توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالطّورِ (آيت : 1) |
(جبل) طُور جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) طور شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي طور سينا جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جبل) طور جو قسم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي طور جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (جبل) طور. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جبل) طور جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساک سڳوري طُور جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن؛ طور جبل، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي طور (جبل) جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي طور (جبل) جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي طور جبل جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكِتٰبٍ مَسطورٍ (آيت : 2) |
۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (خدائي) ڪتاب شاهد آهي جو لکيل آهي .(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي لِکيل ڪتاب (قرآن ڪريم) جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڪتاب (لوح محفوظ) جو (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪتاب لکيل جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کليل ڪاغذ ۾(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ لکيل ڪتاب جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ قلم بَند ڪتاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ لکيل ڪتاب، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هڪڙي اهڙي کليل ڪتاب جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪتاب جو جيڪو کليل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ قسم آهي لکيل ڪتاب جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى رَقٍّ مَنشورٍ (آيت : 3) |
جو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کليل اڻ ويڙهيل ڪاغذ تي آهي (جنهن ڪري هرڪو پڙهي ٿو سگهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو کليل دفتر ۾ تحرير ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو ڪشادن ورقن ۾ لکيل آهي(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کليل دفتر ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لکيل ڪتاب(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو کليل صحيفي ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو لِکيل پکڙِيل پَنن ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو کليل ورقن ۾ آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو نرم چمڙي جي ورقن ۾ لکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو لکيل آهي سنهي کل تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو کليل ورقن ۾ (لکيل) آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالبَيتِ المَعمورِ (آيت : 4) |
۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آباد گهر (الله جو) پڻ شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي بيت المعمور جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيت المعمور جو (جيڪو ڪعبي جي بلڪل مٿان فرشتن جو قبلو آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيت معمور جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آباد گهر ۽ مٿاهين ڇت (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آباد گهر (يعني فرشتن جي ڪعبي) جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ گَھر سدا سيراب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آباد گهر، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وسايل گهر جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گهر (جو) جيڪو آباد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (هر وقت) آباد (رهندڙ) گهر جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالسَّقفِ المَرفوعِ (آيت : 5) |
۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (آسمان جي بي انتها) اونچي ۽ بلند ڇت به شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي بلند آسمان جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مٿاهين ڇت (آسمان) جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇت مٿي کنيل جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڀريل درياءَ جو قسم آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مٿاهين ڇت جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇِت اُڀي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مٿاهين ڇت، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اوچيءَ ڇت جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇت (جيڪا) مٿاهين آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي مٿانهين ڇت (يعني آسمان جو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالبَحرِ المَسجورِ (آيت : 6) |
۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ لهرون هڻندڙ سمنڊ به شاهد آهي ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي ڀريل سمنڊ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ جو قسم،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سمنڊ اڀاميل جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڀريل سمنڊ جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀامندڙ، گونا گون گِرداب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اڀامندڙ سمنڊ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇوليون ڏيندڙ سمنڊ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سمنڊ موجون هڻندڙ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (پاڻي سان ٽِمٽار) اُڀامندڙ سمنڊ جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ عَذابَ رَبِّكَ لَوٰقِعٌ (آيت : 7) |
ته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جو عذاب يقيناً ضرور اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جي رب جو عذاب ضرور ايندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهان جي پروردگار جو عذاب ضرور ٿيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب البته واقع ٿيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) عذاب ٿيڻ وارو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجي پالڻهار جو عذاب ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته تُنهنجي پَروَر پاڪ جو، اَچڻو آھِ عذاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ تنهنجي رب جو عذاب اچڻو آهي، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته تنهنجي رب جو عذاب ضرور (عمل ۾) اچڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق عذاب تنهنجي رب جو ضرور واقع ٿيڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما لَهُ مِن دافِعٍ (آيت : 8) |
اُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان کي ڪو به ٽاري ڪونه سگهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي کي ڪوبه دفع ڪندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان کي ڪو به هٽائڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ان جو ڪو دفع ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪو ان کي هٽائڻ وارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگزروز حِساب، جنهن کي جَھلِيندڙ ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کي ڪو به ٽارڻ وارو ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ناهي ان کي (ڪوبه) ٽارڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن کي ڪير روڪڻ وارو نه هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَمورُ السَّماءُ مَورًا (آيت : 9) |
جنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن آسمان سخت ٿرٿلي ۾ اچي ويندو (وڏو انقلاب برپا ٿي ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڦِرندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح چڪر ڪاٽڻ لڳندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن چرندو آسمان چرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن آسمان چڱيءَ طرح ڪنبندو ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن آسمان ٿر ٿر ڪنبدو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏينهن اُڀ ڇُلندو، ڪر لَهريون دَرياءَ لال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن آسمان موج هڻي چُرندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو انهيءَ ڏينهن عمل ۾ ايندو، جنهن ڏينهن آسمان ڏاڍو ڏڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن واقع ٿيندو جڏهن آسمان بي حد ٿڙڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن آسمان چڱي طرح ڌُڏندو (۽ ٿڙڪندو). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَسيرُ الجِبالُ سَيرًا (آيت : 10) |
۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ايتري قدر ٿرٿلو ٿيندو جو خود) جبل به هيڏي هوڏي ڀڄندا رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جبل چڱيءَ طرح سير ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جبل اڏڻ لڳا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هلندا جبل هلڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جبل چڱيءَ طرح هَلندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جبل تيزيءَ سان هلڻ لڳندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌاڍا ڏنگر ڏيہ جا، چَلن چڱِئَ چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جبل چڱيءَ طرح هلندا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جبل پيا اڏامندا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چڱيءَ طرح جبل اڏامندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جبل (هوا ۾) اڏرندا رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَيلٌ يَومَئِذٍ لِلمُكَذِّبينَ (آيت : 11) |
تنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (يقين ڄاڻو ته) انهيءَ ڏينهن (يعني انقلاب واري زماني ۾) حق کي نه مڃيندڙن لاءِ مصيبت مچي ويندي (۽ تباهيءَ کي اکين آڏو ڏسندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙن لاءِ ويل هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويل آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙ لاءِ وڏي خرابي آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ وڏي تباهي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُنهِئَ ڏِينهن ۾، ڪاڙهو ڪُوڙن نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڏينهن انهن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ ويل آهي؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي انهيءَ ڏينهن انهن ڪوڙو سڏيندڙن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ تباهي آهي ان ڏينهن ڪوڙو چوندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ڪوڙو ڪرڻ وارن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ هُم فى خَوضٍ يَلعَبونَ (آيت : 12) |
جيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي بيهودين (عيش عشرتن) ۾ کيل تماشا ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو راند روند ۾ مشغول آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو باطل (ڪمن) ۾ پيل کيڏي رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جيڪي اجائي ڳالهه ۾ راند ڪندا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي (اجائي) ڳالهائڻ ۾ رانديون ڪري رهيا آهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي بيهودي ڳالهين ۾ پئجي کيڏي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي مَنجِهين خام خيال، رهن ڪندا رانديون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اجائي ڳالهائڻ ۾ راند ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي اڄ بحث مباحثن جي راند ڪري رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جيڪي اڄ راند طور حجت بازين ۾ لڳل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي فالتو ڳالهين ۾ وِندريا ويٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يُدَعّونَ إِلىٰ نارِ جَهَنَّمَ دَعًّا (آيت : 13) |
جنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن کين جهنم جي باهه ڏانهن سختيءَ سان ڌڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن جهنم جي باه ڏانهن ڌڪو ڏئي (انهن کي) ڌڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن دوزخ جي باھ ڏي ڌڪيو ويندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن ڌڪا ڏنا ويندا جهنم جي باهه ڏانهن ڌڪا ڏيڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن باهه ڏي ڌڪا ڏنا ويندن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن جهنم ڏانهن ڌڪا ڏئي هڪليا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ڏينهن ڌِڪي ڌِڪبا، دَڳ دوزخ جي پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن دوزخ جي باهه ڏانهن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن انهن کي ڌڪا ڏئي پيو جهنم جي باهه ڏانهن آندو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ڌڪا ڏئي کين باهه جهنم ڏي نيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ڏينھن اُنهن کي ڌڪا ڏيئي جهنم جي باهه ڏي هڪليو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذِهِ النّارُ الَّتى كُنتُم بِها تُكَذِّبونَ (آيت : 14) |
(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ کين چيو ويندو ته) هيءَ اٿوَ اها باهه جنهن کي توهان ڪوڙو ٺهرائيندا هئو (يعني توهان چوندا هئو ته، خالي دڙڪا آهن. اسان تي عذاب ڪونه ايندو. اسان زور وارا ماڻهو آهيون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هي اُها باه آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (چئين) ته هيءَ باھ اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي باهه آهي جنهن کي اوهان ڪوڙو چيو ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ چئبن ته) هيءَ باهه اها آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) ”هيءَ آهي اُها جهنم جي باهه جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِهائي آڳ هِي، جنهن کي ڏِنان ڪوڙ قرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”هيءَ اها باهه آهي؛ جنهن کي ڪوڙ ڀائيندا هئؤ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ چيو ويندن ته) "اِها اٿوَ اها باهه، جنهن کي توهان ڪوڙ سڏيندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين چيو ويندو ته) هي اها ئي باهه آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چيو ويندو ته) هي آهي اها باهه جنھن کي توهان ڪوڙو ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَسِحرٌ هٰذا أَم أَنتُم لا تُبصِرونَ (آيت : 15) |
ھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين هي به چيو ويندو ته) پوءِ ڇا هي سڀ ڪوڙو ٺاهه آهي؟ يا هيئن آهي ڇا ته توهان (انڌا آهيو ۽) ڏسي نٿا سگهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا هي سِحر آهي يا توهان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جادو آهي هيءَ يا اوهان نٿا ڏسو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ هي جادو آهي يا اوهين نه ٿا ڏسو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ٻڌايو) ڇا پوءِ هي جادو آهي؟ يا توهان ڏسو نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي نظر بَندِي نِبار، يا اَوهِين اکين کان نه ڏِسو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا؛ هي جادو آهي، يا اوهين نٿا ڏسو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌايو ته اهو جادو آهي يا توهان کي ڪجهه نظر ئي نٿو اچي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ٻڌايو جادو آهي اهو؟ يا توهان کي (ڪجهه) سُجهائي نٿي ڏئي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻڌايو!) ڇا هي جادو آهي؟ يا (اڃا به) توهان جون اکيون نٿيون کلن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اصلَوها فَاصبِروا أَو لا تَصبِروا سَواءٌ عَلَيكُم إِنَّما تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 16) |
ان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هاڻي) سڙو انهيءَ باهه ۾، هاڻي صبر ڪيو يا (روڄ راڙو ڪيو ۽) صبر وڃائي ويهو، اوهان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي (هاڻي نڪي صبر مان ڪجهه ورندو، نڪي روڄ راڙي مان ڪجهه ورندو) جيڪي جيڪي عمل توهان ڪندا هئو، تنهن جو ئي بدلو اوهان کي ملي رهيو آهي (نه گهٽ نه وڌ. اوهان سان ڪجهه به بي انصافي ڪانه ڪئي ويئي آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جهنم ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان (ان ۾) صبر ڪريو يا نه صبر ڪريو ٻئي پاسا توهان لاءِ برابر آهي، توهان کي توهان جي عملن جي جزا ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالھ آهي. اوهان کي ته رڳو اهو ئي بدلو ملندو جيڪي ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيو ان ۾ پوءِ صبر ڪيو يا نه صبر ڪيو برابر آهي اوهان تي ۽ بدلو ڏنا وڃو ٿا اوهان ان جو جيڪو ڪندا هيئو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ داخل ٿيو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو اوهان لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي. جيڪي اوهين ڪندا هئو رڳو ان جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ داخل ٿيو پوءِ توهان صبر ڪيو يا نه ڪيو اوهان لاءِ برابر آهي. توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو ويندو جهڙا اوهان ڪم ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِھڙو اُن ۾ آھِ، پوءِ، سَرکو اوهان سِر، ته صَبر ڪريو اِن ساڙ تي، يا سَهو ڪِين صَبر، نه ماڻِيندا مگر، جيڪِي ڪيان جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ گهڙو، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو، اوهان لاءِ ساڳي ڳالهه آهي_ بيشڪ اوهان کي رڳو ان جو بدلو ڏبو، جيڪي ڪريو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڃي سڙو ان ۾، کڻي صبر ڪريو يا نه ڪريو مڙيئي برابر اٿوَ، توهان کي اهڙو ئي بدلو ڏنو پيو وڃي، جهڙا توهان عمل ٿي ڪيا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وڃو هاڻي گهڙو ان ۾، پوءِ صبر ڪريو يا نه ڪريو ڪو صبر، برابر آهي توهان جي لاءِ، تحقيق اهڙو بدلو ملي پيو توهان کي جهڙا توهان جا عمل هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وڃو!) اُن ۾ وڃي ڪرو. هاڻي توهان صبر ڪريو يا نه ڪريو ڳالهه برابر آهي. بيشڪ توهان کي توهان جي عملن جو بدلو ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُتَّقينَ فى جَنّٰتٍ وَنَعيمٍ (آيت : 17) |
بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً متقي (پرهيزگار) ماڻهو باغن ۾، وڏين نعمتن ۽ خوشين ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگار بهشتن ۽ نعمت ۾هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ (رهندا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابِت رَکندڙ سِيل کي، مَنجھ باغن برقرار، ۽ سَڀ ڪنِهن طرح سُکن ۾، سَرها سَڀ ڄمار، ماڻِيندا موج سان، ميوا مڃر ملهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، نيڪ باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ پرهيزگار اتي باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو اتي جنتن ۽ نعمتن ۾ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فٰكِهينَ بِما ءاتىٰهُم رَبُّهُم وَوَقىٰهُم رَبُّهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 18) |
جيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي (نعمتون) سندن پروردگار کين عطا ڪندو سي وڏي خوشيءَ سان ماڻيندا. ۽ سندن پروردگار کين جهنم جي عذاب کان (يا انقلاب جي مصيبتن کان) بچائي وٺندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي خوش آهن ان تي جيڪو کين سندن رب عطا ڪيو آهي، ۽ سندن رب کين جهنم جي عذاب کان بچايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي (نعمتون) سندن پالڻهار انهن کي ڏنيون آهن تن جا مزا ماڻي رهيا آهن. ۽ انهن جو پروردگار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خوش ٿيندڙ ان تي جيڪو ڏنو انهن کي سندن رب ۽ بچايائين انهن کي سندن رب دوزخ جي عذاب کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي سندن پاليندڙ انهن کي ڏنو آهي ۽ سندن پاليندڙ انهن کي باهه جي عذاب کان بچايو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مزا ماڻيندا انهن (نعمتن) مان جيڪي سندن پالڻهار کين ڏنيون ۽ سندن پالڻهار کين دوزخ جي عذاب کان بچائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن مان، جي عَطا ڪَئـِين، پَنهنجي پالڻهار، پڻ دوزخ جي داڳ ڪنان، سَندنِ رَبَّ، ستار، اَمن ڏِنو اُنهن کي؛ اَمر ٿيو اِظهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي کين سندن رب ڏنو، تنهن سان خوش هوندا ۽ انهن جي رب کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن شين مان پيا مزو وٺندا، جيڪي سندن رب کين ڏيندو ۽ سندن رب کين دوزخ جي عذاب کان بچائي وٺندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مزا وٺندا هوندا انهن شين مان جيڪي کين اتي ڏنو ويندو سندن رب طرفان ۽ بچائي وٺندو سندن رب کين عذابِ جهنم کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار جي عطا ٿيل نعمتن مان مزا وٺندا ۽ کين سندن پالڻھار جھنم جي عذاب کان بچائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلوا وَاشرَبوا هَنيـًٔا بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 19) |
(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ کين چيو ويندو ته) پنهنجن نيڪ عملن جي بدلي ۾ (هاڻي) مزي سان (۽ امن امان ۾) کائو پيئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کائو ۽ پيئو بنا ڪنهن تڪليف جي انهيءَ سببان جو توهان عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ جيئن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو، انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کائو ۽ پيئو مزو وٺندڙ ان سان جيڪي ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن جي ڪري خوشيون ڪندا (۽ چئبن ته) جي ڪم اوهين ڪندا هئو انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) ”کائو ۽ پيئو مزي سان انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته کائو پيو، خوشيون ڪريو، اِن عملن جي آڌار، ڪندا هئا ڪم ڪار، جيڪي هِن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”مزي سان کائو ۽ پيئو، هن ڪري جو اوهين چڱا ڪم ڪندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (چيو ويندن ته) کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجن انهن عملن جي بدلي، جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين چيو ويندو) کائو ۽ پيئو مزي سان پنهنجن انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن کي چيو ويندو ته) توهان پنھنجي عملن جي بدلي ۾ مزي سان کائو پيئو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُتَّكِـٔينَ عَلىٰ سُرُرٍ مَصفوفَةٍ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 20) |
ھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو قطارن ۾ رکيل (شاندار) ڪوچن تي ٽيڪ ڏيئي ويهندا ۽ اسان کين وڏين ۽ چمڪندڙ اکين وارن سنگتين سان ملائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هموار تختن تي ٽيڪ ڏيئي صفون ٻڌي ويهندڙ هوندا ۽ اسين انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان جوڙا بنائينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽيڪون ڏيندڙ تختن قطارون لڳايلن تي ۽ پرڻايوسون انهن کي حورن وڏين اکين وارين سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي. ۽ انهن کي اسين وڏين ڪارين اکين وارين گورين زالن سان شادي ڪرائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (ويٺل) هوندا ۽ اسان انهن کي دلڪش اکين وارين حورن سان شادي ڪرائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڪيو ڏِنل تختن مَٿي، جي صِف سان، صف قطار، پڻ پَرڻايو سون اُنهن کي، ڏيئـِي ڏاج اَپار، حورون حَيادار، وَڏِيُن اکيُن واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ ٻئي جي برابر وڇايل تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل هوندا ۽ انهن کي وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو آمهون سامهون وڇايل تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا ۽ اسان سهڻين اکين واريون حورون ساڻن پرڻائينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ويٺا هوندا وڇايل تختن تي ٽيڪ لڳائي وهاڻن کي ۽ کين پرڻائينداسين حورون سهڻين اکين واريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو هڪ ٻئي جي آمهون سامهون قطار ۾ رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا ۽ اسان کين سُھڻين اکين وارين حُورن سان پرڻائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَاتَّبَعَتهُم ذُرِّيَّتُهُم بِإيمٰنٍ أَلحَقنا بِهِم ذُرِّيَّتَهُم وَما أَلَتنٰهُم مِن عَمَلِهِم مِن شَيءٍ كُلُّ امرِئٍ بِما كَسَبَ رَهينٌ (آيت : 21) |
۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جيڪي سندن اهل اولاد جا ماڻهو ايمان بابت سندن نقش قدم تي هليا (يعني سندن روش اختيار ڪيائون) تن سڀني کي اسان هڪٻئي سان ملائينداسين، ۽ سندن عملن (جي بدلي ۾ مليل نعمتن) مان اسان ڪجهه به نه گهٽائينداسين، هرهڪ شخص پنهنجي ئي عملن جو پورو پورو نتيجو پائيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ انهن جي اولادن ايمان آڻڻ ۾ سندن تابعداري ڪئي، اسان انهن جو اولاد انهن سان ملايو ۽ اسين انهن جي عملن مان ڪابه شيءِ گھٽ نه ڪنداسين، هر ڪافر ۽ فاسق پنهنجي ڪيل عمل لاءِ ذميدار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد به ايمان ۾ سندن ساٿ ڏنو ته اسين انهن جي اولاد کي به سندن درجي تائين پهچائي ڇڏينداسون ۽ اسان سندن عملن مان ڪجھ به گهٽ نه ڪنداسون، سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ ۾ ڳھ ٿيل (گروي) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ تابعداري ڪئي سندن انهن جي اولاد ايمان سان ملائينداسون انهن سان اولاد انهن جو ۽ گهٽائينداسون انهن کان عمل انهن جي مان ڪجهه به هر مرد ان ۾ جيڪي ڪمايائين گروي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان سان سندن پيروي ڪئي تن جي اولاد کي انهن تائين اسين پهچائي ڇڏينداسون ۽ سندن عملن (جي بدلي) مان کين ڪجهه به گهٽائي نه ڏينداسون. سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڪمائي ۾ ڳهه ٿيل (ڦاٿل) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سندن اولادَ ايمان ۾ سندن پيروي ڪئي ته اسان سندن اولاد کي (درجات ۾) انهن تائين پهچائينداسين ۽ اسان انهن (صالح آباء و اجداد) جي ثوابِ اعمال ۾ به ڪا ڪمي ڪونه ڪنداسين. (انهن کان سواءِ) هر ماڻهو پنهنجي عمل سبب گروي هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جَن اِيمان، پڻ اولاد اُنهن جو، پارِيؤَن سَندنِ پيروِي، ٿِي مُؤمن، مُسلمان، اُنهن سان سَندِن اولاد کي، ميڙيوسون ڏيئـِي مان، اوڇِي اُنهن جي عَملن مان، ڪَئـِي سون ڪوڏِي ڪانه ، هر شخص آهي اُن ۾، گِروِي بي گمان، جيڪِي مَنجھ جھان، ڪيا هُوندائـِين ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان آڻڻ ۾ انهن جي پيروي ڪئي، ته انهن سان سندن اولاد شامل ڪنداسين- ۽ سندن عملن مان ڪجهه به نه گهٽائبو- سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪمايو، تنهن سان هو ٻڌل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ سندن اولاد به ايمان جي معاملي ۾ سندن پيروي ڪئي آهي ته اسان سندن اها اولاد جنت ۾ به ساڻن گڏ ڪري ڇڏينداسون ۽ سندن عمل ۾ ڪابه ڪمي نه ڪنداسون. هر شخص پنهنجي ڪمائيءَ جي بدلي ڳــَـهه رکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سندن پيروي ڪئي اولاد مان ايمان جي معاملي ۾ ته ملائينداسين کين سندن ان اولاد سان به، ۽ نه ڏينداسين کين ڪو گهاٽو سندن عملن ۾ ڪنهن به قسم جو، هر شخص رکيل آهي پنهنجي ڪسب عمل ۾ گروي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ايمان وارن جي اولاد مان به، جن اُنهن جي ايمان ۾ پيروي ڪئي هوندي، تن کي به اسين انهن سان ملائينداسين. اسان انهن جي عمل مان ڪابه شيءِ نه گهٽائينداسين. هر ماڻهو پنھنجي عمل سان ٻڌل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمدَدنٰهُم بِفٰكِهَةٍ وَلَحمٍ مِمّا يَشتَهونَ (آيت : 22) |
۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن کي ميوا ۽ گوشت ڏيندا رهنداسين، اهڙا جهڙا هو چاهيندا ۽ پسند ڪندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن (بهشتين) جي ميون ۽ پڪل گوشتن ۾ (وقتاً فوقتاً) اضافو ڪنداسين جيڪو پاڻ پسند ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا وڌائي ڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدد ڪئي اسان انهن جي ميون ۽ گوشت سان ان مان جيڪي خواهش رکندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن به ميوي ۽ گوشت جي خواهش ڪندا تنهن مان کين پيا ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کين ميوا ۽ گوشت ۽ جيڪو ڪجهه چاهيندا وڌ کان وڌ ڏيندا رهنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ميوا ۽ ماس ڪيا، اَسان اُنهن تي اِمداد، مُوجِب مَن مُراد، جِهڙا گُھرن، جِنهن گھڙِئَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کي ميوو ۽ گوشت جيڪي گهرندا، سو پيا ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کين هر قسم جا ميوا ۽ گوشت جيڪا به شيءِ سندن دل گهرندي جام ڏيندا وينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کين ڏيندا رهنداسين کائڻ جي لاءِ هر قسم جا ميوا ۽ گوشت جيڪي هو پسند ڪندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کين ميون ۽ گوشت جي صورت ۾ جيڪا به شيءِ هو چاهيندا سا کين ڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَتَنٰزَعونَ فيها كَأسًا لا لَغوٌ فيها وَلا تَأثيمٌ (آيت : 23) |
اُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو ان (بهشت) ۾ اهڙو پيالو (شربت جو) هڪٻئي ۾ ڦيرائيندا رهندا جنهن ۾ ڪابه بيهودگي (يعني نشو وغيره) ڪونه هوندو، نڪي ان ۾ ڪا گناهه جهڙي ڳالهه هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي بهشت ۾ هڪ ٻئي سان (شراباً طهورا) جا پيالا وٺندا، نه ان ۾ اجائي بڪ هوندي ۽ نه ان ۾ ڪو گناه هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اتي (خوش خبريءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان شراب جو پيالو پيا ڇنندا جنهن ۾ نڪا بيهودگي آهي ۽ نه گناھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏيندا وٺندا ان ۾ پيالا ناهي اجائي ڳالهه انهن ۾ ۽ نه گناهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي (خوش طبعيءَ لاءِ) هڪ ٻئي کان (شراب جو) پيالو پيا ڇننداجنهن ۾ نڪي بڪڻ ۽ نه (ڪنهن تي) ڏوهه رکڻ ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اتي هڪ ٻئي کان (پاڪ شراب جا) پيالا پيا وٺندا ان (شرابِ طهور) ۾ نه ڪو بيهودو بَڪَڻُ هوندو ۽ نه گناهه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِڪ ٻِئي جي هَٿن مان، وَٽيون وِير ڇِڪِين، جِنهن ۾ وِڦلن وائـِي ڪِين، پڻ ذَرو زِيان ناھِ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اتي شراب جا پيالا هڪ ٻئي کان وٺي پيا پيئندا، جنهن ۾ نڪا بڪ بڪ ۽ نڪو گناهه ۾ پوڻ هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو هڪ ٻئي کان اڳ اڳ ڪري شراب جا پيالا وٺي رهيا هوندا، جنهن ۾ نڪي بيهودي بڪواس هوندي ۽ نه وري گناهه تي اڀارڻ جي ڪا ڳالهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي اڳتي وڌي هڪ ٻئي کان پيالا شراب جا وٺندا جنهن ۾ ڪابه بيهودگي نه هوندي ۽ نه ڪا بدڪاري هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو باغن ۾ هڪ ٻئي کان (مذاق ۾) شراب جا پيالا جَهٽُ هڻي کسيندا رهندا. ان ۾ ڪابه بيهودگي نه هوندي ۽ نه ئي اهو ڪو گناهه جو ڪم هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَطوفُ عَلَيهِم غِلمانٌ لَهُم كَأَنَّهُم لُؤلُؤٌ مَكنونٌ (آيت : 24) |
۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن جي چوڌاري سندن (خدمت لاءِ سهڻا) ڇوڪرا ۽ نوجوان ڦرندا رهندا، جيڪي لڪايل موتين وانگر (چمڪندڙ، بي داغ معصوم) هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جي چوڌاري (خدمت لاءِ) انهن جا غلام هوندا گوياڪِ اهي پوشيده موتي آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ خدمت لاءِ) اهڙا (ڳڀرو) ڇوڪرا انهن جي چوگرد پيا گهمندا ڦرندا جي (سهڻائپ ۽ جمال ۾ ڄڻ ته احتياط سان رکيل موتي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦرندا انهن تي غلمان انهن جا ڄڻ ته اهي موتي ڍڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن اڳيان (سندن خدمت لاءِ) اهڙا ڇوڪرا پيا ايندا ويندا جي ڄڻ ته (سپن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي چوڌاري نو عمر ڇوڪرا هلي گهمي رهيا هوندا جيڪي ڄڻ ته (سِپُن جي اندر) ڍڪيل موتي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نوڪر، نِينگر اُنهن جا، ڀيرا ڪن بَرسِر، صُورت سُهڻا ڪَر، سَچاموتِي سِپ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽن اهڙا ڇوڪرا سندن آس پاس ايندا ويندا، جو ڄڻڪ اهي ڍڪيل موتي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن خدمت ۾ اهي نينگر پيا ڦرندا وتندا، جيڪي انهن (جي خدمت) لاءِ مخصوص هوندا، سهڻا اهڙا جهڙا لڪائي رکيل موتي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊوڙندا خدمت ۾ سندن آڏو (حسين) ڇوڪرا، جيڪي هوندا خاص انهن لاءِ، اهڙا سهڻا جيئن لڪل موتي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي اڳيان (خوبصورت) ڇوڪرا خدمت لاءِ گهمندا رهندا. ڄڻ ته اُهي ڍڪيل موتي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 25) |
۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (جنتي ماڻهو خوشي ۽ محبت ۾) هڪٻئي ڏانهن وڌي ايندا ۽ هڪٻئي کان (عجيب عجيب) سوال پڇندا (۽)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي (بهشت ۾) هڪ ٻئي کي سامهون ٿي هڪ ٻئي کان خبرچار پڇندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري (مزي جون) ڳالهيون ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سامهون ٿيندا هڪڙا انهن مان ٻين ڏانهن هڪ ٻئي کان پڇندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪ ٻئي کان پڇڻ لاءِ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن متوجهه ٿي (دنيا ۾ گذريل احوال بابت) سوال ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هڪ ٻِئي ڏي مُنهن ڪري، پُڇن حَقِيقت حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن مان هڪڙا ٻين ڏانهن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ لاءِ منهن ڪندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو هڪ ٻئي کان (دنيا ۾ گذريل) احوال پڇندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اڳي (دنيا ۾ گذريل) هڪ ٻئي کان اهي پاڻ ۾ حالتون پيا پڇندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان ڪي جنتي پاڻ ۾ ويھي (دنيا جون) خبرون چارون وٺندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنّا كُنّا قَبلُ فى أَهلِنا مُشفِقينَ (آيت : 26) |
چوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چوندا ته، اسان اڳي پنهنجي ماڻهن (۽ اهل اولاد) بابت ڊڄندا هئاسين (ته مرڻ کان پوءِ خبر ناهي ته وري ملنداسين يا نه).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چوندا بيشڪ اسين هن کان اڳ ۾ پنهنجي گھر ۾ خوفزده هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن مان ڪي چوندا ته اسين پنهنجي گهر ۾ اڳي (خدا کان ڏاڍا) ڊڄندا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا بيشڪ اسين هئاسون اڳ ۾ پنهنجي اهل ۾ ڊڄندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوندا ته بيشڪ اسين هن کان اڳ پنهنجن گهرن ۾ ڊڄندا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندا: ”بيشڪ اسان هن کان اڳ پنهنجي گهرن ۾ (الله جي ڏمر کان) ڊڄندا رهندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَريَن پاٻوهيو تڏهن، چيائون اِهڙِي چال، ته هُئاسون هِيان هو راڳ، مَنجھ پَنهنجي آل عيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ته ”بيشڪ اسين هن کان اڳ اسان جي عزيزن ۾ ڊڄندڙ هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چوندا: اسان اڳ پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ ڊڄندا زندگي گذاريندا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي چوندا، حقيقت ۾ اسان اڳ ۾ پنهنجي گهر وارن ۾ ڊڄندي زندگي گذاري هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چوندا ته اسان ته پنھنجي گهر ۾ هميشه (الله تعالى کان) ڊڄندي زندگي گذاري هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَنَّ اللَّهُ عَلَينا وَوَقىٰنا عَذابَ السَّمومِ (آيت : 27) |
پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر الله تعاليٰ اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي ۽ اسان کي (جهنم جي) ساڙيندڙ هوا جي عذاب کان بچائي ورتو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا اسان تي وڏو احسان ڪيو جو اسان کي (دوزخ جي) لوءِ جي عذاب کان بچايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ احسان ڪيو الله اسان تي ۽ بچايائين اسان کي عذاب باهه جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي لُوءِ جي عذاب کان بچايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله اسان تي احسان فرمايو ۽ اسان کي گرم هوائن جي عذاب کان بچايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان تي اَلله ڪيا، ڪيڏا ڪَرم ڪمال، ۽ اسان کي، اِيئن عذاب کان، بَچائـِين بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ نيٺ الله اسان تي پنهنجو فضل ڪيو ۽ اسان کي ساڙيندڙ هوا جي عذاب کان بچائي ورتائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ الله (فضل ڪيو) اسان تي ۽ بچايو عذاب لوساٽڻ واري هوا کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! الله تعالى اسان جي مٿان وڏو احسان ڪيو جو اسان کي ساڙيندڙ هوا کان به بچايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كُنّا مِن قَبلُ نَدعوهُ إِنَّهُ هُوَ البَرُّ الرَّحيمُ (آيت : 28) |
بيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سچ پچ اسان اڳي الله تعاليٰ کي (پنهنجي مغفرت لاءِ) پڪاريندا هئاسين، سچ پچ هو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان هن کان اڳ ۾ سندس عبادت ڪندا هئاسين، بيشڪ اهو احسان ڪندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن کان) اڳي اسين ان (جي بچڻ) کان دعائون گهرندا هئاسون بيشڪ اهو احسان ڪندڙ مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان هئاسون اڳ ۾ عبادت پيا ڪيون ان جي بيشڪ اهو ئي احسان ڪندڙ، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين هن کان اڳ ان کي سڏيندا هئاسون. بيشڪ اهوئي ڀلائي ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان پوئين زندگي ۾ ان کان دعائون گھرندا هئاسين. بيشڪ اُهو ئي ڀلائي ڪندڙ ٻاجهارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اَڳيئـِي ٿي چَيو، ته آھِ اُهو هَر حال، ڀَلو ڪندڙ ڀال، تَرسوند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين هن کان اڳ ان کي پڪاريندا هئاسون- جو اهو ئي احسان ڪندڙ مهربان آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان اڳينءَ حياتيءَ ۾ کانئس ئي دعائون گهرندا هئاسون، هو بيشڪ ڏاڍو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان پوئين حياتيءَ ۾ ان کان دعائون گهريون، بيشڪ اهو وڏو احسان ڪندڙ ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان اڳ (دنيا ۾) رڳو ان کان ئي دعائون گهرندا هئاسين. بيشڪ هو وڏو ڀلائي ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذَكِّر فَما أَنتَ بِنِعمَتِ رَبِّكَ بِكاهِنٍ وَلا مَجنونٍ (آيت : 29) |
پوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) تون نصيحت ڪندو رهه. ڇو ته خدا جي فضل سان تون نڪي منتري جوڳي آهين ۽ نڪي ديوانو آهين. (ڪافر توتي اهي ۽ ٻيا نالا ٿا رکن پر تون پرواهه نه ڪر).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان نصيحت ڪريو ڇو ته توهان پنهنجي رب جي نعمت سان نه ڪاهن آهيو ۽ نه مجنون آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون نصيحت ڪندو رھ! تون پنهنجي پروردگار جي فضل سان نه اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نصيحت فرماءِ پوءِ ناهين تون پنهنجي رب جي نعمت سان ڀوپو ۽ نه چريو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر) تون سمجهائيندو رهه ڇو ته تون پنهنجي پاليندڙ جي نعمت ڪري نه ته (جنن ۽ شيطانن جي واسطي سان) اڳ ڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه چريو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو تون نصيحت ڪندو رهه پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمت سان نه ته تون اڳڪٿي ڪرڻ وارو آهين ۽ نه مجنون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَرِي وَرِي اُنهن ۾، پرين! ڪر پَچار، پوءِ پَنهنجي پالڻهار جِي، نِعمت ساڻ نِبار، تون نجومي نه آهِين، پڻ نه دِيوانو دِلدر!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون نصيحت ڪر، جو تون پنهنجي رب جي فضل سان نڪي نجومي آهين، نڪي چريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! تون نصيحت ڪندو رهه، پنهنجي رب جي فضل سان تون نڪي ڀوپو آهين ۽ نه چريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) تون ته نصيحت ڪندو رهه پنهنجي رب جي فضل سان، نه تون ڀوپو آهين ۽ نه چريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) توهان نصيحت ڪندا رهو. توهان پنھنجي پالڻھار جي مھربانيءَ سان نه ته ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ وارا آهيو ۽ نه ئي ديوانا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ شاعِرٌ نَتَرَبَّصُ بِهِ رَيبَ المَنونِ (آيت : 30) |
بلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا اهي (ڪافر تنهنجي بابت) هيئن ٿا چون، ڇا ته هو شاعر آهي، جنهن لاءِ اسان زماني جي ڪنهن آفت جو انتظار ڪري رهيا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا اهي (ڪافر) چون ٿا ته اهو (رسولِ عربي) شاعر آهي (۽) اسين ان لاءِ زماني جي انقلاب جو انتظار ڪريون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا (تو کي) اهي ماڻهو چون ٿا ته (هي) شاعر آهي (۽) اسين ته ان (ڳالھ) جي باري ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا چون ٿا ته شاعر آهي انتظار ڪيون ٿا اسين ان سان زماني جي حادثي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته هو (هيئن) چون ٿا ڇا ته هي شاعر آهي، مٿس زماني جي گردش اچڻ جو انتظار ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا (ڪافر) چون ٿا ته تون شاعر آهين! اسان هن تي زماني جي حادثن (يعني موت) جو انتظار ڪري رهيا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، شاعِر چَون شو م سي؟ ته پياڪڍون اِنتظار، اِن تان اَچڻ هار، ڪِنهن واقِع وارِي وار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ چون ٿا ته ”شاعر آهي، جنهن لاءِ اسين زماني ۾ ڦيري اچڻ لاءِ واٽ پيا ڏسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي چون ٿا ته هيءُ شاعر آهي، جنهن جي باري ۾ اسان زماني جي ڪنهن ڦيري گهيري جو ٿا انتظار ڪريون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو چوندا آهن ته اهو شخص شاعر آهي، جنهن لاءِ اسان زماني جي ڦير گهير جو انتظار پيا ڪريون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هي شاعر آهي؟ اسان مٿس ڏينھَن جي ڦرڻ جو ويھي انتظارڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل تَرَبَّصوا فَإِنّى مَعَكُم مِنَ المُتَرَبِّصينَ (آيت : 31) |
(انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون کين) چئو ته، ڀلي ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسڻ ۽ انتظار ڪرڻ وارو آهيان. پاڻهي ڏسندو ته حق غالب پوندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان انتطار ڪريو، بيشڪ آئون به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون چوين ته (چڱو) اوهين به انتظار ڪريو آءُ به اوهان سان گڏ انتظار سان رهيو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته انتظار ڪيو پوءِ بيشڪ مان انتظار ڪندڙن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (تون) کين چئو ته انتظار ڪريو ڇو ته آءُ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ توهان انتظار ڪيو پوءِ آءٌ به اوهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، ته اَڙي اڄاڻ!، ڀلي ڏِسو ڪِهن ڏِينهن کي، آهيان اَوهان ساڻ، آئون بِه، ڏِينهن ڏِسندڙ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”اوهين به واٽ ڏسو، جو آءُ به اوهان سان گڏ پيو واٽ ڏسان!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته چڱو انتظار ڪريو، مان به توهان سان گڏ انتظار ٿو ڪريان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کين چئو، چڱو، انتظار ڪريو، آئون به توهان سان گڏ انتظار ٿو ڪريان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته ڀلي انتظار ڪريو. بيشڪ مان به توهان سان گڏ انتظار ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم تَأمُرُهُم أَحلٰمُهُم بِهٰذا أَم هُم قَومٌ طاغونَ (آيت : 32) |
کين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هيئن آهي ڇا ته، سندن عقل ۽ سمجهه کين اهائي ڳالهه ٿي سيکاري؟ (نه نه! هو عقل ته هلائين ئي ڪونه ٿا) يا هيئن آهي ڇا ته هو اهڙا ماڻهو آهن جيڪي (ضد ۽ خود غرضيءَ سببان ظلم جي راهه ۾) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهن؟ (حقيقت اها ئي آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن کي سندن عقل ايئن چون ٿا؟ يا اهي سرڪش ماڻهو آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالھ سيکارين ٿا يا ته اهي آهن ئي سرڪش ماڻهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا امر ڪن ٿا انهن کي عقل انهن جا هن جو يا اهي قوم سرڪش آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته سندن عقل انهن کي اها ڳالهه سيکارين ٿا يا ته اهي شرارتي ماڻهو آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا سندن عقل انهن کي اها ڳالهه چوڻ سيکارن ٿا يا اهي سرڪش ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اَمر ڪَننِ اِن ڳالھ جو، سَندنِ خواب خيال؟ آيا آهن اِهي اَصل ئـِي، ڪا ڍور قوم ڪُلال؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انهن جو عقل اهو ٿو ڏسين، يا اهي حد لنگهندڙ قوم آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا سندن عقل کين اهي ڳالهيون ڪرڻ جي تلقين ٿا ڪن؟ يا وري اهي حد کان لنگهيل ماڻهو آهن؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سندن عقل کين چون ٿا؟ يا اهي حد اورانگهيندڙ شخص آهن بغض ۾ پيل؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ڳالهيون کين سندن عَقُلَ سيکارين ٿا يا هي (خود) باغي (ذهن جا) ماڻهو آهن؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ تَقَوَّلَهُ بَل لا يُؤمِنونَ (آيت : 33) |
چوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هئين ٿا چون ڇا ته هن (يعني حضرت محمدﷺ) پنهنجو ٺاهه ٺاهيو آهي؟ (۽ خدا هن ڏي وحي ڪونه ٿو موڪلي) پر حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي ايمان يا يقين آهي ئي ڪونه، (هو رڳو گمانن ۽ وهمن ۾ ٿاڦوڙا پيا ٿا هڻن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا (اهي) چون ٿا ته رسولِ عربي قرآن ڪريم کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ بلڪ اهي ايمان نٿا آڻين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا! اهي ماڻهو چون ٿا ته هن قرآن کي پاڻ ٺاهيو آهي؟ ڳالھ هئين آهي ته اهي ايمان ئي نه ٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا چون ٿا ته ٺاهيو اٿس ان کي بلڪ نه ٿا ايمان آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته هو (هيئن) چون ٿا ته هي (قرآن) پاڻ بڻايو اٿس (اها ڳالهه دل ۾ ته ڪانه اٿن) پر هو ايمان نه ٿا آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي (هيئن) چون ٿا ته ان هي (قرآن) پاڻ ٺاهيو آهي (ائين ناهي) بلڪه اهي (خود) ايمان نه ٿا آڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ چون ته چڱن پاڻهِين، هِي جوڙِي مُنهن مقال؟ بَلڪ حقيقت حال، ته حق نه مَڃِين مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا چون ٿا، ته ”هن (قرآن) کي، پاڻان بنايو اٿس؟“ بلڪ ايمان نٿا آڻين، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي چون ٿا ته ان شخص (نبيءَ) اهو قرآن پاڻ گهڙيو آهي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته اهي ايمان آڻڻ نه ٿا گهرن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي چوندا ته هن شخص اهو (قرآن) پاڻ ٺاهيو آهي؟ اصل ۾ اهي ايمان آڻڻ نٿا گهرن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي چون ٿا ته هي (قرآن) هِن پاڻ ٺاهيو آهي، بلڪه حقيقت هي آهي ته هي ماڻهو ايمان آڻڻ ئي نٿا چاهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَليَأتوا بِحَديثٍ مِثلِهِ إِن كانوا صٰدِقينَ (آيت : 34) |
پوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪڏهن ائين ٿا سمجهن ته قرآن الله جو ڪلام ناهي ۽) جيڪڏهن پنهنجي دعويٰ ۾ سچا آهن ته ڀلا اهڙي قسم جو ڪلام ٺاهي آڻي ڏيکارين ته سهي. (اهڙو ڪلام اڄ تائين ڪوبه ٺاهي نه سگهيو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڀلي ته اهڙي ڳالهه ٺاهن جيڪڏهن اهي سچا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهي ماڻهو جيڪڏهن سچا آهن ته اهڙو ئي ڪلام بڻائي ته آڻين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڀل ته آڻين ڳالهه ان جهڙي جيڪڏهن آهن سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام (بنائي) آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڀلا! )ان جهڙو ڪو ڪلام آڻي ته ڏيکارن جي اهي سچا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي سَچو سَمجھن پاڻ کي، مَنجِھين خان خيال، پوءِ جوڙي جِھڙسِ ڳالھ، آڻي رَکن اڳيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڳائي ته جيڪڏهن سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن پنهنجي ڳالهه ۾ سچا آهن ته ان جهڙو ڪو ڪلام ٺاهي آڻين! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ته اهي آڻين اهڙو ڪلام ان شان وارو جيڪڏهن اهي سچا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هي ماڻهو (پنھنجي دعوى ۾) سچا آهن ته ان جھڙو ڪو ڪلام ٺاهي آڻي ڏيکارين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم خُلِقوا مِن غَيرِ شَيءٍ أَم هُمُ الخٰلِقونَ (آيت : 35) |
اھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هيئن آهي ڇا ته، هو عدم مان پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پيا آهن يا پاڻ ئي خالق آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي بنا خالق جي پيدا ڪيا ويا؟ يا اهي پاڻ خالق آهن؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي ماڻهو ڪنهن جي (پيدا ڪرڻ) کان سواءِ ئي پيدا ٿي پيا آهن يا اهي ئي ماڻهو (مخلوقات کي) پيدا ڪرڻ وارا آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا پيدا ڪيا ويا ڪنهن شيءِ کان سواءِ يا اهي پيدا ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اهي پاڻ ئي پيدا ٿيا آهن يا ته اهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهي ڪنهن پيدا ڪرڻ واري بغير پيدا ڪيا ويا آهن يا اُهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا پيدا، ناپيد مان، وِيا ڪَيا قُدرت ساڻ، يا پَنهنجو آهِن پاڻ، پيداڪندڙ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اُهي ٻيءَ شيءِ مان پيدا ڪيا ويا آهن، يا اهي پاڻ پيدا ڪندڙ آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ڀلا اهي ڪنهن خالق کانسواءِ پاڻمرادو پيدا ٿي پيا آهن؟ يا اهي پاڻ پنهنجا خالق آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ڪنهن خالق بنا پاڻ ئي پيدا ٿيا آهن يا اهي پاڻ پنهنجا خالق آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اصل سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته هي پاڻ پيدا ڪيئن ٿيا آهن؟ ڇا هي بغير پيدا ڪرڻ واري جي پيدا ٿي ويا آهن؟ ڇا انهن پاڻ کي پاڻ ئي پيدا ڪيو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم خَلَقُوا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بَل لا يوقِنونَ (آيت : 36) |
آسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هيئن آهي ڇا ته هنن پاڻ آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي؟ نه نه! حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي (علم ۽) يقين (ئي) ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪيو؟ بلڪِ اهي يقين نٿا رکن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا انهن ئي سڀ آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا آهن (نه! بلڪل نه!) پر اهي يقين نه ٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا پيدا ڪيائون آسمانن ۽ زمينن کي بلڪ نه ٿا يقين رکن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته آسمانن ۽ زمين کي پاڻ پيدا ڪيو اٿن پر اهي نٿا وسهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا آسمانن ۽ زمين کي انهن پاڻ پيدا ڪيو آهي (ائين ناهي)، بلڪه اُهي يقين نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا پاڻئُون تَن پيدا ڪيا، جمله اُڀ، زمين، بَلڪ اِهي بي دِين، آڻِين يَقِين ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا آسمانن ۽ زمين کي انهن بنايو آهي؟ پر اهي يقين نه ٿا آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا آسمانن ۽ زمين کي انهن پيدا ڪيو آهي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته انهن کي يقين ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا انهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي، (اصل ڳالهه هيءَ آهي ته) اهي نٿا يقين رکن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا آسمانن ۽ زمين کي به انهن پيدا ڪيو آهي؟ ڇوته انهن ماڻهن کي (الله تعالى جي خالق هجڻ تي) يقين ئي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَبِّكَ أَم هُمُ المُصَۣيطِرونَ (آيت : 37) |
تنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هئين آهي ڇا ته، تنهنجي پرورگار جا خزانا هنن وٽ آهن؟ يا (جهان جي ڪاروبار جا) داروغا يا مئنيجر پاڻ آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن وٽ توهان جي رب جا خزانا آهن يا اهي پاڻ خود مختيار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته انهن وٽ تنهنجي پروردگار جا خزانا آهن يا ته اهي ئي حاڪم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا انهن وٽ تنهنجي رب جا خزانا آهن يا اهي داروغا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته انهن وٽ تنهنجي پاليندڙ جا خزانا آهن يا ته اهي ئي داروغا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جا خزانا آهن يا ته اُهي ئي داروغا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ياتُنهنجي پَروَرپاڪ جا، ڀانڊارا ڀَرپُور، مِڙِئـِـي وَٽن مُور، يا اُٽلو آهِن ايلچِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جا خزانا آهن، يا اهي داروغا آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تنهنجي رب جا خزانا انهن جي هٿ ۾ آهن يا انهن تي سندن ئي حڪم هلندو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن جي قبضي ۾ خزانا آهن پنهنجي رب جا، يا انهن جو حڪم هلي ٿو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن وٽ پنھنجي پالڻھار جا خزانا آهن، يا هو الله تعالى جا خزانا سنڀاليندڙ آهن؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُم سُلَّمٌ يَستَمِعونَ فيهِ فَليَأتِ مُستَمِعُهُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 38) |
کين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا وٽن ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا (جنهن تي چڙهي) هو (خدائي راز ۽ حقيقتون) ٻڌي ٿا اچن؟ جيڪڏهن ائين آهي ته هنن مان ڪوبه ٻڌندڙ چٽي چٽي ثابتي ته پيش ڪري. (پر ائين هرگز ناهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا انهن وٽ ڏاڪڻ آهي جو ان تي اهي غيب جون ڳالهيون (آسمان تان) ٻُڌن ٿا. پوءِ ڀلي ته انهن جو ٻڌندڙ ڪو واضح دليل پيش ڪري؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تي (چڙهي آسمان مان) ٻڌي وٺن ٿا. جيڪو ٻڌي ايندو هجي سو ڪو صاف دليل (ته) کڻي اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا انهن جي لاءِ ڪا ڏاڪڻ آهي جو ٻڌن ٿا ان ۾ پوءِ ڀل آڻي ٻڌندڙ انهن جو دليل روشن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تان ٻڌي وٺن ٿا پوءِ انهن جو ٻڌڻ وارو ڪو صاف دليل کڻي اچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي ان ۾ (چڙهي آسماني ڳالهيون) ٻڌي وٺن ٿا، پوءِ جو انهن ۾ ٻڌڻ وارو آهي سو ڪو پڌرو دليل آڻي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُنهن وَٽِ چاڙِهي آهي ڪا، جنهن تي، ٻُڌن ٻول ڌڻي، پوءِ کُليو خَط کـڻِي، وَر آڻي ، ٻُڌندڙ اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا انهن کي ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا، جنهن تي چڙهي ڪن ڏئي ٻُڌندا آهن؟ ته پوءِ گهر جين ته انهن مان ٻڌندڙ ڪو کليل دليل آڻي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽن مٿئين جهان ڏي چڙهي وڃڻ لاءِ ڪا ڏاڪڻ آهي ڇا جو ڪَن ڏيئي خبرون ٿا ٻڌن؟ ڀلا انهن جو ڪو ڪــَـنائيندڙ آڻي ڪو پڌرو ثبوت (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا وٽن ڪا ڏاڪڻ آهي جنهن تي چڙهي خبر چار وٺن ٿا عالمِ بالا جي؟ جنهن خبر ورتي هجي سو دليل آڻي پڌرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن وٽ ڪا ڏاڪڻ آهي جو هو (مٿي چڙهي) الله تعالى جي ڳالهين کي (غور سان) ٻڌي وٺن ٿا، پوءِ ڳالهيون ٻڌڻ وارو به ڪو واضح دليل پيش ڪري؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُ البَنٰتُ وَلَكُمُ البَنونَ (آيت : 39) |
الله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) الله کي ته ڌيئر آهن (جن جو ڄمڻ پاڻ لاءِ پسند ڪونه ڪندا آهيو) باقي پنهنجي لاءِ پٽ (ٿا چاهيو)؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ان کي (الله کي) نياڻيون آهن ۽ توهان کي پُٽَ آهن؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا خدا لاءِ ته ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ان جي لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان جي لاءِ پٽ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته ان لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ان (الله) لاءِ نياڻيون آهن ۽ اوهان لاءِ پُٽ آهن!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا آهِن الله پاڪ لئي، ڌيون نِماڻو ڌَڻ، ۽ جو ڄاڻن عُمدو ڄَڻ، سي پُٽ سَمجھن پاڻ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، ان (الله) لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله لاءِ ته آهن ڌيئر، باقي توهان لاءِ آهن پٽ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا (الله لاءِ) آهن ڌيئرون ۽ توهان ماڻهن لاءِ پٽ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا (انهن ماڻهن ذهن ۾ اهو ويھاري ڇڏيو آهي ته) الله تعالى جي لاءِ ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پُٽ آهن؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم تَسـَٔلُهُم أَجرًا فَهُم مِن مَغرَمٍ مُثقَلونَ (آيت : 40) |
اُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (اي پيغمبر! هيئن آهي ڇا ته) تون کانئن اجورو گهرين ٿو (۽ وڏيون رقمون وٺين ٿو) جنهن جي ڪري هو قرضن جي بار هيٺ اچي ويا آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان انهن کان (تبليغ جي عيوض) اجورو گُهرو ٿا، پوءِ اهي چَٽي ۾ زيرِ بار آهن؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته انهن کان تون (رسالت جي تبليغ) بابت ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چٽيءِ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا گهرو ٿا انهن کان ڪو اجورو پوءِ اهي چٽيءَ جي ڪري ڳرا ٿيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته انهن کان تون ڪا اجرت گهرين ٿو جو هو چڱيءَ طرح کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تون انهن کان ڪا اُجرت گهرين ٿو؟ جو هو چَٽِيءَ کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا تون گُھرين ٿو تن کان، ڪو پرمَل! پورهيو پار؟ پوءِ هِي، هيٺ ڳَري بار، آهِن تِنهن تاوان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تون انهن کان ڪا مزدوري گهرين ٿو! جو اهي انهي چٽيءَ کان ڳوري بار هيٺ آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڀلا تون کانئن ڪو اجورو ٿو گهرين ڇا جو زور جي پيل چٽيءَ جي بار هيٺ دٻيا پيا وڃن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا گُهرين ٿو انهن کان ڪو اجورو جو اهي ڪنهن وِڌل چٽيءَ ۾ دٻيل آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا توهان انهن کان ڪو اجر ٿا گهرو جو هو (ادا ڪرڻ لاءِ) چَٽيءَ جي بار هيٺ اچي ويا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم عِندَهُمُ الغَيبُ فَهُم يَكتُبونَ (آيت : 41) |
اُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن آهي ڇا ته) هنن وٽ غيب (جي حقيقت اچي وئي) آهي جن کي هو لکندا ٿا وڃن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن وٽ علمِ غيب آهي پوءِ اهي ان کي لکن ٿا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته انهن وٽ ڳجھ (جو علم) آهي جو هو (ان کي) پيا لکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا انهن وٽ غيب آهي پوءِ اهي لکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ياته انهن وٽ ڳجهه (جو علم) آهي جو هو (انکي) پيا لکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن وٽ ڳُجهه (جو علم) آهي جو اُهي لکي وٺن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُنهن وَٽِ عِلم غيب جو، پوءِ اِهي لِکن اَسرار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انهن وٽ ڳجهه جو علم آهي، جو اهي لکندا آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽن ڪو غيب جي حقيقتن جو علم آهي ڇا جو ان جي بنياد تي پيا ٿا اهو لکن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن وٽ آهي غيب جو علم، جو اهي ان آڌار تي لکندا هجن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن وٽ غيب ( جو علم) آهي، جنھن جي بنياد تي هُو (حڪم) لکندا رهن ٿا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يُريدونَ كَيدًا فَالَّذينَ كَفَروا هُمُ المَكيدونَ (آيت : 42) |
ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن آهي ڇا ته) هو (تنهنجي خلاف) ڪو منصوبو ٺاهي رهيا آهن؟ پر حقيقت هيءَ آهي ته ڪافر پاڻ (خدائي عذاب جي) تجويزن ۾ وڪوڙجي ويا آهن (۽ پاڻ تباهه ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا اهي ڪنهن سازش جو ارادو رکن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو اهي پاڻ سازش ۾ گرفتار ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته اهي ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا. ته جي ڪافر آهن اهي پاڻ دائو ۾ (ڦاٿل) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ارادو ڪن ٿا ڪنهن رٿ جو پوءِ جن ڪفر ڪيو اهي ئي رٿ ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته هو ڪا بڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا پوءِ ڪافرن تي ئي بڇڙي رٿ رٿيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا هُو ڪا بري سازش سِٽِڻُ چاهن ٿا (اگر ائين آهي ته). پوءِ ڪافرن تي ئي سندن سازش الٽي پوندي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تا اَٽڪڻ جو اَلله سان، ويٺا -ڪَن ويچار؟ پوءِ ڪُفر جَن جِي ڪار، آهي ئـِي سِٽيَل اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، ڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ ٿا گهرن؟ پوءِ جن ڪفر ڪيو سي ئي فريب ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري ڪا چالبازي ڪرڻ جو ارادو اٿن؟ پوءِ ته ڪافرن تي ئي سندن چالبازي اُٽلي پوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي چاهين پيا ڪا (بڇڙي) رٿ رٿڻ؟ (ائين آهي) ته انهن ماڻهن تي جن ڪفر ڪيو آهي، سندن رٿ ابتي ٿي لڳندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو ڪا ترڪتالي ڪرڻ چاهين ٿا (جيڪڏهن ايئن آهي ته) اها ترڪتالي خود انهن ڪافرن جي ڳچيءَ ۾ پوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُم إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 43) |
انھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن آهي ڇا ته) هنن جي لاءِ الله تعاليٰ کانسواءِ ڪوبه ٻيو معبود آهي؟ (نه نه!) الله تعاليٰ پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي، اهڙين شرڪ جي ڳالهين کان جي هو ڪندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن جو الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي، الله تعالى انهن جي شرڪ کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا خدا کان سواءِ سندن ڪو (ٻيو) معبود آهي؟ جن شيءَن کي اهي ماڻهو (خدا جو) شريڪ ڪن ٿا خدا ان کان پاڪ صاف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا انهن جي لاءِ ڪو معبود آهي الله کان سواءِ الله جي پاڪائي آهي ان کان جيڪو شريڪ بنائن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو سندن حاڪم آهي. الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا الله کان سواءِ انهن جو ڪو ٻيو معبود آهي؟ الله انهن کان پاڪ آهي جن کي شريڪ بنائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا ڌَڻِي ڌوڙِي آھِ ڪو، اُنهن جوري الله ؟ قدرت جي ڪم ڪار ۾، جي گڏِين ٿا گُمراھ، اُنهن سَڀن ڪنان آھِ، صفائـِي سُبحان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا انهن لاءِ الله کان سواءِ ڪو ٻيو سائين آهي؟ الله انهن کان پاڪ آهي، جيڪي هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله کانسواءِ سندن ڪو ٻيو معبود آهي؟ الله پاڪ آهي انهيءَ شرڪ کان، جيڪي اهي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي رکن ٿا الله کان سواءِ ڪو ٻيو خدا؟ پاڪ آهي الله (انهيءَ شرڪ کان) جيڪو ڪن ٿا شرڪ اهي ماڻهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن لاءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو معبود آهي؟ (جنهن کي هي شريڪ ڪن ٿا)؟ الله تعالى پاڪ آهي ان شرڪ کان جيڪو هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يَرَوا كِسفًا مِنَ السَّماءِ ساقِطًا يَقولوا سَحابٌ مَركومٌ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن هو آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته (ائين ڪونه سمجهندا ته اسان تي ڪا آسماني آفت اچي رهي آهي، پر) هو (هيئن پيا) چوندا ته اهو گهاٽو ڪڪر آهي (جو مينهن وسائيندو ۽ اسان جو ملڪ آباد ڪندو، جيئن عاد قوم جي ماڻهن سمجهيو هو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسن ته چوندا (اهو) گھاٽو (وسندڙ) ڪَڪَر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو (عذاب جو) ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي ته دلدار ڪڪر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏسندا ڪو ٽڪرو آسمان مان ڪرندي ته چوندا ڪڪر تهه تهه ٿيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندو ڏسندا ته چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اهي آسمانن مان ڪو ٽڪرو (پاڻ تي) ڪِرندي ڏسندا ته به چوندا ته هي گهاٽو ڪڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڏِسن ڏَمرجو اُڀ ڪنان! ڪِرندڙ ٽڪرو ڪو، چون، ته واه! مَڪو!، ميگھ مَلهار، آئـِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا، ته چوندا ”گهاٽو ڪڪر آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو آسمان جا ٽڪرا به ڪرندا ڏسندا ته به چوندا ته اهي ڪڪرن جا ڍڳ آهن، جيڪي ڪاهيندا پيا اچن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن (اهي ماڻهو) ڏسن ٽڪرا آسمان مان ڪِرندي ته چوندا اهي ڪڪر آهن جيڪي چڙهندا پيا اچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي ماڻهو ايڏا ته ضدي آهن جو) جيڪڏهن هو آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪرندي به ڏسندا ته چوندا ته هي ته ڪارو ڪڪر آهي (جيڪو اسان جي مٿان مينھن وسائڻ لاءِ اچي ٿو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذَرهُم حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى فيهِ يُصعَقونَ (آيت : 45) |
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر) تون کين ڇڏي ڏي تان جو هو اهو پنهنجو ڏينهن اکين سان ڏسن، جنهن ۾ بيهوش ٿي ويندا. (جيئن بجليءَ جو شاڪ بيهوش ڪري ڇڏيندو آهي.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن کي ڇڏي ڏيو ايستائين جو اهي ان ڏينهن (قيامت) کي پهچن، جنهن ۾ اهي بيهوش ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون کين سندن حال تي ڇڏي ڏي ايستائين جو اهو ڏينهن جنهن ۾ اهي بيهوش ٿي پون سندن اڳيان اچي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏي ڏي انهن کي تانجو ملن پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن ۾ بيهوش ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبرﷺ) تون کين ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ مٿن وڄ ڪڙڪندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون کين ڇڏي ڏي جيستائين اهي پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن ۾ اهي غَشُ کائي ڪِري پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇڏ تن ڇڳير!، تان ڏِسن اُنهِئَ ڏينهن کي، وَرندي جِنهن وير، هِڪدَم نِڪرن، هوش کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کي تيستائين ڇڏي ڏي، جيستائين پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن، جنهن ۾ کين بيهوش ڪيو ويندو (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي! ڇڏينِ سندن حال تي، تان جو اهي پنهنجي انهيءَ ڏينهن کي وڃي رسن، جنهن ۾ اهي ڪڙڪي جو شڪار ٿي ڍير ٿي پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) ڇڏي ڏي انهن کي ان ڏينهن تائين جڏهن اهي ان ۾ بيهوش ڪري سٽيا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن کي ايستائين ان حال ۾ ڇڏي ڏيو جيستائين هو خود اهڙو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ هو بيهوش ٿي ڪيرايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ لا يُغنى عَنهُم كَيدُهُم شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 46) |
جنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن سندن حيلا ۽ تجويزون کين ڪجهه به ڪم نه اينديون، نڪي هنن کي ڪا مدد ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن انهن جي رِٿ انهن تان ڪا شيءِ دفع ڪري نه سگھندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن نه سندن مڪاري ئي ڪجھ ڪم ايندن ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن نه فائدو ڏيندو انهن کي فريب انهن جو ڪجهه به ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن سندن بڇڙي رٿ انهن کان ڪجهه به نه ٽاريندي ۽ نه انهن کي ڪٿان مدد ملندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن انهن جي ڪا سازش انهن جي ڪنهن ڪم ڪونه ايندي ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندنِ سِٽائون اُنهن کي، جنهن، ڏِينهن نه ڏِيندن سُود ۽ نه مَهل سِر مُوجود، ڪو وَرِي وَاهرو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن سندن فريب ڪجهه به نه ٽاريندو ۽ نڪا کين مدد ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن نڪي سندن ڪا چالبازي ڪنهن ڪم ايندن ۽ نه وري ڪوئي ڪا مدد ڪندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن سندن ڪابه اٽڪل کين ڪنهن به ڪم نه ايندي ۽ نه ڪو سندن مدد لاءِ ايندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن سندن ڪابه چال کين ڪم نه ايندي ۽ نه ئي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا عَذابًا دونَ ذٰلِكَ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً ظالمن کي هن (دنيائي عذاب) کان سواءِ ٻيو (آخرت وارو) عذاب به ڏنو ويندو، پر هنن مان گهڻا انهيءَ حقيقت کان بي خبر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان پهرين به (دنيا ۾) عذاب آهي، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عذاب آهيپر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄانن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو عذاب آهي پهريا ان کان ۽ پر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ان کان اڳي به عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو اُن عذاب کان سواءِ به هڪ عذاب آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن ڪَئـِي جاڙ، اَوس آهي اُنهن لئي، ٻِيو به، سوا تِنهن ساڙ، پر گَھڻا پَرُوڙِين ڪِين ٿا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ انهي کان سواءِ ٻيو عذاب به آهي، پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو وقت اچڻ کان اڳ به ظالمن لاءِ هڪڙو عذاب آهي، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ انهن ئي ظالمن جي لاءِ عذاب آهي ان وقت جياچڻ کان اڳي ئي، پر انهن مان ڪيترا ئي نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) ظالمن جي لاءِ ان ڏينھن کان اڳ به عذاب رکيل آهي پر گهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاصبِر لِحُكمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعيُنِنا وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ حينَ تَقومُ (آيت : 48) |
۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم لاءِ صبر ۽ ثابت قدميءَ سان ترس. يقيناً تون اسان جي اکين جي سامهون آهين، (اسان جي توتي شفقت جي نظر آهي، اسان توکي هنن دشمنن کان بچائينداسين ۽ ڪامياب ڪنداسين) ۽ تون جڏهن جڏهن (نماز لاءِ يا ڪنهن اهم ڪم لاءِ) اٿي کڙو ٿئين تڏهن تڏهن پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان پنهنجي رب جي حڪم مطابق صبر ڪريو، پوءِ بيشڪ توهان اسان جي حفاظت ۾ آهيو ۽ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد ڪريو جڏهن توهان اُٿو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تون پنهنجي پروردگار جي حڪم سان انتظار (ڪرڻ) ۾ صبر ڪندو رھ ڇو ته تون اسان جي نگهداشت ۾ آهين ته جڏهن تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندو ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبر ڪر پنهنجي رب جي حڪم سان پوءِ تون اسان جي نظر ۾ آهين ۽ تسبيح پڙهه پنهنجي رب جي حمد سان جنهن وقت اٿين ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي حڪم جو انتظار ڪر ڇو ته تون اسان جي اکين جي سامهون آهين ۽ جنهن مهل تون اٿين ٿو تنهن مهل پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي ساراهه سان گڏ بيان ڪر(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي فيصلي اچڻ تائين صبر ڪر پوءِ بيشڪ تون اسان جي نگاهه ۾ آهين ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر جڏهن به تون اٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَہ تُنهنجي سائـِينءَ جي، حُڪم ساڻ حبيب!، آهِين تون عجيب، اَکيَنِ ڳيان اَسان جي. پوءِ رُڳو پنهنجي رَبَّ جا، ڳاءِ ڳُڻ نبِار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون پنهنجي رب جي حڪم لاءِ صبر ڪر، بيشڪ تون اسان جي نظر هيٺ آهين ۽ جنهن وقت تون اٿين، تڏهن پنهنجي رب جي ساراهه سان پاڪائي بيان ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پنهنجي رب جو فيصلو اچڻ تائين صبر ڪر، تون اسان جي نگاهه ۾ آهين. تون جڏهن اٿين ته پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ صبر ڪر (اي نبي!) فيصلي اچڻ تائين پنهنجي رب جو، بيشڪ تون اسان جي نظرن ۾ آهين ۽ تسبيح پڙهه ساراهه ڪر پنهنجي رب جي سندس پاڪائي سان جنهن مهل اُٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي پالڻھار جي حڪم اچڻ تائين صبر ڪريو. (بيشڪ) توهان اسان جي حظاظت ۾ آهيو. ۽ هلندي ڦرندي پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪندا رهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَإِدبٰرَ النُّجومِ (آيت : 49) |
۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات جو ڪجهه حصو به الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ شان بيان ڪرڻ ۾ گذار ۽ تارن جي لهڻ کان پوءِ به (يعني فجر جي وقت به) پاڪائي ۽ شان بيان ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رات ۾ ان جي تسبيح ڪريو ۽ تارن غائب ٿيڻ وقت به ان جي تسبيح پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪجھ رات ۾ به ۽ تارن جي غائب هجڻ کان پوءِ تسبيح ڪندو رھ!.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو پوءِ ان جي تسبيح پڙهه ۽ تارن جي پٺي ڏيڻ وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪجهه رات ۾ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي پٺ ڦيرڻ مهل به. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪجهه رات ۾ سندس ساراهه بيان ڪر ۽ تارن جي پٺيري ٿيڻ مهل به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جاڳِين جڏهن، پڻ رات مان، ساراهِينسِ سَهوار، پڻ وَرِي پويِين پار، لَڙڻ پُڄاڻا لوڏيِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪجهه رات جو به پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي لهي وڃڻ کان پوءِ به.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات جو به سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ تارن جي پٺيرو ٿيڻ مهل به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رات جو به پاڪائي بيان ڪر، جڏهن تارا لهندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رات جو ۽ ستارن جي غروب ٿي وڃڻ کان پوءِ (فجر جي وقت) به تسبيح بيان ڪندا رهو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |