توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
اقتَرَبَتِ السّاعَةُ وَانشَقَّ القَمَرُ (آيت : 1) |
قيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي ۽ چنڊ ڦاٽي پيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت ويجھي ٿي ۽ (رسولِ عربيءَ جي اشاري سان) چنڊ ٻه ٽُڪرا ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قيامت ويجهي اچي ويئي جو چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهي ٿي قيامت ۽ چيريو چنڊ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها گهڙي ويجهي اچي وئي ۽ (رسول جي معجزي سان) چنڊ ڦاٽي پيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قيامت جي گھڙي ويجهو اچي وئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويجِھي پَئـِي ساوار، ۽ ڦاٽِي چَنڊ ڦارون ٿيو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ساعت ويجهي آئي ۽ چنڊ چير جي پيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قيامت جي گهڙي اچي ويجهي ٿي ۽ چنڊ چيرجي پيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ويجهي اچي پهتي گهڙي قيامت جي ۽ ڦاٽي پيو چنڊ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي گهڙي ويجهو اچي پھتي ۽ چنڊ ٻه اڌ ٿي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يَرَوا ءايَةً يُعرِضوا وَيَقولوا سِحرٌ مُستَمِرٌّ (آيت : 2) |
۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي (ڪافر) جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته منهن موڙي هليا ٿا وڃن ۽ چون ٿا ته هي وقتي (يا معمولي) جادو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مُنهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا (ته هيءُ) مضبوط جادو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ڪافر (ڪو) معجزو ڏسن (به) ٿا تڏهن (به) منهن ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا هيءُ تمام زبردست جادو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڏسن ٿا ڪا نشاني ته منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته جادو قديمي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن اهي جيڪڏهن ڪابه نشاني ڏسندا ته منهن ڦيريندا ۽ چوندا ته هي جادو آهي جو اصل کان هليو اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اهي (ڪافر) ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مُنهن ڦيرن ٿا ۽ چون ٿا ته (هي) هميشه کان هليو ايندڙ جادو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي پَسن آيت اََکِيين، ڪا نِشاني نِروار، ته موڙهيل مُنهن موڙِين پِيا، اَنڌا ڪن اِنڪار، ۽ چَوَن چالُو مَنڊ سو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن ڪا نشاني ڏسندا ته منهن موڙيندا ۽ چوندا ته ”هي ته اڳوڻو جادو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انهن جي حالت اها آهي، جو کڻي ڪابه نشاني ڏسن ته به منهن موڙي هليا وڃن ٿا ۽ چون ٿا: اهو ته جادو آهي، جيڪو هلندو پيو اچي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حال هي آهي انهن جو، جو ڏسن نشاني ڪابه، منهن موڙيو وڃن ۽ چون جادو آهي اهو پراڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو ڪابه نشاني ڏسندا آهن ته منھن ڦيريندا آهن ۽ چوندا آهن ته اهو شروع کان وٺي هلندڙ جادو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذَّبوا وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم وَكُلُّ أَمرٍ مُستَقِرٌّ (آيت : 3) |
۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (حق کي) ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا. پر (هنن کي يقين رکڻ گهرجي ته) هر ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت مقرر آهي، (سو سندن تباهي به مقرر وقت تي اچي ويندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن تڪذيب ڪئي ۽ انهن پنهنجي سَڌن جي تابعداري ڪئي ۽ هر هڪ ڪم پنهنجي انتها تي پهچندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (ان کي) ڪوڙو ڄاتو ۽ پنهنجي نفساني خواهش تي هليا پر سڀ ڪنهن ڪم (ڳالھ) جو وقت مقرر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪوڙو چيائون ۽ تابع ٿيا پنهنجين سڌن جا ۽ هر امر قرار وٺندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنهنجن خواهشن تي هليا ۽ سڀ ڪو ڪم (پنهنجي وقت ۾ ) ٿيڻ وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ڪوڙ سمجهيو ۽ پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪيائون ۽ هر ڪم جو هڪ انجام آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪوٺيون ڪُوڙِي ڪار، ۽ سَندنِ سَکڻِي سَڌن جا، ٿِيا تِهدِل تابِعدار، ۽ آهي بَرقرار، هَرڪو ڪم حِساب لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنهنجن سڌن تي هليا- هر ڪو ڪم پنهنجي وقت تي ٺهرايل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڪوڙو سڏيو ۽ پنهنجن نفسن جي خواهشن جي ڪڍ لڳا ۽ هر ڳالهه کي نيٺ توڙ تي پهچڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪوڙو چيو انهن ان کي ۽ هليا پنهنجي نفس جي سَڌن تي، ۽ مڙني معاملن کي آخرڪار نتيجي تي اچڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنھنجي نفساني خواهشن جي پويان لڳا. (بھرحال) هر ڪم پنھنجي وقت تي پورو ٿيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جاءَهُم مِنَ الأَنباءِ ما فيهِ مُزدَجَرٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته هنن (ڪافرن) وٽ گهڻيون ئي خبرون (۽ پيغمبرن جا چتاوَ ۽ اڳوڻين قومن جي تباهيءَ جا احوال) اچي چڪا آهن جن ۾ ڪافي تنبيهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق انهن وٽ اُهي خبرون پهتيون جن ۾ تنبيهه ڪيل هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن وٽ ته اهي حالتون (اڳين قومن جون) پهچي چڪيون آهن جن ۾ وڏي تنبيه هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آيو انهن وٽ خبرن مان اهو جو ان ۾ جهڻڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳوڻن قومن جي) خبرن مان اهو ڪجهه آيو آهي جنهن ۾ دڙڪو آهي. اهو (دڙڪو) پوري پوري ڏاهپ (به آهي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳين قومن جون) اهڙيون خبرون پهتيون آهن جن ۾ دڙڪو (۽ سامانِ عبرت) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڳالهيون ڪَئـِين ڳوٺن جون، پَڪ پُهِتينِ پاڻ، جن ۾ ڇِينڀِيندڙن ڇيبَرون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ انهن وٽ اُهي خبرون آيل آهن؛ جن ۾ جِهڻڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن جي آڏو (اڳين قومن جا) احوال پهچي چڪا آهن، جن ۾ سرڪشيءَ کان پاسو ڪرڻ لاءِ عبرت جو ڪافي سامان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آيون آهن انهن جي آڏو (اڳين قومن جون) خبرون، جن ۾ سرڪشي کان روڪڻ جو عبرت جو سامان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انهن ماڻهن وٽ (گذريل قومن جا) احوال اچي چڪا آهن، جن ۾ (کين) چتاءُ ڏنل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حِكمَةٌ بٰلِغَةٌ فَما تُغنِ النُّذُرُ (آيت : 5) |
پوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ جن ۾ دلين تي اثر ڪندڙ) اعليٰ حڪمت رکيل آهي، پر (افسوس جو هنن ڪافرن کي) خبردار ڪندڙن (پيغمبرن) جون نصيحتون ڪجهه به فائدو ڪونه ٿيون ڏين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهيءَ ۾) نهايت دانائي واري ڳالهه هئي، پوءِ پيغمبر ڪهڙو ڪم ڏِيَنِ ؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انتها درجي جي دانائي پر (کين) ڊيڄارڻ مان ڪجھ به نه ٿو وري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حڪمت بالغہ پوءِ نه فائدو ڏنو ڊيڄاريندڙن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ عبرت جون ڳالهيون فائدو نه ٿيون ڏين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حڪمتِ ڪامله آهي پوءِ به اهڙيون ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون (انهن کي) ڪو فائدو نه ٿيون ڏين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پورو پورو ڄاڻ، پوءِ عِبرت جا اُهڃاڻ، اَثر نَه ڪَن اُنهن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوري ڏاهپ آهي؛ پوءِ عبرت جون ڳالهيون کين فائدو نٿيون ڏين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙي حڪمت به جيڪا نصيحت جي مقصد جو چڱيءَ طرح پورائو ڪرڻ واري آهي، پر ڊيڄارڻ انهن لاءِ بيڪار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙي حڪمت جا پورو ڪري ٿي نصيحت جي مقصد کي، پر تنبيهون مٿن ڪارگر ناهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ وڏي حڪمت ۽ نصيحت به ڪيل آهي. پر اهي ڳالهيون انهن تي اثر ئي نٿيون ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَوَلَّ عَنهُم يَومَ يَدعُ الدّاعِ إِلىٰ شَيءٍ نُكُرٍ (آيت : 6) |
تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) هنن (ڪافرن) کي ڇڏي ڏي. جنهن ڏينهن سڏ ڪندڙ (کين) سخت اڻ وڻندڙ (عذاب جي) واقعي ڏي سڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کان پاسو ڪريو، اُن ڏينهن سڏي ٿو سڏيندڙ ان شيءِ ڏانهن جيڪا کين ناپسند آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون انهن کان پاسيرو رھ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ (اسرافيل) اڻ وڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ منهن موڙ انهن کان جنهن ڏينهن سڏيندو سڏيندڙ انڪار ڪيل شيءِ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڪري (اي پيغمبرﷺ!) تون انهن کان منهن موڙ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻوڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انهن کان منهن موڙ. جنهن ڏينهن سڏڻ وارو (ملائڪ) سخت ناگوار شيءِ (قيامت) ڏانهن سڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُنهن، تن کان مُورهِين، تون مُرسل! موڙي ڇَڏ، جِنهن ڏِينهن، نه ڏِٺل ٽول ڏي، ڪَندو، سَڏِيندڙ سَڏ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري انهن کان منهن موڙ، جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانهن سڏيندو؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! انهن کان منهن موڙ. جنهن ڏينهن سڏڻ وارو اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانهن سڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) مَٽي ڇڏ منهن انهن کان، جنهن ڏينهن سڏيندڙ سڏيندو سخت اڻوڻندڙ شيءِ ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بس توهان انهن ماڻهن کي (ان ڏينھن تائين) ڇڏي ڏيو جنھن ڏينھن سڏڻ وارو (ملائڪ) کين اڻ وڻندڙ شيءِ ڏانھن سڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خُشَّعًا أَبصٰرُهُم يَخرُجونَ مِنَ الأَجداثِ كَأَنَّهُم جَرادٌ مُنتَشِرٌ (آيت : 7) |
(تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڏينهن سندن اکيون جهڪيل هونديون ۽ قبرن مان ائين نڪري پوندا جو ڄڻ ته ٽڙيل پکڙيل ماڪڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) اکيون هيٺ ڪري (پنهنجي) قبرن مان نڪرندا، گوياڪِ اهي مڪڙ آهن جيڪي منتشر آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته قيامت ۾ اکيون هيٺ ڪيل قبرن مان پکڙيل مڪڙن وانگر ٿي نڪرندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چمڪندڙ هونديون اکيون انهن جون نڪرندا قبرن مان ڄڻ ته اهي مڪڙ ٽڙيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن جهڪين اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻ ته اهي پکڙيل مڪڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ان ڏينهن ماڻهو) جُهڪيل اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻڪ اِهي پکڙيل مَاڪَڙِ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوندن اُنهِئَ حال ۾، نيڻ نِماڻا نَڏ، مِڙئـِي مُقامَن مان، نِڪرن سَڏ سان گَڏ، هُوندا هيڪاندا هَڏ، ڪَر ماڪڙ پَکڙِيل مُلڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن قبرن مان جِهڪين اکين سان ائين ٻاهر نڪرندا؛ جو ڄڻڪ اهي پکڙيل مڪڙ آهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهو هيسيل نگاهن سان پنهنجي قبرن مان ائين نڪري ايندا، ڄڻ ته ٽـڙيل پکڙيل ماڪڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جهڪين نگاهن سان (قبرن مان) نڪرندا ائين جيئن ماڪڙ هجي جيڪا ٽڙيل پکڙيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هي ماڻهو پنھنجي ڪومايل اکين سان قبرن مان ايئن نڪرندا ڄڻ ته کنڊڙيل ماڪڙ هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُهطِعينَ إِلَى الدّاعِ يَقولُ الكٰفِرونَ هٰذا يَومٌ عَسِرٌ (آيت : 8) |
(اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو هڪ هنڌ کتل اکين سان سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. (۽) ڪافر چوندا ته هي ڏينهن ته ڏاڍو سخت آهي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڏيندڙ ڏانهن اهي ڊوڙي ويندڙ آهن، ڪافر چوندا هيءُ ڏينهن سخت ڏکيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڏيندڙ ڏي گردن وڌائي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) هي ته وڏو سخت ڏينهن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڊوڙندڙ سڏيندڙ ڏانهن چوندا ڪافر ته هي ڏينهن ڏکيو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) ته هي سخت ڏينهن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙندا ويندا. ڪافر چوندا ته هي ڏاڍو سخت ڏينهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَڄندڙ، ڊُڪندڙ، ڊوڙندڙ، سَڀيئـِي سَڏِيندڙ پار، ڪَهن لڳَن ڪُفار، ته ڏاڍو ڏُکيو ڏِينهن هِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڏيندڙ ڏانهن ڊوڙندا ويندا_ ڪافر چوندا ته ”هيءُ سخت ڏينهن آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڏڻ واري ڏانهن ڊوڙندي وڃي رهيا هوندا ۽ اهي ئي ڪافر (جيڪي دنيا ۾ ان جو انڪار ڪندا هئا) ان وقت چوندا ته اڄوڪو ڏينهن ته ڏاڍو ڏکيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڊوڙندا ويندا پڪاريندڙ ڏانهن، چوندا اهي ئي منڪر (دنيا ۾ انڪار ڪندڙ) هي ڏينهن ته ڏاڍو سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو سڏڻ واري ڏي ڀڄندا ويندا. (ان وقت) ڪافر چوندا ته هي ته تمام ڏکيو ڏينھن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ فَكَذَّبوا عَبدَنا وَقالوا مَجنونٌ وَازدُجِرَ (آيت : 9) |
انھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) کانئن اڳي نوح جي قوم به (حضرت نوح جي نصيحت کي) ڪوڙو ٺهرايو. سو هنن اسان جي ٻانهي (حضرت نوح) کي نه مڃيو ۽ چيائون ته، هو مجنون (چريو) آهي ۽ هن کي تڙي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏنائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کان اڳ نوح جي قوم نه مڃو پوءِ انهن اسان جي ٻانهي (نوح) کي ڪوڙو سمجھو ۽ چيو (هيءُ) مجنون آهي ۽ ان کي جھڻڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو ڪيو هو، جو اسان جي (خاص) بندي (نوح) کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ کيس ڌمڪايائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو ڀانيو انهن کان اڳي نوح جي قوم پوءِ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو چيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ جهڻڪيو ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ ان کي ڌمڪايو ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو سمجهيو هيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو سمجهيائون ۽ چيائون عقل کان خالي آهي ۽ ان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قوم، نَبي نُوح جِي، صابِر، صَبر ڀَريو، اُنهن ڪنان اََڳڀرو، سَڀ ڪوٺيؤن ڪُوڙ، ڪريو، پوءِ ڪُوڙو اسان جي ڪَس کي، ڪوٺؤن وَريو وَريو، پڻ چيائون چَريو، ۽ وِيو ڌَمڪايو دوست کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو؛ پوءِ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته ”چريو آهي“ ۽ ساڻس سخت ڳالهايو ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو سڏيو هو. انهن اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو چيو ۽ چيائون ته هي چريو آهي ۽ دڙڪا داٻ ڏنائونس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چيو انهن کان اڳ قوم نوح، انهن ڪوڙو ڀانيو اسان جي بندي کي ۽ چيائون ته اهو چريو آهي، ۽ ان کي ڏاڍو ڇينڀيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان اڳ نوح ($) جي قوم به (ان ڳالهه کي) ڪوڙو سمجهيو ۽ اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيو ۽ چيو ته هي ديوانو آهي ۽ (کيس) دڙڪا به ڏنا . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَدَعا رَبَّهُ أَنّى مَغلوبٌ فَانتَصِر (آيت : 10) |
پوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاريو ته مان عاجز آهيان، سون منهنجي مدد ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان پنهنجي خالق کي پڪاريو ته بيشڪ آئون مغلوب آهيان پوءِ تون (انهن کان) انتقام وٺ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته: آءُ (انهن جي مقابلي ۾) ڪمزور ٿي پيو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب کي سڏيائين ته بيشڪ مان مغلوب آهيان پوءِ مدد ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته آءُ عاجز ٿي ويو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو پنهنجي پالڻهار کان دعا گهريائين ته ”آءٌ عاجز آهيان پوءِ تون (منهنجو) بدلو وٺ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن پَنهنجي پالڻهار کي، ڪيائين ساري سَڏ، ته آئون هيڻو هَڏ، پوءِ واحِد!، واهِر تون ٿِيِن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هن پنهنجي رب کي سڏ ڪيو ته ”تحقيق آءُ هيڻو آهيان؛ تنهن ڪري تون انهن کي پهچ.“ (يعني مدد ڪريمِ) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ هن پنهنجي رب کي ٻاڏايو ته "مونکي زير ڪيو ويو آهي، هاڻي تون ئي کانئن پلئه وٺ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ان سڏيو پنهنجي رب کي، آئون مغلوب ٿي ويو آهيان تون انهن کان بدلو وٺ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُن پنھنجي پالڻھار کي سڏيو ته بيشڪ مان بي وس ٿي ويو آهيان. بس! انهن ماڻهن کان تون ئي بدلو وٺ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَفَتَحنا أَبوٰبَ السَّماءِ بِماءٍ مُنهَمِرٍ (آيت : 11) |
پوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات سان کولي ڇڏيا (۽ مينهن پرٽجي پيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان آسمان جا دروازا کوليا ان مِينهن لاءِ جيڪو گھڻو وسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ کولياسون دروازا آسمانن جا پاڻي زور سان وهندڙ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان وڏ ڦڙي مينهن سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُپٽيا سون اَورڪ سان، اُن تي اُڀ جادَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ آسمان جا دروازا گهڻي وهندڙ پاڻي سان کولياسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ اسان زورائتي برسات سان آسمان جا در کولي ڇڏيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن اسان کولي ڇڏيا در آسمان جا تمام وڏي مينهن سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان آسمان جا دروازا زبردست برسات لاءِ کولي ڇڏيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفَجَّرنَا الأَرضَ عُيونًا فَالتَقَى الماءُ عَلىٰ أَمرٍ قَد قُدِرَ (آيت : 12) |
۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان سان گڏ) زمين مان چشمان به وهائي ڇڏياسين. سو (آسمان ۽ زمين جو) پاڻي گڏجي پيو ۽ (الله جي) حڪم موجب ٺهرايل حد تائين چڙهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين مان (پاڻيءَ جا) چشما جاري ڪيا پوءِ ٻئي پاڻ مِلي پيا ان امر لاءِ جيڪو اندازو ڪيو ويو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. ته اهو هڪ ان ڪم جي لاءِ جيڪو مقدر ٿي چڪو هو. (۽ ٻئي) پاڻي ملي (ڪري هڪ) ٿي پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وهايوسون زمين کي چشما ڪري پوءِ مليو پاڻي ان مقدار تي جيڪو مقدر ڪيو ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. پوءِ پاڻي ان ڪم لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان زمين جا چشما وهائي ڇڏيا پوءِ پاڻي ان ڪم (يعني انهن جي هلاڪت) لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چِيري ڪڍياسون چِشمان، ڌَئون هَڻِي مَنجھ ڌر، پوءِ وَڃِي چَڙهيو چوٽيِـين، پاڻِي اِهڙئَ پر، مٿائـِين مُقرر، هُئو اَمر جِنهن اَنداز تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين مان چشما جاري ڪياسون، پاڻي جنهن ڪم لاءِ مقرر ٿيل هو، انهي لاءِ اچي گڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين کي چيري چشما بڻائي ڇڏيا، پوءِ اهو سمورو پاڻي اهو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ ملي ويو جيڪو مقدر ٿي چڪو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڦاڙيوسين زمين کي چشما ڪري، سمورو پاڻي گڏ ٿيو ان ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪو طئي ٿيل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين مان چشما جاري ڪري ڇڏيا. پوءِ پاڻي (چوڌاري) گڏ ٿي ويو ان ڪم لاءِ جنھن جو فيصلو ڪيو ويو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحَمَلنٰهُ عَلىٰ ذاتِ أَلوٰحٍ وَدُسُرٍ (آيت : 13) |
۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن کي (يعني حضرت نوح کي سندس ماڻهن سميت) تختن ۽ ڪِلين واري ٻيڙيءَ تي کڻي وياسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي (ٻيڙيءَ تي) سوار ڪرايو جيڪا تختن ۽ ڪِلِيُنِ واري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن سان تيار ڪيل (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کنيوسين ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان (نوح) کي تختن ۽ ميخن واري (ٻيڙي) تي سوار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيو سونسِ ڪشتِئَ ۾، ساٿِيَن ساڻ سُوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نوح کي تختن ۽ ميخن واريءَ ٻيڙيءَ تي چاڙهيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نوح کي اسان هڪڙيءَ تختن ۽ ڪوڪن واريءَ (ٻيڙيءَ) تي چاڙهي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سوار ڪيوسين (نوح کي) تختن ۽ ڪلين واري (ٻيڙيءَ) ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان (نوح $) کي تختن ۽ ڪلين واري ٻيڙي تي سوار ڪيو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَجرى بِأَعيُنِنا جَزاءً لِمَن كانَ كُفِرَ (آيت : 14) |
جا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جا اسان جي اکين اڳيان (اسان جي خاص نظر ۽ سنڀال هيٺ) هلڻ لڳي (۽ کيس سلامت کڻي ويئي) اهو (خاص) بدلو مليو انهيءَ کي جنهن کي ڪافرن نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها ٻيڙي اسان جي نگراني ۾ هلي رهي هئي، اها جزا هئي سندن نافرماني جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جا اسان جي نظرداريءَ ۾ هلي رهي هئي ان شخص (نوح) جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن کي ماڻهن نٿي مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلي ٿي اسان جي اکين آڏو بدلو ٿي ان لاءِ جو انڪار ڪيو ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا اسان جي اکين اڳيان ٿي هلي ان شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جا اسان جي نگراني ۾ پي هلي، هي ان شخص (يعني نوح) جي خاطر بدلو وٺڻ هيو جنهن جي بي قدري ڪئي وئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جا مَهندئـِي هُئـِي، ميخن ۽ تختن ساڻ تيار، اسان جي اََک ٽيٽ ۾، هَلِي ٿِي هَموار، اُنهِئ کي آڌار، جنهن کي، مڃيو نه ويو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جا اسان جي اکين آڏو هلي ٿي_ انهي شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ، جنهن کي نه مڃيو ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪا اسان جي نظرداريءَ هيٺ پئي هلي، اهو هو بدلو انهيءَ شخص جي خاطر، جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪا هلي پئي اسان جي نگرانيءَ ۾، هي بدلو هو (ان شخص لاءِ) جنهن جو هن انڪار ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو اسان جي حفاظت ۾ هلي رهيو هو. ( انهن ماڻهن) جنھن شخص جي بي قدري ڪئي هئي هي ان جو بدلو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد تَرَكنٰها ءايَةً فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 15) |
۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان ان کي نشانيءَ طور ڇڏيو. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان انهيءَ واقعي کي نشاني ڪري ڇڏيو. ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ان (ٻوڏ) کي هڪ عبرت جي نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو عبرت حاصل ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڇڏيوسون ان کي نشاني ڪري پوءِ ڪونصيحت قبول ڪندڙ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي (عبرت لاءِ) هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان اُن عذاب کي، ڪيو نِشانِي نِروار، جيڪسِ آھِ جھان ۾، پوءِ وٺندڙ ڪو ويچار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ انهي (سزا) کي هڪ نشاني ڪئي سون، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ٻيڙيءَ کي اسان نشاني بڻائي ڇڏيو، پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين ان (ٻيڙيءَ کي) نشاني، پوءِ آهي ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اُن ٻيڙي کي هڪ نشاني ٺاهي ڇڏيو. پوءِ آهي ڪير نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 16) |
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هُئا ڪهڙِي ڪار، اطلاع ۽ عَذاب مُنهنجو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڏس، ته منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسو ڪهڙو هو اسان جو عذاب ۽ ڪهڙيون هيون تنبيهون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 17) |
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ !(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي (ته) ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سارڻ لاءِ سَولو، ڪَيو سُون قُرآن، پوءِ آھِ ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايو آهي سولو اسان هن قرآن کي نصيحت لاءِ، پوءِ آهي ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت عادٌ فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 18) |
عاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) عاد جي قوم به (پيغمبرن جي تعليم کي) نه مڃيو ۽ ان کي رد ڪيو، سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قوم عاد جي (هود پيغمبر) جي تڪذيب ڪئي، پوءِ (ڏسو ته) ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عاد جي قوم (به پنهنجي پيغمبر کي) ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين هو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو عاد پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) عاد جي قوم ڪوڙو ڪيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عاد جي قوم ڪوڙو سمجهيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاهي قوم عاد جِي، پِيا ڪُوڙن مَنجهه ڪُفار، پوءِ هُئِي ڪِهڙِي ڪار، اطلاع، ڪِ عذاب مُنهنجو! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) عاد جي قوم (نبيءَ کي) ڪوڙو ڀانيو، پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عاد ڪوڙو سڏيو ته پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چيو عاد، پوءِ ڏسو ڪهڙو هو منهنجو عذاب ۽ ڪهڙيون هيون تنبيهون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عاد قوم به ڪوڙو ڪيو. پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى يَومِ نَحسٍ مُستَمِرٍّ (آيت : 19) |
بيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن (عاد جي ماڻهن) جي مٿان هڪڙو سخت طوفان اهڙي ڏينهن موڪليو جو سخت نڀاڳائي ۽ زبردست مصيبت وارو ڏينهن هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انهن تي هڪ سخت طوفان ان ڏينهن تي موڪليو جنهن جي منحوسي (انهن تي) هميشه رهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان مٿن منحوس ڏينهن تمام سخت تيز هوا کي موڪليو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو انهن تي واءُ تيز هڪ منحوس، هميشہ واري ڏينهن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان مٿن هميشه رهندڙ بدبختي جي ڏينهن ۾ سخت هوا کي موڪليو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انهن تي سخت آواز واري تيز هوا (انهن جي حق ۾) هميشه واري نحوست واري ڏينهن ۾ موڪلي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اُماڻيو اُنهن تي، تمام تِکو طوفان، اَکٽ اَڀاڳي ڏِينهن ۾، پيو اُکيڙي اِنسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان سخت طوفان کي وڏي نڀاڳي ڏينهن ۾ انهن تي موڪليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هڪڙي لاڳيتي نڀاڳ واري ڏينهن مٿن سخت هوا جو طوفان موڪليو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان موڪليو انهن تي هڪ طوفان تيز تر انهيءَ ڏينهن (جيڪو) نڀاڳو هميشه رهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان انهن جي مٿان هڪ نڀاڳ کنيل واري ڏينھن زبردست طوفاني هوا موڪلي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزِعُ النّاسَ كَأَنَّهُم أَعجازُ نَخلٍ مُنقَعِرٍ (آيت : 20) |
جو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن انهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پٽي (اڇلائي) ماريو جو ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجين جا ٿڙ هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ماڻهن کي ايئن پٽي اڇلايو ٿي، گوياڪِ اهي پاڙان اکڙِيل کجين جا ٿڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پٽيائين ٿي ماڻهن کي گويا اهي ٿڙ آهن کجيءَ پاڙان پٽيل جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهن کي کڻي اهڙي طرح پئي اڇلايائين ڄڻڪ اُهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا پَورا ٿُــڙَ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر آهِن ٿُڙ عيان، پاڙان پَٽِيَل کِجِيَن جا! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ماڻهن کي اُکيڙيو ٿي، ڄڻڪ اهي پاڙون پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ماڻهن کي ائين مٿي کڻي ٿي اڇلايو، ڄڻ ته هو کجيءَ جا پاڙؤن پٽيل ٿــڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اڇلي رهيو هو ماڻهن کي، اهڙيءَ طرح جيئن پاڙون پٽيل کجيءَ جا ٿڙ هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪا ماڻهن کي ايئن پئي ڪيرائي ڄڻ ته هو پاڙون پٽيل کجيءَ جا کوکلا ٿُڙ هُجن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 21) |
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ منهنجي تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (ڏسو ته) ڪهڙيءَ طرح منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئي هو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڪيئن هيو منهنجو عذاب ۽ (ڪيئن هيو) منهنجو ڊيڄارڻ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪِنهن پَرهو مُنهنجو، عَذاب ۽ اِعلان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڏسو ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسي ڇڏيو ڪهڙو هو منهنجو عذاب ۽ تنبيهون ڪهڙيون هيون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 22) |
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ (۽ ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن نصيحت جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت وٺندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪوسوچڻ وارو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سارڻ لاءِ سَولو،ڪيو سون قرآن، پوءِ آهي ڪو اِنسان، سارِيندڙ سرِير ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايو آهي سولو اسان هن قرآن کي نصيحت واسطي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت ثَمودُ بِالنُّذُرِ (آيت : 23) |
ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ثمود جي ماڻهن به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قوم ثمود جي پيغمبرن جي تڪذيب ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن (پيغمبرن) کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو ثمود ڊيڄاريندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ثمود جي قوم ڊيڄارڻ وارن کي ڪوڙو سمجهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجهيا ثَمُود ڪُوڙي ڪري، ڄاڻويَن جا ڄاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ثمود ڊيڄارڻ کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڄاتو ثمود نصيحت کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ثمود قوم به ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالوا أَبَشَرًا مِنّا وٰحِدًا نَتَّبِعُهُ إِنّا إِذًا لَفى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 24) |
پوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، ڇا اسان مان هڪڙو انسان، اڪيلوئي اڪيلو! اسان هن جي پيروي ڪيون ۽ سندس تابعدار ٿيون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ پئجي وينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ چيائون ڇا اسان مان، اسين هڪ انسان جي تابعداري ڪريون؟ بيشڪ اسين ان وقت گمراهي ۽ عذاب ۾ پونداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو چوڻ لڳا اسين پاڻ مان هڪڙي ماڻهو جي تابعداري ڪريون ڇا؟ جيڪڏهن اسين ائين ڪريون ته گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيائون ته ڇا هڪ بشر جي پاڻ مان تابعداري ڪيون ان جي بيشڪ اسان ان وقت البته گمراهي ۽ چريائيءَ ۾ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو چيائون ته اسين پاڻ مان هڪڙي ماڻهوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ بيشڪ اسين تڏهن گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چيائون ته : ”ڇا اسان پاڻ مان هڪڙي بشر جي پيروي ڪيون تڏهن ته اسان پڪ سان گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آڪَڙ جِي آکڻ لڳا، اِنهئَ پَر اَڄاڻ، ته اَسان مان هِڪ آدمِي، ڪِيئن هَلون پُٺيانسِ هاڻ؟ تڏهن ته پٽئـِين پاڻ، آهيون ڀورائـِئَ ۽ ڀُل ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته اسان پاڻ مان هڪ شخص جي ، تابعداري ڪيون ڇا؟ تڏهن ته اسين گمراهي ۽ چريائي ۾ هونداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چوڻ لڳا ته "هڪڙو اڪيلو ماڻهو جيڪو اسان منجهان ئي آهي، ڇا اسان ان جي ڪڍ لڳون؟ پوءِ ته اسان ٿياسون راهه کان ٿـڙيل ۽ چريائيءَ ۾ پئجي ويل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوڻ لڳا، هڪ ماڻهو جيڪو اسان مان اڪيلو آهي، ان جي پيروي ڪريون؟ (ان جي معنيٰ) اسين گمراهه ٿياسين ۽ اسان جي مت ماريل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائون ته ڇا اسان پنھنجي قوم مان هڪڙي ماڻهوءَ جي پيروي ڪريون؟ (جيڪڏهن ايئن ڪيو) ته پوءِ اسان واقعي گمراهه ٿي وياسين ۽ اها اسان جي بيوقوفي چئبي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَءُلقِىَ الذِّكرُ عَلَيهِ مِن بَينِنا بَل هُوَ كَذّابٌ أَشِرٌ (آيت : 25) |
اسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اسان سڀني جي وچئون اچي هن (مڙس) تي (خدائي) پيغام نازل ٿيو آهي؟ (بلڪل نه) بلڪ هو ڪوڙو ٻٽاڪي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان سڀني مان وحي رباني ان تي نازل ٿي آهي؟ بلڪِ اهو (حضرت صالح) وڏو ڪوڙو ۽ سرڪش آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان سڀني مان رڳو ان تي ئي وحي نازل ٿيو آهي (نه! نه!) پر اهو ڪوڙو ٻڌائيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا لاٿو ويو ذڪر ان تي اسان مان بلڪ اهو گهڻو ڪوڙو، پاڻ پڏائيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسان مان ان تي ئي نصيحت لاٿي ويئي آهي پر اهو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان سڀني جي وچ ۾ اهوئي هيو جنهن تي نصيحت لاٿي وئي؟ بلڪه اهو ڪوڙو خود پسند آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان وِچان ڪِيئن اُن تي، وِيو موڪليو مَذڪُور!، بلڪ ڪُوڙو آهي اِهو، مَٿي ڦِريل مَغرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جي وچان انهي تي ئي نصيحت نازل ڪئي ويئي ڇا؟ بلڪ اُهو وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان منجهه بس اهوئي هو، جنهن تي ذڪر (ڪتاب) نازل ڪيو ويو؟ نه نه، اصل ڳالهه اها آهي ته اهو آهي حد درجي جو ڪوڙو ۽ هٺيلو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ان تي ئي خدا جو ذڪر (قرآن) نازل ڪيل آهي اسان مان؟ نه، پر اهو وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان مان رڳو اُن تي نصيحت نازل ڪئي وئي آهي؟ هي ته وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيَعلَمونَ غَدًا مَنِ الكَذّابُ الأَشِرُ (آيت : 26) |
سڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي حضرت صالح) هي (نادان) سڀاڻي ئي ڏسي وٺندا ته، ڪير ڪوڙو ۽ ٻٽاڪي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جلدي سڀاڻي معلوم ڪندا ته ڪير وڏو ڪوڙو سرڪش آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عنقريب سڀاڻي کين معلوم ٿي ويندو ته ڪير وڏو ڪوڙو (۽) پاڻ پڏائيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد ڄاڻندا صبحاڻي ته ڪير گهڻو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اسان صالح کي چيو) سڀاڻي اهي معلوم ڪندا ته ڪير وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اسان چيو) ”سڀاڻي ئي کين معلوم ٿي ويندو ته ڪير ڪوڙو خود پسند آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻن جَلد ضرور، ته وڏو ڪوڙو ڪير هُئو؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اسان چيو ته) ”سڀان ڄاڻندا، ته پاڻ پڏائيندڙ ۽ وڏو ڪوڙو ڪير آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پوءِ اسان پنهنجي نبيءَ کي چيو ته) "سڀاڻي ئي پتو پوندن ته ڪير آهي حد درجي جو ڪوڙو ۽ هٺيلو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اسان نبيءَ کي چيو) کين معلوم ٿيندو سڀاڻي، ته ڪير وڏو ڪوڙو ۽ پاڻ پڏائيندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن کي سڀاڻي ئي خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪوڙو ۽ ڪير پاڻ پڏائيندڙ آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا مُرسِلُوا النّاقَةِ فِتنَةً لَهُم فَارتَقِبهُم وَاصطَبِر (آيت : 27) |
بيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ڏاچي موڪلڻ وارا آهيون جا هنن لاءِ آزمائش آهي. سو تون ترس ۽ ڏس ۽ صبر اختيار ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين ڏاچي انهن جي آزمائش لاءِ موڪليندڙ آهيون پوءِ تون (اي صالح) انتظار ڪر ۽ صبر ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي صالح) اسين سندن امتحان لاءِ ڏاچيءَ کي موڪليو ته پوءِ تون انهن کي ڏسندو رھ ۽ (ڪجھ) صبر ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين موڪليندڙ آهيون ڏاچي انهن جي آزمائش جي لاءِ پوءِ انهن جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين ڏاچيءَ کي انهن جي امتحان لاءِ موڪليون ٿا پوءِ تون کين ڏسندو رهه ۽ جيئن تيئن صبر ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انهن جي آزمائش لاءِ ڏاچي کي موڪلڻ وارا آهيون پوءِ تون (اي صالح!)انهن (جي انجام) جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين موڪلِيندڙ آهيون، توڏي ڪا تَڪرار، اُنهن جي اِيمان کي، پَر ۾ پَرکڻ هار، پوءِ ڪَر اوسِين اِنتظار، ۽ سَڀ ڪجھ سَہ سَرِير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين انهن جي آزمائش لاءِ ڏاچي موڪلينداسون، پوءِ (اي صالح) انهن جو انتظار ڪر ۽ صبر ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن لاءِ ڏاچيءَ کي آزمائش بڻائي موڪليون ٿا، پوءِ صبر سان ويٺو ڏس ته سندن پڇاڙي ڇا ٿي ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان موڪلي رهيا آهيون ڏاچيءَ کي فتنو بنائي انهن ڏي پوءِ ٿورو صبر ڪر، سندن ڪهڙي پڄاڻي ٿي ٿئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان سندن آزمائش لاءِ ڏاچيءَ کي موڪليون ٿا. بس! تون کين انتظار ۽ صبر سان ويٺو ڏسجان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَبِّئهُم أَنَّ الماءَ قِسمَةٌ بَينَهُم كُلُّ شِربٍ مُحتَضَرٌ (آيت : 28) |
۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن کي ٻڌائي ڇڏ ته پاڻي سندن وچ ۾ ورهايل آهي ۽ هرڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي (۽ پنهنجي ڍورن کي پاڻي پياري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون انهن کي ٻڌاءِ ته بيشڪ پاڻي انهن جي وچ ۾ تقسيم ڪيل آهي، هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين خبر ڏي ته سندن وچ ۾ پاڻيءَ جو (وارو) ورهايل آهي سڀ ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خبر ڏي انهن کي ته بيشڪ پاڻي ورهايل آهي انهن ۾ هر وارو حاضر ڪيل آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين خبر ڏي ته سندن وچ ۾ پاڻي ورهايل آهي سڀڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته انهن جي وچ ۾ پاڻي ورهايل آهي. هر ڪو پنهنجي واري تي حاضر ٿئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُڌ ڏِيينِ، ته سَندنِ وِچ ۾، آھِ وِراست آب، حاضِر ساڻ حِساب، وارو سَندن وِچ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي خبردار ڪر، ته انهن جي وچ ۾ پاڻي وراهيل آهي، جو هر هڪ واري تي حاضر ٿئي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌائي ڇڏ ته "پاڻي ورهايل هوندو سندن ۽ ڏاچيءَ جي وچ ۾ ۽ هر ڪو پنهنجي واري جي ڏينهن پاڻيءَ تي ايندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کين خبر ڏي ته بيشڪ پاڻي ڏاچي ۽ انهن جي وچ ۾ وراهبو، ۽ هرڪو پنهنجي واري واري ڏينهن تي پاڻي تي ايندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته بيشڪ پاڻي توهان ۽ ڏاچيءَ جي وچ ۾(پيئڻ لاءِ) ورهايل آهي (هاڻي) هرڪو پنھنجي واري تي (کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ) اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَنادَوا صاحِبَهُم فَتَعاطىٰ فَعَقَرَ (آيت : 29) |
پوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هنن ڇا ڪيو جو پنهنجي (هڪ شرير) سنگتيءَ کي سڏيائون، سو هن هڪ تلوار هٿ ۾ کنئي ۽ ان ڏاچيءَ جا پير ڪپي وڌائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن پنهنجي سنگتي کي سڏيو پوءِ ان حملو ڪري ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن پنهنجي سنگتيءَ (قدار) کي سڏيو جنهن (زور سان) وار ڪري (ڏاچيءَ جا) پير وڍي وڌا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سڏيائون پنهنجي ساٿيءَ کي پوءِ وارُ ڪيائين پوءِ ٽنگون وڍيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن پنهنجي سنگتي (قندار) کي سڏ ڪيو پوءِ ان (زور سان) وار ڪري (ڏاچيءَ جا) پير وڍي وڌا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن پنهنجي ساٿي کي سڏ ڪيو پوءِ ان (ڏاچيءَ تي) وار ڪري ان جا پير وڍي وڌا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن سَندنِ اڳواڻ کي، ڪَئـِي پوءِ ڪُوڪار، پوءِ کَنئـِي تِنهن ترار، پوءِ گُڏيائـِين گوڏن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ساٿيءَ کي سڏيائون، پوءِ انهيءَ وڌيڪ قدم کنيو ۽ ڏاچيءَ کي منڊو ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ هنن پنهنجي سنگتيءَ کي سڏيو ۽ هن ان ڪم جو بار کنيو ۽ ڏاچيءَ جون کچون ڪپي ماري وڌائينس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار سڏيو انهن ماڻهن پنهنجي ساٿي کي، ان ذمو کنيو ۽ ڏاچيءَ کي ماري وڌائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن پنھنجي ئي ساٿي کي سڏيو (۽ کيس ذميداري ڏني) پوءِ اُن (ڏاچيءَ کي) منڊڙو ڪري ماري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ كانَ عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 30) |
پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ڏسو ته) اسان جو عذاب ۽ تنبيهه ڪهڙي نه سخت هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (ڏسو ته) منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪهڙيءَ طرح آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪئين هو.؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙي طرح هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هُئو ڪِيئن قَهر مُنهنجو، پڻ چتاءُ ڪِهڙِي چال!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڏس ته منهنجو عذاب ۽ ڊيڄارڻ ڪيئن هئو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڏس ته ڪهڙو نه هو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسي ڇڏيو ڪهڙو هو منهنجو عذاب ۽ تنبيهون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن هو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم صَيحَةً وٰحِدَةً فَكانوا كَهَشيمِ المُحتَظِرِ (آيت : 31) |
بيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هنن جي مٿان هڪڙو اڪيلو سخت ڌڪاءُ نازل ڪيو، ۽ (ان زلزلي ۾) هو واڙ ٺاهيندڙ جي سڪين ڪاٺين جهڙا ٿي پيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انهن تي هڪ زبردست دانهن موڪلي پوءِ اهو چُورو ٿيل ڍينگرن وانگر ٿي پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان مٿن هڪ (هيبت ڀريو) آواز موڪليو پوءِ لوڙهي ڏيڻ واريءَ جي لوڙهي جو ڀور وانگر (ڍڳ) ٿي پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو انهن تي ڪڙڪيدار هڪ آواز پوءِ ٿي پيا مثل سڪل گاهه لوڙهو ڏيندڙ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان مٿن هڪ (هيبت ڀريو) آواز موڪليو پوءِ لوڙهي ڏيڻ واري جي لوڙهي جي ڀور وانگر (ڍڳ) ٿي پيا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان مٿن هڪ خوفناڪ آواز موڪليو پوءِ اُهي لوڙهي لڳائڻ واري جي لتاڙيل گاهه وانگر ٿي پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿنِ اَسان موڪليو، ڪو ڌَماڪو ڌَمتال، پوءِ ڦِري ٿِيا فِى الحال، دَن ڀُريَل جِيان دَم ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هڪ ڌڪاءُ انهن تي موڪليو، پوءِ ڦِٽل ڪاٺين جي واڙ وانگر ٿي پيا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان مٿن هڪڙو ئي ڪڙڪو ڪيو ۽ هو واڙي واري جي لتاڙيل لوڙهي وانگر ڪــُـٽو بڻجي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ڇڏيوسين انهن تي بس هڪڙو ڌماڪو، ۽ اهي ٿي ويا لتاڙيل لوڙهي وانگر چورو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان اُنهن جي مٿان هڪ سخت رَڙ موڪلي پوءِ هو لوڙهي (يعني پَيهر) ٺاهيندڙن جي لتاڙيل لوڙهي وانگر ڪُٽو ٿي ويا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 32) |
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ ۽ (ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ آهي ڪو جو نصيحت حاصل ڪري؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن کي نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سارڻ لئي سَولو، ڪيو سُون قُرآن، پوءِ آهي ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايوسين سولو وسيلو قرآن کي نصيحت لاءِ، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ بِالنُّذُرِ (آيت : 33) |
لُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت لوط جي قوم به خبردار ڪندڙ (پيغمبرن) کي نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قوم لوط جي پيغمبر جي تڪذيب ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) لوط جي قوم به ڊيڄارڻ وارن (پيغمبرن) کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو لوط جي قوم رسولن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) لوط جي قوم (به) ڊيڄارڻ وارن (رسولن) کي ڪوڙو سمجهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم لُوط جي، چَيا سَڀ چِتاء،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) لوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط جي قوم ڊيڄارڻ کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڄاتو قوم لوط کي ۽ (سندس) تنبيهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لوط ($) جي قوم به ڊيڄاريندڙ (رسول) کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنا عَلَيهِم حاصِبًا إِلّا ءالَ لوطٍ نَجَّينٰهُم بِسَحَرٍ (آيت : 34) |
بيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هنن جي مٿان پٿرن جو مينهن وسايو، سواءِ حضرت لوط جي ماڻهن جي. انهن کي اسان اَسُر جي وقت (شهر مان ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ تباهه ٿيڻ کان) بچائي ورتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انهن تي پٿرين جو مِينهن وسايو سواءِ لوط تي ايمان آڻيندڙن جي، اسان انهن کي رات جي پوئين پهر ۾ نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڪري اسان مٿن پٿرين وسائڻ واري جهڪ موڪلي سواءِ لوط جي گهر وارن جي جو کين اسر جي مهل (اتان) ڪڍي بچايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليا انهن تي پٿر مگر لوط جو اهل ڇڏايوسون انهن کي رات جي پوئين حصي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڪري اسان مٿن پٿرين وسائڻ واري جهلڪ موڪلي سواءِ لوط جي گهر وارن جي جو کين اسر جي مهل (اتان ڪڍي) بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انهن تي پٿر وسائڻ واري جهَڪَ موڪلي سواءِ لوط جي گهروارن جي. اسان انهن کي اسر مهل (عذاب کان) بچايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَٿرن وارو واء، پوءِ ڇُوٽ ڇَڏيوسون اُنهن مَٿان. سوا ساٿين لُوط جي، جن کي پِرھ ساڻ پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انهن تي پٿريون وسائيندڙ واءُ موڪليو، سواءِ لوط جي گهر وارن جي، جو انهن کي فجر وقت بچايوسون (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اسان مٿن پٿرن جو وسڪارو ڪندڙ هوا موڪلي، جنهن کان فقط لوط جا گهر وارا بچي ويا، انهن کي اسان پنهنجي فضل سان اسر مهل بچائي ڪڍي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان موڪلي سين انهن تي پٿر وسائيندڙ هوا، رڳو لوط جا گهر وارا ان کان بچيل هئا، بچايوسين انهن کي رات جي پوئين پهر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان انهن تي پٿر وسائڻ واري هوا موڪلي. لوط ($) ۽ کيس مڃيندڙن کي اسر مھل (ڪڍي) بچايوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نِعمَةً مِن عِندِنا كَذٰلِكَ نَجزى مَن شَكَرَ (آيت : 35) |
پاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (مٿن) اسان جو فضل ٿيو. اسان اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون، جيڪي خدا جي نعمت جو قدر ڪندا آهن (۽ سندس حڪمن تي هلندا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها اسان جي طرفان نعمت هئي، اسين اهڙيءَ طرح جزا ڏيون ٿا شڪرگذار کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پنهنجي طرفان مهرباني ڪري. اهڙيءَ طرح جيڪو شڪر ڪندو آهي تنهن کي اهڙو بدلو ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نعمت ٿي اسان وٽان اهڙي طرح بدلو ڏينداسون ان کي جنهن شڪر ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي طرفان مهرباني ڪري. اهڙيءَ طرح جو شڪر ڪندو آهي تنهن کي (ان جو) بدلو ڏيندا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجي طرفان مهرباني سان. اهڙي طرح اسان ان کي بدلو ڏيندا آهيون جو شڪر ڪندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پاران ٻاجھ سان، ڏِنوسونِ جِئ ڏان، اِهڙا سَهنج ڪريو تنهن ساڻ، جِنهن مِهربانيون مڃيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجي طرفان ڪيل فضل سان، جنهن شڪرانو ڪيو، ان کي اهڙيءَ طرح بدلو ٿا ڏيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اسان اجر ڏيندا آهيون، هر انهيءَ شخص کي جيڪو شڪر ٿو ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سهڻو بدلو ڏيندا آهيون اسان، هر ان شخص کي جيڪو شڪرگذار هوندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو بچائڻ صرف اسان جي مھرباني جي ڪري هو. اسان شڪر ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَنذَرَهُم بَطشَتَنا فَتَمارَوا بِالنُّذُرِ (آيت : 36) |
۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته حضرت لوط هنن کي اسان جي سخت پڪڙ بابت خبردار ڪيو هو، پر هو ان تنبيهه بابت جهڳڙا ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق ان انهن کي اسان جي گرفت کان ڊيڄاريو پوءِ انهن پيغمبرن ۾ شڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ لوط انهن کي اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو به هو پر انهن ڊيڄارڻ ۾ ئي شڪ ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڊيڄاريائين انهن کي اسان جي پڪڙ کان پوءِ شڪ ڪيائون ڊيڄارڻ وارن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ ان اسان جي پڪڙ کان کين ديڄاريو پوءِ هٿون ڊيڄارڻ جي ڪري (شڪ آڻي) جهڳڙو ڪرڻ لڳا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ان (لوط) کين اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو هيو پوءِ اهي جھڳڙو ڪرڻ لڳا ان جي ڊيڄارڻ ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آگاھَ ڪيائـِينِ، اَسان جي، پَڪڙ ڪنان پَڪ، پوءِ بِيٺا ٻَڌِي بَڪ، ڄاڻويَن سان ڄاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کي اسان جي وٺ پڪڙ کان ڊيڄاريو ويو، پوءِ اُلٽو انهن ڊيڄاريندڙن سان تڪرار ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط پنهنجيءَ قوم کي اسان جي پڪڙ کان خبردار ڪيو پر ڊيڄارڻ تي اعتبار نه ڪندي هنن تڪرار ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (لوط) ڪيو خبردار پنهنجي قوم کي اسان جي پڪڙ کان، پر اهي به تنبيهن کي ڪوڙو ڄاڻندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (لوط $ ) انهن ماڻهن کي اسان جي پڪڙ کان ڊيڄاريو هو، پر هو ڊيڄارڻ وارين ڳالهين تي شڪ ظاهر ڪندي جگهڙو ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد رٰوَدوهُ عَن ضَيفِهِ فَطَمَسنا أَعيُنَهُم فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته هو سندس مهمانن کي (بد ارادي سان) کانئس کسي کڻي وڃڻ لڳا. پر اسان سندن اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون (۽ اهي مهمان سلامت نڪري ويا ۽ ڪافرن کي چيو ويو ته) هاڻي منهنجي عذاب ۽ تنبيهه جو مزو چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق انهن اُن جَي مهمانن ۾ بدنيتي ڪئي پوءِ اسان انهن جون اکيون ميٽي ڇڏيون پوءِ توهان منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان سندن مهمان (فرشتن) سان ناجائز مطلب جي خواهش ڪئي پوءِ اسان سندن اکين کي انڌو ڪيو ۽ (چيوسون ته) منهنجي سزا منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق طلب ڪيائون ان کان ان جا مهمان پوءِ ميٽي ڇڏيون اسان اکيون انهن جون پوءِ چکو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ ان کي ڌتاري سندس مهمان گهرڻ لڳا پوءِ اسان سندين اکين کي ميٽي ڇڏيو پوءِ (چيوسون ته) منهجي سزا ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن (لوط) کان سندس مهمان ڦُرڻ جو ارادو ڪيو پوءِ اسان انهن جي اکين کي ميٽائي (بي نور بنائي) ڇڏيو پوءِ (چيو سين) ”منهنجي عذاب ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِلڪُل بُري فِعل لئي، تِنهن کان مَڱيائون مِهمان، پوءِ ميٽي ڇَڏياسون مُورهِين، سَندن نيڻ نشان، پوءِ عَذاب ۽ اِعلان، مُنهنجو مَزي ساڻ چَکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مهمانن بابت ڇڪتاڻ ڪيائون، پوءِ انهن جي اکين کي وڃايوسون_ پوءِ (چيوسون ته) ”منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ چکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري هنن کيس پنهنجن مهمانن جي حفاظت ڪرڻ کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪئي. نيٺ اسان سندن ديد ئي کسي ڇڏي ته چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي روڪيندا رهيا کيس سندس مهمانن جي حفاظت کان، پوءِ کسي ورتي سين سندن ديد، ته چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي تنبيهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو لوط ($) کان سندس (معزز) مھمان (بُري نيت خاطر) کسڻ لاءِ رُومڙَ ڪري آيا پوءِ اسان کين اکين کان ئي انڌو ڪري ڇڏيو (۽ چيو ته) منھنجي عذاب ۽ منھنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد صَبَّحَهُم بُكرَةً عَذابٌ مُستَقِرٌّ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ئي دائمي (تباهيءَ جو) عذاب مٿن اچي ڪڙڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ صبح جو سويري انهن تي دائمي عذاب آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ صبح سويري مٿن (سدائين) رهڻ وارو عذاب آيو. جو ڪنهن طرح ٽري نه سگهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق صبح ٿينديئي صبح جو آيو انهن وٽ عذاب قرار وٺندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ صبح جو سويري مٿن (هميشه) رهڻ وارو عذاب آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن تي صبح سوير ئي هڪ اٽل عذاب آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَزا ٺَهرايل سِرتي، پِيَن پِرھ ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن لاءِ جيڪو عذاب مقرر ٿيل هو، سو مٿن صبح جو اچي پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ صبح ساجهر ئي هڪڙي عذاب جيڪو ٽرڻو ئي نه هو کين اچي ورتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اچي ويو صبح سوير ئي هڪ اڻ ٽر عذاب هميشه وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ صبح جو سوير انهن جي مٿان هميشه رهڻ وارو عذاب آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذوقوا عَذابى وَنُذُرِ (آيت : 39) |
پوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو هاڻي چکو منهنجي عذاب ۽ تبيهه جو مزو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (چيوسون ته) منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چکو منهنجوعذاب ۽ ڊيڄارڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (چيوسون ته) منهنجي سزا ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ منهنجي عذاب ۽ ڊيڄارڻ جو مزو چکو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چکو چيٺي پاڻ، عذاب، ڪِ اِطلاع مُنهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (چيوسون ته) ”چکو منهنجو عذاب ۽ منهنجو ڊيڄارڻ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي ڊيڄارڻ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چکو مزو منهنجي عذاب جو ۽ منهنجي تنبيهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ منھنجي عذاب ۽ منھنجي ڊيڄارڻ جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد يَسَّرنَا القُرءانَ لِلذِّكرِ فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ (۽ ان مان) نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ۽ سولو ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ آهي ڪو جو نصيحت وٺي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان قرآن ڪريم کي نصيحت حاصل ڪرڻ لاءِ آسان بنايو، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي. ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آسان ڪيوسون قرآن ذڪر جي لاءِ پوءِ ڪو نصيحت حاصل ڪندڙ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بنايو آهي پوءِ آهي ڪو نصيحت حاصل ڪرڻ وارو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سارڻ لاءِ سَولو، ڪيو سون قُرآن، پوءِ آهي ڪو اِنسان، سارِيندڙ سَرِير ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ سولو ڪيو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي، ڇا پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايو آهي اسان آسان هن قرآن کي نصيحت ڪرڻ وارو، پوءِ آهي ڪو نصيحت قبول ڪرڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان قرآن مجيد کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جاءَ ءالَ فِرعَونَ النُّذُرُ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حيقت آهي ته، فرعون جي ماڻهن ڏي به خبردار ڪندڙ (پيغمبر) آيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ فرعون جي ساٿين وٽ پيغمبر آيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون جي قوم ڏي به ڊيڄارڻ وارا (پيغمبر) آيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آيا فرعونين وٽ ڊيڄاريندڙ رسول .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ فرعون جي تابعدارن وٽ ڊيڄارڻ وارا آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ فرعون وارن وٽ (به) ڊيڄارڻ وارا آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيو آل فِرعون کي، اَوس ڄاڻ عَذاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون جي قوم ڏانهن ڊيڄاريندڙ آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ فرعون وارن وٽ به ڊيڄارڻ وارا آيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آيون هيون فرعون جي قوم وٽ تنبيهون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن (به) ڊيڄاريندڙ آيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا كُلِّها فَأَخَذنٰهُم أَخذَ عَزيزٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 42) |
ھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هنن اسان جي سڀني نشانين ۽ حڪمن کي ٺڪرائي ڇڏيو ۽ نه مڃيو. سو اسان به هنن کي اهڙي سخت پڪڙ ڪئي جهڙي زبردست قدرت وارو (الله) ڪندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن اسان جي سڀني نشانين جي تڪذيب ڪئي پوءِ اسان انهن تي سخت پڪڙ ڪئي جيڪا اسان جي شايانِ شان هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن اسان جي سڀني نشاني (معجزن) کي ڪوڙو ڪيو ته اسان کين اهڙيءَ طرح پڪڙ ڪئي جيئن هڪ زبردست قدرت جو مالڪ پڪڙيندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن سڀني کي پوءِ پڪڙيوسون انهن کي پڪڙڻ غالب، قدرت واري جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو ڪيو پوءِ کين زبردست (۽) طاقتور جي پڪڙڻ وانگر پڪڙيوسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو سمجهيو پوءِ اسان انهن کي ائين پڪڙيو جيئن ڪو وڏو غالب وڏي طاقت وارو پڪڙيندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُل اَسان جون آيتون، ڪوٺيؤَن ڪُوڙ ڪذاب، پوءِ پَڪڙيوسون اُنهن کي، گھيري مَنجھ گرداب، پَڪڙڻ پُوري تاب، ڪنهن زوراور زَبر جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو، تنهن ڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر انهن اسان جي سمورين نشانين کي ڪوڙو ڪوٺيو، نيٺ اسان کين ائين پڪڙيو، جيئن ڪو زبردست طاقت وارو پڪڙيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڄاتو انهن اسان جي مڙني آيتن کي، پوءِ اسان کين پڪڙيو جيئن پڪڙيندو آهي ڪو زبردست قدرت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن به اسان جي سڀني نشانين کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان کين اهڙي طرح پڪڙيو جيئن هڪ زبردست طاقت وارو پڪڙيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَكُفّارُكُم خَيرٌ مِن أُولٰئِكُم أَم لَكُم بَراءَةٌ فِى الزُّبُرِ (آيت : 43) |
(اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي قريشيو) توهان جا ڪافر انهن اڳين (ڪافرن) کان (طاقت، علم، هنرن وغيره ۾) بهتر آهن ڇا؟ (جو پاڻ کي تباهيءَ کان بچائي سگهندا) يا (هيئن آهي ڇا ته) توهان جي لاءِ خدائي ڪتابن ۾ ڇوٽڪارو لکجي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان جا ڪافر انهن پَهِرِيَنِ کان بهتر آهن يا توهان لاءِ ڪتابن ۾ (نجات جي) ڪا چٺي لکيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مڪي وارو!) ڇا انهن ماڻهن کان به اوهان جا ڪافر وڌيڪ آهن؟ يا اوهان لاءِ (اڳين) ڪتابن ۾ معافي (لکيل) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڪافر اوهان جا ڀلا آهن انهن کان يا اوهان جي لاءِ ڇوٽڪارو ڪتابن ۾ لکيل آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مڪي وارا !) ڇا اوهان جاڪافر انهن کان گهڻو چڱا آهن يا اوهان لاءِ ڪتابن ۾ ڇوٽڪاري جي چٺي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان جا ڪافر انهن کان ڀلا آهن؟ يا توهان جي لاءِ (آسماني) ڪتابن ۾ ڪو ڇوٽڪارو لکيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِسو ته ڏاڍا ڏيہ ۾، اُهي ڦِريل فَسادِي، يا اَهنجاڪافِر اُنهن ڪنان، بِهتر بُنيادِي؟ يا پَنهنجِي آزادِي، ڪَڍيان ڪتابن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي قريشيو!) اوهان جا ڪافر انهن کان وڌيڪ چڱا آهن ڇا؟ يا اوهان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪاري جي چٺي آهي ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان وارا ڪافر ڪو انهن کان ڀلا آهن؟ يا مٿان لٿل ڪتابن ۾ توهان لاءِ ڪو معافيءَ جو اعلان آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان جا ڪي ڪافر چڱا آهن انهن ماڻهن کان؟ يا توهان جي لاءِ آسماني ڪتابن ۾ لکيل آهي ڪا نجات؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي وارؤ!) ڇا اوهان جا هي ڪافر انهن (مسلمان) ماڻهن کان بھتر آهن؟ يا توهان جي لاءِ آسماني ڪتابن ۾ ڪو معافي نامو لکيل آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ نَحنُ جَميعٌ مُنتَصِرٌ (آيت : 44) |
چوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا اهي (مڪي جا ڪافر) هيئن ٿا چون ڇا ته، اسان وڏي جماعت آهيون ۽ پاڻ کي بچائي سگهنداسين. (نه نه!)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا اهي چون ٿا اسين سڀئي گڏجي عيوض وٺنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا! اهي چون ٿا ته اسين سڀئي طاقت ور جماعت آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چون ٿا ته اسين جماعت بدلو وٺندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اهي چون ٿا ته اسين سڀئي وير وٺڻ واري جماعت آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا اُهي چون ٿا ته: ”اسان هڪ مضبوط جٿو آهيون سڀ ملي بچاءُ ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، آکِين ٿا ته آهيون اَسِين، ڪَٺي ڪُل قطار، هِڪ ٻئي سان هر ڳالھ ۾، اُهکِئَ ويل وَاهار؟،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چون ٿا ته ”اسين وير وٺڻ واري جماعت آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري چون ٿا ته اسان هڪڙو مضبوط جٿو آهيون، پنهنجو بچاءُ ڪري وٺنداسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا انهن ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسين سڀ پنهنجو بچاءُ ڪنداسين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا انهن جي چوڻ مطابق ته ”اسان (عذاب کان) بچڻ لاءِ مضبوط جماعت آهيون.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيُهزَمُ الجَمعُ وَيُوَلّونَ الدُّبُرَ (آيت : 45) |
انھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جلد ئي هنن جي (وڏي) جماعت شڪست ڏيئي ڀڄائي ويندي، ۽ هو پٺي ڏيئي ڀڄي ويندا (جيئن جلد بدر جي جنگ ۾ ٿيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عنقريب انهن (ڪافرن) جي ٽولِي شڪست کائيندي ۽ (اهي) پٺ ورائي ڀڄندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سگهو ئي (سندن) جماعت کي شڪست ڏني ويندي ۽ اهي پٺ ڦيري ڀڄندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد ڀڄائي ويندي جماعت ۽ ڦيرائي ڏيندا پٺيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سگهوئي (سندن )جماعت کي شڪست ڏني ويندي ۽ اهي پٺ ڦيريندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سگهو ئي اها جماعت شڪست کائيندي ۽ اهي پٺي ڦيرائي ڀڄندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو ساٿ ڀَڄائـِبو، هِڪدم ڏيئـِي هار، ۽ بِنا نَظر نِهار، ڪانئـِر ڏِين ڪِياڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ هو پٺي ڏيئي ڀڄندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سگهوئي اهو جٿو هارائيندو ۽ اهي سڀ پٺي ڏيئي ڀڄندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هارائيندو جلد ئي اهو ٽولو ۽ ڀڄندو پٺي ڏئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نه!) کين عنقريب شڪست ايندي ۽ هي سڀ (ڪَن ڪِيٽا ڪري) پُٺي ڏيئي ڀڄي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلِ السّاعَةُ مَوعِدُهُم وَالسّاعَةُ أَدهىٰ وَأَمَرُّ (آيت : 46) |
بلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ(سندس تباهيءَ جي) گهڙي جنهن جو کين واعدو ڪيل آهي سا به مقرر ٿي ويئي آهي، ۽ اها گهڙي تمام سخت عذاب واري ۽ سخت ڪوڙي هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪِ انهن جي (عذاب) لاءِ قيامت مقرر آهي ۽ قيامت وڏي مصيبت واري ۽ (دنيا جي عذاب کان) وڌيڪ سخت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڳالھ هيءَ آهي ته انهن سان وعدي جو وقت قيامت آهي ۽ قيامت وڏي سخت ۽ ڪڙي (شيءِ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ قيامت انهن جي وعدي جو وقت آهي ۽ قيامت تمام سخت ۽ تمام ڪَوڙي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر اها گهڙي سندن انجام جو وقت آهي ۽ اها گهڙي وڏي آفت ۽ سخت ڪوڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه کين (عذاب لاء اصل) ڏنل وقت ته قيامت جو ڏينهن آهي ۽ قيامت وڏي آفت ۽ ڏاڍي ڪَڙِي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو اُهکِي وارجو، آهي اُنهن سان اَنجام، ۽ ڪَٺڻ ڏِينهن قِيام جو، ڪَڙو تَلخ تمام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر سندن انجام جي جاءِ قيامت آهي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ ڪؤڙي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه انهن سان پڄڻ لاءِ اصل وعدي وارو وقت ته قيامت آهي ۽ اها وڏي آفت ۽ ڏاڍي سخت گهڙي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر قيامت جو ڏينهن وعدي وارو، ۽ اها قيامت وڌيڪ آفت ۽ ڏکي گهڙي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن سان ڪيل وعدي جو اصل وقت ته قيامت آهي. جيڪا تمام سخت ۽ انتھائي تلخ گهڙي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُجرِمينَ فى ضَلٰلٍ وَسُعُرٍ (آيت : 47) |
بيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً (ظالم) گنهگار ماڻهو ئي ڀليل ۽ ديوانا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ مجرم گمراهي ۽ گھڻي عذاب ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ گنهگار ماڻهو گمراهيءَ ۽ چريائپ ۾ مبتلا (آهن).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مجرم گمراهيءَ ۽ چريائپ ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ڏوهاري ته گمراهي ۽ چريائي ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ڏوهاري گمراهي ۽ چريائپ ۾ مبتلا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گنه گار غُلام، آهِن ڀورائـِئَ ۽ ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ڏوهاري گمراهي ۽ چريائي ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڏوهاري حقيقت ۾ ڀــُـل ۾ پيل آهن ۽ عقل به چــَـٽُ ٿي ويو اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ڏوهاري آهن غلط فهميءَ ۾ پيل ۽ مت ماريل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ڏوهاري ماڻهو وڏي گمراهي ۽ وڏي چريائپ ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يُسحَبونَ فِى النّارِ عَلىٰ وُجوهِهِم ذوقوا مَسَّ سَقَرَ (آيت : 48) |
(ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن هنن کي باهه ۾ منهن ڀر گهليو ويندو (۽ کين چيو ويندو ته هاڻي) باهه جي پڪڙ جو مزو چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن اهي مُنهن ڀر گِهِلِيَا ويندا، الله تعالى فرمائيندو توهان دوزخ جو عذاب چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن باھ ۾ پنهنجي منهن ڀرگهليا ويندا (۽ جيئن) ته هاڻي دوزخ جي باھ جو مزو چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن گهليا ويندا باهه ۾ پنهنجن منهن تي چکو باهه جي ساڙڻ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (وري) جنهن ڏينهن باهه ۾ پنهنجي منهن ڀرگهليا ويندا (تنهن ڏينهن کين چيو ويندو) ته دوزخ جي ڇهڻ جو مزو چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن باهه ۾ ٻوٿن ڀر گهليا ويندا. (چيو ويندو) ”باهه ۾ سڙڻ جو مزو چکو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنهن ڀَر جنهن مَهل ۾، اُڇَلبا مَنجھ آگ، چَکو ساڻ چاڳ، لُوسِي! لُوس باھِ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن انهن کي منهن ڀر باهه ۾ گهلبو، (۽ چئبو ته) ”هاڻي دوزخ جي ڇُهڻ جومزو چکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن اهي منهن ڀر باهه ۾ گهليا ويندا ته چيو ويندن ته چکو مزو جهنم جي لــَـهس جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن اهي گِهليا ويندا باهه ۾ منهن ڀر، ته ان ڏينهن کين چيو ويندو ته چکو لهس دوزخ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن کين (ڳچين کان پڪڙي) اونڌي منهن باهه ۾ گھليو ويندو. (پوءِ چيو ويندن ته) جھنم جي ڪوسي هوا جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كُلَّ شَيءٍ خَلَقنٰهُ بِقَدَرٍ (آيت : 49) |
بيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان هرهڪ شيء کي اندازي ۽ مناسبت تي خلقيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان هر شيءِ کي (پنهنجي) اندازي سان خلقيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان سڀ ڪنهن شيءِ کي مقرر ڪيل اندازي سان ڪيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان هر شيءِ پيدا ڪيو اسان ان کي اندازي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان سڀڪنهن شيءِ کي ٺهرايل اندازي سان پيدا ڪيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان هر شيءِ کي هڪ مقرر اندازي سان بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اَندازي ماپ سان، جوڙيو هَر جِنسار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هر هڪ شيءِ کي ٺهرايل انداز سان ئي بنايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هر شيءِ هڪ اندازي سان پيدا ڪئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ سڀ شيون پيدا ڪيون ويون آهن اندازي سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان هر شيءِ کي پوري اندازي سان پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَمرُنا إِلّا وٰحِدَةٌ كَلَمحٍ بِالبَصَرِ (آيت : 50) |
۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جو حڪم (۽ جهان جي هلائڻ جو هرهڪ ڪم) فقط هڪ هوندو آهي، جيئن اک جو ڇنڀڻ (هڪ ڏسڻ ۾ ايندو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان جو حڪم هڪ ڀيرو ايئن ٿيندو جيئن اک جو ڇِنڀڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جو حڪم ته رڳو اک ڇنب وانگر هڪ سخن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اسان جو امر مگر هڪ مثل ڇنڀڻ اک جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ (۾ ٿيڻ) جهڙو هڪ سخن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جو حڪم ته رڳو هڪ لحظي ۾ واقع ٿئي ٿو جيئن اک ڇنڀڻ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي هِڪ اََک ڇنڀ جِيئن، اَسان جو ڪم ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان جو ڪم اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جهڙو حڪم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان جو حڪم بس هڪ ئي حڪم هوندو آهي ۽ اک ڇنڀ ۾ عمل ۾ اچي ويندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪو حڪم اسان جو هڪ ئي هوندو آهي جيڪو اک ڇنڀ ۾ عمل ۾ ايندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جو حڪم اک ڇنڀ ۾ ئي عمل ۾ اچي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَهلَكنا أَشياعَكُم فَهَل مِن مُدَّكِرٍ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان اوهان جهڙا (ڪافر) ٽولا تباهه ڪري ڇڏيا، پوءِ آهي ڪو جو نصيحت (۽ عبرت) وٺي (۽ پاڻ سڌاري تباهيءَ کان بچي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان توهان جهڙيون ڪافر قومون هلاڪ ڪيون پوءِ آهي ڪو (توهان مان) نصيحت حاصل ڪندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي مڪي وارو!) بيشڪ اسان اوهان جي طريقي وارن کي برباد ڪيو ڇا پوءِ ڪو آهي جو نصيحت حاصل ڪري؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق هلاڪ ڪيو اسان اوهان جي ساٿين کي پوءِ ڪو نصيحت وٺندڙ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مڪي وارو !) بيشڪ اسان اوهان جي هم طريقي وارن کي برباد ڪيو ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان توهان جهڙين (ڪيترين ئي) جماعتن کي برباد ڪري ڇڏيو پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو!!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان ته اوهان جھڙيون، ٽوليون، ٽوليون ڌار، بيشڪ بَرقرار، ماري مِڙئـِي مات ڪيون. پوءِ ڪو آهي آخِرڪار، سارِيندڙ سَرِير ۾؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان اوهان جهڙيون ڪئين ٽوليون ناس ڪيون، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جهڙن ته گهڻن کي ئي اسان برباد ڪري چڪا آهيون، پوءِ آهي ڪو نصيحت پرائڻ وارو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيا آهن ڪيترا ئي هلاڪ توهان جهڙا گروهه، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي وارؤ!) اسان توهان جهڙين ڪيترين ئي (ڪافر) قومن کي برباد ڪري چڪا آهيون. پوءِ آهي ڪير نصيحت وٺڻ وارو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُلُّ شَيءٍ فَعَلوهُ فِى الزُّبُرِ (آيت : 52) |
۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا سو سڀ (اسان جي) ڪتابن ۾ (لکجي ويو) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي جيڪي عمل ڪن ٿا (اهو سڀ ڪجھه) لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ڪو ڪم جو اهي ڪري چڪا آهن (سندن) اعمال نامن ۾ (لکيل) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر شيءِ جيڪا ڪئي انهن دفترن ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪا شيءِ جا انهن ڪئي آهي سا (سندن) اعمالن ۾ (لکيل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جو ڪجهه انهن ڪيو سو سمورو اعمال نامن ۾ (لکيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قابُو ڪُل ڪِتاب ۾، جي ڪيائون ڪم ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به ڪيو اٿن، سو سڀ ڪتاب ۾ (لکيل) آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه به انهن ڪيو سو سڀ دفترن ۾ لکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جو ڪجهه ڪيو آهي انهن، سڀ درج آهي دفترن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جو ڪيل هڪ هڪ عمل اعمال نامن ۾ لکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُلُّ صَغيرٍ وَكَبيرٍ مُستَطَرٌ (آيت : 53) |
۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هرهڪ ننڍي توڙي وڏي ڳالهه لکيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر ننڍي ۽ وڏي شيءِ لکيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هر ڪو ننڍو ۽ وڏو ڪم لکي ڇڏيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر ننڍو ۽ وڏو عمل لکيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪو ننڍو ۽ وڏو (ڪم) لکيل آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر ننڍو ۽ وڏو (عمل) لکيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَڏا نَنڍا نِبار، سَڀ لِکـيَل لوح مَحفوظ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سڀڪو ننڍو وڏو لکيل آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هر ڪا ننڍي توڙي وڏي ڳالهه لکي پئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هرڪا ننڍي ۽ وڏي ڳالهه سڀ لکيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هر ننڍي ۽ وڏي شيءِ (باقاعده) لکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَهَرٍ (آيت : 54) |
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً پرهيزگار نيڪ ماڻهو باغن ۾ نهرن جي وچ ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نهرن ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ پرهيزگار (بهشت جي) باغن ۽ واهن ۾.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ نهرن ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ واهن (جي وچ) ۾ هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو بهشتن ۽ نهرن ۾ (مزا ماڻيندڙ) هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ ته صاحِب سِيل جا، مَنجھ باغن برقرار، ۽ ناليون پاڻئَ پاڪ جون، چالون پڻ چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪ باغن ۽ نهرن ۾ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نافرمانيءَ کان بچڻ وارا بيشڪ باغن ۽ نهرن ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ نافرماني کان بچيل (ماڻهو) باغن ۽ نهرن ۾ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نهرن جي وچ ۾ پيا رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى مَقعَدِ صِدقٍ عِندَ مَليكٍ مُقتَدِرٍ (آيت : 55) |
اُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو سچائيءَ واري مجلس ۾ ويهندا، انهيءَ الله وٽ ويندا جو وڏو شهنشاه ۽ قادر مطلق آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) وحد هٗ لا شرڪ لہٗ جي حضور ۾ ويهندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) وڻندڙ جاءِ ۾ هر طرح جي قدرت رکندڙ بادشاھ جي بارگاھ ۾ (مقرب) هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچ جي جاءِ ۾ بادشاهه قدرت واري وٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اُهي) سچائي جي جاءِ ۾ طاقت واري بادشاه وٽ (رهندا). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سچي عزت جي جاءِ ۾ طاقت واري بادشاهه جي بارگاهه ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچي رُوح رِهاڻ ۾، سَدا گُل بَهار، جِنهنجو اَعلىٰ اِختيار، تِنهن حاڪِم جي حُضور ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي سچيءَ مجلس ۾ سگهه واري بادشاهه وٽ هوندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سچيءَ عزت واري هنڌ، وڏي اختيار واري بادشاهه جي ويجهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سچي عزت واري جاءِ ويجهي وڏي اقتدار واري جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو حقيقي عزت واري جاءِ ۾ عظيم بادشاهه جي ويجهو هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |