توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) حا – ميم(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) حٰـمۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حا - ميم .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) حٰم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حاميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻي حق حٰمٓ کي، صَحِي بَرصَواب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حٓا_ ميم. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﷅ (حا ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ح-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حا ــ ميم(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) حا ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) حٓا ، ميمٓ(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
ڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري کان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هي ڪتاب الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏيءَ قدرت ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) قرآن ڪريم جو نزول الله تعالى جي طرفان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ڪتاب (قرآن) خدا جي طرفان نازل ٿيو آهي جو غالب (۽) دانا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله، غالب حڪمت واري جي طرفان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله زبردست (۽) حڪمت واري جي طرفان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي نازِل نُور ڪتاب، سائـِين سَٻر ۽ سَٻوجھ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب جو لاهڻ الله غالب، ڏاهپ واري کان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله جي طرف کان آهي، جيڪو زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو طرفان الله جي آهي جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله تعالى جي طرفان آهي جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جيڪو وڏي عزت وارو وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) قرآن اُن الله جي پاران اماڻيل ڪتاب آهي- جيڪو عزيز ۽ حڪيم آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ لَءايٰتٍ لِلمُؤمِنينَ (آيت : 3) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ پڪيون نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يقيناً آسمانن ۽ زمين ۾ مؤمنن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ آسمانن ۽ زمينن ۾ يقيناً مؤمنن لاءِ نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ آسمان زمين وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ البته نشانيون آهن، مؤمنن جي لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي عَجب اَڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ بيشمار، نِيشانيون نِروار، وِسهڻ وارن واسطي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ نشانيون آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ايمان آڻڻ وارن لاءِ آسمانن ۽ زمين ۾ بيشمار نشانيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ بي شمار نشانيون آهن مؤمنن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ يقيناً مومنن جي لاءِ نشانيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بي شڪ! مؤمنن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين ۾ حق جي معرفت جون اڻ ڳڻيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَفى خَلقِكُم وَما يَبُثُّ مِن دابَّةٍ ءايٰتٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 4) |
۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي يقين رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ خود اوهان کي خلقڻ ۾ ۽ حيوانن ۾ جن کي (زمين تي) پکيڙي ڇڏيو اٿس وڏيون نشانيون آهن انهن لاءِ جيڪي يقين رکندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي تخليق ۾ ۽ اهو زمين ۾ رهندڙ جانور پکيڙي ٿو (انهيءَ ۾) ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي يقين رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي پيدا ڪرڻ ۾ (به) ۽ جيڪي جانور (زمين تي) پکيڙيا اٿس (تن ۾ به) يقين ڪرڻ وارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اوهان جي پيدا ڪرڻ ۾ (۽ ان ۾) جيڪي پکيڙي ٿو چرندڙن مان نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جي ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو تن جي پيدا ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي يقين ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان جي پيدائش ۾ ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو تن ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي يقين رکڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهان جي اوپاج ۾، آهِن عَجب اُهڃاڻ، پڻ جيڪِي کيڙائو کيہ ۾، پکيڙيائين پاڻ، قوم تِنهِين ڪاڻ، جي خاص گُھرنِ ڪا خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان جي پيدائش ۾ خواهه جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو، ان ۾ يقين رکندڙن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جي پنهنجي پيدا ٿيڻ ۾ ۽ انهن جانورن ۾ جن کي الله (زمين ۾) پکيڙي ڇڏيو آهي، نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي يقين ڪرڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پيدائش ۾ توهان جي، ۽ جيڪي پکيڙي رهيو آهي حيوان (زمين ۾) نشانيون وڏيون ماڻهن جي لاءِ جيڪي يقين ڪرڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي پيدا ڪرڻ ۾ ۽ جن جانورن کي هو (زمين ۾) ڦھلائي ٿو تن ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان جي (پنهنجي) پيدائش ۾ ۽ انهن جانورن ۾ جن کي اُهو پکيڙي ٿو، يقين رکڻ وارن جي لاءِ نشانيون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ توهان جي پيدائش ۾ ۽ انهن چوپاين ۾ جن کي الله زمين ۾ پکيڙي ڇڏيو آهي، يقين ڪندڙن جي لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ وَما أَنزَلَ اللَّهُ مِنَ السَّماءِ مِن رِزقٍ فَأَحيا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها وَتَصريفِ الرِّيٰحِ ءايٰتٌ لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 5) |
۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي سمجھ رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ رات ۽ ڏينهن جي هڪٻئي پٺيان اچڻ ۾ ۽ ان رزق ۾ جو الله تعاليٰ آسمان مان نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان پوءِ زمين کي ان جي موت (يعني خشڪ ۽ ويران ٿيڻ) بعد زنده (يعني سرسبز) ڪري ٿو ڇڏي ۽ هوائن جي رخ ڦيرائڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن جيڪي عقل وارا آهن ۽ عقل هلائين ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ رات ۽ ڏينهن جي تبديل ٿيڻ ۽ آسمانن مان رزق (مينهن) جو نازل ٿيڻ پوءِ ان سان غيرآباد زمين کي آباد ڪرڻ ۽ هوائن کي ڦيرائڻ ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ رات ڏينهن جي اچڻ وڃڻ ۾ ۽ خدا آسمان مان جو رزق جو (سبب پاڻي) نازل ڪيو پوءِ ان مان زمين کي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪيو (ان ڳالھ ۾) ۽ هوائن جي بدلائڻ ۾ عقل وارن لاءِ ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦرڻ رات ۽ ڏينهن جي ۾ ۽ ان ۾ جيڪو نازل ڪيو الله آسمان مان رزق پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين کي ان جي برباد هجڻ کان پوءِ ۽ ڦيرائڻ هوائن جي ۾ نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جو رزق الله آسمان مان لاٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جياريائين، تنهن ۾ ۽ هوائن جي ڦيرڦار ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جيڪو رزق (بصورت بارش) الله آسمان مان لاٿو پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريائين ۽ هوائن جي رخ مٽائڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦيرڻ ۾ ڏينهن رات جي، وارو واري ساڻ، ۽ اَلله اُتاريو اُڀ کان، جو چُوڻُو پاڻِي پاڻ، جنهن سان جِيارِئين زمين کي، سَندسِ سوڪ پُڃاڻ، ۽ وارڻ واسِي وائڙا، هيڏي، هوڏي هاڻ، قوم اُنهِئ ڪاڻ، جي سوچِين سَچي ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ ۽ جيڪو الله آسمانن مان رزق موڪليو، پوءِ ان سان زمين کي ان جي غير آباد ٿيڻ کان پوءِ آباد ڪيائين، ان ۾ ۽ هوائن جي ڦير گهير ۾ به عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦيري ۾ ۽ انهيءَ رزق ۾ جنهن کي الله آسمان مان ٿو نازل ڪري، پوءِ ان وسيلي مئل زمين کي جيئاري ٿو ۽ هوائن جي ڦرڻ گهرڻ ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل هلائن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڦير گهير رات ۽ ڏينهن ۾، ۽ جيڪو لاهيندو آهي الله آسمان مان رزق جي طور تي، پوءِ جياريندو آهي ان غير آباد زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ ۽ هوائن جي ڦير گهير ۾ ڪي ئي نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رات ۽ ڏينھن جي ڦير گهير ۾، الله تعالى آسمان مان جيڪو رزق لاهي ٿو پوءِ ان جي ذريعي غير آباد زمين کي سر سبز ڪري ٿو ۽ هوائن جي رُخ کي تبديل ڪري ٿو (انهن سڀني ڳالهين ۾) عقل رکڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ رات ڏينهن جي اڳيان پويان اچڻ وڃڻ ۾ ۽ (برسات جي صورت ۾) ان رزق ۾ جنهن کي الله آسمان کان لاهي ٿو، پوءِ ان مان زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪري ٿو ۽ (اهڙي طرح) هوائن جي رخ ڦيرڻ ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ نشانيون آهن جيڪي عقل ۽ شعور رکن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهڙيءَ طرح رات ۽ ڏينهن جو هڪ ٻئي جي ڪڍ اچڻ ۾ ۽ ان رزق ۾ جيڪو آسمان مان الله لاهي ٿو ۽ زمين ۾- جيڪا غير آباد ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر آباد ٿي پوندي آهي ۽ هوائن جي ڦيرڦار ۾عقل وارن جي لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ فَبِأَىِّ حَديثٍ بَعدَ اللَّهِ وَءايٰتِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 6) |
اھي الله جون آيتون آھن جي توکي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن پڃاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهي الله جون آيتون آهن جي (اي پيغمبر!) اسان سچائيءَ سان توکي ٻڌائيون ٿا. پوءِ اهي (ڪافر) الله کي ۽ سندس آيتن (۽ حڪمن) کي ڇڏي ڏيڻ بعد ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) مذڪوره نشانيون الله جي وحدانيت جا دليل آهن جيڪي اسين توهان تي حق سان پڙهون ٿا. پوءِ الله تعالى ۽ ان جي نشانين کان پوءِ اهي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي خدا جون آيتون آهن جيڪي تو کي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا. ته پوءِ خدا ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالھ تي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي الله جون آيتون آهن پڙهون ٿا اهي توتي حق سان پوءِ ڪهڙي ڳالھ تي الله کان ۽ ان جي آيتن کان پوءِ ايمان آڻيندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اهي الله جون آيتون آهن جيڪي توکي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا. پوءِ الله ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙيءَ ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي الله جون آيتون آهن جن کي سچائيءَ سان تو تي تلاوت ڪيون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالهه مٿان ايمان آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اِهي اُهڃاڻ، صاحب رَبَّ، ستار جا، صَحِي ثابتن ساڻ، پَڙهون توتي پاڻ، پوءَ اَلله پاڪ ۽ اُن جي پَڌرين پُڃاڻ، حق مَڃِيندا هاڻ، ڳهيلا ڪِهِڙي ڳالهڙي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اُهي الله جون آيتون آهن، جي سچائي سان توتي پڙهون ٿا، پوءِ الله ۽ ان جي آيتن کانپوءِ ڪهڙيءَ ٻي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اهي الله جون نشانيون آهن، جن کي اسان توهان جي آڏو صحيح نموني ۾ بيان ڪري رهيا آهيون. پوءِ ڀلا الله ۽ سندس آيتن کان پوءِ اها ٻي ڪهڙي شيءِ آهي جنهن تي اهي ايمان آڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي نشانيون الله جون، جن کي بيان ڪري رهيا آهيون توهان تي حق سان، پوءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه آهي الله کان پوءِ ۽ سندس نشانين جي، جنهن تي اهي شخص ايمان آڻيندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اِهي سڀ الله تعالى جون نشانيون آهن جيڪي اسان توکي ٺيڪ ٺيڪ بيان ڪري ٻڌايون ٿا. پوءِ هي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس آيتن کي ڇڏي، آخر ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي الله جون آيتون آهن جن کي اسان اوهان تي پوري سچائيءَ سان تلاوت فرمايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن کان بعد هي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) اهي الله جون آيتون آهن جيڪي اسين توکي حقيقت ۾ سچ سان ٻڌايون ٿا. هاڻي الله جي آيتن کان بعد ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي، جيڪا ٻڌي هي ماڻهو ايمان آڻيندا؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيلٌ لِكُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 7) |
ھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ويل (۽ خرابيون) آهن هرهڪ ڪوڙي گنهگار لاءِ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ويل آهي هر بهتان هڻندڙ ڪوڙي لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هلاڪت آهي واسطي هر وڏي بهتان هڻندڙ، گنهگار جي لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار لاءِ وڏي خرابي آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر ڪوڙي بدڪار لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪاڙهو آهي قَهر جو!، ڪُل ڪوڙي ڪانهياري ڪاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪنهن ٻٽاڪيءَ گنهگار لاءِ ويل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تباهي آهي هر انهيءَ ڪوڙي بدعمل شخص لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تباهي آهي هر ان ڪوڙي ڏوهاري جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ويل آهي هر ڪوڙي ۽ گنهگار لاءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هر بهتان مڙهڻ واري ڪوڙي (۽) وڏي گهنگار جي لاءِ تباهي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تباهي آهي هر ان ڪوڙي گناهه گار شخص جي لاءِ- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
يَسمَعُ ءايٰتِ اللَّهِ تُتلىٰ عَلَيهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 8) |
الله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته ٻڌندو آھي وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نه ھوائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪو الله جون آيتون ٻڌي ٿو جي کيس پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، ته به تڪبر ۽ هٺ کان (انڪار تي) ضد ٻڌي ٿو بيهي، ڄڻ ته هن ٻڌيون ئي ڪون. سو (اي پيغمبر!) کيس دردناڪ عذاب جي خبر ڏيئي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪو الله جو آيتون ٻڌي ٿو جيڪي ان جي مٿان تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ان کان پوءِ هميشه تڪبر ڪندڙ آهي گوياڪ ان اهي ٻڌيون ئي نه آهن، پوءِ رسولِ عربي توهان ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو خدا جون آيتون سندس اڳيان پڙهيون وڃن ٿيون ۽ ٻڌي به ٿو ته تڏهين به وڏائي کان (انڪار تي) لڳو رهي ٿو. ڄڻ ته هن انهن (آيتن) کي ٻڌو ئي نه آهي. ته (اي رسول) تون دردناڪ عذاب جي خوش خبري ٻڌائي ڇڏ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ٻڌي ٿو الله جون آيتون جيڪي پڙهيون وڃن ٿيون ان تي ان کان پوءِ هميشہ آهي هٺ ڪندڙ ڄڻ ته نه ٻڌائين انهن کي پوءِ خوشخبري ڏي ان کي عذاب دردناڪ جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جو الله جي آيتن کي جنهن وقت ان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻڌي ٿو وري وڏائي ڪري (ڪفر تي) ضد ڪري بيهي ٿو ڄڻ ته انهن (آيتن) کي نه ٻڌائين. پوءِ (اي پيغمبر!) ان کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو الله جي آيتن کي ٻڌي ٿو جڏهن ان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون پوءِ آڪڙ ڪندي (ڪفر تي) اڙجي بيهي ٿو ڄڻڪ انهن کي ٻڌائين ئي ڪونه، پوءِ تون ان کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُڻي سَگھون سُبحان جون، جي پَڙهِجن مَٿسِ پاڻ، موٽِي رَهيو مَغرور سو، ڪرسُئـِين نه ڪنن ساڻ، پوءِ ڏِينسِ سُڌ سُڄاڻ!، سُورن واري ساڙِجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو الله جون آيتون ٻڌي ٿو، جي مٿس پڙهجن ٿيون، ته وڏائي ڪري ضد ٿو ڪري، ڄڻ ته انهن کي ٻڌو ئي نه اٿس_ پوءِ انهن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن جي روبرو الله جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ اهو انهن کي ٻڌي ٿو پر پوءِ وڏائيءَ سان پنهنجي ڪفر تي ائين ٿو ضد ڪري بيهي، ڄڻ ته ڪجهه ٻڌوئي نه اٿائين، پوءِ (اي نبي) اهڙي شخص کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻڌي ٿو آيتون الله جون جيڪي سندس سامهون پڙهيون وڃن ٿيون پوءِ پوري وڏائيءَ سان پنهنجي ڪفر تي پڪو رهندو آهي، ڄڻڪ ان ٻڌو ئي ناهي پوءِ ان کي خوشخبري ٻڌاءِ عذاب دردناڪ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هُن کي الله تعالى جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ هو ٻڌي به ٿو پر وڏائي سان (ڪفر تي) اَڙجي بيهي ٿو. ڄڻ ته هُن انهن آيتن کي ٻڌو ئي نه آهي، ته اهڙي شخص کي عذاب جي خوشخبري ٻُڌاءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪو الله جي (انهن) آيتن کي ٻڌي ٿو جيڪي مٿس پڙهي پڙهي ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون پوءِ (پنهنجي ڪفر تي) اصرار ڪري ٿو وڏائي ڪندي، ڄڻ ان انهن کي ٻڌو ئي ڪونه، ته توهان اُن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪو الله جون آيتون ٻڌي ٿو جيڪي ان جي آڏو پڙهجن ٿيون پوءِ به هو هٺ جي ڪري (ڪفر ۾ رهي ٿو!) اهڙيءَ طرح اصرار ڪندو رهي ٿو ڄڻ هن اهي ٻڌيون ئي ڪونه- تنهنڪري اهڙي ماڻهوءَ کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا عَلِمَ مِن ءايٰتِنا شَيـًٔا اتَّخَذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 9) |
۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٺـٺوليون ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هو اسان جي آيتن مان ڪجهه معلوم ڪري ٿو تڏهن هو انهن تي کل مسخري ٿو ڪري، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب هوندو (۽ ٻيا مٿن کلندا).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن شيءِ جو واقف ٿيو ته ان کي مذاق ڪري وٺي ٿو، اهڙن ماڻهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن آيت جو واقف ٿئي ٿو ته ان تي مسخري ڪري ٿو. اهڙن لاءِ ئي خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڄاتائين اسان جي آيتن مان ڪجھ ته وٺندو آهي انهن کي ٺٺول ڪري اهي انهن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪجهه ڄاڻي ٿو ته انهن تي مسخري ڪري ٿو. انهن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪجهه ڄاڻي ٿو ته ان کي مذاق بنائي وٺي ٿو. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي ذلت وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ڄاتئـِين آيتون اَلله جون، ته مَسخرِي بنائـِين مُور، سِٺ وارو سارو سُور، اَ ڳتي آھِ اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪنهن کي ڄاڻيندو آهي، ته ان تي مسخريون ڪندو آهي، انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان جي آيتن مان ڪا ڳالهه سندس ڄاڻ ۾ اچي ٿي ته ان تي ٺٺول ڪري ٿو، اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ ذلت وارو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڪا ڳالهه ان جي علم ۾ ايندي آهي اسان جي آيتن مان، ته اهو ان کي وٺندو آهي چرچي طور. اهڙن سڀني ماڻهن لاءِ عذاب آهي ذلت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جي آيتن مان ڪا ڳالهه کيس معلوم ٿي وڃي ٿي ته اُن تي (وري) مسخري ڪندو آهي. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن ان کي اسان جي (قرآني) آيتن مان ڪنهن شيءِ جو (به) علم ٿي وڃي ٿو ته ان کي مذاق بڻائي ٿو ڇڏي، اهڙن ئي ماڻهن جي لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن هو اسان جي آيتن مان ڪنهن آيت جي خبر ٻڌي ٿو ته ان جو مذاق اڏائي ٿو- اهڙن ماڻهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مِن وَرائِهِم جَهَنَّمُ وَلا يُغنى عَنهُم ما كَسَبوا شَيـًٔا وَلا مَا اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 10) |
سندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي، ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کائن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کائن ٽاري سگھندا)، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن جي اڳيان جهنم هوندو ۽ جيڪي هنن ڪمايو هوندو سو کين ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ جن کي الله کان سواءِ اولياءَ (يا دوست ۽ مددگار) ڪري ورتو هئائون سي به کين ڪجهه به ڪم نه ايندا ۽ هنن جي لاءِ تمام وڏو عذاب هوندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن جي پويان جهنم آهي. ۽ انهن کي سندن ڪيل عمل ڪم نه ايندو ۽ انهن کي سندن بت ڪم نه ايندا. ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دوزخ ته انهن جي پٺيان آهي ئي. ۽ جيڪي اهي عمل ڪندا رهيا، نه اهي سندن ڪم ايندا ۽ نه اهي جن کي هنن خدا کان سواءِ (پنهنجا) والي (سرپرست) بنايا هئا. ۽ انهن لاءِ تمام (سخت) عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي پٺيان جهنم آهي ۽ نه فائدو ڏيندو ان ڏينهن انهن کان جيڪي ڪيائون ڪجھ به ۽ نه انهن (جن کي) بنايائون الله کان سواء مددگار ۽ انهن جي لاءِ عذاب وڏو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) سندن پٺيان دوزخ آهي. ۽ جيڪي ڪمايائون سو ڪجهه به ڪم نه ايندن ۽ نه ڪي اهي (ڪم ايندا) جن کي الله کانسواءِ دوست بنايو اٿن، ۽ انهن لاءِ ئي وڏو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي پٺيان دوزخ آهي ۽ جيڪي (مال) ڪمايائون سو سندن ڪنهن ڪم ڪونه ايندو ۽ نه اُهي (ڪوڙا معبود) جن کي الله کي ڇڏي ڪارساز بنايائون، ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهن سوا سزاتَن لئي، ٻارڻ ٻيو ٻِيهار، ۽ جيڪِي مال ميڙيئون، تَن هرگز نه لاٿيَن هارِ، ۽ جَن کي جھليؤن جَبّار ري، وَسِيلا وَهار، ۽ اُنهن لئي وڏو آزار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن جي ٻئي طرف کان دوزخ آهي ۽ جيڪي ڪمايائون اهو، خواهه اهي شخص جيڪي الله کان سواءِ همراهه بنايا اٿس، سي مٿانئن ڪجهه به ٽاري نه سگهندا_ ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن آڏو جهنم آهي، جيڪي ڪجهه به دنيا ۾ ڪمايو اٿن تنهن مان ڪجهه به ڪم نه ايندن، نه وري اهي ئي انهن لاءِ ڪجهه ڪري سگهندا جن کي الله جي بدران پنهنجو دوست بڻايو اٿن. انهن لاءِ ته وڏو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي آڏو آهي دوزخ، ۽ جيڪي ڪجهه به انهن دنيا ۾ ڪمايو آهي ان مان ڪجهه به کين ڪم نه ايندو ۽ نه ڪجهه ڪري سگهندا الله کان سواءِ سندن سرپرست، (جن الله کي ڇڏي کين ڪارساز بڻايو آهي) انهن لاءِ وڏو عذاب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن لاءِ اڳتي جھنم آهي، انهن کي پنھنجي ڪمايل شيءِ ڪم نه ايندي ۽ نه ئي الله تعالى کان سواءِ ٻيا ٺاهيل سرپرست کين ڪم ايندا. انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن جي (هن زندگيءَ کان) پوءِ دوزخ آهي ۽ جيڪو (دنيا جو مال) انهن ڪمايو اٿن انهن جي ڪجهه ڪم نه ايندو ۽ نه اُهي بت (ئي ڪم ايندا) جن کي الله کان سواءِ انهن ڪارساز بڻايو آهي، ۽ انهن جي لاءِ تمام سخت عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن جي آڏو جهنم آهي ۽ جيڪو ڪجهه هنن، دنيا ۾ ڪمايو آهي اهو هنن جي ڪنهن ڪم ڪونه ايندو ۽ نه ڪي اهي معبود کين ڪنهن ڪم ايندا جن کي هنن الله کانسواءِ ڪارساز بڻايو آهي، انهن جي لاءِ وڏو عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هٰذا هُدًى وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ رَبِّهِم لَهُم عَذابٌ مِن رِجزٍ أَليمٌ (آيت : 11) |
ھيءُ (قرآن) ھدايت آھي، ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اها آهي (سچي) هدايت ۽ جن پنهنجي پروردگار جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي تن جي لاءِ سخت تڪليف وارو عذاب هوندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هيءُ (قرآن) هدايت آهي. جن ماڻهن پنهنجي رب جي آيتن جو انڪار ڪيو انهن لاءِ سختيءَ وارو دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (قرآن) هدايت آهي ۽ جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت قسم جو دردناڪ عذاب هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي هدايت آهي ۽ جن ڪفر ڪيو پنهنجي رب جي آيتن جو انهن جي لاءِ عذاب آهي سخت عذاب مان دردناڪ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هي (قرآن) هدايت آهي ۽ جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت دردناڪ عذاب جي سزا آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (قرآن) هدايت آهي، ۽ جن ماڻهن پنهنجي پالڻهار جي آيتن سان ڪفر ڪيو انهن لاءِ سخت دردناڪ عذاب جي سزا آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حَقَّ هِدايت آهي هِي. ۽ آيتن کان اَلله جي ڪيو جَن اِنڪار، اُنهن لئي آزار، آهي سزا سخت کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ هدايت آهي ۽ جن پنهنجي رب جي نشانين جو انڪار ڪيو، تن لاءِ سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو قرآن ته آهي ئي هدايت ۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، تن لاءِ ڏاڍو قهر وارو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي سراسر هدايت آهي، ۽ انهن ماڻهن لاءِ جن ڪفر ڪيو آهي پنهنجي رب جي آيتن سان، انهن جي لاءِ عذاب آهي سخت ڏکوئيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (قرآن سراسر) هدايت آهي ۽ جن ماڻهن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو، انهن لاءِ تمام سخت تڪليف وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي (قرآن) هدايت آهي، ۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جي آيتن سان ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ وڏو سخت دردناڪ عذاب آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هي (قرآن) نج هدايت آهي. ۽ جن ماڻهن پنهنجي رب جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو انهن جي لاءِ هانء ڏاريندڙ دردناڪ عذاب آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اللَّهُ الَّذى سَخَّرَ لَكُمُ البَحرَ لِتَجرِىَ الفُلكُ فيهِ بِأَمرِهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
الله اُھو آھي جنھن درياءُ اوھان جي تابع ڪيو ته سندس حُڪم سان منجھس ٻيڙيون ھلن ۽ سندس فضل مان گذران طلب ڪريو ۽ مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اهو (مهربان) آهي جنهن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) سمنڊ به تابع ڪري ڏنو آهي، ته جهاز سندس حڪم سان ان ۾ هلن، ۽ توهان سندس فضل (يعني رزق، دولت، علم وغيره) جي تلاش ڪيو ۽ توهان سندس نعمتن جو قدر ڪيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى اُهو آهي جنهن درياءَ کي توهان لاءِ تابعدار بنايو ان لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ سندس فضل طلب ڪريو ۽ من توهان شڪرگذار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا اهو آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جو تابع ڪيو هن لاءِ ته سندس حڪم سان ان ۾ ٻيڙا هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل (۽ ڪرم) سان روزي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله ئي آهي جنهن مطيع ڪيو اوهان جي لاءِ درياء تان ته هلن ٻيڙيون ان ۾ ان جي امر سان ۽ تان ته طلب ڪيو ان جي فضل مان ۽ تان ته اوهان شڪر ڪيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن سمنڊ کي اوهان جو تابع ڪيو هن لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل مان روزي ڳوليو ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جنهن سمنڊ کي توهان جي قابو ۾ ڪيو، هن لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته اوهان سندس فضل مان روزي تلاش ڪيو هن لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله تعالىٰ آھِ سو، جنهن قُدرت ساڻ ڪمال، رَکيا اَوهان جي آڻ ۾، ڪيڏا بَحر بَحال، ته مَنجھسِ هَلن سَندسِ حُڪم سان، ٻيڙا چڱِئ چال، ۽ ڀَلـِين ته سَندسِ ڀال، ڳوليو ۽ ڳُڻ ڳائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن درياءَ، سمنڊ اوهان جي تابع ڪيو، ته سندس حڪم سان ان ۾ ٻيڙيون هلن، ته ان جي فضل سان گذران ڳوليو ۽ ته من اوهين شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ئي ته توهان لاءِ سمنڊ کي تابع ڪري ڇڏيو آهي تانته سندس حڪم سان منجهس ٻيڙيون هلن ۽ توهان سندس فضل (روزيءَ) جي ڳولا ڪيو ۽ مـَـنَ شڪر ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي جنهن تابع ڪيو توهان جي لاءِ سمنڊ کي جيئن هلن ٻيڙيون ان ۾ سندس حڪم سان ۽ ڳوليو سندس فضل کي ۽ ادا ڪريو سندس شڪر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جنھن سمنڊ کي توهان جي لاءِ تابع ڪيو ته جيئن ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙا هلندا رهن. توهان ان جي مھرباني سان پنھنجي روزي تلاش ڪريو ۽شڪرگذاري ڪندا رهو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) الله ئي آهي جنهن سمنڊ کي توهان جي قابو ۾ ڏنو ته جيئن ان جي حڪم سان ان ۾ جهاز ۽ ٻيڙيون هلن ۽ ته جيئن توهان (سامونڊي رستن کان به) ان جو فضل (يعني رزق) تلاش ڪري سگهو، ۽ ان لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿي وڃو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهو الله ئي آهي جنهن سمنڊ کي، توهان جي تابع ڪري ڇڏيو ته جيئن الله جي حڪم سان ان ۾ ٻيڙيون هلن ۽ جيئن توهين الله جو فضل (يعني خوشگوار زندگي لاءِ رزق روزي) تلاش ڪريو ۽ ان جا شڪر گذار بڻجو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَسَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ جَميعًا مِنهُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 13) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جي پروڙيندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي به شيون آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ وٽانئس (عطا ڪيل آهن) سي سڀ هن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) تابع ڪري ڏنيون آهن. يقيناً انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان لاءِ تابعدار بنايون اهي سموريون شيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن. بيشڪ انهيءَ ۾ يقيناً ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي سوچ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاتو اٿس. بيشڪ غور ڪرڻ لاءِ ان (ڳالھ) ۾ خدا جون ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي سمورو ان کان آهي بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي فڪر ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاتو اٿس. بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن جيڪي فڪر ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان توهان جي ڪم ۾ لڳايائين. بيشڪ ان ۾ گھڻيون نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي غور و فڪر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيائين پَنهنجي ڪَرم سان، تابع توهان توڙ، جيڪِي آهن اُڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ جيڪا جوڙ، اُن ۾ خبرون کوڙ، سوچِين تِنهن ئـِي ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، اهو سڀئي اوهان جي تابع ڪيائين. بيشڪ هنن ۾ پروڙيندڙن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن آسمانن ۽ زمين جي سمورين ئي شين کي توهان جي هٿ وس ڪري ڇڏيو آهي. سڀ ڪجهه پاڻ وٽان ئي، انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تابع ڪيو آهي ان توهان جي لاءِ آسمانن ۽ جيڪي ڪجهه آهي زمين ۾ سمورين شين کي (هر شيءِ پاڻ وٽان) بيشڪ ان ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن پنھنجي طرفان آسمانن ۽ زمين جي سڀني شين کي توهان جي تابع ڪري ڇڏيو آهي. بيشڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ انهن ڳالهين ۾ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان توهان جي لاءِ جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، سڀ کي پنهنجي طرفان (نظام جي تحت) تابع ڪري ڇڏيو آهي، بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ نشانيون آهن جيڪي غور فڪر ڪن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه به آهي اهو سڀ الله پنهنجي طرفان توهان جي لاءِ تابع ڪري ڇڏيو آهي (يعني انهن جون قوتون ۽ اثرات توهان جي اختيار ۾ ڏنا ويا آهن ته جيئن توهين غور فڪر ڪري پنهنجي مرضيءَ سان انهن مان ڪم وٺي سگهو). بي شڪ! انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي غور فڪرڪندڙ آهن، ان ڳالهه ۾ (حق جي معرفت جون) وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل لِلَّذينَ ءامَنوا يَغفِروا لِلَّذينَ لا يَرجونَ أَيّامَ اللَّهِ لِيَجزِىَ قَومًا بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 14) |
مؤمنن کي چؤ ته جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نه رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن ته اُنھي سببان جو جيڪي ڪمايو ھوائون (انھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جن ايمان آندو آهي تن کي چئو ته جيڪي ماڻهو الله جي ايامن (يا ڏينهن) جي اميد نٿا رکن (يعني نٿا ڄاڻن ته جزا ۽ سزا جا ڏينهن اچڻا آهن) تن کي (ڪيل ڏوهه) معاف ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ پاڻ ماڻهن کي بدلو ڏئي انهن ڪمن جو جي هو ڪندا رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان مؤمنن کي فرمايو ته توهان انهن ماڻهن کي درگذر ڪريو جيڪي الله جي ڏينهن (قيامت) جي اميد نٿا رکن ان لاءِ ته اهو ان قوم کي سندن ڪيل عملن جي جزا ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) مومنن کي فرمائي ته جي ماڻهو خدا جي ڏينهن (جي سزا لاءِ مقرر آهن) ويساھ نه ٿا رکن تن کان هن لاءِ درگذر ڪن ته اهي جيڪي ڪندا رهن ٿا تنهن جو کين بدلو ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماء انهن کي جن ايمان آندو ته ٽارو ڪن انهن کان جيڪي اميد نٿا رکن الله جي ڏينهن جي تانته بدلو ڏئي قوم کي ان جو جيڪي ڪمايو هيائون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ايمان وارن کي چؤ ته جيڪي الله جي ڏينهن جو ويساهه نه ٿا رکن تن کان هن لاءِ درگذر ڪن ته اهي جيڪي پيا ڪن تنهن جي ڪري (انهن مان) ڪنهن قوم کي (الله پاڻ) سزا ڏئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايمان وارن کي چؤ ته انهن کان درگذر ڪن.جيڪي الله جي ڏينهَنِ جي اميد نه ٿا رکن ته جيئن الله هڪ قوم کي سندن ڪمائي جو پورو بدلو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن مڃيو، چئو تن کي، ته مرهِينِ تن ميار، جي اصل نه رکن آسرو، ڪمن ۾ ڪلتار، تان جيڪي ڪن ڪم ڪار، سي پاري ڏي، تنهن پهر کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مؤمنن کي چئو ته جيڪي شخص الله جي سخت ڏينهن جي اميد نٿا رکن، تن کان درگذر ڪن، ته پاڻيهي الله ڪنهن قوم کي سندن ڪيتن جي سزا ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ايمان وارن کي چئي ڇڏ ته جن ماڻهن کي الله پاران ڏينهن ڦيرائڻ جو ڪوبه انديشو ناهي، تن جي حرڪتن کي ٽاري ڇڏين، تانته الله پاڻيهي هڪڙي ٽولي کي سندس ڪمائي جو بدلو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ ايمان آڻڻ وارن کي، درگذر ڪن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي نٿا اميد رکن ڏينهن الله جي، تان ته جزا ڏئي هر قوم کي جيڪي اهي ڪمائيندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ايمان وارن کي چؤ ته جيڪي ماڻهو الله تعالى جي (جزا ۽ سزا جي) ڏينھن تي يقين نٿا رکن تن جي حرڪتن کي درگذر ڪري ڇڏ ته جيئن الله تعالى خود اُن قوم کي پنھنجي ڪمائي جو بدلو ڏئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان ايمان وارن کي فرمايو ته هو انهن ماڻهن کي نظرانداز ڪن جيڪي الله جي ڏينهن جي (اچڻ جي) اميد ۽ خوف نٿا رکن ته جيئن هو انهن ماڻهن کي انهن (جي عملن) جو پورو بدلو ڏي جيڪو اُهي ڪمائيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي نبي!) تون ايمان وارن کي چئه ته؛ انهن ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيو (ٽارو ڪريو)- جيڪي الله جي ڏينهن جي اميد نه ٿا رکن ته جيئن الله پاڻ اهڙي قوم کي ان جي ڪمائيءَ جو بدلو ڏئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 15) |
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪو به نيڪ ڪم ٿو ڪري (هن ئي دنيا ۾) سو پنهنجو ئي فائدو ٿو ڪري ۽ جيڪو برائيون ٿو ڪري سو به (هن ئي دنيا ۾) پاڻ تي ئي وبال ٿو آڻي. پوءِ (مرڻ بعد آخر ته) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندؤ (۽ اوهان کي اوهان جي عملن موجب بهشت يا دوزخ ملندو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جنهن ماڻهو نيڪ عمل ڪيو ان پنهنجي لاءِ ڪيو ۽ جنهن ماڻهو گناه ڪيو پوءِ اهو ان تي آهي، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي رب ڏانهن موٽايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن چڱو ڪم ڪيو سو پاڻ لاءِ (ڪيو) ۽ جنهن بڇڙو ڪم ڪيو تنهن جو وبال مٿس آهي، وري اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڪيا نيڪ عمل پوءِ پنهنجي سر جي لاءِ ۽ جنهن برائي ڪئي پوءِ ان تي آهي ان کان پوءِ پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جنهن چڱو ڪم ڪيو سو پاڻ لاءِ (ڪيو) ۽ جنهن بڇڙو ڪيو سو مٿس آهي، وري اوهان کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن به ڪو چڱو عمل ڪيو ته سو پنهنجي جان جي (نفعي لاءِ) ڪيائين، ۽ جنهن بڇڙو ڪم ڪيو ته (ان جو وبال) مٿس آهي، پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن چڱئ ڪَئـِي ته پاڻ لئي، جي بَدِي ته مَٿسِ بار، پنهنجي پَروَر پار، موٽِي اَوهِين موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن چڱا ڪم ڪيا سي پاڻ لاءِ ڪيائين ۽ جنهن مدائي ڪئي اها ان تي آهي- پوءِ پنهنجي رب ڏي موٽايا ويندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو نيڪ عمل ڪندو پاڻ لاءِ ئي ڪندو ۽ جيڪو برا ڪم ڪندو ته سزا به پاڻ ئي لوڙيندو ۽ پوءِ توهان سڀني کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽايو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو عمل سٺا ڪندو سو پنهنجي لاءِ ئي ڪندو ۽ جيڪو برائي ڪندو سو پاڻ ان جو نتيجو ڀوڳيندو پوءِ سڀني کي پنهنجي رب ڏي ئي وڃڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو نيڪ عمل ڪندو سو سندس ئي فائدي لاءِ آهي ۽ جيڪو برو عمل ڪندو ته ان جو وبال ان تي ئي آهي. پوءِ توهان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جنهن ڪو نيڪ عمل ڪيو ته پنهنجي ئي جان جي (فائدي جي) لاءِ ۽ جنهن برائي ڪئي ته (ان جو وبال به) مٿس ئي آهي پوءِ توهان سڀئي پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪو به چڱو ڪم ڪندو سو پنهنجي لاءِ ڪندو. ۽ جيڪو برائي ڪندو سو ان جو وبال مٿس ئي ڪڙڪندو. پوءِ توهين سڀ پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد ءاتَينا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ وَرَزَقنٰهُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ وَفَضَّلنٰهُم عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 16) |
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب، حڪومت ۽ نبوت ڏني ۽ اسان کين پاڪ ۽ چڱين شين جو رزق ڏنو (۽ گهڻيون ئي نعمتون عطا ڪيون) ۽ اسان کين سڄي جهان جي ماڻهن کان بهتر ۽ برتر ڪيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حُڪم ۽ نبوت عطا ڪئي ۽ انهن کي پاڪ شين مان رزق ڏنوسين ۽ انهن کي ان جهان وارن تي فضيلت عطا ڪئي سين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب (توريت) ۽ حڪومت ۽ پيغمبري عطا ڪئي ۽ کين سٺيون سٺيون شيون کاڌي لاءِ ڏنيون ۽ انهن کي سموري جهان تي فضيلت ڏني.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنو اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت ۽ رزق ڏنو اسان انهن کي پاڪ شيون ۽ فضيلت ڏني اسان انهن کي جهانن تي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ پيغمبري ڏني. ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون، ۽ کين سڀني قومن تي فضيلت ڏني سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت ڏني ۽ کين پاڪيزه شين مان روزي ڏني، ۽ کين (ان دور جي) سڀني قومن تي فضيلت ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَخشيون سون بَنِي اسرائيل کي، ڪتاب برقرار، صَحِي پڻ سَمجھائڻِي، ۽ نُـبُوّت نِبار، ڏِنوسونِ موچاري مال مان، کاڌو خوشگوار، پڻ مَرتبو موچار، ڏِنوسونِ ڏيهن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ بني اسرائيل کي اسان ڪتاب، حڪم ۽ نبوت ڏني ۽ کين سٺين شين مان روزي ڏني سون ۽ دنيا وارن کان انهن کي ڀلارو ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان اڳ بني اسرائيل کي اسان ڪتاب ۽ فيصلي ڪرڻ جو اختيار ۽ نبوت ڏنا هئا ۽ کين اسان نهايت عمدي رزق سان نوازيو هو ۽ ساري جڳ تي کين فضيلت عطا ڪئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کان اڳي اسان ڏنو بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حڪم ۽ عطا ڪئي هئي نبوت ۽ رزق ڏنو انهن کي پاڪ شين مان ۽ فضيلت عطا ڪئي انهن کي سڄي دنيا جي ماڻهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب، حڪمت ۽ نبوت عطا ڪئي، کين پاڪيزهه شين جي صورت ۾ رزق ڏنوسين ۽ سڀني جھان وارن تي کين فضيلت عطا ڪئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي، ۽ انهن کي پاڪ شين مان رزق ڏنو ۽ اسان انهن کي (سندن دور وارن) جهانن تي (يعني ان دور جي قومن ۽ تهذيبن تي) فضيلت ڏني.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بي شڪ! اسان بني اسرائيل کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ کين عمديون عمديون شيون ڏنيوسين، ۽ اسان کين (پنهنجي دؤر جي) سمورين عالَمي قومن تي فضيلت ڏني هئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَءاتَينٰهُم بَيِّنٰتٍ مِنَ الأَمرِ فَمَا اختَلَفوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم إِنَّ رَبَّكَ يَقضى بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 17) |
۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نه ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ (پيل) سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھوا تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن کي (ديني) معاملن بابت چٽا، روشن حڪم ۽ دليل ڏنا، پر جڏهن هنن وٽ علم اچي ويو تڏهن ان بعد ئي هنن پاڻ ۾ حسد ۽ سرڪشي ڪري اختلاف ڪيا ۽ فرقا ٺاهيا، جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن تن بابت يقيناً تنهنجو پروردگار قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو ۽ فتويٰ ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي ديني ڪمن جا واضح دليل ڏنا. پوءِ انهن نه اختلاف ڪيو مگر ان کان پوءِ جو انهن وٽ علم آيو پنهنجو پاڻ ۾ حسد ۽ دشمني سببان، بيشڪ توهان جو رب انهن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن فيصلو فرمائيندو انهن ڳالهين ۾ جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين دين جا کليل دليل ڏناسون ته انهن جي ڄاڻڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ ضد جي ڪري هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيو. (ته پوءِ اهي ماڻهو جن ڳالهين ۾ وڙهي رهيا آهن قيامت ۾ تنهنجو پروردگار انهن ۾ فيصلو ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏناسون انهن کي روشن دليل امر مان پوءِ نه اختلاف ڪيائون مگر ان کان پوءِ جو آيو انهن وٽ علم سببان بغاوت ڪرڻ جي پاڻ ۾ بيشڪ تنهنجو رب فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان ۾ جنهن ۾ اختلاف ٿي ڪيائون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين دين جون ظاهر ڳالهيون ڏنيون سون، پوءِ وٽن علم پهچڻ کان پوءِ انهن پاڻ ۾ ضد جي ڪري اختلاف ڪيو. بيشڪ جنهن (ڳالهه) ۾ اهي اختلاف پيا ڪن، تنهن ۾ قيامت جي ڏينهن تنهنجو پاليندڙ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ کين دين جون پڌريون ڳالهيون ڏنيون سين، پوءِ انهن وٽ علم اچڻ کان پوءِ ئي انهن پاڻ ضد جي سبب اختلاف ڪيو. بيشڪ تنهنجو پالڻهار قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندو انهن ڳالهين جو جن ۾ اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عطا ڪيوسونِ اَمرمان، ڪي پَڌرايون پاڻ، پوءِ نه بِگڙيا پاڻ ۾، مگر تِنهن پڃاڻ، ته آينِ ڪُجھ عِلم مان، آيتون اُهڃاڻ، هِڪ ٻِئي سان هوڏڪري، مَطلب ماڻڻ ڪاڻ، ڪندو ڏِينهن قِيام جي، سائين سُرت سُڄاڻ، صَفا، سَندنِ ڇڪتاڻ، جنهن تان جڳهڙن پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دين بابت انهن کي پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انهن، وٽن علم اچڻ کانپوءِ، پاڻ ۾ ضد سبب تڪرار ڪيو، بيشڪ اهي جنهن بابت تڪرار ٿا ڪن؛ تنهن جو فيصلو سندن وچ ۾ الله قيامت ۾ ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ دين جي باري ۾ به کين چٽيون هدايتون ڏنيون هيون، پوءِ منجهن اختلاف پيدا ٿيا ته اهي (اڻڄاڻائيءَ جي ڪري نه ٿيا بلڪه) وٽن علم اچي وڃڻ کان پوءِ ئي ٿيا ۽ ان ڪري ٿيا، جو هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ پئي چاهيائون. الله قيامت جي ڏينهن انهن معاملن جو فيصلو ڪري ڇڏيندو، جن ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ واضح ڏنيون هدايتون دين جي معاملي ۾، پوءِ جيڪو اختلاف انهن جي وچ ۾ ٿيو (سو اڻڄاڻائي جي ڪري نه پر) بعد ۾ ٿيو علم جي ڪري، زيادتي ڪرڻ گهري پئي هڪ ٻئي تي، بيشڪ تنهنجو رب فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ ڏينهن قيامت جي انهن معاملن جو جن ۾ انهن ڪيو ٿي اختلاف(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ دين جي معاملي ۾ انهن کي پڪا دليل ڏناسين. پر هنن علم اچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ (ساڙ ۽) ضد جي ڪري اختلاف پيدا ڪيا. بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن انهن جي وچ ۾ پيدا ٿيل سڀني اختلافن جو فيصلو ڪندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان کين دين (۽ نبوت) جا واضح دليل ۽ نشانيون ڏنيون آهن پر ان کانپوءِ جو وٽن (بعثت محمدي صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جو) علم اچي چڪو انهن (ان سان) اختلاف ڪيو صرف پاڻ ۾ حسد ۽ دشمني جي ڪري، بيشڪ توهان جو رب انهن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن اِن معاملي جو فيصلو فرمائيندو جنهن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسين کين دين بابت واضح دليل ڏنا. اڳتي هلي صحيح علم اچڻ کانپوءِ هڪ ٻئي سان زيادتي ڪرڻ واسطي هڪ ٻئي سان اختلاف ڪرڻ لڳا. بي شڪ! تنهنجو رب قيامت جي ڏينهن انهن ڳالهين جو فيصلو مڪائيندو جن بابت هو اختلاف ڪندا رهيا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ثُمَّ جَعَلنٰكَ عَلىٰ شَريعَةٍ مِنَ الأَمرِ فَاتَّبِعها وَلا تَتَّبِع أَهواءَ الَّذينَ لا يَعلَمونَ (آيت : 18) |
وري (اي پيغمبر) توکي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون تنھنڪري (تون) اُن دين جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي سَڌن پٺيان نه لڳ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (بني اسرائيلن جي نبين کان) پوءِ اسان توکي (ديني) معاملن جي (سچي) طريقي جي رهنمائي ڪئي آهي. سو تون ان جي پيروي ڪندو رهه ۽ انهن ماڻهن جي (ذاتي) خواهشن ۽ حرصن جي پيروي نه ڪر جيڪي جاهل آهن (۽ حق کي نٿا سمجهن).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اُن کان پوءِ اسان رسولِ عربي کي هڪ بهترين شريعت تي رکيو پوءِ (اي امتي) تون ان جي تابعداري ڪر ۽ تون بي سمجھن جي تابعداري نه ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري (اي رسول) اسان تو کي دين جي هڪ کليل رستي (اسلام) تي قائم ڪيو آهي ته تون ان تي هل! ۽ نادانن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ڪيو اسان توکي شريعت تي امر مان پوءِ ان جي اتباع ڪر ۽ نه تابعداري ڪر انهن جي سڌن جي جيڪي نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان توکي دين جي هڪ خاص رستي (اسلام) تي ڪيوسو تون ان جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن تن جي خواهشن جي پٺيان نه لڳ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان تو کي دين جي هڪ کليل رستي تي قائم ڪيو سو تون ان جي تابعداري ڪر.۽ انهن ماڻهن جي سَڌن جي پيروي نه ڪر جيڪي علم نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي ڪيوسونئـِي مُور، مُقرر شرع شريف تي، قُدرتِي قانون مان، پوءِ اُن تي هَل حضور! ۽ جَن کي پُورِي نه پَروڙ، تَن جي لاڙن پُٺيان، لَڙ نه تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ توکي دين جي شريعت تي ڪيوسون، تنهن ڪري ان جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي بي علم آهن، انهن جي سڌن جي تابعداري نه ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن کان پوءِ هاڻي اي نبي! اسان توکي دين جي معاملي ۾ هڪڙي خاص رستي (شريعت) تي لائي ڇڏيو آهي، تنهنڪري تون ان تي هلندو رهه ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن تي نه هل، جن کي علم ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ (اي نبي!) اسان توکي قائم ڪيو آهي سڌي شاهراهه (شريعت) تي دين جي لاءِ، تنهنڪري تون ان تي هل ۽ پيروي نه ڪر انهن ماڻهن جي خواهشن جي جيڪي ڪجهه نٿا ڄاڻن (علم جا ڪورا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن جي پاڻ ۾ جهيڙي کان پوءِ) هاڻي اسان توکي واضح شريعت تي مقرر ڪيو آهي، سو تون اُن شريعت جي پيروي ڪر ۽ بي علمن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اسان توهان کي دين جي کليل رستي (شريعت) تي مامور فرمايو، پوءِ توهان انهيءَ رستي تي هلندا رهو ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن کي قبول نه فرمايو جن کي (توهان جي ۽ توهان جي دين جي عظمت ۽ حقانيت جو) علم ئي نه آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان کانپوءِ (اي نبي!) اسان توکي دين جي معاملي ۾ هڪ شاهراهه تي قائم ڪري ڇڏيو آهي- تنهنڪري تون ان راهه تي هلندو رهه ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن تي نه هل جيڪي علم کان وانجها آهن-(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّهُم لَن يُغنوا عَنكَ مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَإِنَّ الظّٰلِمينَ بَعضُهُم أَولِياءُ بَعضٍ وَاللَّهُ وَلِىُّ المُتَّقينَ (آيت : 19) |
ڇوته اِھي الله جي آڏو توکان ڪجھ به ٽاري نه سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) يقين ڄاڻ ته الله جي مقابلي ۾ اهي ماڻهو توکي ڪجهه به ڪم نه ايندا ۽ يقين ڄاڻ ته ظالم هڪٻئي جا محافظ ۽ مددگار آهن ۽ الله تعاليٰ پرهيزگارن (مؤمنن) جو ڪارساز ۽ مددگار آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي ماڻهو الله جي مقابلي ۾ توهان جي ڪنهن ڪم ۾ نه ايندا، ۽ بيشڪ ظالم پاڻ ۾ هڪ ٻِئي جا دوست آهن، ۽ الله پرهيزگارن جو دوست آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو خدا جي اڳيان تنهنجي ڪجھ به ڪم نه ايندا ۽ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ خدا ته پرهيزگارن جو مددگار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي هرگز نه دفع ڪندا توکان الله جي طرفان آيل ڪجھ به ۽ بيشڪ ظالم هڪڙا انهن مان دوست آهن ٻين جا ۽ الله دوست آهي پرهيزگارن جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي توکي ڪجهه به الله (جي عذاب) کان (بچائڻ ۾ ) ڪم نه ايندا. ۽ بيشڪ ظالم هڪ ٻئي جا مددگار آهن. ۽ الله پرهيزگارن جو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي تو کي الله جي مقابلي ۾ ڪوبه ڪم نه ڏيندا. ۽ بيشڪ ظالم هڪ ٻئي جا مددگار آهن، ۽ الله پرهيزگارن جو مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي اُهي اَلله کان، نه لاهِين ڪو لاچار، ۽ ظالِم آهن پاڻ ۾، هِڪ ٻئي جا، حامِي يار، ۽ مولىٰ مَددگار، موچارن جو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي توتان الله کان ڪجهه ٽاري نه سگهندا_ ظالم هڪ ٻئي جا دوست آهن ۽ الله نيڪن جو مددگار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله جي مقابلي ۾ هو تنهنجي ڪنهن به ڪم نٿا اچي سگهن. ظالم هڪ ٻئي جا ساٿي آهن ۽ پرهيزگارن جو ساٿي الله آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ڪنهن ڪم نٿا اچي سگهن تنهنجي مقابلي الله جي ۾، ۽ بيشڪ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا دوست آهن (پاڻ ۾)، ۽ الله ساٿي آهي پرهيزگارن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ماڻهو الله تعالى جي مقابلي ۾ توکان ڪابه شيءِ ٽاري نٿا سگهن. بيشڪ ظالم ماڻهو هڪ ٻئي جا ئي مددگار آهن ۽ الله تعالى پرهيزگارن جو مددگار آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ هي ماڻهو الله جي طرفان (اسلام جي واٽ ۾ پيش اچڻ وارين مشڪلاتن جي وقت وعدن جي باوجود) هرگز توهان جي ڪم نه ايندا، ۽ بيشڪ ظالم (دنيا ۾) هڪٻئي جا ئي دوست ۽ مددگار هوندا آهن، ۽ الله پرهيزگارن جو دوست ۽ مددگار آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇو جو اهي ماڻهو الله جي مقابلي ۾ توکي ڪنهن ڪم ڪونه ايندا. ۽ بي شڪ! ظالم پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دوست ٿيندا آهن ۽ متقين جو واهرو الله آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هٰذا بَصٰئِرُ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةٌ لِقَومٍ يوقِنونَ (آيت : 20) |
ھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ اکيون کوليندڙ ثابتيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو (علم حاصل ڪري) يقين رکن ٿا تن جي لاءِ رهنمائي ۽ رحمت آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هيءُ (قرآن ڪريم) ماڻهن جي لاءِ بصيرت آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي ان قوم لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (قرآن) ماڻهن (جي هدايت) لاءِ دليلن جو مجموعو آهي ۽ يقين ڪرڻ وارن لاءِ (سمورو) هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي چٽا دليل آهن ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت ان قوم جي لاءِ جيڪي يقين رکن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ (قرآن) ماڻهن لاءِ سمجهه پيدا ڪرڻ واريون ڳالهيون آهن ۽ جيڪي ماڻهو يقين ڪن ٿا تن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (قرآن) ماڻهن جون اکيون کوليندڙ آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي يقين رکڻ واري قوم لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي چِٽايون ماڻهن لئي، پڻ سُونهپ، ٻاجھ ٻِيهار، تِنهن ساٿ سَڳوري هارِ، جي خاص گُھرن ڪا خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءُ الله جي طرفان ايمان وارن لاءِعبرت آهي ۽ هدايت ۽ رحمت. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي حقيقتون ظاهر ڪندڙ ڳالهيون آهن، ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي يقين ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي بصيرت جا دليل آهن سڀني ماڻهن جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي يقين ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (ڪتاب) ماڻهن جي اندر سمجهه پيدا ڪندڙ آهي ۽ يقين رکڻ وارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي (قرآن) ماڻهن جي لاءِ بصيرت ۽ عبرت جا دليل آهن ۽ يقين رکڻ وارن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هي (قرآن) ماڻهن جي لاءِ واضح دليلن جي روشني آهي. ۽ يقين ڪندڙن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَم حَسِبَ الَّذينَ اجتَرَحُوا السَّيِّـٔاتِ أَن نَجعَلَهُم كَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَواءً مَحياهُم وَمَماتُهُم ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 21) |
جن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا ته کين انھن وانگر ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ ته سندن جيئڻ ۽ مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو برائين جي پٺيان لڳي پيا آهن سي هئين ٿا سمجهن ڇا ته اسان کين انهن سان برابر ڪنداسين، جيڪي ايمان ٿا آڻين ۽ صالح عمل ٿا ڪن؟ ۽ سندن زندگي ۽ موت هڪ جهڙو ڪنداسين؟ (هرگز نه!) جيڪي هنن سمجهيو آهي ۽ جيڪو هنن فيصلو ڪيو آهي سو ڪهڙو نه غلط ۽ خراب آهي!(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا جيڪي ماڻهو برا ڪم ڪن ٿا اهي ڀانئين ٿا ته اسين انهن کي نيڪ عمل ڪندڙ مؤمنن سان برابر ڪنداسين، ڇا اهي جيئڻ ۽ مرڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا؟ (هرگز نه) اهي جيڪو فيصلو ڪن ٿا اهو بُرو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جي ماڻهو بڇڙا ڪم ڪندا رهيا تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسين کين انهن جهڙو ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ انهن سڀني جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪجهڙو ٿيندو! اهي جيڪو حڪم ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڀانيو انهن جن ڪيون برايون ته ڪنداسون اسين انهن کي انهن وانگر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل برابر آهي جيئڻ انهن جو ۽ مرڻ انهن جو برو آهي جيڪو فيصلو ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جن بڇڙايون ڪيون آهن تن هي خيال ڪيو آهي ڇا ته اسين کين انهن جهڙو ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن جو جيئڻ ۽ انهن جو مرڻ هڪ جهڙو هجي. جيڪو حڪم ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جن ماڻهن برايون ڪيون آهن اُهي سمجهن ٿا ته اسان کين انهن ماڻهن وانگر ڪنداسين جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون جو انهن جو جيئڻ ۽ انهن جو مرڻ هڪجهڙو ٿي وڃي. بڇڙو آهي جيڪو فيصلو اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀانيو تَن ڀورن، ڪيا جَن قُصور، اُنهن جِھڙو ڪنداسون، تن کي، مَڃيو جن مَذڪور؟ ۽ جَن ڪيون نيڪ ڪمايون، سَندنِ مَرڻ، جِيئڻ ۾ مُور، جو ڪنٿابي شُعور، سو بِلڪُل بُڇڙو فيصلو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، جن بُرا ڪم ڪيا سي ڀانئن ٿا، ته کين انهن وانگر ڪنداسين، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ سندن جيئڻ ۽ مرڻ هڪ جهڙو هوندو؟ ڪهڙو نه بڇڙو فيصلو ٿاڪن!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن ماڻهن جن برا ڪم ڪيا آهن، ائين کڻي سمجهيو آهي ته اسان انهن کي ۽ ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي برابر ڪري ڇڏينداسون، جو انهن جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪجهڙو ٿي پوي؟ ڏاڍا بڇڙا فيصلا ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا سمجهيو آهي انهن ماڻهن جيڪي ڪن ٿا برايون، اسان هڪ جهڙو ڪنداسين انهن کي ۽ انهن ماڻهن کي جن ا يمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، جو هڪ جهڙو ٿي وڃي انهن جو جيئڻ ۽ انهن جو مرڻ؟ ڏاڍا برا آهن جيڪي ڪن ٿا اهي فيصلا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن برايون ڪيون آهن ڇا اُهي سمجهن ٿا ته اسان کين انهن ماڻهن جھڙو ڪنداسين جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. ۽ انهن جو جيئڻ ۽ مرڻ هڪ جھڙو ٿيندو؟ انهن جو اِهو فيصلو ڪيڏو نه برو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا اُهي ماڻهو جن برائيون ڪمايون آهن اهو گمان ٿا ڪن ته اسان کين انهن ماڻهن وانگر ڪري ڇڏينداسين جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا (ته) انهن جي زندگيءَ ۽ انهن جو موت برابر ٿي وڃي. جيڪا دعويٰ (هي ڪافر) ڪن پيا انتهائي بري آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪي ماڻهو برايون ڪن ٿا، ڇا اهي سمجهن ٿا ته اسين کين انهن جهڙو ڪري ڇڏينداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ ٻئي برابر ٿي وڃن، زندگيءَ ۾ به موت ۾ به؟ (جيڪڏهن انهن ماڻهن جو اهو فيصلو آهي ته) ڪيڏو نه بڇڙو فيصلو اٿن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَخَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ وَلِتُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 22) |
۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رِٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ ته ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حڪمت جي تحت خلقيو آهي (بنا مقصد نه پر ڪنهن مقصد سان) انهيءَ لاءِ ته هرهڪ شخص پنهنجي ڪئي ڪمائيءَ جو بدلو پائي، ۽ ساڻن ذرو به بي انصافي ڪانه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي حق سان خلقيو ان لاءِ ته هر نفس کي سندس ڪيل عمل جي جزا مِلي ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جيڪي ڪمايو تنهن جو کيس بدلو ڏنو وڃي ۽ انهن تي (ذرو به) ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪيو الله آسمانن کي ۽ زمين کي حق سان ۽ تانته بدلو ڏنو وڃي هر نفس ان سان جيڪي ڪمايائين ۽ اهي نه ظلم ڪيا ويندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته سڀ ڪنهن نفس جيڪي ڪمايو تنهن جو بدلو ان کي ڏنو وڃي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله آسمانن ۽ زمين کي بر حق پيدا ڪيو آهي، ۽ هن لاءِ ته هر شخص کي ان جي ڪمائي جو پورو بدلو ڏنو وڃي، ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَلله اُڀ، ڀُون جوڙيا، قائـِم برقرار، ۽ تان جيڪي جنهن ڪمايو، سو پورا مِليسِ پار، ۽ تَنِين جو تڪرار، ذرو ضايع ڪِين ڪبو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رٿ سان جوڙيو آهي، ته هر ڪنهن شخص جيڪي به ڪمايو، ان جو کيس بدلو ڏجي ۽ انهن تي ظلم نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي ۽ ان لاءِ ڪيو آهي ته هر ڪنهن کي سندس ڪمائيءَ جو بدلو ڏنو وڃي ۽ ماڻهن تي ظلم نه ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پيدا ڪيو الله آسمانن ۽ زمين کي برحق، ۽ (اهو) ان لاءِ ڪيو آهي ته هر نفس (انسان کي) بدلو ملي ان جي ڪمائيءَ جو، ۽ انهن تي ڪوبه ظلم نه ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي (۽ ان جي هي به حڪمت آهي) ته جيئن هر ساهواري کي ان جي ڪيل ڪمن جو پورو بدلو ڏي. ماڻهن تي ذرو به ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ الله آسمانن ۽ زمين کي حق (تي ٻڌل حڪمت) سان پيدا فرمايو ۽ ان لاءِ ته هر جان کي سندس عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي ان ڪمايا اٿس ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ حقيقت اها آهي ته الله، آسمانن ۽ زمين کي (اجايو ناهي جوڙيو بلڪه) حڪمت ۽ مصلحت سان جوڙيو آهي ۽ ان لاءِ جوڙيو اٿائين ته جيئن هر ڪو پنهنجي ڪمائيءَ مطابق بدلو ماڻي ۽ ائين نه ٿئي جو ساڻن ڪا ناانصافي ٿئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَفَرَءَيتَ مَنِ اتَّخَذَ إِلٰهَهُ هَوىٰهُ وَأَضَلَّهُ اللَّهُ عَلىٰ عِلمٍ وَخَتَمَ عَلىٰ سَمعِهِ وَقَلبِهِ وَجَعَلَ عَلىٰ بَصَرِهِ غِشٰوَةً فَمَن يَهديهِ مِن بَعدِ اللَّهِ أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 23) |
(اي پيغمبر) اُنھيءَ کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ کي معبود ڪري ورتو ۽ ڄاڻڻ ھوندي الله کيس گمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنّن تي ۽ سندين دل تي مُھر ھنيائين ۽ سنديس اکين تي پردو وڌائين، پوءِ الله ڌاران کيس ڪير ھدايت ڪندو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا تو انهيءَ شخص کي ڏٺو آهي، جنهن پنهنجي خواهشن کي پنهنجو خدا بنايو آهي، ۽ الله تعاليٰ (سندس اها روش ڏسي ۽) ڄاڻي ٻجهي کيس گمراهه ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندس ڪنن تي ۽ قلب تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ سندن اکين تي پردو چاڙهي ڇڏيو آهي. سو الله تعاليٰ جي ائين ڪرڻ بعد ڪير آهي جو هن کي سڌيءَ راهه تي آڻي سگهندو؟ ڇا توهان نٿا سمجهو ۽ نٿا نصيحت وٺو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان ماڻهو کي ڏٺو جنهن پنهنجي سڌ کي پنهنجو معبود بنايو ۽ الله تعالى ان کي علم هوندي گمراه ڪيو ۽ الله تعالى ان جي ڪَنَ ۽ دل تي مُهر هنئي ۽ ان جي اک تي پردو رکيو، پوءِ ڪير آهي جيڪو ان کي الله تعالى کان پوءِ هدايت ڏي، ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا تو ان شخص کي به ڏٺو! جنهن پنهنجي نفساني خواهشن کي پنهنجو معبود ڪري ورتو آهي ۽ (سندس حالت کي) ڄاڻي واڻي خدا کيس گمراهي ۾ ڇڏي ڏنو آهي پڻ سندس ڪنن ۽ دل تي علامت مقرر ڪري ڇڏي آهي (ته هي ايمان نه آڻيندا) ۽ سندس اکين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي ته خدا کان پوءِ ان جي ڪير هدايت ڪري سگهي ٿو ته ڇا اوهين ماڻهو (ايترو به) غور نه ٿا ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ ڏٺو تو ان کي جنهن بنايو معبود پنهنجو پنهنجي خواهش کي ۽ گمراھ ڪيو ان کي الله علم هوندي ۽ مهر هنيائين ان جي ڪنن تي ۽ ان جي دل تي ۽ ڪيائين ان جي اکين تي پردو پوءِ ڪير هدايت ڪندو ان کي الله کان پوءِ ڇا پوءِ نصيحت نٿا وٺو؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ڇا پوءِ تو اُن کي ڏٺو جنهن پنهنجيءَ خواهش کي پنهنجو حاڪم بنايو ۽ ان کي سمجهه هوندي به الله گمراهه ڪيو ۽ سندس ڪنن تي ۽ سندس دل تي مهر هنيائين ۽ سندس اکين تي پردو وڌائين. پوءِ ڪير ان کي الله کان پوءِ هدايت ڪري سگهي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ تو ان شخص کي ڏٺو جنهن پنهنجي خواهش کي پنهنجو معبود بنايو آهي ۽ الله ان کي علم جي باوجود گمراهه ڪيو آهي. ۽ ان جي ڪنن ۽ دل مٿان ٺپو هنيو آهي ۽ سندس اکين تي پردو وڌائين. پوءِ ان کي الله کان سواءِ ڪير هدايت ڪري سگهي ٿو. ڇا پوءِ توهان نصيحت قبول نه ٿا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڏِٺئـِي نَه اُن جا پار؟ جنهن سندسِ خواهش خام کي، کڻِي خدا بنايو، خوام خواه خوار، ۽ اَلله اُن کي عِلم تي، نِيو نِگو نسار، ۽ سَندسِ ڪَن ۽ مَن تي، مُهر هَنيسِ مُختيار، ۽ پَردو پرور پاڪ ڏِنسِ، چِشمن تي چوڌار، پوءِ آهي ڪير، ته اَلله پُٺيان سَئون سُهائيسِ پار؟ پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، ساڱا! ساڱيو ڪين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو ان شخص کي ڏٺو، جنهن پنهنجي سڌ کي کڻي سائين بنايو، ان کي ڄاڻپ هوندي به الله گمراهه ڪيو، ان جي ڪنن تي ۽ قلب تي مهر هنئي ۽ ان جي اکين تي پردو وڌائين_ پوءِ الله کان سواءِ ان کي ڪير رستي تي آڻڻ وارو آهي؟ ڀلا ڇو نٿا نصيحت وٺو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا تو ان ماڻهوءَ جي حالت تي به ڪو غور ڪيو آهي، جنهن پنهنجي نفس جي خواهش کي پنهنجو معبود بڻائي ڇڏيو آهي ۽ الله علم هوندي به گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏيس ۽ سندس ڪـَـنن ۽ دل تي مهر هڻي ڇڏي ۽ سندس اکين تي پردو وجهي ڇڏيائين. الله کان پوءِ ڀلا هاڻي ٻيو ڪير کيس هدايت ڏئي سگهي ٿو؟ ڇو ڀلا ڪو سبق ئي نٿا سکو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا تو غور ڪيو ان شخص تي جنهن نفس جي خواهش کي خدا بنايو ۽ کيس گمراهيءَ ۾ اڇليو الله علم جي باوجود ۽ مهر هنيائين سندس ڪنن ۽ دل تي ۽ وڌائين سندس اکين تي پردو؟ پوءِ هاڻي ٻيو ڪير آهي جيڪو ان کي هدايت ڏئي الله کان سواءِ، پوءِ توهان ڪو سبق نٿا پرايو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تون ان ماڻهوءَ کي ڏٺو جنھن پنھنجي خواهشن کي پنھنجو معبود ٺاهي ڇڏيو آهي، کيس ڄاڻ هوندي به الله تعالى گمراهه ڪري ڇڏيو. سندس ڪنن ۽ دلين تي مھر هڻي ڇڏي آهي ۽ سندس اکين تي پردو وجهي ڇڏيو آهي. پوءِ الله تعالى کان سواءِ ڪير آهي جيڪو ان کي هدايت وارو رستو ڏيکاريندو؟ پوءِ به توهان نصيحت حاصل نٿا ڪريو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا توهان ان شخص کي ڏٺو جنهن پنهنجي نفساني خواهش کي معبود بڻايو اٿس ۽ الله کيس علم جي باوجود گمراهه ڪيو آهي ۽ ان جي ڪن ۽ سندس دل تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ سندس اک تي پردو وڌو آهي، پوءِ ان کي الله کان پوءِ ڪير هدايت ڪري سگهي ٿو، پوءِ ڇا توهان نصيحت قبول نٿا ڪريو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي نبي!) ڇا تو ان شخص کي به ڏٺو آهي جنهن پنهنجي نفساني خواهش کي پنهنجو خدا بڻائي ڇڏيو آهي؟ ۽ علم ۽ ڄاڻ جي باوجود، الله کيس گمراهيءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس ڪَنن ۽ دل تي مهر هڻي ڇڏي آهي سندس اک تي پڙدو چاڙهي ڇڏيو آهي. هاڻي خدا کانپوءِ ان ڀٽڪيل جي ڪير ٿو رهنمائي ڪري سگهي؟ ڇا اڃا به توهين نصيحت نه ٿا ماڻيو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالوا ما هِىَ إِلّا حَياتُنَا الدُّنيا نَموتُ وَنَحيا وَما يُهلِكُنا إِلَّا الدَّهرُ وَما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَظُنّونَ (آيت : 24) |
۽ چوندا آھن ته اسان جي رڳو ھي دنيا جي حياتي آھي جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي، ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چون ٿا ته بس فقط اهائي دنيا جي زندگي آهي (ٻي ڪانه ٿيندي) اسان (هتي ئي) مرون ٿا ۽ جيئون ٿا، ۽ زمانو ئي اسان کي فنا ڪري ٿو. انهيءَ بابت هنن کي علم آهي ئي ڪونه، هو فقط اٽڪلون ٿا ڊوڙائين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ناهي ڪا زندگي مگر دنيا جي زندگي اسين مَرون ۽ جِيون ٿا ۽ نٿو هلاڪ ڪري اسان کي مگر زمانو، ۽ انهن کي ان بابت ڪو علم ناهي، اهي ته فقط گمان ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چون ٿا ته اهو رڳو اسان جو (هتي) دنيا جو جيئڻ آهي اسين (هتي ئي) مرون ٿا ۽ (هتي ئي) جيئون ٿا ۽ اسان کي رڳو زمانو ماري ٿو هوڏانهن انهن کي ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آهي اهي رڳو گمان ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ناهي اها مگر اسان جي حياتي دنيوي مرون ٿا ۽ زندھ رهون ٿا ۽ نٿو هلاڪ ڪري اسان کي مگر زمانو ۽ ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ناهي اهي مگر گمان ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو؟ ۽ چون ٿا ته اهو رڳو اسان جو دنيا جو جيئڻ آهي اسين (هتي ئي) مرون ٿا ۽ (هتي ئي) جيئون ٿا ۽ اسان کي رڳو زمانو ماري ٿوهوڏانهن انهن کي ان جي ڪا خبر نه آهي. اهي رڳو گمان ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”اسان جي دنياوي زندگي کان سواءِ (ٻيو) ڪجهه ناهي اسان (هتي ئي) مرون ۽ جيئون ٿا اسان کي رڳو گردشِ ايام ئي ماري ٿي.“ ۽ انهن کي ان (حقيقت) جو ڪوبه علم نه آهي، اُهي رڳو گمان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اََکيون پوري آکِيو، دَهريَن هِن دَستور، ته دنيا ڌار، نه اَسان جو، جِيئڻ ذَرو ضَرور، مَرُون، جِئون، ۽ نه مارِينَئون، مگر زَمانو مُور، ۽ اِن بابت ناھِ اُنهن کي، ڪاپَريان جِي پَروڙ، مَگر هَڻن مَغرور، گھوٻاٽاگُمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته اسان جي رڳو هيءَ دنيا جي حياتي آهي، مَرؤن ٿا ۽ جيئون ٿا، اسان کي رڳو زمانو ٿو ماري، ۽ انهن کي انهي بابت ڪو به علم ڪونهي، مگر اهي رڳو گمان ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي چون ٿا ته حياتي ته رڳو هن دنيا واري ئي حياتي آهي ۽ اتي ئي اسان کي مرڻو آهي ۽ اتي ئي جيئڻو آهي ۽ اهو ته زماني جو ئي چڪر آهي جيڪو اسان کي ماري ٿو، اصل ڳالهه اها آهي ته هن باري ۾ وٽن ڪوبه علم ڪونهي، رڳو گمان ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا، ناهي هي پر حياتي اسان جي دنيا جي، اتي ئي مرون ٿا ۽ جيئرا اتي رهون ٿا ۽ نٿي هلاڪ ڪري اسان کي پر زماني جي گردش، ۽ حقيقت ۾ انهن وٽ ناهي ڪوبه علم، اهي ته رڳو ڳالهيون ڪري رهيا آهن فقط گمان جي بنياد تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي چون ٿا ته اسان جي زندگي رڳو هي دنيا واري زندگي آهي. جنھن ۾ اسان مَرُون ٿا ۽ زنده رهون ٿا. اسان کي رڳو زماني جو چڪر ماري ٿو. حقيقت هي آهي ته کين اصل معاملي جي خبر ئي نه آهي. اهي رڳو خيالي ڳالهيون ڪندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهي چون ٿا اسان جي دنيا جي زندگي کان سواءِ (ٻيو) ڪجهه ناهي اسان (بس) اتي ئي مرون ۽ جيئون ٿا ۽ اسان کي زماني جي (حالتن ۽ واقعن کان) سواءِ ڪوبه تباهه نٿو ڪري (ڄڻ خدا ۽ آخرت جو مڪمل انڪار ڪن ٿا) ۽ کين ان (حقيقت) جو ڪجهه به علم نه آهي اُهي صرف خيال ۽ گمان کان ڪم وٺن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهي چون ٿا ته بس هن دنياوي زندگيءَ کانپوءِ ٻي ڪائي زندگي ڪانهي. اتي ئي مرڻو اٿئون ۽ اتي ئي جيئڻو اٿئون. ۽ زماني جي گردش کانسواءِ اهڙي ڪابه شيءِ ڪانهي جيڪا اسان کي هلاڪ ڪري سگهي!- اصل ۾ ان ڏس ۾ کين ڪوئي علم ڪونهي. اهي ڇڙو ڌُڪا هڻن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِم ءايٰتُنا بَيِّنٰتٍ ما كانَ حُجَّتَهُم إِلّا أَن قالُوا ائتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 25) |
۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندين حجت رڳو ھي چوڻ ھوندو آھي ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هنن جو دليل فقط هي هوندو آهي جو چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان (مؤمن پنهنجي خيال ۾) سچا آهيو ته ڀلا اسان جي ابن ڏاڏن کي آڻيو (ته اسان پنهنجي اکين سان کين ڏسون).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن تي اسان جون واضح آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته انهن جي فقط اها حجت هجي ٿي جو چون ٿا توهان اسان جا پيءُ ڏاڏا آڻيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (جواب ۾) هن چوڻ کان سواءِ سندن ٻي ڪا حجت نه هوندي آهي ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي ته (جيئرو ڪري) آڻيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون انهن تي اسان جون آيتون روشن ته نه هئي حجت انهن جي مگر هي جو چيائون ته آڻيو اسان جا ابا ڏاڏا جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته (جواب ۾ ) هن چوڻ کان سواءِ سندن ٻي ڪا حجت نه هوندي آهي ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي اسان جون چِٽيون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته هن چوڻ کان سواءِ سندس ٻيو ڪو دليل ڪونه هوندو آهي ته ”اسان جي ابن ڏاڏن کي (زنده ڪري) آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پَڙهجن اَسان جون اُنهن تي، نِشانيون نِروار، ته هُيَنِ حُجت ڪانه، مگر ٻوليائون ٻِيهار، جي آهيو صَفا سَچا، ته اَبا اَسان جا آڻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن انهن کي اسان جون پڌريون آيتون پڙهي ٿيون ٻڌائجن، تڏهن انهن جي حجت رڳو اهو چوڻ آهي ته، ”جيڪڏهن اوهان سچا آهيو، ته اسان جا ابا ڏاڏا آڻيو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اسان جون چٽيون آيتون کين ٻڌايون وڃن ٿيون ته وٽن ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه دليل نه هوندو آهي ته اٿاري اچو اسان جي ابن ڏاڏن کي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون کين اسان جون آيتون پڌريون، ته وٽن ڪابه حجت نه هوندي، پر هي چيائون، اٿاري آڻيو اسان جي ابن ڏاڏن کي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن به کين اسان جون واضح آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته جواب ۾ انهن وٽ ڪوبه دليل نه آهي. رڳو هي چوندا آهن ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (قبرن مان اٿاري) آڻي ڏيکاريو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن مٿن اسان جون واضح آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ان کان سواءِ انهن جو ڪوبه دليل ناهي هوندو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جيئرا ڪري) آڻيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن کين اسان جون چٽيون آيتون پڙهي ٻڌائجن ٿيون ته وٽن سواءِ ان جي- ڪوئي دليل ناهي هوندو ته؛ جيڪڏهن توهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي اٿاري اچو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُلِ اللَّهُ يُحييكُم ثُمَّ يُميتُكُم ثُمَّ يَجمَعُكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي جياريندو آھي وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نه آھي گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي اوهان کي جيئاري ٿو، وري ماري ٿو. پوءِ هو قيامت جي ڏينهن اوهان کي گڏ ڪندو. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي، پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو الله تعالى توهان کي جياري ٿو ان کان پوءِ توهان کي ماري ٿو ان کان پوءِ توهان کي قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) کين چئو ته الله ئي اوهان کي جيئرو (پيدا) ڪري ٿو ۽ اهو ئي اوهان کي ماري ٿو وري اهو ئي اوهان کي قيامت جي ڏينهن (جنهن جي هجڻ) ۾ ڪنهن قسم جو شڪ نه آهي، گڏ ڪندو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماء ته الله جيئرو ڪيو اوهان کي ان کان بعد ماريندو اوهان کي ان کان پوءِ گڏ ڪندو اوهان کي قيامت جي ڏينهن جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چؤ ته الله اوهان کي جيئرو رکي ٿو وري اوهان کي ماري ٿو وري اوهان کي قيامت جي ڏينهن جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي گڏ ڪندو پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”الله ئي توهان کي زندگي ڏئي ٿو وري توهان کي موت ڏيندو پوءِ توهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن طرف گڏ ڪندو جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اَلله پاڪ اَوهان کي، ٿو جِياري جبار، مارِينان ۽ ميڙِينان، موٽِي مَحشر وار، جنهن ۾ وَهم نه وار، پر سَمجھن نَه اَڪثر آدمي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله اوهان کي جيئاري ٿو، وري ماريندو، پوءِ اوهان کي قيامت جي ڏينهن تائين گڏ ٿو ڪري، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي،پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته الله ئي توهان کي زندگي بخشي ٿو، پوءِ وري اهوئي توهان کي موت ڏئي ٿو، وري اهوئي توهان کي قيامت واري انهيءَ ڏينهن گڏ ڪندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. مگر گهڻا ماڻهو ته ڄاڻن ئي نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ انهن کي، الله ئي حياتي بخشي آهي، اهو ئي توهان کي موت ڏئي ٿو، اهو ئي توهان کي گڏ ڪندو ڏينهن قيامت جي، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ناهي، پر ڪيترا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اهو ڄاڻن نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: الله تعالى توهان کي زندهه ڪري ٿو، هو توهان کي ماريندو پوءِ وري قيامت جي ڏينھن جنھن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي وري ٻيھر (جيئرو ڪري) گڏ ڪندو. پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: الله ئي توهان کي زندگي ڏئي ٿو ۽ پوءِ اُهوئي توهان کي موت ڏئي ٿو پوءِ توهان سڀني کي قيامت جي ڏينهن جي طرف جمع فرمائيندو جنهن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون کين چئه ؛ الله ئي توهان کي زندگي ڏئي ٿو وري اهوئي توهان کي موت ڏيندو. وري اهوئي توهان کي قيامت جي ڏينهن ڪٺو ڪندو جنهن جي اچڻ ۾ ڪوئي شڪ ڪونهي، پر گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نه ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ يَومَئِذٍ يَخسَرُ المُبطِلونَ (آيت : 27) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي تنھن ڏينھن ڪُوڙا ڇيئو پائيندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي ۽ جنهن ڏينهن (فيصلي جي) گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن حق کي ڪوڙو ٺهرائيندڙ ماڻهو نقصان هيٺ ايندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جو مُلڪ آهي، ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي ان ڏينهن باطل پرست نقصان ۾ ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ناحق (تي هلڻ) وارا نقصان پائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت ان ڏينهن نقصان ۾ پوندا باطل وارا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي. ۽ جنهن ڏينهن اها گهڙي قائم ٿيندي تنهن ڏينهن ناحق وارا نقصان پائيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي لاءِ ئي آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي. ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي تڏهن ناحق وارا سخت نقصان ۾ پئجي ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اُڀ، زمين جو، مڙئي مُلڪ مالِڪ هارِ، ۽ جنهن ڏينهن ڏُکِي وار، بيهي ٻانهن لئي ٻِيهار، هرگز پائـِڻ هارِ، اَڻهوندا اُنهِئَ ڏِينهن ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو، تنهن ڏينهن ڪوڙا نقصان وارا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي، انهيءَ ڏينهن باطل تي هلڻ وارا خساري ۾ پئجي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ جنهن ڏينهن اچي ڪڙڪندي قيامت جي گهڙي، ان ڏينهن ٽوٽي ۾ هوندا باطل پرست(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي آهي ۽ جڏهن قيامت جو ڏينھن قائم ٿيندو ان ڏينھن ڪوڙ هڻڻ وارا وڏي نقصان ۾ پئجي ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ الله ئي جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي تڏهن (سڀئي) ناحق وارا سخت نقصان ۾ پوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ الله جي ئي بادشاهي آهي. ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي ان ڏينهن، باطل وارا سخت خساري ۾ هوندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَتَرىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدعىٰ إِلىٰ كِتٰبِهَا اليَومَ تُجزَونَ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 28) |
۽ (اي پيغمبر) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي، (چئبو) ته جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ تون ڏسندين ته هرهڪ فرقي جا ماڻهو گوڏن ڀر ڪريل هوندا، ۽ هرهڪ فرقي کي سندن اعمال نامي ڏي سڏيو ويندو (۽ اعمال نامون ڏيکاري) کين چيو ويندو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيا هئا تن جو بدلو اوهان کي اڄ پورو پورو ملي ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (ان ڏينهن) توهان ڏسندا ته هر امت (خوف سببان) گوڏن ڀر ڪِريل هوندي، هر امت کي پنهنجي عمل نامي ڏانهن سڏيو ويندو، اڄ ڏينهن توهان کي توهان جي سڀني عملن جي جزا ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تون سڀ ڪنهن امت کي ڏسندين ته (فيصلي جا منتظر ادب سان) گوڏن ڀر ويٺا هوندا سڀ ڪنهن امت کي سندن اعمال نامي ڏي سڏيو ويندو جيڪي اوهين ڪندا هئا. تنهن جو اوهان کي بدلو ڏنو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندين تون هر امت کي گوڏن ڀر ويٺل هر امت سڏي ويندي پنهنجي ڪتاب ڏانهن اڄ بدلو ڏنا ويندؤ اوهان ان جو جيڪي ڪندا هيئو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر!) تون سڀ ڪنهن جماعت کي گوڏن ڀر ويٺل ڏسندين. سڀ ڪنهن جماعت کي سندن اعمالنامي ڏي سڏيو ويندو. اڄ اوهان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون (ڪافرن مشرڪن جي) هر جماعت کي گوڏن ڀر ڪريل ڏسندين. هر جماعت کي سندس اعمال نامي طرف سڏيو ويندو. (چيو ويندو) ”اڄ توهان کي انهن عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويکيندِين جنهن وار، مُونَنِ ڀر هَر ميڙ کي، سَڏبو سَڀڪِنهن ساٿ کي، پَنهن جِي لِک پَڙھ پار، جي ڪندا هُئا ڪم ڪار، اَڄ مِلندان اَجر اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪنهن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر ڏسندين، سڀڪا جماعت پنهنجي چٺين ڏانهن ڪوٺبي، جيڪي اوهين ڪندا هئا، ان جو اڄ اوهان کي بدلو ڏبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ان وقت تون هر ٽولي کي گوڏن ڀر پيل ڏسندين. هر ٽولي کي سڏيو ويندو ته اچي پنهنجو اعمالنامو ڏسن. چيو ويندن ته اڄ توهان کي انهن عملن جو بدلو ڏنو ويندو، جيڪي توهان ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون ڏسندين ان وقت هر ٽولي کي ڪريل گوڏن ڀر، هر ٽولي کي پڪاريو ويندو ته ڏسو پنهنجو اعمال نامو، اڄ انهن ئي عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان ڪندا رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون (قيامت واري ڏينهن) هر گروهه کي گوڏن ڀر ڪريل ڏسندين ۽ هر گروهه کي پنھنجو اعمال نامو وٺڻ لاءِ سڏيو ويندو ته اڄ توهان کي توهان جي ڪيل عملن جو بدلو ڏنو ويندو.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان ڏسندؤ (ڪافرن ۽ منڪرن جو) هر ٽولو گوڏن ڀر ڪِريل هوندو، هر فرقي کي ان (جي عملن) جي ڪتاب ڏانهن سڏيو ويندو، اڄ توهان کي انهن عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي نبي!) تون هر امت کي گوڏن ڀر ڪريل ڏسندين، هر امت پنهنجي اعمال نامي ڏانهن سڏي ويندي ۽ کين چئبو؛ اڄ توهان کي انهن عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهين ڪندا رهندا هيئو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
هٰذا كِتٰبُنا يَنطِقُ عَلَيكُم بِالحَقِّ إِنّا كُنّا نَستَنسِخُ ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 29) |
ھي اسان جو دفتر آھي جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھواسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هي اٿوَ اسان جو لکايل اعمال نامون جو اوهان بابت سچو سچو احوال ٿو ٻڌائي، جيڪي جيڪي اوهان ڪندا هئو سو يقيناً اسان لکائي دفتر تي آڻيندا هئاسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) هيءُ توهان جا عمل ناما آهن جيڪي توهان تي حق سان ڳالهائن ٿا، بيشڪ اسان توهان جي سڀني عملن کي (فرشتن کان) لکرايو ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اسان جو ڪتاب (جنهن ۾ اعمال لکيل آهن) سو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي. جيڪي اوهين (ڪم) ڪندا هئا سي اسين لکائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي اسان جو ڪتاب آهي بيان ٿو ڪري اوهان تي حق بيشڪ اسين لکندا هئاسون جيڪي اوهان ڪندا هيئو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اوهان ڪندا هئا. هي اسان جو ڪتاب آهي جو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي. جيڪي اوهين ڪندا هئا سو اسين لکائيندا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اسان جو ڪتاب آهي جيڪو اوهان تي سچ ڳالهائي رهيو آهي. بيشڪ اسان اُهو سڀ لکرائيندا هئاسين جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ڪتاب اَسان جو، حَق چوي ٿو پَڪ، لِکنداسون لاشڪ، جي ڪندا هئا ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءُ اسان جو ڪتاب اوهان تي سچ ٿو ظاهر ڪري، بيشڪ اهي جيڪي ڪندا هئا، سو لکندا هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو اعمالنامو اسان جو لکايل آهي. جيڪو توهان تي بلڪل ٺيڪ شاهدي ڏئي ٿو. جيڪي به توهان ڪندا هيؤ، تنهن کي اسان لکرائيندا ويندا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو اسان جو تيار ڪرايل اعمالنامو آهي جيڪو پوري شاهدي ڏئي رهيو آهي توهان کي حق جي، بيشڪ اسان ان کي لکائيندا رهياسين جيڪي توهان ڪندا رهيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اسان جو (تيار ڪرايل) اعمال جو دفتر آهي. جيڪو توهان جي سموري حقيقت کي ٺيڪ ٺيڪ بيان ڪري ٿو. بيشڪ اسان توهان جا (اهي سڀ ڪم) لکرائيندا هئاسين جيڪي توهان ڪندا رهندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي اسان جي لکت آهي جيڪا توهان جي باري ۾ سچ سچ بيان ڪندي، بيشڪ اسان اهو سڀ ڪجهه لکرائي (محفوظ ڪري) ڇڏيندا هئاسين جيڪو توهان ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهو اعمال نامو (دراصل) اسان جو دفتر آهي جيڪو توهان تي ٺيڪ طرح گواهي ڏئي رهيو آهي، جيڪو ڪجهه به توهين ڪندا هيئو اسين اهو لکرائيندا ويندا هياسين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُدخِلُهُم رَبُّهُم فى رَحمَتِهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ المُبينُ (آيت : 30) |
پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سو جن ماڻهن ايمان اندو هو ۽ چڱا عمل ڪيا هئا تن کي سندن پروردگار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ظاهرظهور وڏي ڪاميابي هوندي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، پوءِ انهن کي سندن رب پنهنجي رحمت (بهشت) ۾ داخل ڪندو، اها ئي صاف ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پروردگار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ئي ظاهر ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل پوءِ داخل ڪندو انهن کي سندن رب پنهنجي رحمت ۾ اهائي ڪاميابي چٽي آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پاليندڙ پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها ئي ظاهر ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون پوءِ انهن کي سندن پالڻهار پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اها پڌري ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر آندو جَن اِيمان، چڱا ڪيائون ڪمڙا، سائـِين سَندسِ ٻاجھ ۾، ڏِيندن ماڳ مَڪان، بيشڪ بي گُمان، سَڀنيان کُلي سوڀ اِئَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي انهن جو رب رحمت ۾ داخل ڪندو، اها کلي ڪاميابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جن ايمان آندو هو ۽ نيڪ عمل ڪندا هئا، تن کي سندن رب پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪندو ۽ اهائي ته پڌري ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ آندو جن ماڻهن ايمان ۽ عمل سٺا ڪندا هئا، تن کي داخل ڪندو سندن رب پنهنجي رحمت ۾، اها ئي آهي (سندن) ڪاميابي پڌري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي انهن جو پالڻھار پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪندو ۽ اها ئي اصل ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا ته سندن پالڻهار کين پنهنجي رحمت ۾ داخل فرمائيندو، اِها ئي ته پڌري ڪاميابي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تنهنڪري جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪندا رهيا انهن کي سندن رب پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو ۽ اهائي پڌري ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا أَفَلَم تَكُن ءايٰتى تُتلىٰ عَلَيكُم فَاستَكبَرتُم وَكُنتُم قَومًا مُجرِمينَ (آيت : 31) |
۽ جن ڪُفر ڪيو (تن کي چئبو) ته اوھان وٽ منھنجيون آيتون نه پڙھبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھان وڏائي ڪئي ۽ ڏوھاري قوم ھئو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر جن (حق تي هلڻ کان) انڪار ڪيو هو (تن کي چيو ويندو ته) ڇا اسان جون آيتون اوهان کي پڙهي ڪونه ٻڌايون وينديون هيون؟ پر توهان تڪبر ڪيو ۽ توهان گناهن ۾ غلطان ماڻهو هئو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو، (الله تعالى فرمائيندو) ڇا توهان تي منهنجيون آيتون نه پڙهيون ويون؟ پوءِ توهان تڪبر ڪئي ۽ توهان (انهيءَ سببان) مجرم قوم هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ڪفر اختيار ڪيو (تن کي چونداسون ته) ڇا اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون؟ (ضرور) ته اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جن ڪفر ڪيو ڇا پوءِ نه هيون منهنجون آيتون جو پڙهيون ويون ٿي اوهان تي پوءِ تڪبر ڪيو اوهان ۽ هيئو اوهان قوم گنهگار .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ڪفر ڪيو (تن کي چونداسون ته) ڇا اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون پوءِ اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (تن کي چيو ويندو) ”ڇا توهان کي منهنجون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون، پوءِ توهان وڏائي ڪئي ۽ توهان ڏوهاري ماڻهو هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر ڪيو جَن اِنڪار، ڇا، آنتي اسان جون آيتون، پَڙهبيون نه هيون؟ پوءِ ڪيان تڪبر تڪرار، ۽ قوم بِنہ بَدڪار، اَوهِين اَجائـِي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جن انڪار ڪيو (تن کي چئبو) ”منهنجون آيتون اوهان تي پڙهيون نه وينديون هيون ڇا؟ پوءِ اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري قوم هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو هو (انهن کي چيو ويندو ته) "ڇا منهنجون آيتون توهان کي نه ٻڌايون وينديون هيون؟ پر توهان وڏائي ڪئي ۽ ڏوهاري ٿي ويؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيو هو جن ماڻهن ڪفر (تن کي چيو ويندو) ڇا پوءِ نه آيون آيتون منهنجون ٻڌائڻ لاءِ توهان کي، پر توهان وڏائي ڪئي ۽ هئا توهان ماڻهو ڏوهاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کان پڇا ڪئي ويندي ته ڇا توهان کي منهنجون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون؟ پوءِ توهان انهن کي ٻڌڻ جي بجاءِ تڪبر ڪيو، اصل ۾ توهان هئا ئي ڏوهاري ماڻهو.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (انهن کي چيو ويندو:) ڇا منهنجو آيتون توهان تي پڙهي پڙهي ڪري نه ٻڌايون وينديون هيون، پوءِ توهان وڏائي ڪئي ۽ توهان ڏوهاري هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي چئبو؛ ڇا منهنجون آيتون توهان کي پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون، پوءِ به توهان تڪبر ڪيو۽ توهين وڏا مجرم هيئو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا قيلَ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَالسّاعَةُ لا رَيبَ فيها قُلتُم ما نَدرى مَا السّاعَةُ إِن نَظُنُّ إِلّا ظَنًّا وَما نَحنُ بِمُستَيقِنينَ (آيت : 32) |
۽ جڏھن چئبو ھُيَوَ ته الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آھي (تڏھن) چوندا ھئو ته (اسين) نه ڄاڻندا آھيون ته قيامت ڇا آھي اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نه آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن چيو ويندو هو ته، بيشڪ الله جو واعدو حق آهي ۽ (فيصلي جي) گهڙي ضرور اچڻي آهي ۽ ان جي اچڻ بابت ذرو به شڪ ڪونهي، تڏهن توهان چوندا هئو ته اسان ٿا ڄاڻون ته گهڙي ڇا آهي، اسان ته ڀانيون ٿا ته اهو خالي خيال ۽ وهم آهي، ۽ اسان کي ان تي يقين بلڪل ڪونه ٿو اچي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن (توهان کي) چيو ويو ته بيشڪ الله جو وعدو حق آهي، ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ ناهي توهان چيو اسين نٿا ڄاڻو ته قيامت ڇا آهي، اسان کي ته فقط گمان آهي ۽ اسان يقين ڪندڙن مان ناهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (اوهان کي) چيو ويندو هو ته خدا جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت (جي اچڻ ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي ته اوهين چوندا هئا ته اسين ته نه ٿا ڄاڻون ته قيامت ڇا آهي. اسين ته (ان کي) رڳو هڪ خيالي ڳالھ سمجهون ٿا ۽ اسان کي ته ان تي يقين نه ٿو ٿئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿي ويو ته بيشڪ الله جو وعدو حق آهي ۽ قيامت ناهي ڪو شڪ ان ۾ ته چيو اوهان نٿا ڄاڻون اسين ته ڇا آهي قيامت نٿا ڀانيون اسين مگر ٿورو گمان ۽ ناهيون اسين يقين ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن(اوهان کي) چيو ويندو هو ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ ان گهڙي (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهين چوندا هئا ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته اها گهڙي ڇا آهي اسان کي رڳو ٿورو گمان ۾ اچي ٿو ۽ اسان کي يقين (بالڪل) نه ٿو ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن چيو ويندو هيو ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي. ته توهان چوندا هئا ته اسان نه ٿا ڄاڻون ته قيامت ڇا آهي؟ اسان ان کي وهم ۽ گمان کان سواءِ ڪجهه نه ٿا سمجهون ۽ اسان (ان تي) يقين ڪرڻ وارا نه آهيون“ .(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيو وَڃي جنهن وار، سَچو سائـِينءَ واعِدو، ڪَڙِي گَھڙِي قِيام جِي، وَهم نه تِنهن ۾ وار، چيان، ته ساعت نه ساريون، خالي خيال ڌار، ۽ پُورو اِعتبار، اَسِين نه رکندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن چئبو هو ته ”بيشڪ الله جووعدو سچو آهي، قيامت ۾ ڪو شڪ ڪونهي“ ته چوندا هئو ته ”اسين نٿا سمجهون ته قيامت ڇا آهي؟ اسين رڳو هڪ گمان ڀائيندا هئاسين_ اسين يقين ڪرڻ وارا نه آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن چيو ويندو هو ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته توهان چوندا هيؤ ته اسان نٿا ڄاڻون ته قيامت ڇا ٿيندي آهي. اسان جو به مڙيئي ڪو گمان ٿو وڃي، پڪ ته اسان کي به نٿي پوي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن چيو ويندو هو ته بيشڪ وعدو الله جو برحق آهي ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ناهي ڪوبه شڪ گمان، ۽ توهان چوندا هئا ته نه ٿا ڄاڻون ته ڇا ٿيندي آهي قيامت، اسان ته هڪ گمان ئي رکون ٿا شڪ ته اهو ئي آهي ته اسان ناهيون يقين ڪندڙن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن (توهان کي) چيو ويو هو ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته توهان جواب ۾ چيو هو ته اسان کي ڪهڙي خبر ته قيامت ڇا ٿيندي آهي؟ اسان ته رڳو قيامت کي هوائي خيال سمجهون ٿا باقي ان تي يقين نه آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن چيو ويندو هو ته الله جو وعدو سچو آهي ۽ قيامت (جي اچڻ) ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته توهان چوندا هئا اسان نٿا ڄاڻون قيامت ڇا آهي، اسان ان کي وهم گمان کانسواءِ ڪجهه نٿا سمجهون ۽ اسان (ان تي) يقين رکندڙ نه آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن کين چئبو هيو ته الله جو واعدو برحق آهي ۽ قيامت جي اچڻ ۾ تِرَ جيترو به شڪ ڪونهي ته توهين چوندا هيئو؛ اسان کي ڪهڙي خبر ته قيامت ڇا آهي؟ اسين ته (قيامت کي) رڳو هڪڙو خيال ٿا سمجهئون ۽ اسان کي ته ان جي اچڻ جو ڪوئي يقين ڪونهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما عَمِلوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪي ڪمايو ھوائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شيءَ تي چٿرون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن لاءِ سندن عملن جون برايون ظاهر ٿي پونديون، ۽ جن (عذاب جي) ڳالهين تي ٽوڪون ڪندا هئا، سي کين گهيري وينديون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن لاءِ سندن برا عمل ظاهر ٿيندا ۽ انهن کي اهو (عذاب) اچي گھيريندو جنهنجو مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سند ڪرتوتن جون برايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن (عذاب) تي اهي کلندا هئا سو کين (چوڌاري) وڪوڙي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ظاهر ٿينديون انهن جي لاءِ مدايون انهن جون جيڪي عمل ڪيا هيائون ۽ گهيري ۾ وٺندي انهن کي اها شيءِ جنهن سان چٿرون ڪندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ڪيو هئائون تنهن جون بڇڙايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن ڳالهه تي مسخريون ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي لاءِ اُهي سڀ برايون ظاهر ٿي پونديون جيڪي ڪيائون ۽ اُهو (عذاب) انهن کي وڪوڙي وٺندو جنهن تي ٺٺوليون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کُلِي خرابِي تَن لئي، جي ڪوجھا ڪيؤُن ڪم ڪار، ۽ جيڪي کِلندا هُئاخوار، تِنهن مَنجھو مَنجھ مُنجھائيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي ڪمايو هئائون، تنهن جون مدايون مٿن پڌريون ٿيون،“ ۽ جنهن تي چٿرون ڪندا هئا سا انهن کي ويڙهي ويندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت مٿن سندن عملن جون بڇڙايون ظاهر ٿي پونديون ۽ هو انهيءَ شيءِ جي پڪڙ ۾ اچي ويندا، جنهن تي هو ٺـٺوليون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ظاهر ٿينديون انهن تي برايون سندن عملن جون ۽ ان شيءِ جي وڪڙ ۾ اهي اچي ويندا جنهن تي اهي ڪندا هئا چٿرون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي عملن جون برايون مٿن چڱي طرح ظاهر ٿينديون ۽ جنھن عذاب تي هي ماڻهو ٽوڪون ڪندا هئا سو ئي عذاب انهن جي مٿان اچي چڱي طرح ڪڙڪندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ انهن جي لاءِ اُهي سڀئي برايون ظاهر ٿي وينديون جيڪي اُهي سرانجام ڪندا هئا ۽ اُهو (عذاب) کين گهيري وٺندو جنهن تي هو ٺٺوليون ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ انهن جي لڇڻن جا برا نتيجا انهن جي آڏو ظاهر ٿيندا ۽ هو ان شيءِ جي گهيراءَ ۾ اچي ويندا جنهن جو هو مذاق اڏائيندا هيا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقيلَ اليَومَ نَنسىٰكُم كَما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 34) |
۽ چئبو ته اڄ اوھان کي (ائين) وسارينداسون جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (کين) چيو ويندو ته، اڄ اسان اوهان کي وساري ٿا ڇڏيون، جيئن اوهان هن پنهنجي ڏينهن جي پيش اچڻ (جي حقيقت) کي وساري ڇڏيو هو، ۽ (هاڻي) توهان جي رهڻ جي جاءِ (دوزخ جي) باهه آهي، ۽ اوهان جو ڪوبه مددگار ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي چيو ويندو ته اڄ ڏينهن اسين توهان کي وساريون ٿا جيئنڪ توهان هن قيامت جي ڏينهن کي وساريو ۽ توهان جي جاءِ جهنم آهي ۽ توهان لاءِ ڪي به مددگار ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (کين) چيو ويندو ته جيئن اوهان پنهنجي هن ڏينهن جي اچڻ کي وساري ڇڏيو هو تئين اڄ اسان به اوهان کي (پنهنجي رحمت کان ڄاڻي واڻي) ڀلائينداسون ۽ اوهان جي رهڻ جي جاءِ جهنم آهي ۽ ڪو به اوهان جو مددگار نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو ويندو اڄ وسارينداسون اوهان کي جيئن وساريو هو اوهان ملاقات هن ڏينهن پنهنجي کي ۽ اوهان جي جاءِ باھ آهي ۽ ناهن اوهان جا ڪي مددگار .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (کين) چيو ويندو ته جيئن اوهان پنهنجي هن ڏينهن جي پهچڻ کي وساريو تيئن اڄ اسين اوهان کي وسارينداسون ۽ اوهان جو ٽڪاڻو باهه آهي ۽ اوهانجا ٻيا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (کين) چيو ويندو: ”اڄ ڏينهن اسان توهان کي وساريون ٿا جهڙي طرح توهان پنهنجي هن ڏينهن جي حاضري کي وساريو هيو، ۽ توهان جو ٽڪاڻو باهه آهي ۽ توهان لاءِ ڪير به مددگار نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، اَڄ وِساريون نِيان، جِيئن وساريان، هِن ڏينهن جو ڏسڻ پاڻ، ۽ باھِ اوهان جو ڀاڻ، ۽ نه اَنهنجو اَجھو آڌارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئبن ته ”اڄ اوهان کي ائين وسارينداسون، جيئن اوهان هن ڏينهن جي ڏسڻ کي وساريو هو- هاڻي اوهان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اوهان جو ڪو مددگار ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيو ويندن ته "اڄ اسان به توهان کي ائين ٿا وساري ڇڏيون، جيئن توهان هن ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏيو هو. توهان جو ٺڪاڻو هاڻي دوزخ آهي ۽ ڪوبه توهان جي مدد ڪرڻ وارو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو ويندو انهن کي ته اڄ اسان به توهان کي وسارينداسين اهڙيءَ طرح جيئن وساريو هو ملاقات کي ان ڏينهن به توهان، هاڻي هي آهي ٺڪاڻو دوزخ جو توهان جي لاءِ ۽ ناهي ڪوبه توهان جي مدد ڪرڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين اِهو به) چيو ويندو ته جيئن توهان (دنيا ۾) هن اڄوڪي ڏينھن تي پيش ٿيڻ کي وساري ويٺا هئا، سو اهڙيءَ طرح اڄ اسان توهان کي وساري ڇڏيون ٿا. هاڻي توهان جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ توهان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي . (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (انهن کي) چيو ويندو: اڄ اسان توهان کي وساري ٿا ڇڏيون جيئن توهان پنهنجي هن ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو ۽ توهان جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ توهان جي لاءِ ڪوبه مددگار نه هوندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ان وقت انهن مڙني کي چئبو ته؛ جيئن توهان هن ڏينهن تي ملاقات ڪرڻ کي وساري ڇڏيو هيو، اڄ اسان به توهان کي وساري ڇڏينداسون- توهان جو ٺڪاڻو باهه جا ڀڀڙ آهن، ٻيو ڪوئي ڪونهي جيڪو توهان جو مددگار هجي ! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
ذٰلِكُم بِأَنَّكُمُ اتَّخَذتُم ءايٰتِ اللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا فَاليَومَ لا يُخرَجونَ مِنها وَلا هُم يُستَعتَبونَ (آيت : 35) |
اِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نه ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هي (عذاب) هن ڪري اٿوَ جو توهان الله تعاليٰ جي آيتن ۽ حڪمن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ دنيا جي زندگيءَ (جي حرص هَوس) اوهان کي ٺڳي ڇڏيو. سو هاڻي ان (عذاب) مان ڪونه ڪڍيا ويندا نڪي سندن ڪو عذر قبول ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ان جو سبب هي ٿيو، جو توهان الله تعالى جي آيتن کي مذاق ڪري ورتو ۽ توهان کي دنيا جي حياتي مغرور بنايو، پوءِ اڄ اُهي ماڻهو نه جهنم مان ڪڍيا ويندا ۽ نه انهن کي پرچايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ڪيون ۽ اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو مطلب ته اڄ اهي نه ان مان ڪڍيا ويندا ۽ انهن کي موقعو ڏنو ويندو ته (توبه ڪري خدا کي راضي ڪن)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بيشڪ اوهان بنايو الله جي آيتن کي ٺٺول ۽ مغرور بنايو اوهان کي حياتيءَ دنياواريءَ پوءِ اڄ نڪرندا ان مان ۽ نه اهي عذر طلب ڪرڻ ڏنا ويندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ڪيون ۽ اوهان کي دُنيا جي حياتيءَ ڌوڪو ڏنو. پوءِ اڄ انهن کي ان مان نه ڪڍيو ويندو ۽ نه انهن کان توبه جي گهر ڪئي ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهو هن ڪري جو توهان الله جي آيتن کي ڀوڳ ڪري ڀانيو هيو ۽ دنياوي زندگي توهان کي ڌوڪي ۾ وڌو“، پوءِ اڄ انهن کي ان (دوزخ) مان نه ڪڍيو ويندو ۽ نه انهن کي توبه ڪرڻ جو چيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن سبب اَوهان کي سُور، اِهي، ته حُڪم پاڪ حُضور، کَڻِي کِل بنايان، مُرڳو ڪَيان مَغرُور، هِن حَياتِئَ نَنڍڙِي؛ پوءِ اَڄ مَنجھاسِ نه نِڪرن مُور، ۽ نه سي سَختيون سُور، گَھنٽو مَٿانِ گھٽائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو اوهان الله جي آيتن تي مسخريون ٿي ڪيون ۽ اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ٺڳيو هو.“ تنهن ڪري اڄ ان مان کين ڪو نه ڪڍبو ۽ نڪي عذر گهربو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي اها پڇاڙي ان ڪري ٿي آهي، جو توهان الله جي آيتن تي مسخريون ڪيون ۽ توهان کي دنيا جي زندگيءَ دوکي ۾ وجهي ڇڏيو هو". سو اڄ نڪي اهي دوزخ مان ڪڍيا ويندا ۽ نه انهن کان توبهه جي گهر ڪئي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جي اها پڄاڻي ان ڪري آهي ته ورتو هو توهان الله جي آيتن کي مسخري ڪري ۽ دوکي ۾ توهان کي وڌو حياتي دنيا جي، تنهنڪري اڄ اهي ماڻهو نه ڪڍيا ويندا ان دوزخ مان ۽ نه ئي چيو ويندو انهن کي ته معافي گُهري رب کي راضي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جو اهو انجام ان ڪري ٿيو آهي جو توهان الله تعالى جي آيتن سان مذاق ڪيو هو ۽ توهان کي دنيا جي زندگيءَ ڌوڪي ۾ وڌو هو. تنھنڪري اَڄ اُهي باهه مان ٻاهر نه ڪڍيا ويندا ۽ نه ئي کين توبہ ڪرڻ لاءِ چيو ويندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اهو ان ڪري (آهي) جو توهان الله جي آيتن کي مذاق بڻايو هو ۽ دنيا جي زندگي توهان کي دوکي ۾ وجهي ڇڏيو هو، سو اڄ نه اُهي ان (دوزخ) مان ڪڍيا ويندا ۽ نه انهن کان توبه جي ذريعي (الله جي) رضامندي قبول ڪئي ويندي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (چئبن) اها ان جي سزا اٿوَ جنهن جو توهين مذاق اڏائيندا هيئو ۽ دنياوي زندگيءَ ۾ دنيا جي ڪمن توهان کي دوکي ۾وجهي ڇڏيو هيو- تنهنڪري اڄ نه ڪي عذاب مان ڪڍيا ويندؤ ۽ نه ڪي توهان کي ان جو ڪو موقعو ملندو جو توبهه ۽ استغفار ڪري خدا کي پرچائي سگهو! (جو توبهه جو وقت توهين وڃائي ڇڏيو!) (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلِلَّهِ الحَمدُ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَرَبِّ الأَرضِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 36) |
پوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سو سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو آسمانن جو پروردگار آهي ۽ زمين جو به پروردگار آهي ۽ سڄي ڪائنات جي پرورش ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جيڪو آسمانن ۽ زمينن جو رب (۽) رب العالمين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي (۽) ساري جهانن جو مالڪ (مختار) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ الله جي لاءِ حمد آهي جيڪو آسمانن جو رب ۽ زمين جو رب، جهانن جو رب آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله جي واسطي ئي سڀ تعريفون آهن جو آسمانن جو پاليندڙ ۽ زمين جو پاليندڙ سڀني جهانن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله جي لاءِ ئي سڀ تعريفون آهن جيڪو آسمانن جو پالڻهار آهي ۽ زمين جو پالڻهار آهي سڀ جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين کي ساراھ، جو آگو اُڀ، زمين جو، ۽ آگو عالَمن جو، بَرحق بادشاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سڀ ساراهه الله لاءِ آهي؛ جو آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي آهي ۽ جهانن جو ڌڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ تعريف ته الله جي ئي لاءِ آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ ساري جڳ جو پالڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس الله جي لاءِ ئي تعريف آهي جيڪو رب آهي آسمانن جو ۽ رب آهي زمين جو ۽ مالڪ آهي سڀني جهانن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن، زمين ۽ سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ الله جي ئي لاءِ سموريون تعريفون آهن جيڪو آسمانن جو رب آهي ۽ زمين جو مالڪ آهي، سڀني جهانن جو پروردگار (به) آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ هر طرح جي واکاڻ الله جي لاءِ آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو مالڪ آهي ۽ سمورن جهانن جو پالڻهار آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَهُ الكِبرِياءُ فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 37) |
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سنديس وڏائي آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ فقط سندس ئي شان ۽ وڏائي آهي ۽ اهوئي وڏي طاقت، غلبي ۽ حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ان لاءِ آسمانن ۽ زمينن ۾ عظمت آهي ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي وڏائي آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي لاءِ وڏائي آهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ اهوئي غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سندس ئي وڏائي آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ان لاءِ وڏائي آهي ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جِي اُڀ، زمين ۾، وَڏائـِي وَهواھ! ۽ عِزتوند اَللهَ، پڻ قابِل ڪار ڪَمن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي وڏائي آهي ۽ اهو غالب، ڏاهپ وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن توڙي زمين ۾ وڏائي فقط انهيءَ لاءِ آهي ۽ هوئي زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي وڏائي آهي آسمانن ۽ زمين ۾ ۽ اهو ئي زبردست ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي ئي وڏائي آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سموري ڪبريائي (يعني وڏائي) اُنهيءَ جي لاءِ آهي ۽ اُهوئي وڏو غالب وڏي حڪمت وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ ان جي ئي وڏائي آهي ۽ اهوئي زبردست ۽ ڪمال حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |