توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حا – ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حٰـمۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حا - ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جو اصلي مفهوم ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻي حق حٰمٓ، کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حا_ ميم (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﷅ (حا ــ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ح-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حا ــ ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
(ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) غور ڪيو هن ڪتاب (قرآن مجيد) تي جو (سڀني حقيقتن کي) چٽو ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (مون کي) قرآن مبين جو قسم (آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ظاهر، کليل ڪتاب (قرآن) جو قسم.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي ڪتاب مبين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ظاهر ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي هن پڌري ڪتاب جو ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ڪِتاب کُليو قُرآن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي کُليو ڪتاب شاهد آهي (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي هن پڌري ڪتاب (قرآن) جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي هن ڪتاب پڌري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (هن) پڌري ڪتاب جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَنزَلنٰهُ فى لَيلَةٍ مُبٰرَكَةٍ إِنّا كُنّا مُنذِرينَ (آيت : 3) |
ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان يقيناً ان کي برڪت واري رات ۾ نازل ڪيو، ۽ يقيناً اسان (ماڻهن کي مصيبتن کان بچڻ لاءِ) خبردار ڪرڻ ٿا چاهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ان کي بابرڪت رات ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسان ڊيڄاريندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان هن کي مبارڪ رات (شب قدر) ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسين (عذاب کان ڊيڄارڻ وارا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان نازل ڪيو ان کي رات برڪت واري ۾ بيشڪ اسين هئاسين ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ان کي برڪت واريءَ رات ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسين ڊيڄاريندا رهيا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان کي هڪ برڪتن واري رات ۾ لاٿو، بيشڪ اسان ڊيڄارڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتاريونسِ اُنهِئَ رات ۾، جا ڀَلِي بيگمان، ڏِيندڙ آهيون ڏيہ کي، عام اسين اِعلان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته بيشڪ اسان ان کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو آهي، ۽ اسين ڊيڄاريندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اسان ان کي هڪ ڀلاريءَ ۽ برڪت واريءَ رات ۾ نازل ڪيو آهي. ڇو جو اسان ماڻهن کي ڊيڄارڻ ٿي گهريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي وڏي خبر ۽ برڪت واري رات، ڇاڪاڻ ته بيشڪ ماڻهن کي خبردار ڪرڻ جو ارادو رکندا هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان هن (قرآن) کي برڪت واري رات ۾ نازل ڪيو آهي. بيشڪ اسان (هن جي ذريعي ماڻهن کي) ڊيڄارڻ چاهيون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيها يُفرَقُ كُلُّ أَمرٍ حَكيمٍ (آيت : 4) |
اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان (قرآن مجيد) ۾ هرهڪ دانائي جي ڳالهه (۽ معاملو جهل جي ڳالهه کان جدا ڪري) چٽو ڪري ڏيکاريو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ رات ۾ الله تعالى جي طرفان تقديري فيصلا ڪيا وڃن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان رات ۾ سڀئي حڪمت ۽ مصلحت وارا دنياوي (سموري سال جا) ڪم فيصل ڪيا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ۾ فيصلو ڪيو وڃي ٿو هر امر حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (رات) ۾ سڀڪو حڪمت وارو ڪم فيصل ڪيو وڃي ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (رات) ۾ هر حڪمت واري ڪم جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ۾ اَسان جي اَمر سان، ڦوڙيا وَڃن فَرمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان رات ۾ سڀ ڪو ڏاهپ وارو ڪم فيصل ڪبو آهي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِها رات اُها هئي، جنهن ۾ هر ڳالهه جو دانائيءَ سان ڪيل فيصلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هيءَ اها رات هئي جنهن ۾ فيصلو ڪيو وڃي ٿو هر معاملي جو حڪمت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان رات ۾ ئي حڪمت ڀريا فيصلا ڪيا ويندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمرًا مِن عِندِنا إِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 5) |
(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خود اسان وٽان صادر ٿيل حڪم موجب (ايئن ڪيو ويو آهي) يقيناً اسان ئي (وحي ۽ پيغمبرن کي) موڪليندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) حڪم اسان جي طرفان آهن. بيشڪ اسين موڪليندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يعني اسان وٽان حڪم ٿي ڪري . (بيشڪ) اسان ئي (پيغمبرن کي) موڪلڻ وارو آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) امر ٿي اسان وٽان بيشڪ اسين هئاسين موڪليندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خاص اسان جي حڪم سان. بيشڪ اسين موڪليندا رهيا آهيون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر حڪم اسان وٽان آهي. بيشڪ اسان ئي موڪلڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسين موڪليندڙ مورِهين، مُرسل مِهربان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان وٽان حڪم ڪيل،بيشڪ اسين ئي موڪلڻ وارا آهيون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جي حڪم سان جاري ڪيو ويندو آهي. بيشڪ اسان هڪڙو رسول موڪلڻ وارا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حڪم اسان جي سان ڪيو وڃي ٿو، بيشڪ اسان موڪلڻ وارا هئاسين هڪ رسول(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي فيصلا اسان جا ئي هوندا آهن. (انهن کي نافذ ڪرڻ لاءِ) اسان ئي رسول سڳورن کي موڪليندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَحمَةً مِن رَبِّكَ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 6) |
تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو ئي وحي) تنهنجي پروردگار وٽان (سڀني ماڻهن لاءِ) رحمت طور موڪليل آهي. يقيناً هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اها) توهان جي رب جي طرفان رحمت آهي، بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها اوهان جي پالڻهار جي مهرباني آهي بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رحمت ٿي تنهنجي رب وٽان بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان رحمت جي ڪري جيڪا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ماڻهن تي) آهي. بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اِها) تنهنجي پالڻهار پاران رحمت آهي. بيشڪ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي ربَّ جي رحمت سان، عالم تي اِحسان، سُڻندڙ سو سُبحان، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو تنهنجي رب وٽان رحمت آهي_ اُهو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجي رب جي رحمت طور، بيشڪ هوئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رحمت تنهنجي رب سببان، بيشڪ اهو سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن جو موڪلڻ) تنھنجي پالڻھار جي طرفان هڪ رحمت آهي. بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 7) |
(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اها رحمت انهيءَ رب وٽان آيل آهي) جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پروردگار آهي، بشرطيڪه توهان يقين رکڻ وارا هجو. (جيڪڏهن توهان رڳو گمانن تي نه هلي پر علم ۽ غور جي وسيلي يقين تي پهچو ته پوءِ توهان ڏسندو ته، يقيناً قرآن مجيد رب جي رحمت آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ جيڪو انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو مالڪ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪندڙ آهيو (ته ڪريو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب آسمانن جو ۽ زمين جو ۽ ان جو جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي جيڪڏهن آهيو يقين ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين يقين ڪندڙ آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهو) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تني جو. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آگو اُڀ زَمِين جو، پڻ جيڪا مَنجھن جوڙ، آھِ توهان کي توڙ، جي يَڪدل يَقِين آڻڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن ۾ آهي، تنهن جو ڌڻي آهي، جيڪڏهن اوهين وسهو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۽ ان هر شيءِ جو پاليندڙ، جيڪا سندن وچ ۾ آهي. جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رب آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، جي توهان واقعي يقين ڪرڻ وارا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ته آسمانن، زمين ۽ انهن (ٻنهي) جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو پالڻھار آهي. جيڪڏهن توهان واقعي يقين ڪندڙ آهيو (ته اها ئي ڳالهه سچي آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ يُحيۦ وَيُميتُ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود (يا حاڪم) ڪونهي، اهوئي جيئاري ۽ ماري ٿو، اهوئي اوهان جو به پروردگار آهي ته اوهان جي اڳوڻن ابن ڏاڏن جو به پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي ڪو معبود مگر اهو، جياري ۽ ماري ٿو (اهو) توهان جو رب ۽ توهان جي پَهرِين وڏن جو رب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان کان سواءِ ڪو (به) عبادت جي لائق نه آهي اهو ئي جياري ۽ ماري ٿو. اوهان جو مالڪ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو به مالڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ جيئرو ڪري ٿو ۽ ماري ٿو اوهان جو رب ۽ اوهان جي پهرين ابن ۽ ڏاڏن جو رب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. (اهوئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کان سواءِ ڪو معبود نه آهي اُهو جياري ۽ ماري ٿو. اُهو توهان جو پالڻهار آهي ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين ناهي اُن سوا، جِياري، ماري سو، آگو اوهان جو، پڻ اَنهنجن اڳيَن اَبن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان سواءِ ٻيو سائين ڪونهي، هو ئي جيئاري ۽ ماري ٿو_ اوهان جو ڌڻي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو ڌڻي آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهوئي حياتي عطا ڪري ٿو ۽ اهوئي ماري ٿو. توهان جو به رب، توهان جي اڳ وارن ابن ڏاڏن جو به رب (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ناهي ڪوبه خدا ان کان سواءِ، اهو حياتي ڏئي ۽ موت ڏئي ٿو، توهان جو رب ۽ رب توهان جي ابن ڏاڏن جو، جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان سواءِ ڪوبه معبود ناهي. هو (ئي) جياري ۽ ماري ٿو. توهان جو ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جواهو ئي پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل هُم فى شَكٍّ يَلعَبونَ (آيت : 9) |
بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ڳالهه هيئن آهي ته اهي (جاهل) شڪن (۽ وهمن) ۾ کيل تماشا ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اهي شڪ ۾ راند ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اهي ماڻهو ته شڪ ۾ پيل رانديون ڪري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه اهي شڪ ۽ راند پيا ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر اهي شڪ ۾ آهن رانديون ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر اُهي پنهنجي شڪ ۾ پيا رانديون ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ ڪَن پِيا بَازِيون، وَهمن ۾ وَهلور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اهي شڪ ۾ کيڏندا رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پر اصل ۾ انهن کي يقين ئي ڪونهي) بلڪه پنهنجي شڪ ۾ پيا ٿا کيڏن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (حقيقت ۾ کين پڪ ناهي) پر اهي پنهنجي شڪ ۾ کيڏي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه هي ماڻهو ته شڪ ڪرڻ ۾ ئي وِندريا ويٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَارتَقِب يَومَ تَأتِى السَّماءُ بِدُخانٍ مُبينٍ (آيت : 10) |
پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر! تون) انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان چٽو پٽو دونهون آڻيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان انتطار ڪريو ان ڏينهن آسمان صاف دونهون آڻيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان مان ظاهر بظاهر دونهون نڪرندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء انتظار ڪر ان ڏينهن جو (جنهن ۾) آڻيندو آسمان دونهون صاف .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان ظاهر دونهون ڪڍندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان ظاهر دونهون آڻيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ويٺو ڏِس تِنهن وار کي، جڏهن ظاهِر مَنجھ ضَرُور، آڻِيندو اُڀ دونهن کي، جو ڍَڪن ماڻهنِ مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر، جڏهن آسمان پڌرو دونهون آڻيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا پوءِ ڪريو انتظار اُن ڏينهن جو جڏهن آسمان پري کان پڌرو دونهون کنيو ايندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو، انتظار ڪريو ان ڏينهن جو جڏهن آسمان دونهون آڻيندو ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون ان ڏينھن جو انتظار ڪر جڏهن آسمان باقاعده پڌرو دونھون ڪڍندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَغشَى النّاسَ هٰذا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 11) |
جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو دونهو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو، اهو (هنن لاءِ) سخت عذاب هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (جيڪو) ماڻهن کي ڍڪيندو، هي دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) ماڻهن کي ڍڪي ڇڏيندو. اهو دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڍڪي ڇڏيندو ماڻهن کي هي عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ماڻهن کي ويڙهي ويندو. هي دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو. هي دردناڪ عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُورن ڀَريو ساڙسو، سانيَمِ! اُهو سُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ماڻهن کي ويڙهي ويندو- هي ڏکوئيندڙ عذاب آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو ماڻهن تي ڇانئجي ويندو. اهو آهي دردناڪ عذاب (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇانئجي ويندو اهو ماڻهن تي اها ئي ته آهي سزا دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهوماڻهن کي ويڙهي ويندو. (درحقيقت) اهو هڪ دردناڪ عذاب هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنَا اكشِف عَنَّا العَذابَ إِنّا مُؤمِنونَ (آيت : 12) |
(پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تڏهن ماڻهو چوندا ته) اي اسان جا پروردگار! اسان تان هي عذاب ٽاري ڇڏ، اسان (هاڻي) يقيناً ايمان ٿا آڻيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب تون اسان تان عذاب لاهه، بيشڪ اسان ايمان آڻيندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جو ڪافر به گهٻرائجي چوندا ته) اي اسان جا پالڻهار! اسان کان عذاب کي ٽار! اسين ته هينئر ئي ايمان آڻيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! پري ڪر اسان کان عذاب بلاشڪ اسين ايمان آڻيندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (چوندا ته) اي اسان جا پاليندڙ! اسان کان عذاب دفع ڪر، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چوندا ته) ”اي اسان جا پالڻهار! اسان کان عذاب هٽاءِ بيشڪ اسان ايمان آڻيون ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪر اسان کان دُور، اَسِين مَڃڻ وارا مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چوندا ته) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کان اهو عذاب ٽار، بيشڪ اسين مؤمن ٿا ٿيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پوءِ چون ٿا ته) "اسان جا رب!ّ اسان تان اِهو عذاب ٽار، اسان ايمان آڻيون ٿا"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هاڻي چون ٿا) پروردگار! ٽار اسان تان اهو عذاب، اسين ايمان آڻيون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ اِهي ماڻهو چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار! اسان کان اهو عذاب ٽار. بيشڪ (هاڻي) اسان ايمان آڻيون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنّىٰ لَهُمُ الذِّكرىٰ وَقَد جاءَهُم رَسولٌ مُبينٌ (آيت : 13) |
کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) هو ڪٿي ٿا نصيحت وٺن ۽ سمجهن؟ (ڏسو ته) هنن ڏانهن (حقيقتن کي) چٽو ڪندڙ رسول اچي به ويو آهي. (ته به)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کي ڪٿان نصيحت ملندي حالانڪ تحقيق انهن وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن وقت ڀلا کين ڇا نصيحت ٿيندي؟ جڏهن وٽن پيغمبر اچي چڪا جيڪي کولي پيغام ٻڌائيندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪٿي آهي انهن جي نصيحت حاصل ڪرڻ ۽ تحقيق آيو انهن وٽ رسول روشن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪٿان انهن کي نصيحت ٿيندي هوڏانهن وٽن ظاهر رسول آيو وري ان کان منهن موڙيائون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي نصيحت ڪٿان ٿيندي؟حالانڪه انهن وٽ چِٽو بيان ڪندڙ رسول اچي چڪو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِٿان عِبرت اُنهن لئي، آهي اُنهِئَ وار، جَڏهن آيو پَڌرو اُنهن کان،مُرسل مڻيادار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي ڪيئن نصيحت ٿيندي؟ جڏهن ته انهن وٽ پڌرو رسول آيو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪٿان پرائيندا ڪا نصيحت؟ کولي پيش ڪندڙ رسول به ته اچي ويو اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي ڪٿي ٿي دور ٿئي غفلت؟ انهن جو حال ته هي آهي جو انهن وٽ رسول آهي پڌرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اُهي ڪٿي ٿا نصيحت وٺن؟ حالانڪه انهن وٽ اسان جي طرفان (حقيقت) بيان ڪندڙ رسول سڳورو به آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ تَوَلَّوا عَنهُ وَقالوا مُعَلَّمٌ مَجنونٌ (آيت : 14) |
وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هو هن کان منهن ڦيرائي هليا ٿا وڃن، ۽ چون ٿا ته هو (ٻين جو) سيکاريل آهي ۽ ديوانو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان کان منهن موڙيائون ۽ چيائون سيکاريل مجنون آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن هوندي به انهن منهن موڙ ڪئي ۽ چوندا هئا ته هي (سيکاريل) پڙهايل چريو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوء منهن موڙيائون ان کان ۽ چيائون ته پڙهايل چريو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته (هي ڪنهنجو) سيکاريل (۽) چريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان مُنهن موڙيائون ۽ چيائون ته سيکاريل مجنون آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ موڙيؤن مُنهن اُن کان، ۽ ٻوليائون ٻيهار، لڳت کان لاچار، آهي اَوس اُستاد اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان کان منهن موڙيائون ۽ چيائون ته ”هي سيکاريل ۽ چريو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن به منهن موڙي ڇڏيائون ۽ چيائون ته هو سيکاريل پڙهايل چريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي ان ڏي متوجهه نه ٿيا ۽ چيائون اهو ته سيکاريل پڙهايل چريو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن ماڻهن اُن رسول سڳوري کان منھن ئي ڦيري ڇڏيو ۽ چيائون ته هي ته ڪو سيکاريل ديوانو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كاشِفُوا العَذابِ قَليلًا إِنَّكُم عائِدونَ (آيت : 15) |
بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ته يقيناً ڪجهه وقت لاءِ اهو (ڏڪار جو) عذاب ٽاري ڇڏينداسين، پر توهان يقيناً (ڪفر ۽ بدڪارين ڏي) موٽندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ٿورو عذاب لاهيندڙ آهيون بيشڪ توهان موٽندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چڱو خير) اسين ٿورڙي عرصي لاءِ عذاب کي ٽاريون ٿا پر (اسين ڄاڻون ٿا ته) اوهين وري به ضرور ڪفر ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين پري ڪندڙ آهيون عذاب ٿورو وقت بيشڪ اوهان موٽندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين ٿورو وقت عذاب ٽارڻ وارا آهيون. اوهين (وري ڪفر جي حالت ڏي) موٽڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ٿوري دير عذاب هٽائڻ وارا آهيون توهان (وري ڪفر ڏي) موٽڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُجھ وَقت ڪندڙ آهيون، درد اوهان جو دُور، اوهين آهيو اُن ڏِينهن ۾، موٽڻ وارا مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين ته ٿورو عذاب ٽاريندڙ آهيون، پر اوهين پڪ ڦري ويندڙ آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کڻي ٿورو عذاب هٽايون ٿا، تڏهن به ڪندؤ وري به ائين ئي جيئن اڳي پيا ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان هٽائي ٿا ڇڏيون عذاب ٿورو، توهان وري به اهو ئي ڪندؤ جيڪو اڳ ۾ ڪري رهيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٺيڪ آ) بيشڪ اسان ٿورو عذاب ٽاريون ٿا پر (ڏسجو ته) بيشڪ توهان وري (ڪفر ڏي) موٽي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ نَبطِشُ البَطشَةَ الكُبرىٰ إِنّا مُنتَقِمونَ (آيت : 16) |
جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) هڪڙي ڏينهن اسان وڏي سخت پڪڙ سان (هنن کي) پڪڙينداسين، يقيناً اسان بدلو وٺڻ وارا آهيون، (يعني هنن کي هن جي بدڪارين جو بدلو ضرور ملندو. فرعون جو مثال مان عبرت وٺڻ گهرجين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن اسان وڏي وٺ پڪڙ ڪنداسين، بيشڪ اسان انتقام وٺندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين ضرور (انهن کان) پورو (پورو) بدلو ته رڳو ان ڏينهن وٺنداسون جنهن ڏينهن وڏي ۾ وڏي پڪڙ ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن پڪڙينداسون اسين پڪڙ سخت بلاشڪ اسين بدلو وٺندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن وڏي پڪڙ ڪنداسون تنهن ڏينهن بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن اسان سخت وڏي پڪڙ ڪنداسين، بيشڪ اسان بدلو وٺڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڪ پڪڙينداسون اُنهن کي، جنهين ڏينهن ضرور، بُڇڙن کان ڀَرپُور، اَسِين وير واريندڙ آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن تمام سخت پڪڙ ڪنداسون، بيشڪ اسين سزا ڏيندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون ته پوءِ ته اسان بدلو وٺي رهنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن اسان ڌڪ هڻنداسين وڏو اهو ڏينهن توهان کان بدلي جو هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جنھن ڏينھن (توهان جي) سخت پڪڙ ڪنداسي (اصل ۾ ان ڏينھن توهان کان) انتقام وٺنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد فَتَنّا قَبلَهُم قَومَ فِرعَونَ وَجاءَهُم رَسولٌ كَريمٌ (آيت : 17) |
۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، کانئن اڳي اسان فرعون جي ماڻهن کي آزمائيو، ۽ هنن ڏي هڪڙو وڏي شان وارو پيغمبر (حضرت موسيٰ) آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽ انهن وٽ قابلِ احترام پيغمبر (موسيٰ) آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کان اڳ اسان فرعوني قوم کي ضرور آزمايو جو وٽن هڪ عالي قدر پيغمبر موسى آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آزمايوسون انهن کان اڳي فرعون جي قوم کي ۽ آيو انهن وٽ رسول معزز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽ وٽن عزت وارو رسول (موسيٰ) آيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽انهن وٽ عزت وارو رسول (موسى) آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فِرعون جي فِرق کي، آزمايو سون اڳوار، ۽ جڏهن آيو اُنهن کي، مُرسل مڻيادار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو، جو انهن وٽ سڳورو نبي آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن کان اڳ اسان فرعون جي قوم کي آزمائش ۾ وجهي چڪا آهيون، وٽن ڏاڍو مانائتو رسول (موسيٰ) آيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان انهيءَ آزمائش ۾ اڳي قوم فرعون کي وجهي چڪا آهيون، انهن وٽ آيو نهايت شريف رسول(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان اڳ اسان فرعون جي قوم جي آزمائش ڪري چڪا آهيون، انهن وٽ هڪ رسول سڳورو آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَن أَدّوا إِلَىَّ عِبادَ اللَّهِ إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 18) |
ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هن کين چيو ته،) خدا جي ٻانهن (بني اسرائيلن ۽ مصري مؤمنن) کي منهنجي حوالي ڪيو. يقيناً مان توهان ڏي (خدا جو) پيغمبر ٿي آيو آهيان ۽ يقيناً ڀروسي ۽ اعتبار جي لائق پيغمبر آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ان چيو) توهان الله جا ٻانها منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جنهن چيو ته) خدا جي بندن (بني اسرائيلن) کي منهنجي حوالي ڪريو.آءُ (خدا جي طرفان) اوهان وٽ هڪ امانت دار پيغمبر آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته حوالي ڪيو منهنجي الله جا ٻانها بيشڪ مان اوهان لاء رسول امانت وارو آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ ان اچي چيو) ته الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان وٽ امانت وارو پيغمبر (آيو) آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيائين) ته ”الله جي ٻانهن (يعني بني اسرائيل) کي منهنجي حوالي ڪر. بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سُپارِيو سائـِين جا، ٻانها مُون ٻِيهار، آءٌ اوهان هارِ، رَسُول اَمِين آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانت وارو رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيائين ته الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، مان توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان چيو، حوالي ڪريو منهنجي، ٻانهن الله جن کي، بيشڪ آئون توهان لاءِ رسول امانتدار آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اُن فرعون کي چيو ته) الله تعالى جي ٻانهن (يعني بني اسرائيل) کي منھنجي حوالي ڪر. بيشڪ مان توهان لاءِ هڪ ايماندار رسول (ٿي آيو) آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَن لا تَعلوا عَلَى اللَّهِ إِنّى ءاتيكُم بِسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 19) |
۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ خدا جي مقابلي ۾ هٺ وڏائي نه ڪيو، يقيناً مون اوهان ڏي چٽي پٽي سند آندي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان الله تعالى جي اڳيان وڏائي نه ڪريو، بيشڪ آئون توهان وٽ صاف دليل آڻيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا سان سرڪشي نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان جي اڳيان (پنهنجي پيغمبر هجڻ جي) ظاهر دليل کڻي آيو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي ته نه بلندي ڏيکاريو الله جي (مقابلي) ۾ بيشڪ مون آندو اوهان وٽ دليل روشن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (هيئن به چيائين ته) الله سان سرڪشي نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان جي اڳيان (پنهنجي پيغمبر هجڻ جي) ظاهر ثابتي پيش ڪريان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته الله جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪيو، بيشڪ آءٌ توهان وٽ روشن دليل کڻي آيو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مٿي نه چَڙهيو مُورهِين، صاحِب، کان ستار، آڻِيندَسِ اَوهان لئي، ڪا نِيشاني نِروار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي (به ٿو چوان ته) الله اڳيان هٺ نه ڪريو، مون اوهان وٽ پڌرو دليل آندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڪريو، مان توهان جي آڏو (پنهنجي نبي هجڻ جي) چٽي ســَـنــَـدَ پيش ڪريان ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪريو سرڪشي مقابلي ۾ الله جي، بيشڪ آئون پيش ڪريان ٿو توهان وٽ پنهنجي مقرري جي سَند چٽي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وڌيڪ) چيائين ته الله تعالى جي مقابلي ۾ سرڪشي نه ڏيکارجو. بيشڪ مان توهان وٽ پڪا دليل به آندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم أَن تَرجُمونِ (آيت : 20) |
۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مان پنهنجي ۽ اوهان جي پروردگار وٽ پناهه گهري آهي، انهيءَ کان جو توهان مون کي پٿر هڻي ماريو (يا ڪو ايذاءُ پهچايو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ مون پنهنجي رب کان ۽ توهان جي رب کان توهان جي سنگسار ٿيڻ کان پناه گھُري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ هن ڳالھ کان ته: اوهين مون کي سنگسار ڪندو! پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار (خدا) جي پناھ گهران ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ مون پناھ ورتي پنهنجي رب ۽ اوهان جي رب سان هن کان ته سنگسار ڪيو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ مون پنهنجي پاليندڙ ۽ اوهان جي پاليندڙ جي پناهه ورتي آهي هن ڳالهه کان ته متان مون کي پٿر هڻي ماريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ مون پنهنجي پالڻهار ۽ توهان جي پالڻهار جي پناهه ورتي آهي، ان کان جو توهان مون تي حمله آور ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون ۽ اَنهنجي مالڪ جو، تَڪيو جھليمِ تڪرار، هِن کان ته مون کي، مُفت ڪريو سنگدل سَنگسار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ پنهنجي خواهه اوهان جي ڌڻيءَ کان پناهه ٿو گهران، جو اوهين مون کي پهڻن سان ماريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي پناهه وٺي چڪو آهيان ته متان توهان مون تي ڪو حملو ڪري وجهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ پناهه ورتي آهي پنهنجي رب ۽ توهان جي رب جي ان کان اڳي جو توهان مون تي حملو ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مان پنھنجي ۽ توهان جي پالڻھار کان ان ڳالهه جي پناهه ورتي آهي ته متان توهان مون کي پٿرن سان نه ماريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن لَم تُؤمِنوا لى فَاعتَزِلونِ (آيت : 21) |
۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نه آڻيو ته گهٽ ۾ گهٽ مون کان پري ته رهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نه آڻيندا پوءِ توهان مون کان پري ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن اوهان مون تي ايمان نه آندو ته مون کان پاسو ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نٿا اعبتار ڪيو مون تي پوء پاسو ڪيو مون کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو نه ٿا مڃيو ته پوءِ مون کان پاسو ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نه ٿا آڻيو ته پوءِ مون کان الڳ ٿي رهو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه آڻيو اعتبار، ته به مون کان گوشي گُذاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن مون تي ايمان نه آڻيو، ته مون کان پاسو ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن منهنجي ڳالهه نٿا مڃو ته مون تي هٿ کڻڻ کان پاسو ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي توهان مون تي اعتبار نٿا ڪريو ته مون ۾ هٿ وجهڻ کان رڪجي وڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان مون تي ايمان نٿا آڻيو ته (ٺيڪ آ) پر منھنجي اڳيان رڪاوٽ ته نه بڻجو. (مان بني اسرائيل کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَدَعا رَبَّهُ أَنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ مُجرِمونَ (آيت : 22) |
پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر هنن کيس نقصان پهچائڻ جون رٿون ڪيون) سو هن پنهنجي پروردگار کي پڪاري چيو ته، يقيناً هي ماڻهو گنهگار ۽ بدڪار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ پنهنجي رب کان دعا گھُري ته بيشڪ اها مجرم قوم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهين به ستائڻ لڳس) ته موسى پنهنجي پالڻهار کي سڏيو ته هي وڏا شرير ماڻهو آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء دعا گهريائين پنهنجي رب کان ته بيشڪ هي قوم مجرم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي پاليندڙ کي سڏيائين ته هي ڏوهاري قوم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پنهنجي پالڻهار کي سڏيائين ته بيشڪ هي ڏوهاري قوم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَڏيائـِين سائينءَ کي، هِئَ قوم بِنَہ بَدڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي رب کي سڏيائين ته ”هيءَ قوم سچ ڏوهاري آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ هن پنهنجي رب کي سڏيو ته هي سڀ ماڻهو ڏوهاري آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار ان پڪاريو پنهنجي رب کي، ته بيشڪ اهي ماڻهو ڏوهاري آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هن پنھنجي پالڻھار کان دعا گهري (ته يا الله مدد ڪر) بيشڪ هي (وڏي) ڏوهاري قوم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَسرِ بِعِبادى لَيلًا إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 23) |
پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ وٽان ارشاد ٿيو ته) پوءِ منهنجي ٻانهن کي رات جي وقت (مخفي طرح) پاڻ سان وٺي نڪري وڃ. يقيناً (خبر پوڻ بعد) هو توهان جي پٺيان پوندا (۽ توهان تي ڪاهه ڪندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله فرمايو) پوءِ تون منهنجي ٻانهن کي رات جي وقت ۾ سفر ڪراءِ بيشڪ (اهي) توهان جي پويان لڳندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن خدا حڪم ڏنو ته تون منهنجن ٻانهن (بني اسرائيلن) کي راتو رات وٺي نڪر (اهي) فرعوني ضرور اوهان جي پٺيان ايندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء وٺي هل منهنجن ٻانهن کي رات جو بيشڪ اوهان پويان پيل آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (حڪم ڪيوسون ته) منهنجن ٻانهن کي راتو رات وٺ نڪر بيشڪ فرعوني اوهان جي پٺيان پوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيوسين)”پوءِ منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر بيشڪ توهان جو پيڇو ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪاھِ ڪارِئَ رات ۾ مُنهنجن ٻانهن سان ٻَهار، پُٺيان اَنهنجي پَوڻا، تڪرارِي تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته (حڪم ڪيوسون) ”منهنجن ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر، جو ڪافر اوهان جي پٺيان پوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (جواب ڏنو ويو) "چڱو ڀلا راتو واهه منهنجن ٻانهن کي ساڻ وٺي نڪري پؤ، توهان جو پيڇو ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جواب ڏنو) منهنجي ٻانهن کي رات جو وٺي نڪري وڃ، جو هو توهان جي پٺيان پوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جواب مليو ته) بس تون منھنجي ٻانهن کي راتورات وٺي نڪري وڃ. (اهو ذهن ۾ رکجو ته) هي ماڻهو (ضرور) توهان جو پيڇو ڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاترُكِ البَحرَ رَهوًا إِنَّهُم جُندٌ مُغرَقونَ (آيت : 24) |
۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي موسيٰ تنهنجي لاءِ سمنڊ هٽي ويندو، پوءِ) سمنڊ کي (هر جي) اوڙ جي حالت ۾ ڇڏي وڃجانءِ، (فرعون جا ماڻهو اوڙ يا واٽ ڏي ڪاهي پوندا، پر سمنڊ وري چڙهندو) يقيناً هو اهو لشڪر آهن جو غرق ٿيڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون سمنڊ کي پنهنجي جاءِ تي چيريل ڇڏي ڏي، بيشڪ اهو لشڪر (فرعون جو) ٻڏندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون دريا کي پنهنجي حال تي بيٺل ڇڏي (پار هليو) وڃ. (اهي توهان جي پٺيان ايندا پر) انهن جو سمورو لشڪر غرق ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏ تون سمنڊ کي بيٺل پاڻي بيشڪ اهي لشڪر ٻڏل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون سمنڊ کي بيٺل ڇڏي ڏي، بيشڪ اهي ٻڏڻ وارو لشڪر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (پاڻ لنگهي وڃڻ بعد) درياء کي ان جي حال تي کليل ڇڏي ڏي، بيشڪ اهو سارو لشڪر ٻڏڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇَڏ سُڪٖي ئـِي ڇاڙھ کي، ٿِي مَنجھان ٻار ٻَهار، هِئَ سارِي فوج فُجار، لهوارِي لهرِيَنِ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون سڪي سمنڊ مان اڪري وڃ، بيشڪ اهي ٻڏڻ وارا آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سمنڊ کي جيئن هجي تيئن ڇڏي ڏج. اهو سارو لشڪر غرق ٿيڻو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏ سمنڊ کي ان جي کليل حال تي، بيشڪ اهو سمورو لشڪر ٻڏڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ پار ڪرڻ کان پوءِ) تون سمنڊ کي سُڪل ئي ڇڏي ڏجانءِ. (توهان کان پوءِ) بيشڪ اهو لشڪر (ان ۾) غرق ٿيڻ وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَم تَرَكوا مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 25) |
باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪيترا نه باغ ۽ نهرون هيون جن کي هو ڇڏي هليا ويا!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪيترن ماڻهن (هن دنيا ۾) باغ ۽ چشمان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو (الا جي) ڪيترا باغ ۽ چشما،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهڻائي ڇڏيائيون باغ ۾ چشما .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪيترا باغ ۽ چشما، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ڪيترائي باغ ۽ چشما ڇڏي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ ڇَڏيائون، باغ ڪَئـِين، ۽ تَڙ تَرايون تار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن گهڻائي باغ ۽ تلاءُ ڇڏيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪيترائي باغ ۽ چشما هئا، جيڪي ڇڏي هليا ويا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪيترا ئي ڇڏيا اٿن باغ بستان ۽ چشما(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن پوئتان ڪيترا باغ ۽ چشما ڇڏيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزُروعٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 26) |
۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيتريون پوکون ۽ شاندار جايون هين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پوکون ۽ بهترين مجلسون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کيتون ۽ عمدا نفيس محل ڇڏي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پوکون ۽ جايون عزت واريون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پوکون ۽ سٺيون جايون ڇڏيائون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پوکون ۽ سٺيون جايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوکون، وَلهار ڪَئـِين، ۽ ماڙيون مَڻيادار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوکون ۽ عمديون جايون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻنيون ۽ عاليشان محل(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻنيون ۽ شاندار محل ڇڏي ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فصل ۽ عاليشان محل (به ڇڏي ويا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَعمَةٍ كانوا فيها فٰكِهينَ (آيت : 27) |
۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيتريون نه نعمتون هين جي هو (خوشين ۽ غفلتن ۾) ماڻيندا هئا. (اهي سڀ ڇڏي فنا ٿي ويا ۽ جهنم ۾ داخل ٿيا)!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نعمتون ڇڏيون جن ۾ اهي خوشيون ڪندڙ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آرام ۽ (راحت) جون شيون جنهن ۾ اهي عيش عشرت ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نعمتون جو هئا انهن ۾ عيش ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آرام (به ڇڏيائون) جنهن ۾ اهي موجون ماڻيندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسائشون (به ڇڏيائون) جن ۾ اُهي عيش ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قِسمِين قِسمِين نِعمتون، جَن ۾ سَرها سَڀ ڄمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي نعمتون به، جن ۾ مزا ماڻيندا هئا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪيترائي عيش جا سامان جن ۾ هو مزا ڪندا هئا، سندن پويان رهجي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيترا ئي عيش جا ٺٺ جن جا انهن مزا ماڻيا سي رهجي ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي نعمتون به جن ۾ هو ويھي مزا ڪندا هئا (سي سڀ انهن کان کسجي ويون) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها قَومًا ءاخَرينَ (آيت : 28) |
اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙيءَ طرح (ٿي سندن پڇاڙي ۽) ۽ اسان ٻين ماڻهن کي سندن وارث ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح (انهن جي ملڪيت جا) ٻيا ماڻهو وارث بناياسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ائين ئي ٿيو. ۽ اسان انهن سڀني شين جو ٻين ماڻهن کي وارث ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح ۽ وارث ڪيوسون انهن جو قوم ٻيءَ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙي طرح ٿيو. ۽ انهن شين جو ٻيءَ قوم کي وارث ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انجام اهڙي طرح ٿيو. ۽ اسان انهن شين جو ٻي قوم کي وارث بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپر ڪَئـِي سون اُن تي، ٻِي قوم قبضيدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙي طرح ٻيءَ قوم کي انهن جو وارث ڪيوسون- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ٿي انهن جي پڇاڙي ۽ اسان وري ٻين کي انهن شين جو وارث بڻائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي پڇاڙي ٿي ۽ وارث ڪيوسين ٻين پوين ماڻهن کي انهن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طريقي سان انهن جي پڄاڻي ٿي. ۽ اسان انهن جي (ڇڏيل سڀني) شين جو ٻين کي وارث بنائي ڇڏيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما بَكَت عَلَيهِمُ السَّماءُ وَالأَرضُ وَما كانوا مُنظَرينَ (آيت : 29) |
پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو نڪي آسمان مٿن ڳوڙها ڳاڙيا، نه ڪي زمين هنن لاءِ رني ۽ نه ڪي هنن کي مهلت ڏني ويئي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن (جي حال) تي نه آسمان رُنو ۽ نه زمين رُني ۽ نه انهن کي مهلت ڏني وئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن ماڻهن تي آسمان ۽ زمين کي به روئڻ نه آيو ۽ نه کين مهلت ئي ڏني ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء نه رنو انهن تي آسمان ۽ زمين ۽ نه هئا مهلت ڏنل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن تي آسمان ۽ زمين نه رنا ۽ نه کين مهلت ڏني ويئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نه انهن تي آسمان رنو ۽ نه زمين ۽ نه انهن کي مهلت ڏني وئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀ نه رُنو اُنهن، نَه زمين زاروزار، ۽ هِت نه هئا هِڪوار، مُهلت وارا مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِمٿن آسمان خواهه زمين ڪو نه رُنو ۽ نڪي انهن کي مهلت ڏني ويئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ته نڪي آسمان مٿن رنو ۽ نه زمين ئي ڪو ڳوڙهو ڳاڙيو ۽ نه وري ڪا مهلت ئي مليَنِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ نه رنو انهن تي آسمان ۽ زمين کين ٿورڙي ڪا ڏني مهلت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن تي (ڏک مان) نه آسمان رُنو ۽ نه ئي زمين. انهن کي ته (ذري جيتري به) مھلت نه ملي سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد نَجَّينا بَنى إِسرٰءيلَ مِنَ العَذابِ المُهينِ (آيت : 30) |
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان بني اسرائيلن کي ذليل ڪندڙ عذاب کان بچايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان بني اسرائيل کي فرعون جي خواريءَ واري عذاب کان نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي خواريءَ جي عذاب کان ڇڏايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڇڏايوسون بني اسرائيل کي عذاب خوار ڪندڙ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ذلت آميز عذاب کان نجات بخشي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان ڪيو آزاد، جُٺ جھڙي جَنجال کان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان اسرائيل کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اسان بني اسرائيل کي سخت خواريءَ واري عذاب کان بچايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان نجات ڏني بني اسرائيل کي عذاب ذلت واري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان بني اسرائيل کي ذلت واري عذاب کان نجات ڏياري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن فِرعَونَ إِنَّهُ كانَ عالِيًا مِنَ المُسرِفينَ (آيت : 31) |
جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يعني فرعون (جي ظلمن ۽ غلاميءَ) کان (بچايو). يقيناً اهو فرعون وڏو سرڪش ۽ ليڪو لنگهي بيهڻ وارن مان هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو تڪبر ڪندڙ اسراف ڪندڙن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون (جي چنبي) مان اهو بيشڪ سرڪش ۽ حد کان لنگهندڙن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرعون کان بيشڪ اهو هو مٿانهون حد کان لگهندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو فرعون جي طرفان هو. بيشڪ اهو سرڪش حد کان لنگهندڙن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون کان. بيشڪ اهو وڏو هٺيلو حد کان لنگهندڙن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ فَسادِي فِرعون کان، اِسرائـِيل جو اَولاد، بيشڪ سو بيداد، هو اَصِلي اَڻهوندن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو فرعون کان هو، هو هٺيلو ۽ حد کان لنگهندڙن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون مان جند ڇڏائي، جيڪو ليڪا لنگهي وڃڻ وارن ۾ بيشڪ چوٽيءَ جو ماڻهو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون کان (کين) ڇوٽڪارو ڏنو بيشڪ اهو مٿاهين درجي وارن ۾ حد ٽپڻ وارن ۾ هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جيڪو) فرعون جي طرف کان ڏنو ويندو هو. بيشڪ هو وڏائي خور ۽ حد کان لنگهندڙ هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَدِ اختَرنٰهُم عَلىٰ عِلمٍ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 32) |
۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ به حقيقت آهي ته اسان انهن (بني اسرائيلن) کي پنهنجي علم مطابق سڄي جهان جي ماڻهن کان بلند ڪيو ۽ چونڊي کنيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان بني اسرائيل کي ان زماني جي ماڻهن کان علم ۾ زياده ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان بني اسرائيلن کي سمجهي ڪري ساري دنيا کان پسند ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق برگزيدو بنايو اسان انهن کي ڄاڻي واڻي جهانن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان کين ڄاڻي ٻجهي سڀني قومن کان پسند ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انهن (بني اسرائيل) جي حالت کي ڄاڻندي به کين دنيا جي قومن تي ترجيح ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عالَمن ۾، عِلم مَٿي، ڪيوسونِ ڀَلو بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بني اسرائيل کي اسان علم موجب جهان وارن تي پسند ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن حالت ڄاڻندي به کين دنيا جي ٻين قومن تي ترجيح ڏني سون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کين پسند ڪيو علم جي اعليٰ معيار تي پوري دنيا ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان (بني اسرائيل کي) سندن حالت معلوم هوندي به ٻين قومن تي ترجيح ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتَينٰهُم مِنَ الءايٰتِ ما فيهِ بَلٰؤٌا۟ مُبينٌ (آيت : 33) |
۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن کي نشانيون (ڪتاب پيغمبر ۽ بادشاهي وغيره) ڏنيون جن ۾ چٽي چٽي آزمائش رکيل هئي. (هو پورا نه نڪتا ۽ تباهه ٿيا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي ڪيتريون نشانيون ڏنيون جن ۾ انهن لاءِ صاف آزمائش هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ کين اهڙيون نشانيون ڏنيو هيون جن ۾ (سندن) ظاهر آزمائش هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنيوسين انهن کي نشانيون اوتريون جو انهن ۾ آزمائش کليل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين اهي نشانيون ڏنيون سون جن ۾ (سندن) ظاهر مدد هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کي اُهي نشانيون ڏنيون جن ۾ ظاهر آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عَطا ڪيونسون اُنهن کي، اُهي نِشانيون نِهال، جَن ۾ اُنهن نال، هُئو آزمودو پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين اهي نشانيون ڏنيوسون، جن ۾ پڌري آزمائش هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين اهڙيون نشانيون ڏيکاريون سين جن ۾ کلئي کلائي آزمائش هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي اهڙيون عطا ڪيون نشانيون جن ۾ پرک هئي پڌري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کين پڌري آزمائش وارا معجزا ڏنا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَيَقولونَ (آيت : 34) |
بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (مڪي جا ڪافر) يقيناً چون ٿا ته.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي (ڪفارِ مڪه) ضرور چوندا ته(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي (مڪي جا ڪافر) مسلمانن کي چون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي البته چون ٿا ته .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي (مڪي جا ڪافر) چون ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي (مڪي جا ڪافر) چون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هي چَون ته (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهي چون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اهي ماڻهو چون ٿا ته (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو چون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي (مڪي جا) ماڻهو چون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هِىَ إِلّا مَوتَتُنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُنشَرينَ (آيت : 35) |
ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جي هن پهرئين موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، ۽ اسان وري ڪونه اٿاريا وينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي هيءُ مگر موت پهريون ۽ اسين نه اٿاريا وينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان کي ته رڳو هڪ ڀيرو مرڻو آهي. ۽ وري اسين ٻيو ڀيرو (جيئرو ڪري) اٿاريا نه وينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اهو مگر مرڻ اسان جو پهريون ۽ ناهيون اسين اٿاريل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اهو رڳو اسان جو پهريون ئي موت آهي ۽ اسان کي (ٻيهر) جياريو نه ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ”ته اسان جي پهرئين موت کان سواءِ (اڳتي) ڪجهه ناهي ۽ اسان کي (ٻيهر) نه اٿاريو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَرڻ نه اَسان جو، مگر پهرئـِين پُور، ۽ اَسِين اُٿڻا نه آهيون، موئي پُڄاڻا مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”اسان جي پڄاڻي رڳو هي پهريون موت آهي۽ وري نه اٿارباسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) "اسان جي پهرئين موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، تنهن کان پوءِ اسان وري ٻيهر اٿاريا ئي نه وينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اسان جي پهرين موت کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي، ان بعد اسان ٻيهر اٿارڻ وارا ناهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جي (دنيا واري) موت کان پوءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ۽ اسان کي (ٻيهر) نه اٿاريو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأتوا بِـٔابائِنا إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 36) |
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو!) جيڪڏهن توهان سچ ٿا چئو ته، (قيامت ايندي ته) ڀلا اسان جي وڏن کي (جيئرو ڪري اسان جي روبرو) آڻيو (ته اسان ڏسون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان اسان جي ابن ڏاڏن کي آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته (ڀلا) اسان جي ابن ڏاڏن کي ته (جيئرو ڪري) آڻيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء آڻيو اسان جا ابا ڏاڏا جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي (جِياري) آڻيو جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي آهيو سَچا ضرور، پوءِ اَبا اَسان جا آڻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جيئاري) آڻيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن سچا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي ته اٿاري اچو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ آڻيو اسان جي ابن ڏاڏن کي جي توهان سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هو وڌيڪ چون ٿا ته) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي (قبرن مان جيئرو ڪري) آڻي ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَهُم خَيرٌ أَم قَومُ تُبَّعٍ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم أَهلَكنٰهُم إِنَّهُم كانوا مُجرِمينَ (آيت : 37) |
اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو ته) اهي (مڪي جا ڪافر) بهتر (۽ وڏي طاقت وارا) آهن يا تبع قوم جا ماڻهو ۽ اهي جيڪي انهن کان اڳي ٿي گذريا آهن (اهي گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ طاقت وارا هئا) انهن کي ئي اسان برباد ڪري ڇڏيو، ڇو ته، يقيناً هو وڏا گهنگار هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي (قوت ۽ حيثيت ۾) وڌيڪ آهن يا قوم تُبَع جي، ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ ۾ گذريا، اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ اهي مجرم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا (اهي ڪافر) (طاقت ۾) وڌيڪ آهن يا “تبع” جي قوم ۾ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا. اسان انهن سڀني کي برباد ڪري ڇڏيو (ڇو ته) اهي بلا شڪ وڏا ڏوهاري هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اهي ڀلا آهن يا تبع جي قوم ۽ جيڪي انهن کان اڳي هئا هلاڪ ڪيوسون انهن کي بلاشڪ اهي هئا گنهگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اهي چڱا آهن يا تُبعّ جي قوم ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا؟ اسان انهن کي برباد ڪيو. بيشڪ اهي ڏوهاري هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي بهتر آهن يا تُبع جي قوم وارا ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا. اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ اُهي ڏوهاري هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هي ڀَلا، ڪِ قوم تُبَّع جي، ۽ تِنيان اڳ تڪرار؟ ماري ڇڏياسون مُورهين، جَن جو پَتو، نَه پار، بيشڪ سي بَدڪار، هُئا هَلندڙ ٻاهِر حُڪم کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا اهي وڌيڪ بهتر آهن، يا ”تُبَّعۡ“ جي قوم ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا؟ انهن کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اهي ڏوهاري هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڀلا آهن يا تبع جي قوم ۽ کانئن آٰڳاٽا ماڻهو؟ اسان کين ان ڪري تباهه ڪيو هو، جو اهي ڏوهاري بڻجي چڪا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي چڱا آهن يا قوم تبّع جي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي اڳي هئا انهن کان، اسان کين انهيءَ ڪري ناس ڪيو جو اهي بنجي ويا هئا ڏوهاري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي بھتر آهن يا تبع قوم جا ماڻهو ۽ اهي جيڪي انهن کان به پھريان هئا؟ اسان ته سڀني کي برباد ڪري ڇڏيوسين. بيشڪ اِهي سڀ ڏوهاري ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما خَلَقنَا السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما لٰعِبينَ (آيت : 38) |
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته،) اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي کيل تماشي طور (بنا ڪنهن مقصد جي) ڪونه خلقيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهن لهو ۽ لعب ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي (ڪو) راند کيڏيندي نه بنايو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي راند ڪندڙ ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي راند ڪندڙ ٿي نه بنايو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي راند جي طور تي نه خلقيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، ٿِي بازِيگر بيڪار، ۽ جيڪي جوڙون اُنهن ۾، ۽ جوڙيا سون جِنسار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي سو اسان راند ڪري نه بنايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي آسمان ۽ سندن وچواريون شيون اسان راند روند ۾ نه بڻايون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي پيدا ڪيل آسمانن ۽ زمين جي وچ واريون شيون راند خاطر ٺاهيون نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان آسمانن، زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تن سڀني کي کيل تماشي خاطر نه ٺاهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما خَلَقنٰهُما إِلّا بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 39) |
انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن کي ڪنهن رحمت (يا مقصد) کان سواءِ نه خلقيو آهي، پر هنن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه پيدا ڪيو اسان انهن ٻنهي کي مگر حق سان، پر اڪثر انهن مان نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ٻنهي کي اسان (بلڪل) پوري تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه پيدا ڪيو اسان انهن ٻنهي کي مگر حق سان ۽ پر گهڻا انهن مان نٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان انهن ٻنهين کي پوريءَ تدبير سان ئي پيدا ڪيو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان انهن ٻنهين کي بر حق پيدا ڪيو آهي، پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر ڪِنهن مَقصدسان، قائـِم برقرار، پر گھڻا مَنجھانِ گينوار، مَقصد نه ڄاڻن مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ انهن کي حق سان ئي بنايو اٿئون_ پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي اسان برحق پيدا ڪيو آهي پر انهن مان اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي اسان پيدا ڪيو ناهي سواءِ حق جي، پر ڪيترا ئي اهو نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه اسان انهن کي برحق پيدا ڪيو آهي پرگهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ يَومَ الفَصلِ ميقٰتُهُم أَجمَعينَ (آيت : 40) |
بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً هنن سڀني لاءِ فيصلي وارو ڏينهن مقرر ڪيل وقت آهي، (جنهن ڏينهن نيڪن کي بدڪارن کان جدا ڪري ڪامياب ڪيو ويندو ۽ بدڪارن کي خوار خراب ڪيو ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ قيامت جو ڏينهن انهن سڀني لاءِ وقت مقرر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ فيصلي (قيامت) جو ڏينهن انهن سڀني (جي ٻيهر جيئري ٿيڻ) جو مقرر (ٿيل) وقت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن انهن سڀني جي وعدي جو وقت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن انهن سڀني لاءِ هڪ مقرر وقت آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ فيصلي جو ڏينهن انهن سڀني لاءِ هڪ مقرر وقت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موقع مِڙن جو مُورهِين، آهي ڏِينهن آچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهن مڙني جو انجام فيصلي جو ڏينهن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن سڀني جي وري اٿارڻ لاءِ مقرر ڪيل وقت اهو فيصلي وارو ڏينهن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو ڏينهن فيصلي جو آهي جڏهن اٿاري کڙو ڪيو ويندو سڀني کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت وارو ڏينھن انهن سڀني جي اٿڻ جو وقت مقرر ٿيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ لا يُغنى مَولًى عَن مَولًى شَيـًٔا وَلا هُم يُنصَرونَ (آيت : 41) |
جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن ڪوبه دوست دوست کي (يا سنڀاليندڙ پنهنجي سنڀال هيٺ واري کي) ڪجهه به ڪم نه ايندو، ۽ هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن (ڪافر) دوست پنهنجي دوست (ڪافر) تان (عذاب) ٽاري نه سگھندو ۽ نه انهن کي مدد ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن ڪو به دوست ڪنهين دوست جي ڪم نه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن نه فائدو ڏيندو ڪو ساٿي ڪنهن ساٿيءَ جي طرفان ڪجھ به ۽ نه اهي مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ڪو به دوست ڪنهن به دوست کي ڪجهه به ڪم نه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن ڪوبه عزيز قريب ڪنهن به عزيز قريب جي ڪنهن به ڪم ڪونه ايندو ۽ نه انهن جي مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن دوست هِڪ ٻئي دوست جو، نه لاهي ڪو لاچار، ۽ نه وَسِيلو وَهار، وَرندنِ، ڪو تِنهن وار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن ڪو به دوست پنهنجي دوست کان ڪجهه به نه ٽاريندو ۽ نڪي انهن کي مدد ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏينهن جڏهن ڪوبه مٽ مائٽ پنهنجي ڪنهن به عزيز قريب جي ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ نه ڪٿان ڪا مدد ئي ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏينهن جڏهن ڪوبه عزيز قريب پنهنجي ڪنهن به مائٽ جي ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ ڪٿان به ڪا مدد نه ملندن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن تمام گهرا لاڳاپا رکڻ وارا به هڪ ٻئي کي ڪم نه ايندا ۽ نه ئي انهن جي ڪا مدد ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن رَحِمَ اللَّهُ إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 42) |
سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهن جي جن تي الله تعاليٰ رحم ڪيو آهي، يقيناً هو غالب ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جنهن تي رب رحم ڪري (مؤمن هڪ ٻئي جي شفاعت ڪندا) بيشڪ اهو ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جنهن تي خدا رحم فرمائي. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن تي غالب (۽) وڏو رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن تي رحم ڪري الله بيشڪ اهوئي غالب مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مگر جنهن تي الله رحم ڪيو. بيشڪ اهو ئي زبردست (۽) نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن جي جن تي الله رحم فرمائي. بيشڪ اهو غالب وڏي رحم وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جنهن سان مِهر ڪئـِي، اَللهُ جَلَّ شان، سٻر سو سُلطان، مِڙيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهي جي، جنهن تي الله رحم ڪيو_ بيشڪ هو غالب ۽ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر جنهن تي الله رحم ڪري. بيشڪ هو زبردست ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ ان جي جو رحم ڪري پاڻ الله، بيشڪ اهو زبردست ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ ان جي جنھن تي الله تعالى رحم ڪري. بيشڪ هو زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقّومِ (آيت : 43) |
بيشڪ ٿوھر جو وڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ ٿوهر جو (ڪوڙو) وڻ،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ٿُوهَر جو وڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (قيامت ۾) ٿوهر جو وڻ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ٿوهر جو وڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ٿوهر جو وڻ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ٿوهر جو وڻ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿُوهر(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ٿوهر جو وڻ، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ زقوم (ٿوهر) جو وڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ وڻ ٿوهر جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ٿوهر جو وڻ ئي (ان ڏينهن) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
طَعامُ الأَثيمِ (آيت : 44) |
گنھگار جو کاڄ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (قيامت بعد دوزخ ۾) گنهگارن جو کاڄ ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) گنهگارن جو (جهنم ۾) کاڌو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ضرور گنهگارن جو کاڌو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) کاڌو آهي گنهگار جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) گنهگار جوکاڌو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بدڪارن جو کاڌو آهي ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏُٿ ڏُهاريِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) گنهگار جو کاڌو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) گنهگار جو کاڄ هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کاج هوندو گنهگارن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) گناهگارن جو کاڌو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَالمُهلِ يَغلى فِى البُطونِ (آيت : 45) |
پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو کاڄ) پگريل پتل (يا تيل جي گيرٺ) وانگر پيٽ ۽ آنڊن ۾ ٽهڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ٽهڪيل ٽامي وانگر پيٽن ۾ ٽهڪي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو پگهريل ٽامي جهڙو پيٽن ۾ گرم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽامي وانگر ٽچڪندو پيٽن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو پگهريل ٽامي جهڙو پيٽن ۾ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پگهريل ٽامي جهڙو .. پيٽن ۾ پيو ٽهڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پيٽن ۾ جنهن پَر، ٽامون رَهي ٽَهڪندو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پگهريل ٽامي وانگر، پيٽن ۾ ٽهڪندو، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو رجيل ٽامي جهڙو پيٽ ۾ ائين اڀامندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تيل جي گيرٽ جهڙو ٽهڪندو هوندو پيٽ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اُن جي ڳُر) پيٽن ۾ پگهريل ٽامي وانگر ٽچڪندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَغَلىِ الحَميمِ (آيت : 46) |
تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙيءَ طرح ٽهڪندو) جهڙيءَ طرح گرم پاڻي ٽهڪندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ٽهڪيل پاڻي وانگر جوش ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پاڻي وانگر پيو ٽهڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثل ٽچڪڻ گرم پاڻيءَ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) گرم پاڻيءَ جي ٽهڪڻ وانگر، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گرم پاڻي وانگر ٽهڪڻ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوسو ڪَڙهي ڪَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تتل پاڻي جي ٽهڪڻ وانگر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيئن ٽهڪندڙ پاڻي ٻــَـڙڪا هڻندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن ٽهڪندڙ پاڻي هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٽچڪندڙ پاڻي وانگر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خُذوهُ فَاعتِلوهُ إِلىٰ سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 47) |
(ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اتي حڪم ٿيندو ته) پڪڙيوس ۽ گِهلي گِهلي ڄڀي ڪندڙ باهه جي وچ ۾ وٺي وڃوس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله تعالى فرمائيندو) توهان ان کي پڪڙيو پوءِ ان کي گِهِلي وچ جهنم ۾ وجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (فرشتن کي حڪم ڪبو ته) ان کي پڪڙيو ۽ گهلندا دوزخ جي وچ ۾ هڻوس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وٺو ان کي پوء گهليو ان کي وچ جهنم ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پيو ٽهڪندو. (ملائڪن کي چونداسون ته) ان کي پڪڙيو پوءِ دوزخ جي وچ تائين گهليوس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (حڪم ٿيندو) ”ان کي پڪڙيو پوءِ دوزخ جي وچ تائين ان کي زوري گِــــهِـــــلي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھليوسِ پوءِ گِھليوسِ، وِچکان، ڄيري ڄَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (حڪم ڪبو) ”ان کي گرفتار ڪريو ۽ دوزخ جي وچ ڏانهن گهليوس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪڙيوس ۽ گهليندا وڃوس جهنم جي وچ تائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڪڙيوس پوءِ گهليندا نيوس وچ ۾ دوزخ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ملائڪن کي حڪم ٿيندو ته) پڪڙيوس هن کي. ۽ هن کي جھنم جي صفا اندر تائين گھلي وٺي وڃوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ صُبّوا فَوقَ رَأسِهِ مِن عَذابِ الحَميمِ (آيت : 48) |
وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ سندس مٿي تي عذاب ڏيندڙ ٽهڪندڙ پاڻي پرٽايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان جي مٿي جي مٿان گرم ٽهڪندڙ پاڻيءَ وارو عذاب ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان جي مٿي تي گرم پاڻي جو عذاب وجهوس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوء پلٽايو ان جي مٿان عذاب گرم پاڻيءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان جي مٿي تي گرم پاڻي هاريو جو اهو عذاب اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان جي مٿي تي ٽهڪندڙ پاڻي عذاب طور هاريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَلٽايو پاڻي باھِ جو، مَٿان سَندسِ سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري ان جي مٿي تي عذاب لاءِ تتل پاڻي هاريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ پيٽيوس مٿي تي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو عذاب (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وجهوس مٿان مٿي تي عذاب جو ٽهڪندڙ پاڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ عذاب طور ان جي مٿان ٽچڪيل پاڻي هاريوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذُق إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الكَريمُ (آيت : 49) |
(چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان هٺيلي ظالم کي چيو ويندو ته) چک (عذاب جو مزو) بيشڪ تون (دنيا ۾) وڏي طاقت وارو ۽ وڏي عزت وارو هئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون چک، بيشڪ تون ئي غالب ۽ عزت وارو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ کيس طعني طور چيو ويندو ته) هاڻي مزو چک! (ڇو ته) تون ئي (پنهنجي خيال ۾) وڏي عزت وارو سردار آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چک تون بيشڪ تون ئي عزت وارو مان وارو آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (چئبس ته ان سزا جو مزو) چک! (ڇو ته) تون ئي (پنهنجي خيال ۾ ) وڏي عزت وارو سردار آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چَکُ! تون (پنهنجي خيال ۾) وڏي عزت وارو نامور آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون وَڏيرو وَڏ ڌَڻِي، مَزو مان مَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”چک عذاب! بيشڪ تون ته سڳورو مان وارو هئين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چک ان جو مزو، تون ته وڏي عزت وارو سردار آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چک ان جو مزو، بيشڪ تون ته وڏو زبردست عزت وارو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چکُ (عذاب جو مزو) تون پاڻ کي وڏو عزت وارو سمجهندو هئين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا ما كُنتُم بِهِ تَمتَرونَ (آيت : 50) |
بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهو اٿئي اهو (عذاب) جنهن بابت (دنيا ۾) شڪ آڻيندو هئين (۽ چوندو هئين ته نڪا قيامت ايندي نڪو مون کي عذاب ٿيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هي (عذاب) اهو آهي جنهن ۾ تون شڪ ڪندو هُئين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهو (دوزخ) ته آهي جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هي اهو آهي جنهن ۾ شڪ ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءَ اهو (عذاب) آهي جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي اُهو (عذاب) آهي جنهن ۾ توهان شڪ ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ۾ وَهم ڳَنڍيان ويتر، سو هاوِي حاضِر آھِ هِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اهو ئي آهي، جنهن ۾ اوهين شڪ ڪندا هئا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِها ته اها شيءِ آهي، جنهن جي اچڻ ۾ توهان شڪ ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي (اها ڳالهه آهي) جنهن جي اچڻ ۾ توهان شڪ ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي اُهو عذاب آهي جنھن جي باري ۾ توهان شڪ ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُتَّقينَ فى مَقامٍ أَمينٍ (آيت : 51) |
بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً نيڪ ماڻهو (جيڪي خدائي قانون ۽ اسلامي نظامِ زندگي جي اندر رهيا) امن امان واري جاءِ (يا حالت) ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پرهيزگار امن واري جاءِ (بهشت) ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ پرهيزگار امن جي جاءِ (يعني)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پرهيزگار جاءِ امن واريءَ ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ پرهيزگار امن واري گهر ۾ هوندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ پرهيزگار امن واري گهر ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساڪِن سُکي هَنڌ ۾، پُورا پَرهيزگار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ نيڪ امن واري جاءِ ۾ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله کان ڊڄندڙ ماڻهو امن واري هنڌ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ خدا ترس ماڻهو امن امان واري جاءِ ۾ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پرهيزگار ماڻهو امن واري جاءِ ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 52) |
باغن ۽ تلاون ۾.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) باغن ۽ نهرن جي وچ ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) باغن ۽ چشمن ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) باغن ۽ چشمن ۾ هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) باغن ۽ چشمن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) باغن ۽ چشمن ۾ ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) باغن ۽ چشمن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) باغن مَنجھ بهشت جي، ۽ چشمن ۾ چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باغن ۽ چشمن ۾، (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باغن ۽ چشمن ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باغن ۾ ۽ چشمن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باغن ۽ چشمن ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَلبَسونَ مِن سُندُسٍ وَإِستَبرَقٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 53) |
سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سنها ريشمي ڪپڙا ۽ ڀلا بخمل جا ڪپڙا پهريندا ۽ (هڪٻئي جي من موهيندڙ صحبت ۽ محبت ۾) هڪٻئي جي سامهون ٿي ويهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي بهشت ۾) باريڪ ريشم جا ڪپڙا ۽ ٿلهي ريشم جا ڪپڙا پائيندا، اهي هڪ ٻِئي جي سامهون هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سنهي ريشم ۽ (ڪڏهين) ٿلهي ريشم جي پوشاڪ پهريل هڪ ٻئي جي سامهون ويٺا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڍڪيندا سنهي ريشم ۽ ٿلهي ريشم مان (ڪپڙا) هڪ ٻئي کي سامهون وهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سنهي ريشم ۽ ٿلهي ريشم جي پوشاڪ هڪ ٻئي جي سامهون ٿي ڍڪيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سنهي ريشم ۽ ٿلهي ريشم جي پوشاڪ پهريندا، آمهون سامهون ويٺل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَهرِين پَٽ سَنهون، ٿُلهو، سامهان سِيڻ سَنگھار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سنهي ۽ ٿلهي پٽ جا ڪپڙا پاتل، آمهون سامهون ٿي ويهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پٽ ۽ ريشم جون پوشاڪون پايو آمهون سامهون ويٺا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پائي پوشاڪون ريشم ۽ پَٽ جون آمهون سامهون ويٺل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سنهي ۽ ٿلهي ٻنهي قسمن جي ريشمي پوشاڪ پائي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ وَزَوَّجنٰهُم بِحورٍ عينٍ (آيت : 54) |
(سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً ائين ٿيندو ۽ اسان کين وڏين اکين وارن حورن سان ملائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح، ۽ اسين انهن کي حسين و جميل حورن سان جوڙا بنائينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙي طرح ئي ٿيندو. ۽ کين وڏين ڪارين اکين وارين سهڻين حورن سان پرڻائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح ۽ پرڻائينداسون انهن کي حورن وڏين اکين وارين سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح ئي ٿيندو. ۽ کين وڏين ڪارين اکين وارين سهڻين زالن سان پرڻائينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح ئي ٿيندو. ۽ اسان انهن کي وڏين اکين وارين سهڻين زالن سان پرڻائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِنپرء پَرڻايوسون اُنهن کي، نارِيون نيڪ نِبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ۽ کين وڏين اکين واريون حورون پرڻائينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو هوندو انهن جو شان ۽ اسان وڏين ڪارين اکين واريون زالون کين پرڻائينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو هوندو شان ۽ زالون حورن جهڙيون سهڻين اکين واريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙيءَ طرح ئي ٿيندو ۽ اسان کين وڏين (سُھڻين) اکين وارين حورن سان پرڻائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَدعونَ فيها بِكُلِّ فٰكِهَةٍ ءامِنينَ (آيت : 55) |
منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اتي قرار سان انهن باغن ۾ هر قسم جي ميون جو آرڊر ڏيئي سگهندا (۽ سڀ ڪجهه کين ملندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي بهشت ۾ امن سان هر قسم جا ميوا طلب ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اتي بي ڊپا ٿي سڀ قسم جا ميوا (کائڻ لاءِ) گهرائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) طلب ڪندا ان ۾ هر ميوو امن وارا ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي بي ڊپا ٿي سڀ قسم جا ميوا گهرائيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اتي امن وارا ٿي هر قسم جا ميوا گهرائيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَنجھسِ هَر ميوات لئي، ڪوٺِين بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان (بهشت) ۾ امن وارا ٿي سڀ ڪنهن قسم جو ميوو گُهرائيندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي هو بي ڊپا ٿيا هر قسم جون لذيذ شيون پيا طلبيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) طلبيندا اتي اهي هر قسم جون لذيذ شيون امن سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو جنت ۾ وڏي مزي سان هر قسم جا ميوا گهرندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَذوقونَ فيهَا المَوتَ إِلَّا المَوتَةَ الأولىٰ وَوَقىٰهُم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 56) |
پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اتي جنت ۾ پهرئين (دنيا واري) موت کان سواءِ ٻيو موت ڪونه چکندا (هميشه زنده رهندا ۽ هميشه موجون ماڻيندا رهندا) ۽ الله تعاليٰ کين ڄڀي ڪندڙ باهه جي عذاب کان (هيمشه لاءِ) بچائي ڇڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي بهشت ۾ موت جو ذائقو نه چکندا، سواءِ پَهرِين موت جي، ۽ الله تعالى انهن کي جهنم جي عذاب کان بچايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اتي پهرئين (دنيا جي) موت کان سواءِ ٻئي موت جي سختي نه سهندا ۽ (خدا) کين دوزخ جي عذاب کان محفوظ رکندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه چکندا ان ۾ موت مگر موت پهريون ۽ بچايائين انهن کي عذاب دوزخ جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي پهرئين (دنيا جي) موت کانسواءِ ٻئي موت (جو مزو) نه چکندا ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اتي موت جو مزو نه چکندا سواءِ پهرئين (دنيا واري) موت جي، ۽ الله انهن کي دوزخ کان بچائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه چَکنِ مَنجھسِ موت ڪو، موت مَهندئـِين ڌار، ۽ بَچائـٖين بَند باھِ کان، ڪَرم سان ڪَلتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پهرئين موت کان سواءِ ان ۾ ٻيو ڪو موت نه چکندا ۽انهن کي دوزخ جي عذاب کان بچائبو،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي هو موت جو مزو ئي نه چکندا. موت جيڪو دنيا ۾ آين سو آين ۽ الله پنهنجي فضل سان کين جهنم جي عذاب کان بچائي وٺندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه چکندا اتي اهي مزو ڪڏهن به موت جو، بس دنيا ۾ جيڪو موت آيو سو آيو ۽ بچايو ويندو انهن کي دوزخ جي عذاب کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دنيا واري موت کان پوءِ هو جنت ۾ ٻئي موت جو مزو نه چکيندا ۽ الله تعالى کين جھنم جي عذاب کان بچائيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَضلًا مِن رَبِّكَ ذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 57) |
تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو سڀ تنهنجي پروردگار جي فضل سان ٿيندو. اهائي وڏي ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو توهان جي رب جو فضل آهي. اها ئي عظيم ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو) اوهان جي پروردگار جو فضل آهي، اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فضل ٿي تنهنجي رب جي طرفان اهائي ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر) اهو تنهنجي پاليندڙ جو فضل آهي. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو تنهنجي پالڻهار جو فضل آهي. اها زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏاج ڪَنان ڏاتار، سَڀِنيان وَڏِي سوڀ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي رب جي مهربانيءَ سبب اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اهو تنهنجي رب جو فضل آهي، اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فضل سان رب پنهنجي سان، اها ئي آهي ڪاميابي تمام وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن جو بچڻ) پنھنجي پالڻھار جي مھرباني سان ئي ٿيندو ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّما يَسَّرنٰهُ بِلِسانِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هن قرآن کي تنهنجي (عربي) زبان ۾ آسان ڪري ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ ته هو سمجهن ۽ نصيحت وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان قرآن ڪريم کي توهان جي زبان تي آسان بنايو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سو (اي رسول) ان (قرآن) کي اسان تنهنجيءَ ٻولي ۾ ئي (هن لاءِ) آسان ڪيو آهي ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء آسان ڪيوسون ان کي تنهنجي زبان سان تانته اهي نصيحت حاصل ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو (اي پيغمبر !) ان (قرآن) کي اسان تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي آسان ڪيو آهي ته مَنَ اهي ڌيان ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان تنهنجي ئي ٻوليءَ ۾ هن (قرآن) کي آسان ڪيو آهي تان ته اُهي نصيحت حاصل ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آسان ڪيوسون اُن کي، تُنهنجِي ٻُولِي مَنجھ ٻِيهار، ته مانِ پرائـِين پاڻ ڪِي، پَڙِهي هِئَ پَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) قرآن کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ ئي سولو ڪيو اٿئون، ته اهي نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي، اسان هن ڪتاب کي تنهنجي ٻوليءَ ۾ آسان بڻائي ڇڏيو آهي ته جيئن اهي ڪو سبق پرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ اسان سولو ڪيو آهي هي ڪتاب تنهنجي ٻوليءَ ۾، جيئن اهي ماڻهو نصيحت پرائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هن قرآن کي تنھنجي ٻوليءَ ۾ انتهائي آسان ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن هي ماڻهو نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَارتَقِب إِنَّهُم مُرتَقِبونَ (آيت : 59) |
پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) ترس يقيناً هي (ڪافر) به ترسيا ويٺا آهن، (جلد ئي هو مغلوب ٿيندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انتطار ڪريو، بيشڪ اهي به انتطار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (نتيجي جو) تون به انتظار ڪر اهي به منتظر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء انتظار ڪر بلاشڪ اهي به انتظار ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون انتظار ڪر اهي به انتظار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انتظار ڪر، بيشڪ اُهي به انتظار ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺو ڏِس ڪا وار، هِي بِه ڏِسن ڪو ڏِينهِڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون انتظار ڪڍ، بيشڪ اهي به انتظار ڪڍڻ وارا آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي تون به انتظار ڪر، اهي به انتظار ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي تون به انتظار ڪر، اهي به انتظار ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نصيحت نه وٺڻ جي صورت ۾) تون انتظار ڪر. هي ماڻهو به (پنهنجي انجام جي) انتظار ۾ ترسيل آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |