توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ أَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 1) |
جن ڪُفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو تن جي عملن کي (الله) چَٽ ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو (قرآني نظام حيات هيٺ اچڻ کان) انڪار ٿا ڪن، ۽ اٽلندو (مؤمنن کي) الله جي راهه کان روڪين ٿا تن جا عمل الله تعاليٰ ضايع ڪري ڇڏيندو (۽ هو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب ڪونه ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راه کان روڪيو، الله تعالى انهن جا عمل ضايع ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ (خلق کي) خدا جي راھ کان روڪيو خدا انهن جا عمل اڪارت ڪري ڇڏيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان برباد ڪيائين عمل انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي رستي کان (ٻين کي) روڪيو تن جي عملن کي (الله) برباد ڪري ڇڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪيائون (الله) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جَن اِنڪار ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، اُنهن جِي اَلله، ڪَئـِي ڪَمائـِي ڪُٽ ڪَئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان روڪيو، تن جي عملن کي (الله) ناس ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي رستي کان روڪيائون، الله انهن جا عمل چــَـٽ ڪري ڇڏيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن به ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون راهِه خدا کان، الله انهن جي عملن کي چٽ ڪري ڇڏيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ٻين کي الله تعالى جي رستي کان روڪيائون ته (الله تعالى) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَءامَنوا بِما نُزِّلَ عَلىٰ مُحَمَّدٍ وَهُوَ الحَقُّ مِن رَبِّهِم كَفَّرَ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَأَصلَحَ بالَهُم (آيت : 2) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي مُحمّدؑ تي نازل ڪيو ويو ۽ اُھو سندن پالڻھار وٽان سچ آھي تنھن کي مڃيائون تن جون مدايون کائن ميٽيائين ۽ سندن حال کي سُڌاريائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (حق ۾) يقيني ويساهه رکن ٿا ۽ صالح عمل ڪن ٿا، ۽ جيڪي حضرت محمد(ﷺ) تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ اهو آهي به سچ پچ سندن پروردگار وٽان آيل حق، تنهن تي پورو ويساهه رکن ٿا تن جون برائيون الله تعاليٰ ڪڍي ڇڏيندو ۽ سندن (اندروني توڙي ٻاهرئين) حالت سڌاري ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ ايمان آندو اُن (قرآن ڪريم) تي جيڪو محمد ڪريم ﷺ تي نازل ڪيو ويو ۽ اهو ئي سندن رب جي طرفان حق آهي، الله تعالى سندن گناه درگذر فرمايا ۽ سندن (دنيا ۽ آخرت جا) حالات درست فرمايا (بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا ۽ جو (ڪتاب) محمد تي سندس پروردگار جي طرفان نازل ٿيو آهي ۽ اهو برحق آهي تنهن تي ايمان آندائون ته خدا تن جون بڇڙايون انهن تان ميٽي ڇڏيون ۽ سندن حالت سڌاري اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ ايمان آندائون ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو محمد تي ۽ اهو حق آهي سندن رب وٽان ۽ مٽايائين انهن کان گناھ انهن جا ۽ سينگاريائين حالت انهن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ ان کي مڃيو جو محمدﷺتي نازل ڪيو ويو آهي ۽ اهوئي سندن پاليندڙ جي طرفان سچ آهي. تن جون بڇڙايون انهن تان ميٽي ڇڏيون اٿس ۽ سندن حالت سڌاري اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ ان (قرآن) تي ايمان آندائون جيڪو محمد (ﷺ) تي نازل ڪيو ويو آهي اُهو ئي سندن پالڻهار پاران سچ آهي، الله انهن جون برايون انهن (جي اعمال نامي) تان ميٽائي ڇڏيون ۽ سندن حالُ سنواري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جَن مَڃيو ۽ چَڱِي ڪيائون ڪار، پڻ مَڃيؤن، جو مُڪو وِيو، مُحمّد سِر، مُختار، ۽ جو ثابِتَ سَندنِ سائـِين کان، بَرحق برقرار، لاٿائـِينِ لُطف سان، تَن جي بَديَن جا بار، پڻ تَنِين جو تڪرار، هادِئَ حال سُڌاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ جيڪي محمد (ﷺ) تي سندن رب وٽان لاٿو ويو، ۽ اهو حق آهي تنهن کي مڃيائون، تن جون مدايون کانئن ميٽيائين ۽ سندن حال کي سڌاريائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون ۽ انهيءَ شيءِ کي مڃي ورتائون، جيڪا محمد تي نازل ٿي آهي ۽ جيڪا آهي ئي سڄو سارو حق سندن رب وٽان ته الله سندن خطائون کانئن ميٽي ڇڏيون ۽ سندن حالت سڌاري ڇڏيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيائون ۽ مڃيائون ان ڳالهه کي جيڪا نازل ٿي آهي محمد تي، ۽ اها ئي حق آهي سراسر رب جي طرفان، الله انهن جون برايون کانئن پري ڪيون ۽ سڌاريو انهن جي حال کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن (الله تعالى ۽ ان جي رسولﷺ تي) ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا ۽ ﷴ(ﷺ) تي نازل ڪيل ڪتاب (قرآن) تي ايمان آندو (۽ دل ۾ يقين ڪيائون ته) اِهوئي پنھنجي پالڻھار جي طرفان برحق ڪتاب آهي ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي ڪوتاهين کي دور ڪري سندن معاملات کي درست ڪري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّ الَّذينَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا البٰطِلَ وَأَنَّ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّبَعُوا الحَقَّ مِن رَبِّهِم كَذٰلِكَ يَضرِبُ اللَّهُ لِلنّاسِ أَمثٰلَهُم (آيت : 3) |
اِھو ھن ڪري آھي جو ڪافر ڪُوڙ جي پٺيان لڳا ۽ مؤمن پنھنجي پالڻھار جي سچي دين جي پيروي ڪئي، اھڙيءَ طرح ماڻھن لاءِ سندن احوال بيان ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري ٿيندو جو جن (حق تي يعني قرآن تي عمل ڪرڻ کان) انڪاري ڪيو آهي سي باطل جي پيروي ڪري رهيا آهن (تنهن ڪري ضرور تباهه ٿيندا) ۽ جن (قرآن تي) ايمان آندو آهي سي پنهنجي پروردگار وٽان آيل حق جي پيروي ڪري رهيا آهن (تنهن ڪري هو ضرور ڪامياب ٿيندا). اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ ماڻهن کي مثال ۽ سمجهاڻيون ڏئي ٿو (ته من سمجهن ۽ سڌي واٽ وٺن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهي سببان جو بيشڪ ڪافرن باطل (ڪوڙ) جي تابعداري ڪئي ۽ بيشڪ مؤمنن حق (سچ) جي تابعداري ڪئي جيڪو سندن رب جي طرفان آهي، اهڙيءَ طرح الله تعالى ماڻهن لاءِ مثال بيان فرمائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا ۽ ايمان وارن سندن پالڻهار جي طرفان سچ (حق دين) جي پيروي ڪئي آهي. اهڙيءَ طرح خدا ماڻهن (جي سمجهڻ لاءِ مثال بيان ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جن بلاشڪ جن ڪفر ڪيو تابع ٿيا باطل جا ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تابع ٿيا حق جا پنهنجي رب وٽان اهڙي طرح بيان ڪري ٿو الله ماڻهن جي لاءِ سندن مثال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا ۽ ايمان وارن سچ جي پيروي ڪئي جو سندن پاليندڙ جي طرفان آهي. اهڙيءَ طرح الله ماڻهن (جي سمجهڻ) لاءِ سندن حالتون بيان ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو ڪافرن ڪوڙ جي پيروي ڪئي ۽ بيشڪ جن ايمان آندو تن ان سچ جي پيروي ڪئي جيڪو سندن پالڻهار پاران آهي. اهڙي طرح الله ماڻهن لاءِ انهن جا احوال بيان ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو سَڀ اِن ڪري، ته جي پِيا ڪُفر ۾ ڪاهي، سي لاڳاپا لاهي، لڳا پُٺَئَ ڪِي ڪِين جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري آهي، جو ڪافر ڪوڙ جي پٺيان لڳا؛ ۽ مؤمنن پنهنجي ڌڻيءَ جي سچ جي پيروي ڪئي- اهڙي طرح الله ماڻهن لاءِ سندن احوال بيان ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇاڪاڻ ته ڪفر ڪرڻ وارن باطل جي پيروي ڪئي ۽ ايمان آڻڻ وارن انهيءَ حق جي پيروي ڪئي، جيڪو سندن رب وٽان آيو آهي، اهڙيءَ طرح الله ماڻهن کي سندن احوال ٻڌائي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ان ڪري جو جن ماڻهن ڪفر ڪيو پيروي ڪئي باطل جي ۽ انهن ماڻهن جن ايمان آندو انهن پيروي ڪئي حق، جي جيڪو سندن رب جي طرفان آهي، اهڙيءَ طرح الله ماڻهن کي سندن صحيح حيثيت ٻڌائي ڇڏيندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ان ڪري آهي جو ڪافرن ڪوڙ جي پيروي ڪئي. ۽ ايمان آڻيندڙن پنھنجي پالڻھار جي طرفان آيل حق ڳالهه جي پيروي ڪئي، اهڙي طرح الله تعالى ماڻهن کي سندن (مختلف) حالتون بيان ڪري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا لَقيتُمُ الَّذينَ كَفَروا فَضَربَ الرِّقابِ حَتّىٰ إِذا أَثخَنتُموهُم فَشُدُّوا الوَثاقَ فَإِمّا مَنًّا بَعدُ وَإِمّا فِداءً حَتّىٰ تَضَعَ الحَربُ أَوزارَها ذٰلِكَ وَلَو يَشاءُ اللَّهُ لَانتَصَرَ مِنهُم وَلٰكِن لِيَبلُوَا۟ بَعضَكُم بِبَعضٍ وَالَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَلَن يُضِلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 4) |
پوءِ جڏھن اوھين ڪافرن سان جنگ ڪريو تڏھن (انھن جون) گردنون ڪٽيو، تانجو جڏھن منجھن گھڻو رت ڇاڻ ڪيوَ تڏھن مضبوطيءَ سان قيد ٻڌو وري (قيد کان) پوءِ يا ته احسان ڪرڻ (سان ڇڏڻ) يا چَٽي وٺڻ (گھُرجي) تانجو جنگ پنھنجا ھٿيار رکي، اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کائن بدلو وٺي ھا پر (گھرندو آھي) ته اوھان مان ڪن کي ڪن سان پرکي، ۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ٿيا تن جا عمل ڪڏھن چَٽ نه ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جڏهن توهان ڪافرن سان (لڙائيءَ ۾) منهن مقابلي ٿيو تڏهن انهن جي ڳچين تي تلوار جو وار ڪيو، تان جو جڏهن هنن کي بلڪل ڪمزور ۽ مغلوب ڪري وجهو تڏهن هنن کي گرفتار ڪيو (يا هنن کي انصاف واري عهدنامي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو) پوءِ (قيدين کي) يا ته احسان طور (بنا فديه وٺڻ جي) ڇڏي ڏيو يا فديو وٺي ڇڏي ڏيو. تان جو لڙائيءَ جو امڪان نه رهي) اهو (حڪم آهي لڙائي بابت) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پاڻ هنن کان بدلو وٺي ها (يعني يا کين عذاب ڪري ها يا کين تباهه ڪري ڇڏي ها) پر (سندس حڪمت لڙائيءَ جي حڪم ڏيڻ ۾ يا ظلم جي مقابلي ڪرڻ ۾ هي رکيل آهي ته) هو اوهان کي هڪٻئي جي ذريعي آزمائي (سچي ايمان جي آزمائش آهي ئي انهيءَ ۾ ته ايمان وارا حق جي راهه ۾ خود قربانيون ڪن بلڪه جانيون به قربان ڪن) ۽ جيڪي الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن جا عمل الله تعاليٰ هرگز ضايع نه ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن ڪافر توهان کي مِلن پوءِ (توهان انهن کي) ڪنڌن وارا ڌڪ هڻو، ايستائين جو اُهي گھڻا قتل ٿين پوءِ توهان انهن کي مضبوطيءَ سان ٻَڌو، پوءِ يا ته احسان سان کين ڇڏيو يا فديو وٺي ڇڏيو، (انهن سان اهو سلوڪ ڪريو) ايستائين جو وڙهندڙ هٿيار ڇڏين، اهو حڪم آهي ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته پاڻ انهن کان بدلو وٺي ها پر (اها جهاد) ان لاءِ آهي ته الله تعالى توهان کي هڪ ٻِئي تي آزمائي. ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راه ۾ شهيد ڪيا ويا پوءِ الله تعالى هرگز انهن جا عمل ضايع نه ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اوهين ڪافرن سان مقابلو ڪريو ته (انهن جا) ڪنڌ ڪپيو ايتري تائين جو انهن کي جڏهن زخمن سان چور ڪيو ته انهن کي ٻنڌڻن سان مضبوط ٻڌو. ۽ تنهن کان پوءِ يا ته احسان رکي (ڇڏي ڏيو) يا بدلو وٺي (آزاد) ڪري ڇڏيو. ايتري تائين جو (دشمن) جنگ جا هٿيار ڦٽي ڪن. اها ڳالھ ياد رکو) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته (ٻيءَ طرح) بدلو وٺي ها پر ان گهريو ته اوهان جو امتحان هڪ ٻئي سان (ويڙهائي) ڪري. ۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا تن جي ڪار گذارين کي خدا هرگز اڪارت نه ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن سامهون اچو انهن کي جن ڪفر ڪيو پوءِ ڪنڌ ڪٽيو تان جو جڏهن خوب قتل ڪيو اوهان انهن کي پوءِ ڇڪي ٻڌو رسيون پوءِ يا احسان ڪيو ان کان بعد ۽ يا (وٺو) فديو تانجو رکي جنگ هٿيار پنهنجا ۽ جيڪڏهن گهري الله ته پاڻ بدلو وٺي انهن کان ۽ پر تانته آزمائي هڪڙن اوهان جن کي ٻين سان ۽ جيڪي ڪٺا وڃن ٿا الله جي واٽ ۾ پوءِ هر گز نه ضايع ڪندو عمل انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي مسلمانو !) جڏهن اوهين ڪافرن سان مقابلو ڪريو ته (انهن جا) ڪنڌ ڪپيو ايتري تائين جو انهن کي جڏهن چڱيءَ طرح قتل ڪري چڪو ته ٻنڌڻن سان مضبوط ٻَڌونِ، پوءِ يا ته ان کانپوءِ (مٿن) احسان ڪريو يا بدلو وٺي ڇڏي ڏيونِ ايتري تائين جو جنگ پنهنجا هٿيار رکي. (حڪم) اهو آهي. ۽جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کان بدلو وٺي ها پر هن لاءِ (اهو حڪم ڪيو اٿس) ته اوهان مان ڪن کي ڪن سان پرکي. ۽ جي الله جي رستي ۾ ماريا ويا آهن تن جي ڪمن کي برباد نه ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن توهان جو مقابلو ڪافرن سان ٿئي ته (جنگ دوران) انهن جا ڪنڌ ڪپيو. ايستائين جو جڏهن انهن کي چڱي طرح قتل ڪري چُڪو ته (باقي قيدين کي) مضبوطي سان ٻَڌو، پوءِ ان کان بعد يا ته (کين بنا معاوضي) احسان ڪري (ڇڏي ڏيو) يا فديو وٺي ڇڏي ڏيو. ايستائين جو جنگ (ڪندڙ مخالف لشڪر) پنهنجا هٿيار رکي (يعني صلح ڪري) .. حڪم اُهو آهي.. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کان (بنا جنگ جي) بدلو وٺي ها ۽ پر (ائين هن لاءِ نه ڪيائين جو) توهان مان هڪڙن کي ٻين ذريعي آزمائي. ۽ جيڪي الله جي رستي ۾ قتل ڪيا ويا تن جي عملن کي هرگز برباد ڪونه ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن جوٽيو اُنهن سان، جي ڦريا کون فرمان، پوءِ ڪاٽي رکونِ ڪَنڌن کان، مَٿا مَنجھ ميدان، تان جڏهن رت ريليونِ گھڻو؛ نَمايونِ نِڌان، ته جَڪڙيو زنجيرن ۾، ٻَڌِي ڪريونِ ٻان، پوءِ ٿورو ٿاڦڻو، يا ڏَنڊ وَٺڻ ۽ ڏان، جا سِين جَنگ جولان، ويڙهي وَسلا پنهنجا. بَس، ۽ گُھري جي بادشاھ، ته وير وَٺينِ پاڻ، پَر هِڪ ٻِئي تي حَملي ساڻ، ٿو پَرکي آن کي، پاڪ ڌَڻِي. ۽ جيڪي ربَّ جي راھ ۾، شَهِيد ٿيا شاھ، اُنهن جا عَمل اَلله، ڪڏهن وِڃائـِيندو ڪِين ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهين اوهين ڪافر سان ٽڪرو، تڏهن سندن ڪنڌ ڪپيو. تان جو جڏهن منجهن گهڻي رت ڇاڻ ڪريو، تڏهن مضبوط ٻڌو- پوءِ يا ته احسان ڪرڻ سان ڇڏيو، يا ڏنڊ وٺڻ سان؛ تان جو جنگ پنهنجا اوزار رکي ڇڏي (بند ٿئي)- بس ائين آهي. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها، ته انهن کان بدلو وٺي ها، پر اوهان مان ڪن کي ڪن سان پرکي ٿو ۽جيڪي الله جي واٽ ۾ قتل ٿيا، تن جا عمل ڪڏهن به چٽ نه ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن توهان جو انهن ڪافرن سان مقابلو ٿئي ته پهريان سندن ڪنڌ ڪــُـٽـڻا آهن، تان جو جڏهن توهان کين چڱيءَ طرح ماري ناس ڪيو ته پوءِ قيدين کي سوگهو ڪري ٻــَـڌو، تنهن کان پوءِ (توهان کي اختيار آهي ته) مٿن احسان ڪريو يا ڏنڊ وٺي ڇڏي ڏيونِ، تان جو جنگ پنهنجا هٿيار ڦـٽا ڪري ڇڏي، اهوئي ڪم توهان کي ڪرڻو آهي. الله چاهي ها ته پاڻ ئي بدلو وٺين ها، پر (هن هيئن ان ڪري ڪيو آهي) ته جيئن توهان جي هڪ ٻئي جي وسيلي آزمائش لهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ ماريا ويندا، الله انهن جا عمل ڪڏهن به نه وڃائيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن مقابلو ٿئي توهان جو انهن ماڻهن سان (جنگ ۾) جن ڪفر ڪيو ته پهريون ڪم سسيون ڪٽڻ آهي، پوءِ جڏهن توهان انهن کي چڱيءَ طرح چٿي ڇڏيو، تڏهن قيدين کي مضبوط ٻڌو، ان بعد (توهان کي اختيار آهي) احسان ڪريو يا وري بدلو (تاوان) وٺو، جيئن جنگ ۾ هٿيار ڦٽا ڪري، اهو ئي آهي توهان جي ڪرڻ جو ڪم، الله گهري ها ته پاڻ ئي انهن کان بدلو وٺي ها، (پر هن اهو طريقو ان لاءِ ورتو) جيئن توهان کي آزمائي، ۽ جيڪي ماڻهو قتل ڪيا ويندا الله جي راهه ۾، الله انهن ماڻهن جا هرگز ضايع نه ڪندو سندن عمل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن جنگ جي ميدان ۾ توهان جو ڪافرن سان مقابلو ٿئي ته سندن سِسيُون لاهي ڇڏيو. ۽ جڏهن کين چڱي طرح چٿي ڇڏيو ته باقي (زندهه بچي ويلن) کي گرفتار ڪري مضبوط ٻڌي ڇڏيو. پوءِ توهان انهن تي احسان ڪري ڇڏي ڏيو يا انهن کان فديو وٺي آزاد ڪري ڇڏيو. اهو ايستائين آهي جو هو پنھنجا هٿيار ڦٽا ڪن. اهو ئي حڪم آهي ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته انهن کان خود بدلو وٺي ها. پر هُن اِن لاءِ اهو حڪم ڏنو آهي ته جيئن توهان سڀني جي هڪ ٻئي جي ذريعي آزمائش ڪئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رستي ۾ مارجي وڃن ته هُو انهن جي عملن کي هرگز ضايع نه ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَيَهديهِم وَيُصلِحُ بالَهُم (آيت : 5) |
کين سڌو رستو ڏيکاريندو ۽ سندن حال سڌاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جلد ئي الله تعاليٰ کين (جنت جي) واٽ تي لڳائي ڇڏيندو. ۽ سندن (عملن جي ڪمزور) حالت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جلدي کين (اعليٰ درجا) عطا ڪندو ۽ سندن ڪم درست فرمائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) کين جلد ئي منزو مقصود تائين پهچائيندو ۽ سندن حالت سنواريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد هدايت ڪندو انهن کي ۽ سينگاريندو انهن جي حال کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي رستو ڏيکاريندو ۽ سندن حالت سڌاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جلد انهن کي (سڌي) رستي جي رهنمائي ڪندو ۽ انهن جي حالت سڌاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو سُهائـِيندنِ سَنئين، پڻ سَندنِ سُڌارِيندو حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو؛ ۽ سندن حال سڌاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو کين دڳ لائيندو ۽ سندن حالت سڌاريندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي انهن جي رهنمائي ڪندو، انهن جو حال درست ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (الله تعالى) اُنهن ماڻهن جي (جنت ڏانھن وڃڻ جي) رهنمائي ڪندو ۽ انهن جي آخرت جي معاملات کي درست ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُدخِلُهُمُ الجَنَّةَ عَرَّفَها لَهُم (آيت : 6) |
۽ کين اُنھيءَ بھشت ۾ داخل ڪندو جيڪو کين ڄاڻايو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن کي جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جي خبر اڳ تي کين ڏيئي ڇڏي اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي جنت ۾ داخل فرمائيندو ۽ کين ان جي سڃاڻپ ڪرائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي ان بهشت ۾ داخل ڪندو جنهن جي کين (اڳي ئي) واقفيت ڪرايل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ڪندو انهن کي بهشت ۾ جو سڃاڻايائين اهو انهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جو حال انهن کي ٻڌائي ڏنو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي جنت ۾ داخل ڪندو جنهن جي انهن کي سڃاڻ ڪرائي اٿس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِيندُنِ جاءِ جَنت ۾، ڀَلو ڪري ڀال، اُنهئَ جو اَحوال، اڳواٽ ڏِنائـِين اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کين انهي بهشت ۾ داخل ڪندو- جيڪو کين ٻڌايو اٿس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين انهيءَ جنت ۾ داخل ڪندو، جنهن کان هو کين واقف ڪرائي چڪو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي داخل ڪندو ان جنت ۾ جنهن کان انهن کي واقف ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ کين اُن جنت ۾ داخل ڪندو جنھن جي کين اڳ ۾ ئي ڄاڻ ڪرائي چڪو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تَنصُرُوا اللَّهَ يَنصُركُم وَيُثَبِّت أَقدامَكُم (آيت : 7) |
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن اوھين الله (جي دين) جي مدد ڪندؤ ته (الله) اوھان جي مدد ڪندو ۽ اوھان جا قدم مُحڪم ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! جيڪڏهن توهان الله جي مدد ڪندؤ (يعني حق جي راهه ۾ جهاد ڪندؤ) ته الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم (لڙائي ۾ توڙي حق تي هلڻ ۾) محڪم رکندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! جيڪڏهن توهان دينِ اسلام ۽ رسولِ عربيءَ جي مدد ڪئي ته الله تعالى توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم ثابت ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين خدا (جي دين) جي مدد ڪندو ته اهو به اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان کي ثابت قدم رکندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن مدد ڪندؤ الله جي (دين جي) ته مدد ڪندو اوهان جي ۽ ثابت رکندو قدم اوهان جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهين الله جي مدد ڪندو ته الله اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان جا پير مضبوط ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله (جي دين) جي مدد ڪندؤ ته اُهو توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي پيرن کي مضبوط ڄمائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي! جَن الله ۾، آندو اِعتبار، ڪَندا ڌَڻئَ جي دِين جي، آئي ويل وَهار، ته ڏِيندان ڏَڍ ڏاتار، پڻ پُختا، اَنهنجا پير ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن اوهين الله جي مدد ڪندؤ، ته هو اوهان جي مدد ڪندو ۽ اوهان جا هٿ پير مضبوط ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله جي مدد ڪندؤ ته هو توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم ڄمائي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جيڪڏهن توهان مدد ڪندؤ الله جي ته اهو توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا قدم مضبوط ڄمائيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان الله تعالى جي (دين جي) مدد ڪندا ته الله تعالى به توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جا پير پُختا ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا فَتَعسًا لَهُم وَأَضَلَّ أَعمٰلَهُم (آيت : 8) |
۽ جن انڪار ڪيو تن کي شال ھلاڪي ھجي ۽ الله سندن عملن کي چَٽ ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (الله جي راهه تي هلڻ کان) انڪار ڪيو ويٺا آهن تن جي لاءِ تباهي آهي ۽ الله تعاليٰ سندن عمل برباد ڪري ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ تباهي آهي ۽ الله تعالى انهن جا عمل ضايع ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي ڪافر آهن تن جي لاءِ ته لغزش (ڊگمگاهٽ) آهي ۽ خدا سندن اعمال برباد ڪري ڇڏيندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪفر ڪيو پوءِ تباهي آهي انهن جي لاءِ ۽ گم ڪندو عمل انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ڪفر ڪيو سي منهن ڀر ڪريا ۽ سندن ڪمن کي الله برباد ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ هلاڪت آهي ۽ الله انهن جي عملن کي ڀٽڪائي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، پوءِ حيف تَنِين جي حال!، ۽ اُنهن جا اَعمال، بارِئَ سَڀ بَرباد ڪيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن انڪار ڪيو، تن لاءِ شل بربادي هجي! ۽ انهن جا عمل ناس ٿيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ڪفر ڪيو آهي تن لاءِ بربادي آهي ۽ الله سندن عملن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باقي اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ته بلڪل بربادي آهي انهن جي ۽ الله انهن جا سڀ عمل چٽ ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ تباهي آهي ۽ (الله تعالى) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كَرِهوا ما أَنزَلَ اللَّهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 9) |
اِھا (سزا) ھِن ڪري آھي جو جيڪي الله نازل ڪيو آھي تنھنکي انھن ناپسند ڪيو تنھن ڪري (الله) سندن عملن کي چٽ ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري ٿيندو جو جيڪو (حق) الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي تنهن کي هو ناپسند ٿا ڪن. سو الله تعاليٰ سندن عملن کي برباد ڪري ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهيءَ سبب جي ڪري جو انهن قرآن ڪريم کي ناپسند ڪيو، پوءِ الله تعالى انهن جا عمل ختم ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن لاءِ ته جا ڳالھ خدا نازل ڪئي تنهن کي انهن نا پسند ڪيو ته (پوءِ) خدا سندن ڪمن کي برباد ڪري ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان جي ڪري جو بلاشڪ انهن نا پسند ڪيو اهو جيڪو نازل ڪيو الله پوءِ ضايع ڪيائين عمل انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هنڪري ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي ان کي هنن پسند نه ڪيو پوءِ سندن ڪم وڃائي ڇڏيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو جيڪي الله نازل ڪيو آهي ان کي ناپسند ڪيائون پوءِ انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو اِن آڌار، ته مُرڳو مَٺِين ڀائـِيون، جيڪِي اَلله اُتاريو، پوءِ ڪُل سَندِن ڪم ڪار، قادِر رَبَّ ڪلتار، ليکي تان لاهي ڇڏيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو جيڪي الله لاٿو آهي، تنهن کي انهن ناپسند ڪيو، تنهن ڪري الله انهن جا عمل چٽ ڪيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇاڪاڻ ته انهن کي اها شيءِ نه وڻي، جنهن کي الله نازل ڪيو آهي، تنهنڪري الله سندن عمل وڃائي ڇڏيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇاڪاڻ ته انهن ان شيءِ کي پسند نه ڪيو آهي جيڪا نازل ڪئي آهي الله، پوءِ چٽ ٿي ويا انهن جا (سڀ) عمل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو اِن ڪري جو اُنهن (الله تعالى جي) نازل ڪيل تعليم سان نفرت ڪئي. تنهنڪري هن انهن جي سڀني عملن کي چَٽ ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم دَمَّرَ اللَّهُ عَلَيهِم وَلِلكٰفِرينَ أَمثٰلُها (آيت : 10) |
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا ته نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، ۽ الله مٿن ھلاڪي نازل ڪئي، ۽ ڪافرن لاءِ اھڙيون (ئي سزائون) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ نٿا ڏسن ته جي (ڪافر قومون) کانئن اڳي ٿي گذريون آهن تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي؟ الله تعاليٰ هنن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ڪافرن لاءِ اهي (تاريخي) مثال آهن. (يعني جيڪي به ڪفر ڪندا سي تباهه ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن زمين ۾ سير سفر نه ڪيو پوءِ اهي ڏسن ها ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ الله تعالى انهن کي تباه ڪيو ۽ ڪافرن لاءِ اهڙا مثال موجود آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا هو زمين ۾ نه گهميا آهن جو ڏسن ته ڪئين انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳ هئا. خدا مٿن بربادي وڌي. ۽ (هنن) ڪافرن لاءِ به اهڙيون (ئي سزائون) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه گهميا زمين ۾ پوءِ ڏسن ها ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي هئا اڳي انهن کان هلاڪت موڪلي الله انهن تي ۽ ڪافرن جي لاءِ مثال انهن جا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا هو ملڪ ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳ هئا؟ الله مٿن بربادي وڌي. ۽ (هنن) ڪافرن لاءِ به اهڙيون (ئي سزائون) آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن زمين جو سير نه ڪيو آهي؟ جو ڏسن ته انهن جو انجام ڪيئن ٿيو جيڪي انهن کان اڳ هئا. الله انهن جو سڀ ڪجھه مٿن اُلٽائي ڇڏيو ۽ ڪافرن لاءِ به اهڙيون ئي (سزائون) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، گُھمِي گُمراهن نَه ڪيو، ڌَرِتئَ جو دِيدار؟ پوءِ پاڻان اڳ پِهرِيَن جا، پَسن پَڇاڙِئَ پار، ته قادِر جي قَهر جِي، ٿِي ساڻنِ ڪِهڙي ڪار، اَلله نِيو اُنهن کي، نِرگھٽ نِگون سار، ۽ آهِن اُن آچار، اِنڪارِيَن لئي آفتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو زمين ۾ نه گهميا آهن، جو ڏسن، ته جيڪي انهن کان اڳ هئا، تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ الله انهن تي تباهي آندي ۽ ڪافرن لاءِ اهڙي سزا آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هو زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن جو انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڏسن ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ الله انهن جو سڀ ڪجهه اونڌو ڪري مٿانئن وڌو ۽ هو بهو ساڳيا نتيجا انهن ڪافرن جي مقدر ۾ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي گهميا ڦريا نه هئا زمين ۾، جو ڏسن ها انهن ماڻهن جي پڄاڻي، جيڪي ماڻهو انهن کان اڳي گذري چڪا آهن، اٿلائي ڇڏيو الله سڀ ڪجهه ۽ انهن ڪافرن لاءِ اهڙا ئي نتيجا مقدر آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو انجام ڪھڙو ٿيو؟ الله تعالى انهن جي مٿان تباهي آندي. ڪافرن لاءِ اهڙيون ئي سزائون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ مَولَى الَّذينَ ءامَنوا وَأَنَّ الكٰفِرينَ لا مَولىٰ لَهُم (آيت : 11) |
اِھو ھن ڪري آھي جو الله مؤمنن جو ڪارساز آھي ۽ (ھن ڪري) ته ڪافرن جو ڪو سڄڻ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري آهي جو جيڪي (حق تي) ايمان رکن ٿا تن جو يقيناً الله تعاليٰ نگهبان آهي ۽ جيڪي (الله جا) منڪر آهن تن جي لاءِ ڪوبه نگهبان يا مددگار ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهيءَ سببان جو الله تعالى مؤمنن جو ڪارساز آهي ۽ بيشڪ ڪافرن لاءِ ڪوبه ڪارساز ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري ته خدا ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪو به مددگار نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بيشڪ الله مددگار انهن جو آهي جن ايمان آندو ۽ بيشڪ ڪافر ناهي ڪو مددگار انهن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري ته الله ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪوبه مددگار نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري ته الله ايمان وارن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن جو ڪوبه مددگار نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو سَڀ اِن سَبب کان، ته آندو جَن اِيمان، اَلله آهي اُنهن جو، مولا مَددگار، ۽ سَر ۾ سَنڀاليدار، ڪو ڪونهِي ڪافِرن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو الله مومنن جو مددگار آهي ۽ ڪافرن لاءِ ڪو به مددگار ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇو جو ايمان وارن جي مالڪي ڪندڙ ته الله آهي، باقي ڪافرن جي مالڪي ڪندڙ ڪوئي به ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ان ڪري جو الله حامي ۽ ڪارساز آهي انهن ايمان وارن جو ۽ بيشڪ ڪافرن جو ڪير به حامي ۽ سڄڻ نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ان ڪري آهي جو الله تعالى ئي مؤمنن جو مددگار آهي ۽ بيشڪ ڪافرن جو ڪو مددگار نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ يُدخِلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَالَّذينَ كَفَروا يَتَمَتَّعونَ وَيَأكُلونَ كَما تَأكُلُ الأَنعٰمُ وَالنّارُ مَثوًى لَهُم (آيت : 12) |
جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي بيشڪ الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، ۽ جن انڪار ڪيو (سي) دنيا جو نفعو وٺندا آھن ۽ ائين کائيندا آھن جئين ڍور کائيندا آھن ۽ سندين جاءِ باھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پڪ سان جن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل ڪيا اٿن تن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. ۽ جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (رڳو اهڙي طرح) گذران ڪن ٿا ۽ کائين پيئن ٿا جهڙيءَ طرح ڍورڍڳا کائن پيئن ٿا. انهن جي لاءِ (آخر) رهڻ جي جاءِ باهه ئي هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن کي بهشت ۾ داخل ڪري ٿو جن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. ۽ جن ڪفر ڪيو (اهي به دنيا ۾) فائدو وٺن ٿا ۽ اهي چؤپاين وانگر کائن ٿا ۽ باه ۾ انهن لاءِ ٽڪاڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بيشڪ الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي (وڻن) هيٺان واھ وهن ٿا ۽ جن ڪفر ڪيو سي (دنيا ۾ ته) مزا ڪن ٿا ۽ ائين کائن (پيئن) ٿا جيئن جانور کائي (پيئن) ٿا ۽ (نيٺ ته) سندن جاءِ جهنم آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله داخل ڪندو انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون ۽ جن ڪفر ڪيو نفعو وٺن پيا ۽ کائين پيا جيئن کائين ٿا چوپايا جانور ۽ (جهنم جي) باهه جاءِ انهن جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي بيشڪ الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. ۽ جن ڪفر ڪيو سي (دنيا ۾ ) مزا ڪن ٿا ۽ ائين کائين ٿا جيئن جانور کائين ٿا ۽ باهه سندين جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون اهڙن بهشتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (ڪجھه وقت دنياوي) فائدا وٺي رهيا آهن ۽ ائين کائن ٿا جيئن (حلال حرام جي فرق کان سواءِ)جانور کائيندا آهن ۽ دوزخ انهن جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن مَڃيو مالِڪ هڪڙو، چڱِي ڪيائون ڪار، باغن مَنجھ بهشت جي، تن ڏِيندو جاءِ جبار، هيٺان جَن هَر وار، واهڙ ڪن ٿا وَهڪرا. ۽ اُهي جَن اِنڪار ڪيو، سي مِڙن مِرون آچار، ۽ کائـِڻ کِيَڻ اِهڙو، جِيئن ڍور چَرن مَنجھ ڍار، ۽ آهي آخِرڪار، دوزخ ديرو اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو؛ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون- ۽ جن ڪفر ڪيو، سي دنيا ۾ فائدو وٺن ٿا ۽ ڍورن وانگر کائين ٿا، پر سندن جاءِ باهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي الله انهن جنتن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ ڪفر ڪرڻ وارا ته بس هن چند ڏهاڙن واري زندگيءَ جا ٿا مزا ماڻن ۽ پيا ٿا ڍورن وانگر کائن پيئن ۽ سندن آخري ٺڪاڻو جهنم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله داخل ڪندو انهن ايمان آڻڻ وارن ۽ عمل سٺا ڪندڙن کي انهن جنتن ۾، وهي رهيون هونديون جن جي هيٺان نهرون، ۽ اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي بس دنيا جي چند ڏينهن جي زندگيءَ جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ جهنم ئي سندن آخري ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهن ٿيون ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو، سي دنيا جا مزا وٺن پيا ۽ رڳو جانورن وانگر کائڻ پيئڻ ۾ لڳا پيا آهن. آخرڪار سندن رهڻ جي جاءِ باهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَأَيِّن مِن قَريَةٍ هِىَ أَشَدُّ قُوَّةً مِن قَريَتِكَ الَّتى أَخرَجَتكَ أَهلَكنٰهُم فَلا ناصِرَ لَهُم (آيت : 13) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجي ڳوٺ جنھن (جي ماڻھن) توکي ڪڍي ڇڏيو تنھن کان وڌيڪ سگھ وارا ڪيترائي ڳوٺ ھوا، جو اُنھن کي ناس ڪيوسون پوءِ انھن جو ڪو واھرو نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون بستيون هيون جي تنهنجي شهر (مڪي) کان، جنهن مان توکي (اي پيغمبر) ڪڍي ڇڏيو اٿن، گهڻو وڌيڪ طاقت واريون هيون. اسان انهن کي برباد ڪري ڇڏيو ۽ ڪوبه سندن مددگار ڪونه ٿيو. (سو هي مڪي جا ڪافر به جلد تباهه ڪيا ويندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪيترائي ڳوٺن وارا اهڙا هئا جيڪي قوت ۾ توهان جي ڳوٺ (مڪه مڪرمه) وارن کان وڌيڪ هئا، انهي ڳوٺ مان توهان کي ٻاهر ڪڍيائون، اسان انهن کي هلاڪ ڪيو پوءِ انهن لاءِ ڪو مددگار نه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڳوٺ مان تو کي ماڻهن ڪڍيو تنهن کان وڌيڪ طاقت ۾ ڪيئي اهڙا ڳوٺ هئا جن کي اسان تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ته انهن جو ڪو به مددگار نه ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گهڻائي ڳوٺ اهي وڌيڪ قوت ۾ هئا تنهنجي ڳوٺ کان جنهن ڪڍيو تو کي هلاڪ ڪيوسون انهن کي پوءِ ناهي ڪو مددگار انهن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) ڪيترائي ڳوٺ هئا جي طاقت ۾ تنهنجي ان ڳوٺ کان وڌيڪ هئا جن توکي ڪڍي ڇڏيو آهي، اسان انهن کي برباد ڪيو پوءِ ڪوبه انهن جو مددگار نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪيترائي ڳوٺ هئا جي تنهنجي هن ڳوٺ (مڪي) کان جنهن (جي رهڻ وارن) تو کي (بصورتِ هجرت) ڪڍي ڇڏيو آهي وڌيڪ طاقتور هئا اسان انهن کي ائين برباد ڪري ڇڏيو جو انهن جو ڪو به بچائڻ وارو نه ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَئـِين ڳوٺ، تُنهنجي ڳوٺ کان، قُوَّت مَنجھ ڪَثر، جَن توکي تَڙي ڪڍيو، گڏ ساٿِيَن سَربَسر، آندِيسون اُنهن مَٿان، بَربادِي بَرسِر، پوءِ اَندر ساري سَر، ڪو هُئو نَه، حِمايتِي اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجي ڳوٺ، جنهن جي ماڻهن توکي ڪڍي ڇڏيو؛ تنهن کان وڌيڪ سگهه وارا ٻيا ڪيترا ڳوٺ هئا، جن کي ناس ڪيوسون. پوءِ انهن جو ڪو مددگار نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڪيتريون ئي آباديون اهڙيون ٿي گذريون آهن، جيڪي تنهنجي انهيءَ آباديءَ کان طاقت ۾ نهايت ڏاڍيون هيون، جنهن توکي ڪڍي ڇڏيو آهي. اسان کين ائين تباهه ڪيو جو کين ڪو بچائڻ وارو ئي ڪونه هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ڪيتريون ئي وستيون اهڙيون گذريون آهن جيڪي وڌيڪ زور واريون هيون تنهنجي وستيءَ کان جنهن مان توکي ڪڍيو، کين اسان ائين ناس ڪيو جو ڪوبه سندن مددگار نه هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڪيترائي اهڙا شھر ٿي گذريا آهن جيڪي تنھنجي شھر (مڪي) کان وڏا طاقتور هئا جِتان هنن ماڻهن توکي ڪڍيو آهي. اسان انهن کي برباد ڪري ڇڏيوسين. پوءِ انهن کي ڪير به بچائڻ وارو نه هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن كانَ عَلىٰ بَيِّنَةٍ مِن رَبِّهِ كَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 14) |
جيڪو پنھنجي پالڻھار کان پڌريء حُجت تي ھجي سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا؟ جنھن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڪري ڏيکاريا ويا ۽ پنھنجين سَڌن جي پٺيان لڳا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا جيڪو (خدا جو ٻانهو) پنهنجي پروردگار وٽان مليل روشن دليل (۽ راهه) تي هلندڙ آهي سو انهن جي برابر ٿي سگهي ٿو جن کي پنهنجي عملن جون برائيون سهڻيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ جيڪي پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪندڙ آهن؟ (هرگز نه).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو (مؤمن) جيڪو پنهنجي رب جي طرفان واضح دليلن تي آهي اهو اُن (فاسق) جهڙو آهي جنهنکي سندس بُرا اعمال سهڻا پيا لڳن ۽ ان پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا جو شخص پنهنجي پالڻهار جي طرفان ظاهر دليل تي آهي سو ان جهڙو ٿيندو جنهن کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهي پنهنجن خواهشن تي هلن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪي آهن روشن دليل تي پنهنجي رب وٽان ان جهڙا آهن جو سينگاريو ويو انهن جي لاءِ برو عمل انهن جو ۽ تابع ٿيا پنهنجن خواهشن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جو پنهنجي پاليندڙ جي طرفان ظاهر ثابتيءَ تي آهي سو ان جهڙو آهي ڇا جنهن کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهي پنهنجن خواهشن تي هلن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي طرفان چِٽي دليل تي (قائم) آهي انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو؟ جن لاءِ انهن جا بُرا عمل سينگاريا ويا . ۽ اُهي پنهنجي خواهش تي هلن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جو صفا سَچ مَٿي، قائـِم برقرار، ثابِت سَندسِ سائـِينءَ کان؛ ڇا اُهو به اُن آچار؟ اوڳ سَندسِ عَمل جِي، جنهن کي لڳي نيڪ نِبار، ۽ لڳا، لڳاتار، سَندِن سَڌن پُٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو شخص پنهنجي ڌڻيءَ کان پڌري حجت تي آهي، سو انهي جهڙو آهي ڇا، جنهن کي سندس بڇڙا ڪم چڱا ڏسڻ ۾ آيا ۽ پنهنجن سڌن پٺيان لڳا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ڪو ائين ٿي سگهي ٿو ته جيڪو پنهنجي رب وٽان پڌريءَ هدايت تي هجي، سو انهن وانگر ٿي وڃي، جن جا بڇڙا ڪم انهن لاءِ ڏسڻ ۾ سهڻا بڻايا ويا آهن ۽ اهي پنهنجين خواهشن جي ڪڍ لڳي پيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا ڪڏهن ائين ٿي سگهي ٿو ته جيڪو چٽي هدايت تي هجي پنهنجي رب جي طرفان سو انهن ماڻهن وانگر ٿي وڃي جن لاءِ سهڻو بڻايو ويو هجي سندن برو عمل ۽ اهي پٺيان لڳل هجن پنهنجي سَڌن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي واضح دليل تي هجي سو ان ماڻهوءَ جھڙو ٿي سگهي ٿو جنھن جا برا عمل کيس سھڻا ڪري ڏيکاريا ويا هجن. (درحقيقت) هي ماڻهو پنھنجي خواهشن جي پويان هلن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ الجَنَّةِ الَّتى وُعِدَ المُتَّقونَ فيها أَنهٰرٌ مِن ماءٍ غَيرِ ءاسِنٍ وَأَنهٰرٌ مِن لَبَنٍ لَم يَتَغَيَّر طَعمُهُ وَأَنهٰرٌ مِن خَمرٍ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ وَأَنهٰرٌ مِن عَسَلٍ مُصَفًّى وَلَهُم فيها مِن كُلِّ الثَّمَرٰتِ وَمَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم كَمَن هُوَ خٰلِدٌ فِى النّارِ وَسُقوا ماءً حَميمًا فَقَطَّعَ أَمعاءَهُم (آيت : 15) |
جنھن بھشت جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي تنھنجي وصف ھي آھي جو اُن ۾ اھڙي پاڻي جون واھيون آھن جو (گھڻي رھڻ ڪري) نه سينواريو آھي، ۽ اھڙي کير جون واھيون آھن جنھن جو مزو نه مَٽيو آھي، ۽ پيئندڙن کي لذت ڏيندڙ شراب جون واھيون آھن، ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون به واھيون آھن، ۽ اُنھن لاءِ منجھس ھر جنس جا ميوا آھن ۽ سندن پالڻھار وٽان بخشش آھي، (اھي) انھن جھڙا آھن ڇا جيڪو باھ ۾ سدائين رھڻ وارو ھجي ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي جو سندن آنڊن کي ڇِني ڇڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها جنت جنهن جو واعدو متقي ماڻهن کي ڏنو ويو آهي، تنهن جو مثال هن طرح آهي. ان ۾ اهڙي پاڻيءَ جون نهرون هونديون جو ڪڏهن به خراب ٿيڻو ناهي، ۽ اهڙي کير جون نهرون هونديون جنهن جو ذائقو ڪڏهن به نه ڦرندو ۽ اهڙي شراب (يا شربت) جون نهرون هونديون جو پيئندڙن لاءِ عجيب لذت وارو هوندو ۽ پڻ صاف ماکيءَ جون نهرون هونديون. ۽ ان جنت ۾ جنتي ماڻهن لاءِ هر قسم جا ميوا (۽ نعمتون) هونديون ۽ (سڀني کان وڏي ڳالهه هيءَ ته) هنن کي پنهنجي پروردگار وٽان بخششون هونديون. (پوءِ اهڙا جنتي ماڻهو) انهن جي برابر هوندا ڇا جو هميشه لاءِ باهه ۾ رهندا ۽ جن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو جو سندن آنڊا به وڍي وجهندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جنت جو مثال جنهنجو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي هيءُ آهي ته انهيءَ ۾ اهڙي پاڻيءَ جون نهرون آهن جن کي سِنيار نه آهي ۽ اهڙي کير جون نهرون آهن جن جو ذائقو نٿو مَٽجي ۽ اهڙي شراب جون نهرون آهن جن ۾ پيئندڙن لاءِ لذت آهي، ۽ اهڙي ماکي جون نهرون آهن جيڪي بيحد صاف ڪيل آهن، ۽ انهن لاءِ جنت ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ (انهن لاءِ) سندن رب وٽان مغفرت آهي. ڇا اِهي ان ماڻهو وانگر آهن جيڪي هميشه باه ۾ آهن ۽ کين ٽهڪيل پاڻي پياريو ويو، جيڪو انهن جي آنڊن کي ڪٽيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن جنت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو تنهن جي صفت هي آهي ته ان ۾ پاڻي جا واھ آهن جن ۾ ذرو به بوءِ نه آهي ۽ کير جون نهرون آهن جن جو مزو ڪڏهن نه بدليو، ۽ (پاڪ پاڪيزه) شراب جون نهرون آهن جيڪو پيئڻ وارن لاءِ (سراسر) لذت آهي. پڻ صاف شفاف ماکيءَ جون نهرون آهن ۽ اتي انهن لاءِ هر قسم جا ميوه آهن ۽ سندن پروردگار جي طرفان بخشش (معافي) آهي. (ڀلا اهڙا شخص) انهن جي برابر ٿي سگهن ٿا جيڪي دوزخ ۾ رهندا ۽ جن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو ته اهو آنڊن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال جنت جو وعدو ڏنا ويا متقي ان ۾ نهرون آهن پاڻيءَ نه بدبودار ٿيندڙ جون ۽ نهرون کير جون جو نه ڦريو ان جو ذائقو ۽ نهرون شراب جون جيڪو لذيذ آهي پيئندڙن جي لاءِ ۽ نهرون ماکيءَ صاف ڪيل جون ۽ انهن جي لاءِ انهن ۾ هر قسم جا ميوا هوند ا ۽ بخشش سندن رب وٽان ان وانگر هوندا جو اهو هميشہ رهندڙ هوندو باھ ۾ ۽ پياريا ويندا پاڻي گرم پوءِ وڍيندو آنڊا انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جنت جو وعدو پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي ان جو حال هي آهي ته ان ۾ اهڙي پاڻيءَ جا واهه آهن جو بگڙڻ وارو نه آهي، ۽ اهڙي کير جا واهه آهن جنهن جو مزو نه ڦريو آهي، ۽ اهڙي شراب جا واهه آهن جنهن ۾ پيئندڙن لاءِ لذت آهي، ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جا واهه آهن، ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ سندن پاليندڙ جي طرفان معافي آهي، اهي انهن جهڙا آهن ڇا جي (هميشه) باهه ۾ رهن ۽ کين گرم پاڻي پياريو وڃي پوءِ اهو سندن آنڊا وڍي ڇڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن بهشت جو پرهيزگارن سان وعدو ڪيو ويو آهي ان جي صفت هي آهي جو ان ۾ (اهڙي) پاڻي جون نهرون آهن جو نه بگڙڻ وارو آهي ۽ اهڙي کير جون نهرون آهن جنهن جو ذائقو نه مٽبو ۽ اهڙي شراب جون نهرون آهن جنهن ۾ پيئڻ وارن لاءِ لذت آهي، ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جون نهرون آهن، ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا آهن، ۽ سندن پالڻهار پاران بخشش آهي اُهي (پرهيزگار) انهن جهڙا آهن ڇا جيڪي هميشه دوزخ ۾ رهڻ وارا آهن ۽ انهن کي ٽهڪندڙ پاڻي پياريو ويندو ته اُهو سندن آنڊن کي وڍي ڇڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صُورت باغ بهشت جِي، جِنهن جو سَچن سان اَنجام، اَڻ پارو ٿي پاڻِئَ جون، جنهن ۾ جُويون آهنِ جام، ڪي ناليون خالِص کِير جون، جنهن جو مَزو ڦِٽي نَه مُدام، ڪي شاخون پاڪ شراب جون، جَن ۾ نَشي جو نه نام، اِهي سڀ اِنعام، چکندڙن جي چاش لئي. پڻ ماکِئَ صَفا، صاف جون، نهرون وَهن نِبار، پڻ طرحِين تِنهن ۾ تَن لئي، ميوا مَڃر ڏار، پڻ بَخْشَشون بِسيار، سَندِن ربَّ، ستارکان. اُهو ڇا، آهي اُن جِيئن، جو ڄيري مَنجھ ڄَمار، ۽ پاڻِي وِيَن پِياريو، ٻَڙهڪندڙ ٻِيهار، پوءِ ڦاڙي ڦاڙُون ڦار، ڪيائين آنڊا اُنهن جا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن بهشت جو انجام نيڪن کي ڏنو ويو آهي، ان جو مثال هي آهي؛ جو ان ۾ اهڙي پاڻيءَ جون نهرون وهندڙ هونديون، جو نه سينواربو، ۽ اهڙي کير جون نهرون آهن، جن جو مزو نه مٽبو_ ۽ پيئندڙن کي مزو ڏيندڙ شراب جون نهرون آهن ۽ صفا ڪيل ماکيءَ جون به، ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر جنس جا ميوا آهن ۽ سندن رب وٽان بخشش آهي_ اهي انهن جهڙا نه آهن، جيڪي هميشه باهه ۾ رهڻ وارا هجن ۽ جن کي ڪوسو پاڻي پياريو وڃي، جو سندن آنڊن کي ڇني ڇڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) متـقين لاءِ جنهن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي، ان جو شان ته هي آهي، جو ان ۾ واهيون پيون وهنديون، اهڙي پاڻيءَ جون، جيڪو سينواريل نه هوندو ۽ واهيون کير جون، جنهن جو ذائقو مٽيل نه هوندو ۽ واهيون شراب جون، جيڪو پيئڻ وارن لاءِ مزيدار هوندو ۽ پڻ صاف ڪيل ماکيءَ جون واهيون ۽ منجهس انهن لاءِ هر قسم جا ميوا هوندا ۽ سندن رب وٽان گناهن کان بخشش. (ڇا اهو ماڻهو جنهن کي اها جنت ملڻي آهي) انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو، جيڪي سدائين جهنم ۾ رهندا ۽ اهڙو گرم پاڻي پيئاريا ويندا، جيڪو سندن آنڊا ئي وڍي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي پرهيزگارن لاءِ، ان جو شان هي آهي جو ان ۾ نهرون وهنديون هونديون ان پاڻي جون جيڪو آٺريل (صاف) هوندو، ۽ نهرون وهنديون هونديون اهڙي کير جون جنهن جي سواد ۾ فرق نه هوندو، ۽ نهرون وهنديون هونديون اهڙي شراب جون جيڪو لذيذ هوندو پيئڻ وارن لاءِ، ۽ نهرون وهنديون هونديون صاف شفاف ماکيءَ جون. ۽ انهن ۾ هر قسم جا ميوا هوندا انهن جي لاءِ ۽ بخشش هوندي سندن رب طرفان (ڇا اهو شخص جنتني) انهن ماڻهن وانگر ٿي سگهي ٿو جيڪي سدائين دوزخ ۾ رهندا، جن کي اهڙو ته گرم پاڻي پياريو ويندو، جيڪو سندن آنڊا وڍي ڇڏي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پرهيزگارن سان جنھن جنت جو وعدو ڪيو ويو آهي ان جو (مختصر) بيان هي آهي ته ان ۾ اهڙي قسم جون نھرون وهنديون جنھن جو پاڻي ڪڏهن به نه سينواربو، کير جون نھرون هونديون جنھن جو ذائقو نه مٽبو، پيئڻ وارن لاءِ مزيدار شراب جون نھرون ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جون نھرون هونديون، ان ۾ مختلف قسم جا ميوا هوندا ۽ الله تعالى جي بخشش ۽ مھرباني به (گڏ) هوندي. (ڇا هي جنتي ماڻهو) انهن ماڻهن جھڙا ٿي سگهن ٿا جيڪي هميشه باهه ۾ رهڻ وارا آهن؟ جن کي اهڙو ته گرم پاڻي پياريو ويندو جو انهن جا آنڊا ئي ڳاري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنهُم مَن يَستَمِعُ إِلَيكَ حَتّىٰ إِذا خَرَجوا مِن عِندِكَ قالوا لِلَّذينَ أوتُوا العِلمَ ماذا قالَ ءانِفًا أُولٰئِكَ الَّذينَ طَبَعَ اللَّهُ عَلىٰ قُلوبِهِم وَاتَّبَعوا أَهواءَهُم (آيت : 16) |
۽ منجھائن ڪو اھڙو آھي جو توڏانھن ڪن ڏيندو آھي، تان جو جنھن مھل تو وٽان نڪرندا آھن (تنھن مھل) جن کي علم ڏنو ويو تن کي چوندا آھن ته ھاڻي (پيغمبر) ڇا چيو؟ اِھي اُھي آھن جن جي دلين تي الله مُھر ھنئي آھي ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن تي ھليا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا آهن جي (ظاهريءَ طرح) تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر جڏهن تو وٽان اٿي ٻاهر وڃن ٿا ته تڏهن جن (مؤمن ماڻهن) کي صحيح علم ڏنو ويو آهي تن کان (مسخريءَ طور ۽ گمراهه ڪرڻ لاءِ) پڇن ٿا ته هن (يعني حضرت جن) ان وقت ڇا چيو؟ اهي ئي آهن جن جي دلين تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ جيڪي پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن مان ڪجھه ماڻهو (منافق) توهان جي گفتگو ٻڌن ٿا، ايستائين جو جڏهن اهي توهان وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته اهي علم وارن (صحابه ڪرام) کان پڇن ٿا ته هينئر رسولِ عربي ڇا فرمايو؟ اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي الله تعالى مُهر هنئي ۽ انهن پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) انهن مان ڪي اهڙا به آهن جي تو ڏي ڪن ڏين ٿا، تان جو جڏهن ٻڌي (سڌي) تو وٽان نڪرن ٿا ته جن شخصن کي (قرآن جو) علم ڏنو ويو آهي تن کان پڇن ٿا ته هينئر هن شخص ڇا چيو هو؟ هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي خدا (ڪفر جي) مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اهي پنهنجي نفساني خواهشن تي هلي رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن مان اهو به آهي جيڪو ڪن ڏئي ٻڌي ٿو توڏانهن تانجو جڏهن نڪتا تو وٽان ته چيائون انهن کي جيڪي ڏنا ويا علم ته ڇا فرمايائين هينئر اهي ئي آهن جو مهر هنئي الله انهن جي دلين تي ۽ تابع ٿيا پنهنجن خواهشن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن. جي توڏي ڪن ڏين ٿا تانجو جڏهن تو وٽان نڪرن ٿا ته جن کي علم ڏنو ويو آهي تن کي چون ٿا ته هاڻي ڇا چيائين؟ اِهي اُهي آهن جن جي دلين تي الله مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا آهن. ۽ جي هدايت جي رستي تي هليا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي تو ڏانهن ڪَنُ ڏين ٿا ايستائين جو جڏهن تو وٽان نڪرن ٿا ته انهن ماڻهن کي چون ٿا جن کي علم ڏنو ويو هاڻي ان (يعني رسول الله ﷺ) ڇا چيو؟ هي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين تي الله مُهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اِهي پنهنجي خواهش جي پيروي ڪري رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توڏي ڪي تَن مَنجھان، ڪَندا آهِن ڪَن، تان جڏهن نِڪتا تو وَٽان، ته عِلم عَطا ٿيو جَن، تڏهن چيائون تَن، ته حَضرت هاڻي ڇا، چيو؟ اُهيئـِي آهِين سي، ته خدا هَٿ کَڻِي؟ هَيَن مُهر هِنيِـين تان، ڌُران پاڪ ڌَڻِي، ۽ هَليا هام هَڻِي، سَندنِ سَڌنِ پُٺ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منجهانئن ڪي اهڙا آهن، جي تو ڏانهن ڪن ٿا ڏين، پوءِ جڏهن تو وٽان نڪرندا آهن، تڏهن جن کي علم ڏنو ويو، تن کي ٿا چون، ته ”هينئر (نبيءَ) ڇا چيو؟“ اهي اهي آهن، جن جي دلين تي الله مهر هنئي آهي ۽ هو پنهنجين سڌن تي هليا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪَـنُ لائي تنهنجي ڳالهه ٻڌن ٿا ۽ پوءِ جڏهن تو وٽان نڪري هليا وڃن ٿا ته انهن کان جن کي علم عطا ڪيو ويو آهي، پڇن ٿا ته اجهو هاڻي انهيءَ (نبيءَ) ڇا پئي چيو؟ اهي ئي ته آهن، اُهي ماڻهو جن جي دلين تي الله مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ اهي پنهنجي خواهشن جي ڪڍ لڳل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪَن لائي ٻڌندا آهن تنهنجي ڳالهه، ۽ پوءِ جڏهن تو وٽان نڪرندا آهن ته انهن ماڻهن کان پڇندا آهن جن کي اها علم جي دولت بخشي وئي آهي ته اجهو هينئر ان ڇا چيو هو؟ هي اهي ئي ماڻهو آهن جن تي مهر لڳائي آهي الله سندن دلين تي ۽ انهن پيروي ڪئي آهي پنهنجي خواهشن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تُنهنجي محفل ۾ ويٺل) ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تنھنجي ڳالهه کي وڏي غور سان ٻڌندا آهن. پر جڏهن توهان وٽان ٻاهر نڪري ايندا آهن ته علم وارن کي چوندا آهن ته هِن (رسولَ) ڇا چيو؟ الله تعالى اُنهن جي دلين تي مھر هڻي ڇڏي آهي، تنھنڪري هو پنھنجي خواهشن جي پويان لڳل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ اهتَدَوا زادَهُم هُدًى وَءاتىٰهُم تَقوىٰهُم (آيت : 17) |
۽ جن سِڌو رستو ورتو تن کي خدا ھدايت ۾ وڌايو ۽ کين سندين پرھيزگاري ڏني.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن (سچي) هدايت واري واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ الله تعاليٰ هدايت جي روشني وڌائيندو رهي ٿو ۽ انهن کي سندن تقويٰ عطا ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن هدايت حاصل ڪئي الله تعالى انهن جي هدايت کي زياده ڪيو ۽ کين تقويٰ عطا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي هدايت وارا آهن تن جي هدايت کي خدا (قرآن جي ذريعي) اڃا به وڌائي ٿو ۽ کين پرهيزگار عطا فرمائي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن واٽ ورتي وڌايائين انهن کي هدايت ۽ ڏنائين انهن کي سندن تقوى .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تن جي هدايت وڌائي اٿس ۽ انهن کي سندن پرهيزگاري ڏني اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي هدايت يافته آهن الله انهن کي هدايت ۾ وڌايو آهي. ۽ کين سندن پرهيزگاري عطا ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جي هِدايَت حَق مٿي، هَليا اڳ همراھ، سائـِينءَ سُونهپ راھ ۾، وَرِي وَڌايَنِ واھ!، پڻ اُنهن کي اَلله، نيڪِي سَندنِ نَصِيب ڪَئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن سڌو رستو ورتو، تن کي خدا هدايت ۾ وڌايو ۽ انهن کي سندين دينداري ڏني. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن هدايت لڌي آهي، انهن کي الله هدايت ۾ وڌائي ٿو ۽ کين سندن (ڀاڱي جي) تقويٰ به عطا ڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جن هدايت حاصل ڪئي، الله انهن کي وڌيڪ هدايت ڏيندو آهي ۽ کين عطا ڪندو آهي سندن حصي جي تقويٰ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن سڌو رستو اختيار ڪيو ته الله تعالى انهن کي هدايت ۾ اڃا به وڌايو ۽ کين پرهيزگاري عطا ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً فَقَد جاءَ أَشراطُها فَأَنّىٰ لَهُم إِذا جاءَتهُم ذِكرىٰهُم (آيت : 18) |
(ڪافر) پاڻ وٽ قيامت جي اوچتي اچڻ کانسواءِ (ٻي ڳالھ) منتظر نه آھن، پوءِ بيشڪ اُن جون نشانيون اچي چڪيون آھن، پوءِ جڏھن وٽن (قيامت) ايندي تڏھن کين نصيحت وٺڻ ڪٿان (نفعي واري ٿيندي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا هي (ڪافر) انهيءَ ساعت جي لاءِ ترسيا ويٺا آهن جا مٿن اوچتو اچي ڪڙڪڻ واري آهي؟ ۽ هيءَ حقيقت آهي ته ان (تباهي جي) گهڙيءَ جون نشانيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جڏهن اها گهڙي مٿن اچي ويندي تڏهن نصيحت وٺڻ هنن لاءِ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي (ڪفارِ مڪه) نٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو جيڪا اوچتي انهن تي ايندي، پوءِ بيشڪ ان جو نشانيون آيون آهن، پوءِ انهن لاءِ ڇا آهي؟ جڏهن انهن وٽ انهن جي نصيحت پهتي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهي ماڻهو رڳو قيامت جا ئي منتظر آهن ته مٿن اوچتي اچي، ته سندس نشانيون ته اچي چڪيون آهن. ته پوءِ جڏهن قيامت انهن (جي سرن) تي اچي پوندي پوءِ کين نصيحت وٺڻ ڪٿان سود مند ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه ٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو ته اچي انهن وٽ اوچتو پوءِ تحقيق آيون ان جون نشانيون پوءِ ڪٿي آهي انهن جي لاءِ انهن جو سمجهڻ جڏهن ايندي انهن وٽ قيامت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهي نه ٿا انتظار ڪن مگر ان گهڙيءَ جو ته اها مٿن اوچتي اچي سو ان جون نشانيون اچي چڪيون آهن. پوءِ جڏهن اها مٿن اچي پوندي تڏهن کين نصيحت وٺڻ ڪٿان نصيب ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي (ڪافر) نه ٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو ته اها مٿن اوچتي اچي، پوءِ بيشڪ ان جون نشانيون اچي چڪيون آهن پوءِ انهن کي انهن جي نصيحت ڪٿي (فائديمند) ٿيندي جڏهن قيامت اچي پهچندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُهي اِنتظار، ٻِيو ڪَڍن ئـِي ڪِين ٿا، مگر اَچينِ اوچتِي، سا اُهکِي ويل اَپار، پوءِ اُوس آيون اُن جون، نِشانيون نِروار، پوءِ جڏهن اَچِي اُن ڪيو، ڪڙڪو سِرڪِپار، تڏهن وِيچارڻ جِي وار، آئـِي ڪٿان اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافر رڳو پاڻ وٽ قيامت جي اوچتي اچڻ جي واٽ ٿا نهارين، پوءِ بيشڪ ان جون نشانيون اچي چڪيون آهن، پوءِ جڏهن وٽن ايندي، تڏهن کين نصيحت وٺڻ ڪهڙي ٿيندي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا هاڻي اهي بس قيامت جو ئي ٿا انتظار ڪن ڇا جو اها اوچتو ئي اچي مٿن ڪڙڪي؟ ان جون نشانيون ته اچي چڪيون آهن. پوءِ جڏهن اها ايندي ته انهن لاءِ نصيحت قبول ڪرڻ جو ڪهڙو موقعو باقي بچندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو انتظار ڪري رهيا آهن قيامت جو جيڪا اوچتو ئي اچي مٿن ڪڙڪي؟ ان جون نشانيون ته اچي ويون آهن، ۽ جڏهن اها اچي ويندي ته انهن وٽ نصيحت قبول ڪرڻ جو باقي ڪهڙو موقعو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا (ڪافر) ان انتظار ۾ آهن ته انهن تي قيامت اوچتو اچي. بيشڪ قيامت جي اچڻ جون نشانيون ته هنن وٽ اچي چڪيون آهن.باقي جڏهن قيامت ايندي ته انهن کي نصيحت وٺڻ جو موقعو ڪٿان ملندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاعلَم أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَلِلمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ يَعلَمُ مُتَقَلَّبَكُم وَمَثوىٰكُم (آيت : 19) |
پوءِ ڄاڻ ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي ۽ پنھنجن گناھن جي ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ بخشش گھُر، ۽ الله اوھان جي اچ وڃ جو ھنڌ ۽ اوھان جي رھڻ جي جڳھ ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر) يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. ۽ پنهنجي تدبيري ڪوتاهين جي معافيءَ لاءِ دعا گهرندو رهه ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي لاءِ به (اهڙي دعا گهرندو رهه) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ کي توهان جي گهمڻ ڦرڻ جون جايون ۽ رهڻ ٽڪڻ جون جايون چڱيءَ طرح معلوم آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان معلوم ڪريو ناهي ڪو معبود مگر الله تعالى ۽ رسولِ عربي توهان پنهنجي قوم ۽ مؤمنن ۽ مؤمن عورتن لاءِ بخشش طلب ڪريو ۽ الله تعالى توهان جي دنيا ۽ آخرت جي مصروفيت کي ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سمجهو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ (اسان کان) پنهنجي ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن جي گناهن جي معافي گهرندو رھ! ۽ خدا توهان جي گهمڻ ڦرڻ ۽ رهڻ جي جاءِ کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڄاڻ ته بلاشڪ ناهي ڪو عبادت جو لائق، هڪ الله کانسواءِ ۽ مغفرت طلب ڪر پنهنجي پوئلڳن لاءِ ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي لاءِ ۽ الله ڄاڻي ٿو گهمڻ ڦرڻ اوهان جي کي ۽ اوهان جي آرام جي جاءِ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون ڄاڻ ته الله کانسواءِ ڪوبه حاڪم نه آهي ۽ پنهنجي گناهه جي معافي گهر ۽ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن لاءِ به. ۽ الله اوهان جي ڦرڻ گهرڻ جي جاءِ ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ڄاڻ ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي پوءِ پنهنجي خلافِ اولى ڪمن ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ بخشش گهر. ۽ الله توهان جي اچڻ وڃڻ جي جاءِ ۽ توهان جي رهائش جي جاءِ کي ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَچ پَچ سَمجِھي وَڃ تون هِئَ حَقِيقت هيڪار، ته سَر ۾ نَه ، شيوا جِھڙو، ڪو سوا رَبَّ، سَتار، ۽ پَر۾ پَڇتائي پَنهنجا، بخشائِي بَديون بار، ۽ مُؤمن ۽ مؤمنياڻِيَن لئي، ٻاجھون گُھر ٻِيهار، ۽ ڄاڻي جاءِ جَبّار، پڻ ماڳ اَوهان جي موٽ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڄاڻ، ته الله کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق ڪونهي ۽ پنهنجين خواهه مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي غلطين لاءِ بخشش گهر_ الله اوهان جي اچڻ وڃڻ جو هنڌ ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اي نبي، تون ڄاڻي ڇڏ ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي ۽ معافي گهر پنهنجي قصور لاءِ به ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ به. الله توهان جي ڦرڻ گهرڻ (ڊڪ ڊوڙ) کي به ڄاڻي ٿو ته توهان جي ٺڪاڻي کان به واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) چڱيءَ طرح ڄاڻي ڇڏ ته الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جو حقدار ناهي، ۽ معافي گُهر پنهنجي ڏوهن جي، ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين لاءِ معافي گُهر، ۽ الله ڄاڻي ٿو توهان جي ڪوششن کي ۽ توهان جي ٺڪاڻن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) پختو يقين رک ته الله تعالى کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ۽ تون پنهنجي ۽ مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ ڪمي بيشي ٿي وڃڻ جي معافي گهرندو رهه ۽ الله تعالى کي توهان جي سڀني مصروفيتن ۽ رهڻ جي جاين جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولُ الَّذينَ ءامَنوا لَولا نُزِّلَت سورَةٌ فَإِذا أُنزِلَت سورَةٌ مُحكَمَةٌ وَذُكِرَ فيهَا القِتالُ رَأَيتَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ يَنظُرونَ إِلَيكَ نَظَرَ المَغشِىِّ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَأَولىٰ لَهُم (آيت : 20) |
۽ مؤمن چوندا آھن ته ڪا سُورة ڇونه نازل ڪئي وئي، پوءِ جڏھن پڌري معنىٰ واري سُورة نازل ڪئي وڃي ۽ اُن ۾ جھاد جو ذڪر ڪيو وڃي ته جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن کي ڏسندين ته تو ڏانھن اُنھيءَ (ماڻھو) جي نھارڻ وانگر ڏسندا آھن جنھن کي موت (جي سڪرات) کان بيھوشي پُھتي ھجي، پوءِ اُنھن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ايمان آندو آهي سو (خدا جي راهه ۾ سر ڏيڻ جي شوق منجهان) چئي رهيا آهن ته (لڙائي جي اجازت جي) سورة ڇو نٿي نازل ٿئي! پوءِ جڏهن صاف صاف سورة نازل ٿي آهي جنهن ۾ جنگ جو ذڪر ڪيل آهي (۽ اجازت يا حڪم ڏنو ويو آهي) تڏهن تون ڏسين ٿو ته جن (منافقن) جي دلين ۾ (کوٽ جو) مرض آهي سي توڏي اهڙيءَ نظر سان نهاري رهيا آهن جهڙيءَ (طرح) سڪرات ۾ پيل ماڻهو نهاريندو آهي. هنن جي لاءِ بهتر ۽ مناسب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا جن ايمان آندو ڇو نٿي نازل ڪئي وڃي ڪا سورت، پوءِ جنهن وقت اها سورت نازل ڪئي وئي جنهن ۾ واضح احڪام آهن ۽ ان ۾ جهاد جو ذڪر ڪيو ويو، رسولِ عربي توهان انهن ماڻهن کي ڏسندا جن جي دلين ۾ مرض (شڪ) آهي تو پوءِ اهي توهان کي ايئن ڏسن ٿا جيئنڪ انهن تي موت جي غَشِي (ڇانيل) هجي، پوءِ انهن لاءِ اطاعت بهتر هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مومن چون ٿا ته (جهاد جي لاءِ) ڪا سورت ڇو نه ٿي نازل ٿئي؟ پر جڏهن ڪا صاف کليل معنى سان سورت نازل ٿئي ۽ ان ۾ جهاد جي ڳالھ هجي ته جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جو) روڳ آهي تن کي ڏسندين ته تو ڏي اهڙيءَ طرح ڏسن ٿا جيئن ڪنهن تي موت جي بيهوشيءَ (ڇانيل) هجي (جو ان جون اکيون ڦريل هجن) پوءِ انهن لاءِ ويل هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا اهي جن ايمان آندو ته ڇو نه نازل ڪئي وئي سورة پوءِ جڏهن نازل ڪئي وئي سورة محڪم ۽ ذڪر ڪيو ويو ان ۾ جهاد ته ڏسندين انهن کي جن جي دلين ۾ بيماري آهي نهارين پيا تو ڏانهن مثل ڏسڻ ان جي جو غشي ڪئي وئي ان تي موت جي پوءِ ڀلو آهي انهن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ايمان وارا چون ٿا ته ڇا لاءِ ڪا سورت نازل نه ڪئي ويئي. پوءِ جڏهن ظاهر معنيٰ واري سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ جنگ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته جن جي دلين ۾ (منافقي جي) بيماري آهي تن کي ڏسندين ته توڏي ان ماڻهوءَ جي نهارڻ وانگر ڏسن ٿا جنهن کي موت (جي سڪرات) کان بيهوشي پهتي هجي. سو انهن لاءِ خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ايمان وارا چون ٿا ته (جهاد جي حڪمت بابت) ڇا لاءِ ڪا سورت نازل نه ڪئي وئي؟ پوءِ جڏهن ڪا ظاهر معنى واري سورت نازل ڪئي وڃي ٿي ۽ ان ۾ جنگ جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي ته اهي تو ڏانهن ان ماڻهو جي نهارڻ وانگر ڏسن ٿا جنهن تي موت جي غشي طاري ٿيل هجي. سو انهن لاءِ خرابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وايون ڪن، جي وِسهيا، ته ڪاسُورت سُنهاري، اُميد ته اُتارِي وَڃي، جڏهن ويئـِي اُتارِي، سُورت صاف حُڪم سان جنهن ۾ ذِڪر جَنگ جارِي، تڏهن ڏِٺئـِي تَن کي، جَن جي بُت ۾ بِيماري، ته ڏِسَنِ توڏي ڏِسَڻِي، اُنهِئ اَگھي وارِي، جَن جِي موت مَت مارِي، پوءِ آهي وَيل اُنهي لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مؤمن چوندا آهن ته ”ڪا سورت ڇو نه نازل ڪئي وئي؟“ پوءِ جڏهن پڌري معنيٰ واري سورت لاهجي ۽ ان ۾ جنگ جو ذڪر ڪجي، تڏهن جن جي دل ۾ مرض آهي، سي توڏانهن ائين ٿا نهارين، جيئن ڪو موت وقت بيهوش ٿي نهاريندو هجي! پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان آندو آهي، تن چيو ته ڪا سورة ڇونه ٿي نازل ڪئي وڃي، (جنهن ۾ جنگ جو حڪم هجي) پر پوءِ جڏهن هڪڙي چٽي معنيٰ واري سورة لاٿي وئي، جنهن ۾ جنگ ڪرڻ جي ڳالهه هئي ته تو ڏٺو ته جن جي دلين ۾ بيماري هئي، سي توڏانهن ائين ٿا ڏسن ڄڻ ته موت واري بيهوشيءَ ۾ آهن. حيف آهي سندن حال تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چئي رهيا هئا اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو ته ڪا سورت ڇو نٿي نازل ٿئي (جو جنگ جو حڪم ڏنل هجي) پر جڏهن نازل ڪئي وئي هڪ سورت محڪم، جنهن ۾ ذڪر بيان ڪيل هو جنگ جو، ته تو ڏٺو ته جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري هئي سي اهڙيءَ طرح ڏسي رهيا آهن تو ڏانهن جيئن ڇانئجي ويو هجي ڪنهن تي موت، افسوس انهن جي حال تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ايمان وارا چون ٿا ته (جھاد جي باري ۾) ڪا هڪ به سورت ڇو نه نازل ڪئي وئي؟ پوءِ جڏهن واضح سورت نازل ڪئي وئي ۽ ان ۾ جھاد ڪرڻ جو کليل حڪم ڏنو ويو ته توهان ڏٺو ته جن جي دل ۾ (منافقت جي) بيماري هئي سو توڏي اهڙي طرح ڏسن پيا جيئن موت واري بيهوشيءَ ۾ ورتل ماڻهو ڏسندو آهي. سو انهن (جي حال) تي افسوس آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
طاعَةٌ وَقَولٌ مَعروفٌ فَإِذا عَزَمَ الأَمرُ فَلَو صَدَقُوا اللَّهَ لَكانَ خَيرًا لَهُم (آيت : 21) |
(چڱي ڳالھ ته کين) چيو وٺڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ آھي، پوءِ جڏھن (جھاد جو) ڪم پڪو ٿي چڪي، ته جيڪڏھن جيڪڏھن الله سان سچا رھن ھا اُنھن لاءِ ڀلو ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله جي حڪمن جي) تابعداري ڪرڻ ۽ حق ۽ انصاف جا لفظ ڳالهائڻ، جڏهن ڪنهن ڪم جو پڪو ارادو ڪيو وڃي تڏهن هو (ان جي تعميل ۾) خدا سان سچا رهن ته ان ۾ سندن ئي لاءِ وڏي چڱائي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چڱي ڳالهه چوڻ بهتر هئي. پوءِ جڏهن حڪم پڪو مليو، پوءِ ڪاش اهي رب سان مخلص ٿين ها ته سندن لاءِ بهتر هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن لاءِ چڱو ڪم ته) حڪم مڃڻ ۽ چڱي ڳالھ چوڻ آهي. پوءِ جڏهن (جنگ ڪرڻ جو) ارادو پڪو ٿئي تڏهن اهي الله سان سچا رهن ته سندن حق ۾ تمام بهتر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مڃڻ ۽ چڱي ڳالهه ڪرڻ پوءِ جڏهن پڪو ٿيو امر پوءِ جيڪڏهن سچا ٿين ها الله سان ته البته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حڪم مڃڻ ۽ چٽي ڳالهه چوڻ (انهن لاءِ چٽي) آهي. پوءِ جڏهن (جنگ ڪرڻ جو) ارادو پڪو ٿئي تڏهن اُهي الله سان سچا رهن ته انهن لاءِ ڀلائي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمانبرداري ۽ چڱي ڳالهه (انهن لاءِ بهتر) آهي. پوءِ جڏهن (جنگ ڪرڻ جو) ارادو پڪو ٿئي تڏهن اُهي الله سان سچا رهن ته انهن لاءِ ڀلائي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃڻ آهي مُراد، پڻ چَوڻ چڱائـِي جو، پوءِ جڏهن پَچايو پَھ وِيو، سَندو جنگ جِھاد، هُوند سَچا صاف رهيا، ڌڻِئَ سان دِل شاد، اِهوئـِي اِرشاد، هُئو بِلڪُل ڀَلو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (مؤمن کي به) حڪم مڃڻ گهرجي ۽ چڱي ڳالهه چوڻ گهرجي. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو پڪو مقصد ڪجي، تڏهن جيڪڏهن هو سچا رهن ته سندن ڀلو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (زبان تي ته اٿن) تابعداريءَ جو اقرار ۽ ڀليون ڳالهيون، پر جڏهن کين قطعي حڪم ڏنو ويو ته جيڪڏهن پنهنجي الله سان ڪيل عهد اقرار ۾ سچا نڪرن ها ته ڏاڍو چڱو ٿئين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اطاعت جو اقرار آهي (انهن جي زبانن تي) ۽ چڱيون ڳالهيون، پر جڏهن قطعي پڪو حڪم ڏنو ويو، ان وقت سچا هجن ها الله سان پنهنجي وعدي مطابق، ته چڱو هو انهن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زبان تي ته فرمانبرداري ۽ سٺين ڳالهين جو اقرار هو پوءِ جڏهن کين جھاد جو پڪو حڪم ڏنو ويو ته ان وقت هو پنھنجي قول ۾ الله تعالى سان سچائي اختيار ڪن ها ته انهن لاءِ بھتر هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهَل عَسَيتُم إِن تَوَلَّيتُم أَن تُفسِدوا فِى الأَرضِ وَتُقَطِّعوا أَرحامَكُم (آيت : 22) |
پوءِ (اي ضعيف ايمان وارؤ) جيڪڏھن اسلام کان ڦريئو ته (اوھين) ھن (ڳالھ) کي ويجھا آھيو ته زمين ۾ فساد ڪندؤ ۽ پنھنجيون مائٽيون ڇنندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اوهان بابت هي وڏو امڪان ناهي ڇا ته جيڪڏهن توهان حاڪم ٿيو (۽ مديني جي حڪومت اوهان جي هٿن ۾ هجي) ته توهان ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچائي ڇڏيو ۽ مٽي مائٽيءَ جا سڀ لاڳاپا ٽوڙي ڇڏيو (يعني مائٽن سان به ظلم ڪرڻ ۾ اڳرا رهو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان مان اها توقع ڪئي وڃي ته جيڪڏهن توهان کي حڪمراني ملي ته توهان زمين ۾ فساد ڪندا ۽ پنهنجيون مائٽيون ڇني ڇڏيندا !(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي منافقو) اوهان کان اها (ڳالھ) پري آهي ته جيڪڏهن اوهان کي حڪومت ملي وڃي ته ملڪ ۾ فساد ڪريو ۽ پنهنجيون مائٽيون ڇنو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇا ويجها ٿيئو اوهان جيڪڏهن حڪومت وارا ٿيو ته فساد ڪيو زمين ۾ ۽ ڪٽيو پنهنجون قرابتون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي منافقو !) اوهان کان اها به اميد آهي ته جي اوهان کي حڪومت ملي وڃي ته ملڪ ۾ فساد ڪريو ۽ پنهنجيون مائٽيون ڇنو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي منافقو!) اوهان کان اها به اميد آهي ته جيڪڏهن توهان کي حڪومت ملي ته توهان زمين ۾ فساد ڪيو ۽ پنهنجون مائٽيون ٽوڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇا، اِهڙا آهيو ته، تابِع ڪريو ڪو تَڪ؟ ته ڀُون بِگيڙيو بي شڪ، پڻ ڪَپيو قرابتون پَنهنجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (اي منافقو!) اوهان ۾ ته اهو به گمان آهي ته جيڪڏهن اوهان کي حڪومت ملي ته جيڪر ملڪ ۾ بگيڙ وجهو ۽ عزازتون (مٽيون مائٽيون) ٽوڙيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا هاڻ توهان کان ان کانسواءِ ٻي ڪهڙي اميد رکجي ته جيڪڏهن (اسلام کان) ڦري ويئو (يا اوهان کي حڪومت ملي) ته وري زمين ۾ فساد برپا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان رت جا رشتا به ڇني ڇڏيندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ڇا توهان ماڻهن مان ڪا ٻي اميد ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن توهان (اسلام کان موٽ کاڌي) زمين ۾ فساد پکيڙيندؤ ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي جون سسيون لڻندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) توهان کان اها ڳالهه پري نه آهي جو توهان (جھاد کان) منھن موڙيندا ته پوءِ توهان زمين ۾ فساد ڦھلائيندا ۽ ويجهن رشته دارن سان مٽي مائٽي ختم ڪري ڇڏيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فَأَصَمَّهُم وَأَعمىٰ أَبصٰرَهُم (آيت : 23) |
اِھي اُھي آھن جن کي الله لعنت ڪئي پوءِ کين ٻوڙو ڪيائين ۽ سندين اکيون انڌيون ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي آهن جن تي الله تعاليٰ لعنت ڪري ڇڏي آهي، (يعني پنهنجي رحمت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي) سو کين ٻوڙو ڪري ڇڏيو اٿس ۽ سندن اکيون انڌيون ڪري ڇڏيون اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن تي الله تعالى لعنت موڪلي پوءِ انهن کي ٻوڙو ڪيو ۽ انهن جي اکين کي انڌو ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي اهي آهن جن تي خدا لعنت ڪئي آهي ۽ (ڄڻ ته خود خدا) سندن (ڪنن) کي ٻوڙو ۽ انهن جي اکين کي انڌو ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن جو لعنت ڪئي انهن کي الله پوءِ ٻوڙو ڪيائين انهن کي ۽ انڌو ڪيائين اکين انهن جي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِهي ئي اُهي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي پوءِ اُن کين ٻوڙو ڪيو ۽ سندن اکين کي انڌو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي ماڻهو اُهي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي پوءِ ان کين ٻوڙو ڪيو ۽ انهن جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهيئي آهِين سي، جَن تي ڌَڻِئَ ڪَئـِي ڌِڪار، ڪَر ڪيائـِين اُنهن کي، ٻوڙو چٽ ٻِيهار، ڪيون پڻ ڪَلتار، اَنڌيون اََکيون اُنهن جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙا ئي شخص آهن، جن تي الله لعنت ڪئي، کين ٻوڙو ڪيائين ۽ سندن اکيون انڌيون ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ کين ٻوڙو ۽ انڌو بڻائي ڇڏيو اٿائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جن تي لعنت وڌي الله ۽ انهن کي بڻائي ڇڏيائين ٻوڙو ۽ نابين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله تعالى لعنت ڪئي آهي پوءِ کين (ڪَنَن هوندي) ٻوڙو ۽ (اکين هوندي) انڌو ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ أَم عَلىٰ قُلوبٍ أَقفالُها (آيت : 24) |
ڇا قرآن ۾ ڌيان نه ڪندا آھن يا (سندين) دلين تي اُنھن جا قُفل لڳل آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هي ماڻهو قرآن مجيد کي سمجهڻ لاءِ عقل نٿا هلائين ڇا؟ يا (هيئن آهي ڇا ته) سندن دلين (۽ دماغن) تي قفل لڳي ويا آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهي قرآن ڪريم ۾ غور ۽ فڪر نٿا ڪن يا انهن جي دلين تي قُرف (تالا) آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهي ماڻهو قرآن ۾ (ذرو به) تدبير نه ٿا ڪن يا سندن دلين تي قلف (لڳل) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه ٿا غور ڪن قرآن تي يا دلين تي سندن تالا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اُهي قرآن ۾ ڌيان نه ٿا ڪن يا ته (سندن) دلين تي بڇڙاين جا تالا (لڳل) آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُهي قرآن ۾ غور نه ٿا ڪن يا ته انهن جي دلين تي تالا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ قرآن کي ڪوه، وِيچارِين نَه وُجود ۾؟ ڇا، لڳا آهن لوه، ڪي قُفل سَندنِ قُلوب تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو قرآن ۾ ڌيان نٿا ڪن، يا سندن قلبن تي ڪلف لڳل آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن قرآن تي ڪو غور نه ڪيو آهي يا دلين تي انهن جا قلف لڳل اٿن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ماڻهن غور نه ڪيو قرآن تي يا وري انهن جي دلين تي قفل لڳل آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو قرآن (جي تعليم) ۾ غور نٿا ڪن يا انهن جي دلين تي تالا چڙهيل آهن؟ (جو حق ڳالهه انهن جي دلين تائين پھچي ئي نٿي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ارتَدّوا عَلىٰ أَدبٰرِهِم مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدَى الشَّيطٰنُ سَوَّلَ لَهُم وَأَملىٰ لَهُم (آيت : 25) |
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) اُن کانپوءِ جو کين ھدايت پڌري ٿي پنھنجين پٺين ڀر ڦريا شيطان (اھو ڪم) چڱو ڪري ڏيکاريو آھي، ۽ کين مھلت (ھجڻ) جو وعدو ڏنو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو چٽي هدايت ملڻ بعد به پٺيون ڏيئي ڦري ويا آهن تن کان شيطان (سندن گمراهيءَ ۽ بدعملي) سولي ڪري ڏني آهي (يا کين ڀڙڪايو آهي ۽ سندن عمل سهڻو ڪري ڏيکاريو اٿس) ۽ هنن کي (دنيائي نعمتن جون) وڏيون اميدون ڏنيون اٿس. (اهي اميدون غلط ۽ ڪوڙيون ثابت ٿينديون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو هدايت (اسلام) ملڻ کان پوءِ مرتد (بي دين) ٿيا، شيطان انهن لاءِ (دنيا جون) اميدون ۽ آرزوئون پيدا ڪيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي ماڻهو هدايت جي راھ صاف (۽ کليل) ڄاڻڻ کان پوءِ به پوئين پير (ڪفر ڏي) موٽيا شيطان کين فريب ڏنو ۽ انهن کي ڊگهيون (اميدون) ڏيکاريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ جيڪي موٽيا پنهنجن پٺين تي ان کان پوءِ جو ظاهر ٿي انهن جي لاءِ هدايت شيطان ڳالهه سينگاري انهن جي لاءِ ۽ ڍر ڏنائين انهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي پنهنجن پٺين تي (پوئين پير) موٽيا هن کان پوءِ جو انهن لاءِ سڌي واٽ ظاهر ٿي شيطان سندن دلين ۾ اهو خيال ويهاريو ۽ انهن کي ڊگهيون اميدون ڏيکاريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو پُٺِيون ڦيرائي پوئتي (ڪفر ڏانهن) موٽيا هن کان پوءِ جو انهن لاءِ سڌي واٽ ظاهر ٿي چُڪي شيطان انهن جي دلين ۾ اُهو خيال ويهاريو. ۽ انهن کي (دنيا ۾) ڊگهي زندگي جي آس ڏياريائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پُئاڏن تي، هَٽيا جي حيران، صَحِي سُونهپ اُنهن لئي، جنهن بعد ٿئـِي بيان، سَندنِ لئي سِينگاريون، شرارتون شيطان، ۽ تن کي ڏِنان تَعبان، عُمر وَڏِئَ جا آسرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي کين سنئون رستو ظاهر ٿيڻ بعد به پنهنجي پٺين ڀر ڦريا، تن کي شيطان اهو چڱو ڪري ڏيکاريو، ۽ کين مهلت جو وعدو ڏنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اصل ڳالهه هي آهي ته جيڪي ماڻهو هدايت چــِـٽي ٿي وڃڻ کان پوءِ ان کان ڦري ويا، تن لاءِ شيطان انهيءَ هلت کي سؤلو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ڪوڙين اميدن وارو سلسلو ڊگهو ڪري ڇڏيو اٿائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو هدايت اچڻ بعد ان کان ڦري ويا (پوئين پيرين) ان کان پوءِ جو سڌي واٽ ظاهر ٿي انهن جي لاءِ هدايت جي، شيطان سندن دلين ۾ اهو خيال ويهاريو، ۽ انهن کي ڊگهيون اميدون ڏيکاريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو، هدايت وارو رستو واضح ٿيڻ کان پوءِ به پُٺي ڦيري (ڪفر ڏي) ويا، شيطان انهن جي لاءِ اهو عمل آسان ڪري ڇڏيو ۽ کين وڏن (ڪوڙن) آسرن ۾ رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لِلَّذينَ كَرِهوا ما نَزَّلَ اللَّهُ سَنُطيعُكُم فى بَعضِ الأَمرِ وَاللَّهُ يَعلَمُ إِسرارَهُم (آيت : 26) |
اھو ھن ڪري آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو آھي تنھن کي جن (ماڻھن) ناپسند ڪيو تن کي اُنھن (منافقن) چيو ته ڪن ڪمن ۾ اوھان جو چيو مڃينداسون، ۽ الله سندين ڳجھين ڳالھين کي ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري آهي جو اهي (منافق) انهن (ڪافرن) کي چون ٿا جيڪي، جيڪي الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي، تنهن کي ناپسند ڪن ته، اسان ڪن ڳالهين ۾ توهان جي تابعداري ڪنداسين، پر (اهي بيوقوف منافق نٿا ڄاڻن ته) الله تعاليٰ سندن سڀ راز ۽ (مخفي غداريون) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (۽ کين خوار خراب ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهيءَ سببان جو بيشڪ اِنهن اُنهن ماڻهن کي چيو جن کي الله تعالى جو نازل ڪيل ناپسند هو ته اسين جلد ڪِن ڪمن ۾ توهان جي تابعداري ڪنداسين ۽ الله تعالى انهن جي رازن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري ته جي ماڻهو خدا جي نازل ڪيل (ڪتاب) کان بيزار آهن تن کي (منافقن) چيو ته ڪجھ ڪمن ۾ اسين اوهان جو چيو مڃينداسون. هوڏانهن خدا سندن لڪي مشورن ڪرڻ کي (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بلاشڪ انهن چيو انهن کي جن نه پسند ڪيو ان کي جيڪو لاٿو الله جلد فرمانبرداري ڪنداسون اوهان جي ڪجهه امر ۾ ۽ الله ڄاڻي ٿو لڪل ڳالهه انهن جي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي ان کي جن ناپسند ڪيو تن کي هنن چيو ته ڪن ڪمن ۾ اسين اوهان جو چيو مڃينداسون. هوڏانهن الله سندن لڪي ڳالهه ڪرڻ کي ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو اِنهن اُنهن ماڻهن کي چيو جن الله جي نازل ڪيل (ڪتاب) کي ناپسند ڪيو ته اسان ڪن ڪمن ۾ توهان جي پيروي ڪنداسين. ۽ الله سندن لڪي ڳالهه ڪرڻ کي ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو اِن آڌارتي، ته آن کي آکيو تن، اَلله جو اُتاريو، سو بُرو ڀانيو جَن، ته ڪي ڪم ڪنداسون اَهنجا، مَنجھين پردي پَن، ۽ مَخفِي مام سَندنِ، پَڪ ڄاڻي ٿو پاڪ ڌڻيٖ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو جيڪي الله نازل ڪيو، تنهن کي جن نا پسند ڪيو، تن کي انهن چيو ته، ”ڪن ڪمن ۾ اوهان جو چيو مڃينداسون.“ ۽ الله سندن ڳجهين ڳالهين کي ڄاڻندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري انهن الله جي نازل ڪيل دين کي ناپسند ڪرڻ وارن کي چئي ڇڏيو ته ڪن ڳالهين ۾ اسان توهان جي چئي تي هلنداسون، الله سندن ڳجهيون ڳالهيون خوب ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ان ڪري ته انهن چيو انهن ماڻهن کي جيڪي ناپسند ڪن ٿا الله جي نازل ڪيل دين کي ته مڃينداسين توهان جي ڳالهه ڪن معاملن ۾، بيشڪ الله انهن جون اهي لڪل ڳالهيون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان بنياد تي) وري منافقن الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل دين کان نفرت ڪندڙ (يھودين ۽ عيسائين) کي چيو ته ڪن معاملن ۾ اسان توهان جي اطاعت ڪنداسين. (بھرحال) الله تعالى انهن جي رازن کي (خوب) ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ إِذا تَوَفَّتهُمُ المَلٰئِكَةُ يَضرِبونَ وُجوهَهُم وَأَدبٰرَهُم (آيت : 27) |
پوءِ (تڏھن سندن حال) ڪيئن ٿيندو جڏھن ملائڪ سندن رُوح ڪڍندا جنھن حال سندن مُنھن ۽ سندن پُٺيون ڪُٽيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ سندن ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن ملائڪ موت وقت سندن روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۾ پٺين تي ڌڪ هڻندا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي ڪيئن ڪندا؟ جنهن وقت ملائڪ سندن ساهه ڪڍندا (۽) سندن منهن ۽ پُٺين کي ڌڪ هڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (تڏهن سندن ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن فرشتا سندن ساھ ڪڍندا ۽ سندس منهن ۽ پٺين کي ماريندا ڪٽيندا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙي طرح جڏهن وفات ڪرائيندا انهن کي ملائڪ ۽ ڌڪ هڻندا انهن جي منهن تي ۽ انهن جي پٺين تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن ملائڪ سندن ساهه ڪڍندا ۽ سندن منهن ۽ پٺين کي ماريندا ڪُٽيندا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان وقت انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن ملائڪ سندن ساهه ڪڍندا ۽ انهن جي منهن ۽ پُٺين کي ماريندا ڪُٽيندا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇا، هُوندن حال، اچي آخِر وقت ۾ ؟ پُورو ڪَندنِ پِڙ مَٿي، فِرشتا فِى الحال، مُنهن پُٺيون پَيمال، ڪُٽي ڪَندا اُنهن جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن جو ڪهڙو حال ٿيندو، جڏهن ملائڪ سندن روح ڪڍندا ۽ انهن جا منهن ۽ پٺيون ڪُٽيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان وقت ڇا حالت ٿيندن، جنهن وقت ملائڪ سندن روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۽ پٺيون ڪــُـٽيندا کين وٺيو ويندا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان وقت ڪهڙو حال هوندو جڏهن فرشتا انهن جا قبض ڪندا روح ۽ سندن منهن ۽ پٺيون ڪٽيندا کين وٺي ويندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن ماڻهن جو ڇا حال هوندو جڏهن ملائڪ انهن جو ساهه ڪڍندا ۽ انهن جي چھرن ۽ پٺين کي ڪُٽيندا ويندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُمُ اتَّبَعوا ما أَسخَطَ اللَّهَ وَكَرِهوا رِضوٰنَهُ فَأَحبَطَ أَعمٰلَهُم (آيت : 28) |
اِھا (سزا) ھن ڪري آھي ته جنھن شيء الله کي ڏمرايو تنھنجي پٺيان لڳا ۽ سندس رضامندي کي ناپسند ڪيائون تنھنڪري (خدا) سندن عملن کي چٽ ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هن ڪري ٿيندو جو هنن اهڙين ڳالهين جي پيروي ڪئي جن الله تعاليٰ کي ناراض پئي ڪيو ۽ الله تعاليٰ جي راضپي کي ناپسند ڪيائون تنهن ڪري الله تعاليٰ سندن عمل ضايع ڪري ڇڏيا (۽ هنن کي هر طرح محروم ڪري ڇڏيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهي سببان جو بيشڪ انهن تابعداري ڪئي ان ڳالهه جي جنهن ۾ الله تعالى جو ناراضپو هو ۽ الله تعالى جو رضامندو انهن کي پسند نه هو، پوءِ الله تعالى سندن عمل چٽ ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها (سزا) هن ڪري آهي ته جنهن ڳالھ ۾ خدا ناخوش آهي تنهن جي اهي پيروي ڪن ٿا ۽ جنهن ۾ خدا جي خوشيءَ آهي تنهن کان بيزار آهن ته خدا به سندن ڪمن کي ناس ڪري ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بلاشڪ انهن اتباع ڪئي ان جي جنهن ڪاوڙايو الله کي ۽ نه پسند ڪيائون ان جي رضا کي پوءِ چٽ ڪيائين عمل انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها (سزا) هنڪري آهي ته جنهن ڳالهه الله کي ڪاوڙايو آهي اهي ان جي پٺيان لڳا آهن ۽ سندس رضامنديءَ کي ناپسند ڪيو اٿن پوءِ سندس ڪم ناس ڪري ڇڏيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري جو انهن ان (رِيتِ) جي پيروي ڪئي جا الله کي ناراض ڪري ٿي ۽ انهن سندس رضامندي کي ناپسند ڪيو پوءِ الله سندن عملن کي چَٽُ ڪري ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو سَڀ اِن ڪرِي ته، ٿيا تِنهن جا تابعدار، ڏاڍو جنهن ڏمرايو، ڏيهن جو ڏاتار، ۽ مَٺِي ڀانيؤ مَن ۾، رضا ربَّ، ستار، پوءِ سَندنِ ڪُل ڪَم ڪار، قادِر ڪُٽ ڪري ڇَڏيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو جنهن الله کي ڏمرايو، تنهن جي پٺيان لڳا ۽ ان جي رضا منديءَ کي ناپسند ڪيائون! تنهن ڪري سندن ڪم چٽ ڪيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ان ڪري ٿيندو جو اهي انهيءَ طريقي تي هليا جيڪو الله کي ناراض ڪرڻ وارو آهي ۽ سندس رضا واري رستي کي اختيار ڪرڻ پسند نه ڪيائون، تنهنڪري ان سندن سڀ عمل چٽ ڪري ڇڏيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ان ڪري هوندو جو انهن پيروي ڪئي ان راهه جي، جيڪا ناراض ڪندڙ آهي الله کي ۽ سندس رضا وٺڻ وارو رستو پسند نه ڪيو ۽ سندن سڀ عمل ضايع ڪري ڇڏيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( انهن کي) اها سزا ان ڪري ملندي جو انهن اهڙين ڳالهين جي پيروي ڪئي جيڪي الله تعالى کي ناراض ڪرڻ واريون هيون ۽ الله تعالى جي رضامندي واري رستي کان نفرت ڪئي هئي پوءِ (الله تعالى) انهن جي سڀني عملن کي برباد ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم حَسِبَ الَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ أَن لَن يُخرِجَ اللَّهُ أَضغٰنَهُم (آيت : 29) |
جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن ڀانيو آھي ڇا ته الله سندن وير ڪڏھن پڌرا نه ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن (منافقن) جي دلين ۾ (کوٽ جو) مرض آهي سي هيئن ٿا سمجهن ڇا ته الله تعاليٰ سندن بغض ۾ ڪينو ظاهر نه ڪندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي ماڻهو ڀانئن ٿا جن جي دلين ۾ مرض آهي ته هرگز الله تعالى سندن عداوت (دشمني) کي ظاهر نه ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (نفاق جو) روڳ آهي سي هي خيال ڪن ٿا ته خدا سندن (دل جي) ڪينن کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خيال ڪيو انهن جن جي دلين ۾ بيماري آهي ته هر گز نه ظاهر ڪندو الله دل وارا کوٽ انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آهي سي هي خيال ڪن ٿا ته الله سندن (دل جي) ڪينن کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن ماڻهن جن جي دلين ۾ (نفاق جي) بيماري آهي هي گمان ڪيو آهي ته الله سندن ڪيني کي ڪڏهن به ظاهر نه ڪندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا،ڀانئـِن ٿا بي دِين، ڪِينون جَن جي قُلوب ۾، ته ٻاهِر ڪڍندو ڪِين، ڌَڻِي سَندنِ دُشمنيون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا جن جي دلين ۾ بيماري آهي، تن ڀانيو آهي ته الله سندن وير ظاهر نه ڪندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري آهي، انهن ائين سمجهيو آهي ڇا ته الله سندن دلين جا کوٽ ظاهر نه ڪندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي شخص جن جي دلين ۾ بيماري آهي، هي سمجهيو ويٺا آهن ته ظاهر نه ڪندو الله سندن دلين جا کوٽ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن جي دلين ۾ بيماري آهي ڇا اُهي ان گمان ۾ آهن ته الله تعالى ڪڏهن به انهن جي دلين جي کوٽ کي ظاهر نه ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو نَشاءُ لَأَرَينٰكَهُم فَلَعَرَفتَهُم بِسيمٰهُم وَلَتَعرِفَنَّهُم فى لَحنِ القَولِ وَاللَّهُ يَعلَمُ أَعمٰلَكُم (آيت : 30) |
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اُھي توکي ڏيکاريون ھا پوءِ سندن چھرن مان کين سڃاڻين ھا، ۽ ضرور کين ڳالھائڻ جي ڍنگ مان معلوم ڪندين، ۽ الله اوھان جا ڪرتوت ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪيڏهن اسان چاهيون ها ته توکي (اي پيغمبر!) اهي منافق اهڙيءَ طرح ڏيکاري ڇڏيون ها جو سندن نشانين مان کين سڃاڻي وٺين ها. پر يقيناً تون ڳالهائڻ جي ڍنگ مان کين سڃاڻي سگهين ٿو. ۽ الله تعاليٰ کي اوهان جا سڀ عمل معلوم آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته اهي رسولِ عربي کي ڏيکاريون پوءِ يقيناً پاڻ انهن کي سندن شڪلن مان سڃاڻن ٿا، ۽ يقيناً پاڻ انهن کي سندن ڳالهائڻ مان سڃاڻن ٿا، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته اهي (ماڻهو) تو کي ڏيکاري ڇڏيون ته تون سندن منهن مان کين سڃاڻي وٺين ۽ تون سندن ڳالهائڻ جي ڍنگ مان کين سڃاڻي وٺندين. ۽ خدا اوهان جي ڪمن کي ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهرون ته البته ڏيکاريون اسين توکي اهي پوءِ البته سڃاتو آهي تو انهن کي سندن چهري مان ۽ البته ضرور سڃاڻندين انهن کي ڳالهائڻ جي انداز ۾ ۽ الله ڄاڻي ٿو عمل اوهان جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن اسين گهرون ته اهي (ماڻهون) توکي ڏيکاري ڇڏيون ۽ پوءِ تون سندن منهن مان کين سڃاڻي ته ورتو آهي ۽ ڳالهائڻ جي ڍنگ مان تون کين سڃاڻي وٺندين. ۽ الله اوهان جي ڪمن کي ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته اُهي (منافق) تو کي ڏيکاري ڇڏيون جو تون انهن کي سندن چهرن جي نشانن سان سڃاڻي وٺين. ۽ تون انهن کي انهن جي ڳالهائڻ جي ڍنگ مان سڃاڻي وٺندين. ۽ الله توهان جي عملن کي ڄاڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُوند گُھرون هيڪار، توکي ڏيکاريون تُرت سي، پوءِ صَحِي سُڃاتو کِيَن تو، پَسِي سَندنِ پار، پڻ سُڃاڻيون سَگِھين تون، گڙٻڙ، مان گُفتار، پڻ ڄاڻي ڄاڻڻهار، اوهان جي عملن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن گهرون ها، ته اهي توکي ڏيکاريون ها، پوءِ انهن جي منهن مان کين سڃاڻين ها ۽ ضرور انهن جي ڳالهائڻ مان سهي ڪرين ها_ ۽ الله اوهان جا ڪرتوت ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چاهيون ته اهي توکي اکين سان ڏيکاري ڇڏيون، جو پوءِ تون سندن شڪلين سان کين سڃاڻي وٺين. (پر هونئن به) سندن ڳالهائڻ مان تون کين سڃاڻي ئي وٺندين. الله توهان سڀني جي عملن کان چڱيءَ طرح واقف آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اسان گهرون ها ته اهي توکي اکين سان ڏيکاريون ۽ انهن جي چهرن مان تون کين سڃاڻي به وٺندين پر سندن ڳالهائڻ جي ڍنگ سان به سڃاڻي وٺندين، ۽ الله ڄاڻي ٿو توهان سڀني جي عملن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن اسان چاهيون ته توکي اهڙا منافق ظاهر ڪري ڏيکاري ڇڏيون ته جيئن تون انهن کي سندن چھرن ۽ ڳالهائڻ واري انداز مان ئي سڃاڻي وٺين. الله تعالى توهان جي عملن کي (خوب) ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَنَبلُوَنَّكُم حَتّىٰ نَعلَمَ المُجٰهِدينَ مِنكُم وَالصّٰبِرينَ وَنَبلُوَا۟ أَخبارَكُم (آيت : 31) |
۽ ضرور اوھان کي پرکينداسون ته اوھان مان مجاھدن ۽ صابرن کي معلوم ڪريون ۽ اوھان جا حال جاچيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان اوهان کي ضرور (عملن ۾) آزمائنداسين، تان جو ظاهرظهور خبر پئجي وڃي ته اوهان مان ڪهڙا مجاهد (يعني بي انتها ڪوشش ڪندڙ) ۽ (مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ به حق جي راهه تي) ثابت قدم رهندڙ آهن. ۽ اسان توهان جي (همت ۽ مردانگي جي) خبرن جي آزمائش وٺنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين ضرور توهان کي آزمائينداسين. ايستائين جو اسين توهان مان مجاهدن ۽ صبر ڪندڙن کي چِٽو ڪريون، ۽ اسين ضرور توهان جون خبرون آزمائينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ضرور اسين اوهان کي آزمائينداسون تان جو اوهان مان جهاد ڪرڻ وارن ۽ (تڪليف تي) صبر ڪرڻ وارن کي ڏسون ۽ اوهان جون حالتون جاچيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور آزمائينداسون اوهان کي تانجو ڄاڻون مجاهدن کي اوهان مان ۽ صبر ڪندڙن کي ۽ آزمايون حالات اوهان جي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ضرور اسين اوهان کي آزمائينداسون تانجو اوهان مان جنگ ڪرڻ وارن ۽ صبر ڪندڙن کي ڄاڻون ۽ اوهان جون حالتون جاچيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ضرور توهان کي پرکينداسين ايستائين جو توهان مان جهاد ڪرڻ وارن ۽ صبر ڪرڻ وارن کي ظاهر ڪيون، ۽ اسان توهان جي حالتن جي به جاچ ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آزمائـِيندا سون آن کي، بِلڪُل برابر، تان مانجِهي مَرد اوهان مان، سَمجھون پڻ صابِر، پڻ خبرون سڀ خابِر، آزمائـِيون اَنهنجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين ضرور اوهان کي پرکينداسون، ته اوهان مان مجاهدن ۽ صابرن کي ظاهر ڪريون ۽ اوهان جا احوال پڌرا ڪريون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ضرور توهان کي آزمائينداسين ته جيئن اسان کي خبر پوي ته توهان مان مجاهد ۽ صبر ڪرڻ وارا ڪير آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ضرور توهان کي آزمائينداسين جيئن معلوم ٿئي ته مجاهدن مان توهان ۾ ڪير آهن ۽ ثابت قدم ڪير آهي ۽ جيئن توهان جي حالتن جي پروڙ لهون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان توهان جي ضرور آزمائش ڪندا رهنداسين، جيستائين اسان توهان مان مجاهدن ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي ظاهر ڪريون ۽ توهان جي حالتن کي ڏسي وٺون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ وَشاقُّوا الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُمُ الهُدىٰ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيُحبِطُ أَعمٰلَهُم (آيت : 32) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ کين ھدايت پڌري ٿي تنھن کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪيائون سي الله جو ڪجھ نقصان نه ڪندا، ۽ (الله) سندن عمل سگھوئي چٽ ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو هدايت جي حقي واٽ چٽي ٿيڻ بعد به ڪفر جي واٽ وٺن ٿا ۽ (ماڻهن کي) الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ حضرت رسول ﷺجي مخالفت ڪندا رهن ٿا، سي الله تعاليٰ (جي مقصد) کي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ هو سندن عمل ضايع ڪري ڇڏيندو (يعني ڪافر ڪامياب ڪونه ٿيندا ۽ حق غالب پوندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻهن کي) الله تعالى جي راه کان روڪيو ۽ رسولِ عربيءَ جي مخالفت ڪئي (اهي سڀ ڪم) هدايت ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڪيائون (اهي ماڻهو) الله تعالى کي هرگز ڪنهن شيءِ جو نقصان نه پهچائيندا ۽ فوراً انهن جا عمل چٽ ٿي ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن تي (دين اسلام جي) سڌي راھ ظاهر ٿي چڪي تنهن کان پوءِ (انهن) انڪار ڪيو ۽ (ماڻهن کي) خدا جي راھ کان روڪيو ۽ رسول جي مخالفت ڪئي سي خدا جو ڪجھ به بگاڙي نه سگهندا ۽ خدا سندن اعمال ناس ڪري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان ۽ بي فرماني ڪيائون رسول جي ان کان پوءِ جو ظاهر ٿي انهن جي لاءِ هدايت هرگز نه نقصان ڏيندا الله کي ڪجهه به ۽ جلد ڪيرائيندو اعمال انهن جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي رستي کان روڪيو ۽ رسول جا مخالف ٿيا هن کانپوءِ جو مٿن سڌو رستو ظاهر ٿي چڪو سي الله جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. ۽ الله سندن ڪم ناس ڪري ڇڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪيائون ۽ رسول جي مخالفت ڪيائون ان کان پوءِ جو مٿن سڌو رستو پڌرو ٿي چڪو ته اُهي الله (جي رسول) جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. ۽ سگهوئي الله سندن عمل چٽ ڪري ڇڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ جَن ڪُفر ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، ۽ مُخالِفت مُرسل سان، بِيٺا ٻَڌِي بَدخواھ، جڏهن کُلِي خُوب اُنهن تي، هِدايت هَرگاھ، ذَرو زِيان نه ڏِين سي، اَصلًا، کي الله، ۽ ڪندو تُرت تباھ، طَبل تياريون تَن جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان روڪيو، ۽ انهن لاءِ سنئون رستو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ رسول جي مخالفت ڪيائون، سي الله جو هر گز نقصان نه ڪندا ۽ انهن جو عمل سگهو ئي الله چٽ ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان روڪيائون ۽ رسول سان تڪرار ڪيائون، جڏهن جو مٿن هدايت واري واٽ پڌري ٿي چڪي هئي، اهي الله جو ڪوبه نقصان نٿا ڪري سگهن، پر الله ئي سندن سمورا عمل چٽ ڪري ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون انهيءَ راهه کان جيڪا الله جي آهي ۽ جهيڙا ڪيائون رسول سان، جڏهن ته اها پڌري ٿي وئي هئي انهن لاءِ سڌي راهه، حقيقت ۾ اهي نقصان نٿا پهچائي سگهن الله کي ڪنهن به قسم جو، پر چٽ ڪري ڇڏيندو (الله) انهن جا سڀ عمل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (واضح هدايت اچڻ کان پوءِ به) جن ماڻهن ڪفر ڪيو، الله تعالى جي رستي کان روڪيو ۽ رسول سڳوري سان جهڳڙو ڪيو، اهڙا ماڻهو ڪڏهن به الله تعالى کي نقصان نٿا پھچائي سگهن. الله تعالى اُنهن جا سڀ عمل جلد برباد ڪري ڇڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَلا تُبطِلوا أَعمٰلَكُم (آيت : 33) |
اي ايمان وارؤ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو ۽ پنھنجا عمل نه وڃايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ حضرت رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪيو ۽ پنهنجا عمل ضايع نه ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو ! توهان الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي اطاعت (فرمانبرداري) ڪريو ۽ توهان پنهنجا عمل باطل نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا جو حڪم مڃو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو. ۽ پنهنجي عملن کي ناس نه ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! اطاعت ڪيو الله جي ۽ اطاعت ڪيو رسول جي ۽ نه باطل ڪيو اعمال پنهنجا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! الله جي حڪم تي هلو ۽ رسول جي حڪم تي هلو ۽ پنهنجا ڪم ناس نه ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ پنهنجا عمل برباد نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جَن اَلله ۾، آندو اِعتبار!، مَڃيو مالِڪ پاڪ کي، پڻ مُرسل مڻيادار، ۽ ٻوڙيو ڪِين ٻِيهار، پَنهنجا پورهيا پاڻهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! الله جو چيو مڃيو ۽ رسول جي تابعداري ڪريو ۽ پنهنجا عمل چٽ نه ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پنهنجا عمل برباد نه ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن آندو آهي ايمان! اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي، ۽ برباد نه ڪريو پنهنجي عملن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى جي اطاعت ڪريو ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪريو. ۽ توهان پنھنجي اعمال کي برباد نه ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ ثُمَّ ماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يَغفِرَ اللَّهُ لَهُم (آيت : 34) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي واٽ کان جھليو وري ڪافر ٿي مُئا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ وٺن ٿا ۽ (ماڻهن کي) الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ پوءِ ڪفر جي حالت ۾ مري وڃن ٿا تن کي الله تعاليٰ هرگز ڪونه بخشيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻهن کي) الله جي راه کان روڪيو، ان کان پوءِ اهي مُئا حالانڪ اهي ڪافر هئا، پوءِ الله تعالى هرگز انهن کي نه بخشيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ ماڻهن کي خدا جي راھ کان رويڪو ۽ ڪافر ٿي مئا تن کي خدا ڪڏهين به معاف نه ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان ان کان پوءِ مري ويا حالانڪ اهي ڪافر آهن پوءِ هر گز نه بخشيندو الله انهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي رستي کان روڪيو وري ڪافر ٿي مئا تن کي الله معاف نه ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي راهه کان روڪيائون پوءِ ان حال ۾ مري ويا جو اُهي ڪافر هئا ته الله انهن کي اصل معاف نه ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ جَن ڪفر ڪيو، پڻ روڪيؤن ربَّ جِي راھ، ڪافِر ٿِي ڪُفر مَٿي، موٽِي مُئا ماڏاھ، پوءِ اُنهن کي اَللهَ، ڪَڏهين مَرهِيندو ڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان روڪيو، پوءِ ڪافر ٿي مري ويا، تن کي الله ڪڏهن به نه بخشيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ڪفر ڪرڻ وارن ۽ الله جي راهه کان روڪڻ وارن ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪفر تي قائم رهڻ وارن کي ته الله ڪڏهن به معاف نه ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ روڪيو الله جي راهه کان (ماڻهن کي) پوءِ اهي مرڻ گهڙيءَ تائين ڄميا رهيا ڪفر تي، الله ڪڏهن به معاف نه ڪندو اهڙن ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله تعالى جي رستي کان روڪيو ۽ ڪافر ٿي مُئا ته (هاڻي) الله تعالى انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا تَهِنوا وَتَدعوا إِلَى السَّلمِ وَأَنتُمُ الأَعلَونَ وَاللَّهُ مَعَكُم وَلَن يَتِرَكُم أَعمٰلَكُم (آيت : 35) |
پوءِ سُست نه ٿيو ۽ صلح ڏانھن نه سڏيو، ۽ اوھين ئي غالب آھيو، ۽ الله اوھان ساڻ آھي ۽ اوھان جي عملن کي ڪڏھن ضايع نه ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي مسلمانو حق کي غالب ڪرڻ لاءِ جهاد ڪرڻ ۾) همت نه هاريو ۽ تيستائين صلح ڏي نه سڏيو جيستائين توهان سر بلند (۽ غالب) ٿي وڃو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ اوهان سان (شامل ۽ مددگار) آهي ۽ هو هرگز اوهان جي عملن ۾ اوهان کي نقصان ڪونه پهچائيندو. (يعني اوهان جي نيڪ عملن جو اوهان کي پورو پورو فائدو ملندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان سُست نه ٿيو ۽ (توهان انهن کي) صلح ڏانهن نه سڏيو ۽ توهان (انهن تي) غالب آهيو. ۽ الله تعالى توهان سان گڏ آهي ۽ اهو هرگز توهان کي توهان جي عملن ۾ نقصان نه ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي مسلمانو) اوهين به همت نه هاريو ۽ نه (دشمن کي) صلح ڏي سڏيو ۽ اوهين ئي غالب آهيو، ۽ الله اوهان ساڻ آهي ۽ هرگز اوهان جي اعمال (جي ثواب) کي گهٽ نه ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه سست ٿيو ۽ نه سڏيو صلح ڏانهن ۽ اوهان ئي بلند آهيو ۽ الله اوهان سان گڏ آهي ۽ هر گز نه گهٽائيندو اوهان کان اوهان جا اعمال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو !) اوهين سست نه ٿيو ۽ نه صلح ڏي سڏيو ۽ اوهين ئي سڀني کان غالب آهيو ۽ الله اوهان ساڻ آهي ۽ اوهان جي ڪمن کي نقصان نه پهچائيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مؤمنو!) پوءِ توهان همت نه هاريو ۽ نه (ڪافرن کي) صلح ڏانهن سڏيو ۽ توهان ئي غالب رهندؤ ۽ الله توهان سان گڏ آهي ۽ توهان جي عملن کي ضايع نه ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪانئـِر ڪِين ٿيو، ۽ وِيجھو صُلح جو سَڏ، ۽ اَوهِين آهيو اوپرِي، ۽ الله اوهان سان گڏ، ۽ هادِي نه ڪندو هَڏ، ڪَمِي اَنهنجي ڪمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سست نه ٿيو ۽ (ازخود پاڻئون) صلح ڏانهن نه سڏيو، توهين ئي غالب آهيو ۽ الله اوهان ساڻ آهي، هو اوهان جي عملن کي ڪڏهن به چٽ نه ڪندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري توهان سست نه ٿيو ۽ صلح جي درخواست نه ڪريو، توهان ئي ڪامياب ٿيندؤ، الله توهان جو ساڻي آهي ۽ توهان جي عملن کي هو ڪڏهن به نه وڃائيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ توهان سست نه ٿيو ۽ درخواست نه ڪريو صلح جي، ۽ توهان ئي غالب رهڻ وارا آهيو ۽ الله ته توهان سان گڏ آهي ۽ اهو ڪڏهن به ضايع نه ڪندو توهان جي عملن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ايمان وارؤ!) توهان سستي ۽ ڪمزوري نه ڏيکاريو ۽ نه ئي صلح لاءِ هٿ وڌايو. توهان ئي غالب رهندا. الله تعالى توهان سان گڏ آهي ۽ هُو توهان جي اعمال کي ضايع نه ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا لَعِبٌ وَلَهوٌ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا يُؤتِكُم أُجورَكُم وَلا يَسـَٔلكُم أَموٰلَكُم (آيت : 36) |
دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تماشو آھي، ۽ جيڪڏھن ايمان آڻيندؤ ۽ پرھيزگاري ڪندؤ ته اوھان جو اجر اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کان اوھان جو (سڀ) مال نه گھرندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً هن دنيا جي زندگي (حق تي هلڻ کان سواءِ) رڳو کيل تماشو آهي (۽ ڍورن ڍڳن واري زندگي آهي) ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (قرآني نظام تي) يقين رکو ۽ (ان موجب) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جا ڪم ڪيو ته الله تعاليٰ اوهان کي وڏا اجورا (۽ فائدا) ڏيندو ۽ توهان کان توهان جا مال ملڪيتون ڪونه گهرندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جي دنيا جي حياتي لهو ۽ لعب (راند روند) آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آندو ۽ خوفِ خدا رکيو ته الله تعالى توهان کي توهان جو اجورو ڏيندو، ۽ اهو توهان کان توهان جي سڀ ملڪيت نٿو گھُري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. جيڪڏهن اوهين (خدا تي) ڀروسو رکندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اهو اوهان کي اوهان جا اجر عنايت ڪندو اوهان کان اوهان جا مال نه گهرندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دنياوي حياتي ته راند ۽ روند آهي ۽ جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ تقوى وارا ٿيندؤ ته ڏيندو اوهان کي اجر اوهان جا ۽ نه گهرندو اوهان کان مال اوهان جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين ايمان آڻيندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اوهان کي اوهان جا بدلا ڏيندو ۽ اوهان کان اوهان جا مال نه گهرندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) دنيا جي زندگي ته صرف راند ۽ تماشو آهي. ۽ جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندؤ ۽ پرهيزگاري ڪندؤ ته توهان کي توهان جا اجورا عطا ڪندو ۽ توهان کان توهان جا مال طلب نه ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِئَ حَياتِي نَنڍڙِي، آهي رُڳو راڳ راند، ۽ جي مَڃيو مالِڪ مَن سان پڻ پاڪ رکو پاند، ته اَهنجا اَجر اوهان کي، پَلئي وِجھي پاڇاند، ۽ مال هَمه هيڪاند، مڱي ته اوهان کان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دنيا جي حياتي ته رڳو راند ۽ تما شو آهي- جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ دينداري ڪندؤ، ته اوهان جو اجر اوهان کي ڏيندو ۽ اوهان کان اوهان جو سڀ مال نه گهرندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءَ دنيا واري زندگي ته بس رڳو هڪڙو کيل تماشو آهي، جيڪڏهن توهان کي ايمان هوندو ۽ تقويٰ اختيار ڪندؤ ته الله توهان کي توهان جا اجورا ڏيندو ۽ توهان کان توهان جا مال نه گهرندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اها حياتي جيڪا دنيا جي آهي راند ۽ تماشو آهي، ۽ جيڪڏهن ايمان رکو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪريو ته توهان جا اجر توهان کي ملندا رهندا ۽ نه گهرندو توهان جو مال توهان کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي دنيا جي زندگي ته رڳو کيل تماشو آهي. جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا ته هو توهان کي اجرڏيندو ۽ توهان کان توهان جا مال به نه گهرندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَسـَٔلكُموها فَيُحفِكُم تَبخَلوا وَيُخرِج أَضغٰنَكُم (آيت : 37) |
جيڪڏھن اوھان کان (اوھان جو) مال گھري پوءِ (گھرڻ ۾) اوھان کي تنگ ڪري ته (انھيءَ وقت ضرور) بخيلي ڪندؤ ۽ اُھا (بخيلي) اوھان جون بدنيتون ظاھر ڪندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان تي ان بابت زور رکي (جيئن ظالم سرڪار زور سان حد کان ٻاهر گهڻو مال وٺندي آهي) ته پوءِ توهان بخل ڪندؤ (۽ مال لڪائيندؤ) ۽ الله تعاليٰ اوهان جو ڪينو يا رنجيدگي ظاهر ڪري وجهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان کان ملڪيت گھري ۽ زياده گھري ته توهان بخيلي ڪندا ۽ اهو (بُخل) توهان جا حسد ۽ ڪينا ظاهر ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان کان اوهان جا سڀ مال (متاع) گهري ۽ (گهرڻ ۾) اوهان کي تنگ ڪري ته اوهين بخل ڪندو ۽ خدا ته اوهان جا ڪينا ضرور ظاهر ڪري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن گهرندو اوهان کان اهي پوءِ تنگ ڪندو اوهان کي ته بخيلي ڪندؤ ۽ ظاهر ڪندو دلي راز اوهان جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي اوهان کان اوهان جا سڀ مال گهري پوءِ (گهرڻ ۾ ) اوهان کي تنگ ڪري ته اوهين بخل ڪندو ۽ هو (ان بخيلي سان) اوهانجن (دلين جي) ڪينن کي ڪڍي ٻاهر ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اُهو اوهان کان اوهان جا مال طلب ڪري ۽ پوءِ توهان کان سڀ جو سڀ طلب ڪري ته توهان بخيلي ڪندؤ، ۽ اُهو توهان جي ڪيني کي ظاهر ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سو سَڀ گُھري اَوهان کان، پوءِ گُھڻينيان گھڻو ته ٻَڌو سَچ تي سَندرو، ڪڍو ڪِين ڪَڻو، ۽ ڪَڍِي ڪنجو سَڀڻو، اَهنجا ضِد ظاهِر ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کان مال گهري ۽ اوهان کي (گهرڻ ۾) تنگ ڪري، ته ضرور بخيلي ڪندؤ ۽ هو اوهان جون بدنيتون ظاهر ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن هو توهان کان توهان جا مال گهري ۽ سڀ جا سڀ توهان کان گهري وٺي ته توهان ڪنجوسائپ ڪندؤ ۽ ائين هو توهان جا کوٽ ظاهر ڪري وجهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اهو توهان جا مال توهان کان گهري (سڀ جا سڀ به ته) توهان بخل نه ڪجؤ، ۽ هو توهان جا کوٽ ڪڍي ظاهر ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هُو (هن وقت) توهان کان توهان جا مال گهري به وَٺي ۽ توهان تي مال ڏيڻ لازمي ڪري ۽ توهان کي صفا ڏتڙيل ڪري ڇڏي ته پوءِ توهان (ضرور) ڪنجوسي ڪندا، اهڙي طريقي سان الله تعالى توهان جي (دلين جي) کوٽ کي ظاهر ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ تُدعَونَ لِتُنفِقوا فى سَبيلِ اللَّهِ فَمِنكُم مَن يَبخَلُ وَمَن يَبخَل فَإِنَّما يَبخَلُ عَن نَفسِهِ وَاللَّهُ الغَنِىُّ وَأَنتُمُ الفُقَراءُ وَإِن تَتَوَلَّوا يَستَبدِل قَومًا غَيرَكُم ثُمَّ لا يَكونوا أَمثٰلَكُم (آيت : 38) |
خبردار ھجو اوھين اُھي (ماڻھو) آھيو جو اوھان کي سڏيو وڃي ٿو ته الله جي واٽ ۾ خرچيو، پوءِ اوھان مان ڪو (ته اھڙو آھي جو) بخيلي ٿو ڪري، ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو، ۽ الله بي پرواھ آھي ۽ اوھين محتاج آھيو، ۽ جيڪڏھن منھن موڙيندؤ ته اوھان کانسواءِ (ٻي) ڪنھن قوم کي مٽائي آڻيندو پوءِ اُھي اوھان جھڙا نه ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان اهي آهيو جن کي دعوت ڏني وڃي ٿي ته الله جي راهه ۾ (يعني حق ۽ انصاف قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو مال دل و جان سان) خرچ ڪيو. پر توهان مان ڪي اهڙا آهن جيڪي بخل ٿا ڪن، پر (ياد رکو ته) جيڪي بخل ڪن ٿا سي پنهنجي ئي نقصان ۾ بخل ڪن ٿا (يعني ان ۾ سندن ئي نقصان آهي) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ ته غني آهي (کيس ڪنهن به شي جو احتياج ڪونهي) ۽ توهان ئي آهيو جيڪي گهرج وارا آهيو. جيڪڏهن توهان (حق جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ کان) منهن موڙيندؤ ته (توهان پاڻ برباد ٿيندو) الله تعاليٰ اوهان جي جاءِ تي ٻيا (نيڪ) ماڻهو آڻيندو. پوءِ اهي اوهان وانگر (بخيل) نه ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! توهان اُهي آهيو جن کي ان لاءِ سڏيو وڃي ٿو ته توهان الله جي راه ۾ خرچ ڪريو. پوءِ توهان مان ڪي ماڻهو بخيلي ڪن ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو بخيلي ڪري ٿو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ بخيلي ڪري ٿو. ۽ الله تعالى غني آهي ۽ توهان فقير آهيو، ۽ جيڪڏهن توهان منهن موڙيو ته توهان جي بدلي اهو غير قوم آڻيندو، ان کان پوءِ (اهي) توهان جهڙا نه هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوش ڌاريو! اوهين ته اهڙا آهيو جو اوهان کي سڏيو ٿو وڃي ته خدا جي راھ ۾ خرچ ڪريو ته اوهان مان ڪي اهڙا به آهن جي بخل ڪن ٿا ۽ (ياد رکو! ته) جو بخل ڪري ٿو ته سو پاڻ سان ئي بخل ٿو ڪري. ۽ خدا ته بي نياز (بادشاھ) آهي ۽ اوهين (سندس) محتاج آهيو. پر جيڪڏهن اوهين (خدا جي حڪم کان) منهن موڙ ڪندو ته خدا اوهان کان سواءِ ٻين کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو ۽ اهي اوهان جهڙا (بخيل) نه هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏيا وڃو ٿا تانته خرچ ڪيو الله جي واٽ ۾ پوءِ اوهان مان اهو آهي جيڪو بخيلي ڪري ٿو پوءِ جيڪو بخيلي ڪري ٿو پوءِ صرف بخيلي ڪري ٿو پنهنجي سر لاءِ ۽ الله غني آهي ۽ اوهان محتاج آهيو ۽ جيڪڏهن ڦري ويندؤ ته مٽائي آڻيندو ٻي قوم اوهان کان سواءِ ان کان پوءِ نه هوندا اوهان جهڙا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوش ڌاريو! اوهين ته اهڙا آهيو جو اوهان کي سڏيو ٿو وڃي ته الله جي رستي ۾ خرچ ڪريو پوءِ اوهان مان ڪي بخل ڪن ٿا هوڏانهن جيڪو بخل ڪري ٿو سو رڳو پاڻ سان بُخل ڪري ٿو. ۽ الله بي پرواهه آهي ۽ اوهين محتاج آهيو. ۽ جيڪڏهن اوهين ڦرندو ته اوهان کانسواءِ ٻي قوم کي اوهان جي جاءِ تي آڻيندو پوءِ هو اوهان جهڙا (تنگدل) نه هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو! اوهان اُهي آهيو جو الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ سڏيا وڃو ٿا ته توهان مان ڪي بخيلي ڪرڻ لڳن ٿا ۽ جيڪو بخيلي ڪري ٿو سو رڳو پاڻ سان بخيلي ڪري ٿو. ۽ الله بي پرواهه آهي ۽ توهان محتاج آهيو ۽ جيڪڏهن توهان ڦرندؤ ته توهان کان سواءِ ٻي قوم کي توهان جي جاءِ تي آڻيندو پوءِ اُهي توهان جهڙا نه هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهين اُهي ته ڪوٺجو مَنجھ سائـِينءَ جي سَبيل، ته ڏِيو ڏِني ما ڏان تَن، جي ڏکيا اَندر ڏِيل، پوءِ اُٽلو اوهان مان بَخل ڪَن، ڪي قارونِي ڪَٽِيل، ۽ پوءِ بَني جو بَخِيل، سو بَخِيل بَني ٿو پاڻ لئي. ۽ دُنيا دار هِڪ ڌڻِي، اوهِين مِڙائـِي مِسڪِين، ۽ جي ڦِرندا ته، ڪندان ٻِئَ قوم مان، بَدل بِاليَقِين، اُهي، اَوهان جِيئن ڪِين، موٽِي ٿِيَن مُورِهين (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد رکو! اوهين اهي شخص آهيو؛ جو اوهان کي سڏيو وڃي ٿو؛ ته الله جي واٽ ۾ خرچ ڪريو؛ ته اوهان مان ڪو اهڙو آهي جو بخيلي ٿو ڪري- ۽ جيڪو بخيلي ٿو ڪري سو رڳو پاڻ سان بخيلي ٿو ڪري، ۽ الله بي پرواهه آهي ۽ اوهين ان جا محتاج آهيو ۽ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته اوهان کان سواءِ ٻي ڪنهن قوم کي بدلائي آڻيندو، جي اوهان جهڙا نه هوندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏسو! توهان کي سڏيو ٿو وڃي ته الله جي راهه ۾ مال خرچ ڪريو، ته پوءِ توهان مان ڪي ماڻهو ڪنجوسائپ ٿا ڪن، حالانڪه جيڪو بخل ٿو ڪري سو ته حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ سان ئي ٿو بخل ڪري. الله بي نياز آهي، توهان ئي سندس محتاج آهيو. جيڪڏهن توهان منهن موڙيندؤ ته الله توهان جي جاءِ تي ڪا ٻي قوم آڻيندو ۽ اهي توهان جهڙا نه هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو! توهان کي دعوت ڏجي ٿي، ته خرچ ڪريو پنهنجا مال الله جي راهه ۾، پوءِ توهان مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي بخل (ڪنجوسي) ڪن ٿا، جيڪو ڪنجوسي ڪري ٿو سو حقيقت ۾ پاڻ سان ئي ڪنجوسي ڪري رهيو آهي، بيشڪ الله ته غني آهي ۽ توهان ئي سندس محتاج آهيو، ۽ جي توهان منهن موڙيندؤ ته الله ٻي قوم (توهان جي جاءِ) تي آڻيندو، جيڪي (يقينًا) توهان جهڙا نه هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ئي اُهي ماڻهو آهيو جن کي الله تعالى جي رستي ۾ مال خرچ ڪرڻ لاءِ سڏيو وڃي ٿو ته توهان مان ڪجهه ماڻهو ڪنجوسي ڪري رهيا آهن. سو (ٻڌي وٺو) جيڪو به ڪنجوسي ڪري ٿو درحقيقت هو پاڻ سان ئي ڪنجوسي ڪري ٿو، الله تعالى جي ذات بي پرواهه آهي ۽ توهان سڀ (ان جا ئي) محتاج آهيو، ۽ جيڪڏهن توهان منھن موڙيندا ته الله تعالى توهان جي جاءِ تي ٻي اهڙي قوم کي آڻيندو جيڪا توهان جھڙي نه هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |