو توهان جا قصور معاف ڪري ڇڏيندو، الله ته ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، ڊڄو الله کان ۽ ايمان آڻيو سندس رسول (محمد) تي ۽ عطا ڪندو اهو (الله) ٻيڻو حصو پنهنجي رحمت جو ۽ بخشيندو توهان کي پنهنجو نور، جنهن جي روشني ۾ توهان هلندا، معاف ڪندو توهان کي (قصور)، ۽ الله وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو ۽ سندس رسول سڳوري تي ايمان آڻيو ته هو توهان کي پنھنجي رحمت مان ٻيڻو اجرعطا ڪندو ۽ اهڙو نور عطا ڪندو جو توهان ان جي روشنيءَ ۾ هلندا ۽ توهان کي بخش ڪندو ۽ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِئَلّا يَعلَمَ أَهلُ الكِتٰبِ أَلّا يَقدِرونَ عَلىٰ شَيءٍ مِن فَضلِ اللَّهِ وَأَنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 29) |
ھن ڪري (الله ھي خبر ڏني) ته اھل ڪتاب جا ڄاڻن ته اُھي الله جي فضل مان ڪنھن شيءَ تي سگھ رکي نه سگھندا آھن ۽ ته فضل الله جي ھٿ ۾ آھي جنھن کي وڻيس تنھن کي ڏيندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ (اسان توهان تي نعمتون ڪنداسين) ته اهل ڪتاب (جن رسولﷺ تي ايمان نه آندو آهي سي) سمجهي وٺن ته الله جي فضل مان ڪجهه به سندن هٿ ۾ ناهي، ۽ يقيناً فضل (۽ نعمتون) الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن جي جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ڏئي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ تمام وڏي فضل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته اهلِ ڪتاب وارا معلوم ڪن ته الله تعالى جي فضل تي انهن کي ڪو اختيار ناهي ۽ بيشڪ ڀَلائِي، الله تعالى جي دستِ قدرت ۾ آهي، جنهنکي چاهي پاڻ عطا ڪري ٿو، ۽ الله تعالى عظيم ڀلائي ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ان لاءِ چيو وڃي ٿو) ته جيئن اهل ڪتاب هئين نه سمجهن ته اهي مومن خدا جي فضل (۽ ڪرم) تي ڪجھ به قدرت نه ٿا رکن پڻ هي ته يقيني ڳالھ آهي ته مهرباني خدا جي قبضي ۽ (قدرت) ۾ آهي اهو جنهن کي گهري عطا فرمائي ۽ خدا ته وڏي فضل (۽ ڪرم) جو مالڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ڄاڻين اهل ڪتاب ته نه ٿا قادر ٿين ڪنهن شيءِ تي الله جي فضل مان ۽ بيشڪ ڀلائي الله جي هٿ ۾ آهي ڏئي ٿو اهو جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الله هيءَ خبر اوهان کي ڏي ٿو) ته اهل ڪتاب سمجهن ته اهي (پاڻ) الله جي مهرباني مان ڪجهه به حاصل ڪري نه ٿا سگهن ۽ (سمجهن ته) مهرباني الله جي هٿ ۾ آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي ٿو. ۽ الله وڏي مهربانيءَ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هن لاءِ) ته ڪتاب وارا سمجهن ته اُهي الله جي فضل تي ڪابه قدرت نه ٿا رکن ۽ بيشڪ فضل الله جي هٿ ۾ آهي اهو جنهن کي چاهي عطا ڪري ٿو. ۽ الله زبردست فضل وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن لئي ته اَهل ڪتاب جا، سَمجھن صاف بيان، ته ڀَلي جي ڪِنهن ڀال تي، اَٿن قُدرت ڪانه، ۽ آهي هَٿ اَلله جي، اَڙِيَن سان اِحسان، جِنهن کي گُھري جَھان مان، ڏِئي اُنِهئ کي ڏان، ۽ آهي رَبُّ، رَحمان، وَڏي وَڙ وارو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ڪري، ته ڪتابن وارا ڄاڻن، ته اُهي الله جي فضل مان ڪنهن شيءِ تي طاقت نٿا رکي سگهن ۽ ته الله جي هٿ ۾ فضل آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ٿو ڏئي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (توهان کي اها ڳالهه اختيار ڪرڻ گهرجي) ته جيئن اهلِ ڪتاب کي معلوم ٿي وڃي ته الله جي فضل تي سندن ڪو وَس نٿو هلي ۽ هي ته الله جو فضل سندس ئي هٿ وَس آهي، جيڪو جنهن کي به گهري عطا فرمائي ٿو ۽ هو تمام وڏي فضل وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (توهان اها ڳالهه اختيار ڪريو) جيئن ڄاڻي وٺن اهلِ ڪتاب ته فقط انهن جو حق ناهي الله جي فضل تي، ۽ هي ته بيشڪ ان جو فضل سندس هٿن ۾ آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي عطا ڪري، ۽ الله وڏي فضل وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ان لاءِ آهي ته جيئن) اهل ڪتاب (يھودين ۽ عيسائين) کي خبر پئجي وڃي ته هُو الله تعالى جي مھرباني مان ڪنھن به شيءِ تي طاقت نٿا رکن. بيشڪ اها مھرباني (صرف) الله تعالى جي هٿ ۾ آهي، هو جنھن کي چاهي اها عطا ڪندو آهي ۽ الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |