توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حا – ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حٰـمۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حا - ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جي اصلي معنى الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻي حق حٰمٓ کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حٓا_ ميم. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﷅ (حا ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ح-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حا ــ ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
پڌري ڪتاب جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب خود شاهد آهي (ته منجهس ڏنل حقيقتون سچيون آهن) .(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي قرآن ڪريم جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) روشن ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي ته،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي ڪتاب مبين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ظاهر ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي روشن ڪتاب جو ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هي آهي ليک عيان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڌرو ڪتاب شاهد آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي انهيءَ چٽي ڪتاب (قرآن) جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي هن ڪتاب پڌري جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (هن) پڌري ڪتاب جو (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا جَعَلنٰهُ قُرءٰنًا عَرَبِيًّا لَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 3) |
ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي عربيءَ (ٻوليءَ ۾) قرآن ڪيو آھي ته مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ان کي عربي قرآن انهيءَ لاءِ ڪيو آهي ته توهان سمجهو (۽ حقيقتون معلوم ڪري انهن تي عمل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي عربيءَ ۾ نازل ڪيو ته من توهان سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان ان کي عربي زبان ۾ قرآن ڪيو آهي ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان ڪيو ان کي قرآن عربي تانته اوهان ڄاڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اسان ان کي عربي زبان ۾ قرآن ڪيو ته من اوهين عقل کان ڪم وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان کي عربي زبان جو قرآن بنايو آهي ته جيئن توهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن لئي عربي زبان ۾، ڪيوسون قُرآن، تان پاڪ پَڙِهي بيان، سوچيو سَچِئَ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان ان کي عربيءَ ۾ قرآن ڪري جوڙيو آهي، ته من اوهين سمجهو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اسان ان کي عربي ٻوليءَ وارو قرآن بڻايو آهي، تانته توهان ان کي سمجهي سگهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان بنايو آهي ان کي قرآن عربي زبان جو، جيئن توهان ان کي سمجهي سگهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هن (ڪتاب) کي عربي ٻولي ۾ قرآن ٺاهيوسين ته جيئن توهان (ان کي چڱي طرح) سمجهي سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ فى أُمِّ الكِتٰبِ لَدَينا لَعَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 4) |
۽ بيشڪ اُھو (ڪتاب) لَوح مَحۡفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آھي بيشڪ (اُھو ڪتاب) وڏي مرتبي وارو حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اهو (قرآن مجيد) انهيءَ ڪتاب جي ماءُ (يعني اصلوڪي خدائي فطرت ۽ قانون) ۾ آهي جو اسان وٽ (لوح محفوظ ۾) موجود آهي ۽ بلڪل بلند مرتبي وارو ۽ حڪمت سان ڀريل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو اسان وٽ لوحِ محفوظ ۾ يقيناً اعليٰ (۽) حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ هي (قرآن) اصلي ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (به جو) اسان وٽ (آهي لکيل) آهي ۽ پڪ وڏي رتبي جو (۽) حڪمت سان پر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ اهو لوح محفوظ ۾ اسان وٽ البته بلند، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو (ڪتاب) لوح محفوظ ۾ اسان وٽ (لکيل) آهي (۽) وڏي مرتبي وارو (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهو سڀ ڪتابن جي اصل (لوحِ محفوظ) ۾ (لکيل) آهي، اسان وٽ بلند مرتبه حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قابو مُنڍ ڪِتاب ۾، اَسان وَٽ اُهو، سمجھدار سُونهو، بِلڪُل بُلند شان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اهو لوح محفوظ ۾ ا سان وٽ اعليٰ ۽ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ اهو ام الڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آهي، اسان جي نظر ۾ ڏاڍي بلند مرتبي وارو ۽ حڪمت سان ڀريل ڪتاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اهو ام الڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ثبت (لکيل) اسان وٽ اوچي مرتبي وارو حڪمت سان ٽمٽار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ڪتاب اسان وٽ لوح محفوظ ۾ (لکيل) آهي. هي (ڪتاب) وڏو مٿانھون ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَنَضرِبُ عَنكُمُ الذِّكرَ صَفحًا أَن كُنتُم قَومًا مُسرِفينَ (آيت : 5) |
اوھان کان نصيحت کي ھن ڪري مُنھن موڙي جھلينداسون ڇا ته اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جو (نافرمانيءَ ۾) ليڪو لنگهي بيهندڙ ماڻهو ٿي پيا آهيو تنهن ڪري اسان پنهنجو پيغام (يعني نصيحتن سان ڀريل قرآن مجيد) توهان کان روڪي ڇڏيون ڇا ۽ توهان کي مردود ڪري ڇڏيون ڇا؟ (نه نه اسان تڏهن به رحم ڪري توهان کي نصيحتون ڏيندا رهنداسين ته من توهان مان ڪي ته فيض وٺن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اسين توهان کان نصيحت پري ڪري ڇڏيون ان لاءِ ته توهان حد کان وڌندڙ قوم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا هن ڪري جو اوهين زيادتي ڪندڙ ماڻهو آهيو اسين اوهان کي نصيحت ڪرڻ کان منهن موڙينداسون (ڪڏهن نه!).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جھلينداسون اوهان کان ذڪر ان جي ڪري جو آهيو اوهان قوم حد کان لنگھندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا نصيحت ڪندڙ ڪتاب کي اوهان کان انهيءَ ڪري روڪينداسون ڇا جو اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان اوهان کان بيزار ٿي هي نصيحت (قرآن) موڪلڻ بند ڪري ڇڏيون صرف هن ڪري جو اوهان حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسين ڇا، اَوهان کان، موڙِينداسون مذڪور؟ اَوهِين مُورک مُور، قوم اَجائـِي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهان کان نصيحت کي هن ڪري منهن موڙي جهلينداسون، ته اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا پوءِ اسان توهان کان ڪڪ ٿي اهو نصيحت وارو سبق توهان ڏي موڪلڻ بند ڪنداسين؟ ان ڪري جو توهان حد کان لنگهي ويل آهيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا بيزار ٿي توهان کان اهو درس نصيحت جو موڪلڻ ڇڏي ڏيون رڳو ان ڪري جو توهان ماڻهو حد کان ٽپي ويل آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي حد کان لنگهڻ جي ڪري ڇا اسان توهان ڏي (هن) قرآن کي موڪلڻ ڇڏي ڏيون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَم أَرسَلنا مِن نَبِىٍّ فِى الأَوَّلينَ (آيت : 6) |
۽ اڳين (قومن) ۾ گھڻائي پيغمبر موڪلياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته اسان پنهنجي رحمت سان) ڪيترائي نبي سڳورا اڳوڻن ماڻهن ۾ به موڪليا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان پَهِرِيُنِ (امتن) ۾ ڪيترائي پيغمبر موڪليا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان اڳين ماڻهن ۾ ڪيئي پيغمبر موڪليا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گھڻائي موڪليا اسان نبي پهرين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گهڻائي پيغمبر اڳين قومن ۾ موڪليا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اڳين قومن ۾ اسان ڪيترائي نبي موڪليا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪلياسون مَهندِيَن ۾، ڪَئـِين مُرسل مڻيادار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان اڳين ۾ گهڻائي رسول موڪليا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڳ ٿي گذريل قومن ۾ اسان ڪيترائي نبي موڪليا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيترا ئي موڪليا آهن اسان نبي گذريل قومن ۾ اڳي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هرگز نه) اسان گذريل قومن ۾ به ڪيترائي نبي سڳورا موڪليا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَأتيهِم مِن نَبِىٍّ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 7) |
۽ وٽن ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو مگر ساڻس ٺـٺوليون ٿي ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) جڏهن جڏهن انهن ڏي ڪو نبي سڳورو آيو تڏهن تڏهن هنن مٿس ٽوڪون ۽ چٿرون ڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿي آيو انهن وٽ ڪو نبي مگر اهي ان سان مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪو به پيغمبر اهڙو انهن وٽ نه آيو جنهن سان انهن ماڻهن ٺٺوليون نه ڪيون هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي آيو انهن وٽ ڪو نبي مگر جو ان سان چٿر ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن وٽ ڪو به پيغمبر نه ٿي آيو پر ان سان مسخريون ٿي ڪيائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن وٽ ڪوبه نبيءُ نه ٿي آيو مگر ان سان مسخريون ٿي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَچينِ اَصل ڪو نه ڪو، نَبِي نيڪ نِبار، مگر، هٖي مَڪار، مَٿانسِ ڪَندا هُئا مَسخريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر انهن وٽ جيڪو به نبي ٿي آيو، ان سان مسخريون ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته وٽن ڪو نبي آيو هجي ۽ انهن ان تي ٺـٺوليون نه ڪيون هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٿيو ڪڏهن ائين جو آيو انهن وٽ هجي ڪو نبي، ته انهن نه ڪيون هجن ان تي ٺٺوليون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (هميشه ايئن ئي ٿيو آهي ته) جڏهن به انهن وٽ ڪو نبي سڳورو ايندو هو ته ماڻهو ان تي ٽوڪون ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَهلَكنا أَشَدَّ مِنهُم بَطشًا وَمَضىٰ مَثَلُ الأَوَّلينَ (آيت : 8) |
پوءِ اُنھن (قريشن) کان سگھ ۾ تمام ڏاڍن (عاد ۽ ثمود) کي (جو کائن بلڪل سگھارا ھوا) ناس ڪياسون ۽ اڳين جي حالت (اڳين بيان ۾) گذري چڪي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نتيجو هي ٿيو جو اسان هنن (قريشن) کان زور وارن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. ۽ (اهڙي طرح) اڳوڻن جي مثال گذري چڪو آهي (جنهن مان اسانکي سبق وٺڻ گهرجي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن مان بدترين ماڻهو پڪڙ سان هلاڪ ڪيا ۽ اهڙا ڪيترائي پَهِرِيَنِ جا مثال گذري چڪا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن ماڻهن جيڪي وڌيڪ طاقت وارا هئا تن کي اسان هلاڪ ڪري ماريو ۽ (دنيا ۾) اڳين جا افسانا ئي رهجي ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ هلاڪ ڪيو اسان سخت کي انهن مان سگھه ۾ ۽ گذريو مثال پهرين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان انهن (قريشن) کان به تمام ڏاڍن طاقتورن کي برباد ڪيو ۽ اڳين جو بيان ٿي چڪو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن (مڪي جي مشرڪن) کان تمام ڏاڍن طاقتورن کي هلاڪ ڪيو ۽ اڳين قومن جا مثال گذري چڪا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُنهن کان جوڌا جنگ ۾، ماري ڇَڏياسون مُور، ۽ مَهندِيَن جو مَذْڪُور، اَکِيَن اڳيان گُذري چُڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان مان تمام ڏاڍن کي ناس ڪيوسون ۽ اڳين جي ڳالهه اڳ گذري ويئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪي ماڻهو کانئن طاقت ۾ زور هئا، انهن کي به اسان برباد ڪري ڇڏيو. آڳاٽين قومن جا مثال گذري چڪا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان هلاڪ ڪيو انهن کي جڪي انهن مان سگهارا هئا ۽ گذري چڪا آهن مثال اڳي ڪيترا ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته انهن (مڪي وارن) کان به وڌيڪ طاقت ور قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. گذريل قومن جا مثال ته گذري چُڪا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ خَلَقَهُنَّ العَزيزُ العَليمُ (آيت : 9) |
۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ٿه آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو ته ضرور چوندا ته انھن کي غالب ڄاڻندڙ (الله) بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون هنن کان پڇين ته ڪنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته، انهن کي وڏي قدرت واري ۽ وڏي علم واري (الله) خلقيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي جيڪڏهن توهان انهن کان سوال ڪندا ته آسمانن ۽ زمينن کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ اهي ضرور چوندا ته انهن کي الله تعالى پيدا ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا ته انهن کي زبردست (۽) وڏي واقفڪار (خدا) پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا پيدا ڪيو انهن کي غالب، ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا ته انهن کي زبردست (۽) علم واري پيدا ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته اُهي ضرور چوندا ته: ”انهن کي غالب علم واري (الله) پيدا ڪيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي پُڇندينِ ته پَيدا ڪِنهن ڪيا، هي اُڀ، ڀُون عَجب اسرار! مَهندان چَوندا مُورهين، ته جوڙيُنِ تِنهن جَبَّار، جو اَپر عِزتدار، سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن انهن کان پڇندين ته ”آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟“ ته ضرور چوندا ته انهن کي غالب ڄاڻ واري بنايو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته پاڻ ئي چوندا ته "انهن کي انهيءَ زبردست ڄاڻو هستيءَ پيدا ڪيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي تون پڇين انهن ماڻهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ته اهي پاڻ چوندا انهن کي خلقيو آهي ان زبردست ڄاڻ رکندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته انهن کي زبردست، وڏي علم واري هستيءَ (الله تعاليٰ) پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ مَهدًا وَجَعَلَ لَكُم فيها سُبُلًا لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 10) |
(اُنھيءَ الله) جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ اوھان لاءِ منجھس رستا بڻايا ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ڪافرؤ! ايترو ته قبول ٿا ڪيو پر ته به الله جي رحمت جو قدر نٿا ڪيو) جنهن اوهان جي لاءِ زمين کي (غاليچي وانگر) پکيڙيو آهي، ۽ ان ۾ اوهان جي لاءِ رستا ٺاهيا اٿس انهيءَ لاءِ ته توهان (پنهنجي منزل ڏانهن) واٽ لهو (۽ ڀلجي نه وڃو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب جنهن توهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ توهان لاءِ ان ۾ رستا بنايا ان لاءِ ته توهان کي راه ملي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان جي فائدي جي لاءِ رستا ٺاهيا ته من اوهين راھ معلوم ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) جنهن ڪيو اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ان ۾ واٽون تانته اوهان سڌو رستو وٺو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان لاءِ رستا ٺاهيا ته مَنَ اوهين رستي تي هلو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ئي آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو بنايو ۽ توهان لاءِ ان ۾ رستا بنايائين ته جيئن توهان (منزل مقصود جي) واٽ لهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن بَنايو ڀون کي، اُوهان ڪاڻ وِڇاڻ، ۽ رَستا راهون اُن ۾، ڪيائـِين اَوهان ڪاڻ، سُونهو تان سُڄاڻ!، پَنهنجي گَھر ۽ گام کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن اوهان لاءِ زمين کي وڇاڻو ڪيو ۽ ان ۾ اوهان لاءِ رستا ٺاهيائين، ته من اوهين رستو لهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن زمين کي توهان لاءِ پينگهو بڻايو آهي ۽ ان ۾ توهان لاءِ رستا ٺاهيا اٿائين، تانته توهان پنهنجن منزلن تي پهچڻ جون واٽون لهي سگهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي جنهن بڻايو توهان جي لاءِ زمين کي وڇاڻو ۽ ٺاهيائين توهان جي لاءِ ان ۾ رستا، جيئن توهان لهي سگهو پنهنجي منزل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن توهان جي لاءِ زمين کي فرش ٺاهي وڇايو ۽ ان ۾ توهان جي لاءِ رستا ٺاهيا ته جيئن توهان صحيح رستن تي هلي سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً بِقَدَرٍ فَأَنشَرنا بِهِ بَلدَةً مَيتًا كَذٰلِكَ تُخرَجونَ (آيت : 11) |
۽ (اُنھيءَ الله) جنھن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِ اُن (پاڻيءَ) سان ويران ڳوٺ آباد ڪياسون، اھڙي طرح اوھان کي (قبرن مان) ڪڍيو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جو آسمان مان قدر سان مينهن ٿو وسائي. پوءِ اسان ان جي وسيلي مئل (خشڪ) زمين کي اٿاري زنده ڪري ٿا ڇڏيون. اهڙيءَ طرح توهان به ٻاهر ڪڍيا ويندؤ. (يعني هن ئي دنيا ۾ قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ سان زنده دل ٿي ويندؤ يا قيامت جي ڏينهن قبرن مان ٻاهر ڪڍي جيئرا ڪري اٿاريا ويندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو رب جنهن توهان لاءِ آسمان مان اندازي سان برسات وسائي، پوءِ اسان ان سان غيرآباد شهر کي آباد ڪيو، اهڙيءَ طرح (قبرن مان زنده ڪري) توهان کي ڪڍيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن آسمان مان (مناسب) اندازي سان مينهن وسايو، پوءِ اسان ئي ان جي (ذريعي) مئل شهر کي زنده (آباد) ڪيو. اهڙي طرح اوهين به (قيامت جي ڏينهن قبرن مان) ڪڍيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو (الله) جنهن لاٿو آسمان مان پاڻي اندازي سان پوءِ آباد ڪيو اسان ان سان شهر ويران اهڙي طرح ڪڍيا ويندؤ اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن آسمان مان اندازي سان پاڻي وسايو، پوءِاسان ان (پاڻيءَ) مان مئل شهر کي جيئرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهان کي به (قبرن مان) ڪڍيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن آسمان مان (ضرورت جي) انداز مطابق پاڻي لاٿو، پوءِ اسان اُن سان مُرده شهر کي زنده ڪيو، اهڙي طرح اوهان کي (به قبرن مان) ڪڍيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن آب اُتاريو اُڀ کان، مُوجب پُوري ماڻ، پوءِ سُڪي سانٺي شهر کي، جياريو سون جِنهن ساڻ، اِهڙي ئـِي اُهڃاڻ، ڪَڍبا اَوهِين قبرن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي هڪ اندازي سان آسمان مان پاڻي لاٿو؛ ۽ پوءِ انهي سان گڏ هڪ برباد ٿيل ديهه کي آباد ڪيوسين- بس اهڙي طرح اوهان کي (به زمين مان) ڪڍيو ويندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن هڪڙي مناسب مقدار ۾ آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ ان جي وسيلي مئل شهرن کي جيئاري کڙو ڪيو، ائين ئي هڪڙي ڏينهن توهان به (قبرن مان) ڪڍيا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن لاٿو آسمان مان توهان لاءِ پاڻي خاص مقدار ۾ ۽ ان سان بڻايو زنده مئل زمين کي، اهڙيءَ طرح هڪ ڏينهن توهان به ڪڍيا ويندؤ زمين مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن آسمان مان (مناسب) مقدار ۾ پاڻي نازل ڪيو پوءِ اسان ان جي ذريعي ويران شھر کي آباد ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح توهان کي به قبرن مان ڪڍيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها وَجَعَلَ لَكُم مِنَ الفُلكِ وَالأَنعٰمِ ما تَركَبونَ (آيت : 12) |
۽ (اُنھيءَ الله) جنھن ھر قسم جا جانور بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ٻيڙيون ۽ اُھي جانور بڻايائين جن تي (اوھين) چڙھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن سڀني شين کي جوڙين ۾) پيدا ڪيو آهي، ۽ اوهان جي لاءِ جهاز ۽ ڍور ڍڳا پيدا ڪيا اٿس جن تي توهان سواري ٿا ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو رب جنهن سمورا جوڙا پيدا ڪيا ۽ توهان لاءِ ٻيڙيون ۽ چؤپايا بنايا. (جن تي) توهان سوار ٿيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن سڀ قسم جون شيون پيدا ڪيون ۽ اوهان لاءِ اهي ٻيڙيون بنايون ۽ جانور (پيدا ڪيا) جن تي اوهين سوار ٿيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن پيدا ڪيا جوڙا سمورا ۽ ڪيائين اوهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ چوپاين مان اهي جو انهن تي سواري ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن سڀ قسم جون شيون پيدا ڪيون ۽ اوهان لاءِ اهي ٻيڙيون ۽ جانور بنايا جن تي سوار ٿيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن هي سڀ قسم جا جوڙا پيدا ڪيا ۽ اوهان لاءِ اُهي ٻيڙيون ۽ جانور بنايائين جن تي توهان سوار ٿيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن جوڙيا سڀ جوڙا، ۽ جوڙئـِين جام اَوهان لئي، ٻيڙا ۽ گھوڙا، جَن تي سَدا ڪريو سُواريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي هر قسم جا جوڙا بنايا ۽ اوهان لاءِ ٻيڙيون پيدا ڪيائين- ۽ جانور به، جن تي اوهين سواري ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو جنهن اهي ڪــُـل جوڙا پيدا ڪيا آهن ۽ جنهن توهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ جانورن کي توهان جي سواري بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيا جوڙا سڀئي ۽ جنهن بڻايو توهان جي لاءِ ٻيڙين ۽ جانورن کي (واسطي) سواري جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن هر قسم جا جوڙا بنايا ۽ توهان جي لاءِ ٻيڙيون ۽ اهڙا جانور پيدا ڪيا جن تي توهان سواري ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِتَستَوۥا عَلىٰ ظُهورِهِ ثُمَّ تَذكُروا نِعمَةَ رَبِّكُم إِذَا استَوَيتُم عَلَيهِ وَتَقولوا سُبحٰنَ الَّذى سَخَّرَ لَنا هٰذا وَما كُنّا لَهُ مُقرِنينَ (آيت : 13) |
ته اُنھن جي پُٺين تي سِڌا ٿي ويھو وري جڏھن مٿن سنوان ٿي ويھو (تڏھن) پنھنجي پالڻھار جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن ھيءُ اسان کي نِوائي ڏنو ۽ (اسين) اُن جي نوائڻ جي (ڪڏھن) طاقت رکندڙ نه ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ ته توهان انهن جي پٺيءَ تي محڪم ٿي ويهو، ۽ پوءِ جڏهن انهن تي محڪم ٿي ويهو تڏهن پنهنجي پروردگار جو فضل ياد ڪيو ۽ چئو ته، وڏو شان آهي انهيءَ جو جنهن اسان جي لاءِ هنن کي تابع ڪري ڏنو، ۽ اسان پنهنجي طاقت سان هنن کي هرگز تابع ڪري نه سگهون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته توهان انهن جي پُٺين تي هموار ٿي ويهو ان کان پوءِ توهان پنهنجي رب جون نعمتون ياد ڪريو جڏهن توهان انهن تي هموار ٿي ويهو ۽ توهان چئو، اهو رب پاڪ آهي جنهن اسان لاءِ هن سواريءَ کي مسخر بنايو ۽ اسين ان کي قابو ڪندڙ ناهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته اوهين انهن تي چڙهي وهو ۽ جڏهن انهن تي (چڱيءَ طرح) سڌا ٿي وهو ته پنهنجي پروردگار جو احسان ياد ڪريو ۽ چئو ته اهو (خدا سڀ عيب کان) پاڪ آهي جنهن هن کي اسان جو تابع ڪيو هوڏانهن اسين ته اهڙي (طاقت وارا) نه هئاسون جو اسان جي وس ۾ رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته سڌا ٿي وهو انهن جي پٺين تي ان کان پوءِ ياد ڪيو پنهنجي رب جي نعمت جڏهن برابر ٿي وهو ان تي ۽ چئو ته پاڪ آهي اهو (الله) جنهن مطيع ڪيو اسان لاءِ هن کي ۽ نه هئاسون اسين ان تي طاقت رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته اوهين انهن جي پٺين تي چڙهي ويهو وري جڏهن انهن تي چڙهي ويهو ته پنهنجي پاليندڙ جي نعمت ياد ڪريو ۽ چؤ ته اهو پاڪ آهي جنهن اسان کي هي تابع ڪري ڏنا ۽ اسان کي ان جي طاقت نه هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته توهان انهن جي پٺين تي چڙهي ويهو پوءِ پنهنجي پالڻهار جي نعمت کي ياد ڪيو جڏهن توهان انهن تي چڙهي ويهو ۽ چئو ته: ”پاڪ آهي اُها ذات جنهن اسان کي هي (سواري) تابع ڪري ڏني حالانڪه اسان ان کي قابو ڪري سگهڻ وارا نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان پُورا وِهون پُٺين تي، تِهانپوءِ تڪرار، ساريو پَنهنجي سائـِينءَ جا، ڪرم برقرار، جڏهن سَوَلا مٿن سواٿيا، ۽ وراڻيو تنهن وار، ته پَڪ پاڪائـِي اُن کي، جنهن اَسان هِيڻن هار، جنهن هِي گھوڙا، ٻيڙا ڪري، ڏِنان تهدِل تابِعدار، ۽ نَه ته نه آهيون، اَسِين اُن کي، وارڻ وارا وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته انهن جي پٺين تي ويهو، ۽ پوءِ جڏهن مٿن سوار ٿيو، تڏهن پنهنجي رب جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو ته ”اهوپاڪ آهي، جنهن هيءَ (سواري) اسان کي نوائي ڏني، جنهن جي اسان کي طاقت نه هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته توهان انهن جي پٺين تي چڙهي ويهو ۽ جڏهن چڙهي سوار ٿيو ته پنهنجي رب جي نعمت ياد ڪريو ۽ چئو: "پاڪ آهي اها ذات، جنهن اسان لاءِ انهن کي تابع بڻايو آهي، نه ته اسان کي ڪهڙي طاقت هئي، انهن کي قابو ڪري جهلڻ جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن توهان سوار ٿيو انهن جي پٺيءَ تي پوءِ ياد ڪريو احسان پنهنجي رب جو جڏهن سوار ٿيو انهن تي ته چئو، پاڪ آهي اهو جنهن تابع ڪيو اسان جي لاءِ انهن کي نه ته انهن کي قابو رکڻ جي سگهه ڪنهن کي به ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن انهن جي پٺين تي چڙهي سڌا ٿي ويھو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت کي ياد ڪريو ۽ دعا گهرو: (الله تعالى) پاڪ آهي جنھن هُن کي اسان جي لاءِ تابع ڪيو. اسان ۾ کين قابو ڪرڻ جي طاقت نه هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا إِلىٰ رَبِّنا لَمُنقَلِبونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان (آخر) پنهنجي پرودگار ڏي موٽڻا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان کي يقيناً پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسين پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻ وارا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن البته موٽندڙ آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ (هڪ ڏينهن) اسان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پنهنجي پَروَر پار، اَسِين مُورهِين آهيون موٽڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏي موٽڻا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نيٺ ته اسان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽي هلڻو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ موٽڻو آهي اسان کي پنهنجي رب ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار اسان سڀني کي پنھنجي پالڻھار ڏي ئي موٽي هلڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلوا لَهُ مِن عِبادِهِ جُزءًا إِنَّ الإِنسٰنَ لَكَفورٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ الله لاءِ سندس ٻانھن مان اولاد مقرر ڪيائون، بيشڪ ماڻھو پڌرو بي شُڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (افسوس جو الله جي ايترين نعمتن هوندي به) هي ماڻهو الله سان سندن (خلقيل) ٻانهن مان ڪن کي جزو يا حصو ٺهرائين ٿا، بيشڪ انسان ظاهرظهور بي شڪر آهي (۽ خدا جي نعمتن جو قدر نٿو ڪري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن، الله لاءِ سندس ٻانهن کي خدا جو اولاد بنايو، بيشڪ انسان يقيناً صاف ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (ڪافرن ته) سندس بندن مان الله جي لاءِ اولاد ٺهرائي آهي. بيشڪ انسان ظاهر ناشڪرو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيائون ان جي لاءِ ان جي ٻانهن مان ٽڪرا بيشڪ انسان البته کليل بي شڪر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله لاءِ سندس ٻانهن مان اولاد ٺهرايا اٿن. بيشڪ انسان ظاهر بي شڪر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهو سڀ ڄاڻندي به ) انهن سندس ٻانهن مان ڪن کي سندس حصو (يعني اولاد) بنايو. بيشڪ انسان پڌرو احسان فراموش آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جوڙيؤن جُزو اُن جو، سَندسِ پُڄارِيَن مان پَڪ، بي شُڪرو بي شڪ ماڻهو آهي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله لاءِ سندس ٻانهن مان جزو مقرر ڪيائون، بيشڪ انسان صفا بي شڪر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان هوندي به) انهن ماڻهن سندس ٻانهن مان ڪن کي کڻي سندس جزو بڻايو. بيشڪ انسان پڌرو احسان فراموش آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو سڀ ڄاڻندي) مقرر ڪيو انهن (الله) سان سندس بندن کي هڪ حصو، بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن سندس ئي ٻانهن مان ان (الله) جي لاءِ رشتو ڳنڍي ڇڏيو. بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمِ اتَّخَذَ مِمّا يَخلُقُ بَناتٍ وَأَصفىٰكُم بِالبَنينَ (آيت : 16) |
(الله) پنھنجي مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون اختيار ڪيون ڇا ۽ اوھان کي پٽن سان چونڊيو اٿس (ڇا) ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (اي ڪافرؤ توهان جو هي خيال آهي ڇا ته) الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق مان ڪن کي پنهنجون ڌيئر ڪيو اٿس ۽ اوهان کي (اوهان جي پسنديءَ مطابق) پٽ ڏنا اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ان پنهنجي مخلوق مان پاڻ لاءِ نياڻيون پسند ڪيون؟ ۽ توهان کي پٽ ڏيئي اعليٰ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا هن پنهنجي مخلوقات مان (پاڻ لاءِ ته) ڌيئرون بنايون ۽ اوهان کي چونڊي پٽ ڏنا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ورتائين (پاڻ) ان مان جو پيدا ٿو ڪري ڌيئرون ۽ برگزيدو ڪيائين اوهان کي پٽن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا الله پنهنجيءَ مخلوق مان (پاڻ لاءِ) ڌيئرون بنايون ۽ اوهان کي پٽن لاءِ چونڊيو آهي ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا (الله) پنهنجي مخلوق مان (پنهنجي لاءِ) نياڻيون بنايون ۽ اوهان کي پُٽن لاءِ چونڊيائين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا جيڪي جوڙئـِين تِنهن مان، ڌِيون ڌُئائـِين پاڻ ؟ ۽ ڪُونڌر اوهان ڪاڻ، پَروَر پاڪ پَسند ڪيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، الله پنهنجي خلق مان پنهنجي لاءِ ڌيئون پسند ڪيون؛ ۽ اوهان کي پٽن ملڻ لاءِ چونڊيائين؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله پنهنجيءَ مخلوق مان پاڻ لاءِ ته ڌيئر کنيون آهن، باقي توهان کي پٽن سان نوازيو اٿائين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا (الله) چونڊيون آهن پنهنجي مخلوق مان ڌيئرون ۽ نوازيائين توهان کي پٽن سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا الله تعالى پنھنجي مخلوق مان ڌيئرون ئي پسند ڪيون آهن ۽ توهان کي وري پُٽَ چونڊي ڏنائين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِما ضَرَبَ لِلرَّحمٰنِ مَثَلًا ظَلَّ وَجهُهُ مُسوَدًّا وَهُوَ كَظيمٌ (آيت : 17) |
۽ جڏھن منجھائن ڪنھنکي اُنھيءَ شيءَ (يعني ڌيءُ جي ڄمڻ) جي خبر ڏجي جيڪا ٻاجھاري (الله) لاءِ مثال بيان ڪئي اٿس (تڏھن) سندن منھن ڪاراٽجي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريو ھوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (حقيقت ته هي آهي ته) جڏهن هنن مان ڪنهن کي (ڌيءُ جي ڄمڻ جي) خبر ڏني وڃي ٿي، انهيءَ جي جيڪي هو رحمان خدا سان منسوب ڪري ٿو (ته هن کي ڌيئرون آهن)، تڏهن سندس منهن ڪارو ٿي وڃي ٿو، ۽ هو دل ئي دل ۾ گُهٽجي وڃي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن مان هڪڙي کي (نياڻي جي) مبارڪ ڏني وڃي ٿي جيڪو مثال اهي الله لاءِ ڏين ٿا ته سندن چهرو ڦِري ڪارو ٿئي ٿو ۽ اهي سخت غمگين ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن انهن مان ڪنهن کي جڏهن ان (ڌي) جي خوش خبري ڏني وڃي ٿي جنهن جو مثال هن خدا جي لاءِ ٻڌايو آهي، ته سندس منهن (ڪاوڙ کان) ڪارو ٿي پوي ٿو ۽ (بدن ۾) پيچ و تاب کائي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن خوشخبري ڏنو ويو هڪڙو انهن مان ان سان جو نسبت ڪيائين الله جي لاءِ مثال ته ٿي پيو منهن ان جو ڪارو ۽ اهو ڪاوڙ ۾ ڀريل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن انهن مان ڪنهن کي جڏهن ان (يعني ڌيءَ جي ڄمڻ) جي خوشخبري ٻڌائبي جنهن جو مثال وڏي مهربان (الله) لاءِ مقرر ڪيو اٿس ته ان جو منهن ڪارو ٿي ويندو ۽ اهو غم ڀريل ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه جنهن (اولاد يعني نياڻين) کي اهي رحمان ڏانهن منسوب ڪن ٿا ان (جي ڄمڻ) جو اطلاع جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي پاڻ کي ڏنو وڃي ته ان جو مُنهن ڪارو ٿي وڃي ٿو ۽ اهو غم ۾ ڀرجي وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اُنهن مان هِڪ اِنسان کي، مِلِي ڌئَ جي ڌِير، جِنهن جوڙي مِثال ڏِنو، صاحِب لاءِ سُڌِير، ته مُنهن ٿِئَسِ نِير، ۽ اَندر کاڌل آھِ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن انهن مان ڪنهن کي ان جي خوشخبري ٿي ڏجي، جا هن ٻاجهاري خدا لاءِ مثال بيان ڪئي، (يعني ڌيءَ) تڏهن سندس منهن ڪاراٽجي ويندو آهي ۽ هو ڏک ۾ ڀربو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن حالت اها آهي ته جنهن اولاد کي اهي رحمان ڏانهن منسوب ڪن ٿا، ان جي ڄمڻ جي خوشخبري جڏهن خود انهن مان ڪنهن کي ڏني وڃي ٿي ته سندس منهن ڪاراٺجي وڃي ٿو ۽ هو ڏک ۾ ڀرجي ٿو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن خوشخبري خود انهن مان ڪنهن کي ڏني ويندي آهي، نسبت رحمٰن جي سان مثال طور ته ڪاراڻ اچي ويندي آهي انهن جي چهرن تي ۽ اهو غم ۾ ٽمٽار ٿي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن مان ڪنھن کي (ڌيءَ ڄمڻ جي) خبر ڏني وڃي ٿي جيڪا هو رحمٰن سڳوري ڏي نسبت ڪري ٿو ته سندس منھن ڪاراٽجي ويندو آهي ۽ ڳڻتي ۾ وڪوڙجي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَمَن يُنَشَّؤُا۟ فِى الحِليَةِ وَهُوَ فِى الخِصامِ غَيرُ مُبينٍ (آيت : 18) |
جيڪو ڳھن ۾ پالجي ٿو ۽ اُھو جھڳڙي ۾ (پنھنجي ڳالھ کي) پڌرو ڪرڻ وارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اها (ڇوڪري) جيڪا زيورن (۽ گڏين) ۾ پلجي ٿي ۽ جا بحث مباحثي ۾ صاف طور ڳالهه به ڪري نٿي سگهي (سا خدا کي خاص طرح پسند آهي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا جيڪو ماڻهو زيورن ۾ پاليو وڃي ٿو ۽ اهو بحث ۾ چِٽو نه ڳالهائي (اهو رب تعالى جو اولاد ٿي سگھي ٿو ! قطعاً نه)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اها (عورت) جنهن کي زيور پائي پالجي ٿو ۽ جهيڙي ۾ (چڱيءَ طرح) ڳالهائي به نه سگهي (خدا جي ڌي ٿي سگهي ٿي؟)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جيڪو پاليو وڃي ٿو زيورن ۾ ۽ اهو جھيڙي ۾ ناهي واضح ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا (ان کي الله جو اولاد ٺهرايو ٿا) جنهن کي زيور پائي پالجي ٿو ۽ اهو جهڳڙي ۾ (ڳالهه کي) ظاهر نه ٿو ڪري سگهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا (الله جو اولاد نياڻيون آهن) جيڪي زيورات ۾ پلجن ۽ بحث ۽ حجت ۾ (پنهنجي ڳالهه) چِٽي به نه ڪري سگهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڄائو سو ڄَڻ جو پَلجي پَٽورِيَن ۾؟ ۽ نه سامهون ڪِنهن به سَڄڻ، ٻاهِر ٻولِي ٻولڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ته اهو ٻار بُرو،) جيڪو ڳهن ۾ پالجي ٿو ۽ هو جنگ ۾ چٽو ٿيندڙ نه آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله جي حصي ۾ ته اها اولاد آئي آهي، جيڪا ڳهن ڳٺن ۾ پلجي ٿي ۽ بحث ۽ دليل بازيءَ ۾ پنهنجو مطلب کولي پيش به نٿي ڪري سگهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا (الله جي) حصي ۾ اهو ڳهن ڳٺن ۾ پاليل اولاد آيو آهي جيڪو ڪنهن جهيڙي جهڳڙي ۾ پنهنجو مقصد پوري طرح پڌرو نٿو ڪري سگهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي (الله تعالى جي لاءِ اهڙي اولاد پسند ڪن ٿا) جيڪا زيورن ۾ پالي ويندي آهي ۽ اُها ڪنھن جهڳڙي ۾ پنھنجي ڳالهه کي وضاحت سان به پيش نه ڪري سگهندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلُوا المَلٰئِكَةَ الَّذينَ هُم عِبٰدُ الرَّحمٰنِ إِنٰثًا أَشَهِدوا خَلقَهُم سَتُكتَبُ شَهٰدَتُهُم وَيُسـَٔلونَ (آيت : 19) |
۽ ملائڪن کي (الله جون) ڌيئرون مُقرّر ڪيون اٿن جي (پاڻ) الله جا ٻانھا آھن، (اھي) سندن پيدا ٿيڻ وقت حاضر ھوا ڇا؟ سندين (اھا) شاھدي سِگھو لکبي ۽ (ھُو قيامت ۾) پُڇيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن (ڪافرن) ملائڪن کي جيڪي رحمان خدا جا ٻانها آهن عورتون ٺهرايو آهي. ڇا هنن (ڪافرن انهن ملائڪن جي) خلقت روبرو ڏٺي هئي؟ (يعني جڏهن ملائڪ خلقيا ويا هئا تڏهن اهي ڪافر بروقت اتي موجود هئا ڇا؟) هنن جي اها شاهدي يا عقيدو (ته ملائڪ عورتون آهن سندن اعمال نامي ۾) لکيو ويندو ۽ (ان بابت) کانئن پڇاڻو ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (ڪافرن) ملائڪن کي مؤنث بنايو اُهي (ملائڪ در حقيقت) رحمان جا ٻانها آهن، ڇا اهي انهن جي تخليق وقت موجود هئا؟ جلد انهن جي گواهي لکي ويندي ۽ انهن کان (آخرت ۾ ان بابت) پڇيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ماڻهن فرشتن کي جو اهي به خدا جا بندا آهن (خدا جون) ڌيئرون مقرر ڪيون آهن. ڇا اهي انهن (ملائڪن) جي پيدائش وقت ڏسي رهيا هئا؟ انهن جي اها شاهدي لکي ويندي ۽ (قيامت ۾) انهن کان پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيائون ملائڪن کي جيڪي اهي رحمان جا ٻانها آهن عورتون ڇا موجود هئا انهن جي پيدا ٿيڻ وقت جلد لکي ويندي شاهدي انهن جي ۽ پڇا ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ملائڪن کي جيڪي وڏي مهربان (الله) جا ٻانها آهن ڌيئرون ٺهرايو اٿن. ڇا اهي انهن جي پيدائش وقت حاضر هئا؟ انهن جي اها شاهدي لکي ويندي ۽ انهن کان پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ملائڪن کي جيڪي رحمان جا عبادتگذار آهن عورتون قرار ڏنو آهي. ڇا اُهي انهن جي پيدائش وقت حاضر هئا؟ انهن جي اِها شاهدي لکي ويندي ۽ (روزِ محشر) انهن کان پڇيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، مَلڪن ٺَهرايون مادِيون، جي ٻاجھاري جا ٻانها؟ ڇا، ساکي سَندنِ جوڙ تي، هُئا ڌُر کان ديوانا؟ وِهلو لکنداسون وَهِئَ ۾، سَندنِ بيانا، ۽ مُقرر مَستانا، پُڇاڙِي پُڇائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ملائڪن کي ڌيئون بنايائون، جيڪي الله جا ٻانها آهن! ڇا اُهي انهن جي پيدا ٿيڻ وقت حاضر هئا؟ سگهوئي انهن جي شاهدي لکبي ۽ کانئن پڇاڻو وٺبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ملائڪن کي جيڪي رحمان جا خاص ٻانها آهن، ڌيئر بڻايو آهي. ڇا انهن سندن جسماني بناوت ڏٺي آهي؟ سندن شاهدي لکي ڇڏبي ۽ کين ان جو جواب ڏيڻو پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قرار ڏنو ملائڪن کي جيڪي آهن خاص ٻانها رحمٰن جا عورتون، ڇا انهن جي جسم جي بناوٽ انهن ڏٺي آهي؟ لکي ويندي سندن شاهدي ۽ کين ان جو جواب ڏيڻو پوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُهي ملائڪ جيڪي رحمان سڳوري جا (خاص) ٻانها آهن تن کي انهن ماڻهن ڌيئرون قرار ڏنو آهي. ڇا هنن ماڻهن (ملائڪن جي) پيدائش کي ڏٺو آهي؟ انهن جي اها شاهدي لکي ويندي ۽ انهن کان (ان باري ۾) پڇاڻو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَو شاءَ الرَّحمٰنُ ما عَبَدنٰهُم ما لَهُم بِذٰلِكَ مِن عِلمٍ إِن هُم إِلّا يَخرُصونَ (آيت : 20) |
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) گھري ھا ته انھن (ملائڪن) جي عبادت نه ڪريون ھا کين ھن (ڳالھ) جي ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (ڪافر) چوندا آهن ته جيڪڏهن رحمان خدا چاهي ها ته اسان انهن (ٻين ديوتائن يا بتن وغيره کي) نه پوڄيون ها، هن بابت هنن کي ڪوبه علم ڪونهي. هو فقط ڪوڙا دليل پيش ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن چيو جيڪڏهن رحمان چاهي ها ته اسين ملائڪن جي عبادت نه ڪريون ها، انهن کي ان جو ڪوبه علم ناهي، اهي ته فقط ڪوڙ ڳالهائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن کي نه پوڄيون ها. انهن کي ان ڳالھ جي ڪا خبر نه آهي، اهي رڳو خيالي ڳالهيون ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون پيا ته جيڪڏهن گھري ها رحمٰن ته نه عبادت ڪيون ها انهن جي ناهي انهن کي ان جو ڪو علم ناهن اهي مگر ٿا اٽڪل سان ڳالهه ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن وڏو مهربان (الله) گهري ها ته انهن (ملائڪن) کي نه پوڄيون ها. انهن کي ان ڳالهه جي ڪا خبر نه آهي، اهي رڳو خيالي ڳالهه چون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي چون ٿا ته: ”جيڪڏهن رحمان گهري ها ته اسان انهن (بتن) کي نه پوڄيون ها“. انهن کي ان (حقيقت) جي ڪا خبر نه آهي. اُهي رڳو خيالي ڳالهيون چون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، گُھريو هُوند غفار، ته پٽيِين نَه پُوڄيوسون اُنهن کي، اُنهن کي اِن ڳالھ جِي، سُڌ نه سَماچار، ڪارن ڪُوڙن ڌار، ٻِيو ٻولِين ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چون ٿا ته ”جيڪڏهن الله گهري ها، ته انهن جي عبادت نه ڪريون ها.“ هن بابت انهن کي ڪا خبر ڪانهي، اهي رڳو ڌُڪا ٿا هڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته جيڪڏهن رحمان ائين گهري ها ته (اسان انهن جي عبادت نه ڪريون) ته اسان کين ڪڏهن به نه پوڄيون ها. اهي معاملي جي حقيقت کي نٿا ڄاڻن، رڳو پيا ٿا ڌڪي بازي ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چوندا، جي گهري ها رحمٰن ته (اسان انهن جي عبادت نه ڪريون ته) اسان کين نه پوڄيون ها. اهي ان بابت ڪجهه نٿا ڄاڻن، بس اهي رڳو هڻن ٿا ڌڪا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي چون ٿا ته جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته اسان بتن جي عبادت نه ڪريون ها، کين ان حقيقت جي ڪابه خبر نه آهي. هي ويھي رڳو ڌُڪا هڻن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا مِن قَبلِهِ فَهُم بِهِ مُستَمسِكونَ (آيت : 21) |
کين ھن (قرآن) کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُنھن اُن کي چنبڙي ورتو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن آهي ڇا ته) اسان هن کان اڳي هنن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي جو هو ان تي محڪم آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان انهن کي ان کان اڳ ۾ ڪتاب نه ڏنو؟ پوءِ اِهي ان تي عمل ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا هن کان اڳي اسان کين ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا! جو تنهن کي مضبوط جهليو ويٺا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڏنوسون انهن کي ڪو ڪتاب ان کان اڳي پوءِ اهي ان کي مضبوطيءَ سان وٺندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا هن کان اڳي اسان کين ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا جو ان کي چنبڙي ورتو اٿن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان هن کان اڳ انهن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي پوءِ اُهي ان سان چنبڙيل آهن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اُنهن کي اڳي ڪتاب، ڪو بَخشِيوسون بيشڪ، هي پَڪڙِيندڙ پَڪ آهِن، پوءِ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي هن کان اڳ ڪو ڪتاب ڏنو اٿئون ڇا؟ جو ان کي چنبڙي ورتو اٿن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان هن کان اڳ کين ڪو ڪتاب ڏنو هو، جو پوءِ ان کي کڻي قابو ڪري جهليو اٿن؟ (۽ ان جي ســَـنــَـدَ سان ٿا ملائڪن کي پوڄين) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان ڏنو هو ڪتاب هن کان اڳي، جنهن جي (ملائڪ پرستي لاءِ) ڪا سند پاڻ وٽ رکندا هجن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن کي هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هو جو هو ان (ڪوڙي عقيدي) تي مضبوطيءَ سان قائم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل قالوا إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُهتَدونَ (آيت : 22) |
(نه!) بلڪ چوندا آھن ته بيشڪ اسان پنھنجن ابن ڏاڏن کي ھڪ مذھب تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن پيرن تي رستي لھڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين ناهي بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته هو چوندا آهن ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي دين جي هڪڙي طريقي تي ڏٺو ۽ اسان انهن جي ئي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ انهن چيو بيشڪ اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي اُن دين تي لڌو ۽ بيشڪ اسين انهن جي نقشِ قدم تي هدايت وارا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اهي چون ٿا ته بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين سندن پيرويءَ تي بلڪل ٺيڪ هلي رهيا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ چيائون ته بلاشڪ اسان لڌو اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ رستي تي ۽ بيشڪ اسان انهن جي پيرن جي نشانن تي هدايت وارا آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر اهي چون ٿا ته بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ رستي تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن نشانن تي هلي رهيا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نه) پر اِهي چون ٿا ته: ”اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي لڌو ۽ بيشڪ اسان انهن جي نشانن تي (هلندي) هدايت يافته آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ چَيائون ڪِنهن پَرتي، پاتاسون پَنهنجا پِئَر، ۽ پُورا مَٿي پـير، اَسِين اُنهن جي آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪه چون ٿا ته، ”بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ مذهب تي ڏٺو ۽ اسين به انهن جي پيرن جي نشانن تي هلندڙ آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه نه، بلڪه چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪڙي طريقي تي هلندي ڏٺو ۽ اسان به سندن طريقي تي پيا ٿا هلون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه، پر اهي چوندا آهن ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو آهي ۽ اسان انهن جي نقشِ قدم تي هلي رهيا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه! بلڪه هو چون ٿا ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ ئي طريقي تي هلندي ڏٺو آهي ۽ بيشڪ اسان ته انهن جي نقش قدم تي هلي رهيا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ ما أَرسَلنا مِن قَبلِكَ فى قَريَةٍ مِن نَذيرٍ إِلّا قالَ مُترَفوها إِنّا وَجَدنا ءاباءَنا عَلىٰ أُمَّةٍ وَإِنّا عَلىٰ ءاثٰرِهِم مُقتَدونَ (آيت : 23) |
۽ اھڙي طرح توکان اڳ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليوسون پر اُن جي آسودن (ماڻھن) چيو ته اسان پنھنجا پيءُ ڏاڏا ھڪ دين تي ڏٺا ۽ بيشڪ اسين انھن (ئي) جي پيرن تي پيروي ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهڙيءَ ئي طرح اسان جڏهن به ڪو خبردار ڪندڙ (نبي سڳورو) توکان اڳي ڪنهن بستيءَ يا شهر ۾ موڪليو تڏهن ان شهر جي آسائشي ماڻهن چئي ڏنو ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي دين جي هڪڙي طريقي تي ڏٺو ۽ اسان به انهن جي نقش قدم تي هلي رهيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙيءَ طرح نه موڪليو اسان توهان کان اڳ ۾ (ڪنهن) ڳوٺ ۾ ڪو پيغمبر مگر ان ڳوٺ جي وڏن ماڻهن چيو بيشڪ اسان پنهنجي پيءُ ڏاڏن کي ان دين تي لڌو ۽ بيشڪ اسين انهن جي نقسِ قدم جي تابعداري ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اهڙيءَ طرح تو کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) اسان نه موڪليو پر ان جي آسودن (ماڻهن) اهو ئي چيو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ڏٺو ۽ اسين پڪ انهن جي قدمن تي هلي رهيا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح نه موڪليو اسان توکان اڳي ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ مگر چيو آسودن انهن مان بلاشڪ، اسان لڌو سون ابن ڏاڏن پنهنجن کي هڪ رستي تي ۽ بيشڪ اسين انهن جي پيرن جي اقتدا، ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح تو کان اڳ ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ اسان نه موڪليو پر اُن جي سُکِين (ماڻهن) چيو ته بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ رستي تي ڏٺو ۽ بيشڪ اسين سندن نشانن جي پيروي ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان تو کان اڳ ڪنهن به بستي ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه موڪليو مگر اتان جي وڏيرن چيو ته: ”بيشڪ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي ۽ مذهب تي لڌو ۽ بيشڪ اسان انهن جي نشانن جي پيروي ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان توکان اڳ ۾، گوهر! مَنجھ ڪِنهن گام، نه موڪليوسون مُورهين، ڄاڻوئـِي ڪو ڄام، مگر مُکِيُن اُن جي، ڪَهيو هِي ڪَلام، ته پاتاسون پِئَ پَنهنجا، لَمندڙ مَٿي ڪِنهن لام، تابِع آهيون تمام، تَن جي پَريَن جا، پُريُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙيءَ طرح توکان اڳ اسان جنهن به ڳوٺ ڏي ڊيڄاريندڙ موڪليو، ان جي آسودن ماڻهن به ائين ئي چيو ته ”بيشڪ اسان پنهنجا ابا ڏاڏا هڪ دين تي ڏٺا ۽ اسين انهن جي ئي پيرويءَ تي هلون ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح توکان اڳ جنهن به ڳوٺ ۾ اسان ڪو ڊيڄاريندڙ موڪليو ته اتان جي آسودن ماڻهن ائين ئي چيو ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هڪڙي طريقي تي هلندو ڏٺو آهي ۽ اسان به انهن جي ئي طريقي تي هلندڙ آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح ڪنهن کي اسان موڪليو اڳ ۾ تو کان جنهن آبادي ۾ ڪو نذير (ڊيڄاريندڙ) ته چيو ان جي سَرندي وارن ماڻهن، اسان ڏٺو پنهنجي ابن ڏاڏن کي هڪ طريقي تي ۽ اسان انهن جي ئي پيروي ڪري رهيا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طرح اسان توکان اڳ جنھن به شھر ۾ ڊيڄارڻ وارو موڪليو آهي ته اُتان جي خوشحال ماڻهن اهوئي جواب ڏنو ته بيشڪ اسان پنھنجي ابن ڏاڏن کي هڪ ئي طريقي تي هلندي ڏٺو آهي ۽ بيشڪ اسان ته انهن جي نقش قدم جي پيروي ڪري رهيا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قٰلَ أَوَلَو جِئتُكُم بِأَهدىٰ مِمّا وَجَدتُم عَلَيهِ ءاباءَكُم قالوا إِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 24) |
(پيغمبر کين) چيو ته (پنھنجن ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندؤ) ڇا؟ جيتوڻيڪ اوھان وٽ اُھو (دين) آندو اٿم جنھن (دين) تي اوھان پنھنجن پين ڏاڏن کي ڏٺو تنھن کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکارڻ وارو آھي، چيائون ته جنھن شيء سان اوھان کي موڪليو ويو آھي تنھنجا اسين مُنڪر آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن جي پيغمبر کين) چيو ته ڇا (توهان وڏن جي غلط خيالن ۽ رسمن تي ڄميا رهندؤ) اگرچه مان توهان ڏي بهتر هدايت کڻي آيو آهيان انهيءَ کان جنهن تي توهان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو؟ هنن (ڪافرن) جواب ۾ چيو ته جيڪا هدايت اوهان پيغمبرن آندي آهي تنهن کي اسان بلڪل ڪونه ٿا مڃون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا جيڪو دين مون توهان وٽ آندو آهي اهو توهان جي آبائي دين کان وڌيڪ بهتر ناهي، ڪافرن چيو بيشڪ اسين رسالت جا انڪاري آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جنهن تي) سندن پيغمبر کين چيو به ته جنهن طريقي تي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو پوءِ اگرچ آءُ اوهان وٽ ان کان بهتر طريقو کڻي آيو آهيان (تڏهين به قبول نه ڪندا؟) هنن چيو (ڪجھ به هجي پر) اسين ته ان دين کي جو اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي (ڪڏهين به) ڪين مڃينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين جيتوڻيڪ آڻيان مان اوهان وٽ وڌيڪ سڌو دين ان کان جو لڌو اوهان ان تي ابن ڏاڏن پنهنجن کي چيايون ته بلاشڪ اسان ان ڳالهه جو جنهن سان اوهان موڪليا ويا آهيو ڪفر ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (سندن پيغمبر) چيو ته ڇا (پنهنجن وڏن جي پيروي ڪندو) جيتوڻيڪ آءُ اوهان وٽ ان کان چڱو طريقو کڻي آيو آهيانجنهن تي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو؟ انهن چيو ته (ڪجهه به هجي) جنهن شئي سان اوهين موڪليا ويا آهيو اسين ان جو انڪار ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هر نبي) چيو ته: ”ڇا جيتوڻيڪ آءٌ اوهان وٽ ان کان چڱو طريقو کڻي آيو آهيان جنهن تي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي لڌو“. انهن چيو ته: ”جنهن شيءِ سان توهان موڪليا ويا آهيو اسان ان جو انڪار ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آندمِ توءِ اوهان لئي، صَحِي سواٽو سَير، اِن کان ته اَوهان جنهن تي، پاتا پَنهنجا پيئَر، چي، جنهن سان مُڪاوِيا مٿير!، اَسِين اِنڪاري اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن چيو ته ”جيتوڻيڪ اوهان وٽ مون اهو آندو آهي، جو انهي کان وڌيڪ هدايت وارو آهي، جنهن تي اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ڏٺو؟“ چيائون ته، ”بيشڪ انهي کان انڪار ٿا ڪريون، جنهن سان توهين موڪليا ويا آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر نبيءَ کانئن اهو پڇيو ته ڇا توهان ائين ئي پيا هلندا رهندؤ، توڻي جو مان توهان کي ان رستي کان جنهن تي توهان پنهنجن ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو آهي، وڌيڪ هدايت وارو رستو ڏسيان؟ انهن سمورن رسولن کي اهوئي جواب ڏنو ته جنهن دين ڏانهن سڏڻ لاءِ توهان موڪليا ويا آهيو، تنهن جا ته اسان انڪاري آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هر نبيءَ کانئن پڇيو) ڇا توهان انهيءَ گس تي هلندؤ؟ (ڀلي آئون صحيح توهان کي ڏسيان) جنهن تي ڏٺو آهي توهان ابن ڏاڏن کي، انهن سڀني رسولن کي چيو: جنهن دين ڏي سڏڻ لاءِ توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ان جا منڪر آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پيغمبر) چيو ته جيڪڏهن مان توهان کي توهان جي ابن ڏاڏن جي رستي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏسيان ته ڇا پوءِ به توهان انهن جي رستي جي پيروي ڪندا؟ انهن چيو ته توهان کي جيڪا شيءِ ڏيئي موڪليو ويو آهي، بيشڪ اسان ان جا انڪاري آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانتَقَمنا مِنهُم فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 25) |
پوءِ کائن بدلو ورتوسون پوءِ ڏس ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪئن ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان هنن کي (سندن بدعملن جي) بدلي ۾ سزا ڏني. پوءِ ڏسو ته (حق کي) ڪوڙو ٺهرائيندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتو. پوءِ توهان ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته پوءِ اسان انهن کان (ڪئين به) بدلو ورتو (پوءِ) ڏسو ته ڪوڙن جي ڪهڙي پڇاڙي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بدلو ورتوسون انهن کان پوءِ ڏس ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي ڪوڙو چوندڙن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ ڏس ته ڪيئن ڪوڙو چوندڙن جي پڇاڙي ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ نهار ته ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان پوءِ اُن سان، پارِي پاڙو جَھاڙ، پوءِ پَس ڪِيئن آھِ پَڇاڙ، ڪوڙن ڪافرن جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کان اسان بدلو ورتو- پوءِ ڏس ته ڪوڙ ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ته اسان به کانئن بدلو ورتو، پوءِ ڏس ته ڪوڙو سڏيندڙن جي پڇاڙي ڇا ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار اسان انهن جي خبر ورتي، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي پڇاڙي (انهن) ڪوڙن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن کان انتقام ورتوــ پوءِ توهان ڏٺو ته ڪوڙو ڪرڻ وارن جو انجام ڪيئن ٿيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ إِبرٰهيمُ لِأَبيهِ وَقَومِهِ إِنَّنى بَراءٌ مِمّا تَعبُدونَ (آيت : 26) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته جنھن شيء کي (اوھين) پوڄيندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته، حضرت ابراهيم پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو هو ته جن (بتن ۽ ستارن وغيره) جي توهان پوڄا ٿا ڪيو تن کان مان بيزار آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جڏهن (حضرت) ابراهيم پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته بيشڪ آئون انهن (بتن) کان بيزار آهيان جن جي توهان عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي (رسمي) پيءُ (آذر) ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته جن کي اوهين پوڄيو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ابراهيم پنهنجي پيءُ (چاچي) کي ۽ پنهنجي قوم کي ته بلاشڪ مان بيزار آهيان انهن کان جن جي عبادت ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته جن کي اوهين پوڄيو ٿا تن کان بيشڪ آءُ بيزار آهيان، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ کي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته: ”بيشڪ آءٌ انهن (بتن) کان بيزار آهيان جن کي توهان پوڄيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِبراهيم اَبِسيَسِ کي، وراڻيو جِنهن وار، پڻ سَندسِ ذات جماعت کي، ته پوڄيو جَن پينار! آئون تَن کان آهيان، بِنہ بَرِي بيزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر، جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته، ”بيشڪ آءُ انهي کان بيزار آهيان، جن جي اوهين عبادت ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر، جڏهن ابراهيم پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو هو ته توهان جن جي عبادت ڪيو ٿا، منهنجو انهن سان ڪو واسطو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر اهو وقت جڏهن ابراهيم چيو هو پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي، بيشڪ منهنجو انهن سان واسطو ناهي جن جي بندگي ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن ابراهيم ($) پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيو ته بيشڪ مان توهان جي معبودن کان بيزار آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذى فَطَرَنى فَإِنَّهُ سَيَهدينِ (آيت : 27) |
پر جنھن مون کي پيدا ڪيو سو بيشڪ مون کي سگھوئي ھدايت ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان ته فقط انهيءَ (الله) جي ٻانهپ ڪندس، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي. هو يقيناً مون کي (ڪياميابي ۽ سعادت جي) سڌيءَ واٽ تي لڳائيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سواءِ ان خالق جي جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ بيشڪ اهو ئي جلد مون کي هدايت ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (آءُ ان جي عبادت ڪريان ٿو) جنهن مون کي پيدا ڪيو ته اهو ئي تمام جلد منهنجي هدايت ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن پيدا ڪيو مون کي پوءِ بلاشڪ اهو جلد هدايت ڪندو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مگر جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اهو ئي مون کي رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي پوءِ اُهو ئي مون کي جلد راهه ڏيکاريندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر مون کي مِهر سان، جوڙيو جنهن جبار، پوءِ سَنئـِين سُهائـِيندمِ، قادِر برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهي جي، جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي- پوءِ بيشڪ اهو مون کي جلد ئي رستي لڳائيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو واسطو ته فقط انهيءَ سان آهي، جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي، اهوئي مون کي صحيح دڳ لائيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) واسطو ان سان اٿم جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ اهو ئي منهنجي رهنمائي ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ (ان جي) جنھن مون کي پيدا ڪيو آهي. اهوئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلَها كَلِمَةً باقِيَةً فى عَقِبِهِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 28) |
۽ الله سندس اولاد ۾ اِھا (توحيد جي ڪلمي جي) ڳالھ ھميشه رھائي ته مانَ اُھي (ڪافر) موٽن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو اهائي نصيحت پنهنجي پٺيان ڇڏي ويو آهي ته من (سندس پويان يعني عرب ۽ بني اسرائيل) خدا ڏي رجوع ٿين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان ڪلمي کي سندس اولاد ۾ باقي رکيو ته من اهي موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان (ايمان) کي ابراهيم پنهنجي اولاد ۾ هميشه باقي رهڻ واري ڳالھ ڇڏي ويو هن لاءِ ته اهي (خدا ڏي) رجوع ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيائين ان کي (توحيد جو) ڪلمو باقي رهندڙ پنهنجي اولاد ۾ تانته اهي موٽن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (ڳالهه) کي الله سندس اولاد ۾ باقي رهڻ واري ڳالهه ڪيو ته مَنَ اهي رجوع ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ابراهيمُ اهو ڪلمهءِ (توحيد) پنهنجي پويان سندس اولاد ۾ ڇڏي ويو تان ته اُهي (الله ڏانهن) موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيائـِينسِ سَندس ڪٖيڙ ۾، باقِي يادگار، ان آسري آڌار، ته وَرن وَهِينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله سندس اولاد ۾ اها ڳالهه هميشه رهائي، ته من اهي موٽن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ابراهيم اهوئي قول پنهنجي پويان پنهنجي پونئيرن ۾ به ڇڏي ويو ته جيئن هو ڏانهس رجوع ڪندا رهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏي ويو (ابراهيم) اهو ئي ڪلمو (ڳالهه) پنهنجي پويان پنهنجي اولاد ۾، جيئن اهي ان ڏانهن موٽن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ابراهيم$ ) پنھنجي پونئرن ۾ توحيد جي ڪلمي کي باقي ڇڏي ويو ته جيئن ماڻهو (الله تعالى ڏي) رجوع ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل مَتَّعتُ هٰؤُلاءِ وَءاباءَهُم حَتّىٰ جاءَهُمُ الحَقُّ وَرَسولٌ مُبينٌ (آيت : 29) |
بلڪ مان انھن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو تان جو وٽن سچّو دين ۽ پڌرو پيغمبر (ﷺ) آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقت هيءَ آهي ته مان هنن (قريشن) کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي دنيائي نعمتون ڏيندو رهيو آهيان (اگرچه حق کان ڦري ويا آهن) تان جو هنن وٽ وري حق اچي ويو آهي ۽ حقيقتن کي چٽو ڪندڙ رسول وٽن اچي چڪو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اسان انهن کي ۽ انهن جي پيءُ ڏاڏن کي فائدو ڏنو، ايستائين جو انهن وٽ قرآن ڪريم ۽ رسولِ عربي پهتا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر آءُ انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي فائدو پهچائيندو رهيس تان جو وٽن (دين) حق ۽ صاف صاف ٻڌائڻ وارو رسول آيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ نفعو ڏنو مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي تانجو آيو انهن وٽ حق ۽ رسول کولي بيان ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر مون انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو، تان جو وٽن حق ۽ ظاهر رسول آيو ۽ جڏهن وٽن حق آيو تڏهن چيائون ته هي جادو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (بي فرمانين جي باوجود سزا نه ڏني) بلڪه مون انهن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو ايستائين جو انهن وٽ حق (يعني قرآن) ۽ حق کي پڌرو ڪندڙ رسول (محمد ڪريم ﷺ)آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر اُنهن کي ۽ سَندنِ اَبن کي، مَزا ماڻائي ڳَچ، تان آيُنِ صَفا سَچ، پڻ پيغمبر پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ مون انهن ۽ سندن ابن ڏاڏن کي آسودو ڪيو، تان جو وٽن سچ ۽ پڌرو رسول آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان هوندي به جڏهن هو ٻين جي بندگي ڪرڻ لڳا ته مون انهن کي مٽائي نه ڇڏيو) بلڪه کين توڙي سندن ابن ڏاڏن کي زندگيءَ جو مال متاع ڏيندو رهيس، تان جو وٽن حق ۽ کولي بيان ڪرڻ وارو رسول اچي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ماڻهن پوءِ به ٻين جي بندگي ڪئي ته مون کين ناس نه ڪيو) سندن وڏن کي زندگيءَ جو سامان ڏنم تان جو وٽن اچي ويو حق ۽ رسول پڌرو بيان ڪرڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ مون انهن کي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن کي خوشحالي ڏني، ايستائين جو انهن وٽ سچو دين ۽ پڌرو رسول آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ قالوا هٰذا سِحرٌ وَإِنّا بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 30) |
۽ جنھن مھل سچو دين وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيءَ جادو آھي ۽ بيشڪ اسين اُن جا مُنڪر آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (هو ته اهڙا بي شڪر آهن جو) جڏهن وٽن حق اچي چڪو آهي تڏهن چوڻ لڳا آهن ته هيءُ جادو آهي (۽ ڪوڙ آهي) ۽ اسان ان کي ڪونه ٿا مڃيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن وٽ حق پهتو انهن چيو هيءُ سحر آهي بيشڪ اسين ان جا انڪاري آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن وٽن (دين) حق آيو ته چوڻ لڳا هيءُ ته جادو آهي ۽ اسين (کيس) هر گز مڃڻ وارا نه آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو انهن وٽ حق ته چيايون هيء جادو آهي ۽ بيشڪ اسين ان جو ڪفر ڪندڙ آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين ان جا انڪار ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن وٽ حق آيو ته چيائون: ”هي جادو آهي ۽ بيشڪ اسان ان جا انڪاري آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن آيُنِ سَچ سارو، ته چيائون اِهڙي چال، هِي ڪُوڪٽ ڪو ڪارو، ۽ اَسِين اِنڪاري اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن وٽن سچ آيو، ته چيائون ”هيءُ ته جادو آهي ۽ بيشڪ اسين ان جا منڪر آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ جڏهن وٽن اهو حق اچي ويو ته انهن چيو ته "اهو ته جادو آهي ۽ اسان ان کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪريون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جڏهن آيو انهن وٽ حق ته انهن چئي ڏنو، هي ته جادو آهي ۽ اسان ان جي مڃڻ کان انڪاري آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن وٽ حق آيو ته چوڻ لڳا ته هي جادو آهي ۽ بيشڪ اسان ان کي مڃڻ کان انڪار ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَولا نُزِّلَ هٰذَا القُرءانُ عَلىٰ رَجُلٍ مِنَ القَريَتَينِ عَظيمٍ (آيت : 31) |
۽ چيائون ته (ھنن) ٻن ڳوٺن وارن مان ڪنھن سردار مڙس تي ھيءُ قرآن ڇونه نازل ڪيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چون ٿا ته هيءُ قرآن ڇو نه هنن ٻن (مکيه) شهرن جي ڪنهن وڏي (شاهوڪار يا سردار) تي نازل ڪيو ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ڪافرن) چيو ڇو نه نازل ڪيو ويو هيءُ قرآن انهن ٻن شهرن (مڪه ۽ طائف) جي ڪنهن امير ماڻهو تي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوڻ لڳا ته هي قرآن هنن ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) مان ڪنهن وڏي ماڻهو تي ڇو نه لاٿو ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇونه نازل ڪيو ويو هي قرآن ڪنهن مڙس تي ٻن ڳوٺن مان وڏي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته هنن ٻن ڳوٺن (مڪي ۽ طائف) مان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ تي هيءَ قرآن ڇو نه لاٿو ويو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون ته: ”هي قرآن ٻنهين ڳوٺن (مڪي ۽ طائف جي) مان ڪنهن وڏي ماڻهو (وڏيري يا سردار) تي ڇونه لاٿو ويو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هُوند هِي قُرآن، ٻِن ڳوٺن مان لاٿو ويو! ڪِنهن مَرد وڏي مان تي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ”ٻن ڳوٺن مان ڪنهن وڏي ماڻهوءَ تي هيءُ قرآن ڇو نه نازل ٿيو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چون ٿا ته هيءُ قرآن ٻنهي شهرن جي وڏن ماڻهن مان ڪنهن تي ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا، ڇو نه نازل ڪيو ويو اهو قرآن وڏن ماڻهن مان ڪنهن تي ٻنهي وڏن شهرن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چون ٿا ته هي قرآن ٻن شھرن (مڪي ۽ طائف) جي ڪنھن وڏي ماڻهوءَ جي مٿان ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَهُم يَقسِمونَ رَحمَتَ رَبِّكَ نَحنُ قَسَمنا بَينَهُم مَعيشَتَهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَرَفَعنا بَعضَهُم فَوقَ بَعضٍ دَرَجٰتٍ لِيَتَّخِذَ بَعضُهُم بَعضًا سُخرِيًّا وَرَحمَتُ رَبِّكَ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 32) |
اِھي تنھنجي پالڻھار جي رحمت وراھيندا آھن ڇا؟ اسان سندن گذران سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراھيو آھي ۽ اُنھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڏي مرتبي وارو ڪيوسون ته ھڪڙا ٻـين کي فرمانبردار ڪري وٺن، ۽ جيڪو (دنيا جو مال) گڏ ڪندا آھن تنھن کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت ڀلي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هي (هٺيلا) ماڻهو تنهنجي پروردگار جي رحمت (پنهنجي خيالن موجب) ورهائڻ ٿا چاهين؟ (هو ڏسن نٿا ته) هن دنيا جي زندگيءَ ۾ سندن روزي، منجهن اسان ئي ورهائي آهي (ٻين کي ڪهڙي طاقت آهي جو روزي يا پيغمبري ورهائي ڏين) ۽ اسان ئي ڪن ماڻهن کي ٻين ماڻهن کان (مختلف قسم جي) درجن ۾ مٿي رکيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ڪي ماڻهو ٻين کان (چڱا) ڪم وٺن، ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي پروردگار جي رحمت انهيءَ دنيا ئي دولت کان گهڻو بهتر آهي جا اهي (ڪافر) ماڻهو گڏ ڪندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي توهان جي رب جي رحمت (نبوت) جي تقسيم ڪن ٿا. اسين انهن جي وچ ۾ هن دنيا اندر سندن معيشت (روزي) کي تقسيم ڪريون ٿا ۽ درجن ۾ اسان انهن مان هڪڙن کي ٻين کان وڌيڪ ڪيو آهي، ان لاءِ ته انهن مان هڪڙا ٻين کان ڪم وٺن. ۽ رسولِ عربيءَ جي رب جي رحمت (نبوت) انهن جي دولت کان بهتر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي ماڻهو تنهنجي پروردگار جي رحمت کي (پنهنجي مرضيءَ پٽاندر) ورهائڻ چاهين ٿا؟ اسان ته سندن روزي انهن ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ اسان انهن مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا آهن ته انهن مان هڪڙا ٻين کان خدمت وٺن ۽ جيڪا (دولت) اهي گڏ ڪن ٿا تنهن کان تنهنجي پالڻهار جي رحمت (پيغمبر) گهڻو بهتر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اهي ورهائن ٿا تنهنجي رب جي رحمت اسان ورهايو انهن ۾ گذران انهن جو دنيا واري حياتيءَ ۾ ۽ بلند ڪيوسين هڪڙن کي ٻين جي مٿان درجن ۾ تانته وٺن هڪڙا انهن مان ٻين کي حڪم بردار ۽ تنهنجي رب جي رحمت ڀلي آهي ان کان جيڪو گڏ ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اهي پنهنجي پاليندڙ جي رحمت ورهائين ٿا ڇا؟ اسان سندن روزي سندن وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ ورهائي ڇڏي آهي ۽ اسان انهن مان هڪڙن جا ٻين کان درجا بلند ڪيا آهن ته انهن مان هڪڙا ٻين کي خدمتگار ڪري وٺن. ۽ جيڪا (دولت) اهي گڏ ڪن ٿا تنهن کان تنهنجي پاليندڙ جي رحمت گهڻو چٽي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي تنهنجي پالڻهار جي رحمت کي ورهائن ٿا؟ (بلڪه) اسان سندن روزي سندن وچ ۾ دنياوي زندگي ۾ ورهائي ڇڏي آهي، ۽ اسان انهن مان هڪڙن جا درجا ٻين کان بلند ڪيا آهن هن لاءِ ته اُهي هڪ ٻئي کان ڪم وٺي سگهن. ۽ تنهنجي پالڻهار جي رحمت ڀلي آهي ان (دولت) کان جيڪي اُهي گڏ ڪري رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اِهي اِنسان!، تُنهنجي ربَّ جي رحمت جا، ڏيھ ۾ وِراهن ڏان؟ اَسان اُنهن وچِ وِراهيو، گُذران بي گُمان، ڪِن کي ڏِناسون، ڪِن مٿان، درجا دَرجھان، ته بعض بنائي، بعض کي، سِپاهِي، سُلطان، ۽ درجا ڌَڻِي دَيان، مِهتر تَنيان مِڙِين جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا اهي ڪي تنهنجي رب جي رحمت ٿا وراهين ڇا؟ اسان ئي سندن گذران انهن جي وچ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ وراهيو آهي ۽ هڪڙن کي ٻين تي درجي ۾ مٿي ڪيوسون، ته هڪڙا ٻين کي تابعدار بنائين_ تنهنجي رب جي رحمت انهي کان بهتر آهي، جيڪي اهي گڏ ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي تنهنجي رب جي رحمت ورهائيندا آهن؟ دنيا جي زندگيءَ ۾ سندن گذران جا وسيلا ته منجهن اسان ورهايا آهن ۽ منجهانئن هڪڙن کي ٻين کان تمام گهڻو مٿانهون ڪيو آهي، تانته هڪ ٻئي کان ڪم وٺندا رهن ۽ تنهنجي رب جي رحمت (نبوت) ته انهيءَ دولت کان وڌيڪ ڀلي آهي، جيڪا (سندن وڏا ماڻهو) گڏ ڪندا ٿا رهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ورهائن ٿا رحمت تنهنجي رب جي؟ اسان ته ورهايا آهن انهن جي وچ ۾ وسيلا زندگي جي گذر بسر جا دنيا ۾، ۽ بلند ڪيوسين ڪن ماڻهن کي فضيلت ڏئي ڪن ٻين تي ڪيترا درجا، جيئن وٺن هڪ ٻئي کان خدمت ۽ رحمت تنهنجي رب جي ان دولت کان وڌيڪ قيمتي آهي (جيڪا سندن رئيس) گڏ ڪري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو تنھنجي پالڻھار جي رحمت جي ورهاست ڪن ٿا؟ (حقيقت هي آهي ته) اسان دنيا ۾ سندن وچ ۾ روزي کي تقسيم ڪيو آهي ۽ اسان اُنهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ته جيئن هو هڪ ٻئي کان خدمت وٺندا رهن. هي ماڻهو جيڪا دولت گڏ ڪري رهيا آهن ان کان تنھنجي پالڻھار جي رحمت گهڻو بھتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا أَن يَكونَ النّاسُ أُمَّةً وٰحِدَةً لَجَعَلنا لِمَن يَكفُرُ بِالرَّحمٰنِ لِبُيوتِهِم سُقُفًا مِن فِضَّةٍ وَمَعارِجَ عَلَيها يَظهَرونَ (آيت : 33) |
۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته (متان) ماڻھو ھڪ ٽولي (ڪفر جي) ٿي وڃن جيڪي ٻاجھاري (الله) جو انڪار ڪندا آھن تن لاءِ سندن گھرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙھن سي روپيون ڪريون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (دنيا ئي دولت بذات خود ڪجهه به ناهي) جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو (دولت جي هئڻ سببان) سڀ ماڻهو هڪ (بدڪار) امت ٿي وڃن ها ته اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي رحمان خدا کي نٿا مڃن سندن گهرن جون ڇتيون به چانديءَ جون ڪري ڇڏيون ها ۽ اهي ڏاڪڻيون جن تي چڙهن ٿا سي به چانديءَ جون ڪري ڇڏيون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سڀ ماڻهو هڪ دين تي هجن ها ته اسين ضرور رحمان جي انڪارين لاءِ، چاندي جي ڇتن وارا گھر ۽ سيڙهيون تيار ڪرايون ها جن تي اهي چڙهن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اها ڳالھ نه هجي ها جو (نيٺ ته) سڀ ماڻهو هڪڙي ئي طريقي تي ٿيندا ته اسين انهن لاءِ جيڪي خدا کان انڪار ڪن ٿا تن جي گهرن جون ڇتيون چاندي جون ڪريون ها ۽ اهي ڏاڪڻيون (به) جن تي ڇڙهن (لهن) ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها جو ٿي وڃن ماڻهو جماعت هڪ (ڪافر) ته البته ڪيون ها انهن جي لاءِ جيڪي ڪفر ڪن ٿا رحمٰن جو سندن گھرن جون ڇتيون چانديءَ مان ۽ ڏاڪڻيون جو انهن تي چڙهن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته (متان) ماڻهو (ڪافرن جي) هڪ ٽولي ٿي وڃن ته (جيڪر) جيڪي وڏي مهربان (الله) جو انڪار ڪن ٿا تن لاءِ سندن گهرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙهن ٿا، سي چانديءَ جون ڪريون ها (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اهو (انديشو) نه هجي ها ته سڀ ماڻهو (ڪفر تي گڏ ٿي) هڪ جماعت نه بنجي وڃن ته اسان رحمان سان ڪفر ڪرڻ وارن ماڻهن جي گهرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻون به چانديءَ جون ڪيون ها جن تي اُهي چڙهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهو نه هُئن مُورهِين، هِڪ جماعت جيڪر، ته ڦِري جو ڏاتار کان، ته ڪريون ها تِنهن ڪر، ڇِتيون گَھرن، رُپي جون، ۽ چاڙهيون چڙهن جَن سر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو ماڻهو هڪ ٽولي ٿي پون ها ته جيڪر اسين رحمان کي نه مڃيندڙن لاءِ سندن گهرن جون ڇتيون ۽ ڏاڪڻيون جن تي چڙهن ٿا، چانديءَ جون ڪريون ها- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اهو انديشو نه هجي ها ته متان سڀئي ماڻهو هڪ ئي طريقي وارا نه بڻجي وڃن ته انهن رحمان سان ڪفر ڪرڻ وارن جي گهرن جون ڇتيون ۽ سندن ڏاڪڻيون جن وسيلي مٿي ماڙين تي چڙهندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اهو انديشو نه هجي ها ته ماڻهو سمورا هڪ ئي طريقي جا ٿي ويندا ته اسان رحمٰن سان ڪفر ڪرڻ وارن لاءِ سندن گهرن جون ڇتيون بنايون ها چانديءَ جون ۽ انهن جون ڏاڪڻيون به جن تي اهي چڙهندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اِن ڳالهه جو خدشو نه هجي ته متان هي سڀ ماڻهو (ڪفر تي) هڪ ٿي وڃن ته اسان الله تعالى جو انڪار ڪرڻ وارن جي گهرن جون ڇتيون ۽ مٿي چڙهڻ واريون ڏاڪڻيون چانديءَ جون ٺاهي ڇڏيون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِبُيوتِهِم أَبوٰبًا وَسُرُرًا عَلَيها يَتَّكِـٔونَ (آيت : 34) |
۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جن تي ٽيڪ ڏيئي ويھن (سي به روپا ڪريون ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ اهي تخت (يا ڪوچ) جن تي ٽيڪ ڏئي ويهن ٿا (سي به چانديءَ جا ڪري ڇڏيون ها.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جي گھرن لاءِ (چانديءَ جا) دروازا ۽ تخت ٺهرايون ها جن تي ٽيڪ ڏين ها ۽ کين هر قسم جي آرائش ڏيون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ سندن گهرن جا دروازا ۽ اهي پلنگ جن تي ٽيڪ لڳائي وهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سندن گھرن جا دروازا ۽ تخت جو انهن تي ٽيڪ ڏئي وهن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ پلنگ جن تي ٽيڪ لڳائي وهن ٿا (سي به چانديءَ جا ڪريون ها). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي گهرن جا دروازا ۽ پلنگ جن تي ٽيڪ لڳائي ويهن ٿا (سي به چاندي جا ڪيون ها).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪريون دَرڪوٽن جا، سَندا سونَ سَکر، پڻ سُهڻيون سيجون، جَن تي، ڏِين ڀَلير،ڀر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ پلنگ جن تي ٽيڪ ڏيئي ٿا ويهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن جا دروازا ۽ سندن اهي تخت جن تي هو طول وهاڻن تي ٽيڪون ڏئي ويهندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندن گهرن جا دروازا ۽ تخت ۽ جن تي اهي وهاڻا هڻي ٽيڪ ڏيندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن جي گهرن جا دروازا ۽ انهن جا تخت جن تي هو ٽيڪ لڳائي ويهندا آهن، (سڀ چانديءَ جا ٺاهيون ها).(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزُخرُفًا وَإِن كُلُّ ذٰلِكَ لَمّا مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَالءاخِرَةُ عِندَ رَبِّكَ لِلمُتَّقينَ (آيت : 35) |
۽ اِھو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو (ٿورو) آسودو رھڻ آھي، ۽ تنھنجي پروردگار وٽ آخرت پرھيزگارن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ کين سونا زيور يا سينگار جا سامان ڏئي ڇڏيون ها. پر اهي سڀ، ڪجهه به ناهن، رڳو هن دنيا جي (ٿوري) زندگيءَ جو سامان آهن. ۽ آخرت (جون حقيقي ۽ پائيدار نعمتون) الله تعاليٰ وٽ فقط انهن لاءِ آهن جيڪي پرهيزگار آهن (۽ الله جي راهه تي هلندڙ آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو سڀ ناهي مگر دنيا جي حياتي جو (بي بقا) سامان ۽ توهان جي رب وٽ آخرت پرهيزگارن لاءِ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (تنهن کان سواءِ) سون به، اهو (سامان وغيره) رڳو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. (جو فنا ٿي ويندو) ۽ آخرت (جو سامان) ته تنهنجي پروردگار وٽ خاص پرهيزگارن جي لاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سونا ۽ ناهي سمورو اهو مگر سامان حياتيءَ دنيا واريءَ جو ۽ آخرت تنهنجي رب وٽ پرهيزگارن جي لاءِ آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهي شيون) سون جون به (ڪريون ها) ۽ اهو (وري به) رڳو دنيا جي حياتي جو سامان آهي ۽ (اي پيغمبر) تنهنجي پاليندڙ وٽ آخرت پرهيزگارن لاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (انهن کي) سونو بنايون ها. ۽ (حقيقت هي آهي ته) اِهو ڪجهه به نه آهي مگر دنياوي زندگي جو سامان آهي. ۽ آخرت تنهنجي پالڻهار وٽ صرف پرهيزگارن لاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِي هَمہ هِن جھان جو، ٻَٽي ڏِينهڙا ٻَر، تُنهنجي رَبَّ، وٽ رَهبر، ستن لئي ساڻيھ ٻِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سون جا، ۽ اهو سڀ رڳو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ تنهنجي خدا وٽ نيڪن لاءِ آخرت آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڀئي چانديءَ ۽ سون جا بڻائي ڇڏيون ها. اهو ته فقط دنيا جي حياتيءَ جو مال متاع آهي ۽ آخرت تنهنجي رب وٽ آهي ئي رڳو پرهيزگارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سڀ چاندي ۽ سون جا بنايون ها اهو ته رڳو سامان آهي حياتي دنيا جو، ۽ آخرت آهي تنهنجي رب وٽ صرف پرهيزگارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ وري ٻيون سڀ شيون سون جون ٺاهيون ها. هي سڀ شيون صرف دنيا جي خوشحالي جو سبب آهن ۽ تنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ پرهيزگارن جي لاءِ آخرت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَعشُ عَن ذِكرِ الرَّحمٰنِ نُقَيِّض لَهُ شَيطٰنًا فَهُوَ لَهُ قَرينٌ (آيت : 36) |
۽ جيڪو ٻاجھاري (الله) جي ياد ڪرڻ کان غافل رھندو آھي تنھن لاءِ ھڪ شيطان مقرر ڪندا آھيون جو اُھو اُن جو سنگتي ھوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو به رحمان جي ذڪر کان (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ کان) منهن ٿو موڙي تنهن جي لاءِ اسان هڪڙو شيطان مقرر ڪري ٿا ڇڏيون، جو هنن جو سنگتي ۽ ساٿي ٿئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو رحمان جي ذڪر کان منهن موڙي ٿو اسين ان تي شيطان کي مقرر ڪريون ٿا پوءِ اهو ان جو ساٿي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو خدا جي ياد کان انڌو بنجي ٿو اسين (ڄڻ ته) تنهن لاءِ هڪ شيطان مقرر ڪري ڇڏيون ٿا جو اهو ئي سندس (هر دم ويجهو ساٿي) ٿي رهي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو غافل رهندو رحمٰن جي ذڪر کان ته مقرر ڪنداسون ان جي لاءِ شيطان پوءِ اهو ان جي لاءِ ساٿي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو وڏي مهربان (الله) کي ياد ڪرڻ کان غافل ٿئي ٿو تنهن لاءِ ڪنهن شيطان کي لڳائي ڇڏيون ٿا پوءِ اهو (شيطان) ان جو سنگتي ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو رحمان (بي انتها مهربان) جي ياد کان غافل ٿئي ٿو ته اسان ان جي مٿان هڪ شيطان لڳائي ڇڏيون ٿا جو هر وقت ان سان جُڙيل رهي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪو تڙيل ٿئي، سارڻ کان سُبحان، ڪريون شامل اُن سان، شامتِي شيطان، پوءِ هر ڪِنهن ماڳ مَڪان، سَندسِ ساٿِي، آھِ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو ٻاجهاري خدا جي ذڪر کان انڌو ٿيندو، تنهن لاءِ هڪ شيطان مقرر ٿا ڪريون، جو ان جي ويجهو هوندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو شخص رحمان جي ياد کان اکيون ٻوٽي ٿو، اسان ان تي هڪڙو شيطان مڙهي ڇڏيندا آهيون، جيڪو سندس سنگتي بڻجي ويندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو شخص غفلت ڪندو ذڪر (ياد) رحمٰن جي کان، مقرر ڪندا آهيون ان تي هڪ شيطان پوءِ اهو ان جو دوست بنجي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو شخص الله تعالى جي ذڪر کان غافل رهي ٿو ته اسان ان جي پويان هڪ شيطان لڳائي ڇڏيندا آهيون جيڪو ان جو ويجهو دوست ٿي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُم لَيَصُدّونَهُم عَنِ السَّبيلِ وَيَحسَبونَ أَنَّهُم مُهتَدونَ (آيت : 37) |
۽ بيشڪ اُھي شيطان سڌي واٽ کان اُنھن کي جھليندا آھن ۽ (ماڻھو پاڻ کي) ڀانئيندا آھن ته اُھي ھدايت وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اهڙا شيطان (يا برغلائيندڙ ساٿي) هنن کي (الله تعاليٰ جي) واٽ کان روڪي ٿا ڇڏين، پر هو سمجهن ٿا ته يقيناً هو سڏيءَ راهه تي هلندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهي يقيناً ان کي سنئين رستي کان روڪين ٿا ۽ اهي ڀانئن ٿا ته بيشڪ اهي هدايت يافته آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (شيطان) انهن کي (خدا جي) راھ کان روڪيندا رهن ٿا (۽) تنهن هوندي به اهي ان خيال ۾ آهن ته اهي پڪ سڌي راھ تي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهي البته روڪين ٿا انهن کي واٽ کان ۽ ڀائين ٿا ته ڀلاشڪ اهي هدايت وارا آهن )(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ شيطان ماڻهن کي رستي کان روڪين ٿا ۽ ماڻهو خيال ڪن ٿا ته بيشڪ اهي رستي تي هلي رهيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهي (شيطان) ماڻهن کي رستي کان روڪن ٿا ۽ ماڻهو سمجهن ٿا ته پڪ سان اُهي هدايت تي هلي رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندنِ ساٿِي اُنهن کي، روڪِين ڪنان راھ، ۽ ڀانئـِين هي بَدخواه، ته پاڻ پوري پير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اهي شيطان انهن کي رستي کان روڪين ٿا، ۽ هو ڀائيندا آهن ته سنيئن واٽ تي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي شيطان اهڙن ماڻهن کي سڌي واٽ وٺڻ کان پيا روڪيندا آهن ۽ هي وري پنهنجي هنڌ پيا سمجهندا آهن ته هو سنئين واٽ وٺيو پيا هلن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ يقينًا (اهي شيطان) روڪيندا آهن کين سڌي واٽ تي اچڻ کان ۽ اهي سمجهندا آهن پنهنجي ليکي ته اسان هدايت وارا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ شيطانَ انهن کي سڌي رستي تي اچڻ کان روڪيندا آهن ۽ وري ٻئي طرف ماڻهوسمجهندا آهن ته اسان سڌي رستي تي هلي رهيا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا جاءَنا قالَ يٰلَيتَ بَينى وَبَينَكَ بُعدَ المَشرِقَينِ فَبِئسَ القَرينُ (آيت : 38) |
تانجو جڏھن اسان وٽ ايندو (تڏھن پنھنجيءَ سنگتي شيطان کي) چوندو ته ھيء افسوس (جيڪر) منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري ڏورائي ھجي ھا پوءِ بڇڙو سنگتي آھين (تون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو جڏهن اهو (برغلايل انسان) اسان وٽ پيش ٿيندو تڏهن (برغلائيندڙ ساٿيءَ کي) چوندو ته (هي عذاب تو مون تي آندو آهي) ڪاش! تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ايترو مفاصلو هجي ها جيترو اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ آهي. ڪهڙو نه بڇڙو سنگتي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو جڏهن (اهو ڪافر) اسان وٽ ايندو، اهو چوندو ڪاش تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ مشرق ۽ مغرب جو فاصلو هجي ها، پوءِ اهو ڪهڙو نه خراب ساٿي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تان جو جڏهن (اهو ماڻهو قيامت ۾) اسان وٽ ايندو ته (شيطان کي ڏسي) چوندو ته افسوس! جيڪر منهنجيءَ تنهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولھ جيتري وٿي هجي ها (ته چڱو) مطلب ته (شيطان) بڇڙو سنگتي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن ايندو اسان وٽ چوندو اي ڪاش! منهنجي وچ ۽ تنهنجي وچ ۾ پرانهين هجي ها اوڀر، اولهه جيتري پوءِ بڇڙو سنگتي آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تان جو جڏهن (ماڻهو) اسان وٽ ايندو ته (شيطان کي ڏسي) چوندو ته جيڪر منهنجي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولهه جيتري وٿي هجي ها (ته چڱو) ڇو ته تون بڇڙو سنگتي آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آخر ڪار جڏهن اهو شخص اسان وٽ ايندو ته (ساٿي شيطان کي)چوندو: ”هائو جي منهنجي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولهه جيتري وِٿي هجي ها ڇوته تون بڇڙو ساٿي نڪتين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جڏهن اَسان وَٽ آئيو، اُتي تِنهن اُتو، ته ڇيٽو اولھ، اوڀر جو، هو هُوند! وِچان مون ۽ تو، اِهڙو دوست دَتو، بُرو بورائُو ٿيِو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جوجڏهن اسان وٽ ايندو، تڏهن شيطان کي چوندو ته ”جيڪڏهن تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولهه جيتري دوري هجي ها ته چڱو، پوءِ تون بڇڙو سنگتي آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو جڏهن اهو اسان وٽ اچي پهچندو ته پنهنجي شيطان کي چوندو: "جيڪر منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ اولهه ۽ اوڀر جيڏو مفاصلو هجي ها! تون ته ڏاڍو بڇڙو سنگتي ثابت ٿئين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر جڏهن پهچندو اهو شخص اسان وٽ ته چوندو (دوست شيطان کي) اي ڪاش! منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ دوري هجي ها اوڀر اولهه جيتري، تون ته بڇڙو ساٿي نڪتين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جڏهن هو اسان وٽ ايندو ته شيطان کي چوندو ته ڪاش! منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اوڀر ۽ اولهه جيترو مفاصلو هجي ها! تون ته صفا بدترين ساٿي نڪتين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَن يَنفَعَكُمُ اليَومَ إِذ ظَلَمتُم أَنَّكُم فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 39) |
۽ ھرگز نه نفعو ڏيندي اوھان کي اڄ اھا سڌ جڏھن ظُلم ڪيو اوھان تحقيق اوھان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن (برغلائيندڙ سنگتيءَ تي ڏوهه ڌرڻ) اوهان کي ڪجهه به ڪم نه ايندو جڏهن ته توهان پاڻ (قرآن مجيد کي ڇڏي) ظلم جي واٽ اختيار ڪئي هئي. يقيناً توهان (برغلايل ۽ برغلائيندڙ ٻئي ڌريون) عذاب ۾ ڀائيوار آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هرگز توهان کي اڄ ڏينهن ڪو نفعو نه ملندو ڇو ته توهان ظلم ڪيو، بيشڪ توهان عذاب ۾ مشترڪ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اوهان نافرمانيون ڪري چڪو ته (شيطان سان گڏ) اوهان جو عذاب ۾ گڏ هجڻ به اڄ اوهان کي عذاب جي گهٽڻ ۾ ڪوئي فائدو پهچائي نه ٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر گز نفعو نه ڏيندي اوهان کي اڄ جڏهن ظلم ڪيو اوهان بلاشڪ اوهان عذاب ۾ شريڪ ٿيڻ وارا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اسين چونداسون ته) جڏهن اوهان ظلم ڪيو ته اڄ اوهان کي (هيءَ ڳالهه) فائدو نه ڏيندي ته اوهين عذاب ۾ شريڪ آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (کين چيو ويندو ته) اڄ ڏينهن اوهان کي (اها سَڌَ ڪرڻ) نفعو نه ڏيندي جڏهن ته توهان ظلم ڪندا رهيا بيشڪ توهان (اڄ) عذاب ۾ شريڪ آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اَوهان جاڙون ڪيون، بي شڪ برقرار، ويڙھ وَٽابو آن کي، هِن وار نه ڏئي ڪا وار، ڀيڙا ڀائيوار، آهيو سَڀ عَذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اها اوهان کي هر گز فائدو نه ڏيندي، جڏهن ته اوهان ظلم ڪيو- بيشڪ اوهين عذاب ۾ هڪ ٻئي سان ڀائيوار آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن کين چيو ويندو ته جيئن ته توهان ظلم ڪري چڪا آهيو ته پوءِ اڄ اها ڳالهه توهان کي ڪو فائدو نه ڏيندي ته توهان توڙي توهان جا شيطان عذاب ۾ به گڏ آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين چيو ويندو) هرگز توهان کي نفعو نه ملندو اڄ، جڏهن ته توهان ظلم ڪيو آهي، بيشڪ توهان ۽ توهان جا شيطان عذاب ۾ شريڪ آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ان وقت الله تعاليٰ فرمائيندو ته: ) جڏهن توهان ظلم جو ڪم ڪيو ته اڄ توهان کي (شيطان کان پري ٿيڻ واري) اها ڳالهه فائدو نه ڏئي سگهندي. (توهان ۽ شيطان) عذاب جي لحاظ کان سڀ هڪ جھڙا هوندا (يعني شيطان جي عذاب ۾ گڏ هجڻ سان توهان کي ڪنھن به قسم جو فائدو نه ملندو.) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَأَنتَ تُسمِعُ الصُّمَّ أَو تَهدِى العُمىَ وَمَن كانَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 40) |
(اي پيغمبر) تون ٻوڙن کي ٻڌائي ٿو سگھين ڇا يا انڌن کي ۽ اُھو جيڪو پڌريءَ گُمراھيءَ ۾ آھي تنھن کي ھدايت ڪري سگھين ٿو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين ۽ انڌن کي واٽ ڏيکاري سگهندين ۽ انهن کي (حق جي راهه تي آڻي سگهندين) جيڪي (ضد تڪبر ۽ خودغرضيءَ سببان) چٽي پٽي گمراهيءَ ۾ آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان ٻوڙن کي سڻايو ٿا يا انڌن کي ڏيکاريون ٿا ۽ جيڪي ماڻهو صاف گمراهي ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا (اي رسول) تون پوءِ ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو يا انڌن کي ۽ جيڪي ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن تن کي راھ ڏيکاري سگهين ٿو (هرگز نه)؟ (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ تون ٻڌائيندي ٻوڙن کي يا واٽ ڏيکاريندي انڌن کي ۽ ان کي جيڪو کليل گمراهيءَ ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي محمد) ڇا پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهين ٿو يا انڌن کي. ۽ جيڪي ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن تن کي رستو ڏيکاري سگهين ٿو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ يا انڌن کي هدايت جي راهه ڏيکاريندين ۽ (ان کي گس لائيندين) جيڪو پڌري گمراهي ۾ آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ٻوڙن تون ڪِ ٻڌائين، يا انڌن لائين لَڙھ؟ پڻ آهي جو اَلڙ، بِلڪُل پَڌرِئَ ڀُل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين ڇا؟ يا انڌن کي ۽ کليءَ گمراهيءَ ۾ پيل کي رستو ڏيکاري سگهين ٿو ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ڇا ڀلا هاڻي تون ٻوڙن کي ٻڌرائيندين؟ يا انڌن ۽ پڌري گمراهيءَ ۾ پيلن کي سنئين دڳ لائيندين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ڇا اي نبي! تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ يا واٽ ڏيکاريندين انڌن ۽ انهن کي جيڪي گمراهيءَ ۾ پيل آهن ظاهر ظهور!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين يا انڌن ۽ پڌري گمراهيءَ ۾ پيل ماڻهن کي سڌو رستو ڏيکاري سگهندين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِمّا نَذهَبَنَّ بِكَ فَإِنّا مِنهُم مُنتَقِمونَ (آيت : 41) |
پوءِ جيڪڏھن توکي (ھن جھان مان) نيون ته بيشڪ اسين (اتي ئي) کائن بدلو وٺڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر! اگرچه اسان توکي (دنيا مان) کڻي وٺون ته به هنن کي ضرور (سندن بدعملن جي) بدلي ۾ سزا ڏينداسون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اسان رسولِ عربي کي وٺي وڃون پوءِ به بيشڪ اسين انهن کان انتقام وٺندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن تو کي (هن جهان مان) کڻي وڃون تڏهين به انهن کان بدلو وٺڻ ضروري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن وٺي وڃون اسين توکي پوءِ بيشڪ اسين انهن کان بدلو وٺندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن توکي (هن جهان مان) کڻي وڃون تڏهن به اسين انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن (اي نبي) اسان تو کي (دنيا مان) کڻائي وٺون پوءِ بيشڪ اسان انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي توکي ڪڍون، ڪِنهن پارڏي، تبه بنا فرق ڦير، وارڻ وارا وير، اَسِين اُنهن کان آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن توکي وفات ڏيون، ته به بيشڪ اسين انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان توکي دنيا مان کڻي وٺون ته به انهن کان بدلو ضرور وٺڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪڏهن وٺي وڃون توکي دنيا مان، پوءِ ته انهن کان بدلو وٺڻ وارا آهيون (سزا سان)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان توکي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ته پوءِ به بيشڪ اسان انهن کان انتقام وٺنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو نُرِيَنَّكَ الَّذى وَعَدنٰهُم فَإِنّا عَلَيهِم مُقتَدِرونَ (آيت : 42) |
يا جيڪو کين انجام ڏنو اٿون سو توکي ڏيکاريون ته به بيشڪ اسين مٿن وسوارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ته توکي (تنهنجي ئي حياتيءَ ۾ ڪافرن جي اها مغلوبي يا تباهي) ڏيکارينداسين جنهن جو اسان هنن کي واعدو ڏنو آهي. يقيناً اسان هنن تي قادر ۽ غالب آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا توهان کي اهو ڏيکاريون جنهن جو اسان انهن سان وعدو ڪيو، پوءِ بيشڪ اسين انهن تي قادر آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي) جنهن عذاب جو اسان انهن سان وعدو ڪيو آهي تو کي ڏيکاريون. اسين ته انهن تي هر طرح قدرت رکون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا ڏيکاريون توکي اهو جو وعدو ڏنوسون انهن کي پوءِ بيشڪ اسان انهن تي وس وارا آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا جيڪو اسان کين (عذاب جو) انجام ڏنو آهي سو تو کي ڏيکاريون تڏهن به اسين مٿن قدرت رکندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا اسان توکي انهن جو اهو (عذاب) ڏيکاريون جنهن جو اسان ساڻن وعدو ڪيو آهي ته پوءِ بيشڪ اسان انهن مٿان طاقت رکندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا توکي، سو ڏيکاريون، جنهن جو ڏِيونِ ڏهڪار، پوءِ طاقتمند تڪرار، اُسِين اُن تي آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا جيڪو وعدو انهن کي ڏنو اٿئون، سو توکي ڏيکاريون ته به اسين انهن تي وس وارا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري توکي ئي اکين سان سندن اها پڇاڙي ڏيکاري ڇڏيون، جنهن جو اسان ساڻن وعدو ڪيو آهي. اسانکي انهن تي پورو پورو اختيار حاصل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا ڏيکاريون توکي انهن جو نتيجو جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو آهي، اسان کي انهن تي مڪمل قدرت حاصل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا اسان توکي انهن سان ڪيل انجام ڏيکاريون ته اسان انهن تي هر قسم جي قدرت رکڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَمسِك بِالَّذى أوحِىَ إِلَيكَ إِنَّكَ عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 43) |
تنھن ڪري جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو تنھن کي تون چنبڙي وٺ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر! تون ڪوبه انديشو نه ڪر، ڪابه ڍرائي نه ڪر) جيڪو وحي تو ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن تي (عمل ڪرڻ ۾ ۽ خدائي نظام قائم ڪرڻ ۾) محڪم رهه. يقيناً تون سڌيءَ واٽ تي هلي رهيو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان وحي رباني کي مضبوطيءَ سان جھليو، بيشڪ توهان سنئين رستي تي آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) جيڪو تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي تنهن کي مضبوط پڪڙ بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مضبوطيءَ سان وٺ ان کي جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو تو ڏانهن بلاشڪ تون واٽ سڌيءَ تي آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر) جيڪو توڏي وحي ڪيو ويو آهي تنهن کي مضبوط جهل. بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ان (قرآن) کي مضبوطي سان پڪڙ جيڪو توڏانهن وحي ڪيو ويو آهي، بيشڪ تون سڌي واٽ تي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَڪڙ پَڪ اُن کي، جنهن جو ٿِينَئـِي وِير! وَحي، آهِين تون صَحِي، سِڌِي سَنواٽِئَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن ڪري تون ان کي محڪم جهل، جيڪو تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي ۽ بيشڪ تون سڌي رستي تي آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي تون انهيءَ (قرآن) کي سوگهو ڪري جهل، جيڪو وحيءَ وسيلي توڏانهن موڪليو ويو آهي. انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته تون سڌيءَ راهه تي آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ تون مضبوط رک ان ڪتاب کي قابو ۾ جيڪو وحي ذريعي توکي موڪليو آهي، بيشڪ تون (ان) راهه تي آهين جيڪا سڌي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪا وحي توڏي ڪئي وڃي ٿي تون ان کي مضبوطيءَ سان پڪڙ. بيشڪ تون ئي سڌي رستي تي آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَذِكرٌ لَكَ وَلِقَومِكَ وَسَوفَ تُسـَٔلونَ (آيت : 44) |
۽ بيشڪ اِھو (قرآن) تولاءِ ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آھي، ۽ (اوھين) سگھوئي پڇيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً هي (قرآن) تنهنجي ۽ تنهنجي قوم جي ماڻهن لاءِ (صحيح) پيغام ۽ نصيحت آهي. ۽ جلد اوهان کان پڇاڻو ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ قرآن مجيد خاص رسولِ عربيءَ جي ساراه ۽ سندن امت جو ذڪر آهي، ۽ عنقريب توهان کان سوال ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو (قرآن) تو لاءِ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ جلد ئي اوهان کان (ان) بابت پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو البته شرف آهي تولاءِ تنهنجي قوم جي لاءِ جلد پڇا ڪيا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) تولاءِ ۽ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ اوهان کان (ان بابت) پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) تو لاءِ ۽ تنهنجي قوم لاءِ وڏو شرف (۽ شان) آهي ۽ (انسانو) جلد توهان کان پڇاڻو ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تو ۽ تُنهنجِي نيات لئي، هِئَ نَصِيحت نِبار، سِگھو مَنجھ سَرڪار، ڇِڪبان سُوال سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي قرآن تو لاءِ ۽ تنهنجي قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ جلد ئي اوهان کان پڇا ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ اهو ڪتاب تولاءِ ۽ تنهنجيءَ قوم لاءِ نصيحت آهي ۽ سگهوئي توهان کان ان بابت پڇيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته اهو ڪتاب تو ۽ تنهنجي قوم لاءِ وڏو شرف آهي ۽ سگهوئي توهان کان ان جو پڇاڻو ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ڪتاب (يعني قرآن) تنھنجي ۽ تنھنجي قوم لاءِ نصيحت آهي. توهان کان عنقريب ان جي باري ۾ پڇاڻو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسـَٔل مَن أَرسَلنا مِن قَبلِكَ مِن رُسُلِنا أَجَعَلنا مِن دونِ الرَّحمٰنِ ءالِهَةً يُعبَدونَ (آيت : 45) |
۽ پنھنجن پيغمبرن مان جيڪي توکان اڳ موڪليا ھواسون تن جو (احوال) پُڇ، ته ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ڪي) ٻيا معبود بڻايا ھواسون ڇا جن جي پوڄا ڪئي وڃي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي جن رسولن کي اسان پيغمبر ڪري موڪليو هو تن کان پڇي ڏس (ته) رحمان خدا کان سواءِ ٻيا به ڪي معبود اسان بنايا هئا ڇا جن جي ٻانهپ ڪئي وڃي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان اسان جي اڳين پيغمبرن کان معلوم ڪريو ته ڇا اسان رحمان کانسواءِ ٻيا معبود مقرر ڪيا جن جي عبادت ڪئي ويندي هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تو کان اڳ ۾ پنهنجا جيترا (به) رسول موڪليا آهن تن سڀني کان پڇ. ڇا اسان خدا کان سواءِ ٻيا معبود بنايا هئا جن جي عبادت ڪئي وڃي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڇ تون انهن کان جيڪي موڪليا اسان توکان اڳي پنهنجن رسولن مان ڇا ڪيا اسان رحمٰن کانسواءِ معبود جو عبادت ڪيا وڃن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجن پيغمبرن مان جيڪي اسان توکان اڳي موڪليا تن کان پڇ ته وڏي مهربان (الله) کان سواءِ ڪي حاڪم اسان مقرر ڪيا آهن ڇا جن جي عبادت ڪئي وڃي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جا رسول جيڪي اسان تو کان اڳ موڪليا آهن انهن کان پڇي ڏس ته ڇا اسان رحمان کان سواءِ به ڪي معبود بنايا آهن جن جي عبادت ڪئي وڃي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُڇ ته مُڪاسون مَهند، توکان، جي مُرسل مڻيادار، ته ڪي مُقرر ڪيوسون مُلڪ ۾ دَرگاهون، ڌڻئَ ڌار، ته پوڄِين جَن پينار، مٿن ڪن مُجاوريون ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن رسولن بابت پڇ،جيڪي توکان اڳ موڪلياسون، ته ٻاجهه ڀرئي الله کان سواءِ ڪي سائين بنايا اٿئون ڇا، جن جي عبادت ڪئي وڃي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان اڳ جيترا به رسول اسان موڪليا هئا، انهن کان پڇي ڏس ته ڇا اسان رحمان کان سواءِ به ڪي معبود مقرر ڪيا هئا ته انهن جي عبادت ڪئي وڃي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڇي ڏس انهن سڀني رسولن کان جيڪي توکان اڳي موڪليا هئا اسان ڇا اسان مقرر ڪيا هئا ڪي ٻيا خدا سواءِ رحمٰن جي، جو انهن جي بندگي ڪئي وڃي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توکان اڳ ۾ اسان جيڪي رسول سڳورا موڪليا هئا تن کان تون پڇا ڪري وٺ (يعني انهن جي تعليم ۾ ڏسي وٺ) ته ڇا اسان الله تعالى کان سواءِ ٻيا به ڪي معبود مقرر ڪيا هئا جن جي عبادت ڪئي وڃي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ فَقالَ إِنّى رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 46) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي پنھنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليو. هن (انهن وٽ وڃي) چيو ته، يقيناً مان سڄي جهان جي پروردگار جو رسول آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن موڪليو، پوءِ موسيٰ چيو بيشڪ آئون رب العالمين جو پيغمبر آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي بيشڪ موسى کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏئي ۽ فرعون ۽ ان جي دربارين ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو هو ته موسى چيو ته آءُ سموري جهان جي پروردگار (خدا) جو رسول آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليو اسان موسى کي پنهنجين نشانين سان فرعون ڏانهن ۽ ان جي سردارن ڏانهن پوءِ چيائين ته بيشڪ مان رسول آهيان جهانن جي رب جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏي موڪليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن موڪليو پوءِ چيائين ته: ”بيشڪ آءٌ جهانن جي پالڻهار جو موڪليل رسول آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪليوسون مُعجزن سان، مُوسٰى نَبِي مِهتر، فِرعون ۽ سَندسِ فِرق ڏي، پوپاٻوهِين اِن پَر، ته آئون پَڪ پيغمبر، ڏيهن جي ڏاتار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن موڪليو، پوءِ چيائين ”بيشڪ آءُ جهانن جي پاليندڙ جو رسول آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان گڏ فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن موڪليو ۽ هن وڃي چين ته مان رب العالمين جو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ موڪليو اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين سان فرعون ۽ سندس حڪومتي سردارن وٽ، هن وڃي چيو، بيشڪ آئون رسول آهيان رب العالمين جي طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان موسى ($) کي پنھنجي نشانين سان گڏ فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن موڪليو. هن چيو ته بيشڪ مان جھانن جي پالڻھار جي طرف کان موڪليل رسول آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَهُم بِـٔايٰتِنا إِذا هُم مِنها يَضحَكونَ (آيت : 47) |
پوءِ جنھن مھل وٽن اسان جي نشانين سان آيو (تنھن مھل) اوچتو اُھي اُنھن (معجزن) کان کلندا رھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هنن کي اسان جون نشانيون ڏيکاريائين تڏهن هو کلڻ ۽ مسخريون ڪرڻ لڳا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن موسيٰ انهن وٽ اسان جي نشانين سان پهتو ان وقت اهي نشانين تان کِلڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ موسى جڏهن انهن وٽ اسان جا معجزا وٺي آيو ته ان ئي وقت اهي انهن معجزن تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ اسان جي نشانين سان ته ان وقت اهي انهن تان کلن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان چيو ته بيشڪ آءُ جهانن جي پاليندڙ جو موڪليل آهيان. پوءِ جڏهن وٽن اسان جيون نشانيون کڻي آيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اهو انهن وٽ اسان جون نشانيون کڻي پهتو ته اُهي ان ئي مهل انهن (نشانين) تي کِلون ڪرڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آندئـِين اَسان جون، نِشانِيون نِروار، ته تَن مٿان تِنهن وار، پيا ٽهڪ ڏينِ ٽوڪ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جي نشانين سان انهن وٽ آيو، تڏهن اهي ان تان کلڻ لڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري جڏهن هن اسان جون نشانيون سندن آڏو پيش ڪيون ته هو انهن تي کلڻ لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن هن پيش ڪيون اسان جون نشانيون انهن جي آڏو ته اهي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن هو اسان جون نشانيون کڻي پهتو ته هو انهن نشانين تي کلڻ لڳا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما نُريهِم مِن ءايَةٍ إِلّا هِىَ أَكبَرُ مِن أُختِها وَأَخَذنٰهُم بِالعَذابِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 48) |
۽ ڪابه نشاني کين نه ٿي ڏيکاري سون پر اِھا (نشاني) اُن جي اڳين کان تمام وڏي ھئي، ۽ کين عذاب سان پڪڙيوسون ته مانَ اُھي (ڪفر کان) موٽن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جيڪا به نشاني هنن کي ڏيکاري سا اڳين نشانيءَ کان وڏي هئي، ۽ اسان کين عذاب ۾ وڌو، انهيءَ لاءِ ته من خدا ڏي رجوع ٿين (۽ ظلم ڦٽي ڪري نيڪ ڪم ڪرڻ لڳن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي جيڪا نشاني ڏيکاري ٿي اها اڳئين نشانيءَ کان تمام وڏي هوندي هئي، ۽ اسان انهن کي عذاب سان پڪڙيو ته من اهي موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کين جيڪا به نشاني ڏيکاري ٿي سا اڳين کان گهڻو وڏي هئي. ۽ نيٺ اسان کين عذاب ۾ پڪڙيو هن لاءِ ته اهي باز اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا ڏيکاريون اسين انهن ڪا نشاني مگر اها گھڻو وڏي آهي ان جي ڀيڻ کان ۽ پڪڙيو اسان انهن کي عذاب سان تانته اهي موٽن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ان ئي وقت اهي انهن (نشانين) تي کليا ٿي. ۽ اسان کين ڪا نشاني نه ٿي ڏيکاري پر اها اڳئين کان گهڻو وڏي هئي. ۽ اسان کين عذاب ۾ پڪڙيو ته مَنَ اهي رجوع ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کي ڪا نشاني نه ٿي ڏيکاري مگر اها اڳين کان گهڻو وڏي هئي ۽ اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو ته جيئن اُهي پنهنجي رَوَش کان باز اچن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نيشاني نه ڏيکاريون، مگر جِھڙس کان جَبرِي، ۽ پَڪڙيوسون اُنهن کي، سزا مَنجھ سَڀَرِي، ته ڳَڻي ڳالھ ڳَري، وَرِي وَرن وَٿاڻ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪا به نشاني انهن کي ٿي ڏيکاري سون، سا ان اڳينءَ کان تمام وڏي هئي ۽ عذاب سان انهن کي ورتو سون، ته من اهي موٽن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کين ساندهه اهڙيون نشانيون ڏيکاريندا وياسون، جن مان هر ڪا اڳينءَ کان وڏي هئي ۽ اسان کين عذاب ۾ ان ڪري پڪڙيو ته مــَـن ڪو هو مـُـڙي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڏيکاريندا وياسين نشانيون هڪ ٻئي پٺيان جيڪا پهرين کان وڏي هئي ۽ کين جڪڙيوسين عذاب ۾، جيئن اهي پنهنجي هلت کان مڙي وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کين جيڪا به نشاني ڏيکاريون پيا سا پھرين نشاني کان گهڻو وڏي هئي (آخرڪار) اسان انهن کي عذاب ۾ پڪڙيو ته جيئن هو پنھنجي روش کان باز اچن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا يٰأَيُّهَ السّاحِرُ ادعُ لَنا رَبَّكَ بِما عَهِدَ عِندَكَ إِنَّنا لَمُهتَدونَ (آيت : 49) |
۽ چيائون ته اي جادوگر پنھنجي پالڻھار کان اسان لاءِ اُنھيءَ (وسيلي) سان دُعا گھر جنھن جو توسان انجام ڪيو اٿس، ته بيشڪ اسين ھدايت وارا ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن چيو ته، اي جادوگر پنهنجي پروردگار کان اسان جي لاءِ دعا گهر جهڙيءَ طرح هنن توسان عهد ڪيو آهي. (جيڪڏهن عذاب ٽري ويندو ته) اسان يقيناً هدايت تي اينداسين (۽ تنهنجو سيکاريل دين قبول ڪنداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن چيو اي جادوگر (موسيٰ) تون اسان لاءِ پنهنجي رب کان اهو وعدو گھُر، جنهنجو تو سان ان وعدو ڪيو آهي، بيشڪ اسين ضرور هدايت يافته ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جڏهن عذاب ۾ گرفتار ٿيا ته موسى کي) چوڻ لڳا: اي جادوگر! ان وعدي جي مطابق جو تنهنجي پالڻهار تو سان ڪيو آهي اسان لاءِ دعا گهر (جيڪڏهن ڇٽاسون ته) اسين ضرور راھ تي اينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته اي جادوگر! دعا گهر اسان جي لاءِ پنهنجي رب کان ان عهد جي ڪري جو تو وٽ آهي بيشڪ اسين البته هدايت وارا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته اي جادوگر! تون اسان لاءِ پنهنجي پاليندڙ کي انهن (نالن) سان سڏ جيڪي توکي سيکاريا اٿس. بيشڪ اسين رستي تي اچڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيائون: ”اي جادوگر! پنهنجي پالڻهار وٽ توکي جيڪو منصب مليل آهي ان آڌار تي اسان لاءِ دعا ڪر، اسان ضرور هدايت يافته ٿي پونداسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جادوگر! ڪَر، تُنهنجي سائينءَ کي سُوال، جنهن مُوجب، واحِد واعداڪيا، نالير! تونال، ته هُونداسُون هَرحال، سُونهان سَنئينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”اي جادوگر! اسان جي واسطي پنهنجي رب کي سڏ ڪري انهي جي دعا گهر، جنهن جو توسان انجام ڪيو اٿس، بيشڪ اسين هدايت وارا ٿينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيائون ته "اي جادوگر، توکي پنهنجي رب طرفان جيڪو عهدو مليل آهي، ان جي واسطي سان اسان لاءِ کانئس دعا گهر ته پوءِ ضرور اسان هدايت جي راهه تي اچي وينداسون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا هئا (هر عذاب جي موقعي تي) اي جادوگر! پنهنجي رب طرفان توکي جيڪو مرتبو حاصل آهي، ان ڪري اسان لاءِ دعا گهر، اسان ضرور سڌي راهه لهنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون ۽ سردارن چيو ته اي جادوگر! پنھنجي پالڻھار کان اسان جي حق ۾ دُعا گهر، جنھن جي قبوليت جو هُن توسان وعدو ڪيو آهي. بيشڪ اسان سڌي رستي تي اينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا كَشَفنا عَنهُمُ العَذابَ إِذا هُم يَنكُثونَ (آيت : 50) |
پوءِ جنھن مھل کائن عذاب لاٿوسون اوچتو اُنھن عھد ڀڳو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن اسان هنن تان عذاب لاهي ڇڏيو تڏهن هنن هڪدم پنهنجو عهد ٽوڙي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اسان انهن تان عذاب لاٿو ان وقت انهن وعدو ٽوڙيو (ايمان نه آندو)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري جڏهن اسان انهن تان عذاب کي ٽاريو ته انهن يڪدم (پنهنجو ڪيل) انجام ٽوڙي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ٽاريو اسان انهن تان عذاب ته ان وقت اهي وعدو ٽوڙي ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان انهن تان عذاب لاٿو ته ان ئي وقت انهن انجام ڀڳو ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان جڏهن انهن تان عذاب لاٿو ته ان ئي مهل اُهي معاهدو ڀڃڻ لڳا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ڏُورڪياسون ڏکڙا، ته پِياپُڇن اُهي اَنجام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن انهن تان عذاب لاٿوسون، ته انهن انجام ڀڳو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيئن ئي اسان کانئن عذاب هٽائيندا هئاسون ته هو پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيئن ئي اسان ٽاريندا هئاسين انهن تان عذاب، ته اهي پنهنجي ڳالهه تان ڦري ويندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن اسان انهن جي مٿان ايندڙ عذاب کي ٽاريو ته هو فوراً پنھنجي ڪيل ڳالهه تان ڦري ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنادىٰ فِرعَونُ فى قَومِهِ قالَ يٰقَومِ أَلَيسَ لى مُلكُ مِصرَ وَهٰذِهِ الأَنهٰرُ تَجرى مِن تَحتى أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 51) |
۽ فرعون پنھنجي قوم ۾ پڙھو ڏنو چيائين ته اي منھنجي قوم مِصۡر جي بادشاھي منھنجي نه آھي ڇا؟ ۽ ھي نھرون منھنجي (ماڙين جي) ھيٺان (نه) وھنديون آھن (ڇا؟) اوھين نه ڏسندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ اعلان ڪري چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان مصر جو بادشاه نه آهيان ڇا؟ ۽ هي نهرون منهنجي پيرن هيٺان نه ٿيون وهن ڇا؟ ڇا توهان نٿا ڏسو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ اعلان ڪرايو، فرعون چيو اي منهنجي قوم ڇا منهنجي لاءِ مصر جو ملڪ ناهي ۽ هي نهرون جيڪي منهنجي هيٺان وهن ٿيون، ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون پنهنجن ماڻهن کي سڏي چيو اي منهنجي قوم! ڇا (هي) ملڪ مصر اسان جو نه آهي ۽ ڇا هي واھ جيڪي اسان جي (شاهي محل جي) هيٺان وهن ٿا (اسان جا نه آهن؟) ته ڇا اوهان کي ايترو به نه ٿو سمجهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڙهو ڏياريو فرعون پنهنجيءَ قوم ۾ چيائين ته اي منهنجي قوم ڇا ناهي منهنجي لاءِ مصر (ملڪ) جي بادشاهي ۽ هي نهرون وهن پيون هيٺان منهنجي ڇا پوءِ نه ٿا ڏسو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ پڙهو ڏنو چيائين ته اي منهنجي قوم! ڇا مصر جو ملڪ ۽هي نهرون جيڪي منهنجي (محلات جي) هيٺان وهن ٿيون سي منهنجيون نه آهن؟ ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ڏسو؟(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هڪ ڏينهن) فرعون پنهنجي قوم ۾ پڙهو ڏنو چيائين: ”اي منهنجي قوم ڇا مصر جو مُلڪ منهنجي مِلڪ ناهي؟ ۽ هي نهرون جيڪي منهنجي (ماڙين جي) هيٺان کان وهن ٿيون (ڇا سي منهنجون نه آهن؟) ڇا پوءِ توهان نه ٿا ڏسو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون سَندسِ فِرق ۾، ڦيريو ڍنڍرو عام، ڇا، مون لاءِ ناهي مِصر جِي، بادشاهِي ڀامِ! ۽ هيٺمِ هَلن جام، ناليون، ڇونه نهاريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون پنهنجي قوم ۾ پڙهو ڏنو، چيائين ته، ”اي منهنجي قوم! مصر جي بادشاهي منهنجي نه آهي ڇا؟ ۽ هي نهرون منهنجي هٿ هيٺ نٿيون وهن ڇا؟ اوهين نٿا ڏسو ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ڏينهن فرعون پنهنجيءَ قوم کي وڏي واڪي خطاب ڪري چيو ته "اي منهنجي قوم! ڇا مصر جي بادشاهي منهنجي ناهي ۽ اهي واهه منهنجي هيٺان نٿا وهن؟ ڇا نظر نٿو اچيوَ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ ڏينهن پڪاري فرعون پنهنجي قوم کي چيو، اي قوم! ڇا نه آهي منهنجي بادشاهي مصر جي ۽ اهي واهه منهنجي هيٺان نٿا وهن؟ ڇا توهان کي ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ ڏينھن فرعون قومي اجلاس ۾ وڏي سڏ چيو ته اي منھنجي قوم! ڇا مصر جي بادشاهي منھنجي نه آهي؟ ۽ هي نهرون منھنجي حڪم سان نٿيون هلن؟ ڇا توهان نٿا ڏسو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم أَنا۠ خَيرٌ مِن هٰذَا الَّذى هُوَ مَهينٌ وَلا يَكادُ يُبينُ (آيت : 52) |
(نه!) بلڪ آءٌ ھن (مُوسى) کان ڀَلو آھيان جو اُھو خوار آھي، ۽ چٽو ڳالھائي به نه ٿو سگھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا مان هن (حضرت موسيٰ) کان بهتر نه آهيان جو ذليل ۽ خسيس آهي ۽ صاف طرح ڳالهائي به نٿو سگهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا آئون انهيءَ (موسيٰ) کان بهتر آهيان يا اهو جيڪو فقير ۽ ضعيف الحال آهي ۽ چڱيءَ طرح ڳالهائي به نٿو سگهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (سجهيو ٿو ته) آءُ هن شخص (موسى) کان جو بلڪل هڪ ذليل ماڻهو آهي ۽ (ٻاتائڻ سبب) صاف ڳالهائي به نه ٿو سگهي، ڪيترو نه چڱو آهيان؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ مان ڀلو آهيان هن کان جيڪو اهو ضعيف آهي ۽ نه ٿو ويجھو ٿئي جو ڳالهائي سگھي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مگر آءٌ هن کان چڱو آهيان جيڪو خوار آهي ۽ چڱو به ڳالهائي نه ٿو سگهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا آءٌ هن کان ڀلو نه آهيان جيڪو خوار آهي ۽ چِٽو ڳالهائي به نه ٿو سگهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون خير، هِن خوار کان، جو ٻولي نَه چِٽو ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا آءُ انهي (موسيٰ) کان ڀلو نه آهيان، جو بُري حال ۾ آهي، ۽ چٽو ڳالهائي به نٿو سگهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ڀلو آهيان يا اهو شخص جيڪو ذليل ۽ هيڻو آهي ۽ پنهنجي ڳالهه به چٽيءَ طرح ٻڌائي نٿو سگهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا آئون چڱو نه آهيان هن کان (يا) اهو شخص جيڪو ذليل هيڻو آهي، ۽ اهو پنهنجي ڳالهه به بيان ڪري نٿو سگهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا مان هن کان بھتر نه آهيان جو هي (يعني موسيٰ ) غريب ۽ ڪمزور ماڻهو آهي. جنھن ۾ فصاحت سان ڳالهائڻ جي صلاحيت به نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَولا أُلقِىَ عَلَيهِ أَسوِرَةٌ مِن ذَهَبٍ أَو جاءَ مَعَهُ المَلٰئِكَةُ مُقتَرِنينَ (آيت : 53) |
پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇونه لاٿا ويا يا ساڻس گڏ ٿي ملائڪ ڇونه آيا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جيڪڏهن هو عزت وارو يا پيغمبر آهي ته) پوءِ ڇو نه هن جي هٿن ۾ سونا ڪنگڻ وڌا ويا آهن، يا ڇو نه هن سان گڏ فرشتا جلوس ڪڍي ٿا نڪرن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڇو نه ان کي (سرداريءَ جا) سونا ڪنگڻ پارايا ويا يا ان سان گڏ ملائڪ ڇو نه آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر جيڪڏهن اهو وڌيو چڱو آهي) ته ان لاءِ سونا ڪنگڻ (خدا وٽان) ڇو نه لاٿا ويا يا (وري) ان سان فرشتا گڏ ٿي اچن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇونه لاٿا ويا ان تي ڪنگڻ سونا يا آيا ان سان گڏ ملائڪ گڏجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (جيڪڏهن موسيٰ مون کان چڱو آهي ته) پوءِ مٿس سون جا ڪنگڻ ڇو نه لاٿا ويا يا ساڻس ملائڪ گڏ ٿي ڇو نه آيا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڇو نه ان جي مٿان سون جا ڪنگڻ لاٿا ويا؟ يا ان سان گڏ ملائڪ قطار در قطار ڇونه آيا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتسِ اُتاريو هُوند وِيون،ٻانهيون سونَ ٻِيهار، يا مَلائـِڪ موچار، آيا گڏ اُنهِئ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان تي سون جا ڪنگڻ ڇو نه لاٿا ويا؟ ان سان ملائڪ ڇو نه گڏجي آيا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇونه مٿس سون جا ڪنگڻ لاٿا ويا؟ يا فرشتن جو ڪو دستو ڇو نه سندس اردلي بڻجي آيو؟"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇو نه لاٿا ويا انهن تي ڪنگڻ سون جا (آسمان مان) يا ڇو نه آيا ان سان گڏجي ملائڪ (جيڪي) نٿا هلن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هن جي مٿان سون جا ڪنگڻ ڇو نه لاٿا ويا يا (اهلڪارن جي حيثيت ۾) فرشتن کي ان سان گڏ ڇو نه موڪليو ويو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَخَفَّ قَومَهُ فَأَطاعوهُ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 54) |
پوءِ پنھنجي قوم کي بي عقل ڪيائين تنھنڪري سندس فرمانبرداري ڪيائون، بيشڪ اُھي بي دين قوم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙيءَ طرح هن پنهنجي قوم کي بي وقوف بنايو. سو هنن سندس فرمانبرداري ڪئي. يقيناً هو (خدا سان) بي فرمان فاسق ماڻهو ٿي رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان پنهنجي قوم کي جاهل بنايو پوءِ انهن فرعون جي تابعداري ڪئي، بيشڪ اها گنهگار قوم هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته فرعون (اهڙن ڳالهين ڪرڻ سان) پنهنجي قوم کي بيوقوف بنايو ۽ انهن سندس فرمان برداري ڪئي. بيشڪ اهي ماڻهو بدڪار ته هئا ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بي عقل بنايائين قوم پنهنجي کي پوءِ فرمان مڃيائون ان جو بيشڪ اهي هئا قوم فاسق .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اهڙين ڳالهين ڪرڻ سان) پنهنجي قوم کي بيوقوف بنايائين پوءِ انهن سندس فرمانبرداري ڪئي. بيشڪ اهي نافرمان قوم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ پنهنجي قوم کي بي وقوف بنايائين پوءِ انهن سندس فرمانبرداري ڪئي. بيشڪ اُهي هئا ئي نافرمان قوم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَنبائـِين سَندسِ قوم کي، پوءِ مَڃيون اُن جِي آڻ، هُئا اُهي اَڄاڻ، قوم بِنَہ ڪا ڍوڙ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين پنهنجي قوم کي بيوقوف بنايائين، پوءِ انهن سندس تابعداري ڪئي، بيشڪ اهي بدڪار قوم هئا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ائين هن پنهنجيءَ قوم کي بيوقوف بڻايو ۽ هو سندس چوڻ تي هلڻ لڳا. دراصل هو ته نافرمان قوم هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيوقوف بنايو هن پنهنجي قوم کي، پوءِ انهن سندس تابعداري ڪئي، بيشڪ اهي ماڻهو هئا فاسقن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار هن پنھنجي قوم کي (پنهنجي ڳالهين جي ذريعي) بيوقوف ٺاهي ورتو. ۽ قوم سندس ڳالهه مڃي. بيشڪ اها نافرمان قوم هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا ءاسَفونَا انتَقَمنا مِنهُم فَأَغرَقنٰهُم أَجمَعينَ (آيت : 55) |
پوءِ جڏھن اسان کي ڪاوڙايائون (تڏھن) کائن وير ورتوسون پوءِ اُنھن سڀني کي ٻوڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جڏهن هنن اسان کي ناراض ڪيو تڏهن اسان هنن کي (سندن ظلمن جو) بدلو ڏنو ۽ هنن سڀني کي غرق ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن (انهن) اسان کي ناراض ڪيو ته اسان انهن کان انتقام ورتو، پوءِ اسان انهن سمورن کي غرق ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسان کي ڪاوڙيائون ته اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ انهن سڀني کي ٻوڙيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڪاوڙيائون اسان کي ته بدلو ورتوسون انهن کان پوءِ ٻوڙيوسون انهن مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان کي ڪاوڙايائون ته اسان انهن کان بدلو ورتو. پوءِ انهن سڀني کي ٻوڙيو سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اسان کي غضبناڪ ڪيائون ته اسان انهن کان بدلو ورتو پوءِ اسان انهن سڀني کي گڏ ٻوڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان کي ڏَمرايو، تَن ويرين جنهِين وير، پوءِ واريوسون تَن کان وير، ٻوڙياسون سڀ ٻار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان کي ڪاوڙيائون، تڏهن انهن کان وير ورتوسين ۽ انهن سڀني کي ٻوڙيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ جڏهن هنن اسان کي ڪاوڙائي ڇڏيو ته اسان کانئن بدلو ورتو ۽ سڀني کي گڏ غرق ڪري ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن غضبناڪ ڪيو اسان کي ته اسان بدلو ورتو انهن کان، پوءِ ٻوڙي ڇڏيوسين کين گڏ ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن انهن اسان کي ڪاوڙ ڏياري ته اسان انهن کان بدلو ورتو. اسان انهن سڀني کي گڏي ٻوڙي ڇڏيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجَعَلنٰهُم سَلَفًا وَمَثَلًا لِلءاخِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ کين (ڪافرن جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ آکاڻي ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙيءَ طرح اسان هنن کي گذري ويل قوم ڪري ڇڏيو. ۽ پوين لاءِ (عبرت وٺڻ جو) مثال قائم ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن کي پهريان بنائي پويَنِ لاءِ مثال قائم ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ کين هيو نه هيو ڪري ڇڏيون ۽ پوين لاءِ عبرت بنايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيوسون انهن کي اڳواڻ (ڪافرن جو) ۽ مثال پونين جي لاءِ. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ کين (دوزخين جو) اڳواڻ ۽ پوين لاءِ(عبرت جي) ؛کاڻي بنايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کي گذريل داستان ۽ پوين لاءِ (عبرت جي) آکاڻي بنائي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيوسون ڪافِرن جو، اُنهن کي اڳواڻ، پڻ پوين لاءِ پَرياڻ، صَحِي ڪا سَمجھاڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کي اڳيان (اڳواڻ) بنايوسون ۽ پوين لاءِ مثال ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين پوين لاءِ اڳواڻ ۽ عبرت جو مثال بڻائي ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪيوسين انهن کي گذريل داستان ۽ نمونو عبرت جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن کي پوئتي ايندڙن جو اڳواڻ ۽ عبرت جو مثال ٺاهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا ضُرِبَ ابنُ مَريَمَ مَثَلًا إِذا قَومُكَ مِنهُ يَصِدّونَ (آيت : 57) |
۽ جڏھن مريم جي پُٽ جو قصّو بيان ڪيو ويو (تڏھن) اُمالڪ اُن (قِصّي) کان تنھنجي قوم لُڙ مچائيندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن (حضرت عيسيٰ) ابن مريم جو حال بيان ڪيو ٿو وڃي تڏهن (پيغمبر!) تنهنجي قوم جا ماڻهو شور مچائين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن عيسيٰ بن مريم جو مثال بيان ڪيو وڃي ٿو ان وقت توهان جي قوم ان سان مذاق ڪري ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جڏهن مريم جي پٽ (عيسى) جو مثال بيان ڪيو ويو ته تنهن وقت تنهنجي قوم ان (جي ٻڌڻ) سان ٺٺوليون ڪرڻ لڳي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن بيان ڪيو ويو مريم جي پٽ جو مثال ته ان وقت قوم تنهنجي ان کان کلن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جڏهن مريم جي پٽ جو قصو بيان ڪيو ويو ته ان ئي وقت تنهنجي قوم ان (جي ٻڌڻ) کان لڙ ٿي مچايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن (عيسى) پٽ مريم جو مثال ڏنو وڃي ٿو ته ان ئي وقت تنهنجي قوم شور مچائڻ لڳي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن عِيسٰى پُٽ مريم جو ڏِنو وِيو مِثال، ته اِجھو اُن تان قوم سَندئـِي، کِلي ٿِي خُوشحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن مريم جي پٽ جو قصو بيان ڪيو ويو، تڏهن ان کان تنهنجي قوم گوڙ مچائي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي نبي) جيئن ئي مريم جي پٽ جو مثال ڏنو ويو ته تنهنجيءَ قوم وارن ان تي گوڙ مچايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيئن ئي ڏنو ويو آهي ابن مريم جو مثال، ته تنهنجي قوم جي ماڻهن ان تي گوڙ ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن تنھنجي قوم (يعني مڪي وارن) جي سامھون مريم جي پٽ (عيسى $ ) جو مثال بيان ڪيو ويو ته انهن وٺي شور مچائڻ شروع ڪري ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا ءَأٰلِهَتُنا خَيرٌ أَم هُوَ ما ضَرَبوهُ لَكَ إِلّا جَدَلًا بَل هُم قَومٌ خَصِمونَ (آيت : 58) |
۽ (اُھي) چوندا آھن ته اسان جا معبُود ڀلا آھن يا عيسى؟ اِھو مثال توسان رڳو جھيڙي لاءِ بيان ڪندا آھن،بلڪ اُھي جھيڙاڪ قوم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چون ٿا ته، اسان جا معبود بهتر آهن يا اهو (حضرت عيسيٰ) بهتر آهي؟ (اي پيغمبر!) اهڙيون ڳالهيون هو توسان فقط جهڳڙا پيدا ڪرڻ واسطي ڪن ٿا. هيءَ حقيقت آهي ته هو جهڳڙالو ماڻهو آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ڇا اسان جا معبود بهتر آهن يا اهو، اهو مثال توهان جي جھڳڙي لاءِ پيش ڪن ٿا. بلڪ اهي سخت جھڳڙو ڪندڙ قوم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوڻ لڳا ته ڀلا اسان جا معبود چڱا آهن يا هو (عيسى) اها ڳالھ تو وٽ رڳو جهڳڙي لاءِ بيان ڪئي اٿن ڳالھ هي آهي ته اهي جهڳڙالو ماڻهو آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇا اسان جا معبود ڀلا آهن يا اهو نه بيان ڪيائون ان کي تو سان مگر جھيڙي لاءِ بلڪ اهي قوم جھيڙا ڪار آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته ڇا اسان جا معبود چڱا آهن يا عيسيٰ؟اها ڳالهه تو وٽ رڳو جهڳڙي لاءِ بيان ڪئي اٿن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”ڇا اسان جا معبود بهتر آهن يا اُهو“ (عيسى). اهي تو سان اها ڳالهه رڳو جهڳڙڻ خاطر ڪن ٿا. بلڪه اُهي جهڳڙالو ماڻهو آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڀَلو اُهو، ڪِ اَسان جا، ڀَلا بُت بَحال؟ نه ڏِنو مِثال سو مگر، جھگڙي جاڳائـِڻ نال، هِي جماعت ئـِي جَھڳڙال، اُهي مُورک آهِن مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته اسان جا سائين ڀلا آهن_ يا اهو؟“ اهو مثال رڳو توسان جهيڙي لاءِ بيان ٿا ڪن، بلڪ اهي جهيڙاڪ قوم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چوڻ لڳا ته "اسان جا معبود ڀلا آهن يا هو؟" اهو مثال انهن تنهنجي آڏو رڳو اجائي بحث طور پيش ڪيو آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته اهي آهن ئي جهيڙاگر ماڻهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوڻ لڳا، اسان جا خدا چڱا آهن يا اهو (عيسيٰ)؟ اهو مثال تنهنجي آڏو اجايو بحث لاءِ آندو آهي، حقيقت هيءَ آهي ته اهي آهن ئي جهيڙيڪار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائون ته ڇا اسان جا معبود بھتر آهن، يا هو؟ انهن اها ڳالهه رڳو جهيڙي کي وڌائڻ خاطر پيش ڪئي هئي. بلڪه اهي ته آهن ئي ڦڏائي قسم جا ماڻهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هُوَ إِلّا عَبدٌ أَنعَمنا عَلَيهِ وَجَعَلنٰهُ مَثَلًا لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
عيسىٰ رڳو ٻانھو آھي جنھن تي ٻاجھ ڪئي اٿون ۽ بني اسرائيلن لاءِ کيس (ھڪ) عبرت ڪئي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو ته فقط ٻانهو هو (اسان جو) اسان هن تي پنهنجو فضل ڪيو ۽ هن کي بني اسرائيلن لاءِ مثال ۽ نمونو ڪيو (پر افسوس جو هو سندس نقش قدم تي نه هليا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي اهو (عيسيٰ) مگر هڪ ٻانهو جنهن تي اسان نعمت ڪئي ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هڪ مثال بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عيسى رڳو هڪ عبد آهي جنهن تي اسان احسان ڪيو (نبي ڪيو ۽ کيس معجزا عطا ڪيا) کيس ۽ بني اسرائيلن لاءِ پنهنجي (قدرت جو) نمونو بنايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اهو مگر ٻانهو جو نعمت ڪئي اسان ان تي ۽ ڪيو اسان ان کي مثال بني اسرائيل جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڳالهه هيءَ آهي ته اهي جهڳڙالو ماڻهو آهن. عيسيٰ رڳو هڪ ٻانهون آهي جنهن تي اسان نعمت ڪئي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو (عيسى) رڳو هڪ (نوازيل) ٻانهو آهي جنهن تي اسان نعمت ڪئي ۽ اسان کيس بني اسرائيل لاءِ مثال بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي ڏِنئون مِثال، جو ناهي سو نِهال، مگر بندو، جنهن کي، ڪيو سون ڀَلو بَحال، ۽ ڪيوسونسِ مِثال، اِسرائـِيل جي اولاد لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو فقط هڪ ٻانهو آهي، جنهن تي اسان مهرباني ڪئي، ۽ بني اسرائيل لاءِ اسان کيس عبرت ۽ مثال ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مريم جو پٽ ته ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ته هو هڪ ٻانهو هو، جنهن کي اسان نوازيو هو ۽ بني اسرائيل لاءِ پنهنجيءَ قدرت جو هڪ نمونو بڻايو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (مريم جو پٽ ان بنا ڪجهه نه هو) ته اهو هڪ بندو هو اسان جو انعام ڪيل هو ۽ بنايوسين ان کي هڪ مثال (قدرت جو) بني اسرائيل جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو (يعني عيسى $ ) ته اسان جو ٻانهو هو. اسان ان تي پنهنجون نعمتون ڪيون هيون ۽ کيس بني اسرائيل لاءِ هڪ نمونو بنايو هو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو نَشاءُ لَجَعَلنا مِنكُم مَلٰئِكَةً فِى الأَرضِ يَخلُفونَ (آيت : 60) |
۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته اوھان جي بدران زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته توهان مان ملائڪ پيدا ڪري ڇڏيون، جيڪي دنيا ۾ اوهان جي جاءِ وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته توهان مان ملائڪ پيدا ڪريون ها جيڪي زمين ۾ توهان جا قائم مقام هجن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته اوهان مان (ڪنهن کي) فرشتا بنايون جيڪي زمين ۾ اوهان جي جاءِ تي رهن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته ڪيون ها اوهان مان ملائڪ زمين ۾ نائب ٿين ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي بني اسرائيلن لاءِ مثال ڪيوسون. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته اوهان مان ملائڪ (صفت) پيدا ڪريون جي زمين ۾ (اوهان جا) جانشين ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته توهان جي بدلي ملائڪن کي زمين ۾ (آباد) ڪيون ها جيڪي اوهان جا جانشين هجن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُوند گُھريو سُون، ته آن بَجاءِ، مَلڪ مُقرر، بيشڪ ڪياسون، ڀُون ۾، وَسن واري سَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن گهرون ها ته اوهان جي بدران ضرور زمين ۾ ملائڪن کي نائب ڪريون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چاهيون ته توهان مان ملائڪ پيدا ڪريون، جيڪي زمين ۾ توهان جي جاءِ وٺن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي چاهيون ته پيدا ڪريون توهان مان فرشتا، جيڪي زمين تي توهان جا جاءِ نشين ٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته توهان مان ئي ملائڪ پيدا ڪري زمين ۾ توهان جا جانشين بنايون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَعِلمٌ لِلسّاعَةِ فَلا تَمتَرُنَّ بِها وَاتَّبِعونِ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ بيشڪ عيسىٰ قيامت جي ھڪ نشاني آھي پوءِ اوھين قيامت ۾ شڪ نه ڪريو ۽ (اي پيغمبر چؤ ته) منھنجي تابعداري ڪريو (جو) اِھا سِڌي واٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً (حضرت عيسيٰ) انهيءَ گهڙيءَ جو علم يا نشاني آهي. سو انهيءَ نشانيءَ ۾ شڪ نه آڻيو ۽ منهنجي پيروي ڪيو اهائي سچي واٽ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ عيسيٰ جو نزول قيامت جي نشانين مان آهي پوءِ توهان قيامت جي اچڻ ۾ شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو، هيءُ سڌو رستو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو عيسى ته يقينا قيامت جي هڪ ظاهر نشاني آهي توهين ان ۾ ڪڏهن به شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي پيروي ڪريو اهو ئي سڌو رستو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو البته نشاني آهي قيامت جي پوءِ هر گز نه شڪ ڪيو ان جو ۽ منهنجي تابعداري ڪيو هيءَ واٽ سڌي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ عيسيٰ ان گهڙيءَ (جي اچڻ) جي هڪ نشاني آهي. پوءِ (اي پيغمبرکين چؤ ته) اوهين ان گهڙيءَ ۾ شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو. هي سڌو رستو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهو (يعني عيسى ) هڪ نشاني آهي قيامت جي لاءِ پوءِ توهان ان ۾ هرگز شڪ نه ڪيو ۽ منهنجي پيروي ڪيو. هي سڌو رستو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِي سُڌ ساعت سخت جِي، پوءِ اَصل اُن اَندر، شَڪ جو شڪار ڪِين ٿيو، پاريو مُنهنجِي پَر، هِڪ وار نه جِنهن ۾ وَر، صَحِي سَنِئين، ساواٽ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هو قيامت جي نشاني آهي، پوءِ ان بابت شڪ نه ڪريو- ۽ منهنجي تابعداري ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو (مريم جو پٽ) ته حقيقت ۾ قيامت جي هڪڙي نشاني آهي، تنهنڪري توهان ان ۾ شڪ نه ڪريو ۽ منهنجي ڳالهه مڃو. اهوئي سڌو رستو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو (ابن مريم) هڪ نشاني آهي قيامت جي، پوءِ توهان ان ۾ شڪ نه ڪريو ۽ مڃو منهنجي ڳالهه، اها ئي واٽ سڌي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو (يعني عيسيٰ $ ) ته قيامت جي (ويجهو هجڻ جي) هڪ نشاني آهي. (بھرحال) توهان ان (جي اچڻ) ۾ شڪ نه ڪريو ۽ منھنجي پيروي ڪريو اهوئي سڌو رستو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَصُدَّنَّكُمُ الشَّيطٰنُ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 62) |
۽ اوھان کي شيطان نه جھلي، ڇوته اھو اوھان جو پڌرو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ائين نه ٿئي جو شيطان اوهان کي (انهيءَ سڌيءَ واٽ کان) روڪي ڇڏي. هو يقيناً اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي شيطان هرگز نه روڪي، بيشڪ اهو توهان لاءِ صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ائين ئي ٿئي جو) شيطان اوهان کي (ان راھ کان) روڪي. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه روڪي اوهان کي شيطان بيشڪ اهو اوهان جو دشمن کليل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان کي شيطان (ان رستي کان) هرگز نه روڪي. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شيطان اوهان کي (ان راهه کان) هرگز نه روڪي، بيشڪ اُهو اوهان لاءِ پڌرو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ نه روڪينان راھ کان، شامتي شيطان، اَوهان جو عيان، بَدخواھ سو بُنياد کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي شيطان نه روڪي، جو اهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) متان توهان کي شيطان ان کان روڪي وجهي، جو هو ته توهان جو کليو کلايو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين نه ٿئي جو روڪي توهان کي ان کان شيطان، بيشڪ اهو ته توهان جو دشمن آهي ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ شيطان توهان کي ان رستي کان نه روڪي. بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَ عيسىٰ بِالبَيِّنٰتِ قالَ قَد جِئتُكُم بِالحِكمَةِ وَلِأُبَيِّنَ لَكُم بَعضَ الَّذى تَختَلِفونَ فيهِ فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 63) |
۽ جنھن مھل عيسىٰ چٽن معجزن سان آيو (تنھن مھل) چيائين ته اوھان وٽ حڪمت آندي اٿم ۽ (آيو آھيان) ته جن ڳالھين ۾ اختلاف ڪند آھيو تن مان ڪي اوھان لاءِ بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن حضرت عيسيٰ روشن دليلن ۽ نشانين سان اچي ويو، تڏهن چيائين ته، مان توهان ڏي حڪمت ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون کڻي آيو آهيان. ۽ هن لاءِ آيو آهيان ته، جن ڳالهين بابت توهان اختلاف ڪري رهيا آهيو تن مان ڪن ڳالهين کي چٽو ڪري ڇڏيان. سو الله (جي حڪمن جي تعميل ڪيو ۽ سندس نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن عيسيٰ صاف دليل آندا عيسيٰ چيو بيشڪ مون توهان لاءِ حڪمت آندي ۽ آئون توهان لاءِ ڪجھه ڳالهيون بيان ڪريان ٿو جنهن ۾ توهان اختلاف ڪريو ٿا، پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن عيسى ظاهر نشانيون (معجزا) کڻي آيو ته (ماڻهن کي) چيائين ته آءُ اوهان ڏي دانائپ (جو ڪتاب) کڻي آيو آهيان ۽ هن لاءِ (آيو آهيان) ته ڪجھ ڳالهيون جن ۾ اوهين اختلاف ڪريو ٿا سي اوهان کي سمجهايان. ته اوهين خدا (جي غضب) کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيو عيسى چٽن دليلن سان ته چيائين تحقيق آيس مان اوهان وٽ حڪمت سان ۽ تانته بيان ڪيان اوهان جي لاءِ بعض اهو جو اختلاف ڪيو ٿا ان ۾ پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اطاعت ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن عيسيٰ ظاهر نشانيون کڻي آيو تڏهن (ماڻهن کي) چيائين ته آءُ اوهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان ۽ هن لاءِ (آيو آهيان) ته ڪجهه ڳالهيون جن ۾ اوهين اختلاف ڪريو ٿا سي اوهان کي سمجهائي ڏيان. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن عيسى پڌريون نشانيون کڻي آيو ته چيائين ته: ”آءٌ اوهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان ۽ (هن لاءِ آيو آهيان ته) ڪي ڳالهيون جن ۾ توهان اختلاف ڪيو ٿا سي توهان کي پڌريون ڪري ڏيان، پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن عِيسى آئيون، صَحِي ثابتين ساڻ، چي، مون اوهان لئي، مُورهِين حِڪمت آنِدي هاڻ، ۽ جَن ۾ جھڳڙو پيا ڪريو، سي کوليان اوهان ڪاڻ، پوءِ ڊڄو ڌَڻِئَ کان پاڻ، ۽ هَلو سَندمِ حُڪمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن عيسيٰ چٽن معجزن سان آيو، چيائين ته ”اوهان وٽ ڏاهپ آندي اٿم، ته جن ڳالهين ۾ اوهان جا ڌار ڌار خيال آهن، تن مان ڪي اوهان لاءِ کولي بيان ڪريان، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن عيسيٰ چٽيون نشانيون کڻي آيو ته هن چيو ته "مان توهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان ۽ ان ڪري آيو آهيان ته توهان تي ڪن انهن ڳالهين جي حقيقت کولي ڇڏيان، جن ۾ توهان پاڻ ۾ اختلاف ڪريو ٿا، تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن آيو هو عيسيٰ پڌرين نشانين سان، ته ان چيو، بيشڪ آئون توهان وٽ آيو آهيان حڪمت کڻي، ۽ ان لاءِ آيو آهيان ته توهان تي ڪن ڳالهين جي حقيقت پڌري ڪريان، جن ۾ اختلاف ڪري رهيا آهيو توهان، سو ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن عيسى ($) پڌريون نشانيون کڻي آيو ته (ماڻهن کي) چيائين ته مان توهان وٽ حڪمت (يعني دانائي) کڻي آيو آهيان ۽ جن ڳالهين ۾ توهان اختلاف رکو ٿا انهن ڳالهين مان ڪن ڳالهين جي حقيقت بيان ڪرڻ آيو آهيان. (بس!) الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي پيروي اختيار ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ هُوَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 64) |
بيشڪ الله ئي منھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سنديس عبادت ڪريو، اِھا سِڌي واٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڄاڻو ته، الله ئي منهنجو ۽ (اوهان جو پروردگار آهي. سو فقط سندس ٻانهپ ڪيو اهوئي سڌو رستو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى منهنجو ۽ توهان جو رب آهي پوءِ توهان ان جي عبادت ڪريو، هيءُ سڌو رستو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا ئي منهنجو ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. ته پوءِ ان جي عبادت ڪريو. اهو ئي سڌو رستو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله اهو ئي رب منهنجو ۽ رب اوهان جو آهي پوءِ ان جي عبادت ڪيو هيءَ واٽ سڌي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله ئي منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي پوءِ ان جي عبادت ڪريو. هي سڌو رستو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ئي منهنجو پروردگار ۽ توهان جو پروردگار آهي. سو ان جي عبادت ڪيو هيءَ سڌي راهه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻي مون ۽ اوهان جو، آهي سو اَلله، پوءِ پُوڄيوسِ، اِهائـِي راھ، سَنئين سائـِينءَ پار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله منهنجو ۽ اوهان جو ڌڻي آهي، تنهن ڪري ان جي بندگي ڪريو، اهو ئي سڌو رستو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله ئي منهنجو رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي، پوءِ انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. اهوئي سڌو رستو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ئي آهي منهنجو رب ۽ توهان جو به رب، پوءِ ان جي عبادت ڪريو، اهو ئي رستو سڌو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ئي منھنجو پالڻھار ۽ توهان جو پالڻھار آهي ان جي ئي بندگي ڪريو. اهوئي سڌو رستو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاختَلَفَ الأَحزابُ مِن بَينِهِم فَوَيلٌ لِلَّذينَ ظَلَموا مِن عَذابِ يَومٍ أَليمٍ (آيت : 65) |
پوءِ ٽولين پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، تنھنڪري ڏکوئيندڙ ڏينھن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (ڇا ٿيو جو) ٽولين يعني فرقن پاڻ ۾ اختلاف ڪيا. سو جن (فرقا ٺاهي پاڻ تي پاڻ) ظلم ڪيو تن تي هڪڙي سخت تڪليف واري ڏينهن عذاب جي مصيبت اچڻي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (انهن) گروهن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو. پوءِ قيامت جي ڏينهن وارو عذاب ظالمن لاءِ ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن مان ڪيترا ئي فرقا (ان سان) اختلاف ڪرڻ لڳا. پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن لاءِ درد ناڪ ڏينهن جي عذاب جي وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اختلاف ڪيو ٽولن پاڻ ۾ پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو عذاب ڏينهن دردناڪ جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن مان جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو پوءِ دردناڪ ڏينهن جي عذاب کان ظالمن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن مان جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، پوءِ جن ماڻهن ظلم ڪيو تن لاءِ دردناڪ ڏينهن جي عذاب کان بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ٽوليون ٽَڪريون پاڻ ۾، پوءِ حيف تَنجي حال، جَن جاڙون ڪيون جال، ڏُ کـئي ڏِينهن جي ڏُک کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِٽولين پاڻ ۾ تڪرار ڪيو، پوءِ ڏکوئيندڙ ڏينهن جي عذاب کان ظالمن لاءِ خرابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر (سندس انهيءَ چٽيءَ تعليم جي هوندي به) ٽولن پاڻ ۾ اختلاف ڪيا، پوءِ ته تباهي آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو، دردناڪ ڏينهن واري عذاب جي صورت ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (پر سندس ان صاف تعليم جي به) اختلاف ڪيو ٽولن پاڻ ۾، پوءِ بربادي آهي انهن ماڻهن لاءِ جن ظلم ڪيو، عذاب آهي هڪ ڏينهن انهن لاءِ دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر پوءِ به انهن جماعتن پنھنجو پاڻ ۾ اختلاف ڪيو. پوءِ دردناڪ ڏينھن جي عذاب کان انهن ظالمن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل يَنظُرونَ إِلَّا السّاعَةَ أَن تَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 66) |
(اُھي) رڳو قيامت (جي اچڻ) جو انتظار ڪندا آھن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اُھي بي خبر ھجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (منڪر) انهيءَ گهڙيءَ واسطي ترسيا ويٺا آهن ڇا ؟ (ان گهڙيءَ جي اچڻ بعد هو ڇا ڪري سگهندا؟) اها ته اوچتو اچي ويندي ۽ هنن کي خبر به ڪانه پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو (اها) انهن تي اوچتو ايندي ۽ انهن کي خبر نه پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي رڳو قيامت جو انتظار ٿا ڪن ته مٿن اوچتي اچي ۽ کين خبر به نه پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا انتظار ڪن مگر قيامت جو ته اچي انهن وٽ اوچتو ۽ اهي نه ٿا خبر رکن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي رڳو قيامت جو انتظار ٿا ڪن ته مٿن اوچتي اچي ۽ کين خبر به نه پوي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي رڳو اهو انتظار ٿا ڪن ته (قيامت جي) گھڙي مٿن اوچتي اچي ۽ کين خبر به نه پوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڪَڍنِ اِنتظار، مگر محشر وار جو، جا اَچي اُنهن تي اوچتِي، ڪڙڪي سِرڪپار، نه هُون، سي هوشيار، تنهن معاملي کان مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو رڳو قيامت جو انتظار پيا ڪن ته اوچتو وٽن اچي ۽ اهي بي خبر هجن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا اهي ماڻهو هاڻي بس انهيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ آهن ڇا ته اوچتو ئي اوچتو اچي قيامت مٿن ڪڙڪي ۽ کين ڪا خبر ئي نه پوي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هاڻي انتظار ۾ آهن اهي ماڻهو ته قيامت اچي انهن تي اوچتو ئي ۽ انهن کي ڪا خبر به نه پوي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو رڳو ان ڳالهه جو انتظار ڪن ٿا ته مٿن قيامت اچانڪ ڪڙڪي پوي جو کين خبر به نه پوي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الأَخِلّاءُ يَومَئِذٍ بَعضُهُم لِبَعضٍ عَدُوٌّ إِلَّا المُتَّقينَ (آيت : 67) |
اُنھيءَ ڏينھن پرھيزگارن کانسواءِ (ٻيا) سڀئي دوست ھڪ ٻئي جا دشمن ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن دوست به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پوندا. پر پرهيزگار (مؤمن) (هڪٻئي جا دشمن ڪونه ٿيندا، اهي هڪٻئي سان وڏي محبت ۾ رهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (دنيا جا) سچا دوست قيامت جي ڏينهن هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پوندا مگر پرهيزگار (انهن جي دوستي قيامت ۾ به قائم هوندي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ڏينهن (متقي) پرهيزگارن کان سواءِ (ٻيا سڀ) دوست هڪ ٻئي جا دشمن هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دوست ان ڏينهن هڪڙا انهن مان ٻين جا دشمن هوندا مگر پرهيز گار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن پرهيزگارن کان سواءِ (ٻيا سڀ) دوست هڪ ٻئي جا دشمن هوندا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گَــهَرا دوست ان ڏينهن هڪ ٻئي جا دشمن هوندا سواءِ پرهيزگارن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دوست دُنيا جا، دوست جا، ويري اُنهِئَ وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ڏينهن نيڪن کانسواءِ سڀيئي دوست هڪ ٻئي جا دشمن هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏينهن جڏهن آيو ته پرهيزگارن کي ڇڏي باقي سڀئي دوست هڪ ٻئي جا دشمن بڻجي ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايندو جڏهن اهو ڏينهن ته ڪيترا ئي دوست به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي ويندا سواءِ پرهيزگارن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن پرهيزگارن کان سواءِ باقي ٻيا سڀ گهرا دوست به هڪ ٻئي جا دشمن ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰعِبادِ لا خَوفٌ عَلَيكُمُ اليَومَ وَلا أَنتُم تَحزَنونَ (آيت : 68) |
(چيو ويندو ته) اي منھنجا (اُھي) ٻانھا اڄ اوھان کي نڪي ڀؤ آھي نڪي اوھين غمگين ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا (فرمانبردار) بندؤ! انهيءَ ڏينهن توهان کي ڪوبه خوف ڪونه رهندو، نڪي توهان غمگين هوندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا (مؤمن) بندا توهان تي اڄ ڏينهن ڪو خوف ناهي ۽ نه توهان ڏکوئبا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پرهيزگارن کي چونداسون ته) اي منهنجا ٻانهو! اڄ اوهان کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي غمگين (ئي) ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا ٻانها ناهي ڪو خوف اوهان تي اڄ ۽ نه اوهان غمگين ٿيندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پرهيزگارن کي چونداسون ته) اي منهنجا ٻانهو! اڄ اوهان کي نه ڪو ڊپ آهي ۽ نڪي غمگين ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (کين چيو ويندو) ”اي منهنجا ٻانها! اڄ ڏينهن نه اوهان تي ڪو خوف آهي ۽ نه ئي توهان غمگين ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جيڪي مُتقِي، پُورا پَرهيزگار، اَڄ بَندا! نه ڀَو اوهان تي، ۽ نڪو غم غبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبو) اي منهنجا بندا! اڄ اوهان کي ڪو خوف ڪونهي ۽ نه اوهين غمگين ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ڏينهن انهن ماڻهن کي، چيو ويندو ته: ”اي منهنجا ٻانهؤ! اڄ توهان لاءِ نڪي ڪو خوف آهي ۽ نه ڪو ڏک ئي ڏسندؤ.“(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (چيو ويندو) اي منهنجا ٻانهؤ! ڪوبه خوف ناهي توهان تي اڄ، ۽ نه توهان جي لاءِ آهي ڪوبه غم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا ٻانهو! اڄوڪي ڏينھن توهان جي لاءِ نه ڪو خوف آهي ۽ نه ئي وري اوهان غمگين ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ءامَنوا بِـٔايٰتِنا وَكانوا مُسلِمينَ (آيت : 69) |
جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ مُسلمان ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي سچا بندا جيڪي اسان جي آيتن ۽ حڪمن تي ايمان ۽ يقين رکن ٿا ۽ پورا پورا مسلمان (يعني سورهن آنا خدا جا) فرمانبردار آهن (۽ سڀني قرآني حڪمن جي تعميل ٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اهي فرمانبردار هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي) اهي ٻانها هوندا جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ فرمانبردار هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ايمان آندو اسان جي آيتن تي ۽ هئا مسلمان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي منهنجا اهي ٻانهو !) جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ فرمانبردار هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعني) اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اهي فرمانبردار هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جَن اَسان جون، مَڃيون نِشانِيون نِروار، ۽ تهدِل تابِعدار، هُئا مَڃِيندڙ مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي بندا، جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اهي مسلمان هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو هو ۽ فرمانبردار ٿي رهيا هئا،(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن ايمان آندو اسان جي آيتن تي ۽ فرمانبردار ٿيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اها خوشخبري انهن ماڻهن لاءِ آهي) جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ اُهي فرمانبردار ٿي رهيا هئا . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادخُلُوا الجَنَّةَ أَنتُم وَأَزوٰجُكُم تُحبَرونَ (آيت : 70) |
(چيو ويندو ته) اوھين ۽ اوھان جون زالون بھشت ۾ خُوش ٿي گھِڙو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي منهنجا اهڙا بندؤ) توهان ۽ توهان جون مؤمن زالون (۽ توهان سان تعلق رکندڙ مؤمن) خوشين ۽ خوبين سان جنت ۾ داخل ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ۽ توهان جون گھر واريون تازگي وارن چهرن سان بهشت ۾ داخل ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهين ۽ اوهان جون زالون جنت ۾ داخل ٿيو. اوهان کي وڏي عزت سان خوش رکيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيو بهشت ۾ اوهان ۽ اوهان جون زالون عزت ڪيا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ چيو ويندنِ ته) اوهين ۽ اوهان جون زالون جنت ۾ داخل ٿيو اوهان کي خوش رکيو ويندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنت ۾ داخل ٿيو اوهان ۽ اوهان جون زالون اوهان کي خوش رکيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين ۽ اوهان جون عورتون، گِھڙو مَنجھ گُلزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اوهين ۽ اوهان جون زالون جنت ۾ خوش ٿي داخل ٿيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنت ۾ داخل ٿي وڃو توهان ۽ توهان جون زالون، توهان ڏاڍا خوش ڪيا ويندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) داخل ٿيو بهشت ۾ توهان ۽ توهان جون زالون، توهان کي خوش ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تن کي چيو ويندو ته) توهان ۽ توهان جون گهر واريون جنت ۾ داخل ٿي وڃو. توهان کي (اتي) خوش ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُطافُ عَلَيهِم بِصِحافٍ مِن ذَهَبٍ وَأَكوابٍ وَفيها ما تَشتَهيهِ الأَنفُسُ وَتَلَذُّ الأَعيُنُ وَأَنتُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 71) |
مٿن سون جون رڪيبيون ۽ آبخورا ڦيرائبا، ۽ جيڪي دليون گھرنديون ۽ (جنھن جي ڏسڻ کان) اکيون ٺرنديون سو منجھس ھوندو، اوھين منجھس سدائين رھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جنت ۾) انهن تي سون جي رڪابين ۽ پيالن جو دور هلندو. ۽ اتي دليون جيڪي به چاهينديون ۽ جنهن سان بي اکين کي لذت ۽ راحت ملندي سو سڀ ميسر هوندو ۽ اوهان به هميشه رهندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي خدمت ۾ سونا پيالا ۽ سونا گلاس پيش ڪيا ويندا، ۽ بهشت ۾ اهو سڀ ڪجھه هوندو جيڪو توهان جي دل کي وڻي ۽ اکين کي فرحت ڏي، ۽ توهان انهيءَ ۾ هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن لاءِ سون جون رڪيبون ۽ پيالن جو دور هوندو ۽ جنهن به شيءِ جي (انهن جا) نفس خواهش ڪندا ۽ جنهن کان اکين کي مزو اچي (سڀ موجود آهن) ۽ اوهين تنهن ۾ هميشه رهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڦيرايون وينديون انهن تي رڪيبيون سون جون ۽ وڏا گلاس ۽ ان ۾ اهو هوندو جيڪو سندن سر خواهش ڪندا ۽ لذت وٺنديون اکيون ۽ اوهان انهن ۾ هميشہ رهندڙ هوندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ سون جون رڪيبيون ۽ پيالا ڦيرايا ويندا ۽ جنهن به شئي جي (انهن جا) نفس خواهش ڪندا ۽ (سندن) اکين کي (ان جي ڏسڻ سان) مزو ايندو سو (انهن لاءِ) اتي هوندو ۽ (کين خوشخبري ٻڌائي ويندي ته) اوهين ان ۾ پيا رهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن تي سون جي ٿالهن ۽ ساغرن جا دور هلايا ويندا ۽ ان ۾ اهو سڀ ڪجهه هوندو جنهن جي (سندن) نفس خواهش ڪندا ۽ (سندن) اکيون مزا ماڻينديون ۽ (چيو ويندو) توهان ان ۾ هميشه رهندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِيندا گھڻو وِندرايا؛ وَرَنِ مَٿن هَر وار، سَنديون سونَ وَٽيون، ۽ پيالا هَر پار، جيڪِي گُھرن جِئَ، اُن ۾، تهدِل سو تيار، ۽ ٺرن نيڻن نار، اَوهِين هُوندا هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مٿن سون جون رڪيبيون ۽ ڪوزا ڦيرائبا ۽ جيڪي به دليون چاهينديون ۽ اکيون ٺرنديون، سو منجهس هوندو- ۽ اوهين ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن اڳيان سون جا ٿالهه ۽ پيالا هيڏانهن کان هوڏانهن ڦيرايا ويندا ۽ هر ڪا دلپسند ۽ اکين کي فرحت ڏيندڙ شيءِ اتي موجود هوندي ۽ انهن کي چيو ويندو ته "توهان هاڻي هتي هميشه لاءِ رهندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڦيرايا ويندا انهن جي اڳيان ٿالهه جيڪي هوندا سونا ۽ صراحيون ۽ (اهي شيون به پيش ڪبيون) جن جي خواهش ڪندا سندن نفس ۽ لذت ڏيندڙ نگاهن کي هر وڻندڙ شيءِ، کين چيو ويندو، توهان هاڻ هميشه هت رهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي لاءِ (کاڌي پيتي جي شين سان ڀريل) سون جا ٿالهه ۽ پيالا ڦيرايا ويندا. ان ۾ سندن خواهش مطابق شيون هونديون جيڪي ڏسڻ سان ئي ڏاڍيون وڻنديون. (کين چيو ويندو ته) توهان ان ۾ هميشه رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتِلكَ الجَنَّةُ الَّتى أورِثتُموها بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 72) |
۽ ھي اُھو بھشت آھي جنھن جو اوھان کي انھي سببان وارث ڪيو ويو جو اوھين (چڱا) ڪم ڪندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙو هوندو اهو بهشت جنهن جا توهان (هميشه لاءِ) وارث ٿيندؤ، هن ڪري جو توهان نيڪ عمل ڪندا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو بهشت آهي، جنهنجا توهان نيڪ عملن جي ڪري وارث ٿيا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اها جنت جنهن جا اوهين وارث (حقدار) ڪيا ويا آهيو سو اوهان جي نيڪ ڪمن جو صلو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو بهشت اهو آهي جو وارث ڪيا ويئو اوهان ان جا ان عمل جي ڪري جو اوهان ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هيءَ اها جنت آهي جو جيڪي عمل اوهين ڪندا هئا تن جي ڪري ان جو اوهان کي وارث ڪيو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هيءَ اُها جنت آهي جنهن جا توهان مالڪ بنايا ويا آهيو انهن عملن سبب جيڪي توهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي باغ بهشت جا، ٿِيا حوالي هاڻ، تَن ڪَمايُنِ ڪاڻ، جيڪِي ڪيان جَھان ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اهو بهشت آهي، جنهن جو اوهان کي وارث ڪيو ويو، جو اوهين چڱا ڪم ڪندڙ هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان هن جنت جا وارث پنهنجن عملن جي ڪري ٿيا آهيو، جيڪي دنيا ۾ ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن ئي جنت جا رهندؤ وارث توهان پنهنجي ڪيل عملن سببان، جيڪي دنيا ۾ ڪيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اها اٿو جنت! جنهن جو توهان کي توهان جي (سھڻن) عملن جي ڪري وارث بڻايو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَكُم فيها فٰكِهَةٌ كَثيرَةٌ مِنها تَأكُلونَ (آيت : 73) |
منجھس اوھان لاءِ گھڻا ميوا آھن جن منجھان پيا ٿا کائو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان بهشت ۾ اوهان جي لاءِ بي انداز ميوا (۽ نعمتون) هونديون جي توهان ماڻيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان لاءِ بهشت ۾ تمام گھڻا ميوا هوندا جن مان توهان کائيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اتي اوهان لاءِ تمام گهڻا ميوا آهن جن مان اوهين کائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان جي لاءِ ان ۾ ميوا گھڻا آهن انهن مان کائيندؤ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ اوهان لاءِ گهڻا ميوا آهن جن مان کائو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ اوهان لاءِ گهڻا ميوا آهن جنهن مان کائيندا رهندؤ“. (جيئن توهان جي طبيعت چاهي)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِڙِئي مُلڪ مَلِير، سو ميوا مَنجھسِ مَلهار، هردم اَوهان هارِ، پوءِ کائو خُوشئَ سان اُنهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ اوهان لاءِ گهڻا ميوا آهن، جن منجهان اوهين کائيندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان لاءِ هتي گهڻا ميوا موجود آهن، جن منجهان توهان کائيندا رهندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جي لاءِ هتي ميوا جام آهن جيڪي توهان کائيندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ۾ توهان جي لاءِ (مختلف قسمن جا) کوڙ سارا ميوا به هوندا جن مان توهان کائيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُجرِمينَ فى عَذابِ جَهَنَّمَ خٰلِدونَ (آيت : 74) |
بيشڪ ڏوھي دوزخ جي عذاب ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً ڏوهاري ۽ گهنگار جهنم جي عذاب ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ مجرم جهنم جي عذاب ۾ هميشه هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ڏوهاري دوزخ جي عذاب ۾ پيا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ مجرم جهنم جي عذاب ۾ هميشہ رهندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ڏوهاري دوزخ جي عذاب ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ڏوهاري دوزخ جي عذاب ۾ هميشه مبتلا رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَدا عذاب آگ ۾، پاپِيَن لئي پُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ڏوهي دوزخ جي عذاب ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ڏوهاري ته سدائين جهنم جي عذاب ۾ پيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (باقي رهيا ڏوهاري) بيشڪ اهي مجرم آهن سي سدائين عذابِ جهنم ۾ داخل رهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ڏوهاري ماڻهو هميشه لاءِ جھنم جي عذاب ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُفَتَّرُ عَنهُم وَهُم فيهِ مُبلِسونَ (آيت : 75) |
کائن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ اُھي منجھس نا اُميد (ٿي) رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن تان عذاب هلڪو ڪونه ڪيو ويندو ۽ هو ان ۾ نااميدي ۽ نامراديءَ ۾ ويڙهجي ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تان (عذاب ۾) ڪا هلڪائي نه ڪئي ويندي ۽ اهي انهيءَ ۾ نااميد پيل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن تان (عذاب ڪڏهين به) هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ اهي ان ۾ نا اميد ٿي رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هلڪو ڪيو ويندو انهن تان ۽ اهي ان ۾ نا اميد هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن تان (عذاب) هلڪو نه ڪيو ويندو ۽ اهي ان ۾ نااميد ٿي رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن تان (عذاب) هلڪو ڪونه ڪيو ويندو ۽ اُهي ان ۾ مايوس ٿيا پيا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي بَند مَنجھسِ بي آسري، ۽ نه گَھٽبو مٿانِ مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان عذاب گهٽ نه ڪبو، اُهي منجهس نا اميد رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪڏهن به سندن عذاب گهٽايو نه ويندو ۽ هو اتي نااميد هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪابه گهٽتائي ڪانه ٿيندي انهن لاءِ ۽ اهي اتي مايوس پيا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي عذاب ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ اُهي مايوس ٿي ويٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما ظَلَمنٰهُم وَلٰكِن كانوا هُمُ الظّٰلِمينَ (آيت : 76) |
۽ مٿن ظلم نه ڪيوسون پر اُھي پاڻ ظالم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هنن سان بي انصافي بلڪل ڪانه ڪنداسين، پر هو پاڻ وڏا ظالم هئا (۽ هوپاڻ تي پاڻ ظلم ڪيائون ۽ ان جو نتيجو ضرور لوڙڻو اٿن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن تي ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ ظالم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن تي ڪو به ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ تي ظلم ڪندا رهيا ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ظلم ڪيو اسان انهن تي ۽ پر هئا اهي پاڻ ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ ظالم هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو پر اُهي پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان نه ڪيو اُنهن سان، ذَرو ظُلم ضَرُور، ۽ مورهِين مَغرور، هُئا پاڻهِين ڪَندڙ پاڻ سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انهن تي ظلم نه ڪيو، پر اُهي پاڻ ظالم هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن تي اسان ڪوبه ظلم نه ڪيو هو، پر هو پاڻ تي پاڻ ئي پيا ظلم ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي ڪيو ظلم انهن تي اسان پر اهي پاڻ ئي پنهنجي مٿان ظلم ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن جي مٿان ڪوبه ظلم نه ڪيو آهي پر هُو پاڻ ئي ظالم هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنادَوا يٰمٰلِكُ لِيَقضِ عَلَينا رَبُّكَ قالَ إِنَّكُم مٰكِثونَ (آيت : 77) |
۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ جڳائي ته تنھنجو پالڻھار اسان تي (موت جو) حڪم ڪري (ته عذاب کان ڇُٽون، مالڪ) چوندو ته بيشڪ اوھين ھميشه رھڻ وارا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو (جهنم ۾) پڪاري چوندا ته، اي جهنم جا داروغا! تنهنجو پروردگار جيڪڏهن اسان کي ختم ڪري ڇڏي ته ڏاڍو چڱو ٿئي. هو چوندو (ته نه!) توهان کي يقيناً (هن عذاب ۾ دائمي طور) رهڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جهنمي پڪاريندا اي مالڪ (هيءُ جهنم جو داروغو هوندو) تنهنجو رب (هن عذاب کان) اسان کي ختم ڪري ڇڏي ها مالڪ چوندو بيشڪ توهان (جهنم ۾) هميشه رهندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (دوزخي) پڪاريندا ته اي مالڪ! (دوزخ جا داروغا ڪا اهڙي تدبير ڪر جو) تنهنجو پالڻهار اسان کي موت ڏئي اهو چوندن ته اوهان کي ان ئي حالت ۾ رهڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڏيندا اي مالڪ! ڀل ته موت جو حڪم ڪري اسان تي تنهنجو رب چوندو بلاشڪ اوهان هميشہ رهڻ وارا آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (دوزخ جي دربان کي) سڏيندا ته اي مالڪ (تون اهڙي تدبير ڪر جو) تنهنجو پاليندڙ (الله)اسان کي موت ڏئي. هو چوندو ته بيشڪ اوهين (ان حالت ۾ ) رهڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي (جهنم جي داروغي کي) سڏيندا ته: ”اي مالڪ! تنهنجو پالڻهار اسان کي موت ڏئي ڇڏي (ته بهتر)“ اُهو چوندو ته: ”بيشڪ توهان (ان حالت ۾) هميشه رهڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واڪا ڪيؤن تنهن وار، ته مالِڪ! مَر ته مارِينينون، پَروَر پاڪ تُنهنجو، ته ٻوليائين ٻيهار، ته آهيو اوهين آوار، وَر وَر وعدي ٽوڙڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو پُڪاريندا ته ”اي دوزخ سنڀاليندڙ! تنهنجي ڌڻيءَ کي اسان لاءِ موت جو حڪم ڪرڻ گهرجي!“ هو چوندو ته ”بيشڪ اوهين هتي ئي رهندؤ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو پڪاريندا: "اي مالڪ، تنهنجو رب اسان کي صفا ختم ڪري ڇڏي ته ڀلو". هو جواب ڏيندو: "توهان ائين ئي پيا هوندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڪاريندا اهي (دوزخ جي داروغي کي) اي مالڪ! اسان جو ڪم پورو ڪري تنهنجو رب ته چڱو، اهو جواب ڏيندو، بيشڪ توهان ائين ئي پيا رهندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو (جھنم جي داروغي) کي چوندا اي مالڪ! جيڪر تنھنجو پالڻھار اسان کي (هن عذاب کان) موت ئي ڏئي ڇڏي. اهو داروغو چوندو ته (نه) توهان اِن حالت ۾ ئي رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد جِئنٰكُم بِالحَقِّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَكُم لِلحَقِّ كٰرِهونَ (آيت : 78) |
بيشڪ اوھان وٽ سچو دين آندوسون پر اوھان مان گھڻا سچي ڳالھ کي ناپسند ڪرڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو!) هيءَ حقيقت آهي ته اسان توهان وٽ حق (يعني قرآن مجيد) آندو آهي، پر توهان مان گهڻا حق کي ناپسند ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تحقيق اسان توهان وٽ حق آندو پر توهان مان اڪثر حق کي پسند نه ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي مڪي جا ڪافرو!) اسين ته اوهان وٽ حق کڻي آيا آهيون پر اوهان مان ڪيترائي ماڻهو حق (سچ) کان ڪراهت ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق آندو اسان اوهان وٽ حق ۽ پر گھڻا اوهان مان حق کي ناپسند ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مڪي وارو !) بيشڪ اسان اوهان وٽ حق آندو پر اوهان مان گهڻا حق کي ناپسند ڪرڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان توهان وٽ حق آندو هيو پر توهان مان گهڻا حق کي ناپسند ڪرڻ وارا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز ثابِت حق کي آندوسون اوهان ڪاڻ، پَر اَڪثر اوهان مان هاڻ، بُرو ڀائيندڙ حق کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان وٽ اسان حق آندو، پر اوهان مان گهڻن کي حق پسند نه آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توهان وٽ حق کڻي آيا هئاسون پر توهان جي اڪثريت کي حق پسند ئي نه هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان توهان وٽ حق کڻي آياسين پر توهان مان گهڻن کي حق پسند ئي ڪونه هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان وٽ حق ڳالهه آندي هئي پر توهان مان گهڻا ماڻهو حق ڳالهه کان نفرت ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم أَبرَموا أَمرًا فَإِنّا مُبرِمونَ (آيت : 79) |
(ڪافرن به) ڪنھن ڪم جي رِٿ رٿي آھي ڇا؟ پوءِ بيشڪ اسين به پڪي رِٿ رٿيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هنن ڪو منصوبو ٺاهي تيار ڪيو آهي؟ پر (ياد رکو) ته اسان ئي سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندڙ آهيون (هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن رسولِ عربي لاءِ خفيه تدبير ڪئي آهي، پوءِ بيشڪ اسين کين خفيه تدبير جي سزا ڏيندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن کا رٿ رٿي آهي؟ اسان به ڪجھ رٿيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا رٿيائون ڪو ڪم پوءِ بيشڪ اسين به رٿ رٿيندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (ائين آهي ڇا ته) هنن ڪو ڪم بنايو آهي پوءِ بيشڪ اسين به بنائڻ وارا آهيون؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن (رسول جي خلاف) ڪنهن ڪم جو پڪو ارادو ڪيو آهي پوءِ بيشڪ اسان به پڪو ڪم ڪرڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، قط ڏِنئون ڪم ڪار کي، پوءِ قط ڏئين اَسان جِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن به ڪنهن ڪم جي رٿ رٿي آهي؟ ته پڪ ڄاڻن، ته اسين به رٿ رٿيندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن ڪو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ ڀلا اسان به هڪڙو فيصلو ٿا ڪري ڇڏيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ماڻهن ڪنهن قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي؟ ته اسان به هڪ فيصلو ٿا ڪريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇا مڪي وارن ماڻهن) ڪنھن منصوبي جي ٽِرڪ (يعني چال ) سوچي آهي ته پوءِ (ٺيڪ آ) اسان به پنھنجو منصوبو جوڙيون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَحسَبونَ أَنّا لا نَسمَعُ سِرَّهُم وَنَجوىٰهُم بَلىٰ وَرُسُلُنا لَدَيهِم يَكتُبونَ (آيت : 80) |
ڀائيندا آھن ڇا ته اسين سندن ڳجھيون ڳالھيون ۽ سندن صلاحون نه ٻڌندا آھيون؟ ھائو (ٻڌندا آھيون) ۽ اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (مڪي جا ڪافر) هيئن ٿا سمجهن ڇا ته، اسان سندس ڳجهه ۽ مخفي ڳالهيون ڪونه ٿا ٻڌون؟ يقيناً اسان سڀ ڪجهه ٻڌون ٿا ۽ اسان جا موڪليل فرشتا هنن جي پاسي ۾ رهن ٿا ۽ سڀ ڪجهه لکي ٿا ڇڏين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي ڀانئن ٿا ته بيشڪ اسين سندن دلي ۽ خفيه ڳالهيون نٿا ٻُڌون؟ ها! ۽ اسان جا فرشتا انهن وٽ لکي رهيا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (ائين آهي ڇا ته) اهي خيال ٿا ڪن ته اسين سندن ڳجهيون ڳالهيون ۽ سندن راز نه ٿا ٻڌون. ائين نه آهي (اسين ضرور ٻڌون ٿا) ۽ اسان جا موڪليل فرشتا وٽن آهن جي سڀ ڪجھ لکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڀائين ٿا ته بلاشڪ اسين نه ٿا ٻڌون ڳجھيون ڳالهيون انهن جون ۽ صلاحون انهن جون هائو ۽ اسان جا قاصد انهن وٽ لکن پيا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (ائين آهي ڇا ته) اهي خيال ٿا ڪن ته اسين سندن ڳجهيون ڳالهيون ۽ سندن ڳجهيون صلاحون نه ٿا ٻڌون. ائين نه آهي (اسين ضرور ٻڌون ٿا) ۽ اسانجا موڪليل (ملائڪ) وٽن آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهي سمجهن ٿا ته اسان سندن ڳُجهيون ڳالهيون ۽ سندن ڳُجهيون صلاحون نه ٿا ٻڌون؟ ڇونه!! (بلڪل ٻڌون ٿا) ۽اسان جا موڪليل ملائڪ به وٽن آهن جي لکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، پاتئون ته اَسِين اُنهن جو، نه ٻُجھون مَنجھ، ٻَهار؟، مُرسل اَسان جا مُورهِين، وَٽِن وِهِي وَٽ دار، لِکڻ لِکڻ هارِ، جيڪِي وَهِي واپري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اهو ٿا ڀائين ته اسين سندين ڳجهيون ڳالهيون ۽ صلاحون نٿا ٻُڌون؟ هائو، اسان جا موڪليل ملائڪ وٽن لکندا رهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين کڻي سمجهيو اٿن ڇا ته اسان سندن راز جون ڳالهيون يا سندن ســُـس پــُـس ٻڌون ئي نٿا؟ اسان سڀ ڪجهه ٿا ٻڌون ۽ اسان جا ملائڪ وٽن ئي ويٺا لکن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا سمجهيو آهي انهن ماڻهن ته اسان نٿا ٻڌون انهن جون (لڪل) صلاحون؟ ها! ۽ اسان سڀڪجهه ٻڌي رهيا آهيون ۽ اسان جا فرشتا وٽن لکي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو اهو سمجهي ويٺا آهن ته اسان سندن راز جي ڳالهين ۽ لڪيل صلاحن کي نٿا ٻڌون. ڇو نه! (هر شيءِ ٻڌون ٿا) ۽ انهن جي مٿان اسان جا مقرر ملائڪ به هر شيءِ لکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِن كانَ لِلرَّحمٰنِ وَلَدٌ فَأَنا۠ أَوَّلُ العٰبِدينَ (آيت : 81) |
(تون) چؤ ته جيڪڏھن ٻاجھاري (الله) کي ڪو وياءُ ھجي، ته آءٌ (سڀ کان) پھرين (اُن جي) عبادت ڪندڙ ھجان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، جيڪڏهن رحمان خدا کي پٽ هجي ها ته پوءِ مان (سندس) ٻانهپ ڪندڙن ۾ سڀني کان اڳرو هجان ها (پر پٽ جو هئڻ خدا جي شان وٽان ناهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو جيڪڏهن (بالفرض) رحمان کي اولاد هجي ها پوءِ پهريائين آئون (ان جي) عبادت ڪندڙ هجان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چوين ته جيڪڏهن خدا جي ڪا اولاد هجي ها ته آءُ سڀني مان پهريون (سندس) عبادت لاءِ تيار آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪڏهن هجي ها رحمٰن (الله) جي لاء اولاد ته پوء مان (ان جي) عبادت ڪندڙن ۾ پهريون هجان ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي لکن ٿا. (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏهن وڏي مهربان (الله) کي سچ پچ ڪو اولاد هجي ته پوءِ آءُ سڀني عبادت ڪندڙن مان پهريون (عبادت ڪندڙ) ٿيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”جيڪڏهن رحمان کي سچ پچ ڪو اولاد هجي ها ته سڀ کان پهريون (ان جو) عبادت ڪرڻ وارو هجان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، جيڪر ڪُونڌر ڪو، هو سائـِين سَٻاجھي ڪاڻ، پوءِ آئون هُجان پاڻ، پهرئـِين پُوڄارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن رحمان کي ڪو اولاد هجي ها، ته آءُ سڀ کان اڳ ان جي عبادت ڪندڙ هجان ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي پيغمبر) چوين ته "جيڪڏهن سچ پچ رحمان جي ڪا اولاد هجي ها ته سڀ کان اول عبادت ڪرڻ وارو مان ئي هجان ها"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کين چؤ جي هجي ها ڪو رحمٰن جو اولاد، ته آئون ئي سڀ کان پهريون عبادت ڪندڙ هجان ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن واقعي الله تعالى کي ڪا اولاد هجي ها ته مان ئي سڀ کان پھريان ان (اولاد واري الله) جي عبادت ڪريان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُبحٰنَ رَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبِّ العَرشِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 82) |
(اِھي) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان آسمانن ۽ زمين جو پالڻھار عرش جو مالڪ پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ۽ عرش جو مالڪ پاڪ آهي، اهڙين ڳالهين کان جي هي ماڻهو (عيسائي ۽ ٻيا) بيان ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آسمانن ۽ زمينن ۽ عرشِ عظيم جو رب انهن جي (بيان ڪيل) وصفن کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو جيڪي بڪواس ڪن ٿا ته آسمانن ۽ زمين جو پالڻهار عرش جو مالڪ (خدا) تنهن (ڳالھ) کان پاڪ (صاف) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪائي آهي آسمانن ۽ زمين جي رب جي عرش جي رب جي ان کان جو بيان ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي جيڪي بيان ڪن ٿا تنهن کان آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ عرش جو مالڪ پاڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پاڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو پروردگار عرش جو مالڪ انهن ڳالهين کان جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀُون، عَرش فَرش جو، بادشاه بيشڪ، پاڪ تِنهن کان پَڪ، جو ڳالهائـِين، ڳهيلڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر آسمانن ۽ زمين جو ڌڻي انهي کان پاڪ آهي، جيڪي هو بيان ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پاڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو حاڪم عرش جو مالڪ، انهن سمورين ڳالهين کان، جيڪي اهي ڏانهس منسوب ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پاڪ آهي مالڪ آسمانن ۽ زمين جو، حاڪم عرش جو، انهن ڳالهين کان جن لاءِ اهي ماڻهو ان ڏي نسبت ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جو (حقيقي) پالڻھار ۽ عرش جو پالڻهار ته انهن جي بيان ڪيل ڳالهين کان پاڪ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذَرهُم يَخوضوا وَيَلعَبوا حَتّىٰ يُلٰقوا يَومَهُمُ الَّذى يوعَدونَ (آيت : 83) |
پوءِ کين ڇڏ ته (ايسين ڪوڙين ڳالھين ۾) بڪ ڪن ۽ راند ڪن جيسين پنھنجي اُنھي ڏينھن کي ملن جنھنجو کين انجام ڏجي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) هنن کي ڇڏي ڏي ته ڀلي پيا بيهوديون بڪواسون ڪن ۽ کلي چرچا ڪن، تان جو پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو آهي، (جنهن ڏينهن هو مغلوب ٿيندا يا آخرت جي عذاب ۾ ڪرندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن کي ڇڏي ڏيو ته اهي اجايون ڳالهيون ۽ رانديون ڪن، ايستائين جو اهي پنهنجي ان ڏينهن کي پهچن جنهنجو کين وعدو ڏنو ويو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون کين ڇڏي ڏي ته پيا بڪواس ڪندا وتن ايستائين جو جنهن ڏينهن جو کين وعدو ڪيو ويو آهي سو سندن سامهون اچي پوي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء ڇڏ انهن کي ته اجايون ڳالهيون ٺاهين ۽ راند روند ڪن تانجو ملن پنهنجي ان ڏينهن کي جنهن جو وعدو ڏنا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون کين ڇڏي ڏي ته خوش طبعي ۽ رانديون ڪن ايتري تائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انهن کي ڇڏي ڏي بيڪار بحث ۽ راند روند ۾ پيا رهن ايستائين جو اُهي پنهنجي ان ڏينهن کي ڏسن جنهن جو انهن سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇَڏ تَنِين ڇُلنگار، بَڪَنِ ۽ ڪَن بازِيون، تان، جو ٻولائـِجٖينِ ٻِيهار، ڏِسن تِنهِين ڏِينهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين ڇڏي ڏي، ته ڀل پيا بڪ بڪ ۽ راند ڪن، جيسين پنهنجي انهي ڏينهن کي ڏسن، جنهن جو انجام ڏنو ويو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڇڏين ته پنهنجن غلط خيالن ۾ غرق پيا هجن ۽ پنهنجيءَ راند روند ۾ پيا هجن، تان جو وڃي پنهنجو اهو ڏينهن ڏسن، جنهن کان ڊيڄاريا وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ رڌل رهڻ ڏي انهن کي ته بحث ڪن ۽ ڀلي کيڏندا رهن، تان جو اهي ڏسن اهو ڏينهن جنهن جو ساڻن وعدو ڪيو ويو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون انهن کي ايستائين بيھوده ڳالهين ۽ کيل تماشي ۾لڳو رهڻ ڏي ، جيستائين هو پنهنجو اهو ڏينھن ڏسن جنھن جو انهن سان وعدو ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى فِى السَّماءِ إِلٰهٌ وَفِى الأَرضِ إِلٰهٌ وَهُوَ الحَكيمُ العَليمُ (آيت : 84) |
۽ (الله) اُھو آھي جيڪو آسمانن ۾ معبود آھي ۽ زمين ۾ (به) معبود آھي، ۽ اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي الله آسمان ۾ به معبود آهي ته زمين تي به معبود آهي، ۽ هو وڏيءَ حڪمت وارو ۽ وڏي علم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو ئي آسمان ۽ زمين وارن جو برحق معبود آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمان ۾ به سندس عبادت ڪئي وڃي ٿي ۽ (اهو ئي) زمين ۾ به معبود آهي. ۽ اهو ئي حڪمت وارو (۽ سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهوئي آهي جيڪو آسمان ۾ معبود آهي ۽ زمين ۾ معبود آهي ۽ اهوئي حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اُهو آهي جيڪو آسمان ۾ (به) حاڪم آهي ۽ زمين ۾ (به) حاڪم آهي. ۽ اهو حڪمت وارو (۽ سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو ئي آهي جيڪو آسمان ۾ معبود آهي ۽ زمين ۾ (به) اهو ئي معبود آهي. ۽ اُهو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڀ اَندر دَرٻار، سو پڻ ڌَرتِي تي دَرٻار، ۽ اُهو حِڪمتِي هوشيار، ۽ سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جو آسمان ۾ به سائين آهي ۽ زمين ۾ به سائين آهي ۽ هو ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ساڳيو آسمانن ۾ به معبود آهي ته زمين ۾ به معبود آهي ۽ اهوئي دانائيءَ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جيڪو آهي آسمانن ۾ خدا ۽ اهو ئي آهي زمين ۾ به خدا ۽ اهو ئي آهي حڪمت رکڻ ۽ ڄاڻ رکڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ رهندڙن جو هڪڙو ئي معبود آهي. جيڪو وڏي حڪمت وارو ۽ وڏي علم وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَبارَكَ الَّذى لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَعِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 85) |
۽ اُھو وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي تنھن جي بادشاھت آھي، ۽ وٽس ئي قيامت (جي اچڻ) جي خبر آھي، ۽ ڏانھنس موٽائبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ وڏين برڪتن وارو آهي، اهو الله جنهن جي هٿ ۾ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جي به بادشاهي آهي. ۽ انهيءَ گهڙي جو علم وٽس ئي آهي، ۽ اوهان آخر هن ئي ڏانهن موٽايا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بابرڪت آهي اهو رب جنهنجي بادشاهي آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن جي وچ ۾ آهي ۽ ان وٽ قيامت جو علم آهي، ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي وڏي برڪت وارو آهي جنهن جي لاءِ آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، حڪومت آهي. پڻ قيامت (جي ٿيڻ) جي به خبر کيس ئي آهي. ۽ اوهين ان (جي بارگاھ) ڏي موٽايا ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ برڪت وارو آهي اهو جنهن جي بادشاهي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ ان ۾ آهي جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ۽ ان وٽ قيامت جو علم آهي ۽ ان ڏانهن موٽايو ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو وڏي برڪت وارو آهي جنهن کي آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي، تنهن جي بادشاهي آهي. ۽ ان وٽ ان گهڙيءَ جي اچڻ جي خبر آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ وڏي برڪتن واري اُها ذات آهي جنهن جي بادشاهت آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجھه انهن ٻنهين جي وچ ۾ (هرجاءِ تي) ۽ ان وٽ قيامت (جي وقت) جو علم آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بيحد ڀَلايون اُن جون، جِنهن جو نه اَنت شُـمار، اُڀ، زمينون جِنهنجا، پڻ جيڪِي مَنجھسِ جِنسار، ۽ تِنهن وَٽ، ساعت سَخت جِي، صَحِي سَماچار، ۽ توهان کي تڪرار، هرگز اُن ڏي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلارو آهي اهو، جنهن جي بادشاهي آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي، ان تي آهي_ انهي وٽ قيامت جي خبر آهي ۽ اوهان کي ان ڏي موٽائبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تمام مٿانهين ۽ مٿڀري آهي، اها هستي جنهن جي هٿ ۾ آسمانن ۽ زمين ۽ سندن وچ واري هر شيءِ جي بادشاهي آهي ۽ قيامت جي گهڙيءَ جي ڄاڻ کيس ئي آهي ۽ ڏانهس ئي توهان موٽايا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ برڪت وارو آهي اهو جيڪو بلند ۽ تمام مٿانهون، جنهن جي قبضي ۾ آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جي بادشاهي آهي ۽ ان وٽ ئي آهي علم قيامت جي گهڙيءَ جو، ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽي اچڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏي برڪت وارو آهي جيڪو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو بادشاهه آهي. ان وٽ ئي قيامت اچڻ جو (صحيح) علم آهي. توهان سڀ ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَملِكُ الَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ الشَّفٰعَةَ إِلّا مَن شَهِدَ بِالحَقِّ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 86) |
۽ (ڪافر) جن (بُتن) کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي شفاعت ڪري نه سگھندا آھن پر اُھي جن (دين جي) سچي شاھدي ڏني ھوندي ۽ اُھي (اُن جي حقيقت) ڄاڻندا آھن (اُھي شفاعت ڪندا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن کي هو خدا کي ڇڏي پڪارين ٿا تن جي هٿ ۾ شفاعت ڪانهي، (هو ڪابه سفارش ڪري نه سگهندا) شفاعت ته فقط انهيءَ جي هٿ ۾ آهي جيڪو حق جي شاهدي ٿو ڏئي (يعني حق ٿو ٻڌائي ۽ سچو دين ٿو سيکاري) ۽ (اها ڳالهه) هو ڄاڻن به ٿا (پر خودغرضي ۽ دنيائي فائدا هنن کي حق کان روڪين ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بت پرست شفاعت (سفارش) جا مالڪ نٿا ٿين مگر جيڪو ماڻهو حق جي گواهي ڏي ٿو ۽ اهي ڄاڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا کان سواءِ اهي ماڻهو جن جي عبادت ڪن ٿا سي ته سفارش جو به اختيار نه ٿا رکن. پر (هاءُ) جيڪي ماڻهو سمجهي سوچي حق ڳالھ (توحيد) جي شاهدي ڏين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه مالڪ ٿيندا اهي جن جي ان کان سواء عبادت ڪن ٿا شفاعت جا مگر جنهن شاهدي ڏني حق جي ۽ اهي ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کانسواءِ جن کي سڏين ٿا سي سفارش ڪرڻ جو اختيار نه ٿا رکن مگر انهن لاءِ جن سچي شاهدي ڏني هوندي ۽ اهي (ان جي حقيقت کي) ڄاڻندا هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن (ڪوڙن معبودن) کي اُهي الله کي ڇڏي پڪارن ٿا سي شفاعت ڪرڻ جو اختيار نه ٿا رکن، هائو (شفاعت جو اختيار انهن کي آهي) جن حق جي شاهدي ڏني ۽ اُهي ڄاڻندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سي نَه سُفارش جَا ڌِڻِي، جَن دانهيو، ڌَڻِي ڌار، مگر صفا سچ جِي، جِنهن ڏنِي، ساک سَچار، پڻ پُورو پَتو پار، هُجي اِذن جو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو الله کان سواءِ جن کي سڏيندا آهن، تن جي هٿ ۾ شفاعت نه آهي_ سواءِ انهن جي، جن سچي شاهدي ڏني ۽ اهي ڄاڻن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کي ڇڏي جن کي به اهي سڏين ٿا، انهن کي شفاعت جي ڪا طاقت ڪانهي، باقي ڪو ڄاڻ جي بنياد تي حق جي شاهدي ڏئي ته اها ٻي ڳالهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کي ڇڏي جن کي پڪاريندا آهن اهي سي ڪنهن به شفاعت جو اختيار نٿا رکن، پر ڪير آهي جيڪو شاهدي ڏي حق جي علم جي بنا تي (ته اها ٻي ڳالهه آهي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کي ڇڏي هي ماڻهو جن کي سڏين ٿا تن کي شفاعت ڪرڻ جو بلڪل اختيار نه آهي. ها باقي اُهي ماڻهو جن سوچي سمجهي حقيقت ڄاڻي حق جي گواهي ڏني هوندي (سي الله تعالى جي اجازت سان سفارش ڪري سگهندا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَهُم لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 87) |
۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته کين ڪنھن خلقيو ته ضرور چوندا ته الله (خلقيو آھي) پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن (ڪافرن) کان پڇين ته، ڪنهن کين خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته کين الله ئي خلقيو آهي، پوءِ ڪيئن هو (حق کان) ٿڙڪي گمراهه ٿي ٿا وڃن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان سوال ڪندا ته انهي کي ڪنهن خلقيو، يقيناً چوندا الله، پوءِ اهي ڪيڏانهن ڦِرن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته کين ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله تعالى ته پوءِ (ان هوندي به) اهي ڪئين ابتا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو انهن کي ته البته ضرور چوندا الله پوء ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن تون انهن (مڪي وارن) کان پڇندين ته ڪنهن کين پيدا ڪيو ته چوندا ته الله پوءِ ڪيئن اُبتا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇين ته انهن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا الله! پوءِ هي ڪٿان کان دوکو کائي رهيا آهن!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي پُڇندينِ ته پيدا ڪِنهن ڪيان؟ چوندا چِٽو ته اَلله، چئو، ڪيڏانهن اي گُمراھ!، پوءِ ڦيريا وَڃو فريب سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن انهن کان پڇين ته ”کين ڪنهن پيدا ڪيو؟“ ته ضرور چوندا ته ”الله“ پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا ٿا وڃن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي نبي!) جيڪڏهن کانئن پڇندين ته کين ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته چوندا ته "الله"، پوءِ ڪيڏانهن دوکو کائن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي تون انهن کان پڇين ڪنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي ته اهي پاڻ ئي چوندا ته الله، پوءِ ڪٿان اهي دوکو پيا کائن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان انهن کان پڇا ڪندا ته انهن کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى (پيدا ڪيو آهي) پوءِ به هي ماڻهو ڪٿان ڌوڪو کائي رهيا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقيلِهِ يٰرَبِّ إِنَّ هٰؤُلاءِ قَومٌ لا يُؤمِنونَ (آيت : 88) |
۽ (قسم آھي) پيغمبر جي انھي چوڻ تي ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ ھيءَ اھڙي قوم آھن جو (ڪنھن طرح) ايمان نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پيغمبرﷺ جو) هيءُ چوڻ (اسان کي معلوم آهي) ته اي منهنجا پروردگار هي اهي ماڻهو آهن جيڪي (هرگز) ايمان ڪونه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي مون کي توهان جي (هن) گفتگوءَ جو قسم ته بيشڪ اها قوم ايمان نه آڻيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کي رسول جي هن چوڻ جي به خبر آهي ته اي منهنجا پالڻهار! هي اهڙي قوم آهي جي ايمان نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (قسم آهي) ان جي چوڻ جو ته اي منهنجا رب! بيشڪ هي قوم آهن جيڪي ايمان نه ٿا آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي رسول جي هن چوڻ جي به خبر آهي ته اي منهنجا پاليندڙ! هي اهڙي قوم آهن جي ايمان نه ٿا آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي ان (منهنجي رسول ﷺ) جي هن قول جو: ”اي منهنجا پالڻهار بيشڪ هي اهڙي قوم آهن جي ايمان نه ٿا آڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساک سَندسِ، ته سانَيمِ! هِي ميڙ نَه مَڃي مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نبيءَ جو چوڻ آهي ته ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ هيءَ اها قوم آهي، جا ايمان نٿي آڻي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي رسول جي ان قول جو، ته اي منهنجا پاليندڙ ! هي آهن اهي ماڻهو جيڪي ايمان نٿا آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قسم آهي رسول جي هن ڳالهه جو، ته اي منهنجا رب! هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ڪڏهن نٿا مڃين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي (رسول سڳوري جي) هن قول جو ته: اي منھنجا پالڻھار! ”هن قوم جا ماڻهو ته (مون تي) ايمان ئي نٿا آڻين.“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصفَح عَنهُم وَقُل سَلٰمٌ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 89) |
پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ (موڪلائيءَ جو) سلام چؤ، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تنهنجو خيال برابر آهي) سو تون هنن کان منهن موڙي ڇڏ ۽ (کين آخري) سلام چئو. پوءِ هو جلد ئي معلوم ڪندا (ته ڪير ٿو آخر ڪامياب ٿئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن کي درگذر ڪريو ۽ توهان فرمايو سلام آهي، پوءِ عنقريب اهي ڄاڻندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تون انهن کان منهن موڙ (ڪري ڇڏ) ۽ چوين (ته اوهان کي) سلام. پوءِ کين جلد ئي (ان شرارت جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوء منهن موڙ انهن کان ۽ چؤ سلام پوء جلد ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون کانئن منهن موڙ ۽ سلام چؤ (انهن وٽان اٿي وڃ) پوءِ پاڻ ڄاڻي وٺندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انهن کان درگذر ڪر ۽ چؤ ”سلام“ آهي، پوءِ جلدي (انجام) ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُنهن موڙ اُنهن کان، ۽ چَئو چڱو ضَرُور، پوءِ مِڙوئـِي مَذڪور، سَمجھي وِيندا سِگھڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ سلام چئو، هنن کي جلد ئي خبر پوندي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چڱو پوءِ اي نبي! تون انهن کان پاسو ڪر ۽ چوين ته سلام هجيوَ، سگهوئي پتو پئجي ويندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو اي نبي! درگذر ڪر انهن کي ۽ چئي ڇڏ ته سلام آهي توهان کي، پوءِ کين جلد معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توهان انهن کي سلام ڪري پاسو ڪري وڃو. انهن ماڻهن کي (حقيقت جي) جلد ئي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |