توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
ق وَالقُرءانِ المَجيدِ (آيت : 1) |
قٓ، سڳوري قرآن جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قاف. قسم آهي انهيءَ قرآن جو جيڪو (ظاهرظهور) نهايت شاندار آهي. (يعني هي شاندار قرآن خود شاهد آهي ۽ ثابتي آهي ته اهو الله جو ڪلام آهي ۽ ان ۾ ڏنل ڳالهيون سڀ برحق آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قٓ . قسم آهي قرآن مجيد جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ق. وڏي شان واري قرآن جو قسم (ته محمد پيغمبر آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ق قسم آهي قرآن مجيد جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ق. وڏي شان واري قرآن جو قسم آهي (ته اي پيغمبر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قاف (حقيقي معنى الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) قسم آهي قرآن جو جيڪو وڏي شان وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَرٿ اکر “ق” جو، سَمجھي هِڪ سُبحان، سَچو ساکِي آھِ هِي، قَدر وڏي قُرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ق_ سڳورو قرآن شاهد آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﱎ (قاف)، قسم آهي قرآن وڏي شان واري جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ق، قسم آهي قرآن مجيد جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قاف ــ قسم آهي قرآن مجيد جو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل عَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم فَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا شَيءٌ عَجيبٌ (آيت : 2) |
بلڪ ھن ڳالھ ڪري عجب ۾ پيا ته اُنھن وٽ اُنھن مان (ئي) ھڪ ڊيڄاريندڙ آيو ته پوءِ ڪافرن چيو ته ھي عجب ڳالھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڪافر قران جو شان ڏسن به ٿا ته به نٿا مڃين سو ڇو؟) حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي عجب ٿو لڳي ته هنن ئي مان هڪڙو (پاڻ جهڙو انسان) هنن ڏانهن خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهي، (حسد به ٿو ٿئين) سو اهي ڪافر چون ٿا ته، هي هڪڙي نهايت عجب جهڙي ڳالهه آهي (۽ وسهڻ جهڙي ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اهي (ڪفار) عجب ڪن ٿا جو انهن وٽ انهن مان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيو پوءِ ڪافرن چيو هي عجيب شيءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر انهن (ڪافرن) کي حيرت آهي ته منهنجن هڪ عذاب کان ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) وٽن آيو. ته ڪافر چوڻ لڳا: هيءَ ته هڪ عجيب ڳالھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ عجب ۾ پيا ته آيو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ انهن مان پوءِ چيو ڪافرن ته هيءَ شيءِ عجيب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون الله جو موڪليل آهين) پر هنن کي هي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي پوءِ ڪافرن چيو ته هي عجب جي ڳالهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر انهن کي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي، سو ڪافرن چيو ته هي عجيب شيءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلندو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿَيا حيران، ته آيُنِ ڄاڻوئـِي ڄام ڪو، اُنهن مان هِڪ اِنسان، پوءِ اِنڪارِيُن آکيو، ظاهِر ساڻ زِبان، ته آھِ عَجب هِئَ ڳالھڙِي، بِلڪُل بي گُمان!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ هن ڳالهه ڪري عجب ۾ پيا، جو انهن وٽ منجهانئن هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، پوءِ ڪافرن چيو ته ”هيءَ عجيب ڳالهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر ڏاڍو عجب لڳو اٿن، انهيءَ ڳالهه تي ته هڪڙو خبردار ڪندڙ خود انهن مان ئي وٽن اچي ويو. پوءِ وري منڪر چوڻ لڳا ته "اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن ماڻهن کي عجب ٿيو آهي ته (اي پيغمبر!) تون خبردار ڪرڻ وارو انهن مان ئي وٽن آيو آهين، پوءِ چوڻ لڳا منڪر، هي ته ڳالهه ئي عجب جهڙي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن کي (اِن ڳالهه تي) حيرت ٿئي ٿي ته وٽن انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي. ڪافرن چيو ته هي ته (صفا) عجيب معاملو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا ذٰلِكَ رَجعٌ بَعيدٌ (آيت : 3) |
ڀلا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون، اھو وري جيئرو ٿيڻ (عقل کان) پري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ڪافر چون ٿا ته) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ڪيا وينداسين؟) اهو موٽي اچڻ ۽ وري جيئرو ٿيڻ (اسان جي سمجهه کان) ٻاهر آهي ۽ محال آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا جڏهن اسين مرنداسين ۽ مٽي ٿينداسين پوءِ وري زنده ٿينداسين؟ اهو موٽڻ بعيد آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (ته وري اهو ٻيو ڀيرو جيئرو ٿيڻ عقل کان ته) ٻاهر (ڳالھ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هونداسون مٽي اهو موٽڻ پرانهون آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (تڏهن جيئرا ٿينداسون ڇا؟) اهو موٽائڻ (عقل کان) پري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جڏهن اسان مرنداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ٿينداسين؟) اِهو موٽڻ (عقل کان) پري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، مرِي ٿياسون مَهل جِنهن، خاڪ صفا خيمان، جِيَڻ وَرِي جھان، ڏاڍو آهي ڏُور سو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جڏهن مرنداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون، تڏهن اهووري جيئرو ٿيڻ عقل کان پري!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ٿي وينداسون (ته پوءِ وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون)؟ اهو موٽڻ ته عقل کان ئي ٻاهر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا جڏهن مري مٽي ٿي وينداسين (ته ٻيهر موٽايا وينداسين؟) اهو موٽڻ ته عقل کان پري آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان مري مِٽي ٿي وينداسين (پوءِ اسان کي ٻيھر جيئرو ڪيو ويندو) اها ڳالهه ته (اسان جي) سمجهه کان ٻاهر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد عَلِمنا ما تَنقُصُ الأَرضُ مِنهُم وَعِندَنا كِتٰبٌ حَفيظٌ (آيت : 4) |
انھن مان جيڪي زمين گھٽائيندي آھي سو بيشڪ ڄاتو اٿون، ۽ اسان وٽ ھڪ حفاظت رکندڙ ڪتاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته زمين انهن (مئل ماڻهن) مان ڪيترو گهٽائي ٿي ڇڏي، ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀ ڪجهه محفوظ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان کي معلوم آهي جيڪو ڪجھه انهن مان زمين کُٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ لوحِ محفوظ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن جي جسمن مان زمين جنهن شيءِ کي (کائي کائي) گهٽائي ٿي سو اسين ڄاڻون ٿا ۽ اسان وٽ ته لکيل ياد داشت ڪتاب (لوح) محفوظ (موجود) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ڄاتو اسان اهو جيڪو گهٽائي ٿي زمين انهن مان ۽ اسان وٽ ڪتاب ياد رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي زمين انهن مان گهٽائي ٿي سو اسان کي معلوم آهي. ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب حفاظت ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (حالانڪه) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪو زمين انهن (جي جسمن کي کائِي) گهٽائي ٿي، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سڀ ڪجھه) ياد رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ ڄاتون سون، سَڀَيئـِي جو کاڌو اُنهن مان خاڪ، ۽ آهي اَسان وَٽ پاڪ، قابو رکيو ڪتاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر انهن مان جيڪي زمين گهٽائي ٿي، اسين اهو به ڄاڻون ٿا ۽ اسان وٽ هڪ سنڀاليل ڪتاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (توڻي جو) اسان ڄاڻون ٿا ته زمين سندن جسمن مان ڇا ٿي کائي کٽائي ۽ اسان وٽ هڪڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه سانڍيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته اسان کي اهو معلوم آهي جيڪي کائيندي آهي زمين انهن جي جسم مان، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀڪجهه محفوظ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان کي معلوم آهي جيڪو ڪجهه ( انهن مري ويلن مان) زمين گهٽائي ٿي (يعني جن جي جسمن کي مٽي ڪري ختم ڪري ڇڏي ٿي) اسان وٽ هڪ ڪتاب (يعني دفتر) آهي جنهن ۾ سڀ محفوظ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل كَذَّبوا بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُم فَهُم فى أَمرٍ مَريجٍ (آيت : 5) |
بلڪ سچو دين جڏھن وٽن آيو ته اُن کي ڪوڙ ڄاتائون پوءِ اُھي منجھيل ڪم ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ ڳالهه هيئن آهي ته جڏهن هنن (ڪافرن) وٽ حق اچي چڪو آهي تڏهن حق کي نٿا مڃين تنهن ڪري هو مونجهاري جي حالت ۾ پئجي ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ انهن حق کي ڪوڙو سمجھو جڏهن اهو انهن وٽ آيو، پوءِ اهي بي يقيني جي صورتحال ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جڏهن انهن وٽ سچو (دين) آيو ته انهن ان کي ڪوڙو چيو ۽ اهي ماڻهو ڳالھ ۾ (منجهيل) آهن جنهن جو ڪو ٺڪاڻو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ ڪوڙو چيائون حق کي جڏهن آيو انهن وٽ پوءِ اهي اڻ ثابت امر ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جڏهن سچي ڳالهه انهن وٽ آئي تڏهن ان کي ڪوڙو ڪري ڇڏيائون پوءِ اهي منجهيل ڳالهه ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه انهن سچي ڳالهه (قرآن) کي ڪوڙو چيو جڏهن اُهو انهن وٽ آيو پوءِ اُهي خود مونجهاري واري ڳالهه ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ صفا سچ کي، ڪوٺيؤن ڪُوڙ ڪَچ، جڏهن اُنهن وَٽ آئـِيو، سو صَحِي ثابِت سَچ، پوءِ آهِن اِهي سَچ پَچ، ڳالھ ڍريڙِي، ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ جڏهن سچو دين وٽن آيو، ته ان کي ڪوڙ ڄاتائون، پوءِ اهي منجهيل ڪم ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه انهن ماڻهن ته جيئن ئي وٽن حق آيو ته ان کي ڪوڙو سڏيو، تنهنڪري هاڻي اهي مونجهاري ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن ڪوڙو چيو جڏهن حق آيو انهن وٽ، هاڻي انهيءَ سببان اهي پيل آهن وڏي مونجهاري ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن (به) انهن وٽ حق آيو ته انهن اُن کي ڪوڙو ڪيو. تنھنڪري هو مونجهاري ۾ (پيل) آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلَم يَنظُروا إِلَى السَّماءِ فَوقَهُم كَيفَ بَنَينٰها وَزَيَّنّٰها وَما لَها مِن فُروجٍ (آيت : 6) |
پوءِ آسمان جو سندن مٿان آھي تنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته اُن کي ڪيئن بڻايو اٿون ۽ اُن کي (ڪيئن) سينگاريو اٿون ۽ اُن ۾ ڪا ڦوٽ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هوانهيءَ آسمان ڏي نظر نٿا ڪن جو سندن مٿان آهي؟ اسان ڪيئن نه ان کي بنايو آهي ۽ (تارن وغيره سان) ان کي سينگاريو آهي، ۽ ان ۾ ڪي به ڦوٽون يا خرابيون ڪونه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن پنهنجي مٿان آسمان کي نه ڏٺو جو ڪهڙيءَ طرح اسان اُن کي بنايو ۽ اُن کي سينگاريو ۽ اُن ۾ ڪو سوراخ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ انهن پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪئين اسان ان کي جوڙيو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي جو ڪجھ به ان ۾ چيو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه ڏٺائون آسمان ڏانهن انهن جي مٿان ته ڪيئن ٺاهيو اسان ان کي ۽ سينگاريو اسان ان کي ناهي ان ۾ ڪو سوراخ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪيئن اسان ان کي بنايو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي ۽ ڪجهه به ان ۾ چير نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن آسمان کي پنهنجي مٿان نه ڏٺو آهي؟ ته اسان ان کي ڪيئن بنايو آهي؟ ۽ اسان ان کي سينگاريو آهي، ۽ ان ۾ ڪو سوراخ نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪيؤَن نه نظر نهار؟ اُڀ ڏي، اُڀو پوجو اُنهن مَٿان، بنايوسونسِ ڀِت سوا، ڪِنهن ڀَت بَرقرار، ۽ ڏنو سونسِ ڏِين سان، سَهسِين ڀَتين سِيگار، ۽ ويڇو نه جنهن ۾ وار، ۽ نڪِي سوراخ، سانگڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن مٿان جيڪو آسمان آهي، ان کي نٿا ڏسن، ته اُهو ڪيئن بنايو اٿئون؟ ۽ ان کي سينگاريو اٿئون ۽ ان ۾ ڪا به ڦوٽ ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا انهن مٿي آسمان ڏي نه ڏٺو آهي ڇا؟ ڪيئن نه اسان ان کي ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به ڪو ڏار نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو، پوءِ ڇا نه ڏٺو آهي انهن ان آسمان کي جيڪو سندن مٿان آهي؟ ته ڪهڙيءَ طرح اسان ان کي ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ ڪٿي ڪا ڦوٽ (رخنو) ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا ڀلا انهن ماڻهن پنھنجي مٿان آسمان کي نه ڏٺو آهي ته اسان اُن کي ڪيئن ٺاهيو ۽ سينگاريو آهي ۽ ان ۾ (ڪوبه) ڏار وغيره پيل نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالأَرضَ مَدَدنٰها وَأَلقَينا فيها رَوٰسِىَ وَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ بَهيجٍ (آيت : 7) |
۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل وڌاسون ۽ منجھس سڀڪنھن وڻندڙين جنسن مان سَلّا ڄماياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين کي اسان پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ جبل لڳائي ڇڏيا اَٿئون ۽ ان ۾ هر قسم جا سهڻا اوڀڙ (نباتات) ڄمايا اَٿئون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ زمين کي اسان پکيڙيو ۽ اسان اُن ۾ جبلن کي کوڙيو ۽ اُن ۾ اسان هر قسم جي خوبصورت ساوڪ پيدا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل رکيا آهن ۽ ان ۾ اسان هر طرح جون وڻندڙ شيون پيدا ڪيون!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ زمين پکيڙيو اسان ان کي ۽ وڌا اسان ان ۾ وڏا وڏا جبل ۽ ڄمايو اسان ان ۾ هر قسم جي جنس مان تازا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان سڀ وڻندڙ نمونا ڄمايا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان هر وڻندڙ قسم مان (ٻوٽا) ڄمايا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جانچيائون نه زمين کي، ته پکيڙيو سونسِ ڪِنهن پَر، ۽ جَڙي ڇڏاسون جنهن ۾، اُچا اُچا ڏونگر، ۽ جوڙ اُڀاڙياسون اُن ۾، وڻندڙ وڻ ٽڻ ڦر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زمين کي پکيڙيوسون، منجهس جبل وڌاسون ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن وڻندڙ جنس مان سَلا ڄماياسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين کي اسان وڇايو ۽ ان ۾ جبل کوڙيا ۽ منجهس هر قسم جا مــَـن موهيندڙ سـَـلا ٻوٽا اپايا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ زمين کي وڇايوسين ۽ اسان ان ۾ جبل کوڙيا ۽ ان ۾ هر قسم جي نباتات کي ڄمايوسين جيڪا نهايت وڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ جبل کوڙيا ۽ ان ئي زمين مان هر قسم جا خوبصورت سَلا ڪڍيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَبصِرَةً وَذِكرىٰ لِكُلِّ عَبدٍ مُنيبٍ (آيت : 8) |
سڀڪنھن ورندڙ ٻانھي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو سڀ جو بنايو اٿئون سو) هن لاءِ ته جيڪو به (خدا جو) ٻانهو (خدا ڏي) رجوع ٿيندڙ آهي سو اکيون کولي (حقيقتن کي) ڏسي ۽ (خدا کي) ياد ڪري (۽ نصيحت وٺي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهن ۾) عبرت ۽ نصيحت آهي هر انهي ٻانهي لاءِ جيڪو رجوع ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته سڀ (خدا ڏي) رجوع ڪرڻ وارا (بندا) هدايت ۽ عبرت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سمجهاڻي ۽ نصيحت انهي رجوع ڪندڙ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي جي سمجهائڻ ۽ ياد ڏيارڻ لاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهو سڀ) بصيرت ۽ نصيحت آهي هر ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَگھون سوچڻ واسطي، پڻ ڪرڻ نيڪ نظر، پِرائڻ ڪِنهن پَر، هر ٻانهِي وَرندڙ وات ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀ ڪنهن (الله ڏي) موٽندڙ ٻانهي جي واٽ ڏيکارڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي سڀئي اکيون کولڻ واريون ۽ نصيحت ڏيڻ واريون شيون آهن، هر انهيءَ ٻانهي لاءِ جيڪو (حق ڏانهن) ورڻ وارو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سڀ شيون اکيون پٽڻ ۽ سبق ڏيارڻ واريون آهن هر ان ٻانهي لاءِ جيڪو حق ڏي موٽي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي سڀ (شيون) الله تعالى ڏي موٽ کائيندڙ ٻانهي جون اکيون کولڻ ۽ نصيحت وٺڻ لاءِ ئي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَزَّلنا مِنَ السَّماءِ ماءً مُبٰرَكًا فَأَنبَتنا بِهِ جَنّٰتٍ وَحَبَّ الحَصيدِ (آيت : 9) |
۽ آسمان کان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون پوءِ اُن سان باغ ۽ لڻڻ واري پوک جو اَن ڄمايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان آسمانن مان برڪتن سان ڀريل پاڻي وسايون ٿا ۽ پوءِ ان جي وسيلي باغات ۽ اناج جون کيتيون لاباري لاءِ لڳايون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان آسمان مان برڪت وارو مينهن وسايو، پوءِ اسان اُن مان باغ ۽ لاباري وارا اناج پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي وسايو ۽ اسان ان سان باغ ۾ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اپاريا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لاٿو اسان آسمان مان پاڻي برڪت وارو پوءِ ڄماياسون ان سان باغ ۽ داڻا پوک جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو آهي پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اڀريا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لُــڻَــــڻَ واري پوک جا داڻا ڄمايا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتاريو سون اُڀ ڪنان، اُچو آب اَپار، پوءِ اُڀاڙياسون اُن سان، غُنچا، گُل گُلزار، ۽ داڻا تِنهن کان ڌار، ڳاهِيَل ڳوٺان ڳوٺ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿوسون، پوءِ انهيءَ سان باغ ۽ لُڻڻ واري پوک جو اَن ڪڍيوسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمان مان اسان برڪت ڀريو پاڻي نازل ڪيو، پوءِ ان وسيلي باغ ۽ پوک جا داڻا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لاٿوسين آسمان مان پاڻي برڪت وارو، پوءِ اپاياسين ان مان باغ ۽ ڪَٽڻ (لڻڻ) واري پوک(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان آسمان مان برڪت ڀريو پاڻي نازل ڪيو. پوءِ ان جي ذريعي باغ ۽ اناج وارا فصل پيدا ڪيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالنَّخلَ باسِقٰتٍ لَها طَلعٌ نَضيدٌ (آيت : 10) |
۽ ڊگھيون کجيون (به) جن جا گوشا تہ ٿيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ ڊگها شاندار کجين جا وڻ ڄمايون ٿا جن جي کارڪن جا خوشا هڪٻئي مٿان تهه ڪري بيهندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڊگھين کجين کي پيدا ڪيو جن جا ڇُڳا ترتيب سان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تھ ٿيل آهن. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کجيون ڊگهي قد واريون جو انهن جا ڦر ڳتيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تهه ٿيل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ کجور جا ڊگها وڻ جن جا ڇُڳا تهه در تهه ٿيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کجيون ڊگھرون کاڄرو، جن ۾ تازا تہ تَمر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڊگهيون کجيون؛ جن جا گوشا تهه بتهه ٿيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڊگها ڊگها کجيءَ جا وڻ پيدا ڪيا، جن ۾ ڦـر سان سٿيل ڇڳن جا ڇڳا پاڻ ۾ ڳتيا پيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڄماياسين اوچا کجين جا وڻ، جن تي ميون سان سٿيل گوشا تهن مٿان تهه هوندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڊگها کجيءَ جا وڻ (به پيدا ڪيا) جن جا ڇُڳا هڪ ٻئي جي مٿان چڙهيل هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رِزقًا لِلعِبادِ وَأَحيَينا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ الخُروجُ (آيت : 11) |
ٻانھن جي روزي (ڏيڻ) لاءِ ۽ اُن سان ويران شھر کي آباد ڪيوسون، ۽ اھڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي کارڪون الله تعاليٰ جي) ٻانهن لاءِ رزق آهن. ۽ اسان ان (مينهن) جي وسيلي مئل زمين کي زنده ڪري ٿا ڇڏيون. (قيامت جي ڏينهن) مئل ماڻهن جو اٿڻ به اهڙيءَ طرح ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ٻانهن لاءِ رزق آهي. ۽ اسان مينهن سان غيرآباد شهر کي آباد ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح (توهان کي قبرن مان) ڪڍيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي سڀئي) ٻانهن کي روزي ڏيڻ لاءِ (پيدا ڪيا) پاڻيءَ سان ئي اسان ويران شهر کي آباد ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح (قيامت ۾ مردن جو) ڪڍڻ ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رزق ٻانهن جي لاءِ ۽ آباد ڪيوسون ان سان شهر برباد ٿيل اهڙي طرح نڪرڻ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻانهن کي روزيءَ ڏيڻ لاءِ ۽ ان سان اسان ويران ملڪ کي آباد ڪيو آهي. اهڙي طرح ئي (قبرن مان) نڪرڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻانهن جي روزي لاءِ ۽ اسان ان (پاڻي) سان مرده (اُجڙيل) شهر کي زنده (آباد) ڪيو اهڙي طرح (قبرن مان) نڪرڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِيڌي ڪاڻ ثَمر، ڪُل گولن جي گذران لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻانهن جي رزق لاءِ. ۽ ان (برسات) سان برباد ٿيل ڳوٺ کي آباد ڪيوسون- اهڙيءَ طرح (قبرن مان) نڪرڻ به آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ٻانهن جي رزق خاطر آهن ۽ انهيءَ پاڻيءَ سان اسان مئل زمين کي جيئرو ٿا ڪري ڇڏيون (مئل انسانن جو زمين مان) نڪرڻ به ائين ئي ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو رزق آهي ٻانهن جي لاءِ، ۽ زنده ڪندا آهيون پاڻيءَ سان مرده زمين کي، (مئل انسانن جو زمين مان نڪرڻ) ساڳيءَ طرح هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اِهي سڀ شيون) ٻانهن جي لاءِ رزق طور آهن ۽ اسان اُن پاڻي جي ذريعي غيرآباد علائقي کي به آباد ڪيو . تنهنڪري قبرن مان (مري ويلن جو به) اهڙي طرح نڪرڻ ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَأَصحٰبُ الرَّسِّ وَثَمودُ (آيت : 12) |
کائن اڳ نوح جي قوم ۽ رس (جي شھر) وارن ۽ ثمود (قوم) ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪڏهن قرآن کي نٿا مڃين ۽ فطرت مان به حقيقتون نٿا سکن ته قومن جي تاريخ مان عبرت وٺي ڏسو) هنن (ڪافرن) کان اڳي حضرت نوح جي قوم جي ماڻهن، رس وارن ۽ ثمود جي قوم جي ماڻهن (حق کي) نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ رَسُ وارا ۽ ثَمُود(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ خندق وارن ۽ ثمود جي قوم ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ رس وارن ۽ ثمود .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان اڳي نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن (مَڪي جي ڪافرن) کان اڳ نوح جي قوم ۽ کوهه وارن ۽ ثمود (حق کي) ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن ڪنان اَڳڀرو، هُئا ڪندا ڪُوڙ ڪُفار، قوم نُوح نَبِئَ جِي، پڻ کُوهاڻا خوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ رس (شهر) وارن ۽ ثمود (جي قوم) ڪوڙ ڀانيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن کان اڳ نوح جي قوم ۽ "الرس" جي رهڻ وارن ۽ ثمود (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڄاتو هو ان کان اڳي قوم نوح وارن ۽ رس وارن (پراڻي کوهه وارن) ۽ ثمود (وارن)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان اڳ نوح ($) جي قوم، کوهه وارن ۽ ثمود قوم به ڪوڙو ڪيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعادٌ وَفِرعَونُ وَإِخوٰنُ لوطٍ (آيت : 13) |
۽ عاد ۽ فرعون ۽ لُوط جي ڀائرن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ عاد قوم جي ماڻهن، فرعون ۽ حضرت لوط جي برادري وارن به نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پراڻي کوهه وارن ۽ ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي قوم وارن به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ثُمود، عاد فِرعون پڻ، لُوط ڀَلي جا ڀار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ عاد، فرعون، لوط جي ڀائرن، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي برادريءَ وارن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عاد (وارن) ۽ فرعون (وارن) ۽ لوط جي ڀائرن (به)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ عاد قوم، فرعون ۽ لوط ($) جي برادري (به ڪوڙو ڪيو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَصحٰبُ الأَيكَةِ وَقَومُ تُبَّعٍ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ وَعيدِ (آيت : 14) |
۽ ايڪه وارن ۽ تُبّع جي قوم، ھر ھڪ پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو پوءِ (مٿن) منھنجي عذاب جو انجام لازم ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گهاٽي ٻيلي جي ماڻهن ۽ تبع جي ماڻهن به نه مڃيو. انهن سڀني ماڻهن رسولن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. سو (انهن جي باري ۾) منهنجو ڏنل دڙڪو حق ثابت ٿيو (۽ هو سڀ منهنجي ڏنل قول موجب تباهه ٿيا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ايڪهه وارا ۽ قوم تُبَع جي انهن سڀني رسولن جي تڪذيب ڪئي پوءِ منهنجي عذاب جو وعدو سچو ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻيلي وارن ۽ تبع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) نبين کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جي (طرفان عذاب جو) انجام به پورو ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ايڪہ وارن ۽ تبع جي قوم سڀني ڪوڙو چيو رسولن کي پوءِ ثابت ٿيو منهنجي عذاب وارو وعدو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻيلي وارن ۽ تُبّع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي ڌمڪي (مٿن) پئجي وئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻيلي وارن ۽ تُبع جي قوم وارن (انهن) سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو پوءِ منهنجي عذاب جو وعدو (انهن تي) ثابت ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَهل اَيڪت شهر جا، پڻ ساٿ تُبع جا سار، مِڙن مُرسلن کي، ڪوٺيؤَن ڪُوڙ نبار، پوءِ مُنهنجا قول ڪرار، صَحِي ثابِت سَڀ ٿيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اَيڪه وارن ۽ ”تبَع“ جي قوم. انهن سڀني رسولن کي ڪوڙ ڄاتو، انهن ڪري مٿن منهنجو عذاب لازم ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻيلي جي رهاڪن (اصحاب الايڪة) ۽ تـــُـبع جي قوم وارن به ڪوڙو سڏيو هو، هر هڪ رسولن کي ڪوڙو سڏيو، پوءِ منهنجي وعيد (دڙڪو) مٿن لاڳو ٿي وئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ايڪه (ٻيلي وارن)، به ۽ قوم تبع (وارن) به، سڀني ڪوڙو ڪيو (پنهنجي) رسولن کي، آخرڪار انهن تي عذاب لازم ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهڙي طرح) ايڪه وارن ۽ تبع قوم، انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ انهن جي مٿان عذاب نازل ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَعَيينا بِالخَلقِ الأَوَّلِ بَل هُم فى لَبسٍ مِن خَلقٍ جَديدٍ (آيت : 15) |
پھرين ڀيري (جي) خلقڻ ۾ (ڪو) ٿڪا آھيو ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو ڇا اسان پهرين خلق جي خلقڻ ۾ ٿڪجي پيا آهيون ڇا؟ (جو وري ماڻهن کي جيئرو ڪري نه سگهنداسين) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته هي (ڪافر) نئين خلقت جي باري ۾ شڪن ۾ گرفتار آهن ۽ منجهيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اسين پهرين مخلوق بنائي ٿڪجي پياسين، بلڪ اهي نئين سِر مخلوق جي پيدا ڪرڻ ۾ مشڪوڪ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اسان پهريون ڀيرو پيدا ڪري ٿڪجي پياسون (هرگز نه) پر اهي ماڻهو نئين سر (ٻيو ڀيرو) پيدا ڪرڻ بابت شڪ ۾ (پيل) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اسين ٿڪجي پياسون پهرئين پيدا ڪرڻ سان بلڪ اهي شبهي ۾ آهن نئين پيدا ڪرڻ جي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اسين پهرئين پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿي ويا آهيون؟ پر اهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اسان پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ کان ٿڪجي پيا آهيون (ائين ناهي). بلڪه اُهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇا، هِيڻايوسون هَڏهِين، مَنجھ پهرينءَ جوڙجڪ! نئـِين جوڙن کان مَنجھ شڪ، اُٽلندو آهِينِ سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا؛ اسين پهرئين ڀيري پيدا ڪرڻ ۾ ٿڪا هئاسون؟ پر اهي نئين پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان پهرئين ڀيري خلقي پوءِ ٿڪجي پيا هئاسون؟ بلڪه اصل ۾ اهي هڪڙي نئين سر خلقڻ جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان عاجز هئاسين خلقڻ کان پهريون ڀيرو؟ پر اهي ماڻهو شڪ ۾ پيل آهن نئين سر خلقڻ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان پھريون ڀيرو پيدا ڪرڻ کان بي وس هئاسين؟ (اصل ۾) هي ماڻهو نئين سر پيدا ڪرڻ جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد خَلَقنَا الإِنسٰنَ وَنَعلَمُ ما تُوَسوِسُ بِهِ نَفسُهُ وَنَحنُ أَقرَبُ إِلَيهِ مِن حَبلِ الوَريدِ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي پيدا ڪيوسون ۽ سندس نفس کيس جيڪو وسوسو وجھندو آھي سو ڄاڻندا آھيون، ۽ اسين ڏانھس (سندس) ساہ جي رڳ کان وڌيڪ ويجھا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ئي انسان کي خلقيو آهي ۽ اسان ئي ڄاڻون ٿا ته سندس نفس ڪهڙا ڪهڙا وسوسا منجهس وجهي ٿو. ۽ اسان کيس سندس شهه رڳ کان به ويجها آهيون. (جا ڳچيءَ جي ٻنهي پاسن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان انسان کي تخليق ڪيو ۽ اسين ڄاڻون ٿا جيڪو وِسوِسو ان کي سندس نفس وجھي ٿو، اسين اُن کي سندس روح کان زياده قريب آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساھ جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پيدا ڪيو اسان انسان کي ۽ ڄاڻون ٿا اهو جو وسوسو وجهي ٿو ان سان ان جو نفس ۽ اسين ويجها آهيون ان ڏانهن (ان جي) ساهه واري رڳ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساهه جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان ان وسوسن کي ڄاڻون ٿا جيڪي ان جو نفس وجهي ٿو ۽ اسان ان کي ساهه جي رڳ کان به گهڻو ويجها آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُپاسون اِنسان کي، بلڪل بي گمان، ۽ ڄاڻون جيڪي وَهم وِجھي، نفس سَندنِ نادان، ۽ ڪَنان رَڳُن جان، اَسِين اوڏا اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان انسان کي پيدا ڪيو ۽ سندس نفس جيڪو وسوسو وڌو، سو ڄاڻون ٿا- ۽ اسين ان ڏانهن سندس ساهه جي رڳ کان به ويجها آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسان سندس دل ۾ اڀرندڙ وسوسن کي به ڄاڻون ٿا، اسان ته کيس سندس ساهه واريءَ رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان پيدا ڪيو آهي انسان کي ۽ ڄاڻون ٿا انهن وسوسن کي جيڪي اُٿن ٿا ان جي دل ۾، ۽ اسان بلڪل ويجها آهيون ان کي ان جي ساهه جي رڳ کان به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي انسان کي پيدا ڪيو آهي (سو) سندس دل ۾ پيدا ٿيندڙ وسوسن کان اسان ئي واقف آهيون ۽ اسان ته ان جي ساهه واري رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ يَتَلَقَّى المُتَلَقِّيانِ عَنِ اليَمينِ وَعَنِ الشِّمالِ قَعيدٌ (آيت : 17) |
جڏھن جو ٻه لکندڙ (ھڪ) سڄي پاسي کان ۽ (ٻيو) کٻي پاسي کان وھندڙ لکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته ٻه (فرشتا) انسان جي عملن کي جانچڻ ۽ لکي ڇڏڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن، جن مان هڪڙو سندس ساڄي پاسي ويٺل آهي ۽ ٻيو کاٻي پاسي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن ٻه ڪراماً ڪاتبين لکت ڪن ٿا، جيڪي انسان جي سڄي ۽ کٻي پاسي ويٺل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن (اهو ڪو ڪم ڪري ٿو) ته ٻه لکڻ وارا (ڪراما ڪاتبين) لکي ڇڏين ٿا، جي سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن وٺن ٿا ٻه وٺندڙ سڄي ۽ کٻي کان وهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت ٻئي جهٽڻ وارا جهٽين ٿا سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن (ان جي هر قول ۽ فعل کي) ٻه فرشتا حاصل ڪري وٺن ٿا جيڪي ان جي ساڄي پاسي کان ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻه مِلڻا جِنهن مَهل ۾ ، هر روز مِلن هِڪ ٻئي، ويٺل سٺي کٻي، ڪاتِب ٻِنهِين ڪُلهن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن ته ٻه لکندڙ ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل لکندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (تنهن هوندي به) ٻه ڪاتب سندس ساڄي ۽ کاٻي ويٺا هر شيءِ لکندا پيا وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اسان جي سڌي سنئين علم کان سواءِ به) ٻه لکندڙ موجود آهن ان جي ساڄي ۽ ان جي کاٻي پاسي، هر شيءِ لکن پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن ته ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان ويٺل ٻه فرشتا (به) ان جي هر عمل کي لکي رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يَلفِظُ مِن قَولٍ إِلّا لَدَيهِ رَقيبٌ عَتيدٌ (آيت : 18) |
ڪا ڳالھ نه ڳالھائيندو آھي جنھن جي لاءِ وٽس ھڪ نگھبان موجود نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو انسان ڪو لفظ وات مان مس ڪڍي ٿو ته هڪدم هڪ محافظ فرشتو جو سندس ڀرسان ويٺل آهي ان کي لکي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿو اُچاري اهو ڪا ڳالهه مگر وٽس نگران فرشتو موجود آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪا ڳالھ نه ٿو ڪڍي جو وٽس هڪ نگهبان تيار نه هجي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو ڪڍي (زبان مان) ڪا ڳالهه مگر ان وٽ نگهبان تيار هوندو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪا ڳالهه نه ٿو ڪڍي جو وٽس نگهبان تيار نه هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (انسان) وات مان ڪو لفظ نه ٿو ڪڍي مگر ان وٽ هڪ نگهبان (لکڻ لاءِ) تيار رهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُڇي ڪونه زبان مان، اَ کر ڪو اِنسان، مگر اُنهِئَ وَٽ، آھِ ڪو، ناظِر نِگھبان، حاضِر هر زمان، ڪاغذ، مس قلم سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪا ڳالهه به (انسان) ڪري ٿو ان لاءِ وٽس هڪ نگهبان موجود آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس زبان مان ڪو لفظ نڪتو مس آهي ته هوڏانهن ان کي سانڍڻ وارو تيار لڳو پيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪابه ڳالهه سندس زبان مان مس ٿي نڪري، ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ کڙو تڙو نگهبان موجود آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وات مان لفظ ڪڍڻ کان اڳ ئي محفوظ ڪرڻ وارو (هڪ فرشتو) موجود هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَت سَكرَةُ المَوتِ بِالحَقِّ ذٰلِكَ ما كُنتَ مِنهُ تَحيدُ (آيت : 19) |
۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي، (چئبو ته) اِھا اُھا شيءِ آھي جنھن کان پاسو ڪندو ھُئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (آخر) موت واري سڪرات في الحقيقت اچي وڃي ٿي (ان وقت انسان جون اکيون کلن ٿيون ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته) هيءَ اٿئي اها ڳالهه جنهن کان تون ڀڄندو هئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ موت جي سڪرات حق سان ايندي، اِها اُها آهي جنهن کان تون (اي ٻڌندڙ) ڀڄندڙ هئين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يقينا موت جي بيهوشيءَ اچي ويندي (کيس چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ايندي موت جي سڪرات حق سان اها آهي جو ان کان ڀڄندو هئين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سچ پچ موت جي سختي اچي ويندي (کين چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون پاسو ڪندو هئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موت جي بي هوشي سچ پچ اچي پهتي. اها آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئي ثابت اوچتِي، موت سَندِي سَڪرات، اُها سافِڪرات، جِنهن کان ڀَڄندو ٿٖي ڀُڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موت جي سختي سچ پچ ايندي. (اي انسان) اها اُها آهي، جنهن کان پاسو ڪندو هئين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ڏسو، هو سچ پچ موت جي سڪرات اچي پهتي. اهائي اٿيئي اُها شيءِ جنهن کان تون ڀڄندو هئين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسو ته اها سختي موت جي حق کڻي پهتي، هي اها ئي شيءِ آهي جنهن کان تون ڀڄندو هئين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن مٿس موت جي بيهوشي ايندي آهي (ته اسان کيس چوندا آهيون ته) اِها اٿئي اُها شيءِ جنھن کان تون ٽهندو هئين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ ذٰلِكَ يَومُ الوَعيدِ (آيت : 20) |
۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي. اهو آهي اهو ڏينهن جنهن بابت (دنيا ۾ رسولن جي معرفت) خبر ڏني ويئي هئي ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ صُور ڦوڪي ويندي، اهو آهي عذاب جو ڏينهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ صور ڦوڪيو ويندو. اهو ئي (عذاب جي) وعدي جو ڏينهن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ اهو عذاب جي وعدي جو ڏينهن آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو. اهو ڏينهن ڌمڪيءَ جو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي. اهو عذاب جي ڌمڪي جو ڏينهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ کي، اُهو ڏِينهن اَنجام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڏنڊ (صور) ڦوڪيو ويندو، اهو عذاب جي انجام جو ڏينهن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ صور ۾ ڦوڪيو ويندو، اهو اٿيئي اهو ڏينهن جنهن جو توکي ڊپ ڏياريو ويندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڦوڪي وئي صور، هي اهو ئي ڏينهن آهي جنهن کان توکي ڊپ ڏياريو ويندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ (کيس چيو ويندو ته) اهوئي انجام جو ڏينھن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَت كُلُّ نَفسٍ مَعَها سائِقٌ وَشَهيدٌ (آيت : 21) |
۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (توتاري وڄڻ بعد هڪدم) هرهڪ شخص هليو ايندو. ساڻس هڪڙو کيس هڪلڻ وارو ۽ هڪڙو شاهد هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر جان ايندي اُن سان گڏ هڪ هڪليندڙ ۽ گواه هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هر شخص اسان جي اڳيان حاضر ٿيندو جو ان سان هڪ (فرشتو) هڪليندڙ هوندو ۽ هڪ (سندس ڪرتوتن جو) شاهد.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ايندو هر نفس ان سان گڏ هڪليندڙ ۽ شاهد آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪو جيءُ ايندو ان سان هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ سندس حالت ٻڌائيندڙ هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر شخص ان طرح ايندو جو ان سان گڏ هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ شاهد ساڻ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هر ڪو حاضِر ٿيو اَچي، قابُو منجھ قِيام، هِڪ ڪاهِيندڙسِين ڪام، ٻِئو شاهِد شامل اُن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سڀڪو شخص ايندو، جو ان سان هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ شاهد هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر شخص انهيءَ حالت ۾ آيو جو هڪڙو هڪليندڙ ۽ هڪڙو شاهد ساڻ اٿس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اچي ويو آهي هر شخص ان حال ۾ جو ان سان گڏ هڪ هڪليندڙ آهي ۽ هڪ شاهدي ڏيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن (اسان وٽ) حاضر ٿيندڙ هر هڪ ماڻهوءَ سان هڪ هڪليندڙ ۽ هڪ گواهه به گڏ هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد كُنتَ فى غَفلَةٍ مِن هٰذا فَكَشَفنا عَنكَ غِطاءَكَ فَبَصَرُكَ اليَومَ حَديدٌ (آيت : 22) |
(چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کيس چيو ويندو ته) تون في الحقيقت هن (ڏينهن) بابت غافل هئين. هاڻي اسان توتان پردو لاهي ڇڏيو آهي. سو اڄ تنهنجي نظر تمام تيز آهي (۽ تون هاڻي سڀ ڪجهه ڏسي ۽ سمجهي سگهين ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تون ان کان غفلت ۾ هُئين پوءِ اسان تو تان تنهنجو پردو کوليو پوءِ اَڄُ تنهنجي نظر تيز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (کيس چئبو) ته تون هن (ڏينهن) کان غافل هئين ته هاڻي اسان تنهنجي اڳيان پردي کي هٽايو ته اڄ تنهنجي نگاھ تکي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق هئين تو غفلت ۾ هن کان پوءِ کوليو اسان تو تان تنهنجو پردو پوءِ اک تنهنجي اڄ تيز آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ چيو ويندس ته) بيشڪ تون هن (حقيقت) کان بي خبريءَ ۾ هئين هاڻي توکان تنهنجو پردو اسان کوليو آهي، پوءِ اڄ تنهنجي نگاهه تکي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تون هن (ڏينهن) کان بي خبري ۾ هئين پوءِ اسان هاڻي تو کان تنهنجو پردو کوليو آهي، سو اڄ تنهنجي نگاهه تکي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُئـِين هِن هائـِئَ ڪنان، تون غفلت مَنجھ گھڻِي، پوءِ تُنهجو ڪوپو، تو مَٿان کوليوسون کڻِي، پوءِ ڇايا ويئـِي ڇَڻِي، اَڄ تُنهنجِي اک تِکِي گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تون هن کان بي خبريءَ ۾ هئين، هاڻي توکان پردو ڪيوسون، تنهن ڪري اڄ تنهنجي نگاهه تکي آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڳالهه کان تون غفلت ۾ پيل هئين، پوءِ اسان تنهنجي آڏو پيل پردو هٽايو ته اڄ تنهنجي نظر ڏاڍي تيز آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون ته ان ڳالهه کان غفلت ۾ هئين جو اهو پردو ئي اسان هٽائي ڇڏيو جيڪو تنهنجي اڳيان پيل هو، تنهنجي نظر اڄ بلڪل تيز آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تون (دنيا ۾) هن شيءِ کان غفلت ۾ پيل هئين. پوءِ جيئن ئي تنھنجي مٿان غفلت جو پردو هٽايو ويو ته تنھنجي نظر ڏاڍي تيز ٿي وئي. (هاڻي توکي هر شيءِ اصل حالت ۾ نظر اچڻ لڳي آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ قَرينُهُ هٰذا ما لَدَىَّ عَتيدٌ (آيت : 23) |
۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته جيڪي مون وٽ (لکيل) موجود ھو سو ھي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس ساٿي چوندو ته هي آهي (هن ماڻهوءَ جو اعمال نامو) جو مون وٽ تيار ٿيو رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان سان گڏ رهندڙ ملائڪ چوندو هيءُ مون وٽ موجود آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس ساٿي (فرشتو) چوندو: هي (سندس عمل) جو مون وٽ حاضر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ساٿيءَ ان جي هي اهو آهي جيڪو مون وٽ حاضر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس سنگتي (ملائڪ) چوندو ته هي (اعمالنامون) اهو آهي جو مون وٽ تيار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان سان گڏ رهڻ وارو (ملائڪ) چوندو: ”هي (اعمال نامو) آهي جيڪو مون وٽ تيار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سامهون سنگــتِئَ اُن جي، ڪاجاڳالھ ڪَهِي، ته ليکو صاف صَحِي، مون وٽ حاضِر آھِ هِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس سنگتي چوندو ته ”جيڪي مون وٽ (لکيل)موجود هو، سو هي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس ساٿيءَ عرض ڪيو، "هيءُ جيڪو منهنجي حوالي ڪيل هو سو اجهو حاضر اٿوَ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو تنهنجي ساٿي، حاضر آهي هي جيڪو منهنجي حوالي ڪيو ويو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (هڪليندڙ) ساٿي چوندو ته هي آهي (روزنامچو) جيڪو منهنجي حوالي هو، سو حاضر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلقِيا فى جَهَنَّمَ كُلَّ كَفّارٍ عَنيدٍ (آيت : 24) |
(چئبو ته) اي ٻئي (ملائڪؤ) سڀڪنھن ناشڪر ھٺيلي کي دوزخ ۾ اُڇليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان وقت پڪاريو ويندو ته) هرهڪ سرڪش ۽ نافرمان ڪافر کي جهنم ۾ اڇلائي وجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمائيندو توهان ٻئي جهنم ۾ وجھو هر انڪاري کي جيڪو سرڪش هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن حڪم ٿيندو ته) اوهين ٻئي سڀ ڪنهن هٺيلي ناشڪري کي دوزخ ۾ وجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڇلايو جهنم ۾ هر ڪافر سر ڪش کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ چيو ويندو ته) اوهين ٻئي (ملائڪ) سڀ ڪنهن انڪار ڪرڻ واري هٺيلي کي جهنم ۾ وجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (حڪم ٿيندو) اوهان ٻئي (فرشتا) هر انڪار ڪرڻ واري هٺيلي کي جهنم ۾ وجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَٽ سَٽ سَڙندڙ باھ ۾، هر مَٿي ڦِريل مُنڪر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (حڪم ٿيندو) ”اي ملائڪو! سڀ ڪنهن بي شڪر هٺيلي کي دوزخ ۾ وجهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حڪم ڏنو ويو ته اڇلايو جهنم ۾ هر ڪــَـٽي ڪافر کي، جنهن کي حق سان وير هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حڪم ڏنو ويو، اڇليو وڃي دوزخ ۾ هر ان ڪٽي ڪافر کي جيڪو حق سان بغض رکندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (فيصلي ٿيڻ کان پوءِ ٻن ٻين فرشتن کي حڪم ٿيندو ته) هر ان ڪَٽي ڪافر کي جھنم ۾ اڇليو جيڪو وڏو سرڪش هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَنّاعٍ لِلخَيرِ مُعتَدٍ مُريبٍ (آيت : 25) |
(جو) خير کان جھليندڙ حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو چڱائيءَ کان منع ڪندو هو (گناهن ڪرڻ ۾) ليڪو لنگهي بيهندو هو، (۽ هرهڪ حق جي ڳالهه بابت) شڪ ۽ گمان آڻيندو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو خير کان روڪيندڙ حد کان وڌندڙ، شڪ ڪندڙ هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو (واجب حقن کان) مال ۾ بخل ڪرڻ وارو حد کان وڌڻ وارو (دين ۾) شڪ ڪرڻ وارو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) روڪيندوڙ چڱائيءَ کان حد کان لنگهندڙ شڪ ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو خير ڪرڻ ۾ ڪنجوس حد کان لنگهڻ وارو (۽) ٻئي کي شڪ ۾ وجهڻ وارو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو نيڪي کان روڪڻ وارو هيو حد کان وڌڻ وارو ٻئي کي شڪ ۾ وجهڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کارِيندڙ خير ڪَنان، حُڪم ڪنان ٻاهر، رکندڙ شڪ ربَّ ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو خير کان روڪيندڙ ۽ حد کان لنگهندڙ ۽ شڪي هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلائيءَ کان روڪيندڙ ۽ حدون لنگهڻ وارو هو، صفا شڪ ۾ پيل هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو روڪيندو هو خير کي حد کان وڌندڙ شڪ ۾ پيل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سٺن ڪمن کي روڪڻ وارو، حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪندڙ هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى جَعَلَ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَأَلقِياهُ فِى العَذابِ الشَّديدِ (آيت : 26) |
جنھن الله سان ٻيو معبود ٺھرايو اھڙي (ھر ھڪ) کي سخت عذاب ۾ اُڇليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو الله سان گڏ ٻين کي به معبود ٺهرائيندو هو (يعني الله جي حڪمن کي ڇڏي ٻين ابتڙ حڪن تي عمل ڪندو هو) سو کيس سخت عذاب ۾ اڇلائي وجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن الله تعالى سان گڏ ٻيا معبود بنايا پوءِ توهان ٻَئي اُن کي سخت عذاب ۾ وجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن خدا سان ٻيا شريڪ بنايا هئا ته هاڻي اوهان ٻئي هن کي سخت عذاب ۾ وجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو جنهن بنايو الله سان گڏ معبود ٻيو پوءِ اڇلايو ان کي عذاب سخت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن الله سان گڏ ٻئي کي پوڄا جو حقدار ٺهرايو هو سو ان کي سخت عذاب ۾ وجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن الله سان گڏ ٻئي کي معبود بنايو هيو پوءِ ان کي سخت عذاب ۾ اڇلايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دانهي ڌارِيَن دَر، جِنهن ڪيا رَبَّ ڪَرِيم سان، ٻِئا مَددُو مُقرر، پوءِ هِڪدم دير نه ڪر، سَٽِينسِ سَخت عذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن الله سان ٻيو سائين ٺهرايو، اهڙي کي سخت عذاب ۾ وجهو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله سان گڏ ڪنهن ٻئي کي معبود بڻائي ڇڏيو هئائين، وجهوس سخت عذاب ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بڻايو هو ان ڪنهن ٻئي کي الله کان سواءِ خدا، اڇليوس ان کي ان عذاب ۾ جيڪو تمام سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنهن، الله تعالى کان سواءِ ٻيا معبود ٺاهيا هئا. هن کي سخت عذاب ۾ اڇليوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ قَرينُهُ رَبَّنا ما أَطغَيتُهُ وَلٰكِن كانَ فى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 27) |
سندس سنگتي (شيطان) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون اُن کي گمراھ نه ڪيو ھو پر اُھو (پاڻ) وڏي گمراھيءَ ۾ (پيل) ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سندس ساٿي چوندو ته اي اسان جا پروردگار مون هن کي نافرمان باغي ڪونه ڪيو هو، پر هو پاڻ وڏي گمراهيءَ ۾ پئجي ويو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُن جو سنگتي (شيطان) چوندو اي اسان جا رب اسان هن کي گمراه نه ڪيو پر اهو پاڻ پري واري گمراهي ۾ هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن وقت سندس ساٿي (شيطان) چوندو ته يا رب! اسان کيس گمراھ ڪين ڪيو هو پر اهو پاڻ سخت گمراهيءَ ۾ مبتلا هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو ساٿي ان جي اي اسان جا رب! نه سرڪش بنايو مون ان کي ۽ پر هو گمراهيءَ پرانهينءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندس سنگتي چوندو ته اي اسان جا پاليندڙ! مون ان کي لچائي ۾ نه وڌو هو پراهو (پاڻ) رستي کان گهڻو پري پيل هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سندس سنگتي (شيطان) چوندو: ”اي اسان جا پالڻهار! مون ان کي گمراهه نه ڪيو هيو پر اُهو خود پَـرَاهين گمراهي ۾ پيل هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻيلِئَ اُن جي ٻوليو، ته سانـيَمِ رَبَّ سَتّار!، مُون نه مُنجھايو اُن کي، پر پاڻا خام خُوار، هُئو سو گِرفتار، گُمراهِي گُھونا گُھون ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندس سنگتي چوندو ”اي منهنجا ڌڻي! مون ان کي گمراهه نه ڪيو هو، پر هو خود وڏي گمراهي ۾ پيل هو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس ساٿيءَ چيو ته "اي اسان جا مالڪ! مان هن کي سرڪش نه بڻايو هو پر اهو پاڻ ئي گمراهيءَ ۾ پئجي تمام پري وڃي نڪتو هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو ان جي ساٿي، اي منهنجا رب! مون ان کي گمراهه نه ڪيو هو، پر اهو پاڻ ئي وڏي گمراهي ۾ پيل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندس (دنيا جو شيطان صفت) ساٿي چوندو ته اي اسان جا پالڻھار! مون هن کي باغي نه بنايو هو. بلڪه هي ته خود ئي وڏي گمراهيءَ ۾ پيل هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لا تَختَصِموا لَدَىَّ وَقَد قَدَّمتُ إِلَيكُم بِالوَعيدِ (آيت : 28) |
(الله) چوندو ته مون وٽ جھڳڙو نه ڪريو ھن ھوندي جو بيشڪ اوھان ڏانھن عذاب جو انجام (ھن کان) اڳي موڪليو ھوم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمائيندو ته (خاموش!) منهنجي اڳيان جهڳڙو نه ڪيو. مون ته توهان کي اڳ ئي (پنهنجي رسولن جي معرفت خبردار ڪيو هو (تنهن هوندي به توهان غافل رهيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمائيندو توهان جھڳڙو مون وٽ نه ڪريو ۽ بيشڪ مون پهريائين توهان کي ڊيڄاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن تي) خدا فرمائيندو اسان جي سامهون جهڳڙو نه ڪريو آءُ اوهان کي اڳي ئي (عذاب کان) ڊيڄاري چڪو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته نه جهيڙو ڪيو مون وٽ ۽ تحقيق اڳي موڪليو مون اوهان ڏانهن وعدو عذاب وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (الله) فرمائيندو ته مون وٽ جهڳڙو نه ڪريو ۽ بيشڪ آءٌ اوهان ڏي ڌمڪي موڪلي چڪو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمائيندو: ”مون وٽ جهڳڙو نه ڪيو ۽ آءٌ اوهان ڏانهن اڳ ئي عذاب جي ڌمڪي موڪلي چڪو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَيو پَرور پاڻ، ته مون وَٽ وِڙهو نه پاڻ ۾، ۽ مون اوهان کي، ڄاڻ، اڳــئـِي ڪيو عَذاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (الله) چوندو ”مون وٽ جهيڙو نه ڪريو، هن هوندي، جو بيشڪ اوهان ڏي عذاب جو وعدو اڳي موڪليو هوم- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جواب ۾ فرمايائين: "منهنجي آڏو جهيڙو نه ڪريو، مان توهان کي اڳيئي بڇڙي نتيجي کان خبردار ڪري چڪو هوس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جواب ۾) ارشاد ٿيو، منهنجي حضور ۾ جهيڙو نه ڪريو ۽ مون ته توهان کي بري پڄاڻي کان خبردار ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى) فرمائيندو ته منھنجي اڳيان جهيڙو نه ڪريو مان توهان کي اڳ ۾ ئي بري انجام کان خبردار ڪري چڪو هوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يُبَدَّلُ القَولُ لَدَىَّ وَما أَنا۠ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 29) |
نڪي مون وٽ انجام ڦيرائبو آھي ۽ نڪي آءٌ ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مون وٽ (منهنجو) قول (يا حڪم) ڪڏهن به نٿو ڦري (هر ڪنهن کي انصاف سان جزا ۽ سزا ضرور ملڻي آهي) ۽ مان پنهنجي ٻانهن سان ذرو به بي انصافي ڪرڻ وارو نه آهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هِتي مون وٽ ڪا ڳالهه تبديل نه ٿيندي آهي ۽ نه آئون ٻانهن تي ظلم ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون وٽ ڳالھ بدلائي نه ٿي وڃي ۽ نه آءُ ٻانهن تي (ذري جيترو به) ظلم ڪرڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو مٽايو وڃي قول مون وٽ ۽ ناهيان مان ظلم ڪندڙ ٻانهن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون وٽ ڳالهه بدلي نه ويندي ۽ نه آءُ ٻانهن سان ظلم ڪرڻ وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) منهنجي بارگاهه ۾ فرمان نه بدلبو آهي ۽ نه ئي آءٌ ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون وَٽ ڦِري نه فيصلو، هِڪ ٻئي ته هَڻڻ ساڻ، ۽ آئون نه ٻانهن ڪاڻ، ڪو ظالِم زَبر آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون وٽ انجام ڦيرائبو نه آهي، نڪي آءُ ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مون وٽ ٿيل ڳالهه کي بدلايو نه ويندو آهي ۽ مان پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه مون وٽ تبديل ٿيندي آهي ڪا ڳالهه ۽ نه وري آئون پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي ڳالهه تبديل نه ٿيندي آهي ۽ مان ٻانهن تي ذري برابر به ظلم نه ڪندو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ نَقولُ لِجَهَنَّمَ هَلِ امتَلَأتِ وَتَقولُ هَل مِن مَزيدٍ (آيت : 30) |
جنھن ڏينھن دوزخ کي چونداسون ته ڀريو آھين (يا نه!) ۽ (دوزخ) چوندو ته (ٻيو به) ڪجھ (اڃا) ھن کان وڌيڪ آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هڪڙي ڏينهن اسان جهنم کان پڇنداسين ته، تون (دوزخين سان) ڀرجي ويو آهين يا نه؟ هو چوندو ته آهن ڪي وڌيڪ (يعني مان ڀرجي ڪونه ويو آهيان. ڪيترا به هجن ڀلي آڻيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن اسين جهنم کي چونداسين ڇا تون ڀرجي وئين؟ ۽ اها چوندي ڇا ڪجھه زياده آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن اسين دوزخ کان پڇنداسون ته ڇا تون ڀريو آهين؟ ۽ هو چوندو ته ڇا اڃان به ڪجھ وڌيڪ آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن چونداسون جهنم کي ڇا ڀرجي وئين تون؟ ۽ چوندو ڇا ڪجهه زياده آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن جهنم کي چونداسون ته ڇا تون ڀريو آهين ۽ هو چوندو ته ڇا اڃان به ڪجهه وڌيڪ آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن اسان دوزخ کي چونداسين: ”ڇا تون ڀريو آهين“؟ ۽ اُهو چوندو: ”ڇا اڃا به ڪجهه وڌيڪ آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڏِينهن پُڇنداسون اَسِين، هاوِي ڪنان حال، ته وَڳ وِڌاسون تو ۾، ڀَريِين ڪِيئن بَحال؟، چوندو اهڙِي چال، ته اَڃا وڌيڪ آھِ ڪي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن دوزخ کي چونداسون ته ”ڀريو آهين يانه؟“ چوندو ”آهي ڪجهه وڌيڪ اڃا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن اسان جهنم کان پڇنداسون، ڇا ڀرجي وئين؟ ۽ هو چوندو اڃان به ڪجهه آهي ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن اسان دوزخ کان پڇنداسين، ڇا تون ڀرجي وئين؟ ۽ هوءَ چوندي، ڇا ٻيو ڪجهه اڃا آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن اسان جھنم کان پڇنداسين ته ڇا تون ڀرجي وئي آهين؟ هو (جواب ۾) چوندي ته ڇا اڃا وڌيڪ آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ غَيرَ بَعيدٍ (آيت : 31) |
۽ بھشت پرھيزگارن لاءِ ويجھو ڪبو نه پري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پرهيزگارن نيڪن لاءِ بهشت بلڪل ويجهو آندو ويندو. پري نه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنت پرهيزگارن کي ويجھي ڪئي ويندي (۽ اها) پري ڪا نه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بهشت پرهيزگارن جي بلڪل ويجهو ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ويجهي آندي ويندي جنت پرهيزگارن جي لاءِ نه پري هوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنت پرهيزگارن لاءِ ويجهي ڪئي ويندي پري نه. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنت پرهيزگارن لاءِ ويجهي ڪئي ويندي پري نه هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندِي ويئـِي اوڏڙِي، جَنت جاءِ قرار، نيڙي نيڪ بندن جي، وَڏِي وِڇوٽِئَ ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بهشت نيڪن لاءِ سواءِ ڪنهن دوريءَ جي ڪبو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنت متقين جي ويجهو آندي ويندي، ڪا پري ئي نه هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ويجهو ڪبو بهشت کي پرهيزگارن جي، اهو ڪجهه به پري نه هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ جنت کي ويجهو آندو ويندو جيڪا گهڻو پري نه هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا ما توعَدونَ لِكُلِّ أَوّابٍ حَفيظٍ (آيت : 32) |
(چئبو ته) جنھن جو اوھان کي سڀڪنھن (الله ڏانھن) رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب نگاھ رکڻ واري لاءِ انجام ڏبو ھو سو ھي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان وقت چيو ويندو ته) هي آهي اهو بهشت جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنو ويو هو. اهو بهشت انهيءَ شخص لاءِ آهي جيڪو (غلط واٽ ڇڏي) الله ڏي (يعني سڌي واٽ ڏي) موٽي اچي ۽ (حق ۽ قانون تي) محڪم رهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ اُها آهي جنهن جو وعدو هر هڪ رجوع ڪندڙ، حدن جي حفاظت ڪندڙن سان ڪجي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ چونداسون ته) هي اهو بهشت جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو ويو آهي سڀ ڪنهن الله ڏي ورڻ واري (حدن) جي حفاظت ڪرڻ واري لاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي اهو آهي جو وعدو ڏنا ويا هيئو هر رجوع ڪندڙ، حفاظت ڪندڙ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ اهو بهشت آهي جنهن جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو سڀ ڪنهن الله ڏي ورڻ واري ياد رکڻ واري لاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهو (بهشت) آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هيو هر توبهه ڪرڻ واري (پنهنجي دين جي) حفاظت ڪرڻ واري لاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن جو وَچن، اوهان سان وِچ ۾، هي سي باغ بهار، حَق ڏي وَرندڙ واسطي، پڻ ڪندڙ نظر، نهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”سڀ ڪنهن رجوع ڪرڻ واري ۽ ادب سان نگاهه رکڻ واري لاءِ جيڪو اوهان کي انجام ڏبو هو، سو هيءُ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (فرمايو ويندو) "اها اٿوَ اها شيءِ جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هو، هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو تمام گهڻو موٽي پوڻ وارو ۽ پوريءَ ريت سنڀال ڪرڻ وارو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ارشاد ٿيندو) هي آهي اها شيءِ جنهن جو توهان سان انجام ڪيل هو هر ان شخص لاءِ جيڪو رجوع ڪندڙ هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پرهيزگارن کي چيو ويندو ته) هي آهي اُها جنت جنھن جو هر ان شخص سان وعدو ڪيو ويندو هو، جيڪو رجوع ڪندڙ ۽ دين جي حفاظت ڪندڙ هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن خَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ وَجاءَ بِقَلبٍ مُنيبٍ (آيت : 33) |
جيڪو پرپٺ ٻاجھاري (الله) کان ڊنو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ٿيل دل سان آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽) جو رحمان خدا کي ڏسڻ کان سواءِ ئي کانئس ڊڄي (ته متان بڇڙا ڪم ڪري رحمان کي ناراض ڪري وجهان) ۽ جو (هر وقت الله ڏي) رجوع ڪندڙ دل رکي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو بنا ڏسڻ جي رحمان کان ڊنو ۽ اُن الله تعالى ڏانهن متوجه ٿيندڙ دل آندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو اڻ ڏٺي کان ڊنو ۽ رجوع ڪندڙ دل وٺي آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ڊڄي ٿو رحمٰن کان اڻ ڏٺو ۽ آندائين دل ورندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو پرپٺ وڏي مهربان (رحمان) کان ڊنو ۽ رجوع ٿيندڙ دل سان آيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو پر پُٺ وڏي رحمان کان ڊنو ۽ رجوع ٿيندڙ دل سان آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو پَرپُٺ بَرپٽ ۾، ڏريو ڪنان ڏاتار، ۽ حاضِر ٿيو هِنيِـين سان، جو وَرندڙ واحِد پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو پرپٺ الله ٻاجهاري کان ڊنو ۽ ان ڏي موٽيل دل سان هو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو بنا ڏسڻ جي ئي پيو رحمان کان ڊڄندو هو ۽ (الله ڏانهن) رجوع ٿيل دل سان آيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو اڻ ڏٺي رحمٰن کان ڊڄندو هو ۽ جيڪو (الله ڏانهن) رجوع ٿيل دل سان آيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو پر پُٺ پنھنجي رحمان کان ڊڄندو هو ۽ توبہ ڪندڙ دل سان حاضر ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادخُلوها بِسَلٰمٍ ذٰلِكَ يَومُ الخُلودِ (آيت : 34) |
(چئبو ته) سلامتيءَ سان بھشت ۾ گھڙو، اھو سدائين رھڻ جو ڏينھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي بهشتيو) سلامتيءَ سان ۽ امن امان سان (بهشت ۾) گهڙي پئو، هي هميشه رهڻ وارو ڏينهن آهي. (يعني اوهان هميشه لاءِ بهشت ۾ رهندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حڪم ٿيندو) بهشت ۾ سلامتي سان داخل ٿيو، اهو ڏينهن هميشه وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن کي حڪم ٿيندو) ته هن ۾ صحيح ۽ سلامت داخل ٿي اهو ئي ته هميشه رهڻ وارو ڏينهن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيو ان ۾ سلام سان اهو هميشہ رهڻ جو ڏينهن آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهڙن ماڻهن کي چونداسون ته) ان ۾ سلامتيءَ سان هليا وڃو. اهو هميشه رهڻ جو ڏينهن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ سلامتي سان داخل ٿيو. اهو هميشگي جو ڏينهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِھڙو سَلامت اُن ۾، سَرها سڀ ڄمار، سدا جِيڻ جو ڏِينهن اِهو، لَٿا ڏُوا ڏُوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن) ”انهي ۾ سلامتي سان گهڙو، اهو سدائين رهڻ جو ڏينهن آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) داخل ٿي وڃو جنت ۾ سلامتيءَ سان". اهو ڏينهن نه ختم ٿيڻ واري حياتيءَ وارو ڏينهن هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بهشت ۾ داخل ٿيو سلامتيءَ سان، اهو ڏينهن سدائين واري حياتيءَ جو ڏينهن هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کيس چيو ويندو ته) سلامتي سان (جنت ۾) داخل ٿي وڃو. هي هميشه رهڻ وارو ڏينھن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم ما يَشاءونَ فيها وَلَدَينا مَزيدٌ (آيت : 35) |
جيڪي گھرندا سو منجھس انھن لاءِ (موجود) آھي ۽ اسان وٽ (اُن کان) وڌيڪ به آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (بهشتي) ان بهشت ۾ جيڪي به چاهيندا سو کين ملندو ۽ (ان کان سواءِ هنن لاءِ) اسان وٽ وڌيڪ به گهڻوئي هوندو (جو اسان اڻ گهرئي کين ڏينداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ جنت ۾ اهو هوندو جيڪو اهي چاهيندا ۽ اسان وٽ مزيد آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ اهي جو چاهيندا سو هوندو ۽ اسان وٽ ته ان کان به وڌيڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪو گهرندا ان ۾ ۽ اسان وٽ وڌيڪ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ ان ۾ آهي ۽ اسان وٽ وڌيڪ به آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ ان (بهشت) ۾ آهي ۽ اسان وٽ (ان کان) وڌيڪ به آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪِي طَلبِين تِنهن ۾، سو تن لاءِ تيار، ۽ بخششون بِسيار، اَسان وَٽ آهِينِ بِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي چاهيندا، سو انهن لاءِ منجهس موجود آهي ۽ اسان وٽ وڌيڪ به آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي انهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه هوندو، جيڪي هو چاهيندا ۽ اسان وٽ انهن لاءِ اڃان به گهڻو ڪجهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن لاءِ اتي اهو سڀڪجهه هوندو جيڪي اهي گهرندا ۽ اسان وٽ انهن لاءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن جنت ۾ هو جيڪو چاهيندا سڀ ڪجهه موجود هوندو ۽ اسان وٽ (انهن جي سوچ کان) اڃا به وڌيڪ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِن قَرنٍ هُم أَشَدُّ مِنهُم بَطشًا فَنَقَّبوا فِى البِلٰدِ هَل مِن مَحيصٍ (آيت : 36) |
۽ انھن کان اڳ ڪيترائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون جي پڪڙ ۾ اُنھن کان به تمام ڏاڍا ھوا پوءِ شھرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا (بچڻ جي) واھ آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن کان اڳي ڪيتريون ئي پيڙهيون تباهه ڪري ڇڏيون، جيڪي هنن کان طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هيون. پوءِ هو ملڪن ۾ دربدر رلنديون رهيون. (ڏسو) هنن لاءِ ڀڄي ڇٽڻ جي ڪا جاءِ به هئي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (مڪه وارن) کان اڳ ۾ ڪيتريون ئي قومون اسان هلاڪ ڪيون جيڪي پڪڙ ڪرڻ ۾ انهن کان وڌيڪ هئا پوءِ اُهي شهرن ۾ پنهنجي فائدي لاءِ خوب هليا، ڇا انهن لاءِ ڪا جاءِ پناه جي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جيڪي انهن کان قوت ۾ گهڻو وڌيڪ هيون ته انهن ماڻهن (موت جي خوف کان) تمام شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون ته ڪا بچڻ جي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيتريون هلاڪ ڪيو اسان انهن کان اڳي جماعتون جو اهي سخت هيون انهن کان پڪڙڻ ۾ پوءِ جاچ ڪيائون شهرن ۾ ته ڪا ڀڄڻ جي جاءِ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کان اڳي اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون آهن جن جي طاقت هنن کان زبردست هئي پوءِ (عذاب اچڻ وقت) شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون ته ڪا جاءِ ڀڄڻ جي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (ڪفارِ مڪه) کان اڳ اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون جيڪي طاقت ۽ قوت ۾ انهن کان وڌيڪ هئا پوءِ (عذاب مهل) شهرن ۾ گهڻي ڳولا ڪيائون. ته ڪا ڀڄڻ جي جاءِ آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن کان اڳ جُڳ ڪيترا، ڪياسون ناس نِبار، جي اِنهيان اڳرا زور ۾، پوءِ وَالارِيون وَلهار،ڪريو نظر نِهار، ته ڪٿي پناھ آھِ ڪو؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کان اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون، جي وٺ پڪڙ ۾ انهن کان به تمام سخت هئا_ پوءِ شهرن ۾ ڳولا ڪرڻ لڳا، ته ڪا واهه آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن کان اڳ گهڻين ئي قومن کي برباد ڪري چڪا آهيون، جيڪي هنن کان طاقت ۾ ڏاڍيون هيون ۽ دنيا جي ملڪن ۾ انهن ڏاڍي جاکوڙ ڪئي، پوءِ ڇا ڪا پناهه جي جاءِ لهي سگهيا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هلاڪ ڪيو آهي انهن کان اڳي اسان ڪيترين ئي قومن کي جيڪي انهن کان وڌيڪ سگهاريون هيون ۽ لتاڙيو هو انهن دنيا جي ملڪن کي، پوءِ ڇا اهي ڪا پناهه جي جاءِ ڏسي سگهيا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان هِنن کان اڳ ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري چڪا آهيون جيڪي انهن کان گهڻو طاقتور هيون. پوءِ هُنن (عذاب کان بچڻ لاءِ) شھرن ۾ وڏا وَس ڪيا (هئا) ڇا کين ڪا پناهه جي جاءِ ملي سگهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِمَن كانَ لَهُ قَلبٌ أَو أَلقَى السَّمعَ وَهُوَ شَهيدٌ (آيت : 37) |
بيشڪ انھيءَ ڳالھ ۾ اُنھي لاءِ نصيحت آھي جنھن کي دل ھجي يا جو دل لائي ڪن ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ انهيءَ ۾ وڏي نصيحت آهي انهيءَ ماڻهو لاءِ جيڪو (سالم ۽ سمجهه واري) دل رکندڙ هجي يا (حق جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ خيال سان) ڪن ڏئي، ۽ (سمجهڻ بعد حق جي) شاهدي ڏئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهي ۾ نصيحت آهي اُن ماڻهو لاءِ جيڪو دل رکي ٿو يا ڪَن لڳائي ٿو ۽ اهو ڌيان رکي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ ان شخص لاءِ نصيحت آهي جنهن جي اندر ۾ قلب آهن يا ڌيان ڏيئي لائي ڪن ڏئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نصيحت آهي ان جي لاءِ جو آهي ان کي دل يا لڳائي ڪن ۽ اهو پورو متوجہ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان (ڳالهه) ۾ ان لاءِ نصيحت آهي جنهن جي اندر ۾ دل آهي يا دل لائي ڪن ڏئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان ۾ وڏي نصيحت آهي ان لاءِ جنهن وٽ دل آهي يا ڪن لائي ٻڌي ٿو ۽ اهو حاضر (ذهن) آهي. (يعني پوري غور فڪر سان ٻڌڻ وارو آهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُجي هِنيون جِنهن کي، اِن ۾ عبرت اُنهئَ لاءَ، ۽ قول ٻُڌي ڪَن لاءِ، ۽ هُجي حاضِر پاڻ اُهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هن ۾ انهي لاءِ نصيحت آهي، جنهن کي دل هجي، يا جيڪو پوري ڌيان سان ٻُڌي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ تاريخ ۾ عبرت جو وڏو سامان آهي، هر انهيءَ شخص لاءِ جنهن کي دل آهي يا جيڪو ڌيان ڏئي ڳالهه ٻڌي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهيءَ تاريخي ذڪر ۾ عبرت جو ان شخص لاءِ سبق آهي جيڪو دل رکندو هجي يا جيڪو توجهه سان ڪن ڏئي اها ڳالهه ٻڌي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ڳالهين ۾ اهڙن ماڻهن لاءِ نصيحت آهي جنھن جي (سيني ۾) دل موجود هجي يا هو ڪَنُ لائي ڳالهه کي ٻڌي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ وَما مَسَّنا مِن لُغوبٍ (آيت : 38) |
۽ بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايوسون، ۽ اسان کي ڪو ٿَڪ نه ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان آسمانن، زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ايامن ۾ خلقيو ۽ اسان کي ذرو به ٿڪ ڪونه ٿيو. (پوءِ اسان جي لاءِ اهو ڪم بلڪل سولو آهي ته ماڻهن کي وري جيئرو ڪري اٿاريون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪو ڪجھه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي اُهو ڇَهَنِ ڏينهن ۾ پيدا ڪيو. ۽ اسان کي ڪا ٿڪاوٽ نه پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي جنهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو آهي ۽ ذرو به نه ٿڪاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پيدا ڪيا اسان آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ ۽ نه پهتو اسان کي ڪو ٿڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو آهي ۽ ذرو به نه ٿڪاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سڀ کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو آهي، ۽ اسان کي ڪا ٿڪاوٽ به نه پهتي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڀ ڀون ڇهن ڏِينهَن ۾، پيدا ڪياسون پَڪ، پڻ جيڪِي آهِن، اُنهن ٻِن ۾، اول، آخِرتڪ، ۽ ڇِو هو نه ڇُو تو ٿَڪ، اَسان کي اَصل ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جيڪي ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي آسمان ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اسان کي ڪو ٿڪ نه ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ وارين سمورين شين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اسان کي ڪوبه ٿڪ نه ٿيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ ان جي وچ ۾ سمورين شين کي ڇهن ڏينهن ۾ ۽ اسان کي ڪابه ٿڪاوٽ نه ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي ڇهن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو ۽ (اسان کي انهن جي ٺاهڻ ۾) ڪابه ٿڪاوٽ نه ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ قَبلَ طُلوعِ الشَّمسِ وَقَبلَ الغُروبِ (آيت : 39) |
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪي (ڪافر) چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان بيان ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر اهي ماڻهو ايمان نٿا آڻين ته خيال نه ڪر) جيڪي هي ماڻهو بڪندا رهن ٿا تنهن کي صبر سان سهندو رهه ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندو رهه، سج اڀرڻ کان اڳي ۽ پڻ سج لهڻ کان اڳ ۾.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان اُن تي صبر ڪريو جيڪو اهو چون ٿا ۽ توهان پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد ڪريو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ۽ سج لهڻ کان اڳ ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) جيڪي اهي (ڪافر ماڻهو) بڪ ڪن ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي پروردگار جي حمد سان تسبيح ڪندو رھ!.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر ان تي جيڪي چون ٿا ۽ تسبيح پڙهه پنهنجي رب جي حمد سان سج جي اڀرڻ کان اڳي ۽ (سج) لهڻ کان اڳي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) جيڪي هو چون ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي ساراهه سان گڏ بيان ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس تسبيح پڙهه سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان اڳ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَڙو ڳالهائـِين ڪِهڙو، سو سَہ تون صَبر ساڻ، ۽ پَنهنجي پَروَر پاڪ جا، وَر وَر وَڙ واکاڻ، سِج اڀرڻ ڪنان اڳ ۾، پڻ اُلٽيا اڳ اڳواڻ!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪافر جيڪي چون ٿا تنهن تي صبر ڪر ۽ سج اڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي رب جي ساراهه پاڪائي سان بيان ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو اي نبي! جيڪي ڳالهيون اهي ماڻهو ڪن ٿا، انهن تي صبر ڪر ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه، سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان اڳ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي ماڻهو چون ٿا ۽ ڪندو رهه حمد سان گڏ پنهنجي رب جي تسبيح سج اڀرڻ کان اڳي ۽ سج لٿي کان پوءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن ماڻهن جي ڳالهين تي صبر ڪر. ۽ صبح سويري ۽ شام جو پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح بيان ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ الَّيلِ فَسَبِّحهُ وَأَدبٰرَ السُّجودِ (آيت : 40) |
۽ ڪجھ (مھل) رات جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھ ۽ نماز کان پوءِ به.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) رات جي ڪجهه حصي ۾ به سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪندو رهه ۽ پڻ سجدن کان پوءِ (يعني هر وقت الله ۽ سندس حڪمن کي ياد رک ۽ انهن جي تعميل ڪر).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رات جو پوءِ اُن جي تسبيح پڙهو ۽ نماز کان پوءِ به تسبيح پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪجھ رات ۾ (به) ۽ نماز کان پوءِ به سندس تسبيح بيان ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو پوءِ ان جي تسبيح پڙهه ۽ نمازن کان بعد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪجهه رات ۾ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ نماز جي پٺيان به. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات جي ڪجهه حصي ۾ به سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ نمازن جي پٺيان به.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀَلي پهرينءَ رات مان، پئو پَڏائـِينسِ پاڻ!، پڻ سَجدن پُٺيان سُڄاڻ!، ساراهِج سُبحان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪجهه رات جو ساراهه ڪر، ۽ نماز کان پوءِ به. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري رات جو به سندس تسبيح ڪر ۽ سجدا ڪري واندو ٿيڻ کان پوءِ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪندو رهه رات جو ان جي تسبيح ۽ واندو ٿيڻ سجدن (نماز) کان پوءِ به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رات جي وقت به ۽ هر نماز کان پوءِ به ان جي تسبيح جاري رک. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاستَمِع يَومَ يُنادِ المُنادِ مِن مَكانٍ قَريبٍ (آيت : 41) |
۽ (ھي ڳالھ) ٻُڌ ته جنھن ڏينھن ويجھي ھنڌ کان سڏيندڙ سڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن لاءِ ڪن لڳائي رک جنهن ڏينهن سڏ ڪندڙ ڪنهن ويجهي جاءِ کان سڏ ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڌِيان سان ٻُڌو ان ڏينهن جڏهن ويجھڙي جاءِ کان پڪاريندڙ (حضرت اسرافيل عليه السلام) پڪاريندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪن لڳائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن، ويجهي جاءِ کان سڏيندڙ (اسرافيل) سڏيندو (ته اٿو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻڌ ان ڏينهن جو سڏيندو سڏيندڙ جاءِ ويجهيءَ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) ڪن لڳائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن ويجهي جاءِ کان سڏيندڙ سڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪن لڳائي (ان ڏينهن جو حال) ٻُڌ ته جنهن ڏينهن هڪ سڏيندڙ ويجهي جاءِ کان سڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُڻ ته سَڏِيندڙ سَڏ ڪندو!، ويجھيرو جنهن وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻُڌ، ته جنهن ڏينهن ويجهيءَ جاءِ کان سڏيندڙ سڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪــَـن لائي ٻڌ ته جنهن ڏينهن پڙهو ڏيڻ وارو (هر شخص جي) ويجهو ئي پڙهو ڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻڌ جنهن ڏينهن سڏيندو منادي ڪرڻ وارو (هر شخص کي) ويجهي کان ئي سڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ غور سان ٻُڌ! جڏهن هڪ سڏيندڙ هر شخص کي صفا ويجهو کان سڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَسمَعونَ الصَّيحَةَ بِالحَقِّ ذٰلِكَ يَومُ الخُروجِ (آيت : 42) |
جنھن ڏينھن سچ پچ سخت ھَڪل ٻُڌندا، اُھو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن ماڻهو في الحقيقت وڏو ڌڌڪو ٻڌندا، اهو هوندو وري اٿڻ وارو (قيامت جو) ڏينهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن حق تي دانهون ٻُڌندا، اهو ڏينهن آهي قبرن کان نڪرڻ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اهو قبرن مان نڪرڻ جو ڏينهن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ٻڌندا ڪڙڪيدار آواز حق سان اهو ڏينهن نڪرڻ جو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اهو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينهن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن ماڻهو سچ پچ سخت هڪل ٻڌندا. اُهو (قبرن مان) نڪرڻ جو ڏينهن هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَنِين ٻُڌندا ڪَڙڪو، بَرحق هڪل هيڪار، قبرن مان ٻَهار، آهي اُٿڻ جو ڏِينهن اُهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن سچ پچ سخت هڪل ٻُڌندا، بَس اهو ڏينهن (قبرن مان) ٻاهر نڪرڻ جو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو قيامت جي ڪڙڪي کي چڱيءَ طرح ٻڌي رهيا هوندا، اهو ڏينهن مئلن جي ٻاهر نڪرڻ جو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ٻڌي رهيا هوندا سڀ ماڻهو حشر جي آواز کي، اهو ڏينهن زمين مان مُردن جي نڪرڻ جو هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن سڀ ماڻهو سخت رَڙِ جو آواز ٻڌندا. اهوئي قبرن مان جيئرو ٿي نڪرڻ جو ڏينھن هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا نَحنُ نُحيۦ وَنُميتُ وَإِلَينَا المَصيرُ (آيت : 43) |
بيشڪ اسين جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسان ڏانھن موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان ئي حياتي ڏيون ٿا ۽ اسان ئي موت آڻيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق اسين جياريون ٿا ۽ اسين ماريون ٿا ۽ اسان ڏانهن موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسين جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي (سڀ کي) موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين ئي زندهه ڪيون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين جياريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي موٽڻ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان زنده رکون ٿا ۽ اسان ئي موت ڏيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين جَڏا جِياريون، ۽ ماريون به اَسِين مُور، ۽ زورا زور ضرور، آھِ اَسان ڏي موٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان ڏانهن موٽڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ئي جياريون ٿا ۽ اسان ئي ماريون ٿا ۽ وري اسان ڏانهن ئي سڀني کي ان ڏينهن موٽي اچڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان ئي حياتي ۽ موت ڏيون ٿا ۽ اسان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان ئي جياريون ٿا ۽ اسان ئي ماريون ٿا ۽ اسان ڏي ئي سڀني جو موٽڻ ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَشَقَّقُ الأَرضُ عَنهُم سِراعًا ذٰلِكَ حَشرٌ عَلَينا يَسيرٌ (آيت : 44) |
جنھن ڏينھن زمين انھن کان ڦاٽندي (تنھن ڏينھن) تڪڙا وڃڻ وارا ھوندا، اِھو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن زمين هنن کان تڪڙي تڪڙي ڦاٽي پوندي. اهو ٿيندو حشر (يعني سڀني ماڻهن جو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ) (ماڻهن کي جمع ڪرڻ) اسان جي لاءِ بلڪل سولو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُن ڏينهن زمين ڦاٽي پوندي اُهي فوراً ان مان نڪرندا، اهو حشر (گڏ ڪرڻ) اسان لاءِ آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن زمين (انهن جي مٿان) ڦاٽي پوندي ۽ (سڀئي) جهٽ پٽ نڪري بيهندا. اهو آهي (اٿارڻ ۽) گڏ ڪرڻ جيڪو اسان تي بلڪل آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڦاٽندي زمين انهن کان تڪڙ ڪندڙ (ٿي نڪرندا) اهو اٿارڻ اسان لاءِ آسان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن زمين انهن کان ڦاٽي پوندي ۽ هو تڪڙا (نڪرڻ وارا) هوندا. اهو گڏ ڪرڻ اسان کي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن زمين انهن تان ڦاٽي پوندي ته اُهي جلدي جلدي نڪري پوندا. اُهو گڏ ڪرڻ اسان تي آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آخِر ڏِينهن اَنجام، جڏهن ڌَرتي اُنهن کان ڌار ٿئي، تڪڙا تڪڙا ڊوڙندا، وَڏا وارِيندا وام، اِهو ميڙو عام، اَسان تي آسا گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن انهن کان زمين ڦاٽندي ۽ هو تڪڙا وڃڻ وارا هوندا. اهو گڏ ڪرڻ اسان تي سولو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن زمين ڦاٽي پوندي ۽ ماڻهو منجهانئس نڪري تڪڙو تڪڙو ڀڄڻ لڳندا، اهو ڪٺو ڪرڻ ته اسان لاءِ ڏاڍو سؤلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ڦاٽندي زمين ۽ ماڻهو ان مان نڪري ڊوڙندا اهو حشر اسان لاءِ سولو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن زمين ڦاٽندي ته سڀ ان مان ڊوڙندا ٻاهر نڪري ايندا. سڀني جو گڏ ڪرڻ اسان لاءِ آسان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ أَعلَمُ بِما يَقولونَ وَما أَنتَ عَلَيهِم بِجَبّارٍ فَذَكِّر بِالقُرءانِ مَن يَخافُ وَعيدِ (آيت : 45) |
جيڪي (ڪافر) چوندا آھن سو اسين چڱي طرح ڄاڻندا آھيون ۽ تون مٿن (ڪو) ڏاڍ ڪرڻ وارو نه آھين، پوءِ جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪيءَ کان ڊڄي تنھن کي قرآن سان سمجھاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر) جيڪي جيڪي هي ماڻهو چون ٿا سو اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. تون انهن سان زور زبردستي ڪرڻ وارو نه آهين. سو تون قرآن مجيد جي وسيلي انهن ماڻهن کي نصيحت ڪندو رهه جيڪي منهنجي (عذاب جي) واعدي کان ڊڄن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين وڌيڪ ڄاڻون ٿا جيڪو اهي ڳالهائن ٿا، ۽ رسولِ عربي توهان انهن تي سختي ڪندڙ ناهيو، پوءِ رسولِ عربي توهان اُن ماڻهوءَ کي قرآن ڪريم سان نصيحت ڪريو جيڪو منهنجي ناراضپي کان ڊڄي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا اسين تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ۽ تون انهن تي زور ته ڪرين ڪين ٿو ته جيڪو اسان جي (عذاب جي) وعدي کان ڊڄي تنهن کي تون قرآن جي وسيلي نصيحت ڪندو رھ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون ان کي جيڪو چون ٿا ۽ ناهين تون انهن تي سختي ڪندڙ پوءِ نصيحت ڪر قرآن سان ان کي جو ڊڄي ٿو عذاب واري منهنجي وعدي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) جيڪي هو چون ٿا تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. ۽ تون انهن تي زور ڪرڻ وارو نه آهين. پوءِ جو منهنجي ڌمڪيءَ کان ڊڄي ان کي تون قرآن سان نصيحت ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا جيڪي هُو چون ٿا تون انهن تي زور ڪرڻ وارو نه آهين. پوءِ قرآن جي ذريعي ان کي نصيحت ڪر جيڪو منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي بَڪون ڪَن بيڪار، سي سڀ ڄاڻون ٿا اَسِين، ۽ تون نه آهِين اُنهن مٿي، ڪو ڪرڙو قهِري ڪار، ڪر قرآن ڪِريم جي، پوءِ تِنـِهين وٽ پَچار، جو ڀانئي ڀَو ڀُلڪار، ۽ ڪَنبي مُنهنجي قول کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي چون ٿا سو اسين ڄاڻون ٿا ۽ تون مٿن زبردستي ڪرڻ وارو ناهين_ پوءِ جيڪو منهنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي تنهن کي قرآن سان نصيحت ڪر.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا اهي ڳالهيون، جيڪي اهي ماڻهو ڪن ٿا ۽ تنهنجو ڪم کانئن زوريءَ ڳالهه مڃائڻ ناهي، تون بس هن قرآن وسيلي نصيحت ڪر، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو منهنجي دڙڪن کان ڊڄندو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) معلوم آهي جيڪي اهي ماڻهو ڳالهيون ٺاهن پيا، انهن کي اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا، تنهنجو ڪم انهن کي زوري مڃرائڻ ناهي، بس تون نصيحت ڪر هن قرآن سان هر ان شخص کي، جيڪو ڊڄي منهنجي هن تنبيهه کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو جيڪو ڪجهه چون ٿا اسان کي سڀ خبر آهي (بھرحال) تون انهن تي زور زبردستي ڪرڻ وارو نه آهين. بس! تون هر ان شخص کي قرآن جي ذريعي نصيحت ڪندو رهه جيڪو منھنجي عذاب جي ڌمڪي کان ڊڄي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |