توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الرَّحمٰنُ (آيت : 1) |
ٻاجھاري (الله).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) رحمان خدا (نهايت ئي ڪريم آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رحمٰن (جلَّ جلالہٗ)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وڏي مهربان (خدا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رحمٰن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رحمان، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهو) بي انتها مهربان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏاتار ڏيهن کي، ڏيندڙ ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نهايت ٻاجهاري (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيحد مهر واري (رحمان) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نهايت مهربان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى) بيحد مھربان آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَّمَ القُرءانَ (آيت : 2) |
قرآن سيکاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جنهن اسان کي) قرآن سيکاريو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پنهنجي حبيب ڪريم کي قرآن ڪريم سيکاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي قرآن جي تعليم ڏني.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سيکاريو قرآن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قرآن سيکاريو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جنهن) قرآن سيکاريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قادِر سيکاريو قرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (الله) قرآن سيکاريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي قرآن سيکاريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تعليم ڏني هن قرآن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ئي قرآن سيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ (آيت : 3) |
ماڻھو کي پيدا ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جنهن) انسان کي پيدا ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انسانيت جي جان محمد ڪريم کي پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي انسان کي پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين انسان کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان کي پيدا ڪيائين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انسان کي پيدا ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عجب اُپايو تِنهن اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهوءَ کي پيدا ڪيائين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ئي انسان کي پيدا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيدا ڪيو جنهن انسان کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن (ئي) انسان کي پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَّمَهُ البَيانَ (آيت : 4) |
ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽) کيس ڳالهائڻ سيکاريو آهي (۽ سمجهڻ سمجهائڻ جي طاقت ۽ عقل عطا ڪيو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (۽) اُن کي سڀئي علم عطا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي ان کي (پنهنجو مطلب) بيان ڪرڻ سيکاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سيکاريائين ان کي بيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خُوب سيکارِينسِ باب بيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کيس ڳالهائڻ سيکاريائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سيکاريائين کيس ڳالهائڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان کي چٽو ڳالهائڻ سيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الشَّمسُ وَالقَمَرُ بِحُسبانٍ (آيت : 5) |
سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سندس پيدا ڪيل) سج ۽ چنڊ مقرر حساب (۽ قانون) سان گردش ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سج ۽ چنڊ پنهنجي حساب سان هلن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سج ۽ چنڊ هڪ مقرر (ڪيل) حساب سان (هلي) رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سج ۽ چنڊ حساب سان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سج ۽ چنڊ (مقرر)حساب سان هلن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سج ۽ چنڊ (مقرر) حساب سان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِج، چنڊ بِه، حساب سان هَر آن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ٿا هلن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سج ۽ چنڊ هڪڙي حساب سان ٻڌل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سج ۽ چنڊ (پائبند آهن) هڪ حساب (چرپر) سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سج ۽ چنڊ هڪ مقرر حساب سان هلن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالنَّجمُ وَالشَّجَرُ يَسجُدانِ (آيت : 6) |
۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻوٽا (گاهه، ڀاڄيون، وليون وغيره) ۽ وڻ ٽڻ سندس اڳيان سجدو ڪري رهيا آهن (يعني سندس قانونن تي هلي رهيا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ وَلون ۽ وَڻ سجدا ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وليون ۽ وڻ ٻئي هن کي سجدو ڪندا رهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ول ۽ وڻ سجدو ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وليو ن۽ وڻ ٻئي سجدو ڪندا رهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين تي پکڙيل وَلِيون ۽ وڻ سڀئي (کيس) سجدو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَليون، اوڀر عالِيشان، سَڀَئـِي سَجدو ڪن سُبحان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وليون ۽ وڻ سجدو ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تارا ۽ وڻ سڀئي سجدو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تارا ۽ وڻ (سڀ) سجدو ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تارا ۽ (هر قسم جا) وڻ (ان جي اڳيان) سجدو ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالسَّماءَ رَفَعَها وَوَضَعَ الميزانَ (آيت : 7) |
۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمان کي هن ئي بلند ڪيو آهي، ۽ (قانون عدل ۽ اعتدال جي) تارازي بيهاري اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى آسمان کي بلند فرمايو ۽ ميزان کي مقرر ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (انصاف) جي ترازي قائم ڪئي اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ان کي ۽ رکيائين ساهمي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (اتي) ترازي رکي اٿس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان آسمان کي بلند ڪيو ۽ ان (عدل لاءِ) تارازي رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ايڏو سارو آسمان، ڪَيُسِ مَٿاهون مِهربان، ۽ رکيو ساهِمِئَ کي، سُلطان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمان کي مٿاهون ڪيائين ۽ انصاف جي ساهمي رکيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمان کي هن اوچو ڪيو ۽ ٻئي پــُـڙ برابر رکڻ واري تارازي رکي ڇڏيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آسمان کي مٿاهون رکيو ۽ قائم ڪيائين ساهمي کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن آسمان کي بلند ڪيو ۽ ان ۾ توازن رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلّا تَطغَوا فِى الميزانِ (آيت : 8) |
ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ ته توهان (انسان به سڀني دنيائي معاملن ۾ قانون، عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ کان ٻاهر نڪري نه وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ميزان ۾ گھاٽي واڌي نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته اوهين (به) ترازي (تورڻ) ۾ حد کان لنگهي نه وڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته نه حد کان لنگهو ساهميءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ترازي ۾ حد کان لنگهي نه وڃو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو توهان تورڻ ۾ بي اعتدالي نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان مُور نه مُنجھو مَنجھ مِيزان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگهو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان انهيءَ تارازي ۾ ڪو خلل نه وجهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (تقاضا اها آهي ته) حد کان نه لنگهو تور ماپ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو توهان ان توازن ۾ خلل نه وجهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقيمُوا الوَزنَ بِالقِسطِ وَلا تُخسِرُوا الميزانَ (آيت : 9) |
۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسانو! هڪٻئي سان هلت ڪرڻ ۾) عدل ۽ انصاف جو وزن قائم رکو، ۽ (عدل ۽ احسان جي) تارازيءَ ۾ گهٽتائي نه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انصاف سان وزن ڪريو ۽ توهان تور کي نه گھٽايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قائم ڪيو وزن عدل سان ۽ نه گهٽايو وزن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انصاف سان تور برابر ڪيو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توريو عدل ساڻ عيان، ۽ ڪَمِي ڪانٽي ۾ ڪريو ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انصاف سان پورو توريندا رهو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تور انصاف سان پوري توريندا ڪريو ۽ تارازيءَ ۾ کوٽ نه ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قائم رکو وزن انصاف سان ۽ کوٽ نه ڪريو تور ماپ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انصاف سان پوري تور ڪندا ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَرضَ وَضَعَها لِلأَنامِ (آيت : 10) |
ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين کي انهيءَ ئي (الله تعاليٰ) مخلوق (ماڻهن، مرن، پکين وغيره) لاءِ وڇائي ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى زمين کي پنهنجي مخلوق لاءِ رکيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن (جي فائدي) لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين رکيائين ان کي مخلوق جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان زمين کي وڇايو مخلوق جي لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀون پکيڙِينسِ بي گُمان، ۽ عالم ساري تي اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين کي هن ساري مخلوقات لاءِ بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زمين کي ٺاهيو آهي مخلوق جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان ئي زمين کي هر مخلوق جي رهڻ خاطر پکيڙيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيها فٰكِهَةٌ وَالنَّخلُ ذاتُ الأَكمامِ (آيت : 11) |
منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان (زمين) ۾ (قسمين قسين) ميوا آهن ۽ کجين جا وڻ آهن، جن جي خوشن (يعني کارڪن جي ڇڳن) تي غلاف چڙهيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ۾ ميوا آهن ۽ غلاف واريون کجيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ ميوا ۽ چپڙڀن واريون کجيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ۾ ميوا آهن ۽ کجيون غلاف واريون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ ميوا ۽ چپڙين واريون کجيون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ ميوا آهن ۽ ڇُڳن وارين کجورن جا وڻ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ۾ ميون جا ميدان، ۽ کَجيون ڇَپرين سان چَسپان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منجهس ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منجهس هر قسم جا جهجها لذيذ ميوا آهن، کجيءَ جا وڻ آهن، جن جو ڦـر ٻوڪن ۾ ويڙهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ۾ ڪيترا ئي سوادي ميوا ۽ کجين جا وڻ جن جا ڦر پڙدن ۾ ويڙهيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ۾ ميوا ۽ کجين جا وڻ آهن جن جي ڇڳن تي غلاف چڙهيل هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالحَبُّ ذُو العَصفِ وَالرَّيحانُ (آيت : 12) |
۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پڻ) اناج جون پوکون پنن ۽ ڪانن سميت آهن ۽ (پڻ) خوشبودار ٻوٽا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بُوسي سان گڏ اناج آهن ۽ خوشبودار گل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تهن وارو ان ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داڻو بُهه وارو ۽ نازبو جو گل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تُهن وارو اُن ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تُهن وارو اَنُ آهي ۽ خوشبوئدار ٻوٽا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُہ ۽ بُہ ۾، اَن اَرزان، ۽ سُهڻا، سُرها گَل ريحان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بُهه وارو اَن ۽ سرهاڻيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسمين قسمين اناج آهي، جنهن ۾ بُـهُه به ٿئي ٿو ته داڻو به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قسمين قسمين اناج (داڻن ۽ تُهه وارا) آهن ۽ خوشبودار گل ڦل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هن هر طرح جا اناج (پيدا ڪيا) جن ۾ بُهه به هوندو آهي،(کائڻ لاءِ) داڻو به ۽ خوشبودار گل (به پيدا ڪيا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 13) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪري سگهندَؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ (اي جنو ۽ انسانو) اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو !) اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِي پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو. اي جن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (اي جنؤ ۽ انسانو!) ”پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ الإِنسٰنَ مِن صَلصٰلٍ كَالفَخّارِ (آيت : 14) |
ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن انسان کي آواز ڪندڙ مٽيءَ مان ڪنڀر وانگر ٺاهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انسان کي اهڙي مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جيڪا ٺڪري وانگر وڄي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين انسان کي پڪي مٽيءَ مان ٺڪر جهڙي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايائين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان انسان کي وڄندڙ مِٽيءَ مان پيدا ڪيو جا ٺڪريءَ وانگر هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عَجَب اُپائـِين، هِي اِنسان، مِٽِي پَڪل مان، مِهربان، ٺَڙ ٺَڙ واري، ٺِڪر مَڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انسان کي ٺڪر جهڙي وڄندڙ مٽيءَ مان بنايائين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان کي هن ســُـڪي ٺوٺ ٿي ويل ڪــِـني گاري مان خلقيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خلقيائين انسان کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان (وڄندڙ) ٺڪر جهڙي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن انسان کي ٺڪري جھڙي کڙڪندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَخَلَقَ الجانَّ مِن مارِجٍ مِن نارٍ (آيت : 15) |
۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنن کي بنا دونهي واري باهه مان پيدا ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جِنن کي خالص باه مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جنن کي باھ جي ڄڀيءَ مان بنايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪيائين جن کي شعلي باهه جي مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنّ باهه جي ڄڀيءَ مان بنايائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جِنن کي باهه جي شعلي مان پيدا ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ باھِ ڄِڀئـِي مان، بي گُمان، جوڙئـِين جِن ۽ شَر شيطان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن کي باهه جي ڄڀيءَ مان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنن کي باهه جي ڄڀيءَ مان پيدا ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خلقيائين جنن کي ڄڀيءَ باهه جي مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جِنن کي وري باهه جي ڄَرُ (يعني ڄڀيءَ) مان پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 16) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان (جن ۽ انسان) ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان ؟ جُوٺ چئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين عجائبن کان انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّ المَشرِقَينِ وَرَبُّ المَغرِبَينِ (آيت : 17) |
جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو ٻن مشرقن ۽ ٻن مغربن جو پرودگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهو ٻن اوڀرن ۽ ٻن اولهن جو مالڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي (سردي گرميءَ جي) ٻنهي مشرقن جو مالڪ آهي ۽ ٻنهي مغربن جو (به) مالڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب ٻن اوڀرن جو ۽ رب ٻن اولهن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) ٻنهي اوڀرن جو مالڪ ۽ ٻنهي اولهن جو مالڪ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو مالڪ آهي ٻنهين اوڀرن جو ۽ مالڪ آهي ٻنهين اولهن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صَحِي سَنڀالِيندڙ سُبحان، اوڀر جا ٻَئـِي آستان، ٻِن اولهن جو آگيوان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ٻنهي اوڀرندن جو ڌڻي ۽ ٻنهي اولهندن جو ڌڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سج اڀرڻ جي ٻنهي هنڌن ۽ سج لهڻ جي ٻنهي هنڌن جو رب اهوئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رب ٻن اوڀرن ۽ رب ٻن اولهن جو (مالڪ) اهو ئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هو) ٻنهي اولهن ۽ ٻنهي اوڀرن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 18) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي مالڪ جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟، جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَرَجَ البَحرَينِ يَلتَقِيانِ (آيت : 19) |
ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن ٻن (کاري ۽ مٺي) پاڻين کي اهڙيءَ طرح رکيو آهي جو پاڻ ۾ ملن به ٿا (۽)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ٻن سمنڊن کي وَهائي ٿو جيڪي بظاهر پاڻ ۾ مليل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي ٻئي سمنڊ جاري ڪيا جي پاڻ ۾ گڏجن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻه سمنڊ وهايائين ملن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻن سمنڊن کي ڇڏيو اٿس ته ٻئي پاڻ ۾ گڏجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ٻن سمنڊن کي وهايو جيڪي پاڻ ۾ ملن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَه بَحر برابر بي پايان، جارِي ڪيائـِين مَنجھ جھان، مِلن وَڃيو ٻَئـِي ڪِنهن به مڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن ٻن سمنڊن کي جاري ڪيو، جي پاڻ ۾ گڏ جي ٿا وهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻن سمنڊن کي ڇڏيائين ته پاڻ ۾ ملي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻن سمنڊن کي ان ڇڏي ڏنو ته پاڻ ۾ ملن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن ٻنهي سمنڊن (يعني کاري ۽ مٺي پاڻيءَ وارن) کي گڏيل وهايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَينَهُما بَرزَخٌ لا يَبغِيانِ (آيت : 20) |
انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندن وچ ۾ ديوار (يا حد به) رکيل آهي، جنهن کان ٻاهر لنگهي نٿا سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو اُهي هڪ ٻئي کان تجاوز نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نه ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي وچ ۾ برزخ آهي نه ٿا تجاوز ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نٿا ڪن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين جي وچ ۾ پردو آهي جو هڪ ٻئي ۾ رَل وچڙ نه ٿا ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻِن وِچ، پَردو ڪو پنهان، هڪ ٻئي تي، ڪن هلان سي ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ٻنهي جي وچ ۾ اوٽ آهي، جو هڪ ٻئي تي اڳرائي نٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته به وچ ۾ هڪڙو پردو اٿن، جنهن کان هو نٿا ٽپن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ به انهن جي وچ ۾ پردو اوٽ آهي جيڪو ٽپن نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر) انهن جي وچ ۾هڪ اهڙو ته پردو رکيو اٿس جو هو هڪ ٻئي (جي ذائقي) کي تبديل نٿا ڪري سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 21) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪرشمن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَخرُجُ مِنهُمَا اللُّؤلُؤُ وَالمَرجانُ (آيت : 22) |
انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (پاڻين) مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي سمنڊن مان، موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نڪرن ٿا انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهي مان موتي ۽مرجان نڪرن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻِن مان حِڪمت ساڻ حَنّان، نِڪرن موتِي ۽ مَرجان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان ٿا نڪرن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن سمنڊن مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نڪرن ٿا (انهن سمنڊن مان) موتي ۽ مرجان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنهي سمنڊن مان موتي ۽ مڻيا (يعني قيمتي پٿر) نڪرن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 23) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙن ڪهڙن ڪمالن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَهُ الجَوارِ المُنشَـٔاتُ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 24) |
۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سمنڊ ۾ سولائيءَ سان هلندڙ جهاز، جيڪي جبلن وانگر کڙا ٿيل آهن سي به سندس ئي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اُن جون اُهي ٻيڙيون آهن جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر نمايان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جا ئي سمنڊ ۾ سڙھ کنيل جبلن جهڙا اوچا جهاز آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جون آهن بلند ٻيڙيون سمنڊ ۾ جهنڊن وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان جائي سمنڊ ۾ سڙ کنيل جبلن جهڙا جهاز آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان الله جا آهن سمنڊ ۾ سڙهه کنيل جهاز جيڪي جبلن جهڙا (اوچا) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن سَگھ، سَندِي سُبْحان، هَلندڙ ٻيڙا، هَر زمان، مَنجھ سَمنڊ، سَٿيل سامان، جِھڙا جاڏا جَبل جَھان، پَريان نِڪرن ٿِي نِشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز جبلن وانگر ان جا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ جا ئي آهن اهي جهاز، جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر اوچا کڙا ٿيا بيٺا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ جا آهن اهي جهاز، جيڪي سمنڊ ۾ جبل وانگر اوچا ٿيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سمنڊ ۾ جبلن جيڏا اُڀا بيٺل ٻيڙا (يعني جھاز) به اُن جا ئي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 25) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي نعمتن مان ڪهڙي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي انسانو اي جنو!) توهان پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئ پنهنجي جا ڪهڙا دان؟جُوٺ چئو، اي جن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ مَن عَلَيها فانٍ (آيت : 26) |
جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي به زمين تي آهن سي سڀ فنا ٿي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو زمين تي آهي فنا ٿيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو به ان تي آهي فنا آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو به زمين تي آهي سو فنا ٿيڻ وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هرڪو ئي جيڪو به ان (ڌرتيءَ) تي آهي فنا ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن تي وَسندڙ،سڀ ويران، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو به زمين تي آهي، اهو فنا ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر شيءِ جيڪا هن ڌرتيءَ تي آهي سا فنا ٿيڻ واري آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر شيءِ (جا زمين تي آهي) فنا ٿيندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زمين تي رهڻ واري هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَبقىٰ وَجهُ رَبِّكَ ذُو الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 27) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فقط تنهنجي پروردگار جي هستي قائم رهندي جو وڏي شوڪت ۽ جلال وارو ۽ وڏي سخا ۽ شان وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي رب جي ذات اقدس باقي آهي جيڪو صاحبِ جلال ۽ اڪرام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجي پالڻهار جي ذات جا عظمت ۽ ڪرامت واري آهي باقي رهندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ باقي آهي ذات تنهنجي رب جي جيڪو عزت ۽ احسان ڪرڻ وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجي پاليندڙ جو منهن باقي رهندو جو وڏائي ۽ چڱائي ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ باقي رهندي تنهنجي پالڻهار جي ذات جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ذات تُنهنجي ڌَڻِئَ دَيَّان، باقِي رَهندِي بيگمان، جو صاحب عزّت ۽ اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي ڌڻيءَ جي ذات باقي رهندي، جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ فقط تنهنجي رب جي وڏي شان شوڪت ۽ نهايت مانَ واري ذات وڃي باقي رهندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باقي رهڻ واري تنهنجي رب جي ذات آهي جيڪا جلال ۽ ڪرم واري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صرف تنھنجي پالڻھار جي ذات بابرڪات ئي باقي رهندي جيڪا وڏي عزت ۽ بزرگي واري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 28) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو اي، جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن ڪمالن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلُهُ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ كُلَّ يَومٍ هُوَ فى شَأنٍ (آيت : 29) |
جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ پنهنجن گهرجن لاءِ سندس محتاج آهن. هر روز (هر گهڙيءَ) هو (پنهنجو نئون نئون) شان ڏيکاري رهيو آهي (يعني نيون نيون حالتون پيدا ڪري رهيو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي (مخلوق) آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي (اُهي سڀ) اُنهيءَ جا سوالي آهن. اُن کي هر روز مصروفيت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن (سڀ) ان کان گهرن ٿا. سڀ ڪنهن ڏينهن (هر وقت) مخلوق جي هڪ نه هڪ ڪم ۾ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهرن ٿا ان کان اهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهن هر ڏينهن اهو ڪنهن (نئي تجلي سان) شان ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي ان کان گهرن ٿا.سڀڪنهن ڏينهن اهو (جدا جدا) شان ۾ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ (پنهنجون حاجتون) ان کان گهرن ٿا جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهن. هر ڏينهن اهو هڪ شان سان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي اَندر آسمان، جيڪِي مَنجھ زَمِين زمان، گُھرن اُنهِئَ کان سَڀ گُذران، نِت نِئين حِڪمت ۾ حَنان، نئين نئين جوڙي جوڙ جھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو الله کان گهرندو آهي، سڀ ڪنهن وقت اهو ڪم ۾ آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهن کانئس ئي پنهنجون مرادون گهرن ٿا، هر روز هو نرالي شان ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سڀ مرادون پني رهيا آهن جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، هو هر گهڙيءَ آهي پنهنجي نئين شان وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر مخلوق ان کان ئي هر شيءِ گهرندي آهي. هو روزانو هڪ نئين شان (۽ انداز) ۾ هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 30) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ ڇئو، اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين اعليٰ صفتن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَنَفرُغُ لَكُم أَيُّهَ الثَّقَلانِ (آيت : 31) |
اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي جنو ۽ انسانو، اسان جلد ئي توهان جو فيصلو ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسان ۽ جن اسين جلد توهان جي (حساب) لاءِ فارغ ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ٻئي وڏيون قومون اسين جلد ئي اوهان ڏانهن رخ رکنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد واندا ٿينداسون اوهان جي لاءِ اي جن ۽ انسان! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ٻئي ڳريو ن قومون! (جنو ۽ انسانو !) اسين جلد اوهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ واندا ٿينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ٻئي ڳريون جماعتون (انسانو ۽ جنو!) جلد اسان توهان (کان حساب ڪتاب وٺڻ) لاءِ متوجهه ٿينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جلد اوهان لئي، جِن، انسان!، ڏينداسون، داد مَٿي ڌِيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ٻئي ٽوليون! اسين جلد ئي اوهان ڏي ڪو ڌيان ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ٻئي ٽولؤ جن جو بار ڌرتيءَ تي آهي، اسان ڄاڻُ ٿا توهان جي پڇاڻي لاءِ واندا ٿيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سگهوئي توهان کان پڇاڻي لاءِ واندا ٿينداسين (اي زمين جا بار جن ۽ انسان)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي جنو ۽ انسانو! عنقريب اسان توهان (جي عملن) جو حساب ڪتاب شروع ڪرڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 32) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙي ڪهڙي ڪمالات جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پوءِ ڏسي وٺنداسون ته) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ٿا ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰمَعشَرَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ استَطَعتُم أَن تَنفُذوا مِن أَقطارِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ فَانفُذوا لا تَنفُذونَ إِلّا بِسُلطٰنٍ (آيت : 33) |
اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي جنن ۽ انسانن جا ٽولا! جيڪڏهن توهان کي آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن کان ڀڄي نڪرڻ جي سگهه آهي ته ڀڄي ته ڏيکاريو، توهان (الله جي پرمٽ يا پاسن) حڪم ۽ اجازت کان سواء هرگز ڪونه ٻاهر نڪري سگهندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي جن ۽ انسان جا گروه، جيڪڏهن توهان کي طاقت آهي ته توهان آسمانن ۽ زمينن جي ڪِنارن کان ٻاهر نڪرو پوءِ توهان ٻاهر نڪرو، نٿا نڪري سگھو توهان مگر (روحاني يا سائنسي) قوت سان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهان کي طاقت آهي ته آسمانن ۽ زمين جي ڪنارن مان (ٿيندا ڪنهن پاسي) نڪري (موت يا عذاب کان بچي سگهو ته نڪري وڃو (پر) اوهين ته سواءِ طاقت ۽ غلبي جي نڪري نٿا سگهو (ڇا ڪاڻ ته توهان ۾ نه قوت آهي نه غلبو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي جنن جي جماعت ۽ انسانن جي جيڪڏهن طاقت رکو ٿا ته اوهان ته نڪري وڃو آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان پوءِ نڪري وڃو نه نڪري سگهندؤ مگر سلطنت سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اي جنن ۽ انسانن جون جماعتون جيڪڏهن اوهين آسمانن ۽ زمين جي پاسن مان نڪري سگهو ٿا ته نڪرو. اوهين طاقت کان سواءِ نڪري ڪين سگهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي جِنَن ۽ انسانن جي جماعت جيڪڏهن توهان آسمانن ۽ زمين جي سرحدن کان ٻاهر نڪري سگهو ٿا ته پوءِ نڪري وڃو. نه ٿا نڪرو (ڪنهن جاءِ تي) مگر ان جي سلطنت ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جماعتون! جِن، اِنسان، ساريو جُرئت، ڪا مَنجھ جان، ته ڪٿان به، ڪَنڌيَن مان آسمان، ڀَر پاسي ڀُون مان، بي گمان، ڀَڄِي نِڪرو اي نادان!، نِڪري نه سَگھندا نيٺ نِڌان!، مقابِلي ري مَنجھ ميدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي جِنن ۽ ماڻهن جي ٽولي! جيڪڏهن اوهين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاهر نڪري سگهو ٿا، ته نڪري ڏيکاريو! وڏيءَ همت کان سواءِ ٻاهر نڪري نه سگهندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي جنن ۽ انسانن جا ٽولؤ! جيڪڏهن توهان کي آسمانن ۽ زمين جي حدن کان نڪري ڀڄي وڃڻ جي طاقت آهي ته ڀڄي ڏيکاريو. توهان اصلي نه ڀڄي سگهندؤ، ان لاءِ وڏو زور گهرجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي ٽولا جنن ۽ انسانن جا! جيڪڏهن توهان سگهه رکو ٿا نڪرڻ جي سرحدن منجهان آسمانن ۽ زمين جي، ته ڀڄي ڏسو، نه ڀڄي سگهندؤ ان لاءِ وڏو زور کپي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي جنن ۽ انسانن جا گروهو! جيڪڏهن توهان جي اندر آسمانن ۽ زمين جي حدن کان ٻاهر نڪرڻ جي طاقت آهي ته نڪري ڏيکاريو. وڏي طاقت کان سواءِ توهان نٿا نڪري سگهو (اها طاقت توهان جي اندر رکيل ئي نه آهي) .(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 34) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو توهان انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُرسَلُ عَلَيكُما شُواظٌ مِن نارٍ وَنُحاسٌ فَلا تَنتَصِرانِ (آيت : 35) |
اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي مٿان باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو، پوءِ توهان (ان کان) ڪوبه بچاءُ ڪونه ڪري سگهندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تي بِنا دونهين جي باه موڪلي ويندي ۽ (اُن جو رنگ) ٽامي جهڙو هوندو، پوءِ توهان کي مدد نه ملندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (گنهگار جنو ۽ انسانو! دوزخ ۾) اوهان ٻنهي تي باھ جي سائي (رنگ) جي ڄڀي ۽ ڪارو دونهو موڪليو ويندو ته اوهين ٻئي (ڪنهن طرح روڪي سگهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موڪليو ويندو اوهان تي شعلو باهه جو ۽ دونهون پوءِ نه بدلو وٺندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان ٻنهي تي باهه جي ڄڀي ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ اوهين ٻئي بدلو نه وٺي سگهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندئو ته) توهان ٻنهين تي خالص باهه جا شعلا ۽ دونهون موڪليو ويندو پوءِ توهان بچاءُ ڪري نه سگهندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان مٿي، اي جِن، اِنسان! وَسندا، بَرسِر بيگمان، ٽامون، اُلون آگ عيان، پوئوارِي پوءِ، ٿِينديان ڪانه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان تي باهه جو اُلو ۽ دونهون موڪلبو، پوءِ مقابلو ڪري نه سگهندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (توهان ڀڄڻ جي ڪندؤ ته) توهان تي باهه جو شعلو ۽ دونهون ڇڏيو ويندو، جنهن سان توهان نه پــُـڄي سگهندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندؤ ته) توهان تي اڇليو ويندو اُلو باهه جو ۽ دونهون، پوءِ توهان مقابلو ڪري نه سگهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڪوشش ۾) توهان تي باهه جو شعلو ۽ دونھون اڇلايو ويندو. پوءِ توهان ان جو مقابلو ئي نه ڪري سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 36) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙوڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين انعامن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذَا انشَقَّتِ السَّماءُ فَكانَت وَردَةً كَالدِّهانِ (آيت : 37) |
پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو تڏهن چم وانگر (يا مَلههَ وانگر) ڳاڙهو ٿي ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت آسمان چيريو ويندو پوءِ گلاب جهڙو ڳاڙهو (۽) تيل وانگر پگھريل هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي (قيامت ۾ تتل) تيل وانگر ڳاڙهو ٿي پوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڦاٽندو آسمان پوءِ ٿي پوندو گلاب جي رنگ، اڌوڙ وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽندو ته ڳاڙهي چم وانگر (رنگ جو) ڳاڙهو ٿي پوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ته پوءِ گلابي ٿي پوندو جيئن ڳاڙهو چَمُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اوچتو هِي آسمان، جڏهن ڦاٽو، سِين فرمان، پوءِ هُوندو، اَرتو، ارغوان، ڪُل آڌوڙ جا اَرڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن آسمان ڦاٽندو تڏهن ڳاڙهيءَ ڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (ڳالهه وڃي ڪٿي بيهندي) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ ڳاڙهي چمڙي جيان ڳاڙهو لعل ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (ڇا ٿيندو ان وقت) جڏهن ڦاٽندو آسمان پوءِ ٿي پوندو ڳاڙهي کل وانگر سرخ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (قيامت جي ڏينھن) جڏهن آسمان ڦاٽي پوندو ته اهو ڳاڙهي چمڙي وانگر ٿي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 38) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن ٿورن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چئو، اي جن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ته پوءِ ان وقت) اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين قدرت جي ڳالهين جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيَومَئِذٍ لا يُسـَٔلُ عَن ذَنبِهِ إِنسٌ وَلا جانٌّ (آيت : 39) |
پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهيءَ ڏينهن ڪنهن به انسان ۽ جن کان سندس گناهن بابت پڇيو ئي ڪونه ويندو، (ڇو ته سندن گناهه ظاهر هوندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قيامت جي ڏينهن انسانن ۽ جنن کان سندن گناهن بابت پڇا نه ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهين انسان کان سندس گناھ بابت پڇيو ويندو ۽ نه ڪنهن جن کان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان ڏينهن نه پڇا ڪيا ويندا پنهنجي گناهه جي انسان ۽ نه جنَّ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان ڏينهن نه ماڻهوءَ کان ۽ نه جن کان سندس گناهه بابت پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن نه ته ڪنهن انسان کان سندس گناهه پڇڻ (جي ثابتي)جي ضرورت هوندي ۽ نه ڪنهن جِنَ کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُن ڏِينهن، ڪنان ڪِنهن جِن اِنسان، بابت سَندسِ بَديَن بيان، مور نه پُڇبو، مَنجھ ميدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهي ڏينهن نڪي ماڻهو، نڪي جن پنهنجي گناهه بابت (عُذر) پڇبا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن ڪنهن به انسان ۽ ڪنهن به جن کان سندس گناهه پڇڻ جي ڪا ضرورت نه هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان ڏينهن سوال پڇڻ جي ضرورت ئي نه هوندي گناهن جي ڪنهن انسان ۽ جن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان ڏينھن انسانن ۽ جنن کان سندن گناهن جي باري ۾ پڇيو ئي نه ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 40) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ڏٺو ويندو ته) توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پوءِ اها ڳالهه ڏٺي ويندي ته) توهان ٻئي ٽولا پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ٿا ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُعرَفُ المُجرِمونَ بِسيمٰهُم فَيُؤخَذُ بِالنَّوٰصى وَالأَقدامِ (آيت : 41) |
ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) گنهگار ماڻهو سندن ظاهر نشانن مان سڃاتا ويندا ۽ پوءِ هنن کي پيشانيءَ جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مجرم سندن شڪلن مان سڃاتا ويندا، پوءِ انهن کي پيشاني ۽ پيرن کان پڪڙيو ويندو (۽ جهنم رسيد ڪيا ويندا)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا. پوءِ پيشانين ۽ پيرن کان پڪڙي کين دوزخ ۾ ڌوڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڃاتا ويندا مجرم پنهنجن چهرن سان پوءِ ورتا ويندا مٿن ۽ پيرن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڏوهاري پنهنجي شڪلين مان سڃاتا ويندا پوءِ پيشانين ۽ پيرن مان جهليو ويندن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڏوهاري ماڻهو پنهنجي نشانين (يعني چهرن جي ڪاراڻ) سان سڃاتا ويندا پوءِ انهن کي پيشاني جي وارن ۽ پيرن کان پڪڙي (گِــــهِليو) ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَدا سُڃاپَن مَنجھ ميدان، سَندنِ نِراڙن جي نِيشان، پوءِ پير، پيشانيان، پَڪڙبان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏوهاري پنهنجين شڪلين مان ئي سڃاتا ويندا، پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏوهاري اتي پنهنجن منهن مان ئي سڃاتا ويندا، پوءِ ڄـُـنڊن ۽ پيرن کان پڪڙي گهليا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سڃاتا ويندا ڏوهاري اتي سندن چهرن مان، پوءِ کين ورتو ويندو پيشانين (وارن) مان ۽ پيرن کان (گهليو ويندو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇو ته ) ڏوهاري پنھنجي چھرن مان ئي سڃاتا ويندا پوءِ کين وارن ۽ ٽنگن کان پڪڙي گهليو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 42) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جَن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (ان وقت) توهان ٻئي پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى يُكَذِّبُ بِهَا المُجرِمونَ (آيت : 43) |
(چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو اٿو، اهو جهنم جنهن کي گنهگار ڪونه مڃيندا هئا (۽ چوندا هئا ته، اسان تي عذاب ايندو ئي ڪونه، نڪو اچڻو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ اها جهنم آهي جنهنکي مجرم نه مڃيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ کين چيو ويندو ته) هي اهو دوزخ آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڄاتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي جهنم آهي جو ان کي مجرم ڪوڙو چوندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي اهو جهنم آهي جنهن کي ڏوهارين ڪوڙو ٿي ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) هيءُ آهي دوزخ جنهن کي ڏوهاري ماڻهو ڪوڙو چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي جَھَنَّم، مَنجھ جولان، جنهن کي ڪُوڙو ڪوٺِينِ ٿا ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اهو دوزخ آهي، جنهن کي گنهگارن ڪوڙو ڀانيو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (چيو ويندن ته) اهو اٿوَ اُهو جهنم، جنهن کي ڏوهاري ڪوڙ سڏيندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان وقت چيو ويندن) هيءَ اها ئي دوزخ آهي جنهن کي ڪوڙو ڀائيندا هئا ڏوهاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهوئي جھنم آهي جنھن کي ڏوهاري ماڻهو ڪوڙو سمجهندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَطوفونَ بَينَها وَبَينَ حَميمٍ ءانٍ (آيت : 44) |
انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اُهي (گنهگار) جهنم جي (باهه جي) ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ چڪر ڏيندا رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي جهنم ۽ سخت گرم پاڻي جي درميان چڪر لڳائيندا رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان (باھ) جي وچ ۾ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ (بيقراري ۾ ڊوڙندا) پيا چڪر ڪاٽيندا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڦرندا ان ۽ گرم، ٽچڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان جي وچ ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ جي وچ ۾ پيا ايندا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان (جهنم) ۾ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ ۾ چڪر هڻندا رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن وِچ ۽ جَر جَلائـِيندڙ جان، ڦِرندا گِھرندا بي فرمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ تتي ٽهڪندڙ پاڻي ۾ پيا ايندا ويندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ جهنم ۽ ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي وچ ۾ پيا ڦيرا ڏيندا رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڦرندا رهندا انهيءَ جي وچ ۾ ۽ وچ ۾ ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٿڌي پاڻي جي تلاش ۾) انهن جي باهه ۽ گرم پاڻي جي وچ ۾ اچ وڃ لڳي پئي هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 45) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين قدرتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ پنهنجي رب جي قدرت جي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين جو توهان انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِمَن خافَ مَقامَ رَبِّهِ جَنَّتانِ (آيت : 46) |
۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ بابت ڊڄندا رهن ٿا جنهن گهڙيءَ پنهنجي پروردگار جي اڳيان کڙا ڪيا ويندا (۽ انهيءَ ڊڄڻ جي ڪري گناهن کان پرهيز ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪندا رهن ٿا) تن جي لاءِ ٻه باغ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو مؤمن پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ کان ڊنو (اُن لاءِ) ٻه باغ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص پنهنجي پروردگار جي اڳيان بيهڻ کان ڊڄندو رهيو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي لاءِ جنهن خوف رکيو پنهنجي رب جي دربار ۾ بيهڻ جو ٻه باغ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو تنهن لاءِ ٻه باغ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو ٻه باغ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڊِنو بِيهڻ کان بيگمان، اڳيان پَنهنجي رَبَّ، رَحمان، تِنهن لئي، ٻه باغ ڀَلا بُستان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو پنهنجي ڌڻيءَ جي اڳيان بيهڻ کان ڊنو، ان لاءِ ٻه باغ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو پنهنجي رب آڏو پيش ٿيڻ جو ڊپ ڌاريندو هجي ٻه باغ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (هر اهو شخص) جيڪو خوف رکندڙ هجي پنهنجي رب جي حضور ۾ پيش ٿيڻ جو، ان لاءِ ٻه باغ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دنيا جي زندگيءَ ۾) جيڪو ماڻهو آخرت واري ڏينھن پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ٿيڻ کان ڊنو ته ان جي لاءِ (اتي) ٻه باغ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 47) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين چَڱَائِــيُن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا، ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذَواتا أَفنانٍ (آيت : 48) |
ٻئي باغ گھاٽا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ٻنهي باغن ۾ گهڻن ئي قسمن جون نعمتون هونديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن باغن ۾ قسمين قسمين ميوا ۽ گل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ٻئي باغ گهاٽا (ميوي دار) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهڻن ڏارن وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ٻئي (باغ) گهاٽا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ٻئي (جنتون) گهڻين ٽارين ۽ شاخن واريون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شاخن وارا عالِى شان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ٻئي باغ گهاٽا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چهچ ساين ٽارين وارا تمام گهاٽا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سرسبز (ميويدار) ٽارين سان ڀريل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻئي باغ گهاٽين (ساين) ٽارين وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 49) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين ڀلائِـــيــُن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئ پنهنجي جاڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِما عَينانِ تَجرِيانِ (آيت : 50) |
انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ٻن ٻاغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما وهندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما به آهن جي پيا وهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن وهن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن جي پيا وهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين باغن ۾ ٻه چشما وهندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻه تَلاءِ تَن ۾، روز روان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ ٻه چشما وهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما پيا وهندا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما جاري آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنهي (باغن) ۾ ٻه چشما وهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 51) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان (اي جنو اي انسانو!) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِما مِن كُلِّ فٰكِهَةٍ زَوجانِ (آيت : 52) |
انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن باغن ۾ هر قسم جا ميوا جوڙين جوڙين ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي ۾ هر هڪ ميوو ٻن ٻن قسمن جو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهي باغن ۾ سڀ ڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ٻنهي ۾ هر ميوي جا ٻه ٻه قسم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهي (باغن) ۾ سڀڪنهن ميوي جا ٻه ٻه قسم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين (باغن) ۾ هر ميوو ٻن ٻن قسمن جو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِن باغن ۾ بي گُمان، هر ميوي جا، مَنجھ هر مڪان، ٻه جوڙا جِنس عَجِيب عيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ سڀ ڪنهن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻنهي باغن ۾ هر ميوي جا ٻه قسم هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻنهي باغن ۾ هر ڪنهن قسم جا ٻه ميوا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (باغن) ۾ هر قسم جي ميون جا ٻه ٻه قسم هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 53) |
پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ فُرُشٍ بَطائِنُها مِن إِستَبرَقٍ وَجَنَى الجَنَّتَينِ دانٍ (آيت : 54) |
اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اُهي (جنتي) اهڙن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا جن جا استر قيمتي مخمل جا هوندا، ۽ انهن باغن جا ميوا جهڪيل ۽ ويجها هوندا (انهيءَ لاءِ ته انهن جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪابه تڪليف نه ٿئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اُهي بهشت ۾) اهڙن وِڇاڻن تي ٽيڪ لڳائيندا جن جو اَستر ٿلهي ريشمي ڪپڙي جو هوندو، ۽ انهن ٻنهي باغن جا ميوا تمام ويجھا هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙن (طول) وهاڻن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا جن جا استر (ڇوون) ٿلهي اطلس (ريشم) جا هوندا ۽ ٻنهي باغن جا ميوا (ايترو ته) ويجها هوندا (جو جيڪڏهن چاهين ته لڳل ئي کائن).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽيڪون ڏيندڙ بسترن تي جن جو استر استبرق (پَٽَ) مان هوندو ۽ ميوا ٻنهي باغن جا ويجها هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙن وڇاڻن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا) جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ ميوو انهن ٻنهي باغن جو ويجهو هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنتي اهڙن بسترن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا. ۽ ٻنهين باغن جا ميوا (سندن) ويجهو جهڪيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺل خاص هنڌن تي خان، جَن اَستر اَطلس عالِى شان، ۽ ٻن باغن جا بي گمان، ميوا ويجھا مُنهن مَڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا هوندا، جن جو استر استبرق (پٽ) مان هوندو- انهن ٻنهي باغن جو ميوو ويجهو هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنت وارا طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏئي ويهندا، اهڙن وڇاڻن تي جن جا استر ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ باغن جون ٽاريون ڦــَـرَ سبب هيٺ جهڪي آيل هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنتي ماڻهو اهڙن طول وهاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا هوندا جن جا استر ٿلهي پٽ جا هوندا، ۽ باغن جون ٽاريون ميون سان نميل هونديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي اهڙن بسترن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا جنھن جا اَستر (يعني پوش) ٿلهي ريشم جا هوندا ۽ ٻنهي باغن جون ٽاريون ميون سان ٽنڊڙيل ۽ جهڪيل هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 55) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙن ڪهڙن احسانن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرفِ لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 56) |
اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (باغن) ۾ ڪنواريون پاڪ ڇوڪريون هونديون جن جون (شرميليون) اکيون هيٺ جهڪيل هونديون، جن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي نه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن وِڇاڻن تي اهي عورتون هونديون جن جو نگاهون هيٺ هونديون، انهيءَ کان اڳ انهن کي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لڳايو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ۾ (پاڪدامن) ڌاري ڏي اک کڻي نه ڏسڻ واريون زالون هونديون جن کي هن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ۾ اکيون هيٺ ڪندڙ هونديون نه هٿ لڳايو هوندو انهن کي انسان انهن کان اڳي ۽ نه جن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ۾ هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون زالون هونديون جن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لاتو هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن (باغن) ۾ جهُڪيل (شرميلي) نگاهن واريون حورون هونديون جن کي انهن کان اڳ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو هوندو نه ڪنهن جِنَ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هيٺ نگاهن، نوجوان، هَٿ نه لاتو، جَن جي جان، اِن کان اڳ، ڪِنهن جِن، اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن (باغن) ۾ هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون هونديون، جن کي انهن کان اڳ نڪي ڪنهن ماڻهوءَ هٿ لاتو هوندو، نڪي ڪنهن جن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن نعمتن جي وچ ۾ لـڄ کان اکيون هيٺ ڪرڻ واريون هونديون، جن کي انهن جنت وارن کان اڳ ڪنهن به انسان يا جــِـنَ هٿ نه لاتو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن نعمتن جي وچ ۾ شرميلي نگاهن واريون (حورون)، جن کي ڇهيو به نه هوندو انسان اڳي ۽ نه وري جن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن باغن ۾ هيٺ نگاهه رکندڙ (شرميلي طبيعت واريون) عورتون هونديون جن کي انهن (جنتين) کان اڳ ڪنھن انسان يا جنَ هٿ نه لاٿو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 57) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَنَّهُنَّ الياقوتُ وَالمَرجانُ (آيت : 58) |
اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ڪنواريون) اهڙيون هونديون جهڙا (چمڪندڙ) ياقوت ۽ مرجان (جا مڻيا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي (خوبصورتي ۾) ياقوت ۽ مرجان جهڙيون هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهڙيون سهڻيون جو) ڄڻ ته اهي (مجسم) ياقوت يا مرجان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته اهي ياقوت ۽ مرجان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڄڻ ته اهي ياقوت ۽ مرجان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (حورون) اهڙيون خوبصورت هونديون ڄڻڪ ياقوت ۽ مرجان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي ڪَر ياقُوت ۽ مَرجان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ڄڻڪ يا قوت ۽ مرجان آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيون ته سهڻيون جهڙا هيرا ۽ موتي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيون سهڻيون (حورون) جهڙا هيرا ۽ موتي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهي اهڙيون ته سھڻيون هونديون) ڄڻ ته هيرا ۽ موتي (چمڪي رهيا) آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 59) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل جَزاءُ الإِحسٰنِ إِلَّا الإِحسٰنُ (آيت : 60) |
چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نيڪيءَ جي بدلي ۾ چڱائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ملندو ڇا؟ (هرگز نه، چڱائيءَ جو نتيجو نيٺ چڱوئي ملندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) احسان (نيڪيءَ) جو بدلو احسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا نيڪي جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيو به آهي ڇا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا احسان جو بدلو احسان کان سواءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلائي جو بدلو رڳي ڀلائي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نيڪي جو بدلو صرف نيڪي ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي بَدلو بيگمان، اِحسان جو، ري اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نيڪيءَ جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيڪيءَ جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ به ڪو ٿيندو آهي ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪهڙو بدلو ٿي سگهي ٿو نيڪيءَ کان سواءِ نيڪيءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) نيڪيءَ جو بدلو نيڪي ئي هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 61) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين سُهڻين صفتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻئَ پنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي جنؤ ۽ انسانؤ! توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين اعليٰ صفتن جو انڪار ڪندؤ؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن دونِهِما جَنَّتانِ (آيت : 62) |
۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻيا به ٻه باغ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کان علاوه ٻه ٻيا باغ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻه باغ ٻيا (به) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن ٻنهي کان سواءِ ٻه جنتون آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻن (باغن) کان سواءِ (ٻيا) ٻه باغ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (انهن لاءِ) انهن ٻن کان سواءِ ٻه ٻيا باغ (به) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻِن باغن ري بي گمان، ٻِيا ٻَه باغ، ڀَلا بستان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ٻن کان سواءِ ٻيا ٻه باغ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ٻن باغن کان سواءِ ٻه ٻيا باغ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن باغن کان سواءِ هوندا ٻه ٻيا باغ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُنهن ٻن باغن کان سواءِ (وڌيڪ) ٻه باغ ٻيا به آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 63) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُدهامَّتانِ (آيت : 64) |
ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ٻئي باغ) روز ساوا هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اُهي باغ گھڻي ڀلاڻ جي ڪري) ٻئي ڪارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي (ٻئي) ڏاڍا گهاٽا سرسبز آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻئي چهچ ساوا هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي ٻئي) ڏاڍا ساوا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ٻئي گهڻي ساوڪ سبب سياهي جي جهلڪ ڏئي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي حد ساوا بي گُمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻئي (باغ) ڏاڍا سر سبز آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏاڍا چهچ ساوا باغ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گهاٽا ۽ ساوا باغ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي ٻئي باغ گَھري سائي رنگ جا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 65) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندوَ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ٻئي پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِما عَينانِ نَضّاخَتانِ (آيت : 66) |
اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ۾ ٻه چشما گهڻي پاڻيءَ وارا اڇلون ڏيئي وهندڙ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما آهن جيڪي ڦوهارن وانگر آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهي ۾ ڦوهارا هڻندڙ چشما آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ٻنهي ۾ ٻه چشما ڦوهارا هڻندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهي ۾ ٻه ٻه ڦوهارا هلندڙ ٻه چشما آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين ۾ ٻه (جوش سبب) ڇُلڪندڙ چشما آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَه تلاء تن ۾، بي گمان، مِثل ڦُوهارن، فرحت جان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ ڦوهاري وانگر پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما ڦوهارن وانگر پاڻي اڇلائيندڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻنهي باغن ۾ ٻه چشما ڦونهارن وانگر پاڻي ڏيندا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنهي ۾ ڦوهاري وانگر زور سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 67) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي (اي جِنو! اي انسانو) پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌَڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِما فٰكِهَةٌ وَنَخلٌ وَرُمّانٌ (آيت : 68) |
انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ٻن (باغن) ۾ قسمين قسمين ميوا هوندا ۽ کجين (جا ڏوڪا) ۽ ڏاڙهون به هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهين ۾ ميوا ۽ خرما ۽ ڏاڙهيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ٻنهي ۾ ميوا آهن ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهي ۾ ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين ۾ ميوات ۽ کجور ۽ ڏاڙهون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِن ۾ ميون جا ميدان، خاصيون کجيون، ڏاڙهون ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ ميوو، کجيون ۽ ڏاڙهون هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ۾ جهجها ميوا ۽ کارڪون ۽ ڏاڙهون هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ۾ گهڻا ئي ميوا ۽ کجيون ۽ ڏاڙهون هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنهي ۾ (مختلف قسم جا) ميوا، کجيون ۽ ڏاڙهون هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 69) |
پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو توهان انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِنَّ خَيرٰتٌ حِسانٌ (آيت : 70) |
انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ۾ نيڪ، پاڪ ۽ سهڻا ساٿي ملندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ۾ نيڪ سيرت ۽ نيڪ صورت عورتون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن باغن ۾ خوش خلق ۽ سهڻيون زالون هونديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن ۾ ڀليون، سهڻيون هونديون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن (باغن) ۾ ڏاڍيون چٽيون سهڻيون زالون هونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ۾ خوبصورت ۽ نيڪ سيرت زالون (حورون) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ۾ نارِيون نور نِشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ۾ سڳوريون سهڻيون زالون هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن نعمتن جي وچ ۾ هونديون سيرت جون ڀليون ۽ صورت جون سهڻيون زالون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن نعمتن جي وچ ۾ سٺي سيرت ۽ صورت جون زالون هونديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻنهي ۾ سھڻي ڪردار ۽ سھڻي شڪل جون گهر واريون هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 71) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙن ڪهڙن انعامن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حورٌ مَقصورٰتٌ فِى الخِيامِ (آيت : 72) |
حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي اهڙيون حورون عاليشان تنبن ۾ هونديون جن جون نظرون (شرم ۽ حياء جي ڪري) هيٺ کتل هونديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پرده نشين حورون خيمن ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ڪارين اکين واريون حورون تنبن ۾ لڪل ويٺيون هونديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حورون پردي واريون تنبن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي ڪارين اکين واريون گوريون زالون تنبن ۾ وهاريل هونديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙيون حورون جيڪي خيمن ۾ پرده نشين آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نيڻ ڪٽورا، نوجوان، حورون پَردن ۾ پنهان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حورون تنبن ۾ پڙدي اندر هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنبن ۾ ترسايل حورون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حورون ترسايل خيمن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اُتي) خيمن ۾ پرده نشين حورون (به) هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 73) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين مهربانين جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَم يَطمِثهُنَّ إِنسٌ قَبلَهُم وَلا جانٌّ (آيت : 74) |
انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن کي کانئن اڳي ڪنهن به انسان يا جن ڇهيو ئي ڪونه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان اڳ انهن کي نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِن هٿ لاٿو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تن کي انهن کان اڳي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو ۽ نه ڪنهن جن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هٿ لڳايو هوندو انهن کي ڪنهن انسان انهن کان اڳي ۽ نه ڪنهن جن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي نه ڪنهن انسان۽ نه ڪنهن جِن انهن کان اڳي هٿ لاتو هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي اڳ ۾ نه ڪنهن انسان هٿ لاٿو آهي ۽ نه ڪنهن جِنَ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَٿ نه لايو، جَن جي، جان، اِن کان اڳ ڪِنهن جِن، اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي انهن کان اڳ نڪي ڪنهن انسان هٿ لاتو هوندو، نڪي ڪنهن جن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جنت وارن کان اڳ ڪنهن به انسان يا جن کين هٿ نه لاٿو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن ڇهيو نه هوندو انسان انهن کي اڳ ۾ ۽ نه جن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن کي (هِنن جنتين کان) اڳ ڪنھن انسان يا جن هٿ نه لاٿو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 75) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو اي جِن اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ رَفرَفٍ خُضرٍ وَعَبقَرِىٍّ حِسانٍ (آيت : 76) |
ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (جنتي) سبز ڪوچن تي ۽ سهڻن غاليچن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي سَاون وِڇاڻن ۽ چِٽ ٿيل خوبصورت سفيد چادرن تي ٽيڪ هڻي ويهندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ساون غاليچن ۽ نفيس مسندن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا) هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽيڪون ڏيندڙ وهاڻن ساون تي ۽ پٿراڻين سهڻين تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ساون وهاڻن ۽ سٺين چاندنين تي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جنتي) سائي رنگ جي مَسندن ۽ خوبصورت چِٽِيَلَ چادرن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِر وِهاڻن ويٺل خان، جي سائـِرا، ۽ سَبز نِشان، سُهڻين سيجن تي سُلطان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ساون وهاڻن ۽ سهڻين پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي جنتي ساون غاليچن ۽ نهايت نرم ۽ اڻ لڀ سهڻن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٽيڪ ڏيو ويٺا هوندا اهي جنتي نفيس ساون گلمن ۽ نادر طول وهاڻن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنتي ماڻهو سائي رنگ جي وهاڻن ۽ خوبصورت غاليچن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكُما تُكَذِّبانِ (آيت : 77) |
پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪري سگهندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (انسان ۽ جن) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن جو انڪار ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو چوندؤ؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ٻئي پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌڻِئَ پَنهنجي جا ڪِهڙا دان؟ جُوٺ چَئو، اي جِن، اِنسان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو توهان ٻئي انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (جنؤ ۽ انسانؤ!) توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (اي جنو ۽ انسانو!) توهان پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَبٰرَكَ اسمُ رَبِّكَ ذِى الجَلٰلِ وَالإِكرامِ (آيت : 78) |
تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو نالو وڏين برڪتن وارو آهي. هو اعليٰ شوڪت وارو، وڏي شان ۽ سخا جو صاحب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان جي رب جو نالو بابرڪت آهي جيڪو صاحبِ جلال ۽ اڪرام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تنهنجو پروردگار جو جلال ۽ ڪرامت وارو آهي تنهن جو نالو وڏي برڪت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) برڪت وارو آهي نالو تنهنجي رب جو جلال وارو ۽احسان ڪرڻ وارو. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وڏائي ۽ چڱائي ڪرڻ واري تنهنجي پاليندڙ جو نالو وڏيءَ برڪت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تنهنجي پالڻهار جو نالو وڏي برڪت وارو آهي جيڪو عظمت ۽ بزرگي وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) برڪت ڀريو بي گمان، نالو تُنهنجي، ربَّ، رحمان، جو صاحِب عِزَّت ۽ اِحسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي ڌڻيءَ عزت واري ۽ نعمتن واري جو نالو نهايت ڀلارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڏيءَ برڪت وارو آهي، تنهنجي وڏي دٻدٻي ۽ مانَ واري رب جو نانءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڏي برڪت وارو نالو آهي تنهنجي رب جليل ۽ ڪريم جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجي پالڻھار جو نالو وڏو برڪت وارو آهي. جيڪو وڏي عزت ۽ بزرگي وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |