توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حا - ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حٰـمۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حا، ميم، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حٰمٓ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حَا، ميم(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﷅ (حا ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ح-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حا ــ ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عسق (آيت : 2) |
عٓسٓقٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) عين – سين – قاف(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عۗسۗقۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عسق(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عين، سين، قاف .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) عسق. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عين سين قاف (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عٓـسٓـقٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) عينٓ-سين-قافٓ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﰹ (عين. سين. قاف) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ع-س-ق(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عين ــ سين ــ قاف (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ يوحى إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ اللَّهُ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 3) |
غالب حڪمت وارو الله اھڙيءَ طرح توڏانھن وحي موڪلي ٿو ۽ اُنھن ڏانھن (به) جيڪي توکان اڳ ھوا (موڪليندو) رھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح (جيئن تون ڏسين ٿو) اهو الله توڏي وحي موڪلي ٿو ۽ جيڪي توکان اڳي ٿي گذريا تن ڏي به موڪليندو رهيو هو. جو الله وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي اهڙيءَ طرح الله تعالى توهان ڏانهن ۽ توهان کان اڳين پيغمبرن ڏانهن وحي موڪلي ٿو جيڪو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ هئا وحي موڪلي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح وحي موڪلي ٿو توڏانهن ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳي هئا الله، غالب، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح زبردست (۽) حڪمت وارو الله توڏي ۽ انهن ڏي جيڪي توکان اڳ هئا، وحي موڪلي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح تو ڏانهن ۽ جيڪي تو کان اڳ (رسول) هئا انهن ڏانهن وحي موڪليندو رهيو آهي الله جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن پَر وَحي موڪلي، تو ۽ اَڳـيَن پارِ، صاحِب رَبّ، سَتار، جو سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) غالب حڪمت وارو الله اهڙيءَ طرح تو ڏانهن خواهه تو کان اڳين ڏانهن وحي موڪلي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اهڙي ئي نموني الله زبردست ۽ داناءُ توڏانهن ۽ توکان اڳ ٿي گذريل (رسولن) ڏانهن وحي ڪندو رهيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح وحي ڪندو رهيو آهي تو ڏانهن (الله) ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳ ۾ (گذريل رسول آيا) الله غالب حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طرح الله تعالى زبردست حڪمت وارو، توهان ڏي ۽ توهان کان اڳ (رسولن ڏي) وحي موڪليندو رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَهُوَ العَلِىُّ العَظيمُ (آيت : 4) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) سندس آھي، ۽ اُھو (سڀ کان) مٿاھون (۽) وڏو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. ۽ هو سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڏو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ اهو سڀ ڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ اهو ئي بلند (۽) عظيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمان ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) سندس ئي آهي. ۽ اهو ئي (ته وڏو) عاليشان (۽) بزرگ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جوئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اهو بلند وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي ۽ اهو ئي (سڀ کان) مٿاهون (۽) وڏو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. اُهو ئي بلندي عظمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن لئي اُڀ ۽ ڀويُون، پڻ جيڪا مَنجھنِ جوڙ، ۽ اُهو تَوَنگر توڙ، وَڏِي وَڏائـِئَ جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو سڀ سندس آهي، هو مٿاهون ۽ وڏو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي سندس ئي آهي، هو تمام مٿانهون ۽ تمام وڏو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ جو ئي آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾، ۽ اهو ئي مٿانهون ۽ عظيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ ان جو ئي آهي. اهوئي سڀ کان مٿانھون ۽ وڏي عظمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَكادُ السَّمٰوٰتُ يَتَفَطَّرنَ مِن فَوقِهِنَّ وَالمَلٰئِكَةُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيَستَغفِرونَ لِمَن فِى الأَرضِ أَلا إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 5) |
(خُدا جي دھشت کان) آسمان پنھنجي مٿان ستت ئي ڦاٽندا ۽ ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن تن لاءِ بخشش گھرندا آھن، خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سندس شان ۽ جلال اهڙو ته آهي جو ان جي اثر کان) آسمان به مٿان کان ذري گهٽ ڦاٽڻ تي آهن. ۽ فرشتا پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندا رهن ٿا (يعني سندس حڪمن موجب سندس ربوبيت ۽ رحمت وغيره جي ڪمن ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪندا رهن ٿا) ۽ جيڪي زمين تي رهن ٿا تن جي لاءِ بخششون گهرن ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ بيشڪ غفور ۽ رحيم آهي، (انهن لاءِ جيڪي سندس حڪمن تي هلڻ ۾ سعي ڪار آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عنقريب (الله جي عظمت ۽ شان سببان) آسمان انهن جي مٿان چيرجي پون ها (پر) ملائڪ پنهنجي رب جي حمد سان تسبيح پڙهن ٿا ۽ اهي زمين وارن لاءِ بخشش طلب ڪن ٿا. خبردار ! بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن جي ڳالهين کان) آسمان (سندس هيبت سبب) پنهنجي مٿان ڦاٽي نه پون ۽ فرشتا ته پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. ياد رکو! بيشڪ خدا ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ويجها آهن آسمان جو ڦاٽي پون مٿان پنهنجي ۽ ملائڪ تسبيح پڙهن پيا پنهنجي رب جي حمد سان ۽ مغفرت طلب ڪن ٿا انهن جي لاءِ جيڪي زمين ۾ آهن خبردار بيشڪ الله اهوئي بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمان پنهنجي مٿان ڦاٽڻ تي آهن. ۽ ملائڪ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ(سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ معافي گهرن ٿا. خبردار! بيشڪ الله ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قريب آهي جو آسمان پنهنجي مٿان کان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾ آهن تن لاءِ بخشش گهرن ٿا. خبردار بيشڪ الله ئي بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ ذَري گھٽ اُنهن مَٿان، ڦاٽن ڦارون ڦار، ۽ مَلڪ سَندنِ مالِڪ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ مڱن مَعافِيون تَن لئي، جي ڀُون ۾ بَرقرار، صاحِب رَبُّ، سَتار، سو مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمان سندن مٿان سگهو ئي ڦاٽندو ۽ ملائڪ پنهنجي ڌڻي جي ساراهه سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، تنهن لاءِ بخشش گهرندا آهن- خبردار! بيشڪ الله ئي بخشيندڙ، مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اجهو ٿا آسمان مٿان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ زمين وارن جي حق ۾ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا. خبر هجيوَ ته بيشڪ الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ويجهو آهي ته آسمان مٿان کان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ تسبيح ڪري رهيا آهن ساراهه سان پنهنجي رب جي ۽ بخشش جون درخواستون ڪندا رهن ٿا زمين وارن لاءِ، ٻڌو! بيشڪ الله ئي بخشڻ وارو ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اجهو ٿا آسمانَ (الله تعالى جي هيبت کان) مٿان کان ڦاٽي پَون. ملائڪ پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪري رهيا آهن ۽ زمين وارن لاءِ بخشش جي دُعا گهري رهيا آهن. خبردار! بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ اللَّهُ حَفيظٌ عَلَيهِم وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 6) |
۽ جن اُن کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن تي الله نگھبان آھي، ۽ تون مٿن ڪو ذمه وار نه آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي اولياء (يعني ڪارساز ۽ مددگار) بنائين ٿا تن کي الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي، ۽ (اي پيغمبر!) تون انهن جو وڪيل يا ڪارساز ڪونه آهين (يعني توتي انهن جي بدڪمن جي ذميواري ڪانهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله کانسواءِ (بتن کي) مددگار بنائن ٿا، الله تعالى انهن کي ڏسي رهيو آهي، ۽ توهان انهن جا ذميدار ناهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن خدا کي ڇڏي ٻيا (ڪيئي) پنهنجا سرپرست بنايا آهن تن جي خدا نگراني ڪري رهيو آهي ۽ (اي رسول) تون سندن ذميوار نه آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ورتا ان کان سواءِ دوست الله نگهبان آهي انهن تي ۽ ناهين تون انهن تي ذميدار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن تن تي الله نگاهه رکندڙ آهي ۽ تون انهن جو ذمي وار نه آهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻيا ڪي (بت) مددگار بنايا آهن الله ئي انهن تي نگهبان آهي ۽ تون انهن جو ذميدار نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن اَجھا ۽ اَوليا، ڌاريا اِنهيان ڌار، اَلله پاڪ اُنهن تي، چونڪِي آهي چوڌار، ۽ سَونپِيَل سَنڀاليدار، تون اَصل ناهِين اُنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ان کان سواءِ ٻيا مددگار ورتا آهن، تن تي الله نگهبان آهي ۽ تون انهن تي نگهبان نه آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ان کي ڇڏي پنهنجا ٻيا مددگار بڻايا آهن، انهن تي نظرداري ڪندڙ به الله آهي، تون انهن جو رکوالو نه آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ان کي ڇڏي پنهنجا ڪي ٻيا سرپرست ٺاهي ورتا آهن، الله ئي انهن تي نگهبان آهي ۽ ناهين تون انهن جو ذميوار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ان کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايو آهي، انهن تي الله تعالى نگاهه رکندڙ آهي. توهان جي مٿان انهن جي ڪابه ذميداري نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِتُنذِرَ أُمَّ القُرىٰ وَمَن حَولَها وَتُنذِرَ يَومَ الجَمعِ لا رَيبَ فيهِ فَريقٌ فِى الجَنَّةِ وَفَريقٌ فِى السَّعيرِ (آيت : 7) |
۽ اھڙيءَ طرح توڏانھن عربيءَ (ٻوليءَ) ۾ قرآن وحي ڪيوسون ته مڪّي وارن ۽ سندس آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ قيامت جو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن کان (پڻ) ڊيڄارين، ھڪ ٽولي بھشت ۾ ۽ ٻي ٽولي دوزخ ۾ ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن طرح (اي پيغمبر!) اسان توتي عربي قرآن وحي ڪري موڪليو آهي ته تون شهرن جي ماءُ (يعني مڪي شريف جي ماڻهن) کي ۽ چوگرد وارن ماڻهن کي خبردار ڪرين، ۽ گڏ ٿيڻ واري (قيامت جي) ڏينهن بابت خبردار ڪرين جنهن ڏينهن جي (اچڻ) بابت ڪو شڪ ئي ڪونهي. (انهيءَ ڏينهن) ڪي جنت ۾ ۽ ڪي وري ڄڀي ڪندڙ باهه ۾ ڌوڪيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم عربيءَ ۾ وحي ڪري موڪليو ان لاءِ توهان مڪه مڪرمه ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄاريو ۽ توهان قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي (انهن مان) هڪ فريق جنت ۾ ۽ هڪ فريق جهنم ۾ ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي عربي زبان ۾ قرآن هن ڪري موڪليو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ (شبهو) نه آهي. ان ڏينهن هڪ فرقو (مڃڻ وارو ته) بهشت هوندو ۽ ٻي جماعت دوزخ ۾.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح وحي ڪيوسون تو ڏانهن قرآن عربي تانته ڊيڄارين تون مڪہ وارن کي ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن ۽ ڊيڄارين ڏينهن گڏ ٿيڻ جي کان جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ هڪ ٽولي جنت ۾ ۽ ٻي ٽولي جهنم ۾ (هوندي) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙي طرح اسان توڏي عربي زبان ۾ قرآن وحي ڪيو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ گڏ ٿيڻ (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن (جي اچڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي هڪ جماعت جنت ۾ ۽ ٻي جماعت باهه ۾ هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏانهن هي قرآن عربيءَ ۾ وحي ڪيو آهي هن لاءِ تون ڳوٺن جي مرڪز (يعني مڪي) وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين ۽ تون گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان ڊيڄارين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. (جنهن ڏينهن) هڪ جماعت جنت ۾ هوندي ۽ ٻي جماعت جهنم ۾ هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيوسون قُرآن عرِبي، اِنپر ته ڍول ! ڊيڄار، اُن سان مُک ڳوٺ کي، پڻ اُن جون ڪَنڌيون، ڪِنار، ۽ ميلي مَحشر ڏِينهن کان، جنهن ۾ وَهم نه وار، ڪا جوڙي جَنَّت پار، ۽ ڪا ٽولِي ٽانڊي وِچم.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙيءَ طرح توڏانهن عربيءَ ۾ قرآن وحي ڪيوسون، ته مڪي وارن ۽ ان جي آس پاس وارن کي ڊيڄارين- ۽ انهي ڏينهن کان به ڊيڄارين، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي- هڪ ٽولي بهشت ۾ هڪ ٽولي دوزخ ۾ هوندي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح ئي اي نبي! اسان توڏانهن هيءُ عربي زبان وارو قرآن ان لاءِ وحي ڪيو آهي ته جيئن تون آبادين جي مرڪز (شهر مڪي) ۽ ان جي چؤطرف رهڻ وارن کي ڊيڄارين ۽ مــِـڙي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان کين ڊيڄارين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ئي ڪونهي، هڪڙو ٽولو ته جنت ۾ وڃڻو آهي ۽ ٻيو ٽولو دوزخ ۾ پوڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها، اهڙيءَ طرح (اي نبي!) اسان وحي ڪيو آهي تو ڏانهن هي قرآن عربي ۾، جيئن تون خبردار ڪرين وستين جي اهم شهر (مڪي) ۽ ان جي آس پاس (وارن کي) ۽ ڊيڄارين ان ڏينهن لاءِ (جڏهن سڀ گڏ ٿيندا) ڪو شڪ ناهي ان جي اچڻ ۾، هڪ ٽولي کي جنت ۾ وڃڻو آهي ۽ ٻئي ٽولي کي دوزخ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طرح اسان توڏي عربي ٻولي ۾ قرآن شريف نازل ڪيو ته جيئن تون مڪي ۽ ان جي پسگردائي وارن کي ڊيڄارين ۽ (کين) ان قيامت واري ڏينھن کان ڊيڄارين جنھن (جي اچڻ) ۾ ڪوبه شڪ نه آهي. (ان ڏينهن) هڪ گروهه جنت ۾ ويندو ته ٻيو گروهه جھنم ۾. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو شاءَ اللَّهُ لَجَعَلَهُم أُمَّةً وٰحِدَةً وَلٰكِن يُدخِلُ مَن يَشاءُ فى رَحمَتِهِ وَالظّٰلِمونَ ما لَهُم مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 8) |
۽ جيڪڏھن الله گھُري ھا ته اُنھن سڀني کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن کي گھري تنھن کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪندو آھي، ۽ ظالمن جو نڪي ڪو دوست ۽ نڪي ڪو مددگار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، سڀني ماڻهن کي هڪ امت ڪري ها (۽ سڀ طوعَاً ڪَرهاً، پسند اچي يا نه اچين) هڪ سڌيءَ واٽ تي هلن ها، (پر الله تعاليٰ ائين نه ڪيو ۽ چاهيائين ته انسان پنهنجو ارادو ڪم آڻي پنهنجي ترقي پاڻ ڪري) پر هو پنهنجي رحمت ۾ انهن کي داخل ٿو ڪري جن کي (سندن نيڪ عملن سببان) چاهي ٿو، ۽ جيڪي ظلم ڪندڙ آهن تن جي لاءِ ڪوبه ڪارساز ۽ مددگار ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته يقيناً انهن کي هڪ امت ڪري ها، پر جنهنکي پاڻ چاهي ٿو ان کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ ظالمن لاءِ ڪوبه دوست ۽ ڪو مددگار ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي گروھ بنائي ها. پر اهو ته جنهن کي گهري ٿو (هدايت) ڪري پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ظالمن جو ته (ان ڏينهن) ته ڪوئي يار آهي ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گھري ها الله ته البته ڪري ها انهن کي امت هڪڙي ۽ پر داخل ڪري ٿو جنهن کي گھري پنهجي رحمت ۾ ۽ ظالم ناهي انهن لاءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کي هڪ جماعت ڪري ها پر جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو.۽ ظالمن جو نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن سڀني کي هڪ ئي امت بنائي ڇڏي ها ۽ پر اهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ ظالمن لاءِ نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قادِر گُھريو ڪَر، ته ڪَيائـِين مِڙِئي ميڙ يَڪو، پَر پَروَر پنهنجي ٻاجھ ۾، جنهن کي گُھري، ڏيٿو گَھر، ۽ نه ٻيلِي، نه ڏِيندڙ ٻَر، ڪو ڏُکـئي ڏِينهن ڏکوئـِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن مڙني کي هڪ ٽولي ڪري ها، پر جنهن کي گهري، تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري ۽ ظالمن لاءِ نڪو دوست آهي، نڪو مددگار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن سڀني کي هڪڙي ئي امت بڻائي ڇڏي ها، پر هو ته جنهن کي چاهيندو آهي پنهنجيءَ رحمت ۾ داخل ڪندو آهي ۽ ظالمن جو ڪوبه ولي ۽ مددگار ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي چاهي ها الله ته انهن سڀني کي بڻائي ڇڏي ها امت هڪڙي ئي، پر اهو داخل ڪندو آهي جنهن کي گهرندو آهي پنهنجي رحمت ۾، ۽ ظالمن جي لاءِ ناهي ڪوبه دوست ۽ نه ڪو مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته انهن سڀني کي هڪ امت ٺاهي ڇڏي ها پر هُن جي مرضي آهي ته جنھن کي وڻي پنھنجي رحمت ۾ داخل ڪري. ۽ ظالمن جو ڪير به ساٿي ۽ مددگار نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ فَاللَّهُ هُوَ الوَلِىُّ وَهُوَ يُحىِ المَوتىٰ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 9) |
الله کانسواءِ ٻيا ڪارساز ڪري ورتا اٿن ڇا؟ ڇوته الله ئي ڪارساز آھي ۽ اُھو ئي مُئن کي جياريندو آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن آهي ڇا) ته هنن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻين کي اولياء (يعني پنهنجو ڪارساز ۽ مددگار) ڪري ورتو آهي؟ سو (هو ياد رکن ته) فقط الله ئي ڪارساز ۽ نگهبان آهي. ۽ هو ئي مئلن کي زنده ڪري ٿو (يعني مرده دل ماڻهن کي زنده دل ڪري سنئين واٽ تي آڻي ٿو) ۽ هو هر شيء تي قدرت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان ان کانسواءِ مددگار بنايو ٿا، پوءِ الله تعالى ئي مددگار آهي ۽ اهو ئي مُئلن کي جياري ٿو ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن خدا کان سواءِ (ڪي ٻيا) مددگار بنايا آهن؟ مددگار ته رڳو الله ئي آهي ۽ اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اهو ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ورتائون ان کانسواءِ ڪارساز؟ پوءِ الله اهوئي ڪارساز آهي ۽ اهو جيئرو ڪري ٿو مئلن کي ۽ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا انهن کانسواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن ڇا؟ پوءِ الله ئي مددگار آهي ۽ اهو مئلن کي جياري ٿو. ۽ اهو سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن الله کي ڇڏي ٻيا (بت) مددگار بنايا آهن؟ پوءِ الله ئي مددگار آهي ۽ اُهو ئي مُردن کي جياري ٿو ۽ اُهو هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اولا ۽ اَولياء، ڌاريؤن اِنهيان ڌار؟ پوءِ جو مُئا جِياري مُورهِين، ۽ اَللهُ اُهو آڌار، ۽ سوئـِي رَبُّ، ستار، قادِر هَر ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن الله کان سواءِ ٻيا مددگار ورتا آهن؟ چئو ته الله ئي سچو مددگار آهي ۽ هو ئي مئلن کي ٿو جيئاري ۽ اهو هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڀلا (اهڙا نادان آهن ڇا جو) کيس ڇڏي ٻيا ولي ورتا اٿن، ولي ته الله ئي آهي. اهوئي ٿو مئن کي جيئرو ڪري ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي اهڙا نادان آهن جو الله کي ڇڏي ڪي ٻيا ڪارساز ورتا اٿن! بيشڪ ڪارساز ته الله ئي آهي جيڪو جياري ٿو مئلن کي ۽ اهو ئي آهي هر شيءِ تي قدرت رکڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن اُن (اَلله) کي ڇڏي ٻين کي مددگار بنايو آهي. (حالانڪه) مددگار ته الله تعالى آهي. اهو ئي مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَا اختَلَفتُم فيهِ مِن شَيءٍ فَحُكمُهُ إِلَى اللَّهِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبّى عَلَيهِ تَوَكَّلتُ وَإِلَيهِ أُنيبُ (آيت : 10) |
۽ جنھن (ڳالھ) بابت تڪرار ڪيو اٿوَ سو ڪجھ به ھجي ته اُنھيءَ جو نبيرو الله ڏانھن (حوالي ڪيل) آھي، منھنجو پالڻھار اھو الله آھي مٿي ڀروسو ڪيم، ۽ ڏانھس موٽان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ڳالهه بابت توهان هڪٻئي سان اختلاف رکو ٿا تنهن جو فيصلو الله وٽ ٿيڻو آهي (پاڻ ۾ ڇو ٿا وڙهو) اهڙو آهي الله منهنجو پروردگار! مون انهيءَ ئي تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ مان انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿيان ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن شيءِ ۾ توهان اختلاف ڪريو ٿا پوءِ ان جو حڪم (فيصلو) الله تعالى وٽ آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو اهو الله منهنجو رب آهي ان تي مون توڪل ڪئي آهي، ۽ ان ڏانهن آئون موٽندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جنهن ڪم جو پاڻ ۾ اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پالڻهار آهي. مون مٿس ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو اختلاف ڪيو اوهان ان ۾ ڪنهن شيءِ (جي باري) ۾ پوءِ ان جو حڪم الله جي (سپرد) آهي اهو الله منهنجو رب آهي مون ان تي توڪل ڪئي آهي ۽ ان ڏانهن ئي مان موٽان ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن به ڳالهه ۾ اوهان اختلاف ڪيو آهي، ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پاليندڙ آهي، مٿس مون ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڳالهه ۾ توهان اختلاف ڪيو آهي ان جو فيصلو الله حوالي آهي. اُهو الله ئي منهنجو پالڻهار آهي مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏانهن موٽان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪهڙي ڪِنهن ڪَم ڪار ۾، توهان ڪيو تڪرار، پوءِ آخِر اُن جو فيصلو، آهي پَروَر پاري، سائـِين مُنهنجو سو ڌَڻي، جنهن کي سونپيمِ سڀ ڪم ڪار، ۽ موٽان ڏانهسِ مُورهين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڳالهه بابت تڪرار ٿا ڪريو، ان جو فيصلو الله ڏي آهي- اهو ئي منهنجو ڌڻي آهي، مون ان تي ڀروسو رکيو آهي ۽ ان ڏي موٽان ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جو پاڻ ۾ ڪنهن به معاملي ۾ ڪو اختلاف آهي ته ان جو فيصلو الله کي ڪرڻو آهي، اهوئي الله ته منهنجو رب آهي، انهيءَ تي ئي مون ڀاڙيو آهي ۽ ان ڏانهن ئي رجوع ٿيان ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به اختلاف توهان جي وچ ۾ هجي ڪنهن ڳالهه تي ته فيصلو ڪرڻ ڪم الله جو آهي، اهو ئي الله آهي منهنجو رب (پالڻهار) جنهن تي ڀروسو ڪيو مون ۽ ان ڏانهن ئي رجوع ٿيان ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان جي هر قسم جي اختلافن جو فيصلو ڪرڻ الله تعالى جي ذمي آهي. اهوئي الله منھنجو پالڻھار آهي. مون ان تي ڀروسو ڪيو ۽ مان ان ڏانھن ئي رجوع ڪريان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فاطِرُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جَعَلَ لَكُم مِن أَنفُسِكُم أَزوٰجًا وَمِنَ الأَنعٰمِ أَزوٰجًا يَذرَؤُكُم فيهِ لَيسَ كَمِثلِهِ شَيءٌ وَهُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 11) |
آسمان ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي، اوھان جي جنس مان اوھان لاءِ زالون پيدا ڪيائين ۽ ڍورن (جي جنس) مان ڪيترائي ئي قِسم (بڻايائين)، انھي طرح سان اوھان کي پکيڙي ٿو، اُن جھڙي ڪا (به) شيءَ نه آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين کي (عدم مان) پيدا ڪندڙ اهوئي آهي. هن اوهان ئي منجهان اوهان جي لاءِ جوڙا (يعني مرد ۽ زالون) بنايا آهن، ۽ چوپاين جانورن (يعني ڍورن ڍڳن) ۾ به جوڙا ٺاهيا اٿس. اهڙيءَ طرح هو اوهان کي تعداد ۾ وڌائي ٿو (۽ ڍورن ڍڳن کي به اوهان جي فائدي لاءِ وڌائي ٿو) ڪابه شيء الله تعاليٰ جي مثال جهڙي نه آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو) آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ آهي، ان توهان لاءِ توهان جي جنس مان جوڙا پيدا ڪيا ۽ انهيءَ چؤپاين مان جوڙا بنايا، (مذڪوره طريقي سان) اهو توهان کي پکيڙي ٿو، ان جي مثال جهڙي ڪا به شيءِ ناهي، ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان ئي اوهان لاءِ اوهان (جي جنس) مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙي طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جو ڪير مٽ نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪندڙ آسمانن جو ۽ زمين جو پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ اوهان مان زالون ۽ ڍورن مان جوڙا پکيڙي ٿو اوهان کي ان ۾ ناهي ان جهڙي ڪا شيءِ ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. اوهان لاءِ اوهان مان جوڙا (زالون) ۽ جانورن مان به جوڙا پيدا ڪيا اٿس. اهڙيءَ طرح ڪرڻ سان اوهان کي پکيڙي ٿو. ان جهڙي ڪا شئي نه آهي. ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. ان توهان لاءِ توهان مان ئي توهان جا جوڙا بنايا ۽ چوپاين مان به جوڙا بنايا ۽ توهان کي اهڙي طرح سان پکيڙي ٿو. ڪا به شيءِ ان جي مشابه نه آهي، ۽ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِيا طرف ڇَڏيمِ تڪرار، اُپائيندڙ اُڀ، ڀُويون، نَئـِين سِر نِروار، جوڙئينِ جوڙا، جويُون، اَوهان مان اَوهان هار، پڻ جوڙا جانور مان، جوريا جوڙڻهار، اوهان کي انهئَ ۾، پکيڙِين هَر پارِ، جِھڙسِ ناھ جھان ۾، جِنس، ڪو جِنسار، سڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي، هن اوهان جي جنس مان اوهان لاءِ زالون پيدا ڪيون ۽ ڍورن مان به جوڙا پيدا ڪيائين، انهي طرح اوهان کي زمين ۾ پکيڙي ٿو- ان جي مثال جهڙي ڪا به شيءِ ڪانهي ۽ هو ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ وارو جنهن توهان جي پنهنجيءَ ئي جنس مان توهان لاءِ زالون پيدا ڪيون آهن ۽ ان ريت جانورن ۾ به (پنهنجيءَ پنهنجيءَ جنس مان) جوڙا بڻايا اٿائين ۽ ان طريقي سان توهان جا ڪــَـڻي مان ڪيچ ڪري ٿو، ان جهڙي ڪائنات جي ڪا شيءِ ڪانهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو آهي پيدا ڪندڙ آسمانن ۽ زمين جو، جنهن بنايا توهان جي لاءِ توهان جي پنهنجي جنس مان جوڙا ۽ جانورن ۾ (انهن جا هم جنس) جوڙا بنايا، اهڙيءَ طرح پکيڙي ٿو نسل توهان جا، ڪائنات ۾ ڪابه ان جهڙي شيءِ ناهي، اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي. جنهن توهان جي لاءِ توهان جي پنهنجي جنس مان ئي جوڙا پيدا ڪيا (اهڙي طرح) جانورن جا به جوڙا ٺاهيا. اهڙي طريقي سان توهان کي (زمين تي) ڦھلائي ٿو. (ڪائنات جي) ڪابه شيءِ ان جھڙي نه آهي. هو خوب ٻڌندڙ ۽ خوب ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 12) |
آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون کيس آھن، جنھن لاءِ گُھري (تنھن لاءِ) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھُري تنھن لاءِ) تنگ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون سندس ئي آهن. هو جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهنجي لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن جي لاءِ پنهنجي حڪمت موجب) تنگ ٿو ڪري. يقيناً هو هر چيز جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي (رزق جون) چاٻيون آهن، جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق ڪشادو ڪري ۽ جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق تنگ ڪري، بيشڪ اهو هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمان ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جون آهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين جون ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گھري ۽ تنگ ٿو ڪري بيشڪ اهو هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن. جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ آهن. اُهو جنهن لاءِ چاهي ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ اُهو هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُنجون اُڀن ۽ ڀُون جون، ان جي هَٿ هَموار، وَڻيسِ وَڌائي رِزق تِنهن، جنهن کي گُھري جبار، ۽ ڪِنهن تي تنگ ڪري تڪرار، سو سَمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ آهن، جنهن لاءِ وڻيس ان لاءِ رزق ڪشادو خواهه تنگ ٿو ڪري، بيشڪ هو هر هڪ شيءِ کي ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون هن وٽ ئي آهن. جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن جو گهري تنگ ڪري ڇڏي ٿو، کيس هر شيءِ جو علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ (الله) وٽ آهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين (جي خزانن جون) ڪشادو رزق ڏئي ٿو جنهن کي گهري ۽ (جنهن کي گهري) توريل تڪيل (ڏي)، اهو ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪُنجيون (۽ ڪنٽرول) ان وٽ ئي آهن. هُو جنھن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ۽ جنھن جو چاهي گهٽائي ٿو. بيشڪ هو هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
شَرَعَ لَكُم مِنَ الدّينِ ما وَصّىٰ بِهِ نوحًا وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ وَما وَصَّينا بِهِ إِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسىٰ أَن أَقيمُوا الدّينَ وَلا تَتَفَرَّقوا فيهِ كَبُرَ عَلَى المُشرِكينَ ما تَدعوهُم إِلَيهِ اللَّهُ يَجتَبى إِلَيهِ مَن يَشاءُ وَيَهدى إِلَيهِ مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
اوھان لاءِ اھو دين مُقرّر ڪيائين جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو نُوح کي حُڪم ڪيو ھوائين ۽ جيڪو توڏانھن به وحي ڪيوسين ۽ اُھو جنھن (جي قائم ڪرڻ) جو ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عيسىٰ کي حُڪم ڪيوسون ته دين کي قائم ڪريو ۽ منجھس ڌار ڌار نه ٿيو، مُشرڪن کي اُھا (ڳالھ) ڏکي لڳي جنھن ڏانھن کين سڏيندو آھين، الله جنھن کي گھُري (تنھن کي) پاڻ ڏانھن چونڊيندو آھي ۽ جيڪو (ڏانھس) ورندو آھي تنھن کي پاڻ ڏانھن ھدايت ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي لاءِ هن اهوئي دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم هن حضرت نوح کي ڏنو هو ۽ جو توڏي به وحي جي وسيلي موڪليو ويو آهي ۽ جنهن جو حڪم حضرت ابراهيم، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ کي به ڏنو هوسين. (اهو حڪم هي هو) ته (اسان جي سيکاريل) دين تي قائم ۽ محڪم رهو ۽ ان ۾ ڦوٽ نه وجهو ۽ فرقا نه ٺاهيو. (اي پيغمبر!) تون جنهن دين ڏي (ماڻهن کي) سڏين ٿو سو مشرڪن کي ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي. الله تعاليٰ جن کي (سندن اخلاص ۽ فرمانبرداريءَ لاءِ) چونڊي کڻي ٿو، ۽ جيڪي ڏانهس رجوع ٿين ٿا تن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان لاءِ اهو دين مقرر ڪيو آهي جنهنجو ان (حضرت) نوح کي حڪم ڪيو ۽ جيڪو اسان توهان ڏانهن وحي ڪيو آهي ۽ جنهنجو حڪم اسان (حضرت) ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏنو ته توهان ان دين کي قائم رکو ۽ ان ۾ فرقه بندي نه ڪريو، مشرڪن تي اها ڳالهه ڳري آهي جو توهان انهن کي الله تعالى ڏانهن سڏيو ٿا، الله تعالى پاڻ ڏانهن جنهنکي چاهي منتخب ڪري ٿو ۽ جيڪو ان ڏانهن متوجه ٿئي ٿو ان کي پاڻ ڏانهن هدايت ڏي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن اوهان جي لاءِ دين جو اهو رستو مقرر ڪيو جنهن (تي هلڻ) جو نوح کي حڪم ڏنل هو ۽ (اي رسول) اهو ئي اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي حڪم ڪيو (اهو) هي (آهي) ته دين کي قائم رکجو ۽ ان ۾ تفرقو نه وججهو. جنهن دين طرف تون مشرڪن کي سڏين ٿو اها (ڳالھ) کين ڏاڏي ڏکي لڳي ٿي. خدا جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پنهنجي بارگاھ جو برگزيده ڪري وٺي ٿو ۽ جو ان ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي (پهچڻ جو) رستو ڏيکاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مقرر ڪيائين اوهان جي لاءِ دين مان اهو جو حڪم ڪيائين ان جو نوح کي ۽ اهو جو وحي ڪيوسون توڏانهن ۽ اهو جو حڪم ڪيوسون ان جو ابراهيم کي ۽ موسى کي ۽ عيسى کي هي ته قائم ڪيو دين کي ۽ نه ٽولا ٽولا ٿيو ان ۾ وڏي ٿي مشرڪن تي اها ڳالهه جو سڏين ٿو انهن کي ان ڏانهن الله برگزيدوبنائي ٿو پاڻ ڏانهن جنهن کي گھري ۽ رهنمائي ٿو ڪري پاڻ ڏانهن ان کي جيڪو موٽي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان لاءِ اهو دين مقرر ڪيو اٿس جنهن جو نوح کي حڪم ڪيائين ۽ جيڪو اسان توڏي وحي ڪيو ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته دين کي قائم ڪريو ۽ ان ۾ ڌار ڌار نه ٿيو. (اي پيغمبر! الله سان) شريڪ ٺهرائيندڙن کي اها (ڳالهه) ڏکي لڳي ٿي جنهن ڏي تون کين سڏين ٿو. الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي پاڻ ڏي ڇڪي ٿو ۽ جيڪو رجوع ٿئي ٿو تنهن کي پاڻ ڏي رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان توهان لاءِ دين جو اُهو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن جو حڪم ان نوح کي ڏنو هيو ۽ جنهن جي وحي اسان تو ڏانهن ڪئي آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى کي ڪيو هيو ته توهان دين تي قائم رهو ۽ ان ۾ ڇڙوڇڙ نه ٿيو. مشرڪن مٿان اها ڳالهه ڳري آهي جنهن ڏانهن تون انهن کي سڏين ٿو. الله (خود) جنهن کي چاهي ٿو پاڻ ڏانهن چونڊي وٺي ٿو ۽ ان کي پاڻ ڏانهن راهه ڏيکاري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻئَ اوهان لئي دِين ڪيو، قائـِم برقرار، جنهن جي ڪيائـِين نوح کي، نصِحيت نِبار، ۽ جو توڏي ڪيوسون وِير! وَحي، پڻ جيڪا پاڪ پَچار، عيسٰى، موسٰى ۽ اِبراهِيم کي، آڇِيسُون اِظهار، ته قائم ڪريو دِين کي، ۽ نه ٿِيو تِنهن ۾ ڌار، جنهن ڏي ڪوٺينِ ڪافِرِين، سو بَڙو مَٿنِ بار، ڌَڻِي نه ڌُڻي تِنهن کي، جنهن کي گُھري غَفار، ۽ تِنهن سُهائـِي سَئون پار، جو موٽي ڏانهسِ مورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن اوهان لاءِ دين مقرر ڪيو، جنهن جو نوح کي حڪم ڪيائين ۽ جيڪو توڏي وحي ڪيوسون، جنهن جو ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ کي حڪم ڪيوسون، ته ”دين“ کي قائم ڪريو، ۽ ان ۾ ٽولا ٽولا نه ٿيو.“ مشرڪن کي اها ڳالهه ڏکي ٿي لڳي جنهن ڏي تون ڪوٺين ٿو_ الله جنهن کي گهري ان کي پاڻ ڏي چونڊيندو آهي ۽ جيڪو ان ڏانهن ورندو آهي، تنهن کي پاڻ ڏانهن رستو ڏيکاريندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن توهان لاءِ دين جو اهوئي نمونو مقرر ڪيو آهي، جنهن جو حڪم هن نوح کي ڏنو هو ۽ جنهن کي (اي محمد) هاڻي اسان توڏانهن وحيءَ وسيلي موڪليو آهي ۽ جنهن جو حڪم اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي ڏئي چڪا آهيون، انهيءَ تاڪيد سان ته انهيءَ دين کي قائم ڪريو ۽ ان معاملي ۾ ڌار ڌار نه ٿيو. اهائي ڳالهه ته انهن مشرڪن کي ڏاڍي ڏکي لڳي آهي، جنهن ڏانهن (اي نبي) تون کين سڏين ٿو، الله جنهن کي وڻيس پنهنجي لاءِ چونڊي وٺي ٿو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو رستو هو، انهيءَ کي ٿو ڏَسي جيڪو ڏانهس ورندو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مقرر ڪيو آهي ان توهان جي لاءِ دين جو اهو طريقو جنهن جي وصيت ڪئي نوح ۽ اهو ئي اسان وحي ڪيو آهي تو ڏانهن (اي محمد!) ۽ ڪئي هدايت ان جي ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي (ان تاڪيد سان ته) قائم ڪريو انهيءَ دين کي ۽ نه ڪريو فرقي بازي ان ۾، اها ڳالهه سخت ڏکي لڳي آهي انهن مشرڪن کي، جنهن ڏانهن تون (اي محمد) کين دعوت پيو ڏين، الله پنهنجو ڪري وٺندو آهي ان کي جنهن کي گهرندو آهي ۽ هدايت ڪندي رستو ڏيکاريندو آهي ان کي جيڪو رجوع ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن توهان جي لاءِ دين جو اهوئي طريقو مقرر ڪيو آهي جنھن جو حڪم نوح ($) کي ڏنو هو ۽ هاڻي جيڪو اسان توڏي به وحي ڪيو آهي ۽ جنھن جو حڪم اسان ابراهيم، موسى ۽ عيسى (ؓ) کي به ڏئي چڪا آهيون ته دين کي مضبوط ۽ قائم رکو، ان ۾ ڪنھن به قسم جو اختلاف پيدا نه ڪريو. تون مشرڪن کي جنھن شيءِ ڏانھن سڏين ٿو، انهن ماڻهن کي اهائي ڳالهه ته ڏکي لڳي ٿي. الله تعالى جنھن کي چاهي پنھنجي قربت (۽ ويجهڙائپ) ۾ وٺندو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ان ڏانهن رجوع ڪندو آهي، ان کي ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَفَرَّقوا إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الَّذينَ أورِثُوا الكِتٰبَ مِن بَعدِهِم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 14) |
۽ نه جُدا ٿيون (اُمتون) مگر بعد اُن جي جو آيو اُنھن وٽ علم از روءِ سرڪشي جي پاڻ ۾، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان مقرر مُدّت تائين (مھلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي (جاري ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور سندن وچ ۾ (ھاڻي ئي) فيصلو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ جي انھن (پيغمبرن) کان پوءِ ڪتاب جا وارث ڪيا ويا سي دين کان وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن (ماڻهن) وٽ (سچي دين جو) علم اچي چڪو تنهن کانپوءِ ئي هنن پاڻ ۾ سرڪشي ۽ حسد ڪري اختلاف پيدا ڪيا ۽ فرقا ٺاهيا. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان اڳي مقرر ميعاد ۽ مدي جو حڪم صادر ٿيل نه هجي ها ته يقيناً هنن جي وچ ۾ هڪدم فيصلو ڏنو وڃي ها (۽ حق جي منڪرن کي تباهه ڪيو وڃي ها) ۽ انهن کانپوءِ جن ماڻهن کي (يعني يهودين ۽ عيسائين کي) ورثي ۾ ڪتاب مليل آهي سو يقيناً ان بابت (پريشان ڪندڙ) شڪ ۾ گرفتار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه انهن فرقه بندي ڪئي مگر علم اچڻ کان پوءِ، انهن پاڻ ۾ بغاوت ڪئي، ۽ ڪاش ! رسولِ عربي جيڪڏهن توهان جي رب جي طرفان اها ڳالهه (عذاب کي پوئتي رکڻ واري) اڳ ۾ ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها. ۽ بيشڪ جن ماڻهن کي ڪتاب جو وارث بنايو ويو (يهودي ۽ عيسائي) انهيءَ کان پوءِ يقيناً اهي شڪ ۾ پوندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو ڌار ڌار ٿيا به ته علم (حق) اچڻ کان پوءِ ۽ (سو به) رڳو پاڻ ۾ ضد جي ڪري ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار (جي طرف) کان مقرر مدت تائين (قيامت جو وعدو نه ٿيل هجي ها) ته سندن فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن کان پوءِ (خدا جي) ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن بابت اهي وڏي شڪ ۾ (پيل) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٽولا ٽولا ٿيا مگر ان کان بعد جو آيو انهن وٽ علم بغاوت ڪرڻ جي ڪري پاڻ ۾ ۽ جيڪڏهن نه هجي ها فرمان جيڪو اڳي ٿيو تنهنجي رب وٽان مدي مقرر ڪيل تائين ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بيشڪ جيڪي وارث ڪيا ويا ڪتاب جا انهن کان پوءِ البته شڪ ۾ آهن ان کان ڌوڪي ۾ وجھندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اُمتون) رڳو وٽن علم اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ضد جي ڪري ڌار ڌار ٿيون. ۽ (اي پيغمبرﷺ !) جيڪڏهن تنهنجي پاليندڙ کان مقرر مُدت تائين (مهلت ڏيڻ جو) حڪم اڳي نه ٿئي ها ته سندن وچ ۾ (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ جن کي انهن (پيغمبرن) کانپوءِ ڪتاب جو وارث ڪيو ويو تن کي ان (دين) ۾ وڏو شڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن ۾ جيڪو تفرقو پيدا ٿيو اهو ان کان پوءِ ئي ٿيو جڏهن انهن وٽ علم اچي چُڪو رڳو پاڻ ۾ ضد سبب. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار پاران مقرر مدت تائين (مهلت جو) حڪم اڳي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ئي ٿي وڃي ها. ۽ بيشڪ جيڪي ماڻهو انهن کان پوءِ ڪتاب جا وارث بنايا ويا سي خود ان بابت فريب ڏيندڙ شڪ ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نَه ٿيا ڌُريؤن ڌار، مگر مُقرر اِن پُٺيان، ته آئـِي اُنهن کي عِلم مان، صَحِي سَماچار، هِڪ ٻِئي سان هوڏ ڪري ۽ مَطلب ماڻڻهار، هُوند وَهَيو نَه، تُنهنجي والِئَ کان، قَلم بَرقرار، مُقرر مُدت پارِ، ته وِين نِياءُ نِبيرِيو. ۽ اُهي، جَن عَطاٿيو، تن کان بَعد ڪتاب، آهن اُنهِئَ باب، گُمان گاڏهِين شڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو پاڻ ۾ سرڪشي ڪري وٽن علم اچڻ کان پوءِ ئي جدا جدا ٿيا، جيڪڏهن تنهنجي رب کان مقرر مدت تائين اڳي حڪم ٿيل نه هجي ها، ته ضرور انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪجي ها، ۽ انهن کان پوءِ جيڪي ڪتاب جا وارث ڪيا ويا، اهي دين کان وڏي شڪ ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن جون واٽون جو جدا ٿيون ته اهي وٽن علم اچي وڃڻ کان پوءِ ئي ٿيون ۽ ان ڪري ٿيون جو هنن هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ پئي گهري. جيڪڏهن تنهنجو رب اڳيئي اهو قول نه ڏئي چڪو هجي ها ته فيصلو هڪڙي مقرر وقت تائين ملتوي ٿيل آهي، ته سندن وچ ۾ ڪڏهوڪو فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ اڳين کان پوءِ جيڪي ماڻهو ڪتاب جا وارث بڻايا ويا آهن، سي ان بابت ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو تفرقو (ڏڦيڙ) ماڻهن ۾ پيو اهو ان کان پوءِ ٿيو جو اچي ويو هو انهن وٽ علم (۽ ان ڪري ٿيو جو اهي) هڪ ٻئي تي سرڪشي ڪرڻ پيا گهرن) ۽ جي فرمايو نه هجي ها اڳي ئي تنهنجي رب ته هڪ وقت مقرر تائين ترسايو ويندو فيصلو انهن جي وچ ۾ (ته هاڻي ئي حل ملي وڃي ها) ۽ حقيقت هيءَ ته وارث بنايا ويا جيڪي ڪتاب جا اڳين کان پوءِ، سي ان جي طرفان کان پريشان ڪندڙ هئا شڪ ۾ پيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ماڻهن علم اچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ ضد ۽ بحث ڪري فرقي بازي پيدا ڪئي. جيڪڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان مقرر مدت تائين مھلت جو حڪم جاري ٿيل نه هجي ها ته ضرور انهن جي وچ ۾ ڪڏهو ڪو فيصلو ٿي چڪو هجي ها. بيشڪ جن ماڻهن کي پيغمبر سڳورن کان پوءِ ڪتاب جو وارث بنايو ويو، اهي ئي دين جي معاملي ۾ وڏي شڪ ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلِذٰلِكَ فَادعُ وَاستَقِم كَما أُمِرتَ وَلا تَتَّبِع أَهواءَهُم وَقُل ءامَنتُ بِما أَنزَلَ اللَّهُ مِن كِتٰبٍ وَأُمِرتُ لِأَعدِلَ بَينَكُمُ اللَّهُ رَبُّنا وَرَبُّكُم لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم لا حُجَّةَ بَينَنا وَبَينَكُمُ اللَّهُ يَجمَعُ بَينَنا وَإِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 15) |
پوءِ (تون) انھيءَ (دين) ڏانھن سڏ، ۽ جئن توکي حُڪم ڪيو ويو آھي (تيئن) بيھڪ وٺ، ۽ سندن سَڌن جي تابعداري نه ڪر، ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله لاٿو تنھن کي مڃيم، ۽ مون کي حُڪم ٿيل آھي ته اوھان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي، اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوھان لاءِ اوھان جا عمل آھن، اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ ڪو تڪرار ڪونھي، الله اسان سڀني کي (قيامت جي) ڏينھن گڏ ڪندو، ۽ ڏانھس موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) تون کين هن (ڪتاب قرآن مجيد) ڏي سڏ، ۽ جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح محڪم ۽ ثابت قدر رهه ۽ سندن خواهشن جي تابعداري نه ڪجانءِ، ۽ (کين) چئو ته جيڪي ڪتاب الله تعاليٰ نازل ڪيا آهن تن تي مان پورو ايمان رکان ٿو ۽ مون کي هي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان اوهان جي وچ ۾ پورو پورو انصاف ڪيان. الله تعاليٰ اسان جو به پروردگار آهي ۽ اوهان جو به. اسان لاءِ اسان جا عمل ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل (جهڙا عمل ڪنداسين تهڙا ڦل ملندا) اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪوبه جهڳڙو نه هئڻ گهرجي. الله ئي اسان کي ۽ توهان کي هڪ هنڌ گڏ ڪري آڻيندو (۽ فيصلو ڏيندو) ۽ انهيءَ ئي ڏانهن آخر سڀني کي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان سببان توهان انهن کي سڏيو، ۽ حڪم مطابق توهان صراطِ مستقيم تي هجو ۽ توهان انهن جي سڌن جي تابعداري نه ڪريو، ۽ توهان فرمايو آئون الله جي نازل ڪيل ڪتابن تي ايمان آڻيان ٿو، ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون توهان جي وچ ۾ عدل ڪريان، الله اسان جو ۽ توهان جو رب آهي، اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن، اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪا حجت ناهي، الله تعالى (قيامت جي ڏينهن) توهان ۽ اسان کي جمع ڪندو ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) تون (ماڻهن کي) ان (دين) ڏي سڏيندو رھ (ان تي) قائم رھ جيئن تو کي حڪم ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪج ۽ (صاف کولي) ٻڌائين ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي آءُ ايمان رکان ٿو پڻ مون کي حڪم ٿيو آهي ته آءُ اوهان جي (اختلافن جي) وچ ۾ انصاف (سان فيصلو) ڪريان الله ئي اسان جو پالڻهار آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن اسان ۾ ۽ اوهان ۾ ته ڪا حجت (يا تڪرار جي ڪا ضرورت) نه آهي. الله ئي اسان سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان جي لاءِ پوءِ سڏ ۽ استقامت ڪر جيئن امر ڪيو ويو آهين ۽ نه تا بعداري ڪر انهن جي سڌن جي ۽ چئو ته ايمان آندو مون ان تي جيڪو نازل ڪيو الله ڪتاب ۽ امر ڪيو ويس مان تانته عدل ڪيان اوهان ۾ الله اسان جو رب آهي ۽ اوهان جو رب آهي اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل آهن ناهي حجت اسان ۾ ۽ اوهان ۾ الله گڏ ڪندو اسان کي ۽ ان ڏينهن ئي موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون ان (دين) ڏي ئي سڏ ۽ (ان تي) قائم رهه جيئن توکي حڪم ڪيو ويوآهي ۽ انهن جي خواهشن جي تابعداري نه ڪر ۽ چؤ ته جيڪو به ڪتاب الله نازل ڪيو تنهن تي مون ايمان آندو. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان. الله اسان جو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي اسان جا ڪم اسان لاءِ آهن ۽ اوهان جا ڪم اوهان لاءِ آهن. اسان جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو نه آهي. الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو. ۽ ان ڏي ئي موٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون ان (دين) ڏانهن سڏ، ۽ (ان مٿان) قائم رهه جيئن تو کي حڪم ڏنو ويو آهي ۽ تون انهن جي سڌن جي پيروي نه ڪر ۽ چؤ ته: ”مون ايمان آندو ان تي جيڪو ڪتاب الله نازل ڪيو آهي ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اوهان جي وچ ۾ عدل ڪيان. الله اسان جو پالڻهار آهي ۽ توهان جو پالڻهار آهي. اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن. اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو (ذاتي) جهڳڙو نه آهي. الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو ۽ ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهِئَ پر پُوڪار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ۽ جِيئن اَمر ٿئـِي، اُنتي پُختا پير بِيهار، ۽ هَل نَه سَندنِ سَڌنِ پُٺيان، ۽ چئو، آندمِ اِعتبار، اَلله جي اُتارِيا، نُسخا نُور، نِبار، ۽ اَمر ٿِـيُمِ ته اَوهان وِِچ، ڪريان عدل سان آچار، اَسان جو ۽ اَوهان جو، هِڪ پَروَر پالڻهار، اَسان جا ڪَم اَسان لئي، اَوهان جا اَوهان هار، اَسان ۽ اوهان وچ ۾، ٻِي ٻولِي ناھ ٻِيهار، پَنهنجو پَروَر پاڪ ڪندو، ميلو مَحشَر وار، ۽ اُن ڏي آخِرڪار، هرگز آهي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون انهي (دين) ڏانهن سڏ ۽ جيئن توکي حڪم ڪيو ويو آهي، تيئن قائم رهه، انهن جي سڌن جي پيروي نه ڪر ۽ چئو ته جيڪي خدا ڪتاب مان لاٿو، ان تي مون ايمان آندو- مون کي حڪم ٿيو آهي ته اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان ۽ الله اسان ۽ اوهان جو ڌڻي آهي. اسان جا عمل اسان لاءِ ۽ اوهان جا عمل اوهان لاءِ آهن. اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ڪو جهڳڙو ڪونهي- الله اسان سڀني کي گڏ ڪندو، ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (صورتحال ڪيئن به هجي) تون اي نبي! انهيءَ دين ڏي سڏيندو رهه ۽ جيئن توکي حڪم ڏنو ويو آهي، انهيءَ تي قائم رهه ۽ انهن ماڻهن جي خواهشن تي نه هل ۽ چئي ڇڏين ته "الله جيڪو ڪتاب به نازل ڪيو آهي، مان ان تي ايمان آندو آهي ۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان توهان جي وچ ۾ انصاف ڪريان، الله اسان جو به رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي. اسان جا عمل اسان لاءِ آهن ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ . اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه جهيڙو ڪونهي. الله نيٺ اسان سڀني کي گڏ ڪندو ۽ ڏانهس ئي سڀني جو موٽڻ آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جيئن اها حالت آئي) ته پوءِ (اي محمد!) هاڻي تون دعوت ڏي ان دين جي جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو آ، مضبوطيءَ رهه ان تي ۽ سندن سڌن کي ڏس ۽ کين چئي ڇڏ، مون ان تي ايمان آندو جيڪو نازل ڪيو آهي الله مون تي ڪلام ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون انصاف ڪريان توهان جي وچ ۾، الله پالڻهار آهي اسان ۽ توهان جو به، اسان جا عمل اسان جي لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان جي لاءِ، ناهي ڪو تقرار اسان جي وچ ۾ ۽ توهان جي وچ ۾، الله هڪ ڏينهن گڏ ڪندو اسان سڀني کي ۽ انهيءَ ڏانهن سڀني کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو (اي نبيﷺ!) ماڻهن کي ان دين ڏي سڏ ۽ توکي جيڪو حڪم ڏنو وڃي ان مطابق ئي دين تي مضبوطيءَ سان ڄمي بيهه. انهن ماڻهن جي مرضيءَ جي پويان نه هَل ۽ چؤ ته الله تعالى جيڪو ڪجهه نازل ڪيو آهي مون ان تي ايمان آندو. مون کي اوهان جي وچ ۾ انصاف ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. الله تعالى ئي اسان جو ۽ توهان جو پالڻھار آهي. اسان جا عمل اسان سان ۽ توهان جا عمل توهان سان آهن. توهان سان، اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه جهڳڙو نه آهي. الله تعالى اسان سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪندو ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُحاجّونَ فِى اللَّهِ مِن بَعدِ مَا استُجيبَ لَهُ حُجَّتُهُم داحِضَةٌ عِندَ رَبِّهِم وَعَلَيهِم غَضَبٌ وَلَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 16) |
۽ الله (جي دين) بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جيڪو جھڳڙو ڪندا آھن تن جي حُجت سندن پالڻھار وٽ ڪوڙي (ٿيڻ واري) آھي ۽ مٿن (الله جو) ڏمر آھي ۽ اُنھن لاءِ سخت عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ بابت جهڳڙا ٿا ڪن انهيءَ کان پوءِ جو سندس سڏ جو جواب ڏنو ويو هجي (يعني مٿس ايمان آندو ويو هجي) تن ماڻهن جا بحث ۽ جهڳڙا الله وٽ بيڪار آهن، (يعني هو ايمان وارن کي برغلائي ڪونه سگهندا) ۽ انهن تي غضب پوندو (يعني تباهه ٿيندا) ۽ انهن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو اسلام ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ الله تعالى جي دين ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، انهن جي حجت سندن رب وٽ باطل آهي ۽ انهن تي غضب آهي ۽ انهن لاءِ شديد عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي خدا (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پالڻهار وٽ باطل آهي ۽ انهن تي (خدا جو) غضب ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ٻانها جيڪي جھڳڙو ڪن ٿا الله ( جي باري) ۾ ان کان پوءِ جو قبول ڪيو ويو ان جي لاءِ حجت انهن جي باطل آهي انهن جي رب وٽ ۽ انهن تي غضب آهي ۽ انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا هن کانپوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي تن جي حجت سندن پاليندڙ وٽ ڪوڙي آهي، ۽ مٿن غضب آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو الله (جي دين) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا ان کان پوءِ جو ان کي قبول ڪيو ويو آهي انهن جي حجت سندن پالڻهار وٽ ڪوڙي آهي ۽ انهن مٿان ڏمر آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَجايو اَلله ۾، جي تَڙيل ڪَن تَڪرار، جنهن بَعد بيشڪ ڪيو ويو، اُنهِئَ لئي اِقرار، باطِل بات اُنهن جِي، بَحث سَندنِ بيڪار، مالِڪ وَٽ مُورهِين، ۽ مٿن ڏمر ڏاتار، آهي اُنهن هار، سُورن ڀَريو ساڙ ڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي الله بابت سندس فرمان قبول ٿيڻ کانپوءِ جهڳڙو ٿا ڪن، تن جي دعويٰ سندن رب وٽ ڪوڙي آهي، مٿن ڏمر آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي دين کي قبولڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو (انهن سان) الله جي باري ۾ تڪرار ڪن ٿا، انهن جي حجت بازي سندن رب جي نظر ۾ بي وزن آهي ۽ مٿن ڏمر ٿيل آهي ۽ انهن لاءِ ڏاڍو سخت عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو جهڳڙو ڪندا آهن الله جي باري ۾ بعد ان جي ته ان جي دعوت قبول ڪئي وئي آهي سندن دليل باطل آهن سندن رب وٽ ۽ انهن تي سخت ڏمر آهي ۽ انهن جي لاءِ عذاب تمام سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) دين کي قبول ڪرڻ کان پوءِ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي دين ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تن جو اهو جهڳڙو ڪرڻ پنھنجي پالڻھار جي نظر ۾ غلط آهي. انهن جي مٿان (الله تعالى جو) غضب آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الَّذى أَنزَلَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ وَالميزانَ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ قَريبٌ (آيت : 17) |
الله اُھو آھي جنھن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي، توکي ڪھڙيءَ ڳالھ ڄاڻايو متان قيامت ويجھي ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن ڪتاب حق سان (ڀريل) نازل ڪيو آهي ۽ تارازي (نازل ڪئي اٿس جنهن سان انسان جي هلت چلت کي توري ٿو سگهجي) ۽ ڪهڙي ڳالهه توکي محسوس ڪرائيندي ۽ معلوم ڪرائيندي ته ممڪن آهي ته (عذاب يا تباهيءَ جي) گهڙي ويجهي اچي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اُهو آهي جنهن حق سان قرآن ڪريم نازل ڪيو ۽ رسولِ عربيءَ کي موڪليو، ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو؟ شايد قيامت قريب هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ئي ته آهي جنهن حق (سچ) سان ڪتاب نازل ڪيو ۽ عدل ۽ انصاف به نازل ڪيو. ۽ تو کي ڪهڙي خبر ته متان اها قيامت ويجهي هجي (پوءِ غفلت ڇو؟)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله اهو آهي جنهن نازل فرمايوڪتاب حق سان ۽ ساهمي ۽ ڪير ڄاڻائي ٿو توکي ته شايد قيامت ويجھي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ئي ته آهي جنهن سچو ڪتاب ۽ (انصاف جي) ترازي لاٿي. ۽ توکي ڪهڙي خبر ته متان اها گهڙي ويجهي هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جنهن حق سان ڪتاب ۽ (انصاف جي) تارازي لاٿي. ۽ تو کي ڇا خبر شايد (فيصلي جي) گھڙي ويجھي اچي چڪي هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جنهن اُتاريو، ڪامِل هِي ڪِتاب، سَچ تي ۽ ساهمِي؛ ۽ ڪِنهن ڏنِئي سُڌ صَواب؟ ته هرگز روز حساب، اوڏي اُهکِي وار سا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن حق سان ڪتاب ۽ انصاف لاٿو، توکي ڪهڙي پروڙ، ته شايد قيامت ويجهي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن حق وارو هيءُ ڪتاب ۽ انصاف جي تارازي نازل ڪيا آهن ۽ توکي ڪهڙي خبر ته فيصلي جي گهڙي متان اچي سڻائي ئي ٿي هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله اهو (ئي آهي) جنهن نازل ڪيو آهي ڪتاب ۽ ميزان (ساهمي)، ۽ ڪهڙي خبر توکي ته فيصلي جي گهڙي (قيامت) ويجهي اچي وئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله تعالى ئي آهي جنھن ڪتاب ۽ انصاف (يعني شريعت) کي برحق نازل ڪيو آهي. توهان کي ڪهڙي خبر ته شايد قيامت ويجهو ئي پھتي هجي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَستَعجِلُ بِهَا الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِها وَالَّذينَ ءامَنوا مُشفِقونَ مِنها وَيَعلَمونَ أَنَّهَا الحَقُّ أَلا إِنَّ الَّذينَ يُمارونَ فِى السّاعَةِ لَفى ضَلٰلٍ بَعيدٍ (آيت : 18) |
جيڪي قيامت کي نه مڃيندا آھن سي اُن کي تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جن ايمان آندو آھي سي اُن کان ڊڄندا آھن ۽ ڄاڻندا آھن ته بيشڪ اُھا سچ (اچڻي) آھي، خبردار بيشڪ جيڪي قيامت بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي بيشڪ وڏيءَ گُمراھيءَ ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو ان (ساعت) بابت ايمان نٿا رکن سي (ان عذاب جي اچڻ لاءِ مسخريءَ طور) تڪڙ لايو ويٺا آهن (ته جلد اچي) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي ان گهڙيءَ بابت لرزي رهيا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته يقيناً اها حق آهي (۽ ضرور ايندي) يقين ڄاڻو ته جي ماڻهو ان ساعت بابت جهڳڙا ٿا ڪن سي گمراهيءَ ۾ پري نڪري ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ اهي ماڻهو جلدي ڪن ٿا جيڪي ان تي ايمان نٿا رکن، ۽ جيڪي ماڻهو (ان تي) ايمان رکن ٿا (اهي) ان کان ڊڄندڙ آهن، ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته بيشڪ اها حق آهي، خبردار ! بيشڪ جيڪي ماڻهو قيامت ۾ شڪ ڪن ٿا اهي پري واري گمراهي ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ان تي ايمان نه ٿا رکن سي ان (قيامت) جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي ايمان رکن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن. خبردار! جيڪي ان (قيامت جي اچڻ) ۾ شڪ ڪن ٿا سي وڏي گراهي ۾ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تڪڙو گھرن ٿا اها اهي جيڪي ايمان نه ٿا آڻين ان تي ۽ جن ايمان آندو ڊڄندڙ آهن ان کان ۽ ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ اها حق آهي خبردار بيشڪ اهي شخص جيڪي شڪ ڪن ٿا قيامت ۾ البته گمراهيءَ پرانهيءَ ۾ آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ان گهڙيءَ کي نه ٿا مڃين سي ان جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪي مڃين ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن، ۽ ڄاڻن ٿا ته اها حق آهي. خبردار! جيڪي ان گهڙيءَ (جي اچڻ) ۾ جهڳڙو ڪن ٿا سي وڏي گمراهيءَ ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (قيامت) ۾ اُهي ماڻهو جلدي مچائن ٿا جيڪي ان کي مڃن (ئي) نه ٿا، جيڪي مڃن ٿا سي ان کان ڊڄندڙ آهن ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته ان جو اچڻ برحق آهي. خبردار! بيشڪ جيڪي ماڻهو (قيامت جي) گھڙي بابت جهڳڙو ڪن ٿا سي پَـــرَاهِين گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهنِ لئي تَڪڙائـِين گھڻو، جي نه مَڃِيننَسِ مُور، ۽ ڏَرندڙ اُن کان ڏِيل ۾، مَڃيو جَن مَذڪور، ۽ ڀانئـِن ته برحق آهي سا، مُقرر مَنظور؛ سَمجھ ته، جيڪي ساعت ۾، وَهم رَکن وَهلور، مُنجھيل سي مَجبور، ڪِنهن ڏولائي ڏور ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي قيامت کي نٿا مڃين، سي ان کي جلد ٿا گهرن ۽ جن ايمان آندو اهي ان کان ڊڄندا آهن ۽ ڄاڻن ٿا، ته بيشڪ اها سچ آهي_ ياد رک! جيڪي قيامت بابت تڪرار ٿا ڪن، سي وڏيءَ گمراهيءَ ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن جو مٿس ايمان ئي ناهي سي ته ان جي اچڻ لاءِ تڪڙ مچائي رهيا آهن ۽ جن جو مٿس ايمان آهي، اهي ته ان کان ڊڄندا ٿا رهن ۽ ڄاڻن ٿا ته ان جو اچڻ برحق آهي. ٻڌي ڇڏيو! ته جيڪي ماڻهو انهيءَ گهڙيءَ جي اچڻ جي باري ۾ شڪ جي ڪري اجايا بحث ڪن ٿا، سي گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي پيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جلدي ڪن ٿا ان جي لاءِ اهي ئي ماڻهو جيڪي نٿا رکن ان تي ايمان، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي ان کان ڊڄندا آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته پڪ سان اها حق سان اچڻ واري آهي (چڱيءَ طرح ٻڌي ڇڏيو) جيڪي ماڻهو شڪ وجهن ٿا ان گهڙيءَ (قيامت) جي اچڻ ۾، سي گمراهيءَ ۾ گهڻو پري نڪري ويا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو (قيامت) کي مڃين ئي نٿا اُهي ئي ان جي اچڻ لاءِ جلدي مچائين ٿا. باقي جيڪي ماڻهو ان کي مڃين ٿا اهي ته ان کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن کي خبر آهي ته ان جو اچڻ برحق آهي. خبردار! بيشڪ جيڪي ماڻهو قيامت جي اچڻ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا سي ئي وڏي گمراهيءَ ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ لَطيفٌ بِعِبادِهِ يَرزُقُ مَن يَشاءُ وَهُوَ القَوِىُّ العَزيزُ (آيت : 19) |
الله پنھنجن ٻانھن تي مھربان آھي جنھن کي گھري تنھن کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو سگھارو غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن (مؤمنن توڙي ڪافرن کي باريڪ طرح ڏسي رهيو آهي ۽ انهيءَ قدر) مٿن مهربان آهي، جن کي چاهي ٿو تن کي (قدر تي) رزق ڏئي ٿو، ۽ هو وڏي قوت وارو ۽ غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پنهنجي ٻانهن تي لطف ڪندڙ آهي، جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ اهو وڏي قوت وارو غالب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا پنهنجن بندن (جي حال) تي وڏو مهربان آهي جنهن کي (جيتري) روزي چاهي ٿو ڏئي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله مهربان آهي پنهجن ٻانهن مان رزق ڏئي ٿو جنهن کي گھري ۽ اهوئي سگھارو غالب آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي جنهن کي گهري ٿو تنهن کي روزي ڏي ٿو. ۽ اهو ئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله پنهنجي ٻانهن تي وڏو مهربان آهي جنهن کي چاهي ٿو روزي ڏئي ٿو ۽ اُهو وڏي طاقت وارو غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِين سَٻاجھو گھڻو، سَندسِ سپاهِيَن ساڻ، جنهن کي گُھري جَلَّشانہ، سُرهي ڏيئي سانجاڻ، ۽ پُهچ وارو پاڻ، جابِر ڪُل جهان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي، جنهن کي وڻيس، تنهن کي رزق ڏئي ٿو ۽ هو سگهارو ۽ غالب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله پنهنجن ٻانهن تي ڏاڍو مهربان آهي. جنهن کي جيڪي وڻيس سو ڏئي ٿو ۽ هو وڏيءَ سگهه وارو ۽ زبردست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله گهڻو مهربان آهي پنهنجي ٻانهن تي، جنهن کي چاهي رزق ڏيندو آهي ۽ اهو ئي وڏي طاقت وارو زبردست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى پنھنجي ٻانهن تي وڏو نرمي ڪندڙ آهي. هو جنھن کي گُهري روزي ڏيندو آهي ۽ اهوئي زبردست طاقت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ يُريدُ حَرثَ الءاخِرَةِ نَزِد لَهُ فى حَرثِهِ وَمَن كانَ يُريدُ حَرثَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَما لَهُ فِى الءاخِرَةِ مِن نَصيبٍ (آيت : 20) |
جيڪو آخرت جي پوک گھُرندو آھي تنھن لاءِ سندس پوک ۾ واڌارو ڪندا آھيون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ڪندو آھي تنھنکي ڪجھ منجھانئس ڏيندا آھيون ۽ آخرت ۾ اُن جو ڪو حصّو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي اسان سندس کيتي ۾ واڌارو ۽ ترقي ڏيون ٿا. ۽ جيڪو دنيا جي کيتي جو طالب آهي تنهن کي اسان ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، پر آخرت مان هن کي ڪجهه به حصو نصيب نه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو آخرت جي پوک چاهي ٿو اسين ان لاءِ ان پوک ۾ واڌارو ڪريون ٿا، ۽ جيڪي ماڻهو دنيا جي پوک چاهي ٿو اسين ان کي ان مان ڪجھه ڏيون ٿا، ۽ آخرت ۾ ان لاءِ ڪو ڀاڱو ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شخص آخرت جي کيتي چاهي ٿو تنهن لاءِ سندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي چاهي ٿو تنهن کي ان مان ڪجھ ڏيون ٿا پر ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ارادو ڪري ٿو آخرت جي پوک جو ته واڌارو ڪنداسون ان لاءِ ان جي پوک ۾ ۽ جيڪو ارادو ڪندو دنيا جي پوک جو ته ڏينداسون ان کي ان مان ۽ ناهي ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو آخرت جي کيتي گهري ٿو تنهن لاءِسندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي گهري ٿو تنهن کي ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهو آخرت جي پوک گهري ٿو اسان ان لاءِ ان جي پوک کي وڌايون ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو دنيا جي پوک گهري ٿو اسان ان کي ان مان ڪجهه ڏيون ٿا ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو ڀاڱو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو پوک گُھري پَرلوڪ لئي، ته پوک وَڌايونسِ پاڻ، جو کيڙي، پوکي کيٽ کي، دُنيا دُرڙِي ڪاڻ، ته ڏيونسِ مَنجھانسِ ڏاڻ ، ۽ پُورِي نه سَندسِ پَرلوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو آخرت جي پوک ٿو گهري، تنهن لاءِ سندس پوکي ۾ واڌارو ٿا ڪريون، ۽ جيڪو دنيا جي پوک جو ارادو ٿو ڪري، تنهن کي ڪجهه ان مان ڏيندا آهيون، ۽ آخرت ۾ ان لاءِ ڪو به ڀاڱو ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو آخرت وارو فصل طلبي ٿو اسان ان جي پوک کي وڌائي ڇڏيون ٿا ۽ جيڪو دنيا واري فصل جو طالبو آهي، تنهن کي دنيا منجهان ئي ٿا ڏئي ڇڏيون، پر پوءِ ان جو آخرت ۾ ڪوبه ڀاڱو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو گهرندو آهي پوک آخرت جي، تنهن کي واڌارو ڏيندا آهيون پوک ۾ ۽ جيڪو گُهرندو آهي پوک دنيا جي، تنهن کي دنيا ۾ ئي ڏيندا آهيون، پر ان جي لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو آخرت جي پوک چاهيندو آهي ته ان لاءِ اُهائي پوک وڌائيندا آهيون ۽ جيڪو دنيا جي پوک چاهيندو آهي ته ان کي ان مان ئي ڪجهه حصو ڏيندا آهيون پر آخرت ۾ ان جو ڪوبه حصو نه هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُم شُرَكٰؤُا۟ شَرَعوا لَهُم مِنَ الدّينِ ما لَم يَأذَن بِهِ اللَّهُ وَلَولا كَلِمَةُ الفَصلِ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّ الظّٰلِمينَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 21) |
اُنھن (يعني ڪافرن) جا ڪي اھڙا شريڪ آھن ڇا جن اُنھن لاءِ دين مان (اُھو) نئون رستو بڻايو آھي جنھن جو الله حُڪم نه ڏنو آھي، ۽ جيڪڏھن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (ٿيل) نه ھجي ھا ته ضرور (ھاڻي ئي) سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ھا، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن کي اهڙا شريڪ آهن ڇا (جن کي هو خدا جي خدائي ۾ شريڪ ٿا سمجهن) جن هنن جي لاءِ دين جو اهو طريقو سيکاريو آهي جنهن جو الله تعاليٰ حڪم ڪونه ڏنو آهي. ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه اڳ ئي ڪيل نه هجي ها (ته گنهگارن کي پاڻ سڌارڻ لاءِ مهلت ٿي ڏجي) ته (هڪدم) هنن جي وچ ۾ فيصلو ڏنو وڃي ها (يعني هڪدم مؤمنن کي غالب ۽ منڪرن کي مغلوب ۽ تباهه ڪيو وڃي ها) ۽ يقين ڄاڻو ته ظالمن جي لاءِ (آخر) سخت عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن جا اهڙا شريڪ آهن جن انهن لاءِ اهڙو دين تيار ڪيو آهي جنهنجي الله تعالى اجازت نه ڏني، ۽ جيڪڏهن فيصلي واري ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته ضرور (دنيا ۾) انهن جو فيصلو ٿي وڃي ها، ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن جا (بنايل) اهڙا شريڪ آهن جن انهن لاءِ اهڙو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جي خدا اجازت نه ڏني آهي. ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ (جي ڏينهن) جو وعدو نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ يقينا (هاڻي ئي) فيصلو ٿي وڃي ها ۽ ظالمن لاءِ بيشڪ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا انهن جي لاءِ شريڪ آهن؟ جو مقرر ڪيائون انهن جي لاءِ دين مان اهو جو نه موڪل ڏني ان جي الله ۽ جيڪڏهن نه هجي ها فيصلي ڪرڻ جو واعدو(ڪيل) ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بلاشڪ ظالم انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا انهن جا ڪي (الله سان ٺهرايل) شريڪ آهن ڇا جن انهن لاءِ اهو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو الله حڪم نه ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ جو وعدو (مقرر ٿيل) نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ (هاڻي ئي) فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن جا ڪي شريڪ آهن جن انهن جي واسطي اُهو دين مقرر ڪيو آهي جنهن جو الله حڪم نه ڏنو آهي. ۽ جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها. ۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، سانئيَنِ سَندنِ دين مان، ڪي پَريون ٺاهيون پاڻ، اِجازت نه ڏِنِي جَن جي، صاحِب سُرت سُڃاڻ، قلم قضا جو هُوند نه هُئو، ته حُڪم ڪيو ويو هاڻ، ۽ هاڃيڪارن ڪاڻ، سُورن ڀَريو ساڙڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انهن جا ڪي ٿورا اهڙا شريڪ آهن،جن انهن لاءِ دين مان نئون رستو ٺاهيو، جنهن جو حڪم خدا نه ڏنو آهي؟ ۽ جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ جو انجام نه ٿيل هجي ها، ته ضرور سندن وچ ۾ نبيرو ڪجي ها، ۽ ظالمن لاءِ بيشڪ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا انهن ماڻهن جا ڪي اهڙا (خدائيءَ ۾) شريڪ آهن ڇا، جن هنن لاءِ دين جي قسم جو ڪو اهڙو طريقو مقرر ڪيو آهي، جنهن جي الله اجازت نه ڏني آهي؟ جيڪڏهن فيصلي جي ڳالهه طيءِ ٿيل نه هجي ها ته انهن جو معاملو ڪڏهوڪو نبيرجي چڪو هجي ها. بيشڪ انهن ظالمن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو ڪي اهڙا شريڪ رکن ٿا خدا جا، جن اهڙو طريقو مقرر ڪيو آهي دين ۾ جنهن جو حڪم نه ڏنو آهي الله؟ ۽ جي طئي ٿيل نه هجي اها ڳالهه فيصلي جي اڳ ۾ ته انهن جي وچ ۾ نبيرو ٿي ئي وڃي ها، بيشڪ ظالمن جي لاءِ عذاب تمام سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن ڪجهه اهڙا به شريڪ مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن (پنهنجي پوئلڳن لاءِ) دين جا ڪجهه طريقا ٺاهيا آهن؟ جن جو الله تعالى جي طرفان ڪوبه حڪم مليل نه آهي. جيڪڏهن فيصلي ڪرڻ جو وعدو اڳ ۾ طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ ڪڏهوڪو هي معاملو حل ٿي وڃي ها. بيشڪ ظالمن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَرَى الظّٰلِمينَ مُشفِقينَ مِمّا كَسَبوا وَهُوَ واقِعٌ بِهِم وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فى رَوضاتِ الجَنّاتِ لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 22) |
(اي پيغمبر) ظالمن جيڪي ڪمايو آھي تنھن (جي عذاب) سببان کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اُھو (عذاب) کين پھچندڙ آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بھشتن جي باغن ۾ ھوندا، جيڪي گھرندا سو سندن پالڻھار وٽ اُنھن لاءِ (موجود) آھي، اِھوئي وڏو فضل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڏسين ته ظالم پنهنجي بدعملن جي ڪري خوف ۽ هراس ۾ اچي ويندا ۽ اهو (عذاب يا تباهي يا مغلوبي) مٿن اچي ڪڙڪندي ۽ جن ايمان آندو آهي ۽ نيڪ عمل به ڪيا اٿن سي بهشت جي باغن ۾ هوندا. اهي جيڪي به چاهيندا سو کين سندن پروردگار وٽان ملندو. اهوئي آهي جو وڏي ۾ وڏو فضل (۽ نعمت) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان ظالمن کي سندن بداعمالي سببان خوفزده ڏسندا ۽ اهو (عذاب) انهن تي پهچندو، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا (اهي) جنت جي تفريحي مقامن ۾ هوندا، انهن لاءِ سندن رب وٽ اهو هوندو جيڪو پاڻ چاهندا، اهو ئي تمام وڏو فضل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (قيامت جي ڏينهن) ڏسندين ته ظالم ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن (جي خوف) ڪري ڊڄندا هوندا ۽ اهو (عذاب) مٿن پوندو. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ هوندو. اهو ئي ته (خدا جو) وڏو فضل (۽ ڪرم) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏسندين ظالمن کي ڊڄندڙ ان کان جيڪي ڪيائون ۽ اهو انهن تي واقع ٿيندڙ آهي ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل بهشتن جي باغن ۾ هوندا انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪي گھرندا سندن رب وٽ اهائي ڀلائي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر!) جيڪي ظالمن ڪمايو آهي تنهن (جي وبال) کان تون کين ڊڄندڙ ڏسندين ۽ اهو مٿن پوڻ وارو آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا جيڪي گهرندا سو انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ هوندو. اِهو ئي وڏو فضل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون ظالمن کي ڏسندين ته ڊڄندڙ هوندا ان (عملن) کان جيڪي ڪمايائون ۽ اُهو (عذاب) انهن تي پوڻ وارو آهي. ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون اُهي بهشت جي باغن ۾ هوندا، انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ اُهو (سڀ ڪجهه) هوندو جنهن جي خواهش ڪندا. اهو ئي ته تمام وڏو فضل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏسندِين تون ڏاڍن کي، هارِيَل تِنهن هارِ، جو پاڻ ڪيائون پورهيو، ۽ اُهو اَچڻو مَٿِن آزار، ۽ جَن مَڃيو ۽ چڱا ڪم ڪيا، داخِل دلقرار، باغن مَنجھ بهشت ۾، تَنين لئي تيار، طلب ڪن جنهن طعام جِي؛ سائـِين وٽ ستار؛ آهي وَڏو اِظهار، ڀالن ۾ ڀال اِهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ظالمن کي ڏسين ٿو ته جيڪي ڪم ڪيا اٿن، تن کان ڊڄن ٿا ۽ اهو (عذاب) کين پهچندڙ آهي_ ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سي بهشتن جي باغن ۾ هوندا_ جيڪي گهرندا، سو سندن رب وٽ انهن لاءِ آهي، اهو ئي وڏو فضل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) تون ڏسندين ته اهي ظالم پيا پنهنجي ڪئي جي نتيجي کان ڊڄندا هوندا ۽ اهو ته آڏو اچڻو اٿن. هوڏانهن جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، سي جنت جي باغن ۾ هوندا. جيڪي گهرندا پنهنجي رب وٽ لهندا، اهوئي ته وڏو فضل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون ڏسندين ته اهي ظالم (ان وقت) ڊڄي رهيا هوندا پنهنجي ڪيل ڪمن جي نتيجي ۾ ۽ اهو اچي ئي رهندو انهن تي، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا سي بهشت جي باغن ۾ هوندا، اهي جيڪي ڪجهه چاهيندا پنهنجي رب وٽ لهندا، اهو ئي ته فضل آهي سڀ کان وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تون ڏسندين ته ظالم پنھنجي ڪيل بُرن عملن جي عذاب کان ڊڄندا پر اهو عذاب انهن جي مٿان (ضرور) ايندو ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا سي جنت جي باغيچن ۾ هوندا. انهن لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ هر اُها شيءِ هوندي جيڪا هو چاهيندا. اها (الله تعالى جي) وڏي مھرباني آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ الَّذى يُبَشِّرُ اللَّهُ عِبادَهُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ قُل لا أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ أَجرًا إِلَّا المَوَدَّةَ فِى القُربىٰ وَمَن يَقتَرِف حَسَنَةً نَزِد لَهُ فيها حُسنًا إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 23) |
اِھو (ثواب) اُھو آھي جنھن جي الله پنھنجن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏيندو آھي جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھُران پر (جڳائي ته) مائٽن (جي وچ) ۾ محبت (رکو)، ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو تنھن لاءِ اُن ۾ چڱائي وڌائينداسون، ڇوته الله بخشڻھار قدر ڄاڻڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها آهي اُها (اعليٰ نعمت) جنهن جي خوشخبري الله تعاليٰ پنهنجي انهن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان به آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪندڙ آهن. (اي پيغمبر!) تون (ماڻهن کي) چئو ته، هن (ڪم) جي عيوض ۾ مان توهان کان ڪو اجورو يا انعام ڪونه ٿو گهران. مان ته فقط ويجهڙائي جي يعني مائٽيءَ جي محبت جي تقاضا ٿو ڪريان. ۽ جيڪو به ماڻهو ڪو نيڪيءَ جو ڪم ڪندو تنهن جي لاءِ اسان ان ڪم جي نيڪي (۽ اجر) وڌائينداسين. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ غفور آهي ۽ (نيڪن جي نيڪيءَ جو) قدر ڪندڙ آهي (۽ کين انعام ڏيندڙ آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هي اها بشارت آهي جيڪا الله تعالى پنهنجي انهن ٻانهن کي ڏي ٿو جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان تبليغ جي عيوض ڪو اجر نٿو گھران پر توهان منهنجي اهلِ بيت سان محبت رکو جيڪو نيڪي ڪري ٿو اسين ان لاءِ انهيءَ ۾ نيڪي زياده ڪريون ٿا، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ شڪر قبول ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي اهو (انعام) آهي جنهن جي خدا پنهنجن انهن بندن کي خوش خبري ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪندا رهيا. (اي رسول! کين) چئو ته آءُ هن (تبليغ رسالت) جو پنهنجي قرابت دارن (اهل بيت) جي محبت کان سواءِ اوهان کان ڪو به اجر نه ٿو گهران ۽ جو شخص نيڪي حاصل ڪندو اسين ان لاءِ سندس ان نيڪيءَ ۾ واڌارو ڪنداسون. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار قدردان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهوئي آهي جنهن جي بشارت ڏئي ٿو الله ٻانهن پنهنجن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل فرماءِ ته نه ٿو گھران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو مگر محبت قرابتدارن ۾ ۽ جيڪو ڪمائي ٿو نيڪي ته وڌائينداسون ان جي لاءِ ان ۾ حسن بيشڪ الله بخشڻهار قدردان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (ثواب) اهو آهي جنهن جي الله پنهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي ٿو جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا. (اي پيغمبر! کين) چو ته قرآن پهچائڻ جو اوهان کان ڪو اجورو نه ٿو گهران مٽيءَ مائٽيءَ جي محبت کانسواءِ ۽ جيڪو نيڪي ڪمائيندو تنهن لاءِ ان نيڪيءَ ۾ خوبي وڌائينداسون. بيشڪ الله معاف ڪندڙ قدردان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهو (انعام) اُهو آهي جنهن جي خوشخبري الله اهڙن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون. چؤ ته: ”آءٌ هن (تبليغِ دين) تي اوهان کان ڪو اجورو نه ٿو گهران سواءِ مٽي مائٽي جي محبت جي“. ۽ جيڪو نيڪي ڪمائيندو اسان ان لاءِ ان جي نيڪي ۾ حُسن وڌائينداسين. بيشڪ الله معاف ڪندڙ قدردان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو آهي، جِنهن جِي خدا ڏيٿو کِير، سَندسِ سپاهِيَن کي، وِسهيا جيڪي وِير، ۽ ڪيون نيڪ ڪمايون، چئو لاڳ نه گُھران ٻِئو لِير، مگر محبت مائـِٽِي، عَزازت اَڪسير، جو نيڪي ڪري، ته نيڪِئَ ۾ سُڌاريون سُڌِير، قادِر رَبُّ قَدِير، مَرهِيندڙ ڳُڻ موکڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي اهو آهي، جنهن جي خوشخبري الله پنهنجن انهن ٻانهن کي ٿو ڏئي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا_ چئو ته آءُ اوهان کان هن تي ڪو به اجورو نٿو گهران، سواءِ مائٽيءَ ۾ محبت رکڻ جي ۽ جيڪو چڱائي ڪمائيندو، تنهن لاءِ ان ۾ چڱائي وڌائينداسون، بيشڪ الله بخشڻ وارو قدردان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها اٿوَ اها شيءِ جنهن جي خوشخبري الله پنهنجن انهن ٻانهن کي ڏئي ٿو جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا. اي نبي! چوين ته مان انهيءَ ڪم لاءِ توهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، پر ايترو سو چاهيان ٿو ته عزيزن قريبن ۾ محبت هجي. جيڪو به ڀلائي کَٽندو ته اسان ان لاءِ منجهس اڃا به خوبيءَ جو واڌارو ڪنداسون، بيشڪ الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ قدردان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي آهي اها شيءِ جنهن جي خوشخبري الله پنهنجن انهن ٻانهن کي ڏيندو آهي جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، (اي نبي!) انهن کي چئي ڇڏ، ته آئون توهان کان نٿو گهران انهيءَ ڪم تي ڪو اجورو، البته ماڻهن جي محبت ضرور گهران ٿو، ۽ جيڪو ڪمائيندو چڱائي ته اسان واڌارو ڪنداسين ان ۾ چڱائيءَ جو، بيشڪ الله وڏو بخشڻهار ۽ قدردان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اِها ئي ته اُها خوشخبري آهي جيڪا الله تعالى اُنهن ٻانهن کي ڏي ٿو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا. (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان توهان کان ڪوبه اجر نٿو گهران، سواءِ ان جي جو مان (اخلاقي لحاظ سان) رشتي داري ۾ (فطري) محبت ته ضرور چاهيان ٿو ۽ جيڪو ماڻهو نيڪي ڪمائي آڻيندو ته اسان ان جي نيڪي کي اڃا به (سنواري ۽ سينگاري) سھڻو ڪري وڌائينداسين. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو قدردان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا فَإِن يَشَإِ اللَّهُ يَختِم عَلىٰ قَلبِكَ وَيَمحُ اللَّهُ البٰطِلَ وَيُحِقُّ الحَقَّ بِكَلِمٰتِهِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 24) |
چوندا آھن ڇا ته (پيغمبر پاڻ) الله تي ڪوڙ ٺاھيو آھي، پوءِ جيڪڏھن الله گھري ته تنھنجيءَ دل تي مُھر ھڻي، ۽ الله ڪُوڙ کي ناس ڪندو آھي ۽ پنھنجن سُخنن سان سچي دين کي ثابت ڪندو آھي، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (منڪر ماڻهو) هيئن ٿا چون ڇا ته، هو (يعني پيغمبر سڳورو) الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٿو ٺاهي؟ (يعني هو جو چوي ٿو ته مان رسول آهيان ۽ مون تي وحي ٿو نازل ٿئي سو ڪوڙ ٿو چوي. پر هو سراسر ڀليل آهن، ڇو ته جيڪڏهن الله تي ڪوڙ ٺاهي ته الله تعاليٰ ڪڏهن به کيس ڪامياب نه ڪري) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ته تنهنجي دل تي مهر هڻي ڇڏي (پر الله تعاليٰ ته اٽلندو تنهنجي دل ڪشادي ڪري ڇڏي آهي ۽ تنهنجا الفاظ عمل ۽ اخلاق اعليٰ درجي جا آهن) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ باطل کي فنا ڪري ٿو ڇڏي ۽ حق کي پنهنجي حڪمن سان (ڪاميابي ڏئي) سچو ثابت ڪري ٿو ڏيکاري. بيشڪ هو دلين جي رازن کان به واقف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي چون ٿا ته رسولِ عربي الله تعالى تي ڪوڙ هنيو آهي، پوءِ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته توهان جي دل مبارڪ تي صبر جي مُهر هڻي، ۽ الله تعالى باطل کي مِٽائي ٿو ۽ پنهنجي نشانين سان حق کي ثابت ڪري ٿو، بيشڪ اهو ئي سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي ماڻهو (تنهنجي نسبت) چون ٿا ته هن رسول خدا تي ڪوڙ بهتان ٻڌو آهي ته جيڪڏهن (ائين هجي ها ته) خدا گهري ها تنهنجيءَ دل تي مهر هڻي ڇڏي ها (جو تون ڳالهائي نه سگهين ها) ۽ خدا ته ڪوڙ مٽائي ٿو ۽ پنهنجن ڳالهين سان حق کي ثابت ڪري ٿو. بيشڪ اهو سينن جي راز کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا چون ٿا ته ٺاهيائين الله تي ڪوڙ پوءِ جيڪڏهن گھري الله ته مهر هڻي دل تنهنجيءَ تي ۽ ميٽي ٿو الله باطل کي ۽ ثابت ڪري ٿو حق کي پنهنجن فرمانن سان بلاشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اهي چون ٿا ڇا ته پيغمبر الله تي ڪوڙ ٺاهيو آهي؟ سو جيڪڏهن الله گهري ته تنهنجي دل تي مهر هڻي. ۽ الله ناحق کي مٽائي ٿو ۽ پنهنجن ڳالهين سان حق کي ثابت ڪري ٿو. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي چون ٿا ته ان (نبي ڪريم ﷺ ) الله تي ڪوڙ گهڙيو آهي؟ پوءِ جيڪڏهن الله گهري ته تنهنجي دل تي (صبر جي) مُهر هڻي. ۽ الله باطل کي ميٽائي ٿو ۽ پنهنجي ڪلمن سان حق کي ثابت رکي ٿو. بيشڪ اُهو سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪَهن ٿا ڪُفار، ته ٺاهِين ڪُوڙ ڪَرِيم تي؟ مُهر تُنهنجي مَن تي، جي گُھري ته هَڻي غفار، ۽ ناحق نيئي ۽ حق کي، ڪيي بَرقرار، پَنهنجي ڪَلمن سان ڪَلتار، سو سَمجھندڙ سِينن واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو چون ٿا ته (نبيءَ) الله تي ڪوڙ ٺاهيو؟ پوءِ جيڪڏهن الله گهري، ته تنهنجي دل تي مُهر هڻي، الله ڪوڙ کي ميٽي ٿو ڇڏي ۽ پنهنجي ڪلمن سان حق کي ثابت رکندو آهي، بيشڪ هو دلين جو ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي چون ٿا ته انهيءَ شخص الله تي ڪوڙ هنيو آهي؟ جيڪڏهن الله چاهي ته تنهنجي دل تي مهر هڻي ڇڏي. الله باطل کي مٽائي ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجن فرمانن وسيلي حق کي حق ڪري ڏيکاريندو آهي. هو سينن جا لڪل راز به ڄاڻندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته بهتان مڙهيو آهي هن شخص الله تي ڪوڙو؟ پوءِ جيڪڏهن گهريو الله ته مهر هڻي ڇڏي تنهنجي دل تي، ۽ مٽائيندو آهي الله باطل کي ۽ حق کي حق ڪندو آهي پنهنجي فرمانن سان، بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو ڳجها راز سينن جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص الله تعالى تي ڪوڙ ٺاهيو آهي؟ (اِيئَن آهي ته) پوءِ جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته تنھنجي دل تي مھر هڻي ڇڏي. هُو ته ناحق کي نابود ڪري ڇڏيندو آهي ۽ حق کي پنھنجي ڪلام سان سچو ڪري ڏيکاريندو آهي. بيشڪ هُو سينن جي رازن کان به خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى يَقبَلُ التَّوبَةَ عَن عِبادِهِ وَيَعفوا عَنِ السَّيِّـٔاتِ وَيَعلَمُ ما تَفعَلونَ (آيت : 25) |
۽ اُھو آھي جو پنھنجن ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ مداين کان ٽارو ڪندو آھي ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجي ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو (يعني جيڪڏهن هو سنئين واٽ تي اچن ٿا ته هنن جا اڳيان گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي) ۽ هو خطائون بخشي ٿو ڇڏي، ۽ جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو سڀ هو چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ (انهن جا) گناه معاف ڪري ٿو ۽ اهو ڄاڻي ٿو جيڪو توهان عمل ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو ۽ گناهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهوئي آهي جو قبول ڪري ٿو توبہ پنهنجن ٻانهن کان ۽ معاف ڪري ٿو برايون ۽ ڄاڻي ٿو جيڪي ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اهو آهي جو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو ۽ بڇڙايون معاف ڪري ٿو. ۽ جيڪي ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (الله) اُهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ڪري ٿو، ۽ مدايون معاف ڪري ٿو ۽ (سڀ) ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سو سَندسِ سپاهِيَن جِي، ميڙ مَڃي ٿو مُور، ۽ ميٽي مَدايَن مان، ڪوڙين عيب قُصُور، ۽ معلوم تِنهن کي مور، ڪريو جيڪي ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اهو آهي، جو پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ٿو ڪري ۽ مداين کي معاف ٿو ڪري_ ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي پنهنجن ٻانهن جي توبهه قبول ڪري ٿو ۽ بڇڙاين کي نظرانداز ڪندو رهي ٿو. توڻي جو جيڪو توهان ڪيو ٿا سڀ ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جيڪو قبول ڪندو آهي توبهه پنهنجن بندن جي ۽ درگذر ڪندو آهي براين کان ۽ ڄاڻي ٿو اهو سڀ ڪجهه جيڪي توهان ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جيڪو ٻانهن جي توبہ کي قبول ۽ انهن جي گناهن کي معاف ڪندو آهي ۽ توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا هُو ان کي ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَستَجيبُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَالكٰفِرونَ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ (آيت : 26) |
۽ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن جي دُعا قبول ڪندو آھي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ (به) ڏيندو آھي، ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت سزا آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان ٿا آڻين ۽ صالح عمل به ٿا ڪن تن کي هو اجورو ڏئي ٿو ۽ پنهنجي خاص فضل سان وڌيڪ (نعمتون) به ڏئي ٿو. پر جيڪي ڪفر (۽ بدعمل) ڪن ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو دعا قبول فرمائي ٿو انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا ۽ انهن کي پنهنجي فضل سان زياده به عطا ڪري ٿو، ۽ ڪافرن لاءِ شديد عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان زياده ڏئي ٿو ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قبول فرمائي ٿو انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ وڌائي ٿو انهن کي پنهنجي فضل مان ۽ ڪافر انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن جي دعا قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي فضل مان زياده ڏئي ٿو. ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن جي دعا قبول ڪري ٿو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون، ۽ انهن کي پنهنجي فضل مان (دعا کان به) وڌيڪ ڏئي ٿو. ۽ ڪافرن لاءِ ئي سخت عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڃي تَن جِي، جَن مَڃيو، پڻ چڱا ڪيون ڪم ڪار، ۽ ڪَرينِ پَنهنجي ڪرم سان واڌُو ويرو تار، ۽ آهي اِنڪارِيَن هار، سَزا ڪا سَخت ڳَري!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جي دعا قبول ڪندو آهي ۽ پنهنجي فضل مان انهن کي وڌائي ٿو ڏئي_ ۽ ڪافرن لاءِ سخت سزا آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ايمان آڻڻ وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جون دعائون قبول ٿو ڪري ۽ پنهنجي فضل مان کين اڃان به گهڻو ٿو ڏئي، باقي ڪافرن لاءِ ڏاڍي سخت سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دعا قبول ڪري ٿو انهن ماڻهن جي جيڪي ايمان وارا ۽ عمل سٺا ڪرڻ وارا آهن ۽ وڌائيندو آهي انهن تي پنهنجي فضل کي، ۽ ڪافرن جي لاءِ ته عذاب آهي ئي تمام سخت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي دعائن کي قبول ڪندو آهي ۽ پنھنجي مھربانيءَ سان اڃا به وڌيڪ عطا ڪندو آهي ۽ ڪافرن لاءِ ته سخت عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو بَسَطَ اللَّهُ الرِّزقَ لِعِبادِهِ لَبَغَوا فِى الأَرضِ وَلٰكِن يُنَزِّلُ بِقَدَرٍ ما يَشاءُ إِنَّهُ بِعِبادِهِ خَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪڏھن الله پنھنجن ٻانھن جي روزي ڪشادي ڪري ھا ته مُلڪ ۾ ضرور بگيڙو وجھن ھا پر جيترو (پاڻ) گھرندو آھي (اوترو) نازل ڪندو آھي، ڇوته اُھو پنھنجن ٻانھن کي ڄاڻندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن لاءِ رزق (۽ نعمتون) ڪشاديون ۽ عام جام ڪري ڇڏي ها ته ماڻهو (بي پرواهه ٿي عيش عشرت، سستي ۽ گناهن ۾) ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ڏين ها. پر هو (پنهنجي حڪمت موجب رزق ۽ نعمتون) اوتري قدر نازل ڪري ٿو جيتري قدر چاهي ٿو (۽ مناسب ٿو سمجهي) بيشڪ هو پنهنجي ٻانهن جي پوري پوري خبر رکندڙ آهي ۽ کين چڱيءَ طرح ڏسي ۽ چانچي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى پنهنجي سڀني ٻانهن جو رزق ڪشادو ڪري ها ته يقيناً اهي زمين ۾ بغاوت ڪن ها پر اهو (الله)جيترو رزق چاهي اهو پنهنجي اندازي سان نازل ڪري ٿو، بيشڪ اهو پنهنجي ٻانهن کان چڱي طرح خبردار ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا پنهنجن ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ته اهي زمين ۾ ضرور سرڪشي ڪن ها پر هو ته جيڪي چاهي ٿو تنهن کي اندازي سان روزي نازل ڪري ٿو. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪشادو ڪري ها الله رزق پنهنجن ٻانهن جي لاءِ ته البته بغاوت ڪن ها زمين ۾ ۽ پر نازل ٿو ڪري اندازي سان جيڪي گھري بيشڪ اهو پنهنجن ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله پنهنجن ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ها ته زمين ۾ ضرور سرڪشي ڪن ها پر جيڪي گهري ٿو تنهن کي اندازي سان لاهي ٿو.بيشڪ الله پنهنجن ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله پنهنجي سڀ ٻانهن لاءِ روزي ڪشادي ڪري ها ته اُهي ضرور زمين ۾ سرڪشي ڪن ها. ۽ پر اُهو جيڪي گهري ٿو اندازي سان لاهي ٿو. بيشڪ اُهو پنهنجي ٻانهن جي پوري خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِينءَ سَندسِ سپاهِيَن، هُوند کاڌو ڏِنو کوڙ، ته بِلڪل وِڌائون ڀُون ۾، وَڏو ڪو وِڳوڙ، پَر وڻيسِ اُتاري اُنهن لئي، تور پَٽاندڙ توڙ، سوجانچِيندڙ پَنهنجِي جوڙ، ۽ ڏِسندڙ ساري ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله سندس ٻانهن جي روزي ڪشادي ڪري ها، ته ملڪ ۾ ضرور بگيڙو وجهن ها، پر جيترو مناسب سمجهندو آهي، اوترو ڏيندو آهي_ بيشڪ هو پنهنجن ٻانهن کي ڄاڻندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله پنهنجن سڀني ٻانهن جو رزق ڪشادو ڪري ڇڏي ها ته زمين ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪن ها، پر هو اندازي سان جيترو چاهي ٿو نازل ڪري ٿو. بيشڪ هو پنهنجن ٻانهن کان واقف آهي ۽ اهي نگاهه ۾ اٿس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي ڪشادو ڪري ها الله رزق کي پنهنجي سڀني بندن لاءِ ته سرڪشي ڪن ها (فساد ڪن ها) زمين ۾، پر اهو نازل ڪندو آهي حساب سان جيترو گهرندو آهي، بيشڪ اهو پنهنجن ٻانهن کان باخبر ۽ انهن تي نظر رکندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن الله تعالى پنھنجي ٻانهن کي سندن حيثيت کان وڌيڪ روزي ڏي ها ته هو زمين ۾ بغاوت جو طوفان مچائي ڇڏين ها. پر هو جيترو مناسب سمجهندو آهي اوتري حساب سان ڏيندو آهي. بيشڪ هو پنھنجي ٻانهن جي (مالي) حالتن کان خوب واقف ۽ نظر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُوَ الَّذى يُنَزِّلُ الغَيثَ مِن بَعدِ ما قَنَطوا وَيَنشُرُ رَحمَتَهُ وَهُوَ الوَلِىُّ الحَميدُ (آيت : 28) |
۽ (الله) اُھو آھي جو (ماڻھن جي) نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينھن ھيٺ موڪليندو آھي ۽ پنھنجي رحمت پکيڙيندو آھي، اُھو (ئي) ڪارساز ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو اهوئي آهي جو ماڻهن جي نااميد ٿيڻ بعد مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو، ۽ ڪارساز ۽ سڀ ساراهه جو لائق آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ) ۽ اهو ئي آهي جيڪو برسات نازل ڪري ٿو ان کان پوءِ جو اهي نااميد ٿين ٿا ۽ پنهنجي رحمت کي پکيڙي ٿو. ۽ اهو ئي مددگار گھڻو ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هو اهو آهي جو ماڻهن جي نا اميد ٿيڻ کان پوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو ۽ اهو ئي ڪارساز (۽) حمد ۽ ثنا جو لائق آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو ئي آهي جيڪو لاهي ٿو مينهن ان کان پوءِ جو نااميد ٿيا ۽ پکيڙيندو آهي پنهنجي رحمت ۽ اهوئي ڪار ساز، ساراهيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هو اُهو آهي جو ماڻهن جي نااُميد ٿيڻ کانپوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو ۽ اهو ئي ڪم ٺاهڻ وارو ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو ماڻهن جي مايوس ٿي وڃڻ کان پوءِ مينهن وسائي ٿو ۽ پنهنجي رحمت پکيڙي ٿو. ۽ اُهو ئي ڪارساز وڏي تعريفن جي لائق آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهوئـِي آهي سو، جو لاهي مينگھ مَلهار، جنهن بعد ماڻهو مِينهن مان، ٿيا نا اُميد نِبار، ۽ ربَّ پنهنجي رحمت کي، ٿو پکيڙي هر پار، ۽ سو سڀ جو سَنڀاليدار، سدا ساراهيل گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو آهي، جو (ماڻهن جي) نا اميد ٿيڻ کانپوءِ مينهن وسائيندو آهي، پنهنجي رحمت پکيڙيندو آهي ۽ اهو ئي مددگار ساراهيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جيڪو ماڻهن جي نااميد ٿي وڃڻ کان پوءِ مينهن ٿو وسائي ۽ پنهنجيءَ رحمت کي پکيڙي ٿو ڇڏي ۽ اهوئي ساراهه جي لائق سرپرست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي آهي جيڪو مينهن وسائي ٿو ان کان پوءِ جو ماڻهو مايوس ٿين ٿا ۽ پکيڙيندو آهي پنهنجي رحمت ۽ اهو ئي آهي ولي (دوست) ساراهيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهو (الله) ئي آهي جيڪو ماڻهن جي مايوسي کان پوءِ مينھن وسائيندو آهي ۽ پنھنجي رحمت کي ڪشادو رکندو آهي. اهوئي ڪمن کي ٺاهيندڙ ۽ تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن ءايٰتِهِ خَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَثَّ فيهِما مِن دابَّةٍ وَهُوَ عَلىٰ جَمعِهِم إِذا يَشاءُ قَديرٌ (آيت : 29) |
۽ آسمانن ۽ زمين جو بڻائڻ ۽ جيڪي سندن وچ ۾ چرندڙ پکيڙيائين تن جو (بڻائڻ) سنديس نشانين مان آھي، ۽ اُھو جڏھن گھرندو (تڏھن) سندن گڏ ڪرڻ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس نشانين مان هڪ وڏي نشاني آهي هنن آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ۽ انهن ساهه وارن جي خلقڻ جيڪي انهن ۾ (يعني آسمان ۽ زمين ۾) پکيڙي ڇڏيا اٿس. ۽ هن کي اها قدرت آهي ته جڏهن چاهي تڏهن انهن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمينن جي تخليق آهي ۽ جيڪي هلندڙ آهن، اهي انهن ۾ پکيڙيائين ۽ اهو جڏهن چاهي انهن جي جمع ڪرڻ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندس قدرت جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪرڻ ۽ جاندار پڻ ان (خدا) زمين ۽ آسمان ۾ ڦهلايا آهن ۽ جڏهن گهري انهن جي گڏ ڪرڻ تي (به) قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي نشانين مان آهي آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ۽ اهو جيڪو پکيڙيائين انهن ٻنهي ۾ چرندڙن شين مان ۽ اهو انهن جي گڏ ڪرڻ تي جڏهن گھري قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي جانور انهن ٻنهين ۾ پکيڙيا اٿس تن جو پيدا ڪرڻ آهي ۽ اهو جڏهن گهرندو ته سندن گڏ ڪرڻ تي (به) قدرت رکندڙ آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ آهي ۽ جيڪي جانور انهن ٻنهين ۾ پکيڙيائين (تن جي پيدائش آهي). ۽ اُهو جڏهن به چاهي ته انهن جي گڏ ڪرڻ تي سگهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنجي اُهڃاڻن مان، اُڀ، ڀُون عجب اسرار، ۽ جيڪي کيڙائو اُنهن ۾، پکيڙيائـِين هر پار، ۽ سَندنِ ميڙڻ تي مُختيار، سوارو سو، وڻيسِ تڏهن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن، زمين ۽ جيڪي به ان ۾ پکيڙيو اٿس، سو ان جي نشانين مان آهي_ ۽ هو جڏهن به چاهي، تڏهن انهن جي گڏ ڪرڻ تي سگهه وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جو پيدا ٿيڻ سندس نشانين مان آهي ۽ اهي ساهدار به جيڪي ٻنهي ۾ پکيڙي ڇڏيا اٿائين، وري جڏهن گهري ته کين ميڙي گڏ ڪري سگهي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان جي نشانين مان آهي هي پيدائش آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي پکيڙيائين انهن ٻنهي ۾ ساهوارا، ۽ اهو ئي انهن کي گڏ ڪندو، جڏهن اهو چاهيندو قدرت رکڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي نشانين مان آسمان ۽ زمين ۽ انهن ٻنهي ۾ پکڙيل چُرندڙ پُرندڙ مخلوق کي پيدا ڪرڻ آهي ۽ هو جڏهن چاهي انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري سگهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَصٰبَكُم مِن مُصيبَةٍ فَبِما كَسَبَت أَيديكُم وَيَعفوا عَن كَثيرٍ (آيت : 30) |
۽ جيڪا به اوکائي اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته خُدا) در گذر ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهچي ٿي سا نتيجو آهي انهيءَ جو جيڪي توهان جي ئي هٿن ڪمايو آهي (يعني توهان جي ئي بدعملن جو نتيجو آهي). الله تعاليٰ ته گهڻيون ئي برائيون معاف ڪري ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي جيڪا مصيبت پهچي ٿي اها توهان جي بداعمالي سببان آهي ۽ گھڻو ڪجھه اهو توهان کي معاف ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جا مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سا اوهان جي پنهنجي هٿن جي ڪرتوتن سان ۽ (تنهن هوندي به) اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪا پهتي اوهان کي مصيبت پوءِ ان سببان جو ڪمايو هٿن اوهان جي ۽ معاف ڪري ٿو گھڻا (گناھ) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪا به مصيبت اوهان کي پهچي ٿي سو جيڪي اوهان جي هٿن ڪمايو آهي تنهن جي ڪري. ۽ گهڻا گناهه معاف ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کي جيڪا به مصيبت پهچي ٿي سا توهان جي هٿن جي ڪمائي (يعني برن عملن سبب) آهي حالانڪه گهڻا گناهه ته اُهو معاف ڪري ڇڏي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن رَسيو جھان ۾، ڪو اوهان کي آزار، اَنهنجي هَٿن، جي ڪيا، اُهو اِن آڌار، ۽ صاحِب ربُّ، ستار، گھڻن کان گُذر ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪا به اوهان کي تڪليف پهچي ٿي، سا اوهان جي هٿن جي ڪمائي سببان آهي، ۽ الله گهڻو ئي درگذر ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تي ڪابه مصيبت آئي آهي ته توهان جي پنهنجي هٿن جي ڪمائي سببان آهي، نه ته توهان جا گهڻائي گناهه ته هو هونئن ئي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪا به توهان تي آئي آهي مصيبت سا آهي ڪمائي توهان جي هٿن جي ۽ درگذر ڪندو آهي (الله) ڪيترا توهان جا قصور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان جي مٿان جيڪا به مصيبت ايندي آهي سا توهان جي پنھنجي بُرن ڪمن جي ڪري ايندي آهي ۽ هو توهان جي گهڻن ئي گناهن کي هونئن ئي معاف ڪري ڇڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 31) |
۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو، ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نڪو ڪارساز ۽ نڪو مددگار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته جيڪڏهن توهان گناهه ۽ ظلم نه ڇڏيندؤ ته) توهان ملڪ ۾ (الله تعاليٰ کان) ڏاڍا ڪونه ٿيندؤ (نڪي سندس رٿن کي روڪي سگهندؤ، نه ڪي عذاب کان ڇٽي ويندؤ) ۽ (ياد رکو ته) الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه ڪارساز ۽ مددگار ڪونه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان زمين ۾ (اسان کي) عاجز ڪندڙ ناهيو. ۽ الله تعالى کانسواءِ توهان لاءِ ڪوبه مددگار ۽ حمايتي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين ماڻهو زمين ۾ (رهي ڪري ته خدا کي) ڪنهن طرح عاجز ڪري نه ٿا سگهو ۽ خدا کان سواءِ ته اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهيو اوهان عاجز ڪندڙ زمين ۾ ۽ ناهي اوهان جي لاءِ الله کانسواءِ ڪو ڪارساز ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين زمين ۾ (ڀڄي ان کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو. ۽ الله کانسواءِ اوهان جو نه ڪو ڪم ٺاهڻ وارو ۽ نه ڪو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو، ۽ الله جي مقابلي ۾ اوهان جو نه ڪو ڪارساز آهي ۽ نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهين نه آهيو ڏيھ ۾، ڏاڍا ڪنان ڏاتار، ۽ نه يار، نه مَددگار، ڪو اوهان جو اَلله ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين زمين ۾ عاجز ڪرڻ وارا نه آهيو ۽ الله کان سواءِ اوهان لاءِ ڪو به دوست خواهه مددگار ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان زمين ۾ ان کي پڄي سگهڻ وارا ناهيو ۽ نڪي الله جي مقابلي ۾ توهان جو ڪو ڀرجهلو ۽ مدد ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه آهيو توهان عاجز ڪرڻ وارا پنهنجي خدا کي زمين ۾، ۽ نه ٿا رکو توهان الله جي مقابلي ۾ پنهنجو ڪوبه ڪارساز ۽ ڪوبه مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان هُن کي زمين ۾ بي وس نٿا ڪري سگهو. توهان جو هُن کان سواءِ ٻيو ڪير به سرپرست ۽ مددگار نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن ءايٰتِهِ الجَوارِ فِى البَحرِ كَالأَعلٰمِ (آيت : 32) |
۽ سنديس نشانين مان درياءَ ۾ جبلن وانگر جھاز (ھلندا) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس نشانين مان هڪ نشاني آهي سمنڊ ۾ هلندڙ جهاز، جي جبلن جهڙا (اتاهان ڏسڻ ۾ ايندا) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان جي نشانين مان جبلن جيتريون ٻيڙيون آهن جيڪي سمنڊ ۾ هلن ٿيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان سمنڊ ۾ (هلڻ وارا بادباني) جهاز آهن جي ڄڻ ته جبل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي نشانين مان آهن هلندڙ ٻيڙيون سمنڊ ۾ جبلن وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان سمنڊ ۾ جبلن جهڙيون ٻيڙيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جي نشانين مان سمنڊ ۾ (هلندڙ) جبلن وانگر اونچا بحري جهاز به آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي اُهڃاڻن مان، دنگيون مَنجھ دَرياءَ، ڪَر ڏاڍا ڏُونگر ڏيھ ۾، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندس نشانين مان سمنڊ ۾ جبلن جيڏن جهازن جو هلڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندس ئي نشانين مان آهن، اهي جهاز جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر ٿا ڏسجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندس نشانين مان جهاز آهن جيڪي سمنڊ ۾ جبلن وانگر نظر ايندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سمنڊ ۾ جبلن جيڏا ٻيڙا به ان جي نشانين مان آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَشَأ يُسكِنِ الرّيحَ فَيَظلَلنَ رَواكِدَ عَلىٰ ظَهرِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 33) |
جيڪڏھن (خدا) گھري ته وائن کي جھلي پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺي تي (ھلڻ کان) بيھي رھن، بيشڪ ان ۾ سڀڪنھن صبر ڪندڙ لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن هو چاهي ته هوا کي بيهاري ڇڏي. پوءِ اهي جهاز سمنڊ جي مٿاڇري تي (مردن وانگر) بيهي رهندا. انهيءَ ڳالهه ۾ يقيناً وڏيون (عبرت وٺڻ جهڙيون) نشانيون آهن انهن سڀني لاءِ جيڪي صبر ۽ اورچائي وارا آهن ۽ (خدا جي نتيجن جو) قدر ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهو چاهي ته هوا کي بند ڪري پوءِ اهي سمنڊ جي مٿان بيهي رهن، بيشڪ انهيءَ ۾ هر گھڻي صبر ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن خدا گهري ها ته هوا کي بيهاري ڇڏي ته جهاز به سمنڊ جي سطح تي بيهي رهن. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ (خدا جي قدرت جون) نشانيون آهن، (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن گھري ته جھلي ڇڏي واء کي پوءِ ٿي پون بيٺل ان جي پٺيءَ تي بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن گهري ته واءُ کي روڪي ڇڏي. پوءِ اهي (ٻيڙيون) درياءَ جي پٺيءَ تي بيهي رهن. بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن چاهي ته هوا کي روڪي ڇڏي ته ٻيڙيون سمنڊ جي سطح تي رڪجي وڃن. بيشڪ ان ۾ هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ وڏيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وڻسِ ته جَھلي واءَ، ته اُن پاڻِي جي پُٺ مٿي، بِيٺا رَهو بَرجاء، اُن ۾ عبرت آءِ، هَر سَهندڙ شُڪر گُذار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن گهري ته واءَ کي بيهاري ڇڏي، پوءِ ٻيڙا درياءَ جي پٺيءَ تي بيهي رهن_ بيشڪ هن ۾ سڀ ڪنهن صبر ڪندڙ ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جيڪڏهن گهري ته هوا کي روڪي ڇڏي ۽ اهي سمنڊ جي مٿاڇري تي هڪ هنڌ بيهي وڃن، ان ۾ ڏاڍيون نشانيون آهن، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو حد درجي جو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن چاهي (الله) روڪي ڇڏي هوا کي، پوءِ اهي بيهي رهن سمنڊ جي پٺيءَ تي، بيشڪ ان ۾ آهن نشانيون ان شخص جي لاءِ جيڪو وڏو صابر ۽ شاڪر هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هو چاهي ته هوا کي بند ڪري ڇڏي، پوءِ اُهي (ٻيڙا) سمنڊ جي مٿاڇري تي (پاڻي جي مٿان هلڻ کان) بيهجي وڃن. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ صبر ڪندڙ ۽ شڪرگذار ٻانهي لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يوبِقهُنَّ بِما كَسَبوا وَيَعفُ عَن كَثيرٍ (آيت : 34) |
يا ھلاڪ ڪرين تنھن سببان جو ڪمايائون ۽ عفو ٿو ڪري گھڻن کان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن ٿئي جو) هو انهن جهازن کي (طوفان جي وسيلي ڀڃي يا ٻوڙي) فنا ڪري ڇڏي (۽ ان ۾ چڙهيل ماڻهو غرق ٿي وڃن) هن ڪري جو هنن (غفلت ڪئي هئي ۽) بدعمل ڪيا هئا، ۽ (ياد رکو ته) هو ته گهڻيون ئي برائيون معاف به ڪري ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا انهن کي سندن بداعماليءَ سببان برباد ڪري ڇڏي ۽ گھڻو ڪجھه اهو معاف ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (جيڪڏهن گهري ته) ٻيڙين کي سندن (بد) اعمالي جي ڪري برباد ڪري ڇڏي ۽ اهو گهڻو ڪجھ معاف ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا هلاڪ ڪري انهن کي ان سببان جو ڪيائون ۽ معاف ڪري ٿو گھڻا (گناھ) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا (جيڪڏهن گهري ته) جيڪي ڪمايو اٿن تنهن جي ڪري انهن (ٻيڙين) کي برباد ڪري ۽ گهڻن کي معاف (به) ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا انهن (جي سُوارن) کي انهن جي ڪرتوتن سبب تباه ڪري ڇڏي مگر اُهو گهڻا گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اُونڌو هَڻي اُنهن کي، سَندنِ ڪَمَن ڀَر ڪَلتار، صاحِب رَبُّ، سَتار، گَھڻن کان گُذر ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا انهن کي سندن ڪمائي سبب ناس ڪري ۽ گهڻن کي بخش ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا (منجهن سوار ٿيلن جي) گهڻن ئي گناهن کان ٽارو ڪندي به رڳو سندن ڪجهه عملن جي ڪري ئي کين غرق ڪري ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا انهن کي هلاڪ ڪري سندن ڪرتوتن جي ڪري، پر معاف ڪري ٿو (الله) گهڻو ڪجهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا کين سندن بُرن ڪمن جي ڪري تباهه ڪري (ٻوڙي) ڇڏي يا انهن مان گهڻن کي معاف ڪري ڇڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَعلَمَ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِنا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 35) |
۽ ته جيڪي اسان جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن سي ڄاڻن ته انھن لاءِ ڇوٽڪارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (بد) ماڻهن کي جيڪي اسان جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن ڄاڻڻ گهرجي ته هنن جي لاءِ ڀڄي ڇٽڻ جو ڪوبه چارو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو يقين ڪن جيڪي اسان جي آيتن ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، انهن جي لاءِ ڀڄڻ جي جاءِ ڪانهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي نشانين ۾ (اجايو) جهڳڙو ڪن ٿا سي ڇڱيءَ طرح ياد رکن ته کين ڪنهن طرح (به عذاب کان) ڇوٽڪارو ڪونهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڄاڻن ٿا اهي جيڪي جھيڙو ڪن ٿا اسان جي آيتن ۾ ته ناهي انهن جي لاءِ ڪا پناھ ملڻ جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن لاءِ (به برباد ڪري) ته جيڪي اسان جي آيتن بابت جهڳڙو ڪن ٿا سي ڄاڻن ته انهن لاءِ ڪا ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا سي ڄاڻن ته انهن لاءِ ڪاڏي ڀڄڻ جي جاءِ نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَسان جي ثابِتيَن ۾، جي بَحث ڪَن بيڪار، هرگز نه تَن هارِ، ڪِٿي ڪُنڊ پناھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪي اسان جي نشانين بابت جهڳڙو ٿا ڪن، سي ڄاڻن ته انهن لاءِ ڪا واهه ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان وقت اسان جي آيتن جي باري ۾ جهڳڙو ڪرڻ وارن کي پتو پئجي وڃي ته انهن لاءِ ته پناهه وٺڻ جي ڪا جاءِ ئي ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ معلوم ٿي ويندو انهن ماڻهن کي جيڪي جهيڙو ڪن ٿا اسان جي آيتن جي باري ۾ ته انهن لاءِ ڪابه پناهه جي جڳهه ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن اسان جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪندڙن کي معلوم ٿي وڃي ته انهن جي لاءِ ڀڄڻ جي ڪابه جاءِ نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ لِلَّذينَ ءامَنوا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 36) |
پوءِ جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو ڪجھ به ھجي ته اُھو دنيوي حياتيءَ جو (ٿورو) سامان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀَلو ۽ ھميشه رھڻ وارو انھن لاءِ آھي جن ايمان آندو آھي ۽ پنھنجي رب تي ڀروسو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (ياد رکو ته) جيڪي شيون اوهان کي ڏنيون ويون آهن، سي هن دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهن. پر جيڪي الله وٽ آهي سو انهن ماڻهن لاءِ گهڻو بهتر ۽ وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ آهي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ (حق جي راهه تي هلڻ ۾) پنهنجي پروردگار تي ڀروسو رکندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪو ڪجھه توهان کي مليو آهي پوءِ اهو دنيا جي حياتيءَ جو گذران آهي ۽ جيڪو (ثواب) الله تعالى وٽ آهي اهو بهتر ۽ هميشه رهڻ وارو آهي (اهو) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي مؤمن آهن ۽ اهي پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسانو!) اوهان کي ته جو ڪجھ (مال متاع ڏنو ويو آهي سو (رڳو) دنيا جي حياتيءَ جو (ٻن ٽن ڏينهن) جو ساز سامان آهي ۽ جو ڪجھ خدا وٽ آهي اهو گهڻو چڱو آهي ۽ پائدار آهي (پر اها نعمت) خاص انهن ماڻهن لاءِ آهي جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪا ڏنا ويا آهيو ڪا شيءِ پوءِ دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ جيڪو الله وٽ آهي ڀلو ۽ بقا وارو آهي انهن جي لاءِ جن ايمان آندو آهي ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي انسانو !) جو ڪجهه به اوهان کي ڏنو ويو آهي سو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو گهڻو چڱو ۽ گهڻو بقا وارو آهي. انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان کي جو ڪجهه به ڏنو ويو آهي اُهو دنيا جي حياتي جو سامان آهي، ۽ جو ڪجهه الله وٽ آهي سو گهڻو ڀلو ۽ گهڻو بقادار آهي، انهن لاءِ جن ايمان آندو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جو ڪُجھ مِليا مال، سو نفعو ننڍِي ڄَمار، ۽ جيڪِي آهي اَلله وَٽ، سو بِهتر برقرار، جي وِسهيا تَن واسطي، ۽ چڱان ڪيؤن ڪم ڪار، ۽ بَرسِر رکن بار، سائـِينءَ سَندِن سُبحان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪي به اوهان کي ڏنو ويو آهي، سو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ جيڪي الله وٽ آهي، سو ڀلو ۽ هميشه رهڻ وارو آهي، انهن لاءِ، جن ايمان آندو ۽ پنهنجي ڌڻيءَ تي ڀروسو ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه توهان کي ڏنو ويو آهي، اهو ته رڳو دنيا جي چند ڏينهن واري زندگيءَ جو ئي مال متاع آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، اهو ڀلو به آهي ۽ جٽاءَ وارو پڻ! اهو انهن ماڻهن لاءِ آهي، جن ايمان آندو آهي ۽ پنهنجي رب تي ئي ڀروسو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪي ڪجهه توهان کي ڏنو آهي، سو رڳو ٿورڙو سامان آهي حياتيءَ دنيا جي ٿورن ڏينهن لاءِ، ۽ جيڪو ڪجهه آهي الله وٽ سو چڱو ۽ پائيدار آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جن ايمان آندو آهي ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو توهان کي جيڪو ڪجهه ڏنو ويو آهي اهو ته رڳو دنيا جي زندگي (گذارڻ) جو سامان آهي ۽ جيڪي شيون الله تعالى وٽ آهن سي ( انهن شين کان) وڌيڪ بھتر ۽ هميشه رهڻ واريون آهن. اهي اُنهن ماڻهن لاءِ آهن جن ايمان آندو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو رکندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يَجتَنِبونَ كَبٰئِرَ الإِثمِ وَالفَوٰحِشَ وَإِذا ما غَضِبوا هُم يَغفِرونَ (آيت : 37) |
۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي وڏن گناھن ۽ بي حيائين کان پاسو ڪن ٿا ۽ جيڪڏھن ڪاوڙبا آھن (تڏھن) اُھي بخشيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان پري ڀڄندڙ آهن ۽ جڏهن هو (ڪنهن جي اڳرائي کان) ڪاوڙ ۾ اچي ٿا وڃن ته (ڪاوڙ کي ماري اڳرائي ڪندڙ کي) معاف ڪري ٿا ڇڏين (۽ اڳرائين کي روڪين ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو ڪبيرن گناهن ۽ بيحيائن کان پرهيز ڪن ٿا ۽ جڏهن کين ڪاوڙ اچي ٿي ته اهي بخش ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي شخص وڏن گناهن ۽ بيحيائي جي ڳالهين کان پاڻ کي بچائيندا رهن ٿا ۽ جڏهين ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪري ڇڏين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي بچن ٿا وڏن گناهن کان ۽ بي حيائين کان ۽ جڏهن ڪاوڙجن ٿا ته اهي بخش ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (انهن لاءِ) جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ جڏهن ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي ماڻهو جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائي جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ جنهن مهل ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي وَڏِين بَدِيَن ۽ بَد چال کان، دائـِم رهن دُور، ۽ جڏهن ڪاوڙائـِن ڪِنهن کَڻِي، ته معافِي ڏِيَنِ مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ کان پاسو ٿا ڪن، ۽ جڏهن ڪاوڙبا آهن، تڏهن بخشش ڪندا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وڏن گناهن کان ۽ بي حيائيءَ وارن ڪمن کان پاسو ڪن ٿا ۽ جنهن وقت ڪاوڙ ٿي اچين ته معاف ٿا ڪري ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي پرهيز ڪندا آهن وڏن گناهن ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن کان ۽ جي اچينِ ڪاوڙ ته ڪندا آهن درگذر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اِهي ماڻهو وڏن گناهن ۽ بي حيائي جي ڪمن کان بچندا آهن ۽ جڏهن هو ڪاوڙ ۾ هوندا آهن ته (ڪاوڙ کي ختم ڪري) ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ استَجابوا لِرَبِّهِم وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَمرُهُم شورىٰ بَينَهُم وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 38) |
۽ جن پنھنجي پالڻھار جو حُڪم مڃيو ۽ نماز پڙھي، ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان ھوندو آھي، ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي پنهنجي پروردگار جا حڪم مڃين ٿا ۽ نماز جو نظام قائم رکن ٿا ۽ پنهنجا ڪم ڪاريون ۽ معاملا هڪٻئي سان مشورا ڪري سرانجام ڪن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏيون ٿا تنهن کي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن مؤمنن پنهنجي رب جو حڪم مڃو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ انهن جا ڪم پاڻ ۾ مشوري سان طئي ٿين ٿا، ۽ جيڪو ڪجھه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي پنهنجي پروردگار جو حڪم مڃين ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا ۽ انهن جا سڀ ڪم پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ سان هوندا آهن ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ) ۾ ڏين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن حڪم مڃيو پنهنجي رب جو ۽ قائم ڪيائون نماز ۽ انهن جو امر صلاح سان آهي انهن ۾ ۽ ان مان جو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (انهن لاءِ) جن پنهنجي پاليندڙ جو حڪم قبول ڪيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح مشوري سان آهي ۽ جيڪي اسان انهن کي (رزق) ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو ۽ نماز قائم رکيائون. ۽ سندن فيصلو پاڻ ۾ مشوري سان هوندو آهي ۽ ان (روزي) مان جيڪا اسان کين ڏني آهي، خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَندنِ صاحِب پاڪ لئي، ڪَن مِڙئـِي مَنظور، ۽ سَڀڪو ڪم، سَندنِ صَلاح سان ۽ پڙهيو نِمازون نور، ۽ زڪوٰتون ضَرُور، ڏِينِ، ڏِنون سُونِ تِنهن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن پنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم مڃيو، نماز پڙهي ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح سان هوندو آهي، ۽ جيڪو کين رزق ڏنو سون ان مان خرچيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي پنهنجي رب جو حڪم مڃين ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ پنهنجا معاملا هڪ ٻئي جي صلاح مشوري سان هلائين ٿا، جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو حڪم مڃيندا آهن پنهنجي رب جو ۽ قائم ڪندا آهن نماز ۽ پنهنجا معاملات مشوري سان پاڻ ۾ هلائيندا آهن ۽ جيڪي اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي حڪم کي (دل سان) قبول ڪندا آهن، نماز قائم ڪندا آهن ۽ پنھنجا ڪم پاڻ ۾ مشوري سان هلائيندا آهن ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ إِذا أَصابَهُمُ البَغىُ هُم يَنتَصِرونَ (آيت : 39) |
۽ اُھي (اھڙا آھن) جو جڏھن کين ڪو ظلم پھچي (تڏھن مظلوم جو مناسب) بدلو وٺندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي جڏهن مٿن ڪو ظلم ڪيو ٿو وڃي تڏهن (ڊڄي گهر جي ڪنڊ ۾ نٿا ويهي رهن، پر مردانگيءَ سان مقابلو ٿا ڪن ۽) پنهنجي مدد ۽ بچاءُ ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن کي جڏهن (ڪنهنجي طرفان) ظلم ۽ زيادتي پهچي ٿي ته (ان جو مناسب) بدلو وٺن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهي اهڙا آهن جو) جڏهن مٿن (ڪا) زيادتي ٿئي ٿي ته اهو رڳو واجبي بدلو وٺندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو جڏهن پهتي انهن کي زيادتي ته بدلو وٺن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (انهن لاءِ) جن جي مٿان جڏهن سرڪشي ٿئي ٿي ته بدلو وٺن ٿا. ۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي برائي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن جي مٿان جڏهن زيادتي ٿئي ٿي ته ان جو (مناسب) بدلو وٺن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن جاڳيو جھڳڙو، ته وَرنِ ٿا وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اُهي اهڙا آهن، جو جڏهن انهن تي ڪو ظلم ٿو ٿئي، تڏهن بدلو ٿا وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ساڻن ڪا ڏاڍائي ڪئي وڃي ٿي ته مڙس ٿي منهن ڏين ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن تي زيادتي ڪئي ويندي آهي ته ان جو مقابلو ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي مٿان ڪير ڏاڍ ڪندو آهي ته هو ان جو چڱي طرح (مقابلو ڪري) پورو بدلو وٺندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَزٰؤُا۟ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِثلُها فَمَن عَفا وَأَصلَحَ فَأَجرُهُ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
۽ مدائيءَ جو بدلو اُھڙي مدائي آھي، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صُلح ڪري تنھن جو اجر الله تي آھي، بيشڪ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته جڏهن حقي بدلو وٺو تڏهن) ايذاءَ يا نقصان جو بدلو به اهڙوئي ۽ اوترو ئي ايذاءُ يا نقصان هئڻ گهرجي (نه وڌيڪ). پر جيڪڏهن ڪو معاف ڪري ڇڏي ۽ (ان سان گڏ) سڌارو ۽ ٺاهه به ڪري ڇڏي ته هن کي الله وٽان اجر ملندو يقيناً الله تعاليٰ ظالمن کي ناپسند ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ برائيءَ جي سزا برائي جيتري هجڻ گھرجي. پوءِ جنهن ماڻهو بخش ڪيو ۽ صلح ڪيو پوءِ ان جو اجر الله تعالى وٽ آهي، بيشڪ اهو ظالمن سان محبت نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي ٻئي برائي آهي. تنهن هوندي به جو شخص معاف ڪري ڇڏي ۽ (معاملي کي) ٺاهي ڇڏي ته ان جو ثواب خدا جي ذمي آهي. بيشڪ اهو ظلم ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بدلو برائي جو برائي آهي ان جي مثال پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ اصلاح ڪيائين پوءِ ان جو اجر الله وٽ آهي بلاشڪ اهو نه ٿو محبت رکي ظالمن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ (معاملو) سڌاريو تنهن جو اجر الله تي آهي. بيشڪ الله ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ برائي جو بدلو ان برائي جي مثل هوندو آهي پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ صلح ڪيائين پوءِ ان جو اجر الله تي آهي. بيشڪ اُهو ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَدِي، بَدلو بَدِئَ جو، جِھڙسِ پُور پار، پوءِ جِنهن مُورهِين مَعاف ڪيو، ۽ صُلح ڪيو سَچار، پوءِ آهي اُجورو اُن جو، صاحِب سِر سَتار، پَر وَر ڏِئي نه پِيار، ڏاڍَن ڏيہ ڏُکوئـِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مدائي جو بدلو اهڙي ئي مدائي آهي_ پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ صلح ڪري، ان جو اجر الله تي آهي- بيشڪ الله کي ظالم پسند نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) برائيءَ جو بدلو اوتري ئي برائي آهي، پر جي ڪو معاف ڪري ڇڏي ۽ ڳالهه کي ٺاهي ڇڏي ته ان جو اجر الله تي آهي، هـُـن کي ته ظالم وڻندا ئي ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بدلو برائيءَ جو برائيءَ سان ڏين، پوءِ جيڪو معاف ڪري ۽ اصلاح ڪري ته ان جو اجر الله جي ذمي آهي، بيشڪ (الله) پسند نٿو ڪري ظالمن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تڪليف جو بدلو اوتري ئي تڪليف آهي جيتري توهان کي پھتي آهي. البته جنھن معاف ڪيو ۽ صلح ڪيو ته ان جو اجرالله تعالى جي ذمي آهي. بيشڪ الله تعالى ظلم ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمَنِ انتَصَرَ بَعدَ ظُلمِهِ فَأُولٰئِكَ ما عَلَيهِم مِن سَبيلٍ (آيت : 41) |
۽ بيشڪ جيڪي پنھنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن تن تي ڪا (ڏوراپي جي) واٽ ڪانه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن ڪي ماڻهو (پاڻ تي) ظلم ٿيڻ بعد پنهنجي بچاءَ لاءِ مقابلو ڪن ۽ مدد وٺن ته پوءِ مٿن بيشڪ ڪابه ميار ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ظلم ٿيڻ کان پوءِ مناسب بدلو وٺي ٿو پوءِ اهڙن ماڻهن تي ڪا به پڪڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن تي ظلم ڪيو ويو هجي جيڪڏهن ان کان پوءِ بدلو (يا انتقام) وٺي ته اهڙن ماڻهن تي ڪو به الزام ڪونهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جنهن بدلو ورتو مظلوم هجڻ کان پوءِ اهي ناهي انهن تي ڪا واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو ورتو تن تي ڪو الزام نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو ورتو ته اهڙن ماڻهن مٿان (ملامت جي) ڪا واٽ ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن پُٺ ڀَرائي، تِنهن پُٺيان، ته ساڻسِ ٿيو ڪَلُور، ته هرگز نه حُجت تَن مَٿي، حُجت تَنِين تي مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي شخص پنهنجي ايذائجڻ کانپوءِ وير وٺن، تن تي ڪا به ميار ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو وٺن ته انهن تي ڪا ميار ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو بدلو وٺن بعد ظلم ٿيڻ جي، پوءِ انهن تي ڪابه ناهي ڏوراپي جي واٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن ماڻهو پنھنجي مٿان ٿيل ظلم جو بدلو ورتو ته ان ماڻهوءَ تي ڪا به ميار نه ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّمَا السَّبيلُ عَلَى الَّذينَ يَظلِمونَ النّاسَ وَيَبغونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 42) |
(ڏوراپي جي) واٽ رڳو انھن تي آھي جيڪي ماڻھن کي ايذائيندا آھن ۽ مُلڪ ۾ ناحق فساد وجھندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً ڏوهه انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ٿا ڪن ۽ ڪنهن به حق کان سواءِ ملڪ ۾ مانڌاڻ مچائي ٿا ڏين انهن جي لاءِ سخت عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پڪڙ ته فقط انهن ماڻهن تي آهي جيڪي ماڻهن سان ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق بغاوت ڪن ٿا، انهن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الزام ته رڳو انهن ماڻهن تي آهي جي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ روءِ زمين تي ناحق زيادتيون ڪندا وتن ٿا. انهن ماڻهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق واٽ انهن تي آهي جيڪي ظلم ڪن ٿا ماڻهن تي ۽ زيادتي ڪن ٿا زمين ۾ ناحق اهي انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الزام رڳو انهن تي آهي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد وجهن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ملامت جي) راهه صرف انهن تي آهي جيڪي ماڻهن مٿان ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد وجهن ٿا. اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي مُفت ماڻهن ساڻ ڪَن زِيادتيون ضرور، بِگيڙو وِجھن بي واجبِي، ڀُون ۾ بي شُعور، ته ساڙ سراسر سُور، مُقرر تَن لئي مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ميار رڳو انهن تي آهي، جيڪي ماڻهن کي ايذائن ٿا ۽ ملڪ ۾ ناحق فساد ٿا ڪن، انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ميار لائق ته اهي آهن، جيڪي ٻين تي ظلم ٿا ڪن ۽ زمين ۾ ناحق ڏاڍايون ڪندا ٿا وتن، اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ڏوراپي جا حقدار ته اهي آهن جيڪي ظلم ڪندا آهن ٻين تي ۽ زيادتيون ڪندا آهن زمين ۾ بنا ڪنهن حق (سبب) جي، اهڙن ئي ماڻهن لاءِ عذاب آهي دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ميار ته انهن ماڻهن تي ٿيندي جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد ڦھلائين ٿا. اهڙن ماڻهن لاءِ تڪليف وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمَن صَبَرَ وَغَفَرَ إِنَّ ذٰلِكَ لَمِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 43) |
۽ البت جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي ته بيشڪ اھو (عفو) ھمّت جي ڪمن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن ڪو (مظلوم) صبر اختيار ڪري ۽ معافي ڏيئي ڇڏي ته يقيناً اهو وڏي همت (۽ فراخدليءَ) جو ڪم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو صبر ڪيو ۽ بخش ڪيو بيشڪ ايئن ڪرڻ وڏي همت ۽ جرئت جي ڪمن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو صبر ڪري ۽ قصور معاف ڪري ڇڏي ته بيشڪ اهي وڏي حوصلي جا ڪم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جنهن صبر ڪيو ۽ بخش ڪيو بيشڪ اهو البته همت وارن ڪمن مان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو صبر ڪري ۽ معاف ڪري ته بيشڪ اهو (ڪم) همت جي ڪمن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو صبر ڪري ۽ معاف ڪري ته بيشڪ اهو وڏي همت جي ڪمن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن سِر تي سَٺو سُور، ۽ معاف ڪيو قُصور، ته آهي اِي ضرور، پَڪن پُختن ڪَمن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باقي جيڪو صبر ڪري ۽ بخشي، ته اهو همت جي ڪمن مان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو صبر ڪندو ۽ معاف ڪري ڇڏيندو ته اها وڏي همت واري ڳالهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته جيڪو صبر ۽ درگذر کان ڪم وٺي بيشڪ اهو وڏي اولو العزمي (همت) جي ڪمن مان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جنھن صبر ڪيو ۽ معاف ڪيو ته بيشڪ اهي وڏي همت وارا ڪم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن وَلِىٍّ مِن بَعدِهِ وَتَرَى الظّٰلِمينَ لَمّا رَأَوُا العَذابَ يَقولونَ هَل إِلىٰ مَرَدٍّ مِن سَبيلٍ (آيت : 44) |
۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن جو اُن کانپوءِ ڪو ڀرجھلو ڪونھي، ۽ (تون) ظالمن کي ڏسندين ته جڏھن (اُھي) سزا ڏسندا (تڏھن) چوندا ته (ھاڻي دنيا ۾) ورڻ جي ڪا واھ آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ضد سببان) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي. ۽ (اي پيغمبر) تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن عذاب اکين اڳيان اچي ويندن تڏهن هو (پريشان ٿي) پڇندا ته پٺتي موٽڻ لاءِ ڪو چارو آهي يا نه؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه مددگار ناهي، ۽ توهان ظالمن کي ڏسندا، جڏهن اهي عذاب ڏسندا ته اهي پاڻ چوندا ڇا واپس موٽڻ لاءِ ڪو رستو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏئي تنهن کان پوءِ ان جو ڪو به سرپرست نه آهي. ۽ تون ظالمن کي ڏسندين ته جڏهن (دوزخ جو) عذاب ڏسندا ته چوندا ڀلا (دنيا ۾) وري موٽڻ جي ڪا واھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو ڀر جھلو ان کان پوءِ ۽ ڏسندين تون ظالمن کي جڏهن ڏسندا عذاب چوندا ڇا موٽڻ ڏانهن ڪا واٽ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن جو اُن کان پوءِ ڪو به مددگار نه آهي. ۽ (اي پيغمبر !) تون ظالمن کي ڏسندين جڏهن اهي عذاب ڏسندا ته چوندا ته ڇا (هاڻي دنيا ڏي) موٽڻ جو ڪو رستو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان جي لاءِ ان کان پوءِ ڪوبه ڪارساز ڪونهي. ۽ تون ظالمن کي ڏسندين جڏهن اُهي عذاب ڏسندا ته چوندا ته: ”ڇا (دنيا طرف) موٽڻ جي ڪا راهه آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن کي رَبَّ روليو، پوءِ ساڻِي سَندسِ ڪاڻ، اُن پُڃاڻا ناھِ ڪو، ۽ ڏِسندِين ڌاڍن ڪاڻ، جڏهن ڏِسَن عَذاب کي، چَون ته هَي هَي! هاڻ، وَرِي ڏانهن وَٿاڻ، ڪا وَهِين آهي واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن کي الله ڀلائي، تنهن جو ان کان پوءِ مددگار ڪونهي- ۽ تون ظالمن کي ڏسندين، ته جڏهن عذاب ڏسندا تڏهن چوندا ته ”(دنيا ۾) موٽڻ جي ڪا واهه آهي ڇا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن کي الله ئي گمراهه ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کي مدد ڏيڻ وارو الله کان پوءِ ٻيو ڪوبه ناهي. تون ڏسندين ته ظالم جڏهن عذاب ڏسندا ته چوندا، ڇا هاڻي واپس ٿيڻ جي به ڪا واٽ آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن کي اڇلائي گمراهيءَ ۾ الله، ته ان جو ڪوبه ڀرجهلو (الله) کان پوءِ ناهي، ۽ تون ڏسندين (اي نبي!) ته اهي ظالم جڏهن ڏسندا عذاب ته چوندا، هاڻي آهي ڪا موٽڻ جي واٽ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي جنھن کي الله تعالى ئي گمراهه ڪري ته ان کان پوءِ ان جو ڪير به مددگار نه آهي ۽ تون ظالمن کي ڏسندين، جڏهن هو عذاب کي ڏسندا ته چوندا ته ڇا هاڻي دنيا ڏي پوئتي موٽڻ لاءِ به ڪو رستو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرىٰهُم يُعرَضونَ عَلَيها خٰشِعينَ مِنَ الذُّلِّ يَنظُرونَ مِن طَرفٍ خَفِىٍّ وَقالَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا إِنَّ الظّٰلِمينَ فى عَذابٍ مُقيمٍ (آيت : 45) |
۽ ڏسندين تون اُنھن کي جو پيش ڪيا ويندا باھ تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان اک ڏٻي ڪيون پيا ڏسندا، ۽ مؤمن چوندا ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن پاڻ کي ۽ پنھنجن گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئو لاتو، خبردار بيشڪ ظالم ھميشه جي عذاب ۾ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تون هنن کي ڏسندين ته جڏهن عذاب ڏانهن آندا ويندا تڏهن (هنن جو تڪبر هليو ويندو) هو انهيءَ ذلت جي ڪري ڏاڍا نماڻا ٿي ويندا (اکيون هيٺ هونديون رڳو) مخفي طرح هيڏي هوڏي نهاريندا. ۽ جن ايمان آندو آهي سي (ان وقت) چوندا ته سچ پچ نقصان هيٺ آيل اُهي آهن جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي ماڻهن کي (هن دنيا ۾ بدعمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ سببان) نقصان هيٺ آندو آهي. ڏسو ظالم دائمي عذاب ۾ گرفتار رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن کي ڏسندا جڏهن انهن کي جهنم جي سامهون آندو ويندو اهي ذلت کان ڪنڌ جھڪائيندڙ هوندا ۽ پوشيده نگاهن سان ڏسندا، ۽ (ان وقت) مؤمن چوندا بيشڪ نقصان وارا اهي ماڻهو آهن جن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي پيروي ڪندڙن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار ! بيشڪ ظالم عذاب ۾ هميشه رهندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون کين ڏسندين ته دوزخ جي سامهون آندا ويا آهن تڏهن ذلت (خواريءَ) جي وگهي جهڪيل هوندا. ۽ ڪن اکين سان پيا ڏسندا هوندا ۽ مومن چوندا ته حقيقت ۾ اهي ئي وڏي نقصان ۾ آهن جن قيامت جي ڏينهن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهروارن کي (اهڙي خساري ۾ وڌو. ڏسو (ڏسو) ظلم ڪرڻ وارا (ائين ئي) دائمي عذاب ۾ رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندين انهن کي پيش ڪيا ويندا ان تي عاجزي ڪندڙ خواريءَ کان ڏسندا اک لڪ واريءَ کان ۽ چوندا ايمان وارا بلاشڪ نقصان وارا اهي آهن جن خساري ۾ وڌو سرن پنهنجن کي ۽ اهل پنهنجي کي قيامت جي ڏينهن خبردار بيشڪ ظالم هميشہ واري عذاب ۾ هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون کين ڏسندين ته باهه جي سامهون ڪيو ويندن (تڏهن) خواريءَ کان اکيون هيٺ ڪندڙ هوندا، ٽيڏي اک ڪري پيا ڏسندا. ۽ ايمان وارا چوندا ته بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان لاتو. خبردار! بيشڪ ظالم رهندڙ عذاب ۾ هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون انهن کي ڏسندين ته اُهي باهه تي ذلت ۽ خوف سان ڪنڌ جهڪايل پيش ڪيا ويندا، ٽيڏي اک سان پيا نهاريندا. ۽ ايمان وارا چوندا ته: ”بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پنهنجي جانين ۽ پنهنجي گهروارن کي قيامت واري ڏينهن جي نقصانن ۾ وڌو“. خبردار! بيشڪ ظلم ڪرڻ وارا هميشه واري عذاب ۾ رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويکِيندين تِنهن وار، جڏهن اُن تي آڻبا، هاڻو هِيڻائـِي کان، ڪن زاريون زارو زار، آڏئَ اَ ک ڪُنڊ مان، پَسن اُنهئ پار، ۽ جي وِسهيا، تَن وَراڻيو، ته کُٽا سي خوار، جَن پالهو ڪيو پاڻ کي، ۽ گھاٽي ۾ گَھر ٻار، مَهندان مَحشر ماڳ ۾، هرگز ٿي هوشيار، ته هُوندا هاڃيڪار، عُمر ڀَر عَذاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو پيش ڪبا، تڏهن تون انهن کي ڏسندين ته خواريءَ کان عاجزي ڪندڙ ٿي، اک ترڇي ڪري پيا ڏسندا- ۽ مؤمن چوندا ته ”بيشڪ نقصان وارا اهي آهن، جن پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان پهچايو“- خبردار! بيشڪ ظالم هميشه واري عذاب ۾ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي نبي) تون ڏسندين ته جڏهن جهنم جي سامهون آندا ويندا ته ذلت سبب پيا جهڪندا ويندا ۽ ان کي ٽيڏي اک ڪري پيا ڏسندا. ان وقت اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو، چوندا ته اصلي خساري ۾ پيل ته اهي آهن، جن اڄ قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجن واسطيدارن کي به خساري ۾ وڌو آهي. خبردار! ظالم ماڻهو دائمي عذاب ۾ پوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون ڏسندين ته، اهي جهنم جي سامهون جڏهن آندا ويندا ته جهڪي رهيا هوندا ذلت جي ڪري، ان کي ڏسندا پيا ٽيڏين اکين سان، ۽ (ان وقت) چوندا اهي ماڻهو جن ايمان آندو هو، بيشڪ خساري وارا اهي ئي ماڻهو آهن جن خساري ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي واسطيدارن کي اڄ ڏينهن قيامت جي وڌو آهي. خبردار! بيشڪ ظالم هوندا عذاب ۾ هميشه جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون انهن کي ان وقت ڏسندين جڏهن هو باهه جي سامھون آندا ويندا ته سندن خواريءَ کان ڪنڌ هيٺ جهڪيل هوندا ۽ ٽيڏي اک سان (هيڏي هوڏي) ڏسندا رهندا ۽ ايمان وارا انهن کي ڏسي چوندا ته بيشڪ (اڄ قيامت جي ڏينهن) اصل نقصان وارا اُهي ٿيا جن پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي گهر ڀاتين کي نقصان ۾ وڌو. بيشڪ ظالم ماڻهو هميشه رهڻ واري عذاب ۾ هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لَهُم مِن أَولِياءَ يَنصُرونَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن سَبيلٍ (آيت : 46) |
۽ الله کانسواءِ اُنھن جا ڪي ڀر جھلا نه ھوندا جي کين مدد ڏين، ۽ جنھن کي الله گُمراھ ڪري تنھن لاءِ ڪا واٽ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن (ظالمن) جي لاءِ الله کان سواءِ ڪي به اولياءَ (يا ڪارساز) ڪونه هوندا جي کين کڻي ڪا مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ (ڪاميابيءَ يا عذاب کان ڇٽڻ جو) ڪوبه چارو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن لاءِ ڪي به مددگار نه هوندا جيڪي الله کانسواءِ انهن جي مدد ڪن، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪا به واٽ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا کان سواءِ ته انهن جا ڪي سرپرست ئي هوندا جو سندن مدد لاءِ اچن ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي ته تنهن جي لاءِ (هدايت جي) ڪا واٽ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هوندا انهن جي لاءِ ڪي ڀرجھلا جيڪي مدد ڪندا انهن جي الله کانسواءِ ۽ جنهن کي گمراهه ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪا واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کا نسواءِ انهن جا ڪي به مددگار نه هوندا جي انهن جي مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن لاءِ ڪو رستو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (مشرڪن) لاءِ ڪير به مددگار نه هوندا جيڪي الله جي مقابلي ۾ سندن مدد ڪن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته پوءِ ان لاءِ ڪو رستو ڪونهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَجھا، اولا، اَولياءَ، نه هُئا ڪي تَن هارِ، جي سائـِينءَ سوا، تَن جِي، ڪَن وِچان ٻئي واهار، جنهن کي رولي روه ۾، مالڪ رَبُّ، مختيار، تَنِين لئي تڪرار، پوءِ ناھِ گَھٽِي گھيڙ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن لاءِ ڪو به مددگار نه هوندو، جو کين الله کان سواءِ مدد ڏئي ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري، ته ان لاءِ ڪا به واٽ ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن ڪي به مددگار نه هوندا، جو کڻي الله جي مقابلي ۾ سندن ڪا مدد ڪن، جنهن کي الله گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي، تنهن لاءِ ته ڪو چارو ئي ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه هوندا انهن جا ڪي به ڀرجهلا ۽ سرپرست، جيڪي اچن مقابلي ۾ الله کانسواءِ، ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ الله اڇلي، پوءِ ان جي لاءِ ناهي ڪابه بچاءَ جي واٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ان ڏينهن) انهن جو الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪوبه مددگار نه هوندو، جيڪو انهن جي مدد ڪري سگهي ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري ته ان لاءِ (گمراهيءَ کان نڪرڻ جو) ڪوبه رستو نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
استَجيبوا لِرَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِىَ يَومٌ لا مَرَدَّ لَهُ مِنَ اللَّهِ ما لَكُم مِن مَلجَإٍ يَومَئِذٍ وَما لَكُم مِن نَكيرٍ (آيت : 47) |
پنھنجي پالڻھار جو حُڪم اُن ڏينھن (جي اچڻ) کان اڳ قبول ڪريو جنھن کي الله (جي پار) کان ٽَرڻو نه آھي، اُن ڏينھن نڪا اوھان کي واھ آھي ۽ نه ھوندو اوھان لاءِ ڪو انڪار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار جي حڪمن جي تعميل ڪيو انهيءَ کان اڳي جو اهو (عذاب جو) ڏينهن الله وٽان اچي وڃي، جو هرگز ٽري نه سگهندو. انهيءَ ڏينهن اوهان جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ ڪانه هوندي، نڪي توهان (پنهنجي گناهن جو) انڪار ڪري سگهندؤ (نڪي ڪي عذر پيش ڪري سگهندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان پنهنجي رب جو حڪم مڃو ان کان اڳ جو اهو ڏينهن (قيامت جو) اچي جو الله تعالى کانسواءِ ڪو ان کي موٽائي نٿو سگھي ان ڏينهن توهان کي ڪا به پناه ۽ روڪجڻ جي جاءِ نه هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي انسانو!) ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ ۾ جيڪو خدا جي طرف ايندو جو ڪنهن طرح (ٽارڻ سان) نه ٽرندو پنهنجي پروردگار جو چوڻ مڃيو (ڇو ته) ان ڏينهن نه اوهان کي ڪا پناھ جي جڳھ ملندي ۽ نه وري اوهين (گناهن جو) انڪار ئي ڪري سگهندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قبول ڪيو (حڪم) پنهنجي رب جو ان کان اڳي جو اچي اهو ڏينهن جو ناهي موٽڻ ان جي لاءِ الله جي طرفان ناهي اوهان جي لاءِ ڪا پناهه جي جاءِ ان ڏينهن ۽ ناهي اوهان جي لاءِ ڪو انڪار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي انسانو !) پنهنجي پاليندڙ جو حڪم ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ قبول ڪريو جنهن کي الله جي طرفان رد ٿيڻو نه آهي. ان ڏينهن اوهان لاءِ ڪا پناهه جي جاءِ نه هوندي ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان پنهنجي پالڻهار جو حڪم قبول ڪيو ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جيڪو الله جي پاران اڻ ٽر آهي. ان ڏينهن اوهان لاءِ ڪا پناهه جي جاءِ نه هوندي، ۽ نه ڪو اوهان جي حال کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي آگي لئي اَ ڳي ڪريو، قَبول ۽ مَنظور، ته اَچي ڏِينهن ڏاتار کان، جنهن موٽڻ ناهي مور، اُن ڏِينهن نه اڳهان جو ڇوٽڪو، نه واھ ڪا وَهلور! ۽ نه ذَرو زور ضرور، اوهان کي اِنڪار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين پنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم مڃيو_ انهي کان اڳ، جو اهڙو ڏينهن اچي، جو الله جي طرفان نه ٽرڻو آهي- انهي ڏينهن اوهان لاءِ نڪا پناهه جي جاءِ هوندي ۽ نه ڪو انڪار- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب جو حڪم مڃيو، هن کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي وڃي، جنهن جي ٽري وڃڻ جي ڪا صورت الله پاران آهي ئي ڪانه. انهيءَ ڏينهن توهان لاءِ نڪي ڪا پناهه وٺڻ جي جاءِ هوندي ۽ نه وري توهان جي حالت کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو ئي ڪو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مڃو ڳالهه پنهنجي رب جي ان کان اڳي جو اچي وڃي اهو ڏينهن جنهن لاءِ ٽرڻ جي ناهي ڪابه صورت الله طرفان، ڪابه توهان لاءِ پناهه جي جاءِ ان ڏينهن نه هوندي، ۽ نه توهان جي حال کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پنھنجي پالڻھار جي حڪم کي ان ڏينھن جي اچڻ کان اڳ ئي مڃي وٺو جنھن کي الله تعالى جي طرفان رد ناهي ٿيڻو. ان ڏينھن توهان جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ نه هوندي ۽ نه ئي وري توهان (پنهنجي عملن کان) انڪار ڪري سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن أَعرَضوا فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا إِن عَلَيكَ إِلَّا البَلٰغُ وَإِنّا إِذا أَذَقنَا الإِنسٰنَ مِنّا رَحمَةً فَرِحَ بِها وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَإِنَّ الإِنسٰنَ كَفورٌ (آيت : 48) |
پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين ته توکي مٿن نگھبان ڪري نه موڪليو اٿون، توتي پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي لازم نه آھي، ۽ بيشڪ اسين جڏھن ماڻھوءَ کي پاڻ وٽان ٻاجھ (جو مزو) چکائيندا آھيون (تڏھن) اُن سان خُوش ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪا اوکائي سندن ھٿن جي اڳ ڪئي سببان کين پھچندي آھي ته بيشڪ ماڻھو بي شڪر (ٿيندو) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (خبردار ڪرڻ کان) پوءِ به جيڪڏهن اهي ماڻهو پٺي ڏيئي هليا وڃن (۽ حق جي راهه تي نه اچن) ته پوءِ (ياد رک ته) اسان توکي (اي پيغمبر!) هنن جي مٿان نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي. تنهنجي ذمي آهي فقط حڪم پهچائڻ، ۽ جڏهن اسان انسان کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هو (انهن نعمتن کي پنهنجي چالاڪيءَ جو نتيجو سمجهي انهن نعمتن تي خوشيون ٿو ملهائي (۽ فخر ٿو ڪري) ۽ جيڪڏهن هنن تي ڪا مصيبت سندن ئي بدعملن جي ڪري اچي ڪڙڪي ٿي ته پوءِ (مايوس ٿي پون ٿا) ڏسو ته انسان بيشڪ ڏاڍو بي شڪر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ اسان توهان کي انهن تي محافظ ڪري نه موڪليو آهي، توهان تي تبليغ آهي (جيڪا توهان ڪئي) ۽ بيشڪ اسين جنهن وقت انسان کي اسان وٽان ڪا رحمت عطا ڪريون ٿا ته ان تي خوش ٿئي ٿو، ۽ جيڪڏهن انهن کي سندن بداعمالي سببان ڪا تڪليف پهچي ٿي پوءِ بيشڪ انسان (ڪافر) وڏو ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرين ته (اي رسول) اسان تو کي مٿن نگهبان بنائي ته نه موڪليو آهي. تو تي رڳو (حق سچ جو) پيغام پهچائڻو آهي.جڏهن اسين انسانن کي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ٿا ته اهو تنهن سان خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس سندس هٿين ڪيل بدڪارين سبب ڪا تڪليف پهچي ٿي (سڀ احسان وساري ڇڏي ٿو) بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندا پوءِ نه موڪليوسون توکي انهن تي نگهباني ڪندڙ ناهي توتي مگر پيغام پهچائڻ ۽ بيشڪ اسان جڏهن چکائي انسان کي پاڻ وٽان رحمت ته خوش ٿيو ان سان ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي انهن کي تڪليف ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو هٿن انهن جي پوءِ بيشڪ انسان بي شڪر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه اوهين انڪار ڪري سگهندو. پوءِ (اي پيغمبر !) جيڪڏهن اهي (سمجهائڻ کان پوءِ به) منهن موڙين ته اسان توکي مٿن نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. توتي رڳو پيغام پهچائڻ آهي. ۽ بيشڪ اسين جڏهن انسان کي پنهنجي طرفان مهرباني (جي لذت) چکايون ٿا ته ان سان خوش ٿئي ٿو ۽جيڪڏهن کين ڪا برائي پهچي ٿي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي، ته پوءِ انسان وڏو ناشڪر ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ به جيڪڏهن اهي منهن موڙن ته اسان تو کي انهن تي نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. تو تي صرف پيغام پهچائڻ آهي. ۽ بيشڪ اسان جڏهن انسان کي پاڻ وٽان رحمت چکايون ٿا ته اُهو ان سان خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن کيس ڪا برائي پهچي ٿي انهن (برن عملن) سبب جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي ته پوءِ بيشڪ انسان وڏو ناشڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي مُنهن موڙيؤَن، ته توکي نَبِي نور! تَن جو تَلهِيدار ڪري، نه موڪليوسون مُور، پَڌرو آهي پُهچائـِڻو، تولئي هِي مَذڪُور، ۽ جڏهن مَزو چکايوسون مِهر جو، ماڻهؤ کي مَغرور، ته ڏِسِي ڏاڍو خُوش ٿيو، وَهسيو مَٿسِ وَهلور، ۽ جَڏهن ڪارڻ ڪَئي اُن جي، پُهتسِ ضَرر ضُرور، ته بَندو بي شُعور، بي قدر ڪُوڙو آھِ ڪو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن اهي منهن موڙين، ته توکي انهن تي نگهبان ڪري ڪونه موڪليو اٿئون، توتي حڪم پهچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي_ ۽ جڏهن انسان کي اسين پنهنجي طرفان ڪا رحمت ڏيندا آهيون ته هو ان ڪري خوش ٿيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪا تڪليف سندن هٿن جي ڪمائي ڪري مٿن ايندي آهي، تڏهن سچ پچ انسان بي شڪر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن موڙين ٿا ته اي نبي! اسان توکي مٿن ڪو نگهبان ڪري ته نه موڪليو آهي، توتي رڳو ڳالهه پهچائڻ جي ذميواري آهي. انسان جي حالت ته اها آهي ته جڏهن اسان کيس پنهنجيءَ رحمت جو مزو وٺائيندا آهيون ته ان تي ڦونڊ ۾ ڀرجي ويندو آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجن هٿن سان آندل ڪا مصيبت ٿي ڪڙڪي پويس ته ڏاڍو ناشڪرو ٿئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪي موڙين ٿا منهن ته اي نبي! اسان انهن تي نگران ڪري توکي نه موڪليو آهي، تون ته فقط انهن کي ڳالهه پهچائڻ جو ذميوار آهين، ۽ بيشڪ اسان جڏهن چکائيندا آهيون انسان کي پنهنجي رحمت جو مزو ته خوشيءَ ۾ ڦونڊجي ويندو آهي ۽ جي مصيبت اچيس ٿي سندس ڪيل برائيءَ جي سبب سندس هٿن سان ته پوءِ اهو ئي انسان ناشڪرو ٿي ويندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن هي (مڪي وارا) ماڻهو منھن موڙين ٿا ته اسان توکي انهن جي مٿان نگھبان ڪري ته نه موڪليو آهي، توهان جي مٿان رڳو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي. بيشڪ اسان جڏهن انسان کي پنھنجي طرفان رحمت جو مزو چکائيندا آهيون ته هو ان تي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي پر جيڪڏهن مٿس پنھنجي بُرن عملن جي ڪري ڪا تڪليف ايندي آهي ته بيشڪ انسان وڏو ناشڪرو ٿي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ يَخلُقُ ما يَشاءُ يَهَبُ لِمَن يَشاءُ إِنٰثًا وَيَهَبُ لِمَن يَشاءُ الذُّكورَ (آيت : 49) |
آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي خاص الله جي آھي، جيڪي گھري (سو) خلقيندو آھي، جنھن کي وڻيس (تنھن کي) ڌيئرون بخشيندو آھي ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پُٽ بخشيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي، جيڪي چاهي ٿو سو خلقي ٿو. جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن کي ڌيئر ڏيئي ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن کي پٽ ڏيئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى لاءِ آسمانن ۽ زمينن جي بادشاهي آهي جيڪو چاهي سو پيدا ڪري ٿو، جنهنکي چاهي نياڻيون عطا ڪري ۽ جنهنکي چاهي (ان کي) پٽ عطا ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀني آسمانن ۽ زمين جي حڪومت خاص خدا جي لاءِ ئي آهي جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (۽) جنهن لاءِ گهري ٿو (رڳو) ڌيئرون ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو (فقط) پٽ (ئي پٽ) ڏي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جي لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪري ٿو جيڪي گھري بخشي ٿو ڏئي جنهن لاءِ گھري نياڻيون ۽ بخشي ٿو ڏئي جنهن لاءِ گھري پٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. جنهن کي وڻيس تنهن کي ڌيئرون بخشي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي پٽ بخشي ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي. جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. جنهن کي چاهي ٿو نياڻيون عطا ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو پُٽ عطا ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُڀن ۽ ڀُون جو، سڀ مُلڪ مالِڪ هارِ، جوڙن جوڙي، جِيئن گُھري، جوڙي جوڙڻهار، وَڻيسِ تِنهن کي وَنيون ڏي، وڻي مَرد موچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي آهي، جيڪي به گهري سو پيدا ٿو ڪري، جنهن کي چاهي ان کي ڌيئرون بخشي ۽ جنهن لاءِ گهري، تنهن کي پٽ عطا ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله، آسمانن ۽ زمين جي بادشاهيءَ جو مالڪ آهي، جيڪي چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو، جنهن کي وڻيس نياڻيون ٿو ڏئي ۽ جنهن کي گهري پٽ ٿو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جي بادشاهي آهي آسمانن ۽ زمين جي، خلقيندو آهي جيڪي چاهي، ڏئي ٿو جنهن کي گُهري ڌيئرون ۽ جنهن کي گُهري ڏيندو آهي پٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي آهي. هو جيڪو ڪجهه چاهيندو آهي، پيدا ڪندو آهي. هو جنھن کي چاهي ڌيئرون ڏي ۽ جنھن کي چاهي پُٽَ ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يُزَوِّجُهُم ذُكرانًا وَإِنٰثًا وَيَجعَلُ مَن يَشاءُ عَقيمًا إِنَّهُ عَليمٌ قَديرٌ (آيت : 50) |
يا کين پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏيندو آھي، ۽ جنھن کي وڻيس (تنھن کي) سَنڍ ڪندو آھي، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ته هنن کي پٽ ۽ ڌيئر ٻئي ٿو ڏئي. ۽ جنهن (عورت) کي چاهي ٿو تنهن کي سنڍ ڪري ٿو ڇڏي (جو پوءِ سندس پٽ يا ٻار نٿو ٿئي) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ هر ڪا قدرت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا (ڪن کي) پٽ ۽ نياڻيون عطا ڪري. ۽ جنهنکي چاهي ان کي بي اولاد بنائي. بيشڪ اهو گھڻو ڄاڻندڙ صاحبِ قدرت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا کين پٽ ۽ ڌيئرون (اولاد جا) ٻئي قسم عنايت فرمائي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو سنڍ ڪري ڇڏي ٿو. بيشڪ اهو وڏو ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا جوڙا جوڙا ڪري ٿو ڏئي پٽ ۽ ڌيئرون ۽ ڪري ٿو جنهن کي گھري سنڍ بيشڪ اهو ڄاڻندڙ، قادر آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا پٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي سنڍ ڪري ٿو. بيشڪ اهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا پُٽ ۽ ڌيئرون گڏ ڏئي ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو سَنڍ بنائي ڇڏي ٿو. بلاشڪ اُهو ڄاڻندڙ وڏي طاقت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوڙي جوڙا پُٽ، ڌِيئون، وَڻيسِ سَنڍ ڪري ستار، سو صَحِي سَمجھدار، قادِر هر ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا کين پٽ ۽ ڌيئرون ٻئي ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي بي اولاد ڪري ڇڏي، بيشڪ اهو ڄاڻيندڙ ۽ قدرت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي چاهي پٽ ۽ نياڻيون گڏي ٿو ڏئي ۽ جنهن کي گهري ســَـنڍ ٿو ڪري ڇڏي. بيشڪ هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا جنهن کي وڻيس گڏ ڏيندو آهي پٽ ۽ ڌيئرون ۽ جنهن کي وڻيس ته سَنڍ ڪري ڇڏي (بي اولادي)، بيشڪ اهو ئي ڄاڻي ٿو قادر آهي هر شيءِ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا انهن کي پُٽَ ۽ ڌيئرون ٻئي عطا ڪري (يا) جنھن کي چاهي سَنڍ (يعني بي اولاد) ڪري ڇڏي. بيشڪ هو وڏي علم ۽ وڏي قدرت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُكَلِّمَهُ اللَّهُ إِلّا وَحيًا أَو مِن وَرائِ حِجابٍ أَو يُرسِلَ رَسولًا فَيوحِىَ بِإِذنِهِ ما يَشاءُ إِنَّهُ عَلِىٌّ حَكيمٌ (آيت : 51) |
۽ ڪنھن ماڻھوءِ لاءِ ٿيڻو ئي نه آھي ته الله ساڻس ڳالھائي سواءِ ھن جي ته الھام سان يا پردي جي پويان يا ڪنھن قاصد موڪلڻ سان (ڳالھائي) پوءِ جيڪي الله گھريو سو سندس حُڪم سان پھچائي ڏي، بيشڪ اُھو (سڀ کان) مٿاھون حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪوبه ماڻهو انهيءَ جي لائق ناهي ته الله تعاليٰ ساڻس ڳالهائي سواءِ وحي جي رستي يا پردي جي پٺيان يا ڪو رسول موڪلي، ۽ جيڪي چاهي سو پنهنجي حڪم سان (انهيءَ رسول ڏي) وحي طور چوائي موڪلي. يقيناً هو سڀني کان مٿانهون ۽ سڀني کان وڏو حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي مناسب ناهي جو الله ان سان ڪلام ڪري مگر بذريئه وحي يا پردي جي پويان يا ڪنهن فرشتي کي موڪلي پوءِ اهو ان جي اجازت سان جيڪو چاهي وحي ڪري، بيشڪ اهو بلند حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪنهن ماڻهو لاءِ هيءَ ڳالھ ٿيڻي نه آهي ته خدا ان سان ڳالهائي سواءِ وحي جي (جيئن دائود) يا پردي جي پٺيان (جيئن موسى) يا ڪو فرشتو موڪلي (جيئن آنحضرت) مطلب ته اهو پنهنجي اختيار سان جيئن گهري اهو وڏي شان (شوڪت ۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪنهن انسان جي لاءِ هي ته ڳالهائي ان سان الله مگر الهام سان يا پردي جي پويان يا موڪلي ڪو قاصد پوءِ وحي موڪلي ٿو پنهنجي اذن سان جيڪو گھري بلاشڪ اهو مٿاهون حڪمت وراو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ هي ڳالهه ٿيڻي نه آهي ته الله ان سان ڳالهائي سواءِ هن جي ته اشاري سان يا پردي جي پٺيان (ڳالهائي) يا ڪنهن قاصد کي موڪلي پوءِ اهو الله جي حڪم سان جيڪي الله گهري سو ان ڏي وحي ڪري، بيشڪ اهو (سڀ کان) مٿاهون (۽) حڪمت وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن انسان لاءِ اها ڳالهه ٿيڻي ناهي جو الله ان سان (سنئون سڌو)ڳالهائي سواءِ وحي جي طريقي جي يا پردي جي پٺيان يا ڪنهن قاصد (فرشتي) کي موڪلي پوءِ اُهو الله جي حڪم سان وحي ڪري جيڪا اُهو چاهي. بيشڪ اُهو مٿاهون حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُور نه ماڻهوءَ هارِ، ته اَلله ڳالهائي اُن سان، مگر وَسيلي وَحئَ جي، يا پَردي کان ٻاهار، يا موڪل سَندسِ سان موڪلي، ڪو مرد مُرسل مڻيادار، ڪري اِلهام اُن ڏي، گُھري جِيئَن غفار، سو مٿاهون مُختيار، حِڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪنهن ماڻهو لاءِ ائين ٿيڻو ناهي، جو الله ساڻس ڳالهائي_ سواءِ هن جي، جو وحي سان يا پردي جي پٺيان يا ڪو رسول موڪلي_ پوءِ جيڪي الله گهري، سو ان جي اجازت سان پهچائي ڏئي_ بيشڪ هو سڀ کان مٿاهون ۽ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به بشر جي اها حيثيت نه آهي ته الله ساڻس روبرو ڳالهائي، ها باقي وحيءَ جي وسيلي يا پردي جي پويان ڳالهه ٿيندي آهي يا وري هو ڪو پيغام آڻيندڙ (فرشتو) موڪليندو آهي، جيڪو سندس حڪم سان جيڪي هو چاهيندو آهي، وحي ڪندو آهي. بيشڪ هو مٿانهون ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي هي مقام ڪنهن بشر جو ته ڳالهائي اهو الله سان، ان جي ڳالهه وحي (اشاري) طور هوندي آهي يا پردي جي پويان کان يا موڪليندو آهي قاصد (فرشتو) اهو وحي ڪندو آهي ان جي حڪم سان جيڪي گُهري بيشڪ اهو مٿاهون حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن به انسان لاءِ اهو ممڪن ئي نه آهي ته الله تعالى ان سان ظاهر ٿي ڳالهائي پر (ان جي ڳالهه ٻولهه) يا ته وحي جي ذريعي ٿيندي آهي يا پردي جي پويان ٿيندي آهي يا هو ڪنھن فرشتي کي موڪليندو آهي ۽ اهو فرشتو سندس حڪم سان ئي جنھن کي چاهي ان ڏي وحي ڪندو آهي. بيشڪ هو وڏو مٿانھون ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَوحَينا إِلَيكَ روحًا مِن أَمرِنا ما كُنتَ تَدرى مَا الكِتٰبُ وَلَا الإيمٰنُ وَلٰكِن جَعَلنٰهُ نورًا نَهدى بِهِ مَن نَشاءُ مِن عِبادِنا وَإِنَّكَ لَتَهدى إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 52) |
۽ اھڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪلام سان توڏانھن قرآن وحي ڪيو، (اڳ) تون نه ڄاڻندو ھئين ته ڪتاب ڇا آھي ۽ نڪي (ڄاڻندو ھئين ته) ايمان (ڇا آھي) پر قُرآن کي نُور ڪيو اٿون پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرون (تنھن کي) اُن سان سڌو رستو ڏيکاريندا آھيون، ۽ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانھن ھدايت ڪندو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهڙيءَ طرح (اي پيغمبر!) اسان توڏي پنهنجا حڪم وحي رستي موڪيا آهن. توکي ته اڳي خبر به ڪانه هئي ته ڪتاب ڇا آهي ۽ ايمان ڇا آهي؟ پر اسان ان (ڪتاب ۽ ايمان) کي نور ۽ روشني ڪيو آهي، جنهن سان پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳايون ٿا، ۽ يقيناً تون (ماڻهن کي) سڌي واٽ ڏيکاري رهيو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙي طرح اسان توهان ڏانهن پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي. (وحي نبوت جي اچڻ کان اڳ ۾) توهان پنهنجي تخميني سان نه ڄاڻندا هئا ته ڪتاب ڇا آهي؟ ۽ ايمان ڇا آهي، پر اسان ان کي نور بنايو جنهن سان اسين پنهنجي ٻانهن مان جنهنکي چاهيون هدايت ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ رسولِ عربي ئي صراطِ مستقيم جي هدايت ڏي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) اهڙي طرح اسان تو ڏي روح (قرآن) تنهنجي طرف وحي ذريعي موڪليو. تون نه ته ڪتاب کي ئي ڄاڻندو هئين ته ڇا آهي؟ ۽ نه ايمان کي پر (اسان) هن قرآن کي هڪ نور بنايو آهي جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون ٿا تنهن کي رستو ڏيکاريون ٿا. ۽ بيشڪ (اي رسول! تون ماڻهن کي) سڌي راھ ڏيکارين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح وحي موڪليو اسان توڏانهن روح پنهنجي امر مان نه ٿي (عقل سان) سمجھيو تو ته ڇا آهي ڪتاب ۽ نه شرعي احڪام جو تفصيل ۽ پر ڪيو اسان ان کي نور هدايت ڪيون ٿا اسين ان سان جنهن کي گھرون پنهنجن ٻانهن مان ۽ بلاشڪ تون البته هدايت ڪرين ٿو واٽ سڌيءَ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) اهڙيءَ طرح اسان توڏي روح (قرآن) پنهنجي ڪلام مان موڪليو. تون نه ڄاڻندو هئين ته ڪتاب ڇا آهي ۽ نڪي (ڄاڻندو هئين ته) ايمان (ڇا آهي) پر اسان قرآن کي هڪ روشني ڪيو آهي جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون ٿا تنهن کي رستو ڏيکاريون ٿا. ۽ بيشڪ (اي پيغمبر !) تون (ماڻهن کي) سڌو رستو ڏيکارين ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح اسان تو ڏانهن پنهنجي حڪم سان روح کي لاٿو آهي. تون (از خود) نه ڄاڻندو هئين ته ڪتاب ڇا آهي؟ نه ڪي ايمان ڇا آهي؟ ۽ پر اسان ان (قرآن) کي نور بنايو آهي ان جي ذريعي اسان هدايت ڏيون ٿا پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون. ۽ بيشڪ تون سڌي واٽ ڏانهن رهنمائي ڪرين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رُوح پَنهنجي اَمر مان، موڪليوسون نِئـِي مُور، سَمجھندو نه هُئـِين ته، سِٽ ڇا، ڇا مَڃڻ جو مَذڪور، پر اُن کي تِنهن اِنسان لئي، ڪيوسونِ نِسورو نُور، پَنهنجي پُوڄارِين مان، جنهن کي ڪريون مَنظور، سَهايونسِ واٽ سَنئين، اُنهي ساڻ ضرُور، ۽ هرگز تون حُضور!، ٿو سُهائـِين سَنئينءَ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙيءَ طرح اسان تو ڏي پنهنجي امر سان قرآن وحي ڪيو، تون نه ڄاڻيندو هئين ته ڪتاب خواهه ايمان ڇا آهي، پر قرآن کي اسان نور بنايو آهي، جنهن جي وسيلي پنهنجي ٻانهن مان جنهن کي چاهيون تنهن کي رستي تي لايون_ بيشڪ تون سڌي رستي ڏانهن رهبري ڪرين ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙيءَ ريت (اي نبي) اسان پنهنجي حڪم وارو هڪڙو روح توڏانهن وحي ڪيو آهي، توکي ڪا خبر ئي ڪانه هئي ته ڪتاب ڇا ٿيندو آهي، ايمان ڇا هوندو آهي، پر انهيءَ روح کي اسان هڪ روشني بڻايو، جنهن سان پنهنجن ٻانهن مان جنهن کي گهرون واٽ ٿا ڏيکاريون. بيشڪ تون سڌي واٽ ڏيکارين ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح (اي نبي!) اسان وحي ڪيو آهي تو ڏانهن هڪ روح کي پنهنجي حڪم سان، توکي ڪا خبر ئي نه هئي ته ڇا ٿيندو آهي ڪتاب ۽ ڇا ٿيندو آهي ايمان پر ليڪن بنايو اسان ان نور کي روشني، جنهن سان واٽ ڏيکاريندا آهيون جنهن کي گهرون پنهنجن بندن مان، بيشڪ تون رهنمائي ڪري رهيو آهين واٽ سڌي ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهڙي طرح اسان توڏي پنھنجي حڪم سان روح (يعني قرآن) وحي ڪيو آهي. توکي اها خبر نه هئي ته ڪتاب ۽ ايمان ڇا هوندو آهي؟ پر هن (قرآن) کي اسان روشني بنايو جنھن جي ذريعي اسان پنھنجي ٻانهن مان جنھن کي گهرون سڌو رستو ڏيکاريندا آهيون. بيشڪ تون سڌو رستو ئي ڏيکارين ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
صِرٰطِ اللَّهِ الَّذى لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ أَلا إِلَى اللَّهِ تَصيرُ الأُمورُ (آيت : 53) |
(يعني) اُنھي الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي، خبردار الله ڏانھن (ئي سڀ) ڪم وري ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ الله جي واٽ (ڏيکاري رهيو آهين) جو مالڪ آهي (هر شيءِ ۽ هر ساهه دار جو) جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ياد رکو ته سڀ ڳالهيون ۽ معاملا آخر الله ڏانهن رجوع ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) الله تعالى جي رستي جي جنهن لاءِ اهو سڀڪجھه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي. خبردار ! الله تعالى ڏانهن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) ان الله جي راھ جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. ياد رکو! سڀ ڪم الله ڏي ئي موٽن ٿا (۽ اهو ئي فيصلو ڪندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جي واٽ جنهن جي ملڪيت آهي جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي خبردار الله ڏانهن ٿا موٽن امر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان الله جو رستو جو جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سندس آهي. خبردار! الله ڏي ئي (سڀ) ڪم موٽن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (سڌو) رستو ان الله جو آهي جو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي سو سندس مِلِڪَ آهي. خبردار! سڀ ڪم الله ڏانهن ئي موٽن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واٽ اُنهِئَ واحد جِي، جنهن جا سَڀ جھان، جيڪي آهن اُڀن ۾، پڻ ڀُون ۾ بي گمان، سَڀ فيصلا فرمان، موٽن اُن ڏي مورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني انهي الله جو رستو، جو جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو ان جو آهي، خبردار سڀئي ڪم الله ڏانهن موٽايا ويندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ الله واري واٽ، جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آهي. خبردار! سمورا معاملا الله ڏانهن ئي موٽڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) واٽ ان خدا جي ڏانهن، جيڪو مالڪ آهي آسمانن ۽ جيڪي آهي زمين ۾ هر شيءِ جو، خبردار! الله ڏانهن ئي سڀ معاملا موٽڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن الله تعالى جي رستي ڏانهن جيڪوآسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ جو مالڪ آهي. خبردار! سڀ جا سڀ ڪم الله تعالى ڏانھن ئي موٽندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |