توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
حم (آيت : 1) |
حٰمٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حا- ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) حٰمۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) حم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حا-ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) حم (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حاميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنى ۽ مطلب الله ۽ ان جو رسولﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حَقِيقَت حٰمٓ جي، ڄاڻي ڄاڻڻهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) حٰ _ مٓ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﷅ (حا ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ح ميم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حا ــ ميم(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 2) |
(ھن) ڪتاب جو ھيٺ لاھڻ الله غالب ڄاڻندڙ وٽان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ڪتاب انهيءَ الله تعاليٰ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هي) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي جيڪو غالب علم وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ (خاص) خدا کان آهي جو (سڀ تي) غالب وڏو واقف ڪار آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نازل ڪرڻ آهي ڪتاب جو طرفان الله، غالب، ڄاڻندڙ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ الله جي طرفان آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن ڪتاب قديم مان، هِي اُتارا اِظهار، پاران پَروَر پاڪ جي، سو سَٻر، سَمجھدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ ڪتاب الله کان لٿل آهي، جو زبردست، ڄاڻندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي، جيڪو زبردست ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو طرفان آهي الله جي جيڪو زبردست، سڀڪجهه ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ڪتاب زبردست وڏي علم واري الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
غافِرِ الذَّنبِ وَقابِلِ التَّوبِ شَديدِ العِقابِ ذِى الطَّولِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ إِلَيهِ المَصيرُ (آيت : 3) |
جو گناھ بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ سخت سزا ڏيندڙ سگھ وارو آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ڏانھس ورڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو الله) خطائون ڍڪيندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي ۽ توبهه قبول ڪندڙ آهي، (پر جيڪي توبهه ڪري سڌيءَ واٽ ڏي نٿا موٽن تن کي) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. ۽ پهچ وارو آهي، (يعني هر حال ۾ هر هنڌ سندس نظر، عمل ۽ طاقت پهچي ٿي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوندا آهيون ته تنهنجا هٿ ڊگها آهن) کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ ڪرڻي ناهي) سڀني کي آخر وٽس ئي وڃڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو ئي) گناه بخشيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت عذاب ڪندڙ، وسيع انعام ڪندڙ آهي. ناهي ڪو معبود مگر اهو، انهيءَ ڏانهن واپس ٿيڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) گناهن جي بخشڻ وارو، توبه جي قبول ڪرڻ وارو، سخت عذاب ڏيڻ وارو، صاحب فضل ۽ ڪرم آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي انهيءَ ڏي (سڀ ڪنهن) کي موٽي وڃڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گناھ بخشيندڙ ۽ توبہ قبول ڪندڙ، سخت عذاب ڏيندڙ، طاقت وارو، ناهي ڪو سچو معبود مگر اهو ان ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو زبردست (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ، گناهه معاف ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، سگهه وارو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جو لائق نه آهي. ان ڏي ئي موٽڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) گناهه معاف ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، وڏي انعام وارو آهي. ڪو به عبادت جي لائق نه آهي سواءِ ان جي. ان ڏانهن ئي (سڀني جو) موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَديون بَخشِيندڙ، توبه سان، ڪندڙ معاف مَيار، سَزا ڏِيڻ ۾ سَخت گَھڻو، سَدا شاهوڪار، ٻِيو ڌَڻِي، نه اُن کان ڌار، آخِر به اُن ڏي هَلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) گناهه بخشيندڙ ۽ توبهه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، سگهه وارو آهي_ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) گناهه بخشي ڇڏيندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ آهي. تمام سخت سزا ڏيندڙ ۽ وڏي فضل وارو آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، انهيءَ ڏانهن ئي سڀني کي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) معاف ڪندڙ گناهن کي ۽ قبول ڪندڙ توبهه کي، سخت سزا ڏيندڙ، وڏو ڏاتار سخي آهي، ناهي ڪوبه خدا سواءِ ان جي، انهيءَ ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو گناهن کي معاف ڪندڙ، توبه کي قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ ۽ وڏو فضل ڪندڙ آهي. هُن کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. هر شيءِ جو موٽڻ ان جي طرف ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يُجٰدِلُ فى ءايٰتِ اللَّهِ إِلَّا الَّذينَ كَفَروا فَلا يَغرُركَ تَقَلُّبُهُم فِى البِلٰدِ (آيت : 4) |
ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن بابت (ٻيو) ڪوبه تڪرار نه ڪندو آھي پوءِ شھرن ۾ (واپار لاءِ) سندن اچ وڃ توکي نه ٺڳي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ جون نشانيون بلڪل چٽيون آهن) فقط اهي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت جهڳڙا ڪندا رهن ٿا جيڪي (خود غرضي ۽ تڪبر سببان حقيقتون سمجهي نٿا سگهن يا ضد ڪري) انڪار ڪيون ويٺا آهن. سو (اي پيغمبر!) ائين نه ٿئي جو شهرن ۾ هنن ماڻهن جو آڪڙ ۽ وڏائي سان گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ وجهي ) ته هي طاقت وارا آهن ۽ مغلوب نه ٿيندا. هو ضرور تباهه ٿيندا يا اسلام تي ايندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله جي آيتن ۾ فقط ڪافر جھڳڙو ڪن ٿا پوءِ (اي ٻڌندڙ!) توکي انهن جو شهرن ۾ هلڻ ڀُلائي نه وجھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا جي آيتن ۾ رڳو اهي ئي ماڻهو جهڳڙو ڪن ٿا جي ڪافر آهن ته (اي رسول) سندن شهرن (کان شهر) گهمڻ ڦرڻ (۽ دولت حاصل ڪرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي (ته ڪو انهن تي عذاب نه ٿيندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿا جهيڙو ڪن الله جي آيتن (جي باري) ۾ مگر اهي جن ڪفر ڪيو پوءِ نه ڌوڪي ۾ وجهي توکي ڦرڻ انهن جو شهرن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪافرن کانسواءِ الله جي آيتن ۾ ٻيو ڪو جهڳڙو نه ٿو ڪري. پوءِ اي پيغمبر! انهن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله جي آيتن ۾ ڪو جهڳڙو نه ٿو ڪري سواءِ انهن ماڻهن جي جن ڪفر ڪيو، پوءِ انهن ماڻهن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ تو کي ڌوکي ۾ نه وجهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيتن ۾ اَلله جي، تَن ڌاران، دَڙي نه ڪير، ڦِريا جي فَرمان کان، پِوءِ ڌُتارئـِي نه دِلير! سَندنِ سفر سَير، شَهرِين، بَحرِين شانَ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي آيتن کان انڪار فقط ڪافر ڪندا آهن، پوءِ تون سندن شهر جي اچ وڃ کان ڀنڀلجي نه وڃ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي آيتن بابت ته رڳو اهي جهڳڙو ڪندا آهن، جيڪي ڪافر هوندا آهن. پوءِ شهرن ۾ انهن جو هلڻ توکي ڪنهن دوکي ۾ نه وجهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه ٿا تڪرار ڪن الله جي آيتن ۾ سواءِ انهن ماڻهن جي جن ڪفر ڪيو آهي، تنهنڪري ڌوڪي ۾ نه وجهي ڪنهن کي سندن هلڻ چلڻ دنيا جي ملڪن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر ئي الله تعالى جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. (اي نبيﷺ!) پوءِ انهن جو شھرن ۾ (وڏائي سان) گهمڻ ڦرڻ توکي ڌوڪي ۾ نه وجهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَالأَحزابُ مِن بَعدِهِم وَهَمَّت كُلُّ أُمَّةٍ بِرَسولِهِم لِيَأخُذوهُ وَجٰدَلوا بِالبٰطِلِ لِيُدحِضوا بِهِ الحَقَّ فَأَخَذتُهُم فَكَيفَ كانَ عِقابِ (آيت : 5) |
کانئن اڳ نُوح جي قوم ۽ انھن پڄاڻا ٻـين (ڪيترين ئي) ٽولين ڪُوڙ ڄاتو، ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ پنھنجن پيغمبر جو قصد ڪيو ته کيس پڪڙين ۽ اجاين (ڳالھين) سان جھيڙو ڪندا رھيا ته اُن سان سچيءَ ڳالھ کي ناس ڪن پوءِ کين ورتم، پوءِ منھنجي سزا (ڏيڻ) ڪيئن ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) هنن کان اڳي حضرت نوح جي قوم به (الله جي آيتن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن به ساڳيءَ طرح ڪيو ۽ سڀني امتن پنهنجن رسولن جي خلاف منصوبا ٺاهيا انهيءَ لاءِ ته کين پڪڙي جهلين (۽ ناڪامياب ڪن) ۽ باطل دليلن (۽ حيلن) سان ساڻن جهڳڙا ڪن ۽ اهڙيءَ طرح حق کي ڍڪي ڇڏين. (پر هو ناڪامياب ٿيا ڇو ته) مون ئي هنن جي پڪڙ ڪئي، سو ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کان اڳ ۾ نوح جي قوم تڪذيب ڪئي ۽ ان کان پوءِ جي ٽولن، ۽ هر امت ارادو ڪيو ته اهي پنهنجي رسولن کي گرفتار ڪن ۽ انهن ناحق جھڳڙا ڪيا ان لاءِ ته باطل کي حق سان ختم ڪن، پوءِ مون انهن کي پڪڙيو، پوءِ منهنجو عذاب (انهن تي) ڪيئن ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ ان کان پوءِ (ٻين نبين) جي امتن (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو پڻ هر امت پنهنجي پيغمبرن جي باري ۾ اهو ارادو ڪيو ته کين گرفتار (ڪري قتل) ڪري ڇڏيو ۽ بيهوده ڳالهين جي اوٽ ۾ مقابلو ڪرڻ لڳا هن لاءِ ته اهڙي نموني حق ڳالھ جي پاڙ پٽن ته مون کين پڪڙ ڪئي پوءِ (تو ڏٺو ته مٿن) منهنجو عذاب ڪهڙو (نه سخت) ڪڙڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو اڳي انهن کان نوح جي قوم ۽ (ٻين) ٽولن ان کان پوءِ ۽ پڪو پہ ڪيو هر امت پنهنجي رسول جي متعلق تانته ان کي گرفتار ڪن ۽ جهيڙو ڪيائون ناحق تانته ختم ڪن ان سان حق کي پوءِ پڪڙيو مون انهن کي پوءِ ڪيئن هو منهنجو عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ نوح جي قوم کان پوءِ جماعتن(پيغمبرن کي) ڪوڙو چيو. ۽ سڀ ڪنهن جماعت پنهنجي رسول جو ارادو ڪيو ته ان کي پڪڙين ۽ انهن اجاين ڳالهين سان جهڳڙو ڪيو ته ان سان حق کي ناس ڪن پوءِ مون انهن کي ورتو پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ انهن کان پوءِ گهڻين امتن (رسولن کي) ڪوڙو چيو ۽ هر امت پنهنجي رسول جي باري ۾ ارادو ڪيو ته ان کي گرفتار ڪن ۽ انهن بي بنياد ڳالهين ذريعي جهڳڙو ڪيو هن لاءِ ته ان جي ذريعي حق کي هٽائي ڇڏن پوءِ مون انهن کي (عذاب ۾) گرفتار ڪيو. پوءِ منهنجي سزا ڪيئن هئي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن کان اڳڀرو، ڪوٺِي ڪُوڙي ڳالھ، قوم نوح نِهال، پڻ تَن پُڃاڻا نِپٽ ٻِيا. ۽ هَر پَنٿ پَہ پَچائـِيو ، پَنهنجي پَيغمبر ڪاڻ، تان بَند ڪَنِس ۽ بَحث ٻَڌئون، بِلڪُل باطِل ساڻ، ته ساڻسِ صَفا سَچ کي، هيٺ هَڻِي ڪَن هاڻ، پوءِ پَڪڙِيُمِ اُنهن کي پاڻ، ڏِس قهر مُنهنجو آھِ ڪِيئَن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ کانئس پوءِ ٻين ڪيترين ئي ٽولين به ائين ڪوڙ سمجهيو هو_ هر ڪنهن امت سندن رسولن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هو ناحقي ڳالهين سان بحث ڪندا رهيا، ته انهن سان سچيءَ ڳالهه کي ناس ڪن. پوءِ مون کين ورتو_ پوءِ ڪهڙي هئي منهنجي سزا! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کان اڳ نوح جي قوم به ڪوڙو سڏيو هو ۽ کانئن پوءِ ٻين به ڪيترن ئي جٿن ائين ڪيو. هر قوم پنهنجي رسول کي پڪڙڻ جو ارادو ڪيو، انهن سڀني باطل جي هٿيارن سان حق کي زير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر نيٺ مون کين قابو ڪيو. پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو پئي چيو انهن کان اڳي قومِ نوح ۽ ٻين ٽولن انهن کان پوءِ به ائين ڪيو ۽ ارادو ڪيو انهن کان پوءِ هر امت پنهنجي رسول لاءِ ته پڪڙن انهيءَ کي ۽ جهڳڙو ڪن ڪوڙ سان جيئن ٿيڙين ان سان سچي دين کي، پوءِ مون پڪڙيو انهن کي پوءِ ڪيئن هئي سزا منهنجي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هنن کان پھريائين نوح ($) جي قوم ۽ ٻيا گهڻائي ٽولا (پنهنجي پنھنجي رسولن کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن ۽ هر قوم پنھنجي رسول کي قابو ڪرڻ لاءِ (وڏو) زور لڳايو ۽ حق کان پري ڪرڻ لاءِ انهن سان غلط ڳالهين ۾ جهڳڙو ڪندا رهيا. بس! پوءِ ته مان سندن پڪڙ ڪئي. پوءِ ڏٺؤَ ته منھنجي سزا ڪيئن هئي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ حَقَّت كَلِمَتُ رَبِّكَ عَلَى الَّذينَ كَفَروا أَنَّهُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 6) |
۽ اھڙي طرح تنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو آھي ته اُھي دوزخي آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن تي اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جو حڪم يا قول سچو ثابت ٿيو. اهو حڪم يا قول هي هو ته يقيناً هو دوزخي آهن (۽ دنيا ۾ توڙي آخرت ۾ عذاب ڏسندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهڙيءَ طرح رسولِ عربيءَ جي رب جي ڳالهه ڪافرن تي ثابت ٿي چڪي، بيشڪ اهي جهنمي آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار جي (عذاب جو) حڪم (انهن) ڪافرن تي پورو ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو يقينا دوزخي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح ثابت ٿيو حڪم رب تنهنجي جو انهن تي جن ڪفر ڪيو بيشڪ اهي جهنمي آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهڙيءَ طرح تنهنجي پاليندڙ جو حڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو ته اهي دوزخي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙي طرح تنهنجي پالڻهار جو حڪم انهن تي ثابت ٿيو جن ڪفر ڪيو ته بلاشڪ اُهي جهنمي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حُڪم تُنهنجي رَبَّ جو، ثابِت ٿِيو صَحِي، اِهڙِئَ پَر اُنهن مَٿي، جي وِيا، ڪُفر ڏانهن ڪَهِي، آھِ حقَيِقت هِي، ته اُهي آهن ڀاتِي باھِ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙي طرح تنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم ڪافرن تي ثابت ٿيو، ته اهي دوزخي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح تنهنجي رب جو اهو فيصلو به انهن سڀني ماڻهن تي لاڳو ٿي ويو آهي. جن ڪفر ڪيو آهي سي جهنم ۾ پوڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو حڪم تنهنجي رب جو انهن تي جن ڪفر ڪيو، ته يقينًا اهي صاحب آهن دوزخ جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙيءَ طرح ڪافرن تي تنھنجي پالڻھار جو حڪم لاڳو ٿي ويو ته بيشڪ اهي جھنمي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَحمِلونَ العَرشَ وَمَن حَولَهُ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَيُؤمِنونَ بِهِ وَيَستَغفِرونَ لِلَّذينَ ءامَنوا رَبَّنا وَسِعتَ كُلَّ شَيءٍ رَحمَةً وَعِلمًا فَاغفِر لِلَّذينَ تابوا وَاتَّبَعوا سَبيلَكَ وَقِهِم عَذابَ الجَحيمِ (آيت : 7) |
جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻندا آھن ۽ جيڪي اُن جي چوڌاري آھن سي پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪندا آھن ۽ مٿس ايمان آڻيندا آھن ۽ مؤمن لاءِ بخشش گھرندا آھن، (چوندا آھن ته) اي اسان جا پالڻھار سڀڪنھن شيء کي پنھنجي ٻاجھ ۽ علم ۾ وڪوڙيو اٿيئي تنھنڪري جن توبه ڪئي ۽ تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪئي تن کي بخش ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي الله جو عرش کڻندڙ آهن ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن سي پنهنجي پروردگار جون اعليٰ صفتون بيان ڪندڙ آهن (۽ عملي طرح اسلامي نظام قائم ڪرڻ ۾ ڪوشان آهن) منجهس پورو پورو ايمان رکن ٿا، ۽ ايمان وارن لاءِ (ڪوتاهين جي) معافي گهرن ٿا (۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر چيز کي پهچي ٿو. سو (اي پروردگار!) جيڪي مؤمن توبهه ڪن ٿا (يعني بديءَ جي واٽ ڇڏي) تنهنجي (ڏيکاريل) واٽ تي هلن ٿا تن کي بخش ۽ کين جهنم جي عذاب کان بچاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي فرشتا عرشِ عظيم کي کڻي رهيا آهن ۽ جيڪي فرشتا ان جي چوڌاري آهن اهي پنهنجي رب جي تسبيح حمد سان پڙهن ٿا ۽ اهي ان تي ايمان آڻن ٿا ۽ مؤمنن لاءِ بخشش طلب ڪن ٿا. (چون ٿا) اي اسان جا رب تنهنجي رحمت ۽ معلومات هر شيءِ کان وسيع آهي، پوءِ تون انهن ماڻهن کي بخش ڪر جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ تنهنجي رستي تي هليا ۽ تون انهن کي جهنم جي عذاب کان بچاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي (فرشتا) عرش کي کينون بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري (مقرر ڪيل) آهن (سي سڀ) پنهنجي پالڻهار جي حمد سان گڏ تسبيح ڪندا رهن ٿا ۽ ان تي ايمان رکن ٿا پڻ مومنن لاءِ بخشش جون دعائون گهرندا رهن ٿا ته پروردگار! تنهنجي رحمت ۽ تنهنجو علم هر شيءَ تي حاوي آهي ته جن ماڻهن (سچيءَ) دل سان توبه ڪئي ۽ تنهنجي راھ تي هليا تن کي بخش! ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي کڻندڙ عرش جا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ تسبيح پڙهن ٿا ۽ ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ مغفرت گهرن ٿا انهن جي لاءِ جن ايمان آندو اي اسان جا رب! ڪشادو ٿئين تون هر شيءِ کان رحمت ۽ علم سان پوءِ بخش فرماءِ انهن کي جن توبہ ڪئي ۽ تابع ٿيا تنهنجي واٽ جا ۽ بچاءِ انهن کي عذاب جهنم جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي (ملائڪ) عرش کي کڻن ٿا ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن سي پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ مٿس ايمان آڻن ٿا ۽ ايمان وارن لاءِ معافي گهرن ٿا. (چون ٿا ته) اي اسان جا پاليندڙ! سڀڪا شيءِ تنهنجي رحمت ۽ علم ۾ سمايل آهي پوءِ جن توبه ڪئي، ۽ تنهنجي رستي جي تابعداري ڪئي تن کي معاف ڪر ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي (فرشتا) عرش کي کنيون بيٺا آهن ۽ جيڪي ان جي چوڌاري آهن سي پنهنجي پالڻهار جي حمد سان (ان جي) پاڪائي بيان ڪن ٿا، ۽ ان تي ايمان رکن ٿا، ۽ ايمان وارن لاءِ بخشش گهرن ٿا. (چون ٿا ته) ”اي اسان جا پالڻهار تو (پنهنجي) رحمت ۽ علم سان هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي پوءِ تون انهن کي بخشي ڇڏ جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي رستي جي پيروي ڪيائون ۽ انهن کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جي کڻن عرش کي، يا چونڪِي سَندسِ چوڌار، وَڙ پَنهنجي والِئَ جا، ڳائـِن نِج نِبار، مَڃِين مُدامِي اُن کي، قَلب ساڻ قرار، مَعافِيون مَڱن اُنهن لئي، جَن آندو اِعتبار، پَنهنجي ٻُجھڻ ۽ ٻاجھ سان، سانَيِم! ربّ، ستار، ڪُل شئِ کي ڪَلتار!، پُورِي پَئـِين پاڻ تون. پوءِ مَرِھ تَن، جي موٽيا، پڻ وَرتـؤن تُنهنجِي واٽ، ۽ ڪَنان آڳ اُساٽ، رک اَمن ۾ اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي ملائڪ عرش کي کڻن ٿا ۽ جيڪي ان جي چوگرد آهن، سي سڀ پنهنجي ڌڻيءَ جي پاڪائي واکاڻ سان بيان ڪندا آهن، ۽ ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ مؤمنن لاءِ بخشش گهرن ٿا، ته ”اي اسان جا ڌڻي! تو هر ڪنهن چيز تي پنهنجي رحمت پکيڙي آهي، ان ڪري جن شخصن توبهه ڪئي ۽ تنهنجي واٽ تي هليا، انهن کي بخش ڪر ۽ کين دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي فرشتا جيڪي عرش کي کنيون بيٺا آهن ۽ اهي جيڪي عرش جي چؤگرد حاضريءَ ۾ بيٺا آهن، اهي سڀئي پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندا رهن ٿا، انهن جو مٿس ايمان آندل آهي ۽ ايمان وارن لاءِ گناهن جي بخشش جي دعا گهرندا رهن ٿا. چون ٿا ته "اي اسان جا رب! تون پنهنجيءَ رحمت ۽ پنهنجي علم سان هر شيءِ تي ڇانيل آهين، تنهنڪري تون کين معاف ڪري ڇڏ ۽ دوزخ جي باهه کان انهن کي بچاءِ ، جن توبه ڪئي ۽ تنهنجي واٽ ورتي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي (ملائڪ) جيڪي کڻن ٿا عرش کي ۽ جيڪي چوڌاري بيٺل آهن اهي سڀ حمد سان گڏ تسبيح پيا ڪن پنهنجي رب جي ۽ ايمان رکندڙ آهن ان تي ۽ بخشش جي دعا ڪندا آهن انهن ئي ايمان وارن لاءِ، چوندا آهن، اسان جا رب! تون ڇانيل آهين هر شيءِ تي پنهنجي رحمت ۽ علم سان، تنهنڪري معاف ڪر انهن ماڻهن کي جن توبهه ڪئي ۽ اختيار ڪئي تنهنجي راهه ۽ انهن کي بچاءِ عذاب کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي جيڪي عرش الـٰهي جا ذميدار ملائڪ آهن ۽ ان جي چوڌاري بيٺل سڀ ملائڪ پنهنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح بيان ڪن ٿا ۽ خود به ان تي ايمان آڻين ٿا ۽ ايمان آڻڻ وارن لاءِ بخشش جي دعا به گهرن ٿا ته اي اسان جا پالڻھار! تون هر شيءِ کي پنھنجي رحمت ۽ علم جي آڌار تي قابو ڪري رکيو آهي، سو اهڙن ماڻهن کي معاف فرماءِ جن پنھنجي گناهن کان توبه ڪئي ۽ تنھنجي رستي جي پيروي ڪئي ۽ انهن کي جھنم جي عذاب کان بچاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا وَأَدخِلهُم جَنّٰتِ عَدنٍ الَّتى وَعَدتَهُم وَمَن صَلَحَ مِن ءابائِهِم وَأَزوٰجِهِم وَذُرِّيّٰتِهِم إِنَّكَ أَنتَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پالڻھار کين اُن ھميشه رھڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿيئي ۽ جيڪي سندن پين ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان سڌريل ھجي تنھن کي به (اُنھن باغن ۾ داخل ڪر)، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ وڌيڪ چون ٿا ته،) اي اسان جا پروردگار کين دائمي باغن ۾داخل ڪر جن جو تو ساڻن واعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ زالن ۽ اولاد مان جن نيڪ ڪم ڪيا تن کي به (دائمي باغن ۾ داخل ڪر) بيشڪ تون وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب ! ۽ تون انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو انهن سان تو وعدو ڪيو آهي ۽ جيڪي انهن جي والدين مان ۽ انهن جي گھر وارين ۽ انهن جي اولاد مان نيڪوڪار آهن، بيشڪ تون ئي غالب حڪمت وارو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! کين سدا بهار باغن ۾ داخل ڪر جن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي. ۽ سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽ سندن اولاد مان جيڪي نيڪ هجن تن کي به (بخش) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا پلڻهار! ۽ داخل ڪر انهن کي بهشتن عدن جي ۾ جن جو انهن سان تو وعدو ڪيو آهي ۽ انهن کي جو صالح ٿيا انهن جي پيئرن مان ۽ انهن جي زالن مان ۽ انهن جي اولاد مان بلاشڪ تون ئي غالب، حڪمت وارو آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جاپاليندڙ! ۽ انهن کي رهڻ جي باغن ۾ داخل ڪرجن جو ساڻن وعدو ڪيو اٿئي ۽ جيڪي سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن زالن ۽سندن اولادن مان سڌريا تن کي به (انهن ۾ داخل ڪر !) بيشڪ تون ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار! ۽ انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر جن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ انهن جي ابن ڏاڏن ۽ انهن جي گهرواريُن ۽ انهن جي اولاد مان جيڪي سڌريا تن کي به (ساڻن گڏ جنت ۾ داخل ڪر). بيشڪ تون غالب حڪمت وارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِيَمِ! داخل تَن ڪَرِين، مَنجھ باغَن بَقادار جَن جا ڏِنئـِي جَھان ۾، اُنهن کي قول قرار، پڻ اَبن مَنجھان اُنهن جي، جَن چڱا ڪيا ڪَم ڪار، پڻ اُنهن جون عورتون، ۽ سَندنِ پَچاٻار، آهِين تون اِظهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! تون کين انهن هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ڪر، جن جو انهن سان وعدو ڪيو اٿيئي- ۽ جيڪي سندن وڏن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان سڌريل هجن، تن کي به- بيشڪ تون ئي غالب، ڏاهپ وارو آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسان جا رب! انهن کي سدائين قائم رهندڙ جنتن ۾ داخل ڪر، جنهن جو تو انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ سندن پيءُ ماءُ ۽ اولاد مان به جيڪي صالح هجن (تن کي به اتي پهچاءِ ) تون بيشڪ وڏيءَ طاقت وارو ۽ داناءُ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اسان جا رب! داخل ڪر انهن کي (سدائين لاءِ) انهن باغن ۾ جن جو تو وعدو ڪيو ته انهن سان ۽ جيڪي سڌري ويا انهن جي ابن ڏاڏن مان ۽ انهن جي زالن ۽ سندن اولاد مان صالحن کي (اتي وٽن پهچاءِ)، بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! انهن کي هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل فرماءِ، جنھن جو تون انهن سان وعدو ڪيو آهي ۽ انهن جي نيڪ والدين، گهر وارين ۽ اولاد کي به داخل فرماءِ. بيشڪ تون زبردست حڪمت وارو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقِهِمُ السَّيِّـٔاتِ وَمَن تَقِ السَّيِّـٔاتِ يَومَئِذٍ فَقَد رَحِمتَهُ وَذٰلِكَ هُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 9) |
۽ کين سختين کان بچاءِ، ۽ جنھن کي اُن ڏينھن ۾ سختين کان بچايئي تنھن تي بيشڪ رحم ڪيئي، ۽ اِھو (بچائڻ) وڏي مُراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هيئن به چون ٿا ته) کين برائين کان بچاءِ، ۽ جن کي تون انهيءَ ڏينهن برائين کان بچائين تن تي تو بيشڪ وڏي رحمت ڪئي. ۽ اهائي عظيم ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون انهن کي (قيامت جي) تڪليفن کان بچاءَ، جنهنکي تو ان ڏينهن جي تڪليفن کان بچايو، پوءِ بيشڪ تو ان تي رحم ڪيو، ۽ اها ئي عظيم ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين هر قسم جي براين کان بچائي ۽ جنهن کي تون ان ڏينهن (قيامت) جي عذابن کان بچائيندين تنهن تي تو وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي ته وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بچاءِ انهن کي سختين کان ۽ جنهن کي سختين کان بچائيندي ان ڏينهن پوءِ تحقيق رحم ڪيو تو ان تي ۽ اهائي ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين بڇڙائين (جي سزا) کان بچاءِ! ۽ جنهن کي ان ڏينهن بڇڙائين (جي سزا) کان بچائيندين تنهن تي تو مهرباني ڪئي، ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون انهن کي بڇڙاين کان بچاءِ. ۽ جنهن کي تو ان ڏينهن بڇڙاين (جي سزا) کان بچايو ته بيشڪ تو ان تي وڏو رحم ڪيو. ۽ اهائي زبردست ڪاميابي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَچائـِين بَديُن کان، غالِب، ربَّ غفور! اُنهِئَ ڏينهن، ڏُکن کان جِنهن کي داوَر! رَکِين دُور، پوءِ مَرهئـِي تِنهن کي مُور، ۽ سَڀنِيان وَڏِي سوڀ اِئَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون هنن کي سختين کان بچاءِ، جنهن کي تو ان ڏينهن سختين کان بچايو، تنهن تي بيشڪ رحم ڪيئه ۽ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين بڇڙاين کان پناهه ۾ رک. جنهن کي تو قيامت جي ڏينهن بڇڙاين کان بچايو، تنهن تي تو وڏو فضل ڪيو ۽ اهائي وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بچاءِ انهن کي براين کان، ۽ جنهن کي تو بچائي ورتو براين کان قيامت جي ڏينهن، پوءِ ان تي تو وڏو رحم ڪيو ۽ اها ئي آهي ڪاميابي تمام وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن کي (هر قسم جي) برائين کان بچاءِ (سچي ڳالهه اها آهي ته) جن کي به تو قيامت جي ڏينھن برائين کان بچائي ورتو ته بيشڪ تون انهن تي وڏو رحم ڪيو، اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا يُنادَونَ لَمَقتُ اللَّهِ أَكبَرُ مِن مَقتِكُم أَنفُسَكُم إِذ تُدعَونَ إِلَى الإيمٰنِ فَتَكفُرونَ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪُفر ڪيو تن کي سڏبو (۽ چئبو) ته الله جو (اوھان تي) ڏمرجڻ اوھان جي پاڻ تي (اڄ جي) ڏمرجڻ کان تمام وڏو آھي جڏھن جو اوھان کي (دنيا ۾) ايمان ڏانھن سڏبو ھو ۽ نه مڃيندا ھئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي پڪاري چيو ويندو ته الله جي بيزاري گهڻي وڏي هئي اوهان جي انهيءَ بيزاريءَ کان جيڪا (هاڻي) اوهان کي پاڻ کان آهي. هن ڪري جو توهان کي ايمان آڻڻ جي دعوت ڏني ويندي هئي ۽ توهان انڪار ڪندا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (انهن کي) پڪاريو ويندو ته يقيناً الله تعالى جي بيزاري ان کان تمام گھڻي آهي جيئن توهان (اڄ) پنهنجي جانن کان بيزار آهيو جنهن وقت توهان کي ايمان لاءِ سڏيو ويندو هو پوءِ توهان ڪفر ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر) جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جيترو اوهين (اڄ) پنهنجي جان کان بيزار آهيو تنهن کان وڌيڪ خدا توهان کان بيزار هو جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويو ٿي ته انڪار ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ جن ڪفر ڪيو سڏيا ويندا ته البته ڪاوڙجڻ الله جو تمام وڏو آهي اوهان جي ڪاوڙجڻ کان اوهان جي سرن مان جڏهن سڏيا ٿي ويئو ايمان ڏانهن پوءِ ڪفر ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏيو ويندو هو پوءِ اوهين انڪار ڪندا هئا، الله جي (اها) ڪاوڙ اوهان جي (انهيءَ) ڪاوڙ کان جيڪا پاڻ تي اٿوَ گهڻو وڏي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو (روزِ محشر) انهن کي سڏي چيو ويندو: ”اڄ جيتري ڪاوڙ اوهان کي پنهنجو پاڻَ تي آهي الله کي ان کان وڏي ڪاوڙ اوهان مٿان ان وقت هوندي هئي جڏهن توهان کي ايمان جي طرف سڏيو ويندو هيو پر توهان ڪفر ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦِريا، تَن م ڦيربو، پَڙهو اِهڙِئَ پَر، ته آن تي ڏمر ڏاتارجو، آهي وَڏو ويتر، اَنهنجي ڏَمر کان پاڻ تي، جڏهن ڪوٽيا وڃو ڪافِر! مَڃڻ ڏي مُقرّر، پوءِ اَوهين پِيا مَن موڙيو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو، تن کي سڏي چئبو ته ”اڄ الله جو ڏمرجڻ اوهان جي پاڻ مٿي ڏمرجڻ کان گهڻو وڏو آهي، جڏهن اوهان کي ايمان ڏي سڏبو هو ۽ اوهين انڪار ڪندا هئا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ڪفر ڪيو آهي، تن کي قيامت جي ڏينهن سڏي چيو ويندو ته "اڄ جيڏي سخت ڪاوڙ توهان کي پنهنجو پاڻ تي ٿي اچي، تنهن کان وڌيڪ غضبناڪ الله توهان تي ان وقت ٿيندو هو، جڏهن توهان کي ايمان ڏانهن سڏيو ويندو هو ۽ توهان وري ڪفر ڪندا هيؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کي (قيامت ڏينهن) سڏي ٻڌائبو ته ڪاوڙ الله جي تمام وڏي توهان جي ڪاوڙ کان جيڪا توهان کي (هن وقت) پاڻ ئي اچي پئي، جڏهن سڏيو ويندو هو توهان کي ايمان ڏي ته توهان ڪفر ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن کي سڏي چيو ويندو ته اڄ توهان کي پنھنجي مٿان جيڪا ڪاوڙ اچي ٿي، ان کان وڌيڪ الله تعالى کي ڪاوڙ ايندي هئي، جڏهن توهان کي ايمان ڏي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا رَبَّنا أَمَتَّنَا اثنَتَينِ وَأَحيَيتَنَا اثنَتَينِ فَاعتَرَفنا بِذُنوبِنا فَهَل إِلىٰ خُروجٍ مِن سَبيلٍ (آيت : 11) |
چوندا ته اي اسانجا پالڻھار اسان کي ٻه ڀيرا ماريئي ۽ اسان کي ٻه ڀيرا جياريئي تنھنڪري (ھاڻي) پنھنجن گناھن کي (پاڻ) مڃيوسون پوءِ (ھاڻي) نڪرڻ جي ڪا واھ (ڪٿي) آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ڪافر) چوندا ته، اي اسان جا پروردگار تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا جيئاريو، اسان (هاڻي) پنهنجا گناهه مڃون ٿا (ته بيشڪ اسان گنهگار هئاسين) سو هاڻي هتان نڪرڻ لاءِ (۽ عذاب کان بچڻ لاءِ) آهي ڪو رستو؟ (نه بلڪل ڪونهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چوندا اي اسان جا رب تو اسان کي ٻه دفعا ماريو ۽ تو اسان کي ٻه دفعي جياريو، پوءِ (هاڻي) اسان پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڇا پوءِ (باهه مان) نڪرڻ جي ڪا واٽ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو چوندا ته اسان جا پروردگار! تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو، هاڻي اسين پنهنجي گناهن جو اقرار ڪريون ٿا ته ڇا (هتان) نڪرڻ جي به ڪا راھ آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اي اسان جا رب! ماريو تو اسان کي ٻه ڀيرا جيئرو ڪيو تو اسان کي ٻه ڀيرا پوءِ مڃيا اسان گناھ پنهنجا پوءِ نڪرڻ ڏانهن ڪا واٽ آهي؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! تون اسان کي ٻه ڀير ا ماريو ۽ ٻه ڀيراجياريو سو (هاڻي) اسان پنهنجن گناهن جو اقرار ڪيو ڇاپوءِ (هاڻي هتان) نڪرڻ جوڪو رستو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي چوندا: ”اي اسان جا مالڪ تو (واقعي) اسان کي ٻه ڀيرا ماريو ۽ ٻه ڀيرا جياريو سو اسان (هاڻي) پنهنجي گناهن جو اقرار ڪيون ٿا ڇا پوءِ (باهه مان) نڪرڻ جو ڪو رستو آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ماريئـِي اَسان ٻه مَرتبا سانيَمِ ربَّ ستار! ٻه ڀيرا پَنهنجي ڀال سان جِياريئـِي جبّار!، پوءِپَنهنجي پاپن جو، اَسان ڪيو اِقرار، پوءِ ڪا ڏِس ڏاتار! نِڪرڻ ڏانهن نِڪوج مان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! تو اسان کي ٻه دفعا ماريو ۽ ٻه دفعا جيئاريو، هاڻ اسان پنهنجا گناهه مڃيا، پوءِ آهي ڪا نڪرڻ جي واهه؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو چوندا: "اي اسان جا رب! تو برابر اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا حياتي ڏني، هاڻي اسان پاڻ پنهنجا گناهه باسيون ٿا، ڇا پوءِ (هتان) ڪا نڪرڻ جي واهه آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوندا ته، اي اسان جا رب! تو واقعي اسان کي موت ڏنو ٻه ڀيرا ۽ حياتي ڏني اسان کي ٻه ڀيرا، هاڻي اسان اعتراف ڪريون ٿا پنهنجي ڏوهن جو، ڇا هاڻي هتان نڪرڻ جي ڪا واٽ آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! تو اسان کي ٻه ڀيرا موت ڏنو ۽ ٻه ڀيرا زندگي ڏني. بس! هاڻي اسان پنھنجي گناهن جو (باقاعده) اعتراف ڪريون ٿا ته ڇا هاڻي هتان ٻاهر نڪرڻ جو ڪو امڪان آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكُم بِأَنَّهُ إِذا دُعِىَ اللَّهُ وَحدَهُ كَفَرتُم وَإِن يُشرَك بِهِ تُؤمِنوا فَالحُكمُ لِلَّهِ العَلِىِّ الكَبيرِ (آيت : 12) |
(چئبن) اِھو (عذاب اوھان کي) انھيءَ ڪري آھي جو جڏھن (خاص) اڪيلي الله کي سڏبو ھو (تڏھن) اوھين انڪار ڪندا ھئو، ۽ جيڪڏھن ساڻس شريڪ ٺھرايو ويندو ھو ته (ان ڳالھ کي) مڃيندا ھئو، پوءِ (اڄ) تمام مٿاھين وڏي الله جو حڪم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته) هيءَ حالت (۽ عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن هڪ الله کي پڪاريو ويندو هو تڏهن توهان انڪار ڪندا هئو ۽ جڏهن ساڻس ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو تڏهن ايمان آڻيندا هئو. سو (هاڻي ڏسو ته توهان ڀليل هئو ۽) حڪومت ۽ حڪم فقط الله جو آهي جو سڀني کان مٿي ۽ سڀني کان وڏو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انهي سببان جو جڏهن هڪ الله کي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان سان شرڪ ڪيو ويندو هو ته توهان تسليم ڪندا هئا، پوءِ (هاڻي) فيصلو الله تعالى وٽ آهي جيڪو بلند ۽ وڏو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (عذاب) هن ڪري آهي جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. ته (اڄ) خدا جي ئي حڪومت آهي جو عاليشان ۽ بزرگ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بلاشڪ جڏهن سڏيو ويندو هو الله اڪيلو اهو ته اوهان ڪفر ڪندا هيئو ۽ جيڪڏهن ان سان شرڪ ڪيو ويندو هو ته مڃيندا هيئو پوءِ حڪم الله، مٿاهين وڏي جو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (چئبن ته نه ۽) اهو هن ڪري جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏيو ويندو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا ۽ جيڪڏهن ان جو شريڪ ٺهرايو ويندو هو ته اوهين مڃيندا هئا. پوءِ (اڄ) تمام مٿاهين وڏي الله جوئي حڪم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو ته نه) ”اهو (عذاب) هن لاءِ آهي جو جڏهن اڪيلي الله ڏانهن سڏيو ويندو هيو ته توهان ڪفر ڪندا هئا، ۽ جڏهن ان سان ٻين کي ملايو ويندو هيو ته توهان مڃندا هئا. پوءِ (هي) حڪم الله جو آهي جيڪو (سڀ کان) مٿاهون وڏو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) انهئَ لئي ته اَوهان کي، جڏهن مَنجھ جَھان، هُئو سائـِينءَ هِڪ ڏي سَڏبو، ته ڦِريا کون فَرمان، جڏهن ساڻسِ گَڏيو غير ويو ته آڻيو پيا ايمان، پوءِ آهي حُڪم اَلله جو، جنهن جو اَعَلىٰ آهي شانُ سوئـِي سو سُلطان، وَڏِي وَڏائـِي جو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبو) ”اوهان جو اهو عذاب انهي ڪري آهي، جو جڏهن اڪيلي الله کي سڏبو هو ته اوهين انڪار ڪندا هئا- ۽ جيڪڏهن ان سان ٻين کي ڀائيوار ڪبو هو، ته اهو اوهين مڃيندا هئا- هاڻي ته حڪم فقط الله جي وس ۾ آهي، جو مٿاهون ۽ وڏو آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (جواب ملندن) اهو ته ان ڪري آهي جو جڏهن هڪڙي الله ڏانهن سڏيو ويندو هو ته توهان مڃڻ کان انڪار ڪندا هيـوَ ۽ جڏهن ساڻس گڏ ٻين کي شريڪ ڪيو ويندو هو ته توهان مڃيندا هيؤ. هاڻي ته فيصلو الله مٿانهين ۽ وڏي جي هٿ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جواب ملندو) اها حالت جنهن ۾ توهان قابو آهيو، ان ڪري آهي جو جڏهن سڏيو ويندو هو الله اڪيلي ڏانهن ته توهان مڃڻ کان انڪار ڪندا هئا ۽ جڏهن ملايو ويندو هو ٻين سان ان کي ته مڃي وٺندا هئا، هاڻي فيصلو الله وٽ آهي جيڪو مٿانهون ۽ وڏو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان سان اها حالت ان ڪري ٿي آهي جو جڏهن توهان کي هڪ الله ڏي سڏيو ويندو هو ته توهان انڪار ڪندا هئا پر جيڪڏهن ان (الله) جو ڪنھن کي شريڪ بنايو ويندو هو ته توهان ان تي ايمان آڻيندا هئا. اڄ تمام مٿانهين الله جو ئي حڪم هلندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى يُريكُم ءايٰتِهِ وَيُنَزِّلُ لَكُم مِنَ السَّماءِ رِزقًا وَما يَتَذَكَّرُ إِلّا مَن يُنيبُ (آيت : 13) |
(الله) اُھو آھي جيڪو اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي ۽ آسمان مان اوھان لاءِ روزي نازل ڪندو آھي، ۽ نصيحت رڳو اُھو وٺندو جيڪو (خدا ڏانھن) موٽندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو! ٻڌو ۽ خبردار ٿيو!) اهوئي (الله) آهي جو اوهان کي پنهنجون نشانيون (هدايت ڪرڻ لاءِ) ڏيکاري ٿو ۽ آسمان مان اوهان جي لاءِ رزق نازل ڪري ٿو، پر فقط اهي نصيحت وٺن ٿا (پنهنجو فائدو ڪن ٿا ۽ ڪامياب ٿين ٿا) جيڪي خدا ڏي رجوع ٿين ٿا (۽ سندس ڏيکاريل واٽ تي هلن ٿا، ٻيا تباهه ٿي ٿا وڃن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان لاءِ آسمانن مان رزق (مينهن) نازل ڪري ٿو، ۽ نصيحت فقط اهو ماڻهو قبول ڪري ٿو جيڪو ان ڏانهن موٽڻ چاهي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو ئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي نازل ڪري ٿو ۽ نصيحت به رڳو اهو ئي حاصل ڪري ٿو جيڪو (ان ڏي) رجوع ٿئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) ئي آهي جيڪو ڏيکاري ٿو اوهان کي پنهنجون آيتون ۽ لاهي ٿو اوهان جي لاءِ آسمان کان رزق ۽ نه ٿو نصيحت حاصل ڪري مگر اهو جو ٿو موٽي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اهوئي آهي جو اوهان کي پنهنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان روزي لاهي ٿو ۽ (اهڙين ڳالهين ۾ ) اهوئي ڌيان ڪري ٿو جيڪو الله ڏي رجوع ٿئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان لاءِ آسمان مان روزي لاهي ٿو. ۽ نصيحت رڳو اهو پرائي ٿو جيڪو (الله ڏانهن) رجوع ٿئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو جو ڏيکاري پَنهنجا، اوهان کي اُهڃاڻ، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان قُوت اَوهان جي ڪاڻ، ۽ ڪو نه پِرائي پاڻ، مَگر جيڪو موٽندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جو اوهان کي سندس نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ اوهان لاءِ آسمان مان رزق موڪلي ٿو- نصيحت ته فقط اهو وٺندو، جيڪو الله ڏي موٽندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي جيڪو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو رهي ٿو ۽ آسمان مان توهان لاءِ رزق نازل ڪري ٿو پر (انهن نشانين مان) سبق فقط اهو ٿو پرائي، جيڪو الله ڏانهن رجوع ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جيڪو ڏيکاري ٿو توهان کي پنهنجون نشانيون ۽ پالوٽ ڪندو آهي توهان تي آسمان مان رزق جي، (پر انهن مان) نٿو پرائي اهو شخص جيڪو ورڻ وارو (الله ڏانهن)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جيڪو توهان کي پنھنجي قدرت جون نشانيون ڏيکاري ٿو ۽ توهان جي لاءِ آسمان مان رزق نازل ڪري ٿو. انهن ڳالهين مان ته رڳو رجوع ڪرڻ وارا ئي نصيحت حاصل ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَادعُوا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ وَلَو كَرِهَ الكٰفِرونَ (آيت : 14) |
پوءِ الله لاءِ پنھنجي عبادت کي خالص ڪري اُن کي سڏيو جيتوڻيڪ ڪافر بڇان ڀانئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو توهان فقط الله کي پڪاريو ۽ سچائيءَ سان سندس فرمانبرداري ڪيو اگرچه انهيءَ ڳالهه کي ڪافر سخت ناپسند ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان اخلاص سان الله تعالى جي عبادت ڪريو، جيتوڻيڪ ڪافرن ان کي ناپسند ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اوهين خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. توڙي جو ڪافرن کي نه وڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ عباد ڪيو الله جي خالص ڪندڙ ان لاءِ دين کي جيتوڻڪ نه پسند ڪيو ڪافرن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي مسلمانو !) الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو توڙي جو ڪافرن کي بڇڙو لڳي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان الله جي عبادت ڪيو پنهنجي دين کي خالص ان لاءِ بنائيندي توڙي جو ڪافرن کي مَٺيان لڳي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَڏيو سائـِينءَ هيڪ کي، ڏيندڙ اُن کي ڏان ۽ مَر ته ڀانئـِن مَن ۾، ڪَراهت ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پنهنجي عبادت کي خاص الله لاءِ ڪري، ان کي سڏيو، ڀل کڻي ڪافرن کي مٺيان لڳي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (الله ڏانهن ورڻ وارؤ) الله کي ئي سڏيندا ڪريو، پنهنجي دين کي خالص ان جو ئي ڪري، کڻي اها ڳالهه ڪافرن کي ڪيتري به اڻ وڻندڙ ڇو نه لڳي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (پوءِ ورڻ وارؤ!) سڏيو الله کي، خالص ڪريو ان جي لاءِ پنهنجي دين کي، پوءِ ڀلي اهو ڪيترو به اڻ وڻندڙ هجي ڪافرن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس) توهان دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ان کي ئي پڪاريو. ڀلي جا ڪافرن کي برو لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَفيعُ الدَّرَجٰتِ ذُو العَرشِ يُلقِى الرّوحَ مِن أَمرِهِ عَلىٰ مَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ لِيُنذِرَ يَومَ التَّلاقِ (آيت : 15) |
(اُھو) مرتبن کي وڏي ڪرڻ وارو ۽ عرش جو صاحب آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن تي گھرندو آھي (تنھن تي) پنھنجي حڪم سان وحي موڪليندو آھي ته (اُھو ٻانھو ماڻھن کي الله جي) ملڻ جي ڏينھن کان ڊيڄاري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو عرش جو مالڪ (ڪائنات جو بادشاهه) وڏا درجا (۽ مرتبا) ڏيندڙ آهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن ڏي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو انهيءَ لاءِ ته جنهن (قيامت جي) ڏينهن سڀ ماڻهو گڏ ڪري ملايا ويندا الله تعاليٰ وٽ پيش ڪيا ويندا تنهن ڏينهن بابت (ماڻهن کي) خبردار ڪري ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى درجا بلند ڪندڙ (۽) عرشِ عظيم جو مالڪ آهي، الله تعالى پنهنجي فضل سان پنهنجي جنهن ٻانهي لاءِ چاهي ان تي وحي رباني موڪلي ٿو ان لاءِ ته اهو قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ته عالي مرتبي (وارو) عرش جو مالڪ آهي. اهو پنهنجي بندن مان جنهن کي گهري ٿو پنهنجي حڪم سان وحي نازل ڪري ٿو پر هن لاءِ ته اهو (عبد ماڻهن کي) ملاقات (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄاري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلند درجن وارو، عرش جو مالڪ نازل ڪري ٿو وحي پنهنجي امر مان ان تي جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان تانته ڊيڄاري ڏينهن ملڻ جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) بلند درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي گهري ٿو تنهن تي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو هن لاءِ ته (اهو ٻانهو) ماڻهن کي (الله جي) ملڻ جي ڏينهن کان ڊيڄاري (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو درجا بلند ڪرڻ وارو عرش جو مالڪُ، پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي ٿو تنهن تي پنهنجي حڪم سان وحي موڪلي ٿو هن لاءِ ته اهو (ماڻهن کي) گڏ ٿيڻ واري ڏينهن کان ڊيڄاري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتم دَرجن جو ڌَڻِي، عَرش سَندو سُلطان، گُهري سَندسِ گولن مان، جَنهِين کي جَلَّ شان، ته اُڇلي پَنهنجي اَمر مان، رُوح اُتِس رَحمان، ته خوف ڏِياري خان، ڏينهن ملڻ، کان ڏيہ کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو مٿاهان درجا ڪندڙ ۽ عرش جو ڌڻي آهي؛ هو سندس ٻانهن مان جنهن تي وڻيس، پنهنجي حڪم سان وحي موڪليندو آهي، ته قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو تمام مٿانهن درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنهنجن ٻانهن مان جنهن تي چاهي پنهنجي حڪم سان روح (وحي) ٿو نازل ڪري، تانته ملاقات واري ڏينهن کان کين خبردار ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو بلند درجن وارو مالڪ آهي عرش جو، نازل ڪندو آهي روح (وحي) کي پنهنجي حڪم سان جنهن تي به چاهي پنهنجي بندن مان، جيئن اهو خبردار ڪري ان ملاقات واري ڏينهن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو تمام مٿانهن درجن وارو عرش جو مالڪ آهي. پنھنجي ٻانهن مان جنھن تي به چاهي پنھنجي حڪم سان روح ( يعني وحي) موڪليندو آهي ته جيئن ماڻهن کي الله تعالى جي آڏو پيش ٿيڻ واري ڏينھن کان ڊيڄاري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ هُم بٰرِزونَ لا يَخفىٰ عَلَى اللَّهِ مِنهُم شَيءٌ لِمَنِ المُلكُ اليَومَ لِلَّهِ الوٰحِدِ القَهّارِ (آيت : 16) |
جنھن ڏينھن اُھي (قبرن مان) ٻاھر نڪرندا، انھن جي ڪابه شيء الله کان ڳُجھي نه رھندي، (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنھن جي بادشاھي آھي، (وري پاڻ چوندو) خاص اڪيلي غالب الله جي (بادشاھي) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن جڏهن سڀ ماڻهو (قبرن مان) نڪري نروار ٿيندا تڏهن سندن بابت ڪابه ڳالهه الله تعاليٰ کان لڪل نه رهندي. (۽ نعرو هڻي پڇيو ويندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (هرڪو چئي ڏيندو ته) بيشڪ حڪومت انهيءَ هڪ الله جي آهي جو سڀني تي غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن ڏينهن اهي سڀئي موجود هوندا، انهن جي ڪا شيءِ الله تعالى کان مخفي نه هوندي. اڄ ڪنهنجي بادشاهي آهي؟ (الله تعالى پاڻ جواب ۾ فرمائيندو ته) فقط هڪ الله جي جيڪو واحد القهار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن اهي ماڻهو (قبرن مان) اٿي کڙا ٿيندا (۽) سندن ڪا به شيءِ خدا کان ڳجهي نه رهندي (۽ سڏ ٿيندو ته) اڄ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ (خود خدا فرمائيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن جو اهي ٻاهر نڪري ظاهر ٿيندڙ هوندا نه لڪندي الله کان انهن مان ڪا شيءِ ڪنهن جي لاءِ بادشاهي آهي اڄ ڏينهن الله، هڪ، غالب جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن اهي قبرن مان ٻاهر نڪرندا سندن ڪابه شيءِ الله کان ڳجهي نه رهندي. (الله فرمائيندو ته) اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ (وري پاڻ ئي جواب ڏيندو ته) اڪيلي زبردست الله جي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن اُهي سڀ (قبرن مان نڪري) نِـــروارُ ٿيندا ۽ سندن ڪابه شيءِ الله کان ڳُجهي نه رهندي. (الله فرمائيندو) ”اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي“؟ (وري خود ئي جواب ڏيندو) ”الله جي ئي آهي جيڪو اڪيلو سڀني تي غالب آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ڏِينهن، اُهي سڀ کُليا، مِڙِندا مَنجھ ميدان، اُنهن جي اَلله کان، لک لِڪندِي ڪانه، اَڄ مِڙئـِي مُلڪ ڪِنهن جو؟ اِي ڦيربو فَرمان، ته جُمله جَڳ جَھان، هِڪ قادِر، ربَّ، قهار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن هو قبرن مان ٻاهر نڪرندا، الله کان انهن جي ڪا به ڳالهه ڳجهي نه رهندي، هو چوندو ”ڪنهن جي بادشاهي آهي اڄ؟“ ”اڪيلي زبردست الله جي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏينهن جڏهن سڀ قبرن مان نڪرندا، انهن جي ڪابه شيءِ الله کان لڪل نه هوندي (ان ڏينهن وڏي واڪي پڇيو ويندو ته) اڄ بادشاهي ڪنهن جي آهي؟ (سموري مخلوق جواب ۾ چوندي ته) الله هيڪڙائيءَ واري ۽ سڀني تي ضابطو رکندڙ جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڏينهن جڏهن (سڀ ماڻهو) پڌرا هوندا، نه هوندي لڪل الله کان سندن ڪابه ڳالهه، (ان ڏينهن پڇيو ويندو) ڪنهن جي بادشاهي آهي اڄ؟ الله جي (سارو عالم چوندو) جيڪو واحد القهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن اهي (قبرن مان) ٻاهر نڪري ايندا ته انهن جي ڪابه شيءِ الله تعالى کان لڪيل نه هوندي. (الله تعالى فرمائيندو ته) اڄ بادشاهي ڪنھن جي آهي؟ (سڀ زندهه ٿيل مخلوق پڪاري چوندي ته) اڪيلي زبردست الله تعالى جي بادشاهي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اليَومَ تُجزىٰ كُلُّ نَفسٍ بِما كَسَبَت لا ظُلمَ اليَومَ إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 17) |
اڄ سڀڪنھن جِيءَ کي اُنھي جو بدلو ڏبو جيڪو ڪمايو اٿس، اڄ ڪو ظلم ڪونھي، بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن هرهڪ شخص کي سندس ڪئي ڪمائي موجب بدلو ڏنو ويندو، ۽ انهيءَ ڏينهن ڪابه بي انصافي ڪانه ٿيندي، يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اڄ ڏينهن هر نفس کي سندس عملن جي جزا ڏني ويندي، اڄ ڏينهن ڪوبه ظلم نه آهي، بيشڪ الله تعالى فوراً حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪي ان ڪيو هوندو تنهن جو بدلو ڏنو ويندو اڄ ڪنهين تي ڪجھ (به) ظلم نه ڪيو ويندو. بيشڪ خدا تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڄ جزا ڏنو ويندو هر نفس ان جي جيڪو ڪمايائين ناهي ڪو ظلم اڄ بلاشڪ الله حساب جو تڪڙو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اڄ سڀ ڪنهن شخص کي جيڪو ڪيو هوندائين تنهن جو بدلو ڏنو ويندو. اڄ ڪو ظلم نه آهي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) ”اڄ هر شخص کي سندس ڪمائي جو بدلو ڏنو ويندو. اڄ ڪا نا انصافي نه ٿيندي. بيشڪ الله جلد حساب وٺڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِلندو هَر ماڻهو کي، جيڪِي پورهيو ڪَيائـِين پاڻ، ظُلم ذَري جيترو، اَڄ ڪيو نه وَڃي ڪِنهن ساڻ، صاحب سُرت سُڄاڻ، هِرگز تِکو حِساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اڄ هر شخص کي سندس ڪمائي جو عيوض ڏبو- اڄ ڪو به ظلم نه ڪبو- بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (چيو ويندو) اڄ هرهڪ کي سندس ڪمائيءَ جو ڦل ملندو، جيڪا ان ڪئي هئي. اڄ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ تمام تڪڙو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (چيو ويندو) اڄ بدلو ملندو هر ساهواري کي، جيڪو ڪمايو اٿس، ڪوبه نه ٿيندو ظلم (ڪنهن سان) اڄ، بيشڪ الله تمام تڪڙو آهي حساب وٺڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اڄ هر ماڻهوءَ کي پنھنجي ڪمائي جو بدلو ڏنو ويندو، ۽ ڪنھن تي به ظلم نه ڪيو ويندو. بيشڪ الله تعالى جلد ئي حساب وٺندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنذِرهُم يَومَ الءازِفَةِ إِذِ القُلوبُ لَدَى الحَناجِرِ كٰظِمينَ ما لِلظّٰلِمينَ مِن حَميمٍ وَلا شَفيعٍ يُطاعُ (آيت : 18) |
۽ (اي پيغمبر) کين قيامت جي ڏينھن (جي اُنھيءَ مھل) کان ڊيڄار جنھن مھل دليون نِڙ گھٽن کي ويجھو ٿينديون (اُھي) ڏک ڀريل ھوندا، (اُن ڏينھن) ظالمن جو ڪو دوست ۽ نه ڪو پارت ڪندڙ ھوندو جنھن جي ڳالھ مڃجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن کي انهيءَ ويجهي ايندڙ ڏينهن بابت خبردار ڪري ڇڏ جنهن ڏينهن دليون نڙي ڏي چڙهي ان کي گهٽينديون (۽ هو ڳالهائي نه سگهندا) انهيءَ ڏينهن ظالمن لاءِ ڪوبه هڏ ڏوکي يار ڪونه هوندو، نڪو ڪو اهڙو سفارشي هوندو جنهن جي ڳالهه ٻڌي وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان انهن کي قيامت جي ڏينهن کان ڊيڄاريو، جڏهن غمگين دِليون نِڙين تائين اچي پهچنديون، ظالمن لاءِ ڪوبه دوست ۽ سفارشي نه هوندو جنهنجي ڳالهه قبول ڪئي وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) کين ان مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جو جلد اچڻ وارو آهي. جنهن ڏينهن دليون نڙگهٽن جي ويجهيون ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا (ان وقت ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نڪو سفارش ڪندڙ، جنهن جي ڳالھ مڃجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊيڄار انهن کي قيامت جي ڏينهن کان جڏهن دليون نرگهٽن وٽ هونديون ڏک ۾ ڀريل ناهي ظالمن جي لاءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ جيڪو مڃيو وڃي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) کين ويجهي اچڻ واريءَ مصيبت جي ڏينهن کان ڊيڄار، جنهن ڏينهن دليون نڙ گهٽن جي ويجهو ٿينديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا. ظالمن جو نڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارش ڪندڙ جنهن جي ڳالهه مڃجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون انهن کي ويجهو اچڻ واري (مصيبت جي) ڏينهن کان ڊيڄار جڏهن ضبطِ غم جي سبب دليون نڙيءَ وٽ اچي وينديون. ظالمن جي لاءِ نه ڪو مهربان دوست هوندو نه ڪو سفارشي هوندو جنهن جي ڳالهه مڃي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏاڍي ڏِينهن قيام کان، ڍوليا! تَن ڊِڄار، واتان وَرڻ کي، ويجھڙا، جڏهن هِنيان هِڪِي پارِ، ڏاڍن لئي اُن ڏِينهن ۾، نه گھرو ڪو غَمخوار، ۽ نه داڙُو مَنجھ دَربار، جنهن جِي مِنت کي مَڃيو وڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون کين قيامت جي ان ڏينهن کان ڊيڄار، جڏهن قلب نڙ گهٽن وٽ پهچندا ۽ هو ڏک ڀريل هوندا، ظالمن جو ڪو به دوست يا پارت ڪندڙ نه هوندو، جنهن جي ڳالهه مڃي وڃي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڊيڄار انهن ماڻهن کي ان ڏينهن کان جيڪو اچي ويجهو ٿيو آهي، جڏهن ساهه مٺ ۾ ٿي ويندا ۽ ماڻهو ڏک ڀريل هوندا. ظالمن جو نڪي ڪو دوست هوندو ۽ نه وري ڪو اهڙو سفارشي، جنهن جو چيو ورتو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ڊيڄار انهن ماڻهن کي ان ڏينهن کان جيڪو ويجهو اچي پهتو آهي جڏهن دليون نڙگهٽن ۾ هونديون رڳو ڳيتون پيا ڏيندا، (ڏک ۾ ڀريل هوندا) ڪوبه ظالمن جو دوست نه هوندو ۽ نه سفارشي جنهن کي مڃيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ماڻهن کي ان ڏينھن کان ڊيڄار جنھن ڏينھن انهن جو ساهه نڙگهٽن تائين وڃي پهچندو ۽ هو وڏي غم ۾ بيٺل هوندا. ظالمن جو ڪير به، نه دلي دوست هوندو ۽ نه ئي ڪو سفارشي هوندو، جنھن جي ڳالهه مڃي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعلَمُ خائِنَةَ الأَعيُنِ وَما تُخفِى الصُّدورُ (آيت : 19) |
اکين جي خيانت (واري نگاھ) ۽ جيڪي سينا لڪائيندا آھن سو (الله) ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (يعني الله تعاليٰ) اکين جي خيانت به ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي اکين جي خيانت ڄاڻي ٿو ۽ ان تي سينن جا راز مخفي ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ته اکين جي چوراڻي نگاھ کي ۽ انهن ڳالهين کي به ڄاڻي ٿو جي (ماڻهن جي) سينن ۾ لڪل (راز) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄاڻي ٿو خيانت ڪندڙ اکين کي ۽ جيڪي لڪائين ٿا سينا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اکين جي خيانت کي ۽ جيڪي سينا لڪائين ٿا تنهن کي (الله) ڄاڻي ٿو. ۽ الله انصاف سان فيصلو ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو خيانت ڪندڙ اکين کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي سينا (پنهنجي اندر) لڪائن ٿا (اُهي ڳالهيون به ڄاڻي ٿو).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هڄاڻي چورِي اَک جِي، پڻ جي اَندر مَنجھ اَسرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اکين جي ڪپت، خواهه دلين جو ڳجهه سڀ ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله نظرن جي چوري به ڄاڻي ٿو ته سينن جا سانڍيل راز به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڄاڻي ٿو (الله) چوري نگاهن جي کي، ۽ اهي (راز) جيڪي لڪل آهن سينن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ته انهن جي اکين جي ذريعي ڪيل حرڪتن ۽ جيڪي ڪجهه انهن سينن ۾ راز لڪايا آهن، تن سڀني کي ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ يَقضى بِالحَقِّ وَالَّذينَ يَدعونَ مِن دونِهِ لا يَقضونَ بِشَيءٍ إِنَّ اللَّهَ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 20) |
۽ الله انصاف سان حُڪم ڪندو آھي، ۽ (منڪر) الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھن سي ڪجھ به حُڪم نه ڪندا آھن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪري ٿو (۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو) پر جن کي ماڻهو خدا تعاليٰ کان سواءِ پڪارين ٿا سي ڪوبه فيصلو ڪونه ڪندا (جو هن کي ڪوبه اختيار يا طاقت ڪانهي) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى حق سان فيصلو ڪري ٿو. ۽ جيڪي ماڻهو ان کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا، اهي ڪنهن شيءِ جو فيصلو ڪري نٿا سگھن، بيشڪ الله تعالى ئي هميشه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا انصاف سان حڪم ڪري ٿو. ۽ جن کي ان کان سواءِ سڏين ٿا سي ڪجھ به حڪم نٿا ڪري سگهن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله فيصلو ڪندو آهي حق جو ۽ جن جي عبادت ڪن ٿا ان کان سواءِ نه فيصلو ڪندا ڪنهن شيءِ جو بيشڪ الله اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي ان کانسواءِ سڏين ٿا سي ڪجهه به فيصلو نه ٿا ڪن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله انصاف سان فيصلو ڪري ٿو. ۽ جن (بتن) جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا، اُهي ڪجهه به فيصلو ڪري نه ٿا سگهن. بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله ته آهي ڪَم ڪندو، حقا حق هزار، تِنهن ڌاران دانهِن جَن کي، سي ڪري نه سَگھن ڪاڪا، سُڻندڙ رَبُّ، سَتار، پڻ ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله انصاف سان فيصلو ڪندو آهي_ هو الله کان سواءِ جن کي سڏين ٿا، سي ڪجهه فيصلو نه ڪندا آهن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله فيصلو بلڪل حق جو ڪندو. باقي جن کي (اهي مشرڪ) الله کي ڇڏي پڪاريندا آهن، سي ڪنهن به شيءِ جو فيصلو ڪرڻ وارا ناهن. بيشڪ الله ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله (بنا رعايت جي) فيصلو ڪندو ٺيڪ حق وارو، ۽ رهيا اهي ماڻهو (مشرڪ) جيڪي پڪارين ٿا ٻين کي (الله کي ڇڏي) ناهن اهي فيصلو ڪندڙ ڪنهن به شيءِ جو، بيشڪ الله اهو ئي آهي ٻڌندڙ ڏسندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى چڱيءَ طرح حق سان فيصلو فرمائيندو پر جيڪي ماڻهو الله تعالى کي ڇڏي ٻين کي پڪارين ٿا انهن کي ڪنھن فيصلي ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي. بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ كانوا مِن قَبلِهِم كانوا هُم أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَما كانَ لَهُم مِنَ اللَّهِ مِن واقٍ (آيت : 21) |
مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته (نھاري) ڏسن ته انھن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جيڪي کانئن اڳ ھوا، اُھي کائن سگھ ۾ زمين تي نشانين (يعني محلاتن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا ھوا پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله (جي عذاب) کان اُنھن کي ڪو بچائيندڙ نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ ڏسن نٿا ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا آهن تن جي پڇاڙي (سندن بدعملن سببان) ڪهڙي نه خراب ٿي، اهي ته هنن ماڻهن کان قوت ۽ طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا ۽ زمين تي وڌيڪ نشانيون ۽ اثر ڇڏي ويا، پر (تڏهن به) الله تعاليٰ سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي، ۽ هنن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن زمين ۾ سير نه ڪيو؟ پوءِ اهي ڏسن ته انهن کان اڳين ماڻهن (ڪافرن) جو انجام ڪهڙو ٿيو، جيڪي انهن کان قوت ۽ نشانين ۾ وڌيڪ هئا جيڪي انهن زمين ۾ ڇڏيون آهن، پوءِ سندن گناهن سببان الله تعالى کين پڪڙيو، ۽ الله تعالى جي عذاب کان ڪوبه انهن کي بچائيندڙ نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو آهي ته جي ماڻهو انهن کان اڳي هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ اهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ ڏاڍا وڌيڪ هئا. پوءِ خدا کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ انهن کي خدا (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪو به نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه گهميا زمين تي پوءِ ڏسن ها ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي هئا انهن کان اڳي هئا اهي ڏاڍا انهن کان قوت ۽ نشانن سان زمين ۾ پوءِ پڪڙيو انهن کي الله سببان گناهن انهن جي ۽ نه هو انهن جي لاءِ الله (جي عذاب) کان ڪو بچائيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙي ٿي جي انهن کان اڳي هئا، اُهي انهن کان طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ کين الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪوبه نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهي زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي جيڪي کانئن اڳ هئا. اُهي قوت ۾ به هنن کان وڌيڪ هئا ۽ زمين تي (ڇڏيل) آثارن ۾ به (وڌيڪ هئا) پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي سبب پڪڙيو. ۽ انهن جي لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ڪير به ڪونه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀُون نه گُھميا، ڀورڙا؟ پوءِ نِرتئون ڪَن نِهار، ته ڪِهڙا اِنهيان اڳين جا، ٿِيا پَڇاڙئَ پار، جي ڪَثر هُئا قُوَّت ۾، تَنِين کان تڪرار، پڻ ڀُون ۾ بنگلا باغ ڪَئـِين، چاڙهيون، چِٽ چوڌار، پوءِ قابو ڪيو اُنهن کي، ڏوهن ۾ ڏاتار، پوءِ هُئو نه ڪو تَن هارِ، جھالائُو جَبَّار،کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو ملڪ ۾ نه گهميا آهن، جو ڏسن، ته کانئن اڳين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ اهي انهن کان طاقت ۾ خواهه زمين ۾ نشانين ٺاهڻ ۾ ڏاڍا هئا، پوءِ الله کين سندن گناهن سبب پڪڙيو ۽ انهن کي الله کان بچائيندڙ ڪو به ڪونه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا اهي زمين ۾ ڪو گهميا ڦريا ناهن ڇا جو کين انهن جي پڇاڙي نظر اچي ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ اهي هنن کان طاقت ۾ زور هئا ۽ هنن جي ڀيٽ ۾ زمين ۾ يادگار به وڌيڪ زبردست ڇڏي ويا آهن، پر الله سندن گناهن سبب کين پڪڙيو ۽ کين الله کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا (اهي ماڻهو) ڪڏهن گهميا ڦريا نه آهن زمين ۾، جو کين نظر اچي ها انهن ماڻهن جي پڄاڻي، جيڪي انهن کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ اهي انهن کان وڌيڪ سخت هئا طاقت ۾ ۽ زبردست نشان زمين ۾ ڇڏي ويا پر پڪڙي ورتو الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري ۽ ڪير به نه هو انهن کي الله کان بچائڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ اُهي ته هنن کان تمام گهڻو طاقت ور هئا ۽ زمين تي پنھنجا نشان ٺاهڻ ۾ به (هنن کان) گهڻو وڌيڪ هئا. پوءِ الله تعالى سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. الله تعالى جي پڪڙ کان کين ڪير به بچائي نه سگهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانَت تَأتيهِم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَكَفَروا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ إِنَّهُ قَوِىٌّ شَديدُ العِقابِ (آيت : 22) |
اِھا (سزا) ھن ڪري ھين جو سندن پيغمبر (پڌرن) مُعجزن سان وٽن آيا ٿي پوءِ انڪار ڪيائون تنھنڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو سگھارو سخت سزا ڏيڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (عذاب) هن ڪري (مٿن ڪڙڪيو) جو هنن ڏي (اسان جا) رسول روشن دليلن سان آيا (تنهن هوندي به) هنن نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو الله تعاليٰ کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت ۽ طاقت وارو آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ بيشڪ سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ جو سبب هي هو ته انهن وٽ انهن جا پيغمبر صاف دليل کڻي ايندا هئا پوءِ انهن انڪار ڪيو پوءِ الله تعالى انهن کي پڪڙيو، بيشڪ اهو وڏي قوت وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر معجزا آڻيندا هئا تڏهن به انڪار ڪيائون تنهن ڪري خدا کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو بلاشڪ اهي آيا هئا انهن وٽ انهن جا رسول روشن معجزن سان پوءِ ڪفر ڪيائون پوءِ پڪڙيو انهن کي الله بلاشڪ اهو قوت وارو سخت عذاب ڪرڻ وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها (سزا) هن ڪري هئي جو وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون آڻيندا هئا پوءِ انڪار ڪيائون ان ڪري الله کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو سخت سزا ڏيندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُها (سزا) هن ڪري (مِلي) جو انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون آڻيندا هئا پوءِ انهن ڪفر ڪيو ان ڪري الله کين (عذاب ۾) پڪڙيو. بيشڪ اُهو وڏي قوت وارو سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اِن آڌار تي، سَندنِ نَبِي نُور، اُنهن وَٽ اِيندا هُئا، کَڻِي مُعجزا مَشهور، ڦِريا پوءِ فرمان کان، ڪِينَ مَڃيائون مُور، پوءِ پَڪڙيو اُنهن کي، پَروَر پاڪ حُضور، سو زورا وَر ضَرُور، پڻ سزا ڏِيڻ ۾ سَخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها سزا انهي ڪري هئي، جو هنن وٽ سندن رسول پڌرن معجزن سان آيا ٿي، پوءِ انڪار ڪيائون، ان ڪري الله کين پڪڙيو، بيشڪ هو طاقت وارو سخت عذاب ڏيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها سندن پڇاڙي ان ڪري ٿي جو وٽن سندن رسول چٽيون نشانيون کڻي آيا، ته انهن مڃڻ کان انڪار ڪيو، نيٺ الله به کين قابو ڪيو. بيشڪ هو وڏيءَ سگهه وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ ڏاڍو سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها سندن (پڄاڻي) ان ڪري ٿي جو آنديون سندن رسولن چٽيون نشانيون ته انهن ڪفر ڪيو، پوءِ پڪڙي ورتو کين الله، بيشڪ اهو وڏي طاقت وارو سخت آهي سزا ڏيڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن سان) اها حالت ان ڪري ٿي جو جڏهن انهن وٽ انهن مان ئي رسول سڳورا پڌرا دليل کڻي پھتا ته انهن (کين مڃڻ کان) انڪار ڪري ڇڏيو. پوءِ الله تعالى کين پڪڙيو. بيشڪ هو انتهائي طاقت وارو ۽ سخت سزا ڏيندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا موسىٰ بِـٔايٰتِنا وَسُلطٰنٍ مُبينٍ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ موسىٰ کي پنھنجن مُعجزن ۽ پڌريءَ حُجّت سان موڪليوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي پنهنجي نشانين حڪمن سان ۽ چٽي سند ۽ دليلن سان رسول ڪري موڪليو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ صاف حجت سان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى کي پنهنجيون نشانيون ۽ ظاهر دليلن سان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليو اسان موسى کي پنهنجين نشانين سان ۽ پڌري حجت سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ ظاهرحجت سان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي پنهنجي نشانين ۽ چِٽن دليلن سان موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مِهتر مُوسٰى مِير کي، موڪليوسون مُور، پَنهنجي پَڌرايُن سان، پڻ نِشانبر نُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان موسيٰ کي پڌرن معجزن ۽ پڌريءَ حجت سان موڪليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي پنهنجين نشانين ۽ چٽيءَ ســَـنــَـدَ سان گڏ موڪليو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ موڪليو اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين سان ۽ معجزن ظاهر ظهور سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) کي پنھنجي نشانين ۽ پڌرن معجزن سان گڏ موڪليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلىٰ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَقٰرونَ فَقالوا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 24) |
فرعون ۽ ھامان ۽ قارون ڏانھن پوءِ چيائون ته ڪُوڙو جادوگر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن (کيس رسول ڪري موڪليوسين) پر (هنن کيس نه مڃيو ۽) چوڻ لڳا ته هو جادوگر آهي ۽ ڪوڙو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن موڪليو، پوءِ انهن چيو (هيءُ) سحر ڪندڙ ڪوڙو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو ته اهي چوڻ لڳا ته (هي به) هڪ وڏو ڪوڙو (۽) جادوگر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پوءِ چيائون ته جادوگر وڏو ڪوڙو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏي موڪليو پوءِ انهن چيو ته (هي) ڪوڙو جادوگر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پوءِ انهن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون، هامان، قارُون ڏي، پوءِ وِڦليا وَهلور، ته هِي جادُوگر ضرور، پڻ قَرارو ڪُوڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون، هامان ۽ قارون ڏانهن، پوءِ انهن چيو ”هي جادوگر ۽ ڪوڙو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن پر انهن چيو ته "جادوگر آهي، ڪوڙو آهي"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون ڏانهن ۽ هامان ۽ قارون ڏانهن، پوءِ انهن چيو هي جادو آهي، ڪوڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون، هامان ۽ قارون ڏانهن، پر انهن چيو ته هي وڏو ڪوڙو جادوگر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَهُم بِالحَقِّ مِن عِندِنا قالُوا اقتُلوا أَبناءَ الَّذينَ ءامَنوا مَعَهُ وَاستَحيوا نِساءَهُم وَما كَيدُ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 25) |
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان ھنن وٽ سچي (پيغام) سان آيو (تنھن مھل) چيائون ته جن مٿس ايمان آندو آھي تن جا پُٽ ڪُھو ۽ سندن ڌيئرون جيئرون ڇڏيو، ۽ ڪافرن جو فريب ته رڳو غلطيءَ ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هو اسان وٽان حق جو پيغام کڻي وٽن آيو تڏهن هنن (پنهنجن ماڻهن کي) حڪم ڏنو ته جن ساڻس گڏ (الله تي) ايمان آندو آهي تن جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪندا وڃو، سندن عورتن کي جيئرو ڇڏيو. پر (ياد رکو ته) ڪافرن جون تدبيرون ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻيون نه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اسان وٽان موسيٰ انهن وٽ حق کڻي آيو، انهن چيو جيڪي مؤمن ان سان گڏ آهن توهان انهن جا پٽ قتل ڪريو ۽ توهان انهن جون نياڻيون زندهه ڇڏيو. ۽ ڪافرن جي (اها) رٿ ناڪام رهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن موسى انهن وٽ اسان وٽان سچو دين کڻي آيو ته چوڻ لڳا ته جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي (ٻانهيون بنائڻ لاءِ) جيئرو ڇڏيو ۽ ڪافرن جون تدبيرون ته بيڪار ئي آهن. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق سان اسان وٽان ته چيائون قتل ڪيو پٽن ايمان وارن جي کي ان سان گڏ ۽ جيئريون ڇڏيون انهن جون زالون ۽ ناهي ڪافرن جو فريب مگر گمراهي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن وٽن اسان وٽان حق کڻي آيو تڏهن چيائون ته جن ساڻس ايمان آندو آهي تن جي پٽن کي ڪهو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيو. ۽ ڪافرن جي تدبير ته بيڪار ئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان پاران جي حق کڻي آيو تڏهن چيائون ته: ”جن اُن سان گڏ ايمان آندو آهي انهن جي پٽن کي قتل ڪيو ۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيو“. ۽ ڪافرن جون چالبازيون ته صرف گمراهي ۾ ئي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آيُنِ جڏهن اَسان وَٽان، سَچ سان سو سُڄاڻ، چي، ڪُهو ڪَلها اُنهن جا، آهِن جي اُن ساڻ، پڻ جويُنِ تَن جِيئَدان ڏِيو، گَھرُو ڪَمن ڪاڻ، ۽ پُٺيرن جا پَرياڻ ناهِن مگر مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن وٽن اسان وٽان حق آيو، تڏهن وري چيائون ”جن موسيٰ تي ايمان آندو آهي، تن جا پٽ ڪُهو ۽ ڌيئرون جيئريون ڇڏيو، ۽ ڪافرن جون رٿون ته بلڪل غلط هونديون آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جنهن وقت ان اسان جي پاران حق سندن آڏو آندو ته انهن چيو ته "جيڪي ايمان آڻي ساڻس شامل ٿيا آهن، تن جي سڀني پٽن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيو". مگر ڪافرن جي رٿيل رٿ ته بيڪار ٿي وئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ان آندو انهن وٽ حق اسان جي طرفان، ته انهن چيو، قتل ڪري ڇڏيو انهن جي پٽن کي جن ايمان آڻي ان سان شامل ٿيا آهن ۽ جيئرو ڇڏيو نياڻين کي، پر نه ٿيو فريب ڪافرن جو پر (سراسر) بيڪار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن هو اسان جي طرفان وٽن حق ڳالهه کڻي آيو ته انهن چيو ته اسان مان جنھن به ان تي ايمان آندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو انهن (يعني موسى ۽ هارون ؐ) سان گڏ آهن تن سڀني جي پُٽن کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي عورتن کي زندهه ڇڏي ڏيو. ڪافرن جي (اها) چال بلڪل ناڪام وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ فِرعَونُ ذَرونى أَقتُل موسىٰ وَليَدعُ رَبَّهُ إِنّى أَخافُ أَن يُبَدِّلَ دينَكُم أَو أَن يُظهِرَ فِى الأَرضِ الفَسادَ (آيت : 26) |
۽ فرعون (دربار وارن کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسىٰ کي ڪُھان ۽ ڀلي ته پنھنجي پالڻھار کي سڏي، بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان اوھان جو دين مٽائي يا مُلڪ ۾ فساد پيدا ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون (پنهنجي درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسيٰ کي قتل ڪري ڇڏيان، ڀلي پنهنجي پروردگار کي پڪاري (ڏسون ته ڪيئن ٿو سندس رب کيس بچائي، کيس قتل ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته) بيشڪ مون کي انديشو آهي ته هو اوهان جو دين نه بدلائي ڇڏي يا ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو نه مچائي ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فرعون (پنهنجي پادرين کي) چيو توهان مون کي ڇڏيو ته آئون موسيٰ کي قتل ڪريان، پوءِ اهو ڀلي پنهنجي رب کي سڏي، بيشڪ آئون ڊڄان ٿو ته متان اهو توهان جو مذهب تبديل ڪري يا زمين ۾ فساد پکيڙي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون (چوڻ لڳو) ته مون کي ڇڏيو ته موسى کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي رب کي سڏي. (ڀائرو!) مون کي انديشو آهي ته (متان) اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو فرعون ته ڇڏيو مون کي ته شهيد ڪيان موسى کي ۽ ڀلي سڏي پنهنجي رب کي بلاشڪ مان ڊڄان ٿو ته مٽائي ڇڏيندو اوهان جو دين يا ظاهر ڪندو زمين ۾ فساد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون (درٻارين کي) چيو ته مون کي ڇڏيو ته موسي ٰ کي قتل ڪريان ۽ هو ڀلي ته (پنهنجي مدد لاءِ) پنهنجي پاليندڙ کي سڏي. بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان اوهان جو دين بدلائي يا زمين ۾ فساد ظاهر ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هڪ ڏينهن) فرعون چيو ته: ”مون کي ڇڏيو ته آءٌ موسى کي قتل ڪري ڇڏيان ۽ هُو ڀلي پنهنجي پالڻهار کي سڏي، بلاشڪ مون کي انديشو آهي ته اهو توهان جو دين نه بدلائي ڇڏي يا زمين ۾ فساد برپا ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فِرعون چَيو فِى الحال، ڇَڏيومِ، ته مُوسٰى مارِيان، ۽ ڀَلي ته سَندسِ سائـِينءَ کي، ڪري سَڏ سُوال، مَٽي مَذهب اَنهنجوا، اِي آهِمِ خوف خيال، يا بِگيڙو بَحال، ڪو ظاهِر ڪري زَمِين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون درٻارين کي چيو ”مون کي ڇڏيو، ته آءُ موسيٰ کي قتل ڪريان ۽ ڀل ته هو سندس ڌڻي کي سڏي_ بيشڪ مون کي ڊپ آهي، ته متان هو اوهان جو دين ڦيرائي ڇڏي يا ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪري.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙي ڏينهن فرعون پنهنجي درٻار وارن کي چيو ته "مونکي ڇڏيو ته موسيٰ کي قتل ٿو ڪريان، ڀلي سڏي ڏسي پنهنجي رب کي. مونکي ڊپ آهي ته هيءُ توهان جو دين بدلائي ڇڏيندو يا ملڪ ۾ ڏڦيڙ وجهندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (هڪ ڏينهن) چيو فرعون (درٻارين کي) ڇڏيو مون کي ته قتل ڪريان موسيٰ کي ۽ ڀلي اهو سڏي پنهنجي رب کي، مون کي ڊپ آهي ته (هو) بدلائي ڇڏيندو توهان جو دين يا برپا ڪندو ملڪ ۾ ڪو فساد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ ڏينھن فرعون (درٻارين جي مجلس ۾) چيو ته مون کي ڇڏيو ته مان موسى کي قتل ڪري ڇڏيان. ڀلي هو مدد لاءِ پنھنجي پالڻھار کي پڪاري. (هاڻي ته) مون کي لڳي ٿو ته هو توهان جي دين کي ئي تبديل ڪري ڇڏيندو يا وري زمين ۾ رڳو فساد ئي ڦھلائيندو وتندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ موسىٰ إِنّى عُذتُ بِرَبّى وَرَبِّكُم مِن كُلِّ مُتَكَبِّرٍ لا يُؤمِنُ بِيَومِ الحِسابِ (آيت : 27) |
۽ موسىٰ چيو ته بيشڪ مون سڀڪنھن ھٺيلي (جي لچائيءَ) کان جو حساب جي ڏينھن کي نه مڃيندو آھي پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو حڪم ٻڌي) حضرت موسيٰ چيو ته، يقيناً مون پنهنجي پروردگار وٽ پناهه ورتي آهي جو اوهان جو به پروردگار آهي. هرهڪ تڪبر ڪندڙ کان جيڪو حساب واري ڏينهن تي ايمان نٿو رکي (۽ سمجهي ٿو ته بدعملن لاءِ سزا ڪانه ملندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ موسيٰ چيو آئون منهنجي ۽ توهان جي رب کان هر تڪبر ڪندڙ لاءِ پناه ٿو گھران، جيڪو حساب جي ڏينهن تي ايمان نٿو آڻي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هيٺلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن (قيامت) کي نه ٿو مڃي، پنهنجي ۽ اوهان جي پالڻهار جي پناھ ورتي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو موسى ته بيشڪ مون پناھ ورتي پنهنجي رب ۽ اوهان جي رب سان هر هٺيلي کان جيڪو نٿو ايمان آڻي حساب جي ڏينهن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ چيو ته بيشڪ مون سڀ ڪنهن هٺيلي کان جيڪو حساب جي ڏينهن کي نه ٿو مڃي، پنهنجي پاليندڙ ۽ اوهان جي پاليندڙ جي پناهه ورتي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى چيو ته: ”بيشڪ مون پنهنجي پالڻهار ۽ توهان جي پالڻهار جي پناهه ورتي آهي هر هٺيلي ماڻهو کان جيڪو حساب جي ڏينهن تي ايمان نه ٿو رکي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهين مُوسٰى مير چيو، ته پِنان ٿو پَناھ، مُون ۽ اَنهنجي رَبَّ جو، جو آهي سَچو اَللهَ، تِنهن هَٺِئَ کان هَرگاھ، جو مَڃي نه مَحشر ڏينهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ چيو ته ”بيشڪ مون پنهنجي خواهه اوهان جي ڌڻي وٽ پناهه ورتي آهي هر ڪنهن اهڙي شخص کان، جو هٺيلو آهي ۽ قيامت کي نه مڃيندو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيو: "مون ته هر انهيءَ وڏائي ڪندڙ جي مقابلي ۾ جنهن جو حساب ڪتاب جي ڏينهن تي ايمان نه آهي، پنهنجي ۽ توهان جي رب جي پناهه ورتي آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو موسيٰ، بيشڪ مون ورتي آهي پناهه پنهنجي رب ۽ توهان جي رب کان هر انهيءَ تڪبر واري جي مقابلي ۾ جيڪو ايمان نٿو رکي حساب جي ڏينهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته مان هر وڏائي خور ۽ حساب ڪتاب واري ڏينھن تي ايمان نه آڻيندڙ جي مقابلي ۾ پنھنجي پالڻھار ۽ توهان جي پالڻھار جي پناهه ورتي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ رَجُلٌ مُؤمِنٌ مِن ءالِ فِرعَونَ يَكتُمُ إيمٰنَهُ أَتَقتُلونَ رَجُلًا أَن يَقولَ رَبِّىَ اللَّهُ وَقَد جاءَكُم بِالبَيِّنٰتِ مِن رَبِّكُم وَإِن يَكُ كٰذِبًا فَعَلَيهِ كَذِبُهُ وَإِن يَكُ صادِقًا يُصِبكُم بَعضُ الَّذى يَعِدُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ مُسرِفٌ كَذّابٌ (آيت : 28) |
۽ فرعون جي مائٽن مان ھڪ مؤمن مڙس جو پنھنجو ايمان لڪائيندو ھو (تنھن) چيو ته اھڙي مڙس کي ڪھو ٿا ڇا جو چوي ٿو ته منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽا) مُعجزا آندا اٿس، جيڪڏھن کڻي ڪوڙو ھجي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس آھي، ۽ جيڪڏھن سچو ھوندو ته جيڪو وعدو اوھان سان ڪري ٿو تنھن مان ڪجھ اوھان کي ضرور پھچندو، ڇوته جيڪو حد کان لنگھندڙ ڪوڙو ھوندو تنھن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪڙي مؤمن مرد جو هن پنهنجو ايمان دل ۾ سانڍي رکيو هو، تنهن (فرعون ۽ سردارن کي) چيو ته، ڇا توهان هڪ شخص کي قتل ڪندو فقط هن ڪري جو هو چوي ٿو ته، منهنجو پروردگار الله آهي؟ ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) هو توهان وٽ پنهنجي پروردگار وٽان روشن دليل (۽ چٽيون نشانيون) کڻي آيو آهي. ۽ (خيال ڪري ڏسو ته) جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ مٿس ئي پوندو (يعني سندس ئي نقصان ٿيندو) پر جيڪڏهن هو سچو آهي ته پوءِ جنهن (عذاب) متعلق توهان کي خبردار ڪري رهيو آهي تنهن مان ڪجهه ته ضرور اچي اوهان تي ڪڙڪندو. يقين ڄاڻو ته جيڪو ليڪو لنگهي ٿو بيهي ۽ ڪوڙو آهي تنهن کي خدا ڪڏهن به سڌي واٽ نٿو ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هڪ مؤمن شخص چيو جيڪو فرعون وارن مان هو، جنهن پنهنجو ايمان مخفي رکيو ٿي، ته ڇا ! توهان هڪ ماڻهوءَ کي ان لاءِ قتل ڪريو ٿا جو اهو چوي ٿو منهنجو رب الله تعالى آهي ۽ بيشڪ ان توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان صاف نشانيون آنديون اٿس ۽ جيڪڏهن اهو ڪوڙ ڳالهائي ٿو پوءِ ڪوڙ جو ذمون ان تي آهي، ۽ جيڪڏهن اهو سچ ڳالهائي ٿو ته توهان کي اهو ڪجھه پهچندو جنهنجو وعدو ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى ان شخص کي هدايت نٿو ڏي جيڪو حد کان وڌندڙ گھڻو ڪوڙو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد (حزقيل)جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو تنهن ماڻهن کي چيو ته (اوهين) هڪ اهڙي شخص کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا جو (رڳو) هي چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي، هوڏانهن اهو اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان وٽ معجزا وٺي آيو آهي پر جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي. ۽ جيڪڏهن اوهان کي جنهن (عذاب جي) ڌمڪي ڏئي ٿو تنهن مان ڪجھ نه ڪجھ اوهان کي ضرور پهچندو. بيشڪ خدا ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو هڪ مرد فرعون جي مائٽن مان جيڪو لڪائي پيو پنهنجو ايمان ته ڇا قتل ڪيو ٿا ان مرد کي جو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي ۽ تحقيق آيو اوهان وٽ روشن دليلن سان اوهان جي رب وٽان ۽ جيڪڏهن هوندو ڪوڙو پوءِ ان تي ان جي ڪوڙ (جو وبال) آهي ۽ جيڪڏهن هوندو سچو ته پهچندو اوهان کي بعض ان جو جيڪو وعدو ڏئي ٿو اوهان کي بيشڪ الله نٿو هدايت ڏئي ان کي جو اهو حد کان لنگهندڙ وڏو ڪوڙو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون جي ماڻهن مان هڪ ايمان واري مرد جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندو هو، تنهن چيو ته (اوهين) هڪ مڙس کي هن ڪري قتل ڪريو ٿا ڇا جو هو چوي ٿو ته منهنجو پاليندڙ الله آهي هوڏانهن اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان ظاهر نشانيون کڻي آيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ (جو وبال) مٿس ئي آهي ۽ جيڪڏهن سچو آهي ته اوهان سان جيڪو وعدو ڪري ٿو تنهن مان ڪجهه نه ڪجهه اوهان کي پهچندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو حد کان لنگهندڙ ڪوڙو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون جي خاندان مان هڪ مرد چيو جيڪو پنهنجو ايمان لڪائيندڙ هيو: ”ڇا اوهان هڪ مرد کي قتل ڪيو ٿا (رڳو) هن ڪري جو اهو چوي ٿو ته منهنجو پالڻهار الله آهي؟ ۽ اهو توهان وٽ توهان جي پالڻهار وٽان چِٽا دليل کڻي آيو آهي. ۽ جيڪڏهن اهو ڪوڙو آهي ته ان جي ڪوڙ جو وبال مٿس هوندو، ۽ جيڪڏهن اهو سچو آهي ته جيتري قدر عذاب جو اهو توهان سان وعدو ڪري رهيو آهي ان مان ڪجهه نه ڪجهه اوهان کي پهچندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڏئي جيڪو حد کان وڌندڙ ڪوڙو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تڏهن چَڱائـِئَ طور چَيو، ظاهِر ساڻ زبان، فِرقي مان فِرعون جي، ڪِنهن مُؤمِن مُسلمان،جنهن مخفِي رکيو مَن ۾، اڳ پَنهنجو اِيمان، ڇا مارِيو ٿا مَرد کي؟ جنهن جو فقط هِي فرمان، ته مُنهنجو مِهربان، اَلله جَلَّ جَلالہٗ. ۽ آندئـِين اَنهنجي رَبَّ کان، حُجتون هَرباب، ۽ ڪُوڙ به سَندسِ ڪَنڌ تي، جي ڪُوڙو آھِ ڪَذاب، ۽ جي صَحِي سَچو آھِ سو، نُورانِي نَواب، ته ڪُجھ اَوهان تي ڪَڙڪَندو، اُنِهئَ مان عَذاب، اَوهان کي، اَنجام ڏِئي، جنهن جو پاڪ جناب؛ واھ نه ڏَسي وَهاب، هَر وِڦِليندڙ وَهلور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون جي مائٽن مان هڪ مؤمن مرد، جو سندس ايمان لڪائيندو هو، تنهن چيو ”ڇا اوهين اهڙي مرد کي ٿا ڪُهو، جو چو ي ٿو ته منهنجو ڌڻي الله آهي ۽ توهان وٽ توهان جي ڌڻيءَ وٽان چٽا معجزا به آندا آهن؟ جي هو ڪوڙو هوندو ته سندس ڪوڙ مٿس آهي ۽ جيڪڏهن سچو آهي ته پوءِ جيڪو وعدو اوهان سان ڪري ٿو، ان مان ڪجهه عذاب اوهان کي ضرور پهچندو- بيشڪ الله انهي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو آهي، جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ ڪوڙو هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ موقعي تي فرعون وارن مان هڪ شخص جنهن پنهنجو ايمان لڪايو هو، چئي ڏنو ته "ڇا توهان هڪڙي شخص کي رڳو ان ڪري قتل ڪندؤ جو هو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي، توڻي جو هن توهان جي رب وٽان توهان وٽ چٽيون ثابتيون به آنديون آهن. جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته سندس ڪوڙ مٿس ئي پوندو، پر جيڪڏهن هو سچو آهي ته جن ڀوائتن نتيجن کان هو توهان کي ڊيڄاري ٿو، تن مان ڪي ته توهان کي ضرور آڏو ايندا. الله ته ڪنهن اهڙي شخص کي هدايت نه ڪندو آهي، جيڪو حد کان لنگهي ويل هجي ۽ ڪوڙ تي سندرو ٻڌل هجيس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (هن موقعي تي) چيو هڪ شخص جيڪو مؤمن هو، گهراڻي فرعون مان هو، لڪائي رکيو هئائين پنهنجي ايمان کي، ڇا توهان قتل ڪندؤ هڪ ماڻهو کي ان لاءِ ته هو چوي ٿو ته منهنجو رب الله آهي؟ جڏهن ته اهو آيو آهي توهان وٽ چٽيون نشانيون کڻي توهان جي رب طرفان ۽ جي هوندو اهو ڪوڙو ته پوءِ پوندو ان تي سندس ڪوڙ ۽ جي هوندو اهو سچو ته ضرور اچي نتيجا پوندا (توهان تي) جن جا وعدا ڪري پيو توهان سان، بيشڪ الله نٿو ڪري هدايت اهڙي شخص کي جيڪو حدون ٽپندڙ ڪوڙو هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون جي درٻار ۾ ئي موجود هڪ مؤمن ماڻهو جنھن پنھنجي ايمان کي اڃا ظاهر نه ڪيو هو، تنھن چيو ته ڇا توهان اهڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪريو ٿا؟ جيڪو چوي ٿو ته الله تعالى منھنجو پالڻھار آهي (وڏي ڳالهه هي آهي ته) هن توهان وٽ توهان جي ئي (حقيقي) پالڻھار جي طرفان واضح نشانيون به آنديون آهن. جيڪڏهن هو ڪوڙو آهي ته (اسان کي ڪھڙو نقصان آهي؟) ان ڪوڙ جو وبال مٿس ئي پوندو. پر جيڪڏهن هو سچو آهي ۽ توهان سان جيڪي (عذاب جا) وعدا ڪري ٿو، ٿي سگهي ٿو ته انهن مان توهان کي ڪجهه نه ڪجهه تڪليف پھچي. بيشڪ الله تعالى حد کان لنگهندڙ ڪوڙي شخص کي ڪڏهن به هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰقَومِ لَكُمُ المُلكُ اليَومَ ظٰهِرينَ فِى الأَرضِ فَمَن يَنصُرُنا مِن بَأسِ اللَّهِ إِن جاءَنا قالَ فِرعَونُ ما أُريكُم إِلّا ما أَرىٰ وَما أَهديكُم إِلّا سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 29) |
اي منھنجي قوم اڄ اوھان جي بادشاھي آھي مُلڪ ۾ (اوھين) غالب آھيو، جيڪڏھن (عذاب) اسان وٽ اچي ته الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اسان کي ڪير واھر ڏيندو؟ فرعون چيو ته جيڪا (چڱي مصلحت) ڏسان ٿو تنھن کانسواءِ (ٻي) اوھان کي نه ٿو ڏيکاريان ۽ اوھان کي سڌي رستي کانسواءِ (ٻيو رستو) نه ٿو ڏيکاريان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ مؤمن مرد وڌيڪ چيو ته) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هن وقت اوهان جي حڪومت آهي. توهان دنيا ۾ غالب آهيو. (اهڙا ڪم نه ڪرڻ گهرجن جو اسان جي اها حڪومت هلي وڃي ۽ تباهه ٿي وڃون) پوءِ ڪير اسان کي الله تعاليٰ جي سزا کان بچائي سگهندو جڏهن اها سزا اسان وٽ پهچي ويندي. (تنهن تي) فرعون چيو ته، (مان وڏو داناءُ آهيان ۽ سڀ ڪجهه ٿو سمجهان) مان توهان کي فقط اهي ڳالهيون ڏيکاريان ۽ ٻڌايان ٿو جيڪي مان چٽيءَ طرح ڏسان ٿو، ۽ مان توهان کي اهائي راهه ڏيکاريان ٿو جيڪا صحيح راهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجي قوم اڄ ڏينهن زمين تي توهان جي بادشاهي ۽ توهان جو غلبو آهي. پوءِ جيڪڏهن اسان وٽ الله جو عذاب آيو ته اسان جي ڪير مدد ڪندو؟ فرعون چيو آئون توهان کي پنهنجي سمجھه مطابق سمجھايان ٿو ۽ آئون توهان کي سنئين رستي جو ڏس ڏيان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پر جيڪڏهن خدا جي آفت اسان تي آڻي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو آءُ ته اوهان کي اهو ئي رستو ڏيکاريان ٿو ۽ اها ئي ڳالھ سمجهايان ٿو جنهن ۾ ڀلائي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجي قوم! اوهان جي لاءِ بادشاهي آهي اڄ غالب ٿيندڙ آهيو زمين تي پوءِ ڪير مدد ڪندو اسان جي الله جي عذاب کان (بچڻ لاءِ) جيڪڏهن اسان وٽ ايندو چيو فرعون ته نٿو ڏيکاريان مان اوهان کي مگر جيڪي مان ڏسان ٿو ۽ نٿو هدايت ڪيان مان اوهان کي مگر هدايت جي واٽ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهين غالب آهيو. پوءِ الله جي آفت جيڪڏهن اسان تي آئي ته ان کان (بچڻ لاءِ) ڪير اسان جي مدد ڪندو؟ فرعون چيو ته اوهان کي اهو ئي (رستو) ڏيکاريان ٿو جو آءُ سمجهان ٿو ۽ اوهان کي سڌو رستو ئي ڏيکاريان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجي قوم! اڄ توهان جي بادشاهي آهي ملڪ ۾ اوهان غالب آهيو. پر ڪير اسان جي مدد ڪندو الله جي عذاب کان (بچائڻ لاءِ) اگر اهو (عذاب) اسان تي اچي وڃي“؟ فرعون چيو ته: ”آءٌ اوهان کي اها ئي راءِ ڏيان ٿو جيڪا مون کي مناسب لڳي ٿي ۽ آءٌ ته توهان کي ڀلائي جو رستو ئي ٻڌايان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهيو زور زمين ۾، عزيزو!، اَڄ ڪالھ، پوءِ ڪير خدا جي قهر کان، لهندو سون سار سنڀال، جڏهن سو جنجال اَسان سِر اَچِي وِيو. فِرعون سَندسِ فِرِق کي، پاٻوهيو اِن پَر، آئون اوهان کي ٿو ڏَسيان، ڀانيان جو بهتر، ۽ مُور نه ڏَسيان مگر، وَهِين اوهان کي واٽِڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجي قوم! اڄ اوهان جي بادشاهي آهي، اوهين ملڪ ۾ غلبي وارا آهيو- پر جيڪڏهن اسان تي الله جو عذاب اچي وڃي، ته پوءِ ڪير اسان کي مدد ڪندو؟“ فرعون چيو ته ”آءُ اوهان کي فقط اها ڳالهه ٿو ڏسيان جيڪا چڱي ٿو ڏسان ۽ اوهان کي فقط سڌي واٽ ئي ڏيکاريان ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجيءَ قوم وارؤ! اڄ توهان جي بادشاهي آهي، جنهن ڪري زمين ۾ توهان جو ڌاڪو ڄميل آهي، پر جيڪڏهن اسان تي الله جو عذاب اچي پيو ته پوءِ ڪير آهي جو اسان جي مدد ڪندو". فرعون چيو ته "مان ته توهان کي اها ئي ٿو راءِ ڏيان، جيڪا مونکي ٺيڪ ٿي نظر اچي ۽ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي منهنجي قوم! توهان کي بادشاهي حاصل آهي اڄ غالب آهيو زمين ۾، پر ڪير مدد ڪندو اسان جي، جي پڪڙ ڪئي الله عذاب ايندو اسان تي، چيو فرعون، آئون اها راءِ ڏيان ٿو جيڪا (مناسب) نظر اچي ٿي مون کي ته ان ڏي رهبري ڪريان توهان جي جيڪا واٽ درست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ سمجهائيندي چيو ته) اي منھنجي قوم! اڄ توهان جي ئي بادشاهت آهي ۽ زمين تي توهان واقعي غالب آهيو پر جيڪڏهن الله تعالى جي طرفان ڪا آفت اچي وڃي ته اسان سڀني کي ان کان بچائڻ ۾ ڪير مدد ڪندو؟ فرعون چيو ته: مان توهان کي اها راءِ ٿو ڏيان جيڪا مان صحيح سمجهان ٿو. ۽ توهان کي بلڪل صحيح رستو ٻڌايان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم مِثلَ يَومِ الأَحزابِ (آيت : 30) |
۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي اڳين ٽولين جھڙي (عذاب جي) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي انهيءَ مؤمن مرد) جنهن (حضرت موسيٰ تي لڪ ڇپ ۾) ايمان آندو هو چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف ٿو ٿئي ته متان توهان تي به اهڙو (تباهيءَ جو) ڏينهن اچي وڃي جهڙو (اڳوڻين) قومن تي اچي ويو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان مؤمن چيو اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان تي اڳين ٽولن جهڙي عذاب جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جنهن شخص (ڳجھ ۾) ايمان آندو هو سو چوڻ لڳو: اي منهنجي قوم! سچ ته آءُ ڊڄان ٿو اڳين جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ان شخص جنهن ايمان آندو ته اي منهنجي قوم! بلاشڪ مان ڊڄان ٿو (ته اچي) اوهان تي مثال ڏينهن (اڳين) ٽولين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ايمان آندو هو تنهن چيو ته اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ ڊڄان ٿو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ماڻهو چيو جيڪو ايمان آڻي چڪو هيو: ”اي منهنجي قوم بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو اوهان تي اڳين قومن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو وِسهيو، تِنهن وَراڻيو، ته مُنهنجِي قوم ڪُلال! آئون اوهان تي ٿو رکان، دِل ۾ خوف خيال، ڪنان هيڻي حال، ڏِينهن ڏُکيري ٽوليِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مؤمن مرد چيو ته ”اي منهنجي قوم! بيشڪ مون کي ڊپ ٿو ٿئي، ته اوهان تي اڳين ٽولين جهڙي عذاب جو ڏينهن اچي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن شخص ايمان آندو هو، تنهن چين ته "اي منهنجي قوم! مونکي ڊپ آهي ته متان توهان تي به اهڙو ڏينهن نه اچي وڃي، جهڙو ڪيترن ئي جٿن تي اچي چڪو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان شخص چيو جنهن ايمان آندو هو، اي منهنجي قوم! ڊپ اٿم ته متان توهان تي به اهڙو نه اچي ڏينهن جهڙو اڳي ڪيترن ٽولن تي آيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ چيو ته اي منھنجي قوم! مون کي ڊپ آهي ته متان توهان جي مٿان وڏين قومن جھڙو (عذاب جو) ڏينھن نه اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِثلَ دَأبِ قَومِ نوحٍ وَعادٍ وَثَمودَ وَالَّذينَ مِن بَعدِهِم وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعِبادِ (آيت : 31) |
جھڙو حال نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي کائن پوءِ ھوا تن جو (ٿيو ھو تھڙو متان ٿئي)، ۽ الله ٻانھن تي ظلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جهڙو حضرت نوح جي قوم تي، عاد ۽ ثمود قومن تي ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي اچي ويو هو. ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن سان بي انصافي ڪرڻ هرگز نٿو چاهي (تباهي تڏهن ٿي اچي جڏهن ڪا قوم ظلم ۾ چوٽ چڙهي ٿي وڃي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود جهڙو مثال ۽ انهن ماڻهن جو مثال جيڪي انهن کان پوءِ گذريا. ۽ الله تعالى ٻانهن لاءِ ظلم جو ارادو نٿو رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا، تن جهڙي حال کان. ۽ خدا ته ٻانهن تي ظلم ڪرڻ گهري ئي نه ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال حال قوم نوح جو ۽ عاد جو ۽ ثمود جو ۽ انهن جو جيڪي انهن کان بعد هئا ۽ ناهي الله جو ارادو ظلم جو ٻانهن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي (اڳين) جماعتن جهڙي (عذاب جي) ڏينهن اچڻ کان. نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي انهن کانپوءِ هئا تن جهڙي حال کان. ۽ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه ٿو گهري (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان بعد ٿيا تن جي سزا واري دستورِ وانگر. ۽ الله ٻانهن تي نا انصافي نه ٿو چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪار قوم نُوح جِي، ڪِ عذاب عاد، ثمود، ۽ ڪِ مُنڪر ٻِيا مَردُود، تَن بعد، جي بَرباد ٿِيا. ۽ سائـِين سَندسِ ٻانهن سان، ظُلم نه گُھري ذَرو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جهڙو حال نوح جي قوم، عاد، ثمود ۽ جيڪي انهن کان پوءِ هئا تن جو ٿيو- ۽ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه گهرندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جهڙو ڏينهن نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن کان بعد وارين قومن تي آيو هو ۽ اها ته حقيقت آهي ته الله پنهنجن ٻانهن تي ظلم ڪرڻ نه چاهيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن حال ٿيو قوم نوح ۽ عاد ۽ ثمود ۽ انهن کان پوءِ وارين (قومن) تي آيو هو ۽ حقيقت اها آهي ته الله نٿو چاهي ظلم ڪرڻ پنهنجن ٻانهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيئن نوح ($) جي قوم ــ عاد قوم ــ ثمود ۽ انهن کان پوءِ ايندڙ ٻين قومن جو حشر ٿيو هو ۽ الله تعالى ٻانهن جي باري ۾ ڪڏهن به ظلم جو ارادو نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ إِنّى أَخافُ عَلَيكُم يَومَ التَّنادِ (آيت : 32) |
۽ اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان تي ھڪ ٻئي کي سڏڻ جي (انھيءَ) ڏينھن (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي ڏاڍو خوف آهي ته متان توهان تي اهو (واويلا جو) ڏينهن اچي وڃي جنهن ڏينهن هڪٻئي کي (مدد لاءِ) سڏيو ويندو (۽ روڄ راڙو مچي ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم بيشڪ آئون توهان تي قيامت جي ڏينهن جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! مون کي ته اوهان بابت قيامت جي ڏينهن جو انديشو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم! بلاشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي هڪ ٻئي جي سڏڻ واري ڏينهن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ ڊڄان ٿو اوهان تي هڪ ٻئي کي سڏڻ جي ڏينهن (قيامت) کان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! آءٌ اوهان تي رڙين دانهن واري ڏينهن (قيامت) کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عزيزو! اوهان مٿي، ٿو ڀانيان خوف کَرو، ڏاڍو ڏِينهن ڳَرو، قِيامت جي ڪوٺ جو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي منهنجي قوم! بيشڪ آءُ اوهان تي انهي ڏينهن اچڻ کان ڊڄان ٿو، جڏهن اوهين هڪ ٻئي کي سڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجي قوم! مان ڊڄان ٿو ته توهان تي دانهن ڪوڪن وارو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي قوم! بيشڪ مون کي ڊپ آهي ته توهان تي نه اچي آهه وزاري جو ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ چيو ته) اي منھنجي قوم! مون کي ته اهو (به) ڊپ آهي ته متان توهان جي مٿان ڪو روڄ راڙي ڪرڻ وارو ڏينھن ئي نه اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تُوَلّونَ مُدبِرينَ ما لَكُم مِنَ اللَّهِ مِن عاصِمٍ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 33) |
جنھن ڏينھن اوھين پٺيرا ٿي ڀڄندؤ، الله کانسواءِ (ٻيو) اوھان کي ڪو بچائڻ وارو نه ھوندو، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي ڇڏي تنھن کي ڪو سِڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن توهان پٺي ڏئي ڀڄندؤ (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونه هوندو ۽ (ياد رکو ته) جن کي الله تعاليٰ (سندن ئي بدعملن جي ڪري) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تن جي لاءِ ٻيو ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن توهان پٺي ڏيئي ڀڄندڙ هوندا، الله تعالى کانسواءِ توهان کي ڪوبه بچائيندڙ نه هوندو، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪوبه هادي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏئي ڦرندو. (۽) اوهان کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪو به نه هوندو. ۽ جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ته ان کي ڪو به راھ تي آڻڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڀڄندؤ پٺي ڏيندڙ ٿي ناهي اوهان جي لاءِ الله (جي عذاب) کان بچائيندڙ ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن اوهين پٺ ڏيئي ڦرندو. اوهان کي الله (جي عذاب) کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هوندو. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري تنهن کي ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن توهان پُٺي ڏئي ڀڄندؤ ۽ توهان کي الله (جي پڪڙ) کان بچائڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ان کي ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پانهِين پُٺين باھ ڏي، وارِبا جنهن وار، ڪونهِي اَنهنجو اُن ڏِينهن ۾، ڪو جھالُو کان جبّار، ۽ هادِي نه ڪو تِنهن هارِ، جنهن کي مالِڪ کڻِي مُنجھائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پٺ ڦيري ڀڄندا ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪو به اوهان کي بچائڻ وارو نه هوندو؛ ۽ جنهن کي الله ڀلائي ڇڏي، ان کي سنئين رستي ڏيکارڻ وارو ڪو به ڪونهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن توهان ڀڄي نڪرڻ جي ڪندؤ پر ان وقت الله کان بچائڻ وارو توهان لاءِ ڪوبه نه هوندو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کي هدايت ڏيڻ وارو ڪو به نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن توهان هڪ ٻئي کي سڏيندا وتندؤ هيڏي هوڏي، پر نه هوندو توهان کي الله کان ڪير به بچائڻ وارو ۽ جنهن کي ڀٽڪائي الله (سچ اهو آهي ته) تنهن جي رهنمائي ڪوئي نه ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن توهان پُٺي ڏيئي ڀڄندا پر توهان کي الله تعالى جي عذاب کان ڪير به بچائي نه سگهندو ۽ الله تعالى جنھن کي گمراهه ڪري ان کي ڪير به سڌو رستو نٿو ڏيکاري سگهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد جاءَكُم يوسُفُ مِن قَبلُ بِالبَيِّنٰتِ فَما زِلتُم فى شَكٍّ مِمّا جاءَكُم بِهِ حَتّىٰ إِذا هَلَكَ قُلتُم لَن يَبعَثَ اللَّهُ مِن بَعدِهِ رَسولًا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَن هُوَ مُسرِفٌ مُرتابٌ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ ھن کان اڳ اوھان وٽ يوسف مُعجزن سان آيو ھو پوءِ جيڪي اوھان وٽ آندائين تنھن کان (اوھين) ھميشه شڪ ۾ ھُئؤ، تان جو جڏھن مُئو (تڏھن) چيوَ ته اُن کان پوءِ (ٻيو) ڪو پيغمبر الله نه موڪليندو، اھڙي طرح جيڪو حد کان لنگھندڙ شڪ ڪندڙ آھي تنھن کي الله ڀُلائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي منهنجي قوم جا ماڻهو!) هيءَ حقيقت آهي ته، هن کان اڳي اوهان ڏي حضرت يوسف روشن دليلن سان پيغمبر ٿي آيو. پر جيڪو (پيغام ۽ نصيحت) هو اوهان ڏي کڻي آيو تنهن بابت توهان هميشه شڪ ڪندا رهيو (توهان يقيني ايمان ڪونه آندو) تانجو (جڏهن) هو گذاري ويو (تڏهن) توهان چوڻ لڳو ته، هن کان پوءِ الله تعاليٰ ڪوئي رسول ڪونه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي جيڪي حدن کان ٻاهر نڪري ٿا وڃن ۽ شڪ شبهي ۾ ٿا رهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان وٽ ان کان اڳ يوسف (پيغمبر ٿي) صاف دليلن سان آيو، پوءِ جيڪو اهو توهان لاءِ کڻي آيو توهان هميشه (ان لاءِ) شڪ ۾ هئا، ايستائين جو اهو جڏهن فوت ٿيو توهان چيو هرگز ان کان پوءِ الله تعالى ڪو رسول نه موڪليندو، اهڙيءَ طرح الله تعالى ان کي گمراه ڪري ٿو جيڪو اسراف ڪندڙ (۽) شڪ ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هن کان) اڳ ۾ يوسف به اوهان ڏي معجزا وٺي آيو هو ته پوءِ جي جي (معجزا) آندا هئائين ته ماڻهو ان ۾ هميشه شڪ ڪندا رهيا تان جو جڏهن ان رحلت ڪئي ته اوهين چوڻ لڳا ته ان کان پوءِ خدا ڪڏهين به رسول نه موڪليندو. جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪرڻ وارو هجي تنهن کي خدا اهڙي طرح گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڇڏيندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آيو اوهان وٽ يوسف اڳي هن کان معجزن سان پوءِ هميشہ هيئو شڪ ۾ ان کان جو آندائين اوهان وٽ اهو تانجو جڏهن رحلت ڪيائين ته اوهان چيو هرگز نه موڪليندو الله ان کان پوءِ ڪو رسول اهڙي طرح گمراھ ٿو ڪري الله ان کي جيڪو حد کان لنگهندڙ، شڪ ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ يوسف هن کان اڳ اوهان وٽ ظاهر نشانيون کڻي آيو پوءِ هميشه اوهان ان ۾ شڪ ۾ رهيو جنهن کي اوهان وٽ آندو هئائين (ايستائين جو مري ويو) نيٺ جڏهن مئو تڏهن اوهان چيو ته ان کان پوءِ الله ڪنهن به رسول کي نه موڪليندو. اهڙيءَ طرح الله انهن کي گمراهه ڪري ٿو جيڪي حد کان لنگهندڙ شڪ ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ هن کان اڳ توهان وٽ يوسف چِٽيون نشانيون کڻي آيو هيو ۽ توهان هميشه انهن (نشانين) جي باري ۾ شڪ ۾ رهيا جيڪي اهو کڻي آيو. ايستائين جو جڏهن وفات ڪيائين ته توهان چوڻ لڳا ته هاڻي الله ان کان پوءِ ڪوبه رسول نه موڪليندو“. اهڙي طرح الله ان ماڻهو کي گمراهه ڪري ٿو جيڪو حد کان لنگهندڙ شڪي مزاج آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ يُوسف اڳ ۾ آيان، پَڌراين سان پَڪ، پوءِ آندئـِين جيڪِي، اُن هُئا هميشه مَنجھ شَڪ، گوهر جڏهن گذاريو، ته ڀورا! ٻَڌايان بَڪ، ته آگو آخِرتَڪ، تِنهن بَعد، نه مُرسل موڪلي. پَروَر اِنهئ پَر، سَئـِين نه سُهائي اُن کي، جو اَجايو اَبتر سدا شِڪار شَڪ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان وٽ هن کان اڳ يوسف به معجزن سان آيو هو، پر اوهين سندس، اوهان وٽ آندل معجزن کان هميشه شڪ ۾ رهيا- تان جو جڏهن هن وفات ڪئي، تڏهن اوهان چيو ته ”هاڻي هن کان پوءِ الله ڪو به رسول اصل نه موڪليندو!“ اهڙيءَ طرح الله انهي شخص کي ڀلائيندو آهي، جيڪو حد کان لنگهندڙ ۽ شڪ ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کان اڳ يوسف توهان وٽ ثبوت آندا هئا، پر توهان ان بابت به شڪ ڪرڻ نه ڇڏيو، تان جو جڏهن هو فوت ٿي ويو ته توهان چيو ته هن کان پوءِ الله ڪو رسول موڪليندو ئي نه. اهڙيءَ ريت الله انهن سڀني ماڻهن کي گمراهيءَ ۾ ٿو وجهي جيڪي حد کان لنگهڻ وارا ۽ شڪ ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ آيو توهان وٽ يوسف ان کان پهرين چٽيون نشانيون کڻي، پر يڪو رهيا توهان شڪ ۾ سندس آندل تعليم جي باري ۾، پوءِ جڏهن سندس انتقال ٿي ويو ته توهان چيو، هاڻي نه موڪليندو الله ان کانپوءِ ڪوبه رسول، اهڙيءَ طرح گمراهيءَ ۾ الله وجهي ڇڏيندو آهي سڀني کي جيڪي حد ٽپندڙ شڪ ڪندڙ هوندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان اڳ توهان وٽ (يعني توهان جي ابن ڏاڏن وٽ) يوسف ($) واضح دليل کڻي آيو هو پوءِ توهان ان جي آندل پيغام ۾ به (برابر) شڪ ڪندا رهيا. پوءِ جڏهن هو وفات ڪري ويو ته توهان چيو ته هاڻي الله تعالى ان کان پوءِ ڪنھن کي به رسول ڪري نه موڪليندو، اهڙي طريقي سان الله تعالى شڪي ۽ حد کان لنگهندڙ ماڻهوءَ کي گمراهه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم كَبُرَ مَقتًا عِندَ اللَّهِ وَعِندَ الَّذينَ ءامَنوا كَذٰلِكَ يَطبَعُ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ قَلبِ مُتَكَبِّرٍ جَبّارٍ (آيت : 35) |
اُنھن کي (ڀُلائيندو آھي) جيڪي الله جي نشانين بابت اھڙيءَ حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن، (اھو سندن جھڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ مُؤمنن وٽ وڏي غضب جھڙي ڳالھ آھي، اھڙي طرح الله سڀڪنھن وڏائي ڪندڙ ھٺيلي جي دل تي مُھر ھڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ڪندا ٿا رهن تن جي اها روش الله تعاليٰ جي نظر ۾ توڙي مؤمن جي نظر ۾ سخت نفرت جهڙي آهي. اهڙي طرح الله تعاليٰ هرهڪ هٺيلي ۽ سرڪش جي دل تي مهر ڪري ٿو ڇڏي (پوءِ هو ڪجهه به سمجهي نٿو سگهي ۽ انڌو ٿي کڏ ۾ ٿو ڪري).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو دليل اچڻ کانسواءِ الله تعالى جي آيتن ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، (اهو) الله تعالى وٽ ۽ مؤمنن وٽ وڏو گناه آهي. اهڙيءَ طرح الله تعالى هر تڪبر ڪندڙ ڏاڍي جي دل تي مُهر هڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي ماڻهو سواءِ ان جي جو ڪا ثابتي وٽن آيل هجي خدا جي آيتن بابت (اجايو) جهڳڙو ڪندا رهن ٿا سا خدا ۽ مومنن وٽ سخت نفرت جي ڳالھ آهي اهڙي طرح خدا (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي نشاني مقرر ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي آيتن ۾ دليلن کان سواءِ جو آيو انهن وٽ وڏو ٿيو ڪاوڙ جي لحاظ سان الله وٽ ۽ انهن وٽ جن ايمان آندو اهڙي طرح مهر هڻي ٿو الله هر ڪنهن هٺ ڪندڙ، وڏائي ڪندڙ جي دل تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا (ڪنهن به) ثابتي کانسواءِ جا وٽن آئي هجي. (اهو جهڳڙو ڪرڻ) الله وٽ ۽ ايمان وارن وٽ وڏي ڪاوڙ جي ڳالهه آهي. اهڙيءَ طرح الله (سڀ ڪنهن) وڏائي ڪندڙ سرڪش جي دل تي مُهر هڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ماڻهو الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بغير ڪنهن دليل جي جو وٽن آيو هجي. (اهو جهڳڙڻ) الله وٽ ۽ ايمان وارن وٽ وڏي ناراضگي جي ڳالهه آهي. اهڙي طرح الله هر هٺيلي (۽) سرڪش جي دل مٿان ٺَـــپــــو هڻي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيتن ۾ اَلله جي، جي تَڙيل ڪن تڪرار، سوا سچِي ثابـتِي، جا آئـِي اُنهن پارِ، ۽ وَڏِي ٿِي ڏَمر ۾، وَٽ ڏيهن جي ڏاتار، ۽ پڻ اُنهن وَٽ، جَن آندو اِعتبار، ۽ اِيئن مالِڪ ٿو مُهر هڻي، تِنهنجي قلب تي، ڪلتار، جو خودِي مَنجھ خوار،، پڻ ڪندڙ ڏاڍايون ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي وٽن ڪنهن حجت اچڻ کان سواءِ ئي الله جي آيتن بابت جهڳڙو ڪندا آهن_ اها الله ۽ مؤمنن وٽ وڏي غضب جهڙي ڳالهه آهي_ ائين الله هر ڪنهن وڏائي ڪندڙ هٺيلي جي دل تي مهر هڻندو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جي آيتن بابت جهڳڙو ٿا ڪن، بنا ان ڳالهه جي جو وٽن ڪا ســَـنــَـدَ آئي هجي. اها هلت الله ۽ ايمان وارن جي نظرن ۾ ڏاڍي ڪاوڙائيندڙ آهي. ان نموني الله هر وڏائي ڪندڙ ۽ ڏاڍايون ڪندڙ جي دل تي مهر هڻي ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جهڳڙو ڪندڙ آهن آيتن الله جي ۾ بنا ان ڳالهه جي ثابتي جي يا ڪو دليل آيو هجي، اها هلت وڏي ڪاوڙ ڏياريندڙ آهي الله وٽ ۽ انهن وٽ جيڪي ايمان وارا آهن، اهڙيءَ طرح مُهر هڻندڙ آهي الله هر انهيءَ دل تي جيڪي وڏائي ڪندڙ سرڪش آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو الله تعالى جي آيتن ۾ جيڪي وٽن اچن ٿيون بغير ڪنھن دليل جي جهڳڙو ڪن ٿا، اهڙا ئي رويا الله تعالى ۽ مؤمنن کي سخت چِـڙَ ڏياريندا آهن. اهڙيءَ طرح الله تعالى هر وڏائي خور ۽ ڏاڍائي ڪندڙ جي دل تي (لعنت جي) مھر هڻي ڇڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ فِرعَونُ يٰهٰمٰنُ ابنِ لى صَرحًا لَعَلّى أَبلُغُ الأَسبٰبَ (آيت : 36) |
۽ فرعون چيو ته اي ھامان مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مانَ (انھن) واٽن سان پھچان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) فرعون (غصي ۾ اچي ٽوڪ مان) حڪم ڏنو ته، اي هامان منهنجي لاءِ هڪ تمام اونچي محلات بناءِ ته مان (مٿي آسمان ڏي چڙهي ضروري) حيلا وسيلا هٿ ڪيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فرعون چيو اي هامان تون منهنجي لاءِ شاهي منارو تيار ڪراءِ ته شايد آئون رستن کي پهچان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون چيو اي هامان! مون لاءِ هڪ اهڙو محل بنائي (جنهن تي چڙهي) رستن تي پهچي وڃان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو فرعون ته اي هامان! ٺاھ مون لاءِ بلند محل تانته مان پهچان رستن تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون چيو ته اي هامان! مون لاءِ هڪ محل بناءِ ته جيڪي آسمانن (تي چڙهڻ) جا رستا آهن تن رستن کي مَنَ آءُ پهچان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون چيو ته: ”اي هامان تون منهنجي لاءِ هڪ اوچو محل بناءِ ته جيئن آءٌ (ان تي چڙهي) ان رستن تي پهچان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تڏهن هَڪل ڪئـِي هامان کي، فِرعون بي فرمان، ته جلد جوڙ مون لئي، ڪو مَٿاهون مَڪان، ته پُهچان چَڙهِي چاڙيِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون چيو ته، ”اي هامان! مون لاءِ هڪڙي ماڙي بناءِ، ته من آءُ واٽن ڏي پهچان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيو ته "اي هامان! مون لاءِ ڪا ڊگهي ماڙي اڏاءِ ، ته جيئن مان جيڪي لنگهه (گس) آهن، انهن تائين پهچي سگهان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو فرعون، اي هامان! ٺهراءِ منهنجي لاءِ هڪ اوچي ماڙي جيئن پهچان رستن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته اي هامان! تون منھنجي لاءِ هڪ وڏي ماڙي ٺاهه ته جيئن مان موسيٰ جي (اصل) رستي کي هٿ ڪري وٺان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَسبٰبَ السَّمٰوٰتِ فَأَطَّلِعَ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ كٰذِبًا وَكَذٰلِكَ زُيِّنَ لِفِرعَونَ سوءُ عَمَلِهِ وَصُدَّ عَنِ السَّبيلِ وَما كَيدُ فِرعَونَ إِلّا فى تَبابٍ (آيت : 37) |
آسمانن جي واٽن کي ته مُوسىٰ جي معبُود جي سڌ لھان ۽ بيشڪ آءٌ کيس ڪوڙو ڀائيندو آھيان، ۽ اھڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ سڌيءَ واٽ کان جھليو ويو، ۽ فرعون جو مڪر رُڳو خرابيءَ ۾ ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي حيلا وسيلا هٿ ڪيان جن سان آسمانن تي پهچي سگهان ۽ موسيٰ جي معبود (الله) ڏي چڙهي وڃان، پر مان ته يقيناً هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان (۽ يقين اٿم ته الله آهي ئي ڪونه) اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس برا عمل سهڻا پئي ڏسڻ ۾ آيا ۽ هو (حقي) راهه کان روڪجي ويو، ۽ فرعون جا منصوبا ۽ رٿون (ڪامياب ته ڪونه ٿيون پر اٽلندو) کيس بربادي ۽ تباهيءَ ڏي کڻي ويون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) آسمانن جا رستا، پوءِ آئون موسيٰ جي خدا کي ڏسان ۽ بيشڪ آئون گمان ڪريان ٿو ته اهو ڪوڙو آهي ۽ اهڙيءَ طرح فرعون لاءِ سندس بداعمالي سندس نظر ۾ چڱي ڪري ڏيکاري وئي ۽ پاڻ سنئين رستي کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي رٿ نه هئي مگر هلاڪت ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) آسمان جي رستن تي، پوءِ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسى کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙي طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ کيس (سڌي) راھ کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو ... ۾ هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رستا آسمانن جا پوءِ لياڪو پائي ڏسان مان موسى جي معبود ڏانهن ۽ بلاشڪ مان البته گمان ٿو ڪيان مان ان کي ڪوڙو ۽ اهڙي طرح سينگاريو ويو فرعون جي لاءِ برو عمل ان جو ۽ روڪيو ويو (سڌي) واٽ کان ۽ ناهي فرعون جو مڪر مگر هلاڪت ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ موسيٰ جي معبود کي آءُ نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ موسيٰ کي ڪوڙو خيال ڪريان ٿو ۽ اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ کيس رستي کان روڪيو ويو ۽ فرعون جي تدبير ته رڳو تباهيءَ ۾ هئي. ۽ جنهن ايمان آندو هو تنهن چيو ته(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي آسمانن جا رستا آهن، پوءِ آءٌ موسى جي معبود کي نهاري ڏسان، ۽ آءٌ ان کي ڪوڙو سمجهان ٿو.“ ۽ اهڙي طرح فرعون کي سندس برو ڪم وڻندڙ بنائي ڏيکاريو ويو ۽ ان کي (حق جي) راهه کان روڪيو ويو. ۽ فرعون جي سازش ته رڳو (سندس ئي) تباهي ۾ هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي سَنديون آسمان، پوءِ مُوسٰى جي مالِڪ کي، معلوم ڪريان مانَ!، آهِمِ اِي گـمُان، ته اُهو ڪُوڙو آهي قول ۾. ۽ بَدفِعل سَندسِ فِرعون کي، اِنپر پياپَسند، ۽ هدايت ۽ حق جي، روڪيو ڪنان رَند، ۽ فرعون جا فند ناهِن مگر نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني آسمانن جي واٽن کي، ته موسيٰ جي سائينءَ ڏي ليئو پائي ڏسان ۽ بيشڪ آءُ کيس ڪوڙو ٿو سمجهان!“ اهڙيءَ طرح فرعون کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ سڌيءَ واٽ کان روڪيو ويو- ۽ فرعون جون تجويزون خرابيءَ ۾ ئي هيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمان جي گــَـسن تائين ۽ موسيٰ جي رب کي جهاتي پائي ڏسان. مونکي ته اهو (موسيٰ) ڪوڙو ٿو لڳي. ان ريت فرعون لاءِ سندس بڇڙي هلت ڏسڻ ۾ سهڻي ڪئي وئي ۽ هو سڌيءَ راهه کان روڪيو ويو. فرعون جو سارو منصوبو (سندس ئي) تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رستا اهي جيڪي آسمان تائين آهن پوءِ جهاتي پائي ڏسان موسيٰ جي خدا کي ۽ بيشڪ آئون (موسيٰ کي) ڪوڙو ٿو ڀانيان، ۽ اهڙيءَ طرح سهڻو بڻايو فرعون جي لاءِ بڇڙو عمل ڏسڻ ۾ ۽ هو روڪيو ويو سڌي واٽ کان، ۽ جيڪا رٿ هئي فرعون جي چالبازي جي اها سندس تباهيءَ ۾ ڪم آئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يعني آسمانن واري رستن جي ذريعي پھچي مان موسى جي معبود کي وڃي (باقاعده روبرو) ڏسي وٺان. مون کي ته هو ڪوڙو ٿو نظر اچي. اهڙي طرح فرعون کي برو عمل سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو ۽ کيس (ان ذهني سوچ جي ڪري ئي) سڌي رستي کان پوئتي رکيو ويو هو. فرعون جو اهو منصوبو (کيس) تباهي ڏي وٺي وڃڻ وارو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذى ءامَنَ يٰقَومِ اتَّبِعونِ أَهدِكُم سَبيلَ الرَّشادِ (آيت : 38) |
۽ جنھن ايمان آندو ھو تنھن چيو ته اي منھنجي قوم منھنجي تابعداري ڪريو ته (آءٌ) اوھان کي سڌي رستي لايان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مصر جي) جنهن ماڻهوءَ ايمان آندو هو تنهن (مصر جي ماڻهن کي وڌيڪ) چيو ته اي منهنجي قوم جا ماڻهو! منهنجي نقش قدم تي هلو (يعني مون واري واٽ وٺو) مان توهان کي حق جي سڌي واٽ ڏيکاريندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان ماڻهن چيو جنهن ايمان آندو اي منهنجي قوم توهان منهنجي تابعداري ڪريو آئون توهان کي هدايت واري رستي تي هلائيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص (لڪل) ايماندار هو چوڻ لڳو ڀائرو! منهنجو چوڻ مڃو آءُ اوهان کي هدايت جا رستا ڏيکاريندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ان جنهن ايمان آندو هو ته اي منهنجي قوم وارؤ! منهنجي تابعداري ڪيو ته رهنمائي ڪيان مان اوهان کي هدايت جي واٽ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجي قوم! منهنجي چوڻ تي هلو آءُ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ماڻهو چيو جنهن ايمان آندو هيو: ”اي منهنجي قوم توهان منهنجي پيروي ڪيو ته آءٌ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي تِنهن وَراڻيو، جنهن آندو اِعتبار، ته رَهو عَزِيزو مُهنجا!، تهدِل تابِعدار، ته آن کي چڱِئَ پار، وَهِين لائـِيندِس واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ايمان آندو هو، تنهن چيو ته ”اي منهنجي قوم! منهنجو چيو مڃيو، ته آءُ اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ ماڻهوءَ) جنهن ايمان آندو هو چين ته "اي منهنجي قوم! منهنجو چوڻ وٺو، مان توهان کي صحيح واٽ ٿو ڏسيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو ان شخص جنهن ايمان آندو هو، اي منهنجي قوم! منهنجي ڳالهه مڃو، آئون ٻڌايان ٿو توهان کي رستو صحيح(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمن ماڻهوءَ وڌيڪ چيو ته اي منھنجي قوم! منهنجون ڳالهيون مڃو مان توهان کي ڀلائي وارو رستو ٻڌايان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰقَومِ إِنَّما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا مَتٰعٌ وَإِنَّ الءاخِرَةَ هِىَ دارُ القَرارِ (آيت : 39) |
اي منھنجي قوم ھيءَ دنيا جي حياتي (ٿوري) وٿ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رھڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! دنيا جي هيءَ حياتي فقط وقتي گذارو آهي ۽ يقيناً آخرت ئي دائمي گهر آهي (جتي هميشه لاءِ رهبو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجي قوم هي دنيا جي حياتي ته مختصر جيئڻ آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي مستقل رهڻ جو گھر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ڀائرو! هيءَ دنيا جي زندگي ته رڳو (ٻه ٽي ڏينهن) فائدو آهي ۽ آخرت ئي هميشه رهڻ جو گهر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجي قوم وارا! بلاشڪ هيءَ حياتي دنيا واري ٿورو سامان آهي ۽ بلاشڪ آخرت اهائي قرار جي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي حياتي ٿوري سامان کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي رهڻ جو گهر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي زندگي ٿورڙو (نفعي وٺڻ) جو سامان آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي هميشه رهڻ جو گهر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي عزيزو مُنهنجا!، سُڻو سَماچار، هِئَ حَياتِي ننڍڙِي، وَٽابو ڪا وار، آهي اڳيان جَھانَ ٻِيو، جائـِي جاءِ قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجي قوم! هيءَ دنيا جي حياتي ته فقط ٿورو سامان ئي آهي ۽ بيشڪ آخرت ئي سدائين رهڻ جي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي قوم! اها دنيا واري زندگي ته آهي ئي ٿورن ڏينهن لاءِ ، سدائين رهڻ جي جاءِ ته آخرت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي منهنجي قوم! بيشڪ هيءَ حياتي دنيا جي ٿورا ڏينهن آهي ۽ بيشڪ آخرت جو هنڌ رهڻ جو سدائين جو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! هي دنيا جي حياتي ته وقتي فائدو وٺڻ واري شيءِ آهي ۽ بيشڪ آخرت هميشه رهڻ واري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن عَمِلَ سَيِّئَةً فَلا يُجزىٰ إِلّا مِثلَها وَمَن عَمِلَ صٰلِحًا مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ يُرزَقونَ فيها بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 40) |
جنھن بد ڪم ڪيو تنھن کي رڳو اُھڙو بدلو ڏبو، ۽ جنھن چڱو ڪم ڪيو خواہ مڙس ھجي خواہ زال ۽ اُھو مؤمن به ھجي ته اُھي بھشت ۾ گھڙندا منجھس اڻ ڳڻي روزي ڏبين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو شخص برائي ٿو ڪري تنهن کي انهيءَ ئي برائي جهڙو بدلو ملندو، پر جيڪو به نيڪ عمل ٿو ڪري، مرد هجي توڙي زال، ۽ مؤمن هجي ته پوءِ اهڙا ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا جتي هنن کي بي حساب رزق ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو گناه ڪري ٿو ان کي اُن جيتري سزا ملي ٿي، ۽ جيڪو ماڻهو صالح عمل ڪري ٿو، مرد آهي يا عورت ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اهي جنت ۾ داخل ٿيندا (۽ کين) جنت ۾ بنا حساب جي رزق ڏنو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو برو ڪم ڪندو ته ان کي عوض به اهڙو ئي ملندو. ۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪندو مرد هجي يا عورت پر ايماندار هجي ته اهڙا ماڻهو بهشت ۾ داخل ٿيندا اتي کين بي حساب روزي ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڪئي برائي پوءِ نه بدلو ڏنو ويندو مگر ان جي مثل ۽ جنهن ڪيو چڱو ڪم مرد يا عورت ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اهي داخل ٿيندا بهشت ۾ رزق ڏنا ويندا ان ۾ حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن کي ان جهڙوئي ئي بدلو ڏنو ويندو، ۽ جيڪو چڱو ڪم ڪري ٿو مرد هجي يا عورت ۽ اهو ايمان وارو هجي ته اهي (ماڻهو) جنت ۾ داخل ٿيندا کين ان ۾ بنا حساب روزي ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن برائي ڪئي ان کي ان جي برابر ئي بدلو ڏنو ويندو. ۽ جنهن چڱو ڪم ڪيو مرد هجي يا عورت ۽ اهو ايمان وارو به هجي ته اهي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا اتي انهن کي بي حساب رزق ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن بُڇڙا ڪَم ڪيا، تنهن کي نه مِلي تڪرار، مگر برابر بَدِئ جي، بَرسِر بَدلو بار، ۽ جنهن چَڱٖي چڱا ڪم ڪيا، نَر هُجي يا نار، بيشڪ ٿِيندا بهشت ۾، اُهي داخِل دِل قرار، ڳڻڻ کان ٻَهار، ڏِبن اُنهِئ ۾ ڏاتيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن برو ڪم ڪيو، ان کي فقط اوترو ئي بدلو ڏبو- باقي جنهن مرد خواهه زال چڱو ڪم ڪيو ۽ هو مؤمن به هوندو، ته اهڙا شخص بهشت ۾ گهڙندا ۽ ان ۾ هنن کي بي حساب رزق ملندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو بڇڙائي ڪندو تنهن کي اوترو ئي بدلو ملندو ۽ جيڪو نيڪ عمل ڪندو مرد هجي يا عورت پر هجي سو مؤمن، اهڙا سڀئي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا، جتي کين رزق بنا ڪنهن حساب جي ملندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو عمل بڇڙا ڪندو پوءِ ان لاءِ جزا ان جهڙي ئي هوندي ۽ جيڪو عمل سُٺا ڪندو، اهو کڻي مرد هجي يا عورت، پر اهو مؤمن هجي، اهڙا سڀ ماڻهو داخل ڪيا ويندا جنت ۾، اتي رزق انهن کي ملندو بنا ڪنهن حساب جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو جيڪو برو عمل ڪندو ان کي اوتروئي بدلو ڏنو ويندو. پوءِ مرد هجي يا عورت، مؤمن جي حيثيت ۾ جيڪي به نيڪ عمل ڪندا ته انهن کي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جتي انهن کي بغير حساب جي رزق ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيٰقَومِ ما لى أَدعوكُم إِلَى النَّجوٰةِ وَتَدعونَنى إِلَى النّارِ (آيت : 41) |
اي منھنجي قوم مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو (آءٌ) اوھان کي ڇوٽڪاري ڏانھن سڏيان ٿو ۽ (اوھين) مون کي باھ ڏانھن سڏيو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مون کي عجب ٿو لڳي ته مان توهان کي ڇوٽڪاري (۽ ڪاميابيءَ) جي طرف ٿو سڏيان ۽ توهان مون کي باهه (جي عذاب) ڏي ٿا سڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي منهنجي قوم (توهان کي) ڇا ٿيو آهي جو آئون توهان کي نجات ڏانهن سڏيان ٿو ۽ توهان مون کي باه ڏانهن سڏيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باھ ڏي سڏيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اي منهنجي قوم وارا! ڇا (ٿيو آهي) مون کي سڏيان ٿو اوهان کو ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ سڏيو ٿا اوهان مون کي باھ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اي منهنجي قوم! مون کي ڇا ٿيو آهي جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ اوهين مون کي باهه ڏي سڏيو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اي منهنجي قوم! آخر ڳالهه ڇا آهي؟ جو آءٌ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏانهن سڏيان ٿو ۽ اوهان مون کي باهه ڏانهن سڏيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اي ڪُڙم، قَبِيلا مُنهنجا! مون لئي ڪِهِڙي ڪار؟ ته آئون اوهان کي ڪوٺيان آخِر آزادِئَ پار، ۽ اَوهِين اُٽلو آگ ڏي، ڪوٺيو مِ ٿا ڪُفار!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اي منهنجي قوم! هي ڇا پيو ڏسان، جو آءُ اوهان کي ڇوٽڪاري ڏي پيو سڏيان؛ ۽ اوهين وري مون کي باهه ڏانهن پيا سڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجي قوم! مونکي ڇا ٿيو آهي ته مان ته توهانکي سڏيان ٿو ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ توهان مون کي سڏيو ٿا باهه ڏانهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي منهنجي قوم! آخر ائين ڇو آهي جو سڏيان پيو توهان کي ڇوٽڪاري ڏانهن ۽ توهان ته مون کي سڏيو پيا باهه ڏانهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجي قوم! (سچي ڳالهه هي آهي ته) مون کي ته حيراني ٿي وٺي ته مان توهان کي ڇوٽڪاري ڏي سڏيان ٿو ۽ توهان مون کي باهه ڏي سڏي رهيا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَدعونَنى لِأَكفُرَ بِاللَّهِ وَأُشرِكَ بِهِ ما لَيسَ لى بِهِ عِلمٌ وَأَنا۠ أَدعوكُم إِلَى العَزيزِ الغَفّٰرِ (آيت : 42) |
(اوھين) مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ساڻس اھڙي شيء شريڪ ٺھرايان جنھن (جي حقيقت) جي مون کي ڄاڻپ نه آھي، ۽ آءٌ اوھان کي غالب بخشڻھار ڏانھن سڏيان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان مون کي هن ڳالهه ڏي ٿا سڏيو ته مان الله کي نه مڃيان ۽ ساڻس انهن کي شريڪ ڪيان جن بابت مون کي علم به ڪونهي، ۽ مان توهان کي انهيءَ (هڪ الله) ڏي ٿو سڏيان جو وڏي قدرت ۽ غلبي وارو آهي، ۽ (توبهه ڪندڙن کي) وري وري بخشيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان مون کي ان لاءِ سڏيو ٿا ته آئون الله تعالى جو انڪاري ٿيان ۽ آئون ان سان شرڪ ڪريان جنهنجو مون کي قطعاً علم ناهي ۽ آئون توهان کي الله تعالى ڏانهن سڏيان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) وڏي معافي ڪندڙ خدا ڏي سڏيان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏيو ٿا مون کي تانته ڪفر ڪيان مان الله سان ۽ شريڪ ڪيان ان سان اهو جو ناهي مون کي ان جو ڪو علم ۽ مان سڏيان ٿو اوهان کي غالب بخشڻهار ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين مون کي سڏيو ٿا ته الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪريان جنهن جي مون کي خبر نه آهي ۽ آءُ اوهان کي زبردست (۽) معاف ڪندڙ ڏي سڏيان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان مون کي هن لاءِ سڏيو ٿا ته آءٌ الله سان ڪفر ڪيان! ۽ ان سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيان جنهن جو مون کي علم به نه آهي، ۽ آءٌ اوهان کي (الله) غالب بخشڻهار ڏانهن سڏيان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوٺيومِ ته ڪرين، اَللهَ کان اِنڪار، ۽ ڪريان آئون اُن سان، ڀيڙا ڀائيوار، مُون کي ناهي مُورهِين، جَن جو پتو پار، ۽ آئون ڪوٺيانـوَ برقرار، غالِب ۽ غفار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين مون کي پيا سڏيو ته آءُ الله جو انڪار ڪريان ۽ ان سان اهڙن کي ڀائيوار ڪريان، جنهن جو مون کي علم ڪونهي؛ ۽ آءُ اوهان کي انهي ڏي سڏيان ٿو، جو غالب ۽ بخشڻهار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مون کي سڏيو ٿا ته مان الله سان ڪفر ڪيان ۽ ساڻس انهن کي شريڪ ڪيان جن کي مان نٿو ڄاڻان، جڏهن ته مان توهانکي سڏيان ٿو انهيءَ (الله) زبردست ۽ بخشڻهار ڏانهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان دعوت پيا ڏيو مون کي ته ڪفر ڪريان الله سان ۽ شريڪ ڪريان ان سان انهن کي جن بابت مون کي ڪوبه علم ناهي، ۽ جڏهن ته آئون سڏيان پيو توهان کي ان ڏي جيڪو وڏو بخشڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مون کي الله تعالى جو انڪار ڪرڻ تي زور ڀريو ٿا، جنھن شيءِ جو مون کي علم ئي ناهي ۽ توهان ان شيءِ کي الله تعالى سان شريڪ ڪرڻ لاءِ چئو ٿا. (حالانڪه) مان توهان کي هڪ زبردست معاف ڪندڙ (پالڻھار) ڏي سڏيان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا جَرَمَ أَنَّما تَدعونَنى إِلَيهِ لَيسَ لَهُ دَعوَةٌ فِى الدُّنيا وَلا فِى الءاخِرَةِ وَأَنَّ مَرَدَّنا إِلَى اللَّهِ وَأَنَّ المُسرِفينَ هُم أَصحٰبُ النّارِ (آيت : 43) |
بلاشڪ اوھين مون کي اُنھيءَ ڏانھن سڏيو ٿا جنھن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق نه آھي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانھن آھي ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙ ئي دوزخي آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ته توهان مون کي انهيءَ ڏي سڏيو ٿا جو نڪي دنيا ۾ پڪارڻ جو لائق آهي، نڪي آخرت ۾ ۽ يقيناً اسان کي آخر الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ يقيناً حدن کان ٻاهر ويندڙ ماڻهو ئي دوزخي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يقيناً توهان مون کي جنهن (بت پرستي) ڏانهن سڏيو ٿا ان ڏانهن سڏڻ دنيا ۽ آخرت ۾ قطعاً مناسب ناهي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله تعالى ڏانهن آهي ۽ بيشڪ مشرڪ ئي جهنمي آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا سو نه ته دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جي لائق آهي ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ خدا ڏي آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اوهان جنهن ڏانهن سڏيو ٿا مون کي ناهي ان جي لاءِ سڏڻ (جو حق) دنيا ۾ ۽ نه آخرت ۾ ۽ بلاشڪ موٽڻ اسان جو الله ڏانهن آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ اهي ئي جهنمي آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جنهن ڏي اوهين مون کي سڏيو ٿا تنهن کي نه دنيا ۾ ۽ نڪي آخرت ۾ سڏڻ جو حق آهي. ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏي آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حقيقت اها آهي ته توهان جنهن ڏانهن مون کي سڏيو ٿا اهو نه ته دنيا ۾ سڏڻ جي قابل آهي ۽ نه آخرت ۾ ۽ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏانهن آهي، ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهين مون کي اُن ڏي، ڪوٺيو ٿا ڪُفار! هِن ۽ هُن جھان ۾، ڪوٺڻ نه جنهن جو ڪار، ۽ اسان مِڙن کي موٽڻو، آهي پَروَر پارِ، ۽ آهِن ڀاتِي باھ جا، بيقاعدا بدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهين مون کي رڳو اهڙي ڏانهن ٿا سڏيو، جنهن کي دنيا خواهه آخرت ۾ سڏڻ جو ڪو حق ڪونهي_ بيشڪ اسان جو موٽڻ الله ڏي آهي ۽ حد کان لنگهندڙ شخص ئي دوزخي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ جن ڏانهن توهان مونکي سڏيو ٿا، انهن لاءِ ته سڏجڻ جو حق نڪي دنيا ۾ آهي ۽ نه آخرت ۾ ۽ بيشڪ اسان سڀني جو موٽڻ الله ڏانهن ئي آهي ۽ حد کان لنگهڻ وارا باهه ۾ پوڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حق هي آهي ته ان جي ابتڙ ٿي نٿو سگهي سڏيو جنهن ڏي توهان کي، جڏهن ته سڏڻ جو ڪو حق ناهي ان دنيا ۾ ۽ نه وري ڪو آخرت ۾، ۽ بيشڪ اسان سڀني کي موٽڻو آهي الله ڏانهن ۽ بيشڪ حد کان ٽپندڙ باهه ۾ پوڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ڏانهن توهان مون کي سڏيو ٿا، دنيا ۽ آخرت ۾ ته انهن کي سڏڻ جو ڪوبه حق نه آهي. اسان سڀني کي الله تعالى ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙ ئي دوزخي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَتَذكُرونَ ما أَقولُ لَكُم وَأُفَوِّضُ أَمرى إِلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 44) |
پوءِ جيڪي اوھان کي چوان ٿو سو سگھو ياد ڪندؤ، ۽ (آءٌ) پنھنجو ڪم الله کي سونپيان ٿو، ڇو ته الله ٻانھن (جي حال) کي ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (توهان هاڻي ته منهنجي ڳالهه نٿا مڃيو پر جڏهن عذاب توهان جي مٿان اچي ويندو تڏهن) توهان منهنجي ڳالهه ياد ڪندو، جيڪا مان هاڻي توهان کي چئي رهيو آهيان، پر پوءِ پشيماني ڪم نه ايندي. توهان ڀلي منهنجي خلاف منصوبا رٿيو) مان ته پنهنجو معاملو الله تعاليٰ جي حوالي ٿو ڪيان. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي بندن کي ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جلد ياد ڪندا آئون توهان کي ڇا چوان، ۽ آئون پنهنجا سڀئي ڪم الله تعالى جي حوالي ڪريان ٿو، بيشڪ الله تعالى (پنهنجي) ٻانهن کي خوب ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جا ڳالھ آءُ اوهان کي چوان ٿو جلد ئي تنهن کي ياد ڪندو! ۽ آءُ ته پنهنجو ڪم خدا جي حوالي ڪريان ٿو بيشڪ خدا بندن (جي حال) کي چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جلد ياد ڪندؤ اهو جو چوان ٿو اوهان کي ۽ سونپيان ٿو مان امر پنهنجو الله ڏانهن بيشڪ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي اوهان کي چوان ٿو تنهن کي ياد ڪندو ۽ آءُ پنهنجو ڪم الله جي حوالي ڪريان ٿو. بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان جلد ياد ڪندؤ جيڪي (ڳالهيون) آءٌ اوهان کي چوان ٿو. ۽ آءٌ پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪيان ٿو. بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اکر اوهان کي ٿو چوان، جي چڱائئَ جا چار، تڪڙو پوءِ تڪرار، سڀ سارِيندا اِن ڳالھ کي. ۽ پَنهنجو ڪم ڪَرِيم کي ، آئون سونپيان ٿو سارو، ٻانَهن ٻِپارو، ڏسندڙ آهي، ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جلد ئي اوهين ياد ڪندؤ، جيڪي آءُ اوهان کي چوان ٿو- ۽ آءُ ته پنهنجو ڪم الله کي ئي ٿو سونپيان- بيشڪ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان جيڪي توهانکي چوان ٿو، توهان اهو ياد ڪندؤ ۽ مان ته پنهنجو معاملو الله کي سونپيان ٿو، بيشڪ الله پنهنجن ٻانهن جو نگهبان آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سگهوئي ياد ڪندؤ ان کي، آئون جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان توهان کي، ۽ آئون حوالي ٿو ڪريان پنهنجو معاملو الله کي، بيشڪ الله نگهبان آهي پنهنجن ٻانهن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سگهو ئي توهان منھنجي ڪيل نصيحت کي ياد ڪندا. مان پنھنجو معاملو الله تعالى تي ڇڏيان ٿو. بيشڪ الله تعالى ٻانهن جي ڪمن کي خوب ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوَقىٰهُ اللَّهُ سَيِّـٔاتِ ما مَكَروا وَحاقَ بِـٔالِ فِرعَونَ سوءُ العَذابِ (آيت : 45) |
پوءِ جيڪي ڦند سٽيائون تن جي بڇڙائيءَ کان الله کيس بچايو ۽ فرعون جي ماڻھن کي بڇڙي عذاب گھيريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جيڪي به برائيون هنن رٿيون تن کان الله تعاليٰ کيس بچائي ورتو، ۽ اٽلندو فرعون جي ماڻهن تي اچي خراب مصيبتون ڪڙڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى ان (مؤمن) کي انهن جي فريبن کان بچايو ۽ فرعون وارن تي خراب عذاب (اچي) پهتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا کين انهن جي مڪرن جي بڇڙاين کان بچايو ۽ فرعوني ماڻهن تي بڇڙو عذاب (هر طرف کان) اچي ڪڙڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بچايو ان کي الله انهن براين کان جيڪي رٿيائون ۽ گهيري ۾ رکيو فرعونين کي سخت عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي رٿون رٿيائون تن جي بڇڙاين کان الله ان کي بچايو ۽ فرعون جي ماڻهن تي بڇڙو عذاب اچي ڪڙڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله ان کي بچايو انهن جي برين سازشن کان جيڪي انهن ڪيون ۽ فرعون جي پيروڪارن کي بڇڙي عذاب گهيري ورتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جيڪِي رِٿون رِٿيئون، تن کان اَمن ڏِنسِ اَللهُ، ۽ فِرعون تان فوج سان، اُٿلِي پِيو اوڙاھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن جيڪي سٽون سٽيون، ان جي بڇڙاين کان الله کيس بچايو- ۽ فرعون جي پوئلڳن کي بڇڙي عذاب ويڙهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن جيڪي به ســِـٽون ان مؤمن جي خلاف ســِـٽيون، تن سڀني کان الله کيس بچائي ورتو ۽ فرعون جا ساٿي پاڻ تمام بڇڙي عذاب ۾ اچي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بچايو ان (مؤمن) کي الله انهن سڀني خراب منصوبن کان جيڪي انهن سٽيا هئا ۽ پئجي ويو آل فرعون تي بڇڙو عذاب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ فرعون جا ماڻهو ان مؤمن ماڻهوءَ لاءِ جيڪي بُريون چالبازيون ڪرڻ لڳا، الله تعالى کيس انهن کان بچايو ۽ سڀني فرعونين کي بري عذاب گهيري ۾ ورتو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
النّارُ يُعرَضونَ عَلَيها غُدُوًّا وَعَشِيًّا وَيَومَ تَقومُ السّاعَةُ أَدخِلوا ءالَ فِرعَونَ أَشَدَّ العَذابِ (آيت : 46) |
جا باھ آھي جنھن تي صبح ۽ سانجھيءَ جو کين حاضر ڪبو آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي، (تنھن ڏينھن حُڪم ڪبو ته) فرعونين کي سخت عذاب ۾ گھيڙيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو صبح شام (مصيبتن جي) باهه جي آڏو آندا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت جي گهڙي قائم ڪئي ويندي تنهن ڏينهن (حڪم ڪيو ويندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت ۾ سخت عذاب ۾ وجهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جهنم جي باه، جنهن تي اهي صبح ۽ شام پيش ڪيا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت ٿيندي (الله فرمائيندو) توهان فرعون وارن کي شديد عذاب ۾ داخل ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ هاڻي ته قبر ۾ دوزخ جي) باھ آهي جو اهي ماڻهو (هر) صبح ۽ شام ان جي سامهون آڻي بيهاريا وڃن ٿا. پڻ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (ته حڪم ٿيندو ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت کان سخت عذاب ۾ اڇلايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) باھ جو پيش ڪيا ويندا ان تي صبح ۽ شام ۽ جنهن ڏينهن قائم ٿيندي قيامت داخل ڪيو فرعونين کي سخت عذاب ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها) باهه آهي جنهن جي سامهون صبح ۽ شام کين آندو وڃي ٿو، ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي (اسين حڪم ڪنداسون ته) فرعون جي ماڻهن کي سخت عذاب ۾ داخل ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) باهه آهي جنهن جي سامهون اُهي صبح شام پيش ڪيا وڃن ٿا، ۽ جنهن ڏينهن قيامت برپا ٿيندي (ته حڪم ڪنداسين ته) فرعون جي پيروڪارن کي سخت عذاب ۾ داخل ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صُبح، سانجِھي آڻِجن بَرسِر مٿي باھ، ۽ قِيامت قائـِم ٿِئي، جڏهن مٿي سِر صُباح، مَنجھ اَڙانگي آڙاھ، فورًا گِھڙو سڀ فِرعونيو!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني اها باهه، جنهن تي هنن کي صبح شام حاضر ڪبو آهي- ۽ جنهن ڏينهن قيامت قائم ٿيندي، (تڏهن حڪم ڪبو ته) فرعونين کي سخت عذاب ۾ داخل ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها باهه دوزخ جي آهي، جنهن جي آڏو صبح شام پيا ٿا پيش ڪيا وڃن ۽ جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته حڪم ٿيندو ته ڪريو داخل فرعون جي ساٿين کي اڃان به وڌيڪ سخت عذاب ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها دوزخ جي باهه آهي پيش ڪيا ويندا ان جي سامهون صبح ۽ شام، ۽ جڏهن قائم ٿيندي قيامت (حڪم ٿيندو) داخل ڪريو پوئلڳن سميت فرعون کي سخت عذاب ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (مرڻ کان پوءِ) اُهي سڀ صبح ۽ شام باهه جي سامھون پيش ڪيا ويندا آهن ۽ وري جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته (حڪم ٿيندو ته) سڀني فرعونين کي وڏي عذاب ۾ داخل ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ يَتَحاجّونَ فِى النّارِ فَيَقولُ الضُّعَفٰؤُا۟ لِلَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُنّا لَكُم تَبَعًا فَهَل أَنتُم مُغنونَ عَنّا نَصيبًا مِنَ النّارِ (آيت : 47) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن باھ ۾ ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا (تڏھن) ھيڻا ھٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوھان جا تابعدار ھواسون تنھنڪري باھ (جي عذاب) مان ڪو حصّو اوھين اسان کان ٽارڻ وارا آھيو (يا نه) ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڇا ٿيندو جو) باهه ۾ هو هڪٻئي سان جهڳڙا ڪندا. جيڪي ماڻهو (هن دنيا ۾) ضعيف ۽ هيڻا هئا سي پنهنجي هٺيلن وڏيرن کي چوندا ته اسان يقيناً توهان جي پوئتان لڳاسين ۽ توهان جي تابعداري ڪئي سين، ڇا هاڻي توهان باهه جي عذاب جو ڪجهه حصو اسان کان وٺي پنهنجي سر تي وسائيندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت اهي جهنم ۾ هڪ ٻِئي سان جھڳڙو ڪندا پوءِ تڪبر ڪندڙن کي ضعيف چوندا بيشڪ اسين توهان جا (دنيا ۾) تابعدار هئاسين، ڇا پوءِ توهان اسان تان باه جو ڪجھه حصو گھٽ ڪري سگھو ٿا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي جڏهن دوزخ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ته گهٽ حيثيت وارا وڏن ماڻهن کي چوندا ته اسين اوهان جا تابعدار هئاسون. ڇا پوءِ اوهين اسان کان (دوزخ جي) باھ جو ڪجھ حصو ٽاري سگهو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪندا باھ ۾ پوءِ چوندا ڪمزور انهن کي جن تڪبر ڪيو ته بلاشڪ اسين هئاسين اوهان جا پوئلڳ پوءِ ڇا اوهان ٽاريندڙ آهيو اسان کان ڪو حصو باھ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن باهه ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا پوءِ ضعيف هٺيلن کي چوندا ته بيشڪ اسين اوهان جا تابعدار هئاسون ڇا پوءِ اوهين اسان کان باهه جو ڪجهه حصو ٽارڻ وارا آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اهي جهنم ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ته ڪمزور ماڻهو هٺيلن کي چوندا: ”اسان توهان جا پيروڪار هئاسين ڇا پوءِ توهان اسان تان باهه جو ڪجهه حصو ٽاري سگھو ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن جَھَنَّم وِچ ۾، ٻَڌن ٻائيتال، ته هِيڻا هَٺِيلن کي، چوندا اِهڙِئَ چال، ته اَسِين تابِع اَنهنجا، هوا سون هَر حال، پوءِ اَڄ اَسان تان، آگ مان ڀاڱو ڪو بحال، مَٿي تي مَتوال! اوڍڻ وارا آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر، جڏهن هو باهه ۾ جهڳڙا ڪندا_ پوءِ هيڻا هٺيلن کي چوندا ”بيشڪ اسين اوهان جا تابعدار هئاسون، پوءِ هاڻي اوهين اسان تان عذاب جو ڪو حصو ٽاري سگهندا يا نه؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهو وقت ياد ڪريو! جڏهن اهي ماڻهو دوزخ ۾ پيا هڪ ٻئي سان تڪرار ڪندا. دنيا ۾ جيڪي هيڻا هئا سي انهن کي جيڪي هٺيلا هئا چوندا ته "اسان توهان جا پوئلڳ هئاسون، ڀلا هاڻي اسان کان جهنم جي باهه جو ڪو حـصو ٽاري سگهندؤ؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اهي جهڳڙو ڪندا باهه ۾، پوءِ چوندا ڪمزور انهن ماڻهن کي جيڪي هٺ وڏائي وارا هوندا، بيشڪ اسان هئاسون توهان جا پوئلڳ، پوءِ ڇا توهان بچائي سگهندؤ اسان کي ٿورڙو هن دوزخ جي باهه کان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن دوزخي دوزخ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندا ۽ ڪمزور ماڻهو وڏائي خورن کي چوندا ته (دنيا ۾) اسان توهان جي پويان هليا هئاسين، ته ڇا (هاڻي) توهان باهه جي عذاب جو ٿورو حصو اسان کان ٽاري سگهو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ الَّذينَ استَكبَروا إِنّا كُلٌّ فيها إِنَّ اللَّهَ قَد حَكَمَ بَينَ العِبادِ (آيت : 48) |
ھٺيلا چوندا ته بيشڪ اسين (پاڻ) سڀ منجھس (پيل) آھيون بيشڪ الله ٻانھن جي وچ ۾ نبيرو ڪري چڪو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن وڏيرن دنيا ۾ هٺ وڏائي ڪئي هئي سي جواب ۾ چوندا ته (جهڙا توهان گنهگار هئو تهڙا اسان به گنهگار هئاسين) يقيناً اسان سڀ ان باهه ۾ آهيون. (جيڪڏهن توهان گنهگار نه هجو ها ته ڇو باهه ۾ پئو ها) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ (حق جو) فيصلو ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تڪبر ڪندڙ چوندا بيشڪ اسين سمورا انهي باه ۾ آهيون، بيشڪ الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته وڏا ماڻهو چوندن (هاڻي ته) اسين (۽ اوهين) سڀئي باھ ۾ (پيا) آهيون. خدا کي ته بندن جي باري ۾ (جيڪي) فيصلو (ڪرڻو هو) سو ڪري ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا اهي جن تڪبر ڪيو بلاشڪ اسين سڀئي ان ۾ آهيون بيشڪ الله تحقيق فيصلو ڪيو ٻانهن ۾.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هٺيلا چوندا ته بيشڪ اسين سڀئي ان ۾ آهيون. بيشڪ الله ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تڪبر ڪرڻ وارا چوندا: ”اسان سڀ ان (دوزخ) ۾ پيا آهيون، بيشڪ الله ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن پَڏايو پاڻ کي، تَن چيو سُڻِي سُوال، ته آهيو پاڻ آگ ۾، هيڪاندا هر حال، بَندن وِچ بَحال، سائـِينءَ نِياءُ نِبـيريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هٺيلا چوندا ”اسين مورڳو سڄائي منجهس قابو آهيون- بيشڪ الله ٻانهن وچ ۾ فيصلو ڪري چڪو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي هٺيلا جواب ڏيندا: "اسان سڀئي هتي ساڳيءَ ئي حالت ۾ آهيون ۽ الله ته ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوندا اهي ماڻهو جيڪي آڪڙ ڪندا هئا، اسان ته سمورا مڪمل ان ۾ آهيون، بيشڪ الله فيصلو ڪيو آهي وچ ۾ پنهنجي ٻانهن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وڏائي خور انهن کي جواب ڏيندا ته بيشڪ هن (جھنم) ۾ اسان سڀ پيل آهيون (سو هتي سڀني جو هڪجھڙو حال آهي) بيشڪ ٻانهن جي وچ ۾ الله تعالى اهو فيصلو ڪري چڪو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ فِى النّارِ لِخَزَنَةِ جَهَنَّمَ ادعوا رَبَّكُم يُخَفِّف عَنّا يَومًا مِنَ العَذابِ (آيت : 49) |
۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي چوندا ته اوھين پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪريو ته اسان کان ھڪڙو ڏينھن ڪجھ عذاب ھلڪو ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ دوزخي ماڻهو جهنم جي داروغن کي چوندا ته توهان پنهنجي رب کي پڪاريو ته هڪڙي ڏينهن لاءِ اسان جو عذاب هلڪو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جهنم ۾ جيڪي ماڻهو هوندا اهي جهنم جي داروغن (عملدارن) کي چوندا ته توهان پنهنجي رب کان دعا گھرو ته (اهو) اسان تان فقط هڪ ڏينهن عذاب هلڪو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ دوزخي دوزخ جي داروغن کي درخواست ڪندا ته پنهنجي پالڻهار کي عرض ڪريو ته هڪ ڏينهن اسان وٽان عذاب هلڪو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا اهي جيڪي جهنم ۾ هوندا دوزخ جي داروغن کي ته سڏيو پنهنجي رب کي ته هلڪو ڪري اسان تان هڪ ڏينهن عذاب مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دوزخي دوزخ جي چوڪيدارن کي چوندا ته اوهين پنهنجي پاليندڙ کي عرض ڪريو ته ڪنهن ڏينهن اسان تان عذاب هلڪو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ باهه ۾ پيل ماڻهو دوزخ جي داروغن کي چوندا: ”توهان پنهنجي پالڻهار کان دعا گهرو ته ڪنهن ڏينهن ته اسان کان عذاب هلڪو ڪري“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ دَربانن کي دوزخ جي، ڪيون وينتيون تِنهن وار، پَنهنجي پَروَر پاڪ کي، ٻاڏايو ٻِيهار، ته هَلڪو ڪري هيڪار، ڏُک اَسان تان، ڏِينهن ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دوزخي دوزخ جي چوڪيدارن کي چوندا، ”اوهين پنهنجي ڌڻيءَ کي عرض ڪريو، ته اسان کان هڪڙو ڏينهن ڪجهه عذاب هلڪو ڪري.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهي دوزخ ۾ پيل ماڻهو دوزخ جي داروغن کي چوندا ته "پنهنجي رب کي ٻاڏايو ته اسان جي عذاب ۾ ڪا هڪڙي ڏينهن جي ئي کڻي هلڪائي ڪري" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چوندا اهي ماڻهو جيڪي دوزخ ۾ پيل هوندا، دوزخ جي داروغن کي، دعا گهرو پنهنجي رب کان ته هلڪو ڪري اسان تان رڳو هڪ ڏينهن هن عذاب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري دوزخي ماڻهو دوزخ جي داروغن کي چوندا ته توهان پنھنجي پالڻھار کان دعا گهرو ته هو اسان جي عذاب ۾ هڪ ڏينھن جي ڪا هلڪائي آڻي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَوَلَم تَكُ تَأتيكُم رُسُلُكُم بِالبَيِّنٰتِ قالوا بَلىٰ قالوا فَادعوا وَما دُعٰؤُا۟ الكٰفِرينَ إِلّا فى ضَلٰلٍ (آيت : 50) |
(داروغا) چوندا ته اوھان جا پيغمبر (پڌرن) معجزن سان اوھان وٽ نه ايندا ھوا ڇا؟ چوندا ته ھائو (ايندا ھوا)، (داروغا) چوندا ته پوءِ (اوھين) پاڻ پڪاريو، ۽ ڪافرن جو پڪارڻ رڳو گمراھي ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (داروغا) جواب ڏيندا ته، ڇا توهان ڏي توهان جا رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان ڪين آيا هئا؟ هو چوندا ته، هائو، (بيشڪ آيا هئا پر اسان انڌ ۾ اچي کين نه مڃيو تنهن تي داروغا وري کين) چوندا ته، پوءِ (اسان ڇو خدا کي اوهان جي لاءِ پڪاريون) توهان پاڻ خدا کي پڪاريو پر (يقين رکو ته ورندو ڪجهه به ڪين) ڪافرن جي پڪار ۽ دعا بلڪل اجائي ٿيندي ۽ رائگان ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چوندا ڇا توهان وٽ (دنيا ۾) پيغمبر واضح احڪامات کڻي نه آيا هئا؟ جهنمي چوندا، ها!. اهي چوندا پوءِ توهان (پاڻ) دعا گھرو، ۽ ڪافرن جون دعائون ته بيڪار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي جواب ڏيندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر صاف ۽ کليل معجزا کڻي نه آيا هئا؟ اهي چوندا ته هاءُ (آيا ته هئا) تڏهن فرشتا چوندن ته پوءِ اوهين پاڻ (ڇو نه ٿا) دعا گهرو ۽ ڪافرن جي دعا ته بيڪار ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندن ته ڇا نه ايندا هئا اوهان وٽ اوهان جا پيغمبر چٽن دليلن سان؟ چوندا ته هائو چوندن ته پوءِ عرض ڪيو ۽ ناهي عرض ڪرڻ ڪافرن جو مگر گمراهي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي چوندا ته ڇا اوهان وٽ اوهان جا رسول ظاهر نشانيون کڻي نه ايندا هئا؟ دوزخي چوندا ته هائو. (داروغا) چوندا ته پوءِ (اوهين پاڻ) پڪاريو ۽ ڪافرن جو پڪارڻ ته بيڪار ئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي چوندا ته: ”ڇا توهان وٽ توهان جا رسول چِٽا دليل کڻي ڪونه آيا هئا“؟ چوندا: ”هائو“. (پوءِ داروغا چوندا) ”توهان پاڻ ئي دعا گهرو“، ۽ (حقيقت ۾) ڪافرن جي دعا رائگان ئي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آيان ڇا، نه اَوهان جا، نَبِي نامدار؟ کڻِي خُداپاڪ کان، نِشانيون نِروار، آنہ، چيائون اُنهن کي، وَراڻيون تِنهن وار، پوءِ وَڻي تِئين وينتيون، ڪريو کي ڪَلتار، ۽ ڪِير تون ڪُفار، ناهِن، مگر نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چوندا ”ڇا، اوهان وٽ اوهان جا رسول معجزن سان ڪونه آيا هئا؟“ چوندا ”هائو!“ چوندا ته ”هاڻي توهين پاڻ پڪاريو“ ۽ ڪافرن جو پڪارڻ ته رڳو گمراهيءَ ۾ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو پڇندا: "ڇا توهان وٽ توهان جا رسول چٽيون نشانيون کڻي نه آيا هئا؟" هو چوندا: "هائو". جهنم جا داروغا چوندا: "پوءِ ته توهان پاڻ ئي دعا گهرو ۽ ڪافرن جي دعا جو ڪو نتيجو نه نڪرندو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي پڇندا ڇا نه آيا هئا توهان وٽ رسول توهان جا چٽين نشانين سان؟ اهي چوندا هائو، داروغا چوندا، پوءِ پاڻ گهرو دعا پر اها دعا ڪافرن جي (ڪجهه ناهي) سواءِ بيڪار ثابت ٿيڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) داروغا چوندا ته ڇا توهان وٽ توهان جا رسول سڳورا واضح نشانيون کڻي نه ايندا هئا. چوندا ته: هائو برابر (هو ايندا رهيا). داروغا چوندا ته توهان پاڻ دعا گهرو (هاڻي ته) ڪافرن جي دعا گهرڻ به بيڪار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا لَنَنصُرُ رُسُلَنا وَالَّذينَ ءامَنوا فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَيَومَ يَقومُ الأَشهٰدُ (آيت : 51) |
بيشڪ اسين پنھنجن پيغمبرن جي ۽ مؤمنن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنھن ڏينھن شاھد کڙا ٿيندا (تنھن ڏينھن به مدد ڪنداسون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً يقيناً اسان پنهنجي رسول کي ۽ انهن کي جيڪي ايمان ٿا آڻين هن ئي دنيا جي زندگي ۾ مدد ڪندا آهيون، ۽ (خاص طرح) انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن شاهد اٿي کڙا ٿيندا. (يعني قيامت جي ڏينهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان يقيناً پنهنجي رسولن ۽ مؤمنن جي مدد ڪنداسين دنيا جي حياتي ۾ ۽ جنهن ڏينهن شاهدن کان شاهدي ورتي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتي ۾ ضرور مدد ڪنداسون ۽ جنهن ڏينهن شاهد (پيغمبر فرشتا شاهديءَ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسين البته مدد ڪيون ٿا پنهنجن رسولن جي ۽ انهن جي جن ايمان آندو دنياوي حياتيءَ ۾ ۽ جنهن ڏينهن بيهندا شاهد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين پنهنجي پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنيا جي حياتيءَ ۾ مدد ڪريون ٿا ۽ جنهن ڏينهن شاهد (شاهدي ڏيڻ لاءِ) بيهندا (تنهن ڏينهن به مدد ڪنداسون) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان پنهنجي رسولن جي مدد ڪيون ٿا ۽ ايمان وارن جي به دنيا واري زندگي ۾ ۽ جنهن ڏينهن شاهد بيهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پيغمبرن کي، اَسِين ڏِيون آڌار، هِن ۽ هُن جھان ۾، پڻ جَن آندو اعتبار، پڻ بِيهندا بَرقرار، جنهن ڏينهن شاهِد سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين پنهنجن رسولن ۽ مؤمنن جي، دنيا جي حياتيءَ ۾ به ضرور مدد ڪنداسون ۽ انهي ڏينهن به جڏهن شاهد کڙا ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻو ته اسان پنهنجن رسولن ۽ ايمان آڻڻ وارن جي مدد هن دنيا واري حياتيءَ ۾ به ڪندا آهيون ۽ ان ڏينهن به ڪنداسون جڏهن شاهد اٿي بيهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان مدد ڪندا آهيون پنهنجي رسولن ۽ انهن ماڻهن جي جيڪي ايمان وارا آهن دنيا جي حياتي ۾ (ضرور) ۽ ان ڏينهن به جڏهن بيٺا هوندا شاهد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان پنھنجي رسول سڳورن ۽ مؤمن ماڻهن جي دنيا جي زندگي ۾ به مدد ڪندا آهيون ۽ ان ڏينھن به مدد ڪنداسين جنھن ڏينھن گواهه سامھون بيٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ لا يَنفَعُ الظّٰلِمينَ مَعذِرَتُهُم وَلَهُمُ اللَّعنَةُ وَلَهُم سوءُ الدّارِ (آيت : 52) |
جنھن ڏينھن ظالمن کي سندن بھانو نفعو نه ڏيندو ۽ کين لعنت آھي ۽ انھن لاءِ (اُتي) بُڇڙي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن (الله تعاليٰ مؤمنن جي مدد ڪندو ۽ وڏيون نعمتون بخشيندو جنهن ڏينهن) ظالمن کي سندن عذاب ۽ بهانا ڪوبه فائدو ڪونه ڏيندا، انهن تي لعنت وسندي (يعني خدا جي فضل کان محروم رهندا) ۽ انهن جي لاءِ رهڻ جي جاءِ مصيبتن واري هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو نفعو نه ڏيندي ۽ اهي رحمت کان پري آهن ۽ انهن لاءِ جهنم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن معذرت ڪو به فائدو نه ڏيندي ۽ انهن تي لعنت (وسندي) هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر (دوزخ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن نه نفعو ڏيندو ظالمن کي انهن جو عذر پيش ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ لعنت آهي ۽ انهن جي لاءِ برو گهر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن بهانو فائدو نه ڏيندو ۽ انهن لاءِ لعنت هوندي ۽ انهن لاءِ بڇڙو گهر هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن ظالمن کي انهن جي عذر خواهيفائدو نه ڏيندي ۽ انهن جي لاءِ لعنت هوندي ۽ انهن لاءِ (جهنم جو) برو گهر هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سندن ميڙيون، منتيون، زاريون زارو زار، ۽ حيف تنين هار!، ۽ تن لئي، گھر به گھڻو بڇڙو! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن ظالمن کي سندن بهاني مان ڪوفائدو ڪونه ٿيندو- ۽ انهن لاءِ لعنت آهي ۽ انهن لاءِ بڇڙي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ظالمن کي سندن بهاني بازي ڪوبه فائدو نه ڏيندي ۽ مٿن ڦـٽڪار پئي پوندي ۽ بڇڙو ٺڪاڻو ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ڪوبه فائدو نه ڏيندي ظالمن کي سندن ڪابه معذرت (بهانو) ۽ انهن تي لعنت پوندي ۽ انهن جي لاءِ بڇڙو ٺڪاڻو آهي (سندن نصيب ۾)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن ظالمن کي سندن بهاني بازي ڪوبه فائدو نه ڏيندي. انهن جي مٿان لعنت پوندي ۽ انهن جي لاءِ بدترين جاءِ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الهُدىٰ وَأَورَثنا بَنى إِسرٰءيلَ الكِتٰبَ (آيت : 53) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ھدايت ڏني سون ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي هدايت (جو ڪتاب) ڏنو ۽ بني اسرائيلن کي اهو ڪتاب ورثي ۾ ڏنوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان موسيٰ کي هدايت عطا ڪئي ۽ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي موسى کي هدايت (جو ڪتاب توريت) عطا ڪيو ۽ بني اسرائيلن (کي ان) ڪتاب جو وارث ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏني اسان موسى کي هدايت ۽ وارث ڪيوسون بني اسرائيل کي ڪتاب جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي هدايت ڏني ۽ بني اسرائيلن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي رهنمائي عطا ڪئي ۽ اسان بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏنِي سون مُوسىٰ مِير کي، هِدايت هر باب، ۽ اسرائـِيل جي اولاد کي، ڏِنوسون بِه، ڪِتاب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي هدايت ڏني ۽ بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي هدايت ڏني هئي ۽ بني اسرائيل کي انهيءَ ڪتاب جو وارث بڻايوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان عطا ڪئي موسيٰ کي رهنمائي ۽ وارث بڻايوسين بني اسرائيل کي ان ڪتاب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) کي سڌو رستو ڏيکاريو ۽ بني اسرائيل کي ڪتاب جو وارث بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُدًى وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 54) |
جو ڌيان وارن جي سمجھائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (ڪتاب) سمجهه وارن لاءِ سراسر هدايت ۽ اعليٰ نصيحت آهي. (پر اڄوڪا يهودي ان ڪتاب تي به عمل نٿا ڪن، نڪي قرآن مجيد تي ايمان ٿا آڻين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ان ۾) عقلمندن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هدايت ۽ نصيحت ٿي عقل وارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو دانائن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُونهون بَرصواب، ۽ سبق سَٻوجھن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو ڌيان وارن جي سمجهائڻ ۽ نصيحت ڏيڻ جي واسطي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو عقل وارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو هدايت ۽ نصيحت هو عقل رکڻ وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو عقل وارن جي لاءِ هدايت به آهي ته نصيحت به . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَاستَغفِر لِذَنبِكَ وَسَبِّح بِحَمدِ رَبِّكَ بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 55) |
پوءِ (اي پيغمبر) صبر ڪر ڇوته الله جو وعدو سچّو آھي ۽ پنھنجي گناھ جي بخشش گھر ۽ صبح سانجھيءَ جو پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! ڪافر وغيره تنهنجي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن) پر تون ثابت قدم رهه. يقين ڄاڻ ته الله تعاليٰ جو واعدو سچو آهي (ته تون ڪامياب ٿيندين ۽ منڪر خوار خراب ٿيندا) ۽ تون پنهنجي (بشري) ڪمزورين کان الله جي پناهه وٺ (ته اهي دفع ٿي وڃن) ۽ صبح شام (هر وقت) پنهنجي پروردگار جي پاڪائي ۽ صفتون بيان ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي ۽ توهان پنهنجي امت جي گناهن جي بخشش طلب ڪريو ۽ توهان صبح ۽ شام پنهنجي رب جي تسبيح حمد سان پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون انهن جي شرارت تي) صبر ڪر! بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي (امت جي) گناهن جي معافي گهر پڻ صبح ۽ شام پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا سان گڏ تسبيح ڪندو رھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو حق آهي ۽ مغفرت گهر پنهنجي (امت جي ) گناھ لاءِ ۽ تبسيح پڙھ پنهنجي رب جي حمد سان شام جو ۽ صبح جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر) تون صبر ڪر! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي گناهه جي معافي گهر ۽ صبح ۽ شام جو پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ(سندس) پاڪائي بيان ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي) تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، ۽ تون پنهنجي (امت جي) ڪوتاهين جي معافي طلب ڪر ۽ شام ۽ صبح پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ (ان جي) پاڪائي بيان ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَھ، ته آهِن سائـِينءَ جا، قول بَرقرار، پڻ پڇتائي پانهنجا، بَخشائـِج، تون بار، ۽ پَنهنجي سائـِينءَ جي ساراھ کي، ڌارِيَن گڏڻ ڌار، ڳائـج نِج نِبار، سَدا صُبح ۽ شام ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اي نبي! تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پنهنجي گناهه جي بخشش گهر ۽ صبح شام پنهنجي ڌڻيءَ جي واکاڻ ساڻ سندس پاڪائي بيان ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي تون صبر ڪر، الله جو وعدو سچو آهي، پنهنجي قصور جي معافي گهر ۽ شام توڙي صبح پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندو رهه (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر، بيشڪ وعدو الله جو برحق آهي ۽ معافي وٺ پنهنجي قصور جي ۽ تسبيح ڪندو رهه واکاڻ سان پنهنجي رب جي صبح ۽ شام جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) صبر ڪر. بيشڪ الله تعالى جو وعدو برحق آهي، تون پنھنجي ڪمي بيشي جي معافي گهر ۽ صبح شام پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ بِغَيرِ سُلطٰنٍ أَتىٰهُم إِن فى صُدورِهِم إِلّا كِبرٌ ما هُم بِبٰلِغيهِ فَاستَعِذ بِاللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ البَصيرُ (آيت : 56) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن بابت (اُنھيءَ) حُجّت ڌاران جا وٽن آئي ھجي جھڳڙو ڪندا آھن تن جي سينن ۾ وڏائي (جي ارادي) کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي جنھن کي اُھي پُھچڻ وارا نه آھن، پوءِ الله جي پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي نشانين بابت بنا ڪنهن دليل يا سند جي، جيڪا وٽن آئي هجي جهڳڙا ٿا ڪن (۽ نٿا مڃن) تن کي سندن دلين ۾ وڏائي (۽ وڏو درجو حاصل ڪرڻ جو حرص ويٺل) آهي. جو هو ڪڏهن به حاصل نه ڪندا. يقيناً هو (يعني الله تعاليٰ) سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن ۾ بنا ڪنهن دليل اچڻ جي جھڳڙو ڪن ٿا، انهن جي سينن ۾ تڪبر آهي جنهنکي اهي پهچي نه سگھندا، پوءِ توهان الله تعالى کان پناه گھرو، بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن وٽ (خدا جي طرف کان) ڪا ثابتي ته آئي ڪانهي ۽ (وري) اهي خدا جي آيتن ۾ بيجا جهڳڙو ڪن ٿا. تن جي دلين ۾ رڳو وڏائي (جي بيجا هوس) آهي جنهن کي اهي پهچي نه سگهندا. ته تون بس خدا جي پناھ گهرندو رھ! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهي شخص جيڪي جهيڙو ڪن ٿا الله جي آيتن (جي باري) ۾ دليل کان سواءِ جو آيو انهن وٽ ناهي انهن جي سينن ۾ مگر وڏائي جو ناهن اهي پهچندڙ ان جا پوءِ پناھ وٺ الله سان بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله جي آيتن ۾ ڪنهن به ثابتيءَ کان سواءِ جا وٽن آئي هجي جهڳڙو ڪن ٿا، تن جي سينن ۾ رڳو وڏائي آهي جنهن کي اهي پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون الله جي پناهه گُهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بغير ڪنهن دليل جي جو وٽن آيو هجي انهن جي سينن ۾ غرور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي جنهن کي اُهي پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون (سندن شر کان) الله جي پناهه گهر. بيشڪ اُهو ئي ٻڌڻ ڏسڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيتن ۾ اَلله جي، جي تڙيل ٻَڌن تڪرار، سوا سَچِي ثابتِي، جا آئـِي اُنهن پار، سِينن سَندنِ ۾ ناھِ ڪِي، خالِي خُوئَ ڌار، جنهن کي پاڻ نه پُهچڻا؛ پوءِ جَھل اَلله جِي آڌار، سُڻندڙ سو ستار، پڻ ڏِسندڙسار ڏيھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي وٽن آيل ڪنهن حجت کان سواءِ الله جي آيتن بابت جهڳڙو ڪندا آهن؛ تن جي دل ۾ رڳو وڏائي آهي، جنهن کي هو پهچڻ وارا نه آهن، پوءِ تون الله جي پناهه گهر، بيشڪ اهو ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو بنا ڪنهن دليل جي جيڪو کڻي وٽن آيو هجي، الله جي آيتن جي باري ۾ اجايا جهڳڙا ڪن ٿا، انهن جي دلين ۾ ته رڳو وڏائي ڀري پئي آهي، پر هو ته انهيءَ کي پهچڻ وارا ئي ناهن. پوءِ تون الله جي پناهه وٺ، هو ته بيشڪ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق جيڪي ماڻهو جهڳڙو ڪري رهيا آهن الله جي آيتن ۾ بنا ڪنهن سَنَدَ جي جيڪا وٽن آئي هجي، ڀريل آهي انهن جي دلين ۾ وڏائي، پر اهي ته ان کي رسڻ وارا ناهن (جنهن جو اهي غرور رکن ٿا) تون پناهه گهر الله کان، بيشڪ اهو ئي سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن ۾ جيڪي وٽن آيون آهن، بغير ڪنھن دليل جي جهڳڙو ڪن ٿا، انهن جي دلين ۾ رڳو وڏائي ڀريل آهي، حقيقت ۾ اُهي وڏا ٿي ئي نٿا سگهن (هو هميشه ننڍا ئي رهندا) بس! تون الله تعالى کان پناهه گهرندو رهه. بيشڪ هو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَخَلقُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ أَكبَرُ مِن خَلقِ النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ماڻھن جي بڻاوت کان تمام وڏي آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ انسان کي خلقڻ کان گهڻي وڏي ڳالهه آهي. پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آسمانن ۽ زمينن جي تخليق يقيناً ماڻهن جي تخليق کان تمام وڏي آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پر گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جو وڏو آهي ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ ماڻهن جي پيدا ڪرڻ کان تمام وڏو (ڪم) آهي پرگهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمينن جي پيدائش يقيناً انسانن جي پيدائش کان وڏي (ڳالهه) آهي پر گھڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي هيڏا اُڀ ۽ ڀُون، بَنائـِڻ بَحال، بَنائـِڻ کان ماڻهن جي، آهِن ڳَرِي ڳالھ، پَر گَھڻا خام خيال، ماڻهو نه سَمجھن مُورِهين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جو خلقڻ ماڻهن جي خلقڻ کان گهڻو وڏو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن کي پيدا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ برابر تمام وڏو ڪم آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جو وڏو ڪم آهي بنسبت پيدا ڪرڻ انسانن جي، پر ڪيترا ماڻهو اهو (سڀڪجهه) ڄاڻن ئي نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪرڻ انسانن جي پيدا ڪرڻ جي مقابلي ۾ تمام وڏو ڪم آهي، پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَلَا المُسيءُ قَليلًا ما تَتَذَكَّرونَ (آيت : 58) |
۽ انڌو ۽ سڄو (پاڻ ۾) برابر نه آھي، ۽ (نڪي) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا (سي) نڪي مدائي ڪرڻ وارو (برابر آھن)، اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) انڌو ۽ ڏسندڙ هرگز هڪ جهڙا ناهن، نڪي ايمان آڻيندڙ ۽ صالح عمل ڪندڙ انهن جهڙا آهن، جيڪي بدڪار آهن. (افسوس جو) اوهين بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا (۽ نصيحت نٿا وٺو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿا برابر ٿين انڌا ۽ ڏسندڙ، ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا (اهي) ۽ گنهگار (پاڻ ۾) برابر نٿا ٿين، ٿوررا ماڻهو اُهي آهن جيڪي نصيحت حاصل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انڌو ۽ سڄو (ٻئي) برابر نه ٿا ٿي سگهن ۽ نڪي مومنن جي چڱا ڪم ڪيا ۽ بدڪار (ئي) برابر ٿي سگهن ٿا. ڳالھ هيءَ آهي ته اوهين ماڻهو بلڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نٿا برابر ٿين انڌو ۽ ڏسندڙ ۽ (نه) اهي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون ۽ نه برائي ڪندڙ ٿوري نصيحت وٺو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه ٿا ٿين ۽ نه ڪي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي ۽ برائي ڪرڻ وارا (برابر آهن پر) اوهين بالڪل ٿورو ڌيان ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انڌو ۽ سڄو برابر ٿي نه ٿا سگهن ۽ (اهڙي طرح) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون (اهي) ۽ بدڪار به (برابر) نه آهن. توهان تمام گهٽ نصيحت قبول ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَنڌو نَه سَڄي مَٽ ٿئي، پڻ آندو جِنهن ايمان، ۽ ڪيائين ڪم چڱا، پڻ بَدعمل اِنسان، نصِحيت مان نادان!، ٿورا ٿا پرائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪي انڌو سڄو برابر آهن، نڪي ايمان آڻي چڱا ڪم ڪندڙ ۽ بدڪار- اوهين ٿوري نصيحت ئي وٺو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انڌو ۽ سڄو برابر ٿي ئي نٿا سگهن. نه وري ايمان وارا ۽ نيڪ عمل ڪندڙ ئي بدڪارن جي برابر ٿيڻا آهن، پر توهان ٿورو ئي ٿا ڪا سمجهه ڌاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين ٿي نٿو سگهي ته برابر هجي انڌو ۽ اکين وارو، ۽ نه وري اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا، اهي برابر هجن بدڪارن جي، ٿورو ئي توهان ماڻهو عقل رکو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انڌو ماڻهو (يعني سمجهه نه رکڻ وارو) ۽ اکين وارو (يعني سمجهه رکڻ وارو) ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن، اهڙي طرح ايمان آڻيندڙ ۽ نيڪ ڪم ڪندڙ ماڻهو بدڪار ماڻهوءَ جي برابر نٿو ٿي سگهي، درحقيقت توهان ان ڳالهه ڏي گهٽ ئي ڌيان ڏيندا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ السّاعَةَ لَءاتِيَةٌ لا رَيبَ فيها وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يُؤمِنونَ (آيت : 59) |
بيشڪ قيامت ضرور اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي، پر گھڻا ماڻھو ويساھ نه رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اها گهڙي (هن ئي دنيا ۾ مؤمنن جي ڪاميابي جي، يا قيامت جي گهڙي) ضرور اچڻي آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي پر (افسوس جو) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ قيامت يقيناً ايندڙ آهي، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي پر اڪثر ماڻهو ايمان نٿا آڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ قيامت ضرور اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان نٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ قيامت البته اچڻ واري آهي ناهي ڪو شڪ ان ۾ ۽ پر گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ قيامت اچڻ واري آهي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ (قيامت جي) گھڙي ضرور اچڻ واري آهي جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو نه ٿا مڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي قيامت اَچڻِي، جِنهن ۾ شَڪ، نه گُمان، پَر آڻِين نَه اِيمان، ماڻهو گھڻا، مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) قيامت ضرور ايندي، انهي ۾ ڪو به شڪ ڪونهي- پر گهڻا ماڻهو ويساهه نٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ قيامت جي گهڙي اچڻ واري آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ قيامت جي گهڙي ضرور ايندي ۽ ان جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي، پر گهڻا ماڻهو ته ايمان ئي نٿا رکن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ قيامت (ضرور) ايندي. ان جي اچڻ ۾ ڪو شڪ ئي ناهي. پر گهڻا ماڻهو مڃين ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ رَبُّكُمُ ادعونى أَستَجِب لَكُم إِنَّ الَّذينَ يَستَكبِرونَ عَن عِبادَتى سَيَدخُلونَ جَهَنَّمَ داخِرينَ (آيت : 60) |
۽ اوھان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته اوھين مون کان دُعا گھرو ته اوھان جي دُعا قبول ڪريان، بيشڪ جيڪي منھنجي عبادت کان وڏائي ڪندا آھن سي خوار ٿي دوزخ ۾ سگھوئي گھڙندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان جو پروردگار چوي ٿو ته مون کي ئي پڪاريو، مان توهان جي سڏ جو جواب ڏيندس. جيڪي ماڻهو منهنجي ٻانهپ ۽ فرمابرداري ڪرڻ کان تڪبر جي ڪري پري ٿا ڀڄن سي يقيناً جلد ئي خوار خراب ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان جو رب فرمائي ٿو ته توهان مون کا دعا گھرو آئون توهان جون دعائون قبول ڪندس بيشڪ جيڪي ماڻهو منهنجي عبادت کان تڪبر ڪن ٿا (اهي) فوراً خوار ٿي جهنم رسيد ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جو پروردگار ارشاد فرمائي ٿو ته اوهين مون کان دعائون گهرو آءُ اوهان جي (دعا) قبول ڪندس . جي ماڻهو منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي يقينا دوزخ ۾ داخل ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمايو اوهان جي رب مون کان دعا گهرو ته قبول ڪيان اوهان جي (دعا) بيشڪ اهي ٻانها جيڪي وڏائي ڪن ٿا منهنجي عبادت کان جلد داخل ٿيندا جهنم ۾ ذليل ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي ماڻهو !) اوهان جو پاليندڙ فرمائي ٿو ته مون کان دعا گُهرو ته آءُ اوهان جي دُعا قبول ڪريان. بيشڪ جيڪي منهنجي عبادت کان وڏائي ڪن ٿا سي خوار ٿي جهنم ۾ گهڙندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان جي پالڻهار فرمايو ته: ”توهان مون کان دعا گهرو ته آءٌ اوهان جي دعا قبول ڪيان. بيشڪ جيڪي ماڻهو منهنجي عبادت (يعني دعا)کان وڏائي ڪن ٿا سي جلد ذليل بنجي جهنم ۾ داخل ٿيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي پَروَر، پاڻ چيو، ته مون کي سَڏيو مُور، ته ضَرُور تون ضَرُور، ڪريان پُوريون ڪَرم سان. مُون کان مُرادون گھرڻ ۾، جي غافل ڪَن غُور، ته ذِلت ساڻ ضرور، داخِل دوزخ ٿِينِ، سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان جو ڌڻي ٿو چوي ته ”مون کان دعا گهرو، ته آءُ اوهان جي دعا قبول ڪريان“ بيشڪ جيڪي منهنجي بندگيءَ کان آڪڙ ڪندا آهن، سي جلد ئي خوار ٿي جهنم ۾ پوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جو رب ٿو چوي ته مونکي سڏيو، مان توهان جون دعائون اگهائيندس. جيڪي ماڻهو وڏائيءَ ۾ ڀرجي منهنجي عبادت کان منهن موڙين ٿا، اهي ته ضرور ذليل ۽ خوار ٿي جهنم ۾ داخل ٿيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوي ٿو توهان جو رب، سڏيو مون کي، قبول ڪندس دعائون توهان جون، بيشڪ جيڪي ماڻهو تڪبر ۾ منهنجي عبادت کان منهن موڙين ٿا، اهي ضرور داخل ٿيندا دوزخ ۾ ذليل ۽ خوار ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جو پالڻھار فرمائي ٿو ته مون کان دعا گهرو، مان توهان جي دعا قبول ڪندس. بيشڪ جيڪي ماڻهو منھنجي عبادت ڪرڻ کان وڏائي ڪن ٿا سي جلد ئي ذليل ٿي جھنم ۾ داخل ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ لِتَسكُنوا فيهِ وَالنَّهارَ مُبصِرًا إِنَّ اللَّهَ لَذو فَضلٍ عَلَى النّاسِ وَلٰكِنَّ أَكثَرَ النّاسِ لا يَشكُرونَ (آيت : 61) |
الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺو ۽ ڏينھن کي اوھان جي (ھڪ ٻئي کي) ڏسڻ لاءِ (پيدا ڪيو) بيشڪ الله ماڻھن تي فضل (ڪرڻ) وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ رات بنائي انهيءَ لاءِ ته توهان ان ۾ (ننڊ ڪري) آرام حاصل ڪيو ۽ ڏينهن ڏسڻ لاءِ (۽ ڪمن ڪارين ڪرڻ لاءِ) بنايائين. بيشڪ الله تعاليٰ انسانن لاءِ وڏي فضل وارو آهي. پر گهڻا ماڻهو سندس نعمتن جو قدر نٿا ڪن (۽ اهي نعمتون ضايع ڪري پنهنجو نقصان ٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان لاءِ رات کي پيدا فرمايو ان لاءِ ته توهان ان ۾ آرام ڪريو ۽ ڏينهن کي (ذريعه معاش لاءِ) روشن بنايو، بيشڪ الله تعالى انهن ماڻهن تي فضل ڪندڙ آهي، پر گھڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي روشن (بنايائين ته جيئن ڪم ڪار ڪريو) بيشڪ خدا ماڻهن تي وڏو فضل ۽ ڪرم ڪندڙ آهي پر گهڻا ماڻهو سندس شڪر نٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله اهو آهي جنهن ٺاهي اوهان جي لاءِ رات تانته آرام ڪيو ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن بيشڪ الله البته فضل ڪرڻ وارو آهي ماڻهن تي ۽ پر گهڻا ماڻهو نٿا شڪر ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ رات کي بنايو ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن کي اهڙو جوان ۾ ڏسي سگهجي. بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي پر گهڻا ماڻهو شڪر نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اُهو آهي جنهن توهان جي لاءِ رات بنائي ته توهان ان ۾ آرام ڪيو ۽ ڏينهن کي (ڏسڻ لاءِ) روشن بنايائين. بيشڪ الله ماڻهن مٿان احسان ڪرڻ وارو آهي ۽ پر گهڻا ماڻهو شڪر ادا نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جلّ جلالہٗ، آهي سو اِظهار، جنهن جوڙيو آن لئي، رات کي، ته ڪريو مَنجهسِ قرار، ۽ ڏيکارِيندڙ ڏيہ ۾، ڏِينهن ڪيو ڏاتار، آهي آدمِيَن تي، ڪَرم ڪندڙ ڪَلتار، پَر آدمِي اپار، ڀال نه ڳائـِن ڀورڙا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ رات کي پيدا ڪيو ته منجهس آرام وٺو ۽ ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ_ بيشڪ الله ماڻهن تي فضل ڪرڻ وارو آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي جنهن توهان لاءِ رات ٺاهي، تانته توهان منجهس قرار وٺو ۽ ڏينهن کي سوجهري وارو بڻايائين. بيشڪ الله انسانن تي ڏاڍو فضل ڪندڙ آهي، پر گهڻا ماڻهو شڪر نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله اهو ئي آهي جنهن ٺاهي آهي توهان جي لاءِ رات، جيئن سڪون حاصل ڪريو ان ۾ ۽ ڏينهن کي روشن ڪيو آهي، بيشڪ الله وڏو فضل ڪندڙ آهي ماڻهن تي، پر گهڻا ماڻهو (ڪوبه) شڪر ادا نٿا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي آهي جنھن توهان جي لاءِ رات کي آرام حاصل ڪرڻ ۽ ڏينھن کي روشن ڪري رزق حاصل ڪرڻ جو ذريعوٺاهيو آهي. بيشڪ الله تعالى ماڻهن تي وڏو فضل ڪندو آهي پر گهڻا ماڻهو شڪر ئي ادا نٿا ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 62) |
اھو الله اوھان جو پالڻھار ھر شيء کي خلقيندڙ آھي، اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ اوھين ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙو آهي الله، اوهان جو پروردگار جو هر چيز جو خلقندڙ آهي. هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪجي) پوءِ توهان ڪيئن ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهو ئي آهي الله تعالى جيڪو توهان جو رب آهي جيڪو هر شيءِ جو خالق آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، پوءِ توهان (عبادت لاءِ) ڪيڏانهن ڦِرو ٿا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي خدا توهان جو پالڻهار آهي جيڪو هر شيءِ جو خالق آهي. ان کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي پوءِ ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو الله اوهان جو رب آهي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ناهي ڪوبه معبود ان کان سواءِ پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ماڻهو !) اهو الله اوهان جو پاليندڙ سڀ ڪنهن شئي جو پيدا ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آهي پوءِ ڪيئن اُبتا وڃو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو الله توهان جو پاليندڙ آهي جيڪو هر شيءِ جو خلقڻهار آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آهي، پوءِ اوهان ڪاڏي ڀٽڪايا وڃو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله ڌَڻِي اَوهان جو، سڀ جوڙون جوڙڻهار، قائـِم ناهي ڪِٿهِين، ڌاران تِنهن دَرٻار، پوءِ ڪُوڙا! ڪهڙي پار، ڦيريا وَڃو فريب سان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ئي آهي الله، اوهان جو ڌڻي، هر چيز جو خلقيندڙ، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن پيا ڦيرائجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي الله (جنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي) توهان جو رب آهي، هر شيءِ جو خالق جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن ٿا ڀٽڪايا وڃو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله توهان جو رب (جنهن اهو سڀڪجهه ڪيو آهي) اهو خالق آهي هر شيءِ جو، ناهي ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ان کان سواءِ، پوءِ ڪٿان کان توهان برغلايا پيا وڃو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله تعالى ئي توهان سڀني جو پالڻھار آهي، جيڪو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي. ان کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ به توهان ڪاڏي الٽا وڃو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ يُؤفَكُ الَّذينَ كانوا بِـٔايٰتِ اللَّهِ يَجحَدونَ (آيت : 63) |
اھڙي طرح اُھي (سئين واٽ کان) ڀُلائبا آھن جن الله جي آيتن جو انڪار ٿي ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙيءَ طرح اُهي ماڻهو ڀٽڪي گمراهه ٿي وڃن ٿا جيڪي الله تعاليٰ جي آيتن (۽ حڪمن مڃڻ) کان انڪار ڪندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح اُهي ماڻهو ڦِرن ٿا، جيڪي الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو خدا جي آيتن کان انڪار ڪندا هئا سي اهڙي طرح ڀٽڪندا رهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح اونڌا ڪيرايا وڃن ٿا اهي جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙي طرح (سڌي رستي کان) اهي ڦيرايا وڃن ٿا جيڪي الله جي آيتن جو انڪار پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح اهي ماڻهو ڀٽڪايا ويا جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اڳ پڻ هُئا اِيئن ڦيربا، ڏيئـِي ڌَمن مَٿي ڌَم، سَندا قادِر ڪم، جي هُئا مَڃِيندا نه مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙي طرح اهي ئي شخص ڀٽڪندا رهندا آهن جي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ئي ٿا اهي سڀئي ڀٽڪايا وڃن، جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح اهي سڀ برغلايا پئي ويا جيڪي ڪندا هئا الله جي آيتن جو انڪار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا تن کي ڀٽڪايو ويندو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَرضَ قَرارًا وَالسَّماءَ بِناءً وَصَوَّرَكُم فَأَحسَنَ صُوَرَكُم وَرَزَقَكُم مِنَ الطَّيِّبٰتِ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم فَتَبارَكَ اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 64) |
الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ زمين کي آرام جو ھنڌ ۽ آسمان کي ڇت بڻايو ۽ اوھان جي شڪل ٺاھيائين پوءِ اوھان جون شڪليون تمام چڱيون بڻايائين ۽ اوھان کي سٺين سٺين شين مان روزي ڏنائين، اھو الله اوھان جو پالڻھار آھي، پوءِ جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله اهو آهي جنهن زمين کي آرامگاهه بنايو ۽ آسمان کي ڇت جي مثل بنايو، ۽ اوهان کي شڪل ڏني، ۽ اوهان جون شڪليون سهڻيو ڪيائين ۽ اوهان کي چڱين شين جو رزق ڏنائين، اهڙو آهي الله اوهان جو پروردگار، سو ڪهڙو نه برڪت وارو آهي الله جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اُهو آهي جنهن توهان لاءِ زمين کي قرار جي جاءِ بنايو ۽ آسمان کي ڇِت بنايو ۽ توهان جي صورت بنائي پوءِ توهان جي تمام سهڻي صورت بنائي ۽ توهان کي پاڪ شين مان رزق ڏنو. اِهو الله تعالى آهي جيڪو توهان جو رب آهي، پوءِ بابرڪت آهي الله جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا اهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽ اوهان جون شڪليون بنايائين ته شڪليون به تمام چڱيون بنايائين ۽ اوهان کي صاف سٺيون شيءَون کائڻ لاءِ ڏنائين. اهو خدا توهان جو پالڻهار آهي. ۽ خدا نهايت ئي متبرڪ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله اهو جنهن ڪيو اوهان جي لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ۽ صورت ڏنائين اوهان کي پوءِ سهڻو بنايائين اوهان جي صورتن کي ۽ رزق ڏنائين اوهان کي پاڪ شين مان اهو الله اوهان جو رب آهي پوءِ برڪت وارو آهي الله پالڻهار جهانن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اُهو آهي جنهن اوهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت ڪيو ۽اوهان جون شڪليون بنايائين پوءِ اوهان جون شڪليون به تمام چٽيون بنايائين ۽ اوهان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي. پوءِ الله جهانن جون پاليندڙ وڏيءَ برڪت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ئي آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين کي قرار جي جاءِ بنايو ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ توهان جون صورتون بنايائين پوءِ توهان جون صورتون زور سهڻيون بنايائين ۽ توهان کي پاڪيزه شين مان روزي ڏنائين. اُهو ئي الله توهان جو پروردگار آهي، پوءِ الله وڏي برڪت وارو آهي جيڪو سڀ جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جَلَّ جَلالہٗ، آهي سو اِظهار، اَنهنجي ڀَلي لئي ڀُؤنءَ کي، ڪيائـِين جاءِ قَرار، پڻ ڇِت ڪيائين اُڀ کي، ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ سوچي اَنهنجون صُورتون، جوڙيون جوڙڻهار، سُونهن اوهان جي صُورتِين ڏِني پوءِ ڏاتار، ۽ رازِق روزگار، ڏِنان مال حَلال مان، اُهوئـِي اَللهَ، آگو آھِ اَوهان جو، واڌُو ٿِيو وَھ وَاھ، پالڻهار، پِر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان کي ڇت بنايو ۽ اوهان جون شڪليون تمام چڱيون بنايائين، اوهان کي سٺين شين مان رزق ڏنائين- اهو ئي آهي الله، اوهان جو ڌڻي، پوءِ نهايت سڳورو آهي الله، جهانن جو ڌڻي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي ته آهي، جنهن توهان لاءِ زمين کي رهڻ جي جاءِ بڻايو ۽ مٿان آسمان جو ڇـَـٽُ بڻايائين. جنهن توهانجيون شڪليون بڻايون ۽ ڪهڙيون نه سهڻيون شڪليون بڻايائين. جنهن توهان کي پاڪ شين وارو رزق ڏنو. اهوئي الله (جنهن جا اهي ڪم آهن) توهان جو رب آهي. بيحد برڪتن وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي ته آهي جنهن بڻايو توهان جي لاءِ زمين کي آرام جي جاءِ ۽ آسمان جو گنبذ بڻايو ۽ توهان کي صورت ڏني جيڪا ڏاڍي حسين صورت آهي توهان جي ۽ رزق ڏنو توهان کي منجهان پاڪ شين جي، اهو ئي توهان جو الله توهان جو رب آهي، بيشمار برڪتن وارو الله رب آهي پوري ڪائنات جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جنھن زمين کي توهان جي لاءِ رهڻ جي قابل بڻايو، آسمان کي ڇت بنايو، توهان جون شڪليون ٺاهيون، جيڪي تمام خوبصورت آهن ۽ توهان کي پاڪيزهه شين مان رزق ڏنو. اهوئي الله تعالى آهي جيڪو توهان جو پالڻھار آهي، وڏي برڪت وارو آهي، الله تعالى، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الحَىُّ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَادعوهُ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 65) |
اُھو (سدائين) جيئرو آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري اُن لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري کيس سڏيو، سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جڳائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جو سچ پچ زنده آهي (۽ هر وقت ۽ هميشه زنده آهي) ان کان سواءِ ڪوبه عبادت (۽ فرمانبرداري جي) لائق ڪونهي، پوءِ توهان فقط کيس پڪاريو ۽ اخلاص ۽ فرمابرداريءَ سان پڪاريو (۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو) سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو جهانن جو پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو زندهه آهي، ناهي ڪو معبود مگر اُهو، پوءِ توهان خلوص سان ان کي پڪاريو ان جي عبادت ڪريو، سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي (سدائين) زندھ آهي ۽ ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ ساراھ الله لاءِ ئي آهي جو جهانن جو پالڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي زندھه آهي ناهي ڪو معبود ان کان سواءِ پوءِ ان جي عبادت ڪيو سچو ڪندڙ ان جي لاءِ دين کي سڀ ساراھ الله جهانن جي رب لاءِ ثابت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهوئي جيئرو آهي ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي. پوءِ ان کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏيو. سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو هميشه زنده آهي ان کان سواءِ ڪو معبود نه آهي، پوءِ توهان ان جي عبادت ڪيو پنهنجي دين کي خالص ان لاءِ بنائيندي. سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پروردگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو سَدائين جيئرو، ڌڻِي نه اِنهيان ڌار، پوءِ سَڏيوسِ، شيوا اُن جِي ڪندڙ نِج نِبار، ساراھ رَبَّ، ستار، جو پالڻهار، پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو هميشه جيئرو آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ان ڪر ي عبادت فقط انهي لاءِ ئي سمجهي کيس پڪاريو، هر ڪا واکاڻ جهانن جي ڌڻيءَ الله کي ئي جڳائي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ساريءَ ڪائنات جو رب. اهوئي (سدائين) جيئرو آهي، ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، سو توهان به کيس ئي سڏيو. پنهنجي دين کي خالص انهيءَ جو ئي ڪري. سموري ساراهه الله جهانن جي پالڻهار لاءِ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي جيئرو آهي ناهي ڪوبه الله ان کان سواءِ، پوءِ انهيءَ کي ئي توهان سڏيو خالص ٿي پنهنجي دين جي لاءِ، سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي سڀني عالمن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو زندهه آهي ان کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي. توهان دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان کي ئي سڏيو. (بيشڪ) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنّى نُهيتُ أَن أَعبُدَ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ لَمّا جاءَنِىَ البَيِّنٰتُ مِن رَبّى وَأُمِرتُ أَن أُسلِمَ لِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 66) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي (اوھين) سڏيندا آھيو تن جي پوڄڻ کان جڏھن منھنجي پالڻھار وٽان مون وٽ (صاف) نشانيون آيون (تڏھن اُنھيءَ وقت) بيشڪ آءٌ جھليو ويو آھيان ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آھي ته جھانن جي پالڻھار جو فرمانبردار ھجان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون) چئو ته، مون کي منع ڪئي ويئي آهي، انهيءَ کان ته مان انهن جي ٻانهپ ڪيان جن کي توهان خدا جي بجاءِ پڪاريندا آهيو. جڏهن ته مون ڏي منهنجي پروردگار وٽان روشن نشانيون ۽ دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان جهانن جي پروردگار جي پوري پوري فرمانبرداري ڪيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو مون کي الله تعالى کانسواءِ بتن جي عبادت کان منع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مون وٽ منهنجي رب جي طرفان واضح دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي امر ڪيو ويو آهي ته آئون فقط رب العالمين جي عبادت ڪريان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جڏهن مون وٽ منهنجي پروردگار جي بارگاھ مان ظاهر معجزا آيا ته مون کي هن ڳالھ جي منع ڪئي ويئي آهي ته خدا کي ڇڏي جن کي اوهين پوڄيو ٿا آءُ انهن جي پوڄا ڪريان پڻ مون کي ته اهو حڪم ملي چڪو آهي ته آءُ سڀني جهانن جي پالڻهار جو فرمانبردار ٿيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته بيشڪ مان روڪيو ويو آهيان هن کان ته عبادت ڪيان انهن جي جن جي اوهان عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ جڏهن موٽ وٽ روشن دليل آيا منهنجي رب وٽان ۽ امر ڪيو ويو آهيان مان ته ڪنڌ جهڪايان مان جهانن جي ربَّ جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) کين چؤ ته الله کان سواءِ جن کي سڏيو ٿا تن جي پوڄڻ کان (ان وقت) مون کي روڪيو ويو آهي جنهن وقت منهنجي پاليندڙ جي طرفان مون وٽ ظاهر نشانيون آيون. ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته جهانن جي پاليندڙ جو فرمانبردار ٿيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ مون کي روڪيو ويو آهي جو آءٌ انهن جي پوڄا ڪيان جن بتن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪيو ٿا، جڏهن ته مون وٽ منهنجي پالڻهار وٽان چِٽيون نشانيون آيون آهن ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀ جهانن جي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مون کي منع هن ڪنان، ته ڏِيان تَن کي ڏان، جَن کي سوڙِهئ ۾ سَڏيو، سوا ربَّ، سُبحان، جڏهن آيمِ آيتون پَڌريون سَندمِ ربَّ، کان رحمان، ۽ مُون کي، مِليو ڌُر ڪنان، فقط هِي فرمان، جو صاحب سڀ جھان، رَهان سلامِي تِنهن سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته بيشڪ جڏهن منهنجي ڌڻيءَ وٽان مون وٽ نشانيون آيون، تڏهن مون کي انهن جي بندگيءَ کان بلڪل روڪيو ويو آهي جن کي اوهين الله کان سواءِ سڏيو ٿا- ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ جهانن جي ڌڻيءَ جو تابعدار ٿيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته مونکي ته انهن جي عبادت کان منع ڪئي وئي آهي، جن کي توهان الله جي بدران سڏيندا رهو ٿا (مان ائين ڪيئن ٿو ڪري سگهان) جڏهن جو مون وٽ منهنجي رب وٽان ثبوت اچي چڪا آهن. مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته مان جهانن جي پالڻهار جو فرمانبردار ٿيان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! چؤ انهن ماڻهن کي ته روڪيو ويو آهي مون کي انهن هستين جي عبادت کان جن کي سڏيو ٿا توهان الله کي ڇڏي، آئون اهو ڪم ڪيئن ڪندس مون وٽ چٽيون نشانيون آهن پنهنجي رب وٽان، ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آئون جهڪايان سر پنهنجي رب العالمين جي اڳيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته (بھرحال) مون کي ان ڳالهه کان روڪيو ويو آهي ته مان انهن جي عبادت ڪريان جن جي الله تعالى کي ڇڏي توهان عبادت ڪريو ٿا. حالانڪه مون وٽ پنھنجي پالڻھار جي طرف کان واضح ۽ چِٽا دليل اچي چڪا آهن ۽ مون کي اهو حڪم ڪيو ويو آهي ته مان پنھنجي پالڻھار جو فرمانبردار ٿي رهان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ مِن عَلَقَةٍ ثُمَّ يُخرِجُكُم طِفلًا ثُمَّ لِتَبلُغوا أَشُدَّكُم ثُمَّ لِتَكونوا شُيوخًا وَمِنكُم مَن يُتَوَفّىٰ مِن قَبلُ وَلِتَبلُغوا أَجَلًا مُسَمًّى وَلَعَلَّكُم تَعقِلونَ (آيت : 67) |
(الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري اوھان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو وري (ڇڏي ٿو) ته (اوھين) پنھنجي پوريءَ سگھ کي پُھچو وري (ڇڏي ٿو) ته ٻُڍڙا ٿيو، ۽ اوھان مان ڪنھن کي (اِن کان) اڳ ماربو آھي ۽ (ڇڏي ٿو) ته مُقرّر مدت کي پھچو ۽ مانَ اوھين سمجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ۽ پوءِ گوشت جي ٽڪري مان ٺاهيو، پوءِ اوهان کي ٻار بنائي ٻاهر ٿو آڻي (۽ زنده ٿو رکي) انهيءَ لاءِ ته توهان جوان ٿيو ۽ پوءِ پوڙها ٿي وڃو. ۽ توهان مقرر مدي کي پهچو ٿا (پوءِ وفات ڪيو ٿا) اهو سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته توهان عقل پرائيو (۽ تجربي سان حقيقتن کي سمجهي سگهو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، ان کان پوءِ قطري مان ان کان پوءِ خون جي دِڳ مان ان کان پوءِ ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) پيدا ڪيو، ان کان پوءِ توهان پنهنجي جواني کي پهتا، ان کان پوءِ توهان پير سني کي پهتا، ۽ ڪي توهان مان پَهرِين کڻايا وڃن ٿا ۽ اهو ان لاءِ آهي ته توهان مقرر ميعاد کي پهچو ۽ من توهان عقلمند ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جنهن اوهان کي (پهريان) مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو هن لاءِ ته (وڌو) وري (جيئرو رکي ٿو) هن لاءِ ته اوهين پنهنجي جواني کي رسو (۽ جيئرو ٿو رکي) هن لاءِ ته اوهين پريا ٻڏا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو (هن کان) اڳ ۾ ئي مري وڃي ٿو ۽ (اوهان کي ان وقت تائين جيئرو رکي ٿو) ته اوهين (موت جي) مقرر وقت تائين پهچو ۽ من (سندس قدرت کي) سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪيو اوهان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان ان کان پوءِ رت جي دڳ مان ان کان پوءِ ڪڍي ٿو اوهان کي ٻار ڪري ان کان پوءِ تانته پهچو پنهنجي جوانيءَ کي تنهن کان پوءِ تانته ٿيو اوهان پوڙها ۽ اوهان مان ڪو وفات ڪرايو وڃي ٿو اڳ ۾ تانته پهچو مدي مقرر ڪيل کي ۽ مانَ اوهان سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان وري نطفي مان وري رت جي دڳ مان پيدا ڪيو وري اوهان کي ٻار ڪري (ماءُ جي پيٽ مان) ٻاهر ڪڍي ٿو وري (جيئرو رکي ٿو) ته اوهين پنهنجيءَ طاقت کي پهچو وري (جيئرو رکي ٿو) ته ٻڍا ٿيو. ۽ اوهان مان ڪو ان کان اڳ مري ٿو ۽ (اوهان کي هن لاءِ جيئرو رکي ٿو) ته مقرر مدت کي پهچو ۽ مَنَ اوهين عقل کان ڪم وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان بنايو وري پاڻيءَ جي بوند منجهان وري رت جي دِڳَ منجهان (بنايو) پوءِ توهان کي ٻار جي صورت ۾ (ماءُ جي پيٽ مان ) ٻاهر ڪڍي ٿو پوءِ (اوهان جي پرورش جو بندوبست ڪري ٿو) هن لاءِ ته اوهان پنهنجي جواني کي پهچو پوءِ (اوهان کي زنده رکي ٿو) هن لاءِ ته اوهان پير مرد ٿيو ۽ اوهان مان ڪي ان (پِيريءَ) کان اڳ وفات ڪري وڃن ٿا ۽ (اهو اوهان کي ڇڏي ڏئي ٿو) هن لاءِ جو مقرر وقت تائين پهچو ۽ هن لاءِ توهان عقل کان ڪم وٺو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو سو اَوهان کي، خاڪ مان، جوڙيو جنهن جبار، پوءِ پاڻِي، پوءِ پِن مان، جوڙيائـِين جِنسار، پوءِ نِپٽ اوهان کي، نَنڍڙو، ٻاهر ڪيائـِين ٻار، پوءِ پَهچو پَنهنجي زور کي، بالِغ برقرار، وَرِي پوڙها، پِيرسن ٿيو، تنهان پوءِ تڪرار، ۽ ڪي اوهان مان اڳ ڪري، پُورا پالڻهار، ۽ تان پَهچو پويِين پَهر کي، ٻَڌل ڏِينهن ٻِيهار، ۽ اِهو سَڀ اِن هار، ته پُرجِھي مانَ پَروڙِيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي، جنهن اوهان کي اول مٽيءَ مان خلقيو، پوءِ ڦڙي مان، وري رت جي دڳ مان، وري اوهان کي ٻار ڪري ڪڍي ٿو، ته وري اوهين پنهنجي پوريءَ طاقت کي پهچو، ۽ ته وري اوهين ٻڍا ٿيو_ اوهان مان ڪنهن کي انهي کان اڳ ماربو آهي ۽ ڪنهن کي ڇڏبو آهي، ته مقرر وقت کي پهچي ۽ ته مَنَ اوهين سمجهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ئي توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو. پوءِ ٽيپي (نطفي) مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ توهان کي ٻار جي شڪل ۾ ٻاهر ڪڍي ٿو، پوءِ توهان کي واڌ ٿو ڏئي، ته جيئن توهان پنهنجيءَ ڀرپور طاقت کي پهچو، پوءِ اڃان به ٿو واڌ ڪرائي ته جيئن ڪراڙا ٿي وڃو ۽ توهان مان ڪو وري اڳيئي ٿو واپس گهرايو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ان لاءِ ٿو ڪيو وڃي ته جيئن توهان وڃي مقرر ڪيل ماڳ کي پهچو ۽ مــَـنَ توهان عقل کان ڪم وٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ته آهي (الله) جنهن پيدا ڪيو توهان کي مٽيءَ مان، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ رت جي دڳ مان، پوءِ ٻاهر آڻيندو آهي توهان کي ٻار بڻائي، پوءِ وڌائيندو آهي توهان کي ته پوري سگهه کي پهچو، پوءِ اڃا به وڌائيندو آهي ته پوڙها ٿيو، جڏهن ته توهان مان ڪو واپس گهرايو ويندو آهي اڳ ۾، اهو سڀ ان ڪري ڪيو ويندو آهي ته توهان منهنجي مقرر وقت کي پهچو ۽ توهان حقيقت کي پروڙي وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جنھن توهان کي مٽيءَ مان ٺاهي نطفي جي شڪل ۾ آندو وري ان (نطفي) کي رت جو دِڳ ٺاهيو پوءِ توهان کي ٻار جي شڪل ۾ ٻاهر آڻي ٿو ته جيئن توهان پنھنجي جواني کي پھچو. پوءِ توهان کي پوڙهو ڪري ڇڏي ٿو ۽ وري ڪن کي ته پوڙهي ٿيڻ کان اڳ ئي (ڪنهن به وقت) موت ڏئي ٿو ۽ ڪن کي مقرر ڪيل وقت تائين پهچائي ٿو ته جيئن توهان عقل کان ڪم وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى يُحيۦ وَيُميتُ فَإِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 68) |
(الله) اُھو آھي جيڪو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، پوءِ جڏھن ڪنھن ڪم جو حُڪم ڪندو آھي تڏھن اُن کي رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جو زنده ڪري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ جڏهن هو ان کي رڳو چوي ٿو ته هيئن ٿيءُ ته ائين ٿي پوي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جيڪو جياري ۽ ماري ٿو، پوءِ جنهن وقت ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ٿو پوءِ ان کي فرمائي ٿو ته ٿيءُ ته پوءِ اهو فوراً ٿي پوي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو (خدا) آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جيڪو جيئرو ڪري ٿو ۽ ماري ٿو پوءِ جڏهن حڪم ڪندو آهي ڪنهن امر جو پوءِ رڳو فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ، پوءِ ٿي پوي ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ٿو ته رڳو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ! ته اهو ٿي پوي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو. پوءِ جڏهن اُهو ڪنهن ڪم جو فيصلو ڪري ٿو ته صرف ان کي فرمائي ٿو ته ”ٿيءُ پؤُ “ پوءِ اهو ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماري، جِياري سو ڌڻي، جڏهن ڪرڻ گُھري ڪو ڪم، ته پوءِ هِڪدم ڏِئيسِ حُڪم “ٿِي” ته پوءِ ٿِي پَوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آهي جو جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو_ پوءِ جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪندو آهي، ته رڳو چوندو آهي ته ”ٿيءُ“ ته اهو ٿي پوندو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي (الله) آهي، جيڪو حياتي ڏئي ٿو ۽ اهو ئي موت ڏئي ٿو. هو جنهن به ڳالهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ته رڳو حڪم ٿو ڏئي ته "ٿي پؤ" ۽ اها ٿي پوي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي (الله) زندگي ڏيڻ ۽ موت ڏيڻ وارو، پوءِ جنهن ڳالهه جو به فيصلو ڪندو آهي ته بس بيشڪ هڪ حڪم ڏيندو آهي ”ٿي پؤ“ ته اها ٿي پوندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) ئي آهي جيڪو زندگي ۽ موت ڏئي ٿو پوءِ جڏهن هو ڪنھن ڪم جو فيصلو ڪندو آهي ته چوندو آهي ته ”ٿيءُ“ ته اُهو ”ٿي پوندو“ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُجٰدِلونَ فى ءايٰتِ اللَّهِ أَنّىٰ يُصرَفونَ (آيت : 69) |
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا جيڪي الله جي آيتن بابت جھڳڙو ڪندا آھن؟ (اُھي) ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو آهي ڇا جيڪي الله تعاليٰ جي نشانين ۽ حڪمن بابت جهڳڙا ٿا ڪن (۽ مڃڻ کان انڪار ٿا ڪن) (ڏسو ته سهي ته) هو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦري هليا ٿا وڃن (۽ حق ۽ حقيقت کي ڏسن ئي نٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي الله تعالى جي آيتن ۾ جھڳڙو ڪن ٿا، (اُهي) ڪيڏانهن ڦيرايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حالت) تي غور نه ڪيو آهي! جي خدا جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا اهي ڪيڏانهن ڀٽڪندا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جيڪي جهيڙو ڪن ٿا الله جي آيتن سان ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، ڪٿان ڦيريا وڃن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي الله جي آيتن ۾ جهڳڙو ڪن ٿا. اُهي ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ نه ڏٺئي؟ تَن جا پار، ته آيتن ۾ اَلله جي، جي تَڙيل ڪَن تڪرار، سي ڪيڏانهن وڃن واريا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا تو انهن ڏانهن نه ڏٺو آهي، جيڪي الله جي آيتن بابت جهڳڙو ڪندا آهن؟ اهي ڪاڏي ٿا ڦيرائجن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا نه ڏٺو اٿئي انهن ماڻهن کي، جيڪي الله جي آيتن بابت جهڳڙا ٿا ڪن. ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ڏٺو انهن ماڻهن کي جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي آيتن بابت، اهي ڪيڏانهن ته ڦيرايا ٿا وڃن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي الله تعالى جي آيتن جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا؟ هي ماڻهو ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ كَذَّبوا بِالكِتٰبِ وَبِما أَرسَلنا بِهِ رُسُلَنا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 70) |
جن ڪتاب کي ڪُوڙ ڄاتو ۽ جنھن (شي) سان پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون تنھن کي (به) سگھوئي ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يعني اُهي ماڻهو جي هن ڪتاب (قرآن مجيد) کي ۽ انهن وحين کي جن سان اسان (اڳوڻن) پيغمبرن کي موڪليو، نٿا مڃين، سو جلد ئي هنن کي معلوم ٿيندو ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي قرآن ڪريم جي تڪذيب ڪن ٿا ۽ اهي (توحيد ۽ رسالت) کي نٿا مڃن جنهن سان اسان پنهنجا پيغمبر موڪليا، پوءِ اهي جلد معلوم ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن (هن) ڪتاب کي ۽ انهن ڳالهين کي جيڪي اسان پيغمبرن کي ڏيئي موڪليو هو، ڪوڙو ڪيو ته جلد ئي (تنهن جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ڪوڙو چيو ڪتاب کي ۽ ان کي جو موڪليو اسان ان سان پنهنجن رسولن کي پوءِ سگهو ئي ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي اُهي آهن) جيڪي (هن) ڪتاب کي ۽ جنهن شئي سان اسان پنهنجن رسولن کي موڪليو تنهن کي ڪوڙو ڪن ٿا، پوءِ (پنهنجي حال جي حقيقت کي ان وقت) ڄاڻيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن ڪتاب کي ڪوڙو چيو ۽ ان (احڪامن) کي جن سان اسان پنهنجي رسولن کي موڪليو هيو .. پوءِ سگهو ئي (پنهنجو انجام) ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙو جَن ڪِتاب چيو، پڻ سي حُڪم حُضور، پنهنجي پيغمبرن تي، موڪلياسون مُور، پوءِ سمجِھي وِيندا سِگهڙي، پوندِيَن سَڀ پَرُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي شخص، جن ڪتابن کي ڪوڙ سمجهيو ۽ ان کي به، جنهن سان اسان رسولن کي موڪليو، پوءِ جلد ئي خبر پوندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو جيڪي هن ڪتاب (قرآن) کي ۽ انهن سڀني ڪتابن کي به جيڪي اسان رسولن سان گڏ موڪليا هئا ڪوڙو ٿا سڏين، تن کي سگهوئي خبر پئجي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو ڪوڙو چون ٿا هن ڪتاب کي ۽ جيڪي موڪليا هئا اسان (ڪتاب) گڏي پنهنجي رسولن سان، پوءِ جلد انهن کي معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو هن ڪتاب ۽ انهن شين کي جيڪي اسان پنھنجي رسول سڳورن جي ذريعي موڪليون آهن، سڀني کي ڪوڙو ڪن ٿا، کين جلد ئي حقيقت جي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذِ الأَغلٰلُ فى أَعنٰقِهِم وَالسَّلٰسِلُ يُسحَبونَ (آيت : 71) |
جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ان جو نتيجو ڇا ٿو نڪري انهيءَ وقت معلوم ٿيندن) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ پئجي ويندا ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا (۽ اهڙيءَ حالت ۾ هنن کي) گهلي وڌو ويندو،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏھن سندن ڳِچين ۾ ڳَٽ ۽ زنجير (ھوندا)، اُھي گِھلبا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن (ڳرا ڳرا) زنجير سندن ڳجين ۾ هوندا. (۽ پهرين) گهليا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ هوندا ۽ زنجير گهليا ويندا (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ هوندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ ۽ زنجير هوندا اُهي گهِليا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن هُوندِن ڳَٽ ڳِچيَن ۾، ۽ پڻ زَنجِير ضَرور، جَن سان گِھربا کرم ڏَي، مُنهَنْ ڀَر مَجبُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ ۽ زنجيرون هونديون، هو گهلبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن سندن ڳچين ۾ ڳٽ هوندا ۽ زنجير پڻ پيل هوندن، جن وسيلي پيا گــِـهلبا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ڳٽ هوندا سندن ڳچين ۾، ۽ زنجيرون جن سان (کين) گهلي آندو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن جي ڳچين ۾ ٽوڙها پيل هوندا ۽ کين زنجيرن ۾جڪڙي گھليو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فِى الحَميمِ ثُمَّ فِى النّارِ يُسجَرونَ (آيت : 72) |
ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ٽهڪندڙ ڪني پاڻيءَ ۾ ۽ پوءِ کين باهه ۾ ساڙيو ويندو (پر مرندا ڪونه).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾، وري باھ ۾ ٽچڪايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ٽهڪندڙ پاڻي ۾ ۽ پوءِ دوزخ جي باھ ۾ اڇلايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڳٽ انهن جي ڳچين ۾ هوندا ۽ زنجير گهليا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زنجير به گرم پاڻيءَ ۾ گهليا ويندا، وري باهه ۾ وڌا ويندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ پوءِ باهه ۾ ساڙيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي وَرِي وَهلور، ٽانڊي مَنجھ ٽهڪائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٽهڪندڙ پاڻيءَ ڏي،وري باهه ۾ ٽهڪائبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٽهڪندڙ پاڻيءَ ڏانهن ۽ پوءِ دوزخ جي باهه ۾ اڇلايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٽهڪندڙ پاڻي ۾، پوءِ دوزخ جي باهه ۾ اڇلائي ٻاريا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ هو) ٽچڪيل پاڻي ڏانھن (ايندا) ۽ کين باهه ۾ اڇلايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ قيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تُشرِكونَ (آيت : 73) |
وري کين چئبو ته جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھيؤ سي ڪِٿي آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن جن کي توهان خدا سان شريڪ ڪندا هئو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) وري کين چئبو تہ جيڪي اوھين شريڪ ٺھرائيندا ھئو، سي ڪٿي آھن؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن کان پڇيو ويندو ڪٿي آهن اهي جن کي اوهين (سندس) شريڪ ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ ان کان پوءِ باھ ۾ ٽچڪايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري کين چيو ويندو ته الله کانسواءِ جن (شين) کي شريڪ ٺهرائيندا هئا، سي ڪٿي آهن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ کين چيو ويندو: ”ڪٿي آهن اُهي (بت) جن کي توهان شريڪ ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئبنِ وَرِي تنهن وار، واهِر، وَسِيلا سي ڪٿي؟ ڌَڻِئَ ڌاران جَن کي، ڀانيان ڀائيوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري کين چئبو ته ٻين جن کي اوهين ان جا ڀائيوار بنائيندا هئا سي ڪٿي آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ کانئن پڇيو ويندو ته "هاڻي ڪٿي اٿوَ جن کي شريڪ ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ پڇيو ويندو انهن کان، ڪٿي آهن اهي ٻيا جن کي توهان شريڪ ڪندا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن اُهي جن کي توهان شريڪ ڪندا هئا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن دونِ اللَّهِ قالوا ضَلّوا عَنّا بَل لَم نَكُن نَدعوا مِن قَبلُ شَيـًٔا كَذٰلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا ته اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا بلڪ ڪنھن شي کي اڳي نه پوڄيندا ھواسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يعني الله کي ڇڏي (ديوتائن کي مڃيندا هئو) هو جواب ۾ چوندا ته، هو اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا آهن. بلڪ (هاڻي اسان سمجهون ٿا ته) جن کي اسان پڪاريندا هئا سين سي ڪجهه به نه هئا. (وحي) نه مڃيندڙن کي اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله ڌاران (ٻيا) (اُھي) چوندا تہ اسان (جي نظر) کان گُم ٿي ويا، بلڪ اسين تہ ڪنھن شئي کي بہ اڳي نہ پوڄيندا ھئاسون، اھڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گُمراھ ڪندو آھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا کان سواءِ اهي چوندا هاڻي ته اهي اسان کي ڇڏي ويا پر (سچ ته) اسين شروع کان ئي (خدا کان سواءِ) ڪنهن شيءِ کي ڪئين پوڄيندا هئاسين. اهڙيءَ طرح خدا ڪافرن جا حوصلا خطا ڪندو (جو ڪجھ سمجھ ۾ نه ايندن).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله کان سواءِ چوندا ته گم ٿي ويا اسان کان بلڪه نٿي پوڄيو اسان اڳي ڪنهن شيءِ کي اهڙي طرح گمراھ ڪندو آهي الله ڪافرن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو چوندا ته اُهي اسان کان گم ٿي ويا آهن پر اسين هن کان اڳ ڪنهن شيءِ کي به نه سڏيندا هئاسون. اهڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گمراهه ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله کان سواءِ. چوندا: ”اُهي اسان کان گم ٿي ويا آهن بلڪه اسان ته پهريان به ڪنهن شيءِ جي پوڄا نه ڪندا هئاسين“. اهڙي طرح الله ڪافرن کي گمراهه (ثابت) ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وو وو! وِيا اَسان کان، ٻوليائون ٻِيهار، بَلڪ اَسان اڳ نه ڪئـِي، ڪنهن کي پَٽيِين پُڪار، ته اِن پَر پالڻهار، ٿو مَت مُنجھائي مُنڪرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کان سواءِ، چوندا ”هو اسان کان وڃائجي ويا، بلڪ اسين ته هن کان اڳ ڪنهن کي به نه پڪاريندا هئاسون! ”ائين الله ڪافرن کي گمراهه ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کي ڇڏي" هو جواب ڏيندا: "اهي ته اسان کان ويا گم ٿي! نه نه، اسان ته اڳي ڪنهن شيءِ کي به نه سڏيندا هئاسون". اهڙيءَ طرح الله ڪافرن کي گمراه ڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇڏي الله کي؟ اهي جواب ڏيندا، گم ٿي ويا اهي اسان کان، پر اسان نه پڪاريندا هئاسين ان کان اڳ ۾ ڪنهن به شيءِ کي، اهڙيءَ طرح گمراهه ٿيڻ ثابت ڪندو الله ڪافرن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کان سواءِ (جن جي توهان پوڄا ڪندا هئا؟)هُو (مشرڪ) چوندا ته اُهي اسان جي نظرن کان گُم ٿي ويا آهن. اسان ته هن کان اڳ ڪنھن کي به نه سڏيندا هئاسون. الله تعالى اهڙيءَ طرح ڪافرن جي گمراهي کي ثابت ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكُم بِما كُنتُم تَفرَحونَ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَبِما كُنتُم تَمرَحونَ (آيت : 75) |
اِھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھين زمين ۾ ناحق خوشيءَ (سبب آڪڙ) ڪندا ھئو ۽ ھن سببان (به) جو اوھين لاڏ ڪندا ھئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جو سبب هي آهي جو توهان زمين ۾ ناحق تي خوش ٿيندا هئا ۽ ان سببان جو توهان آڪڙ ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هيءَ سزا هن ڪري آهي جو اوهين دنيا ۾ ناحق (ڳالھ تي) خوش ٿيندا هئا ۽ ان جي سزا آهي جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان سببان جو خوشيون ڪندا هيئو زمين تي ناحق ۽ ان سببان جو ناز ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ کين چيو ويندو ته) اها (سزا) هن ڪري آهي جو اوهين زمين ۾ ناحق خوش ٿيندا هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (کين چيو ويندو) ”اها (سزا) ان جو بدلو آهي جو توهان زمين ۾ ناحق تي مگن هئا ۽ ان جو بدلو آهي جو توهان آڪڙ ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن تان ته مَنجھ زمين، ذرو ظاهِر حق ري، ڪندا کِلون کيل هُئا، پڻ ڪُڏندا مٿي ڪِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها سزا انهي ڪري آهي، جو اوهين زمين ۾ ناحق آڪڙبا هئا ۽ انهي ڪري جو اوهين ناز ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيو ويندن ته "اها توهان جي پڇاڙي ان ڪري ٿي آهي، جو توهان زمين ۾ حق تي نه هوندي به خوش ٿيندا هئا ۽ هن ڪري جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي چيو ويندو، اها توهان جي پڄاڻي ان ڪري ٿي آهي جو زمين ۾ حق بنا مست هئا ۽ ان تي توهان ڦونڊجي ويندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي سڀ ان ڪري ٿيو جو توهان زمين ۾ غلط ڳالهين تي خوش ٿيندا هئا ۽ تڪبر به ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 76) |
(ھاڻي) دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ (آھيو)، پوءِ (ڏسو ته دوزخ) ھٺيلن جي جاءِ بڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته) هي (عذاب) هن ڪري مليو اٿو جو توهان زمين تي حق کي ڇڏي (ناحق تي) خوشيون ڪندا هئو ۽ پڻ هن ڪري جو توهان آڪڙ ۽ هٺ وڏائي ڪندا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو هميشه انهيءَ ۾ رهندا، پوءِ ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي تڪبر ڪندڙن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاڻي دوزخ جي دروازن ۾ داخل ٿيو (۽) هميشه پيا ان ۾ رهو. مطلب ته وڏائي ڪرڻ وارن جي (ڪهڙي نه) بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيو دروازن جهنم جي مان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ بڇڙي آهي جاءِ هٺيلن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن ڪري جو اوهين آڪڙ ڪندا هئا. (هاڻي) جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو ان ۾ پيا رهو. پوءِ اها هٺيلن جي رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هاڻي) جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو توهان ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهيو. پوءِ وڏائي ڪرڻ وارن جي جاءِ ڪهڙي نه بڇڙي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دوزخ جي دَرن مان، گِھڙو گِھڙو غمگِين، سدا ساڪِن اُن ۾، هِيڻو حال حزِين، پوءِ بُڇڙو بِالْيَقِين، مَغرُورن لئي ماڳ سو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي دوزخ جي دروازن ۾ گهڙو، انهن ۾ اوهين هميشه هوندا_ پوءِ آڪڙيلن جو ٺڪاڻو بڇڙو آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي داخل ٿي وڃو جهنم جي دروازن ۾، اتي ئي سدائين رهڻو اٿوَ، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي تڪبر ڪندڙن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي داخل ٿي وڃو دروازن دوزخ جي مان، اتي ئي هميشه رهڻو آهي توهان کي، ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي هٺيلن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) جھنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو. جنهن ۾ توهان هميشه لاءِ رهندا. وڏائي خورن لاءِ ڪيڏي نه بُري جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاصبِر إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَإِمّا نُرِيَنَّكَ بَعضَ الَّذى نَعِدُهُم أَو نَتَوَفَّيَنَّكَ فَإِلَينا يُرجَعونَ (آيت : 77) |
پوءِ (اي پيغمبر تون) صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي، تنھنڪري جيڪڏھن کين جيڪو انجام ڏيون ٿا تنھن مان ڪجھ توکي (دُنيا ۾) ڏيکاريون يا (عذاب جي ظاھر ٿيڻ کان اڳ) توکي ماريون ته (نيٺ) اسان ڏانھن موٽائبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) تون (مشڪلاتون ۽ مخالفتون) صبر سان سهه، ۽ (رسالت جي ڪم تي) ثابت قدم رهه. يقين رک ته الله جو واعدو سچو آهي (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ ڪافر مغلوب ٿيندا) سو جيڪو واعدو اسان هنن (ڪافرن) کي ڏنو آهي، ان مان ڪجهه اسان توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾ ئي) ڏيکاريون (۽ کين تباهه ڪيون) يا (ان کان اڳي ئي) اسان توکي پاڻ ڏي آڻائي وٺون، هر حال ۾ هو (آخر) اسان ڏي ئي موٽايا ويندا (۽ ضرور تباهه ڪيا ويندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اي رسولِ عربي توهان صبر ڪريو بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي، پوءِ يا ته اسين توهان کي اهو ڪجھه ڏيکاريون جنهن جو اسان توهان سان وعدو ڪيو يا توهان کي (ان کان اڳ ۾) وصال ڪرايون پوءِ (اُهي) اسان ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون صبر ڪر! خدا جو وعدو پڪ سچو آهي. ته جنهن (عذاب) جي اسين کين ڌمڪي ڏيون ٿا جيڪڏهن اسين تو کي تنهن مان ڪجھ ڏيکاريون يا تو کي ئي (ان کان اڳ دنيا مان) کڻي وٺون ته (نيٺ به ته) کين اسان ڏي موٽي اچڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبر ڪر بلاشڪ الله جو وعدو حق آهي پوءِ جيڪڏهن ڏيکاريون توکي ڪجھ ان مان جيڪو وعدو ڏيون ٿا انهن کي يا رحلت ڪرايون اسين توکي پوءِ اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي رسولﷺ!) تون صبر ڪر! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي. پوءِ جو وعدو انهن سان ڪريون ٿا تنهن مان جيڪڏهن توکي ڪجهه ڏيکاريون يا (ان ڏسڻ کان اڳي) توکي ماريون ته (هر حالت ۾ ) انهن (ڪافرن) کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون صبر ڪر بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پوءِ چاهي اسان ڏيکاريون توکي ان عذاب جو ڪجھه حصو (جنهن کان) اسان انهن کي ڊيڄاري رهيا آهيون يا (ان کان اڳ) توکي وفات ڏيون پوءِ انهن جو موٽي اچڻ ته اسان ڏانهن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَھ ته آهِن سائـِينءَ جا، قول بَرِقرار، پوءِ يا توکي جِيئري، سو ڏيکاريون ڏَهڪار، اُنهن کي، جنهن عذاب جو، ٿا ٻوڙيون ٻِيهار، يا پورا ڪريون پاڻ اڳي، تُنهنجا ڏِينهن تڪرار، پوءِ آخر اَسان پارِ، اِهي مِڙئـِي موٽائبا!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (اي نبي!) تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، ان ڪري جڏهن هنن سان ڪيل عذاب جي انجام مان ڪجهه تنهنجي ڏسندي آڻيون، يا توکي وفات ڏيون، ته به نيٺ اسان ڏي ئي موٽائبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي تون صبر ڪر، الله جو وعدو سچو آهي. هاڻي کڻي اسان تنهنجي آڏو ئي کين انهن بڇڙن نتيجن جو ڪو حصو ڏيکاريون، يا (ان کان اڳيئي) توکي دنيا مان واپس گهرائي وٺون، موٽي اچڻو ته نيٺ اسان ڏانهن ئي اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) صبر ڪر، بيشڪ وعدو الله جو برحق آهي، پوءِ جي ڏيکاريون توکي اهو حصو جيڪو اسان ساڻن وعدو ڪيو سندن برن نتيجن جو، اسان کين ڊيڄاريو پئي يا توکي پاڻ وٽ کڻي وٺون بهرحال کين اسان ڏي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! (اي نبيﷺ!) صبر ڪر! بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي. جيڪڏهن اسان توکي (تنهنجي حياتي ۾) انهن سان ڪيل وعدي جو ڪجهه حصو ڏيکاريون يا تنھنجي وفات کان پوءِ ڏيکاريون (بھرحال اڳي پوءِ) اُهي سڀ اسان ڏي ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا رُسُلًا مِن قَبلِكَ مِنهُم مَن قَصَصنا عَلَيكَ وَمِنهُم مَن لَم نَقصُص عَلَيكَ وَما كانَ لِرَسولٍ أَن يَأتِىَ بِـٔايَةٍ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ فَإِذا جاءَ أَمرُ اللَّهِ قُضِىَ بِالحَقِّ وَخَسِرَ هُنالِكَ المُبطِلونَ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ توکان اڳ ڪيترائي پيغمبر موڪلياسون منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان ڪيوسون ۽ منجھائن ڪنھن جو احوال توکي بيان نه ڪيوسون، ۽ ڪنھن به پيغمبر کي الله جي حُڪم کانسواءِ ڪو (به) مُعجزو آڻڻو نه ھو، پوءِ جڏھن الله جو حُڪم آيو تڏھن انصاف سان نبيرو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوُڙن ڇيئو پاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به پيغمبر (ماڻهن ڏي) موڪليا هئا، انهن مان ڪن جا قصا اسان توکي ٻڌايا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جا قصا اسان توکي ڪونه ٻڌايا آهن. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ ممڪن ناهي ته الله جي حڪم کان سواءِ ڪا نشاني (يا حڪم يا معجزو) آڻي. پوءِ جڏهن خدا جو حڪم اچي ويو تڏهن حق ۽ انصاف سان فيصلو ٿي ويو ۽ ڪوڙا ماڻهو (جيڪي باطل تي محڪم رهيا) سي اتي جو اتي تباهه ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان توهان کان اڳ ۾ پيغمبر موڪليا، انهن مان ڪن پيغمبرن جا قصا توهان تي بيان ڪيا اٿئون ۽ ڪي اهڙا آهن جن جا قصا اسان توهان تي نه ڪيا آهن، ۽ ڪنهن رسول کي مناسب ناهي جو اهو ڪو معجزو الله تعالى جي اجازت کانسواءِ آڻي، پوءِ جڏهن قيامت ايندي حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ اُتي ڪوڙا نقصان ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کان اڳ ۾ به اسان ڪيئي رسول موڪليا، جن مان ڪجھ ته اهڙا آهن جن جا احوال تو کي ٻڌايا اٿئون ۽ ڪي اهڙا آهن جن جون حالتون تو سان دهرايون نه آهن ۽ ڪنهين پيغمبر جي اها مجال نه هئي جو خدا جي اختيار ڏيڻ کان سواءِ ڪو به معجزو ڏيکاري سگهي پوءِ جڏهن خدا جو حڪم (عذاب) اچي وين ته پورو پورو فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪلياسون ڪيترا رسول اڳي توکان ڪي انهن مان اهي آهن جو بيان ڪياسون توسان ۽ ڪي انهن مان اهي آهن جو نه بيان ڪياسون توسان ۽ ناهي ڪنهن رسول جي لاءِ ته آڻي معجزو مگر الله جي اذن سان پوءِ جڏهن ايندو امر الله جو ته فيصلو ڪيو ويندو حق سان ۽ نقصان وارا ٿيندا اتي باطل وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان توکان اڳ ڪيترا رسول موڪليا، انهن مان ڪي اهي آهن جن جو حال اسان توکي ٻڌايو ۽ انهن مان ڪي اُهي آهن جن جو حال اسان توکي نه ٻڌايو. ۽ ڪنهن به رسول لاءِ هيءَ ڳالهه (آسان) نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪا نشاني آڻي. پوءِ جڏهن الله جو حڪم آيو ته انصاف سان فيصلو ڪيو ويو ۽ اتي ناحق وارن نقصان پاتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪليا انهن مان ڪن جو حال اسان تو کي ٻڌايو ۽ انهن مان ڪن جو حال اسان تو کي نه ٻڌايو. ۽ ڪنهن به رسول جي لاءِ اهو (ممڪن) نه آهي جو اهو ڪابه نشاني الله جي اذن کان سواءِ آڻي، پوءِ جڏهن الله جو حڪم ايندو (۽) انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ ان وقت ناحق وارا نقصان ۾ هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُرسل توکان، مَهند ڪَئـِين، موڪلياسون مُور، ڪيوسون اُنهن مان، ڪِن جو، توسان ذِڪر ضَرُور، ۽ توسان نَبِي نُور!، ڪيوسون نَه قِصو ڪِن جو. ۽ مُور نه ڪِنهن مُرسل کي، اِهو اِختيار، ته حُڪم ڌڻِئ جي ڌار، ڪري ڪَرامت مُعجزو. اَچِي اَمر اَلله جو، وارِد ٿيو جنهن وار، عدل ۽ انصاف سان، جارِي ڪيو جبار، ۽ بيهُودا، بيڪار، هُت وِيا هَٿِيڪو هار جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تو کان اڳ ڪيترا رسول موڪلياسون جن مان ڪن جو قصو تو کي ٻڌايوسون_ ۽ منجهانئن ڪن جو قصو تو کي نه ٻڌايوسون ۽ ڪو به رسول الله جي حڪم کان سواءِ معجزو آڻي نٿو سگهي ، پوءِ جڏهن الله جو حڪم آيو، تڏهن انصاف سان فيصلو ڪبو ۽ اُتي ڪوڙا نقصان پائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! توکان اڳ اسان ڪيترائي رسول موڪلي چڪا آهيون، جن مان ڪن جا حال اسان توکي ٻڌايا آهن ۽ ڪن جا نه ٻڌايا آهن. ڪنهن به رسول کي اها طاقت نه هئي ته الله جي حڪم کانسواءِ ڪا نشاني آڻي سگهي. پوءِ جڏهن الله جو حڪم اچي ويو ته حق مطابق فيصلو ڪيو ويو ۽ ان وقت باطل جي ڪڍ لڳل ماڻهو نقصان ۾ پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ڪيترا ئي رسول موڪلي چڪا آهيون توکان اڳي انهن وٽ، جن مان ڪن جا حال اسان توکي ٻڌايا آهن ۽ انهن مان (ڪيترن جا) ناهن ٻڌايا احوال توکي، ۽ ڪنهن به رسول کي اها طاقت نه هئي ته ڪابه نشاني پاڻ کڻي اچي ها سواءِ حڪم الله جي، پوءِ جڏهن اچي ويو حڪم الله جو ته فيصلو ڪيو ويو حق مطابق ۽ خساري ۾ پئجي ويا اتي ڪوڙا (ماڻهو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان توکان اڳ (انهن ڏي) انهن مان ئي ڪيترا رسول سڳورا موڪليا هئاسين، جن جو ذڪر اسان توهان سان ڪري ڇڏيو ۽ وري انهن مان ڪجهه اهڙا به رسول سڳورا آهن جن جو ذڪر توهان سان نه ڪيو آهي. ڪنھن به رسول ۾ اها جرئت نه هئي ته هو الله تعالى جي حڪم کان سواءِ ڪا هڪ به نشاني آڻي سگهي. جڏهن الله تعالى جو حڪم ايندو ته انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو. ڪوڙا ماڻهو ان وقت وڏي نقصان ۾ پوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الَّذى جَعَلَ لَكُمُ الأَنعٰمَ لِتَركَبوا مِنها وَمِنها تَأكُلونَ (آيت : 79) |
الله اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڍور پيدا ڪيا ته اُنھن مان ڪن تي چڙھو ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اهو آهي جنهن توهان جي لاءِ چوپايا جانور بنايا، انهيءَ لاءِ ته توهان انهن مان ڪن تي سواري ڪيو. ۽ ڪن کي پنهنجي قوت گذران لاءِ ڪم ٿا آڻيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى (اُهو) آهي جنهن توهان لاءِ چؤپايا جانور پيدا ڪيا ان لاءِ ته توهان انهن مان ڪن تي سوار ٿيو ۽ انهن مان ڪن جو گوشت کائو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ٿا ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله اهو آهي جنهن پيدا ڪيا اوهان جي لاءِ چوپايا تانته سواري بنايو انهن مان ۽ انهن مان کائو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن اوهان لاءِ چوپايو مال پيدا ڪيو هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ئي آهي جنهن توهان لاءِ چوپايا بنايا آهن هن لاءِ ته انهن مان ڪن تي سواري ڪيو ۽ انهن مان ڪن (جي گوشت) کي کائو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، اُو الله، جِنهن ڌَڻ اوهان لئي ڌاريا، تان چَڙهو ڪِن تي، ۽ ڪِن مَنجھان، کائو مَزي سان ماھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي، جنهن اوهان لاءِ ڍور بنايا، ته اوهين انهن مان ڪن تي چڙهو ۽ ڪن مان کائو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ئي توهان لاءِ اهو چوپايو مال بڻايو آهي تانته انهن مان ڪن تي توهان سواري ڪريو ۽ ڪنهن جو گوشت کائو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ئي بڻايا آهن توهان جي لاءِ چوپايا جانور جيئن سوار ٿيو ڪن تي ۽ انهن مان ڪن جو (گوشت) کائو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهو آهي جنھن توهان جي لاءِ چوپايا (يعني چئن پيرن تي هلڻ وارا) جانور پيدا ڪيا ته جيئن توهان انهن مان ڪن تي سواري ڪريو ۽ ڪن جو گوشت کائو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَكُم فيها مَنٰفِعُ وَلِتَبلُغوا عَلَيها حاجَةً فى صُدورِكُم وَعَلَيها وَعَلَى الفُلكِ تُحمَلونَ (آيت : 80) |
۽ منجھن اوھان لاءِ (گھڻا) فائدا آھن ۽ ته مٿن چڙھي اُنھي مطلب کي پھچو جو اوھان جي دلين ۾ آھي ۽ مٿن ۽ ٻيڙين تي اوھان کي چاڙھبو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان جي لاءِ انهن مان ٻيا به گهڻائي فائدا حاصل ٿين ٿا. (خدا انهن جانورن کي خلقيو آهي سو) هن لاءِ به ته توهان انهن تي سواري ڪري پنهنجي ڪا حاجت پوري ڪيو جا اوهان جي دلين ۾ هجي. ۽ انهن تي ۽ جهازن تي توهان (پري پري ٻين ملڪن ڏي) کڄي ٿا وڃو (يعني مسافريون ٿا ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان لاءِ انهن ۾ ڪيترائي نفعا آهن ۽ ان لاءِ ته توهان پنهنجون حاجتون پوريون ڪريو جيڪي توهان جي سينن ۾ آهن ۽ انهن چؤپاين تي ۽ ٻيڙين تي توهان بار کڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به ڪيترائي) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته اوهين انهن تي (چڙهي) پنهنجي مرضيءَ مطابق پهچو ۽ انهن تي ۽ (پڻ) ٻيڙين تي چڙهي گهمو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اوهان جي لاءِ انهن ۾ نفعا آهن ۽ تانته پهچو انهن تي (سوار ٿي) حاجت کي جيڪا اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي کنيا وڃو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته انهن تي چڙهي ڪنهن مطلب کي پهچو جو اوهان جي دلين ۾ هجي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي اوهان کي کنيو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان لاءِ انهن ۾ (ٻيا به ) فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته انهن تي چڙهي ان ضرورت (واري جاءِ) تي پهچي سگهو جا توهان جي سينن ۾ آهي، ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي اوهان کي سوار ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پِيا پڻ آهِن اُنهن ۾، ڪي وَٽابا وَهواھ! تان مَٿنِ اَنهنجي مَن ۾، حاجت، جا هَمراھ!، اُن کي آسانِئَ سان، رَسو وَٺِي راھ، بَر ۾ باد اُن مَٿي، ۽ دَنگيون مَنجھ دَرياھ، کڻو خاطِر خواھ، وَکر وِلايَتن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن مان اوهان لاءِ گهڻا فائدا آهن ۽ اهو به، ته انهن تي چڙهي دل جي مطلب کي پهچو- ۽ انهن تي خواهه ٻيڙين تي اوهان کي سوار ڪبو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ۾ ته توهان لاءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن ۽ اهي اهو ڪم به ڏين ٿا ته توهان انهن تي اتي پهچي سگهو جتي پهچڻ جي توهان جي دل ۾ خواهش هجي، انهن تي ۽ ٻيڙين تي ته توهان کي سواري ڪرائي وڃي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جي لاءِ انهن ۾ فائدا آهن ڪيترا ۽ پهچي سگهو انهن جي وسيلي ڪم جي لاءِ جتي به توهان جي دل چاهي ۽ انهن تي ۽ ٻيڙين تي به سوار ڪيا وڃو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن جانورن ۾ توهان لاءِ ٻيا به فائدا آهن جيئن توهان انهن جي ذريعي پنھنجي مرضيءَ سان جيڏانهن چاهيو وڃي سگهو ٿا ۽ انهن جانورن ۽ ٻيڙين تي توهان کي سوار به ڪيو ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُريكُم ءايٰتِهِ فَأَىَّ ءايٰتِ اللَّهِ تُنكِرونَ (آيت : 81) |
۽ (الله) اوھان کي پنھنجون نشانيون ڏيکاريندو آھي، پوءِ الله جي ڪھڙين (ڪھڙين) نشانين کان انڪار ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو (۽ مسافرين جي وسيلي اوهان کي گهڻين ئي ڳالهين جو علم ڏئي ٿو) پوءِ توهان الله تعاليٰ جي ڪهڙين ۽ ڪيترين نشانين کان انڪار ڪري سگهندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اُهو) توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ الله جي ڪهڙين آيتن جو توهان انڪار ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو (خدا) اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو ته پوءِ اوهين خدا جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏيکاري ٿو اوهان کي پنهنجون نشانيون پوءِ الله جي ڪهڙين آيتن جو انڪار ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان کي پنهنجي (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ الله جي ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو توهان کي سندس (قدرت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو پوءِ توهان الله جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آن کي پَنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار، پوءِ ڪريو ٿا اِنڪار، قادِر جي ڪِنهن ڪم کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اوهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاريندو آهي، پوءِ الله جي ڪهڙين نشانين کان انڪار ڪندا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله توهان کي پنهنجيون اهي نشانيون ڏيکاري ٿو، پوءِ ڀلا توهان الله جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏيکاري ٿو پنهنجون نشانيون (الله) پوءِ ڪيئن نشانين (قدرتن) الله جي کان انڪار ڪندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (الله) توهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري ٿو. پوءِ توهان الله تعالى جي ڪهڙين ڪهڙين نشانين جو انڪار ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم كانوا أَكثَرَ مِنهُم وَأَشَدَّ قُوَّةً وَءاثارًا فِى الأَرضِ فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 82) |
پوءِ زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ جو نھارين ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، (جو) کائن گھڻا ھوا ۽ سگھ ۾ ۽ زمين تي نشانين ڪري (جي ڇڏي ويا) تمام ڏاڍا ھوا پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪمايائون تن کائن ڪجھ به نه ٽاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هي ماڻهو زمين تي سير سفر نٿا ڪن ۽ نٿا ڏسن ته جيڪي ماڻهو کانئن اڳي ٿي گذريا تن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ اهي ته تعداد ۾ به هنن کان گهڻا هئا ۽ قوت ۽ طاقت ۾ به گهڻو وڌيڪ هئا، ۽ ملڪ ۾ آثار ۽ نشانيون به وڌيڪ ڇڏي ويا. (پر هنن حق جي واٽ نه ورتي) سو هنن جيڪي ڪيو ڪمايو سو هنن کي ڪنهن به ڪم نه آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن زمين ۾ سير نه ڪيو آهي؟ پوءِ اهي ڏسن ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، جيڪي انهن کان اڪثر هئا ۽ اهي قوت ۾ ۽ ماڙين ۽ تعميرات ۾ انهن کان وڌيڪ هئا. پوءِ سندن عمل کين (عذابِ الاهيءَ کان) بچائي نه سگھيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهي ماڻهو روءِ زمين تي گهميا ڦريا نه آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟ اهي (تعداد ۾) انهن کان گهڻا هئا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي پنهنجيون نشانيون (يادگار) ڇڏي وڃڻ ۾ به تمام وڌيڪ هئا پوءِ جو سندن ڪيو ڪرتيو هو سو کين ڪجھ به ڪم نه آيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه سير ڪيائون زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي انهن کان اڳي هئا، هئا گهڻا انهن کان ۽ مضبوط قوت ۾ نشانين جي ڪري زمين ۾ پوءِ نه فائدو ڏنائين انهن جي طرفان انهن عملن جيڪي ڪيا هيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اهي (ماڻهو) زمين ۾ نه گهميا آهن ته ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اهي انهن کان گهڻا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُهي زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ اُهي انهن کان (تعداد ۾) گهڻا ۽ طاقت ۾ ۽ زمين تي نشانين ۾ به (وڌيڪ هئا) پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو سندن ڪم ڪونه آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀُون نه گُھميا ڀورڙا؟ پوءِ نِرتًا ڪن نِهار، ته آخر اِنهيان اڳـيَن سان، ڪِهڙي ٿِئـِي ڪار، جي گھڻا گھاٽا اُنهن ڪنان، هُئا لَک هزار، پڻ زياده زور ۾، ۽ ڏاڍا مَنجھ ڏَهڪار، ۽ ڀُون ۾ بَنگلا باغ ڪَئـِين، نِشانيون نِروار، پوءِ، جي ڪيائون ڪم ڪار، تن ڪيو نه آسُودو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو زمين ۾ نه گهميا آهن، جو ڏسن ته کانئن اڳين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ جي هنن کان گهڻا هئا، ۽ طاقت ۾ خواهه زمين ۾ نشانين ڇڏڻ ۾ گهڻو ڏاڍا هئا، پوءِ سندن ڪمائي مٿانئن ڪجهه به نه ٽاريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن ڇا جو کين انهن ماڻهن جي پڇاڙي نظر اچي ها، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن؟ اهي هنن کان تعداد ۾ به گهڻا هئا ۽ طاقت ۾ به زور هئا ۽ زمين ۾ انهن کان وڏا يادگار ڇڏي ويا آهن، پوءِ جيڪا به ڪمائي ڪيائون سا ڪنهن به ڪم نه آين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا اهي گهميا ڦريا ناهن زمين ۾، جو کين نظر اچي ها ته ڪهڙي ٿي عاقبت (پڇاڙي) انهن (ماڻهن) جي جيڪي اڳي ٿي گذريا انهن کان، اهي تعداد ۾ وڌيڪ هئا هنن کان ۽ وڌيڪ طاقت وارا به ۽ آثار به زمين ۾ کانئن وڌيڪ شاندار ڇڏي ويا، جيڪا به ڪمائي ڪئي انهن سا کين ڪهڙي ڪم آئي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جو ڪھڙو انجام ٿيو؟ هو ته هِنن کان گهڻائي ۾ به وڌيڪ هئا ۽ گهڻو طاقت ور به هئا ۽ زمين ۾ پنھنجا (فني) نشان ٺاهڻ ۾ به انهن ماڻهن کان گهڻو وڌيڪ هئا (پر) تنھن هوندي به کين اها ڪمائي ڪجهه به ڪم نه آئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ فَرِحوا بِما عِندَهُم مِنَ العِلمِ وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 83) |
پوءِ جنھن مھل سندن پيغمبر مُعجزن سان وٽن آيا (تنھن مھل) جيڪو (دنيا ھلائڻ جو) عِلم وٽن ھو تنھن سببان خوش ٿيا ۽ جنھن (ڳالھ) تي ٺـٺوليون ڪندا ھوا تنھن (جي بڇڙائي) کين ويڙھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيئن ته جڏهن سندن رسول روشن دليلن ۽ نشانين سان وٽن آيا تڏهن وٽن جيڪو علم (۽ هنر) هو تنهن تي فخر ۽ ناز ڪرڻ لڳا (۽ رسولن کي چوڻ لڳا ته توهان اجايون ڳالهيون ٿا ڪيو) سو جنهن (عذاب جي) ڳالهه تي اهي ٽوڪون ڪندا هئا اهوئي عذاب کين گهيرو ڪري وڪوڙي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن وٽ سندن رسول واضح دليلن سان آيا ته اهي خوش ٿيا ان عمل تي جيڪو وٽن هو ۽ انهن کي اهو پهتو جنهن سان اهي مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون (معجزا) کڻي آيا ته جيڪو علم (سندن سمجھ ۾)وٽن هو تنهن تي آڪڙيا ۽ جنهن (عذاب) تي اهي ماڻهو کلندا هئا تنهن کين چوڌاري اچي وڪوڙيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيا انهن وٽ انهن جا پيغمبر چٽن دليلن سان ته خوش ٿيا ان سان جيڪو انهن وٽ آهي علم ۽ گهيري ۾ ورتو انهن کي ان جنهن سان چٿر ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن سندن رسول وٽن ظاهر ثابتيون کڻي آيا (تڏهن) وٽن جيڪو علم هو تنهن جي ڪري خوش ٿيا. ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون ڪندا هئا سا مٿن اچي ڪڙڪي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن وٽ سندن رسول چِٽيون نشانيون کڻي آيا ته انهن وٽ جيڪو (دنياوي) علم هيو ان تي آڪڙ ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي ان (عذاب) اچي گهيرو ڪيو جنهن تان ٺٺوليون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن آين اُنهن جا، مُرسل مڻيان دار، کڻِي خُدا جي پار، کان نِشانِيون نِروار، جيڪِي اُنهن وَٽ هُئو علم مان تِنهن تي باغ بهار، ۽ جيڪِي کِلندا هُئا خوار، سو اَچِي ڪڙ ڪيو اُنهن مٿان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن وٽن سندن رسول معجزن سان آيا، ته هو جيڪو وٽن علم هو، انهي ۾ ئي مگن رهيا ۽ نيٺ انهي عذاب اچي وڪوڙين، جنهن بابت مسخريون ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن سندن رسول وٽن ثبوت کڻي آيا ته هو وري پنهنجي انهيءَ علم تي خوش ٿيڻ لڳا، جيڪو وٽن هو ۽ پوءِ انهيءَ شيءِ جي ڪڙڪي ۾ اچي ويا، جنهن تي چٿرون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن آيا انهن وٽ سندن رسول پڌريون نشانيون کڻي ته اهي محو رهيا انهيءَ ۾ جيڪو وٽن علم هو ۽ پوءِ وڪڙ ۾ اچي ويا جنهن تي اهي خود چٿرون ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن وٽ جڏهن به سندن رسول سڳورا واضح نشانيون کڻي آيا ته هو پنھنجي (دنيا واري) صلاحيتن ۽ فن تي ويھي ٽڏڻ (۽ ڦونڊجڻ) لڳا پوءِ جنھن شيءِ تي هو ٽوڪون ڪندا هئا، اها ئي شيءِ مٿن اچي ڪڙڪي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا رَأَوا بَأسَنا قالوا ءامَنّا بِاللَّهِ وَحدَهُ وَكَفَرنا بِما كُنّا بِهِ مُشرِكينَ (آيت : 84) |
پوءِ جنھن مھل اسان جو عذاب ڏٺائون (تنھن مھل) چيائون ته اڪيلي الله تي ايمان آندوسون ۽ جنھن شي کي (ساڻس) شريڪ مقرر ڪندا ھواسون تنھنجا منڪر ٿياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن هنن اسان جو عذاب (پنهنجي آڏو) ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا ته اسان الله تي ايمان آندو آهي. هڪ الله ۾ ايمان ٿا رکون جن کي اسان ساڻس شريڪ ڪندا هئاسين تن کان (هاڻي) انڪار ٿا ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو چيائون اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جيڪي مشرڪ آهن انهن جا انڪاري ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ته جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا: اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شيءِ کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏٺائون اسان جو عذاب ته چيائون اسان ايمان آندو الله وحده تي ۽ اسان انڪار ڪيو ان جو جنهن کي ان سان شريڪ ڪندا هئاسون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون تڏهن چيائون ته اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جنهن شئي کي ساڻس شريڪ ڪندا هئا سون تنهن جو اسان انڪار ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چيائون: ”اسان الله تي ايمان آندو جيڪو اڪيلو آهي ۽ اسان انهن (ڪوڙن معبودن ) جو انڪار ڪيو جن کي اسان (الله سان) شريڪ ڪندا هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ڏِٺئون عذاب اَسان جو، ته وراڻيؤَن تِنهن وار، مڃيوسون مالڪ هيڪڙو، واحدُالْقَهَّار، ۽ ٿياسون تَن ٿانن کان، ڀَڄِي اَڄ بيزار، ڪَنداهُئاسُون ڪَمن ۾، جَن کي ڀائيوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن مهل اسان جو عذاب ڏٺائون، تڏهن چوڻ لڳا ”اسان الله اڪيلي کي مڃيو ۽ جن کي ساڻس ڀائيوار سمجهندا هئاسون، ان جا منڪر ٿياسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا ته مڃيوسون الله اڪيلي کي ۽ انهن سڀني معبودن جو انڪار ٿا ڪريون، جن کي اسان ساڻس شريڪ ڪندا هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ڏٺو انهن اسان جي عذاب کي، ته چوڻ لڳا، ايمان آندو سين الله وحده لا شريڪ تي ۽ اسان انڪار ڪريون ٿا انهن مڙني خدائن جو جن کي اسان ساڻس شريڪ ٿي ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن اُنهن اسان جو عذاب ڏٺو ته چوڻ لڳا، اسان اڪيلي الله تي ايمان آندو ۽ جن کي اسان اڳ اُن سان گڏ شريڪ ڪندا هئاسون تن سڀني جو انڪار ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَم يَكُ يَنفَعُهُم إيمٰنُهُم لَمّا رَأَوا بَأسَنا سُنَّتَ اللَّهِ الَّتى قَد خَلَت فى عِبادِهِ وَخَسِرَ هُنالِكَ الكٰفِرونَ (آيت : 85) |
پوءِ جڏھن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏھن) سندن ايمان آڻڻ کين فائدو ڪڏھن نه ڏنو، (اھو) الله جو دستور آھي جو سندس ٻانھن ۾ ھليو ايندو آھي، اُن ھنڌ ڪافر ٽوٽي وارا ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جڏهن اسان جو عذاب اکين آڏو ڏٺائون تنهن کان پوءِ واري ايمان کين ڪجهه به فائدو ڪونه ڏنو (۽ هو تباهه ٿي ويا) اهو آهي الله جو طريقو جو سندس ٻانهن بابت هليو پئي آيو آهي. ۽ هتي (هن دنيا ۾ ئي) ڪافر تباهه ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي سندن ايمان آڻڻ ڪو نفعو نه ڏنو جڏهن انهن اسان جو عذاب ڏٺو، الله تعالى جو اهو طريقو سندس ٻانهن ۾ گذري چڪو آهي، ۽ آخرت ۾ ڪافر نقصان ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب (ايندي) ڏٺائون ته هاڻي سندن ايمان آڻڻ انهن کي ڪجھ به فائدو نه ڏيندو اهو خدا جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس بندن ۾ هلندو ٿو اچي ۽ ڪافر اتي نقصان وارا ٿيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه هو جو نفعو ڏئي انهن کي انهن جو ايمان آڻڻ جڏهن ڏٺائون اسان جو عذاب الله جو طريقو جيڪو تحقيق گذريو ان جي ٻانهن ۾ ۽ نقصان ۾ پيا اتي ڪافر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏٺائون (تڏهن) کين (ان وقت آندل) سندن ايمان فائدو نه پهچايو. (اهو) الله جو جاري ٿيل قاعدو آهي جو سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي، ۽ اتي ڪافر نقصان وارا ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن جو ايمان آڻڻ سندن ڪنهن ڪم نه آيو جڏهن انهن اسان جي عذاب کي ڏٺو. الله جو (اهو ئي) دستور آهي جو سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي ٿو ۽ ان وقت ڪافر نقصان وارا ٿي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هُئو نَه، مَڃڻ اُنهن جو، ته ڏينِ وَٽابو وار، جڏهن ڏِٺئون عذاب اسان جو، نيڻ سان نِروار، اِي پَر پرور پاڪ جِي، پُراڻِي هر پار، جا گُذرِي سَندسِ گولن ۾، بيشڪ باروبار، ۽ ڪُوڙا ڪُل ڪُفّار، وِيا هِتي سَڀ هارِجي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جو عذاب ڏسي چڪا، تڏهن سندن ايمان آڻڻ هر گز کين فائدو نه ڏنو، اهو الله جو دستور آهي جو سندس ٻانهن ۾ هليو پيو اچي، ۽ اتي ڪافر نقصان ۾ پيا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر اسان جو عذاب ڏسڻ کان پوءِ سندن ايمان کين ڪوبه فائدو پهچائي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته اهوئي الله جو مقرر ڪيل قاعدو آهي، جيڪو اصل کان وٺي سندس ٻانهن ۾ هلندو اچي ٿو ۽ ان وقت ڪافر نقصان ۾ پئجي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اهو ڪوبه فائدو ڏئي نه سگهيو انهن جي ايمان کي جڏهن انهن ڏٺو اسان جو عذاب، هي ضابطو آهي الله جو مقرر جيڪو جاري رهيو آهي سندس بندن ۾، ۽ خساري ۾ پئجي ويا (ان وقت) اهي ڪافر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اسان جو عذاب ڏسڻ کان پوءِ کين سندن ايمان ڪوبه فائدو نه ڏئي سگهيو. الله تعالى جو پنھنجي ٻانهن ۾ اهوئي طريقو هلندڙ آهي. اهڙي وقت ڪافر ماڻهو وڏي نقصان ۾ پئجي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |