توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
إِنّا فَتَحنا لَكَ فَتحًا مُبينًا (آيت : 1) |
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توکي فتح ڏني آهي، چٽي ۽ صاف فتح.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان توهان (رسولِ عربي) لاءِ روشن فتح فرمائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول هي حديبيه جو صلح نه آهي پر) اسان حقيقت ۾ تو کي پڌري فتح عطا ڪئي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان فتح ڏني توکي فتح چٽي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) بيشڪ اسان توکي (حديبيه جي صلح ٿيڻ سان) پڌري فتح ڏني آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ (اي نبي)اسان تو کي ظاهر ظهور فتح ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان توتي عَطا ڪئـِي، ظاهِر فَتح ضَرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! بيشڪ اسان توکي پڌري فتح ڏني (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اسان توکي فتح عطا ڪئي ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توکي (اکين ڏٺي)پڌري فتح ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَغفِرَ لَكَ اللَّهُ ما تَقَدَّمَ مِن ذَنبِكَ وَما تَأَخَّرَ وَيُتِمَّ نِعمَتَهُ عَلَيكَ وَيَهدِيَكَ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 2) |
ته تنھنجا قُصور جيڪي اڳي گذريا ۽ جيڪي پوءِ تي رھيا سي (سڀ) الله توکي معاف ڪري ۽ توتي پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توکي سِڌي واٽ ڏيکاري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ تنهنجون اڳوڻيون (تدبيري) ڪوتاهيون ۽ جيڪي پوءِ ٿيڻيون آهن، سي سڀ ڍڪي ڇڏي (يعني انهن جو اثر پيدا نه ٿئي) ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪري (يعني توکي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ) سڌي واٽ ڏيکاري ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (۽) توهان جي سببان الله تعالى توهان جي امت جا اڳيان ۽ پويان گناه بخشيا ۽ توهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ توهان کي صراطِ مستقيم تي هلايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن خدا تنهنجي (امت جا) اڳيان ۽ پويان قصور معاف ڪري ۽ پنهنجي نعمت تو تي پوري ڪري ۽ تو کي سڌي راھ تي ثابت قدم رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته بخشي تنهنجي ڪري الله جيڪو اڳي ٿيوتنهنجي (امت جي) گناھه مان ۽ جيڪو پوءِ ٿيو ۽ پوري ڪري پنهنجي نعمت توتي ۽ هلائي توکي واٽ سڌيءَ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته تنهنجا اڳيان ۽ پويان قصور توکي الله معاف ڪري ۽ پنهنجي نعمت توتي پوري ڪري ۽ توکي سڌو رستو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته جيئن الله تنهنجي لاءِ تنهنجي اڳين ۽ پوين خلافِ اولى ڪمن کي معاف ڪري ۽ تو تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري ۽ تو کي سڌي واٽ سان هلائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان اَلله اَ ڳيان پويان تُنهنجا توکي مَرهي ڪُل قُصور، ۽ پُورِي ڪري تُنهنجِي، توتي نِعمت نَبي نُور؛ ۽ توکي سُهائي واٽ سَنئـِين، هادِي ڏانهن، حضور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته الله تنهنجيون اڳيون پويون غلطيون سڀ معاف ڪري، توتي پنهنجي رحمت پوري ڪري، تو کي سڌو رستو ڏيکاري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله تنهنجيون اڳيون پويون سڀئي ڪميون معاف ڪري ڇڏيون ۽ توتي پنهنجي نعمت پوري ڪئي ۽ توکي سنئين واٽ وٺائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن درگذر ڪري تنهنجي لاءِ الله اڳئين ۽ پوئين هر ڪنهن ڪوتاهيءَ کي، ۽ مڪمل ڪري پنهنجي هرڪا نعمت توتي ۽ توکي ڏيکاري واٽ سڌي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن الله تعالى توهان جي اڳين ۽ پوين سڀني ڪمي بيشين کي معاف ڪري ڇڏي. توهان جي مٿان پنھنجي نعمت پوري ڪري ۽ توهان کي بلڪل سڌو رستو ڏيکاري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَنصُرَكَ اللَّهُ نَصرًا عَزيزًا (آيت : 3) |
۽ الله غالب سوڀ سان توکي سوڀارو ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ توکي اهڙي مدد ڪري جا وڏي زبردست مدد هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان جي چڱي طرح مدد فرمائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا تو کي زبردست مدد ڏني.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدد ڪري تنهنجي الله مدد غلبي واري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله توکي زبردست سوڀ ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله تنهنجي مدد ڪري زبردست مدد.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکي مَدد مُور، ڏاڍي ڌِئي ڪا ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله غالب، توکي سوڀ سان سوڀارو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله توکي زبردست سوڀ ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توکي ڪاميابي عطا ڪري الله (هر طرح سان) آهي زبردست(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى تنھنجي زبردست مدد ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ السَّكينَةَ فى قُلوبِ المُؤمِنينَ لِيَزدادوا إيمٰنًا مَعَ إيمٰنِهِم وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 4) |
(الله) اُھو آھي جنھن مؤمنن جي دلين ۾ آرام نازل ڪيو ته (انھن جو) ايمان (اڳين) ايمان سان وڌيڪ ٿئي، ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آھن، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي آهي جنهن مؤمنن جي دلين ۾ تسلي ۽ اطمينان وڌو انهيءَ لاءِ ته سندن پڪي ايمان ۾ اڃا به يقين جو واڌارو ڪري، (۽ ياد رکو ته) آسمانن ۽ زمين جا لشڪر سڀ الله جا آهن ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اُهو آهي جنهن مؤمنن جي دلين ۾ سُڪون نازل ڪيو ان لاءِ ته يقين تي سندن يقين زياده ٿئي ۽ آسمانن ۽ زمينن جو لشڪر الله تعالى جو آهي ۽ الله تعالى علم (۽) حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو ئي آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ تسلي نازل فرمائي ته (جيئن) سندن (پهرئين) ايمان سان گڏ اڃا به سندن ايمان زياده ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر خدا جا ئي آهن. ۽ خدا (مصلحت کي) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (الله) اهو آهي جنهن لاٿو سڪون دلين مؤمنن جي ۾ تانته وڌن ايمان ۾ پنهنجي (اڳئين) ايمان سان ۽ الله جا آهن لشڪر آسمانن ۽ زمين وارا ۽ آهي ڄاڻندڙ،حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ بردباري وڌي ته سندن (اڳين) ايمان سان گڏ (اڃا) سندن ايمان زياده ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا ئي آهن. ۽ الله (مصلحت کي) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله) ئي آهي جنهن ايمان وارن جي دلين ۾ اطمينان نازل ڪيو هن لاءِ ته انهن جي ايمان تي مزيد ايمان جو واڌارو ٿئي. ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا ئي آهن. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، سو اَلله، جو مُؤمنن جي مَن ۾، اُتاري آرام کي، ته ڪِنهنجو ڊَپ، نه ڊاءُ، تان وَڌن سَندنِ وُجودن ۾، ويساھ، گڏ ويساھ، ۽ آهِن اُڀ، زمين جا، سَڀ صاحِب لاءِ سِپاھ، ۽ آگو سو آگاھ، قابِل ڪار ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن مؤمنن جي دلين ۾ آرام وڌو، ته انهن جي ايمان سان يقين وڌي_ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر خدا جا آهن ۽ الله ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جنهن مؤمنن جي دلين تي آٿت نازل ڪئي تانته پنهنجن ايمانن سان گڏ اهي اڃان هڪ ٻيو ايمان وڌائين. آسمانن ۽ زمين جا سمورا لشڪر الله جي هٿ وس آهن ۽ الله ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو اهو ئي ته آهي جنهن نازل ڪيو اطمينان دلين ۾ مؤمنن جي لاءِ، جيئن اهي وڌائين پنهنجي اڳئين ايمان سان وري پنهنجي ايمان کي، ۽ الله ئي آهي جنهن جي قبضي ۾ آهن سڀ لشڪر آسمانن ۽ زمين جا، ۽ اهو ئي الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جنھن مؤمنن جي دلين تي وڏو سڪون نازل ڪيو ته جيئن هو پنھنجي ايمان سان گڏ اڃا به ايمان وڌائين. آسمانن ۽ زمين جا (اصل) لشڪر ته الله تعالى وٽ آهن. الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُدخِلَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَيُكَفِّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَكانَ ذٰلِكَ عِندَ اللَّهِ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 5) |
ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن اُتي سدائين رھندا ۽ سندن مدايون کائن ميٽيندو، ۽ اِھا الله وٽ وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو اطمينان جو نازل ڪيائين سو) هن لاءِ ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي جنت ۾ داخل ڪري جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هجن ۽ جنهن ۾ هو هميشه لاءِ رهن ۽ سندن اوڻائيون ۽ تڪليفون کانئن دور ڪري ڇڏي. الله تعاليٰ جي نظر ۾ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته الله تعالى مؤمن مَردن ۽ مؤمن عورتن کي باغن ۾ داخل ڪري جنهنجي هيٺان نهرون وهن ٿيون. هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهن ۽ انهن تان گناه ميٽي ڇڏي، ۽ الله تعالى وٽ اها عظيم ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي اتي هميشه رهندا ۽ انهن تان سندن گناهن کي ميٽي ڇڏي ۽ اها خدا وٽ وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته داخل ڪري مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بهشتن ۾ وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ ۽ مٽائي انهن کان مدايون انهن جون ۽ آهي اها الله وٽ ڪاميابي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها بردباري) هن لاءِ به (دلين ۾ وڌائين) ته ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان واهه وهن ٿا انهن ۾ اهي پيا رهندا ۽ انهن تان سندن بڇڙايون ميٽي ڇڏي. ۽ اها الله وٽ وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ به ته مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل فرمائي جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن ۽ انهن کان انهن جون مدايون ميٽي. ۽ اِها الله وٽ وڏي ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان مُؤمِن ۽ مُؤمنياڻين، ڏئي جنت ۾ جاڳاھ، جَن وڻن هيٺان، واه! جون وَهن واهيون واھ، سُکيا سَرها اُن ۾، هُوندا هميشاھ، پڻ ميٽي ڇَڏي مِهرسان، اُنهن جا عيب گُناھ، ۽ آهي وَٽ اَلله، اِئَ سوڀ، سَڀن کان وَڏِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي لاءِ، ته مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري، جن جي هيٺان نهرون ٿيون وهن_ هو انهن ۾ هميشه رهندا_ ۽ انهن کان سندن مدايون ميٽي- الله وٽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هن ائين ان لاءِ ڪيو آهي) ته جيئن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي سدائين رهڻ لاءِ اهڙين جنتن ۾ داخل ڪري، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ سندن مدايون کانئن ميٽي ڇڏي ۽ الله وٽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هن اهو ڪم ان لاءِ ڪيو) جيئن داخل ڪري مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي جنت جي اهڙن باغن ۾، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون ۽ ميٽي ختم ڪري ڇڏي سندن براين کي، ۽ اها ئي الله وٽ سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪري جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهن ٿيون. هُو ان ۾ هميشه رهندا ۽ انهن جي براين کي اصل دفتر مان مٽائي ڇڏي. الله تعالى جي نزديڪ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ الظّانّينَ بِاللَّهِ ظَنَّ السَّوءِ عَلَيهِم دائِرَةُ السَّوءِ وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلَعَنَهُم وَأَعَدَّ لَهُم جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 6) |
۽ (ته) منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري جي الله تي تمام بڇڙو گمان ڀانئيندڙ آھن، بڇڙي مصيبت مٿن ھجي شال، ۽ مٿن الله ڏمريو ۽ کين لعنت ڪيائين ۽ اُنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين، ۽ اُھو بڇڙو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن لاءِ (اطمينان نازل ڪيائين) ته منافق مردن ۽ منافق عورتن، مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي جيڪي الله تعاليٰ بابت بدگمانيون ڪندا رهيا آهن تن کي جوڳي سزا ڏئي، انهن کي خرابيءَ جو چڪر ويڙهي ويو آهي، ۽ الله تعاليٰ جو غضب مٿن پئجي چڪو آهي، ۽ هن مٿن لعنت وڌي آهي ۽ هنن جي لاءِ جهنم تيار ڪري رکيو آهي. اهو ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن تي عذاب ڪري ٿو جيڪي الله تعالى لاءِ خراب گمان رکن ٿا، انهن تي برائي جو دائرو آهي، ۽ انهن تي الله تعالى غضب ڪيو ۽ انهن تي لعنت موڪلي ۽ انهن لاءِ جهنم تيار ڪئي ۽ (اها) موٽڻ لاءِ خراب جاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منافق مرد ۽ منافق عورتون ۽ مشرڪ مرد ۽ مشرڪ عورتون تن تي جي خدا جي باري ۾ برا خيال رکن ٿا، عذاب نازل ڪري. مٿن بڇڙي مصيبت پيل آهي ۽ خدا انهن تي غضبناڪ آهي ۽ مٿن لعنت ڪئي اٿس. ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس ۽ اهو ٺڪاڻو بڇڙو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عذاب ڪري منافقن کي منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي جيڪي گمان ڪندڙ آهن الله سان برو گمان انهن تي آهي گردش بري ۽ ڪاوڙيو الله انهن تي ۽ لعنت ڪيائين انهن کي ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ جهنم بري جاءِ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (هن لاءِ به ته) دغاباز مردن ۽ دغاباز زالن ۽ (الله سان) ڀائيوار ٺهرائيندڙ مڙسن ۽ ڀائيوار ٺهرائيندڙ زالن کي سزا ڏئي جي الله ۾ بدگماني رکن ٿا. مٿن بڇڙي مصيبت (پيل) آهي ۽ انهن تي الله ڪاوڙيو آهي ۽ مٿن لعنت ڪئي اٿس. ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس ۽ اهو ٺڪاڻو بڇڙو آهي. (6)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هن لاءِ به ته) منافق مردن ۽ منافق عورتن کي ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي عذاب ڏئي جيڪي الله ۾ بريون بدگمانيون رکن ٿا. انهن مٿان بري گردش آهي. ۽ الله انهن مٿان ڏمريو آهي ۽ انهن تي لعنت ڪيائين ۽ انهن لاءِ جهنم تيار ڪيائين ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ کوٽن ۽ کوٽِيُن، سزا ڏِئي سُبحان، پڻ مُشرڪ مَرد، عورتون، جي پُوڄِينِ ٿاڦِيَل ٿان، بُڇڙو بَدگمان، رَکندڙ رَبَّ، رَحمان ۾. مَٿن پَوي مار، ۽ شل ڏمري مَٿنِ ڏيهه ڌڻي! ۽ تڙينِ ۽ ڪيائين تن لئي، تتل باهه تيار، ۽ بُڇڙو ٿيو بِسيار، موٽِي ماڳ رهڻ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منافقن ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري، جي الله تي بلڪل بڇڙو گمان ڪندڙ آهن- شال مٿن بڇڙي مصيبت هجي! مٿن الله ڏمريو کين لعنت ڪيائين- انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيائين ۽ اهو بڇڙو ٺڪاڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي سزا ڏئي، جن جا الله جي باري ۾ نهايت خراب گمان آهن. بڇڙائيءَ ۾ هو پاڻ اچي ويا آهن ۽ مٿن الله جو ڏمر ٿيو آهي، مٿن لعنت وڌي اٿائين ۽ انهن لاءِ جهنم تيار ڪيو اٿائين، جيڪو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سزا ڏئي انهن منافقن ۽ منافقياڻين کي، ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي (جيڪي) برا گمان رکن ٿا الله جي باري ۾، اهي برائيءَ جي چڪر ۾ پاڻ اچي ويا آهن ۽ ڏمر آهي انهن تي الله جو، ۽ لعنت ڪئي انهن تي ۽ تيار ڪئي انهن لاءِ دوزخ، ۽ (جيڪو) تمام برو ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي باري ۾ غلط گمان رکڻ جي ڪري منافق مردن ۽ منافق عورتن، مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي عذاب ڏي ( انهن بدگمانين جي ڪري) انهن جي مٿان اهو برو معاملو اچي ويو آهي، مٿن الله تعالى جو غضب پيو، ۽ هن انهن تي لعنت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ جھنم کي تيار ڪري ڇڏيو، جيڪو برو ٺڪاڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ جُنودُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 7) |
۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آھن، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جا سڀ لشڪر الله ئي جا آهن، ۽ الله تعاليٰ وڏي طاقت ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمانن ۽ زمينن جو لشڪر الله تعالى جو آهي، ۽ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا (ئي) آهن. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جا آهن لشڪر آسمانن جا ۽ زمين جا ۽ آهي الله غالب، حڪمت وارو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آهن. ۽الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين جا لشڪر سڀ الله جا آهن. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَکٽ ڪَٽڪَ اُڀن ۾، پڻ جي ڌرتئَ مَنجھ دَوام، آهِن سَڀ اَللهَ جا، تابِعدار تمام، ۽ آهي رَبّ علام، ڏاڍو ڏاهو ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جا آهن ۽ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جا لشڪر الله جي ئي هٿ وس آهن ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي لاءِ ئي قبضي ۾ آهن سڀ لشڪر آسمانن ۽ زمين جا ۽ الله ئي زبردست ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جا (اصل) لشڪر ته الله تعالى جا ئي آهن ۽ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 8) |
بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان توکي (اي پيغمبر حق جي) شاهدي ڏيندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ (نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (بدعملن جي بدنتيجن بابت) خبردار ڪندڙ ڪري موڪليو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان رسولِ عربي کي شاهد ۽ بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اسان تو کي (سڀني عالمن جو) شاهد ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄارڻ وارو (رسول) بڻائي موڪليو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ بشارت ڏيندر ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) بيشڪ اسان توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي موڪليو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي مُڪو سون مُورهِين ڪري شاهِد عام، پڻ کِيرون ڏِيندڙ خلق ۾، ۽ ڄاڻوئـِي ڄام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توکي شاهدي ڏيندڙ، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان توکي شاهدي ڏيندڙ، خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ بڻائي موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ اسان موڪليو آهي توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪرڻ وارو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان کي شاهدي ڏيندڙ، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِتُؤمِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَتُعَزِّروهُ وَتُوَقِّروهُ وَتُسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 9) |
ته اوھين الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عِزّت ڪريو، ۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو الله کي پاڪائيءَ سان ساراھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ ته اوهان (انسان) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو (يعني قرآن مجيد جي تعليم قبول ڪيو) ۽ الله جي (دين قائم ڪرڻ ۾ سندس) مدد ڪيو ۽ سندس تعظيم ڪيو ۽ صبح توڙي شام (يعني هر وقت) سندس شان ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ سرگرم رهو (يعني سندس نظام قائم ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ۽ ڪوششون ڪندا رهو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته توهان الله تعالى ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسولِ عربيءَ جي تعظيم ۽ توقير ڪريو، ۽ توهان صبح و شام ان جي پاڪائي بيان ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته اي مسلمانو!) اوهين خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس مدد ڪريو ۽ کيس بزرگ ڄاڻو ۽ صبح شام سندس تسبيح ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ مدد ڪيو ان جي ۽ تعظيم ڪيو ان جي ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪيو صبح ۽ شام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته (اي مسلمانو !) اوهين الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪريو ۽ سندس عزت ڪريو ۽ صبح شام جو سندس پاڪائي بيان ڪريو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته (اي انسانو) اوهان الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس (دين جي) مدد ڪيو ۽ سندس تعظيم ۽ توقير ڪيو. ۽ صبح ۽ شام (الله جي) پاڪائي بيان ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، وِسهو سڀ وَريام!، پڻ مَدد ڪريوسِ مَهل تي، ۽ ڏيوسِ مانَ مُدام، پڻ سَدا صُبح، شام، ساراهِيو سُبحان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اوهين الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ ان جي مدد ڪريو ۽ سندس عزت ڪريو ۽ صبح شام اُن (الله) کي پاڪائي سان ساراهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته توهان (اي انسانؤ) الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس (يعني رسول جو) ساٿ ڏيو ۽ سندس ادب ۽ تعظيم ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله جي پاڪائي بيان ڪندا رهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ ان جو ساٿ ڏيو ۽ ان جي تعظيم ڪريو، ۽ صبح شام سندس تسبِح بيان ڪندا رهو پاڪائيءَ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن (اي انسانو!) توهان سڀ الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري تي ايمان آڻيو، سندس هٿ مضبوط ڪريو، ان جي عزت ۽ احترام ڪريو ۽ صبح ۽ شام الله تعالى جي تسبيح ڪندا رهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُبايِعونَكَ إِنَّما يُبايِعونَ اللَّهَ يَدُ اللَّهِ فَوقَ أَيديهِم فَمَن نَكَثَ فَإِنَّما يَنكُثُ عَلىٰ نَفسِهِ وَمَن أَوفىٰ بِما عٰهَدَ عَلَيهُ اللَّهَ فَسَيُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 10) |
بيشڪ جيڪي توسان بيعت ڪندا آھن سي الله ئي سان بيعت ڪندا آھن، سندن ھٿن مٿان الله جو ھٿ آھي، پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو سو رڳو پنھنجي ڇيئي لاءِ ٿو ڀڃي، ۽ جنھن (ڳالھ) تي الله سان انجام ڪيو اٿس تنھنکي جيڪو پورو ڪندو پوءِ سگھو تنھن کي (الله) وڏو اجر ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اهي (مؤمن) جيڪي تنهنجي بيعت ڪري رهيا آهن سي يقيناً الله جي ئي بيعت ڪري رهيا آهن. الله جو هٿ هنن جي هٿن جي مٿان آهي. پوءِ جيڪو پنهنجو (قسم تي ڏنل) عهد ٽوڙيندو سو ان جي ٽوڙڻ سان پنهنجو ئي نقصان ڪندو، ۽ جيڪو اهو عهد پاڙيندو جو هن الله تعاليٰ سان ڪيو آهي تنهن کي الله تعاليٰ تمام وڏو اجر ۽ انعام ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو (صحابه ڪرام) توهان (رسولِ عربي) جي هٿ تي بيعت ڪن ٿا، اهي ته الله تعالى سان بيعت ڪن ٿا، ۽ انهن جي هٿن تي الله تعالى جو هٿ آهي، پوءِ جنهن ماڻهو وعدو ٽوڙيو پوءِ پنهنجي لاءِ وعدو ٽوڙيو، ۽ جنهن ماڻهو الله تعالى سان ڪيل وعدو پورو ڪيو پوءِ الله تعالى جلد انهن کي اجرِ عظيم عطا ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي تو سان بيعت ڪن ٿا سي رڳو خدا سان بيعت ڪن ٿا. خدا جي قوت ۽ قدرت ته سڀني تي غالب آهي ته پوءِ جيڪو انجام ڀڃندو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ پنهنجو قول ڀڃي ٿو ۽ جو شخص ان انجام کي پورو ڪندو جنهن جو خدا ساڻ قرار ڪيو اٿس تنهن کي خدا وڏو اجر ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جيڪي بيعت ڪن ٿا تنهنجي بيشڪ بيعت ڪن ٿا الله جي الله جو (قدرتي) هٿ انهن جي هٿن جي مٿان آهي پوءِ جيڪو (انجام) ٽوڙيندو پوءِ تحقيق ڀڃي ٿو پنهنجي سر تي ۽ جنهن وفاداري ڪئي ان جي جنهن تي عهد ڪيائين الله سان پوءِ جلد ڏيندو ان کي اجر وڏو. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) بيشڪ جيڪي (حديبيه جي صلح جي وقت) توسان بيعت ڪن ٿا سي رڳو الله سان بيعت ڪن ٿا. انهن جي هٿن مٿان الله جو هٿ آهي. پوءِ جيڪو انجام ڀڃندو سو رڳو پاڻ تي (مصيبت آڻڻ لاءِ) پنهنجو قول ڀڃي ٿو ۽ جو شخص ان انجام کي پورو ڪندوجنهنجو الله سان اقرار ڪيو اٿس تنهن کي الله وڏو اجر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) بيشڪ جيڪي ماڻهو تو سان بيعت ڪن ٿا اُهي ته الله سان ئي بيعت ڪن ٿا انهن جي هٿن مٿان الله جو هٿ آهي. پوءِ جنهن عهد ٽوڙيو ان پنهنجي نقصان ڪاڻ ئي عهد ڀڳو ۽ جنهن الله سان ڪيل معاهدو پورو ڪيو ته پوءِ سگهو ئي الله ان کي زبردست اجر عطا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي هَٿ، هَٿ تي رَکِي، ٻَڌن توسان ٻول، اُهي ڪَن ٿا قول، خُود خدا پاڪ سان. آهي سَندو اَلله، هَٿ اُنهن جي، هَٿن تان، پوءِ ڀڳو جِنهن بَدخواھ، تنهِن وِرھ وِهايو پاڻ لئي. ۽ قادِر ساڻ قرار، جنهن ڪيو، سو پاريو، پوءِ ڏِيندو ڏيہ ڏاتار، اَجر وَڏوئـِي اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي تنهنجي بيعت ٿا ڪن، اهي سچ ته الله جي بيعت ٿاڪن، انهن جي هٿن تي الله جو هٿ آهي- پوءِ جيڪو (انجام) ڀڃندو، سو فقط پنهنجي پاڻ لاءِ ئي ٿو ڀڃي- ۽ جنهن الله سان ڪيل انجام پورو ڪيو، تنهن کي سگهو ئي الله وڏو اجر ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يقينًا اي نبي! جن ماڻهن توسان پئي بيعت ڪئي، انهن اصل ۾ الله سان پئي بيعت ڪئي، الله جو هٿ سندن هٿن جي مٿان هو. هاڻي جيڪو انهيءَ عهد کي ٽوڙيندو ته ان جي ٽوڙڻ جي شامت سندس مٿان پوندي ۽ جيڪو انهيءَ عهد کي پاڙيندو جيڪو هن الله سان ڪيو آهي ته جلد ئي الله کيس تمام وڏو اجر عطا ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ (اي نبي!) جيڪي ماڻهو تنهنجي بيعت ڪري رهيا هئا سي ته اصل ۾ بيعت ڪن پيا الله سان، الله جو هٿ هو سندن هٿن تي، هاڻي جيڪا به (ڌر) ٽوڙيندي ته ان جي وعدي ٽوڙڻ جو وبال سندس ذات تي پوندو ۽ جيڪو وفا ڪندو پنهنجي ان وعدي سان جيڪو الله سان ڪيل آهي، ته اهو کيس وڏو اجر عطا ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو تنھنجي بيعت ڪري رهيا آهن سي (حقيقت ۾) الله تعالى سان بيعت ڪري رهيا آهن، انهن جي هٿن مٿان الله تعالى جو هٿ آهي. هاڻي جيڪو ان (بيعت ۽ انجام) کي ٽوڙيندو ته ان جو وبال ان جي مٿان ئي پوندو ۽ جيڪو الله تعالى سان ڪيل انجام کي پورو ڪندو ته ان کي الله تعالى وڏو اجرعطا ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيَقولُ لَكَ المُخَلَّفونَ مِنَ الأَعرابِ شَغَلَتنا أَموٰلُنا وَأَهلونا فَاستَغفِر لَنا يَقولونَ بِأَلسِنَتِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم قُل فَمَن يَملِكُ لَكُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا إِن أَرادَ بِكُم ضَرًّا أَو أَرادَ بِكُم نَفعًا بَل كانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 11) |
(اي پيغمبر) ٻھراڙيءَ وارن مان پوءِ تي رھيل توکي چوندا ته اسان کي پنھنجن مالن ۽ پنھنجي گھر جي ڀاتين رُجھايو تنھنڪري اسان لاءِ بخشش گھر، پنھنجين زبانن سان اھا (ڳالھ) چوندا آھن جا اُنھن جي دلين ۾ نه آھي، (کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله) اوھان کي ڏک پھچائڻ جو ارادو ڪري يا اوھان کي سُک پھچائڻ جو ارادو ڪري ته الله جي سامھون اوھان لاءِ ڪير ڪجھ ڪري سگھي ٿو، بلڪ جيڪي ڪجھ ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٻهراڙيءَ جي عربن مان جيڪي پٺتي رهجي پيا (۽ حديبيه واري سفر ۾ شامل نه ٿيا) سي (تنهن جي مديني موٽڻ بعد ڪوڙا عذر ٺاهي) چوندا ته اسان کي مال ۽ اهل اولاد (يعني رڍن ٻڪرين ۽ ٻارن ٻڍن جي سنڀال) مشغول رکيو (تنهن ڪري سفر ۾ شريڪ نه ٿي سگهياسين) سو اسان جي خطا جي بخشجڻ لاءِ دعا گهر. اُهي (اعرابي) ماڻهو پنهنجي زبان سان اهي ڳالهيون چوندا جي سندن دلين ۾ ناهن، (اي پيغمبر!) کين چئي ڏي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان کي ڪو نقصان پهچائڻ يا نفعو پهچائڻ جو ارادو ڪري ته پوءِ ڪنهن کي طاقت آهي جو اوهان جي لاءِ الله وٽ ڪجهه ڪري سگهي. (توهان جيڪي سمجهيو آهي سو غلط آهي) حقيقت هيءَ آهي ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي جلد اهي ڳوٺاڻا چوندا جيڪي جهاد کان پوئتي ٿيا ته اسان کي اسان جي مال ۽ اهل مشغول بنايو، پوءِ توهان اسان لاءِ بخشش طلب ڪريو، اهي پنهنجي زبانن سان اِهو چون ٿا جيڪو سندس دلين ۾ ناهي. رسولِ عربي توهان فرمايو پوءِ ڪير آهي جيڪو ڪنهن شيءِ جو اختيار رکي ٿو جيڪڏهن اهو توهان لاءِ نقصان ۽ نفعي جو ارادو ڪري ٿو. بلڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ٻهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهيل تو کي چوندا ته اسان جي مالن ۽ اسان جي ٻارن ٻچن اسان کي (حديبيه ۾ اچڻ کان) رجهائي ڇڏيو هو، ۽ تون اسان لاءِ (خدا کان) معافي جي دعا گهر، اهي ماڻهو پنهنجن زبان سان اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا جي سندن دلين ۾ نه آهن. تون چوين ته جيڪڏهن خدا اوهان کي نقصان پهچائڻ گهري يا اوهان کي فائدو رسائڻ گهري ته پوءِ اهڙو ڪير آهي جو خدا جي مقابلي ۾ اوهان لاءِ ڪجھ به ڪري سگهي ٿو؟ پر جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي خدا کي پوري خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد چوندا اوهان کي پوئتي ڇڏيل ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙن مان ته مشغول ڪيو اسان کي اسان جي مالن ۽ اسان جي اهلن پوءِ مغفرت طلب ڪر اسان جي لاءِ چون ٿا پنهنجين زبانن سان جيڪو ناهي انهن جي دلين ۾ فرماءِ ته پوءِ ڪير ٿو مالڪ ٿئي اوهان جي لاءِ الله کان ڪنهن شيءِ جو جيڪڏهن ارادو فرمائي اوهان سان نقصان جو يا ارادو فرمائي اوهان سان نفعي ڏيڻ جو بلڪ الله ان جي جيڪي اوهان ڪيو ٿا خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ٻهراڙي وارن مان پٺتي رهيل توکي چوندا ته اسان جي مالن ۽ اسان جي ٻارن ٻچن اسان کي (ڪم ۾ ) رجهائي ڇڏيو هو، پوءِ تون اسان لاءِ معافي گُهر! اهي پنهنجي زبان سان اها ڳالهه چون ٿا جا سندن دلين ۾ نه آهي. تون چؤ ته جيڪڏهن الله اوهان کي نقصان پهچائڻ گهري يا اوهان کي فائدو پهچائڻ گهري ته پوءِ اهڙو ڪير آهي جو الله جي مقابلي ۾ اوهان لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو؟ پر جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله کي پوري خبر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻهراڙي وارن مان (حديبه جي سفر ۾ شرڪت کان) پوئتي رهجي وڃڻ وارا سگهو ئي تو کي چوندا ته: ”اسان کي اسان جي مالن ۽ گهروارن مشغول رکيو هيو. پوءِ تون اسان لاءِ بخشش طلب ڪر“. اُهي پنهنجي زبانن سان اِها ڳالهه چون ٿا جا سندن دلين ۾ نه آهي. تون چؤ ته: ”ڪير آهي جيڪو توهان جي الله جي مقابلي ۾ ڪنهن شيءِ جي مالڪي ڪندو جيڪڏهن ان توهان جي نقصان جو ارادو ڪيو يا توهان جي نفعي جو ارادو ڪيو؟ بلڪه الله توهان جي ڪمن کان با خبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو چَوندئـِي سامهون، گوسڙ گاموئـِي، ته مال، عيال اَسان کي، ڪاهِل ڪيوئـِي، پوءِ اَسان لئي عَفو گُھر، عُذر اِهوئـِي، سوچَوَن سَندنِ چَپن سان، جِئَ ۾ نه تن جوئـِي، چئو آن کي ڪير ڪَرِيم کان، اِيندو آڏوئي، جن آن کي ڏَک ڏِيڻ گُھري، يا سُک ڏِئي سَڀَوئـِي، ڪريو ڪم ڪوئـِي، ته آگو آگاھ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻهراڙيءَ وارن مان پوئتي رهيل سگهوئي توکي چوندا ته ”اسين پنهنجي مال ۽ گهر وارن سبب واندا ٿي نه سگهياسون_ تنهن ڪري اسان لاءِ بخشش گهر“! اهو رڳو زبانن سان ٿا چون، انهن جي دلين ۾ ناهي_ چئو ته جيڪڏهن الله اوهان کي نقصان پهچائڻ چاهي، يا اوهان کي سک پهچائڻ جو ارادو ڪري، ته الله جي سامهون اوهان لاءِ ڪير ڪجهه ڪري ٿو سگهي؟ بلڪ جيڪي به ڪريو ٿا، ان جي خبر الله کي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ٻهراڙيءَ وارن (بدوين) مان جيڪي ماڻهو پوئتي ڇڏي ڏنا ويا هئا، سي هاڻي ضرور توکي اچي چوندا ته "اسان کي پنهنجن مالن ۽ ٻارن ٻچن جي فڪر رُڌل رکيو هو، تون اسان لاءِ معافيءَ جي دعا گهر". اهي جيڪي پنهنجي زبانن سان چون ٿا سو سندن دلين ۾ ناهي.چوين ته "چڱو جي ائين آهي ته پوءِ توهان جي معاملي ۾ ڪنهن کي طاقت آهي ته الله جي فيصلي کي روڪي سگهي، جيڪڏهن هو توهان کي ڪو نقصان پهچائڻ گهري يا وري ڪو فائدو ڏيڻ چاهي؟ توهان جي عملن کان ته الله ئي واقف آهي، (پر اصل ڳالهه اها ناهي جيڪا توهان چئو ٿا) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) هاڻي چوندا توکي اهي پوئتي رهجي ويل ڳوٺاڻا عرب ته، اسان کي مشغول رکيو اسان جي مال ۽ اولاد، پوءِ تون اسان جي لاءِ بخشش جي دعا گُهر. اهي چوندا آهن پنهنجي زبانن سان اهڙيون ڳالهيون جيڪي نه هونديون آهن سندن دلين ۾، کين چؤ، چڱو جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته ڪير به توهان جي معاملي ۾ الله جي فيصلي کي روڪڻ جو ڪجهه به اختيار نٿو رکي، جيڪڏهن اهو ارادو ڪري توهان کي نقصان پهچائڻ يا نفعي ڏيڻ جو، اهو ئي الله توهان جي عملن کان بلڪل باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) عرب جا اُهي ڳوٺاڻا جيڪي تنھنجي دعوت ڏيڻ جي باوجود عمري جي ادائگي کان پوئتي رهجي ويا، سي هاڻي تو وٽ (بهانا ٺاهي) اچي چوندا ته اسان کي پنھنجي مالن ۽ ٻار ٻچن مشغول ڪري ڇڏيوهو جنھن ڪري اسان توهان سان گڏ نه هلي سگهياسين. سو (مھرباني ڪري) اسان جي لاءِ بخشش جي دعا گهرو. (حالانڪه) هي ماڻهو اهڙي ڳالهه چون ٿا جيڪا سندن دلين ۾ نه هئي. چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى توهان کي نقصان پھچائڻ چاهي يا فائدو پھچائڻ چاهي ته ان جي اڳيان ڪير آهي جيڪو توهان جي لاءِ ڪجهه ڪري سگهي؟ الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل ظَنَنتُم أَن لَن يَنقَلِبَ الرَّسولُ وَالمُؤمِنونَ إِلىٰ أَهليهِم أَبَدًا وَزُيِّنَ ذٰلِكَ فى قُلوبِكُم وَظَنَنتُم ظَنَّ السَّوءِ وَكُنتُم قَومًا بورًا (آيت : 12) |
بلڪ ڀانيوَ ته پيغمبر ۽ مؤمن پنھنجن گھرن ڏانھن اصلي ڪڏھن نه موٽندا ۽ اِھو (گمان) اوھان جي دلين ۾ چڱو (ڪري) ڏيکاريو ويو ۽ (تمام) بڇڙو گمان ڀانيوَ، ۽ (اوھين) ھلاڪ ٿيل قوم ٿيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڳالهه ائين ناهي ته توهان مشغول هئو) بلڪه حقيقت هيءَ آهي ته توهان ڀانئيو هو ته، حضرت رسولﷺ ۽ مؤمن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻڍن ڏي ڪونه موٽندا (ڇو ته مڪي جا ڪافر ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا ته ڪن کي گرفتار ڪري غلام بنائيندا) ۽ اهو خيال ۽ اها ڳالهه توهان جي دلين کي ڏاڍي وڻي پئي. توهان ڏاڍو خراب خيال ڪيو هو، سو توهان برباد ٿيڻ وارا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ توهان گمان ڪيو ته رسولِ عربي ۽ مؤمن ڪڏهن به پنهنجي اهل ڏانهن نه موٽندا ۽ اها ڳالهه توهان جي دلين ۾ سينگاري وئي ته توهان (انهن لاءِ) خراب گمان ڪيو، ۽ توهان (الله تعالى وٽ) برباد ٿيندڙ قوم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي رڳو اوهان جا بهانا آهن) ڳالھ هي آهي ته اوهان هي ڄاتو هو ته رسول ۽ مومن ڪڏهن به پنهنجن ٻارن ٻچن ڏي ڪين موٽندا (سڀ مارجي ويندا) ۽ اها ڳالھ اوهان جي دلين ۾ کپي ويئي هئي ۽ (ان ڪري ئي) اوهين طرح طرح جون بدگمانيون ڪرڻ لڳا هئا ۽ (نيٺ) اوهين پاڻ برباد ٿيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ گمان ڪيو اوهان هي ته هرگز نه موٽندو رسول ۽ مؤمن پنهنجن اهلن ڏانهن هميشہ ۽ سينگاريو ويو اهو (گمان) اوهان جي دلين ۾ ۽ گمان ڪيو اوهان گمان بڇڙو ۽ هيئو اوهان قوم هلاڪ ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان هي خيال ڪيو هو ته رسول ۽ ايمان وارا پنهنجن ٻارن ٻچن ڏي ڪڏهن به نه موٽندا ۽ اهو خيال اوهانجن دلين ۾ چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ اوهان بڇڙو خيال ڪيو ۽ اوهين برباد قوم ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه توهان هي گمان ڪيو هيو ته رسول ۽ ايمان وارا پنهنجي ٻارن ٻچن ڏي ڪڏهن به واپس نه موٽندا ۽ اِهو خيال توهان جي دلين ۾ چڱو ڪري ڏيکاريو ويو هيو ۽ توهان گمان ڪيو بڇڙو گمان. ۽ توهان هلاڪ بنجڻ واري قوم ٿي ويا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ اوهان ڀانيو، ته مُؤمن ۽ نَبِي نُور، سَدا سَندنِ عيال ڏي، موٽنڊا نه مُور، اُن کي اوهان جي اَندر ۾، ويئـِي زِينت ڏِنِي ضرور، بُڇڙو شَڪ شِڪست جو، ڀانيان بي شُعور، ۽ آهيو اَوهِين مَغرور، قوم بِنَہ بَرباد ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ اوهان ڀانيو ته رسول ۽ مؤمن پنهنجي گهر وارن ڏانهن ڪڏهن نه موٽندا- اهو خيال اوهان جي دلين ۾ سهڻو ڪري ڏيکاريو ويو، اوهان بڇڙو گمان ڪيو ۽ اوهين ناس ٿيندڙ قوم آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه توهان ائين سمجهيو هو ته رسول ۽ مؤمن ته پنهنجن گهرن ڏانهن ڪڏهن به موٽي نه سگهندا ۽ اهو خيال توهان جي دلين کي ڏاڍو سٺو لڳو، توڻي جو توهان گمان ته ڏاڍو بڇڙو ڪيو هو ۽ توهان اندر جا ڏاڍا کوٽا ماڻهو آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اصل ڳالهه اها ناهي جيڪا توهان چئو ٿا) توهان ته ائين پئي سمجهيو ته رسول ۽ مؤمن پنهنجي گهر وارن ڏانهن واپس ڪڏهن نه ايندا ۽ اهو ئي خيال توهان جي دلين کي ڏاڍو وڻيو پئي، ۽ توهان ته ڏاڍا برا گمان پئي رکيا، ۽ توهان ته (اهي ماڻهو آهيو) جيڪي اندر جا تمام کوٽا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (درحقيقت) توهان ڳوٺاڻن اهو پڪو گمان ڪري ڇڏيو هو ته رسول سڳورو ۽ مؤمن هاڻي ڪڏهن به پنھنجي ٻارن ٻچن ڏانھن واپس موٽي نه ايندا. توهان کي پنھنجي دلين ۾ اها ڳالهه ڏاڍي سٺي پئي لڳي ۽ توهان (انتھائي) برو گمان ڪيو، سو توهان تباهه ٿيندڙ قوم ٿي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن لَم يُؤمِن بِاللَّهِ وَرَسولِهِ فَإِنّا أَعتَدنا لِلكٰفِرينَ سَعيرًا (آيت : 13) |
۽ جنھن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان نه آندو ته بيشڪ اسان انھن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به الله ۽ سندس رسول تي ايمان نٿا رکن (سي ڪافر آهن) سو اسان يقيناً ڪافرن جي لاءِ سخت ڄڀي ڪندڙ باهه تيا ڪري رکي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسولِ عربيءَ تي ايمان نه آندو پوءِ بيشڪ اسان (اهڙن) ڪافرن لاءِ دوزخ تيار ڪئي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول تي ايمان نه آڻي ته اسان اهڙن ڪافرن لاءِ دوزخ جي باھ تيار ڪري رکي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ايمان نه آندو الله تي ۽ ان جي رسول تي پوءِ بيشڪ اسان تيار ڪئي اسان ڪافرن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن الله ۽ سندس رسول تي ايمان نه آندو ته اسان (اهڙن) ڪافرن لاءِ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول تي ايمان نه آڻي ته پوءِ بلاشڪ اسان ڪافرن لاءِ دوزخ تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول تي، نه اندو اعتبار، پوءِ توڙان اَسان تيار، ڪيو ڪاڙهو ڪافِرن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن الله ۽ سندس رسول تي ايمان نه آندو، ته بيشڪ اسان انهن ڪافرن لاءِ ٻرندڙ باهه تيار ڪئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان نه آندو آهي، اهڙن ڪافرن لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ايمان نٿا رکن الله ۽ سندس رسول تي، بيشڪ اهڙن ئي ڪافرن جي لاءِ اسان ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) تي ايمان نه آندو ته اهڙن ڪافرن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 14) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشي ۽ جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي. هو جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي سزا ڏئي ٿو، ۽ الله تعاليٰ غفور ۽ رحيم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي الله تعالى لاءِ آهي. جنهنکي چاهي بخش ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي عذاب ڪري ٿو. ۽ الله تعالى گھڻو بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله لاءِ ئي آهي. جنهن کي چاهي بخشيءَ ڇڏي جنهن کي چاهي سزا ڏئي ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ بادشاهي آسمانن جي ۽ زمين جي آهي بخشي ٿو جنهن کي گهري ۽ عذاب ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ الله بخشيندڙ، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سزا ڏئي. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله لاءِ ئي آهي. جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي سزا ڏئي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي هِڪ اَلله جو، اُڀ، ڀُون تي اِختيار، مَرهي تِنهن کي، مِهر سان، جنهن لئي گُھري غفار، وڻيسِ وَٺي تنهن کي، ڏِئي سَزا سَخت اَپار، صاحِب رَبُّ، ستار، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو..(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري- الله بخشڻهار ۽ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ الله ئي آهي، جنهن کي وڻيس معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس سزا ڏئي ۽ هو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي لاءِ ئي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي، معاف ڪري جنهن کي وڻيس ۽ سزا ڏئي جنهن کي وڻيس، ۽ اهو ئي الله آهي جيڪو وڏو بخشڻهار ۽ مهربان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي ئي آهي، هو جنھن کي چاهي معاف ڪري ۽ جنھن کي چاهي عذاب ڏي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيَقولُ المُخَلَّفونَ إِذَا انطَلَقتُم إِلىٰ مَغانِمَ لِتَأخُذوها ذَرونا نَتَّبِعكُم يُريدونَ أَن يُبَدِّلوا كَلٰمَ اللَّهِ قُل لَن تَتَّبِعونا كَذٰلِكُم قالَ اللَّهُ مِن قَبلُ فَسَيَقولونَ بَل تَحسُدونَنا بَل كانوا لا يَفقَهونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 15) |
جڏھن غنيمتن جي ھٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ تڏھن پوءِ تي رھيل چوندا اسان کي ڇڏيو ته اوھان سان ھلون، گھرندا آھن ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن، (کين) چؤ ته اسان سان ڪڏھن نه ھلندؤ اھڙي طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آھي، پوءِ سگھو چوندا ته بلڪ اوھين اسان سان حسد ٿا ڪريو، بلڪ (ھميشه) ٿورڙي کانسواءِ (ڪجھ به) نه سمجھندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو (حديبيه جي سفر وقت) پٺتي ويهي رهيا هئا سي، جڏهن توهان مؤمن اهڙي جهاد لاءِ نڪري پوندو جنهن ۾ غنيمت جو مال ملڻ جو امڪان آهي تڏهن چوندا ته اسان کي به پاڻ سان هلڻ ڏيو. اهي ماڻهو الله جي حڪم کي مٽائڻ ٿا گهرن. (اي پيغمبر انهن کي) چئو ته، اهڙيءَ حالت ۾ (يعني غنيمت جي مال جي حاصل ڪرڻ جي نيت سان) اوهان کي هرگز پاڻ سان هلڻ ڪونه ڏينداسين. الله تعاليٰ اڳئي اهڙو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پوءِ هو چوندا ته، (الله جو نالو ته هونئن ئي ٿا وچ ۾ آڻيو) حقيقت هيءَ آهي ته توهان اسان سان حسد ٿا رکو (تنهن ڪري اسان کي پاڻ سان شامل نٿا ڪيو)، پر سچي حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو (خود غرضيءَ جي ڳالهين کان سواءِ) ٻيو ڪجهه به نٿا سمجهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جلد اهي ماڻهو چوندا جيڪي پوئتي رهيا، جنهن وقت توهان غنيمتن ڏانهن ويندا ان لاءِ ته توهان اهي حاصل ڪريو (اهي چوندا) اسان کي ڇڏيو ته اسين توهان سان گڏ هلون، اهي چاهين ٿا ته الله تعالى جي حڪم کي تبديل ڪن. رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان هرگز اسان سان گڏ نه هلو، الله تعالى اڳ ۾ ئي ايئن فرمايو. پوءِ فوراً اهي چوندا ته توهان (مسلمان) اسان سان حسد ڪريو ٿا، بلڪ اهي ماڻهو تمام ٿورو سمجھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو) هاڻي جو اوهين (خيبر جي) غنيمتن جي وٺڻ لاءِ ويندو ته جي ماڻهو (حديبيه کان) پٺتي رهجي ويا هئا سي اوهان کي چوندا ته اسان کي به پاڻ سان وٺي هلو. اهي گهرن ٿا ته خدا جي ڳالھ کي بدلائي ڇڏين. (اي رسول! کين) چئو ته اوهين اسان سان ڪڏهن به نه هلندو اهڙي طرح خدا اڳي فرمائي چڪو آهي. ته اهي چوندا ته (نه) پر اوهين اسان تي سڙو ٿا، (خدا ائين چوندو) ڳالھ هئين آهي ته انهن ماڻهن کي تمام گهٽ ڄاڻ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد چوندا پٺتي رهايل جڏهن ويندؤ غنيمتن ڏانهن تانته وٺو انهن کي، ته ڇڏيو اسان کي ته هلون اوهان سان ارادو ڪن ٿا ته بدلائين الله جي فرمان کي فرماءِ ته هرگز نه هلندؤ اسان سان اهڙي طرح فرمايو الله اڳيئي پوءِ جلد چوندا بلڪ حسد ڪيو ٿا اوهان اسان سان بلڪ نٿي سمجهيا مگر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) جڏهن اوهين غنيمتن هٿ ڪرڻ لاءِ ويندو ته (حديبيه جي مسافريءَ کان) پٺتي رهيل چوندا ته اسان کي ڇڏيو ته اوهان سان هلون. هو گهرن ٿا ته الله جي ڳالهه کي بدلي ڇڏين. (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اوهين اسان سان ڪڏهن به نه هلندو. (نه هلو) اهڙيءَ طرح الله اڳي ئي فرمائي چڪو آهي. پوءِ چوندا ته (نه) پر اوهين اسان تي سڙو ٿا (ائين نه آهي جيئن هو چوندا) پر هو ٿوري ڳالهه کان سواءِ وڌيڪ نٿا سمجهن(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن توهان مالِ غنيمت حاصل ڪرڻ لاءِ هلندؤ ته پوئتي رهجي وڃڻ وارا جلدي چوندا اسان کي به اجازت ڏيو ته توهان سان گڏجي هلون، اِهي چاهن ٿا ته الله جي فرمان کي بدلائن. تون چؤ ته: ”توهان هرگز اسان سان گڏ هلي نه ٿا سگھو اهڙي طرح الله اڳ فرمائي چڪو آهي“، سو هاڻي چوندا ته: ”بلڪه توهان اسان سان حسد ڪيو ٿا“. بلڪه ڳالهه هي آهي ته اِهي (حق ڳالهه کي) گهٽ ئي سمجهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺل وِهلور چوندا، جڏهن لٿو جَنگاھ، جڏهن جَنگي مال لئي، اوهين رَميا مَٿي راھ، تان رهيل مال ميڙيو، تڏهن وَراڻينِ وِڻاھ، ڇڏيو ته اَسِين اوهان سان، هَلون ٿِي هَمراھ، گُھرن ٿا گُمراھ، ته ڦيرِين اَمر الله جا. چئو، اَوهين اَسان جي پُٺ ۾، نه هَلندا ڪِنهين حال، اَڳيئـِي اَوهان کي چيو، جابِر جَلَّ جَلال، سَهو نه اسان کي اُٽلندو، پوِ چوندا اِهڙِي چال، سَمجھن ڪِين ڪُلال، ري ڳاڻ ڳڻي ڪِنهن ڳالهڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن لُٽ جي مال هٿ ڪرڻ لاءِ ويندؤ، ته اهي پوئتي رهيل به يڪدم اچي چوندا، ته ”اسان کي ڇڏيو، ته اوهان سان هلون“ گهرن ٿا ته الله جي وعدي جي مخالفت ڪن؛ انهن کي چئو ته ”اوهين اسان سان هر گز نه هلندؤ، اهڙي طرح الله اڳيئي چئي چڪو آهي“. پوءِ سگهو ئي چوندا ته ”بلڪ اوهين اسان سان حسد ٿا ڪريو“ پر اهي بلڪل ٿورڙو ٿا سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) جڏهن توهان غنيمت جو مال حاصل ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳندؤ ته اهي پوئتي ڇڏي ڏنل ضرور توهان کي چوندا ته اسان کي به ساڻ هلڻ ڏيو. اهي چاهن ٿا ته الله جو فرمان بدلائي ڇڏين. چئي ڇڏين ته "توهان ڪنهن به طرح اسان سان گڏ نٿا هلي سگهو، الله اڳواٽ ئي ائين فرمائي چڪو آهي". اهي چوندا ته "نه بلڪه توهان اسان سان حسد ڪريو ٿا" (حالانڪه ڳالهه حسد جي نه آهي) بلڪه اهي ماڻهو صحيح ڳالهه گهٽ سمجهندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ضرور چوندا توهان کي جيڪي پوئتي رهيل هوندا جڏهن توهان غنيمت جو مال هٿ ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳندؤ، ته اسان کي به پاڻ سان هلڻ ڏيو، اهي اهو چاهيندا آهن ته تبديل ڪري ڇڏين الله جي فرمان کي، کين صاف چئي ڇڏ ته، توهان هرگز اسان سان گڏ هلي نٿا سگهو، الله اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي، پر اهي چوندا ته، توهان اسان سان حسد ٿا ڪريو، (جڏهن ته اها حسد جي ڳالهه ناهي) پر نٿا سمجهن اهي ماڻهو صحيح ڳالهه کي پر تمام ٿورا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) جڏهن توهان غنيمت جو مال حاصل ڪرڻ لاءِ (جنگ تي) روانا ٿيندا ته هي پوئتي رهجي ويندڙ توکي چوندا ته اسان کي به توهان پاڻ سان گڏ (جنگ تي) هلڻ جي اجازت ڏيو. هي ماڻهو الله تعالى جي (اڳ طئي ٿيل) ڳالهه کي بدلائڻ چاهين ٿا، کين صفا جواب ڏي ته توهان اسان سان (جنگ تي) هرگز نٿا هلي سگهو. توهان جي لاءِ الله تعالى اڳ ۾ ئي حڪم ڏئي چڪو آهي. ان تي هو چوندا ته توهان اسان ماڻهن سان ساڙ ڪريو ٿا (اِيئَن هرگز نه آهي) بلڪه اهي ماڻهو صحيح ڳالهه کي گهٽ ئي سمجهندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لِلمُخَلَّفينَ مِنَ الأَعرابِ سَتُدعَونَ إِلىٰ قَومٍ أُولى بَأسٍ شَديدٍ تُقٰتِلونَهُم أَو يُسلِمونَ فَإِن تُطيعوا يُؤتِكُمُ اللَّهُ أَجرًا حَسَنًا وَإِن تَتَوَلَّوا كَما تَوَلَّيتُم مِن قَبلُ يُعَذِّبكُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 16) |
(اي پيغمبر) پوءِ تي رھيلن ٻھراڙي وارن کي چؤ ته سخت ويڙھ واريءَ قوم (جي جنگ) ڏانھن (اوھين) سگھو سڏيا ويندؤ جو ساڻن ويڙھ ڪندؤ يا ته (اُھي) مُسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏھن چيو مڃيندؤ ته الله اوھان کي چڱو اجر ڏيندو، ۽ جيڪڏھن (ائين) ڦرندؤ جيئن (اوھين) ھن کان اڳ ڦريا ھئو ته (الله) اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٻهراڙيءَ جي بدوين مان جيڪي (حديبيه جي سفر وقت) پٺتي رهجي پيا هئا تن کي (اي پيغمبر) چئو ته، جلد اوهان کي اهڙن ماڻهن (سان لڙائي ڪرڻ) لاءِ سڏيو ويندو جيڪي سخت جنگ ڪندڙ آهن. توهان انهن سان جنگ ڪندا رهندؤ، جيستائين هو (اسلامي نظام جي) تابعداري ڪن. سو جيڪڏهن توهان فرمانبرداري ڪندو (يعني اسان جو حڪم مڃي انهن جنگين ۾ شريڪ ٿيندو) ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي چڱو اجر ڏيندو (يعني غنيمت جو مال به ملندو ۽ آخرت ۾ بهشت به ملندو. بشرطيڪه سچي نيت سان شريڪ ٿيندؤ) پر جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ جيئن اڳي (حديبيه جي سفر وقت) منهن موڙيو هيوَ ته پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي دردناڪ عذاب واري سخت سزا ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان پوئتي ٿيندڙ ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن کي فرمايو ته جلد توهان کي ان قوم ڏانهن سڏيو ويندو جيڪي سخت وڙهندڙ هوندا، توهان کي انهن سان وڙهڻو پوندو يا اهي اسلام آڻين، پوءِ جيڪڏهن توهان (الله تعالى جي) اطاعت ڪئي ته الله تعالى توهان کي سهڻو اجر عطا ڪندو. ۽ جيڪڏهن توهان (هاڻي به) بي فرماني ڪئي جيئنڪ هن کان اڳ توهان بي فرماني ڪئي ته الله تعالى توهان کي دردناڪ عذاب چکائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) ٻاهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهلين کي چئو ته جلد ئي هڪ سخت وڙهڻ واري قوم سان وڙهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو ويندو جو اوهين (يا ته) انهن سان وڙهندا ئي رهندو يا اهي مسلمان ئي ٿين. پوءِ جيڪڏهن اوهان (خدا جو) حڪم مڃيو ته خدا توهان کي سٺو بدلو ڏيندو ۽ جيڪڏهن پٺ ڦيرندو جيئن هن کان اڳي پٺ ڦيري اٿو ته اوهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ پٺتي رهايلن جي لاءِ بدوين مان ته جلد سڏيا ويندؤ قوم سگهه واريءَ سختي ڪندڙ ڏانهن جنگ ڪندؤ انهن سان يا مسلمان ٿيندا پوءِ جيڪڏهن اطاعت ڪندؤ ته ڏيندو اوهان کي الله اجر سهڻو ۽ جيڪڏهن ڦرندؤ جيئن ڦريا هيئو اڳي ته عذاب ڪندو اوهان کي عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ٻهراڙيءَ وارن مان پٺتي رهيلن کي چؤ ته سخت وڙهڻ واريءَ قوم ڏي اوهان کي سڏيو ويندو اوهين انهن سان وڙهندو يا هو تابعداري قبول ڪن. پوءِ جيڪڏهن اوهين (ان وقت) حڪم مڃيندو ته الله اوهان کي چڱو بدلو ڏيندو، ۽ جيڪڏهن پُٺ ڦيريندو جيئن هن کان اڳي (حديبيه جي مسافريءَ کان) پٺ ڦيري اٿوَ ته اوهان کي دردناڪ سزا ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٻهراڙي وارن مان پوئتي رهجي وڃڻ وارن کي چؤ ته: ”توهان جلد هڪ ويڙهُو قوم (سان جهاد) لاءِ سڏيا ويندؤ توهان انهن سان وڙهندا رهندؤ يا اُهي مسلمان ٿي ويندا، پوءِ جيڪڏهن توهان حڪم مڃندؤ ته الله اوهان کي بهترين بدلو ڏيندو، ۽ جيڪڏهن پُٺ ڦيريندؤ جيئن توهان هن کان اڳ پُٺ ڦيري چڪا آهيو ته اُهو توهان کي دردناڪ عذاب (۾ مبتلا) ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گوسڙ گامويَن کي، خبرڏي کري، ته سِگھو سَڏيان قوم ڏي، جا زَبر زور ڀَرِي، وِڙهندا اکِيَن وَرِي، يا اِيندا اُهي اسلام ۾. پوءِ جي حُڪم پاريان، صَحِي بَرصَواب، ته سُهڻو اَجر ثواب، ڏِيندو آن ڏيہ ڌڻِي. ۽ جي وَرِي وَريا پوءِ تي، جِيئن وَرِيا اڳ وَرِي، پوءِ سزا سَخت ڳَرِي، ڏِيندو آن کي ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوئتي رهيل ٻهراڙي وارن کي چئو ته ”اوهان کي ترت ئي سخت ويڙهه واريءَ قوم ڏانهن سڏبو، جو يا ته اوهين انهن سان وڙهندا يا اهي مسلمان ٿيندا، پوءِ جيڪڏهن تابعداري ڪندؤ، ته الله اوهان کي چڱو اجر ڏيندو- پر جيڪڏهن ڦري ويندؤ، جيئن هن کان اڳ ڦريا هئو، ته الله اوهان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن پوئتي ڇڏي ڏنل ٻهراڙيءَ وارن (بدوي عربن) کي چئي ڇڏ ته "سگهوئي توهان کي اهڙن ماڻهن سان وڙهڻ لاءِ سڏيو ويندو، جيڪي ڏاڍا طاقتور آهن، توهان کي انهن سان وڙهڻو پوندو يا وري اهي مطيع ٿي ويندا، پوءِ جي توهان تنهن وقت جهاد جي حڪم تي عمل ڪيو ته الله توهان کي ڀلو اجر ڏيندو، پر جي وري به توهان منهن موڙي ويئو، جيئن اڳي موڙي ويا هيؤ ته پوءِ الله توهان کي دردناڪ سزا ڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون چؤ انهن پوئتي رهڻ وارن بدو عربن کي ته، تمام جلد سڏيو ويندو توهان کي اهڙن ماڻهن سان وڙهڻ جي لاءِ، جيڪي ڏاڍا ويڙهاڪا آهن، توهان کي انهن سان ئي جنگ ڪرڻي پوندي، يا ته اهي مسلمان ٿيندا (تابعدار) پوءِ توهان جيڪر جهاد جي حڪم جي اطاعت ڪئي ته الله توهان کي سٺو اجر ڏيندو، پر جيڪڏهن توهان ساڳئي نموني منهن ڦيرائي ويا جيئن اڳي توهان ڪيو هو ته الله توهان کي عذاب ڏيندو تمام دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون انهن پوئتي رهجي ويندڙ ڳوٺاڻن کي چؤ ته (ٺيڪ آ) هاڻي توهان کي جلد ئي اهڙي قوم سان وڙهڻ لاءِ سڏيو ويندو جيڪا وڏي جنگجو آهي. توهان کي ان سان جنگ ڪرڻي پوندي. يا (ٿي سگهي ٿو ته) اُهي شڪست مڃين (ان جنگ جي دوران) جيڪڏهن توهان اطاعت ڪئي ته الله تعالى توهان کي بھترين اجرڏيندو ۽ جيڪڏهن توهان پھريان وانگر پُٺي ڦيريندا ته الله تعالى توهان کي دردناڪ عذاب ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ عَلَى الأَعمىٰ حَرَجٌ وَلا عَلَى الأَعرَجِ حَرَجٌ وَلا عَلَى المَريضِ حَرَجٌ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَمَن يَتَوَلَّ يُعَذِّبهُ عَذابًا أَليمًا (آيت : 17) |
(جھاد جي رھڻ کان) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي، ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انڌي تي ڪا ميار ڪانهي، نڪي منڊي تي، نڪي بيمار تي (جيڪڏهن هو لڙائي ۾ شريڪ نه ٿئي) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، ۽ جيڪو به (اطاعت کان) منهن موڙيندو تنهن کي الله تعاليٰ دردناڪ عذاب جي سخت سزا ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نابين (ماڻهو) تي ڪو حرج ڪونهي ۽ لنگڙي تي ڪو حرج ناهي ۽ مريض تي ڪو حرج ناهي (ته اهي جهاد لاءِ نڪرن) ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪري ٿو ته الله تعالى ان کي انهن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهنديون ۽ جيڪو ماڻهو نافرماني ڪندو ته الله تعالى ان کي دردناڪ عذاب چکائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جهاد کان پٺتي رهجي وڃڻ وارن مان) نه ته ڪنهن انڌي تي ئي ڪو گناھ آهي ۽ نه منڊي تي ڪو گناھ آهي ۽ نه ئي بيمار تي گناھ آهي. ۽ جو شخص خدا ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندو ته خدا کيس (بهشت) جي انهن سدا بهار باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جيڪو پٺ ڦيريندو تنهن کي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي انڌي تي ڪو گناھه ۽ نه منڊي تي ڪو گناھ ۽ نه بيمار تي ڪو گناھ ۽ جيڪو فرمانبرداري ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي ته داخل ڪندو ان کي بهشتن ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ جيڪو ڦرندو ته عذاب ڪندو ان کي عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انڌي تي ڪا تڪليف نه آهي، ۽ نه منڊي تي ڪا تڪليف آهي ۽ نه بيمار تي ڪا تڪليف آهي. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندو تنهن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن. ۽ جيڪو پٺ ڦيريندو تنهن کي دردناڪ سزا ڏيندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جهاد کان رهجي وڃڻ ۾) انڌي تي ڪو گناهه نه آهي نه منڊي تي ڪو گناهه آهي ۽ نه بيمار تي ڪا تڪليف آهي. ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته اُهو کيس بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون، ۽ جيڪو (فرمانبرداري کان) منهن موڙيندو اُهو ان کي دردناڪ عذاب ڏيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَنڌي، منڊي ۽ مريض تي، بِلڪُل ناهي بار، جو رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جو، رهيو تابِعدار، ته باغن مَنجھ بهشت جي، ڏِيندسِ جاءِ جبار، نِيچي جَن جي ناليون، وَهن ويرو تار، جو وَريو پانهِين پار، تنهِن کي سَزا ڏِيندو سَخت گَھڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي انڌي تي گناهه آهي، نڪي منڊي تي ڪا ميار آهي ۽ نڪي بيمار تي ڪو ڏوهه آهي- جيڪو الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪندو، تنهن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون وهندڙ آهن- ۽ جيڪو ڦرندو تنهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ها، باقي جيڪڏهن انڌو ۽ منڊو ۽ بيمار جهاد ڪرڻ لاءِ نه اچن ته (انهن تي) ڪا ميار ناهي. جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو، الله ان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون وهنديون ۽ جيڪو پٺي ڏيندو تنهن کي هو دردناڪ عذاب ڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها جي انڌو (جهاد تي) نه اچي ته حرج ناهي ۽ جيڪڏهن منڊو نه اچي (جهاد تي) ته حرج ناهي ۽ جيڪڏهن نه اچي (جهاد تي) ڪو مريض ته حرج ناهي، ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله ۽ سندس رسول جي، ته ان کي داخل ڪندو (الله) اهڙن باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون، ۽ جيڪو منهن ڦيرائيندو ته ان کي سخت ڏکوئيندڙ دردناڪ عذاب ڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هن جنگ ۾) انڌڙي، مَنڊڙي ۽ بيمار ماڻهوءَ جي نه هلڻ تي ڪوبه گناهه نه آهي. (بھرحال) جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي اطاعت ڪندو ته هو ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون. پر جيڪڏهن ڪير پُٺي ڦيريندو ته اُن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد رَضِىَ اللَّهُ عَنِ المُؤمِنينَ إِذ يُبايِعونَكَ تَحتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ ما فى قُلوبِهِم فَأَنزَلَ السَّكينَةَ عَلَيهِم وَأَثٰبَهُم فَتحًا قَريبًا (آيت : 18) |
بيشڪ الله مؤمنن کان راضي ٿيو جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين پوءِ مٿن (دل جو) آرام لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) الله تعاليٰ مؤمنن جي هن جماعت کان ڏاڍو راضي ٿيو آهي. جو هنن هن وڻ جي هيٺان ويهي تنهنجي بيعت ڪئي آهي (ته اسان مڪي جي ڪافرن سان وڙهڻ لاءِ دل و جان سان تيار آهيون) ۽ الله تعاليٰ کي سندن دلين (جي سچائيءَ) جو حال پوريءَ طرح معلوم هو. تنهن ڪري الله تعاليٰ (ان وقت) انهن جي دلين ۾ تسلي ۽ بي ڊپائي (جي لهر) پيدا ڪري ڇڏي ۽ کين هڪڙي ويجهي فتح بروقت عطا فرمائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق الله تعالى مؤمنن (صحابه ڪرام) کان راضي ٿيو، جنهن وقت وڻ جي هيٺان انهن رسولِ عربيءَ جي بيعت ڪئي پوءِ الله تعالى (ان سچائي ۽ وفاداري کي) معلوم ڪيو جيڪا انهن جي دلين ۾ هئي، پوءِ الله تعالى صحابه ڪرام جي مٿان سُڪون نازل ڪيو ۽ انهن کي ان جي عيوض فتح قريب عطا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) بيشڪ خدا ايمان وارن کان تنهن وقت راضي ٿيو جڏهن انهن وڻ جي هيٺان (وڙهي مرڻ جي) بيعت ڪئي ٿي. پوءِ جو ڪجھ انهن جي دلين ۾ هو تنهن کي ڏٺائين پوءِ انهن تي تسلي نازل فرمائي ۽ کين ان جي بدلي ۾ تمام جلد فتح عنايت ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق راضي ٿيو الله مؤمنن کان جڏهن بيعت ڪن پيا تنهنجي وڻ هيٺان پوءِ ڄاتائين اهو جيڪو سندن دلين ۾ آهي پوءِ لاٿائين سڪون انهن تي ۽ عطا ڪيائين انهن کي فتح ويجهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) بيشڪ الله ايمان وارن کان راضي ٿيو جڏهن انهن وڻ جي هيٺان توسان بيعت ٿي ڪئي پوءِ جيڪي سندن دلين ۾ هو سو ڄاتائين پوءِ مٿن (دل جو) اطمينان لاٿائين ۽ کين هڪ ويجهي فتح (خيبر جي فتح) بدلي ۾ ڏنائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ايمان وارن سان راضي ٿي ويو جڏهن اُهي (حديبيه ۾)وڻ جي هيٺان تو سان بيعت ڪري رهيا هئا پوءِ (الله) ڄاتو پئي جيڪي سندن دلين ۾ هيو سو انهن (جي دلين) تي اطمينان لاٿائين پوءِ انهن کي بدلي ۾ ويجهڙي فتح ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خُدا ڏاڍو خوش ٿيو، تن مُؤمنن کان مِير! توسان ٻول ٻَڌن پيا، وَڻ هيٺان، جي وِير، پوءِ سَڀ ڪُجھ پاڻ سَمجھيو، جو سَندنِ مَنجھ سَرِير، پوءِ اُتارِي اُنهن مَٿي، خاطرِي خَبِير، ۽ ڏِنو قول قَدِير، اُنهن کي اوڏِئَ سوڀ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله مومنن کان راضي ٿيو، جنهن وقت وڻ هيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون، پوءِ جيڪي سندن دلين ۾ هو، سو ڄاتائين، پوءِ مٿن آرام لاٿائين، پوءِ کين هڪ ويجهي سوڀ جو انجام ڏنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) الله مؤمنن کان راضي ٿي ويو، جڏهن هو وڻ هيٺان توسان بيعت ڪري رهيا هئا. سندن دلين جو حال کيس معلوم هو، پوءِ هن مٿن آٿت لاٿو ۽ کين انعام ۾ ويجهڙي فتح عطا ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ خوش ٿي ويو الله انهن مؤمنن کان جڏهن اهي توهان سان بيعت ڪري رهيا هئا وڻ جي هيٺان، کيس معلوم هو انهن جي دلين جو حال، ان ڪري نازل ڪيائين اطمينان انهن تي ۽ کين بخشيائين فتح (جيڪا) ويجهي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) الله تعالى مؤمنن کان ان وقت خوش ٿي ويو جڏهن هو وڻ جي هيٺان تنھنجي بيعت ڪري رهيا هئا ۽ (ان وقت) سندن دلين جي ڪيفيت (۽ خلوص) کي به ڄاڻي ڇڏيو هو. پوءِ انهن جي مٿان دلي سڪون نازل فرمايو ۽ کين بدلي ۾ جلد ئي هڪ ويجهي فتح (ملڻ جي خوشخبري) ڏنائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَغانِمَ كَثيرَةً يَأخُذونَها وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 19) |
۽ گھڻيون غنيمتون (به) جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان فتح سان گڏ) گهڻيون ئي غنيمتون به ڏنائين جي هي (مسلمان وڏي خوشيءَ سان) وٺي رهيا آهن، ۽ الله تعاليٰ وڏو زبردست طاقت، حڪمت ۽ دانائيءَ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ گھڻيون غنيمتون ڏنيون جيڪي انهن حاصل ڪيون، ۽ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان کان سواءِ) ڪيئي غنيمتون (به) جي انهن کي هٿ آيون (عطا ڪيون) ۽ خدا ته (سڀ ڪنهن تي) غالب (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ غنيمتون گهڻيون جو حاصل ڪندا انهن کي ۽ آهي الله غالب حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گهڻيون غنيمتون به جن کي اهي هٿ ڪندا. ۽ الله زبردست حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ گهڻيون غنيمتون (به) جيڪي اُهي حاصل ڪندا، ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ميدانِي مال گھڻا، هَٿِين وَٺندا هاڻ، آهي پَروَر پاڻ، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ گهڻا لُٽ جا مال به سندن هٿ ايندا ۽ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جهجهو غنيمت جو مال کين ڏئي ڇڏيائين، جنهن کي هو (ستت ئي) حاصل ڪندا، الله زبردست داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مالِ غنيمت ڪيترو ئي عطا ڪيائين، جيڪو سِگهوئي حاصل ڪندا، ۽ بيشڪ آهي الله زبردست حڪمت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان فتح ۾ هُو) وڏو غنيمت جو مال حاصل ڪندا. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغانِمَ كَثيرَةً تَأخُذونَها فَعَجَّلَ لَكُم هٰذِهِ وَكَفَّ أَيدِىَ النّاسِ عَنكُم وَلِتَكونَ ءايَةً لِلمُؤمِنينَ وَيَهدِيَكُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 20) |
الله اوھان کي گھڻن غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي جن کي ھٿ آڻيندؤ پوءِ ھيُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين، ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن لاءِ ھڪ نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اوهان سان گهڻين ئي (اهڙين) غنيمتن جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي جي توهان (ايندڙ وقتن ۾) حاصل ڪندؤ. في الحال هيءَ غنيمت توهان کي تڪڙي ڏني اٿس، ۽ (ڪافرن دشمن) ماڻهن جا هٿ توهان (کي قتل ڪرڻ) کان روڪيا اٿس، ۽ اهو هن لاءِ (ڪيو اٿس) ته (اهو واقعو) مؤمنن جي لاءِ هڪ نشاني ٿئي ۽ هن لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڏانهن رهنمائي ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان سان (اڃان) گھڻين غنيمتن جو وعدو فرمايو آهي جيڪو توهان حاصل ڪندا، پوءِ توهان کي هي فتح جلد عطا ڪئي ۽ ماڻهن جي هٿن کي توهان کان روڪيو، ۽ اهو ان لاءِ ته اها مؤمنن لاءِ هڪ نشاني ٿئي ۽ الله تعالى توهان کي صراطِ مستقيم تي هلائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا توهان سان ڪيترين ئي غنيمتن جو وعدو فرمايو هو ته اوهين اهي حاصل ڪندو ته ان اوهان کي اها (خيبر جي غنيمت) اڳواٽ ڏني ۽ (حديبيه ۾) ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين ۽ مطلب هي هو ته اهو مومنن جي لاءِ (قدرت جو) نمونو ٿئي ۽ خدا توهان کي سڌي راھ تي هلائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وعدو ڏنو اوهان کي الله غنيمتن گهڻين جو حاصل ڪندؤ اوهان انهن کي پوءِ جلدي ڏنائين اوهان کي هي ۽ روڪيائين هٿ ماڻهن جا اوهان کان ۽ تانته هجي نشاني ٿي مؤمنن جي لاءِ ۽ ڏيکاري اوهان کي واٽ سڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو!) الله اوهان کي گهڻين غنيمتن جو وعدو ڏنو آهي جن کي هٿ ڪندو پوءِ هي اوهان کي اڳواٽ ڏنيون اٿس ۽ ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين. ۽ هن لاءِ ته (هي واقعو) ايمان وارن لاءِ هڪ نشاني ٿئي ۽ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اوهان سان گهڻين غنيمتن جو وعدو ڪيو آهي جن کي حاصل ڪندؤ پر ان هيءَ (غنيمتِ خيبر) توهان کي جلدي ڏني آهي ۽ ماڻهن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيائين. هن لاءِ ته ايمان وارن لاءِ نشاني ٿئي ۽ توهان کي سڌي واٽ تي هلائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واحِد ڏِنوَ واعِدا، گھڻا غنيمت مال، پوءِ تَڪڙِي هئَ، هِڪڙِي فتح، ڏِنيان فِى الحال، ۽ هَٿ مَڪي جي ماڻهِين، آن کان جَھليا جَلَّ جَلال، ۽ مَر ته مڃيندڙن لئي، موجُود هُجي مِثال، پڻ ڀَلو ڪري ڀال، سُهائـِينان واٽ سَنِئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان کي گهڻن لُٽ جي مالن جو وعدو ڏنو آهي، جن کي حاصل ڪندؤ، هينئر هي مال اوهان کي عطا ڪيائين ۽ اوهان کان ماڻهن جا هٿ روڪيائين_ ان ڪري، ته مومنن لاءِ هڪ نشاني هجي ۽ اوهانکي سڌو رستو ڏيکاري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان سان جهجهي غنيمت جي مال جو وعدو ٿو ڪري جيڪو توهان حاصل ڪندؤ، في الحال ته هن اها فتح توهان کي ڏني ۽ ماڻهن جا هٿ توهان جي خلاف اٿڻ کان جهلي ورتائين، تانته اها ڳالهه مؤمنن لاءِ هڪڙي نشاني بڻجي پوي ۽ الله توهانکي سڌو رستو ڏيکاري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وعدو ڪري ٿو توهان سان الله مالِ غنيمت جو جيڪو تمام گهڻو آهي توهان کي ملڻ وارو، فوري طور تي توهان کي هي فتح ڏني ۽ روڪيائين وڌندڙ هٿ ماڻهن جا توهان ڏي، جيئن اها ٿي پوي نشاني مؤمنن جي لاءِ ۽ (الله) بخشي توهان کي (اها) راهه (جيڪا) سڌي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان سان غنيمت جو وڏو مال ملڻ جو وعدو ڪري ٿو، جيڪو توهان کي (ضرور) ملندو. پر (هن وقت) توهان کي هن فوري طور تي اها فتح عطا ڪئي جو (صلح حديبيه جي ڪري) توهان جي مٿان (دشمن جا) اٿندڙ هٿ (هميشه لاءِ) روڪي ڇڏيا ته جيئن هي واقعو (دنيا جي اکين اڳيان) ايمان وارن جي لاءِ نشاني بڻجي وڃي ۽ توهان کي صفا سڌو رستو ڏيکاري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُخرىٰ لَم تَقدِروا عَلَيها قَد أَحاطَ اللَّهُ بِها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 21) |
۽ ٻيون (به) جن تي سگھارانه ٿيا آھيو بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هڪ ٻي فتح به (اوهان کي ملڻي آهي) جا هاڻي اوهان جي قبضي کان ٻاهر آهي. پر اها الله تعاليٰ جي قدرت ۽ قبضي ۾ آهي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ٻِي به فتح آهي جنهن تي توهان قادر نٿا ٿيو، بيشڪ اُها الله تعالى جي احاطي ۾ آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻيون (غنيمتون به ڏنائين) جن جي حاصل ڪرڻ جي اوهان کي طاقت نه هئي (۽) خدا ئي انهن تي حاوي هو. ۽ خدا ته هر شيءِ تي قادر آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻيون جو نه قادر ٿيئو اوهان انهن تي تحقيق گهيري ۾ رکيو انهن کي الله ۽ آهي الله هر شيءِ تي قادر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻيون (غنيمتون) به جن تي (اڃا) اوهان جو زور نه هليو آهي الله کي انهن جي خبر آهي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻيون (فتحون) به جن تي توهان قادر نه هيا بيشڪ الله (توهان لاءِ) انهن جو به احاطو فرمايو آهي. ۽ الله هر شيءِ تي طاقت رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻيون به گھڻيون غنِيمتون، پُهتا نه جَن پار، گھيريون سي غفار، قادِر، رَبَّ ڪُل شئِ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻيا مال به ڏياريندو، جن تي اڃا اوهين قادر نه ٿيا آهيو، مگر الله پاڪ انهي کي گهيري ڇڏيو آهي ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت ٿو رکي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کانسواءِ هو ٻين غنيمتن جو به توهان سان وعدو ٿو ڪري، جن جي اڃان توهان کي سگهه ناهي، (باقي) الله سو انهن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، الله هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کان علاوه ٻين غنيمتن جو پڻ وعدو ڪري ٿو الله، جن تي توهان جو اڃا وس نه آهي ۽ بيشڪ (وڪوڙي رکيو اٿس انهن کي)، ۽ الله وس وارو آهي هر ڪنهن شيءِ مٿان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ٻيا اهڙا غنيمت جا مال (به توهان کي عطا ڪري) جن تائين توهان اڃا نه پھتا آهيو. پر الله تعالى انهن کي (توهان جي لاءِ) گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو قٰتَلَكُمُ الَّذينَ كَفَروا لَوَلَّوُا الأَدبٰرَ ثُمَّ لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 22) |
۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا ته ضرور پٺيون ڦيرائين ھا وري نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان سان اهي ماڻهو، جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، کڻي لڙائي ڪن به ها ته به (يقيناً) پٺي ڏئي ڀڄي وڃن ها، (۽) پوءِ انهن کي ڪو يار ۽ مددگار ڪونه لڀي ها (يعني سر لڪائڻ لاءِ ڪٿي به پناهه نه ملين ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن ڪافر توهان سان (حديبيه مقام وٽ) جنگ ڪن ها ته ضرور اهي پُٺ ورائي ڀڄن ها، ان کان پوءِ ڪو حمايتي ۽ مددگار نه لهن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن ڪافر اوهان سانوڙهن ها ته ضرور پٺي ڏئي ڀڄن ها پوءِ ته اهي نه (ته تنهنجو) سرپرست ئي ڏسن ها ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن جنگ ڪن ها اوهان سان ڪافر ته البته ڦيرائي ڏين ها پٺيون ان کان پوءِ نه لهن ها ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ڪافر اوهان (مسلمانن) سان جنگ ڪن ها ته ضرور پٺيون ڏئي ڀڄن ها وري نه ڪو دوست لهن ها (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن ڪافر اوهان سان جنگ ڪن ها ته ضرور پٺيون ڏئي ڀڄن ها پوءِ اُهي نه ڪو دوست لهن ها ۽ نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي جوٽيؤن جنگ اوهان سان، ته پُوريون پويِين پار، نه يار، نه مددگار، موٽِي لَهن مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ڪافر اوهان سان لڙائي ڪن ها، ته ضرور ڀاڄ کائي ڀڄن ها؛ پوءِ نه ڪو دوست ڏسن ها، نڪو مددگار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪافر جيڪڏهن ان وقت توهان سان جنگ ڪن ها ته پڪ سان پٺي ڏئي ڀڄن ها ۽ پوءِ ڪو ڀرجهلو ۽ مددگار ئي نه ملين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن جنگ ڪن ها اهي ڪافر توهان سان ان وقت، ته پڪ سان پٺيون ڦيرائين ها پوءِ ته ڪوبه نه ڏسن ها پنهنجو حمايتي ۽ مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن ڪافر توهان سان (حديبيہ واري مُقام تي) وڙهن به ها ته هُو (ضرور ان وقت به) پُٺي ڏئي ڀڄن ها پوءِ انهن کي ڪير به حامي ۽ مددگار نه ملي سگهي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُنَّةَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 23) |
(اھوئي) الله جو قانون آھي جو اڳ ھليو ايندو آھي، ۽ الله جي قانون کي ڪڏھن ڪا ڦير ڦار نه ڏسندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو خدا جو اهو طريقو آهي، ۽ (اي پيغمبر!) تون خدا جي طريقي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين. (يعني خدا جو قانون فتح يا سزا ڏيڻ جو هميشه عمل ۾ ايندو رهندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جو طريقو پهرئين کان ايئن آهي ۽ توهان هرگز الله تعالى جي طريقي ۾ تبديلي نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها ئي خدا جي عادت آهي جا اڳي کان هلي اچي ۽ تون خدا جي عادت کي بدليل نه ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جو قانون جيڪو گذريو اڳي ۽ هرگز نه لهندين تون الله جي قانون ۾ ڪا تبديلي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڪو مددگار. اهو الله جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو اڳي کان هليو اچي. ۽ (اي پيغمبر !) تون الله جي جاري ٿيل قاعدي کي بدليل نه ڏسندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي الله جو جاري ٿيل دستور آهي جيڪو اڳي کان هلندڙ آهي، ۽ تون الله جي دستور ۾ هرگز ڪابه تبديلي نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو اَڳ هَليو اَچي، ڌَڻِئَ جو دَستور، ۽ مَٽ سَٽ نه لهندِين مُور، ڌَڻِئَ جي دَستور ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو الله جو دستور آهي، جو اڳ کان هليو ٿو اچي ۽ الله جي قانون ۾ ڪڏهن به ڦير گهير نه ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله جو جاري ٿيل قاعدو (دستور) آهي، جيڪو اڳي کان وٺي هلندو اچي ٿو ۽ تون الله جي قاعدي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها سنت (قانون) آهي الله جي، جيڪا هلندي اچي اڳي کان ئي، ۽ تون (اي نبي!) نه ڏسندين الله جي سنت ۾ ڪابه ڦير ڦار (مٽا سٽا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله تعالى جو طريقو آهي جيڪو شروع کان هلندو اچي ٿو. سو تون الله تعالى جي طريقي ۾ (ڪڏهن به) تبديلي نه ڏسندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى كَفَّ أَيدِيَهُم عَنكُم وَأَيدِيَكُم عَنهُم بِبَطنِ مَكَّةَ مِن بَعدِ أَن أَظفَرَكُم عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 24) |
۽ (الله) اُھو آھي جنھن ڪافرن جا ھٿ اوھان کان ۽ اوھان جا ھٿ انھن کان جھليا مڪّي جي وچ ۾ اوھان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کي الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي آهي جنهن مڪي جي ويجهڙائيءَ ۾ (يعني حديبيه وٽ) اوهان جي هٿن کي هنن (جي قتل) کان ۽ هنن جي هٿن کا اوهان جي (قتل) کان پري رکيو، انهيءَ کان پوءِ جو هن اوهان (مسلمانن) کي هنن (ڪافرن) تي غلبو ڏنو، ۽ الله تعاليٰ (ان وقت به) اوهان جي ڪمن کي ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اُهو آهي جنهن انهن جا هٿ توهان کان روڪيا ۽ توهان جا هٿ مڪه مڪرمه جي وادي ۾ انهن کان روڪي ڇڏيا ان کان بعد جو توهان کي انهن تي فاتح ڪيائين، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا اهو ئي ته آهي جنهن اوهان کي انهن ڪافرن تي فتح عطا ڪرڻ کان پوءِ مڪي جي سرحد ۾ سندن هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪي ڇڏيا ۽ اوهين جيڪي ڪري رهيا هئا خدا تنهن کي ڏسي رهيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن روڪيو هٿن انهن جي کي اوهان کان ۽ اهان جي هٿن کي انهن کان مڪي جي وچ ۾ ان کان پوءِ جو ڪامياب ڪيائين اوهان کي انهن تي ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مسلمانو !) الله اهو آهي جنهن اوهان کي مٿن سوڀاري ڪرڻ کان پوءِ انهن جا هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان مڪي جي وچ ۾ جهليا.۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اُهو آهي جنهن مڪي جي وادي ۾ انهن جا هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪيا ان کان پوءِ جو ان اوهان کي انهن مٿان غلبو عطا ڪري ڇڏيو هيو. ۽ جيڪي ڪم اوهان ڪيو ٿا الله انهن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو، سو خُداوند، جِنهن مَڪي مُبارڪ وِِچ ۾، اُنهن جا آن کان، ۽ اَنهنجا اُنهن کان، بازُو ڪيا بَند، اِنهيان پوءِ ڪيان، اُنهن تي، فائـِق فتح مَند، ۽ جا حاج ڪريو هَر هَنڌ، سا ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن مڪي جي وچ ۾ اوهان کي ڪافرن تي سوڀارو ڪرڻ کانپوءِ ڪافرن جا هٿ اوهان کان ۽ اوهان جا هٿ انهن کان روڪيا- ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي الله ڏسڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي جنهن مڪي جي واديءَ ۾ انهن جا هٿ توهان کان ۽ توهان جا هٿ انهن کان روڪي ورتا، توڻي جو هو توهان کي مٿن سوڀارو ڪري چڪو هو ۽ جيڪي ڪجهه توهان پئي ڪيو الله ان کي پئي ڏٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن روڪي ڇڏيا هئا هٿ انهن جا توهان کان ۽ توهان جا هٿ انهن کان جنهن واديءِ مڪي ۾ ان کان پوءِ، جڏهن ته هن انهن کي غلبو ڏنو هو توهان تي، ۽ اهو الله (اهي جو ڪجهه ڪري رهيا هئا) ان کي ڏسي رهيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جنھن مڪي جي وادي (حديبيہ) ۾ توهان کي ۽ انهن (ڪافرن) کي پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ کان روڪيو. حالانڪه توهان کي (الله تعالى جي مدد سان) اُنهن (ڪافرن) جي مٿان غلبو به حاصل هو ۽ الله تعالى جي توهان جي عملن تي (گهري) نظر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُمُ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوكُم عَنِ المَسجِدِ الحَرامِ وَالهَدىَ مَعكوفًا أَن يَبلُغَ مَحِلَّهُ وَلَولا رِجالٌ مُؤمِنونَ وَنِساءٌ مُؤمِنٰتٌ لَم تَعلَموهُم أَن تَطَـٔوهُم فَتُصيبَكُم مِنهُم مَعَرَّةٌ بِغَيرِ عِلمٍ لِيُدخِلَ اللَّهُ فى رَحمَتِهِ مَن يَشاءُ لَو تَزَيَّلوا لَعَذَّبنَا الَّذينَ كَفَروا مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 25) |
اِھي اُھي آھن جن انڪار ڪيو ۽ اوھان کي تعظيم واري مسجد کان جھليو ۽ قرباني کي به جو پنھنجي جاءِ تي پھچڻ کان روڪيل رھي، ۽ جيڪڏھن (اھڙا ڪي) مڙس مؤمن ۽ (ڪي) زالون مؤمنياڻيون (مڪي ۾) نه ھجن ھا جن کي اوھان نه ڄاڻندا آھيو ته (متان) کين لتاڙي ڇڏيو پوءِ بي خبريءَ ۾ انھن جو اوھان کي گناھ پھچي (ته ھاڻي ئي فتح ٿئي ھا)، جنھن کي الله گھري پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪري، جيڪڏھن (ٻئي ٽوليون) ڌار ھجن ھا ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڪريون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو) هي اُهي ماڻهو اٿوَ جن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي ۽ اوهان کي (عمرو ڪرڻ کان باز رکڻ لاءِ) ڪعبت الله (ڏي وڃڻ) کان روڪيو ۽ پڻ قربانيءَ جي جانورن کي سندن خاص (قربانيءَ واري) جاءِ تي پهچڻ نه ڏنو، ۽ جيڪڏهن (مڪي ۾) ڪي مؤمن ۽ ڪي مؤمنياڻيون نه هجن ها، جن جي اوهان کي خبر به ڪانه هئي (ته اهي سچا مؤمن ۽ مؤمنياڻيون آهن) (يعني) جيڪڏهن انهن (مڪي جي مسلمانن) جي سببان اوهان کي بي خبريءَ ۾ نقصان پهچي ها (ته الله تعاليٰ اوهان کي مڪي ۾ داخل ڪري ها ۽ توهان ڪافرن سان گڏ ڪن مسلمانن کي به قتل ڪري وجهو ها. پر الله تعاليٰ ائين نه ڪيو) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ جنهن کي چاهي تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري. جيڪڏهن اهي (مظلوم مسلمان مڪي ۾ ڪٿي) جدا ٿي وڃن ها ته اسان انهن ماڻهن کي جن ڪفر جي واٽ ورتي هئي دردناڪ عذاب ۾ وجهون ها (يعني اهي ڪافر انهيءَ عذاب کان هن ڪري بچي ويا جو مڪي ۾ ڪي مسلمان به موجود هئا جن جي ڪري عذاب نازل نه ڪيو ويو.).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو ۽ توهان (مؤمنن) کي مسجد الحرام کان روڪيو ۽ قربانيءَ جا جانور قرباني جي جاءِ تائين نه پهچي سگھيا، ۽ جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته توهان بي خبري ۾ ڪجھه مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتن کي چِپي ڇڏيو ها، پوءِ توهان کي انهن جي طرفان لا علمي ۾ گناه پهچي ها. ان لاءِ ته الله تعالى جنهنکي چاهي پنهنجي رحمت ۾ داخل فرمائي، جيڪڏهن اهي (مسلمان مڪه جي ڪافرن کان) جدا هجن ها ته اسين ضرور انهن مان ڪافرن تي دردناڪ عذاب ڪريون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي ماڻهو ته آهن جن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي مسجد الحرام (۾ اچڻ) کان روڪيو ۽ قربانيءَ جي جانورن کي به (اچڻ نه ڏنائون) جو اهي (پنهنجي) مقرر جاءِ تي پهچڻ کان روڪيل رهيا ۽ جيڪڏهن ڪجھ اهڙا ايمان دار مرد ۽ ايمان دار عورتون نه هجن ها جن کان توهان واقف نه هئا ته اوهان انهن کي (جنگ ۾ ڪافرن سان گڏ) پامال ڪري ڇڏيو ها ته پوءِ توهان کي انهن کان بيخبري ۾ نقصان پهچي ها (ته تنهن ۾ توهان کي فتح ٿئي ها پر دير هن ڪري ٿي) جو خدا جنهن کي گهري ته پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري. پر جيڪڏهن اهي (ايماندار ڪافرن کان) جدا ٿي پون ها ته انهن مان جيڪي ڪافر هئا اسين تن کي دردناڪ عذاب جي ضرور سزا ڏيون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون اوهان کي عزت واري مسجد کان ۽ قربانيءَ جي جانور روڪيل کي هن کان ته پهچي پنهنجي جاءِ کي ۽ جيڪڏهن نه هجن ها مرد مؤمن ۽ عورتون مؤمنياڻيون جو نه پيا ڄاڻو انهن کي هي ته (متان) لتاڙيو انهن کي پوءِ پهچي اوهان کي انهن کان گناھه علم کان سواءِ تانته داخل ڪري الله پنهنجي رحمت ۾ جنهن کي گهري جيڪڏهن ڌار هجن ها ته البته عذاب ڪيون ها انهن کي جن ڪفر ڪيو انهن مان عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِهي اُهي آهن جن ڪفر ڪيو ۽ عزت واريءَ مسجد کان اوهان کي روڪيو ۽ قربانيءَ کي به جا پنهنجي جاءِ تي پهچڻ کان روڪيل رهي. ۽ جيڪڏهن ڪجهه ايمان وارا مڙس ۽ ڪجهه ايمان واريون زالون (مڪي ۾ ) نه هجن ها جن کي اوهان نه ڄاتو ته متان کين اوهين لتاڙي ڇڏيو، پوءِ بي خبريءَ سان اوهان تي انهن جي ڪري ڪا بڇڙائي پوي. (ته هاڻي ئي خواب سچو ٿئي ها ۽ فتح ٿئي ها پر فتح کي پٺتي ڪيائين) هنڪري ته الله کي پنهنجي رحمت ۾ جنهن کي گهري تنهن کي داخل ڪرڻو آهي. جيڪڏهن (ٻئي ٽوليون) ڌار هجن ها ته انهن مان جن ڪفر ڪيو آهي تن کي تڏهن ئي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي عزت واري مسجد کان روڪيائون ۽ قرباني جي جانورن کي به روڪيائون اهي ٻَڌَلَ رهيا انهن کي پنهنجي جاءِ تي پهچڻ نه ڏنائون. ۽ جيڪڏهن (مڪي ۾)ڪجهه ايمان وارا مرد ۽ ڪجهه ايمان واريون عورتون نه هجن ها جن کي اوهان سڃاڻو به نه ٿا ۽ هي (انديشو نه هجي ها) ته متان اڻ ڄاڻائي ۾ اوهان انهن کي لتاڙي ڇڏيو پوءِ اوهان تي انهن جي ڪري حرف اچي ها. هن لاءِ (جنگ روڪي وئي) ته الله جنهن کي چاهي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري، جيڪڏهن (ڪافر ۽ مسلم ٻئي ڌريون) ڌار هجن ها ته جن انهن مان ڪفر ڪيو آهي تن کي دردناڪ عذاب جي سزا ڏيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهيئـِي آهِين سي، جَن ڪيو ڪُفر پَسند، ۽ منع وارِئَ مَسجد کان، روڪِي بِيٺا رَند، پڻ ڀيٽائون بَند، پَنهنجي هَنڌ پُهچڻ کان. مُؤمن مَرد ۽ عورتون، مَنجِھين تِنهن مَڪان، متان ماريو اُنهن کي، جَن جِي ڪَر اَوهان کي ڪانه، پوءِ اوهان کي نقصان، پُهچي نَه پُورِئَ سُڌ ڪري. تان جِنهن کي گُھري غفار،راهيسِ پَنهنجِي رحمت ۾، ۽ اُهي جَن ڪُفر ڪيو، هُوندهُئا، جي ڌار، تَنِين کي تڪرار، سَزا ڏِنِي سون سَخت گَھڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اُهي آهن، جن ڪفر ڪيو ۽ اوهان کي عزت واريءَ مسجد کان روڪيو ۽ قربانيءَ کي به روڪيو ته پنهنجي جاءِ تي نه پهچي سگهي_ ۽ جيڪڏهن (ڪي) مڙس مؤمن ۽ زالون مؤمنياڻيون نه هجن ها، جن کي اوهين نٿا ڄاڻو، ته متان کين لتاڙي ڇڏيو، پوءِ بي خبري ۾ انهن جو اوهان کي گناهه پهچي؛ ته جنهن کي الله گهري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري_ جيڪڏهن ٻئي (ٽوليون) ڌار هجن ها، ته ضرور مڪي وارن مان ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب ڏيون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ئي ته آهن، جن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي مسجدِ حرام کان روڪيو ۽ نذراني وارن اٺن کي قربانيءَ واري هنڌ پهچڻ نه ڏنو، جيڪڏهن (مڪي ۾) اهڙا مؤمن مرد ۽ عورتون نه هجن ها، جن کي توهان نٿا ڄاڻو ۽ اهو خطرو نه هجي ها ته اڻڄاڻائيءَ ۾ توهان انهن کي به لتاڙي ڇڏيندؤ ۽ پوءِ ان جي ڪري توهان ڪنهن ڏچي ۾ پئجي ويندؤ (ته جنگ کي نه ٽارجي ها، اها انڪري ٽاري وئي) تانته الله پنهنجيءَ رحمت ۾ جنهن کي وڻيس داخل ڪري ڇڏي. اهي مؤمن الڳ ٿيل هجن ها ته (مڪي وارن مان) جيڪي ڪافر هئا تن کي اسان ضرور سخت سزا ڏيون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ئي ته آهن جن ڪفر ڪيو ۽ جهليو هئائون توهان کي مسجد حرام (احترام واري) کان ۽ قربانيءَ جي اُٺن کي ان جي منزل تي پهچڻ نه ڏنو، ۽ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو جيڪي مؤمن ۽ مؤمنياڻيون نه هجن ها (مڪي ۾) جن کي توهان نٿا ڄاڻو ته اهو خطرو نه هجي ها ته توهان کين لتاڙي ڇڏيندؤ بي خبري ۾، (ان مان توهان تي حرف ايندو ته جنگ نه روڪي وڃي ها) جيئن الله پنهنجي رحمت ۾ جنهن کي گُهري داخل ڪري، جيڪر اهي مؤمن ڌار ٿي وڃن ها ته (مڪي ۾) جيڪي ڪافر هئا، تن کي اسان ضرور سخت عذاب ڏيون ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ توهان کي مسجد حرام (يعني خانه ڪعبه) ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ۽ قرباني جي جانورن کي قربان گاهه تائين پھچڻ ئي نه ڏنو. (ان عمل جي ڪري انهن سان جنگ ٿيڻي هئي پر جيڪڏهن) مڪي ۾ مؤمن مرد ۽ عورتون موجود نه هجن ها،جن جي موجودگي جو توهان کي علم نه هو ته جنگ جي صورت ۾ توهان انهن کي بي خبري ۾ لتاڙي ڇڏيو ها، پوءِ توهان کي (پنھنجي ئي مؤمن ڀائرن جي نقصان تي) تڪليف پھچي ها. تنھنڪري توهان کي انهن ڪافرن سان (حديبيه واري مقام تي) ٽڪرائجڻ کان روڪيو ويو ته جيئن الله تعالى جنھن کي گهري پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪري. جيڪڏهن (مڪي جا رهندڙ) مسلمان (ڪافرن کان) الڳ ٿي وڃن ها ته اسان ضرور انهن مان ڪفر ڪندڙن کي دردناڪ عذاب ڏيون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ جَعَلَ الَّذينَ كَفَروا فى قُلوبِهِمُ الحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الجٰهِلِيَّةِ فَأَنزَلَ اللَّهُ سَكينَتَهُ عَلىٰ رَسولِهِ وَعَلَى المُؤمِنينَ وَأَلزَمَهُم كَلِمَةَ التَّقوىٰ وَكانوا أَحَقَّ بِها وَأَهلَها وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 26) |
جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا جوڳا ھوا، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو!) جڏهن هنن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ جوش ۽ ضد کي جاءِ ڏني (جوش ۽ ضد به ڪهڙو؟) جاهليت جي زماني وارو. تڏهن (ان جي مقابلي ۾) الله تعاليٰ پنهنجي رسول ۽ مسلمانن تي تسلي ۽ اطيمنان نازل ڪيو ۽ انهن کي تقويٰ (يعني پاڻ تي ضابطو رکڻ) جي ڳالهه تي محڪم ڪري رکيو، ۽ اهي (يعني رسولﷺ ۽ مسلمان في الحقيقت) ان جا وڌيڪ لائق ۽ حقدار به آهن، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هر شيء ۽ هر ڳالهه جو علم رکي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان اهو وقت ياد ڪريو جڏهن انهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ حميت (نفرت) رکي اها ئي جاهليت واري حميت، پوءِ الله تعالى پنهنجو سُڪون (فرحت) رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام تي نازل ڪيو ۽ انهن کي پرهيزگاري واري ڪلمي تي مضبوط رکيو ۽ اهي (صحابه ڪرام) انهيءَ جا وڌيڪ حقدار ۽ لائق هئا. ۽ الله تعالى هر شيءِ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهو وقت هو) جڏهن ڪافرن پنهنجن دلين ۾ ضد ڪئي (ضد به) نادانن جهڙي ضد، پوءِ خدا پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجي طرفان دلجاءِ نازل ڪئي ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالھ تي برقرار رکيو ۽ اهي ماڻهو ان ڳالھ جي لائق ۽ اهل به هئا. ۽ خدا ته هر شيءِ کان خبردار آهي ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڪيو انهن جن ڪفر ڪيو پنهنجين دلين ۾ ضد جاهليت وارو ضد پوءِ لاٿو الله پنهنجو سڪون پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي ۽ مضبوط رکيائين انهن کي تقوى جي ڪلمي تي ۽ هئا وڌيڪ حقدار ان جا ۽ لائق ان جا ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ڪافرن پنهنجن دلين ۾ شدت ڪئي (شدت به) نادانن جهڙي شدت، پوءِ الله پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي پنهنجي طرفان بردباري لاٿي ۽ کين پرهيزگاريءَ جي ڳالهه تي قائم رکيائين، ۽ اهي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ ان جا لائق هئا ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ تعصب رکيو جاهليت جي دور وارو تعصب ته پوءِ الله پنهنجي رسول تي ۽ ايمان وارن تي (دلين جو) سڪون لاٿو ۽ کين پرهيزگاري جي ڳالهه تي قائم رکيائين ۽ اُهي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ ان جا لائق هئا. ۽ الله سڀ شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن جَن ڪُفر ڪيو، سَندنِ هِينيِـين ۾ هيڪار، جاهِليت جو جوش ڪيو، خالِي کامڻ خار، پوءِ رَبَّ، سَندسِ رَسول تي، لاٿو قلب قرار، پڻ مٿي مؤمِنين، پڻ سندِي سِيل ستار، ڳنڍِي اُنهن سان ڳالھ سَچِي، ۽ هُئا اُنهِئ جا حقدار، ۽ لاشڪ لائق اُن جا، صَحِي هُئا سچار، ۽ رَبُّ تعالىٰ تڪرار، آهي سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ جاهليت جو جوش پيدا ڪيو، تڏهن الله پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي بي فڪري موڪلي ۽ انهن کي دينداريءَ جي ڳالهه تي قائم ڪيائين، جو اُهي ان جا حقدار هئا ۽ الله کي هر شيءِ جي خبر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهوئي سبب آهي جو) جڏهن انهن ڪافرن پنهنجن دلين ۾ جاهليت (تي ٻڌل پنهنجي ڳالهه ضرور اڳي ڪرڻ) وارو ضد ويهاريو ته الله پنهنجي رسول ۽ مؤمنن تي آٿت نازل فرمائي ۽ مؤمنن تي تقويٰ واري ڳالهه لازم ڪئي، جو اهي ئي انهيءَ جا وڌيڪ حقدار ۽ ان جي لائق هئا، الله کي هر شيءِ جي ڄاڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو ئي سبب آهي جو) جڏهن انهن ڪافرن پنهنجي دلين ۾ جاهلاڻو جوش پيدا ڪيو هو ته نازل ڪيو الله اطمينان پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن کي پابند رکيو پرهيزگاريءَ جي ڳالهه جو، ڇاڪاڻ ته اهي ئي وڌيڪ حقدار ۽ اهل هئا، ۽ اهو الله ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ڪافرن پنھنجي دل ۾ ضد ڪيو جيڪو سراسر جاهليت وارو ضد هو (يعني مسجد حرام ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ حديبيه جا شرط پنھنجي مرضيءَ مطابق مڃرائڻ) ته (اهڙي ضد واري ماحول ۾) الله تعالى پنھنجي رسول سڳوري ۽ مؤمنن جي مٿان دلي سڪون نازل فرمايو ۽ انهن کي (پاڻ تي قابو پائڻ لاءِ) پرهيزگاري واري ڳالهه تي قائم رکيو ڇو جو هي (مؤمن) ئي ان جا وڌيڪ حقدار ۽ لائق هئا. الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد صَدَقَ اللَّهُ رَسولَهُ الرُّءيا بِالحَقِّ لَتَدخُلُنَّ المَسجِدَ الحَرامَ إِن شاءَ اللَّهُ ءامِنينَ مُحَلِّقينَ رُءوسَكُم وَمُقَصِّرينَ لا تَخافونَ فَعَلِمَ ما لَم تَعلَموا فَجَعَلَ مِن دونِ ذٰلِكَ فَتحًا قَريبًا (آيت : 27) |
بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي سچو خواب ڏيکاريو، ته جيڪڏھن الله گھريو آھي ته پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي تعظيم واريءَ مسجد ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ (۽) نه ڊڄندؤ، پوءِ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو الله ڄاتو پوءِ اُن کان اڳ ھڪ ويجھي فتح ڏني.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو آهي، جو واقعي جي (بلڪل) مطابق آهي ته توهان (مسلمان) انشاء الله مسجد الحرام (يعني مڪي) ۾ امن امان سان ضرور داخل ٿيندؤ. توهان مان ڪن جا مٿا ڪوڙيل هوندا ته ڪن جا وار ڪتريل هوندا. توهان کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو ڪونه هوندو. الله تعاليٰ انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جن کي توهان ڪونه ٿا ڄاڻو. وري (هيءَ حقيقت آهي ته) الله تعاليٰ اوهان کي هڪ ويجهي (تڪڙي) فتح ڏني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق الله تعالى رسولِ عربي جي سچي خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو ته توهان انشاءالله ضرور مسجدِ حرام ۾ امن و امن سان داخل ٿيندا، توهان مان ڪي ماڻهو (عمره لاءِ) مٿو ڪوڙائيندا ۽ ڪي وار ڪترائيندا توهان کي ڪو خوف نه هوندو، پوءِ الله تعالى اهو ڄاڻي ٿو جيڪو توهان نٿا ڄاڻو پوءِ ان کانسواءِ اهو توهان کي فتح قريب عطا ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا پنهنجي رسول کي برابر سچو خواب ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن خدا گهريو ته ضرور اوهين پنهنجا مٿا ڪوڙائي ۽ ٿورا وار ڪترائي بيڊپا ٿي امن سان مسجد الحرام ۾ داخل ٿيندو. ته جا ڳالھ اوهان کي معلوم نه هئي ان کي معلوم هئي ته ان مڪي جي فتح ٿيڻ کان اڳ تمام جلد (خيبر جي) فتح عطا فرمائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق سچو ڏيکاريو الله پنهنجي رسول کي خواب حق سان ته البته ضرور داخل ٿيندؤ مسجد حرام ۾ جڏهن گهريو الله امن وارا ٿيندڙ، ڪوڙائيندڙ مٿا پنهنجا ۽ ڪترائيندڙ نه ڊڄندؤ پوءِ ڄاڻي پيو جيڪي اوهان نه پيا ڄاڻو پوءِ ڪيائين ان کان سواءِ ويجهي فتح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله پنهنجي رسول کي برابر سچو خواب ڏيکاريو آهي ته جيڪڏهن الله گهريو ته ضرور اوهين پنهنجا مٿا ڪوڙائي ۽ ڪترائي بي ڊپا ٿي امن سان عزت واري مسجد ۾ داخل ٿيندو. پوءِ جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي تنهن کي الله ڄاتو، پوءِ ان کان اڳ هڪ ويجهي فتح مقرر ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو هيو ته الله گهريو ته توهان ضرور بالضرور عزت واري مسجد ۾ داخل ٿيندؤ امن امان سان (ڪجهه) مٿا ڪوڙائيندڙ ۽ (ڪجهه) وار ڪٽائيندڙ (ان حال ۾ جو) توهان بي خوف هوندا. پوءِ ڄاتائين جيڪو توهان نه ڄاتو پوءِ ان (فتح مڪه) کان اڳ هڪ ويجهي فتح (يعني فتحِ خيبر) ڏنائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيو رَبَّ سَندسِ رَسول جو، سچو خواب خيال، ته مانائتِئَ مَسجد ۾، لاشڪ گِھڙندا لال!، انشاءَ اللهُ اَمن سان، نِعمت سان نِهال، صافي سِر اوهان جا، پڻ ڪتريل ڪَئنچِئَ نال، خوف نه خطرو ڪِنهن کان، تڏهن ڀائيندابحال، پوءِ صَحِي پاڻ سَمجھيو، اوهان نه سمجھيو سال، پوءِ فتح ڪَئـِين فِى الحال، اُنهيان اوري، اوڏڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله سندس رسول جو خواب به چڱيءَ طرح سچو ڪيو- ته جيڪڏهن الله گهريو آهي ته پنهنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي، عزت واري مسجد ۾ بي ڊپا ٿي ضرور داخل ٿيندؤ ۽ ڪو به ڊپ نه هوندوَ، پوءِ جيڪي نٿا ڄاڻو، سو الله ڄاڻي ٿو ۽ پڻ انهي کان سواءِ ٻي ويجهي فتح به ڏنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ الله پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو هو، جيڪو بلڪل حقيقت مطابق هو، انشاءَالله توهان ضرور مسجد حرام ۾ پوريءَ طرح امن امان سان داخل ٿيندؤ، پنهنجا مٿا ڪوڙائي توڙي وار ڪــَـترائي ۽ توهان کي ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه هوندو. هن ته پئي ڄاتو جنهن کي توهان نٿي ڄاتو، تنهنڪري اهو خواب پورو ٿيڻ کان اڳ هن اها ويجهي فتح توهان کي عطا فرمائي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله تعاليٰ ئي پنهنجي رسول کي سچو خواب ڏيکاريو جيڪو حق جي مطابق هو، ته داخل ٿيندؤ مسجد الحرام (عزت واري جاءِ) ۾ اِن شاءَ الله پوري امن سان، پنهنجا ڪوڙائيندؤ مٿا ۽ ڪترائيندؤ وار، ۽ ڪوبه ڊپ نه هوندو توهان کي، اهو ان ڳالهه کي ڄاڻي ٿو جنهن کي توهان نٿي ڄاتو، تنهن ڪري اهو خواب پوري ٿيڻ کان اڳي توهان کي اها فتح عطا ڪئي اڃا ويجهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى پنھنجي رسول سڳوري جي خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو ته ان شاء الله تعاليٰ توهان مان ڪجهه ماڻهو پنھنجا مَٿا ڪوڙائي ۽ ڪجهه وار ننڍا ڪري امن سان بغير خوف جي مسجد حرام ۾ ضرور داخل ٿيندا. اِن جي توهان کي خبر نه هئي (پر) الله تعالى کي خبر هئي. تنھن ڪري هُن (توهان جي خواب پوري ٿيڻ کان اڳ) هڪ ويجهي فتح (يعني خيبر جي فتح) نصيب فرمائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى أَرسَلَ رَسولَهُ بِالهُدىٰ وَدينِ الحَقِّ لِيُظهِرَهُ عَلَى الدّينِ كُلِّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 28) |
(الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو ته اُن کي سڀني دينن تي غالب ڪري، ۽ الله شاھد ڪافي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي صحيح دين (يعني زندگيءَ جو صحيح نظام) ۽ سچي هدايت ڏيئي (دنيا ۾) موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ ته ان (دين) کي سڀني دينن (يعني ٻين نظامن) تي غالب ڪري ڇڏي، ۽ الله ئي (اسلام جي حق ۽ سچائيءَ بابت) ڪافي شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اُهو آهي جنهن پنهنجي رسولِ ڪريم کي هدايت ۽ دين حق سان موڪليو ان لاءِ ته ان کي سمورن دينن تي غالب ڪري، ۽ الله تعالى ڪافي گواه (آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ شاهديءَ لاءِ ته خدا ئي ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (الله) اهو آهي جنهن موڪليو پنهنجو رسول هدايت ۽ سچي دين سان تانته غالب بنائي ان کي سڀني دينن تي ۽ ڪافي آهي الله شاهدي ڏيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ الله سچي خبر ڏيڻ وارو ڪافي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن پنهنجي رسول (ﷺ) کي هدايت ۽ حق واري دين سان موڪليو هن لاءِ ته ان کي سڀ دينن مٿان غالب ڪري. ۽ الله ئي شاهد ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجو مُرسل موڪليو، جِنهن مالِڪ مِهربان، سُونهپ ۽ سَچي دِين سان، قاعِدو قُرآن، ته ڪريسِ، قَوي ڪُل دِين کان، جيڪِي مَنجھ جھان، ۽ هَر شئِ تي نِگھبان، بَس آهي، هادِي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، ته ان کي سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ الله شاهد بس آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان گڏ موڪليو تانته ان کي هرهڪ دين تي غالب ڪري ڇڏي ۽ ان باري ۾ الله جي شاهدي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي (الله) آهي جنهن موڪليو پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچي دين سان جيئن غالب ڪري ان کي سڀني دينن تي، ۽ ان حقيقت تي ڪافي آهي الله جي شاهدي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جنھن پنھنجي رسول سڳوري کي هدايت ۽ سچو دين ڏئي موڪليو ته جيئن هو هن دين کي ٻين سڀني دينن تي غالب ڪري. ۽ الله تعالى ئي ان تي گواهه ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُحَمَّدٌ رَسولُ اللَّهِ وَالَّذينَ مَعَهُ أَشِدّاءُ عَلَى الكُفّارِ رُحَماءُ بَينَهُم تَرىٰهُم رُكَّعًا سُجَّدًا يَبتَغونَ فَضلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضوٰنًا سيماهُم فى وُجوهِهِم مِن أَثَرِ السُّجودِ ذٰلِكَ مَثَلُهُم فِى التَّورىٰةِ وَمَثَلُهُم فِى الإِنجيلِ كَزَرعٍ أَخرَجَ شَطـَٔهُ فَـٔازَرَهُ فَاستَغلَظَ فَاستَوىٰ عَلىٰ سوقِهِ يُعجِبُ الزُّرّاعَ لِيَغيظَ بِهِمُ الكُفّارَ وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
مُحمّد الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس سنگتي آھن سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن ۽ پاڻ ۾ مھربان آھن کين رڪوع ڪندڙ سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، انھن جي نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اھا سندن وصف توريت ۾ آھي، ۽ سندس وصف اِنجيل ۾ آھي، (اھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن جنھن پنھنجو سَلو ڪڍيو پوءِ اُن کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلھو ٿيو پوءِ پنھنجي سلي تي سڌي بيٺي جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو به آخر اھڙو حال آھي) تانجو مؤمنن جي (ڏسڻ) ڪري ڪافرن کي ڪاوڙائي، جن ايمان آندو ۽ منجھائن چڱا ڪم ڪيا (تن کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت محمد (ﷺ) الله جو رسول ۽ جيڪي ساڻس گڏ (سچا ۽ پاڪ مؤمن) آهن (تن جي وڏي خصوصيت هيءَ آهي ته) هو حق کان انڪار ڪرڻ وارن لاءِ (جبل جهڙا) سخت آهن، پر هڪٻئي سان سراسر رحم (۽ شفقت همدردي ۽ محبت) سان ڀرپور آهن. (هو دنيا ۾ ڪنهن به طاغوتي طاقت جي اڳيان نٿا جهڪن، هو فقط الله جي اڳيان جهڪن ٿا) (اي پيغمبر!) تون کين ڏسين ٿو ته الله جي فضل ۽ راضپي حاصل ڪرڻ جي نيت سان رڪوع ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا ۽ سجدن جي اثر کان سندن پيشانين تي نشان ٺهي بيٺا آهن. تورات توڙي انجيل ۾ انهن (مؤمنن) جو بيان اهڙيءَ ئي طرح آيل آهي. (مؤمنن جي ڪوشش ۽ جهاد جو مثال ائين آهي) جيئن ٻنيءَ ۾ ٻج وجهڻ. جو (پهريائين) سلو (زمين مان) باهر ڪڍي ٿو. پوءِ اهو ٿلهو ٿو ٿئي ۽ پنهنجي ڪاني تي محڪم ٿي بيهي ٿو. (اهڙيءَ طرح پوک ڀلي ٿئي ٿي ۽) ڪڙمين کي خوشي ۽ عجب سان ڀرپور ڪري ٿي ڇڏي، ۽ ڪافرن کي ساڻن حسد ۽ ساڙ ۾ ساڙي ٿي ڇڏي. انهن مان جن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪندا رهن ٿا تن کي الله تعاليٰ مغفرت (بخشش) ۽ تمام وڏي اجر جو واعدو ڪري ڇڏيو آهي. (جو ڏسو ته هاڻي حديبيه جي صلح بعد پورو ٿيڻ تي آهي ۽ سچي دين اسلام جو نظام سڄي عربستان ۾ قائم ٿيڻ تي آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) محمد ڪريم الله جو رسول آهي، ۽ جيڪي اصحابي پاڻ ڪريمن سان گڏ آهن اهي ڪافرن تي سخت آهن ۽ پاڻ ۾ بيحد ٻاجھارا آهن توهان انهن کي رڪوع ۽ سجدي ۾ ڏسندا اهي الله تعالى جو فضل ۽ رضامندو طلب ڪن ٿا، سجدن جا نشان سندن چهرن تي نمايان آهن، سندن اها نشاني تورات ۾ آهي، ۽ انهن جي اها نشاني انجيل ۾ آهي، جيئنڪ هڪ پوک انگور ڪڍيو پوءِ ان کي ٿلهو ڪيو پوءِ ان کي مضبوط ڪيو پوءِ اهو پنهنجي ڏنڊِي تي سڌو ٿي بيٺو جيڪو پوکيندڙ کي وڻي ٿو، ڪافر ڀلي ته انهيءَ (مثال) سان ڪاوڙجن، الله تعالى صحابه ڪرام سان مغفرت ۽ اجرِ عظيم جو وعدو فرمايو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) محمد خدا جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس آهن سي ڪافرن تي تمام سخت آهن ۽ پاڻ ۾ رحم دل آهن تون کين ڏسندين ته (خدا جي اڳيان) جهڪيل سر بسجود آهن. خدا جي فضل ۽ سندس رضامنديءَ جا طلبگار آهن سجدن جي اثر کان سندن پيشانين ۾ نشان پيل آهن. سندن اهي صفتون تورات ۾ به آهن ۽ اهي حالتون انجيل ۾ (به ذڪر ڪيل) آهن. (اهي) هڪ پوک وانگر آهن جنهن پنهنجا سلا ڪڍيا پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين وري ٿلهي ٿي ۽ پنهنجن ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي، پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي (ايتري جلد ترقي ان لاءِ عطا ڪئي) ته انهن سان ڪافرن جي جيءُ کي ساڙي. جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان خدا معافيءَ جو ۽ وڏي اجر ڏيڻ جو وعدو ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) محمد الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ان سان گڏ آهن ڏاڍا سخت آهن ڪافرن تي رحم ڪندڙ پاڻ ۾ ڏسندين انهن کي رڪوع ڪندڙ، سجدا ڪندڙ طلب ڪن ٿا مهرباني الله کان ۽ رضامندو نشاني انهن جي انهن جي منهن ۾ سجدي جي اثر کان آهي اها وصف انهن جي توراة ۾(ذڪر ڪيل) آهي ۽ انهن جي وصف انجيل ۾ آهي ان پوک وانگر (آهي جنهن) ڪڍيو سلو پنهنجو پوءِ مضبوظ ڪيائين ان کي پوءِ ٿلهو ٿيو پوءِ سڌو ٿي بيٺو پنهنجي تيليءَ تي، وڻي پئي پوکيندڙ کي تانته ڪاوڙ ڏياري انهن سان ڪافرن کي وعدو ڏنو الله انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن مان بخشش ۽ ثواب وڏي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) محمدﷺ الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس آهن سي ڪافرن تي تمام سخت آهن، پاڻ ۾ نرم دل آهن، کين رڪوع ڪندو، سجدو ڪندو ڏسندين، هو الله جي مهرباني ۽ رضامندي طلب ڪن ٿا. انهن جي نشاني سجدي جي اثر ڪري سندن منهن ۾ هوندي. انهن جي اها صفت تورات ۾ آهي ۽ سندن صفت انجيل ۾ (به) آهي. (اهي) هڪ پوک وانگر آهن جنهن پنهنجا سَلا ڪڍيا پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿلهي ٿي پوءِ پنهنجن ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي، پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي تان ته انهن سان ڪافرن جي جيءَ کي ساڙي. جن انهن مان ايمان آندو. ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان الله معافيءَ جو ۽ وڏي اجر جو وعدو ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي. ۽ جيڪي ساڻس گڏ آهن سي ڪافرن مٿان زور سخت (۽) پاڻ ۾ ڏاڍا رحمدل آهن تون کين گهڻا رڪوع ۽ سجدا ڪندڙ ڏسندين، اُهي الله جي فضل ۽ سندس رضامندي جا طلبگار آهن. انهن جي نشاني انهن جي چهرن تي سجدن جو اثر آهي. انهن جي اها صفت تورات ۾ آهي .. ۽ سندن صفت انجيل ۾ (به) آهي.. (اُهي) هڪ پوک وانگر آهن جنهن پنهنجا سَلا ڪڍيا پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين پوءِ ٿُلهي ٿي پوءِ پنهنجي تِــيليُن تي سڌي ٿي بيٺي پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي جيئن انهن سان ڪافرن جي دل ساڙي. جن انهن مان ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن سان الله وعدو ڪيو آهي بخشش ۽ زبردست ثواب جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُحَمَّدُ رَسُوْل رَبَّ جو، پڻ ساڻِس جي سَچار، هِڪ ٻِئي جا هَڏ ڏوکِي، گھڻو ڪَٺڻ سِرڪُفار، نمندڙنائـِيندڙ سِر کي، ڏِسينِ وَٽ ڏاتار، رضامندو ربَّ کان، ٻِيون ٻاجُھون گُھرن ٻِيهار، مُنهن ۾ سَندنِ سُجود کان، نِشانِي نِروار، اِئَ صفت سَندنِ توريت ۾، پڻ اِنجيل ۾ اَذڪار، آهِن اُنهِئَ پوک جِيئن، پَڌرا تَن جا پار، جنهن ڪڍيو ڪُنڊو پَنهنجو، ٿـِئـِي ڌَرتِي ڪنان ڌار، پوءِ ڪانِي چڙِهي ڪوڏ مان، ٿِئي ٿُلهي هَڻِي ٿار، پاڙن مٿي پَنهنجي، پوءِ بِيٺِي بَرقرار، پَسنديئـِي پَسند اَچي، هارِئ کي هيڪار، تان تَنِين سان تڪرار، ڏئي ڪاڙهو ڪافِرن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) محمد (ﷺ) الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ان سان شامل آهن، سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آهن ۽ پاڻ ۾ مهربان آهن، تون انهن کي رڪوع ڪندڙ ۽ سجدو ڪندڙ ٿو ڏسين، هو الله جو فضل ۽ رضا مندي ٿا ڳولين- انهن جي نشاني سندن منهن ۾ سجدن جي اثر کان ظاهر ٿئي ٿي، سندن اها وصف توريت ۾ آهي ۽ سندن واکاڻ انجيل ۾ آهي- هو انهي پوک وانگر آهن، جنهن پنهنجو سلو ڪڍيو، پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلهو ٿيو، پوءِ پنهنجي سلي تي سڌي ٿي بيٺي، جو ڪڙميءَ کي پيئي وڻي- ته ان جي وسيلي ڪافرن کي ڪاوڙائي- ۽ جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله بخشش ۽ وڏي اجر جو وعدو ڏنو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) محمد الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ماڻهو ان جا ساٿي آهن، سي ڪافرن تي سخت ۽ هڪ ٻئي تي مهربان آهن، تون جڏهن مٿن نظر وجهندين ته کين رڪوع سجدا ڪندي ۽ الله جو فضل ۽ راضپو ڳوليندي ئي ڏسندين. سجدن جا نشان سندن پيشانين تي موجود آهن، جن سان اهي الڳ سڃاتا وڃن ٿا، اهو آهي انهن جو احوال تورات ۾، ۽ انجيل ۾ سندن مثال هينئن ڏنو ويو آهي ته ڄڻڪ هڪ پوک آهي، جنهن جو پهريائين ســَـلو ڦـٽي نڪتو، پوءِ ان کي زور وٺرايائين، پوءِ اها جهڳٽا ٿي ۽ پوءِ وري پنهنجي ڏانڊيءَ تي کڙي ٿي بيٺي، جو ڪڙميءَ کي وڻي ٿي ته جيئن ڪافر سندن وڌڻ ويجهڻ تي ساڙ ۾ سڙن. انهيءَ ٽولي وارا ماڻهو جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل ڪيا اٿن، تن سان الله گناهن جي بخشش ۽ تمام وڏي اجر جو وعدو فرمايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) محمد رسول (موڪليل) آهي الله جو، ۽ جيڪي سندس ساٿي آهن سي ڏاڍا سخت آهن ڪافرن تي، مهربان آهن پاڻ ۾ تون جڏهن ڏسندين ته کين رڪوع، سجدي ۽ طلب رضامندي الله جي ۾ مشغول ڏسندين، تون ڏسندين ته سندن چهرن ۾ موجود آهن نشان سجدن جا، جن سان اهي ڌار سڃاتا وڃن ٿا تورات ۾، ۽ اها ئي وصف آهي سندن انجيل ۾، مثال ائين آهي ڄڻ هڪ پوک آهي جنهن پهريون سلو ڪڍيو پوءِ ان کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلهو ڪيو پوءِ سلي تي سڌو ٿي بيٺو، پوکيندڙ کي وڻي ٿو، ڪافر ان تي سڙن ٿا (مؤمنن جي وڌڻ تي)، وعدو ڪيو آهي الله انهن ماڻهن سان جن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا انهن جي بخشش ڪندو ۽ وڏو اجر ڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حضرت) ﷴ(ﷺ) الله تعالى جو رسول آهي ۽ ان سان گڏ جيڪي ماڻهو آهن سي ڪافرن تي تمام سخت ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڏاڍا رحمدل آهن. تون (گهڻو ڪري) انهن کي رڪوع ۽ سجدي واري حالت ۾ ڏسندين ۽ (هميشه) الله تعالى جي فضل ۽ رضا جي تلاش ۾ هوندا آهن. گهڻن سجدن جي ڪري هو پنھنجي چھرن کان سڃاتا وڃن ٿا. انهن جي ان صفت جو مثال تورات ۽ انجيل ۾ به (بيان ٿيل) آهي. هي ماڻهو اهڙي پوک وانگر آهن جنھن پهريان پنھنجا سلا ڪڍيا پوءِ (آهستي آهستي) ان کي مضبوط ڪيو پوءِ ٿلهي ٿي پنھنجي تيلين تي سڌي بيهي رهي، اُها هاريءَ کي تمام گهڻي پئي وڻي، ڪافرن جي دل پئي سڙي. ماڻهن مان جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا الله تعالى انهن سان بخشش ۽ وڏي اجرجو وعدو ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |