توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالنَّجمِ إِذا هَوىٰ (آيت : 1) |
ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلنديءَ تي پهچي پوءِ لهڻ وارو تارو (جو هميشه اوهان کي طرف ۽ واٽ ڏيکاريندو آهي سو هن حقيقت تي) شاهد آهي ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي محمَّد ڪريم جو جڏهن پاڻ معراج تان هيٺ لٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تاري جو قسم جڏهن ٽٽو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي تاري جو جڏهن هيٺ لٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تاري جو قسم آهي جڏهن ڪري ٿو ته اوهان جي سنگتيءَ کان نه رستو گم ٿيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ستاري جو قسم جڏهن لٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تارو شاهد شرع ۾، جڏهن ٿيو غائب غار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”لهندڙ تارو“ شاهد آهي (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي تاري جو جڏهن اهو وهامي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي تاري جو جڏهن اهو لٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي تاري جو جڏهن هو لهي ويو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما ضَلَّ صاحِبُكُم وَما غَوىٰ (آيت : 2) |
ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان جو رفيق (حضورﷺ) نڪي غلط راهه تي هلي رهيو آهي، نڪي ڀلجي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي هدايت ڏيندڙ ۽ صحيح رستو ڏيکاريندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهان جو ساٿي (محمد) نه گمراھ ٿيو ۽ نه ڀٽڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڀليو ساٿي اوهان جو ۽ نه بي راهه هليو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڪي هو گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيوآهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جو ساٿي نه (ڪڏهن) ڀُليو آهي ۽ نه (ڪڏهن) واٽ ڇڏي هليو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مُنجهيو نه مُرسل اَنهنجو، ۽ نه واٽان وِرسيو وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اوهان جو دوست (محمدﷺ) نڪي ڀُليو ۽ نڪي بي راهه ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جو سنگتي نڪي سڌي رستي کان ٿــِـڙيو آهي ۽ نه غلط راهه تي لڳو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ڀليو آهي توهان جو ساٿي (رسول) ۽ نه بي راهو ٿيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جو ساٿي (محمد ﷺ) نه ته گمراهه آهي ۽ نه ئي (حق کان) ڀٽڪيو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَنطِقُ عَنِ الهَوىٰ (آيت : 3) |
۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو ازخود پنهنجي خواهش موجب (دين جون ڳالهيون) ڪونه ٻڌائي رهيو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي پنهنجي خواهش سان ڪابه گفتگو نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ته پنهنجي نفساني خواهش سان ڪجھ به نٿو ڳالهائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو ڳالهائي خواهش نفس جي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڪي (پنهنجي نفس جي) خواهش سان ڳالهائي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو (پنهنجي) خواهش سان نه ٿو ڳالهائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ڪِي سَکِڻي سَڌ کان، ٿو گوهر ڪري مگُـفتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي هو دل جي سڌ کان ڳالهائيندو آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو پنهنجي خواهش وچان نٿو ڳالهائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه اهو ڳالهائي ٿو نفس جي خواهش سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه هو پنھنجي مرضيءَ سان ڳالهائيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هُوَ إِلّا وَحىٌ يوحىٰ (آيت : 4) |
ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو ته فقط خدا وٽان موڪليل وحي آهي (جو هو توهان تائين پهچائي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها ته وحي رباني آهي جيڪا سندن ڏانهن موڪلي وڃي ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ته رڳو وحي آهي جو موڪليو وڃي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اهو مگر وحي جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي (قرآن) هڪ پيغام کان سواءِ جو (ان ڏي موڪليو وڃي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها ته رڳو هڪ وحي آهي جا (ان ڏانهن) موڪلي وڃي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي سو مَذڪُور، مگر نِياپاِنِبار، پاران پالڻهار، جو وَڃي وَحي موڪليو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر رڳو وحي آهي، جو موڪليو ويندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته وحي آهي، جيڪو مٿس ڪيو ٿو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي (قرآن) ته هڪ وحي آهي مٿس نازل ٿيندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اها ته) هڪ وحي هوندي آهي جيڪا مٿس نازل ڪئي ويندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلَّمَهُ شَديدُ القُوىٰ (آيت : 5) |
اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو وحي انهيءَ زبردست طاقت جي مالڪ (جبرائيل) کيس سيکاريو آهي جو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رب العالمين پنهنجي حبيب کي (سڀ ڪجھه) سيکاريو جيڪو وڏي قوت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) کيس تمام طاقت واري (فرشتي جبرئيل) تعليم ڏني آهي جو تمام زبردست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سيکاريو ان کي سخت طاقت واري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻي ڪا شيءِ نه آهي. مضبوط طاقتن واري ان کي سيکاريو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي زبردست قوتن واري سيکاريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن کي، ڪَئـِين طاقتن جي، صاحِب سيکاريو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو کيس وڏيءَ سگهه واري سيکاري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کي ته زبردست طاقت واري سيکاريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کي علم ڏنو آهي زبردست طاقت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کي هڪ وڏي طاقت واري (ملائڪ) کيس (وحي جي ذريعي ڳالهائڻ) سيکاريو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذو مِرَّةٍ فَاستَوىٰ (آيت : 6) |
جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قوت وارو آهي. سو هو (غار حرا وٽ) سڌو سامهون آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (معراج وقت) پاڻ پنهنجي شان وٽان برابر ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهو (پنهنجي صورت ۾) سڌو ٿي بيٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زور واري پوءِ استواء فرمايائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو حسن وارو آهي (هن طرح سيکاريائين) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو وڏي حڪمت وارو آهي پوءِ اهو سامهون ٿي بيٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طاقتمند تمام گھڻو، پوءِ سِڌو سنواريو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو زور وارو آهي، اهو سڌو ٿيو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو وڏي دانائيءَ وارو آهي، هو اچي آڏو بيٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو وڏي حڪمت وارو آهي، اهو اچي سامون بيٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهو (سيکاريندڙ) وڏو داناءُ آهي. هُن جي اڳيان هو (ادب سان اچي) بيٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ بِالأُفُقِ الأَعلىٰ (آيت : 7) |
۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اهو آسمان جي مٿئين ڪناري تي هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ان وقت) اهو اُفق الاعلى (بلند ڪناري) تي هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اهو (آسمان جي) مٿاهين (مشرقي) ڪناري تي هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو طرف مٿاهين تي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو هو برابر ٿي ويٺو. ۽ هو آسمان جي مٿين ڪناري ۾ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو سڀ کان مٿئين بلند ڪناري تي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُئو سو قراريو، اُچي ڪِناري اُڀ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو آسمان جي مٿانهين ڪناري تي هو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن جو مٿانهين افق تي هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته اهو افق تي هو مٿاهين تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هُو (ايترو ته وڏو هو جو ) آسمان جي آخري ڪناري سان پئي وڃي لڳو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ دَنا فَتَدَلّىٰ (آيت : 8) |
وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هو ويجهو ٿيو ۽ لهي آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ رب تعالى (پنهنجي شان مطابق) قريب ٿيو پوءِ تمام قريب ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ويجهو ٿيو ۽ اڳتي وڌيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ويجهو ٿيو پوءِ اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ويجهو ٿيو هن طرح جو لٽڪي آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ويجهو ٿيو پوءِ خوب لهي آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَري پوءِ ويجھو ٿيو، پوءِ ڪيائـِين اوڏو ڪَنڌ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري ويجهو ٿيو ۽ پوءِ هيٺ لٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ويجهو آيو ۽ مٿي لڙڪي بيٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ويجهو اچي مٿي معلق (هڪ هنڌ) ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُو ويجهو ٿيو ۽ اڳتي وڌي آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكانَ قابَ قَوسَينِ أَو أَدنىٰ (آيت : 9) |
پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو ٻن ڪمانن جو مفاصلو وڃي رهيو، بلڪ اڃا به ويجهو ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ٻن ڪمانن جي برابر جو فاصلو رهيو بلڪِ ان کان به گھٽ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ جبرئيل ۽ محمد ۾) ٻن ڪمانن جو فاصلو رهجي ويو بلڪ تنهن کان به ويجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ٿيو قدر ٻن ڪمانن جو يا اڃان وڌيڪ ويجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ٻن ڪمانن جيتري يا ان کان به ويجهي فاصلي تي ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هيو مفاصلو ٻن ڪمانن جيترو يا اڃا به ويجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ٻن ڪمانن جي، وِچ جيترو، هردو وِچ هو پَنڌ، يا اِنهيان ئـِي اوڏڙا ٿيا، هِڪ ٻئي کي، تِنهن هَنڌ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وٿي هئي يا ان کان به ويجهو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو ٻن ڪمانن جيترو يا اڃان به گهٽ مفاصلو وڃي بچيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ٻن ڪمانن برابر يا ٿوري وٿي تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو ٻن هٿن جي برابر يا ان کان به گهٽ فاصلي تائين ويجهو ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَوحىٰ إِلىٰ عَبدِهِ ما أَوحىٰ (آيت : 10) |
پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ حد کي پهچڻ کان) پوءِ (هُن) الله تعاليٰ جي ٻانهي کي اُهو وحي پهچايو جو کيس پهچائڻو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رب العالمين وحي موڪلي پنهنجي حبيب ڏانهن جيڪا وحي موڪلڻي هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا پنهنجي عبد ڏي جو وحي ڪيو سو ڪيو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وحي ڪيائين پنهنجي ٻانهي ڏانهن جيڪو وحي ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي ٻانهي (محمدصه) ڏي اهو پيغام موڪليائين جو موڪليو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ وحي ڪيائين پنهنجي ٻانهي ڏانهن جا وحي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پُڄارِي کي، اُن جي، خبرون خُداوند، پُهچايو پاء بَند، جي پَريان هُيسِ، پُهچائڻيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي ٻانهي ڏانهن جيڪو حڪم رسائڻو هوس، سو وحي ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن هن الله جي ٻانهي کي وحي ڪيو، جيڪو به وحي ڪرڻو هوس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تڏهن وحي ان بندي (الله جي کي) پهچايو جيڪو وحي کيس پڄائڻو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هُن الله تعالى جي ٻانهي (نبي سڳوري) کي وحي پھچائي جيڪا کيس پھچائڻي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كَذَبَ الفُؤادُ ما رَأىٰ (آيت : 11) |
جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضور ڪريمﷺ) جيڪي ڏٺو تنهن جي سمجهڻ ۾ سندس دل ڪوتاهي ڪانه ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) دل جيڪو ڏٺو ان بابت غلط نه ٻڌايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيڪي ان ڏٺو سندس ڪوڙ نه سمجهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڪوڙو چيو دل جيڪو ڏٺائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ڏٺائين ا ن کي (سندس) دل ڪوڙو نه سمجهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) دل ڪوڙو نه سمجهيو ان کي جو (اکين سان) ڏٺائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قَلب نه ڪُوڙ ڪوٺيو، جو ڏِٺو پيغمبر پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي انجي دل ڏٺو، سو ڪوڙ نه سمجهيائين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نظر جيڪي ڏٺو دل ان ۾ (ڪوبه) ڪوڙ نه ملايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (دل) ان ۾ ڪوڙ نه ملايو ڏٺو جيڪي به نظر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نبي سڳوري اهو سڄو منظر) اهڙي طرح ڏٺو جو سندس دل ان کي ڪوڙو (يا خيالي تصوّر) نه سمجهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَتُمٰرونَهُ عَلىٰ ما يَرىٰ (آيت : 12) |
جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا توهان ساڻس ان ڳالهه بابت جهڳڙو ٿا ڪيو جا ڳالهه هن پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان رسولِ عربيءَ سان جھڳڙو ڪريو ٿا انهي لاءِ جيڪو اُن ڏٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهو (رسول) جيڪي ڏسي ٿو اوهين ماڻهو تنهن ۾ ان سان جهڳڙو ڪريو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جهيڙو ڪيو ٿا ان سان ان تي جيڪو ڏسي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اوهين ان سان ان ڳالهه تي وڙهو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اوهان ان سان ان تي جهڳڙو ڪيو ٿا جيڪو (جلوو) ان اکين سان ڏٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهِئَ سان اِن ڳالھ ۾، پوءِ ڇو ڪريو ڇڪتاڻ؟ نَبِي نيڻن ساڻ، جيڪِي پاڪ پَسي ٿو، پڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي (نبي) ڏسندو آهي، تنهن بابت ساڻس جهڳڙو ڇو ٿا ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڇا توهان ساڻس ان ڳالهه تي جهيڙو ڪريو ٿا، جنهن کي هو اکين سان ڏسي ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي توهان ساڻس جهيڙو ڪريو ٿا ان ڳالهه تي جنهن کي هو ڏسي ٿو اکين سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اُن سان اهڙي شيءِ ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا جنھن کي هو (خود پنهنجي اکين سان) ڏسي ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد رَءاهُ نَزلَةً أُخرىٰ (آيت : 13) |
۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً هن ان کي هڪڙي ٻئي وقت به ڏٺو (ڪٿي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق رسولِ عربي رب العالمين کي ٻئي دفعي به(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ته هن (جبرئيل) کي هڪ ڀيرو (معراج جي رات) وري ڏٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏٺائين ان کي ڀيرو ٻيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا هو ڏسي ٿو. ۽ بيشڪ ٻي ڀيري به ان (ملڪ) کي ڏٺو اٿس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ان (جلوي) کي ٻيو ڀيرو ڏٺائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِن ته حَقِيقت ۾ ڏِٺو، ڀيري ٻي ڀَلير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هن ته انهي کي ٻيو ڀيرو به ڏٺو هو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري ٻئي ڀيري به هن کيس لهندي ڏٺو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ ڀيرو وري ڏٺو ان کي لهندي اتي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ (نبي سڳوري) اُن (جبرائيل $ ) کي وري ٻيھر لهندي ڏٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عِندَ سِدرَةِ المُنتَهىٰ (آيت : 14) |
سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سدرة المنتهيٰ وٽ (جنهن کان اڳتي ڪوبه وڌي نٿو سگهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سدرة المنتهى (آخري انتهائي حد) وٽ ڏٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سدرة المنتهى جي ڀرسان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سدرة منتهى وٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سدرة المنتهيٰ جي وڻ وٽ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سدرة المنتهى (جي وڻ) وٽ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٽ سِدْرَةُ المُنْتَهٰى، جا دَنگ دُنيا جِي ٻـير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”سدرة المنتهيٰ“وٽ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سدرة المنتهيٰ (دنگ واري ٻير جي وڻ) وٽ(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ويجهو سدرة المنتهيٰ (ٻير جي وڻ) جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سدرة المنتهى (يعني وڏي ٻير جي وڻ) وٽ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عِندَها جَنَّةُ المَأوىٰ (آيت : 15) |
اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان جي ويجهو اها جنت آهي جو رهڻ جو هنڌ آهي (انهن لاءِ جي وحي تي عمل ڪندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ وٽ جنة المـ وى آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان وٽ ته رهڻ جو بهشت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان وٽ جنت الماوى آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان وٽ آرام سان رهڻ جو باغ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان وٽ جنة الماوى آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن وٽ باغ بهشت جا، سُنهن وير سَوير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اتي رهڻ جو بهشت آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن جي ڀر ۾ رهڻ واري جنت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن جي ويجهو آهي جنت الماويٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن سان گڏ جنت الماوى به آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ يَغشَى السِّدرَةَ ما يَغشىٰ (آيت : 16) |
جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن سدرة تي اها شيءِ ڇانئجي ويئي جا ڇانئجڻي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اهو سدرة تي ڇانئجي رهيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ڇانئجي رهيو هو سدرة تي جو ڇانئجي رهيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڇانئجي ويو سدرة تي جيڪو ڇانئجي ويو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن مهل سدرة المنتهيٰ (جي وڻ) کي ان شيءِ ڍڪيو ٿي جا ڍڪيندي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن سدره (جي وڻ ) کي ڍڪيو پئي ان شيءِ جا ان کي ڍڪي رهي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڍَڪِيسِ، جنهن ٿي ڍَڪيو، مٿانِس وَريا، وَرِي جِنهن وير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سدرة کي انهي ڍڪڻ واري ڍڪيو ٿي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت ٻير جي وڻ تي ڇانئجي رهيو هو، جيڪي ڇانئجي رهيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت ڇانئجي رهيو هو سدرة تي جيڪي ڪجهه ڇانئجي رهيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇانئجي وڃڻ وارو جڏهن ٻير جي وڻ جي مٿان صفا ڇانئجي وڃي پيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما زاغَ البَصَرُ وَما طَغىٰ (آيت : 17) |
(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن (حضرت جن جي حقيقت ڏسندڙ) نگاهه نڪي ٻئي طرف ڦري، نڪي حد کان ٻاهر نڪري ويئي (يعني حضور ڪريمﷺ جن حقيقت کي پوريءَ طرح سمجهيو؛ نه گهٽ نه وڌ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سندن اک مبارڪ ڪيڏانهن نه ڦِري ۽ نه حد کان وڌي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن وقت به) سندس اک نه ٿڙي، ۽ نه حد کان لنگهي ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿڙي اک ۽ نه حد کان وڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه (سندس) اک ٿڙي ويئي ۽ نه حد کان لنگهي وئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اک نه ڪنهن ٻئي پاسي مائل ٿي نه حد کان لنگهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نَه اوڏهِين ڪَئـِين اَک ڦير، ۽ نه لالن لِيڪو لنگھيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رسول جي اک نڪي ٿڙي، نڪي حد کان لنگهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي اک چنجهجي وئي ۽ نه حد کان ٽپي وئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿڙي نظر ۽ نه حد کان لنگهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته (پيغمبر سڳوري جي) نه اک ٿڙي ۽ نه حد کان لنگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد رَأىٰ مِن ءايٰتِ رَبِّهِ الكُبرىٰ (آيت : 18) |
بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً هن پنهنجي پروردگار جون وڏيون وڏيون نشانيون ڏٺيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق پاڻ ڪريمن رب العالمين جون تمام وڏيون نشانيون به ڏٺيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ان پنهنجي پروردگار (جي قدرت) جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق ڏٺائين پنهنجي رب جون وڏيون نشانيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان پنهنجي پاليندڙ جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان پنهنجي پالڻهار جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پالڻهار، جي نِيشانِيَن مَنجھا، نَبِي نيڻن سان ڏِٺِي، وَڏِي نِشانِي ڪا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، هن پنهنجي ڌڻيءَ جون ڪي وڏيون نشانيون ڏٺيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن پنهنجي رب جون وڏيون وڏيون نشانيون ڏٺيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن ڏٺيون ڪيتريون ئي نشانيون پنهنجي رب جون وڏيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هن (پيغمبر سڳوري) پنھنجي پالڻھار جون وڏيون نشانيون ڏٺيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَرَءَيتُمُ اللّٰتَ وَالعُزّىٰ (آيت : 19) |
لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڪٿي حضرت جن جو عروج ۽ ڪمال ۽ ڪٿي ڪافرن جو تنزل جو پٿر جي بتن اڳيان ڪريا پيا آهن!) سو ڇا توهان لات ۽ عزيٰ ڏٺا آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان (پنهنجي بتن) لاَتَ ۽ عُزيٰ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ اوهان لات ۽ عزى کي ڏٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اوهان لات ۽ عزى کي ڏٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اوهان لات ۽ عزيٰ کي ڏٺو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ توهان لات ۽ عُزى (بتن) تي غور ڪيو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان عُزا، لات کي، اکيين ڏٺو ڇا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا؛ اوهان ”لات“ ۽ ”عزا“ کي ڏٺو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌايو ته توهان لات ۽ عزيٰ جي حقيقت تي به ڪو غور ڪيو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا توهان ته ڏٺو آهي ان لات ۽ عزيٰ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان لات ۽ عزى (بتن) کي ڏٺو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَنوٰةَ الثّالِثَةَ الأُخرىٰ (آيت : 20) |
۽ پوئين ٽين منات کي به؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٽئين منات کي به ڏٺو اٿو؟ (اهي ٽيئي بت عورتن جي شڪلين ۾ آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ٽئين آخري منوات کي ڏٺو آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوئين ٽئين منات کي (ڏٺو آهي) (ڀلا اهي خدا ٿي سگهن ٿا؟)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پوئين ٽئين مناة کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منات کي به جو ٽيون (بت) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان هڪ ٽين (ديوي) منات تي (غور ڪيو آهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٽِي ماتا مَنات کي، جا مِڙنيان پوئـِين ماء،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوئينءَ ٽئين ”منات“ کي به؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٽين جيڪا منات ديوي آهي،(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان منات ديوي ٽئين پوئين تي (غور به ڪيو آهي؟)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ٽئين منات (بت) جي حال تي غور ڪيو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَكُمُ الذَّكَرُ وَلَهُ الأُنثىٰ (آيت : 21) |
ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اوهان (ڪافرن) لاءِ ته نر آهن، باقي الله جي لاءِ ماديون؟ (يعني اوهان ته پٽ پسند ڪندا آهيو، پوءِ بتن کي ماديون ڪيئن ٿا بنايو ۽ ڪيئن ٿا سمجهو ته ڪي ديوتائون ماديون آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان کي پٽ آهن ۽ وحدہٗ لا شريڪ لہٗ کي نياڻيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان لاءِ ته پٽ آهن ۽ ان (خدا) لاءِ ڌيئرون آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان جي لاءِ پٽ ۽ ان جي لاءِ ڌيء آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان لاءِ ته پٽ آهن ۽ان لاءِ ڌيئرون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پٽ اوهان لاءِ آهن ۽ ڌيئر اُن (الله) لاءِ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، آهن پُٽ اَوهان لئي، ڌيون ڌڻي لاءِ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهان لاءِ پٽ آهن، ۽ الله لاءِ ڌيئرون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا پٽ توهان لاءِ آهن ۽ ڌيئر الله لاءِ ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان لاءِ پٽ آهن ۽ خدا لاءِ ڌيئرون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڏسو ته) توهان لاءِ پُٽ آهن ۽ الله تعالى جي لاءِ ڌيئرون . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ إِذًا قِسمَةٌ ضيزىٰ (آيت : 22) |
اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو ته وڏو بي انصافيءَ جو ورهاڱو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها (توهان جي) تقسيم ٽيڙي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها ته وڏي بي ڍنگي ورهائپ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها ان وقت تقسيم بي انصافيءَ واري آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها تڏهن بي ڍنگي وراهپ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تڏهن اها وڏي ڌانڌلي واري ورهاست آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ بنہ بيجاءِ، اِهو وِرهاڱو ويسلا!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ورهاڱو ته بي انصافيءَ وارو آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ته پوءِ ڏاڍي بي ڍنگي ورهاست ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ته ورهاڱو ئي ڏاڍو برو ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها ورهاست ته سراسر ناانصافي تي ٻڌل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هِىَ إِلّا أَسماءٌ سَمَّيتُموها أَنتُم وَءاباؤُكُم ما أَنزَلَ اللَّهُ بِها مِن سُلطٰنٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَما تَهوَى الأَنفُسُ وَلَقَد جاءَهُم مِن رَبِّهِمُ الهُدىٰ (آيت : 23) |
اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي آهن ته ڪجهه به ڪين، رڳو نالا آهن، جي اوهان ۽ اوهان جي وڏن کڻي هنن تي ڌريا آهن جن بابت الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. اهي (ڪافر) فقط گمان تي هلي رهيا آهن ۽ جيڪي سندن نفس چاهين ٿا تنهن جي پوئتون لڳي رهيا آهن، اگرچه هنن وٽ سندن پروردگار وٽان سچي هدايت اچي چڪي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهن اهي مگر چند نالا جيڪي توهان ۽ توهان جي وڏن رکيا آهن، الله تعالى انهيءَ لاءِ ڪوبه دليل نه موڪليو، اهي ته پنهنجي گمان ۽ نفساني خيالات پويان هلن ٿا، ۽ بيشڪ تحقيق انهن وٽ سندن رب جي طرفان هدايت اچي چُڪي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي رڳا نالا ئي نالا آهن جي اوهان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن گهڙيا آهن، خدا ته ان (جي ثابتيءَ) لاءِ ڪا به سند نازل نه ڪئي آهي. اهي ماڻهو ته رڳو اٽڪل (بازي) ۽ پنهنجي نفساني خواهش جي پويان هلي رهيا آهن. هوڏانهن وٽن سندن پالڻهار جي طرفان هدايت به اچي چڪي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهن مگر نالا جو رکيا اهي اوهان ۽ اوهان جن ابن ڏاڏن نه لاٿو الله انهن جي لاءِ ڪو دليل نه ٿا اتباع ڪن مگر گمان جي ۽ جيڪي خواهش رکن ٿا نفس ۽ البته تحقيق آئي انهن وٽ سندن رب وٽان هدايت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي رڳا نالا آهن جي اوهان ۽ اوهان جن ابن ڏاڏن رکيا آهن، الله ان (جي ثابتي) لاءِ ڪو به دليل نازل نه ڪيو آهي هي رڳو گمان تي ۽ جيڪي سندن نفس خواهش ڪن ٿا تنهن تي هلن ٿا ۽ بيشڪ انهن وٽ سندن پاليندڙ جي طرفان رستي جي سمجهه اچي ويئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي (بت) ڪجهه ناهن بس رڳو ڪجهه نالا آهن جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله انهن لاءِ ڪوبه دليل نازل نه ڪيو آهي. اهي رڳو گمان تي ۽ جيڪي سندن نفس خواهش ڪن ٿا تن جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ بيشڪ انهن وٽ انهن جي پالڻهار کان هدايت اچي چڪي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي ڪا شئِ آهِن ڪانه، نسورن نالن ري، اوهان ۽ اوهان جي مائٽِين، ٿاڦِيا اِهي ٿان، اُتاري نه اُن جي باب ۾، ڪا ثابتي سُبحان، هِي نه هلن ٿاحق مَٿي، سوا شڪ، گُمان، پڻ نفس سَندِن نادان، خالي ڪن ٿا، جي خواهشون. سَندنِ سائـِينءَ پار کان، سُونهپ راھ سَچِي، اَوس ويئـِي اَچِي، اُنهن کي هِدايت حَق جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي رڳا نالا آهن جي اوهان پاڻ ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کڻي مقرر ڪيا آهن، الله انهن بابت ڪو دليل نازل نه ڪيو آهي- هي فقط اٽڪل تي ۽ سندن دل جي سڌ تي ٿا هلن ۽ بيشڪ وٽن سندن پالڻهار وٽان هدايت آئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ته فقط ڪي نالا آهن، جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن، الله انهن لاءِ ڪا ســَـنــَـدَ نازل نه ڪئي آهي. حقيقت ۾ ته ماڻهو پيا رڳو وهمن گمانن تي هلن ۽ نفسن جي خواهشن جا مريد بڻيل آهن، جڏهن ته سندن رب وٽان وٽن هدايت به اچي چڪي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اصل ۾ اهي ڪجهه نالا آهن (ٻيو ڪجهه به نه) جيڪي رکيا آهن توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن، باقي نازل الله طرفان ڪابه سَنَدَ ناهي ٿي، حقيقت ۾ پيروي ڪن پيا ماڻهو رڳو وهم ۽ گمان جي ۽ مريد بڻيل آهن نفساني خواهشن جا، ۽ جڏهن انهن وٽ اچي وئي آهي پنهنجي رب طرفان هدايت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ته رڳو نالا آهن جيڪي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن رکيا آهن. الله تعالى اُنهن جي لاءِ ڪابه سَنَدَ نازل نه ڪئي آهي. هي رڳو پنھنجي خيالن ۽ خواهشن جي پويان هلندا آهن. حالانڪه انهن وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرفان هدايت اچي چڪي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لِلإِنسٰنِ ما تَمَنّىٰ (آيت : 24) |
ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا انسان جنهن به شيء جي خواهش رکي ٿو سا کيس ملي ويندي؟ (نه نه سڀ ڪجهه الله جي هٿ ۾ آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا (ڪافر) انسان کي اهو سڀ ملي ٿو جيڪو پاڻ تمنا ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا انسان جنهن شيءِ جي خواهش ڪندو سا کيس (ضرور) ملندي ڇا؟ (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا انسان جي لاءِ اهو آهي جيڪو تمنا ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا انسان کي اها شيءِ ملندي جنهن جي خواهش ڪئي اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انسان جي لاءِ اهو (سڀ ڪجهه) ميسر آهي جنهن جي اهو تمنا ڪري ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، آهي وَس اِنسان جي، هَر چِيز جو چاهي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انسان جيڪا سَڌ ڪندو آهي، اها کيس ضرور ملندي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان لاءِ حق اهو آهي ڇا، جنهن جي هو اجائي ســَـڌَ ڪري؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انسان جو اهو ئي حق آهي ته جيڪي اهو گهري ٿو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انسان کي (دنيا ۾) هر اها شيءِ (ضرور) ملي جنھن جي هُو تمنا ڪري؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلِلَّهِ الءاخِرَةُ وَالأولىٰ (آيت : 25) |
پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ياد رکو ته) آخرت (جي ڀلائي) توڙي مهڙ واري (دنيا جي ڀلائي) الله جي هٿ ۾ آهي (۽ جنهن کي مناسب سمجهي ٿو تنهن کي ڏئي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ يقيناً دنيا ۽ آخرت جو مالڪ الله تعالى آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آخرت ۽ دنيا ته خاص خدا جي اختيار ۾ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ الله جي لاءِ آهي آخرت ۽ دنيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ آخرت ۽ دنيا الله جون ئي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ آخرت ۽ دنيا جو مالڪ ته الله آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ﷲ لئي آهي، پويون جَڳ، پڻ پهريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هو جهان ۽ هيءُ جهان سڀ الله جا آهن_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخرت توڙي دنيا جو مالڪ ته الله آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر الله ئي مالڪ آهي آخرت ۽ دنيا جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه دنيا ۽ آخرت جو مالڪ ته الله تعالى ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَم مِن مَلَكٍ فِى السَّمٰوٰتِ لا تُغنى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا إِلّا مِن بَعدِ أَن يَأذَنَ اللَّهُ لِمَن يَشاءُ وَيَرضىٰ (آيت : 26) |
۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۾ گهڻائي فرشتا آهن، انهن جي شفاعت يا سفارش ڪجهه به فائدو ڪونه ڏيندي. سواءِ هن حالت جي جو الله تعاليٰ (پاڻ ڪنهن کي) اجازت ڏئي انهيءَ ماڻهوءَ جي (سفارش ڪرڻ) لاءِ جنهن لاءِ چاهي ۽ راضپو ڏيکاري. (اهڙي اجازت کان پوءِ سفارش قبول پئجي سگهي ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪيترائي ملائڪ آسمانن ۾ آهن جو انهن جي شفاعت ڪنهن ڪم ۾ نٿي اچي مگر الله تعالى جي اجازت کان پوءِ، جنهن لاءِ پاڻ چاهي ۽ پاڻ راضي ٿئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ آسمان ۾ ڪيئي فرشتا آهن جن جي سفارش به ڪجھ ڪم نه ٿي اچي پر خدا جنهن لاءِ گهري (ته) اجازت ڏي ۽ پسند ڪري ته پوءِ (اهي سفارش ڪري سگهن ٿا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا ملائڪ آهن آسمانن ۾ نه فائدو ڏيندي شفاعت انهن جي ڪجهه به مگر ان کان پوءِ جو موڪل ڏئي الله جنهن جي لاءِ گهري ۽ راضي ٿئي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ڪجهه به ڪم نه ٿي اچي، رڳو الله جي اجازت ملڻ کان پوءِ ان لاءِ (ڪم ايندي) جنهن لاءِ الله گهري ۽ راضي ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ڪجهه به ڪم نه ٿي اچي مگر ان کان پوءِ جو الله شفاعت جو اذن ڏئي جنهن لاءِ چاهي ۽ (جنهن تي) راضي ٿئي(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀن ۾ آهِين ڪَئـِين، مَلائـِڪ موجود، ڪِنهن کي ڪوڏِي ڪِين ڏِئي، سَندنِ سُفارش سُود، مگر موڪل کان پُٺيان، جڏهن مالِڪ ڏِئي مَعُبود، سو پڻ اُن اِنسان لئي، جيڪو وَڻي رَبَّ، وُدود، خُود ُخدا ٿـئـِي خُوشنود، آزادِئَ ۾ اُن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ذري جيترو به فائدو نه ڏيندي، سواءِ انهي جي، جو الله جنهن لاءِ گهري ۽ راضي ٿي موڪل ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۾ گهڻا ئي ملائڪ موجود آهن، انهن جي شفاعت ڪنهن به ڪم نٿي اچي سگهي، جيستائين الله ڪنهن اهڙي شخص جي حق ۾ ان جي اجازت نه ڏئي، جنهن لاءِ هو ڪا درخواست ٻڌڻ گهري ۽ ان کي پسند ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيترا ئي موجود آهن فرشتا آسمانن ۾ پر ڪنهن به ڪم اچي نٿا سگهن انهن جي شفاعت لاءِ ڪنهن جي به، جيستائين ڪنهن اهڙي شخص جي حق ۾ حڪمِ الاهي نه ٿئي، جنهن لاءِ اهو عرض ٻڌڻ گهري ۽ پسند ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آهن جن جي سفارش ڪجهه به ڪم نه اچي سگهندي. جيستائين الله تعالى اهڙي شخص جي حق ۾ اجازت نه ڏي، جنھن لاءِ هُو خود سفارش ٻڌڻ چاهي ۽ پسند به ڪري (پوءِ اها سفارش قبول پئجي سگهي ٿي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ لَيُسَمّونَ المَلٰئِكَةَ تَسمِيَةَ الأُنثىٰ (آيت : 27) |
بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان ئي ڪونه ٿا رکن سي ملائڪن تي زنانا نالا ٿا رکن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻن اُهي ملائڪن جا مؤنث نالا مقرر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي فرشتن جا نالا زالن جي نالن تي ٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي نه ٿا ايمان آڻين آخرت تي البته نالو رکن ٿا ملائڪن جو عورتن جهڙو نالو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جي آخرت کي نٿا مڃين سي ملائڪن (کي الله جو ڌيئرون ٺهرائي انهن) تي زالن جا نالا رکن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نه ٿا رکن سي ملائڪن تي ماديُن (ديوِيُن) جا نالا رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَصل نه آڻِين جي، آخرت تي اِيمان، مادِيَن جا، مَلڪن تي، جي رکن نام نشان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي آخرت کي نٿا مڃين، سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آهن؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪي ماڻهو آخرت کي نٿا مڃين اهي ملائڪن کي ديوين جي نالن سان ٿا سڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان نٿا رکن آخرت تي، اهي سڏين ٿا ملائڪن کي ديوين جي نالن سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو آخرت تي ايمان نٿا آڻين، سي وري ملائڪن جي مٿان عورتن وارا نالا رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِن يَتَّبِعونَ إِلَّا الظَّنَّ وَإِنَّ الظَّنَّ لا يُغنى مِنَ الحَقِّ شَيـًٔا (آيت : 28) |
۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ بابت هنن کي ڪجهه به علم ڪونهي. هو فقط گمان جي پوئتان لڳي پيا آهن، ۽ حق جي مقابلي ۾ گمان (ڪنهن به ڪم جو) ناهي ۽ ڪجهه به فائدو نه ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن وٽ ان جو ڪوبه علم ناهي، اهي ته فقط (پنهنجي) گمان جي تابعداري ڪن ٿا ۽ بيشڪ گمان، حق کان ڪا شيءِ دفع نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن کين ڪا به خبر نه آهي. اهي ماڻهو ته رڳو گمان تي هلن ٿا. ۽ بيشڪ گمان سچيءَ (جي سمجهڻ) ۾ ڪجھ به ڪم نه ٿو اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي انهن کي ان جو ڪو علم نه ٿا اتباع ڪن مگر گمان جي ۽ بيشڪ گمان نه ٿو فائدو ڏئي حق جي بجاءِ ڪجهه به .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن کين ڪابه خبر ڪانه آهي. هي رڳو گمان تي هلن ٿا. ۽ بيشڪ گمان سچيءَ ڳالهه (جي سمجهڻ) ۾ ڪجهه به ڪم نه ٿو اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه کين ان جو ڪجهه علم به نه آهي. اُهي صرف گمان جي پويان هلن ٿا ۽ بيشڪ گمان يقين جي مقابلي ۾ ڪجهه به ڪم نه ٿو اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن کي، اِن باب ۾، ٻِي ڪَل آهي ڪانه، ٻِي نه وَٽن واٽ ڪا، ڌاران غلط گمان، حق ڪنان هَر آن، وَهم نه ڇَڏائي وارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي جو انهن کي ڪو به علم ڪونهي، رڳو گمان تي هلندا آهن، ۽ بيشڪ گمان ته حقيقت جي حاصل ڪرڻ ۾ ڪو به فائدو اصل نٿو ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه ان معاملي جو کين ڪوبه علم ڪونهي. هو رڳو انومان ٿا ڪڍن ۽ انومان حقيقت جي جاءِ تي ڪوبه ڪم نٿو ڏيئي سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته انهن کي ڪوبه علم ناهي، اهي رڳو پيروي ڪن ٿا گمان جي، ۽ حقيقت ۾ گمان ڪم نٿو ڏئي سگهي حق جي جاءِ تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه انهن کي ان معاملي جي ڪابه خبر نه آهي. هي رڳو گمانن جي پويان هلندا آهن پر حق کي سمجهڻ لاءِ گمان ڪڏهن به فائدو نه ڏيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَعرِض عَن مَن تَوَلّىٰ عَن ذِكرِنا وَلَم يُرِد إِلَّا الحَيوٰةَ الدُّنيا (آيت : 29) |
پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) جن ماڻهن اسان جي نصيحت کان منهن موڙي ڇڏيو آهي ۽ دنيائي زندگيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا چاهين تن کان تون به منهن موڙي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان پاسو ڪريو انهي شخص کان جنهن اسان جي ذڪر کان پاسو ڪيو ۽ نٿو ارادو رکي مگر دنيا جي حياتيءَ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ (اي رسول) تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ نه گهريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ منهن موڙ ان کان جنهن موڙيو اسان جي ذڪر کان ۽ نه ارادو ڪيائين مگر دنيوي حياتيءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه گهريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ان کان منهن موڙ جنهن اسان جي ياد کان منهن موڙيو آهي ۽ سواءِ دنياوي زندگي جي ٻيو ڪو مقصد نه ٿو رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن اَسان جي ذِڪر کان، مُنهن موڙيو، تن کان مُنهن موڙ، هن حَياتِي نَنڍئَ ري، ٻي طَلب نَه رَکن توڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهي کان منهن موڙ، جنهن اسان جي ياد ڪرڻ کان منهن موڙيو ۽ دنيا جي حياتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه گهريائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو اي نبي! جيڪو شخص اسان جي حڪمن کان منهن ڦيري ٿو ۽ رڳو دنيا جي زندگيءَ جي ئي طلب اٿس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) جيڪو شخص منهن موڙي ٿو اسان جي ذڪر کان ۽ جنهن کي ڪجهه به گهربل ناهي حياتيءَ دنيا کان سواءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جنھن اسان جي ذڪر کان منھن ڦيريو. سو اهڙي شخص کان توهان به پاسو ڪريو. انهن کي رڳو دنيا جي حياتي کان سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نه کپي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ مَبلَغُهُم مِنَ العِلمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبيلِهِ وَهُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اهتَدىٰ (آيت : 30) |
اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جو علم فقط ايستائين (يعني وقتي فائدي يا لذت تائين) پهچي ٿو (هو دور ڏسي نٿا سگهن ته پوءِ آخر ڪهڙو نتيجو نڪرندو) يقيناً تنهنجو پروردگار ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪير سندس راهه کان گمراهه ٿي پيو آهي، ۽ اهوئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته ڪنهن سڌي واٽ ورتي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها سندن علم جي انتها آهي، بيشڪ توهان جو رب ئي وڌيڪ علم رکي ٿو ان شخص جو جيڪو راه کان گمراه ٿيو، ۽ اهو ئي وڌيڪ علم رکي ٿو ان شخص جو جيڪو هدايت وارو ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها سندن سمجھ جي انتها آهي. بيشڪ تنهنجو رب ئي (ان ڳالھ) کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جو سندس (سڌي) راھ کان پري وڃي پيو، پڻ اهو ئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو (سڌي) راھ تي هلي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها پڄاڻي انهن جي آهي علم مان بيشڪ تنهنجو رب اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو گمراهه ٿيو ان جي واٽ کان ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو هدايت وارو ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها سندن علم جي انتها آهي. بيشڪ تنهنجو رب ئي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جو سندس رستي کان پري وڃي پيو. ۽ اهوئي ا نکي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي جو رستي تي هليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي علم جي اها ئي رسائي آهي. بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو سندس رستي کان ڀٽڪي ويو ۽ اهو ان کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو جو هدايت وارو ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي سَمجھ سَندنِ جو ڇوڙ، اِئُ پُهچ سَندِن پَرُوڙ جِي. تُنهنجو آگو اُن کي، آهي پَرکِيندڙ پاڻ، جو وِرسيو سَندسِ واٽ کان، ڀُليو ڪنان ڀاڻ، پڻ جو سَنئون هَليو سُڄاڻ، تِنهنجو به پُورو پارکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها سندن علم جي پڄاڻي آهي_ بيشڪ، تنهنجو ڌڻي انهي کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪو سندس واٽ کان ڀليو ۽ جيڪو سڌي رستي تي هليو، انهي کي به چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کي سندس حال تي ڇڏي ڏي. انهن ماڻهن جي علم جي پهچ بس ايتري ئي آهي، اها ڳالهه تنهنجو رب ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته سندس رستي کان ڪير ٿـڙي ويو آهي ۽ اهو به اهوئي سڀ کان وڌيڪ ٿو ڄاڻي ته سڌي رستي تي ڪير آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن کي ڇڏي ڏي سندس حال تي، (انهن جو مبلغ علم ته پڄاڻي به اها ئي) بيشڪ تنهنجو رب وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير ڀٽڪيل آهي ان جي رستي تان، ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌي واٽ تي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي علم (۽ سوچڻ) جو دائرو ايترو ئي آهي. بيشڪ تنھنجي پالڻھار کي وڌيڪ خبر آهي ته ڪير اُن جي (سڌي) رستي تان گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير سڌي رستي تي قائم آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ لِيَجزِىَ الَّذينَ أَسٰـٔوا بِما عَمِلوا وَيَجزِىَ الَّذينَ أَحسَنوا بِالحُسنَى (آيت : 31) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي به آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ آهي سو الله ئي جي قبضي ۾ آهي، انهيءَ لاءِ ته جن برائيون ڪيون آهن تن کي سندن (بد) عملن جو بدلو ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون آهن تن کي سندن چڱائين جي بدلي ۾ بهتر چڱائيون (۽ نعمتون) ڏئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي لاءِ آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمينن ۾ آهي، ان لاءِ ته جيڪي بُرائي ڪن ٿا انهن کي سندن ڪيل جي جزا ڏي ۽ جن ماڻهن نيڪي ڪئي (آهي) انهن کي سهڻي جزا ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جو آسمان ۾ آهي سو (سڀ) خدا جو ئي آهي، ته (پوءِ) جن بڇڙائي ڪئي آهي تن کي سندن ڪرتوتن جي سزا ڏئي ۽ جن ڀلائي ڪئي آهي تن کي تمام چڱيءَ شيءِ سان عوض ڏئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جو آهي اهو جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي تانته سزا ڏئي انهن کي جن برائي ڪئي ان جي جيڪو ڪيائون ۽ بدلو ڏئي انهن کي جن چڱا ڪم ڪيا ڀلائيءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو آهي ته جن بڇڙائي ڪئي آهي تن کي سندن عملن جي جزا ڏئي ۽ جن ڀلائي ڪئي آهي تن کي تمام چڱيءَ شيءِ سان بدلو ڏئي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي لاءِ آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي هن لاءِ ته جن ماڻهن برايون ڪيون تن کي سندن عملن جو بدلو ڏئي ۽ جن ماڻهن نيڪيون ڪيون تن کي تمام سهڻو اجر عطا فرمائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهِن جي اُڀن ۾ پڻ جي ڀُون ۾ بي گمان، آهِن سَڀ اَلله جا، سي جُمله جَڳ جَھان، تان جَن ڪوجھا ڪم ڪيا، تَن سَزا ڏِئي سُبحان، ۽ ڪري اُنهن تي اِحسان، جن چڱن، چڱايون ڪيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو آهي، ته جن بڇڙا ڪم ڪيا، تن کي سندن ڪمن ڪري سزا ڏئي ۽ انهن کي چڱائي جو بدلو ڏئي، جن چڱا ڪم ڪيا؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ الله ئي آهي ته جيئن اهو برائي ڪرڻ وارن کي سندن عمل جو بدلو ڏئي ۽ انهن ماڻهن کي به سهڻو اجورو ڏئي، جن سهڻي هلت اختيار ڪئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله لاءِ آهي هر شيءِ آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، جيئن سزا ڏئي انهن ماڻهن کي جيڪي برائي ڪرڻ وارا آهن ۽ نوازي انهن ماڻهن کي سٺي بدلي سان جن سٺي راهه ورتي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو الله تعالى جو ئي آهي ته جيئن هو برائي ڪرڻ وارن کي سندن عملن جي سزا ڏئي ۽ جن ڀلائي ڪئي آهي تن کي سھڻو بدلو عطا ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ إِلَّا اللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وٰسِعُ المَغفِرَةِ هُوَ أَعلَمُ بِكُم إِذ أَنشَأَكُم مِنَ الأَرضِ وَإِذ أَنتُم أَجِنَّةٌ فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم فَلا تُزَكّوا أَنفُسَكُم هُوَ أَعلَمُ بِمَنِ اتَّقىٰ (آيت : 32) |
جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو ڪبيرن گناهن کان ۽ فحش ڪارين کان پري رهن ٿا، پر (ڀل چڪ کان) تنهنجو پروردگار بخشڻ ۾ نهايت ئي ڪشادائي ڪرڻ وارو آهي. هو اوهان کي خوب ڄاڻي ٿو، جڏهن کان اوهان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏهن توهان پنهنجي مائرن جي پيٽن ۾ لڪل هئو، سو توهان پنهنجو پاڻ کي پاڪ نه سڏايو (۽ ماڻهن تي مڪرن سان اهو اثر نه ويهاريو ته اسان وڏا نيڪ آهيون) اهو الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪير سچ پچ نيڪ ۽ پرهيزگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جيڪي وڏن گناهن ۽ فاحش ڪمن کان بچن ٿا، سواءِ ننڍن گناهن جي، بيشڪ توهان جو رب گھڻي بخشش ڪندڙ آهي، اهو توهان کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو جنهن وقت توهان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جنهن وقت توهان پنهنجي مائرن جي پيٽن ۾ معصوم ٻار هئا، پوءِ توهان پاڻ کي پاڪيزه نه بنايو، اهو ئي پرهيزگارن کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ننڍن گناهن کان سواءِ وڏن گناهن کان ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان بچندا رهن ٿا. ڇو ته (اي پيغمبر) تنهنجو پالڻهار ڪشادي بخشڻ وارو آهي. (۽) اهو اوهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جڏهن ان اوهان کي مٽيءِ مان پيدا ڪيو ۽ جڏهن اوهين پنهنجين مائن جي پيٽ ۾ ڪچا ٻار هئا. ته پوءِ (وڏائي کان) اوهين پنهنجي پاڪائي بيان نه ڪندا ڪريو جيڪو پرهيزگار آهي تنهن کي اهو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جيڪي بچن ٿا وڏن گناهن ۽ بيحيائين کان مگر ننڍا گناهه بيشڪ تنهنجو رب ڪشادي مغفرت وارو آهي اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي اوهان کي جڏهن پيدا ڪيائين اوهان کي زمين مان ۽ جڏهن اوهان ڪچا ٻار هيئو پنهنجين مائرن جي پيٽن ۾ پوءِ نه پاڪ بيان ڪيو پنهنجن نفسن کي اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪو پرهيزگار ٿيو. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِهي (اُهي آهن) جي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان بچن ٿا ننڍن گناهن کان سواءِ، ڇو ته (اي پيغمبرﷺ!) تنهنجو پاليندڙ ڪشادي بخشش وارو آهي (۽) هو اوهان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جنهن وقت ان اوهان کي زمين مان (پهرين) پيدا ڪيو هو ۽ جنهن وقت اوهين مائن جي پيٽن ۾ ڪچا ٻار هئا.پوءِ اوهين پنهنجي پاڪائي بيان نه ڪريو. هو ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو پرهيزگار ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو وڏن گناهن ۽ کُلي بي حيائي جي ڪمن کان بچن ٿا مگر ڪجھه ننڍا گناهه انهن کان ٿي پون ٿا. ته بيشڪ تنهنجو پالڻهار ڪشادي بخشش وارو آهي. اهو اوهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جڏهن ان اوهان کي زمين (يعني مٽيءَ) مان پيدا ڪيو هيو ۽ جنهن مهل توهان مائرن جي پيٽن ۾ ڪچا ٻار هئا، پوءِ توهان پنهنجي نفسن جي پاڪائي جي دعويٰ نه ڪيو. اهو بهتر ڄاڻي ٿو ته پرهيزگار ڪير آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي رهن رذالت ڪنان، پڻ ڏوهن وڏن کان ڏُور، مگر مُختصر ڪي، ڪڏهن ڪڏهن قُصور، مالِڪ تُنهنجو مُور، آھِ ڪُشادو ڪَر من ۾. آهي واقف اَهنجو، اُوڀَلو، کان بُنياد، جڏهن ڪَيائـِين ڪَرڪَ مِٽئ مان، اوهان کي، اِيجاد، پڻ اَهنجي اَمڙن پيٽ ۾، جڏهن اَوهِين هُئا اولاد، پوءِ پاڪ نه ڪوٺيو، پَنهنجا، نَفَس نامُراد، سِيل رکيو جِنهن ساڌ، آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي ننڍن گناهن کان سواءِ وڏن گناهن ۽ بي حيائي کان پاڻ کي بچائين ٿا. بيشڪ تنهنجو ڌڻي وڏي بخشش وارو آهي؛ اهو اوهان کي چڱو ڄاڻندڙ آهي، جڏهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏهن اوهين پنهنجن مائن جي پيٽن ۾ ٻار هئا- تنهن ڪري اوهين پاڻ کي نه ساراهيو، الله ان کي چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي، جيڪو نيڪ ٿيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي وڏن وڏن گناهن ۽ پڌرن بيحيائيءَ وارن ڪمن کان پاسو ڪن ٿا، باقي ڪي هلڪا قصور کانئن ٿي وڃن ته ٻي ڳالهه آهي. بيشڪ تنهنجي رب جي بخشش جو دامن نهايت ڪشادو آهي. هو ته توهان کي تڏهن کان خوب ڄاڻي ٿو، جڏهن هن زمين منجهان توهان کي پيدا ڪيو هو ۽ وري جڏهن توهان پنهنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار جي صورت ۾ هيؤ، تنهنڪري پنهنجن نفسن جي پاڪ هئڻ جي هام نه هڻو، هو ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته سچ پچ پرهيزگار ڪير آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جيڪي پاڻ ڀڄندا رهيا وڏن گناهن کان ۽ بي حيائي پڌري کان، البته ڪي قصور ٿي وڃن ٿا، بيشڪ تنهنجي رب جي ڪشادي آهي مغفرت جي جهولي، اهو ئي ڄاڻي ٿو توهان کي ان وقت کان جڏهن ان پيدا ڪيو توهان کي زمين مان ۽ جڏهن توهان جنين (ڪچا ٻار) هئا پيٽن ۾ پنهنجي مائرن جي، تنهن ڪري پاڪائي جون دعويٰ نه ڪريو پنهنجي نفس جون، اهو ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته سچو متقي ڪير آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي وڏن گناهن ۽ بيحيائي جي ڪمن کان بچندا آهن. بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي بخشش جو دائرو تمام ڪشادو آهي. هو توهان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جنھن وقت هن توهان کي زمين مان پيدا ڪيو هو ۽ جنھن وقت توهان مائرن جي پيٽن ۾ ڪَچڙي ٻار جي صورت ۾ هئا. سو توهان پنھنجي پاڪدامني بيان نه ڪريو. هو خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير ڪيترو وڌيڪ پرهيزگار آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَرَءَيتَ الَّذى تَوَلّىٰ (آيت : 33) |
(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تو انهيءَ ماڻهو کي نه ڏٺو آهي جنهن (حق کان) منهن موڙي ڇڏيو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي ڇا توهان اهڙي شخص (ڪافر) کي ڏٺو جنهن حق کان مُنهن موڙيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا (اي رسول) تو ان کي به ڏٺو، جنهن منهن ڦيريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ ڏٺو تو ان کي جيڪو ڦريو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) ڇا تو ان کي ڏٺو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو ان ماڻهو کي ڏٺو جنهن (حق کان) منهن موڙيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪِه نَه ڏِٺئـِي اُن کي؟ جو ٿيو پُٺيرو پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهي کي نه ڏٺو اٿئي؟ جيڪو ڦريو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! ڇا ان شخص کي ڏٺو اٿيئي، جيڪو الله جي رستي کان ڦري ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) تو ڏٺو ان شخص کي جيڪو ڦري ويو (الله جي واٽ تان)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!)ڇا تو ان شخص کي ڏٺو جنھن (حق کان) منھن ڦيريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَعطىٰ قَليلًا وَأَكدىٰ (آيت : 34) |
۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ٿورڙو ڏنو آهي، ۽ (پوءِ دل) سخت ڪئي اٿس، (۽ هٿ) روڪي ڇڏيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ٿورڙو ڏنو ۽ روڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٿورڙو (خدا جي راھ ۾) ڏنو ۽ پوءِ ڪنجوسي ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏٺائين ٿورو ۽ ڪنجوس ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن منهن ڦيريو ۽ ٿورو ڏنو ۽ ڪنجوسي ڪئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ٿورو ڏنو ۽ ڪنجوسي ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏان ڏِنائـِين ٿورڙو، جَجِھي ڏيکارئـِين ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٿورڙو ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٿورڙو ڏئي رڪجي ويو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏئي ٿورو پوءِ رڪجي ويو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هن (آخرت جي عذاب کان بچڻ لاءِ) ٿوري رقم ڏني، (باقي رقم لاءِ) ڪنجوسي ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَعِندَهُ عِلمُ الغَيبِ فَهُوَ يَرىٰ (آيت : 35) |
وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا، هن وٽ غيب جو علم آهي ڇا جو هو ڏسي ٿو سگهي؟ (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي؟ هرگز نه! هن کي ڪابه خبر ڪانهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ! ان وٽ غيب جو علم آهي پوءِ اهو (ان جي ذريعي) ڏسي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي جو اهو ڏسي رهيو آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي پوءِ اهو ڏسي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ان وٽ ڳجهه جو علم آهي پوءِ هو ڏسي رهيو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ان وٽ غيب جو علم آهي جو اهو (حقيقت) ڏسي رهيو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ اُن وَٽِ عِلم غيب جو، پوءِ اکيِـين ڏِسي اَڄاڻ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وٽس (ڳجهه) جي خبر آهي ڇا؛ جو ڄڻڪ اهو (سڀ) اکين سان ڏسندو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا وٽس ڪو غيب جو علم آهي جو حقيقت کي پيو ٿو ڏسي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ان وٽ آهي علم الغيب جو اهو حقيقت کي ڏسي پيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا کيس غيب جو علم آهي جو هو حقيقت کي اکين سان ڏسي رهيو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَم يُنَبَّأ بِما فى صُحُفِ موسىٰ (آيت : 36) |
اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن کي خبر ناهي ڇا ته حضرت موسيٰ وارن (خدائي) صحيفن ۾ ڇا (فرمايل) آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ان کي اها خبر نه پئي جيڪو ڪجھه موسيٰ جي صحيفن ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جيڪي موسى جي صحيفن ۾ آهي تنهن جي ان کي خبر نه ڏني ويئي آهي ڇا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا نه خبر ڏنو ويو ان جي جيڪو موسى جي صحيفن ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جيڪي موسيٰ جي ڪتابن ۾ آهي تنهن جي ان کي خبر نه ڏني وئي آهي ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ان کي خبر نه ڏني وئي آهي جيڪو موسى جي صحيفن ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُن جو نه ٿِئَسِ ڄاڻ، جو ثابِت صَحِيفن ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ جي کيس خبر نه ڏني وئي ڇا، جيڪي موسيٰ جي صحيفن ۾ آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا وٽس اهي خبرون نه پهتيون آهن، جيڪي موسيٰ جي صحيفن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ان کي پتو ناهي انهن ڳالهين جو جيڪي صحيفن ۾ موسيٰ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) جي صحيفن ۾ جو ڪجهه آهي. ڇا کيس ان جي خبر نه ٻڌائي وئي آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِبرٰهيمَ الَّذى وَفّىٰ (آيت : 37) |
۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت ابراهيم وارن (خدائي) صحيفن ۾ ڇا (فرمايل) آهي، جنهن (پيغمبر خدائي حڪمن جي) پوري پوري تعميل ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم جي صحيفن (آسماني ڪتابن) ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ ابراهيم جي (صحيفن ۾) جنهن (پنهنجو حق) پورو (پورو) ادا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ابراهيم جي، جنهن وفا ڪئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ابراهيم (الله جي حقن کي) پورو ڪيو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ابراهيم ( جي صحيفن ۾ آهي) جنهن وفا ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابِت صَحِيفن ۾، جي مُوسٰى ۽ اِبراهِيم، جِنهن پُورِئَ رِيت پارِيا، حُڪم سَڀ حَڪِيم،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم جي، جنهن الله جي حقن کي پورو ڪيو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ ابراهيم جي صحيفن ۾ بيان ٿيون آهن؟ جنهن وفاداري جو حق ادا ڪري ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ابراهيم جي (صحيفن ۾) بيان ٿيون جنهن وفا جو حق ادا ڪيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ابراهيم ($جي صحيفن جي باري ۾) جنهن وفا داريءَ جو حق ادا ڪري ڇڏيو هو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلّا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ (آيت : 38) |
(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن صحيفن ۾ فرمايل آهي) ته ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن (الله تعالى جا) احڪام پورا ڪيا ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن صحيفن ۾ هي آهي) ته ڪوئي شخص ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان جي ڪتاب ۾ جيڪي آهي ان جي به) ته ڪوبه بار کڻڻ وارو ٻي (جي گناه) جو بار نه کڻندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ڪوبه بار کڻڻ وارو ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چِٽو چَيل تن ۾، هِي فيصلو فَهِيم، ته اڳتي بار عَظِيم، ڪو کَڻندڙ، کَڻي نَه ٻِئي جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ڪو به بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته "ڪو به بار کڻڻ وارو ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته ڪير به بار کڻڻ وارو ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَن لَيسَ لِلإِنسٰنِ إِلّا ما سَعىٰ (آيت : 39) |
۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هرهڪ انسان کي فقط اهو ڪم ايندو جيڪو پاڻ پنهنجي ڪوشش ۽ محنت سان ڪيو هوندائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ناهي انسان لاءِ مگر جيڪو پاڻ ان جو سعيو ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ هي ته انسان کي اهو ئي (ڪجھ) ملندو آهي جنهن جي اهو ڪوششش ڪندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي ته ناهي انسان جي لاءِ مگر جيڪو ڪمايائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انسان جيڪو عمل ڪيو آهي ان کان سواءِ ان لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته انسان لاءِ ٻيو ڪجهه نه آهي سواءِ ان جي جيڪا ڪوشش ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابِت صَحِيفن ۾، آهي اِي اَمر، ته ماڻهوءَ لئي ناھِ مگر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انسان جي واسطي رڳو اهو ئي آهي جيڪي ڪمايائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو به ته انسان لاءِ ته اهو ئي آهي، جنهن جي هن ڪوشش ڪئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ته ڪجهه ناهي انسان جي لاءِ پر اهو جنهن جي ان ڪوشش ڪئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (باقي) انسان لاءِ اهوئي ڪجهه آهي جنھن جي لاءِ هُن ڪوشش ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّ سَعيَهُ سَوفَ يُرىٰ (آيت : 40) |
۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً ڪوشش ۽ محنت (جو نتيجو) ضرور جلد ئي ڏسڻ ۾ ايندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ سندس سعيو جلد ڏٺو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جي ڪوشش ضرور (قيامت ۾) ڏٺي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ڪمائي ان جي جلد ڏٺي ويندي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي سندس ڪمائي ضرور ڏيکاري ويندي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته ان کي سندس ڪوشش جو نتيجو جلدي نظر اچي ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَڀناهِين سَمر، سِگھو سَعيو پَنهنجو، پَسندو سَربسر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان جي ڪوشش سگهو ئي ڏٺي ويندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هي ته سندس ڪوشش ستت ئي ڏٺي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ ان جي ڪوشش جلدي ڏٺي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ عنقريب سندس ڪوشش ڏٺي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ يُجزىٰهُ الجَزاءَ الأَوفىٰ (آيت : 41) |
وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هن کي پورو پورو بدلو ملي ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ کيس ان جي پوري جزا ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري کيس ان جو پورو بدلو ڏنو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ جزا ڏنو ويندو ان جي جزا پوري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري کيس ان جو پورو بدلو ڏنو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي ان (جي هر ڪوشش) جو پورو بدلو ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پورهيو پورئَ پَر، موٽِي مِلندو اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان کي پورو پورو بدلو ڏنو ويندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هن کي ان جو پورو پورو اجورو ڏنو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کيس ان جي ڏني ويندي جزا پوري پوري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کيس ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّ إِلىٰ رَبِّكَ المُنتَهىٰ (آيت : 42) |
۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً آخر تنهنجي پروردگار وٽ (سڀني کي) پهچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جي رب ڏانهن انتهيٰ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته (سڀني کي نيٺ) تنهنجي پروردگار ڏي ئي پهچڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجي رب ڏانهن انتها آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي پهچڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته بيشڪ تنهنجي پالڻهار ڏانهن پهچڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابِت صَحِيفن ۾، اِهو پڻ اَذڪار، ته تُنهنجي پَروَر پارِ، آهي آخِر موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي رب ڏانهن ئي پڄاڻي آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هي ڳالهه پڻ ته نيٺ پهچڻو تنهنجي رب وٽ ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ تنهنجي رب وٽ پهچڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (آخرڪار) پھچڻ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُ هُوَ أَضحَكَ وَأَبكىٰ (آيت : 43) |
۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اهوئي آهي جي کلائي ٿو ۽ روئاري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو ئي کِلائي ۽ رُئاري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته اهو ئي کلائي ۽ رئاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان ئي کلايو ۽ روئاريو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ئي کلايو ۽ رئاريو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته اُهو کِلائي ٿو ۽ رُئاري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابِت صَحِيفن ۾، اِهو پاند پَرو، ته ڪِن کِلائـِين کَرو، ۽ ڪِن کي رَت رُئاڙِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهو ئي کلائي ٿو اُهو ئي رُئاري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري هي ڳالهه به ته اهوئي کلائي ٿو ۽ اهوئي روئاري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ انهيءَ کِلايو توکي ۽ رُئاڙيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اُهو (الله) ئي آهي جنھن کلايو ۽ رُئاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُ هُوَ أَماتَ وَأَحيا (آيت : 44) |
۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً ماري ٿو ۽ جيئاري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو ئي ماري ۽ جياري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته اهو ئي ماري ۽ جياري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان ئي ماريو ۽ زندھ رکيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ئي ماريو آيو ۽ جيارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته اُهو ئي ماري ٿو ۽ جِياري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابِت صَحِيفن ۾، مِڙئـِي اِي مَذڪُور، ته ماريو تِنهِين مُور، پڻ جِياريو جھان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ئي ماري ۽ اهو ئي جيئاري ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هي ته اهوئي ماري ٿو ۽ ان ئي حياتي عطا ڪئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ انهيءَ موت ڏنو ۽ زندگي ڏني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهو ئي آهي جنھن موت ڏنو ۽ زندگي بخشي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُ خَلَقَ الزَّوجَينِ الذَّكَرَ وَالأُنثىٰ (آيت : 45) |
۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً انهيءَ ئي نر ۽ ماديءَ جا جوڙا پيدا ڪيا (ڇا مان؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهي ٻه جوڙا مذڪر ۽ مؤنث بنايا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته اهو ئي نر ۽ مادي ٻن قسمن جا (حيوان) پيدا ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان ئي پيدا ڪيو جوڙ مرد ۽ عورت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ئي جوڙو نر ۽ مادي پيدا ڪيو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته ان ئي پيدا ڪيا ٻئي قسم نر ۽ مادي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابت صَحِيفن ۾، صَحِي سُڌ سَنڀار، ته جوڙيا تِنهن جَهان ۾، جوڙا، نَر ۽ نار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان (الله) ئي نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بنايو-(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ ئي نر ماد جا جوڙا پيدا ڪيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ته بيشڪ انهيءَ خلقيو جوڙو نر ۽ ماديءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هُن ئي نر ۽ ماديءَ جا جوڙا خلقيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن نُطفَةٍ إِذا تُمنىٰ (آيت : 46) |
منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هڪڙي منيءَ جي ڦڙي مان جڏهن اهو (مقرر جاءِ تي) پهچايو وڃي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هڪ قطري مان جنهن وقت ان جو اندازو ڪيو وڃي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نطفي مان جڏهن (رحم ۾) وڌو وڃي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (منيءَ جي) ڦڙي مان جڏهن وڌو وڃي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) منيءَ جي ڦڙي مان جڏهن(ماءُ جي پيٽ ۾ ) هاريو وڃي ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) منيءَ جي ڦڙي مان جڏهن (عورت جي رِحِمَ ۾) هاريو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نُطفي مان نِروار، جو هاريو وَڃي ڪِنهن هَنڌ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اڇلايل ڦُڙي جي هارجڻ مان(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ٽيپي مان جڏهن اهو ڳاڙيو وڃي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) منجهان نطفي جي جڏهن اهو هاريو وڃي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مَني جي ڦڙي مان جڏهن اُهو (ٻچيدانيءَ ۾) اڇلايو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّ عَلَيهِ النَّشأَةَ الأُخرىٰ (آيت : 47) |
۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً وري جيئرو ڪري اٿارڻ سندس ذمي آهي (سو هو ضرور وري اٿاريندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ آخرت جو اٿارڻ به ان تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته ان تي ئي (قيامت ۾) ٻيو ڀيرو اٿارڻ لازم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان تي ئي آهي پيدا ڪرڻ ٻيو ڀيرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان تي ئي ٻئي ڀيري پيدا ڪرڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته ان تي (مرڻ بعد) ٻئي ڀيري پيدا ڪرڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابِت صَحِيفن ۾، اِي حقيقت بَرحق، ته آهي مَٿِس مُطلق، جوڙڻ ٻئي جَھان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ئي ٻيو ڀيرو پيدا ڪندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري ٻيهر جيئارڻ به ان تي ذمو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ ذمي ان جي آهي ٻي حياتي بخشڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان کي ٻيھر پيدا ڪرڻ به اُن جي ذمي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُ هُوَ أَغنىٰ وَأَقنىٰ (آيت : 48) |
۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اهوئي آهي جو غني ٿو ڪري ۽ خوش ٿو رکي(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو ئي امير ۽ غريب ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته اهو ئي مالدار ڪري ۽ دولت عطا ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان ئي غني بنايو ۽ مسڪين ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ئي مالدار ڪيو آهي ۽ دولت ڏني آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته اُهو ئي شاهوڪار ڪري ٿو ۽ سُڃو بنائي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابِت صَحِيفن ۾، فائـِق فرمُودو، تن اُن ڪيو آسُودو، ۽ موڙِي ڏِنائـِين مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهو ئي آسودو ڪري ٿو ۽ موڙي ڏئي ٿو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو به ته ان ئي آسودو ڪيو ۽ اهوئي ٿو مالدار بڻائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ انهيءَ آسودو ڪيو ۽ جائداد بخشي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اُن ئي مالدار ڪيو ۽ دولت عطا ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُ هُوَ رَبُّ الشِّعرىٰ (آيت : 49) |
۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اهوئي شعري تاري جو پروردگار آهي (جنهن کي جاهل عرب پوڄيندا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو ئي شِعريٰ تارن جو رب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي شعراي (تاري) جو مالڪ (مختار) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو ئي شعرى جو رب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهوئي شعريٰ تاري جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته اُهو ئي شعرى (ستاري) جو مالڪ آهي (جنهن جي جاهل پوڄا ڪندا هئا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثابِت صَحِيفن ۾، بيان اهو بي شڪ، ته آهي پاليندڙ پڪ، نکٽ شِعرانام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو ئي ”شعريٰ“ (تاري) جو ڌڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هي به ته اهوئي شعريٰ تاري جو رب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اهو ئي رب آهي تاري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ شِعرى (تاري) جو به اُهو ئي پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُ أَهلَكَ عادًا الأولىٰ (آيت : 50) |
۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً انهيءَ ئي پهرين عاد قوم کي تباهه ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تہ ان پھرين عاد کي ناس ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته ان ئي پهرئين (قوم عاد) کي برباد ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان هلاڪ ڪيو عاد پهرئين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ئي عاد جي پهرينءَ قوم کي برباد ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته ان ئي عاد جي پهرئين قوم کي برباد ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابت صَحِيفن ۾، اِهوئـِي ارشاد، ته بي شڪ اُن برباد ڪيو، اڳ ۾ اِرم عاد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ئي پهرئين عاد کي ناس ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو ته انهيءَ ئي عاد واري اوائلي قوم کي ناس ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اهو ئي ماريندڙ (آهي) عاد پهرين کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هُن ئي پھريان عاد قوم کي تباهه ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَثَمودَا۟ فَما أَبقىٰ (آيت : 51) |
۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ثمود قوم کي به تباهه ڪري ڇڏيو (ايتري قدر) جو ڪنهن کي به نه ڇڏيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ثمود کي (بہ) پوءِ اُنھن مان (ڪنھين کي) باقي نہ ڇڏيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (قوم) ثمود کي به مطلب ته (ڪنهن کي به) باقي نه ڇڏيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ثمود کي پوءِ نه باقي رهايائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ثمود (جي قوم) کي به پوءِ (ڪنهن کي به) باقي نه ڇڏيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ثمود (جي قوم) کي به پوءِ (انهن مان ڪنهن کي به) باقي نه ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ قادر قوم ثَمُود، جو، بي شڪ پَٽيو بُنياد، ڪوڪانِهيو ڪارن ياد، هرگز نه ڇڏيائـِين هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ثمود کي به؛ پوءِ انهن مان باقي نه ڇڏيائين؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري ثمود مان ته ڪجهه نه رهايائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ثمود کي اهڙو ناس ڪيو جو ڪوبه باقي نه رهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ان کان پوءِ) ثمود قوم کي (به برباد ڪيو) ڪنھن هڪ کي به باقي نه ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَومَ نوحٍ مِن قَبلُ إِنَّهُم كانوا هُم أَظلَمَ وَأَطغىٰ (آيت : 52) |
۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اڳي حضرت نوح جي قوم کي به (ساڳيءَ طرح تباهه ڪيو هئائين) يقيناً اهي وڏا ظالم ۽ سرڪش هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ کان اڳ ۾ نوح جي قوم کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ اهي ئي وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کان اڳ نوح جي قوم کي به ڇو ته اهي وڏا ظالم ۽ تمام سرڪش هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نوح جي قوم اڳ ۾ بيشڪ اهي ئي هئا وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کان اڳ نوح عه جي قوم کي به ڇو ته اهي وڏا ظالم ۽ وڏا شرارتي هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کان اڳ نوح جي قوم کي به (برباد ڪيائين). ڇو ته اُهي وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قوم نَبِئَ نُوح، ڪَئـِين اِنهيان اڳ اُجاڙ، هُئا جَفا ڪندڙ جاڙ، ۽ گھڻو سي گُمراھ هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان اڳ نوح جي قوم کي به ناس ڪيائين، جو اُهي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد لنگهيل هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن کان اڳي نوح جي قوم کي تباهه ڪيو هئائين، ڇو ته اهي هئا ئي ڏاڍا ظالم ۽ حد کان نڪتل ماڻهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قوم نوح (تباهه ڪئي) ان کان پهرين، بيشڪ اهي هئا ئي سخت ظالم ۽ سرڪش(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان اڳ نوح ($) جي قوم کي (برباد ڪيو). بيشڪ اهي سڀ وڏا ظالم ۽ وڏا سرڪش ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالمُؤتَفِكَةَ أَهوىٰ (آيت : 53) |
۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن (حضرت لوط وارن سدوم ۽ غموره جي) اونڌي ڪيل شهرن کي به تباهه ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ مُؤۡتَفِڪَة وارن کي زور سان هيٺ ڪيرايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ئي (لوطي قوم جي) اونڌي ٿيل ڳوٺن کي هيٺ اڇلايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اونڌو ڪري ڪيرايلن کي هلاڪ ڪيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اونڌي ٿيل ڳوٺن کي ان هيٺ اڇلايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اونڌي ٿيل (لوط جي قوم جي ڳوٺن) کي ان (مٿان ڪري) هيٺ اڇلايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اُونڌي ٿيل شهر کي، هَڻِي ڇَڏيائـِين هيٺ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اونڌي ڪيل (شهر) کي هيٺ اڇليائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اونڌيون ڪيل وستيون به کڻي اڇلايون هئائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اونڌي ٿيڻ وارن ڳوٺن کي کڻي هيٺ اڇليائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (لوط$جي قوم جي) اونڌي ڪيل شھر کي (مٿي کڻي) هيٺ اڇلايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَغَشّىٰها ما غَشّىٰ (آيت : 54) |
پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن شهرن کي انهن (پٿرن وغيره) ڍڪي پوري ڇڏيو جن (سچ پچ) انهن کي پوري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن تي پٿريون وسيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ وري انهن کي ان مصيبت اچي ويڙهيو جا (کين) ويڙهي وئي. (پوءِ مٿن جو ڇانيو سو ڇانيو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڍڪيو انهن کي ان جنهن ڍڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي ان مصيبت اچي ويڙهيو جا (انهن کي) ويڙهي وئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي (ان عذاب) اچي ويڙهيو جنهن ويڙهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُن کي، نيٺانيٺ، جِنهن ڍَڪيو تنهن ڍَڪي ڇڏيو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انکي ڍڪڻ واري ڍڪي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مٿن ڇانيائين اهو ڪجهه جيڪو (توهان ڄاڻو ٿا ته) ڇا ڇانئيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڍڪيائين انهن تي (ڄاڻو ٿا ته) ڇا ڍڪيائين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان تي (پاڻي) پَيٽي ڇڏيائين جيڪو هُن پَيٽي ڇڏيو . (اهو شھر اڄ به بحر مردار جي شڪل ۾ موجود آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِأَىِّ ءالاءِ رَبِّكَ تَتَمارىٰ (آيت : 55) |
پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي سرڪش انسان) پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن بابت جهڳڙا ڪندو رهندين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اي مخاطب تون پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪرين ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي انسان آخر) تون پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين (ڪهڙين) نعمتن ۾ شڪ ڪرين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙي نعمت ۾ شڪ ڪرين ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪرين ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي آدمي!) تون پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَنهنجي پالڻهار جون، هي ڏاتيون ڏينهان، رات، ڪِهڙِئ مَنجھ ڏات، جاهل! جھڳڙا تون ڪرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اي انسان! پنهنجي رب جي ڪهڙي نعمتن ۾ شڪ ٿو ڪرين؟ (نعمتن جو بيان ڪهڙي شڪ ۾ ٿو ڪرين؟) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي انسان، تون پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪندين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اي (انسان)! پنهنجي رب جي ڪهڙين نعمتن ۾ شڪ ڪندين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ تون پنھنجي پالڻھار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن تي شڪ ڪندين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا نَذيرٌ مِنَ النُّذُرِ الأولىٰ (آيت : 56) |
ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (رحمان رب جي وڏي نعمت آهي سندس رسول ۽ ڪتاب. سو ياد رکو ته) هي خبردار ڪندڙ (پيغمبرﷺ) به اڳوڻن خبردار ڪندڙن (پيغمبرن) مان هڪڙو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ رسولِ عربي به اڳين پيغمبرن وانگر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (محمد) به اڳين ڊيڄاريندڙن مان هڪ ڊيڄارڻ وارو پيغمبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي ڊيڄاريندڙ آهي پهرين ڊيڄاريندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي (رسول) پهرين ڊيڄاريندڙ (جي جنس) مان هڪ ڊيڄاريندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (رسولِ عربي ﷺ به) هڪ ڊيڄاريندڙ آهي اڳين ڊيڄارڻ وارن مان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پهرين ڄاڻوين مان، ڄاڻوئـِي، هِي ڄام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اڳين ڊيڄاريندڙن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته هڪڙو چتاءُ آهي اڳ آيل چتائن منجهان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هيءَ هڪ تنبيهه آهي آيل تنبيهن پهرين مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (رسول ته) پھرين ڊيڄاريندڙن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَزِفَتِ الءازِفَةُ (آيت : 57) |
ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ يا رکو ته) اچڻ وارو (ڏينهن) اجهو آيو ڪي آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جو وقت ويجھو اچي چڪو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قيامت ويجهي اچي وئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجهي ٿي قيامت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ويجهي اچڻ واري مصيبت ويجهي ٿي آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اچڻ واري (قيامت) ويجهو اچي پهتي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَڏيو قابل ! قابِليتون، قابُوپَئـِي قِيام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ويجهي اچڻ واري (قيامت) ويجهي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اچڻ واري گهڙي اچي سڻائي ٿي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اچڻ واري گهڙي ويجهي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ويجهو اچڻ واري گهڙي (اجهو) ويجهو اچي وئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ لَها مِن دونِ اللَّهِ كاشِفَةٌ (آيت : 58) |
اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان کي الله کان سواءِ ڪوبه ظاهر ڪري نٿو سگهي (ته ڪڏهن ايندو ۽ ڇا ٿيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى کانسواءِ ڪوبه ان کي کوليندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا کان سواءِ ان کي ڪو به ٽاري نه ٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ان جو الله کان سواءِ ڪو ظاهر ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي الله کان سواءِ ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي الله کان سواءِ ڪو هٽائڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جو ري عَلام، ڪونهي کوليندڙ، خلق ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي الله کان سواءِ ظاهر ڪرڻ وارو ٻيو ڪونهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه ان کي هٽائڻ وارو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ناهي ڪوبه ان کي الله کان سواءِ هٽائڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به ان کي ٽارڻ وارو نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمِن هٰذَا الحَديثِ تَعجَبونَ (آيت : 59) |
ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا توهان هن ڳالهه بابت عجب ۾ پئجي ٿا وڃو؟ (۽ اعتبار نٿا ڪيو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان هن قرآن ڪريم تي تعجب ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اوهين ماڻهو ان ڳالھ تي عجب ڪريو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ هن ڳالهه کان عجب ۾ پئو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ان ڳالهه تي اوهين عجب ڪريو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اوهان هن ڳالهه تي عجب ڪيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏڇا، اَوهِين اِن ڳالھ تان، ٿا عَجب ڪريو اظهار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهين هن ڳالهه کي عجب ٿا ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا پوءِ انهن ڳالهين تي توهان عجب ڪريو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ڇا هي اهي ئي ڳالهيون آهن جن تي عجب ٿا ڪريو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ان ڳالهه تي توهان تعجب ڪريو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَضحَكونَ وَلا تَبكونَ (آيت : 60) |
۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کلو ٿا پيا ۽ روئو نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (ان تي) کِلو ٿا ۽ توهان (ان تي) روئو نٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کلو ٿا ۽ رئو نه ٿا!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کلو ٿا ۽ روئو نه ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کلو ٿا ۽ رئو نه ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کِلو ٿا ۽ روئو نه ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَڌا ٻَڌا ٽَهڪ ڏِيو، ۽ رُئو نَه زارو راز،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کلو ٿا ۽ روئو نٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کلو ٿا ۽ روئو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کلو ٿا پر نٿا روئو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رڳو کِلو ٿا (انجام کان ڊڄي) روئو نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنتُم سٰمِدونَ (آيت : 61) |
۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان بيهودين ڳالهين ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو. (غفلت ڇڏيو خبردار ٿيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (ان کان) غافل آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين غفلت ۾ آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اوهان راند ڪندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين وڏائي ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان راند رُوند ۾ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوهِين ته آهيو اُٽلندو، کيڏارِي خوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهين راند ڪري رهيا آهيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڳائي وڄائي انهن کي ٽارڻ جي ڪريو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ڳائي وڄائي) ان کي ٽاريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ به) توهان (پنهنجي) وندر ۾ لڳا پيا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاسجُدوا لِلَّهِ وَاعبُدوا (آيت : 62) |
پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اڳيان جهڪي پئو ۽ سندس ٻانهپ ڪيو (سندس سڀني حڪمن جي تعميل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (فوراً) الله تعالى لاءِ سجدو ڪريو ۽ توهان ان جي عبادت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ خدا کي سجدو ڪريو ۽ (ان جي) عبادت ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سجدو ڪيو الله جي لاءِ ۽ عبادت ڪيو. السجدة(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ (ان جي) عبادت ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان الله جي لاءِ سجدو ڪيو ۽ (ان جي) عبادت ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جُھڪو پيش جَبَّار، پڻ پُوڄِيو پالڻهار، کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله لاءِ سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو_ (سجدو)(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جــُـهڪي پئو الله جي آڏو ۽ (ان جي) بندگي ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جهڪو الله جي آڏو ۽ بندگي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان جي لاءِ چڱو هي آهي ته) الله تعالى جي اڳيان جهڪي وڃو ۽ (ان جي ئي) بندگي ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |