توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حا- ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حٰـمۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حا- ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حٰم(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حاميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حَقِيقت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حٰ- مٓ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﷅ (حا ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حٰم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حا ــ ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزيلٌ مِنَ الرَّحمٰنِ الرَّحيمِ (آيت : 2) |
(ھن ڪتاب جو الله) ٻاجھاري مھربان وٽان نازل ٿيڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي رحمان ۽ رحيم خدا وٽان نازل ٿيل (وحي) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هي قرآن ڪريم) نهايت مهربان ٻاجھاري طرفان نازل ڪيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي ڪتاب) وڏي مهربان نهايت رحم واري جي طرفان نازل ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نازل ڪرڻ آهي گهڻي مهربان، نهايت ٻاجهاري وٽان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هي ڪتاب) وڏي مهربان نهايت رحم واري جي طرفان نازل ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هي) وڏي مهربان ٻاجهاري (الله) جي طرفان نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اُتارا اَطْهار، سَخِي سَٻاجھي ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ڪتاب جو) نازل ٿيڻ ٻاجهاري مهربان وٽان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي (قرآن) رحمٰن ۽ رحيم وٽان نازل ٿيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نازل ڪيل آهي (هي ڪتاب) رحمٰن رحيم خدا جي طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي ڪتاب) بيحد مھربان ۽ وڏي رحم ڪرڻ واري جي طرفان نازل ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كِتٰبٌ فُصِّلَت ءايٰتُهُ قُرءانًا عَرَبِيًّا لِقَومٍ يَعلَمونَ (آيت : 3) |
(ھيءُ اھڙو) ڪتاب جو سندس آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آھن قُرآن عربيءَ ۾ سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوهڪ اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون ۽ حڪم تفصيل سان (چٽيءَ طرح) سماجهايل آهن. اهو عربي قرآن آهي ۽ انهن ماڻهن لاءِ آهي جي علم ۽ سمجهه وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ھيءُ اھڙو) ڪتاب آھي، جو سندس آيتون کولي بيان ڪيون ويون آھن، قُرآن عربيءَ ۾، سمجھ وارن ماڻھن لاءِ آھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (اهو) ڪتاب عربي (زبان ۾) قرآن آهي جنهن جون آيتون سمجھ وارن لاءِ کولي بيان ڪيون ويون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪتاب جو تفصيل سان بيان ڪيون ويون ان جون آيتون قرآن عربي ان قوم جي لاءِ جيڪي ڄاڻن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هي) اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن جو سمجهه واريءَ قوم لاءِ عربي زبان ۾ قرآن آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هڪ ڪتاب آهي جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن (هي) قرآن آهي جو عربي ٻولي ۾ آهي ان قوم لاءِ جي ڄاڻ رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِتاب ڪَرِيم، جنهن جا فرمودا، فرمان، کوليا خوب طرح وِيا، عَرِبئَ ۾ آسان، تِنهن قوم لئي قرآن، جي صَحِي سوچِين ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙو ڪتاب جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيل آهن، قرآن عربيءَ ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جون آيتون کولي کولي بيان ڪيون ويون آهن. قرآن آهي عربي زبان وارو، انهن ماڻهن لاءِ جن وٽ علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هڪ اهڙو) ڪتاب جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيل آهن قرآن آهي عربي زبان ۾ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم رکن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (هڪ) اهڙو ڪتاب آهي جنھن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن. عربي زبان ۾ هي قرآن علم رکڻ وارن لاءِ آهي (ته جيئن هو ان مان فائدو حاصل ڪن) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَشيرًا وَنَذيرًا فَأَعرَضَ أَكثَرُهُم فَهُم لا يَسمَعونَ (آيت : 4) |
جو خوشخبري ڏيندڙ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن (ماڻھن) مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو قرآن صالح عمل ڪندڙ مؤمنن کي ڪاميابيءَ جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (انڪار ۽ بدعمليءَ جي برن نتيجن کان) خبردار ڪندڙ آهي. تنهن هوندي به هنن مان گهڻا ماڻهو منهن ڦيرائي هليا ٿا وڃن سو هو ٻڌن ئي ڪين ٿا (ته قرآن جا حڪم ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا نه چڱا ۽ مفيد آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آھي، پوءِ گھڻن ماڻھن مُنھن موڙيو تنھنڪري اُھي (اُن کي) ٻڌندائي نہ آھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيڪن کي) خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ (بدڪارن کي) ڊيڄاريندڙ آهي تڏهن به انهن مان گهڻن منهن موڙيو ۽ ٻڌن ئي نه ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ پوءِ منهن موڙيو گهڻن انهن مان پوءِ اهي نٿا ٻڌن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽) خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي پوءِ (به) انهن مان گهڻن ماڻهن منهن موڙيو تنهن ڪري اهي ٻڌن ئي نه ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي، پوءِ انهن مان گهڻن ماڻهن منهن موڙيو سو اُهي (ان کي) ٻڌن ئي نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کِيرون ڏِيندڙ خير جون، پڻ ڄيري ڪندڙ ڄاڻ، پوءِ گھڻا مُنهن موڙي ويا، اَنهن مان اَڄاڻ، پوءِ سُڻنِ نه ڪَنن ساڻ، اُهي واڪا ۽ واڌائيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي_ پوءِ منجهانئن گهڻن منهن موڙيو، ان ڪري اهي ان کي نه ٻڌندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ. پر انهن ماڻهن مان گهڻن منهن موڙي ڇڏيو ۽ ٻڌن ئي نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (آهي) پر منهن موڙيو آهي انهن مان گهڻن ماڻهن، پوءِ اهي نٿا ٻڌن ڪجهه به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي ڪتاب) خوشخبري ڏيندڙ به آهي ته ڊيڄاريندڙ به ، پر گهڻن ماڻهن ان کان منھن موڙي ورتو ۽ هن کي ٻڌندا ئي نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا قُلوبُنا فى أَكِنَّةٍ مِمّا تَدعونا إِلَيهِ وَفى ءاذانِنا وَقرٌ وَمِن بَينِنا وَبَينِكَ حِجابٌ فَاعمَل إِنَّنا عٰمِلونَ (آيت : 5) |
۽ چوندا آھن ته جنھن ڏانھن اسان کي سڏيندو آھين تنھن کان اسان جون دليون پردي ۾ آھن ۽ اسان جي ڪَنن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اسان جي ۽ اوھان جي وچ ۾ اوٽ آھي تنھنڪري (تون پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪر بيشڪ اسين (پنھنجيءَ طرح) ڪم ڪرڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (ڪافر حضرت جن کي) چون ٿا ته، جنهن ڳالهه ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان اسان جون دليون پردن ۾ (لڪل ۽ محفوظ) پيل آهن، ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳوراڻ ۽ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو پيل آهي، سو تون (اسان کي قرآن مجيد نه ٻڌاءِ باقي جيڪي وڻيئي سو) ڪر ۽ ڪندو رهه. (اسان کي جيڪي وڻندو سو) اسان به ڪندا رهنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چون ٿا توهان جنهن ڏانهن اسان کي سڏيو ٿا ان لاءِ اسان جي دلين تي پردا آهن ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي، ۽ اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ حجاب آهن پوءِ توهان عمل ڪريو بيشڪ اسين عامل آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوڻ لڳا ته جنهن (ڳالھ) ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان (ته) اسان جون دليون پردي ۾ آهن (جو دل کي نه ٿي لڳي) ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي (جو ڪجھ به ٻڌون نه ٿا) ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪ آڙ (پيل) آهي ته تون پنهنجو ڪم ڪر اسين (پنهنجو) ڪم ٿا ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته اسان جون دليون پردن ۾ آهن ان کان جو سڏين ٿو اسان کي ان ڏانهن ۽ اسان جي ڪنن ۾ گهٻرائي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي پوءِ تون (پنهنجو) عمل ڪر بيشڪ اسين به عمل ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) اهي چون ٿا ته جنهن (ڳالهه) ڏي تون اسان کي سڏين ٿو تنهن کان اسان جون دليون پردي ۾ آهن. ۽ اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙا ئي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي. پوءِ تون (پنهنجي نموني) عمل ڪر! اسين (پنهنجي نموني) عمل ڪرڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”اسان جون دليون پردي ۾ آهن ان ڳالهه کان جنهن ڏانهن تون اسان کي سڏين ٿو ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي پوءِ تون (پنهنجو) ڪم ڪر ۽ اسان (پنهنجو) ڪم ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون، ته چِت اَسان جا، آهِن پَردن ۾ پاڻ، جنهن ڏي، سَڏيِينِ تون، ۽ اُن کان ٻِي، ڪَنن ۾ ٻوڙاڻ، ۽ تو ۽ اَسان جي وِچ ۾، ڪو حِجاب آهي هاڻ، پوءِ عَمل ڪر اڳواڻ! اَسِين بِه عامِل آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته ”تون جنهن ڏانهن اسان کي سڏين ٿو، ان کان اسان جا قلب پردي ۾ آهن، اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پردو آهي_ پوءِ تون به پيو ڪم ڪر ۽ اسين به پيا ڪم ڪريون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چون ٿا: جنهن شيءِ ڏانهن تون اسانکي سڏي رهيو آهين، انهيءَ کان ته اسان جي دلين تي پردا پيل آهن، اسان جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ هڪڙو پردو اچي ويو آهي، سو تون پنهنجو ڪم ڪر اسان پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا، اسان جي دلين تي پيل آهن پردا، جنهن شيءِ ڏي تون سڏي رهيو آهين ۽ ڪَن اسان جا ٻوڙا ٿي ويل آهن ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو اچي ويو آهي، پوءِ تون پنهنجو ڪم ڪر بيشڪ اسان پنهنجو ڪم ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو اهو به چوندا آهن ته جنھن شيءِ ڏي تون اسان کي سڏين ٿو ان لاءِ اسان جي دلين تي پردو پيل آهي ۽ اسان جي ڪنن ۾ (قرآن ٻڌڻ کان) ٻوڙاڻ آهي. اسان جي ۽ تنھنجي وچ ۾ هڪ رڪاوٽ پيل آهي تنهن ڪري تون پنھنجي طريقي سان ڪم ڪر ۽ بيشڪ اسان پنھنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّما أَنا۠ بَشَرٌ مِثلُكُم يوحىٰ إِلَىَّ أَنَّما إِلٰهُكُم إِلٰهٌ وٰحِدٌ فَاستَقيموا إِلَيهِ وَاستَغفِروهُ وَوَيلٌ لِلمُشرِكينَ (آيت : 6) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ (به) اوھان ئي جھڙو ماڻھو آھيان مگر مون ڏانھن وحي ڪيو ويندو آھي ته اوھان جو معبُود ھڪ خدا آھي تنھنڪري ڏانھس سڌا متوجه ٿيو ۽ کانئس بخشش گھرو، ۽ (اُنھن) مشرڪن لاءِ ويل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته مان اوهان جهڙو انسان آهيان (نڪي خدا آهيان نڪي مَلَڪَ آهن پر) مون ڏي هي وحي ٿو اچي ته، توهان جو خدا فقط هڪ خدا آهي (ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي) سو فقط انهيءَ (جي ٻانهپ) ۾ سچائيءَ سان محڪم ۽ ثابت قدم رهو ۽ کانئس بخشش گهرو (يعني سندس ڏيکاريل نظام هيٺ اچي سندس حفاظت ۽ پناهه ۾ رهو) ۽ (ياد رکو ته) مشرڪن لاءِ تباهي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان جهڙو بشر آهيان، مون ڏانهن وحي موڪلي وڃي ٿي، توهان جو معبود هڪ (الله) آهي پوءِ توهان ان ڏانهن سِڌا ٿيو ۽ ان کان بخشش طلب ڪريو، ۽ مشرڪن لاءِ ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ به (شڪل شباهت ۾) اوهان جهڙو آهيان (پر فرق هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو معبود (رڳو اهو ئي) اڪيلو خدا آهي، ته پوءِ ان ڏي توجه ڌريو! ۽ ان کان معافي گهرو! ۽ (ٻين کي ساڻس) شريڪ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته مان ته رڳو بشر آهيان اوهان جي مثل (ظاهر ۾) وحي ڪيو ٿو وڃي مون ڏانهن بيشڪ معبود اوهان جو معبود هڪ آهي پوءِ پورو توجہ ڏيو ان ڏانهن ۽ مغفرت طلب ڪيو ان کان ۽ ويل آهي مشرڪن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چؤ ته آءُ اوهان جهڙو هڪ ماڻهو آهيان (پر) مون ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو ته اوهان جو حاڪم هڪ (حاڪم) آهي، پوءِ ان ڏي سڌا رهو! ۽ ان کان معافي گهرو! ۽ (ٻين کي ساڻس) شريڪ ٺهرائيندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي (اهي شريڪ ٺهرائيندڙ).(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ آءٌ (آدمي هجڻ ۾) اوهان وانگر هڪ بشر ئي آهيان، مون ڏي وحي ڪيو ويندو آهي ته توهان جو معبود صرف هڪ ئي معبود آهي، پوءِ توهان ان جي طرف سڌا ٿي متوجه رهو ۽ ان کان بخشش گهرو. ۽ مشرڪن جي لاءِ بربادي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون بيشڪ آهيان، ماڻهو اَوهان مِثال، وَحِي ڪَئـِي ٿِي وَڃي، مون ڏي هِئَ مَقال، ته آهي سائـِين اَنهنجو، بيشڪ هِڪ بحال، پوءِ سَنوان سِڌا اُن ڏي، هَلو هر ڪِنهن حال، ۽ تِنهن کي سَڏ، سُوال، بي شڪ ڪريو بَخشِيش جا. ۽ ٻَر ٻَر! ٻيلارن لئي، جي گَڏِين ساڻِس غير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءُ به اوهان وانگر ماڻهو آهيان، مون ڏانهن وحي ٿيندو آهي، ته اوهان جو سائين فقط اڪيلو سائين آهي، پوءِ سڌا ان ڏي مهاڙ ڪريو ۽ انکان بخشش گهرو- ۽ مشرڪن لاءِ ويل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته "مان ته توهان جهڙو هڪڙو بشر (انسان) آهيان، مون کي وحيءَ جي وسيلي ٻڌايو وڃي ٿو ته توهان جو معبود فقط هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري توهان سڌو سنئون انهيءَ ڏي ئي منهن ڪريو ۽ ان کان معافي گهرو. تباهي آهي انهن مشرڪن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) آئون ته هڪ بشر آهيان توهان جهڙو وحي ذريعي ٻڌايو پيو وڃي مون کي ته توهان جو خدا ته بس هڪ ئي آهي تنهن ڪري سڌو ان ڏي ئي رخ ڪريو ۽ ان کان ئي معافي گهرو، ۽ تباهي آهي انهن مشرڪن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان توهان جھڙو ئي انسان آهيان،(فرق رڳو هي آهي ته) مون ڏي وحي ڪئي ويندي آهي ته بيشڪ توهان سڀني جو معبود هڪڙو ئي معبود آهي. پوءِ ان ڏانھن ئي متوجھه رهو ۽ ان کان ئي معافي گهرو. (بھرحال) مشرڪن لاءِ ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ لا يُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم كٰفِرونَ (آيت : 7) |
جيڪي زڪوٰة نه ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت کي (به) نه مڃيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي (مشرڪ) زڪوات ادا نٿا ڪن ۽ آخرت کي به نٿا مڃن (سي يقيناً تباهه ٿيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو زڪوات نٿا ڏين ۽ اهي ئي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي آخرت جا (به) انڪار ڪندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي نٿا ڏين زڪواة ۽ اهي ئي آخرت جو انڪار ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي زڪوات نه ٿا ڏين ۽ اهي آخرت جا انڪار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي زڪواة نه ٿا ڏين ۽ اُهي آخرت جا (به) انڪاري آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِين نه ڏکيَن ڏان ڪو، خدا ڪارڻ خير، ۽ ڦِريَل بنا ڦير، اُهي آهِن آخِرت کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي زڪوات نه ڏيندا آهن ۽ اهي آخرت کي به نه مڃيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي زڪواة نٿا ڏين ۽ آخرت کي به مڃيندڙ ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي نٿا ڏين زڪوات ۽ اهي آخرت جا به منڪر آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو زڪوات ادا نٿا ڪن ۽ آخرت جي ڏينھن جو انڪار ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم أَجرٌ غَيرُ مَمنونٍ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) جيڪي ماڻهو (قرآن مجيد تي) ايمان ٿا آڻين ۽ (ان جي حڪمن مطابق) صالح عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ يقيناً دائمي اجر (۽ نعمتون) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جن ماڻهن (رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم تي) ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا انهن لاءِ اَڻ کُٽ ثواب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪندا رهيا تن لاءِ اهو (ته) اجر آهي جيڪو کٽڻ جو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن جي لاءِ ثواب اڻ کٽ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيو جَن مَذڪُور، پڻ موچارا ڪم ڪيا، ته مَهندان آهي مُور، اکٽ اُجُورو اُنهن لئي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻکٽ اجر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون، تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، انهن جي لاءِ اجر آهي، ان جو سلسلو ڪڏهن نه ٽٽندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اُنهن لاءِ اَڻ کُٽ اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَئِنَّكُم لَتَكفُرونَ بِالَّذى خَلَقَ الأَرضَ فى يَومَينِ وَتَجعَلونَ لَهُ أَندادًا ذٰلِكَ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 9) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين اُن (الله) جو انڪار ڪندا آھيو ڇا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ بڻايو؟ ۽ اُن لاءِ (ٻـين کي) شريڪ بڻائيندا آھيو، اِھو الله جھانن جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته، ڇا توهان انهيءَ الله (جي حڪمن مڃڻ) کان انڪار ٿا ڪيو جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ خلقيو؟ ۽ توهان هن سان ٻيا شريڪ ٿا ٺهرايو (۽ انهن جي پوڄا ٿا ڪيو؟) ياد رکو ته اهوئي سڀني جهانن جو پروردگار آهي (جنهن زمين ۽ آسمان پيدا ڪيو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان ان مقدس هستيءَ جو انڪار ڪريو ٿا، جنهن زمين کي ٻِن ڏينهن اندر پيدا فرمايو ۽ توهان ان جا شريڪ بنايو ٿا، اهو رب العالمين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته اوهين ان (خدا) جو انڪار ڪريو ٿا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين کي انهيءَ جي برابر ڪريو ٿا اهو ئي ته ساري جهان جو سرپرست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڇا بلاشڪ اوهان البته ڪفر ڪيو ٿا ان جو جنهن پيدا ڪئي زمين ٻن ڏينهن ۾ ۽ ڪيو ٿا ان جي لاءِ شريڪ اهو جهانن جو رب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اوهين ان جو انڪار ڪريو ٿا ڇا جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين کي ان جي برابر ڪريو ٿا؟ اهو جهانن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڇا توهان ان (الله) جو انڪار ڪيو ٿا؟ جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ توهان ان جي لاءِ همسر بنايو ٿا. اُهو جهانن جو پالڻهار آهي. (ان جو همسر ڪير ٿي سگھي ٿو؟)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اَوهين ڇا، آهِيو، اُن جا اِنڪارِي؟ جنهن ڏاتر ٻِن ڏِينهَن ۾، ڀُون بَنائـِي سارِي، ۽ ٺاهِيو، ٻِيا ڪم ڪار ۾، تِنهن سان تڪرارِي، بي شڪ سوبارِي، آهي صاحب، سَڀ جھان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڇا، اوهين انهي جو انڪار ٿا ڪريو، جنهن زمين ٻن ڏينهن ۾ خلقي؟ ۽ ان جا شريڪ ٿا بنايو؟ اهو ئي جهانن جو ڌڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته "ڇا توهان انهيءَ هستيءَ سان ڪفر ڪريو ٿا ۽ ٻين کي ان جي برابر بڻايو ٿا، جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ بڻايو؟ اهوئي ته ساري جڳ جهان جو پالڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ کين (اي نبي!) ڇا توهان ڪفر ڪريو ٿا ان (خدا) سان جنهن پيدا ڪيو زمين کي ٻن ڏينهن ۾؟ ۽ ڪريو ٿا شريڪ ان سان ٻين کي، اهو ئي ته رب آهي سڄي جڳ جهان جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته ڇا توهان ان هستيءَ جو انڪار ڪريو ٿا جنھن زمين کي ٻن ڏينھن ۾ پيدا ڪيو؟ ان جي باوجود توهان ٻين کي ان جي برابر سمجهو ٿا. اُهو ئي ته سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلَ فيها رَوٰسِىَ مِن فَوقِها وَبٰرَكَ فيها وَقَدَّرَ فيها أَقوٰتَها فى أَربَعَةِ أَيّامٍ سَواءً لِلسّائِلينَ (آيت : 10) |
۽ اُن (زمين) ۾ مٿانئس ڳرا جبل بڻايائين ۽ منجھس برڪت رکيائين ۽ چئن ڏينھن ۾ منجھس اُن (جي رھاڪن) جا قُوۡت مُقرّر ڪيائين، پڇندڙن لاءِ برابر (کولي بيان ڪيو ويو) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ئي ان (زمين) تي جبل ٺاهيا ۽ ان ۾ برڪتون وڌائين، ۽ ان ۾ سندن قوت (يعني سڀ گهرج واريون شيون سڀني نباتات ۽ حيوانات لاءِ) پوري انداز ۾ رکيائين جيئن ڏينهن ۾ (اهي برڪتون ۽ گهرج واريون شيون) سڀني گهرندڙن (يعني گهرج وارن) لاءِ هڪ جهڙيون يا برابري طور رکيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى انهيءَ زمين مان، ان جي مٿان جبل پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ان ۾ ان جي رهندڙن لاءِ رزق روزي مقرر ڪيائين، ٺيڪ چَئِن ڏينهن ۾ سوال ڪندڙ لاءِ (ان جو مڪمل جواب آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ئي زمين ۾ مٿانس پهاڙ پيدا ڪيا ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان (جي رهاڪن) جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين) پڇندڙن لاءِ اها ڳالھ چٽي طرح بيان ڪئي وئي آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيائين ان ۾ جبل ان جي مٿان ۽ برڪت وڌائين ان ۾ ۽ مقرر ڪيائين ان ۾ قوت انهن جا چئن ڏينهن ۾ برابر ٿي پڇندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين ۾ مٿانس جبل پيدا ڪيائين، ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان (جي رهاڪن) جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين) پڇندڙن لاءِ (اها ڳالهه چڱيءَ طرح بيان ڪئي وئي آهي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (زمين بنائڻ بعد) ان ۾ کوڙيل جبل بنايائين جيڪي ان جي مٿان (اُڀريَلَ) آهن ۽ ان ۾ برڪت رکايائين ۽ ان ۾ (رهڻ وارن لاءِ) غذائون مقرر ڪيائين (اهو سڀ) چئن ڏينهن ۾ ڪيائين. (اهو سڀ رزق) طلبگارن جي لاءِ برابر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مٿاهان تِنهن مٿان، جوڙيا جَبل جبار، ۽ وَڌائـِين واھ جا، مَنجھسِ وَئَ وَلهار، ۽ کاڌا کاڄ اُنهن جا، مَنجھسِ ڪَٿيا ڪلتار، چَئن ڏِينهن ۾ ڏاتار، پُورو جواب پُڇَندڙين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن چئن ڏينهن ۾ مٿس ڳرا جبل بنايا، منجهس برڪت رکيائين، ۽ منجهس سندس رهاڪن جا وقت مقرر ڪيائين_ پڇندڙن لاءِ برابر بيان ڪيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن (زمين کي خلقڻ کانپوءِ ) مٿانئس جبل کوڙي ڇڏيا ۽ منجهس برڪتون وِڌائين ۽ ان ۾ سڀني گهرڻ وارن لاءِ هرهڪ جي گهرج مطابق پوري انداز ۾ کاڌ خوراڪ جو سامان رکيائين، سڀ ڪجهه چئن ڏينهن ۾ ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کوڙيائين ان ۾ ڳرا جبل ان جي مٿان ۽ منجهس برڪتون رکيائين ۽ مقرر ڪيائين ان ۾ کاڌي جو سامان، اهي سڀ ڪم چئن ڏينهن ۾ ٿي ويا، طلب مطابق سڀني گهرندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ئي زمين جي مٿان جبل پيدا ڪيا ۽ ان ۾ بَرڪتون (يعني خزانا) رکيا ۽ اُن ۾ هر هڪ ضرورتمند مخلوق لاءِ ضرورت مطابق (قيامت تائين) خوراڪ جو بندوبست ڪري ڇڏيو. اِهي سڀئي ڪم چئن ڏينھن ۾ اُڪلايا ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ استَوىٰ إِلَى السَّماءِ وَهِىَ دُخانٌ فَقالَ لَها وَلِلأَرضِ ائتِيا طَوعًا أَو كَرهًا قالَتا أَتَينا طائِعينَ (آيت : 11) |
وري آسمان ڏانھن مُھڙ ڪيائين ۽ اُھو (اُن وقت) دُونھون ھو پوءِ اُن کي ۽ زمين کي چيائين ته سرھائيءَ سان خواھ اَرھائيءَ سان اچو، (ٻنھي) چيو ته خُوشيءَ سان آياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله تعاليٰ آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو بلڪل دونهون هو. پوءِ ان (آسمان) کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان اچو (يعني منهنجي قانونن جا پابند رهو) هنن چيو ته، اسان خوشيءَ سان اچون ٿا ۽ تابعداري ڪيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ آسمان ڏانهن توجهه ڪيائين ۽ اهو دونهون هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي حڪم ڪيائين ته توهان ٻئي خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان حاضر ٿيو، ٻنهي عرض ڪيو اسين خوشيءَ سان حاضر ٿياسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ اهو (ان وقت) دونهو هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواھ مجبوري سان اچو! انهن ٻنهي عرض ڪيو ته اسين خوشيءَ سان حاضر آهيون (۽ حڪم جا پابند آهيون.)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ توجہ فرمايائين آسمان ڏانهن ۽ اهو دونهون هو پوءِ فرمايائين ان کي ۽ زمين کي ته اچو خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان چيائون ته آياسون خوشيءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري آسمان ڏي مهڙ ڪيائين ۽ اهو (ان وقت) دونهون هو پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواهه مجبوريءَ سان اچو. انهن ٻنهين چيو ته اسين خوشيءَ سان آيا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ آسمان ڏانهن متوجه ٿيو ته اهو دونهون هيو، پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته: ”توهان ٻئي اچو خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان. ته ٻنهين چيو: ”اسان خوشيءَ سان حاضر آهيون فرمانبردارن وانگر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي اُڀ ڏي آئـِيو، جو بلڪل هُئو بخار، پوءِ اُن کي، پڻ زمين کي، ڪَهيو رَبَّ، قهار، ته اَچو سَرها اَرها؛ وراڻيون تِنهن وار، ته سَرها ٿِي سَرڪار!، آياسون تو اڳيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري آسمان ڏانهن مهاڙ ڪيائين، جو ان وقت دونهون هو، پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته ”خوشيءَ سان خواهه رنج سان اچو، ”چيائون“ خوشيءَ سان اچون ٿا“_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري آسمان ڏانهن ڌيان ڏنائين جيڪو ان وقت دونهون هو. هن آسمان ۽ زمين کي چيو ته "اچي وڃو وجود ۾ خوشيءَ سان يا ارهائيءَ سان". ٻنهي چيو: اسان اچي وياسون فرمانبردارن وانگر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هو متوجه ٿيو آسمان ڏانهن، جيڪو ان وقت دونهون هو، پوءِ چيو ان کي ۽ زمين کي وجود ۾ اچي وڃو، پوءِ چاهيو يا نه چاهيو، ٻنهي چيو، اچي وياسين فرمانبردارن جيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو آسمان ڏانھن متوجھه ٿيو. جيڪو اُن وقت دونھين جي شڪل ۾ هو. پوءِ الله تعالى آسمان ۽ زمين کي فرمايو ته: توهان ٻئي (منهنجي ارادي واري شڪل ۾) چاهيندي يا نه چاهيندي (وجود ۾) اچي وڃو. ٻنهي چيو ته (ڇو نه!) اسان (توهان جي ارادي واري شڪل ۾) فرمانبردار ٿي اچي وياسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقَضىٰهُنَّ سَبعَ سَمٰواتٍ فى يَومَينِ وَأَوحىٰ فى كُلِّ سَماءٍ أَمرَها وَزَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِمَصٰبيحَ وَحِفظًا ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 12) |
پوءِ (ٻـين) ٻن ڏينھن ۾ اُنھن کي سَت آسمان بڻايائين ۽ سڀڪنھن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حُڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي (تارن جي) ڏينئن سينگاريوسون، ۽ (شيطانن کان اُنھيءَ جي) حفاظت ڪئي سون، اِھا (الله) غالب ڄاڻندڙ جي رِٿ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ٻن ڏينهن ۾ هنن کي ست آسمان ڪيائن ۽ هرهڪ آسمان کي پنهنجو پنهنجو ڪم يا فرض ادائي ٻڌائي ڇڏيائين، ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) ويجهي اسمان کي سج چنڊ تارن وغيره سان زينت ڏني ۽ پڻ حفاظت ۾ رکيو. اهو آهي (مناسب ۽ موزون) انداز (۾ ڪائنات جو ٺاهڻ ۽ قائم رکڻ) انهيءَ الله جو جيڪو سڀ قدرت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سَتَن آسمانن کي ٻِن ڏينهن اندر پيدا ڪيائين ۽ هر هڪ آسمان ڏانهن سندس حڪم موڪليائين، ۽ دنيا جي آسمان کي اسان تارن سان سينگاريو ۽ ان کي محفوظ بنايو، اها تقدير آهي (اُن) غالب، علم واري جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ سڀ ڪنهن (آسمان ان جي انتظام) جو حڪم (ڪارڪنان قضا ۽ قدر ڏي) موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي (ستارن جي) چراغن سان سينگاريو ۽ (انهن کي شيطانن کان) محفوظ رکيو. اها زبردست ڄاڻڻهار (خدا) جي (قائم ڪيل) تدبير آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بنايائين انهن کي ست آسمان ٻن ڏينهن ۾ ۽ حڪم موڪليائين هر آسمان ۾ ان جي ڪم جو ۽ سينگاريوسون آسمان دنيا واري کي ڏيئن سان ۽ حفاظت لاءِ اها تقدير غالب ڄاڻندڙ جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ سڀ ڪنهن آسمان ۾ اُن (جي ڪم) جو حڪم موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي. ۽ ان جي حفاظت ڪئي سون. اها زبردست (۽) ڄاڻندڙ جي تدبير آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ هر آسمان ۾ ان جي مناسب احڪام جي وحي موڪليائين. ۽ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن ۽ سيارن) سان سينگاريو ۽ خوب محفوظ ڪيو. اهو سڀ غالب علم واري (الله) جو منصوبو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَت اُڀ، ڪيو تيار اُنهن کي، ٻِن ڏِينهَن ۾ ڏاتار، ۽ هَر اُڀ کي، وَحِي اُن جا، ڪيائـِين ڪم ڪار، ۽ اُڀ سِينگاريوسون، اوڏڙو، سِين قَندِيلَن قطار، پڻ اُڀن تي اِبليس کان چونڪِئَ لئي چوڌار، آهي اِها اِظهار، سِٽا سَٻر ۽ سَٻوجھ جِي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ٻن ڏينهن ۾ هنن کي ست آسمان ڪري بيهاريائين ۽ هر ڪنهن آسمان ۾ سندس ڪم جو حڪم موڪليائين ۽ اورئين آسمان کي ڏيئن سان سينگاريوسون ۽ سندس سنڀال ڪئي سون_ اها رٿ آهي غالب ڄاڻيندڙ جي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هن ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بڻايا ۽ هر آسمان ۾ ان جو قانون وحي ڪري ڇڏيائين ۽ دنيا واري آسمان کي اسان ڏيئن سان سينگاريو آهي ۽ ان کي خوب محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهو سڀ ڪجهه هڪڙي زبردست ڄاڻو هستيءَ جي رٿيل رٿا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن ٺاهي ڇڏيا ست آسمان ٻن ڏينهن ۾، ۽ وحي ڪيائين هرهڪ آسمان ۾ قانون کي، ۽ سينگاريوسين دنيا جي آسمان کي ڏيئن سان ۽ محفوظ ڪيو چڱي طرح، اها سڀ ڪجهه رٿا آهي هڪ زبردست ڄاڻندڙ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُن ٻن ڏينھن ۾ ستن آسمانن کي ٺاهي ڇڏيو ۽ هر هڪ آسمان ۾ پنھنجي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ حڪم موڪليو ۽ اسان دنيا جي ظاهري آسمان کي تارن سان سينگاري ڇڏيو (اهڙي طرح تارن جي ذريعي) آسمان کي محفوظ ڪري ڇڏيو. اهو (سڀ ڪجهه) زبردست ۽ وڏي علم واري جو مقرر ڪيل منصوبو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن أَعرَضوا فَقُل أَنذَرتُكُم صٰعِقَةً مِثلَ صٰعِقَةِ عادٍ وَثَمودَ (آيت : 13) |
پوءِ جيڪڏھن (اُھي) مُنھن موڙين ته چؤ ته اوھان کي اھڙي عذاب کان ڊيڄاريم جھڙو عاد ۽ ثَمُود جو عذاب (ھو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جيڪڏهن هي ماڻهو منهن ڦيرائي هليا وڃن (۽ خدا جي حڪمن تي هلڻ کان انڪار ڪن) ته کيس چئو ته، مان ته توهان کي انهيءَ عاد ۽ ثمود واري سزا ۽ عذاب جي خبر ڏيئي ڇڏي آهي، (جو بجلي ۽ گجگوڙ وانگر بيهوش ڪري ڇڏيندڙ آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي انڪار ڪن پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته آئون توهان کي ان سخت عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جيڪو سخت عذاب عاد ۽ ثمود جي قوم تي آيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن (ايتري سمجهائڻ هوندي به) منهن موڙين ته (اي پيغمبر کين) چئو ته مان اوهان کي اهڙي وڄ ڪرڻ (جي عذاب) کان ڊيڄاريان ٿو جهڙي قوم عاد ۽ ثمود جي وڄ جو ڪڙڪاٽ (هو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ فرماءِ ته ڊيڄاريو مون اوهان کي عذاب کان مثال عذاب عاد ۽ ثمود جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن (ايتري سمجهائڻ سان به) منهن موڙين ته (اي پيغمبر! کين) چؤ ته مون اوهان کي اهڙي عذاب کان ڊيڄاريو جهڙو عاد ۽ ثمود جو عذاب هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اُهي منهن موڙن ته پوءِ چؤ ته آءٌ اوهان کي ان خوفناڪ عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جيڪو عاد ۽ ثمود جي هلاڪت وانگر هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي اُنهن اِنڪار ڪيو، ته کولي ڏي خبر، ته آن کي، ڪيو اِطلاع مون، قابُو ڪَڙڪي ڀَر، وَاقعي تِنهن وانگر، جو آهي عاد، ثمود جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن هو منهن موڙين ته چئو ته مون اوهان کي اهڙي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جهڙو عاد ۽ ثمود جو عذاب هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن ٿا موڙين ته چئي ڇڏين ته مان توهان کي اهڙي اوچتو ئي اچي ڪڙڪندڙ عذاب کان ڊيڄاريان ٿو، جهڙو عاد ۽ ثمود تي نازل ٿيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ منهن موڙيندڙ کي چئي ڇڏ ته آئون ڊيڄاريان ٿو توهان کي اوچتي ڪڙڪندڙ عذاب کان، جهڙو ڪڙڪندڙ عذاب عاد ۽ ثمود تي نازل ٿيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن (هي ڳالهيون ٻڌڻ کان پوءِ به) ماڻهو (حق ڳالهه کان) منھن موڙين ٿا ته انهن کي چؤ ته مان توهان کي اهڙي رڙ جي عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جھڙو رڙ جو عذاب عاد ۽ ثمود (قومن) تي اچانڪ آيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ جاءَتهُمُ الرُّسُلُ مِن بَينِ أَيديهِم وَمِن خَلفِهِم أَلّا تَعبُدوا إِلَّا اللَّهَ قالوا لَو شاءَ رَبُّنا لَأَنزَلَ مَلٰئِكَةً فَإِنّا بِما أُرسِلتُم بِهِ كٰفِرونَ (آيت : 14) |
جڏھن پيغمبر سندن اڳيان ۽ سندن پويان انھن وٽ آيا (پيغمبرن چيو) ته الله کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن جي عبادت نه ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار گھري ھا ته ضرور ملائڪن کي موڪلي ھا تنھنڪري (اوھين) جنھن سان موڪليا ويا آھيو تنھنکي اسين مڃڻ وارا نه آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن هنن ڏي رسول اڳيان ۽ پٺيان آيا (۽ کين هدايت ڪيائون) ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو تڏهن هنن چيو ته، (توهان ڪوڙا آهيو) جيڪڏهن اسان جو رب (اسان ڏي رسول موڪلڻ) چاهي ها ته ملائڪن کي نازل ڪري ها (نه اوهان کي) سو جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو (۽ جيڪي حڪم توهان اسان کي ٻڌايو ٿا) تن کي اسان هرگز ڪونه ٿا مڃون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت انهن وٽ اڳيان ۽ پويان پيغمبر آيا (انهن چيو) توهان نه عبادت ڪريو مگر الله جي، انهن چيو جيڪڏهن اسان جو رب چاهي ته موڪلي ها ملائڪن کي، پوءِ بيشڪ اسين توهان جي رسالت جا انڪاري آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو جڏهن وٽن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان (هيءَ خبر کڻي) آيا ته خدا کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريو ته چوڻ لڳا، جيڪڏهن اسان جو پالڻهار گهري ها ته فرشتا نازل ڪري ها ۽ جيڪي (ڳالهيون اوهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي سي اسين ته ڪين مڃينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن آيا انهن وٽ رسول اڳيان انهن جي ۽ پويان انهن جي هن لاءِ ته نه عبادت ڪيو مگر الله جي چيائون ته جيڪڏهن گهري ها اسان جو رب ته البته لاهي ها ملائڪ پوءِ بيشڪ اسين ان جو جنهن سان اوهان موڪليا ويا آهيو ڪفر ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت وٽن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان آيا (۽ کين سمجهايائون) ته الله کان سواءِ ٻئي جي عبادت نه ڪريو. انهن چيو ته جيڪڏهن اسان جو پاليندڙ گهري ها ته ضرور ملائڪ لاهي ها تنهن ڪري اوهين جنهن سان موڪليا ويا آهيو تنهن کي اسين مڃڻ وارا نه آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن انهن وٽ رسول انهن جي اڳيان کان آيا ۽ پويان کان آيا (۽ سمجھايائون) ته توهان الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيو. ته انهن چيو ته: ”جيڪڏهن اسان جو پالڻهار چاهي ها ته ضرور ملائڪ لاهي ها سو اسان ان جا منڪر آهيون جنهن سان توهان موڪليا ويا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا سَندِن اَ ڳ، پوءِ کان، جڏهن پارِس پيغمبر، ته ڌاران ڌڻئَ هيڪڙي، ٻيو پوڄيو نه ڪِنهِين پَر، چي، آگي اَسان جي، جي گُھريو ته مَلڪ مُڪائـِين ڪَر، پوءِ جنهن جو اوهان کي اَمر، اَسِين اِنڪارِي اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندن رسول سندن اڳيان ۽ سندن پويان وٽن آيا ته ”الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو.“ چيائون ”جي اسان جو ڌڻي چاهي ها، ته ضرور ملائڪ موڪلي ها، پوءِ اوهان کي جنهن حڪم سان موڪليو ويو آهي، اسين انهي کان انڪار ڪريون ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن الله جا رسول وٽن اڳيان پويان هر طرف کان آيا ۽ کين سمجهايائون ته سواءِ الله جي ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪريو ته انهن چيو ته "اسان جو رب جيڪڏهن چاهي ها ته فرشتا موڪلي ها، تنهنڪري جنهن ڳالهه لاءِ توهان موڪليا ويا آهيو، اسان ان کي مڃڻ وارا ناهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن آيا هئا انهن وٽ رسول (خدا جا) انهن جي اڳيان کان ۽ انهن جي پويان (هر طرف کان) کين سمجهايو ته نه عبادت ڪريو سواءِ الله جي، انهن چيو جي گُهري ها رب اسان جو ته نازل ڪري ها فرشتا، تنهن ڪري جنهن سلسلي ۾ موڪليا ويا آهيو ان کي نٿا مڃون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن وٽ رسول سڳورا هر طريقي سان سمجهائڻ لاءِ آيا هئا ته توهان الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت نه ڪريو،ته انهن جواب ڏنو ته جيڪڏهن اسان جو پالڻھار چاهي ها ته ڪنھن ملائڪ کي موڪلي ها (بھرحال) جيڪا شيءِ توهان کي ڏيئي موڪليو ويو آهي اسان ان جو انڪار ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمّا عادٌ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَقالوا مَن أَشَدُّ مِنّا قُوَّةً أَوَلَم يَرَوا أَنَّ اللَّهَ الَّذى خَلَقَهُم هُوَ أَشَدُّ مِنهُم قُوَّةً وَكانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 15) |
پوءِ عاد (وارن) زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته سگھ ۾ اسان کان وڌيڪ ڏاڍو ڪير آھي؟ نه ڏٺو اٿن ڇا ته اھو الله جنھن کين پيدا ڪيو سا کائن سگھ ۾ وڌيڪ ڏاڍو آھي، ۽ (اُھي) اسان جي نشانين جو انڪار ڪندا رھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي منڪرؤ ٻڌي ڇڏيو ته) عاد قوم جي ماڻهن ناحق ئي ناحق زمين تي تڪبر ڪيو ۽ چيائون ته ڪير آهي جو اسان کان طاقت ۾ وڌيڪ آهي؟ ڇا هنن ايترو به نه ڏٺو ۽ سمجهيو ته اهو الله جنهن کين خلقيو آهي سو يقيناً کانئن قوت ۽ طاقت ۾ وڌيڪ سخت آهي. (هنن دولت ۽ حڪومت جي نشي ۾ حقيقت کي نه سمجهيو) ۽ اسان جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر پوءِ عاد قوم پوءِ انهن زمين ۾ ناحق تڪبر ڪيو ۽ چيو ته اسان کان قوت ۾ وڌيڪ ڪير آهي، ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى اُهو آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو اهو انهن کان قوت ۾ گھڻو وڌيڪ آهي، ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ عاد (جي قوم) به زمين ۾ ناحق وڏائي ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير زياده ڏاڍو آهي. ڇا انهن ماڻهن ايترو به غور نه ڪيو ته جنهن خدا کين پيدا ڪيو سو انهن کان طاقت ۾ زياده ڏاڍو آهي. مطلب ته اهي اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر عاد (وارن) پوءِ تڪبر ڪيائون زمين ۾ ناحق ۽ چيائون ڪير وڌيڪ ڏاڍو آهي اسان کان قوت ۾ ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ الله جنهن پيدا ڪيو انهن کي اهو وڌيڪ ڏاڍو آهي انهن کان قوت ۾ ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ عاد (جي قوم) ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته اسان کان طاقت ۾ ڪير زياده ڏاڍو آهي. ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله کين پيدا ڪيو سو انهن کان طاقت ۾ زياده ڏاڍو آهي ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ عاد جي قوم ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته: ”اسان کان وڌيڪ طاقتور ڪير آهي“؟ ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله کين پيدا ڪيو آهي سو انهن کان وڌيڪ طاقتور آهي. ۽ اُهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ظالمِ عاد زَمِين ۾، ڪيو، هَٺ، حَق بغير، چي، آھِ اَسان کان زور ۾، ڪَسر قرارو ڪير؟ ڇا، ڳهيلن هِن ڳالھ کي، نه وِيچاريو ڪِنهن وير؟ ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ جِنهن جوڙئيَنِ، ڏيئـِي هَٿ، پير، سو زَبر تَن کان زور ۾، مِڙِني کان مَٿير، ۽ ٺَلها کائـِن ڦير، اسان جي اُهڃاڻن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ عاد وارن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته ”اسان کان وڌيڪ طاقت وارو ٻيو ڪير آهي؟“ ڇا هنن نه ڏٺو ته بيشڪ اهو الله، جنهن کين خلقيو، سو کانئن وڌيڪ طاقت وارو آهي؟ ۽ هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ٿي رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عاد (جي قوم) جي حالت اها هئي، جو هو زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته "ڪير آهي اسان کان طاقت ۾ زور؟" ڇا اهو نه پئي سمجهيائون ته جنهن الله کين پيدا ڪيو آهي، سو کانئن طاقت ۾ ڏاڍو آهي ۽ اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي حالت هئي عاد جي، جو وڏا بڻجي ويٺا هئا زمين ۾ بنا ڪنهن به حق جي، ۽ چوڻ لڳا، ڪير آهي ڏاڍو اسان کان طاقت ۾، ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن خدا انهن کي پيدا ڪيو آهي، اهو انهن کان وڌيڪ آهي طاقت ۾؟ ۽ اهي ته اسان جي آيتن جو انڪار ئي ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ عاد (قوم) وارن ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته اسان کان طاقت ۾ ڪير ڏاڍو آهي؟ ڇا انهن ماڻهن کي اها حقيقت سمجهه ۾ نه آئي ته جنھن کين پيدا ڪيو آهي، اهو انهن کان طاقت ۾ ڏاڍو آهي پر هو اسان جي آيتن جو (برابر) انڪار ڪندا رهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا صَرصَرًا فى أَيّامٍ نَحِساتٍ لِنُذيقَهُم عَذابَ الخِزىِ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَخزىٰ وَهُم لا يُنصَرونَ (آيت : 16) |
تنھنڪري نحس (يعني مُصيبت جي) ڏينھن ۾ مٿن سخت واءُ موڪليوسون ته کين دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خراب ڪندڙ آھي ۽ اُنھن کي (ڪا) مدد نه ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان نڀاڳن مصيبتن وارن ڏينهن ۾ مٿن سخت انڌاري موڪلي، انهيءَ لاءِ اسان کين هن دنيا جي زندگيءَ ۾ خوار خراب ڪندڙ عذاب جو مزو چکايون ۽ يقيناً آخرت جو عذاب وڌيڪ خوار خراب ڪندڙ آهي، ۽ هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن تي منحوس ڏينهن ۾ تيز طوفان موڪليو، ان لاءِ ته اسين انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ وارو عذاب چکايون، ۽ آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خواريءَ وارو آهي ۽ انهن جي ڪا به مدد نه ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان به (سندن) نحوست جي ڏينهن ۾ مٿن وڏي زور سان نداري موڪلي ته جيئن دنيا جي حياتيءَ ۾ به کين خواري جي عذاب جو مزو چکايون ۽ آخرت جو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪرڻ وارو ئي هوندو ۽ (پوءِ) کين ڪنهن پاسي کان به مدد نه ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موڪليوسون انهن تي واءُ سخت نحس ڏينهن ۾ تانته چکايون انهن کي خواريءَ وارو عذاب دنيا واري حياتيءَ ۾ ۽ البته آخرت جو عذاب وڌيڪ خوار ڪندڙ آهي ۽ اهي نه مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان مٿن بدبخت ڏينهن ۾ سخت واءُ موڪليو هن لاءِ ته انهن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ جو عذاب چکايون. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته گهڻو خوار ڪندڙ آهي ۽ کين مدد نه ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن تي چند نڀاڳن ڏينهن ۾ خوفناڪ تيز هواءِ موڪلي هن لاءِ ته انهن کي دنيا جي زندگي ۾ خواريءَ جو عذاب چکايون. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته گهڻو ذليل ڪندڙ آهي ۽ انهن جي ڪا مدد ڪانه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُماڻيوسون اُنهن مَٿي، ڌُوڌُو واء ڌَمڪار، ڏُهاڳِين ڏِينهَن ۾، تان مَنجھ ڄامڙِي ڄَمار، چَکايون خوارِئَ خُوب جو، اُنهن کي آزار، ۽ آهي عذاب آخرت جو، ڪندڙ خُوب خوار، ۽ جِنهن حالت ۾ تَن هارِ، وَرندو ڪير نه واهِرُو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري اسان مٿن نڀاڳن ڏينهن ۾ سخت واءُ موڪليو، ته کين دنيا جي حياتيءَ ۾ ئي خواريءَ وارو عذاب چکايون_ اڃا آخرت جو عذاب ته وڌيڪ خواريءَ وارو آهي ۽ هنن کي ڪا به مدد نه ملندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان ڪن منحوس ڏينهن ۾ مٿن ڏاڍو سخت طوفان موڪليوسون، تانته کين دنيا واريءَ زندگيءَ ۾ ئي ذلت ۽ خواريءَ واري عذاب جو مزو چکائي ڇڏيون ۽ آخرت وارو عذاب ته اڃان به وڌيڪ خواريءَ وارو اٿن ۽ اتي ته ڪوبه مدد نه ڪندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان موڪلي انهن تي سخت طوفاني هوا ڪن اهڙن ڏينهن ۾ جيڪي منحوس هئا، جيئن کين چکايون عذاب ذلت ۽ خواري وارو دنياوي حياتي ۾، ۽ عذاب آخرت جو ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪندڙ آهي ۽ ڪوبه نه هوندو اتي سندن مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن جي مٿان نڀاڳ کنيل ڏينھن ۾ سخت آنڌي موڪلي ته جيئن کين هن دنيا واري حياتيءَ ۾ به خواريءَ وارو عذاب چکايون ۽ آخرت وارو عذاب ته اڃا به وڌيڪ خوار ڪندڙ هوندو ۽ اُتي انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمّا ثَمودُ فَهَدَينٰهُم فَاستَحَبُّوا العَمىٰ عَلَى الهُدىٰ فَأَخَذَتهُم صٰعِقَةُ العَذابِ الهونِ بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 17) |
۽ ثمود (قوم) سو اُنھن کي پڌرو رستو ڏيکاريوسون پوءِ ھدايت کان انڌائي کي پسند ڪيائون پوءِ خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو انھي ڪري جو (بڇڙا ڪم) ڪمائيندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هاڻي) ٻڌو ثمود جي قوم جو احوال. اسان هنن کي هدايت ڪئي، پر هنن هدايت کان انڌائي کي وڌيڪ پسند ڪيو. سو هنن کي ذليل ڪندڙ وڄ ۽ گجگوڙ جهڙي عذاب اچي پڪڙ ڪئي هن ڪري جو هو بدعمل ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر ثمود جي قوم پوءِ اسان انهن کي هدايت ڏني، پوءِ انهن هدايت جي عيوض گمراهيءَ کي پسند ڪيو پوءِ اسان انهن کي سندن بداعماليءَ سببان عذاب ڏئي هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) باقي رهيا (قوم) ثمود (وارا) ته اسان کين سڌي راھ ڏيکاري ڇڏي پر انهن ماڻهن هدايت جي بدلي گمراهيءَ کي پسند ڪيو ته سندن ڪرتوتن سبب ذلت جي عذاب جي بجليءَ انهن کي پڪڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر ثمود (وارن کي) پوءِ هدايت ڪئي سون انهن کي پوءِ پسند ڪيائون انڌائپ کي هدايت تي پوءِ پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي عذاب، خوار ڪندڙ جي ان سببان جو ڪيائون ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ثمود ( جي قوم) کي ته اسان رستو ڏيکاريو پوءِ هدايت کان انڌائيءَ کي پسند ڪيائون پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا تنهن جي ڪري خوار ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي کين پڪڙيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر ثمود جي قوم پوءِ اسان انهن کي هدايت ڏيکاري ته انهن هدايت جي مقابلي ۾ انڌو رهڻ کي پسند ڪيو پوءِ انهن کي خواري واري عذاب جي ڪڙڪي پڪڙيو انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر سَنئينءَ واٽ ثَـمُود کي، پوءِ آچيو سونِ اِظهار، ته ڪَيؤن سُونهپ صاف تي، اَنڌپ اِختيار، پوءِ قابُو ڪَڙڪي پَڪڙيا، جو اُ گرو حَد آزار، ڪَندا هُئا، جا ڪار، ڪارڻ تنهن ڪاراٺ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪا ثمود قوم هئي ان کي اسان رستو ڏيکاريو، پر هنن سنئين واٽ وٺڻ کان انڌي هجڻ کي وڌيڪ پسند ڪيو، پوءِ سندن ڪمن سبب کين خواري ڪندڙ عذاب جي ڪڙڪي اچي ورتو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ثمود (جي قوم) ته انهن کي اسان سڌو رستو ڏسيو پر انهن رستو وٺي هلڻ بدران، انڌائپ کي پسند ڪيو، نيٺ سندن ڪرتوتن سبب ذلت واري عذاب جي ڪڙڪي کين ورتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهيا ثمود، ته انهن جي آڏو رکي سڌي راهه پر انهن پسند ڪيو انڌو ٿي رهڻ کي بجاءِ هدايت وٺڻ جي، پوءِ انهن کي اچي ورتو ڪڙڪيدار عذاب جيڪو خوار ڪندڙ هو سندن ڪرتوتن جي ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ثمود قوم جي اڳيان به سڌي رستي تي اچڻ جي دعوت پيش ڪئي هئي. پر انهن به ان دعوت کان اکيون ٻوٽي ويهڻ کي پسند ڪيو، پوءِ کين سندن ئي ڪرتوتن جي ڪري خواري واري عذاب جي ڌماڪي اچي پڪڙيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَجَّينَا الَّذينَ ءامَنوا وَكانوا يَتَّقونَ (آيت : 18) |
۽ جن ايمان آندو ھو ۽ پرھيزگاري ڪندا ھوا تن کي بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي تن کي اسان (ان عذاب کان) بچائي ورتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن ماڻهن کي نجات ڏني جن انهن مان ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪندا هئا تن کي اسان (ان مصيبت کان) بچائي ورتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏايوسون انهن کي جن ايمان آندو ۽ ڊڄندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ اهي پرهيزگاري ڪندا هئا تن کي بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کي نجات ڏني جن ايمان آندو ۽ اُهي پرهيزگاري ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ آجو ڪيوسون اُنهن کي، آندو جَن اِيمان، ۽ جيڪي منجھ جَھان، هُئا ثابِت رَکندا سِيل کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو هو ۽ نيڪ هئا، تن کي اسان بچائي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان انهن ماڻهن کي بچائي ورتو جن ايمان آندو هو ۽ بڇڙن ڪمن کان پاڻ بچائيندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان بچائي ورتو انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ گمراهي ۽ بري هلت کان بچندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انهن ماڻهن کي بچايو جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ يُحشَرُ أَعداءُ اللَّهِ إِلَى النّارِ فَهُم يوزَعونَ (آيت : 19) |
۽ جنھن ڏينھن الله جا ويري باھ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا پوءِ (تنھن ڏينھن) اُھي (ھڪ ٻئي جي اچڻ تائين) ترسايا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ڏينهن خدا جي دشمنن کي باهه ڏي وٺي وڃڻ لاءِ گڏ ڪيو ويندو تڏهن (گڏ ڪرڻ بعد) کين صفن ۾ (ڪري دوزخ ڏانهن) ڪاهيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن الله تعالى جا دشمن دوزخ ڏانهن هڪليا ويندا پوءِ اهي (پوين جي اچڻ تائين) روڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن خدا جا دشمن دوزخ ڏي هڪليا ويندا ته اهي ترتيب وار بيهاريا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن اٿاريا ويندا الله جا دشمن باھ ڏانهن پوءِ اهي (هڪ ٻئي لاءِ) ترسايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه ڏي گڏ ڪيا ويندا پوءِ اهي روڪيا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن الله جي دشمنن کي باهه ڏانهن گڏ ڪيو ويندو ته پوءِ اُنهن (جي اڳين) کي (پوين جي پهچڻ تائين) روڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن ڏِينهن عدو اَلله جا، ڪَبا ڀيڙا پاسي باھِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه ڏي گڏ ڪبا، ته هڪ ٻئي لاءِ ترسائبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ياد ڪريو) اهو وقت جڏهن الله جا اهي دشمن دوزخ ڏانهن گڏ ڪيا ويندا ۽ اڳين کي پوين جي اچڻ تائين روڪي بيهاريو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان وقت جو خيال ڪر جڏهن گڏ ڪيا ويندا دشمن الله جا دوزخ ڏانهن، پوءِ اهي بڻايا ويندا ٽولا (اڳيان پوين تائين ترسيل هوندا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى جي دشمنن کي جڏهن باهه جي طرف موڪليو ويندو ته انهن کي هڪ هنڌ روڪيو ويندو. (ته جيئن ٻيا ڏوهاري به اچي گڏ ٿين) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حَتّىٰ إِذا ما جاءوها شَهِدَ عَلَيهِم سَمعُهُم وَأَبصٰرُهُم وَجُلودُهُم بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 20) |
تانجو جڏھن (اُھي مڙيئي) اُن (دوزخ) وٽ ايندا (تنھن مھل) سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون جيڪي اُھي (دنيا ۾) ڪندا ھوا تنھنجي مٿان شاھدي ڏينديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تان جو جڏهن ان وٽ پهچندا تڏهن سندن ڪن، اکيون ۽ چمڙيون (بلڪه سڀ عضوا) سندن خلاف شاهدي ڏيندا ته ڪهڙا ڪهڙا (بد) عمل هنن ڪيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ايستائين جو جڏهن اُھي اُتي پهچندا ته انهن تي سندن ڪَنَ ۽ سندن اکيون ۽ سندن کَلون سندن ڪيل عملن بابت شاهدي ڏينديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ جڏهن سڀئي دوزخ وٽ ايندا، سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن (گوشت ۽) کلون مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون جيڪي اهي ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانجو جڏهن ايندا ان وٽ ته شاهدي ڏيندا انهن تي ڪن انهن جا ۽ اکيون انهن جون ۽ کلون انهن جون جيڪي ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ته سڀ گڏ ٿين) نيٺ جڏهن ان (دوزخ) وٽ ايندا ته سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کلون مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايستائين جو جڏهن اُهي سڀ دوزخ تائين (گڏ) پهچندا (۽ حساب شروع ٿيندو) ته انهن جا ڪن ۽ انهن جون اکيون ۽ انهن جون کَلُون انهن جي خلاف شاهدي ڏينديون انهن ڪمن تي جيڪي اُهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ قطاري ڪاهِبا، تان آيا، سِر آڙاھ، ڀَري بِيٺا اُنهن مَٿي، سَندنِ گوش گُواھ، پڻ سَنديون اُنهن اکيون، پڻ جي کَلون مٿان ماھ، جي ڪندا هُئا گُناھ، تِنهن مُوجِب مَحشر ماڳ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تان جو جڏهن سڀ اتي ايندا، تڏهن مٿن سندن ڪن، اکيون ۽ چمڙي سندن ڪيل ڪمن جي شاهدي ڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تان جو جڏهن سڀ پهچي ويندا ته سندن ڪــَـنَ ۽ اکيون ۽ سندن بدن جون چمڙيون به مٿن شاهدي ڏينديون ته هو دنيا ۾ ڇا ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن سڀ پهچي ويندا ته شاهد ٿيندا انهن تي سندن ڪَن ۽ سندن اکيون ۽ سندن بدن جون کلون ته اهي دنيا ۾ ڇا ڇا ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن اهي سڀ (ڏوهاري) جھنم جي ويجهو پھچندا ته هاڻي مٿن ڪَنَ، اَکِيُون ۽ جسم جون کلون انهن جي خلاف گواهي ڏينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لِجُلودِهِم لِمَ شَهِدتُم عَلَينا قالوا أَنطَقَنَا اللَّهُ الَّذى أَنطَقَ كُلَّ شَيءٍ وَهُوَ خَلَقَكُم أَوَّلَ مَرَّةٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 21) |
۽ پنھنجي کَلُن کي چوندا ته اسان تي شاھدي ڇو ڏنوَ؟ (سڀئي) چوندا ته اسان کي اُنھيءَ الله ڳالھرايو جنھن ھر شيء کي ڳالھرايو ۽ اُنھيءَ اوھان کي پھريون ڀيرو بڻايو ۽ (وري به) ڏانھس موٽائبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (دوزخي) پنهنجي چمڙين کي چوندا ته توهان ڇو اسان جي خلاف شاهدي ڏني آهي؟ هو چونديون ته اسان کي انهيءَ الله ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي، جنهن سڀني شين کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي. ۽ هن اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو ۽ (وري جيئاري) ڏانهس موٽايا ويا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي پنهنجي کلن کي چوندا ته توهان اسان تي شاهدي ڇو ڏني آهي، اُهي چونديون اسان کي ان الله ڳالهرايو آهي جنهن هر (ڳالهائيندڙ) شيءِ کي ڳالهرايو آهي ۽ انهي توهان کي پهريون دفعو پيدا ڪيو ۽ توهان ان ڏينهن موٽا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو پنهنجن عضون کي چوندا ته اوهان اسان جي خلاف ڇو شاهدي ڏني ته اهي جواب ۾ چوندن ته اسان کان ان الله ڳالهارايو جنهن (پنهنجي قدرت سان) سڀ ڪنهن شيءِ کان ڳالهارايو ۽ ان اوهان کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو ۽ (آخر) ان ڏي ئي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا پنهنجين کلن کي ته ڇو شاهدي ڏني اوهان اسان تي ته چونديون ڳالهرايو اسان کان الله جنهن ڳالهرايو هر شيءِ کي ۽ انهيءَ پيدا ڪيو اوهان کي پهرئين ڀيري ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اهي ڪندا هئا. ۽ اهي پنهنجن کلن کي چوندا ته ڇو اوهان اسان تي شاهدي ڏني. اهي چوندا ته اسان کان ان الله ڳالهرايو جنهن سڀ ڪنهن شئي کان ڳالهرايو ۽ ان اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي پنهنجي کلن کي چوندا ته ”توهان ڇو اسان تي شاهدي ڏني“؟ چونديون ته الله اسان کان ڳالهرايو جيڪو هر شيءِ کي ڳالهائڻ جي قوت ڏئي ٿو، ۽ ان توهان کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَونِ پَنهنجي چَمڙيِين، ته اي ساٿِي! سَدائـِين، اَسان تي آئـِين، ڪِهڙي سَبب ساک ڏِيو. چَون، ته سچ چوائـِيو، اَسان کي اَللهُ، سَڀ ڪِنهن شئِ سيکاريو، جنهن واحِد وايون واھُ!، ۽ پيدا پهرِين پور ڪَيان، صاحب ڏيئـِي ساھ، ۽ اُن ڏي سَنجھ، صُباح، مِڙئـِي موٽو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سندن چمڙين کي چوندا ”اسان تي شاهدي ڇو ڏنوَ؟“ چونديون اسان کي انهي الله ڳالهارايو آهي، جنهن هر چيز کي ڳالهارايو، هن اوهان کي پهريون دفعو به خلقيو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽائبو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو پنهنجي بدن جي چمڙين کي چوندا ته "توهان ڇو اسان تي شاهدي ڏني؟" هو ورندي ڏينديون ته "اسان کان انهيءَ الله ڳالهرايو، جيڪو سڀ ڪنهن کان ٿو ڳالهرائي، انهيءَ ئي توهان کي پهرئين ڀيري به پيدا ڪيو هو ۽ وري انهيءَ ڏانهن ئي موٽائي آندا وڃو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا اهي پنهنجي بدن جي کلن کي توهان ڇو شاهدي ڏني اسان تي؟ اهي چونديون، اسان کي ڳالهائڻ جي قوت الله ڏني، جنهن ڳالهائڻ ڏنو آهي هر شيءِ کي ۽ انهيءَ ئي پيدا ڪيو آهي توهان کي پهرين ڀيري ۽ هاڻي به انهيءَ ڏي ئي موٽايا وڃو پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي پنھنجي کَلُن کي چوندا ته توهان اسان جي مٿان ڇو گواهي ڏني؟ اُهي جواب ڏينديون ته اسان کي اُن اَلله ڳالهرايو آهي جنھن هر شيءِ کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني آهي ۽ ان ئي توهان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو ۽ ان ڏانھن ئي توهان سڀني کي موٽڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كُنتُم تَستَتِرونَ أَن يَشهَدَ عَلَيكُم سَمعُكُم وَلا أَبصٰرُكُم وَلا جُلودُكُم وَلٰكِن ظَنَنتُم أَنَّ اللَّهَ لا يَعلَمُ كَثيرًا مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 22) |
۽ اوھين پنھنجن ڪَنّن ۽ پنھنجين اکين ۽ پنھنجين کَلُن جي پاڻ تي شاھدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا ھئؤ پر اوھان ئي ڀانيو ھو ته جيڪي ڪندا ھئو تنھن مان گھڻو (احوال) الله نه ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (چمڙيون وڌيڪ کين هيئن به چونديون ته) توهان ته پاڻ کي لڪائڻ جو خيال ئي ڪونه ڪندا هئو (يعني اسان کان پنهنجا گناهه ڪونه لڪائيندا هئو. توهان کي اهو انديشو هئو ئي ڪونه ته) متان اوهان جا ڪن. اکيون ۽ چمڙيون اوهان جي خلاف شاهدي ڏين، پر اٽلندو توهان ڀائيندا هئو ته الله تعاليٰ توهان جي گهڻن ئي عملن کان ناواقف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان کان ڪيئن لِڪِي سگھو ٿا جو توهان تي توهان جا ڪَنَ ۽ توهان جون اکيون ۽ توهان جون کَلون توهان جي خلاف شاهدي ڏينديون پر توهان گمان ڪيو ته بيشڪ الله تعالى توهان جي گھڻن عملن کي نٿو ڄاڻي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اوهان جو هي حال هو جو) اوهين هن خيال سان (پنهنجي گناهن جي) پرده پوشي به ته ڪين ڪندا هئا ته اوهان جا ڪن ۽ اوهان جون اکيون ۽ اوهان جا عضوا ڪي اوهان جي برخلاف شاهدي ڏيندا بلڪ اوهين ته هن خيال ۾ (ڀليل) هئا ته خدا کي توهان جي ڪيترن ئي ڪمن جي خبر ئي نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي پردو ڪيو اوهان هن کان ته شاهدي ڏيندا اوهان تي ڪن اوهان جا ۽ نه اکيون اوهان جون ۽ نه کلون اوهان جون ۽ پر گمان ڪيو اوهان ته بيشڪ الله نٿو ڄاڻي گهڻو ان مان جيڪي ڪيو پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين پنهنجن ڪنن ۽ پنهنجين اکين ۽ پنهنجين کلن جي پاڻ تي شاهدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا هئا. پر اوهان هي گمان ڪيو هو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن مان گهڻيون ڳالهيون الله نه ٿو ڄاڻي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان ان ڪري پنهنجا گناهه نه لِڪائيندا هئا جو اوهان (کي اهو گمان به نه هيو جو اوهان) جي خلاف ڪو اوهان جا ڪَنَ اوهان جون اکيون ۽ اوهان جون کلون شاهدي ڏينديون ۽ پر اوهان ته هي گمان ڪندا هئا ته بيشڪ الله (اوهان جي) گهڻن ڪمن کي ڄاڻي ئي نه ٿو جيڪي اوهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هُئا نه ڪَندا حِجاب، ڪو ڪَندي ڪَرتوتن، ڪَنان ڪَنن پَنهنجي، ته شاهد ٿِي بِيهن، پڻ چِشم، چَمڙيون، اَهنجيون؛ ۽ مُرڳو ڀانيان مَن، ته سائـِين نه سمجھي تَن، جيڪِي لِڪِي ڪَندا هُئا لوڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين پنهنجي ڪَنن، اکين ۽ کَلن جي پاڻ تي شاهدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا هئا، مگر اوهان ائين سمجهيو هو ته جيڪي ڪند اهئا، ان مان گهڻو الله نه ڄاڻندو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان دنيا ۾ جو لڪي لڪي ڏوهه ڪندا هيؤ ته توهان کي اهو ڪو انديشو ئي نه هوندو هو ته ڪڏهن توهان جا پنهنجا ڪــَـنَ ۽ توهانجيون اکيون ۽ توهان جون کلون به توهان تي شاهدي ڏينديون، پر توهان ته ائين ئي سمجهيو ته توهانجي گهڻن عملن جي ته الله کي به خبر ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن توهان (دنيا ۾ ڏوهه ڪرڻ) وقت لڪي ٿي ويا (تڏهن اهو خيال نه آيو ته) شاهد ٿيندا توهان تي توهان جا ڪَن ۽ توهان جون اکيون ۽ توهان جون جسماني کلون پر توهان ته ائين سمجهيو هو ته الله به بي خبر آهي ڪيترن ئي توهان جي ڪيل عملن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لِڪي (گناهه جا ڪم ڪرڻ وقت) توهان ان ڳالهه جو لحاظ نه رکندا هئا ته توهان جا ڪَن، اکيون ۽ کَلون توهان تي شاهد ٿي بيهندا. (حقيقت هي آهي ته) توهان اهو گمان رکيو هو ته توهان جي گهڻن ڪمن جي الله تعالى کي خبر ئي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَذٰلِكُم ظَنُّكُمُ الَّذى ظَنَنتُم بِرَبِّكُم أَردىٰكُم فَأَصبَحتُم مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 23) |
۽ اوھان جو اُھو گمان جيڪو پنھنجي پالڻھار جي حق ۾ (غلطيءَ سان) ڀانيو ھُئو تنھن (ھاڻي) اوھان کي ھلاڪ ڪيو تنھنڪري (اڄ) ڇيئي وارن مان ٿيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر اهو اوهان جو خيال جيڪو پنهنجي پروردگار بابت رکندا هئو تنهن ئي توهان کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. سو هاڻي توهان وڏي تباهيءَ هيٺ اچڻ وارا ٿي پيا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو فقط توهان جو گمان آهي جيڪو توهان پنهنجي رب لاءِ رکيو هو، (انهي) توهان کي هلاڪ ڪيو، پوءِ توهان ڦِري نقصان وارن مان ٿي پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي اها (بد) خيالي جا اوهين پنهنجي پالڻهار بابت رکندا هئا اوهان کي تباھ ڪري ڇڏيو نيٺ اوهين نقصان وارا ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو اوهان جو (اهو) گمان آهي جيڪو گمان ڪيو اوهان پنهنجي رب ۾ هلاڪ ڪيائين اوهان کي پوءِ ٿي پيئو نقصان وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو اوهان جو گمان جيڪو اوهان پنهنجي پاليندڙ سان ڪيو تنهن اوهان کي برباد ڪيو، پوءِ اوهين نقصان وارا ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جو اهو گمان جيڪو توهان پنهنجي پالڻهار جي باري ۾ ڪيو تنهن اوهان کي برباد ڪيو پوءِ توهان نقصان وارن مان ٿي پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجو غَلط گُمان، اُهو رکيان پَنهنجي رَبَّ ۾، پوءِ اُڇلي هَيان اُهڏ ۾، اِنهِئ اَنُو مان، پوءِ هارِيَنِ مان حيران، صُبح سويرو ٿِي پِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان جو گمان، جيڪو اوهين پنهنجي ڌڻيءَ بابت ڪندا هئا، تنهن هاڻي اوهان کي چٽ ڪيو ۽ اوهين نقصان پائيندڙ ٿي ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جي انهيءَ گمان جيڪو توهان پنهنجي رب بابت ڪيو هو، تنهن ئي توهان کي برباد ڪيو، جو پوءِ توهان وڃي نقصان ۾ پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جو اهو ئي گمان جيڪو ڀانيو توهان پنهنجي رب لاءِ تنهن توهان کي برباد ڪيو، انهيءَ ڪري ئي توهان وڃي پيا وڏي خساري ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پنھنجي پالڻھار جي باري ۾ جيڪو گمان رکيو هو ان ئي توهان جو ڍينگو ڍيري ڪري ڇڏيو. تنھن ڪري توهان نقصان وارن مان ٿي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن يَصبِروا فَالنّارُ مَثوًى لَهُم وَإِن يَستَعتِبوا فَما هُم مِنَ المُعتَبينَ (آيت : 24) |
پوءِ جيڪڏھن صبر ڪندا ته (به) اُنھن جي جاءِ باھ آھي، جيڪڏھن معافي گھرندا ته (به) اُنھن کي معافي نه ملندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جيڪڏهن هو صبر ڪن ته به سندن ٽڪاڻو دوزخ آهي، (پر جيڪڏهن صبر نه ڪن ته به سندن ٽڪاڻو دوزخ آهي) ۽ جيڪڏهن هو معافي ۽ رحم جي درخواست ڪندا ته اها قبول نه پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي صبر ڪن پوءِ باه انهن لاءِ ٽڪاڻو آهي، ۽ جيڪڏهن اهي (پنهنجي رب کي) راضي ڪرڻ چاهين پوءِ اهو انهن جو چوڻ نه مڃيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اهي صبر به ڪندا ته به سندن رهڻ جي جاءِ دوزخ آهي ۽ جيڪڏهن معافي گهرندا ته به کين معافي نه ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن صبر ڪندا پوءِ باھ جاءِ آهي انهن جي لاءِ ۽ جيڪڏهن معافي طلب ڪندا پوءِ ناهن اهي معافي ڏنلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن (اهي ماڻهو) صبر ڪندا ته به باهه انهن جي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ جيڪڏهن معافي گهرندا ته به کين معافي نه ملندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (هاڻي) جيڪڏهن اُهي صبر ڪندا ته به انهن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي، ۽ جيڪڏهن معافي جو موقعو گهرندا ته به کين معافي جو موقعو نه ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي سَهن سُور، سي ته، ڀاڻو تَن جو باھ، ۽ ريجھائـِين، ته نَه ريجھندو، اُنهن سان اَلله، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن صبر ڪندا، ته به سندن ٺڪاڻو باهه آهي، ۽ جيڪڏهن معافي گهرندا ته به ڪا نه ملندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ کڻي اهي صبر ڪن (يا نه ڪن) باهه ئي سندن ٺڪاڻو هوندي ۽ جي هو معافيءَ جو موقعو گهرندا ته ان جو ڪوبه موقعو نه ڏنو ويندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڀلي اهي صبر ڪن (يا نه ڪن) پوءِ باهه ئي هوندي سندن اصل ماڳ ۽ جي چاهيندا واپسيءَ جو موقعو ته کين ڪوبه اهڙو موقعو نه ملندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي صبر ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو؟) جيڪڏهن صبر ڪندا ته به باهه ئي انهن جي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ جيڪڏهن هُو معافي گهرندا ته به کين معافي نه ملندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَيَّضنا لَهُم قُرَناءَ فَزَيَّنوا لَهُم ما بَينَ أَيديهِم وَما خَلفَهُم وَحَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ فى أُمَمٍ قَد خَلَت مِن قَبلِهِم مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ إِنَّهُم كانوا خٰسِرينَ (آيت : 25) |
۽ انھن لاءِ (شيطان) سنگتي مُقرّر ڪياسون پوءِ جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پويان آھي تنھنکي اُنھن لاءِ (سندن سنگتين) سينگاريو ۽ (انھيءَ ڪري اُنھن ٽولين ۾ گڏجي) مٿن سزا ثابت ٿي جيڪي کائن اڳ جِنّن ۽ ماڻھن مان گذري ويا آھن، بيشڪ اُھي (سڀ) ٽوٽي وارا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (دنيا واريءَ زندگيءَ ۾) اسان هنن سان (برا ۽ بدڪار) سنگتي لڳائي ڇڏيا هئا. سو انهن (سندن عملن) کي جيڪي سندن اڳيان هئا (يعني هاڻي ڪيائون پئي) ۽ جيڪي سندن پٺيان هئا (يعني اڳي ڪري چڪا هئا) تن سڀني کي سهڻو ڪري پئي پيش ڪيو (يعني کين چيائون پئي ته اهي چڱا ۽ فائدي وارا عمل آهن) ۽ جيڪو قول (يا واعدو) انهن جنن ۽ انسانن کي ڏنو ويو هو جي کانئن اڳي ٿي گذريا هئا سو سندن حق ۾ به سچو نڪتو جو هو يقيناً برباد ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن (ڪافرن) لاءِ (دنيا ۾) ڪجھه ساٿي مقرر ڪيا پوءِ انهن، انهن جي نگاهن ۾ دنيا کي سينگاريو ۽ آخرت کي وساريو ۽ انهن تي ڳالهه ثابت ٿي انهن اُمتين ۾ جيڪي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذريا آهن، بيشڪ اهي نقصان ڪندڙ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان (ڄڻ ته شيطان کي) سندن پٺيان سندن سنگتي لڳائي ڇڏيا هئا ته انهن اڳيون پويون ڳالهيون سندن نظرن ۾ سٺيون ڪري ڏيکاريون ته جنن ۽ انسانن جون امتون جي انهن کان اڳ ۾ گذري چڪيون هيون تن سان گڏ (عذاب جو) وعدو انهن جي حق ۾ به پورو ٿيو. بيشڪ اهي پنهنجو نقصان ڪرڻ وارا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مقرر ڪيا اسان انهن جي لاءِ ساٿي پوءِ سينگاريائون انهن جي لاءِ جيڪو انهن جي اڳيان آهي ۽ جيڪو سندن پويان آهي ۽ ثابت ٿيو انهن تي فرمان (عذاب) ٽولين ۾ جيڪي گذريون انهن کان اڳي جنن مان ۽ انسانن مان بلاشڪ اهي هئا نقصان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان سندن پٺيان سندن سنگتي لڳائي ڇڏيا. پوءِ جيڪو (دنياوي سامان) سندن اڳيان ۽ جيڪو سندن پٺيان آهي تنهن کي انهن لاءِ انهن (سنگتين) سينگاريو. ۽ انهن جماعتن سان مٿن (عذاب جي) ڳالهه ثابت ٿي جي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذري چڪيون آهن. بيشڪ اهي نقصان وارا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جي لاءِ گڏ رهڻ وارا (شيطان) مقرر ڪري ڇڏيا هئا پوءِ اهي سندن واسطي (بڇڙا عمل) سهڻا ڪري ڏيکاريندا هئا جيڪي انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان هئا، ۽ انهن تي (اهو) عذاب جو فرمان ثابت ٿي ويو جيڪو انهن امتن جي باري ۾ جاري ٿي چڪو هيو جيڪي جِنن ۽ انسانن مان انهن کان اڳ گذري چڪيون هيون، بيشڪ اُهي نقصان وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَلهاڙِياسون ساڻ تَن گڏ، ڪَندڙ گُمراھ، اڳيان، پويان اُنهن جي، جيڏانهن ڪن نِگاھ، ته اُنهن لئي عيب، گُناھ سَڀ ڪيؤن سِينگاري سامهان. ۽ اُنهن اُمّتن ۾، اُنهن تي ٿِئي سَزا حَقَّ صَحِي، جِنن ۽ ماڻهن مَنجھان، جي وِيُون ڪالھ ڪَهِي، حالت تَن جِي هِي، ته صَفا سُڃ تي سَندِن سَندرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن لاءِ اهڙا سنگتي بناياسون، جن کي سندن آسپاس جيڪي هو، سو سهڻو ڪري ڏيکاريو ويو، ان ڪري هو انهن ٽولين مان ٿي ويا، جيڪي کانئن اڳ جنن خواهه انسانن مان گذري ويل هيون ۽ مٿن عذاب ثابت ٿي چڪو- بيشڪ اهي سڀ نقصان پائيندڙ هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ساڻن اهڙا ساٿي لڳائي ڇڏيا هئا، جيڪي کين سندن اڳيان توڙي پٺيان واري هر شيءِ ڏسڻ ۾ سهڻي ڪري ڏيکاريندا هئا. نيٺ انهن سان به اهوئي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي ويو، جيڪو کانئن اڳ ٿي گذريل جنن ۽ انسانن جي ٽولن سان لاڳو ٿي چڪو هو. ان ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته اهي نقصان ۾ پوڻ وارا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مڙهي ڇڏيا هئا انهن تي اسان اهڙا دوست جيڪي سهڻو بڻائي ڏيکاريندا هئا هر شيءِ سندن اڳيان ۽ سندن پويان کان، ۽ آخرڪار انهن تي اهو عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي ويو جيڪو لاڳو ٿي چڪو هو انهن کان اڳ ۾ گذريل جنن ۽ انسانن تي، بيشڪ اهي خساري ۾ ئي رهڻ وارا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (حقيقت هي آهي ته) اسان انهن جي پويان سندن اهڙا دوست لڳائي ڇڏيا هئا جو اٿندي ويهندي هر طريقي سان انهن جي هر ڪم کي هو سھڻو ڪري پيش ڪندا هئا. آخرڪار انهن تي به (عذاب جو) اهوئي حڪم نافذ ٿيو جيڪو انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن جي جماعتن تي لاڳو ٿي چڪو هو. بيشڪ اُهي سڀ ماڻهو نقصان وارن مان ٿي ويا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لا تَسمَعوا لِهٰذَا القُرءانِ وَالغَوا فيهِ لَعَلَّكُم تَغلِبونَ (آيت : 26) |
۽ ڪافرن (ھڪ ٻئي کي) چيو ته ھن قَرآن کي نه ٻُڌو ۽ اُن (جي پڙھڻ جي وچ ۾) لُڙ مچايو ته مانَ اوھين غالب ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪافر چون ٿا ته هي قرآن نه ٻڌو، ۽ (جڏهن مؤمن قرآن پڙهي ٻڌائين تڏهن) شور مچايو (سيٽيون ۽ تاڙيون وڄايو ته ڪوبه قرآن مجيد ٻڌي نه سگهي) انهيءَ لاءِ ته توهان غالب پئجي وڃو (۽ مؤمن اسلام پکيڙڻ ۽ طاقت وٺڻ ۾ ناڪامياب رهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن چيو (جڏهن قرآن پڙهيو وڃي ته) توهان هيءُ قرآن نه ٻُڌو ۽ توهان ان ۾ اجائي گفتگو ڪريو ته من توهان غالب ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافر چوڻ لڳا ته هن قرآن کي ٻڌو ئي نه! ۽ (جڏهن پڙهي ته وچ ۾ وٺي) گوڙ ڪريو ته من اوهين غالب ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو ته نه ٻڌو هي قرآن ۽ لُڙُ ڪيو ان ۾ شايد اوهان غالب ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن (هڪ ٻئي کي) چيو ته هن قرآن کي نه ٻڌو ۽ ان (جي پڙهڻ جي وچ) ۾ گوڙ ڪريو ته مَنَ اوهين غالب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافرن چيو ته: ”هن قرآن کي نه ٻڌو ۽ ان (جي پڙهڻ وارن وقتن) ۾ گوڙ ڪيو ته جيئن توهان غالب رهو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦِريا، تَن فرمائيو ته هِي قُرآن نه ٻُڌو توڙ، ۽ مَنجھسِ مَچايو گوڙ، اَوهِين ٿيو مَن آڪرا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافرن پاڻ ۾ چيو ته ”هن قرآن کي نه ٻُڌو ۽ ان وچ ۾ گوڙ مچايو، ته مَن اوهين سوڀارا ٿيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪافر چون ٿا ته "انهيءَ قرآن کي اصلي نه ٻڌو ۽ ان جي پڙهڻ وقت گوڙ مچايو ته مــَـن توهان زور ٿي وڃو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي، نه ٻڌو هرگز هي قرآن ۽ خلل وجهو جڏهن اهو ٻڌايو وڃي، شايد اهڙيءَ طرح غالب پئجي وڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪافر (هڪ ٻئي کي) چون ٿا ته هن قرآن کي ٻُڌو ئي نه ۽ جڏهن اهو ٻڌايو وڃي ته ان ۾ رُخنو وجهو ته شايد توهان حاوي ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَنُذيقَنَّ الَّذينَ كَفَروا عَذابًا شَديدًا وَلَنَجزِيَنَّهُم أَسوَأَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 27) |
پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت سزا جو مزو چکائينداسون ۽ جيڪي تمام بڇڙو (ڪم) ڪندا ھوا تنھن جو بدلو ضرور کين ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (هو هرگز غالب نه پوندا) اسان ڪافرن کي يقيناً سخت عذاب جو مزو چکائينداسين ۽ جيڪي (بد) عمل هو ڪن ٿا تن جو کين پورو پورو بدلو ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسين يقيناً ڪافرن کي سخت عذاب چکائينداسين ۽ يقيناً اسين انهن کي سندن بداعماليءَ کان وڌيڪ سزا ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسين به ڪافرن کي سخت عذاب جا مزا چکائينداسون ۽ سندن ڪرتوتن جي کين تمام سخت وڏي سزا ڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ البته ضرور چکائينداسون ڪافرن کي عذاب سخت ۽ البته ضرور بدلو ڏينداسون انهن کي برو ان جو جيڪي ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت عذاب چکائينداسون. ۽ جيڪو تمام بڇڙو ڪم پيا ڪن تنهن جو بدلو کين ضرور ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ڪافرن کي ضرور سخت عذاب (جو مزو) چکائينداسين ۽ اسان کين سندن بڇڙن عملن جو بدلو ضرور ڏينداسين جيڪي اُهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦِريا،جي فَرمان کان، تَن سَخت ڏِينداسُون سُور، ۽ تَن مَدين بَدلو مُور، جيڪِي ڪَن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪافرن کي ضرور سخت عذاب چکائينداسون ۽ سندن ڪيل بڇڙن ڪمن جي سزا ضرور ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڪافرن کي ته اسان ضرور سخت عذاب جو مزو چکائينداسون ۽ سندن بڇڙين حرڪتن جو کين جوڳو بدلو ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ مزو چکائينداسين انهن ڪافرن کي عذاب جو تمام سخت، ۽ ضرور بدلو ڏينداسين انهن کي برو جيڪي به اهي بڇڙايون ڪندا رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان ڪافرن کي ضرور سخت عذاب جو مزو چکائينداسين ۽ هُو جيڪي بُرا ڪم ڪندا هئا تن جو کين بدلو ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ جَزاءُ أَعداءِ اللَّهِ النّارُ لَهُم فيها دارُ الخُلدِ جَزاءً بِما كانوا بِـٔايٰتِنا يَجحَدونَ (آيت : 28) |
الله جي ويرين جي سزا اِھا (ئي) باھ آھي، اُنھن لاءِ اُتي ھميشه جو گھر ھوندو، انھيءَ ڪري سزا (ھوندين) جو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله جي دشمنن لاءِ سزا هيءَ آهي. ڪهڙي؟ باهه. ان باهه ۾ ئي هنن جو دائمي گهر آهي. اها سزا هن ڪري آهي جو هو اسان جي نشانين ۽ حڪمن کي نه مڃيندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها باه، الله تعالى جي دشمنن جي جزا آهي، انهيءَ ۾ انهن لاءِ هميشه رهڻ آهي، (اها) جزا ان جي ڪري ته اهي اسان جي آيتن جو انڪارڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو دوزخ ئي خدا جي دشمنن جو بدلو آهي. انهن لاءِ ان ۾ هميشه (رهڻ) جو گهر آهي. ان (ڏوھ) جي سزا ۾ جو اهي اسان جي آيتن جا منڪر هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو بدلو آهي الله جي دشمنن جو باھ انهن جي لاءِ ان ۾ هميشہ رهڻ جي جاءِ آهي بدلو ٿي ان جو جيڪو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي دشمنن جو بدلو اها باهه آهي. انهن لاءِ ان ۾ هميشه رهڻ جو گهر آهي. اهي اسان جي آيتن جو جيڪو انڪار پيا ڪن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو (سخت عذاب) بدلو آهي الله جي دشمنن جو جا (جهنم جي)باهه آهي ، انهن لاءِ ان ۾ هميشه رهڻ جو گهر آهي. هي ان جو بدلو آهي جو اُهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عَدُوّن اَلله جي، لاشڪ اِهو لاڳ، آهي آگ اُنهن لئي، مَنجھسِ مُدامِي ماڳ، بي شڪ تِنهنجو ڀاڳ، جو مَڃيؤن نه، اَسان جون آيتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها باهه آهي الله جي دشمنن جي سزا! انهن لاءِ ان ۾ هميشه جو گهر هوندو، اها سزا ان ڪري هوندي جو هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهائي باهه الله جي دشمنن جو بدلو آهي، انهيءَ ۾ ئي سندن هميشه رهڻ وارو گهر هوندو. اها آهي سزا انهيءَ ڏوهه جي، جو هو اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ته بدلو آهي دشمنن الله جي لاءِ دوزخ جو، انهن جو اتي رهڻ سدائين جي لاءِ هوندو، اها آهي جزا انهن جي لاءِ، ڇاڪاڻ ته اهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي دشمنن جو بدلو باهه ئي آهي. انهن جي لاءِ اُن ۾ هميشه رهڻ واري جاءِ آهي. اسان جي آيتن جو انڪار ڪرڻ وارن جو اهوئي بدلو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا رَبَّنا أَرِنَا الَّذَينِ أَضَلّانا مِنَ الجِنِّ وَالإِنسِ نَجعَلهُما تَحتَ أَقدامِنا لِيَكونا مِنَ الأَسفَلينَ (آيت : 29) |
۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جِنّن ۽ ماڻھن مان جن اسان کي گُمراھ ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته پنھنجن پيرن جي ھيٺان ڪري لتاڙيون ته ڀلي ته (سڀ کان) ھيٺاھان ھجن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن (دنيا ۾) ڪفر جي واٽ ورتي هئي سو (جڏهن عذاب ۾ پوندا تڏهن) چوندا ته اي اسان جا پروردگار جنن ۽ ماڻهن مان جن اسان کي گمراهه ڪيو سي اسان کي ڏيکار ته اسان هنن کي پنهنجي پيرن هيٺان رکون (۽ لتاڙيون) انهيءَ لاءِ ته هو سڀني کان وڌيڪ ذليل ۽ خوار خراب ٿين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافر چوندا اي اسان جا رب اسان کي اهي جِن ۽ ماڻهو ڏيکار جن اسان کي گمراه ڪيو، اسين انهن کي پنهنجي پيرن جي هيٺان ڪريون ان لاءِ ته اهي تمام هيٺين مان هجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻهار اسان کي اهي جن ۽ انسان ڏيکارجن جن اسان کي گمراھ ڪيو ته انهن کي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو ته جيئن اهي چڱيءَ طرح ذليل ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا ڪافر ته اي اسان جا پالڻهار! ڏيکار اسان کي اهي جن اسان کي گمراھ ڪيو هو جنن ۽ انسانن مان ته ڪيون اسين انهن کي هيٺان پيرن پنهنجي تانته هجن هيٺين مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهن جو اهو بدلو اٿن. ۽ ڪافر چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي اهي جن ۽ انسان ڏيکار جن اسان کي گمراهه ڪيو ته انهن کي پنهنجن پيرن جي هيٺان ڪريون هن لاءِ ته سڀني کان هيٺيَنِ مان ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو سي چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار اسان کي جِنن ۽ انسان مان اُهي ڏيکار! جن اسان کي گمراهه ڪيو هيو ته اسان انهن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيون هن لاءِ ته اُهي سڀني کان وڌيڪ ذلت وارن مان ٿين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جَن ڪُفر ڪيو، وَراڻيون تِنهن وار، ته جَن ڪيو وَهِينءَ واٽ کان، اسان کي آوار، جِنن ۽ ماڻهن مَنجھان، سانَيمِ! سي ڏيکار، ته پنهنجي پيرن هيٺ ڪريون، تَنِين کي تڪرار، کوري مَنجھ خُوار، اَسان هيٺان هُونِ سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر چوندا ته ”اي اسان جا ڌڻي! جن جنن ۽ انسانن اسان کي گمراهه ڪيو هو، سي اسان کي ڏيکار، ته اسين انهن کي پنهنجي پيرن هيٺان ڪري لتاڙيون، ته ڀلي هو تمام هيٺ ٿين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اُتي اهي ڪافر چوندا ته "اي اسان جا رب! اسان کي اهي جن ۽ انسان ڏيکار جن اسان کي گمراهه ڪيو هو ته اسان کين پيرن هيٺان لتاڙيون ته جيئن خوب ذليل ۽ خوار ٿين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا اتي اهي ڪافر ته، اي اسان جا رب! اسان کي ڏيکار اهي جن اسان کي گمراهه ڪيو هو، اهي جن ۽ انسان، ته اسان انهن کي لتاڙيون پنهنجي پيرن هيٺان ته ڀلي اهي خوب ذليل ۽ خوار ٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي گمراهه ڪرڻ وارا جِنَ ۽ انسان (ته) ڏيکار، اسان انهن کي پنھنجي پيرن هيٺان چيڀاٽيون ته جيئن هو چڱي طرح ذليل ۽ خوار ٿين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ قالوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ استَقٰموا تَتَنَزَّلُ عَلَيهِمُ المَلٰئِكَةُ أَلّا تَخافوا وَلا تَحزَنوا وَأَبشِروا بِالجَنَّةِ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 30) |
بيشڪ جن چيو ته اسان جو پالڻھار الله آھي وري (ان ڳالھ تي) بيھڪ ورتائون تن تي (موت وقت رحمت جا) ملائڪ لھندا آھن (چوندا اَٿن) ته نه ڊڄو ۽ نڪي ڳڻتي ڪريو ۽ اُنھيءَ بھشت (جي خوشخبريءَ) سان خوش ٿيو جنھن جو اوھان کي وعدو ڏنو ويندو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو ايمان ٿا رکن ته اسان جو پروردگار فقط الله آهي ۽ پڻ (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) محڪم ۽ ثابت قدر رهن ٿا تن تي يقيناً فرشتا نازل ٿين ٿا (۽ کين چون ٿا) ته نڪي ڊڄو، نڪي ڪو غم ڪيو (خدا ۾ پورو پورو ڀروسو رکو ته هو اوهان کي ڪامياب ڪندو) ۽ انهيءَ جنت جي خوشخبري وٺو جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن چيو اسان جو رب الله آهي ان کان پوءِ ثابت قدم رهيا انهن تي (وصال وقت) ملائڪ نازل ٿين ٿا (ملائڪ چون ٿا) توهان خوف نه ڪريو ۽ توهان ڏک نه ڪريو ۽ توهان ان بهشت جي ملڻ تي خوش ٿيو جنهنجو (دنيا ۾ پيغمبرن) توهان سان وعدو ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن (سچيءَ دل سان) چيو ته اسان جو پالڻهار ته (رڳو) خدا آهي ۽ پوءِ اهي ان تي قائم رهيا تن جي (موت وقت، رحمت جا) فرشتا نازل ٿيندا (۽ چوندن) ته ڪو خوف نه ڪريو ۽ ڏک نه ڪريو ۽ جنهن بهشت جو اوهان سان وعدو ڪيو ويو هو تنهن جي خوشي ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ٻانها جن چيو ته اسان جو رب الله آهي ان کان پوءِ استقامت ڪيائون لهندا انهن تي ملائڪ ته نه ڊڄو ۽ نه غمگين ٿيو ۽ خوش ٿيو بهشت سان جنهن جو وعدو ڏنا ٿي ويئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري (ان عقيدي تي) قائم رهيا تن تي (مرڻ وقت رحمت جا) ملائڪ لهن ٿا. (۽ چون ٿا) ته نه اوهين ڊڄو ۽ نه غمگين ٿيو ۽ ان جنت جي خوشخبري ٻڌو جنهن جو اوهان کي وعدو ڏنو ويندو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پالڻهار الله آهي پوءِ اُهي (ان تي مضبوطي سان) قائم رهيا تن تي ملائڪ لهن ٿا (چون ٿا ته) ”توهان خوف نه ڪيو ۽ نه غم ڪيو ۽ ان جنت جي خوشخبري ٻڌو جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن چيو، ته اَلله اَسان جو آهي، پَروَر پالڻهار، پوءِ قائم پَنهنجي قول تي، بِيٺا بَرقرار، اُنهن تي مَلڪ اَلله جا، اُترن آخِرڪار، ته نه ڏرو، نه ڳَرو، ڪِنهن ڳالھ کان، ماڻيو بهشت بَهار، جنهن جا قول قرار، ڏِبا هُئان، هُن ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن چيو ته ”اسان جو ڌڻي الله ئي آهي“ پوءِ وري ان تي قائم رهيا، تن تي ملائڪ لهندا، ته ”نڪي ڊڄو، نڪي ارمان ڪريو ۽ انهي بهشت جي مبارڪ هجيوَ، جنهن جو اوهان کي وعدو ڏبو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن چيو ته اسان جو رب الله آهي ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهه تي ثابت قدم ٿي بيٺا، بيشڪ انهن تي ملائڪ نازل ٿيندا آهن ۽ انهن کي چوندا آهن ته نڪي ڊڄو ۽ نه ڪو ڏک ڪريو، ويتر خوشيون ڪريو انهيءَ جنت جي خوشخبريءَ سبب، جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن چيو ته رب اسان جو الله آهي، پوءِ ان تي ثابت قدم رهيا، نازل ٿيندا آهن انهن تي ملائڪ ۽ انهن کي چوندا آهن ته، نه ڊڄو ۽ نه ئي ڳڻتي ڪريو ۽ انهيءَ بشارت جنت جي تي خوشي ڪريو جنهن جو ڪيو ويو آهي توهان سان وعدو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن چيو ته الله تعالى ئي اسان جو پالڻھار آهي پوءِ هُو ان ڳالهه تي قائم به رهيا، اهڙن ماڻهن جي مٿان ملائڪ نازل ٿيندا آهن ۽ انهن کي چوندا آهن ته توهان خوف ۽ ڳڻتي نه ڪريو ۽ اوهان سان جيڪو جنت جو وعدو ڪيو ويو هو، توهان کي اُن جنت جي خوشخبري ڏني وڃي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَحنُ أَولِياؤُكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَفِى الءاخِرَةِ وَلَكُم فيها ما تَشتَهى أَنفُسُكُم وَلَكُم فيها ما تَدَّعونَ (آيت : 31) |
اسين دُنيا جي حياتيءَ ۾ اوھان جا دوست ھواسون ۽ آخرت ۾ به (اوھان جا دوست آھيون)، ۽ جيڪي اوھان جو جيءُ خواھش ڪندو سو اوھان لاءِ منجھس آھي ۽ جيڪي اوھين گھرندؤ سو (پڻ) اوھان لاءِ منجھس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان (فرشتا) دنيا جي هن زندگيءَ ۾ توڙي آخرت ۾ اوهان جا يار ۽ مددگار آهيون. ۽ توهان کي ان ۾ اهو سڀ ڪجهه ملندو جيڪو توهان جون دليون چاهينديون ۽ ان ۾ اهو سڀ ڪجهه اوهان جي لاءِ ميسر ٿي ويندو جنهن لاءِ توهان طلب ڪندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) دنيا جي حياتي ۽ آخرت ۾ اسين توهان جا مددگار آهيون ۽ توهان لاءِ بهشت ۾ اهو آهي جيڪو توهان جي دل چاهيندي ۽ توهان لاءِ ان ۾ اهو آهي جيڪو توهان گھرندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين اوهان جا دنيا جي حياتيءَ ۾ به دوست هئاسون ۽ آخرت ۾ به (ساٿي) آهيون جنهن شيءِ لاءِ اوهان جي دل گهري سا بهشت ۾ اوهان لاءِ موجود آهي ۽ جا به شيءِ اوهين گهرندو سا اتي اوهان لاءِ (حاضر) هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اسين دوست اوهان جا هئاسون حياتيءَ دنيا جيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ (به آهيون) ۽ اوهان جي لاءِ آهي ان ۾ جيڪي ڪجھ خواهش ڪن ٿا سر اوهان جا ۽ اوهان جي لاءِ ئي ان ۾ آهي جيڪي گهرندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين اوهان جا دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ دوست آهيون. ۽ اوهان جا جي جنهن شئي جي خواهش ڪندا سا اوهان لاءِ ان ۾ آهي ۽ جيڪي اوهين گهرندو سو (به) اوهان لاءِ ان ۾ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان دنيا جي زندگي ۾ اوهان جا دوست آهيون ۽ آخرت ۾ (به)، ۽ توهان لاءِ ان ۾ هر اُها شيءِ آهي جنهن جي توهان جا جيءَ خواهش ڪندا ۽ توهان لاءِ ان ۾ سڀ شيون (موجود) آهن جي توهان طلب ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِن حَياتِي ننڍڙِئَ ۾، اَسِين اَنهنجا مَددگار، ۽ پڻ آخِرت ۾؛ جنهن ۾ آهن اَوهان هار، جيڪي گُھرن جِئَ اَهنجا، حاصِل سي هَموار، ۽ تُحفي طَور اوهان لئي، جيڪي طلبيو، سو تيار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين دنيا جي حياتيءَ ۾ به اوهان جا ساٿي هئاسون ۽ آخرت ۾ به_ هن ۾ اوهان لاءِ اهو سڀ آهي، جيڪي اوهان جي دل چاهيندي ۽ هن ۾ اوهان لاءِ اهو سڀ آهي، جيڪي اوهين گهرندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن دنيا جي زندگيءَ ۾ به توهان جا ساٿي آهيون ۽ آخرت ۾ به. اتي جنهن شيءِ لاءِ توهان جي دل چوندي سا توهان کي ملندي ۽ جيڪا شيءِ طلبيندؤ سا تيار ملندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان توهان جا ساٿي آهيون هن حياتي دنيا جي ۾ ۽ آخرت ۾ ته اتي جيڪي به چاهينديون توهان جون دليون، ۽ توهان لاءِ اتي اهو آهي سڀڪجهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي توهان جا دنيا ۽ آخرت جا (حقيقي) ساٿي آهيون ۽ توهان جي دل جنھن شيءِ جي تمنا ڪندي يا جيڪا شيءِ توهان گهرندا توهان جي لاءِ موجود هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نُزُلًا مِن غَفورٍ رَحيمٍ (آيت : 32) |
(اھا) مھماني بخشڻھار مھربان (خدا) وٽان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها مهماني آهي (مؤمنن لاءِ) جا کين غفور ۽ رحيم خدا وٽان نصيب ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اها) الله تعالى جي طرفان مهماني آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها) معاف ڪندڙ مهربان (خدا) جي طرفان (اوهان جي) مهماني هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مهماني ٿي بخشڻهار مهربان وٽان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها) معاف ڪندڙ مهربان جي طرفان مهماني هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اِها) بخشڻهار ٻاجهاري (الله) جي طرفان مهماني آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاران پالڻهار، جو مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها مهماني آهي بخشيندڙ مهربان وٽان!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها هوندي مهماني انهيءَ هستيءَ وٽان جيڪو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو مهمانيءَ جو سامان ان هستي وٽان آهي جيڪو غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها مھمان نوازي وڏي معاف ڪندڙ ۽ وڏي رحم ڪندڙ جي طرفان هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَحسَنُ قَولًا مِمَّن دَعا إِلَى اللَّهِ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَقالَ إِنَّنى مِنَ المُسلِمينَ (آيت : 33) |
۽ انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڳالھ ۾ ڪير آھي جنھن الله ڏانھن سڏيو ۽ (پاڻ ۾) چڱا ڪم ڪيائين ۽ چيو ته بيشڪ آءٌ مُسلمانن مان آھيان؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گفتار ۾ انهيءَ شخص کان ڪير بهتر ٿي سگهي ٿو جيڪو الله ڏي (۽ سڌيءَ واٽ ڏي) سڏي ٿو، ۽ نيڪ ڪم ٿو ڪري ۽ اعلان ٿو ڪري ته يقيناً مان (پاڻ) فرمانبردارن مان آهيان (۽ الله جي حڪمن جي پوري پوري پيروي ڪندڙ آهيان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي جي قول کان بهتر ڇا ٿي سگھي ٿو جيڪو پاڻ الله تعالى ڏانهن سڏي ٿو ۽ پاڻ عمل صالح ڪري ٿو ۽ چوي ٿو بيشڪ آئون فرمانبردارن مان آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ڳالھ ۾ ان کان ٻيو ڪير چڱو آهي جيڪو (ماڻهن کي) خدا ڏي سڏي.۽ چڱا چڱا ڪم ڪري ۽ چوي ته آءُ به پڪ (خدا جي) فرمانبردار بندن مان آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ سهڻو آهي ڳالهائڻ ۾ ان کان جنهن سڏيو الله ڏانهن ۽ ڪيائين صالح عمل ۽ چيائين ته بيشڪ مان مسلمانن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان زياده چڱي ڳالهه ڪنهن جي آهي جنهن الله ڏي سڏيو ۽ چڱو ڪم ڪيو ۽ چيائين ته بيشڪ آءُ فرمانبردارن مان آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان وڌيڪ سهڻي ڳالهه وارو ڪير آهي؟ جنهن الله ڏانهن سڏيو ۽ نيڪ عمل ڪيائين ۽ چيائين ته بيشڪ آءٌ فرمانبردارن مان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَڇو ڪير، اُن کان، ٻولن مَنجھ ٻيو ؟ جنهن ڪوٺيو رَبَّ، ڪَرِيم ڏي، ۽ چَڱَو ڪم ڪيو، پڻ چِٽئَ رِيت چيو، ته آئون اِقرارِيَن مان آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان کان وڌيڪ سٺيءَ ڳالهه وارو ٻيو ڪير آهي؟ جنهن الله ڏانهن سڏيو ۽ چڱا ڪم ڪيائين؛ ۽ چيائين ته ”بيشڪ آءُ مسلمان آهيان!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ شخص جي ڳالهه کان وڌيڪ سهڻي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي ٿيندي، جنهن الله ڏانهن سڏيو ۽ نيڪ عمل ڪيائين ۽ چيائين ته مان مسلمان (فرمانبردار) آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪنهن جي سٺي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي هوندي جنهن سڏيو الله ڏانهن ۽ عمل سٺا ڪيا ۽ چيائين ته بيشڪ آئون مسلمان آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀلا ، ان شخص جي ڳالهه کان سھڻي ٻئي ڪنهن جي ڳالهه هوندي، جنھن الله تعالى ڏي سڏيو ۽ خود نيڪ عمل ڪيو ۽ چيو ته بيشڪ مان مسلمانن مان آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَستَوِى الحَسَنَةُ وَلَا السَّيِّئَةُ ادفَع بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ فَإِذَا الَّذى بَينَكَ وَبَينَهُ عَدٰوَةٌ كَأَنَّهُ وَلِىٌّ حَميمٌ (آيت : 34) |
۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آھن، (۽ نيڪي) جا ڏاڍي چڱي آھي تنھن سان (مدائي کي) ٽاريو، جو اُنھيءَ جي ۽ تنھنجي وچ ۾ دشمني آھي سو ڄڻڪ دوست مائٽي وارو ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) نيڪي ۽ بدي هرگز برابر ناهن. (سو اي پيغمبر!) تون (بدي ۽ برائيءَ کي) انهيءَ طريقي سان دفع ڪر جو بهترين طريقو هجي. پوءِ نتيجو هي ٿيندو جو جنهن (بري) شخص ۽ تنهنجي وچ ۾ بي اتفاقي يا دشمني هئي سو اهڙو ته ٿي پوندو جو ڄڻ ته هو گهرو ۽ گهاٽو دوست آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڀلائي ۽ برائي پاڻ ۾ برابر ٿي نه ٿيون سگھن. توهان برائي جي بدلي ۾ ڀلائي ڪريو پوءِ فوراً توهان جو دشمن ڦري ايئن ٿيندو جيئنڪ توهان جو پڪو دوست(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڀلائي برائي (ڪڏهين به) برابر ٿي نه ٿي سگهي. تون (سخت ڪلاميءَ جو) اهڙي طريقي سان جواب ڏي جو تمام چڱو هجي (ائين ڪندين) ته (تون ڏسندين) ته جنهن ۾ ۽ تو ۾ دشمني هئي سو ڄڻ ته تنهنجو دل گهريو دوست آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نٿي برابر ٿئي نيڪي ۽ نه برائي دفع ڪر ان سان جو اها گهڻو ڀلي آهي پوءِ ان وقت اهو (شخص) جو تنهنجي ۽ ان جي وچ ۾ دشمني آهي ڄڻ ته اهو دوست گهاٽو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آهن. (بديءَ کي) ان (نيڪي) سان دفع ڪر جا ڏاڍي چڱي آهي پوءِ ان ئي وقت اهو ماڻهو جنهن جي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي سو ڄڻ ته دوست مائٽي وارو ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آهن. برائي کي ڀلائي سان ٽار پوءِ ان ئي وقت اهو ماڻهو جنهن جي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني هئي ائين ٿي ويندو ڄڻڪ گَــــهَــرو دوست.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر نيڪِي نه هِڪ جِھڙِي، ۽ هَر مَدِي نه هِڪ مِثال، پوءِ اَٽڪ ٽار اُن سان، چَڱِي جيڪا چال، پوءِ، تو ۽ جِنهن جي وِچ هُجي، ڪا دُشمنِي ڌَمتال، ته ڦِري ٿِئي فِى الحال، گَھرو دوست، دِل گُھريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چڱائي ۽ برائي پاڻ ۾ برابر نه آهن_ چڱائيءَ سان برائي کي ٽار، ته اهو شخص گهر ي دوست جهڙو ٿي ويندو، جنهن ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! نيڪي ۽ بدي برابر ناهن، تون بديءَ کي انهيءَ نيڪيءَ سان مٽاءِ ، جيڪا وڌ ۾ وڌ سٺي هجي ته پوءِ ڏسندين ته جنهن جي توسان دشمني هئي، اهو تنهنجو گهاٽو دوست بڻجي ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ناهن برابر نيڪي ۽ نه برائي، تون بديءَ کي اهڙي نيڪيءَ سان بدلائي ڇڏ (جيڪا سهڻي هجي) پوءِ تون ڏسندين ته تنهنجي ۽ ان جي وچ ۾ جيڪا دشمني هئي سو دوست ٿي ويو گهاٽو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڀلائي ۽ برائي برابر نٿيون ٿي سگهن ــ تنھن ڪري تون برائي کي سھڻي شيءِ (يعني نيڪي) سان ٽاري ڇڏ. پوءِ تون محسوس ڪندين ته تنھنجي ۽ جنھن شخص جي وچ ۾ دشمني هئي اهو يڪايڪ تنھنجو پَڳ مَٽ دوست ٿي ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يُلَقّىٰها إِلَّا الَّذينَ صَبَروا وَما يُلَقّىٰها إِلّا ذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 35) |
۽ اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ ٻئي کي حاصل نه ٿيندي آھي، ۽ نڪي وڏي نصيب واري کانسواءِ (ٻئي کي) اِھا حاصل ٿيندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها (اعليٰ درجي جي) نيڪي (يعني دشمن سان به احسان ڪرڻ جي رغبت) فقط انهن کي نصيب ٿي سگهي ٿي جيڪي صبر ڪن ٿا ۽ پاڻ تي ضابطو ٿا رکن، ۽ فقط انهن کي نصيب ٿي سگهي ٿي جيڪي تمام وڏي بخت وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اها نعمت نه ٿي ملي مگر جن ماڻهن صبر ڪيو، ۽ اها نعمت نه ٿي ملي مگر وڏي خوش نصيب کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها ڳالھ رڳو انهن ماڻهن کي حاصل ٿئي ٿي جي صبر ڪرڻ وارا آهن پڻ انهن کي اها خوبي عطا ٿئي ٿي جي خوش نصيب آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه نصيب ڪيا ويندا اها (ڳالھ) مگر جن صبر ڪيو ۽ نه نصيب ڪيو ويندو اها (ڳالھ) مگر وڏي ڀاڱي وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اها (خوبي) رڳو صبر ڪرڻ وارن کي ملي ٿي. ۽ اها (خوبي) رڳو وڏي بخت واري کي حاصل ٿئي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هيءَ (نعمت) صرف انهن ماڻهن کي ملي ٿي جن صبر ڪيو، ۽ هي (سگهه) صرف ان کي ملي ٿي جيڪو وڏي نصيب وارو هوندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَوا تِنهن ، جِنهن صبر ڪيو، ماڻي سو نه ماڳ، ۽ بِنا وَڏي ڀاڳ، سا نِعمت ٻِئي نَه نَصِيب ٿِئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اها ڳالهه فقط صبر وارن کي حاصل ٿيندي آهي ۽ فقط وڏي نصيب واري کي حاصل ٿيندي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ڳالهه انهن کي ئي نصيب ٿيندي آهي، جيڪي صبر ڪندا آهن ۽ اهو مرتبو انهن کي ئي ملندو آهي، جيڪي وڏن ڀاڳن وارا هوندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اها صفت) نصيب نه ٿيندي آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي صبر ڪن ۽ نه نصيب ٿيندو آهي اهو مرتبو سواءِ ڀاڳ وارن وڏن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اها شيءِ صبر ڪندڙن کي ئي نصيب ٿيندي آهي ۽ اهو درجو وڏي ڀاڳ وارن کي عطا ڪيو ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِمّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ الشَّيطٰنِ نَزغٌ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 36) |
۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان (دل ۾) ڪا چوڪ اچي ته الله جي پناھ گھُر، ڇوته اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪڏهن به شيطان توکي بي اتفاقيءَ لاءِ ڀڙڪائي ته پوءِ خدا کان پناهه گهر (۽ سندس حڪم ياد ڪري پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪر) بيشڪ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اي ٻڌندڙ) جيڪڏهن توکي شيطان جي طرفان ڪو وسوسو پيدا ٿئي ته پوءِ تون فوراً الله کان پناه گھُر بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهان کي شيطان جي طرفان وسوسو پيدا ٿئي ته خدا جي پناھ گهرندا ڪريو ۽ بيشڪ اهو (سڀ ڪنهن جي) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن پهچي توکي شيطان کان ڪو جهٽڪو ته پوءِ پناھ وٺ الله سان بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرفان ڪو وسوسو توکي ڀڙڪائي ته الله جي پناهه گهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرفان تو کي ڪو وسوسو ڀڙڪائي ته پوءِ تون الله جي پناهه گهر. بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي شُوم شيطان کان، ڪو کُٽڪو کُٽڪئـِي خان! ته گُھر اَللهَ کان اَمان، جو سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪڏهن شيطان کان توکي دل ۾ ڪا غلطي اچي، ته الله وٽان پناهه گهر، بيشڪ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توکي شيطان پاران ڪوبه وسوسو پوي ته الله جي پناهه گهر، هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي تون ڪوبه محسوس ڪرين شيطان جي طرفان وسوسو ته پناهه وٺ الله جي، بيشڪ اهو ئي سڀڪجهه ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن توهان کي شيطان (بدلو وٺڻ لاءِ) اڀاري ته توهان فوراً الله تعالى جي پناهه گهرندا ڪريو. بيشڪ هو ٻڌندڙ ۽ وڏو ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن ءايٰتِهِ الَّيلُ وَالنَّهارُ وَالشَّمسُ وَالقَمَرُ لا تَسجُدوا لِلشَّمسِ وَلا لِلقَمَرِ وَاسجُدوا لِلَّهِ الَّذى خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُم إِيّاهُ تَعبُدونَ (آيت : 37) |
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينھن ۽ سج ۽ چنڊ آھي، نڪي سج کي ۽ نڪي چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ انھيءَ الله کي سجدو ڪريو جنھن انھن کي خلقيو جيڪڏھن خاص سنديس عبادت ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات ۽ ڏينهن، ۽ سج ۽ چنڊ سندس نشانين مان ڪي نشانيون آهن. سو سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪيو پر انهيءَ الله کي سجدو ڪيو جنهن انهن کي خلقيو آهي. جيڪڏهن توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪرڻ ٿا چاهيو. (نٿا چاهيو ته بي جان شين يا پاڻ جهڙن ماڻهن جي ڳيان نوڙي پاڻ کي ذليل ۽ خوار ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان جي نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهي، توهان سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪريو پر ان الله تعالى کي سجدو ڪريو جنهن انهن کي پيدا ڪيو جيڪڏهن خاص توهان ان جي عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان جي (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن (ته) اوهين ماڻهو نه سج کي سجدو ڪجو ۽ نه چنڊ کي ۽ جيڪڏهن اوهان کي خدا جي ئي عبادت ڪرڻي آهي ته رڳو ان کي ئي سجدو ڪريو جنهن انهن سڀني (شين) کي پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهن نه سجدو ڪيو سج کي ۽ نه چنڊ کي ۽ سجدو ڪيو الله جو جنهن پيدا ڪيو انهن کي جيڪڏهن آهيو خاص ان جي عبادت ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهي. (پوءِ) نه سج کي ۽ نه چنڊ کي سجدو ڪريو. ۽ جيڪڏهن اوهان کي الله جي عبادت ڪرڻي آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (الله) جي نشانين مان آهن رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ. نه سج کي سجدو ڪيو ۽ نه چنڊ کي، بلڪه سجدو رڳو الله کي ڪيو جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي اگر توهان ان جي ٻانهپائي ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جي آيتن مان، نِشانِيون نِروار، مَٿي ڏيہ ڏِينهن، راتيون، ۽ سِج، چَنڊ چَلن چوڌار، پوءِ نَه پُوڄيو سِج، چَند کي، ۽ پُوڄيو پالڻهار، جِنهن جوڙيا، سي جِنسار، جي آهيو ٻانَها اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ رات، ڏينهن، سج ۽ چنڊ سندس نشانين مان آهن_ اوهين نه سج کي سجدو ڪريو، نڪي چنڊ کي، پر انهي الله کي سجدو ڪريو، جنهن هنن کي خلقيو آهي، جيڪڏهن اوهين فقط انهي جي عبادت ڪريو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ الله جي نشانين مان آهن. سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪريو، بلڪه انهيءَ الله کي سجدو ڪريو، جنهن انهن کي خلقيو آهي، جيڪڏهن واقعي توهان سندس ئي عبادت ڪندڙ آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (الله جي) نشانين مان آهن رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ، نه سجدو ڪريو سج کي ۽ نه چنڊ کي، پر سجدو ڪريو ان خدا کي جنهن پيدا ڪيو آهي انهن کي، جيڪڏهن سچ پچ توهان ان جي عبادت ڪندڙ آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) رات، ڏينهن، سج ۽ چنڊ به ان جي نشانين مان آهن، تنھن ڪري سج ۽ چنڊ کي سجدو نه ڪندا ڪريو پر جيڪڏهن عبادت ڪرڻي آهي ته اُن الله کي سجدو ڪريو جنھن انهن شين کي پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنِ استَكبَروا فَالَّذينَ عِندَ رَبِّكَ يُسَبِّحونَ لَهُ بِالَّيلِ وَالنَّهارِ وَهُم لا يَسـَٔمونَ (آيت : 38) |
پوءِ جيڪڏھن وڏائي ڪن ته (ڇا ٿيو) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ آھن سي رات ۽ ڏينھن سندس تسبيحون چوندا آھن ۽ اُھي نه ٿڪبا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن (اهي ڪافر) تڪبر ڪن (۽ حق جي راهه تي نه اچن ته خدا کي ڪهڙي پرواهه آهي) ڇو ته جيڪي (فرشتا) تنهنجي پروردگار وٽ آهن سي رات ڏينهن سندس حمد ۽ ثنا ڪندا ٿا رهن (۽ سندس حڪمن جي پوري پوري پيروي ڪرڻ ۾ ڊڪ ڊوڙ ڪندا ٿا رهن) ۽ اهي ڪڏهن به ڍرائي يا سستي نٿا ڪن ۽ ٿڪجن نٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن اهي تڪبر ڪن ٿا پوءِ اهي مقرب فرشتا جيڪي رات ڏينهن الله جي تسبيح پڙهن ٿا ۽ اُهي ٿڪجي بيزار نه ٿا ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو وڏائي ڪن ته (خدا کي به انهن جي پرواھ ناهي) جيڪي (فرشتا) اوهان جي پالڻهار جي بارگاھ ۾ آهن سي رات ڏينهن ان جي تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ اهي نه ٿا ٿڪجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن تڪبر ڪن پوءِ جيڪي تنهنجي رب وٽ آهن تسبيح پڙهن ٿا ان جي رات جو ۽ ڏينهن جو ۽ اهي نه ٿڪبا آهن .لسجدة (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ان الله کي سجدو ڪريو جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي. پوءِ (به اي پيغمبر !) جيڪڏهن (اهي ماڻهو) وڏائي ڪن ته جيڪي (ملائڪ) تنهنجي پاليندڙ وٽ آهن سي رات ۽ ڏينهن سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي نه ٿا ٿڪجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اُهي وڏائي ڪن پوءِ جيڪي (ملائڪ) تنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ آهن اُهي رات ۽ ڏينهن سندس تسبيح ڪن ٿا ۽ اُهي ٿڪجن نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سائـِين کي سَجدي کان، جي غافِل ڪن غُرور، پوءِ جي تُنهنجي ڌَڻِئَ وَٽ، حاضر مَنجھ حُضور، ڏِينهن، رات نَمن اُن کي، آڌِئَ، خواھ اَسُور، ۽ اُهي نَه ٿڪن مُور، صاحِب جي ساراھ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن هو هٺ ڪن، ته جيڪي (ملائڪ) تنهنجي ڌڻيءَ وٽ آهن سي رات ڏينهن سندس پاڪائي بيان ڪندا آهن ۽ هو نه ٿڪبا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن اهي وڏائيءَ ۾ ڀرجي هوڏ ڪري ٿا بيهن ته پرواهه ناهي، جيڪي ملائڪ تنهنجي رب وٽ آهن، سي رات ڏينهن سندس تسبيح ڪندا ٿا رهن ۽ هرگز نٿا ٿڪجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن پنهنجي غرور تي اهي ماڻهو اڙجي بيٺا ته (پرواهه ناهي) (فرشتا جي) ساراهه ڪندا رهن ٿا پنهنجي رب جي رات ۽ ڏينهن ۽ اهي ٿڪبا ناهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هي ماڻهو (سجدي ڪرڻ کان) وڏائي ڪن ٿا ته (ڇا ٿي پيو؟ ڇو ته) جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ ملائڪ آهن، اهي رات ڏينھن تسبيح ڪري رهيا آهن ۽ ڪڏهن ٿڪجندا به نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن ءايٰتِهِ أَنَّكَ تَرَى الأَرضَ خٰشِعَةً فَإِذا أَنزَلنا عَلَيهَا الماءَ اهتَزَّت وَرَبَت إِنَّ الَّذى أَحياها لَمُحىِ المَوتىٰ إِنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 39) |
۽ سندس (قدرت جي) نشانين مان ھيءُ به آھي جو زمين کي وساڻل ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس (مينھن جو) پاڻي وسايو سون (تڏھن) چري ۽ اُڀامي، بيشڪ جنھن اُنھي (زمين) کي جياريو آھي سو ضرور مُئن کي (به) جيارڻ وارو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندس نشانين مان هڪ هيءَ آهي جو تون زمين کي ويران ڏسين ٿو. پوءِ جڏهن ان جي مٿان مينهن وسايون ٿا تڏهن اها (گاهن پوکن ۽ اوڀڙن سان) لڏڻ لمڻ لڳي ٿي ۽ گل ڦل وڌائي ٿي. جنهن الله (اهڙيءَ طرح) انکي زنده ڪري ڇڏيو سو يقيناً (قيامت جي ڏينهن) مئلن کي جيئرو ڪري ٿو سگهي. يقيناً هو هر چيز تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تون ان جي نشانين مان خشڪ غيرآباد زمين ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسين ان جي مٿان بارش وسايون ٿا ته اها (زمين) تازي ٿي سلا اُڀاري ٿي، بيشڪ جيڪو ان کي جياري ٿو يقيناً (اهو ئي) مُئلن کي جياريندڙ آهي، بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندس (قدرت جي) نشانين مان هڪ هيءَ به آهي ته اوهين زمين کي سڪل ۽ سواءِ ساوڪ جي ڏسو ٿا. وري جڏهن ان تي مينهن وسايون ٿا. ته سرسبز ٿئي ٿي ۽ ڦلاري ٿي. بيشڪ جنهن (خدا مئل) زمين کي جيئرو ڪيو سو مردن کي به جياريندو. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي نشانين مان آهي ته بيشڪ تون ڏسندين زمين کي وساڻل پوءِ جڏهن لاٿوسين ان تي پاڻي ته تازي ٿي ۽ وڌي بيشڪ اهو (الله) جنهن آباد ڪيو ان کي البته جيئرو ڪندڙ آهي مئلن جو بيشڪ اهو هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) سندس (قدرت جي) نشانين مان هي به آهي ته تون زمين کي سڪل ڏسين ٿو پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته سرسبز ٿئي ٿي ۽ ڦنڊي ٿي. بيشڪ جنهن زمين کي جياريو سو ضرور مئلن کي جيارڻ وارو آهي. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سندس نشانين مان هي به آهي ته تون زمين کي خُشڪ ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسان ان تي پاڻي وسايون ٿا ته اها سرسبز ٿئي ٿي ۽ اڀرڻ لڳي ٿي. بيشڪ جنهن زمين کي جياريو سو ئي مئلن کي جيارڻ وارو آهي. بيشڪ اهو هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن جي آيتن مان، ڀُون پَسِين بيران، پوءِ جڏهن اُتاريوسون، اُن مٿي، ڀيج ڀِنِي باران، ته چُرِي ۽ مَٿِي چَڙِهي، ٿِيا چِلر مَنجھ چوگان، جنهن جِياريو اُن کي، وَسائـِين ويران، مُئا جيارِيندڙ مُورهِين، آهي سو عيان، سوبارِي بي گمان، آهي قادِر هَرڪِنهن ڪم مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندس نشانين مان هڪ هيءَ آهي، جو تون زمين کي وساميل ڏسندو آهين؛ پوءِ جڏهن مٿس پاڻي وسايون ٿا، ته چري ۽ اڀامي ٿي_ بيشڪ جنهن انهي کي جيئاريو آهي، سو ضرور مئن کي به جيئاريندو_ اهو هر ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جي نشانين مان هڪڙي اها به آهي، جو تون ڏسندو آهين ته زمين ويران پئي هوندي آهي، پوءِ جيئن ئي اسان مٿس پاڻي وسايوسين ته هڪدم حرڪت ۾ اچي وئي ۽ وٺي ڦٽڻ لڳي، بيشڪ جيڪو الله ان مئل زمين کي جيئرو ٿو ڪري، سو ئي مئن کي به جيئرو ڪندڙ آهي، بيشڪ هن کي سڀ ڪا طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (الله جي) نشانين مان هڪ اها به آهي جو تون ڏسندو آهين ته زمين ويران پئي آهي، پوءِ جيئن ئي اسان وسايو ان تي پاڻي ته امالڪ اها ڪر کڻي ٽڙي پوندي آهي، بيشڪ جيڪو (خدا) حياتي بخشي ٿو ان مئل (زمين) کي، سو مئن کي حياتي ڏيندڙ آهي، بيشڪ اهو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي نشانين مان هي به آهي ته تون زمين کي صفا خشڪ ڏسين ٿو پوءِ جڏهن اسان ان جي مٿان پاڻي نازل ڪريون ٿا ته اها فوراً سر سبز ٿي وڃي ٿي ۽ پوک لهرائڻ لڳي ٿي. بيشڪ جيڪو زمين کي جياري ٿو اهو ئي مئل انسانن کي به جياريندو. بيشڪ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُلحِدونَ فى ءايٰتِنا لا يَخفَونَ عَلَينا أَفَمَن يُلقىٰ فِى النّارِ خَيرٌ أَم مَن يَأتى ءامِنًا يَومَ القِيٰمَةِ اعمَلوا ما شِئتُم إِنَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 40) |
بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪندا آھن سي اسان کان ڳُجھا نه آھن، ڀلا جيڪو باھ ۾ وجھبو سو ڀلو آھي يا جيڪو قيامت جي ڏينھن اَمن وارو ٿي ايندو؟ جيڪي وڻيوَ سو ڪريو بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو خُدا ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو جيڪي اسان جي آيتن ۽ حڪمن بابت غلط فهمي پيدا ڪن ٿا سي ماڻهو اسان کان ڳجها ڪونه آهن، پوءِ جنهن کي باهه ۾ اڇلايو ويندو سو بهتر آهي يا اهو جو قيامت جي ڏينهن امن امان سان سلامت هليو ايندو؟ (اي ڪافرو!) جيڪي وڻيوَ سو ڪيو يقيناً هو اهو سڀ ڪجهه ڏسي ٿو جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا (۽يقيناً هو اوهان کي ناڪام ۽ مغلوب ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن ۾ ٽيڙائي طلب ڪن ٿا (اُهي) اسان کان مخفي ناهن، ڇا پوءِ اهو ماڻهو بهتر آهي جيڪو باه ۾ وڌو وڃي يا اهو بهتر آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن (باهه کان) امن ۾ آهي، جيڪو توهان چاهيو اهو عمل ڪريو، بيشڪ اهو توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڦير گهير پيدا ڪن ٿا سي هرگز اسان کان ڳجها نه آهن. ڀلا جو ماڻهو دوزخ ۾ وجهيو سو چڱو آهي يا جيڪو قيامت جي ڏينهن سواءِ خطري جي ايندو؟ (خير!) جيڪي وڻيو سو ڪريو! (پر!) جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي اهو ضرور ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهي شخص جيڪي ڏنگائي ڪن ٿا اسان جي آيتن ۾ نٿا ڳجها رهن اسان کان ڇا پوءِ جيڪو اڇلايو ويندو باھ ۾ ڀلو آهي يا جيڪو ايندو امن وارو ٿي قيامت جي ڏينهن ڪيو جيڪي گهرو بلاشڪ اهو جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي پيدا ڪن ٿا سي اسان کان ڳجها نه آهن. ڇا جنهن کي باهه ۾ وجهبو سو چڱو آهي يا جيڪو قيامت جي ڏينهن امن وارو ٿي ايندو.(اي انسانو !) جيڪي وڻيوَ سو ڪريو! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي اهو ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي پيدا ڪن ٿا سي اسان کان ڳجها نه آهن. ڀلا جيڪو ماڻهو باهه ۾ اڇلايو وڃي (اُهو) ڀلو آهي يا اُهو ماڻهو جيڪو قيامت جي ڏينهن امن وارو ٿي اچي؟ توهان جيڪي چاهيو سو ڪيو، بيشڪ اُهو توهان جيڪي عمل ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان جي اُهڃاڻن ۾، جي وَر هَلن وَهلور، اسان کان اَصل نه رَهن، مَخفِي سي مَخمور، ڇا، ڀَلو سو، جو اُڇلبو، باھِ ۾، ڀَرپُور؟، يا اِيندو مَحشر ماڳ ۾، جو اَمن سان اَهگور؟ وَڻي ڪِهڙا ڪم ڪريو، مَرضي مُوجِب مُور، جي ڪريو ڪَم، قُصور، هُو مَٿان ڏِسَندڙ مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي ڪن ٿا سي پڪ اسان کان ڳجها نه آهن_ ڀلا جيڪو باهه ۾ پوندو سو چڱو، يا جيڪو قيامت ڏينهن امن وارو ٿي ايندو؟ جيڪو وڻيوَ سو پيا ڪريو، الله اوهان جي ڪمن کي پڪ ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن جو اُبتو مطلب ٿا وٺن اهي اسان کان ڳجها نه آهن. ڀلا سوچيو ته اهو شخص ڀلو آهي، جيڪو باهه ۾ اڇلايو ويندو يا اهو جيڪو قيامت جي ڏينهن صحيح سلامت اچي حاضر ٿيندو؟ ڪندا رهو جيڪي وڻيوَ، الله ته توهان جي سمورين حرڪتن کي ڏسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي شخص ابتيون معنائون ڏين ٿا اسان جي آيتن کي، ناهن لڪل سي اسان کان، پاڻ ئي سوچيو، ڇا اهو شخص جيڪو اڇليو ويندو باهه ۾، ڀلو آهي يا اهو جيڪو سلامتيءَ سان اچي حاضر ٿيندو قيامت جي ڏينهن؟ ڪندا رهو جيڪي وڻيوَ، بيشڪ اهو (الله) توهان جي سڀني حرڪتن کي ڏسي رهيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن جي غلط معنيٰ ڪن ٿا، سي اسان کان ڪو لڪيل ته نه آهن. ڇا جنھن ماڻهوءَ کي باهه ۾ اڇلايو ويندو، اهو بھتر آهي يا اهو جيڪو قيامت جي ڏينھن وڏي سڪون سان اچي حاضر ٿيندو؟ اوهان کي جيڪو وڻيوَ سو ڪريو. بيشڪ هو توهان جي عملن تي خوب نظر رکي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِالذِّكرِ لَمّا جاءَهُم وَإِنَّهُ لَكِتٰبٌ عَزيزٌ (آيت : 41) |
بيشڪ جن قرآن جو (اُنھي وقت) انڪار ڪيو جڏھن وٽن آيو (سي اسان کان ڳُجھا نه آھن)، ۽ بيشڪ اُھو ڪتاب عزّت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (خدائي) وحي ۽ پيغام کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي جڏهن اهو وٽن اچي ويو آهي (سي ماڻهو خدا کان ڳجها ڪونه آهن). ۽ يقيناً اهو (وحي يعني قرآن) وڏي طاقت ۽ اثر وارو ڪتاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو مقدس ذڪر جو انڪار ڪن ٿا جڏهن اهو انهن وٽ پهتو، بيشڪ اهو هڪ مقدس ڪتاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن وٽ نصيحت آئي ۽ ان جو انڪار ڪيو (سي پنهنجو نتيجو ڏسندا) ۽ بيشڪ هي قرآن ته يقينا هڪ وڏي مرتبي وارو ڪتاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن انڪار ڪيو قرآن جو جڏهن آيو انهن وٽ ۽ بلاشڪ اهو البته ڪتاب عزت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن قرآن جو انڪار ڪيو جڏهن وٽن آيو (سي اسان کان لڪل نه آهن) ۽ بيشڪ اهو شاندار ڪتاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن قرآن جو انڪار ڪيو جڏهن وٽن آيو (اها انهن جي بدبختي آهي)، ۽ بيشڪ اهو (قرآن) وڏي عزت وارو ڪتاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جَن ڪُوڙ ڪوٺيو، هِي موچارو مَذڪُور، آيُنِ جڏهن، ۽ آهي اِهو ڪِتاب زَبر ضَرُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن شخصن وٽن قرآن جي اچڻ تي، انڪار ڪيو (سي اسان کي پڪ معلوم آهن) ۽ بيشڪ اهو عزت وارو ڪتاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن وٽ جڏهن نصيحت وارو ڪلام آيو ته ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. پر (حقيقت هيءَ آهي ته) هي هڪ زبردست ڪتاب آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي اهي ماڻهو آهن جن ڪفر ڪيو نصيحت ڀرئي ڪلام جو جڏهن انهن وٽ آيو، پر حقيقت هيءَ آهي ته اهو ڪتاب تمام زبردست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن وٽ قرآن آيو، انهن (ان جو) انڪار ڪيو (سي به اسان کان لڪيل نه آهن) بيشڪ هي هڪ زبردست ڪتاب آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَأتيهِ البٰطِلُ مِن بَينِ يَدَيهِ وَلا مِن خَلفِهِ تَنزيلٌ مِن حَكيمٍ حَميدٍ (آيت : 42) |
جو نڪي اُن جي اڳيان ۽ نڪي اُن جي پويان ڪُوڙ داخل ٿيندو آھي، حڪمت واري ساراھيل (الله جي پار) کان لاٿل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪابه باطل (يعني ڪوڙي يا غلط) ڳالهه اڳئين طرف کان يا پٺئين طرف کان ان جي ويجهو اچي نٿي سگهي. اهو ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيو آهي جو وڏي حڪمت وارو آهي ۽ سڀني اعليٰ صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) باطل ان جي اڳيان ۽ پويان نٿو اچي سگھي، ۽ اهو نازل ڪيل آهي وڏي حڪمت واري ساراهيل رب جي طرفان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪوڙ نه ان جي اڳيان اچي سگهي ٿو ۽ نه ان جي پٺيان ۽ (هي ڪتاب ته) حڪمت واري ساراهيل (خدا) جي طرفان نازل ٿيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿو اچي باطل ان جي اڳيان ۽ نه ان جي پويان نازل ڪرڻ آهي حڪمت واري ساراهيل جي طرفان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه ان جي اڳيان ۽ نه ان جي پٺيان ان سان ڪوڙ ملي سگهي ٿو. حڪمت واري ساراهيل جي طرفان لاٿل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) باطل ان جي طرف نه ٿو اچِي سگهي نه ان جي اڳيان کان نه ان جي پويان کان. (هي) حڪمت واري ساراهيل (الله) جي پاران نازل ٿيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڳي، پوءِ اُن ۾، نَه اَچي ڪُوڙ فُتُور، نازِل آهي نُور، ساراهِيَل سَٻوجھ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن جي نڪي اڳيان باطل اچي سگهندو، نڪي پٺيان؛ اهو ڏاهپ واري ۽ واکاڻ واري (الله) کان لٿل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باطل نڪي سندس اڳيان مٿس ڪاهه ڪري سگهي ٿو ۽ نه پٺيان، اهو ته پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل داناءَ جو نازل ڪيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نٿو اچي سگهي باطل ان تي سامهون ۽ نه پويان کان، هي نازل ڪيل آهي حڪمت واري حميد جي طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪوڙ ۾ اها جرئت ئي نه آهي ته هو هن قرآن جي سامھون اچي مقابلو ڪري ۽ نه ئي هن جي پويان اچي وار ڪري. ڇوته هي هڪ وڏي حڪمت واري ۽ تعريف جي لائق هستي طرفان نازل ٿيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يُقالُ لَكَ إِلّا ما قَد قيلَ لِلرُّسُلِ مِن قَبلِكَ إِنَّ رَبَّكَ لَذو مَغفِرَةٍ وَذو عِقابٍ أَليمٍ (آيت : 43) |
(اي پيغمبر) توکي اُنھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه چئبو آھي جيڪي توکان اڳ (ٻـين) پيغمبرن کي چيو ويو ھو، بيشڪ تنھنجو پالڻھار بخشش وارو (به) آھي ۽ ڏکوئيندڙ سزا ڏيڻ وارو (به) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) توکي (وحي جي وسيلي) اهوئي ٻڌايو وڃي ٿو جو توکان اڳين رسولن کي ٻڌايو ويو هو. يقيناً تنهنجو پروردگار (مؤمنن لاءِ) بخشش جو مالڪ ۽ (ڪافرن لاءِ) سخت سزا جو مالڪ آهي. (يعني سچن مؤمنن جون خطائون معاف ڪندڙ آهي ۽ منڪرن کي سخت سزا ڏيندڙ آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪافرن جي طرفان توهان کي اهو ڪجھه چيو وڃي ٿو جيڪو انهن توهان کان اڳين پيغمبرن کي چيو، بيشڪ توهان جو رب مغفرت جو مالڪ ۽ دردناڪ عذاب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تو کي به اهو ئي چيو وڃي ٿو جيڪي تو کان اڳ ۾ پيغمبرن کي چيو ويو آهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار بخشڻهار به آهي ۽ دردناڪ عذاب (ڏيڻ) وارو به آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿو چيو وڃي تولاءِ مگر جيڪو تحقيق چيو ويو رسولن جي لاءِ اڳي توکان بلاشڪ تنهنجو رب البته بخشش وارو آهي ۽ دردناڪ عذاب ڏيڻ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) جو توکان اڳ رسولن کي چيو ويو آهي سو ئي توکي چيو وڃي ٿو. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ معاف ڪرڻ وارو ۽ دردناڪ عذاب ڏيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي رسول!) جيڪي تو کي چيو وڃي ٿو اِهي اُهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي تو کان اڳين رسولن کي چيون ويون هيون. بيشڪ تنهنجو پالڻهار بخشش وارو آهي ۽ دردناڪ سزا ڏيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توسان نه ڳالهائـِينِ ڳالھ، مگر توکان مَهند ڀَرو، پِيارن پيغمبرن کي، چيو وِيو جِنهن چال رَبُّ بَخشِيندڙ بَحال، پڻ سَزا ڏِيندڙ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي رسول! تو کي به ائين ئي چئجي ٿو، جيئن توکان اڳ ٻين رسولن کي چيو ويندو هو- بيشڪ تنهنجو ڌڻي بخشش وارو به آهي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب وارو پڻ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توکي جيڪي ڪجهه ٻڌايو پيو وڃي ان ۾ ته اهڙي ڪابه شيءِ ناهي، جيڪا توکان اڳ ٿي گذريل رسولن کي نه ٻڌائي وئي هئي، بيشڪ تنهنجو رب ڏاڍيءَ بخشش وارو آهي ۽ وري وٽس ڏاڍي دردناڪ سزا به آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) جيڪي ٻڌايو وڃي ٿو توکي ان ۾ ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جيڪا چيل نه هجي رسولن کي توکان اڳي جيڪي آيا، بيشڪ تنهنجو رب وڏو معاف ڪندڙ آهي ۽ ان سان گڏ سزا به ڏيڻ وارو آهي دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هنن ماڻهن جي طرفان) جيڪو ڪجهه توکي چيو وڃي ٿو (بلڪل اهڙي طرح) توکان اڳ گذريل رسولن کي به چيو ويو هو. بيشڪ تنھنجو پالڻھار وڏو بخشڻهار ۽ دردناڪ عذاب ڏيڻ تي قدرت رکي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو جَعَلنٰهُ قُرءانًا أَعجَمِيًّا لَقالوا لَولا فُصِّلَت ءايٰتُهُ ءَأَعجَمِىٌّ وَعَرَبِىٌّ قُل هُوَ لِلَّذينَ ءامَنوا هُدًى وَشِفاءٌ وَالَّذينَ لا يُؤمِنونَ فى ءاذانِهِم وَقرٌ وَهُوَ عَلَيهِم عَمًى أُولٰئِكَ يُنادَونَ مِن مَكانٍ بَعيدٍ (آيت : 44) |
۽ جيڪڏھن اِن (ڪتاب) کي عجمي (يعني عربيءَ کان ڌارين ٻوليءَ ۾) قرآن ڪريون ھا ته ضرور (ڪافر) چون ھا ته سنديس آيتون ڇونه کولي بيان ڪيون ويون، ڀلا (قرآن) عجمي (ٻوليءَ ۾) ۽ (ٻڌڻ وارا) عربيءَ (ٻوليءَ) وارا آھن (سو ڇو) ؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ شفا آھي، ۽ جيڪي نه مڃيندا آھن تن جي ڪَنّن ۾ گھٻرائي آھي ۽ اُھو (قرآن) مٿن انڌائي آھي، اِھي (اُنھن وانگر آھن جو) ڄڻڪ ڏورانھين ھنڌ کان سڏيا ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اسان (عربي زبان ۾ نه پر) ڪنهن ٻي عجمي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد موڪليون ها ته هي ماڻهو چون ها ته ان جون آيتون ۽ حڪم تفصيل سان چٽيءَ طرح ڇو نه سمجهايل آهن. ڇا (قرآن) عجمي ٻوليءَ ۾ ۽ (رسول) عربي؟ (تنهن ڪري قرآن مجيد عربي ۾ نازل ڪيو ويو) (اي پيغمبر!) تون (ماڻهن کي) کولي ٻڌاءِ ته اهو قرآن مؤمنن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ (روحاني يعني دل ۽ دماغ جي بيمارين لاءِ) شفا آهي. پر جيڪي ايمان نٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ڳوراڻ ۽ ٻوڙاڻ آهي ۽ هي ڪتاب انهن جي لاءِ نابينائي آهي (يعني قرآن تي غور ڪندڙ روشنيءَ ۾ اچي ٿا وڃن ۽ قران جي مخالفت ڪندڙ عقل جا انڌا ٿي ٿا پون). (اهي اهڙا ته ٻوڙا ٿي ٿا پون جو ڄڻ ته) هنن کي ڪنهن تمام دوريءَ واري جاءِ تان سڏيو ٿو وڃي (سو هو بلڪل ڪونه ٿا ٻڌن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين قرآن ڪريم کي عجمي زبان ۾ نازل ڪريون ها ته يقيناً اهي چون ها ته ان جون آيتون ڇو نه چٽيون ڪيو ويون. ڇا قرآنُ عجمي ۽ رسولُ عربي ! رسولِ عربي توهان فرمايو اهو قرآن مؤمنن لاءِ هدايت ۽ شفاء آهي، ۽ جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻن انهن جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي ۽ قرآن ڪريم انهن لاءِ اونداهي آهي جيئنڪ انهن کي پري کان سڏيو وڃي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين هن قرآن کي عربي زبان کان سواءِ (ڪنهن) ٻي زبان ۾ نازل ڪريون ها ته اهي (مڪي جا ڪافر) چون ڪين ها ته ان جي آيتن کي (اسان جي زبان) ۾ ڇو نه تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ڇا (قرآن جي) عجمي ۽ (ٻڌڻ وارا وري) عربي ٻوليءَ وارا! (اي پيغمر!) کين چئو ته اهو (قرآن) ايمان وارن لاءِ (سموري) هدايت ۽ (هر مرض جي) شفا آهي. ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اهو (قرآن) سندن حق ۾ انڌائيءَ (جو سبب) آهي ته (ٻوڙائپ سبب ڄڻ ته) کين ڏوراهين هنڌ کان سڏيو وڃي ٿو (۽ ٻڌن نه ٿا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪيون ها اسان ان کي قرآن عجمي ٻوليءَ ۾ ته البته چون ها ته ڇو نه کولي بيان ڪيون ويون آيتون ڇا (ڪتاب) عجمي ۽ (نبي) عربي؟ فرماءِ ته اهو انهن جي لاءِ جن ايمان آندو هدايت ۽ شفا آهي ۽ جيڪي ايمان نٿا آڻين ڪنن انهن جي ۾ ٻوڙائپ آهي ۽ اهو انهن تي انڌائي آهي اهي سڏيا وڃن ٿا پرانهين هنڌ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين ان کي عجمي زبان ۾ قرآن ڪريون ها ته (مڪي جا ڪافر) چون ها ته ان جي آيتن کي (اسان جي زبان ۾ ) ڇونه کولي بيان ڪيو ويو آهي. ڇا (قرآن جي) عجمي ٻولي ۽ (ٻڌڻ وارا) عربي ٻوليءَ وارا! (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اهو (قرآن) ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ (روحاني بيمارين لاءِ) شفا آهي ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻين تن جي ڪنن ۾ ٻوڙا ئي آهي ۽ اهو (قرآن) سندن حق ۾ انڌا ئي آهي (ڄڻ ته) کين ڏوراهين هنڌ کان سڏيو وڃي ٿو (ان ڪري ٻڌي نه ٿا سگهن). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان هن کي عجمي زبان جو قرآن بنايون ها ته چون ها: ”ان جي آيتن کي ڇونه کولي کولي بيان ڪيو ويو آهي. ڇا هي ڪتاب عجمي آهي ۽ رسول عربي آهي“. چؤ ته اهو ايمان وارن لاءِ هدايت ۽ شفاء آهي. ۽ جيڪي ايمان نه ٿا آڻن تن جي ڪنن ۾ ڳَــــرائِـــي آهي ۽ اهو انهن جي حق ۾ انڌائي آهي. (ڄڻڪ) کين پَـــرَاهِين پنڌ کان سڏيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪر ٻولِي ٻِئَ ۾، ڪَيوسون قُرآن، چي، ڇو نه اَسان لئي اُن جا، وِيا کوليا خُوب بيان؟ سُڻندڙ صَفا عَرِبي، ۽ ٻِي ٻولِئَ ۾، فَرمان، چَئو، سُونهپ ۽ صِحت تَن لئي، آندو جَن اِيمان، ۽ ڳَراڻَ تَن ڪَنن ۾، نه وِسهن، جي ويران، ۽ اِهوئي اُنهن تي، اَنڌپ آهي عيان، ڪَرڪنان ڏور مَڪان، ڪجن جن کي ڪُوڪَرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڪريون ها ته هي ضرور چون ها ته ”سندن آيتون کولي ڇو نه بيان ڪيل آهن؟ ڀلا (ائين ڇو جو) غير عربي ٻولي ۽ عربي ٻڌندڙ!“ چئو ته اهو مؤمنن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ شفا آهي، ۽ نه مڃيندڙن جي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي ۽ اها مٿن انڌائي آهي- اهي ڄڻ ته ڪنهن پرانهين هنڌ کان ٿا سڏجن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان ان کي عجمي قرآن (عربيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ وارو قرآن) بڻائي موڪليون ها ته اهي ماڻهو چون ها ته "ڇو نه هن جون آيتون کولي چٽيون ڪري بيان ڪيون ويون آهن؟ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي جو ڪلام آهي عجمي ۽ ٻڌندڙ عربي!" چوين ته اهو قرآن ايمان آڻڻ وارن لاءِ هدايت ۽ شفا آهي پر جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين، تن لاءِ هو ڪنن جو ٻنجو ۽ اکين جي انڌائپ آهي. انهن جي حالت اها آهي جو ڄڻ ته کين پري کان پيو سڏيو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي موڪليون ها قرآن کي عجمي زبان ۾ ته اهي چون ها، ڇو نه ان جون آيتون چٽيون بيان ڪيون؟ عجب آهي جو ڪلام عجمي آهي ۽ مخاطب عربي، چؤ انهن کي، اهو (قرآن) ايمان آڻڻ وارن لاءِ هدايت ۽ شفا آهي، ۽ جيڪي نٿا ايمان آڻين، تن جي لاءِ ڪنن جو ٻنجو ۽ اهو انهن جي لاءِ پٽي آهي اکين جي، انهن جي حالت ائين آهي جيئن کين پڪاريو ويندو هجي ڪنهن پراهين هنڌ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان هن قرآن کي عربي ٻولي کان سواءِ ٻي ٻولي ۾ نازل ڪيون ها ته هي ماڻهو ضرور چون ها ته ان جي آيتن کي صفا کولي (عربي ٻوليءَ ۾) ڇو نه بيان ڪيو ويو (اسان کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته) قرآن ٻي ٻولي ۾ ۽ وري ٻڌندڙ ۽ مخاطب عربي ٻولي ڳالهائڻ وارا؟ تون چؤ ته جيڪي ماڻهو ان تي ايمان آڻيندڙ آهن انهن لاءِ ته اهو قرآن هدايت ۽ (هر قسم جي بيمارين جي) شفا جو ذريعو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ان کي نٿا مڃين انهن جا ڪَنَ(حق ڳالهه ٻڌڻ کان) بند آهن ۽ قرآن (جي روشني) انهن لاءِ انڌائپ (جو سبب) آهي (جيئن چمڙو ڏينهن جو سج جي روشنيءَ ۾ اک کڻي نه ڏسي سگهندو آهي) ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته کين پري کان ٿو سڏيو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَاختُلِفَ فيهِ وَلَولا كَلِمَةٌ سَبَقَت مِن رَبِّكَ لَقُضِىَ بَينَهُم وَإِنَّهُم لَفى شَكٍّ مِنهُ مُريبٍ (آيت : 45) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ منجھس اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار کان حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ته سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪيو وڃي ھا، ۽ بيشڪ اُھي کانئس وڏي شڪ ۾ (پيل) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، پر پوءِ ان بابت اختلاف ڪيا ويا (۽ فرقا ٺاهيا ويا) جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان اڳ ئي حڪم صادر ٿيل نه هجي ها ته هنن جي وچ ۾ فيصلو ڏنو وڃي ها، ۽ يقيناً اهي (يهودي تورات جي پيشنگوئي ۽ قرآن مجيد بابت) شڪ ۾ پيل ۽ منجهيل ۽ پريشان آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب عطا ڪيو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن (عذاب لاءِ) الله جو پهريائين فيصلو ٿيل نه هجي ها ته يقيناً انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ بيشڪ اهي ئي ان شڪ ۾ مشڪوڪ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي موسى کي به ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته ان ۾ به اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪ ڳالھ (مهلت ڏيڻ جي) اڳي چڪتو ٿيل نه هجي ها ته ڪڏهين جو فيصلو ٿي وڃي ها. ۽ اهي اهڙي شڪ ۾ آهن جنهن کين بيقرار ڪري ڇڏيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنو اسان موسى کي ڪتاب پوءِ اختلاف ڪيو ويو ان ۾ ۽ جيڪڏهن نه هجي ها حڪم جيڪو اڳي ٿيو تنهنجي رب جي طرفان ته البته فيصلو ڪيو وڃي ها انهن ۾ ۽ بلاشڪ اهي البته شڪ ۾ آهن ان کان ڌوڪي ۾ وجهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پاليندڙ جي طرفان اڳي حڪم نه ٿئي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ انهن کي ان ۾ شڪ آهي اهڙو جو سندن دل نه ٿي مڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيو ويو. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار پاران پهريائين حڪم ٿي نه چڪو هجي ها ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ٿي وڃي ها. ۽ بيشڪ اُهي ان (قرآن) جي باري ۾ ڌوکو ڏيڻ واري شڪ ۾ (پِيَلَ) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪتاب مُوسٰى مِير کي، بَخشيو سُون بَحال، پوءِ اُبـتِي سِٽيائون اُن ۾، پٽ ٿيا پائـِمال، ۽ تُنهنجي آگي کان، اَڳي نه هُئي، مُقرر ٿِيَل ڳالھ، ته تَن وِچ ۾ ڪَيو وِيو، فيصلو فِى الحال، ۽ ڦاٿل سي ڦيريال، ڦِرندڙ، گِرندڙ گُمان ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، پوءِ منجهس اختلاف ٿيو- ۽ جيڪڏهن تنهنجي ڌڻيءَ کان آڳاٽو حڪم نه ٿئي ها، ته ضرور سندن وچ ۾ فيصلو ڪجي ها- ۽ بيشڪ اهي کانئس وڏي شڪ ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان اڳ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، پوءِ ان ۾ به اختلاف پيدا ڪيائون، جيڪڏهن تنهنجي رب اڳواٽ ئي هڪڙي ڳالهه طيءِ ڪري نه ڇڏي هجي ها ته انهن اختلاف پيدا ڪندڙن جي وچ ۾ ته ڪڏهوڪو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ بيشڪ اهي ماڻهو ان جي باري ۾ ٻڏ تر واري ڏاڍي شڪ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان ڏنو هو موسيٰ کي ڪتاب (هن کان اڳ) پوءِ اختلاف ٿيو هو ان باري ۾ اهو ئي ۽ جي ڪيل نه هجي ها هڪڙي ڳالهه تنهنجي رب جي طرفان اڳي ئي، ته فيصلو انهن ۾ (ڪڏهوڪو ٿي وڃي ها) ۽ حقيقت اها آهي ته شڪ ۾ پيل آهن اهي ماڻهو ان جي طرفان سخت پريشان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان موسى ($) کي به ڪتاب ڏنو سو ان ۾ به اختلاف پيدا ڪيا ويا، جيڪڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان اڳ ۾ ڳالهه طئي ٿيل نه هجي ها ته انهن جي وچ ۾ (ڪڏهو ڪو) فيصلو ٿي چڪو هجي ها. بيشڪ هي ماڻهو قرآن جي باري ۾ انتهائي پريشان ٿيندڙ شڪ ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن عَمِلَ صٰلِحًا فَلِنَفسِهِ وَمَن أَساءَ فَعَلَيها وَما رَبُّكَ بِظَلّٰمٍ لِلعَبيدِ (آيت : 46) |
جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ (ڪندو) تنھن تي (ئي اُن جو نقصان) آھي، ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانھن تي ظلم ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو شخص نيڪ عمل ٿو ڪري سو پاڻ کي ئي فائدو ٿو ڏئي. پر جيڪو برا ڪم ٿو ڪري سو پنهنجي برائيءَ جو نتيجو پاڻ ئي ٿو لوڙي ۽ (ياد رک ته) تنهنجو پروردگار پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ وارو ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪري ٿو اهو پنهنجي لاءِ ڪري ٿو ۽ جيڪو گناه ڪري ٿو پوءِ ان جو بار ان تي آهي ۽ توهان جو رب ٻانهن تي ظلم ڪندڙ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو سو پنهنجي فائدي لاءِ ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪري ٿو تنهن تي ئي ان جو وبال آهي. ۽ تنهنجو پروردگار ته بندن تي (ڪڏهين به) ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڪيا ڀلا ڪم پوءِ پنهنجي لاءِ ۽ جنهن برائي ڪئي پوءِ ان جي مٿان آهي ۽ ناهي رب تنهنجو ظلم ڪندڙ ٻانهن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ (ڪري ٿو) ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪري ٿو تنهن تي (ئي ان جو وبال) آهي. ۽ تنهنجو پاليندڙ ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو سو پنهنجي ذات جي (فائدي) لاءِ ڪري ٿو ۽ جنهن گناهه ڪيو (ان جو وبال به) ان مٿان آهي. ۽ تنهنجو پالڻهار ٻانهن مٿان ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن چَڱِي ڪَئـِي ته پاڻ لئي، بَدِي ته مَٿسِ بار، ۽ بارِي بَندن هارِ، ذَرو ظالِم نه آهي ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پنهنجي لاءِ ۽ جيڪو بُرا ڪم ڪندو سي مٿس ئي پوندا- تنهنجو ڌڻي ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو نيڪ عمل ڪندو، پنهنجو ئي ڀلو ڪندو ۽ جيڪو بڇڙا ڪم ڪندو ته پاڻ ئي ڀوڳيندو، ۽ تنهنجو رب پنهنجن ٻانهن جي حق ۾ ظالم ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو به ڪو ڪم نيڪ ڪندو ته اهو سندس لاءِ چڱو هوندو ۽ جيڪو برائي ڪندو ته ان جو وبال مٿس پوندو ۽ ناهي تنهنجو رب ظلم ڪندڙ پنهنجي ٻانهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪندو ان جو ان کي ئي فائدو ٿيندو ۽ جيڪو برو عمل ڪندو ان جو وبال مٿس ئي پوندو ۽ تنھنجو پالڻھار ٻانهن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَيهِ يُرَدُّ عِلمُ السّاعَةِ وَما تَخرُجُ مِن ثَمَرٰتٍ مِن أَكمامِها وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَيَومَ يُناديهِم أَينَ شُرَكاءى قالوا ءاذَنّٰكَ ما مِنّا مِن شَهيدٍ (آيت : 47) |
قيامت (اچڻ) جي خبر الله (ئي) جي حوالي آھي، ۽ سندس ڄاڻپ ڌاران ڪي ميوا پنھنجن ڳڀين مان نه نڪرندا آھن ۽ (سندس ڄاڻپ ڌاران) ڪابه مادي نڪي ڍُڪي ٿيندي آھي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ اُن ڏينھن (الله) کين سڏيندو ته منھنجا شريڪ (جي اوھين مُقرّر ڪندا ھئو سي) ڪٿي آھن چوندا ته توکي خبر ڏني سون ته اسان سان ڪوبه (اُنھن جو) شاھد ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (عذاب جي اچڻ واري) گهڙيءَ جي علم جو حوالو سندس ئي طرف ڏيئي سگهجي ٿو. (يعني فقط الله ئي ڄاڻي ٿو ته اها گهڙي ڪڏهن اچڻي آهي) ۽ ٻور مان ميوا نٿا نڪرن، ۽ ماديءَ کي حمل (يعني پيٽ ۾ ٻچو) نٿو ٿئي ۽ هوءَ ٻچو نٿي ڄڻي پر سندس ئي علم سان (يعني الله تعاليٰ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو) ۽ جنهن ڏينهن هو کين پڪاري پڇندو ته، ڪٿي آهن اهي (ديوتائون) جن کي اوهان مون سان شريڪ ٺهرائيندا هئو؟ تڏهن هو چوندا ته، (اي خدا) اسان توکي يقين سان ٻڌايون ٿا ته اسان مان ڪوبه ان ڳالهه جي شاهدي ڪونه ڏيندو (ته ٻيو به ڪو تو سان خدائيءَ ۾ شريڪ آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جو علم الله تعالى ڏانهن موٽايو وڃي ٿو ۽ ڪو ميوو پنهنجي خول مان نٿو نڪري ۽ ڪا مؤنث حمل واري نه ٿي ٿئي ۽ ڪا مؤنث ٻار نه ٿي ڄڻي مگر الله تعالى جي علم ۾ آهي، ۽ اهو ان ڏينهن مشرڪن کي سڏيندو (۽ چوندو اڄ) منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ اهي چوندا اسان توکي اطلاع ڏنو ته اسان مان ڪوبه (شرڪ لاءِ) گواه ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قيامت جي خبر خدا جي حوالي ئي آهي (اهو ئي ڄاڻي ٿو). ۽ سواءِ سندس ڄاڻپ ۽ (ارادي) جي نه ته ميوا پنهنجي (پنهنجي) ٻور مان نڪرن ٿا ۽ نه ڪا مادي پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي. ۽ جنهن ڏينهن (خدا) انهن (مشرڪن) کي سڏيندو (۽ پڇندو) ته منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ اهي چوندا ته اسان ته تو کي عرض ڪيو ته اسان مان ڪو (به انهن جو) واقف ئي نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏانهن ئي موٽايو وڃي ٿو قيامت جو علم ۽ نٿا نڪرن ڪي ميوا پنهنجين ڳڀين مان ۽ نٿي حمل واري ٿئي ڪا مادي ۽ نٿي ڄڻي مگر ان جي علم ۾ آهي ۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي ته ڪٿي آهن منهنجا شريڪ (بنايل) چوندا ته عرض ڪيو اسان توکي ته ناهي اسان مان ڪو شاهد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان) گهڙيءَ (جي اچڻ) جي خبر الله ئي جي حوالي آهي ۽ سندس ڄاڻپ کانسواءِ نه ڪي ميوا پنهنجن ڳڀن مان نڪرن ٿا ۽ نه ڪا مادي پيٽ سان ٿئي ٿي، ۽ نه ڄڻي ٿي ۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو ته منهنجا شريڪ (جي اوهين مقرر ڪندا هئا سي) ڪٿي آهن چوندا ته اسين توکي خبر ڏيون ٿا ته اسان مان ڪوبه (انهن کي تنهنجو شريڪ) چوندڙ نه آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قيامت جي گھڙيءَ جو علم ان (الله) ڏانهن ئي موٽي ٿو. ۽ نه ميوا پنهنجي ڳڀن مان نڪرن ٿا ۽ نه ڪائي مادي حمل واري ٿئي ٿي ۽ نه ڪا ٻار ڄڻي ٿي مگر (اهو سڀ) سندس علم ۾ هوندو آهي. ۽ ان ڏينهن اهو انهن (مشرڪن) کي سڏيندو ته منهنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ چوندا ته: ”اسان توکي عرض ڪري چُڪا آهيون ته اڄ اسان مان ڪوبه ان جي شاهدي ڏيڻ وارو نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُنهِئَ پار، ڪَر قيامت ڏِينهن جِي، ۽ ميوا نَه نِڪرن مُکِڙيَن مان، نه بار کَڻِي ڪانار، ۽ نه نار ڄَڻي ڪا ٻار، مگر سَندسِ سَنڀال سِين. جِنهن ڏِينهن ڪَبَن پُڪار، ته مُنهنجا ڀائيوار ڪٿي؟ چي، اَسان چتايو اَ ڳ ۾، ته اَسان سُڌ نه سار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) قيامت جي سڌ ان کي آهي ۽ ان جي ڄاڻپ کان سواءِ نڪي ميوا پنهنجن ڳڀن مان ٿا نڪرن، نڪي ڪا به مادي پيٽ سان ٿي ٿئي ۽ نڪي ڄڻي ٿي. ان ڏينهن کين سڏبو، ته”ڪٿي آهن منهنجا شريڪ؟“ چوندا ته ”توکي خبر نه ڏني سون، ته اسان مان ڪو به واقف ڪونهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ گهڙيءَ جي ڄاڻ الله ڏانهن ئي موٽائي وڃي ٿي. هو ئي ٿو ڄاڻي انهن ميون کي جيڪي پنهنجن پوشن مان ٻاهر نڪرن ٿا، انهيءَ کي ئي معلوم آهي ته ڪهڙي مادي ڍُڪي آهي ۽ ڪنهن ڦر ڏنو آهي، پوءِ جنهن ڏينهن هو انهن ماڻهن کي سڏي پڇندو ته ڪٿي آهن منهنجا شريڪ؟ هو چوندا: "اسان ٻڌائي چڪا آهيون ته اڄ اسان مان ڪوبه اها شاهدي ڏيڻ وارو ناهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ (الله) ڏي ئي موٽايو وڃي علم ان گهڙيءَ جو، ۽ نٿو نڪري ڪوبه ميوو پنهنجي پنهنجي گوشي (پردن) مان ٻاهر ۽ نه پيٽ واري مادي ٻار ڄڻي ٿي، اهو به ان جي علم ۾ آهي ۽ جنهن ڏينهن اهو (الله) کين سڏيندو ته ڪٿي آهن منهنجا شريڪ؟ اهي چوندا، اسان عرض ڪيو آهي ته اڄ اسان مان ڪوبه ان جي شاهدي نه ڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت جي اچڻ جو صحيح علم الله تعالى ئي وٽ آهي. ميوَن جو پنھنجي خول مان نڪري اچڻ، هر مؤنث جو پيٽ سان ٿيڻ ۽ ٻچي ڄڻڻ تائين مسلسل ٿيندڙ تبديليون سڀ ان جي علم ۾ آهن. جنھن ڏينھن هو انهن ماڻهن کي چوندو ته (ٻڌايو) منھنجا شريڪ ڪٿي آهن؟ هو چوندا ته اسان جو نماڻو عرض آهي ته هن حقيقي حالت کي ڏسي اسان مان ڪير به (انهن ڪوڙن جي) شاهدي نه ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَدعونَ مِن قَبلُ وَظَنّوا ما لَهُم مِن مَحيصٍ (آيت : 48) |
۽ جن کي (ھن کان) اڳ (دنيا ۾) پوڄيندا ھوا سي کائن ڀُلجي ويندا ۽ ڀانئيندا ته کين ڪو ڇوٽڪارو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن (ديوتائن) کي هو اڳي پڪاريندا (۽ پوڄيندا) هئا سو سڀ کانئن غائب ۽ گم ٿي ويندا ۽ هو ڏسندا ته (هاڻي) سندن لاءِ ڇوٽڪاري جو ڪوبه چارو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کان (اهي بت) غائب ٿيندا، جن جي اهي دنيا ۾ عبادت ڪندا هئا ۽ اهي يقين ڪندا ته انهن لاءِ ڪا ڀڄڻ جي جاءِ ڪانهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن کي هن کان اڳ پوڄيندا هئا اهي انهن کان ڀلجي ويندا. ۽ اهي يقين ڪندا ته سندن لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گم ٿيندا انهن کان اهي جن جي عبادت ڪندا هئا اڳ ۾ ۽ ڀائيندا ته ناهي انهن لاءِ ڪا ڇوٽڪاري جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي هن کان اڳ سڏيندا هئا سي انهن کان ڀلجي ويندا. ۽ يقين ڪندا ته انهن لاءِ ڪو ڇوٽڪارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪوڙا معبود) انهن کان گُم ٿي ويندا جن جي اُهي پهريان پوڄا ڪندا هئا، ۽ سمجهي وٺندا ته اڄ انهن لاءِ ڀڄڻ جي ڪا واٽ ڪانهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن اڳي ڪيون آزيون، وِيا وِڃائجِي تِنهن وار، ۽ سَمجھون ته سَندنِ هارِ، ڪانهِي ڪُنڊ پَناھِ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن کي اڳي پڪاريندا هئا، سي انهن کان ڀلجي ويندا ۽ يقين ڪندا، ته انهن لاءِ ڪا واهه ڪانهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندن سمورا معبود کانئن گم ٿي ويندا، جن کي اهي اڳي سڏيندا هئا ۽ اهي سمجهي ويندا ته هاڻي ته انهن لاءِ پناهه وٺڻ جي ڪابه جاءِ ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گم ٿي ويندا سڀ خدا انهن کان جن کي اهي پڪاريندا هئا ان کان اڳ ۾، اهي ماڻهو سمجهي ويندا ته هاڻي انهن جي لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هن کان اڳ هو جن کي پڪاريندا هُئا سي سڀ انهن کان وسري چڪا هوندا ۽ هاڻي کين سمجهه ۾ ايندو ته انهن لاءِ ڪابه پناهه جي جاءِ نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَسـَٔمُ الإِنسٰنُ مِن دُعاءِ الخَيرِ وَإِن مَسَّهُ الشَّرُّ فَيَـٔوسٌ قَنوطٌ (آيت : 49) |
ماڻھو چڱائيءَ جي سڏڻ (دُعا گھرڻ) کان نه ٿڪبو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس (ڪا) مدائي پھچندي آھي ته پوءِ آسرو ڇِني نا اُميد ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان نعمتن جي گهر ڪرڻ ۾ ٿڪجي ئي نٿو (يعني سندس حرص جي حد ئي ڪانهي). ۽ جيڪڏهن کيس ڪابه تڪليف پهچي ٿي ته بلڪل مايوس ۽ نااميد ٿي ٿو پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪافر جي دل خير جي دعا کان نٿي ڀرجي ۽ جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پاڻ خير ۽ رحمتِ الاهي مان مايوس ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انسان ڀلائيءَ جون دعائون گهرڻ کان ته نه ٿو ٿڪجي پر جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پهچي ٿي ته (يڪدم) نا اميد ۽ بي آس ٿئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿو ٿڪجي انسان خير جي دعا کان ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي ان کي تڪليف پوءِ آسرو لاهيندڙ نا اميد ٿيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انسان ڀلائي گهرڻ کان نه ٿو ٿڪجي ۽ جيڪڏهن ان کي بڇڙائي پهچي ٿي ته نااميد آسرو ڇڏيندڙ ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انسان خير گهرڻ کان نه ٿو ٿڪجي ۽ جيڪڏهن ان کي ڪا آفت پهچي ٿي ته اهو نا اميد مايوس ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُکَن لاءِ سَڏن ۾، ٿَڪي نه ماڻهو مُور، ۽ جي رَسيسِ سَخِتي سُور، ته آسَرپَل، بي آسري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهو چڱائيءَ جي دعائن گهرڻ کان نه ٿڪبو آهي، پرجيڪڏهن ان کي ڪا به تڪليف پهچندي آهي، ته پوءِ آسرو لاهي نا اميد ٿيندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان ڪڏهن به ڀلائيءَ جي دعا گهرڻ کان نه ٿڪبو آهي. پر جڏهن ڪا آفت اچي پويس ٿي ته نااميد ۽ دل شڪستو ٿئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿو ٿڪجي انسان (ڪڏهن به) دعا گهرڻ ڀلائيءَ جي کان، ۽ جڏهن به مٿس ڪا آفت اچي ٿي پوءِ مايوس ٿي ويندو آهي ٽٽل دل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انسان (اسان کان) ڀلائي گهرڻ ۾ ته ٿڪجندو ئي نه آهي پر جيڪڏهن کيس ڪا تڪليف پھچندي اٿس ته هو (اسان کان) مايوس ٿي آسرو لاهي ويهندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن أَذَقنٰهُ رَحمَةً مِنّا مِن بَعدِ ضَرّاءَ مَسَّتهُ لَيَقولَنَّ هٰذا لى وَما أَظُنُّ السّاعَةَ قائِمَةً وَلَئِن رُجِعتُ إِلىٰ رَبّى إِنَّ لى عِندَهُ لَلحُسنىٰ فَلَنُنَبِّئَنَّ الَّذينَ كَفَروا بِما عَمِلوا وَلَنُذيقَنَّهُم مِن عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 50) |
۽ جيڪڏھن کيس اوکائي پھچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا ٻاجھ چکائيندا آھيون ته ضرور چوندو آھي ته ھيءَ مون (ئي) لاءِ آھي ۽ نه ٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آھي ۽ جيڪڏھن (آءٌ) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (کڻي) موٽائبس ته بيشڪ مون لاءِ وٽس (به) ضرور چڱي حالت ھوندي، پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو آھي تنھن بابت کين ضرور خبردار ڪنداسون، ۽ کين سخت عذاب ضرور چکائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان کيس ڪنهن تڪليف بعد جا کيس پهتي هجي پنهنجي رحمت جو مزو چکايون ته هو يقيناً چوندو ته، هي منهنجو حق آهي ۽ مان نٿو ڀانيان ته (پڇاڻي واري) گهڙي قائم ڪئي ويندي. ۽ جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار ڏي کڻي موٽايو به وڃان ته به يقين آهي ته وٽس ضرور منهنجي لاءِ چڱائي (۽ نعمتون) موجود هونديون. (اها آهي منڪرن جي ذهنيت) پر اسان ڪافرن کي سندن (بد) عملن جي حقيقت کولي ٻڌائينداسين ۽ کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين ان کي تڪليف پهچڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان رحمت جو مزو چکايون ٿا ته ضرور چوندو هي منهنجو حق آهي، ۽ مون کي قيامت جي اچڻ جو گمان ناهي، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) آئون پنهنجي رب ڏانهن موٽايو وَيُسِ ته يقيناً ان وٽ مون لاءِ ڀلائي هوندي، پوءِ اسين ڪافرن لاءِ سندن بداعمالي ضرور بيان ڪنداسين ۽ اسين ضرور انهن کي سخت عذاب چکائينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن تڪليف پهچڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان ان کي ڪا مهربانيءَ (جو مزو) چکايون ته پڪ چوندو، هي ته مون لاءِ آهي ۽ آءُ نه ٿو ڀانئيان ته (ڪا) قيامت قائم ٿيڻ واري آهي. پر جيڪڏهن (قيامت ٿي به ۽) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايو به وڃان ته پڪ وٽس منهنجي لاءِ ڀلائي هوندي.۽ پوءِ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ته جيڪي اهي ڪم ڪندا رهيا تن جي انهن کي ضرور (قيامت ۾) خبر ڏينداسون ۽ کين ضرور سخت عذاب جو مزو چکائينداسون (سو جدا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن چکائيندا آهيون ان کي رحمت پاڻ وٽان پڄاڻان تڪليف جي جيڪا پهتي ان کي ته البته ضرور چوندو هي مون لاءِ آهي ۽ نٿو ڀانيان مان قيامت کي قائم ٿيڻ واري ۽ البته جيڪڏهن موٽايو ويس پنهنجي رب ڏانهن ته بيشڪ مون لاءِ ان وٽ البته چڱائي آهي پوءِ البته ضرور خبر ڏينداسون انهن کي جن ڪفر ڪيو ان جي جيڪي ڪيائون ۽ البته ضرور چکائينداسون انهن کي سخت عذاب مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن تڪليف پهچڻ کان پوءِ پنهنجي طرفان ان کي ڪا مهربانيءَ (جي لذت) چکايون ته چوندوته هيءَ مون لاءِ آهي. ۽ آءُ نه ٿو ڀايان ته قيامت قائم ٿيڻ واري آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندس ته بيشڪ وٽس (به) منهنجي چٽي حالت هوندي. پوءِ ڪافرن جيڪي ڪيو تنهن جي انهن کي ضرور خبر ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان کيس پنهنجي طرفان ڪا رحمت چکايون ان تڪليف کان پوءِ جا کيس پهتي ته ضرور چوندو ته: ”هي ته منهنجو حق هيو، ۽ آءٌ نه ٿو ڀايان ته ڪو قيامت برپا ٿيڻ واري آهي، ۽ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار طرف موٽايو ويس ته بيشڪ ان وٽ به منهنجي لاءِ مزا هوندا“. پوءِ اسان ضرور ڪفر ڪرڻ وارن کي انهن ڪمن جي خبر ڏينداسين جيڪي انهن ڪيا، ۽ اسان ضرور انهن کي سخت عذاب چکائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَڏهن پنهنجي پاران، مِهر جو مَزو چکايونسِ مُور، جنهن بَعد بَرسِر اُن تي، آيون سَختيون سُور، ته مُورک چَوي پِيو مُور، هِي ڀَلايون مُنهنجي ڀاڳ ۾. ۽ آئون اصَل نه ڀانيان، اَچڻِي اُهکِي وار، ۽ جي مُون کي موٽايو وِيو، سَندمِ سائـِينءَ پارِ، ته هرگز وَٽِس مون هارِ، وَڏا ڀاڳ، ڀَلائيون. پوءِ ڪَل ڏِينداسون ڪافِرِين، جي ڪيائون قُصُور، ۽ مَزو چکائـِينداسونِ مُور، ڪنهن سَخت سَزا ساڙ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ان کي تڪليف پهچڻ کان پوءِ پاڻ وٽان ڪا رحمت چکائيندا آهيون، ته ضرور چوندو آهي ته ”هيءَ مون لاءِ آهي، آءُ نٿو ڀانيان ته قيامت قائم ٿيڻي آهي ۽ جيڪڏهن آءُ پنهنجي رب ڏانهن موٽائبس، ته به مون لاءِ وٽس ضرور چڱائي هوندي“. پوءِ جيڪي ڪافرن ڪيو آهي، تنهن بابت ضرور انهن کي خبردار ڪنداسون ۽ انهن کي سخت عذاب چکائينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر وري جيئن ئي ڏکيو وقت گذري وڃڻ کانپوءِ اسان کيس پنهنجيءَ رحمت جو ٿا مزو وٺايون ته وري چوڻ لڳي ٿو ته "اهو ته منهنجو حق آهي ۽ مان نٿو سمجهان ته ڪڏهن ڪا قيامت به اچڻي آهي، جيڪڏهن سچ پچ مان پنهنجي رب ڏانهن موٽايو ويس ته اتي به مزا ماڻيندس"، حالانڪه ڪفر ڪرڻ وارن کي اسان ضرور ڏيکارينداسين ته هو ڇا ڪري آيا آهن ۽ انهن کي اسان ڏاڍي سخت عذاب جو مزو چکائينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيئن ئي چکايون ٿا کيس پنهنجي رحمت پاڻ وٽان، ته پهتل سختي کان پوءِ چوندو آهي، آئون انهيءَ جو حقدار آهيان، آئون نٿو سمجهان ته ڪڏهن قيامت به ايندي، پر جيڪڏهن (سچ پچ) آئون موٽايو به ويس پنهنجي رب ڏي ته اتي به مزا ڪندس، پوءِ ضرور خبردار ڪنداسين انهن کي جن ڪفر ڪيو ته اهي ڇا ڇا ڪري رهيا آهن ۽ چکائينداسين اسان (کين) مزو عذاب سخت جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اسان کيس تڪليف ڏيڻ کان پوءِ پنھنجي طرفان رحمت جو مزو چکائيندا آهيون ته هو چوندو آهي ته ان رحمت جو ته مان حقدار ئي هئس ۽ مون کي قيامت ايندي نظر ئي نٿي اچي. جيڪڏهن واقعي مان پنھنجي (حقيقي) پالڻھار ڏي موٽيس به ته بيشڪ ان وٽ (هن کان به وڌيڪ) بھتر حالت ۾ هوندس. اسان ڪافرن کي سندن ڪيل عملن جي باري ۾ ضرور ٻڌائينداسين ۽ کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا أَنعَمنا عَلَى الإِنسٰنِ أَعرَضَ وَنَـٔا بِجانِبِهِ وَإِذا مَسَّهُ الشَّرُّ فَذو دُعاءٍ عَريضٍ (آيت : 51) |
۽ جڏھن ماڻھوءَ تي فضل ڪندا آھيون (تڏھن) مُنھن ڦيرائيندو آھي ۽ پنھنجو پاسو موڙيندو آھي، ۽ جڏھن کيس ڪا اوکائي پھچندي آھي تڏھن وڏيون دعائون گھُرندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان انسان تي نعمتون ڪيون ٿا تڏهن هو (اسان کان) منهن موڙي ڇڏي ٿو ۽ (اسان کان) پاسي ٿي هليو ٿو وڃي (يعني اسان جي حڪمن جي تعميل نٿو ڪري) ۽ جڏهن وري کيس ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن ڊگهيون ڊگهيون دعائون ٿو گهري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت اسين ڪافر تي ڪا نعمت ڪريون ٿا ته اهو منهن ڦيرائي ٿو ۽ پنهنجي طرف پري هٽي ٿو، ۽ جڏهن ان کي تڪليف پهچي ٿي پوءِ گھڻيون دعائون گھري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسين ماڻهوءَ تي احسان ڪريون ٿا ته (اسان جي پاسي کان) منهن موڙي ڇڏي ٿو ۽ پنهنجو پاسو ڦيري هلي ٿو. ۽ جڏهن کيس تڪليف پهچي ٿي ته وڏيون (وڏيون) دعائون گهرڻ لڳي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن نعمت ڪندا آهيون انسان تي ته منهن ڦيرائيندو آهي ۽ ڦيرائيندو آهي پاسو پنهنجو ۽ جڏهن پهچي ٿي ان کي ڪا تڪليف پوءِ وڏي دعا جو صاحب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين ضرور سخت عذاب (جو مزو) چکائينداسون. ۽ جڏهن ماڻهوءَ کي نعمت ڏيون ٿا ته منهن ڦيرائي ٿو ۽ پنهنجو پاسو موڙي ٿو ۽ جڏهن ان کي برائي پهچي ٿي ته وڏيون دعائون گهري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان انسان تي انعام ڪيون ٿا ته اُهو منهن ڦيرائي ٿو ۽ پنهنجي پاسي پري هٽي وڃي ٿو، ۽ جڏهن کيس تڪليف پهچي ٿي ته پوءِ ڊگهي دعا گهرڻ وارو ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهوءَ کي مُورهِين، جڏهن صَحِي ڏِنوسُون سُک ، ته ڦِريو ۽ ڦيرئـِين پنهنجِي، ڪَنڌ پاسي ڪُک، ۽ جڏهن ڏاڍو پُهتسِ ڏُک، ته وَڏو آهي وَظيفائـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ماڻهوءَ تي مهرباني ڪندا آهيون ته هو منهن ڦيرائي ٿو ۽ پنهنجو پاسو موڙيندو آهي_ پرجڏهن کيس ڪا تڪليف پهچندي آهي ته وڏيون دعائون گهرندو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسان کي جڏهن اسان ڪا نعمت عطا ڪيون ٿا ته منهن ڦيرائي ٿو ۽ آڪڙجي وڃي ٿو ۽ جڏهن کيس ڪا مصيبت ٿي اچي ته ڏاڍيون ڊگهيون دعائون ٿو گهري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڪابه نعمت ڏيندا آهيون اسان انسان کي، ته منهن مٽي ويندو آهي ۽ آڪڙ ڪندو آهي ۽ جڏهن کيس رسندي آهي مصيبت ته گهرڻ لڳندو آهي دعائون ڊگهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان انسان کي نعمتون ڏيون ٿا ته هو منھن ڦيرائي سِيٽجي وڃي ٿو ۽ جڏهن کيس برائي پھچي ٿي ته هو ويھي ڊگهيون دعائون گهرڻ لڳي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَرَءَيتُم إِن كانَ مِن عِندِ اللَّهِ ثُمَّ كَفَرتُم بِهِ مَن أَضَلُّ مِمَّن هُوَ فى شِقاقٍ بَعيدٍ (آيت : 52) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھين ڏسو ته جيڪڏھن (قرآن) الله وٽان ھجي وري سندس انڪار ڪريو ته جيڪو وڏي ضِدّ ۾ پيل ھجي تنھن کان وڌيڪ گُمراھ ڪير آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، غور ڪري ڏسو نٿا ته جيڪڏهن هي (وحي قرآن مجيد سچ پچ) الله وٽان آيل هجي ۽ پوءِ توهان ان کي نه مڃيو ته پوءِ انهيءَ شخص کان وڌيڪ گمراهه ڪير ٿي سگهي ٿو جو مخالفت ۾ پري نڪري وڃي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن کي فرمايو مون کي توهان ٻڌايو جيڪڏهن (قرآن ڪريم) الله جي طرفان آهي پوءِ توهان ان جو انڪار ڪريو ٿا، ان کان وڌيڪ ڪير گمراه ٿي سگھي ٿو جيڪو پري واري بدبختي ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ڀلا ٻڌايو ته سهي ته جيڪڏهن هي (قرآن) خدا جي بارگاھ مان (آيو) هجي (۽) پوءِ (به) اوهين انڪار ڪريو ته جنهن کي (اهڙو) وڏو ضد آهي تنهن کان وڌيڪ ڪير گمراھ ٿي سگهي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن هوندو الله وٽان ان کان پوءِ ڪفر ڪندؤ ان جو ته ڪير وڌيڪ گمراھ آهي ان کان جو اهو اختلاف پرانهين ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چؤ ته ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن قرآن الله وٽان آهي وري اوهان ان جو انڪار ڪيو ته جنهن کي (اهڙو) وڏو ضد آهي تنهن کان وڌيڪ ڪير گمراهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڀلا توهان هي ته ٻڌايو ته جيڪڏهن هي (قرآن) الله وٽان آهي پوءِ به توهان ان جو انڪار ڪيو ته ان کان وڌيڪ گمراهه ڪير هوندو جيڪو مخالفت ۾ (حق کان) پري هليو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سوچيان ڪِين سَوير؟ ته آهي، جي اَلله وَٽان، اَوهِين ڦِريا اُن ڪنان، ته اَوتڙا اِن کان ڪير؟ پاتو جِنهن پير، ڪِنهن ڀُل پَراهِين پار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڀلا ڏسو ته جيڪڏهن (قرآن) الله جي طرفان هجي ۽ پوءِ اوهين انڪار ڪريو، ته جيڪو وڏي ضد ۾ آهي، تنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو گمراهه آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته ڪڏهن ڪو اهو به سوچيو اٿوَ ته جيڪڏهن هيءُ قرآن الله وٽان آيل ثابت ٿيو ۽ توهان ان جو انڪار ڪندا رهيؤ ته پوءِ انهيءَ شخص کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير ٿيندو، جيڪو ان جي مخالفت ۾ وڃي تمام پري نڪتو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ، ڪڏهن توهان سوچيو به آهي جي واقعي اهو قرآن الله جي طرفان هجي ۽ توهان انڪار ڪندا رهيا ان جو، ته پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ڀٽڪيل ڪير هوندو، جيڪو ان جي مخالفت ۾ پري نڪري ويو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) (انهن کي) چؤ ته (اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته) جيڪڏهن قرآن واقعي الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل آهي پوءِ به توهان ان جو انڪار ڪيو (هاڻي ٻڌايو ته) اُن شخص کان وڌيڪ گمراهه ڪير هوندو جيڪو وڏي ضد ۾ پيل هجي؟. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَنُريهِم ءايٰتِنا فِى الءافاقِ وَفى أَنفُسِهِم حَتّىٰ يَتَبَيَّنَ لَهُم أَنَّهُ الحَقُّ أَوَلَم يَكفِ بِرَبِّكَ أَنَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدٌ (آيت : 53) |
پنھنجيون نشانيون مُلڪن ۾ سندن وجودن ۾ کين سگھوئي ڏيکاريندا سون تان جو کين پڌرو ٿيندو بيشڪ اِھو (قرآن) سچو آھي، تنھنجو پالڻھار ڪافي نه آھي ڇا جيڪو سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جلد ئي اسان هنن کي هن ئي جهان ۾ ۽ خود سندن جانين ۾ پنهنجون نشانيون ظاهر ڪري ڏيکارينداسين تان جو هنن کي چٽو ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو بيشڪ حق آهي. (اي پيغمبر!) ڇا تنهنجي رب جي اها ڳالهه ڪافي ناهي ڇا ته يقيناً هو هر چيز تي شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين جلد انهن کي آس پاس ۾ پنهنجون نشانيون ڏيکارينداسين ۽ سندن وجودن ۾ به ايستائين جو ظاهر ٿيندو ته بيشڪ قرآن ڪريم حق آهي. رسولِ عربي ڇا توهان جي رب جي لاءِ اهو ڪافي ناهي ته بيشڪ اهو هر شيءِ تي گواه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين پنهنجي (قدرت جون) نشانيون (دنيا جي چوڌاري ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو حق آهي. ڇا تنهنجي پالڻهار جي هيءَ ڳالھ ڪافي نه آهي ته اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جلد ڏيکارينداسون انهن کي نشانيون پنهنجون ملڪن ۾ ۽ سندن سرن ۾ تانجو ظاهر ٿئي انهن جي لاءِ حق ڇا نه ڪافي ٿيو رب تنهنجو ته بلاشڪ هر شيءِ تي حاضر آهي خبردار بلاشڪ اهي شڪ ۾ آهن پنهنجي رب جي ملڻ ۾ خبردار بيشڪ اهو هر شيءِ کي گهيري ۾ رکندڙ آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين پنهنجي (قدرت جون) نشانيون (دنيا جي) پاسن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو (قرآن) حق آهي. (اي پيغمبر !) ڇا تنهنجي پاليندڙ جي هيءَ ڳالهه ڪافي نه آهي ته اهو سڀ ڪنهن شيءَ جي خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان جلد انهن کي پنهنجون نشانيون جهانن ۾ ڏيکارينداسين ۽ خود انهن جي پنهنجي وجودن ۾ به، ايستائين جو انهن تي ظاهر ٿي ويندو ته اهو ئي حق آهي. ڇا هي ڳالهه ڪافي نه آهي جو تنهنجو پالڻهار هر شيءِ کان (واقف ۽) آگاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏيکارِينداسونِ ڏيهن ۾، پَنهنجا پتا پار، پڻ سَندنِ جانِيَن جوڙ ۾، تان اُتن ٿئي اِظهار، حق برابر آهي هِي، ڇا بس نه بَرقرار، تُنهنجي هادِئَ هار؟ ته هُو سانکي سَڀڪِنهن ڳالھ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين پنهنجيون نشانيون ملڪن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ کين جلدي ڏيکارينداسون، تان جو انهن تي ظاهر ٿيندو ته، بيشڪ اهو سچو آهي_ ڇا تنهنجو رب ڪافي ناهي، جو سڀ ڪنهن شيءِ تي حاضر آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جلد ئي اسان کين پنهنجيون نشانيون چوڌاري موجود ڪائنات ۾ به ڏيکارينداسون ۽ سندن پنهنجن وجودن ۾ به، تان جو مٿن اها حقيقت کلي پوندي ته هيءُ قرآن بيشڪ حق آهي. ڇا اها ڳالهه ڪافي ناهي ته تنهنجو رب هر شيءِ جو شاهد آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سگهوئي انهن کي پنهنجون نشانيون آفاق ۾ ڏيکارينداسين ۽ سندن وجود ۾ به، ايستائين جو انهن تي اها ڳالهه کلندي ته اهو (قرآن) واقعي حق آهي، ڇا اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته تنهنجو رب بيشڪ هر شيءِ تي شاهد آهي (ڏسندڙ آهي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته کين جلد ئي ڪائنات ۽ اُن جي وجود ۾ ڪيتريون ئي نشانيون ڏيکارينداسين. پوءِ انهن کي چڱي طرح خبر پئجي ويندي ته قرآن واقعي سچو (ڪلام) آهي. ڇا اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته تنھنجو پالڻھار ئي هر شيءِ تي گواهه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا إِنَّهُم فى مِريَةٍ مِن لِقاءِ رَبِّهِم أَلا إِنَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطٌ (آيت : 54) |
خبردار بيشڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آھن، خبردار اُھو ھر ڪنھن شيء کي وڪوڙيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ماڻهو پنهنجي رب جي روبرو پيش ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهن. پر يقين ڄاڻو ته هو هر چيز کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ اهي پنهنجي رب سان ملاقات ڪرڻ ۾ مشڪوڪ آهن، خبردار ! بيشڪ اهو هر شيءِ کي احاطو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڏسو! اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي سامهون حاضر هجڻ کان شڪ ۾ (پيل) آهن! خبردار اهو بيشڪ سڀ ڪنهن شيءِ تي حاوي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبردار بلاشڪ اهي شڪ ۾ آهن پنهنجي رب جي ملڻ ۾خبردار بيشڪ اهو هر شيءِ کي گهيري ۾ رکندڙ آهي. (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار بيشڪ اهي پنهنجي پاليندڙ جي ملڻ کان شڪ ۾ (پيل) آهن. خبردار بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شيءَ کي گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار بيشڪ اُهي پنهنجي پالڻهار جي روبرو پيش ٿيڻ بابت شڪ ۾ آهن. خبردار! بيشڪ اُهو هر شيءِ کي (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھ ته، آهِن سي صَحِي، سَندا شَڪَ شِڪار، سَندنِ مالِڪ جي ملڻ کان، مَهندان مَحشر وار، چونڪِي اَسِين چوڌار، هَرگز هَر ڪِنهن ٽول تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار، بيشڪ اهي پنهنجي رب جي ملڻ کان شڪ ۾ آهن، خبردار اهو هر هڪ شيءِ کي گهيريندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خبردار! بيشڪ اهي ماڻهو پنهنجي رب جي ملاقات جي باري ۾ شڪ ۾ پيل آهن، خبردار! اهو هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبردار! بيشڪ اهي ماڻهو شڪ رکن ٿا پنهنجي رب جي ملاقات ۾، پر ٻڌي ڇڏيو، بيشڪ هو هر شيءِ تي حاوي آهي هر طرف کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! بيشڪ هي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي سامھون پيش ٿيڻ ۾ ئي شڪ ۾ پيل آهن. خبردار! بيشڪ هو هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |