توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُمُ الَّذى خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ وَخَلَقَ مِنها زَوجَها وَبَثَّ مِنهُما رِجالًا كَثيرًا وَنِساءً وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذى تَساءَلونَ بِهِ وَالأَرحامَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلَيكُم رَقيبًا (آيت : 1) |
اي ماڻھؤ اوھين اُنھيءَ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو جنھن اوھان کي ھڪ جِيءَ (آدم) مان پيدا ڪيو ۽ منجھانئس سندس زال پيدا ڪيائين ۽ اُنھن مان گھڻا مڙس ۽ زالون پکيڙيائين، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن (جي نالي) سان (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کان گھرندا آھيو ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (به ڊڄو)، ڇوته الله اوھان تي نگھبان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄو سندس حڪمن ۽ قانونن جي تعميل ڪيو ورنه تباه ٿيندؤ، انهيءَ پروردگار کان ڊڄو) جنهن توهان کي هڪڙي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي سندس جوڙو (يعني عورت) پيدا ڪئي. پوءِ انهن ٻنهي مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (هڪ نفس مان قبيلا، قومون، شهر ۽ ملڪ ٿي ويا ۽ مائٽي جو وڏو حلقو ٺهيو) پوءِ الله کان ڊڄو، جنهن جي نالي ۾ هڪٻئي کان (پيار ۽ ڳانڍاپي جي) طلب ڪيو ٿا ۽ پڻ مائٽيءَ جي معاملن ۾ (خصوصاً عورتن جي معاملن ۾) خبرداري رکجو. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان تي ۽ (اوهان جي عملن تي هر وقت) نظر رکيون ويٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو توهان پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي هڪ انسان (حضرت آدم) مان پيدا فرمايو، ۽ انهيءَ انسان مان سندس گهر واري (بيبي حوا) کي پيدا فرمايو ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ گهڻيون عورتون پيدا فرمايون، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو جنهن جي نالي سان سوال ڪريو ٿا ۽ مائٽيءَ جو لحاظ رکو، بيشڪ الله تعالى هر وقت توهان جا عمل ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو، جنهن توهان سڀني کي هڪ شخص مان پيدا ڪيو ۽ (اهو هن ريت) جو اول ان (جي باقي مٽيءَ) مان سندس زال (هوا) کي پيدا ڪيائين ۽ (فقط) انهن ٻن (زال مڙس) مان ڪيئي مرد ۽ عورتون دنيا ۾ پکيڙيائين ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن جي وسيلي سان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سوال ڪندا آهيو. ۽ مائٽي ڇنڻ کان به (ڊڄو) بيشڪ خدا توهان جي تاڙ ۾ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانؤ! ڊڄو پنهنجي پالڻهار کان جنهن پيدا ڪيو اوهان کي هڪ جان مان ۽ پيدا ڪيائين ان مان ان جي جوڙ کي ۽ پکيڙيائين انهن ٻنهي مان مردن گهڻن ۽ عورتن کي ۽ ڊڄو الله کان جو هڪ ٻئي کان سوال ٿا ڪيو ان (جي واسطي) سان (۽ ڊڄو) مائٽين ڇنڻ کان بيشڪ الله آهي اوهان تي نگهبان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسانو ! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو، جنهن اوهان کي هڪ جان (يعني آدم) مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس زال پيدا ڪيائين ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ زالون پکيڙيائين ۽ الله کان ڊڄو جنهن (جي نالي) سان هڪ ٻئي کان گهرو ٿا ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (ڊڄو) بيشڪ الله اوهان تي نگهبان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙ خلقيائين ۽ انهن (ٻنهين) مان گهڻائي مرد ۽ عورتون (جهان ۾) پکيڙيائين، ۽ ڊڄو ان الله کان جنهن جي نالي تي هڪ ٻئي کان (حق ) گُهرندا آهيو ۽ مائٽيون (ڇنڻ کان بچو.) بيشڪ الله اوهان مٿان نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي ماڻهوان! پنهنجي مالڪ کان، ڪنبو ۽ ڪريو ڪوءِ، جنهن جوڙيان، هڪ جان مان، ۽ جنهن مان ، جوڙينسِ جوءِ، ۽ تن مان، پکيڙئين پوءِ، ويتر وَر ۽ وَنيون. ۽ ڏرو تنهن ڏاتار کان؛ جنهن جي نالي نال، پِنو ۽ پَنهنجَن جو، رکو خاص خيال، چارِي چڱِي چال، الله آهي اوهان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! پنهنجي رب کان ڊڄو، جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، ان مان سندس جوڙو پيدا ڪيائين ۽ انهن مان گهڻي ئي مرد ۽ زالون پکيڙيائين. ۽ الله کان ڊڄندا رهو، جنهن جي نالي تي هڪٻئي کان سوال ڪندا آهيو ۽ مٽيءَ مائٽيءَ (ڇنڻ کان بچو) بيشڪ الله اوهان کي ڏسي رهيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي هڪڙيءَ ئي جان مان پيدا ڪيو ۽ انهيءَ ئي جان مان سندس زال پيدا ڪيائين ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا ئي مرد ۽ عورتون دنيا ۾ پکيڙي ڇڏيائين. انهيءَ الله کان ڊڄو، جنهن جو واسطو وجهي توهان هڪ ٻئي کان پنهنجا حق گهرو ٿا ۽ مٽي مائٽيءَ وارن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ کان پاسو ڪريو. پڪ ڄاڻو ته الله توهان تي چوڪسي ڪري رهيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو جنهن توهان کي پئدا ڪيو هڪ جان مان ۽ انهيءَ جان مان ئي ان جو جوڙو (زال) بنايو ۽ انهيءَ جوڙي مان دنيا ۾ ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون پکيڙي ڇڏيا ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن جو واسطو ڏئي توهان پنهنجا حق گهرو ٿا هڪ ٻئي کان، مٽن مائٽن سان تعلقات کي نه بگاڙيو، بيشڪ الله توهان جي نگراني ڪري پيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جنھن توهان کي هڪ جان (يعني آدم) مان پيدا ڪيو، ان مان ئي سندس گهر واري (يعني بيبي حوا) پيدا ڪيائين، پوءِ ٻنهي مان ڪيترا ئي مرد ۽ عورتون پيدا ڪري زمين تي پکيڙيائين، الله تعالى کان ڊڄو جنھن جي نالي تي توهان هڪ ٻئي کان (پنھنجا حق ) گهرندا رهو ٿا ۽ مٽي مائٽي ڇِنڻ کان بچو، بيشڪ الله تعالى توهان جي مٿان نگھباني ڪري رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتُوا اليَتٰمىٰ أَموٰلَهُم وَلا تَتَبَدَّلُوا الخَبيثَ بِالطَّيِّبِ وَلا تَأكُلوا أَموٰلَهُم إِلىٰ أَموٰلِكُم إِنَّهُ كانَ حوبًا كَبيرًا (آيت : 2) |
۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ سٺي شيءِ کي بڇڙيءَ شيءِ سان نه مٽايو، ۽ اُنھن (يتيمن) جو مال پنھنجن مالن سان (گڏي) نه کائو، ڇوته اُھو وڏو ڏوہ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يتيمن جو مال (ايمانداريءَ سان) سندن حوالي ڪيو (جڏهن هو وڏا ٿين). ائين نه ڪيو جو هنن جي ڪنهن چڱي شيءِ جي بدران پنهنجي ڪا ردي شي هنن کي ڏيو ۽ هنن جو مال پنهنجي مال سان ملائي کائي ڇڏيو. يقيناً ائين ڪرڻ (يتيمن جو مال هضم ڪرڻ) تمام وڏي گناهه جي ڳالهه آهي. (اڄ ڪلهه وڏا ڀائر يا چاچا گڏيل ملڪيت مان پاڻ لاءِ وڏا وڏا خرچ ڪن ٿا، حالانڪ صغيرن جي ملڪيت مان رڳو هڪ پئسو خيرات ڏيڻ به جائز ناهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يتيمن کي سندن ملڪيت ڏيو ۽ پنهنجي حلال ملڪيت کي حرام سان تبديل نه ڪريو، ۽ انهن جي ملڪيت پنهنجي ملڪيت سان ملائي نه کائو، بيشڪ اهو تمام وڏو گناه آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب شيءِ کي (يتيم جي) چڱي شيءِ سان بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو ڇو ته اهو تمام وڏو گناھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏيو يتيمن کي مال انهن جا ۽ نه مٽائي وٺو پليد پاڪ جي عوض ۽ نه کائو مال انهن جا گڏائي مالن پنهنجن سان بيشڪ اهو آهي ظلم وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجيءَ) خراب شيءِ کي (يتيم جي) چڱيءَ شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو. بيشڪ اهو وڏو گناه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب مال کي (يتيم) جي سُٺي مال سان نه مَٽايو ۽ انهن جو مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بلاشڪ اهو وڏو گناهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇورن ڇِنن کي ڏيو، ساري سندنِ مال، ۽ نه مَٽيو پاڪ پليد تي، ۽ نه اُنهن جو پنهنجي نال، ڀيڙو کائو بحال، اِي ڏاڍو آھِ ڏوه وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يتيمن کي سندن مال موٽائي ڏيو، (سندن) چڱي شيءِ کي (پنهنجي) نڪميءَ شيءِ سان نه بدلايو، ۽ سندن مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بيشڪ اهو وڏو گناهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يتيمن جا مال ملڪيتون کين واپس ڏيو، سٺي ملڪيت کي خراب ملڪيت سان نه مٽايو ۽ سندن ملڪيت پنهنجي ملڪيت سان گڏائي نه کائي وڃو، اهو تمام وڏو گناهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ نه بدلايو بري مال کي سٺي مال سان، ۽ نه کائو انهن جا مال پنهنجي مال سان ملائي، بيشڪ اهو تمام وڏو گناهه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ يتيمن کي پنھنجا (وراثت ۾ مليل اصل) مال ڏيو، خراب شيءِ کي سٺي شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه ئي انهن جي مالن کي پنھنجي مالن سان ملائي کائو. بيشڪ اهو وڏو گناهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن خِفتُم أَلّا تُقسِطوا فِى اليَتٰمىٰ فَانكِحوا ما طابَ لَكُم مِنَ النِّساءِ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ فَإِن خِفتُم أَلّا تَعدِلوا فَوٰحِدَةً أَو ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم ذٰلِكَ أَدنىٰ أَلّا تَعولوا (آيت : 3) |
۽ جيڪڏھن ڊڄو ته يتيمن ڇوڪرين (جي نڪاح ڪرڻ) ۾ عدل نه ڪندؤ ته (ٻـين) زالن مان جيڪي اوھان کي وڻن سي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پرڻيو، پوءِ جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته اوھان کان انصاف ٿي نه سگھندو ته ھڪ (پرڻيو) يا اوھان جا ھٿ جنھن جا مالڪ ٿيا (سا ٻانھي رکو) اِھو ھن کي ويجھو آھي ته ڏاڍائي نه ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته يتيم ڇوڪرين سان (نڪاح ڪري) انهن سان انصاف نه ڪري سگهندؤ (ته انهن سان نڪاح نه ڪيو بلڪه ٻين) عورتن مان جي پسند اچن تن سان نڪاح ڪيو، ٻن يا ٽن يا چئن سان (بشرطيڪ انهن ۾ انصاف ڪري سگهو، يعني سڀني کي سڀ حق هڪ جهڙائي ڏئي سگهو ۽ سڀني سان هڪ جهڙي هلت ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ فقط هڪ سان نڪاح ڪيو يا انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي هٿ ۾ آيون آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪرڻ بهتر آهي (ان کان جو يتيم ڇوڪرين سان نڪاح ڪري انهن جي حقن متعلق الله وٽ ڏوهاري ٿيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي جيڪڏهن خوف آهي ته يتيم ڇوڪرين ۾ انصاف نه ڪري سگهندا پوءِ نڪاح ڪريو توهان، جيڪا توهان کي پسند اچي عورتن مان ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار، پوءِ جيڪڏهن توهان کي خوف آهي انهن ۾ انصاف نه ڪري سگهندا ته پوءِِ هڪ عورت سان نڪاح ڪريو يا ٻانهين سان، اهو (هڪ نڪاح ڪرڻ) زياده قريب آهي جو توهان ڪنهن عورت تي ظلم نه ڪندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (نڪاح وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي هي انديشو هجي ته (ان صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا جا (ٻانهي) زر خريد هجي (تنهن سان) اها تدبير بي انصافي نه ڪرڻ جي گهڻو ويجهو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته نه انصاف ڪري سگهندؤ يتيمن (جي معاملي) ۾ ته پوءِ نڪاح ڪيو انهن سان جو وڻيون اوهان کي عورتن مان ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار پوءِ جيڪڏهن ڊڄو ٿا جو نه عدل ڪري سگهندؤ ته پوءِ هڪڙي يا اها (ٻانهي) جو مالڪ ٿيا آهيو ان جا اهو ويجهو آهي هن (ڳالھ کي) جو نه ظلم ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (انهن سان نڪاح ڪرڻ وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته (هن صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا اوها ن جا هٿ جن(ٻانهين) جا مالڪ ٿيا آهن تن سان. اها (هلت) هن جي ويجهو آهي ته ظلم نه ڪريو ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان ڊڄو ٿا ته يتيم ڇوڪريُن جي باري ۾ انصاف ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جيڪي توهان لاءِ مَن پسند حلال هجن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار. پر جي ڊڄو ٿا ته (گهڻين زالن ۾) عدل ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ صرف هڪ (ئي ڪافي آهي) يا اُهي ڪنيزون جيڪي (قانونِ شرع مطابق) اوهان جي ملڪيت ۾ آيون. اهو هن لاءِ جو توهان نا انصافي نه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي ڊنا، ته يتيمن ۾، اوهان کان انصاف، نه بيهندو، ته ڀلين پرڻيو، جو لڳنيان سُٺـو صاف، اوهان کي معاف، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار ڄڻيون. پوءِ جي ڀانيان، نه بيهندو اوهان کان انصاف، پوءِ هڪ ئي سانئڻ صاف، ياجي اَهنجن، سَڄنَ سنڀاليون. اهو بس، ته ڀانيو زياده، ڪنهن زال، ۽ بِيوين ڏيو بحال، صدقَا، سندن مهر ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کي ڊپ آهي يتيم (ڇوڪرين) سان انصاف نه ڪري سگهندؤ ته (انهن کانسواءِ) ٻين عورتن مان ٻن يا ٽن چئن سان نڪاح ڪريو پر جيڪڏهن ڊپ هجي، ته انصاف نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ هڪ (ڪافي آهي) يا ٻانهي اها بي انصافي کان بچڻ لاءِ وڌيڪ چڱي ڳالهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان کي ڊپ ٿئي ته متان يتيمن (يتيم ڇوڪرين) سان انصاف نه ڪري سگهو ته جيڪي عورتون توهان کي پسند اچن، انهن مان ٻن ٻن ٽن ٽن چئن چئن سان نڪاح ڪريو. پر جيڪڏهن توهان کي ڊپ ٿئي ته متان انهن سان عدل نه ڪري سگهو ته پوءِ هڪ ئي زال هجي. يا انهن عورتن کي زال بڻايو جيڪي توهان جي هٿ وس آيل آهن، بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ اهو وڌيڪ مناسب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن توهان کي خوف آهي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ يتيمن سان، ته نڪاح ڪريو جيڪي توهان کي پسند اچن عورتون انهن مان ٻن، ٽن ۽ چار سان، پر جي اهو به خوف هجي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ انهن سان ته پوءِ هڪ سان پرڻو ڪريو، يا اهي عورتون زالون بڻايو جيڪي توهان جي قبضي ۾ آيل آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ چڱائيءَ کي هي وڌيڪ ويجهو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته يتيمن سان انصاف نه ڪري سگهندا، ته پوءِ عورتن مان جيڪي عورتون (اولاد سان گڏ بيوهه ٿي چڪيون آهن) توهان کي پسند اچن، ته انهن سان نڪاح ڪري وٺو، ٻن ٻن، ٽن ٽن ۽ چئن چئن عورتن سان هڪ ئي وقت ۾ نڪاح ڪري سگهو ٿا، پر جيڪڏهن توهان کي انهن سان انصاف نه ڪرڻ جو ڊپ هجي، ته پوءِ هڪ سان ئي نڪاح ڪريو يا ٻانهيءَ کي پنھنجي حق ۾ استعمال ڪريو (جيڪا توهان کي اسلامي رياست طرفان ڏني وئي هجي)، بي انصافي ڪرڻ کان ته اهوئي طريقو وڌيڪ مناسب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتُوا النِّساءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِحلَةً فَإِن طِبنَ لَكُم عَن شَيءٍ مِنهُ نَفسًا فَكُلوهُ هَنيـًٔا مَريـًٔا (آيت : 4) |
۽ زالن کي سندن ٺھرايل ڪابين خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي پاڻ خوشيءَ سان اُنھيءَ مان ڪجھ ڇڏين ته اُھا سُھائيندڙ وڻندڙ ڪري کائو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) عورتن کي مهر دل جي خوشيءَ سان چيئي ڇڏيو (اگرچه اهي يتيم ۽ لاواث هجن) پر جيڪڏهن هو پاڻ خوشيءَ سان ڪجهه ڇڏي ڏين (نه وٺن) ته پوءَ ڀلي مزي سان ان کي پنهنجي ڪم آڻيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ عورتن کي سندن مَهرون خوشيءَ سان ڏيو، پوءِ جيڪڏهن اُهي خوشيءَ مان مَهر مان ڪا شيءِ توهان کي ڏين پوءِ توهان انهيءَ کي مزي مزي سان کائو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زالن کي سندن مهر خوشيءِ سان ڏيو. ۽ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءِ سان اوهان کي ان مان ڪجھ معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سُهائيندڙ سمجهي کائو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏيو عورتن کي مهر انهن جا خوشيءَ سان پوءِ جيڪڏهن خوشيءَ سان ڇڏين اوهان کي ڪا شيءِ ان مان پاڻهي ته پوءِ کائو ان کي پاڪ بي ضرر (سمجهي) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءَ سان اوهان کي ان مان ڪجهه معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سهائيندڙ سمجهي کائو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زالن کي انهن جا مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ اگر اُهي پنهنجي مهر مان ڪجهه حصو خوش دلي سان اوهان کي ڇڏن ته ان کي خوشگوار مزي سان کائو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي ڪجھ ڇَڏِينيان، اُن منجھان، پنهنجي خوشي خيال، پوءِ کائو سو خُوشحال، مِٺو موچارو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيندا ڪريو. پنهنجي خوشي سان ان مان ڪجهه ڇڏين، ته ان کي مزي سان کائو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عورتن جا مــَـهــَـرَ دل جي خوشيءَ سان (فرض ڄاڻندي) ادا ڪريو. پر جيڪڏهن هو پاڻ پنهنجي رضا خوشيءَ سان مهر جو ڪو حصو توهان کي معاف ڪري ڇڏين ته پوءِ ڀلي اهو کائي مزو ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عورتن کي ڏيو حق مهر خوشيءَ سان (فرض سمجهي)، پر جيڪڏهن اهي پنهنجي خوشيءَ سان مهر جو ڪو حصو توهان کي معاف ڪن ته پوءِ کائي سگهو ٿا مزي سان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ عورتن کي انهن جا مھر (ڪابينو) خوشيءَ سان ادا ڪري ڇڏيندا ڪريو، پوءِ جيڪڏهن هو پنھنجي رضا خوشيءَ سان، ان مان ٿورو گهڻو معاف ڪري ڇڏين ته توهان ان کي خوشيءَ ۽ مزي سان پنھنجي استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُؤتُوا السُّفَهاءَ أَموٰلَكُمُ الَّتى جَعَلَ اللَّهُ لَكُم قِيٰمًا وَارزُقوهُم فيها وَاكسوهُم وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 5) |
۽ بي سمجھن کي پنھنجا اُھي مال نه ڏيو جن کي الله اوھان لاءِ گذران جو سبب بڻايو آھي ۽ منجھانئس کين کارايو ۽ کين پھرايو ۽ کين چڱي ڳالھ چئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) (يعني ننڍي عمر وارن نادان ڇوڪرن جي حوالي نه ڪيو) مگر هيئن ڪيو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پيئاريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجهايو (تعليم ۽ تربيت ڏيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه ڏيو توهان بي عقلن کي سندن ملڪيت جيڪا الله جي حڪم سان توهان وٽ رکيل آهي ۽ انهن کي توهان انهيءَ مان ماني کارايو ۽ ڪپڙا پارايو ۽ انهن سان سهڻي اخلاق سان ڳالهايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو جن کي خدا اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن (بي سمجھ يتيمن کي ڀلي) کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن سان (پيار سان) چڱي طرح ڳالهايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڏيو بيوقوفن کي مال پنهنجا جيڪي بڻايا الله توهان جي لاءِ گذران جو سبب ۽ کارايو انهن کي ان مان ۽ ڍڪايو انهن کي ۽ چئو انهن کي چوڻ چڱو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو، جن کي الله اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن کي کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجا مال بي وقوفن جي حوالي نه ڪيو جن (مالن) کي الله اوهان جي گذران کي قائم رکڻ جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن کي ان مان کارايو ۽ انهن کي پهرايو ۽ انهن سان ڀلائي جي ڳالهه ڪندا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڳن کي مورهين، نه ڏيو اُنهن جو مال، جنهن جِي سار سنڀال، هادِي حوالي ڪيان. ۽ ان منجهان انهن کي، ڏيو کاڌ خوراڪ، ۽ پهرايو پوشاڪ، ۽ چئو چڱِي چال سان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بي سمجهن کي سندن مال نه ڏيو، جنهن کي الله اوهان جي روزگار جو وسيلو بڻايو آهي. ان مان انهن کي کارائيندا ۽ ڍڪائيندا رهو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجا اهي مال ملڪيتون، جن کي الله توهان لاءِ زندگي برقرار رکڻ جو وسيلو بڻايو آهي، نادانن جي حوالي نه ڪريو، باقي کائڻ ۽ پهرڻ لاءِ کين ڏيندا رهو ۽ انهن کي نيڪيءَ جي هدايت ڪندا رهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نادان ماڻهن جي حوالي نه ڪريو پنهنجو مال، جيڪو الله توهان کي حياتي گذارڻ لاءِ ڏنو آهي، پر انهن کي کائڻ ۽ پائڻ لاءِ ڏيو ۽ انهن کي هدايت ڪريو نيڪيءَ جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پنھنجا مال ناسمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪريو، ڇو جو الله تعالى توهان جي زندگي گذارڻ جو دارومداران مال تي رکيو آهي، اوهان ان مال مان ناسمجهه ماڻهن کي کارايو، پياريو ۽ ڪپڙا لٽا وٺي ڏيو ۽ انهن سان سھڻي طريقي سان ڳالهائيندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَابتَلُوا اليَتٰمىٰ حَتّىٰ إِذا بَلَغُوا النِّكاحَ فَإِن ءانَستُم مِنهُم رُشدًا فَادفَعوا إِلَيهِم أَموٰلَهُم وَلا تَأكُلوها إِسرافًا وَبِدارًا أَن يَكبَروا وَمَن كانَ غَنِيًّا فَليَستَعفِف وَمَن كانَ فَقيرًا فَليَأكُل بِالمَعروفِ فَإِذا دَفَعتُم إِلَيهِم أَموٰلَهُم فَأَشهِدوا عَلَيهِم وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 6) |
۽ ايستائين يتيمن کي پرکو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو ته سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نه کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي ته پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يتيمن جي سنڀال ڪندي انهن کي آزمائيندا رهو (ته هنن جي سمجهه ڪيتري قدر آهي) جيستائين ڪه هو نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ قابليت ۽ سڌارو ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ متان وڏا اجايا خرچ ڪري جلد جلد انهن جو مال کائي کپائي ڇڏيو، انهيءَ خيال کان ته وڏا ٿيندا ( ته مال موٽائي وٺندا. اوهان سنڀاليندڙن مان) جيڪو غني يعني آسودو هجي تنهن کي گهرجي ته (هنن جي مال مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به خرچ ڪرڻ کان) پرهيز ڪري، پر جيڪو مسڪين محتاج هجي سو ان مان ڪجهه پاڻ لاءٌ ڪم آڻي، پر انصاف سان مناسب حدن اندر. پوءِ جڏهن هنن جو مال سندن حوالي ڪيو تڏهن ان تي ماڻهن کي شاهد ڪيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ چڱيءَ طرح پورو حساب وٺندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يتيمن جي عقل جو اندازو ڪريو ايستائين جو اهي نڪاح جي لائق ٿين، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جو عقل برابر ڏسو ته پوءِ انهن جي ملڪيت انهن جي حوالي ڪريو، ۽ انهن جي ملڪيت حد کان زياده نه کائو ۽ جلدي ۾ نه کائو ته متان اهي وڏا نه ٿي وڃن، ۽ جيڪو توهان سنڀاليندڙن مان مالدار آهي ته پوءِ انهيءَ کي گهرجي ته پاسو ڪري، ۽ جيڪو سنڀاليندڙن مان محتاج آهي ته پوءِ ضرورت موجب خرچ ڪري، پوءِ توهان جڏهن سندن حوالي سندن ملڪيت ڪريو پوءِ انهي تي شاهد مقرر ڪريو، ۽ الله تعالى ڪافي آهي حساب وٺندڙ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يتيمن کي ڪاروبار ۾ لڳائيندا رهو، ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته (پوءِ انهن کي هڪ مهيني جو خرچ انهن جي هٿان ڪرائي) جيڪڏهن انهن کي هوشيار ڏسو ته سندن مال انهن جي حوالي ڪريو، ۽ (خبردار) ائين نه ڪجو ته: هي وڏا ٿي ويندا، ان ڊپ کان فضول خرچي ڪري سندن مال چٽ نه ڪري ڇڏجو، ۽ جو (ولي يا سرپرست) آسودو هجي ته (يتيم جي مال کائڻ کان) بچندو رهي. پر جيڪڏهن محتاج آهي ته (بلڪل واجبي) دستور جي موافق کائي سگهي ٿو. پوءِ سندن مال جڏهن انهن جي حوالي ڪريو ته ماڻهن کي شاهد بڻايو. (هونهن ته) حساب وٺڻ لاءِ خدا ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آزمائيندا رهو يتيمن کي تانجو جڏهن پهچن نڪاح ڪرڻ جي عمر کي پوءِ جيڪڏهن سمجهو انهن مان هدايت پوءِ ڏيو انهن کي مال انهن جا ۽ نه کائو اهي ضرورت کان زياده ۽ تڪڙو ته متان وڏا ٿي وڃن ۽ جيڪو آهي شاهوڪار ته پوءِ ڀلي بچندو رهي ۽ جيڪو آهي محتاج پوءِ ڀلي کائي مناسب نموني سان پوءِ جڏهن ڏيو انهن کي انهن جا مال پوءِ شاهد ڪيو انهن تي ۽ ڪافي آهي الله حساب وٺندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ يتيمن کي آزمائيندا ڪريو ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪا هوشياري ڏسو ته سندن مال کين حوالي ڪريو. ۽ انهن (مالن) کي اجايو ۽ سندن وڏي ٿيڻ جي ڊپ کان تڪڙ ڪري نه کائو. ۽ جنهن (سنڀاليندڙ) کي گهرج نه هجي سو (يتيم جي مال کائڻ کان) بچي ۽ جيڪو مسڪين هجي سو دستور جي موافق کائي. پوءِ جڏهن انهن کي سندن مال حوالي ڪريو ته مٿن شاهد ڪريو. ۽ الله حساب وٺندڙ بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ يتيمن جي آزمائش ڪندا رهو جيستائين اُهي نڪاح (جي عمر) کي پهچن، پوءِ جي انهن ۾ هوشياري ڏسو ته انهن جا مال انهن جي حوالي ڪيو ۽ ان کي فضول خرچي سان نه کائو ۽ هن تڪڙ ۾ ته متان وڏا ٿي وڃن (۽ حق طلب ڪن) ۽ جيڪو (پرورش ڪندڙ) آسودو هجي ته اهو (يتيم جي مال کان) بلڪل بچيل رهي. ۽ جيڪو خود محتاج هجي ته ان کي مناسب حد تائين کائڻ گهرجي. پوءِ جڏهن انهن جا مال انهن کي واپس ڪيو ته انهن تي شاهد بنايو ۽ حساب وٺڻ وارو الله ئي ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جانچيو يتيمَنْ، تان جڏهن پُهتا، پرڻجڻ کي پان، پوءِ صحِي سَمجھ اُنهن ۾، سُوٺان، جي سڄاڻ! پوء سُئـِي سَڳي ساڻ، سونپيونِ سَمر انهن جو. پوءِ اجايو اُنهن جا، مال نه کائو مُور، سبب اِنهي سور، سامائجن، صغير سي. ۽ مَر، ٽارو ڪري، جو هجي، سائو ۽ سکيو، ۽ جيڪو هُجي بُکيو، ته کائي کپائي رِيت سان. پوءِ جڏهن ڏنان اُنهن کي، سندنِ ساري مال، ته مٿن شاهد مُعتبر، بيهاريو بحال، ۽ قادر آھِ، ڪمال، ڄاڻو حرف حساب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يتيمن کي آزمايو جيسين نڪاح جي عمر کي پهچن. پوءِ جيڪڏهن توهان کي انهن ۾ سمجهه نظر اچي ته سندن مال کين حوالي ڪريو، سندن مال کي وڏي ٿيڻ جي خوف کان اجايو خرچ ڪري جلدي نه کپايو. جيڪو سرنديءَ وارو آهي تنهن کي بچڻ گهرجي ۽ جيڪو غريب هجي اهو مناسب طرح کائي. جڏهن اوهين کين سندن مال موٽائي ڏيو ته مٿن شاهد ڪندا ڪريو (حقيقت) ۾ ته الله ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ يتيمن کي آزمائيندا رهو، تان جو هو اچي پرڻجڻ لائق ٿين. پوءِ جيڪڏهن توهان منجهن لياقت ڏسو ته سندن مال ملڪيت سندن حوالي ڪري ڇڏيو. ائين ڪڏهن به نه ڪجو ته انصاف جي حد اورانگهي انهيءَ ڊپ کان سندن ملڪيت اڳيئي تڪڙ ڪري کائي کپائي ڇڏيو ته متان وڏا ٿي پنهنجو حق گهرن. يتيم جو سنڀاليندڙ جيڪو مالدار هجي، اهو پرهيزگاريءَ کان ڪم وٺي ۽ جيڪو غريب هجي ته دستور موجب، مقرر ۽ مناسب طرح کائي. پوءِ جڏهن سندن مال ملڪيت کين سونپڻ لڳو ته ماڻهن کي ان ڳالهه جو شاهد بڻايو ۽ حساب وٺڻ لاءِ الله ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ يتيمن جي آزمائش ڪندا رهو، ايستائين جو اهي نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن ۾ اهليت ڏسو ته کين حوالي ڪريو سندن مال، پر ڪڏهن نه کائو انصاف جي حد لنگهي سندن مال انهيءَ خوف کان جلدي ته اهي وڏا ٿي حق گهرندا، ۽ يتيم جو سرپرست مالدار هجي ته پرهيزگاري کان ڪم وٺي، ۽ جي غريب هجي ته اهو ڄاتل طريقي سان کائي، پوءِ جڏهن توهان انهن جا مال انهن جي حوالي ڪرڻ لڳو ته ماڻهن کي شاهد بڻايو انهن تي، ۽ ڪافي آهي الله حساب وٺڻ ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يتيمن جي ذهني سوچ تي چڱيءَ طرح نظر رکندا ڪريو، ايستائين جو هو نڪاح ڪرڻ جي لائق ٿي وڃن، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جي اندر سٺي سوچ (۽ لياقت) ڏسو ته انهن جا مال سندن ئي حوالي ڪري ڇڏيو، انهن جي مالن کي سندن بالغ ٿيڻ جي ڀؤ کان، اڳ ۾ ئي جلدي هڙپ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، يتيمن جو سنڀاليندڙ جيڪڏهن خود مالدار آهي ته کيس کپي ته هو يتيم جي مال کائڻ کان پاسو ڪري، پر جيڪڏهن سنڀاليندڙ غريب آهي ته اهو مناسب طريقي سان ڪجهه کائي سگهي ٿو. (۽ يتيمن جي بالغ ٿيڻ کان پوءِ) جڏهن توهان سندن مال کين واپس ڪريو ته انهن تي شاهد بيھاريو، باقي الله تعالى حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ مِمّا قَلَّ مِنهُ أَو كَثُرَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 7) |
جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان مڙسن لاءِ حصّو آھي، ۽ جيڪو (مال) ماءُ پيءُ ۽ مٽن ڇڏيو تنھن مان زالن لاءِ (به) حصو آھي اھو ڇڏيل مال ٿورو ھجي يا گھڻو، حصّا (الله جا) مقرر ڪيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ڇڏيل ملڪيت ۾، ٿوري هجي توڙي گهڻي، ڇوڪرن جو حصو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ترڪي ۾ ڇوڪرين جو به حصو آهي ۽ اهو حصو (خدا جو) ٺهرايل حصو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مردن لاءِ حصو آهي انهيءَ ۾ جيڪو سندن پيءُ ماءُ يا مائٽ ملڪيت ڇڏي ويا آهن، ۽ عورتن لاءِ حصو آهي انهيءَ ۾ جيڪو سندن ماءُ پيءُ يا مائٽ ملڪيت ڇڏي ويا آهن. ملڪيت فوتيءَ جي ٿوري آهي يا گهڻي، (هر هڪ جو) حصو مقرر ڪيل آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ يا مائٽ ڇڏي ويا ان مان مردن لاءِ (هڪ خاص) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال) مان جنهن کي سندن ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو هجي (هر شخص جو) حصو (اسان جي طرفان) مقرر ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مردن جي لاءِ ڀاڱو آهي ان مان جو ڇڏي ويا پيءُ ماءُ ۽ ويجها مائٽ ۽ عورتن لاءِ ڀاڱو آهي ان مان جو ڇڏي ويا پيءُ ماءُ ۽ ويجها مائٽ ان مان جو ٿورو رهيو يا گهڻو رهيو ڀاڱو مقرر ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا ان مان مَردن لاءِ (هڪ) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال)مان جنهن کي (سندن) ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو (هڪ) حصو آهي. مقرر ڪيل حصو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مردن جي لاءِ حصو آهي ان مان جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجها مائٽ ڇڏي ويا ۽ عورتن لاءِ به حصو آهي ان مان جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجها مائٽ ڇڏي ويا ان (ورثي جي مال) مان جو ٿورو آهي يا گهڻو. حصا (الله پاران) مقرر ٿيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حِصو مردن مورهين مقرر منجھ تنهن مال، جا مَڏِي ڇَڏِي مائٽين، ۽ ويجھن وقت وِصال، پڻ ڀاڳ مقرر مورهين، بِيوين لاءِ بحال، مَڏِي ڇڏي مائٽين ۽ ويجھن وقت وصال، حصو چڱيءَ چال، گھٽ، يا گھڻو، ٿيو اُن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪا ملڪيت پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ ڇڏي مرن تنهن ۾ مردن جو به مقرر ڪيل حصو آهي ۽ زالن جو به، پوءِ کڻي ٿورو مال هجي يا گهڻو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مردن لاءِ انهيءَ ملڪيت ۾ حصو آهي، جيڪا ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن پويان ڇڏي هجي ۽ عورتن لاءِ به انهيءَ ملڪيت ۾ حصو آهي، جيڪا ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن پويان ڇڏي هجي، ٿوري هجي توڙي گهڻي ۽ اهو حـصو (الله جي طرفان) مقرر ڪيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مردن جو ان مال ۾ حصو آهي جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن ڇڏيو هجي ۽ عورتن لاءِ پڻ ان مال مان حصو آهي جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجهن عزيزن ڇڏيو هجي، ڀلي ٿورو هجي يا گهڻو، اهو (حصو الله طرفان) مقرر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مردن جي لاءِ والدين ۽ مائٽن طرفان ڇڏيل مال ۾ حصو مقرر آهي. اهڙيءَ طرح عورتن لاءِ به والدين ۽ مائٽن طرفان ڇڏيل مال ۾ حصو مقرر آهي. ڇڏيل مال ٿورو هجي يا گهڻو، الله تعالى جي طرفان حصا مقرر ٿي چڪا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا حَضَرَ القِسمَةَ أُولُوا القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينُ فَارزُقوهُم مِنهُ وَقولوا لَهُم قَولًا مَعروفًا (آيت : 8) |
۽ جڏھن ورھاڱي مھل مائٽيءَ وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين تڏھن اُن (مال) مان اُنھن ماڻھن کي (ڪجھ) ڏيو ۽ اُنھن کي مٺي ڳالھ چئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن ترڪي جو مال ورهائڻ وقت ٻيا ڪي مائٽ (جن کي ورثي ۾ ڪجهه به ملڻو ناهي) ۽ (خاندان جا) ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر هجن ته انهن کي به (مال جي گهڻائي يا ٿورائي تي نظر رکي) ڪجهه ٿورو گهڻو ڏيو ۽ (جيڪڏهن راضي نه ٿين ته) هنن کي چڱن وڻندڙ لفظن سان سمجهائي خوش ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن فوتيءَ جي ملڪيت ورهائڻ وقت رشتيدار ۽ يتيم ۽ مسڪين اچن ته پوءِ انهيءَ (ملڪيت) مان انهن کي ڪجهه کارايو ۽ انهن سان سهڻي اخلاق سان ڳالهايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا (جن جو ڪو حصو نه آهي) ۽ يتيم ۽ محتاج حاضر ٿين ته انهن کي به ان مان ڪجھ نه ڪجھ ڏئي ڇڏيو ۽ انهن سان چڱيءَ طرح (سٺي نموني) ڳالهايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن حاضر ٿين ورهائڻ وقت مائٽ ۽ يتيم ۽ مسڪين پوءِ کارايو انهن کي ان مان ۽ چئو انهن کي چوڻ چڱو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين ته ان مان کين ڪجهه ڏيو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي ورهائڻ وقت (غير وارث) رشتيدار ۽ يتيمَ ۽ مسڪينَ به حاضر ٿين ته ان مان ڪجهه انهن کي به ڏيو ۽ انهن سان سٺي طرح گفتگو ڪريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اچي ورهاڱي وير، قريب غريب يتيم ڪو، ته ڏيونِ انهيءَ مان خير، ۽ چئو چوڻ چڱو اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن ورثي جي ورهاڱي وقت مٽ مائٽ يتيم ۽ مسڪين اچن، ته انهن کي به ان مان ڪجهه ڏيندا ڪريو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ورهاست جي وقت ڪٽنب جا ماڻهو ۽ يتيم ۽ مسڪين اچي وڃن ته انهيءَ مال ملڪيت مان انهن کي به ڪجهه نه ڪجهه ڏيو ۽ ساڻن سهڻي نموني ڳالهايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ورهاست جي وقت خاندان جا ماڻهو يا يتيم ۽ مسڪين اچن ته انهن کي به ڪجهه ڏيو ان مال مان، ۽ انهن سان سٺن ماڻهن وانگر ڳالهايو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مال ورهائڻ وقت جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو مائٽ، يتيم يا ڪو مسڪين اچي وڃي (۽ انهن جو شرعي لحاظ سان ڪوبه حصو نٿو لڳي) ته اهڙي صورت ۾ (رحم دليءَ جي نظر ڪندي) انهن کي (پنهنجي پنهنجي حصي مان ) ڪجهه نه ڪجهه ڏيندا ڪريو، پر جيڪڏهن وارث انهن کي ڏيڻ تي متفق ناهن ته پوءِ انهن کي سھڻي طريقي سان ئي جواب ڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَليَخشَ الَّذينَ لَو تَرَكوا مِن خَلفِهِم ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خافوا عَلَيهِم فَليَتَّقُوا اللَّهَ وَليَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 9) |
۽ اُنھن کي (الله کان) ڊڄڻ گھرجي جيڪي جيڪڏھن پنھنجي پٺيان ھيڻو اولاد ڇڏين ته مٿن ڊڄن (ته ڪھڙو حال ٿيندن)، پوءِ گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ گھرجي ته سڌي ڳالھه چون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ترڪو ورهائيندڙن کي ڊڄڻ گهرجي (ته متان ڪنهن حقدار سان بي انصافي ٿئي) جيڪڏهن هو پاڻ ضعيف اولاد ڇڏي وڃن ته کين انهن بنسبت ڪيڏو نه انديشو رهي. (ساڳيءَ طرح ٻين جي اولاد لاءِ به خيال رکن) تنهن ڪري کين گهرجي ته خد کان ڊڄن ۽ اهڙا لفظ زبان مان ڪڍن جي مناسبت ۽ وزندار هجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو ڀلي ته ڊڄن جن پنهنجي پويان ننڍڙو اولاد ڇڏيو آهي ته انهيءَ جو ڪهڙو نه خطرو ٿئي ٿو انهن کي، پوءِ انهن کي گهرجي ته الله جو خوف ڪن ۽ سنئين سڌي ڳالهه ڪن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ماڻهن کي ڊڄڻ (۽ خيال ڪرڻ) گهرجي ته جيڪڏهن اهي به ائين پاڻ کان پوءِ (ننڊڙا) جيتامڙا ٻار ڇڏي وڃن ها ته کين انهن تي ڪيترو نه ترس ٿئي ها. ۽ پوءِ انهن کي (غريب ٻارن تي سختي ڪرڻ ۾) خدا کان ڊڄڻ گهرجي انهن سان چڱي طرح ڳالهائڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گهرجي ته ڊڄن اهي شخص جو جيڪڏهن ڇڏين ها پويان پنهنجي اولاد ضعيف ته خوف ڪن ها انهن تي پوءِ کپي ته ڊڄن الله کان ۽ کپي ته چون ڳالھ سڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي (الله کان) ڊڄن جيڪي جيڪڏهن پنهنجي پٺيان ضعيف اولاد ڇڏين ته انهن (جي ضايع ٿيڻ) جو ڊپ ٿئين پوءِ اُهي الله کان ڊڄن ۽ سڌي ڳالهه چون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي (جيڪي يتيمن جا سنڀالدار ٿين ٿا) ڊڄڻ گهرجي اگر اُهي پنهنجي پويان ڪمزور اولاد ڇڏن ها ته (مرڻ مهل) انهن ٻارڙن جي حال تي ڪيترو نه فڪرمند هجن ها! پوءِ انهن کي گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ کپي ته سڌي ڳالهه چون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ور ڊِڄن، جي پنهنجي پٺيان، هوند ڇڏينِ هيڻان ٻار، پوءِ ڀانئنِ ڀؤ، اُنهن تي، لڳينِ ڳڻتِي ڳار، تڏهن ڏرن ڀر ڏاتار، ۽ چون چڱِيءَ چال سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ماڻهن کي ڊڄڻ گهرجي، ته جيڪڏهن هو پنهنجي پٺيان ڪمزور اولاد ڇڏي وڃن، ته هوند کين ڪهڙو نه انديشو ٿئي! تنهنڪري انهن کي الله کان ڊڄڻ گهرجي ۽ کين پڪي پختي ڳالهه چوڻ گهرجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جو خيال ڪري ڊڄڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو پاڻ پنهنجي پٺيان بنا سهاري جي اولاد ڇڏي وڃن ها ته مرڻ وقت کين پنهنجن ٻارڙن جي باري ۾ ڇا ڇا نه انديشا لاڳو ٿين ها، تنهنڪري کين الله جو خوف ڪرڻ گهرجي ۽ حق جي ڳالهه چوڻ گهرجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جو خيال رکي ڊڄڻ گهرجي ته جي اهي پنهنجي پويان بي وس ڪمزور اولاد ڇڏين ته مرڻ وقت کين پنهنجي ٻارن لاءِ ڪهڙا انديشا هوندا، انهن کي گهرجي ته الله کان ڊڄن ۽ صحيح ڳالهه چون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ورثو ورهائيندڙن ۽ سنڀاليندڙن کي نا انصافي ڪرڻ کاڻ ڊڄڻ کپي جو جيڪڏهن هو خود پنھنجي پويان ننڍڙو اولاد ڇڏي وڃن ته ان جي باري ۾ کين ڪهڙي قسم جا انديشا سامهون ايندا؟ کين الله تعالى کان ڊڄڻ کپي ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ کپي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَأكُلونَ أَموٰلَ اليَتٰمىٰ ظُلمًا إِنَّما يَأكُلونَ فى بُطونِهِم نارًا وَسَيَصلَونَ سَعيرًا (آيت : 10) |
جيڪي يتيمن جو مال ڏاڍ سان کائيندا آھن سي پنھنجن پيٽن ۾ رڳو باھ کائيندا آھن، ۽ دوزخ ۾ سگھو گھِڙندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو بي انصافيءَ سان يتيمن جو مال هڙپ ڪري ٿا وڃن سي (ياد رکن) ته هو پنهنجي پيٽن ۾ باه جا ٽانڊا وجهي رهيا آهن ۽ جلد ئي هو دوزخ جي سخت ڄڀي ڪندڙ باه ۾ اڇلايا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جي ملڪيت ظلم سان کائن ٿا اهي پنهنجي پيٽن ۾ باه کائن ٿا ۽ جلدي جهنم جي باه ۾ داخل ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو يتيم جو مال هڙپ ڪندا آهن، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باھ کائن ٿا ۽ عنقريب جهنم واصل ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ماڻهو جو کائي ٿا وڃن مال يتيمن جا ظلم سان تحقيق کائن ٿا پيٽن پنهنجن ۾ باھ ۽ جلدي پهچندا باھ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي يتيمن جا مال ظلم سان کائين ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باهه کائين ٿا. ۽ باه ۾ داخل ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي ظلم سان يتيمن جو مال کائن ٿا اُهي پنهنجي پيٽن ۾ صرف (جهنم جي) باهه کائن ٿا. ۽ سگھوئي ڀڙڪندڙ باهه ۾ پهچندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ترڪو ڇورن ڇِنن جو، جيڪي کائن جاڙ، اُهي کائن پنهنجي پيٽ ۾، سندو باه بِگاڙ، ۽ پهچندا پَڇاڙ، جلدي جَلندڙ باه ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص بي انصافيءَ سان يتيمن جي مال کي کائين ٿا، سي پنهنجي پيٽ ۾ رڳي باهه ٿا وجهن ۽ جلد ئي دوزخ ۾ پوندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو ظلم سان يتيمن جا مال ملڪيتون کائن ٿا، حقيقت ۾ اهي پنهنجن پيٽن ۾ باهه ٿا وجهن ۽ هو ضرور جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه ۾ اڇلايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو کائن ٿا يتيمن جا مال ظلم سان، حقيقت ۾ اهي ڀرين ٿا پنهنجا پيٽ باهه سان، ۽ کين يقينًا جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه ۾ وڌو ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو يتيمن جا مال ظلم سان کائين ٿا، حقيقت ۾ هو پنھنجي پيٽ ۾ باهه ٿا وجهن ۽ سگهو ئي هو باهه ۾ اڇلايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يوصيكُمُ اللَّهُ فى أَولٰدِكُم لِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ فَإِن كُنَّ نِساءً فَوقَ اثنَتَينِ فَلَهُنَّ ثُلُثا ما تَرَكَ وَإِن كانَت وٰحِدَةً فَلَهَا النِّصفُ وَلِأَبَوَيهِ لِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ مِمّا تَرَكَ إِن كانَ لَهُ وَلَدٌ فَإِن لَم يَكُن لَهُ وَلَدٌ وَوَرِثَهُ أَبَواهُ فَلِأُمِّهِ الثُّلُثُ فَإِن كانَ لَهُ إِخوَةٌ فَلِأُمِّهِ السُّدُسُ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصى بِها أَو دَينٍ ءاباؤُكُم وَأَبناؤُكُم لا تَدرونَ أَيُّهُم أَقرَبُ لَكُم نَفعًا فَريضَةً مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 11) |
الله اوھان جي اولاد بابت اوھان کي وصيت ٿو ڪري، ته پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي، ۽ جيڪڏھن (فقط) ڌيئرون ٻن کان وڌيڪ ھجن ته (مُئَل) جيڪي ڇڏيو تنھن جون ٻه ٽھايون اُنھن لاءِ آھن، ۽ جيڪڏھن (فقط) ھڪ آھي ته اُن لاءِ اڌ آھي، ۽ مئل جيڪي ڇڏيو تنھن مان اُن جي ماءُ پيءُ ھر ھڪ لاءِ ڇھون ڀاڱو آھي (سو تڏھن) جڏھن اُن (مئل) کي اولاد ھجي، ۽ جيڪڏھن اُن کي اولاد نه ھُجي ۽ اُن جا وارث ماءُ پيءُ ھجن ته ماڻس لاءِ ٽيون ڀاڱو ( ۽ باقي پڻس لاءِ) آھي، ۽ جيڪڏھن اُن (مئل) کي ڀائر ھجن ته ماڻس لاءِ ڇھون حصّو آھي (اِھو ورھاڱو) وصيّت (جي ادائيءَ کان پوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيّت ڪيائين يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ (ڪرڻو) آھي، اوھان جا پيئر ۽ اوھان جا پُٽ، (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو ته اُنھن مان ڪھڙو اوھان لاءِ فائدي جي ڪري وڌيڪ ويجھو آھي، (اِھو ورھاڱو) الله جي (پارکان) فرض ڪيل آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جي اولاد جي باري ۾ الله تعاليٰ اوهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ڇوڪر لاءِ ٻن ڇوڪرين جي برابر حصو هجي (يعني ڇوڪر جو حصو ڇوڪريءَ جي حصي کان ٻيڻو هئڻ گهرجي) پر جيڪڏهن (ڇوڪر نه هجي) ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن ته انهن جو حصو ٿيندو 3/2 يعني ٽن مان ٻه حصا ۽ فقط هڪ ڇوڪري هجي ته هن کي ترڪي جو اڌ ملندو. ۽ ميت جي ماءُ پيءُ مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو. جيڪڏهن ميت اولاد ڇڏيو هجي. جيڪڏهن اولاد نه ڇڏيو هجيس ۽ وارث فقط ماءُ پيءُ هجن ته ماءِ کي ٽيون حصو ملندو (باقي پيءُ کي). جيڪڏهن (ماءُ پيءِ جي علاوه) ميت هڪ کان وڌيڪ ڀائر يا ڀينر ڇڏي وڃي ته ماءُ جو حصو ڇهون ٿيندو، پر ياد رڪڻ هرجي ته ميت جيڪا وصيت ڪئي هجي يا جيڪو قرض مٿس رهجي ويو هجي (۽ ڪفن دفن جو خرچ) انهن سڀني جي ڏيڻ بعد اهي حصا وارثن کي ورهائي ڏجن. توهان کي خبر ناهي ته توهان جا ماءُ پيءُ (ڏاڏو ڏاڏاي) نفع پهچائڻ جي لحاظ کان توهان کي وڌيڪ ويجها آهن يا توهان جو اولاد (۽ پوٽا پوٽيون) وڌيڪ ويجها آهن. (ڪنهن جو حق وڌيڪ آهي، ڪنهن جوگهٽ، الله جي حڪمت ئي ان جو فيصلو ڪري ٿي سگهي، تنهن ڪري) الله تعاليٰ حصا مقرر ڪيا آهن ۽ هو (پنهنجي بندن جي مصلحتن کي) ڄاڻڻ وارو ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي توهان جي اولاد بابت حڪم فرمائي ٿو پٽ جو حصو ٻن نياڻين جي برابر آهي پوءِ جيڪڏهن نياڻيون ٻن کان زياده آهن ته انهن کي فوتيءَ جي ملڪيت جا ٻه ڀاڱا ملندا، ۽ جيڪڏهن هڪ نياڻي آهي ته ان کي اڌ ملندو، ۽ فوتيءَ جي ماءُ پيءُ هر هڪ کي فوتي جي ملڪيت مان ڇهون حصو ملندو جيڪڏهن فوتي کي اولاد آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن فوتي کي اولاد ناهي ۽ ان جا وارث فقط پيءُ ماءُ آهن ته پوءِ فوتيءَ جي ماءُ کي ٽيون حصو ملندو، پوءِ جيڪڏهن فوتي کي ڀائر ڀينرون آهن ته پوءِ سندس ماءُ کي ڇهون حصو ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، توهان جا پيءُ ۽ توهان جا پٽ توهان نٿا ڄاڻو ته انهن مان ڪهڙو توهان کي وڌيڪ ڪم ايندو، اهي حصا الله تعالى جي طرفان مقرر ڪيل آهن، بيشڪ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) خدا اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تن جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (مئل جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ لاءِ ڇهون (حصو) آهي جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. ۽ جيڪڏهن ان لاءِ ڪا اولاد نه هجي ۽ فقط ماءُ پيءُ ئي وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (۽ باقي پڻس لاءِ آهي) پر جيڪڏهن ميت جا (سڳا يا ويڳا) ڀائر به هجن ته (توڙي جو کين ڪجھ به نه ملندو پر) ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي. جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو، تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ، انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان جي زيادھ ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي ڇو ته خدا ته هر شيءِ جو ڄاڻندڙ ۽ تدبير ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حڪم ٿو ڪري اوهان کي الله اوهان جي اولاد جي باري ۾ مرد لاءِ (حصو) آهي ٻن عورتن جي حصي جيترو پوءِ جيڪڏهن آهن رڳي عورتون زيادهه ٻن عورتن کان ته پوءِ انهن لاءِ ٻه ٽهايون آهن ان جون جو ڇڏي ويو ۽ جيڪڏهن آهي هڪڙي ته پوءِ ان لاءِ اڌ آهي ۽ ان جي پيءُ ماءُ هر هڪ جي لاءِ انهن ٻنهي مان ڇهون حصو آهي ان مان جو ڇڏي ويو جيڪڏهن آهي ان لاءِ اولاد، پوءِ جيڪڏهن ناهي ان لاءِ اولاد ۽ وارث ٿيا ان جا پيءُ ماءُ ته پوءِ ان جي ماءُ لاءِ ٽيون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن آهن ان جا ڀائر پوءِ ان جي ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي وصيت (ادا ڪرڻ) کان پوءِ جنهن جي وصيت ٿو ڪري يا قرض (ادا ڪرڻ کان پوءِ) پيئر اوهان جا ۽ پٽ اوهان جا نه ٿا ڄاڻو ته ڪهڙو انهن مان وڌيڪ ويجهو آهي اوهان لاءِ نفعي جي لحاظ سان حصو مقرر آهي الله جي طرفان بيشڪ الله آهي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ مرد جو حصو ٻن زالن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن، ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تنهن جون ٻه ٽهايون انهن لاءِ آهن۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي، ۽ (مئل) جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ هرهڪ لاءِ ڇهون (حصو) آهي، جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. پوءِ جيڪڏهن ان کي اولاد نه هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ ان جا وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (باقي پڻس لاءِ آهي) پوءِ جيڪڏهن ان (مئل) کي ڀائر هجن ته ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نه ٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان کي زياده ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اوهان کي اوهان جي اولاد جي باري ۾ حڪم ٿو ڏئي ته:مرد (يعني پٽ) لاءِ ٻن عورتن (يعني ٻن نياڻين) جي برابر حصو آهي. پوءِ جيڪڏهن (وارث) رڳي ڇوڪريون آهن (ٻه يا) ٻن کان مٿي ته انهن جي لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن. ۽ جي هڪ نياڻي آهي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (فوتيءَ جي) ماءُ ۽ پيءُ مان هرهڪ کي سندس ميراث جو ڇهون حصو آهي جيڪڏهن کيس اولاد آهي. پر جيڪڏهن ان (فوتيءَ ) کي اولاد نه آهي ۽ ماءُ پيءُ کي وارث ڇڏيائين ته سندس ماءُ لاءِ ٽيون حصو آهي. (باقي سڀ پيءُ جو آهي) پوءِ جيڪڏهن کيس ڀائر ڀينر آهن ته سندس ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي بعد ان وصيت جي جيڪا ڪري ويو يا قرض (جي ادائگي جي). توهان جا پيئر ۽ توهان جا پُٽ توهان نه ٿا ڄاڻو ته فائدو پهچائڻ ۾ انهن مان ڪهڙو اوهان جي وڌيڪ ويجهڙو آهي. (هي ورهاڱو) الله جي پاران فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان کي اولاد ۾، ٿو حڪم ڪري حُضور، ٻيڻ، حصو ٻاين جو، مردن ڪارڻ مور، پوءِ جي ٻايون، ٻِنيان مٿي، زياده ضرور، ته ٻه ٽهايون منظور، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان. پوءِ جي هوندِي هيڪڙي، ته ڀاڱو اڌ بيشڪ، ماء، پي مان هرهيڪ لئي ڇهون، منجھان ڇَڪ، جي پٽ، ڌي هوندس پَڪ، جو ترڪ ڪيائين، تنهن منجھان. جي نه هوندا ٻار، ۽ ٿيا والد وارث اُن جا، ته آهي ٽِهائي اُن جي، مقرر ماڻس هار، ڇَٽَو مُقرر ماڻس لئي، جي هوندس ڀيڻُو، ڀار، ترڪ ڪيائين، تنهن منجھان، تهانپوءِ تڪرار، بخشِينِ، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. پي ۽ پٽ اوهان جا، ڪَل اوهان کي ڪانه، اوڏو ڪير اوهان کي، نفعي منجھ نِڌان، مقرر مالڪ ڪنان، اِي فريضو فرمان، باري بي گمان، حڪمتي هوشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان کي پنهنجي اولاد بابت حڪم ڏئي ٿو، ته پٽ لاءِ ٻن ڌيئرن جيترو حصو هجي. جي هي ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن، ته انهن لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن ۽ جي هڪ ڇوڪري آهي ته ان لاءِ اڌ. ۽ ميت جي پٽ هجڻ واريءَ حالت ۾ پيءُ ماءُ لاءِ سندس ڇڏيل ملڪيت مان هر هڪ جي ڇهين پتي آهي جيڪڏهن اولاد نه اٿس ۽ سندس وارث پيءُ ماءُ هجن، ته ماءُ لاءِ ٽين پتي آهي. جيڪڏهن ميت جا ڀائر به هجن، ته ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي. (مگر اهي حصا) ميت جي ڪيل وصيت يا قرض لاهڻ کان پوءِ ٿيندا (ڏسو) اوهان جا ابا ڏاڏا به آهن ۽ اوهان جو اولاد به آهي. اوهان کي خبر نه آهي ته انهن مان ڪير اوهان کي فائدي پهچائڻ ۾ وڌيڪ آهي. تنهن ڪري الله ئي حصا مقرر ڪيا آهن، پڪ اهوئي ڄاڻيندڙ ۽ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي اولاد بابت الله توهان کي هدايت ڪري ٿو ته: مرد جو حصو ٻن عورتن جي حصي جي برابر آهي. جيڪڏهن (ميت جون وارث) ٻن کان مٿي ڌيئر آهن ته کين ڇڏيل ملڪيت جو ٻه ڀاڱي ٽي حصو ملندو ۽ جيڪڏهن هڪ ئي ڌيءُ وارث آهي ته اڌ حصو ان جو آهي. جيڪڏهن ميت اولاد وارو آهي ته ماءُ پيءُ مان هرهڪ کي ڇڏيل ملڪيت جو ڇهون حـصو ملندو ۽ جيڪڏهن هو اولاد وارو نه آهي ۽ ماءُ پيءُ ئي سندس وارث آهن ته ماءُ کي ٽيون حصو ملندو ۽ جيڪڏهن ميت جا ڀائر ڀينر به آهن ته ماءُ ڇهين پتيءَ جي حقدار ٿيندي (اهي سڀئي حصا تڏهن ڪڍيا ويندا) جڏهن ميت جي ڪيل ڪا وصيت هجي ته اها پوري ڪئي وڃي ۽ قرض جيڪو مٿس هجي سو ادا ڪيو وڃي. توهان کي ڪهڙي خبر ته توهانجي ماءُ پيءُ ۽ توهان جي اولاد مان نفعي رسائڻ جي خيال کان ڪير توهان جي وڌيڪ ويجهو آهي. اهي حصا الله مقرر ڪيا آهن ۽ بيشڪ الله سڀني حقيقتن کان واقف ۽ سڀني مصلحتن جو ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله هدايت ٿو ڪري توهان کي توهان جي اولاد جي باري ۾، مرد جو حصو ٻن عورتن جي برابر آهي جي ٻن کان وڌيڪ ڇوڪريون هجن (فوتي جون وارث) ته انهن کي ڇڏيل ميراث مان ٻه ٽهائي حصو ڏنو وڃي، پر جيڪڏهن هڪ ئي ڇوڪري آهي ته ان کي ميراث مان اڌ حصو ڏنو وڃي، ۽ جي فوتي اولاد وارو هجي ته سندس والدين کي ميراث مان هرهڪ کي ڇهون حصو ڏجي، پر جيڪڏهن هو اولادي ناهي ۽ والدين ئي وارث آهن، ته ورثي مان ماءُ کي ٽيون حصو ڏجي، جي فوتي جا ڀاءُ ڀيڻ به آهن ته ماءُ ڇهين حصي جي حقدار هوندي. (اهي حصا تڏهن ڪڍيا ويندا) پهرين ميت جي وصيت پوري ڪبي. توهان جا ماءُ پيءُ ۽ توهان جو اولاد، توهين نٿا ڄاڻو ته انهن مان ڪير توهان جي ويجهو آهي نفعي جي لحاظ کان، اهي حصا الله جا مقرر ڪيل آهن، بيشڪ الله مڙني حقيقتن ۽ مصلحتن کي ڄاڻندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان کي اولاد جي باري ۾ حڪم ڏئي ٿو، ته هڪ پٽ جو حصو ٻن ڌيئرن جي برابر آهي، جيڪڏهن مَيَّتَ جون (ٻه يا) ٻن کان وڌيڪ ڌيئرون هجن، ته انهن سڀني ڌيئرن ۾ ڇڏيل ملڪيت مان ٻه ٽھايون حصو ورهايو ويندو، پر جيڪڏهن هڪ ئي ڌيءَ وارث آهي، ته ان کي ڇڏيل ملڪيت جو اڌ حصو ڏنو ويندو، مَيَّتَ جو اولاد هجڻ جي صورت ۾ ان جي والدين مان هر هڪ کي الڳ الڳ ڇھون حصو ڏنو ويندو، جيڪڏهن ميت جو اولاد نه آهي ۽ والدين ئي ان جا وارث آهن، ته ماءُ کي ٽيون حصو ڏنو ويندو ۽ باقي بچيل ٻه ٽھايون پيءُ کي ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن ميت جا وارث هڪ کان وڌيڪ ڀائر ۽ ڀينر هجن، ته ان صورت ۾ ماءُ کي ڇھون حصو ملندو، هي سڀ حصا ميت جي طرفان ڪيل وصيت ۽ ورتل قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، باقي بچيل ملڪيت مان ڪڍيا ويندا، توهان کي اندازو ئي نه آهي، ته توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ انهن مان ڪير توهان جي لاءِ وڌيڪ فائديمند آهن؟ هي سڀ حصا الله تعالى فرض ڪري ڇڏيا آهن. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَكُم نِصفُ ما تَرَكَ أَزوٰجُكُم إِن لَم يَكُن لَهُنَّ وَلَدٌ فَإِن كانَ لَهُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكنَ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصينَ بِها أَو دَينٍ وَلَهُنَّ الرُّبُعُ مِمّا تَرَكتُم إِن لَم يَكُن لَكُم وَلَدٌ فَإِن كانَ لَكُم وَلَدٌ فَلَهُنَّ الثُّمُنُ مِمّا تَرَكتُم مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ توصونَ بِها أَو دَينٍ وَإِن كانَ رَجُلٌ يورَثُ كَلٰلَةً أَوِ امرَأَةٌ وَلَهُ أَخٌ أَو أُختٌ فَلِكُلِّ وٰحِدٍ مِنهُمَا السُّدُسُ فَإِن كانوا أَكثَرَ مِن ذٰلِكَ فَهُم شُرَكاءُ فِى الثُّلُثِ مِن بَعدِ وَصِيَّةٍ يوصىٰ بِها أَو دَينٍ غَيرَ مُضارٍّ وَصِيَّةً مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ عَليمٌ حَليمٌ (آيت : 12) |
۽ جيڪي (مال) اوھان جي زالن ڇڏيو تنھن جو اَڌ اوھان لاءِ آھي جيڪڏھن انھن کي ڪو وياءُ ڪونه ھجي، پر جيڪڏھن اُنھن کي ڪو وياءُ ھجي ته جيڪي ڇڏيائون تنھن مان چوٿون ڀاڱو وصيت (جي ادائيءَ کانپوءِ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪيائون يا قرض جي ادائيءَ کان پوءِ اوھان لاءِ آھي، ۽ جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان جيڪڏھن اوھان کي ڪو وياءُ ڪونھي ته اُنھن (زالن) لاءِ چوٿون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي وياءُ آھي ته جيڪي (مال) اوھان ڇڏيو تنھن مان وصيت (جي ادائيءَ) جنھن لاءِ اُھا وصيت ڪئي اَٿَوَ يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ اُنھن (زالن) لاءِ اٺون ڀاڱو آھي، ۽ جيڪڏھن ڪو (مئل) مڙس يا زال ورثو ڇڏي ( ۽ اُھو) ڪلاله ھجي (يعني جنھنکي ماءُ پيءُ ۽ وياءُ نه ھجي) ۽ اُن کي (مائيتو) ھڪ ڀاءُ يا ھڪ ڀيڻ ھجي ته اُنھن منجھان ھر ھڪ لاءِ ڇھون حصو آھي، ۽ جيڪڏھن اِنھن کان وڌيڪ ھجي ته اُھي (سڀ) جا وصيت نقصان واري نه ڪئي ويئي ھجي تنھن يا قرض جي ادائيءَ کانپوءِ ٽھائيءَ ۾ ڀائيوار آھن، اُھو الله جو حُڪم آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن زال ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه هجيس ته مڙس کي ملندو اڌ. پر جيڪڏهن اولاد ڇڏي وڃي ته مڙس کي چوٿين پتي ملندي، پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد باقي ملڪيت مان ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن مڙس ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه ڇڏي ته زال کي ملندي چوٿين پتي، پر جيڪڏهن اواد هجيس ته اٺين پتي ملندس. اهو ورهاڱو (بلڪ سڀ ڪو ورهاڱو) وصيت جي تعميل ۽ قرض لاهڻ بعد ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ترڪو ڇڏي وڃي ۽ ڪلاله هجي (يعني نڪي پيءِ ماءُ، ڏاڏو ڏاڏاي، نانو ناني هجيس، نڪي اولاد يا اولاد جو اولاد هجيس) ۽ (مائيتو) ڀاءُ يا ڀيڻ هجيس ته کيس ڇهون حصو ملندو، پر جيڪڏهن (ڀائر ۽ ڀينر) هڪ کان وڌيڪ هجن ته اهي ٽيون حصو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. (باقي ٻه حصا ٻين ڏي ويندا سڳا ڀائر ڀينر يا ساڳئي پيءُ جا اولاد موجود هوندا ته مائيتي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪجهه نه ملندو) پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد ڪرڻو آهي، بشرطيڪ حقدارن کي نامناسب طور نقصان نه پهچي. هي الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي (ته سندس بندن جي چڱائي ڇا ۾ آهي) ۽ (انهن جي غلطين جي باري ۾) ڏاڍو بردبار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان لاءِ اڌ ملڪيت آهي، جيڪا توهان جي گهر وارين ڇڏي آهي، جيڪڏهن انهن کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن انهن گهر وارين کي اولاد آهي ته پوءِ توهان مردن کي چوٿون حصو ملڪيت جو ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ. ۽ گهر وارين لاءِ مردن جي ملڪيت مان چوٿون حصو آهي جيڪڏهن مردن کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن مردن کي اولاد آهي تو پوءِ گهر وارين کي اٺون حصو ملڪيت مان ملندو وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، ۽ جيڪڏهن اهڙي مرد يا عورت جي ملڪيت ورهائڻي هجي جنهنکي پيءُ ماءُ ۽ اولاد نه هجي ۽ ماءُ جي طرفان ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته پوءِ انهن مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو، پوءِ جيڪڏهن اهي ڀاءُ ۽ ڀيڻون هڪ کان زياده هجن ته پوءِ اهي سڀئي ٽئين حصي ۾ شريڪ آهن وصيت جاري ڪرڻ ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ، نه نقصان ڏيندڙ وارثن کي، اهو الله تعالى جو حڪم آهي، ۽ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ بردبار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي اوهان جي زالن (مري) ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد هجي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي، جنهن جي وصيت ڪري ويون آهن تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان اوهان جي زالن جو ڪن شين ۾ ڇوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان جو ڪو به اولاد آهي ته اوهان جي ترڪي مان سندس خاص شين مان اٺون حصو آهي (۽ اهو به) اوهان جنهن لاءِ وصيت ڪئي هجي ته ان جي تعميل ۽ قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن، (پر) جنهن جي وصيت ڪيل هجي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ، (بشرطيڪه مئل وصيت سان ڪنهن کي نقصان پهچائيندڙ نه هجي) هي وصيت خدا جي طرفان آهي ۽ خدا ته هر شيءَ کي ڄاڻڻ وارو ۽ بردبار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اوهان لاءِ اڌ آهي ان مان جو ڇڏي ويون زالون اوهان جون جيڪڏهن نه اٿن اولاد پوءِ جيڪڏهن اٿن اولاد ته پوءِ اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي ان مان جو ڇڏيائون وصيت جاري ڪرڻ کان پوءِ جو وصيت ڪيائون ان جي يا قرض (لاهڻ کان پوءِ) ۽ انهن لاءِ چوٿون حصو آهي ان مان جو ڇڏيو اوهان جيڪڏهن ناهي اوهان جي لاءِ اولاد پوءِ جيڪڏهن آهي اوهان جو اولاد پوءِ انهن جي لاءِ اٺون حصو آهي ان مان جو ڇڏيو اوهان وصيت ڪرڻ کان پوءِ جو ٿا وصيت ڪيو ان جي يا قرض (لاهڻ کان پوءِ) ۽ جيڪڏهن آهي ڪو مڙس جو ٿو وارث ڪيو وڃي ماءُ پيءُ ۽ اولاد کان سواءِ يا زال ۽ ان جي لاءِ ڀاءُ يا ڀيڻ آهي پوءِ هر هڪ لاءِ انهن مان ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن آهن گهڻا ان کان ته پوءِ اهي شريڪ آهن ٽئين حصي ۾ وصيت ڪرڻ کان پوءِ جو وصيت ڪئي وئي ان جي يا قرض (لاهڻ کان پوءِ) نه نقصان ڏيندڙ، حڪم آهي الله جي طرفان ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اوهان جي زالن ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي، جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد آهي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي جنهن جي اهي وصيت ڪن ٿيون تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوها ن ڇڏيو تنهن مان انهن (زالن) لاءِ چوٿون حصو آهي جيڪڏهن اوهان کي ڪو اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو اولاد آهي ته جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان انهن لاءِ اٺون حصو آهي جنهن جي وصيت ڪريو ٿا تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن ڪو (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهي مان هرهڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن جنهن جي وصيت ڪئي وڃي ٿي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کانپوءِ، بشرطيڪ (مئل وصيت سان ڪنهن کي) نقصان پهچائيندڙ نه هجي. اهو الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جي لاءِ (ان مال جو) اڌ آهي جيڪو توهان جي زالن ڇڏيو بشرطيڪه انهن کي اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن کين اولاد آهي ته پوءِ اوهان لاءِ انهن جي ڇڏيل مال جي چوٿائي آهي. هي (ورهاست) ان وصيت جي ادائگي بعد آهي جيڪا وصيت ڪيائون يا قرض (ادائگي) جي. ۽ انهن زالن جي لاءِ چوٿائي آهي جيڪو مال اوهان ڇڏيو بشرطيڪه اوهان کي اولاد نه هجي، پوءِ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺوڳ (اٺين پتي) آهي ان مال مان جيڪو اوهان ڇڏيو ان وصيت جي ادائگي بعد جيڪا وصيت اوهان ڪئي يا قرض (ادائگي جي). ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي مرد يا عورت جو ورثو آهي جيڪو ڪلاله آهي (يعني جنهن کي نه ماءُ پيءُ آهي نه اولاد) ۽ ان کي (مائتو) ڀاءُ يا ڀيڻ آهي ته انهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي. پوءِ جي اُهي (ڀاءُ ڀيڻ) هڪ کان وڌيڪ آهن ته سمورا ٽهائي ۾ شريڪ آهن . (هي ورهاست) ان وصيت بعد ڪبي جا (وارثن کي) نقصان پهچائڻ بغير ڪئي وئي هئي يا قرض جي ادائگي بعد، هي الله جي پاران حڪم آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڇڏيو اوهان جي عورتين، اڌ ان جو اوهان هار، جي بچو ٻارنه اُن جو؛ جي هوندنِ ٻچاٻار، ته چوٿ اوهان لئي ان مان، جو ترڪ ڪيون تڪرار، بخِشينِ، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ۽ چوٿ انهن لئي، ان مان، جو ڇڏيان وفاتِي وار، جي ٻچو ٻار نه اوهان جو، جي هونيان ٻچاٻار، ته اٺاس انهن لئي، اُن مان، جو ترڪ ڪيان تڪرار، جو بخشيو، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ۽ جي مرد، يا زال نه جنهن جو، ناناڻي نُک ڌار، آهس ڀاءُ، يا ڀيڻ ڪا، ته ڇَٽو هرهڪ هار، جي اِنهيان گھڻا، ته ٽِهائـِي ۾، سڀ ڀاڱي ڀائيوار، جو بخشيو، سو لاهڻ بار، پڻ ادا بعد اُڌار جي. ڪنهن حرج بنا حڪم اهو، پاران پالڻهار، صاحب سمجھدار، پڻ بارِي بُردبار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو مال اوهان جون زالون ڇڏين، ان ۾ اوهان جو اڌ آهي، جي انهن کي ڪو اولاد نه آهي. پر جي اٿن ته پوءِ اوهان جو ان جي ڇڏيل مال جو چوٿون حصو آهي. (اهي حصا) انهن جي ڪيل وصيت يا قرض (جي ادا ڪرڻ) کانپوءِ آهن. جيڪڏهن اوهان کي اولاد نه آهي ته پوءِ اوهان جي ڇڏيل ملڪيت ۾ انهن جو چوٿون حصو آهي ۽ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺون حصو آهي. (اهي حصا) اوهان جي ڪيل وصيت يا قرض لاهڻ کانپوءِ آهن ۽ جي اهڙي مرد يا زال جو ورثو هجي، جنهن کي پيءُ يا پٽ نه هجي ۽ ان کي ڀاءُ يا ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهي مان هر هڪ جو ڇهون حصو آهي ۽ جي ان کان گهڻا هجن، ته پوءِ سڀني جو (گڏ) هڪ ٽهائي حصو آهي. اها وراهپ بي نقصان، وصيت يا قرض (جي ادا ڪرڻ) کانپوءِ آهي، اهو الله جو حڪم آهي ۽ الله خوب ڄاڻندڙ بردبار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جون زالون جيڪي ڪجهه پويان ڇڏي ويون هجن، ان جو اڌ توهان کي ملندو جيڪڏهن هو بي اولاد هجن، نه ته اولاد هجڻ جي صورت ۾ ڇڏيل ملڪيت جي چوٿين پتي توهان جي آهي، جڏهن جو سندن ڪيل وصيت پوري ڪئي وڃي ۽ سندن رهايل قرض ادا ڪيو وڃي ۽ هو توهان جي ڇڏيل ملڪيت مان چوٿين پتيءَ جون حقدار بڻبيون جيڪڏهن توهان بي اولاد آهيو، نه ته توهان جي اولادي هجڻ جي صورت ۾ سندن حصو اٺين پتي هوندو، انهيءَ کان پوءِ جو جيڪا وصيت توهان ڪئي آهي، سا پوري ڪئي وڃي ۽ توهان جو ڇڏيل قرض لاٿو وڃي. ۽ جيڪڏهن اهو مرد يا عورت (جنهن جي ميراث ورهاست هيٺ آهي) بي اولاد به هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ به جيئرا نه هجن پر سندس هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته ڀاءُ توڙي ڀيڻ هرهڪ کي ڇهين پتي ملندي ۽ ڀائر ڀينر هڪ کان وڌيڪ هجن ته سموريءَ ڇڏيل ملڪيت جي هڪ ڀاڱي ٽي حصي ۾ اهي سڀئي حصيدار ٿيندا، ڪيل وصيت پوري ڪرڻ ۽ رهيل قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ، بشرطيڪه اهي نقصان رسائيندڙ نه هجن. اهو حڪم آهي الله جي طرف کان ۽ الله دانا بينا ۽ بردبار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان کي اڌ حصو ملندو جيڪي توهان جي زالن ڇڏيو آهي جي اهي بي اولادي هجن، نه ته اولاد هجڻ جي صورت ۾ ورثي جو چوٿون حصو توهان جو آهي، جي ڪيل وصيت کي پوري ڪرڻ بعد يا ڇڏيل قرض ادا ڪيو ويو هجي ۽ اهي توهان جي ورثي مان چوٿائي جون حقدار هونديون جي توهان بي اولادي هجو، نه ته اولادي هجڻ جي صورت ۾ انهن جو اٺون حصو هوندو ان کان پوءِ جي توهان ڪا وصيت ڪئي هجي ۽ اها پوري ڪئي وئي هجي يا ڇڏيل قرض ادا ڪيو ويو هجي ۽ جيڪڏهن مرد يا عورت (جنهن جي ميراث هجي) بي اولادي هجي، ماءُ پيءُ نه هجن پر هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ آهي، ته هرهڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ڇهون حصو ملندو، پر جي ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ کان وڌيڪ آهن ته سڀئي شريڪ ڀائيوارن ۾ ٽئين حصي جا حقدار آهن، پر فوتي جي ڪيل وصيت پوري ڪئي وڃي ۽ ڇڏيل قرض ادا ڪيو وڃي، پر شرط انهيءَ سان ته نقصان ڏيندڙ نه هجي. هي حڪم الله جي طرفان آهي ۽ الله دانا، بينا ۽ نرمي رکندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن عورت مري وئي ۽ کيس ڪوبه اولاد نه آهي، ته سندس مڙس کي پوري ملڪيت مان اڌ حصو ملندو، جيڪڏهن ان جو اولاد آهي، ته پوءِ مڙس کي چوٿون حصو ملندو، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ڪڍيا ويندا، جيڪڏهن ميت مرد هجي ۽ ان جو ڪوبه اولاد نه هجي، ته سندس گهر واريءَ کي سموري مال جو چوٿون حصو ملندو، پر جيڪڏهن ان جو اولاد آهي، ته سموري ڇڏيل ملڪيت مان کيس اٺون حصو ملندو، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍيا ويندا، جيڪڏهن ميت مرد هجي يا عورت، ٻنهي جو اولاد به نه هجي ۽ انهن جا ماءُ پيءُ به نه هجن، رڳو ان جا ڀاءُ ۽ ڀيڻ آهن، ته انهن مان هر هڪ کي ڇھون حصو ملندو، پر جيڪڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ هڪ کان وڌيڪ آهن، ته پوءِ سڀني کي ڪل ملڪيت مان ٽيون حصو ملندو، جيڪو هو سڀ پاڻ ۾ برابر برابر ورهائي کڻندا، هي سڀ حصا وصيت ۽ قرض ادا ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪڍيا ويندا، وصيت به اُها پوري ڪئي ويندي، جنھن سان ڪنھن به حقدار جي حصي کي نقصان نه پھچي، اهو حڪم الله تعالى جي طرفان آهي، بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ نرمي ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ حُدودُ اللَّهِ وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ يُدخِلهُ جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَذٰلِكَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 13) |
اِھي الله جون حدون آھن، ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جون (ٺهرايل) حدون آهن. پوءِ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن (جنت) ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن هو انهيءَ (نعمتن واري حالت) ۾ هميشه رهندا ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مذڪوره احڪام الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃي ٿو اهو داخل ڪيو ويندو باغن ۾ جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه انهيءَ ۾ رهندا، ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي خدا جون (مقرر ڪيل) حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي خدا آخرت ۾ اهڙن (ساوڪ وارن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان (ڪيئي) واھ وهن ٿا ۽ اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها ته وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي حدون الله جون آهن ۽ جيڪو فرمانبرداري ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي ته داخل ڪندو ان کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا ان ۾ ۽ اهائي ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي الله جون حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته (الله) ان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها زبردست ڪاميابي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهي حڪم الله جا، مِڙوئـِي مذڪور، ۽ ربَّ ۽ رسول جا، جو حڪم مڃيندؤ مور، ته باغن منجھ بهشت جي، داخل ڪندس ضرور، جن هيٺان هَلن ناليون، ڀريون تَريون ڀرپور، ۽ انهيءَ ۾ اهڳور، سدا وڏي سوڀ اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو، ان کي هو اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن. جيڪو الله ۽ سندس رسول جي اطاعت ڪندو ان کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ انهن باغن ۾ هو هميشه رهندا ۽ اهائي تمام وڏي ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي حدون الله جون مقرر ڪيل آهن، ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله ۽ رسول جي ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ انهن باغن ۾ اهي هميشه رهندا ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي سڀ الله تعالى جون مقرر ڪيل حدون آهن، هاڻي جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندو، ته هو اهڙي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون هونديون، هو هميشه ان ۾ رهندو ۽ اها ئي وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَيَتَعَدَّ حُدودَهُ يُدخِلهُ نارًا خٰلِدًا فيها وَلَهُ عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 14) |
۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان ٻاھر نڪرندو تنھن کي باہ ۾ داخل ڪندو اُن ۾ سدائين رھڻ وارو آھي، ۽ اُن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪري ٿو ۽ سندس ٺهرايل حدن کان ٻاهر ٿو وڃي تنهن کي باهه جي عذاب ۾ وجهندو ۽ هميشه ان حالت ۾ رهندو ۽ هن جي لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ الله جي رسول جو حڪم نٿو مڃي ۽ ان جي حدن کان لنگهي وڃي ٿو اُهو داخل ڪيو ويندو باه ۾ هميشه انهيءَ ۾ رهندو، ۽ انهيءَ لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي نافرماني ڪئي ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدون ٽپيون ته پوءِ خدا کيس جهنم ۾ داخل ڪندو (۽ سدائين پنهنجو ڪيو لوڙيندو) رهندو ۽ ان لاءِ وڏي خواريءَ جو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو بي فرماني ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي ۽ تجاوز ڪندو ان جي حدن کان ته داخل ڪندو ان کي باھ ۾ هميشہ هوندو ان ۾ ۽ ان لاءِ عذاب خوار ڪندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان لنگهندو تنهن کي باهه ۾ داخل ڪندو ان ۾ پيو رهندو. ۽ ان لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ ان جون حدون اورانگهيندو ته ان کي جهنم ۾ داخل ڪندو جنهن ۾ اهو هميشه هوندو ۽ ان لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي حڪم ربَّ ۽ رسول جا، جو ڀڃندو بي شعور، ته داخل ڪندس دوزخ ۾، منجھس سدا مجبور، ۽ مقرر اُن لئي مور، جُٺ جھڙو آهي، جَنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس (مقرر ڪيل) حدن کان نڪري ويندو ته ان کي هو دوزخ ۾ داخل ڪندو جتي هميشه رهندو ۽ انهيءَ لاءِ خوار ڪندڙ عذاب هوندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس مقرر ڪيل حدن کان ٽپي ويندو، ان کي الله باهه ۾ وجهندو، جنهن ۾ هو سدائين پيو هوندو ۽ ان لاءِ خوار ڪندڙ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به نافرماني ڪندو الله ۽ سندس رسول جي ۽ اورانگهيندو سندس مقرر ڪيل حدون، ان کي باهه ۾ وڌو ويندو، جنهن ۾ هميشه رهندو ۽ اها ان لاءِ خوار ڪندڙ سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن ڪو الله تعالى ۽ سندس رسول ﷺ جي نافرماني ڪندو ۽ مقرر ڪيل حدون ٽوڙيندو، ته هو جھنم ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن ۾ هو هميشه رهندو ۽ ان جي لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالّٰتى يَأتينَ الفٰحِشَةَ مِن نِسائِكُم فَاستَشهِدوا عَلَيهِنَّ أَربَعَةً مِنكُم فَإِن شَهِدوا فَأَمسِكوهُنَّ فِى البُيوتِ حَتّىٰ يَتَوَفّىٰهُنَّ المَوتُ أَو يَجعَلَ اللَّهُ لَهُنَّ سَبيلًا (آيت : 15) |
۽ اُوھان جي زالن مان جيڪي بي حيائيءَ جو ڪم ڪن تن تي پاڻ مان چار (مڙس) شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (شاھد) شاھدي ڏين ته اُنھن کي ايستائين گھرن ۾ جھليو جيستائين کين موت ماري يا الله اُنھن لاءِ ڪا واٽ ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي عورتون فاحش ڪم ڪن تن بنسبت پنهنجي ماڻهن مان مٿن چئن جي شاهدي وٺو. جيڪڏهن (چار شاهد) شاهدي ڏين ته پوءِ اهڙين عورتن کي گهرن ۾ بند رکو، جيستائين مٿن موت اچي وڃي يا الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪا ٻي راهه پيدا ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪن پوءِ شاهد ڪريو توهان پاڻ مان انهن تي چار مرد گواهه، پوءِ جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين پوءِ انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو موت انهن کي ختم ڪري يا الله تعالى انهن لاءِ ڪا واٽ مقرر ڪري.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن چار ئي تصديق ڪن ته (انهن زالن جي سزا هي آهي ته) انهن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو هنن کي موت اچي يا خدا سندن ڪاراھ کولي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي (عورتون) آڻين ٿيون برائي اوهان جي عورتن مان پوءِ شاهد ڪيو انهن تي چار (مرد) پاڻ مان پوءِ جيڪڏهن شاهدي ڏين ته پوءِ بند رکو انهن کي گهرن ۾ تانجو وٺي وڃي انهن کي موت يا ڪري الله انهن جي لاءِ ڪو رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن شاهدي ڏين ته انهن کي گهرن ۾ جهليو (يعني بند رکو) جيستائين انهن کي موت نه ماري يا الله انهن لاءِ ڪو رستو (مقرر) نه ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن ته انهن تي پنهنجن ماڻهن مان چئن مردن جي شاهدي وٺو. پوءِ جي (چار ماڻهو) شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو انهن کي موت ماري يا الله انهن جي لاءِ ڪو رستو پيدا ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اوهان جي عورتن مان، ڪَن ڪِني ڪا ڪار، پوءِ آڻيو شاهد اُنهن تي، چڱا چوکا چار، پوءِ ساک ڏنئون، ته سوگھو ڪريونِ حويلين ۾ هيڪار، تان موت اُنهن کي؛ يا صاحب ربُّ ستار، ڪو حيلو اُنهن هار، مقرر ڪري مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن، ته انهن لاءِ پنهنجن ماڻهن مان چئين جي شاهدي وٺو، جيڪڏهن اهي شاهدي ڏين، ته انهن کي گهرن ۾ بند رکو. جيسين انهن کي موت ماري، يا انهن لاءِ الله ڪو رستو پيدا ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاريءَ جون ڏوهاري بڻجن، انهن تي پاڻ مان چئن ماڻهن جي شاهدي وٺو ۽ جيڪڏهن چار ماڻهو شاهدي ڏئي وڃن ته کين گهرن ۾ بند ڪري رکو، تانجو کين موت اچي يا الله انهن لاءِ ڪو رستو ڪڍي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڪندڙ هجن توهان جي عورتن مان بدڪاري، ته پوءِ شاهدي وٺو انهن تي چئن ماڻهن جي پاڻ مان ۽ جيڪڏهن چار ماڻهو شاهدي ڏين ته انهن کي بند رکو گهرن ۾ ايستائين جو انهن کي موت اچي يا الله انهن جي لاءِ ڪو رستو ڪڍي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان جي عورتن مان ڪي بدڪاريءَ جو ڪم ڪري وجهن، ته انهن تي پاڻ مان چار ماڻهو شاهد بيھاريو، جيڪڏهن هو شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهر ۾ سخت نگرانيءَ ۾ رکو، ايستائين جو کين موت اچي يا انهن لاءِ الله تعالى ٻيو ڪو رستو ڪڍي (ٻيو رستو بعد ۾ سورة نور ۾ ٻڌايو ويو آهي). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذانِ يَأتِيٰنِها مِنكُم فَـٔاذوهُما فَإِن تابا وَأَصلَحا فَأَعرِضوا عَنهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 16) |
۽ اوھان مان جيڪي ٻه (زاني ۽ زانياڻي) زنا ڪن تن کي مار ڏيو، پوءِ جيڪڏھن توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته اُنھن (جي مار ڏيڻ) کان مُڙو، ڇوته الله توبه قبول ڪندڙ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ٻه توهان مان بدچالي جو گناه ڪن تن کي ايتري مار ڏيو جو ايذاءُ اچين، پوءِ جيڪڏهن هو ٻئي توبهه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته هنن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله تعاليٰ توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مان جيڪي مرد يا عورتون ايئن ڪن ته پوءِ انهن کي ايذاءُ ڏيو پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن ۽ چڱا ڪم ڪن ته پوءِ انهن کي ايذاءُ نه ڏيو، بيشڪ الله تعالى گهڻو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان جيڪي به ماڻهو (بدڪاري) ڪن، تن کي سزا ڏيو (مار ڏيو) پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي (پنهنجي حرڪت کان) توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ خدا مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي (مرد) جو آڻين ٿا اها (برائي) اوهان مان پوءِ ايذايو انهن ٻنهي کي پوءِ جيڪڏهن توبہ ڪن ۽ پاڻ کي سڌارين ته پوءِ منهن موڙيو انهن ٻنهين کان بيشڪ الله آهي توبہ قبول ڪندڙ، مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ٻه ماڻهو اوهان مان اها (بدڪاري) ڪن تن کي سزا ڏيو. پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان مان جيڪي بدڪاري ڪن ته پوءِ انهن ٻنهين کي سزا ڏيو. پوءِ جي توبه ڪن ۽ پنهنجو اصلاح ڪن ته انهن (کي سزا ڏيڻ) کان ڪنارو ڪيو. بيشڪ الله وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اهي ٻه اوهان مان، جي ڪن سا، ڪِنِي ڪار، ته ڏاڍو ڏکويو انهن کي، پوءِ جي توبه ڪيون تڪرار، ۽ چڱِي ڪيائون چال ورِي، ته ڪريونِ معاف ميار، قبوليندڙ ڪلتار، ترسَوند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي به ٻه مرد اوهان مان بدڪاري ڪن ته انهن کي ايذاءَ ڏيو. پوءِ جي توبهه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله توبهه قبول ڪندڙ، مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان مان جيڪي انهيءَ فعل جا ڏوهاري بڻجن، انهن ٻنهي کي اذيت ڏيو، پوءِ جيڪڏهن هو توبه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ته انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇو جو الله ڏاڍو توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان مان جيڪڏهن ڪير اهو فعل ڪري ته انهن ٻنهي کي ايذاء ڏيو، پوءِ جڏهن اهي توبهه ڪن ۽ پنهنجي اصلاح ڪن ته انهن کي ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله قبول ڪري ٿو توبهه ۽ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪڏهن ٻه مرد (شادي شده ۽ غير شادي شده) بدڪاريءَ جو ڪم ڪري وجهن، ته کين سزا ڏيو پوءِ جيڪڏهن هو توبہ ڪن ۽ پنھنجي اصلاح ڪن، ته کين ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّمَا التَّوبَةُ عَلَى اللَّهِ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السّوءَ بِجَهٰلَةٍ ثُمَّ يَتوبونَ مِن قَريبٍ فَأُولٰئِكَ يَتوبُ اللَّهُ عَلَيهِم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 17) |
الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فقط انهن جي توبهه قبول ٿو ڪري جي ڪو برائي جو ڪم نادني ۽ بي خبريءَ ۾ ڪري ٿا ويهن ۽ پوءِ هڪدم (پشيمان ٿي ارمان ڪن ٿا ۽) توبهه ڪن ٿا، بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن ڏانهن الله تعاليٰ (پنهنجي رحمت سان) موٽي ٿو ُ يقيناً هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن جي توبه قبول ڪري ٿو جيڪي بي خبري ۾ گناه ڪن ٿا پوءِ جلدي ۾ توبه ڪن ٿا انهن کي الله تعالى پنهنجي رحمت سان سرفراز ڪري ٿو، ۽ الله تعالى مخلوق کي ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر خدا جي بارگاھ ۾ توبه ته فقط انهن ئي ماڻهن جي (صحيح) آهي جيڪي اڻ ڄاڻائي سان بڇڙائي ڪن ٿا ۽ وري يڪدم توبه ڪن ٿا ته پوءِ خدا به اهڙن ماڻهن جي توبه قبول ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا ته (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق توبہ قبول ڪرڻ وارا الله جي بارگاهه ۾ انهن جي لاءِ آهي جيڪي ڪن ٿا بڇڙائي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ تنهن کانپوءِ توبہ ڪن ٿا جلدي پوءِ اهي توبہ قبول ٿو ڪري الله انهن جي ۽ آهي الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي ذمي فقط انهن جي توبه قبول ڪرڻ جو وعدو آهي، جيڪي بي سمجهيءَ سان بڇڙائي ڪن ٿا، وري جلد توبه ڪن ٿا پوءِ انهن تي الله مهرباني ڪندو. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله (جي ذمهءِ ڪرم) تي صرف انهن ماڻهن جي توبه قبول ڪرڻ آهي جيڪي ناداني ۾ گناهه ڪري ويهن ٿا پوءِ جلدي توبه ڪن ٿا پوءِ اُهي ئي آهن جو الله انهن جي توبه قبول ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ربَّ وٽ توبه تن جي، جي ڪن غفلت منجھ گناه، ورِي ورن ويجھڙو، گُھرن پاند پناه، ته الله پاڪ اُنهن تي، وِهلو وَري واه!، ۽ آهي پاڪ الله، سمجھندڙ، سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي نادانيءَ ڪري بڇڙائي ڪري وجهن ٿا ۽ پوءِ جلد ئي توبهه ڪن ٿا، اهڙن تي الله مهرباني ڪري ٿو ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر اها ڳالهه ڄاڻي ڇڏيو ته الله تي توبهه قبول ڪرڻ جو حق انهن ماڻهن لاءِ آهي، جيڪي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪو برو فعل ڪري ٿا ويهن، پوءِ جلد ئي توبهه ڪن ٿا، اهڙن ماڻهن تي الله ورائي پنهنجي مهربانيءَ جي نظر ڪري ٿو ۽ الله سمورين ڳالهين جي خبر رکندڙ ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توبهه جي قبوليت جو حق الله وٽ انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي ناداني ۾ اهو برو ڪم ڪن ٿا ۽ ان کان پوءِ جلد توبهه ڪري وٺن ٿا اهڙن ماڻهن تي الله پنهنجي نظرِ عنايت سان وري توجهه ڏئي ٿو، ۽ الله هر ڳالهه جي خبر رکڻ وارو، حڪيم ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ذهن ۾ رکو) ته الله تعالى تي صرف انهن ماڻهن جي توبہ قبول ڪرڻ جو حق ٿِئي ٿو، جن رڳو ناسمجهي ۾ اهو برو عمل ڪيو هوندو ۽ هڪدم توبہ ڪئي هوندي، اهڙن ماڻهن کي الله تعالى معاف ڪندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جي خبر رکندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَيسَتِ التَّوبَةُ لِلَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ حَتّىٰ إِذا حَضَرَ أَحَدَهُمُ المَوتُ قالَ إِنّى تُبتُ الـٰٔنَ وَلَا الَّذينَ يَموتونَ وَهُم كُفّارٌ أُولٰئِكَ أَعتَدنا لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 18) |
۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهن ماڻهن جي توبهه (سچي توبهه) ناهي جي سڄي عمر بڇڙايون ڪندا رهن جيستائين انهن مان ڪنهن جي مٿان موت اچي بيهي ۽ پوءِ چوي ته هاڻي مون توبهه ڪئي. اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي توبهه به ڪم جي ناهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. انهن سڀني ماڻهن لاءِ (عيني گناه ڪندڙ مسلمانن توڙي ڪافرن لاءِ) اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ماڻهن جي توبه قبول ناهي جيڪي گناه ڪن ٿا، ايستائين جو جنهن وقت انهن مان هڪڙي تي موت جي سڪرات اچي ٿي، (پوءِ) چوي ٿو آئون هينئر توبه تائب ٿيس ۽ ناهي قبول توبه انهن جي جيڪي موت جي وقت ڪافر ٿي مئا، انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪرايو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ توبه انهن ماڻهن لاءِ (فائدي واري) نه آهي جي (عمر ڀر ته) بڇڙا ڪم ڪندا رهن ايستائين جو انهن مان ڪنهن جي سرُ تي موت آيو ته چوڻ لڳو: هينئر مون توبه ڪئي ۽ (اهڙي طرح) انهن لاءِ (به توبه مفيد) نه آهي جي ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا. اهڙن ئي ماڻهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي توبہ (قبول ڪرڻ) انهن جي لاءِ جو ڪن ٿا برايون تانجو جڏهن پهتو هڪڙي انهن جي وٽ موت ته چيائين بيشڪ مون توبہ ڪئي هاڻي ۽ انهن جي لاءِ جو مرن ٿا ان حال ۾ جو اهي ڪافر آهن تيار ڪيوسون انهن جي لاءِ عذاب دردناڪ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جي توبه قبول نه آهي جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا، ايتري تائين جو جڏهن انهن مان ڪنهن جي سامهون موت اچي ٿو ته چوي ٿو ته مون هاڻي توبه ڪئي۽ نه ڪي انهن جي جيڪي ڪافر ٿي مرن ٿا. انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهڙن ماڻهن جي توبه (جي قبوليت) ناهي جيڪي گناهه ڪندا رهن ٿا، تانجو جڏهن انهن مان ڪنهن وٽ موت اچِي پهچي ٿو (ان وقت) چوي ته ”آءُ هاڻي توبه ٿو ڪيان“. نه ئي اهڙن ماڻهن جي لاءِ (توبه) آهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن. انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ڪا توبه تن لئي، ته ڪوجھا ڪن ڪم ڪار، تان موت منجھانِ، ڪنهن مٿي، واسُو ٿيو جنهن وار، موٽيس هن مهل ۾، ٻوليائين ٻيهار، ۽ نڪا توبه تن مٿي، جي مرن ٿِي مردار، اسان اُنهن هار ساڙو، سُور تيار ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن جي توبهه قبول نه ٿي ٿئي، جي بڇڙا ڪم ڪندا رهن ٿا. ايتري تائين جو جڏهن منجهائن ڪنهن وٽ موت اچي ٿو تڏهن چوي ”مون هاڻي توبهه ڪئي“ نڪي انهن جي، جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. اهڙن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر توبهه انهن ماڻهن لاءِ ناهي جيڪي برا ڪم ته ڪندا رهن ٿا، تان جو جڏهن انهن مان ڪو اچي موت کي ويجهو ٿئي ٿو ته پوءِ چوي ٿو ته هاڻي مان توبهه ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح توبهه انهن ماڻهن لاءِ به ناهي، جيڪي مرڻ ويل تائين ڪافر هجن. اهڙن ماڻهن لاءِ ته اسان دردناڪ سزا تيار ڪري ڇڏي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه آهي توبهه انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي برا ڪم ڪندا رهن ٿا، انهيءَ حد تائين جو جڏهن ڪنهن جي موت جو وقت اچي ٿو ته چوي ٿو هينئر مون توبهه ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي لاءِ توبهه نه آهي جيڪي مرڻ تائين ڪافر رهيا، اهڙن ماڻهن جي لاءِ ته اسان تيار ڪري رکي آهي دردناڪ سزا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي توبہ انهن ماڻهن جي لاءِ نه آهي، جيڪي لڳاتار برا ڪم ڪندا رهن، پوءِ جڏهن انهن مان ڪنھن کي موت جو وقت اچي پھچي، ته ان وقت هو چوي ته بيشڪ هاڻي مان توبہ ڪئي، سو اهڙن ماڻهن جي ڪا به توبہ ناهي، جيڪي مرڻ گهڙي تائين ڪافر ٿي رهيا، انهن سڀني لاءِ اسان تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا يَحِلُّ لَكُم أَن تَرِثُوا النِّساءَ كَرهًا وَلا تَعضُلوهُنَّ لِتَذهَبوا بِبَعضِ ما ءاتَيتُموهُنَّ إِلّا أَن يَأتينَ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ وَعاشِروهُنَّ بِالمَعروفِ فَإِن كَرِهتُموهُنَّ فَعَسىٰ أَن تَكرَهوا شَيـًٔا وَيَجعَلَ اللَّهُ فيهِ خَيرًا كَثيرًا (آيت : 19) |
اي ايمان وارؤ! اوھان کي زالن جو (سندن) بي مرضيءَ وارث ٿيڻ روا نه آھي، ۽ نڪي سندن پڌري گناہ ڪرڻ کان سواءِ کين ھن لاءِ جھليو ته جيڪي کين ڏنو ھجيوَ تنھن مان ڪجھ ورائي وٺو، ۽ ساڻن ھلي چلي وانگر گذاريو، پوءِ جيڪڏھن اُھي اوھان کي نه وڻن ته (ڌيرج ڪريو ڇوته) جا شي اوھان کي نه وڻندي ھجي تنھن ۾ ٿيڻي آھي ته الله گھڻي چڱائي ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! توهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جائز ناهي ته عورتن کي (فوتيءَ جي) ميراث سمجهي (فوتيءَ جي مال سان گڏ) انهن تي زور سان قبضو ڪيو. نڪي اوهان کي ائين ڪرڻ گهرجي جو جيڪو (مهر يا مال متاع) انهن کي ڏنو هجيو ان مان ڪجهه کانئن وٺڻ لاءِ مٿن سختي ڪيو ۽ انهن کي روڪي وهاريو. سواءِ ان حالت جي جڏهن هو ظاهر ظهور فاحش ڪم ڪندڙ هجن ۽ هنن سان گڏ گذارڻ ۾ انصاف ۽ مهرباني جي هلت ڪيو، پر جيڪڏهن توهان کي هو ناپسند هجن (ته بگڙجي نه وڃو) ممڪن آهي ته توهان ڪنهن ڳالهه کي ناپسند ٿا ڪريو، پر الله تعاليٰ ان ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي رکي هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان کي حلال ناهي جو زبردستي عورتن جا وارث ٿيو، ۽ توهان نه روڪيو انهن عورتن کي انهيءَ ارادي سان ته جيڪا مَهر انهن کي ڏني اٿو انهيءَ مان ڪجهه واپس وٺو مگر انهيءَ حال ۾ جو چِٽي بي حيائي ڪن، ۽ انهن عورتن سان سهڻو سلوڪ ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجين گهر وارين کي ناپسند ڪريو ٿا پوءِ شايد جيڪي گهر واريون توهان کي ناپسند آهن الله تعالى انهن مان توهان کي صالح اولاد عطا فرمائي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهان کي جائز نه آهي جو (پنهنجي وارث جي) عورتن سان نڪاح ڪري (اجايو سجايو ۽) زبردستي انهن جا وارث بڻجو، پڻ جو ڪجھ اوهان کين (مڙس جي ترڪه مان) ڏنو آهي ان مان ڪجھ واپس وٺڻ جي ارادي سان کين ٻين سان (نڪاح ڪرڻ) کان نه جهليو پر جڏهن ظاهر بدڪاري ڪن (ته کين جهلڻ ۽ منع نه آهي) ۽ زالن سان سٺي سلوڪ سان هلندا رهو پر جي اوهان کين ڪنهن سبب ڪري پسند نه ڪيو (ته پوءِ صبر ڪيو) ڇو ته عجب نه آهي ته جنهن ڳالھ کي توهين پسند نه ڪريو خدا ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه ٿو حلال ٿئي اوهان جي لاءِ ته وارث بنجو عورتن جا زبردستيءَ سان ۽ نه روڪيو انهن کي تانته کڻي وڃو ڪجهه ان مان جو ڏنو هيُوَ انهن کي مگر هن ڳالهه جي ڪري جوآڻين برائي پڌري ۽ وقت گذاريو انهن سان چڱي نموني پوءِ جيڪڏهن نه ٿا پسند ڪيو انهن کي ته پوءِ ويجهي آهي هيءَ ڳالهه جو نه پسند ڪيو ڪا شيءِ ۽ ڪري الله ان ۾ ڀلائي گهڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! اوهان کي زالن جو زبردستيءَ سان وارث ٿيڻ جائز نه آهي ۽ انهن کي هن لاءِ (شادي ڪرڻ کان) نه روڪيو ته جيڪي اوهان کين ڏنو تنهن مان ڪجهه موٽائي وٺو پر جنهن وقت ظاهر بدڪاري ڪن. ۽ زالن سان دستور جي موافق گڏجي رهو، ۽ پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کي نه وڻن ته شايد اوهان کي ڪا شيءِ نه وڻي ۽ الله ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان لاءِ اهو حلال نه آهي جو اوهان زبردستي عورتن جا وارث بنجي وڃو. ۽ نه اهو حلال آهي جو انهن تي سختي ڪيو هن لاءِ ته انهن کي ڏنل مهر مان ڪجهه واپس وٺو سواءِ ان صورت جي جو اهي کُليل بي حيائي جو ڪم ڪري ويهن، ۽ انهن سان سهڻي سلوڪ سان زندگي گذاريو. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن کي ناپسند ڪيو ٿا ته ممڪن آهي جو اوهان ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪيو ۽ الله ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو جن مذڪور!، موڪل نه آن کي مورهين، ته وارث وَنِين جا بَنو، زوران زور ضرور، ۽ نه جھلينِ، ته وٺو اُن منجهان، جو مال ڏنان تن مور، تان پڌرو ڪن قُصور، چلو چڱو اُنهن سان. جي رهيا رنج اُن مان، ته رهي سگھو ٿا رنج، ڪنهن شئ کان، ته گھڻو گنج منجھس، خير خدا ڪري. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! اوهان کي جائز نه آهي، ته زبردستيءَ زالن جا وارث بڻجي وڃو ۽ انهن کي انهيءَ لاءِ روڪي رکو، ته جيڪي انهن کي ڏنو اٿو، ان مان ڪجهه هٿ ڪريو. سواءِ انهيءَ جي، جو پڌري بدڪاري ڪن ۽ انهن سان چڱي نموني هلو. جيڪڏهن اوهان کي نه وڻن ته عجب ناهي، جو اوهان کي ڪا چيز نه وڻي، پر الله تعاليٰ ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ ! توهان لاءِ اهو حلال ناهي ته زوريءَ عورتن جا وارث بڻجي ويهو ۽ نڪي اهو حلال اٿوَ ته کين تنگ ڪري انهيءَ مهر جو ڪو حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪو توهان کين ڏئي چڪا آهيو، باقي جيڪڏهن هو ڪنهن پڌري بدڪاريءَ جون ڏوهاري بڻجن (ته پوءِ بيشڪ کين تنگ ڪرڻ جو حق توهان کي آهي). ساڻن سٺي نموني زندگي گذاريو. جيڪڏهن هو توهان کي نه وڻنديون هجن ته ٿي سگهي ٿو ته ڪا شيءِ توهان کي پسند نه هجي مگر الله انهيءَ ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، هي حلال نه آهي توهان جي لاءِ ته وارث بنجي ويهو عورتن جا زبردستي ۽ نه هي حلال آهي ته انهن کي تنگ ڪري سندن مهر جو ڪجهه حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو جيڪو توهان انهن کي ڏنو آهي، ها جي اهي فاحشي اختيار ڪن ظاهري طور، ته کين تنگ ڪرڻ جو حق آهي، ساڻن چڱيءَ طرح هلو، جي توهان کي پسند ناهن ته ٿي سگهي ٿو جيڪا توهان کي پسند ناهي، پر الله توهان جي لاءِ ان ۾ وڏي ڀلائي رکي هجي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان لاءِ اهو حلال نه آهي، ته اوهان (بيوهه عورتن کي به فوت ٿيل مڙسن جي ڇڏيل ملڪيت سمجهي) زبردستي انهن جا وارث ٿي بيھو ۽ نه ئي عورتن کي تنگ ڪري ڏنل مھر مان ڪجهه حصو ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪريو، ها جيڪڏهن هو ڪنھن پڌري بدڪاريءَ ۾ ملوث ٿي چڪيون آهن، ته پوءِ کين سيکت ڏيڻ لاءِ تنگ ڪري سگهو ٿا (باقي مھر ڦٻائڻ لاءِ پوءِ به تنگ نٿا ڪري سگهو)، انهن سان سھڻي طريقي سان زندگي گذاريو، جيڪڏهن توهان انهن کي پسند نٿا ڪريو، ته ٿي سگهي ٿو ته جيڪا شيءِ اوهان کي پسند نه اچي، ان ۾ ئي الله تعالى ڪا وڏي ڀلائي رکي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن أَرَدتُمُ استِبدالَ زَوجٍ مَكانَ زَوجٍ وَءاتَيتُم إِحدىٰهُنَّ قِنطارًا فَلا تَأخُذوا مِنهُ شَيـًٔا أَتَأخُذونَهُ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 20) |
۽ جيڪڏھن (ھڪ) زال جي بجاءِ ٻي زال پرڻڻ جو ارادو ڪريو ۽ اُنھن مان ھڪڙيءَ کي گھڻو مال (ڪابين ۾) ڏنو ھجيوَ ته منجھانئس ڪجھ موٽائي نه وٺو، (اوھين) بھتان ۽ پڌري بدي لائي اُھو (مال) ڇو کسيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان ارادو ڪيو ته هڪڙيءَ زال کي ڇڏي ٻي آڻيو ۽ جيڪڏهن پهرئين زال کي سون ۽ چاندي جو ڍير (مهر ۾) ڏنو هجيو تڏهن به ائين ڪرڻ نه گهرجي جو هن کان ان مان ڪجهه واپس وٺو، ڇا توهان بهتان لڳائي ۽ ظاهر ظهور ظلم ڪري مال کسي وٺندؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن هڪ گهر واريءَ جي عيوض ٻيءَ گهر واريءَ سان نڪاح ڪرڻ چاهيو ٿا، ۽ انهن مان هڪڙي کي توهان گهڻو مال ڏنو آهي پوءِ انهيءَ مان ڪجهه به واپس نه وٺو، ڇا توهان گهر وارين کان مال وٺو ٿا ٺڳي ۽ صاف گناه سان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال (کي طلاق ڏئي ان جي جاءِ تي ٻي سان نڪاح ڪري) بدلي ۾ آڻڻ گهرو ٿا ۽ اوهان انهن هڪ (يعني پهرين کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجھ به موٽائي نه وٺو. ڇا! (توهان جي اها غيرت آهي جو اجايو سجايو) ڪو نه ڪو ڪوڙ ٻَڌي يا ظاهر ڏوھ رکي (واپس وٺو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ارادو ٿا ڪيو مٽائڻ هڪ زال جي جو بجاءِ ٻيءَ زال جي ۽ ڏنُوَ هڪڙيءَ کي انهن مان گهڻو مال پوءِ نه وٺو ان مان ڪجهه به ڇا وٺو ٿا اهو ناحق ۽ گناهه چٽي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن هڪ زال جي جاءِ تي ٻي زال کي بدلي (يعني نڪاح) ۾ آڻڻ گهرو ۽ اوهان انهن مان هڪ (پهرينءَ کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجهه به موٽائي نه وٺو. ڇا؟ ان کي ظلم ۽ پڌري گناهه سان وٺو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان هڪ زال جي بدلي ٻي زال آڻڻ چاهيو ۽ اوهان انهن مان هڪڙي کي مال جا ڍير ڏئي چڪا آهيو ته ان مان ڪابه شيءِ واپس نه وٺو. ڇا توهان ناحق الزام ۽ پڌري گناهه جي ذريعي اهو مال (واپس) وٺڻ چاهيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مٽڻ گهرو مورهين، هڪ زال، بجاءِ ٻي زال، پوءِ مُهر ڏنان مال گھڻو، ته موٽي نه وَٺونِ، سو مال، ڇا ڪوڙِي تهمت نال، وٺو پڌري پاپ سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اوهين هڪ زال کي ڇڏي ان جي بدلي ٻي زال ڪرڻ گهرو ۽ هڪڙيءَ کي گهڻو مال ڏنو هجيوَ ته ان مان ڪجهه به موٽائي نه وٺو. ڇا اوهين پنهنجي ڏنل مال کي بهتان ۽ کلئي ظلم سان وٺندؤ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن زال جي بدران ڪا ٻي زال آڻڻ جو ارادو ڪري ئي ڇڏيو ته کڻي توهان کيس ڪو ڍير مال ئي ڇو نه ڏنو هجي، ان مان ڪجهه به واپس نه وٺجو. ڇا توهان بهتان لڳائي ۽ کليو کلايو ظلم ڪري واپس وٺندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن توهان ارادو ڪيو آهي هڪ زال جي جاءِ تي ٻيءَ کي آڻڻ جو، پوءِ توهان هن کي ڀلي ڪيترو به ڍير سارو سامان ڇو نه ڏنو هجي، ان مان واپس نه وٺو ڪجهه به، ڇا توهان ان تي بهتان لڳائي ۽ سڌو سنئون ظلم ڪري واپس وٺندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان هڪ زال کي ڇڏي، ٻي زال آڻڻ چاهيو ٿا، ته ڇڏڻ واري زال کي اوهان ڪيترو به ڍير سارو مال ڏنو هجي، ان مال مان ڪجهه به واپس نٿا وٺي سگهو، ڇا توهان الزام لڳائي ۽ ظلم سان ان کان مال واپس وٺندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَيفَ تَأخُذونَهُ وَقَد أَفضىٰ بَعضُكُم إِلىٰ بَعضٍ وَأَخَذنَ مِنكُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 21) |
۽ بيشڪ اوھان ھڪ ٻئي کان نفعو وٺي چڪؤ ۽ (زالن به) اوھان کان (مھر ڏيڻ جو) پڪو انجام ورتو آھي اِنھيءَ ھوندي به اُھو (مال) ڪھڙي طرح کسيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيئن مال کسي وٺندؤ، جڏهن ته زال مڙس ٿي رهيا آهيو ۽ اوهان جي زالن نڪاح جي وقت (پنهنجي حقن جو) عهد اقرار اوهان کان وٺي ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪهڙيءَ طرح انهي کي واپس وٺندا حالانڪ توهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ انهن عورتن توهان کان پڪو وعدو ورتو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين ڪئين ان کي واپس وٺي سگهو ٿا جڏهن اوهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ زالون اوهان کان (نڪاح جي وقت کاڌي وغيره جو) پڪو انجام وٺي چڪيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيئن ٿا وٺو اهو ۽ تحقيق پهتو بعض اوهان مان بعض ڏانهن ۽ ورتائون اوهان کان وعدو پڪو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيئن ان کي وٺو ٿا هوڏانهن اوهان هڪ ٻئي سان ملي چڪا آهيو ۽ زالون اوهان کان پڪو انجام وٺي چڪيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو (مال) ڪيئن ٿا واپس وٺو! جڏهن ته اوهان هڪ ٻئي مان لطف اندوز ٿي چڪا آهيو ۽ اُهي اوهان کان پڪو عهد به وٺي چڪيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيئن موٽي وٺونِ مال سو، جڏهن هڪ ٻئي کي، پُهتا پاڻ، پورِي پَڪائـِي ساڻ، جڏهن ورتئون، اوهان کان واعدا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪيئن ان کي موٽائي وٺندؤ، جڏهن ته اوهان هڪ ٻئي سان مرد ۽ زال ٿي رهيا آهيو ۽ هو اوهان کان (نڪاح وقت) پڪو اقرار ڪرائي چڪيون آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آخر توهان اهو ڪيئن وٺندؤ، جڏهن جو توهان هڪ ٻئي مان مزو ماڻي چڪا آهيو ۽ هو توهان کان پڪو اقرار وٺي چڪيون آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر توهان ان کي ڪيئن واپس وٺندؤ جڏهن ته توهان هڪ ٻئي مان لطف وٺي چڪا آهيو ۽ اها به وٺي چڪي آهي توهان کان پڪو پختو واعدو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آخر توهان انهن کان وٺي به ڪيئن ٿا سگهو؟ اوهان ته انهن سان قرب ونڊي چڪا آهيو ۽ انهن توهان کان باقاعده نڪاح جي ذريعي وعدو ورتو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَنكِحوا ما نَكَحَ ءاباؤُكُم مِنَ النِّساءِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّهُ كانَ فٰحِشَةً وَمَقتًا وَساءَ سَبيلًا (آيت : 22) |
۽ جيڪي زالون اوھان جي پيئن پرڻيون سي اوھين نه پرڻيو پر جيڪي اڳي گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته اُھا بي حيائي ۽ گناہ آھي، ۽ اُھا بُڇڙي واٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن عورتن کي پنهنجي نڪاح ۾ نه آڻيو جن کي توهان جي والد نڪاح ۾ آندو هو (عرب اڳي ائين ڪندا هئا) هن کان اڳي جو ڪجهه ٿي چڪو سو ٿي چڪو. (ائنده لاءِ ياد رکو ته) اهو وڏو فاحش ڪم هو، نفرت جهڙو ڪم هو ۽ ڪنو بڇڙو دستور هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پيءُ ۽ ڏاڏي جي منڪوحه سان نڪاح نه ڪريو مگر جيڪو ٿي گذريو بيشڪ اها بي حيائي ۽ غضب جو ڪم آهي، ۽ خراب واٽ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن زالن سان اوهان جي پيءُ ڏاڏن نڪاح (جماع يا زنا) ڪيو هجي ته اوهين انهن سان نڪاح نه ڪريو. پر جي ٿي چڪو (سو ٿي چڪو تڏهن به) اها بدڪاري ۽ خدا کي رنج ڪرڻ جي ڳالھ ضرور هئي پڻ تمام بڇڙو طريقو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه نڪاح ڪيو انهن سان جو نڪاح ڪيو (انهن سان) پيئرن اوهان جي عورتن مان مگر جيڪو اڳ ۾ ٿي چڪو بيشڪ اهو آهي بڇڙو ڪم ۽ (الله جي) ڪاوڙ (جوسبب) ۽ بري واٽ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن زالن سان اوهان جي پيئرن نڪاح ڪيو تن سان اوهين نڪاح نه ڪريو، پر جيڪو (ڪفر جي زماني ۾ ) اڳي ٿي چڪو (سو معاف آهي). ڇو ته اها بي حيائي ۽ غضب وارو ڪم آهي ۽ اهو بڇڙو رستو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن عورتن سان نڪاح نه ڪيو جن سان اوهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا آهن سواءِ ان جي جو (هن حڪم کان) اڳ گذري چڪو. بلاشڪ اها وڏي بي حيائي ۽ غضب (جو باعث) ۽ بُري واٽ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سي جويون نه پرڻيون پاڻ، جي پِئي اوهان جا پرڻيا، مگر جيڪي مَهند ٿيو، اِي بُرو منجھ بُڇاڻ، ڪَٺن ڪاوڙ ڪاڻ، ۽ واٽ بِنہ ڪا بُڇڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن زالن سان اوهان جا ابا نڪاح ڪري چڪا آهن. انهن سان نڪاح نه ڪجو، مگر جيڪي اڳ ٿي گذريو (سو گذريو). اها وڏي بي حيائي ۽ (خدا جي) غضب جي ڳالهه ۽ بڇڙو رستو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن عورتن سان توهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا هجن، انهن سان ڪڏهن به نڪاح نه ڪجو مگر اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو. حقيقت ۾ اهو بي حيائيءَ جو ڪم آهي، اڻ وڻندڙ آهي ۽ بڇڙي ريت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان انهن سان نڪاح نٿا ڪري سگهو جن سان توهان جا پيءُ نڪاح ڪري چڪا آهن، پر اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو، حقيقت ۾ اها هڪ وڏي بي حيائي آهي، ۽ اڻ وڻندڙ بري چال آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان اهڙين عورتن سان ڪڏهن به نڪاح نه ڪجو، جن سان اڳ ۾ توهان جا پيئر نڪاح ڪري چڪا آهن، اڳ ۾ جيڪو ٿيو سو ٿيو، بيشڪ اهو عمل بيحيائي، نفرت وارو ۽ برو رستو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
حُرِّمَت عَلَيكُم أُمَّهٰتُكُم وَبَناتُكُم وَأَخَوٰتُكُم وَعَمّٰتُكُم وَخٰلٰتُكُم وَبَناتُ الأَخِ وَبَناتُ الأُختِ وَأُمَّهٰتُكُمُ الّٰتى أَرضَعنَكُم وَأَخَوٰتُكُم مِنَ الرَّضٰعَةِ وَأُمَّهٰتُ نِسائِكُم وَرَبٰئِبُكُمُ الّٰتى فى حُجورِكُم مِن نِسائِكُمُ الّٰتى دَخَلتُم بِهِنَّ فَإِن لَم تَكونوا دَخَلتُم بِهِنَّ فَلا جُناحَ عَلَيكُم وَحَلٰئِلُ أَبنائِكُمُ الَّذينَ مِن أَصلٰبِكُم وَأَن تَجمَعوا بَينَ الأُختَينِ إِلّا ما قَد سَلَفَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 23) |
(اي مسلمانؤ) اوھان تي اوھان جون مائر ۽ اوھانجون ڌيئر ۽ اوھانجون ڀينر ۽ اوھانجون پڦيون ۽ اوھانجون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اُھي اوھان جون مائر جن اوھان کي ٿڃ پياري ۽ اوھان جون رضائي (ٿڃ گڏ پيتل) ڀينر ۽ اوھان جي زالن جون مائر (يعني سَسون) ۽ اُھي اوھانجون اڳ ڄايون جيڪي اوھانجي ھنجن ۾ پليون ( ۽ ) اوھان جي اُنھن زالن مان ھجن جن کي اوھين ويجھا ويا آھيو پر جيڪڏھن اوھين اُنھن (سندن مائرن) کي ويجھا نه ويا آھيو ته اوھان تي گناہ نه آھي (اِھي سڀ) حرام ڪيون ويون آھن، ۽ اوھان جي اُنھن پُٽن جون زالون جيڪي (پٽ) اوھانجي پٺين مان (پيدا ٿيل) آھن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ پرڻڻ (حرام ڪيو ويو آھي) پر جيڪي اڳ گذريو آھي (سو گذريو) ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن عورتن سان نڪاح ڪرڻ اوهان لاءِ حرام ٺهرايو ويو آهي، اوهان جون مائر، اوهان جون ڌيئر، اوهان جون ڀينر، اوهان جون پڦيون، اوهان جون ماسيون، اوهان جون ڀائٽيون، اوهان جون ڀاڻيجيون، اوهان کي ٿڃ پيارڻ واريون مائون، ٿڃ واريون ڀينر، توهان جي زالن جون مائر، توهان جي زالن جي اڳين مڙسن جون ڌيئر جي توهان جي سنڀال هيٺ آيون آهن، جيڪڏهن توهان پنهنجي زالن سان همبستر ٿي چڪا آهيو، پر جيڪڏهن (نڪاح جو عقد ٻڌل آهي پر) زالن سان اڃا همسبتر نه ٿيا آهيو، پوءِ (انهن کي طلاق ڏيئي) انهن جي ڌيئرن کي نڪاح ۾ آڻيو ته اوهان تي گناه ڪونهي، توهان جي حقيقي پٽن جون زالون (به اوهان کي حرام آهن) ۽ (پڻ هي ڳالهه به حرام ڪيل آهي ته هڪ ئي وقت ۾) ٻن ڀينرن کي نڪاح ۾ آڻيو. (هن حڪم جي نازل ٿيڻ کان) اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو، الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تي توهان جون مائون حرام ڪيون ويون آهن ۽ توهان جون ڌيئون ۽ توهان جون ڀينرون ۽ توهان جون پڦيون ۽ توهان جون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجون ۽ حرام ڪيون ويون توهان جون مائون جن توهان کي کير پياريو ۽ کير جون ڀينرون ۽ سَسُون ۽ نِپايل اڳ ڄايون نياڻيون، انهن عورتن جون جن سان توهان جماع ڪيو آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن عورتن سان جماع نه ڪيو آهي ته پوءِ توهان تي ڪو گناه ناهي، ۽ توهان تي توهان جون سڳيون نُهون حرام آهن، ۽ توهان تي حرام آهي ٻن ڀيڻن کي هڪ وقت ۾ گڏ نڪاح ۾ رکڻ مگر جيڪو ٿي گذريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو! هي) عورتون اوهان تي حرام ڪيل آهن: اوهان جون مائرون (ڏاڏي ناني وغيره) ۽ توهان جون ڌيئرون (پوٽيون ڏهٽيون) ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جو ڦڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀائيٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ اوهان جون اهي مائرون جن اوهان کي ٿڃ پياري هجي ۽ توهان جون (ٿڃ گڏ پيتل) رضاعي ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون ۽ اوهان جون اڳ ڄايون جيڪي اوهان جي هنجن ۾ (پليون) هجن (۽) اوهان جي انهن زالن مان هجن جن سان اوهان صحبت ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي هجي ته اوهان تي ڪو گناھ نه آهي ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پٺين مان (پيدا ٿيل آهن) ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ (نڪاح) ڪرڻ (حرام آهي) مگر جيڪي اڳي (ڪفر جي زماني ۾) ٿي گذريو (سو اوهان کي معاف آهي) بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حرام ڪيون ويون اوهان تي مائرون اوهان جون ۽ ڌيئرون اوهان جون ۽ ڀينرون اوهان جون ۽ پڦيون اوهان جون ۽ ماسيون اوهان جون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻيجيون ۽ مائرون اوهان جون جن کير پياريو اوهان کي ۽ ڀينرون اوهان جون کير جي ڪري ۽ مائرون زالن اوهان جن جون ۽ پاليل ڇوڪريون اوهان جون جيڪي اوهان جي هنجن ۾ آهن.وهان جي زالن مان جن سان جماع ڪيو اٿوَ انهن مان پوءِ جيڪڏهن نه جماع ڪيو هوندوَ انهن سان ته پوءِ ناهي ڪو گناهه اوهان تي ۽ زالون پٽن اوهان جن جون جيڪي (پٽ) اوهان جي پٺين مان آهن ۽ هيءُ (به حرام آهي) جو گڏيو ٻه ڀينرون (نڪاح ۾) مگر جيڪي اڳ ۾ گذري چڪو بيشڪ الله آهي بخشيندڙ مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان تي اوهان جون مائرون حرام ڪيون ويون آهن ۽ اوهان جون ڌيئرون ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جون پڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀاءُ جون ڌيئرون ۽ ڀيڻ جون ڌيئرون ۽ اوهان جون اهي مائرون جن اوهان کي ٿڃ پياري هجي ۽ اوهان جون (ٿڃ گڏ پيتل) رضاعي ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون ۽ اوهان جون اڳ ڄايون جيڪي اوهان جي هنجن ۾ (پليون) هجن (۽) اوهان جي انهن زالن مان هجن جن سان اوهان صحبت ڪئي هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي هجي ته اوهان تي ڪو گناه نه آهي. ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پٺين مان (پيدا ٿيل) آهن ۽ ٻن ڀينرن جو گڏ (نڪاح) ڪرڻ (حرام آهي) پر جيڪو اڳي (ڪفر جي زماني ۾ ) گذري چڪو (سو اوهان کي معاف آهي). بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان تي حرام ڪيون ويون آهن اوهان جون مائرون ۽ اوهان جون نياڻيون ۽ اوهان جون ڀينرون ۽ اوهان جون پڦيون ۽ اوهان جون ماسيون ۽ ڀائٽيون ۽ ڀاڻجون ۽ اوهان کي ٿڃ پياريندڙ مائرون ۽ اوهان جون ٿڃ شريڪ ڀينرون ۽ اوهان جي زالن جون مائرون (سَسُون) ۽ اوهان جي گود ۾ پلجندڙ اُهي نياڻيون جيڪي اوهان جي انهن زالن (جي پيٽان) آهن جن سان توهان صحبت ڪري چڪا آهيو. پر جيڪڏهن اوهان انهن سان صحبت نه ڪئي آهي ته (انهن جي نياڻين سان نڪاح ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه آهي ۽ اوهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي اوهان جي پُٺين مان آهن (يعني نُهون) ۽ (هي به حرام آهي) جو ٻن ڀينرن کي (هڪ مرد جي نڪاح ۾) گڏ ڪيو. سواءِ ان جي جيڪو اڳ گذري چڪو. بيشڪ الله بخشڻهار، ٻاجھارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مائون اوهان جون، اوهان تي، هرگز ٿيون حرام، پڻ اَهنجون بيٽيون، ڀينرون، ماسيون، پُڦيون مدام، ڀائيٽيون، ڀيڻـج ۽ مائرن، جن ڌارايا دوام، اَديون اوهان جون، ٿڃ ڪري، پڻ جوينِ مائون مام، پڻ اڳ ڄايون اوهان جي، جي حجرن منجھ همام، تن جوين مان، جن مان طمع ڪيان تمام، پوءِ ڪونهي قصور اوهان تي، جي ويجھا نه وين وريام، ۽ اهنجي پٺين مان،پٽن جون ناريون نيڪ نام، ۽ ٻه ڀيڻيون گڏيو، ته بند؛ مگر جو وَهيو اڳ وريام! آهي ربَّ علام، مرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (نڪاح لاءِ) اوهان تي هيٺيون عورتون حرام آهن: اوهان جون مائون، ڌيئرون، ڀينرون، پڦيون، ماسيون، ڀائٽيون، ڀاڻيجيون، ٿڃ جون مائون ۽ ڀينرون، سسون ۽ اوهان جي صحبت ڪيل زالن جون اڳ ڄايون، پر جن زالن سان اوهان صحبت نه ڪئي آهي (۽ اڳ ۾ طلاق ڏني آهي) ته (انهن جي اڳ ڄاين سان نڪاح ڪرڻ ۾) گناهه ڪونهي، ۽ اوهان جي پٺ مان پيدا ٿيل پٽن جون زالون به حرام آهن، ۽ هيءُ به، ته ٻن ڀينرن سان نڪاح ڪريو، مگر جيڪي ٿي گذريو، (سو گذريو) بيشڪ الله بخشيندڙ وڏو رحم ڪندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تي حرام ڪيون ويون، توهان جون مائر، ڌيئر، ڀينر، پڦيون، ماسيون، ڀائٽيون، ڀاڻيجيون ۽ توهان جون اهي مائر جن توهان کي ٿڃ ڌارائي هجي ۽ توهان جون ٿڃ شريڪ ڀينر، توهان جي زالن جون مائر ۽ توهان جون اڳ ڄايون جيڪي توهان جي هنجن ۾ پليون آهن، انهن زالن جون ڄڻيون جن سان توهان جو زال مڙسيءَ وارو لاڳاپو ٿي چڪو هجي نه ته جيڪڏهن (رڳو نڪاح ٿيو هجي ۽) زال مڙسيءَ وارو لاڳاپو نه ٿيو هجي ته (انهن کي ڇڏي سندن ڄڻين سان نڪاح ڪرڻ ۾) توهان تي ڪابه پڪڙ ڪانهي ۽ توهان جي پٺ مان پيدا ٿيل (سڳن) پٽن جون زالون به حرام آهن ۽ اهو به توهان تي حرام ڪيل آهي ته ٻه ڀينر گڏ نڪاح ۾ رکو، مگر اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو. الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حرام ڪيون ويون توهان تي توهان جون مائرون، توهان جون ڌيئرون ۽ توهان جون ڀينرون ۽ توهان جون ڦڦيون۽ توهان جون ماسيون ۽ توهان جون ڀائٽيون ۽ توهان جون ڀاڻيجيون ۽ توهان جون اهي مائرون جن توهان کي کير پياريو ۽ توهان جون ٿڃ شريڪ ڀيڻيون ۽ انهن زالن جون ڇوڪريون جن سان توهان جو تعلق زال مڙس جو رهيو هجي، پر (جيڪڏهن فقط نڪاح ٿيو) زال مڙس جو تعلق نه ٿيو هجي ته (کين ڇڏي انهن جي ڇوڪرين سان نڪاح ڪريو) توهان تي ڪابه پڪڙ ڪانه ٿيندي. ۽ توهان جي انهن پٽن جون زالون جيڪي توهان جي پٺين مان آهن، ۽ هي به توهان تي حرام ڪيو ويو آهي ته هڪ نڪاح ۾ ٻن ڀينرن کي گڏ رکو، پر پهرين جيڪي ٿيو سو ٿيو، بيشڪ الله بخشڻ وارو رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هنن عورتن سان نڪاح ڪرڻ، اوهان لاءِ بلڪل حرام آهي): اوهان جون مائرون، ڌيئرون، ڀينرون، پُڦيون، ماسيون، ڀائيٽيون، ڀاڻيجِيون، اهي مائرون جن توهان کي کير پياريو آهي، گڏجِي کير پيئندڙ ڀينرون، سسون، توهان جي زالن (جن سان توهان قرب ونڊي چڪا آهيو) جون اڳ ڄاول ڌيئرون جن کي توهان پنھنجي جهوليءَ ۾ پاليو آهي، پر جيڪڏهن توهان انهن زالن سان رڳو نڪاح ڪيو پر قرب نه ونڊيو آهي، ته اهڙين زالن کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ، انهن جي ڌيئرن سان نڪاح ڪرڻ ۾، توهان تي ڪو به گناهه نه آهي، اوهان جي سڳن پٽن جون زالون (يعني نُھَر) ۽ توهان تي ٻن ڀينرن سان، هڪ ئي وقت ۾ نڪاح ڪرڻ به حرام آهي، اڳ ۾ جيڪو ٿيو سو ٿيو، بيشڪ الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالمُحصَنٰتُ مِنَ النِّساءِ إِلّا ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم كِتٰبَ اللَّهِ عَلَيكُم وَأُحِلَّ لَكُم ما وَراءَ ذٰلِكُم أَن تَبتَغوا بِأَموٰلِكُم مُحصِنينَ غَيرَ مُسٰفِحينَ فَمَا استَمتَعتُم بِهِ مِنهُنَّ فَـٔاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ فَريضَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم فيما تَرٰضَيتُم بِهِ مِن بَعدِ الفَريضَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 24) |
۽ پرڻيل زالون (به حرام آھن) پر اوھان جا ھٿ جن جا مالڪ ٿيا آھن (سي حرام نه آھن)، اُھو حڪم الله اوھان تي لکيو آھي، ۽ اُنھن (حرام ڪيلن) کانسواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوھان لاءِ حلال آھن جڏھن پنھنجن مالن سان (کين) پرڻيندڙ نه زنا جو ارادو ڪندڙ ھجو، اھو مال جنھن جي عوض انھن (زالن) کان فائدو ورتوَ تن کي سندن ڪابين مُقرر ڪيل ڏيو، ۽ ڪابين مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيتري (ڪابين) ۾ اوھين پاڻ ۾ راضي ٿيو ته اوھان تي گناہ نه آھي، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي عورتون به (اوهان تي حرام آهن) جيڪي ٻين جي نڪاح ۾ هجن سواءِ انهن جي جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي قبضي ۾ آيون هجن (ڇو ته انهن جي اڳئين نڪاح متعلق تحقيقات ڪري نه ٿي سگهجي). هي الله جي طرف کان توهان جي لاءِ قانون مقرر ڪيو ويو آهي، جن عورتن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو تن کي ڇڏي ٻيون سڀ عورتون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن. بشرطيڪ پاڪدامن رهڻ لاءِ نه شهوت پرستيءَ لاءِ. مهر وغيره ڏيئي (انهن سان نڪاح ڪيو) پوءِ جن عورتن سان توهان نڪاح جو فائدو ورتو آهي تن کي مقرر ڪيل مهر ڏئي ڇڏيو. ۽ مهر مقرر ڪرڻ بعد جيڪڏهن هڪٻئي جي رضامندي سان ڪا ڳالهه ٺهرايو (يعني زال مهر مان ڪجهه معاف ڪري ڇڏي) ته پوءِ ائين ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ توهان تي ڏوهه ڪونه رکيو ويندو. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان تي حرام آهن مڙسن واريون عورتون مگر ڪافرن جون عورتون جيڪي توهان جي ملڪيت ۾ اچن، مذڪوره احڪام توهان تي مقرر ٿيل آهن ۽ توهان تي حلال ڪيون ويون جيڪي عورتون انهن کان سواءِ آهن پنهنجن پئسن مان نيڪ عورتن سان نڪاح ڪريو نه بدڪار عورتن سان، پوءِ جن عورتن کي نڪاح ۾ آڻڻ چاهيو ته پوءِ انهن کي سندن مقرر ڪيل مَهر ادا ڪريو، ۽ توهان تي ڪو گناه ناهي جو مَهر مقرر ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ۾ راضي ٿي وڃو، بيشڪ الله تعالى علم (۽) حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ مڙس واريون عورتون به، پر اهي زالون جي (جهاد ۾ ڪافرن کان) اوهان جي قبضي ۾ اچن (سي حرام نه آهن) هي خدا جو تحريري حڪم آهي جو اوهان تي فرض ڪيو ويو آهي. ۽ انهن عورتن کان سواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوهان لاءِ جائز آهن ته (جيئن) اوهين پاڪدامني جا ڳولائو ٿي، شهوت رانيءَ جو خيال ڇڏي پنهنجن مالن سان انهن جو سنڱ گهرو، هاءُ جن عورتن سان توهان متعه ڪيو هجي ته هن جو به مهر مقرر ڪيو آهي (سو) ڏيو ۽ مهر جي مقرر ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن پاڻ ۾ (گهٽ وڌ تي) راضي ٿيو ته ان ۾ اوهان تي ڪو گناھ نه آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) واقف ۽ مصلحتن جي ڄاڻڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پرڻيلون زالون سواءِ انهن ٻانهين جي جو مالڪ ٿيؤ انهن جا حڪم آهي الله جو اوهان تي ۽ حلال ڪيون ويون اوهان جي لاءِ جيڪي انهن کان سواءِ آهن ته طلب ڪيو پنهنجن مالن سان نڪاح ۾ رکندڙ، نه زنا ڪندڙ، پوءِ جيڪو فائدو ورتوَ ان سان انهن مان پوءِ ڏيو انهن کي مهر انهن جا مقرر ٿيل ۽ ناهي ڪو گناهه اوهان تي ان ۾ جو راضي ٿيئو ان سان مقرر ڪرڻ کان پوءِ بيشڪ الله آهي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مڙس واريون زالون، انهن زالن کانسواءِ، جن تي اوهان جا هٿ مالڪ ٿيا (حرام) آهن.(اهو حڪم) الله اوهان تي لکيو آهي. ۽ انهن کانسواءِ (ٻيون سڀ زالون) اوهان لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ته اوهين پاڪدامنيءَ جا ڳولائي ٿي، شهوت رانيءَ جو خيال ڇڏي پنهنجن مالن سان انهن جو سڱ گهرو پوءِ انهن (زالن) مان جن کي اوهان پنهنجي ڪم ۾ آندو تن کي سندن مقرر ڪيل مهر ڏيو ۽ اوهان تي هن ۾ ڪو گناهه نه آهي جو مقرر ڪيل مهر کانپوءِ پاڻ ۾ ڪنهن ڳالهه تي راضي ٿيو، بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شادي شده عورتون (به حرام آهن) سواءِ انهن (جنگي قيدياڻِيُن) جي جيڪي توهان جي ملڪيت ۾ اچي وڃن. (هي حڪم) الله جي طرفان اوهان تي لکيل آهي ۽ انهن کان سواءِ (سڀ عورتون) اوهان لاءِ حلال ڪيون ويون آهن تان جو توهان پنهنجي مالن جي ذريعي (نڪاح) طلب ڪيو پاڪدامن رهندي نه ڪه شهوت پوري ڪرڻ لاءِ. پوءِ جن عورتن مان اوهان نفعو وٺو ته انهن کي سندن مقرر ڪيل مهر ادا ڪيو. ۽ اوهان تي ان (مال) جي باري ۾ ڪو گناهه ناهي جنهن تي توهان مهر مقرر ڪرڻ بعد پاڻ ۾ راضي ٿي وڃو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَرن وارين ونِين مان، منع ٿيئون مگر، جي اَهنجي سَڄڻ سنڀاليون، روا گوليون گھر، اِهو ليک الله جو، آهي اوهان سر، ۽ اِن ڌاران ٻيون درست ٿيان، پنهنجِي مهر پٽاندر، وَرنِي ڳوتاور، نه ڪارِي واري ڪار سان. پوءِ جنهن سان، وَٽابو تن وَٽان، ماڻيو اوهان مور، ته ڏيونِ اُجورو اُن جو، مقرر منظور، ۽ جي ٺهراء بعد، ٺَهِي ويا، ته ڪونهي اوهان جو قصور، ڌڻي هر دستور، سمجھدار، سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پرڻيل زالون (به حرام آهن) سواءِ انهن جي، جي، (ٻانهين طور) اوهان جي قبضي ۾ هجن، ايئن الله اوهان تي فرض ڪيو آهي. انهن کان سواءِ باقي عورتون اوهان لاءِ حلال آهن، هن شرط سان، ته اوهين پنهنجي مال سان پاڪدامني قائم رکڻ لاءِ نڪاح ۾ آڻيو، نه شهوت پوري ڪرڻ لاءِ. پوءِ جن عورتن مان اوهين (نڪاح جو) فائدو وٺو ته کين سندن مقرر ڪيل مهر ادا ڪريو ۽ جيڪڏهن مهر مقرر ڪرڻ کانپوءِ هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان گهٽ وڌ ڪريو، ته اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي عورتون (محصنات) به توهان تي حرام آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي جي نڪاح ۾ هجن، پر اهي عورتون ان قاعدي کان ٻاهر آهن، جيڪي (جنگ ۾) توهان جي هٿ اچن. اهو الله جو قانون آهي، جنهن جي پوئواري توهان تي لازم ڪئي وئي آهي. انهن کانسواءِ جيڪي به عورتون آهن، انهن کي پنهنجن مالن وسيلي حاصل ڪرڻ توهان جي لاءِ حلال ڪيو ويو آهي، پر ان شرط سان ته کين نڪاح جي ڪوٽ ۾ آڻي محفوظ بنايو ۽ ائين نه جو ڇڙواڳيءَ سان شهوت پوري ڪرڻ لڳو. پوءِ پرڻيل زندگيءَ جو جيڪو لطف توهان کانئن وٺو ٿا، ان جي عيوض ۾ سندن مهر فرض طور ادا ڪريو. ها، باقي مهر بابت ڳالهه پڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جي رضامندي سان توهان جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو ٺهراءُ ٿي وڃي ته ان ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي، الله عليم ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حرام آهن اهي عورتون توهان تي، جيڪي ٻئي جي نڪاح ۾ هجن، سواءِ انهن (عورتن) جي جيڪي (جنگ ۾) توهان جي هٿ اچن، هي الله جو قانون آهي جنهن جي پابندي توهان تي لازم آهي، ان کان سواءِ پنهنجي مال جي ذريعي جيتريون به عورتون آهن، انهن کي حاصل ڪرڻ توهان تي حلال آهي. پر شرط انهيءَ سان ته انهن کي نڪاح جي ڪوٽ ۾ آڻيو، انهن کي حق مهر ادا ڪريو هڪ فرض سمجهي، البته مهر مقرر ٿيڻ بعد پاڻ ۾ رضامندي سان ڪو ٺاهه ٿئي ته ان ۾ ڪو حرج ناهي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ داناء آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ شادي شده عورتون به ( توهان لاءِ حرام آهن) سواءِ انهن شادي شده عورتن جي، جيڪي توهان کي (اسلامي حڪومت جي طرفان دشمن سان جنگ جي نتيجي ۾) مالِ غنيمت طور ڏنيون ويون هجن (سي حرام نه آهن).اهو حڪم الله تعالى لازمي قرار ڏنو آهي، (مٿين) حرام ڪيل سڀني رشتن کان سواءِ باقي سڀ عورتون، حق مھر جي ذريعي حاصل ڪرڻ اوهان لاءِ حلال آهن، پر شرط اهو آهي ته توهان پاڻ کي پاڪدامن رکڻ جو ارادو رکو، نه ڪه امير هجڻ سبب رڳو آزاد جنسي خواهش پوري ڪرڻ جو ارادو ڪريو، انهن مان جنسي لَذَّت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، کين حق مھر فرض سمجهي ادا ڪريو، مھر مقرر ڪرڻ کان پوءِ ان (مقرر ڪيل مھر) ۾ گڏيل رضامنديءَ سان ڪا گهٽ وڌائي ڪئي وڃي، ته ان ۾ توهان تي ڪو به گناهه نه آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن لَم يَستَطِع مِنكُم طَولًا أَن يَنكِحَ المُحصَنٰتِ المُؤمِنٰتِ فَمِن ما مَلَكَت أَيمٰنُكُم مِن فَتَيٰتِكُمُ المُؤمِنٰتِ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِإيمٰنِكُم بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَانكِحوهُنَّ بِإِذنِ أَهلِهِنَّ وَءاتوهُنَّ أُجورَهُنَّ بِالمَعروفِ مُحصَنٰتٍ غَيرَ مُسٰفِحٰتٍ وَلا مُتَّخِذٰتِ أَخدانٍ فَإِذا أُحصِنَّ فَإِن أَتَينَ بِفٰحِشَةٍ فَعَلَيهِنَّ نِصفُ ما عَلَى المُحصَنٰتِ مِنَ العَذابِ ذٰلِكَ لِمَن خَشِىَ العَنَتَ مِنكُم وَأَن تَصبِروا خَيرٌ لَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 25) |
۽ اوھان مان جيڪو آجين مؤمنياڻين جي پرڻجڻ جي سگھ نه رکندو ھجي سو اُنھن مؤمنياڻين ٻانھين مان جن جا مالڪ اوھان (مؤمنن) مان آھن (ڪا پرڻجي ته عار نه آھي)، ۽ الله اوھان جي ايمان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، اوھانجا ھڪڙا ٻـين مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني پاڻ ۾ ھڪ جنس آھيو)، پوءِ کين سندن مالڪن جي موڪل سان پرڻجو ۽ سندن ڪابين ھلي چليءَ وانگر کين ڏيو (اُھي) نڪاح ٻَڌلون نه زنا ڪندڙيون ۽ نڪي ڳجھن يارن وٺڻ واريون ھجن، پوءِ جڏھن نڪاح ۾ آيون تڏھن جيڪڏھن (اُھي) ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آجين تي آھي تنھن جو اڌ مٿن آھي، (اِھا ٻانھيءَ کي پرڻجڻ جي اجازت) اوھان مان انھيءَ لاءِ آھي جيڪو زنا (جي گناہ ۾ پوڻ) کان ڊڄي، ۽ اوھان جو صبر ڪرڻ اوھان لاءِ ڀلو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي اها طاقت نه هجي جو آزاد مؤمن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ٿو، جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) توهان جي قبضي ۾ آيون هجن ۽ مؤمن هجن. (غلام عورت سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب يا گهٽتائي ڪانهي. اصل ڳالهه آهي ايمان) سو الله تعاليٰ اوهان جي ايمان جي حقيقت بهتر ڄاڻندڙ آهي (ممڪن آهي ته هڪ مؤمن ٻانهي ايمان جي لحاظ کان بهتر درجو رکندڙ هجي، هڪ شريف زادي کان جا ايماني خصلتن کان محروم هجي) ۽ توهان سڀ هڪٻئي سان هڪ جنس آهيو. (ٻانها ۽ ٻانهيون به ٻين وانگر انسان آهن) پوءِ ڀلي اهڙين غلام عورتن کي انهن جي مالڪن جي اجازت سان پنهنجي نڪاح ۾ آڻيو ۽ دستور موجب انهن کي مهر ڏيو.هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته اهي (ٻانهيون) نڪاح جي قيد اندر پاڪ دامن ٿي رهن، بدڪار نه ٿين نه ڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪندڙ هجن. پوءِ جيڪڏهن نڪاح ۾ اچڻ بعد انهن مان ڪا فاحش ڪم ڪري ته هن لاءِ انهيءَ سزا جو اڌ آهي جا آزاد عورتن لاءِ مقرر آهي. هي حڪم انهن ماڻهن لاءِ آهي جن کي انديشو هجي ته (نڪاح نه ڪرڻ جي ڪري) نقصان يا گناهن ۾ پئجي ويندا. ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (۽ بهتر حالتن لاءِ ترسو) ته توهان جي لاءِ بهتر آهي ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو پاڪ دامن آزاد مؤمن عورت سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نٿو رکي سگهي ته پوءِ نوجوان مؤمن ٻانهين سان نڪاح ڪري، ۽ الله تعالى توهان جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو توهان نسباً پاڻ ۾ هڪ جهڙا آهيو، پوءِ توهان انهن سان نڪاح ڪريو انهن جي مالڪن جي اجازت سان ۽ نيڪيءَ سان انهن کي انهن جون مهرون ادا ڪريو نڪاح ڪندڙ نه بدڪاري ڪندڙ ۽ نه لِڪ ۾ دوستي رکندڙ، پوءِ جيڪڏهن شادي کان پوءِ به بدڪاري ڪن پوءِ انهن ٻانهين تي اڌ حصو آهي عذاب جو جيڪو آزاد عورتن تي آهي، ٻانهن سان نڪاح ڪرڻ انهن لاءِ صحيح آهي جيڪي بدڪاري جو خوف رکن ٿا، ۽ صبر ڪرڻ توهان لاءِ بهتر آهي، ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان جنهن کي (آزاد) مومنه عفت وارين عورتن سان مالي حيثيت (نه) هئڻ سبب نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه هجي ته اهو، توهان جي انهن مومنه ٻانهين سان نڪاح ڪري سگهي ٿو جي اوهان جي قبضي ۾ آهن ۽ خدا اوهان جي ايمان کان چڱي طرح واقف آهي. (ايمان جي حيثيت سان ته) اوهان ۾ هڪڙو ٻئي جو هم جنس آهي پوءِ (بي ڌڙڪ) سندن مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ انهن جي مهر کين چڱي طرح سان ڏيئي ڇڏيو. پر انهن (ٻانهين) سان (نڪاح ڪريو) جي پاڪدامنيءَ سان توهان جون پابند رهن، نه اهي ظاهر ظهور زنا ڪن ۽ نه لڪي ڇپي يار رکندڙ هجن. پوءِ جڏهن توهان جون پابند ٿين ۽ جي بدڪاري ڪن ته جا سزا آزاد زالن کي ڏني وڃي ٿي تنهن جي اڌ (سزا) ٻانهين کي ڏني ويندي (پڻ) ٻانهين کي ڏني ويندي (پڻ) ٻانهين سان نڪاح به اهو ئي شخص ڪندو جنهن کي زنا ۾ ڦاسڻ جو خوف هوندو. پر جيڪڏهن صبر ڪريو ته توهان لاءِ ڏاڍو سٺو آهي، ۽ خدا وڏو بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو نه ٿو رکي اوهان مان طاقت هن ڳالهه جي جو نڪاح ڪري سگهي آزاد عورتن ايمان وارين سان ته پوءِ انهن مان جو مالڪ ٿيئو (انهن جا) پنهنجن نوجوانين ايمان وارين مان ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي اوهان جي ايمان کي هڪ ٻئي مان آهيو پوءِ نڪاح ڪيو انهن سان انهن جي اهل جي موڪل سان ۽ ڏيو انهن کي مهر انهن جا چڱي نموني پرڻجندڙيون نه زنا ڪندڙيون ۽ نه وٺندڙيون ڳجها يار، پوءِ جڏهن نڪاح ۾ ڪيون وڃن پوءِ جيڪڏهن ڪن بي حيائي پوءِ انهن تي اڌ آهي ان مان جيڪا آزاد عورتن تي سزا آهي اهو (حڪم) ان لاءِ آهي جو ڊڄي ٿو زنا ۾ پوڻ کان اوهان مان ۽ صبر ڪيو ته ڀلو آهي اوهان لاءِ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان مان جنهن کي ايمان وارين آزاد زالن سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه آهي ته جن (ٻانهين) جا اوهان جا هٿ مالڪ ٿيا آهن تن مان پنهنجين ايمان وارين ٻانهين سان نڪاح ڪري. ۽ الله اوهان جي ايمان کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. اوهين پاڻ ۾ هڪ آهيو، پوءِ سندن مالڪن جي اجازت سان انهن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن (ٻانهين) کي دستور جي موافق سندن مهر ڏيو، جي پاڪدامن هجن، زناڪار ۽ ڳجها يار رکندڙ نه هجن پوءِ جڏهن نڪاح ۾ اچن ته پوءِ جيڪڏهن ڪا بدڪاري ڪن ته جيڪا سزا آزاد زالن تي آهي تنهن جو اڌ مٿن آهي اها (ٻانهين× سان شادي ڪرڻ جي اجازت) ان لاءِ آهي جيڪو اوهان مان گناهه ۾ پوڻ کان ڊڄي ٿو. ۽ صبر ڪرڻ اوهان لاءِ چڱو آهي. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان مان جنهن کي ايتري طاقت نه آهي جو آزاد مؤمنياڻين عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن مؤمنياڻين ٻانهين سان نڪاح ڪري جيڪي (حڪمِ شرعي مطابق) توهان جي ملڪيت ۾ آهن. ۽ الله اوهان جي ايمان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. توهان هڪ ٻئي مان آهيو، پوءِ اوهان انهن (ٻانهين) سان انهن جي مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪيو، ۽ انهن کي سندن مهر دستور مطابق ادا ڪيو. اُهي پاڪدامن هجن نه ڪه بدڪاري ڪندڙ هجن ۽ نه ڳجها آشنا رکندڙ هجن. پوءِ جڏهن نڪاح ۾ اچي وڃن ته پوءِ جيڪڏهن بي حيائي جو ڪم ڪن ته جيڪا سزا آزاد عورت تي آهي ان جو اڌ مٿن آهي. اها اجازت اوهان مان ان لاءِ آهي جيڪو زنا جو انديشو رکي. ۽ جي اوهان صبر ڪيو ته اوهان لاءِ ڀلو آهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو نه پهچي، اوهان مان، ته پرڻجي آجِي ايماندار، پوءِ اوهان جي، هٿ هيٺ جي، تن ٻانهين مان ٻيهار، وسهندڙ واحد کي، ناتر، نيڪ نبار، ۽ سمجھندڙ ستار، اوهان جي ايمان کي. ڪي آهيو، ڪن مان، پوءِ پرڻيو انهن کي پاڻ، صحِي سندنِ سائينءَ جي، اِذن، اجازت ساڻ، ڏيونِ اُجورو اُنهن جو، هلندي موجب هاڻ، وَنيون، نه وَڙ وِڃاڻ، نه دوست ڌاريندڙ ڌاريين. پوءِ پرڻيون پاڻ جڏهن، پوءِ چَليون چِلوِل چال، پوءِ اَڌ عذاب آجِين جو، برسر مٿنِ بحال، جو اوهان مان ڊِنو، اُهک کان، اِهو اُنهئ نال، ۽ جي سَهندا، ته سُٺو اوهان لئي؛ ۽ الله جل جلال، ڪرم ساڻ ڪمال، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو اوهان مان آزاد مومن عورتن سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه رکندو هجي، ته جيڪي مومن (ٻانهيون) اوهان جي قبضي ۾ هجن، ۽ الله اوهان جي ايمان کي بهتر ڄاڻي ٿو. اوهين هڪ ٻئي منجهان آهيو. انهن سان نڪاح سندن مالڪن جي اجازت سان ڪريو ۽ دستور موجب مهر انهن جي حوالي ڪريو. اهي نڪاح جي پابنديءَ ۾ رهندڙ هجن ۽ نه بدڪار هجن ۽ نه لڪ ڇپ ۾ دوستيءَ ڪرڻ واريون هجن. نڪاح ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪڏهن بدڪاري ڪن ته مٿن آزاد عورتن جي سزا جو اڌ آهي. اها (اجازت) ان ماڻهوءَ کي آهي، جو گناهه ۾ پوڻ کان ڊڄي، پر جي صبر ڪريو، ته اوهان لاءِ بهتر آهي، الله بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان مان جيڪو شخص ايتري طاقت نه رکندو هجي، جو خانداني مسلمان عورتن (محصنات) سان نڪاح ڪري سگهي ته ان کي گهرجي ته توهان جي انهن ٻانهين مان ڪنهن سان نڪاح ڪري، جيڪي توهان جي قبضي ۾ آيل هجن ۽ ايمان آندو هجينِ. الله ته توهان جي ايمانن کان پوريءَ طرح واقف آهي، توهان سڀئي پاڻ ۾ آهيو، تنهنڪري انهن جي سنڀاليندڙن جي اجازت سان ساڻن نڪاح ڪريو ۽ دستور موجب انهن جا مهر ادا ڪريو ته جيئن اهي نڪاح جي ڪوٽ ۾ محفوظ (محصنات) ٿي وڃن، نڪي ڇڙواڳ نموني ۾ شهوت پوري ڪنديون وتن ۽ نه لڪ چوريءَ ۾ دوستيون ڪن، پوءِ جڏهن هو نڪاح جي ڪوٽ ۾ محفوظ ٿي وڃن ۽ ان کانپوءِ جيڪڏهن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ته مٿن ان سزا جو اڌ آهي، جيڪا خانداني عورتن (محصنات) لاءِ مقرر ٿيل آهي. اها آساني توهان مان انهن ماڻهن لاءِ پيدا ڪئي ويئي آهي، جن کي شادي نه ڪرڻ ڪري تقويٰ وارو بندُ ڀڄي پوڻ جو ڊپ هجي، پر جيڪڏهن توهان صبر ڪري سگهو ته اهو توهان لاءِ وڌيڪ چڱو آهي ۽ الله بخشڻ وارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو ماڻهو توهان مان ايتري طاقت نه ٿو رکي جيڪو نڪاح ڪري سگهي خانداني مسلمان عورتن (محصنات) سان، کين گهرجي ته توهان جي انهن ٻانهين مان ڪنهن سان نڪاح ڪري جيڪي توهان جي قبضي ۾ هجن ۽ مؤمنات هجن، ۽ الله توهان جي ايمانن جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، توهان سڀ هڪ ئي ٽولي جا ماڻهو آهيو، تنهن ڪري انهن جي مالڪن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ دستور موجب انهن جا حق مهر ادا ڪريو، جيئن اهي نڪاح جي ڪوٽ ۾ محصنات ٿي رهن، آزاد شهوت نه ڪنديون ڦرن ۽ نه لڪ چوري يارن سان رهن، جڏهن اهي نڪاح جي ڪوٽ ۾ اچن ۽ ان کان پوءِ به فحاشي ڪن ته ان تي ان سزا جو اڌ لڳندو جيڪا خانداني طور (محصنات) لاءِ مقرر آهي. اها سهوليت توهان مان انهن لاءِ پيدا ڪيل آهي جن کي شادي نه ڪرڻ سبب تقويٰ جي ٽٽڻ جو انديشو هجي. صبر بهتر آهي توهان لاءِ، ۽ الله بخشڻ وارو رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جنھن کي ڪنھن آزاد مؤمن عورت سان نڪاح ڪرڻ جي طاقت نه هجي، ته هو ڪنھن ٻانهيءَ سان نڪاح ڪري سگهي ٿو، شرط اهو آهي ته هوءَ مؤمنياڻي هجي. الله تعالى توهان جي ايمان کان خوب واقف آهي، اوهان سڀ جا سڀ پاڻ ۾ ئي ته آهيو (يعني ايمان جي لحاظ کان اوهان ۾ ڪو به فرق نه آهي) پوءِ توهان انهن سان سندن وڏڙن جي اجازت سان نڪاح ڪريو ۽ کين سھڻي طريقي سان حق مھر ادا ڪريو، ته جيئن هو نڪاح ۾ قابو رهن ۽ زنا جي ويجهو نه وڃن ۽ لڪ ڇپ ۾ ڪنھن سان دوستي به نه رکي سگهن، پر تنهن هوندي به جيڪڏهن هو نڪاح ۾ رهڻ دوران ڪارنھن وارو ڪم ڪري وجهن، ته انهن جي سزا آزاد شادي شده عورت جي سزا جو اڌ آهي، (ڇو ته هي عورت آزاد مؤمن عورت جي حيثيت ۾ نه، پر مؤمن ٻانهيءَ جي حيثيت ۾ آيل آهي) ٻانهين سان نڪاح جي اجازت توهان مان ان لاءِ آهي، جيڪو زنا (جي گناهه) کان ڊڄندڙ هجي (حالانڪه) توهان جو صبر ڪرڻ (يعني نڪاح نه ڪرڻ) ئي توهان لاءِ بھتر آهي ۽ بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُريدُ اللَّهُ لِيُبَيِّنَ لَكُم وَيَهدِيَكُم سُنَنَ الَّذينَ مِن قَبلِكُم وَيَتوبَ عَلَيكُم وَاللَّهُ عَليمٌ حَكيمٌ (آيت : 26) |
الله گھرندو آھي ته اوھان لاءِ کولي بيان ڪري ۽ جيڪي اوھان کان اڳ (گذريا) آھن تن جون واٽون اوھان کي ڏيکاري ۽ اوھان تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته توهان کي انهن (ڪامياب) ماڻهن جا طريقا چٽا ڪري ٻڌائي جي اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ انهن جي طريقن تي توهان کي به هلائي ۽ پڻ اوهان ڏانهن پنهنجي رحمت سان موٽي ۽ الله تعاليٰ (توهان جي مصلحتن جو) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى چاهي ٿو ته توهان لاءِ پنهنجا احڪام بيان ڪري ۽ توهان کي اڳين جي طريقي تي هلائي ۽ توهان تي پنهنجي رحمت سان وري، ۽ الله تعالى علم رکندڙ حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا جي ته اها ئي مرضي آهي توهان لاءِ (پنهنجو حڪم) بلڪل کولي ٻڌائي ۽ جيڪي نيڪ ماڻهو اوهان کان اڳ ٿي گذريا آهن، انهن جي راھ تي هلائي ۽ توهان جي توبه قبول فرمائي ۽ خدا ته (هر ڳالھ کان) واقف ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهري ٿو الله تانته بيان ڪري اوهان جي لاءِ ۽ هلائي اوهان کي رستن انهن جي تي جو گذريا اوهان کان اڳ ۾ ۽ توبہ قبول ڪري اوهان جي ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله گهري ٿو ته جيڪي اوهان کان اڳي هئا تن جا طريقا اوهان لاءِ بيان ڪري ۽ اهي اوهان کي ڏيکاري ۽ اوهان تي مهرباني ڪري. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله چاهي ٿو ته توهان لاءِ (احڪام) چِٽي طرح بيان ڪري ۽ اوهان کي انهن (صالح) ماڻهن جي واٽن تي هلائي جيڪي اوهان کان اڳ گذريا آهن ۽ اوهان تي رحمت سان رجوع فرمائي. ۽ الله علم وارو، حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھري ٿو غفار، ته کولي اوهان تي خبرون، ۽ پَريون اوهان کان، پهرينِ جون، ڏَسِينيان ڏاتار، ۽ وَڙ ۽ وَر اوهان تي، ڪري برقرار، ۽ حِڪمتي هوشيار، پڻ پرور پورو پارکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله گهري ٿو ته اوهان لاءِ چٽائي ڪري ۽ اوهان کي اوهان کان اڳين جو رستو ڏسي ۽ اوهان تي مهرباني ڪري ۽ الله ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته گهري ٿو ته توهان تي انهن طريقن کي کولي پڌرو ڪري ۽ انهن ئي طريقن تي توهان کي هلائي، جن جي پيروي توهان کان اڳ ٿي گذريل صالح ماڻهو ڪندا هئا. هو پنهنجيءَ رحمت سان توهان ڏانهن ورائي نظر ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ هو عليم به آهي ۽ داناءُ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله گهري ٿو ته انهن طريقن کي توهان تي پڌرو ڪري ۽ انهن راهن تي رهنمائي ڪري جن تي توهان کان اڳيان صالح ماڻهو پيروڪار هئا، هو توهان ڏي توجه ڏيڻ گهري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ داناء آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى چاهي ٿو ته توهان جي سامھون انهن طريقن کي واضح ڪري ۽ اوهان کي اهي رستا ڏيکاري، جن جي پيروي توهان کان اڳ گذري ويل ڀلارا ماڻهو ڪندا هئا، ۽ اوهان کي معاف ڪري، الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ يُريدُ أَن يَتوبَ عَلَيكُم وَيُريدُ الَّذينَ يَتَّبِعونَ الشَّهَوٰتِ أَن تَميلوا مَيلًا عَظيمًا (آيت : 27) |
۽ الله اوھان تي ٻاجھ سان موٽڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي سَڌن جي پٺيان لڳندا آھن سي اوھان جو (سڌيءَ واٽ کان) تمام پري ٿڙي وڃڻ گھرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ ته چاهي ٿو ته توهان ڏانهن (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪري (۽ توهان انهن گناهن کان تائب ٿيو جن ۾ گرفتار هئو) پر جيڪي ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن جي پوئتون لڳي پيا آهن، سي چاهين ٿا ته توهان حق جي راه کان هٽي تمام پري هليا وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي رحمت سان وري، ۽ پنهنجن سَڌن تي هلندڙ چاهين ٿا ته توهان سنئين رستي کان گهڻو هٽي وڃو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ته گهري ٿو ته توهان جي توبه قبول ڪري ۽ جي ماڻهو نفساني خواهشن جي پٺيان پيل آهن، اهي گهرن ٿا ته توهان (سڌي گس کان) گهڻو پري هٽي وڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله گهري ٿو ته رحم سان وري اوهان تي ۽ ارادو ٿا ڪن اهي ماڻهو جو تابع ٿين ٿا خواهشن جا ته لڙي وڃو (حق کان) گهڻو لاڙو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله گهري ٿو ته اوهان تي مهرباني ڪري. ۽ جيڪي خواهشن جي پٺيان لڳن ٿا سي گهرن ٿا ته اوهين (رستي کان) گهڻو پري مڙي وڃو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان تي پنهنجي رحمت سان رجوع فرمائڻ چاهي ٿو ۽ اُهي ماڻهو جيڪي شهوتن جا پيروڪار آهن سي چاهن ٿا ته توهان سڌي راهه کان گهڻو پري هٽي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ارادو الله جو، ته موٽي اوهان تي مور، ۽ هلن خواهش خام پٺيان، سي پَھ پچائن پور، ته ڀورا ڪن ڀَرپُور، لاڙو ڪنهين لوءِ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله گهري ٿو، ته اوهان تي مهرباني ڪري ۽ جيڪي پنهنجي خواهش جي پيٺان هلن ٿا، سي گهرن ٿا ته اوهين سڌي رستي کان ڀٽڪي پري وڃي پئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هائو، الله ته توهان تي ورائي مــِـهر جي نظر ڪرڻ ٿو گهري، مگر جيڪي ماڻهو پاڻ پنهنجن نفسن جي خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن اهي چاهين ٿا ته توهان سنئينءَ واٽ کان ٿـڙي پري نڪري وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها، الله ته رحمت سان توجهه ڪرڻ گهري ٿو توهان تي پر جيڪي ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن، اهي چاهين ٿا ته توهان سڌي راهه کان هٽي وڃو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى توهان تي رحم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو نفس جي خواهش جي پويان هلن ٿا، سي چاهين ٿا ته اوهان سڌي راهه کان هٽي تمام گهڻو پري ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُريدُ اللَّهُ أَن يُخَفِّفَ عَنكُم وَخُلِقَ الإِنسٰنُ ضَعيفًا (آيت : 28) |
الله اوھان تان بار ھلڪو ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ ماڻھو (اصل) ھيڻو پيدا ڪيو ويو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (سختين ۽ رڪاوٽن جي بدران) اوهان جي لاءِ هلڪائي ۽ آساني ڪئي وڃي، ڇو ته (هي حقيقت آهي ته) انسان (طبيعت ۾) ڪمزور خلقيو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى چاهي ٿو هلڪائي ڪرڻ اوهان تي، ۽ انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا گهري ٿو ته توهان تان (بار) هلڪو ڪري ڇو ته آدمي ته تمام ڪمزور ئي ته پيدا ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارادو ٿو ڪري الله ته هلڪائي ڪري اوهان تان ۽ پيدا ڪيو ويو انسان هيڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله گهري ٿو ته اوهان تان بار هلڪو ڪري ۽ (ڇوته) انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله چاهي ٿو ته اوهان تان بار هلڪو ڪري، ۽ انسانُ ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله گھري ته اَها تان، ڪجھ لاهي منجھان لَڏ، ۽ هِيڻو ڪري هڏ، انسان کي، اُپايو ويو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله گهري ٿو ته اوهان تان بار هلڪو ڪري، جو انسان ڪمزور پيدا ٿيل آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان تان پابنديون هلڪيون ڪرڻ ٿو گهري، ڇاڪاڻ ته انسان ڪمزور پيدا ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گهري ٿو الله توهان تان پابنديون هلڪيون ڪري، ڇاڪاڻ ته انسان پئدا ڪيو ويو آهي بنهه ڪمزور.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان جي مٿان ذميدارين جو بار هلڪو ڪرڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ جو انسان کي (فطري طور تي) ڪمزور طبيعت وارو پيدا ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلوا أَموٰلَكُم بَينَكُم بِالبٰطِلِ إِلّا أَن تَكونَ تِجٰرَةً عَن تَراضٍ مِنكُم وَلا تَقتُلوا أَنفُسَكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُم رَحيمًا (آيت : 29) |
اي ايمان وارؤ! اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو مال ناحق نه کائو پر پاڻ ۾ رضامندي سان واپار جي ڏيتي ليتي ھجي ته (ڀلي کائو)، ۽ اوھان پاڻ کي ھلاڪ نه ڪريو، ڇوته الله اوھان تي مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! هڪٻئي جو مال پاڻ ۾ ناحق (ناجائز طور بيهودين ڳالهين ۾) نه کائي کپائي ڇڏيو، پر جيڪڏهن گڏيل ڌنڌو واپار هجي ته پوءِ هڪٻئي جي رضامنديءَ سان (مناسب طور) کائي سگهو ٿا. متان پنهنجي جانين کي برباد ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ توهان تي رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو، مگر اهو واپار جيڪو توهان جي وچ ۾ رضامندي سان ٿيو هجي، ۽ پنهنجين جانين کي قتل نه ڪريو، بيشڪ الله توهان تي ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! پاڻ ۾ هڪڙا ٻين جو ناحق مال نه کائيندا ڪريو، پر جيڪڏهن اوهين پاڻ ۾ رضا خوشيءَ سان واپار ڪريو (ان ۾ هڪٻئي جو مال هجي ته اهم نه آهي) ۽ پاڻ کي گهڻو ڏئي جان نه ڏيو، ڇو ته خدا ضرور اوهان جي حال تي مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه کائو مال پنهنجا پاڻ ۾ غلط نموني سان مگر هيئن جو هجي واپار خوشيءَ سان اوهان مان ۽ نه ڪهو ( هڪ ٻئي کي) پنهنجو پاڻ ۾ بيشڪ الله آهي اوهان سان مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو مگر جنهن وقت (اها ڏي وٺ) اوهان جي رضامنديءَ سان واپار هجي (ته ڀلي کائو). ۽ پاڻ کي قتل نه ڪريو. بيشڪ الله اوهان تي مهربان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان هڪ ٻئي جا مال پاڻ ۾ ناحق طريقي سان نه کائو سواءِ هن جي جو اوهان جو هڪ ٻئي ۾ رضامندي سان ڪو واپار هجي. ۽ پنهنجي جانين کي قتل نه ڪيو. بيشڪ الله اوهان سان وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو! سي هڪ ٻئي جو، مُفت نه کائو مال، مگر سودي سٽ سان، مڃتا مرضي نال، ۽ پنهنجن کي پاڻهين، ماريو ڪين مجال، بيشڪ ڪندڙ ڀال، ڏاڍا اوهان سان ڏيہ ڏڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! هڪ ٻئي جا مال ناحق نه کائو، سواءِ انهيءَ جي، جو هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان واپار هجي ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد نه ڪريو. بيشڪ الله اوهان تي مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال غلط طريقن سان نه کائو، ڏيتي ليتي هئڻ گهرجي هڪ ٻئي جي رضامندي سان ۽ پنهنجو پاڻ کي قتل نه ڪريو، بيشڪ الله توهان تي ڏاڍو مهربان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، نه کائو پاڻ ۾هڪ ٻئي جو مال ناحق طريقن سان، ڏيتي ليتي (يعني) واپار هڪ ٻئي جي مرضي مطابق هئڻ گهرجي، ۽ نه ڪريو قتل پنهنجو پاڻ کي، پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله توهان تي مهربان آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مال غلط طريقي سان نه کائو، اوهان جو هڪ ٻئي سان رضامنديءَ واري طريقي سان ڏيڻ وٺڻ هجڻ گهرجي، پنهنجو پاڻ کي قتل (۽ برباد) نه ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان تي وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ عُدوٰنًا وَظُلمًا فَسَوفَ نُصليهِ نارًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
۽ جيڪو حد کان ٻاھر نڪرڻ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو تنھن کي باہ ۾ سگھو وجھنداسين، ۽ اھو ڪم الله تي سھنجو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو دشمني ۽ ظلم سان ائين ڪندو تنهن کي اسان جلد دوزخ جي باهه ۾ وجهنداسين ۽ الله جي واسطي اها ڳالهه بلڪل سولي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو اِنسان زيادتي ۽ ظلم سان ايئن ڪندو ته پوءِ جلدي اسين انهي کي باه ۾ داخل ڪنداسين، ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ آسان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص ظلم ۽ زيادتي سان اهڙو ناحق ڪندو (پنهنجو پاڻ کي ماريندو) ته (ياد رهي ته) اسين جلد ئي کيس (جهنم جي) باھ ۾ اڇلائينداسون ۽ اهو خدا لاءِ آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪندو اهو ڪم حد کان لنگهڻ ۽ ظلم سان پوءِ جلد پهچائينداسون ان کي باهه ۾ ۽ آهي اهو الله جي اڳيان آسان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو زيادتيءَ ۽ ظلم سان اهو (ڪم) ڪندو تنهن کي باهه ۾ داخل ڪنداسون. ۽ اهو الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو زيادتي ۽ ظلم سان ائين ڪندو ته جلد اسان ان کي باهه ۾ پهچائينداسين. ۽ اهو ڪم الله تي نهايت سولو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڪندو اِها ڪار، زياد تي ۽ ظلم سان، ته اَوَس وجھنداسونسِ، اوس ۾، تڪڙو تنهن تڪرار، ۽ قادر تي، ڪلتار، آهي اِهو آسان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو نافرمانيءَ ۽ ظلم سان ايئن ڪندو، ته اسين ان کي جلد ئي باهه ۾ داخل ڪنداسون ۽ اهو الله لاءِ آسان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ماڻهو ڏاڍ ۽ ظلم سان ائين ڪندو، تنهن کي اسان ضرور باهه ۾ وجهنداسين ۽ اهو الله لاءِ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به ماڻهو ائين ڪندو زيادتيءَ ۽ ظلم سان ته پوءِ ضرور ان کي وجهنداسين باهه ۾، ۽ اهو ڪم ته الله لاءِ ڏکيو نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو شخص سرڪشي ۽ ظلم سان ايئن ڪندو ته اسان کيس عنقريب باهه ۾ اڇلائينداسين ۽ الله تعالى جي لاءِ اهو ڪم تمام سولو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تَجتَنِبوا كَبائِرَ ما تُنهَونَ عَنهُ نُكَفِّر عَنكُم سَيِّـٔاتِكُم وَنُدخِلكُم مُدخَلًا كَريمًا (آيت : 31) |
جيڪڏھن وڏن گناھن کان جن کان اوھانکي جھليو ويو پاسو ڪندا رھندؤ ته اوھان جيون (ھلڪيون) مدايون اوھان کان ميٽينداسين ۽ اوھان کي عزت واريءَ جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ڪبيرن گناهن کان توهان کي منع ڪئي ويئي آهي تن کان جيڪڏهن توهان پاڻ کي بچائيندؤ ته (اسان جي فضل ۽ رحمت جو قانون هي آهي ته) اسان توهان جي ننڍين اوڻاين ۽ غلطين جا اثر توهان مان ميساري ڇڏينداسين ۽ توهان کي عزت (۽ نيڪيءَ) جي درجي تي پهچائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان وڏن گناهن کان پاسو ڪيو جن کان توهان کي منع ڪيو ويو ته توهان جا گناه اسين ميٽي ڇڏينداسين ۽ توهان کي بهشت ۾ داخل ڪنداسين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن (ڪڌن) ڪرتوتن جي منع ڪرڻ ۾ اچي ٿي، انهن مان اوهين جيڪڏهن وڏن گناهن کان پاڻ بچائيندا رهو ته اسين توهان جن (ننڍن) گناهن کان (جيڪر) درگذر ڪريون ۽ اوهان کي تمام سٺي عزت واري جڳھ پهچايون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن بچندؤ وڏن گناهن انهن کان جو روڪيا ٿا وڃو انهن کان ته مٽائي ڇڏينداسون اوهان کان برايون اوهان جون ۽ داخل ڪنداسون اوهان کي جاءِ عزت واريءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن وڏن گناهن کان جن کان اوهان کي روڪيو وڃي ٿو، بچندؤ ته اوهان جون برايون اوهان کان پري ڪنداسون ۽ اوهان کي عزت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر انهن وڏن گناهن کان بچندا رهو جن جي اوهان کي منع ڪئي وئي آهي ته اسان اوهان کان اوهان جون (ننڍيون) خطائون ميٽي ڇڏينداسين ۽ اوهان کي عزت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وڏن ڏوهن کان ڏُور، رهندا، جن کان روڪيا وڃو، ته اوهان جون اَڀرايون، ميٽينداسون مور، ۽ ڏينداسون جاءِ ضرور، اوهان کي آبائـِـتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن وڏن گناهن کان اوهان کي منع ڪجي ٿي، جيڪڏهن اوهين انهن کان پاسو ڪندؤ ته اسين اوهان جي ننڍن گناهن کي ميٽينداسون ۽ اوهان کي عزت وارين جاين ۾ داخل ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان انهن وڏن وڏن گناهن کان پاسو ڪندؤ، جن کان توهان کي جهليو پيو وڃي ته توهان جون هلڪيون سلڪيون برايون اسان توهان جي حساب مان ڪاٽي ڇڏينداسون ۽ توهان کي عزت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن وڏن وڏن گناهن کان پاڻ کي بچائيندا رهندؤ، جن کان توهان کي روڪيو پيو وڃي، ته توهان جي ننڍن گناهن کي حساب مان ڪٽينداسين ۽ عزت جي جاءِ ۾ داخل ڪنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان وڏن گناهن کان پاسو ڪندا، جن کان اوهان کي روڪيو ويو آهي ته اسان توهان جي (ٻين ننڍين ننڍين) برائين کي مٽائي ڇڏينداسين ۽ توهان کي عِزَّت واري جاءِ ۾ داخل ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَتَمَنَّوا ما فَضَّلَ اللَّهُ بِهِ بَعضَكُم عَلىٰ بَعضٍ لِلرِّجالِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبوا وَلِلنِّساءِ نَصيبٌ مِمَّا اكتَسَبنَ وَسـَٔلُوا اللَّهَ مِن فَضلِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 32) |
جن شين سان الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان فضيلت ڏني آھي تن جي ريس نه ڪريو، مڙسن لاءِ جيترو (پاڻ) ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ زالن لاءِ جيترو پاڻ ڪمايائون تنھن مان حصّو آھي، ۽ الله کان سندس فضل گھرو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ توهان مان ڪن کي وڌيڪ رزق (۽ ٻيو ڪجهه) ڏنو آهي. پوءِ ان بابت ريس يا لالچ يا حسد نه رکو (خصوصاً جيئن) مرد کي پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي (تيئن) عورت کي به پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي. (هڪٻئي سان ريس ۽ ساڙ نه ڪيو، نڪي هڪٻئي ۾ لالچ رکو بلڪه) خدا کان سندس فضل ۽ نعمتون گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اها آرزو نه ڪريو جو الله تعالى توهان مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي، مردن لاءِ سندن ڪمائي مان حصو آهي، ۽ عورتن لاءِ سندن ڪمائي مان حصو آهي، ۽ الله تعالى کان سندس مهرباني طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي توهان مان هڪڙي کي ٻئي تي فضيلت ڏني آهي، ان جي هوس نه ڪريو (ڇو ته فضيلت يا مرتبو ته نيڪ اعمال تي آهي) مردن کي پنهنجي ڪئي جو حصو آهي ۽ عورتن کي پنهنجي ڪئي جو حصو پر (هي ٻي ڳالھ آهي) جو اوهان خدا کان سندس فضل ۽ ڪرم جي گهر ڪريو. خدا ته هر شيءِ کان بلڪل واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه خواهش ڪيو ان جي جو فضيلت بخشي الله ان سان هڪڙن اوهان جن کي ٻين تي مردن لاءِ حصو آهي ان مان جيڪي ڪمايائون ۽ عورتن جي لاءِ حصو آهي ان مان جو ڪمايائون ۽ گهرو الله کان سندس فضل بيشڪ الله آهي هر شيءِ جي ڄاڻ رکندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (مرتبي) جي خواهش نه ڪريو جنهن سان الله اوهان مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي. مردن لاءِ جيڪي انهن ڪمايو تنهن مان حصو آهي. ۽ زالن لاءِ جيڪي انهن (زالن) ڪمايو تنهن مان حصو آهي. ۽ الله کان سندس فضل گهرو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان ان جي تمنا نه ڪيو جيڪو الله اوهان مان ڪنهن کي ٻين کان وڌيڪ ڏنو آهي. مردن لاءِ ان مان حصو آهي جيڪو انهن ڪمايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر گز نه هِر کو تنهن مٿي، جنهن سان جل جلال، ڀلا ڪيا بحال، ڪي اوهان مان، ڪن کان. جو ڪانڌن ڪيو، تنهن مان، حصو تنين هار، ۽ جوين لاءِ، تنهن مان، جو ڪيائون ڪم ڪار، بيشڪ سندس ڀال مان، گُھرو کان غفار، صاحب ربُّ، ستار، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڳالهه ۾ اوهان مان ڪن کان ڪن کي وڌيڪ ڪيو آهي، ان جي هوس نه ڪريو. مردن کي انهن ڪمن جو حصو ملندو، جيڪي انهن ڪيا، ۽ زالن کي انهن ڪمن جو حصو ملندو، جيڪي انهن ڪيا ۽ الله کان سندس فضل گهرندا رهو. بيشڪ الله هر هڪ شيءِ کان واقف آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو الله توهان مان ڪن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ سوايو ڏنو آهي ان جي ســَـڌ نه ڪريو، جيڪو مردن ڪمايو آهي، ان مطابق سندن حصو آهي ۽ جيڪو عورتن ڪمايو آهي، تنهن مطابق سندن حصو آهي. باقي الله کان سندس فضل جي دعا گهرندا رهو، بيشڪ الله کي هر شيءِ جو علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي ڪيو وڌيڪ الله پنهنجو فضل توهان تي ٻين جي مقابلي ۾، جيڪي ڪجهه مردن ڪمايو آهي ان مطابق سندن حصو آهي ۽ عورتن جيڪي ڪمايو آهي، ان مطابق سندن حصو آهي. ها، گهرندا رهو دعا الله کان سندس فضل جي، بيشڪ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان اهڙين شين جي هرگز تمنا نه ڪندا ڪريو، جيڪي الله تعالى اوهان مان ڪنھن ٻئي کي وڌيڪ عطا ڪئي هجي، مردن لاءِ اهو ئي ڪجهه آهي جيترو انهن ڪمايو آهي ۽ عورتن لاءِ (به) اهو ئي ڪجهه آهي جيترو انهن ڪمايو آهي. الله تعالى کان رڳو ان جي مھربانيءَ جي دعا گهرندا رهو. بيشڪ الله تعالى هرهڪ شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِكُلٍّ جَعَلنا مَوٰلِىَ مِمّا تَرَكَ الوٰلِدانِ وَالأَقرَبونَ وَالَّذينَ عَقَدَت أَيمٰنُكُم فَـٔاتوهُم نَصيبَهُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 33) |
۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنھن سڀ لاءِ وارث مُقرّر ڪياسون، ۽ جن کي (مائٽيءَ جھڙي دوستيءَ ۾) اوھانجي قَسمن ٻَڌو آھي تن کي سندن حصّو ڏيو، ڇوته الله سڀڪنھن شي تي حاضر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) جيڪو ترڪو ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي وڃن تنهن ۾ هرهڪ جي لاءِ اسان حقدار وارث ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ پڻ جن عورتن سان توهان جو عهد اقرار(نڪاح) ٿيل آهي، (تن جو به اسان حصو ٺهرائي ڇڏيو آهي) تنهن ڪري انهن جو حصو انهن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر ناظر آهي (۽ کانئس ڪابه شيء لڪل ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان سڀني لاءِ ملڪيت جا حقدار بنايا آهن، جيڪو ورثو ڇڏن پيءُ ماءُ ۽ ويجها مائٽ، ۽ اهي ماڻهو جن جي ذميداري توهان کنئي آهي تن کي سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماءُ پيءُ (يا) ٻيا مائٽ (مطلب ته) جو شخص جيڪو به ترڪه ڇڏي وڃي ان مان هر هڪ جو (والي) وارث مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ۽ جن ماڻهن سان توهان پڪو انجام ڪيو آهي، ان جو مقرر ڪيل (مال) به اوهين ڏيو. بيشڪ خدا هر شيءِ تي حاضر ناظر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هر هڪ لاءِ ڪيا اسان وارث ان مان جو ڇڏي ويا پيءُ ماءُ ۽ مائٽ ۽ اهي جو مضبوط ٿيا (انهن سان) عهد اوهان جا پوءِ انهن کي ڏيو ڀاڱو سندن بيشڪ الله آهي هر شيءِ تي حاضر.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن جيڪي (مال) ڇڏيو تنهن سڀ لاءِ اسان وارث مقرر ڪيا آهن. ۽ جن کي اوهان جي قسمن (مائٽي جهڙو) ٻڌو آهي تن کي سندن حصو ڏيو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان پورو واقف آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هر ڪنهن لاءِ ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ڇڏيل مال ۾ وارث مقرر ڪيا آهن. ۽ (باقي اهي ماڻهو) جن سان توهان جو معاهدو ٿي چڪو آهي پوءِ انهن کي سندن حصو ڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي نگران آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هر ڪنهن لئي حقدار، مقرر ڪياسون مورهين، تنهن مان ابن ۽ اوڏڙن، جو ترڪ ڪيو تڪرار، پڻ جن سان ٻول اوهان جا، پوءِ ڏيو، حصو سندن هيڪار، صاحب ربُّ ستار، حاضر هر ڪنهن ٽول تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پيءُ ماءُ ۽ مٽ مائٽ جيڪا ملڪيت ڇڏي مرن، ته اسان هر هڪ لاءِ ان جا حقدار مقرر ڪيا آهن ۽ جن سان اوهان عهد ڪري چڪا آهيو، انهن کي به سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله هر هڪ ڳالهه کي ڏسي رهيو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان هر انهيءَ ميراث جا حقدار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪا ماءُ پيءُ ۽ ويجها مٽ مائٽ پويان ڇڏي وڃن. باقي جن ماڻهن سان توهان جا عهد اقرار هجن ته کين پنهنجو حصو ڏيو. بيشڪ الله جي هر شيءِ تي نظر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان هرهڪ حقدار مقرر ڪيا آهن ڇڏيل ملڪيت لاءِ، جيڪا والدين ۽ رشتيدار ڇڏين ٿا، ۽ اهي ماڻهو جن سان توهان جو پڪو عهد آهي ته انهن کي به سندن حصو ڏيو، بيشڪ الله هر شيءِ تي پاڻ نگران آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ڪجهه والدين يا مائٽ (مرڻ وقت) پويان ڇڏي وڃن ته اسان ان جي ڇڏيل ميراث جا حقدار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، باقي رهيا اهي ماڻهو جن سان توهان ڪو وعدو يا معاهدو ڪيو آهي، ته پوءِ کين انهن جو حصو ڏيو، بيشڪ الله تعالى جي هر شيءِ تي نظر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الرِّجالُ قَوّٰمونَ عَلَى النِّساءِ بِما فَضَّلَ اللَّهُ بَعضَهُم عَلىٰ بَعضٍ وَبِما أَنفَقوا مِن أَموٰلِهِم فَالصّٰلِحٰتُ قٰنِتٰتٌ حٰفِظٰتٌ لِلغَيبِ بِما حَفِظَ اللَّهُ وَالّٰتى تَخافونَ نُشوزَهُنَّ فَعِظوهُنَّ وَاهجُروهُنَّ فِى المَضاجِعِ وَاضرِبوهُنَّ فَإِن أَطَعنَكُم فَلا تَبغوا عَلَيهِنَّ سَبيلًا إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلِيًّا كَبيرًا (آيت : 34) |
مڙس زالن تي انھيءَ سببان حاڪم آھن جو الله انھن مان ھڪڙن کي ٻـين کان ڀلو ڪيو آھي ۽ (ٻيو) ھن سببان جو پنھنجن مالن مان خرچيندا آھن، پوءِ ڀلاريون فرمانبردارڻيون پرپٺ نگاہ رکڻ واريون الله جي نگھباني موجب آھن، ۽ جن (زالن) جي بي فرماني معلوم ڪريو تن کي (زباني) نصيحت ڪريو ۽ پاٿارين ۾ کين ڌار ڪريو ۽ مار ڏيونِ، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي فرمانبرداري ڪن ته مٿن ڪا (ايذاءُ جي) واٽ نه ڳوليو، ڇوته الله وڏو وڏيءَ وڏائيءَ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مرد عورتن (جي گذران ۽ حفاظت) لاءِ بندوبست ڪرڻ وارا آهن، هن ڪري جو الله تعاليٰ ڪن کي ڪن کان (ڪن ڳالهين ۾ مثلاً طاقت ۾) بهتر ڪيو آهي ۽ پڻ هن ڪري جو مرد پنهنجو مال (عورتن تي) خرچ ڪن ٿا. پوءِ جيڪي عورتون نيڪ آهن، سي (الله جون) فرمانبردار رهن ٿيون ۽ جيئن الله تعاليٰ کين حفاظت ۾ رکيو آهي، تيئن پاڻ به (ظاهر توڙي باطن ۾) غيب ۾ به (خدائي قانونن جي) حفاظت ڪنديون رهن ٿيون. ۽ جن زالن کان توهان کي بغاوت جو انديشو هجي تن کي (پهريائين نرمي ۽ محبت سان) سمجهايو پوءِ کين خوابگاه ۾ پاڻ کان الڳ رکو (پوءِ به نه مڃن ۽کين (ڪجهه قدر) بدني سزا به ڏيو. پوءِ جيڪڏهن توهان جو چوڻ مڃن ته (سختي بند ڪيو) ۽ ائين نه ڪيو جو (مٿن الزام رکڻ لاءِ) واٽون ۽ حيلا بهانا ڳوليو. ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀني کان اعليٰ ۽ سڀني کان وڏو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مرد عورتن تي حاڪم آهن انهي سببان جو الله تعالى مردن کي عورتن تي فضيلت ڏني آهي ۽ انهيءَ سببان جو مرد عورتن تي پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا، پوءِ نيڪ عورتون مردن جون فرمانبردار محافظ آهن مردن جي غير موجودگيءَ ۾ جنهنجي حفاظت جو الله حڪم فرمايو ۽ جن عورتن جي نافرماني جو توهان کي خوف آهي ته انهن کي سمجهايو ۽ انهن کان پري سمهو ۽ انهن تي سختي ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان جي چوڻ ۾ اچي وڃن ته پوءِ انهن تي زيادتي نه ڪريو، بيشڪ الله تعالى بُلند (۽) وڏو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مڙس زالن تي حاڪم آهن ڇو ته (هڪ ته) خدا ڪن ماڻهن (مردن) کي ڪن ماڻهن (عورتن) تي فضيلت ڏني آهي ۽ (ٻيو) جيئن ته مردن (عورتن تي) پنهنجو مال خرچ ڪيو آهي. پوءِ نيڪ بخت زالون ته (مڙسن جي) تابعداري ڪنديون آهن (۽) هنن جي پر پٺ (به) جيئن (سندن) حفاظت ڪئي، اهي به (هر ڳالھ جي) حفاظت ڪنديون آهن. پڻ جن ناشناس عورتن جي (ارھ زور) هجڻ جو اوهان کي خوف هجي ته (اول) انهن کي (پنهنجي منهن) سمجهايو ۽ (نه مڃن ته) توهان هنن سان سمهڻ ڇڏي ڏيو پر جي (اڃا به نه سمجهن ته) مار ڏيون (پر ايترو نه جو رت نڪري يا ڪوئي عضوو ڀڄي پوي) پوءِ جيڪڏهن اوهان جون تابعدار ٿين ته اوهين به مٿن (ظلم ڪرڻ جو) ڪو رستو نه ڳوليو. بيشڪ خدا ته سڀ کان بلند (۽) وڏو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مرد انتظام سنڀاليندڙ آهن عورتن تي سببان ان جي جو فضيلت ڏني الله هڪڙن کي انهن مان ٻين تي ۽ سببان ان جي جو خرچ ڪيائون مالن پنهنجن مان پوءِ نيڪ عورتون تابعدار آهن حفاظت ڪندڙيون پر پٺ (مڙسن کان) سببان ان جي جو حفاظت ڪئي الله ۽ اهي عورتون جو ڊڄو ٿا بي فرمان ٿيڻ انهن جي کان پوءِ نصيحت ڪيو انهن کي ۽ جدا رکو انهن کي بسترن ۾ ۽ ماريو انهن کي پوءِ جيڪڏهن تابعداري ڪن اوهان جي پوءِ نه طلب ڪيو انهن تي (الزام جو) رستو بيشڪ الله آهي مٿاهون وڏي سان وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مڙس زالن تي حاڪم آهن هن ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ هن ڪري به جو انهن پنهنجا مال خرچ ڪيا آهن. پوءِ نيڪ بخت زالون تابعدار آهن، پر پٺ الله جي نگهبانيءَ سان (مڙس جي عزت ۽ مال جي) سنڀال ڪندڙ آهن. ۽ جن (زالن) جي سرڪشي معلوم ڪريو تن کي نصيحت ڪريو. ۽ سمهڻ جي جاين ۾ انهن کي جدا ڪريو (يعني مباشرت نه ڪريو) ۽ انهن کي مار ڏيو. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان جو چيو مڃين ته مٿن (ظلم ڪرڻ جو) ڪو رستو نه ڳوليو بيشڪ الله بلند (۽ ) وڏو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مرد عورتن مٿان سنڀالدار آهن هن ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت ڏني آهي ۽ (ٻيو) هن ڪري به ته اهي پنهنجي مالن مان (عورتن تي) خرچ ڪندا آهن. پوءِ نيڪوڪار عورتون فرمانبردار هونديون آهن (جيڪي) مڙسن جي غير موجودگي ۾ الله جي حفاظت سان (انهن جي مال ۽ عزت) جي حفاظت ڪنديون آهن. ۽ توهان کي جن عورتن جي بي فرماني جو انديشو هجي ته پوءِ انهن کي نصيحت ڪيو (اگر نه سمجهن ته) انهن کي بسترن ۾ ڌار ڪيو (جدا سمهو) پوءِ به نه سمجهن ته (هلڪي) مار ڏيو. پوءِ جي اوهان جي فرمان ۾ اچي وڃن ته پوءِ انهن تي ڪوبه (جارحانه) رستو نه ڳوليو. بيشڪ الله برتر آهي (سڀ کان) وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بالم مرد بحال، آهن عورتن تي، جيئن بعض سندن کان، بعض سان ڀلي ڪيا ڀال، ۽ جنهن موجب خرچيؤن، مال کي، پوءِ چڱيؤَن چڱي چال، ڳجھ ۾ رکندڙ ڳالھ، ربَّ رکيو، جنهن ريت سان. ۽ اُهي، جن کان اڻبڻت جو، ڀانتان ڀو ڀتار!، پوءِ تن کي ڪريو، زبان سان، نصحيت نِبار، ۽ وِڇڙو کائن وِڇاڻ ۾، ڏيونِ مناسب مار، پوءِ مڃيؤَن آڻ، ته اُنهن تي، وڌيڪ نه گُھرو وهنوار، مَٿائون مختار، وڏِي وڏائـِي جو ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مرد زالن تي ان ڪري حاڪم آهي، جو الله ڪن کي ڪن تي درجو ڏنو آهي ۽ هن ڪري به، جو اُهي پنهنجا مال (عورتن تي) خرچ ڪن ٿا. پوءِ نيڪ زالون فرمانبردار آهن ۽ الله جي حفاظت ڪري (مڙسن) جي غيرحاضريءَ ۾ سندن مال (۽ عزت) جي سنڀال رکن ٿيون. ۽ جن زالن کان اوهان کي سرڪشيءَ جو انديشو هجي ته پهريائين انهن کي نصيحت ڪريو، (نه سمجهن) ته وٽن نه سمهو، (اڃا به نه سمجهن) ته کين (هلڪيءَ طرح) ماريو، ۽ پوءِ جيڪڏن اوهان جو چيو وٺن، ته مٿن اڳرائي ڪرڻ جو بهانو نه ڳوليو، (ياد رکو ته) الله سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڌيڪ بزرگيءَ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مرد عورتن تي قوام (حاڪم) آهن، ان ڪري جو الله انهن مان هڪڙن کي ٻين تي مرتبي ۾ سرسي عطا ڪئي آهي ۽ ان ڪري به جو مرد پنهنجا مال خرچ ٿا ڪن، تنهنڪري جيڪي نيڪ عورتون آهن، اهي فرمانبردار ٿين ٿيون ۽ مردن جي پرپٺ الله جي حفاظت ۽ نظرداريءَ هيٺ سندن حقن جي حفاظت ڪن ٿيون ۽ جن عورتن کان توهان کي سرڪشيءَ جو ڊپ هجي، انهن کي فهمائش ڪريو ۽ سمهڻ وارين جاين ۾ کانئن ڌار رهو ۽ کين مار ڪڍو ۽ پوءِ جيڪڏهن هو توهان جون تابعدار بڻجي وڃن ته هروڀرو کين ستائڻ جا بهانا نه ڳوليو، پڪ ڄاڻو ته مٿان الله موجود آهي، جيڪو تمام مٿانهون ۽ وڏو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مرد سرپرست آهن عورتن جا، انهيءَ ڪري ته الله انهن مان هڪڙي کي فضيلت ڏني آهي ٻئي تي ۽ انهيءَ ڪري ته مرد پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، صالح عورتون فرمانبردار آهن ۽ مردن جي پويان حفاظت ڪن ٿيون سندن حقن جي الله جي حفاظت ۾، ۽ جن عورتن کان توهان کي سرڪشيءَ جو انديشو هجي، انهن کي سمجهايو، انهن کان بسترا الڳ ڪريو ۽ مار ڪڍو، پوءِ جيڪڏهن اهي تابعدار ٿي وڃن ته هرو ڀرو کين ڏکوئڻ جا بهانا نه ڳوليو، بيشڪ الله مٿي موجود آهي جيڪو وڏو ۽ بالاتر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مرد عورتن جي معاملات جا ذميدار آهن، ان ڪري جو الله تعالى انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت عطا ڪئي آهي ۽ ان ڪري به جو هو پنھنجو مال (انهن عورتن تي) خرچ ڪري رهيا آهن، پوءِ نيڪ عورتون اهي آهن جيڪي فرمانبردار هجن، مردن جي سمورن معاملن کي سندن غيرموجودگيءَ ۾، الله تعالى جي حفاظت تحت سنڀاليندڙ هونديون آهن، باقي جن عورتن جي باري ۾ توهان کي بيوفائيءَ جو خوف هجي، ته پوءِ کين (ويھاري) سمجهايو (پر جيڪڏهن اهي اڃا به بيوفائيءَ ڏانھن مائل هجن ته) پوءِ توهان کين پنھنجي قربائتي ماحول کان پري رکو ۽ ٿورو ڌڪ چنبو هڻي وٺو، پوءِ جيڪڏهن فرمانبردار ٿي رهڻ تي آماده ٿين ته توهان به( هروڀرو پوئين ڳالهين تي ڳت ڏئي) سختي ڪرڻ جا بھانا نه ڳوليو. بيشڪ الله تعالى بلند ترين مرتبي وارو ۽ وڏو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن خِفتُم شِقاقَ بَينِهِما فَابعَثوا حَكَمًا مِن أَهلِهِ وَحَكَمًا مِن أَهلِها إِن يُريدا إِصلٰحًا يُوَفِّقِ اللَّهُ بَينَهُما إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا خَبيرًا (آيت : 35) |
۽ جيڪڏھن سندن وچ ۾ ڦيٽي کان ڊڄو ته ھِن جي گھراڻي مان ھڪ امين ۽ ھُن جي گھراڻي مان (به) ھڪ امين مُقرّر ڪريو، جيڪڏھن ٻئي (امين) صُلح ڪرائڻ گھرندا ته الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڪندو، ڇوته الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اوهان کي انديشو ٿئي ته زال مڙس پاڻ ۾ ڦٽي پوندا ته پوءِ هڪڙو امين مڙس جي مائٽن مان ۽ هڪڙو امين زال جي مائٽن مان مقرر ڪيو جيڪڏهن ٻئي امين (دل سان) چاهيندا ته صلح ڪرائي ڇڏيون ته الله تعاليٰ ضرور زال مڙس جي وچ ۾ موافقت پيدا ڪري ڇڏيندو، بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان کي زال مڙس جي جهڳڙي جو خوف هجي ته پوءِ امين موڪليو مرد جي طرفان ۽ امين عورت جي طرفان، جيڪڏهن ٻئي امين صلح جي ڪوشش ڪندا ته الله اصلاح ڪندو انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ بيشڪ الله تعالى علم رکندڙ خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي فيصلي ڪرڻ وارو!) جيڪڏهن اوهان کي زال مڙس جي پوري اڻبڻت جو طرفين کان انديشو هجي ته هڪ امين مڙس جي هرائي مان ۽ هڪ امين زال وارن مان مقرر ڪريو. جيڪڏهن اهي ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گهرن ته خدا هنن ٻنهين ۾ سٺو بندوبست ڪندو. بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ پوري خبر رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن خوف ٿا رکو ڦوٽ پوڻ جو انهن ٻنهي ۾ پوءِ کڙو ڪيو هڪ فيصلو ڪندڙ ان مرد جي اهل مان ۽ هڪ فيصلو ڪندڙ ان (عورت) جي اهل مان جيڪڏهن ارادو ڪندا صلح ڪرڻ جو ته توفيق ڏيندو الله انهن ٻنهي کي بيشڪ الله آهي ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن انهن ٻنهين جي وچ ۾ جهڳڙي پوڻ کان ڊڄو ته هڪ امين مڙس جي گهراڻي مان ۽ هڪ امين زال جي گهراڻي مان موڪليو. جيڪڏهن اهي ٻئي (امين) صلح ڪرائڻ گهرندا ته الله انهن تي ٻنهين (زال ۽ مڙس) جي وچ ۾ ميلاپ ڪندو. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ پوري خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جي اوهان کي زال مڙس جي وچ ۾ اڻ بڻت جو ڊپ آهي ته هڪڙو امين مرد جي خاندان مان ۽ ٻيو امين عورت جي خاندان مان مقرر ڪيو. جي اُهي ٻئي (امينَ) صلح ڪرائڻ چاهيندا ته الله ٻنهين ۾ موافقت پيدا ڪندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ باخبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڀانتان منجھن، بگيڙ ڪو، ته واريو اُنهيء وار، هِن ۽ هُن جي پَنٿ مان، ٻه امين ڌارو ڌار، ٻن وچ ساز سلوڪ جو، وٺڻ گُھرن ويچار، ڏيندو توفيق تن کي، ڏيہ ڌڻي ڏاتار، سائين سَمجھدار، پڻ خبردار خلق کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کي زال مڙس وچ ۾ اڻبڻت جو انديشو آهي ته مرد جي ڪٽنب مان هڪ امين مقرر ڪيو ۽ هڪ امين زال جي ڪٽنب مان. جيڪڏهن اهي صلح ڪرائڻ گهرندا ته الله انهن ۾ ٺاهه پيدا ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان کي زال ۽ مڙس جي لاڳاپن ۾ خلل پوڻ جو ڊپ هجي ته هڪڙو امين مرد جي عزيزن مان ۽ هڪڙو عورت جي عزيزن مان مقرر ڪريو، اهي ٻئي اصلاح پيدا ڪرڻ گهرندا ته الله سندن وچ ۾ ٺاهه جي ڪا صورت پيدا ڪندو، الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان کي زال ۽ مڙس جي تعلقات خراب ٿيڻ جو انديشو هجي تههڪ فيصلو ڪندڙ (ٽياڪڙ) مرد جي خاندان مان ۽ هڪ عورت جي خاندان مان هجي، اهي ٻئي نبيرو ڪرڻ گهرندا ته الله اها صورت پئدا ڪندو انهن ٻنهي ۾ صلح جي، بيشڪ الله سڀڪجهه ڄاڻندڙ باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان کي زال ۽ مڙس جا تعلقات هٿن مان نڪرندي نظر اچن، ته پوءِ هڪ امين ماڻهو مڙس جي خاندان طرفان ۽ هڪ امين ماڻهو زال جي خاندان طرفان مقرر ڪريو ۽ جيڪڏهن (واقعي) انهن ٻنهي جي نِيَّتَ معاملي کي ٺاهڻ جي هوندي، ته الله تعالى به انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه جي صورت پيدا ڪندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ هر معاملي جي خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاعبُدُوا اللَّهَ وَلا تُشرِكوا بِهِ شَيـًٔا وَبِالوٰلِدَينِ إِحسٰنًا وَبِذِى القُربىٰ وَاليَتٰمىٰ وَالمَسٰكينِ وَالجارِ ذِى القُربىٰ وَالجارِ الجُنُبِ وَالصّاحِبِ بِالجَنبِ وَابنِ السَّبيلِ وَما مَلَكَت أَيمٰنُكُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ مُختالًا فَخورًا (آيت : 36) |
۽ (خاص) الله جي عبادت ڪريو ۽ ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان ۽ مٽيءَ وارن سان ۽ ڇورن (ٻارن) ۽ مسڪينن ۽ مٽيءَ واريءَ پاڙيچي ۽ ڌاريي پاڙيچي ۽ ويجھي سنگتي ۽ مسافر ۽ پنھنجن ٻانھن سان چڱائي ڪريو، ڇوته جيڪو ھٺيلو وڏائي ڪندڙ ھجي تنھن کي الله دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (خبردار) الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ ڪنهن به شيء کي ساڻس شريڪ نه ڪيو ۽ اوهان کي گهرجي ته ماءُ پيءُ سان، مائٽن سان، يتيمن ۽ مسڪينن سان، پاڙيسرين سان، اهي پاڙيسري مائٽ هجن توڙي ڌاريا هجن، (مسافريءَ ۾ يا هونئن) ۽ ڀرسان ويٺل سنگتين سان، مسافرن سان ۽ انهن سان جي توهان جي قبضي يا زيردستيءَ ۾ آهن، انهن سڀني سان احسان (خير خواهي ۽ مددگاري) ڪندا رهو. الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي آڪڙيل ۽ ٻٽاڪي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ انهيءَ سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو ۽ نيڪي ڪريو پيءُ ماءُ سان ۽ مائٽن سان ۽ يتيمن سان ۽ مسڪينن سان ۽ ويجهڙن پاڙِسرين سان ۽ پري وارن پاڙيسرين سان ۽ گڏ رهندڙن سان ۽ مسافرن سان ۽ پنهنجن ٻانهن سان، بيشڪ الله تعالى پسند نٿو فرمائي انهيءَ ماڻهوءَ کي جيڪو وڏائي ڪندڙ فخر ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ الله جي ئي عبادت ڪريو ۽ ڪنهن کي سندس شريڪ نه بنايو پڻ ماءُ پيءُ ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ محتاجن ۽ رشته دار پاڙيسري ۽ ڌاريا پاڙيسري ۽ ڀر سان وهڻ واري ۽ مسافرن ۽ پنهنجي غلام ۽ ٻانهيءَ سان به ڀلائي ڪريو. بيشڪ خدا هٺيلن پاڻ پڏائيندڙن کي دوست نٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عبادت ڪيو الله جي ۽ نه شريڪ ڪيو ان سان ڪا شيءِ ۽ پيءُ ماءُ سان احسان ڪيو ۽ مائٽن سان ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پاڙيچي قرابت واري ۽ پاڙيچي ڌارئين ۽ صحبت ڪندڙ پاسي واري ۽ واٽهڙوءَ ۽ ٻانهن سان بيشڪ الله نه ٿو پسند ڪري ان کي جو آهي آڪڙ ڪندڙ فخر ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي عبادت ڪريو ۽ ان سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪريو. ۽ ماءُ پيءُ سان ڀلائي ڪريو ۽ مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ پاڙيسري مائٽ ۽ ڌارئي پاڙيسري ۽ ڀر سان رهڻ واري ۽ مسافر ۽ پنهنجي هٿ جي مال سان به ڀلائي ڪريو. بيشڪ الله هٺيلن پاڻ پڏائيندڙن کي دوست نه ٿو رکي، (۽ نه انهن کي) جيڪي بخل ڪن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي عبادت ڪيو ۽ ان سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ نه بنايو ۽ ماءُ پيءُ سان احسان ڪيو ۽ قرابت دارن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ رشتيدار پاڙيسري ۽ ڌارئي پاڙيسري ۽ هم مجلس ۽ مسافر ۽ جن جا توهان (شرعي) مالڪ بنيا آهيو (سڀني سان احسان ڪيو) بيشڪ الله ان کي پسند نه ٿو ڪري جيڪو هٺيلو فخر ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوڄيو پرور هيڪڙو، ۽ ڪاشئ گڏيوسِ ڪانه، ۽ مائٽن، مٽن ۽ ڇولاٿن، ۽ اَڙين سان احسان، پنهنجو ۽ ٻيو پاڙيسري، ۽ مُرڳو ڀر مڪان، ۽ جي اَهنجي سڄن سَنڀاليا ۽ مسافر مهمان، حُب نه ڏي حنان، هر مرڪندڙ، مغرور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي عبادت ڪريو ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ مٽيءَ مائٽيءَ وارن، يتيمن، محتاجن، پاڙيسري مائٽن، پاڙيسري ڌارين، ڀر ۾ رهندڙ ۽ مسافرن ۽ اوهان جي ٻانهن سان احسان ڪريو. بيشڪ الله تڪبر ڪندڙن، آڪڙبازن کي پسند نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان سڀئي الله جي ٻانهپ ڪريو، ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه بڻايو، ماءُ پيءُ سان سهڻو ورتاءُ ڪريو، ويجهن مٽن مائٽن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان سٺو سلوڪ ڪريو ۽ عزيز پاڙيسريءَ سان ۽ ڌارئي پاڙيسريءَ سان ۽ ڀرواري ساٿيءَ ۽ مسافر سان ۽ انهن ٻانهن ۽ ٻانهين سان، جيڪي توهان جي قبضي ۾ هجن احسان واري هلت هلو، پڪ ڄاڻو ته الله ڪنهن به اهڙي شخص کي پسند نه ڪندو آهي، جيڪو پاڻ کي وڏو ڀانئيندڙ ۽ ٻٽاڪي هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهين سڀ بندگي ڪريو الله جي ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سٺو سلوڪ رکو، ۽ ويجهن مائٽن سان ۽ يتيمن ۽ مسڪينن سان سٺو سلوڪ ڪريو، مائٽ پاڙيسري ۽ ڌارين پاڙيسرين سان، پاسي واري ساٿي ۽ مسافرن سان ۽ اهي جيڪي توهان جي قبضي ۾ آهن، بيشڪ الله ڪنهن به اهڙي شخص کي پسند نٿو ڪري، جيڪو خود پرستي ۾ مغرور هجي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى جي بندگي ڪريو ۽ ان ذات سان ڪنھن کي به شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان سھڻو سلوڪ ڪريو ۽ مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن، ويجهن پاڙيسري مائٽن، اڻ سڃاتل پاڙيسرين، گڏ ويھندڙن، مسافرن ۽ غلام ٻانهن سان جيڪي توهان جي ذميداريءَ ۾ آهن، انهن سڀني سان چڱائي ڪريو. بيشڪ الله تعالى ڪنھن به مغرور ۽ وڏائي ڪندڙ کي پسند نٿو ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَبخَلونَ وَيَأمُرونَ النّاسَ بِالبُخلِ وَيَكتُمونَ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 37) |
( ۽ نڪي اُنھن کي) جيڪي (پاڻ) ڪنجوسي ڪندا آھن ۽ ماڻھن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حُڪم ڪندا آھن ۽ الله پنھنجي فضل سان کين جيڪي ڏنو آھي سو لڪائيندا آھن، ۽ اھڙن نه مڃيندڙن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿئون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي پاڻ به ڪنجوسائي ٿا .ڪن ۽ ٻين کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين ۽ جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين ڏنو آهي سو لڪائي ٿا رکن (ياد رکو) ته انهن بي شڪري ڪندڙن لاءِ اسان خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو پاڻ بخيلي ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي بخيلي لاءِ چون ٿا ۽ لڪائن ٿا جيڪو ڪجهه الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنو آهي ۽ اسان تيار ڪيو آهي ڪافرن لاءِ خواري واري عذاب کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ماڻهو اهي آهن جي پاڻ تي بخل ڪن ٿا پر ٻين ماڻهن کي به بخل جو ڏس ڏين ٿا ۽ جيڪو مال خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان کين ڏنو آهي، ان کي لڪائين ٿا. ۽ اسان ته بي شڪر ماڻهن لاءِ تمام ذلت (۽خواري) جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ماڻهو جو بخيلي ٿا ڪن ۽ امر ٿا ڪن ماڻهن کي بخيليءَ جو ۽ لڪائين ٿا جيڪو ڏنو انهن کي الله پنهنجي فضل مان ۽ تيار ڪيوسون ڪافرن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن کي بخل ڪرڻ جو حڪم ڪن ٿا، ۽ الله پنهنجي فضل مان جيڪي کين ڏنو آهي سو لڪائين ٿا. ۽ اسان ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو جيڪي ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا ۽ انهن (نعمتن) کي لڪائن ٿا جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنيون آهن، ۽ اسان (اهڙن) ناشڪرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جي مُٺ پُورين مور، ۽ ماڻهن چون، مٺ پُورجو، ۽ لِڪائين، جو لطف سان، مالڪ ڏِنن مذڪور، کورو خوارين ڀريو، سخت سٺيندڙ سور، ۽ جوڙيو سون ضرور، اَوسَ، اَويساهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي پاڻ به ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ٻين ماڻهن کي به ڪنجوسي سيکارين ٿا ۽ جيڪي الله پنهنجي مهربانيءَ سان کين ڏنو آهي، تنهن کي لڪائي رکن ٿا. (ياد رکو) ته اسان جي نعمتن جي ناشڪري ڪندڙن لاءِ اسان ذليل ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهڙا ماڻهو به الله کي پسند ناهن، جيڪي ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ ٻين کي به ڪنجوس بڻجڻ جي تلقين ڪن ٿا ۽ جيڪو ڪجهه الله پنهنجي فضل مان کين ڏنو آهي، تنهن کي لڪائن ٿا، اهڙن ناشڪرن لاءِ اسان خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا ماڻهو به (الله کي) پسند ناهن جيڪي ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ هدايت ڪن ٿا ماڻهن کي به ان جي ۽ اهو لڪائن ٿا جيڪي الله انهن کي ڏنو آهي پنهنجي فضل سان، نعمت سان ڪفر ڪندڙ اهڙن ماڻهن لاءِ اسان عذاب تيار ڪيو آهي رسوا ڪندڙ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙا شخص به (الله تعالى کي پسند نه آهن) جيڪي ڪنجوس آهن ۽ وري ٻين کي به ڪنجوسيءَ جو سبق ڏين ٿا، الله تعالى کين پنھنجي فضل مان جيڪو ڪجهه ڏنو آهي، تنھن کي هو لڪائين ٿا، اهڙن ناشڪري ڪندڙن لاءِ ته اسان خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُنفِقونَ أَموٰلَهُم رِئاءَ النّاسِ وَلا يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلا بِاليَومِ الءاخِرِ وَمَن يَكُنِ الشَّيطٰنُ لَهُ قَرينًا فَساءَ قَرينًا (آيت : 38) |
۽ (اُنھن لاءِ به) جيڪي پنھنجن مالن کي ماڻھن جي ڏيکاريءَ لاءِ خرچيندا آھن ۽ نڪي الله کي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن، ۽ جنھن جو سنگتي شيطان ٿيو ته اُھو سنگتي بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهن ماڻهن کي به الله تعاليٰ پسند نٿو ڪري) جيڪي رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ (نالي ماتر ناموس لاءِ) مال خرچ ڪن ٿا، اهي حقيقت ۾ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ڪونه ٿا رکن. (الله تي ايمان هجين ته ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال ڇو لٽائين). سو جنهن جو سنگتي شيطان آهي تنهن جو اهو ساٿي ڪهڙو نه خراب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي دولت کي ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان نٿا آڻن، ۽ جنهن جو سنگتي شيطان ٿيو پوءِ اهو خراب آهي سنگتي انهيءَ جو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال خرچ ڪن ٿا ۽ نه خدا تي ئي ايمان اٿن ۽ نه وري آخرت تي (خدا هنن سان ڪونهي ڇو ته سندن ساٿي ته شيطان آهي) ۽ جنهن جو ساٿي شيطان هجي ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ساٿي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو خرچ ٿا ڪن مال پنهنجا ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ۽ نه ٿا ايمان آڻين الله تي ۽ نه ڏينهن قيامت جي تي ۽ اهو جو هوندو شيطان ان جو ساٿي پوءِ بڇڙو آهي اهو ساٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي پنهنجي مالن کي ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ نڪي الله تي ۽ نڪي قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ٿا. ۽ جنهن جو شيطان سنگتي ٿيندو سو اهو بڇڙو سنگتي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (خواريءَ وارو عذاب آهي) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پنهنجا مال ماڻهن جي ڏيک ويک لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ نه الله تي ايمان رکن ٿا ۽ نه آخرت واري ڏينهن تي. ۽ جنهن جو ساٿي شيطان ٿيو ته پوءِ ڏاڍو بڇڙو ساٿي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي خرچين خوشامد ماڻهين، مال سندنِ مَستان، ۽ نه الله، نه آخر ڏينهن تي، آڻينِ ڪو ايمان، ۽ ٿيو ساٿِي، جنهن شيطان، ته بُڇڙو سنگت ساٿ ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله انهن کي به پسند نٿو ڪري جي ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ خرچ ڪن ٿا. اهي نه الله تي ايمان آڻين ٿا ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي. ۽ جنهن جو ساٿي شيطان ٿيو ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ساٿي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ماڻهو به الله کي نه وڻندا آهن، جيڪي پنهنجا مال رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ خرچ ڪندا آهن ۽ حقيقت ۾ نڪي الله تي ڪو ايمان اٿن ۽ نه وري آخرت جي ڏينهن تي. جنهن جو شيطان سنگتي بڻيو، تنهن کي ڏاڍي خراب سنگت ملي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو به جيڪي خرچ ڪن ٿا پنهنجو مال ڏيکارڻ لاءِ ماڻهن کي، اهي نه ايمان رکن ٿا الله تي ۽ نه آخرت جي ڏينهن تي، ۽ جنهن جو ساٿي ٿيو شيطان ته ان کي ڏاڍو برو ساٿي مليو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙا شخص به (الله تعالى کي پسند نه آهن) جيڪي ماڻهن کي رڳو ڏيکاءَ خاطر خرچ ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينھن تي ايمان ئي نٿا رکن، (حقيقت هي آهي ته) جنھن جو ساٿي شيطان ٿيندو ته ان کي ڄڻ ته انتھائي برو ساٿي مليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَماذا عَلَيهِم لَو ءامَنوا بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقَهُمُ اللَّهُ وَكانَ اللَّهُ بِهِم عَليمًا (آيت : 39) |
۽ مٿن ڪھڙي (ڏکيائي) ھئي جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃين ھا ۽ الله جيڪي کين ڏنو آھي ان مان خرچين ھا، ۽ الله انھن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن کي ڪهڙو نقصان ٿئي ها جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ها ۽ جيڪي خدا هنن کي ڏنو آهي ان کي (سندس راهه ۾) خرچ ڪن ها؟ الله تعاليٰ سندن حالت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي ڪهڙو نقصان پهچي ها جيڪڏهن الله تعالى تي ۽ قيامت تي ايمان آڻن ها ۽ جيڪي ڪجهه الله تعالى انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ها ۽ الله تعالى انهن کي ڄاڻي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو خدا ۽ ڏينهن قيامت تي ايمان آڻين ها ۽ جو ڪجھ خدا کين ڏنو آهي، انهيءَ مان (خدا جي واٽ ۾) خرچ ڪن ها ته مٿن ڪهڙي مصيبت پوي ها؟! ۽ خدا ته سندن (حال کان) چڱو واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا هو انهن تي جيڪڏهن ايمان آڻين ها الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ خرچ ڪن ها ان رزق مان جو ڏنو انهن کي الله ۽ آهي الله انهن کي ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جو ڪهڙو نقصان ٿي ٿيو جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ها ۽ جيڪو رزق الله کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ها ۽ الله انهن (جي حال) کي (چڱو) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن تي ڪهڙي آفت پوي ها! جي اهي الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آڻن ها ۽ الله جي ڏني مان (ان جي راهه ۾) خرچ ڪن ها. ۽ الله انهن (جي حال) کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪهِڙي مٿن مار، هوند مڃيؤن مورهين!، الله ۽ آخرڏينهن کي، پڻ ڏِنن، جو ڏاتار، تنهن مان خوب خرچيؤَن، لڌئون سَقِيمن سار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، سَڀت سمجھندڙ اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن جو ان ۾ ڪهڙو نقصان آهي، جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ۽ الله جي ڏنل مان خرچ ڪن؟ ۽ الله ته کين چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخر ڪهڙي مصيبت پوين ها جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ها ۽ جيڪو ڪجهه الله ڏنو اٿن، ان مان خرچ ڪن ها. جيڪڏهن ائين ڪن ها ته الله کان سندن نيڪيءَ واري حالت ڳجهي ته نه رهي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر انهن ماڻهن تي ڪهڙي مصيبت اچي ها جيڪڏهن هي ايمان آڻن ها الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ خرچ ڪن ها انهيءَ رزق مان، جيڪو الله کين ڏنو آهي، ته الله کان سندن نيڪيءَ جو حال لڪل نه رهي ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن جو ڪھڙو نقصان ٿئي ها، جو هو جيڪڏهن الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي ايمان رکن ها ۽ الله تعالى جي ڏِنل رِزق مان خرچ ڪن ها، ته انهن جي اهڙي رويّي کان الله تعالى باخبر هجي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ لا يَظلِمُ مِثقالَ ذَرَّةٍ وَإِن تَكُ حَسَنَةً يُضٰعِفها وَيُؤتِ مِن لَدُنهُ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 40) |
الله ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن (ڪا) چڱائي ھوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو آھي ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله تعاليٰ (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) هڪ ذرو به ڪنهن تي ظلم نٿو ڪري، جيڪڏهن ڪنهن هڪ رتيءَ جيتري به نيڪي ڪئي آهي ته الله تعاليٰ ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ وڌيڪ پنهنجي طرفان اهڙو بدلو به ڏيندو جو تمام وڏو بدلو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ذري برابر ظلم نٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪا نيڪي آهي ته اُن کي ٻيڻي ڪري پاڻ وٽان اجرِ عظيم عطا فرمائي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ته بلڪل ذري برابر به ظلم نٿو ڪري، بلڪ جيڪڏهن (ٿورڙي به ڪنهن جي) ڪا به نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ پنهنجي طرفان تمام وڏو ثواب عطا فرمائي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله نه ظلم ڪندو آ وزن ذري جو ۽ جيڪڏهن هوندي نيڪي ته ٻيڻو ڪندو ان کي ۽ ڏيندو پاڻ وٽان ثواب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله ذري جيترو ظلم نه ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن (ڪو ذرو) نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو، ۽ پاڻ وٽان وڏو اجر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلاشڪ الله ذري برابر ظلم ڪونه ٿو ڪري، ۽ اگر نيڪي آهي ته ان کي ٻيڻو ڪري ٿو ۽ پاڻ وٽان (ان جي عيوض) زبردست اجر عطا ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ذرو نه سَتائي ستار، جي هوندي نيڪِي هيڪڙِي، ته ٻِيڻِي ڪريس ٻِيهار، ۽ پاڻـئون وڏا وَڙ ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ڪنهن جو ذري جيترو به حق نٿو وڃائي ۽ جيڪڏهن نيڪي هوندي ته ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ ان کي پاڻ وٽان وڏو اجر عطا فرمائيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ڪنهن تي ذرڙي جيترو به ظلم نه ڪندو آهي. جيڪڏهن ڪو هڪڙي نيڪي ٿو ڪري ته الله ان کي ٻيڻو ٿو ڪري ڇڏي ۽ وري پنهنجي طرفان وڏو اجر عطا ڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ڪنهن تي به ظلم نٿو ڪري ذري برابر، جيڪڏهن هو نيڪي ڪري ٿو ته ان کي ٻيڻو ڪيو وڃي ٿو، ۽ وري پنهنجي طرفان به عطا فرمائي ٿو وڏو اجر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي ذات ڪنھن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندي آهي، بلڪ هو ته ڪنھن جي نيڪيءَ کي وڌائي ٻيڻو ڪندو آهي ۽ پنھنجي طرفان اڃا به گهڻو اجر عطا ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ إِذا جِئنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ بِشَهيدٍ وَجِئنا بِكَ عَلىٰ هٰؤُلاءِ شَهيدًا (آيت : 41) |
پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن سڀڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد آڻينداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي (به) ھن ٽوليءَ تي شاھد ڪري آڻينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ (اي پيغمبر!) ڪهڙو حال ٿيندو انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جڏهن اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد ڪنداسين (يعني ان امت جي پيغمبر کي آڻينداسين جيڪو پنهنجي امت جي عملن بابت شاهدي ڏيندو) ۽ اسان توکي هنن ماڻهن جي مٿان شاهدي ڏيڻ لاءِ آڻينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڪهڙو حال ڪافرن جو ٿيندو جڏهن اسان هر امت جي مٿان پيغمبر شاهد ڪنداسين ۽ رسولِ عربي توهان کي انهن سڀني تي شاهد ڪنداسين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (خير دنيا ۾ جيڪو چاهين سو ڪن) ڀلا ان وقت ڪهڙو حال ٿيندن جڏهن اسان هر گروھ جا گواھ گهرائينداسون ۽ (اي محمد) تو کي (وري) انهن سڀني تي گواھ جي حيثيت ۾ گهرائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙو حال هوندو جڏهن آڻينداسون هر هڪ امت مان شاهد ۽ آڻينداسون توکي هنن تي شاهد ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن اسين سڀ ڪنهن اُمت مان (هڪ) شاهد آڻينداسون ۽ توکي (به) هنن تي شاهد ڪري آڻينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن ڇا حال هوندو؟ جڏهن اسان هر امت مان هڪ شاهد آڻينداسين ۽ (اي نبي!) اسان تو کي انهن سڀني مٿان شاهد بنائي آڻينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪهڙو هوندن حال، جڏهن هَر اُمّت جي امام کي، مٿنِ شاهد مُعتبر، بيهارينداسونِ بحال، ۽ توکي لايون لال!، شاهد شاهِي هِنن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا ڪهڙو حال هوندن، جڏهن اسين هر هڪ امت مان هڪ گواهه طلب ڪنداسون ۽ اسين توکي به هنن تي گواهي ڏيڻ لاءِ طلب ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سوچيو ته سهين ته ان وقت اهي ڇا ڪندا، جڏهن اسان هر امت مان هڪڙو شاهد آڻينداسون ۽ انهن ماڻهن تي توکي (محمدﷺ کي) شاهد ڪري کڙو ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سوچيو ان وقت هي ڇا ڪندا جڏهن اسان هر امت مان هڪڙو شاهد آڻينداسين ۽ هنن ماڻهن تي توکي (اي محمد!) شاهد ڪنداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن ماڻهن جو ان وقت ڇا حال هوندو، جڏهن اسان (انهن جي سامھون) هر هڪ امت منجهان هڪ شاهد آڻي بيھارينداسين ۽ وري انهن سڀني جي مٿان (اي نبي ﷺ!) اسان توهان کي شاهد ڪري سامھون آڻينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَئِذٍ يَوَدُّ الَّذينَ كَفَروا وَعَصَوُا الرَّسولَ لَو تُسَوّىٰ بِهِمُ الأَرضُ وَلا يَكتُمونَ اللَّهَ حَديثًا (آيت : 42) |
اُنھيءَ ڏينھن ڪافر ۽ جن پيغمبر جو چيو نه مڃيو سي گھرندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي، ۽ الله کان ڪائي ڳالھ لڪائي نه سگھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ (الله جي) رسول جي حڪمن جي نافرماني ڪن ٿا سي(ارمان ۽ پشيمانيءَ ۾) خواهش ڪندا ته مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃن، پر (ائين ٿي ڪين سگهندو) هو انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ کان ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن ڪافر ۽ رسولِ عربيءَ جا نافرمان سڌ ڪندا ته ڪاش انهن کي مٽيءَ جي برابر ڪيو وڃي ها، ۽ اُهي ڪا ڳالهه الله تعالى کان لڪائي نه سگهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ) ان ڏينهن جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ رسول جي نافرماني ڪئي، اهي آرزو ڪندا ته هاءِ جيڪر (اهي مٽيءَ م پورجي وڃن) ۽ مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي ۽ اهي الله کان ڪا به ڳالھ لڪائي نه سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن محبت رکندا اهي شخص جو ڪفر ڪيائون ۽ بي فرماني ڪيائون رسول جي ته جيڪر برابر ڪئي وڃي ها انهن تي زمين ۽ نه لڪائي سگهندا الله کان ڪا ڳالهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ڏينهن ڪافر ۽ جن رسول جي نافرماني ڪئي سي خواهش ڪندا ته جيڪر مٿن زمين سنئين ڪئي وڃي (يعني پورجي وڃن) ۽ اهي الله کان ڪا ڳالهه لڪائي نه سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ رسول جي بي فرماني ڪيائون سي تمنا ڪندا ته هائو جي (کين مِٽِيءَ ۾ پوري) انهن تي زمين برابر ڪئي وڃي! ۽ اهي الله کان ڪا ڳالهه لڪائي نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن جن ڪفر ڪيو، چاهين اِهڙِي چال، ۽ ڇڏيون راه رسول جِي؛ ته جيڪر کان جنجال، هونِ مِٽي، مٽئ سان، برابر بحال!، ۽ ڳُجِھي نه رکن ڪا ڳالھ، پَر۾ پرور پاڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڏينهن ڪافر ۽ رسول جي حڪمن جا نافرمان چاهيندا، ته جيڪر (کين دفن ڪري) زمين برابر ڪئي وڃي، ۽ اهي الله کان ڪا به ڳالهه نه لڪائي سگهندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن وقت اهي سڀئي ماڻهو جن رسول جي ڳالهه نه مڃي ۽ سندس نافرماني ڪندا رهيا، تمنا ڪندا ته جيڪر زمين ڦاٽي پوي ۽ هو منجهس پورجي وڃن. اتي هو پنهنجي ڪابه ڳالهه الله کان لڪائي نه سگهندا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت اهي سڀ ماڻهو جن نه مڃي هئي رسول جي ڳالهه ۽ سندس نافرماني ڪندا رهيا، تمنا ڪندا ته زمين ڦاٽي پوي هي ان ۾ هليا وڃن، ۽ اتي هي پنهنجي ڪابه ڳالهه الله کان لڪائي نه سگهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ رسول سڳوري جي نافرماني ڪندا رهيا، ان ڏينھن هو دل ۾ تمنا ڪندا ته جيڪر اسان کي زمين جي اندر دفن ڪري، ان کي سنوت ۾ آندو وڃي ۽ هو اتي ڪا به دل جي ڳالهه الله تعالى کان نه لڪائي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَقرَبُوا الصَّلوٰةَ وَأَنتُم سُكٰرىٰ حَتّىٰ تَعلَموا ما تَقولونَ وَلا جُنُبًا إِلّا عابِرى سَبيلٍ حَتّىٰ تَغتَسِلوا وَإِن كُنتُم مَرضىٰ أَو عَلىٰ سَفَرٍ أَو جاءَ أَحَدٌ مِنكُم مِنَ الغائِطِ أَو لٰمَستُمُ النِّساءَ فَلَم تَجِدوا ماءً فَتَيَمَّموا صَعيدًا طَيِّبًا فَامسَحوا بِوُجوهِكُم وَأَيديكُم إِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 43) |
اي ايمان وارؤ! اوھان نشي ۾ ٿي ايستائين نماز کي ويجھا نه وڃو جيستائين جيڪي ڳالھايو ٿا سو سمجھو ۽ نڪي مسافرن کانسواءِ (مقيم) تڙ وارو (نماز پڙھي) جيسين تڙ ڪريو، ۽ جيڪڏھن اوھين بيمار ھجو يا مسافري تي ھجو يا اوھان مان ڪوئي جاءِ ضرور کان اچي يا زالن کي ويجھا ويا ھجو ۽ پاڻي نه لھو ته پاڪ مٽيءَ سان تيمّم ڪريو پوءِ پنھنجن مُنھن ۽ پنھنجن ھٿن کي مک ڪريو، ڇوته الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! نشي جي حالت ۾ نماز جو ارادو نه ڪيو. (تڏهن نماز پڙهو جڏهن) جيڪي زبان سان (نماز ۾) چئو، سو چڱيءَ طرح سمجهو ۽ جنهن کي تڙ پيل هجي سو به جيستائين غسل نه ڪري تيستائين نماز جو ارادو نه ڪري. واٽ ويندڙ مسافر هجي ۽ پاڻي نه مليس ته تيمم ڪري) نماز پڙهي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پائخانه مان فارغ ٿي نڪري يا توهان عورت سان همبستر ٿيا هجو ۽ (وضو ۽ غسل جي لاءِ) پاڻي نه ملي ته پاڪ زمين کان ڪم وٺو (زمين تي هٿ لڳائي) منهن ۽ هٿن جي مٿان گهمايو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان نشي جي حالت ۾ نماز کي ويجها نه وڃو جيستائين ايترو نه سمجهو جيڪو چئو ٿا ۽ نه غسل جي حالت ۾ سواءِ وهنجڻ جي مگر مسافري ۾ تيمم ڪري نماز پڙهي سگھو ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان بيمار آهيو يا مسافر آهيو يا توهان مان ڪو ماڻهو بنا وضو جي آهي يا توهان عورتن سان جماع ڪيو آهي پوءِ پاڻيءَ جي استعمال تي طاقت نٿا رکو ته پوءِ تيمم ڪريو پاڪ مٽيءَ سان پوءِ مٽيءَ سان مَکُ ڪريو مُنهن پنهنجن کي ۽ ٻانهن پنهنجين کي، بيشڪ الله تعالى معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين نشي جي حالت ۾ نماز جي ويجهو نه وڃو، ته جيئن توهين جو ڪجھ ڳالهايو سو سمجهو نه ته!، ۽ نه تڙ جي حالت ۾، ايستائين جو غسل ڪريو، مگر مسافريءَ ۾ (جڏهن غسل ممڪن نه هجي ته پوءِ ڪا ڳالھ ڪانهي) بلڪ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو (۽ پاڻي نقصان ڪري) يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پاخاني مان اچي، يا زالن سان صحبت ڪئي هجي ۽ اوهان کي پاڻي نه ملي سگهي (جو طهارت ڪري سگهو) ته پاڪ مٽي تي تيمم ڪريو ۽ (ان جو طريقو هي آهي ته) پنهنجي منهن ۽ هٿن تي مٽيءَ وارا هٿ ڦيرايو. بيشڪ خدا گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشهڻار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه ويجها وڃو نماز کي ان حال ۾ جو اوهان نشي ۾ آهيو تانجو ڄاڻو جيڪي چئو ٿا ۽ نه تڙ جي حالت ۾ مگر لنگهندڙ واٽ مان تانجو وهنجو ۽ جيڪڏهن آهيو بيمار يا مسافر يا آيو هڪڙو اوهان مان ضرورت جي جاءِ مان يا صحبت ڪيَوَ زالن سان پوءِ نه لهو پاڻي پوءِ ارادو ڪيو مٽيءَ صاف، پاڪ جو پوءِ مک ڪيو پنهنجن منهن جي ۽ پنهنجي هٿن جي بيشڪ الله آهي معاف ڪندڙ بخشيندڙ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! اوهين نشي جي حالت ۾ ايستائين نماز جي ويجها نه ٿيو جيستائين جيڪي ڳالهايو ٿا سو نه سمجهو. ۽ مسافريءَ کانسواءِ تڙ جي حالت ۾ به جيستائين غسل نه ڪريو ۽ جيڪڏهن بيمار هجو، يا مسافريءَ تي هجو، يا اوهان مان ڪو پاخاني مان اچي، يا زالن کي هٿ لايو (يعني مباشرت ڪريو) پوءِ پاڻي نه لهو ته پاڪ مٽي ڏسو، پوءِ پنهنجن منهن ۽ پنهنجن هٿن کي (ان مٽي سان) مسح ڪريو. بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! نشي جي حالت ۾ نماز کي ويجها نه وڃو جيستائين اها ڳالهه سمجهي سگهو جيڪا چئو ٿا ۽ نه تڙ جي حالت ۾ (نماز جي ويجهو وڃو) جيستائين غسل ڪيو سواءِ مسافري جي حالت جي. ۽ جيڪڏهن اوهان بيمار آهيو يا سفر تي آهيو يا توهان مان ڪو قضا حاجت کان موٽي يا اوهان عورتن سان مباشرت ڪئي هجي پوءِ جي پاڻي نه لهو ته پوءِ اوهان پاڪ مٽيءَ سان تيمم ڪيو. پوءِ (تيمم جو طريقو هي آهي جو) پنهنجي چهرن ۽ ٻانهن تي مسح ڪيو. بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو جن مذڪور! نيڙي نه وڃو نماز کي، ۽ اوهين هُجو جنهن حال۾، چُڪيا، چِڪنا چور، تان، جو مُنهان ڪُڇو مور، سو پوري ريت نه پروڙيو. ۽ نه ميري مٿي مور، مگر ويندڙ واٽ تان، ظاهر عُذر ضرور، تان وِهنجِي سِنهنجِي صاف ٿيو. ۽ جي هُجو اوهين بيمار، ياراه مسافر رَند ۾، يا ڦِري اوهان مان آيو، ڪو وانِگي مان وڻڪار، يا لايان هٿ حرمن کي، پوءِ پاڻِي نه لڌان ڪنهن پار، ته خاصي خاڪ پاڪ جو، وَٺو پوءِ ويچار، پوءِ مَکيو پنهنجي مُنهن کي، پڻ هٿن کي هموار، بارِي بخشڻهار، پڻ معافيون ڏيندڙ مُلڪ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جڏهن اوهين نشي ۾ هجو، تڏهن تيسين نماز کي ويجها نه وڃو، جيسين جيڪي پڙهو سو سمجهو ۽ مٿي ميري به (نماز نه پڙهو) جيسين وهنجي (پاڪ نه) ٿيو، سواءِ سفر ۾ هجڻ جي. ۽ جيڪڏهن اوهين بيمار آهيو يا سفر ۾ آهيو يا اوهان مان ڪو پائخانه کان موٽيو هجي، يا پنهنجين زالن سان صحبت ڪئي هجيو ۽ پاڻي نه ملي، ته پاڪ مٽيءَ مان ڪم وٺو ۽ پنهنجن منهن ۽ هٿن جو مک ڪريو، بيشڪ الله معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان نشي جي حالت ۾ هجو ته نماز جي ويجها نه وڃو، نماز ان وقت پڙهڻ گهرجي، جڏهن توهان کي اها سمجهه هجي ته چئو ڇا پيا ۽ اهڙيءَ طرح تـــَڙَ جي حالت ۾ به نماز جي ويجهو نه وڃو، جيستائين وهنجي نه وٺو، سواءِ ان حالت جي جو مسافري ڪندي واٽ تي هجو، ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن وقت بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو ڪاڪوس کان ٿي اچي يا توهان زالن کي هٿ لاتو هجي (صحبت ڪئي هجي) ۽ پوءِ پاڻي نه ملي سگهيوَ ته پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو ۽ ان سان پنهنجن منهن ۽ هٿن تي مــَـکُ ڪريو، بيشڪ الله نرميءَ کان ڪم وٺندڙ ۽ بخشڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، نماز کي ان وقت ويجها نه وڃو جڏهن توهان نشي ۾ هجو، نماز ان وقت پڙهجي جڏهن توهان سمجهو ته ڇا چئي رهيا آهيو، اهڙيءَ طرح تڙ جي حالت ۾ به (نماز نه پڙهو) جيتر غسل نه ڪريو، پر جيڪڏهن توهان مريض آهيو يا سفر ۾ هجو، يا توهان مان ڪير پيٽ خلاصو ڪري اچي، يا وري توهان مان ڪنهن عورت سان ميلاپ ڪيو هجي ۽ پوءِ پاڻي نه ملي ته تيمم جو ڪم وٺو پاڪ مٽيءَ کان ۽ ان سان پنهنجي منهن ۽ پنهنجن هٿن کي مَک ڪريو، بيشڪ الله نرميءَ کان ڪم وٺندڙ ۽ معاف ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان نشي جي حالت ۾ نماز پڙهڻ جي ويجهو به نه وڃو، ايستائين جو نماز ۾ جيڪو قرآن پڙهو ان جي لفظن کي نه سمجهو. اهڙيءَ طرح ميري مٿي به نماز پڙهڻ جي ويجهو نه وڃو جيستائين وهنجي نه وٺو، سواءِ اهڙيءَ حالت ۾ جو توهان سفر ۾ هجو، ته پوءِ اوهان تيمم ڪري نماز پڙهي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان بيمار آهيو، يا سفر ۾ آهيو يا اوهان مان ڪو بيت الخلاء مان فارغ ٿي اچي، يا توهان عورتن سان قرب ونڊيو هجي، (هاڻي) جيڪڏهن انهن سڀني صورتن ۾ پاڻي نٿو ملي، ته پاڪ مٽيءَ کي ڪم ۾ آڻي ان سان پنھنجن چھرن ۽ هٿن تي (ٻانهن سميت) مک ڪريو. بيشڪ الله تعالى درگذر ڪندڙ ۽ وڏو بخشيندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يَشتَرونَ الضَّلٰلَةَ وَيُريدونَ أَن تَضِلُّوا السَّبيلَ (آيت : 44) |
(اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان حصّو ڏنو ويو آھي اُھي گمراھي ڳنھندا آھن ۽ اوھان جو واٽ کان ڀلڻ (به) گھُرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان انهن ماڻهن جي حالت نه ڏٺي جن کي الله جي ڪتاب (جي علم مان) ڪجهه حصو ڏنو ويو هو؟ ڪيئن هو (هدايت وڪڻي) گمراهي خريد ڪري رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته توهان به سڌي راهه ڇڏي گمراه ٿي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان پڙهيل يهودين کي نه ڏٺو جن کي تورات جو علم هو جن گمراهي کي خريد ٿي ڪيو ۽ ارادو ڪن ٿا ته توهان کي سنئين رستي تان ڀُلائين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حال) تي نظر نه ڪئي، جن کي خدا جي ڪتاب جو ڪجھ حصو ڏنو ويو هو (پر) اهي (هدايت جي عوض) گمراهي خريد ڪرڻ لڳا انهن جو اصل مطلب هي آهي ته تون به سڌي راھ کان ٿڙي وڃين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جو ڏنا ويا ڀاڱو ڪتاب مان خريد ٿا ڪن گمراهي ۽ ارادو ٿا ڪن ته ڦري وڃو (سچ جي) واٽ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڪتاب (جي علم) جو هڪ حصو ڏنو ويو، اهي گمراهيءَ کي وٺن ٿا ۽ گهرن ٿا ته اوهين رستي کان پري وڃي پئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو! جن کي ڪتاب مان هڪ حصو ڏنو ويو اُهي (خود به) گمراهي خريد ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته توهان به رستي کان ڀٽڪي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ پَسين نه تن جا پار، جن مِليو ڪجھ ڪتاب مان، وَٺنِ وِرس، ته واٽ کان، نِين نِگون سار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا تو انهن جي حالت نه ڏٺي، جن کي (الله جي) ڪتاب مان ڪجهه حصو مليو، مگر اهي گمراهي خريد ڪري رهيا آهن ۽ اوهان کي به سنئين رستي کان ڀٽڪائڻ گهرن ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي؟ هو پاڻ ته گمراهيءَ جا خريدار بنيل آهن ۽ چاهن ٿا ته توهان به واٽ کوٽي ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو (اي محمد!) انهن ماڻهن کي به ڏٺو جن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي هو پاڻ گمراهيءَ جا خريدار بڻيا آهن ۽ گُهرن ٿا ته توهان به ٿڙي وڃو راهه کان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي، (هو هروڀرو) پنهنجو پاڻ گمراهي خريد ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن ۽ هو چاهين ٿا ته توهان به صحيح رستي کان هٽي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ أَعلَمُ بِأَعدائِكُم وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَلِيًّا وَكَفىٰ بِاللَّهِ نَصيرًا (آيت : 45) |
۽ الله اوھان جي ويرين کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي، ۽ الله (سڀني ڪمن جو) ڪارساز بس آھي، ۽ الله مددگار بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ اوهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (توهان جي لاءِ) الله جي دوستي ۽ مددگاري ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى ڪافي حفاظت ڪندڙ آهي ۽ الله تعالى ڪافي مددگار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا اوهان جي دشمنن کان چڱو واقف آهي ۽ دوستي لاءِ بس خدا ئي ڪافي آهي، پڻ مدد لاءِ به خدا ئي ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي اوهان جي دشمنن کي ۽ ڪافي آهي الله حمايت ڪندڙ ۽ ڪافي آهي الله مدد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اوهان جي دشمنن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. ۽ الله ڪافي دوست آهي ۽ الله ڪافي مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان جي دشمنن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي ۽ الله مددگار ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهان جي عَدْوُن کي، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻ هار، ۽ بس والِي، بس وَهار، الله جَلّ جَلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان جي دشمنن کان خوب واقف آهي ۽ الله اوهان جي دوستي ۽ مددگاريءَ لاءِ ڪافي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان جي دشمنن کي خوب ٿو ڄاڻي ۽ توهان جي حمايت ۽ مدد لاءِ الله ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو توهان جي دشمنن کي ۽ الله توهان جي مدد ۽ حمايت لاءِ ڪافي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، درحقيقت الله تعالى جي حمايت ۽ مدد ئي (توهان لاءِ) ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِنَ الَّذينَ هادوا يُحَرِّفونَ الكَلِمَ عَن مَواضِعِهِ وَيَقولونَ سَمِعنا وَعَصَينا وَاسمَع غَيرَ مُسمَعٍ وَرٰعِنا لَيًّا بِأَلسِنَتِهِم وَطَعنًا فِى الدّينِ وَلَو أَنَّهُم قالوا سَمِعنا وَأَطَعنا وَاسمَع وَانظُرنا لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَقوَمَ وَلٰكِن لَعَنَهُمُ اللَّهُ بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 46) |
يھودين مان ڪي (توريت ۾) لفظن کي سندن جاين کان مٽائيندا آھن ۽ سَمِعۡنَا وَ عَصَيۡنَا ۽ اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع ۽ رَاعِنَا (جي لفظن) کي (چوڻ وقت) پنھنجيون زبانون وچڙائي ۽ دين ۾ طعني ھڻڻ لاءِ چوندا آھن، ۽ جيڪڏھن (سَمِعۡنَا وَعَصَيۡنَا جي بجاءِ) سَمِعۡنَا وَاَطَعۡنَا (يعني ٻڌوسون ۽ فرمانبرداري ڪئيسون) ۽ (اِسۡمَعۡ غَيۡرَ مُسۡمَع جي ھنڌ) اِسۡمَعۡ (يعني ٻڌ) ۽ (رَاعِنَا لفظ جي بجاءِ لفظ) اُنۡظُرۡنَا (يعني اسان جو خيال رک) چون ھا ته اُنھن لاءِ ڀلو ۽ ڏاڍو سنئون ھجي ھا پر الله سندن ڪُفر سببان مٿن لعنت ڪئي آھي پوءِ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) ايمان نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) يهودين مان ڪي اهڙا آهن جيڪي لفظن کي انهن جي اصلي جاءِ تان ڦيرائي ڇڏين ٿا ۽ (جڏهن توهان سان ملن ٿا تڏهن) حق جي دين تي طعنه زني ۽ بدنامي ڪرڻ جي خيال سان زبان کي وٽ ڏيئي لفظن کي بگاڙي ڇڏين ٿا. (مثلاً) چون ٿا سَمِعنا وَ عَصَينا ۽ اِسمَع غير مُسمَع ۽ راعنا. جيڪڏهن اهي ماڻهو (شرارت ڇڏي) سمعنا و اطينا ۽ اسمع ۽ انُظُرنا چون ها ته هنن لاءِ چڱو ٿئي ها ۽ صحيح حقيقت کي پهچن ها. پر سندن ڪفر سببان مٿن الله تعاليٰ جي لعنت پئجي ويئي، سو ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ ايمان کان محروم آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪجهه يهودي اهي آهن جيڪي (تورات مان) نبي ڪريم جي تعريف کي ڦيرائن ٿا ۽ چون ٿا اسان ٻُڌو ۽ نه مڃيوسين ۽ توهان ٻڌو توهان کي ٻُڌايو نه وڃي ۽ زبانون ڦيرائي رَاعِنَا (جو لفظ) چون ٿا دين ۾ طعني جي ڪري ۽ جيڪڏهن بيشڪ يهودي چون ها اسان ٻڌو ۽ مڃو ۽ رسولِ عربي توهان اسان جي ڳالهه ٻُڌو ۽ اسان تي نظر ڪريو ته انهن لاءِ بهتر ۽ انصاف وارو هجي ها، پر انهن جي ڪفر جي ڪري الله انهن کي رحمت کان پري ڪري ڇڏيو پوءِ نٿا ايمان آڻن مگر ٿورا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) يهودين مان ڪجھ اهڙا به ماڻهو آهن جي (توريت جي) ڳالهين کي پنهنجي جاين کان ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ اسمع غير مسمع ۽ راعنا (انهن لفظن سان) پنهنجي زبانن کي موڙين ٿا ۽ دين تي ٽوڪ ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن اهي (هي لفظ) چون ها ته اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ توهان ٻڌو ۽ اسان تي نظر ڪريو ته انهن لاءِ تمام چڱو ٿئي ها ۽ بلڪل مناسب ڳالھ هئي. پر هنن تي ته سندن ڪفر جي ڪري خدا جي لعنت آهي پوءِ انهن مان ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ماڻهو ايمان ئي نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪي ماڻهو انهن مان جو يهودي ٿيا ڦيرائن ٿا لفظن کي سندن جاين کان ۽ چون ٿا ته ٻڌوسون ۽ بي فرمان ٿياسون ۽ ٻڌ اڻ ٻڌو ڪري ۽ چون ٿا راعنا مروڙي زبانون پنهنجون ۽ طعني هڻڻ لاءِ دين ۾ ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي چون ها ته ٻڌوسون ۽ تابعداري ڪئي سون ۽ ٻڌ ۽ نگاهه (ڪرم) ڪر ته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ ۽ وڌيڪ سڌو سنئون ۽ پر لعنت ڪئي انهن کي الله سندن ڪمن جي ڪري پوءِ نه ٿا ايمان آڻين مگر ٿورا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽) يهودين مان ڪي ماڻهو (توريت جي) ڳالهين کي پنهنجي جاين کان ڦيرين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان ٻڌو ۽ اسان نه مڃيو ۽ اسمع غير مسمع ۽ راعنا (جهڙن لفظن سان) پنهنجي زبانن کي موڙين ٿا ۽ دين ۾ طعنو ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن اهي “اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ تون ٻڌ ۽ اسان تي نظر ڪر” (جا لفظ) چون ها ته انهن لاءِ گهڻو چڱو ۽ گهڻي سڌي ڳالهه هجي ها، پر الله سندن ڪفر جي ڪري مٿن لعنت ڪئي آهي پوءِ بالڪل ٿورو ايمان ٿا رکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يهودين مان ڪي ماڻهو الفاظن کي انهن جي جاين کان مَٽائن ٿا ۽ چون ٿا ته سَمِعْنَا وَ عَصَیْنَا ٻڌوسين ۽ نا فرماني ڪئي سين ۽ (چون ٿا) وَ اسْمَعْ غَیْرَ مُسْمَعٍ ٻڌ توکي نه ٻڌايو وڃي! ۽ زبان مروڙي ۽ دين ۾ طعنو هڻندي رَاعِنَا چون ٿا. حالانڪه جي اُهي (هيئن) چون ها: سَمِعْنَا وَ اَطَعْنَا اسان ٻڌوسين ۽ فرمانبرداري ڪئي سين ۽ اِسْمَعْ وَ انْظُرْنَا (اي محبوب!) اسان جي ڳالهه ٻڌ ۽ اسان تي نظرِ (ڪرم) ڪر ته اهو انهن لاءِ ڀلو هيو ۽ (اهو قول) زياده مناسب هيو ۽ پر انهن جي ڪفر جي سبب الله انهن تي لعنت ڪئي پوءِ اُهي ايمان نه ٿا آڻن سواءِ ٿورن ماڻهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تن مان، جي يَهود ٿيا، پيا بدلائين بدڪار، حرف، سندن هَندن تان، ۽ ٻولينِ ٻِئا ٻِيهار، ته ٻُڌوسون، ۽ نَه ٻڌنداسون، ٻُڌ، ٻُڌندڙ ڌار، ۽ بيہ بيهار، اَسان جو، ۽ ڌڻ ۾، ٿِي ڌَرار، وَٽ سَٽ سان، سندن زبانن کي، ڳَڙٻَڙ منجھ گُفتار، ۽ طعنا ڏِين تڪرار، ڌَڪ ڦَٽ ڪرڻ سان، دين ۾. ۽ جيڪر مڃيون دل جان سان، ٻولييائون ٻيهار، سُئو سون ۽ مڃيوسون، ٻُڌ ۽ نبي! نِهار، ته هُئو هرگز تن لئي، بِهتر، بقادار، پر قادر سندن ڪفر ڪري، تڙي ڇڏيا تڪرار، ڪن ٿورن ٿَڪِين ڌار، مُورک نه مڃينِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يهودين مان ڪي اهڙا به آهن جي لفظن کي پنهنجي اصلي جاين تان ڦيري ڇڏين ٿا ۽ (توساڻ ملڻ وقت) سچي دين جي خلاف طعني هڻڻ لاءِ زبان مروڙي چون ٿا، ”سمعنا و عَصَينَا“ يعني ”اسان ٻڌو ۽ نه مڃيو“ ۽ ”اسمع غير مسمع“ يعني ”ٻڌو نه ٻڌڻ جهڙو“ ۽ ”راعنا“ يعني اي ”اسان جا ڌنار!“ ۽ جيڪڏهن (ان جي بدران) ”سمعنا واطعنا“ يعني اسان ٻڌو ۽ مڃيو ۽ رڳو ”اسان ڏي ڏس“ چون ها ته اهي (لفظ) انهن لاءِ چڱا بلڪ ٺيڪ هئا، مگر سندن ڪفر ڪري الله مٿن ڦٽڪار وڌي، تنهن ڪري ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن يهوديت وارو طريقو اختيار ڪيو آهي، انهن مان ڪي اهڙا آهن، جيڪي لفظن کي انهن جي اصلي بيهڪ کان ڦيرائي ٿا ڇڏين ۽ سچي دين جي خلاف ٽوڪبازي ڪرڻ لاءِ پنهنجن زبانن کي وچڙائي چون ٿا: " ﲎ ﴝﲩ " ۽ "ﰲ ﺈ " ۽ " اٶ "، حالانڪ جيڪڏهن اهي چون ها: " ﲎ ﴝٛ " ۽ "ﰲ " ۽ "انْظُرْنَا"، ته اهو انهن لاءِ ڏاڍو ڀلو هو ۽ وڌيڪ سچ تي ٻڌل طريقو پڻ. پر انهن تي ته سندن باطل پرستيءَ جي ڪري الله جي لعنت پيل آهي، تنهنڪري هو ٿورو ئي ٿا ايمان آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن يهوديت جو طريقو اختيار ڪيو آهي، انهن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي لفظن کي اصل جاءِ تان ڦيرائن ٿا ۽ چون ٿا ”سمعنا وعصينا“ (ٻڌوسين ۽ نافرماني ڪئي سين) ۽ ”اسمع غير مسمع“ (ٻڌ اڻ ٻڌل) ۽ راعنا چون ٿا زبانن کي ٽيڏو ڪري دين حق خلاف طعنه زني ڪرڻ لاءِ پر جيڪڏهن هو چون ها ”سمعنا واطعنا“ ۽ ”اسمع“ ۽ ”انظرنا“ ته اهو انهن لاءِ ئي بهتر هو ۽ وڌيڪ سچ وارو رستو هو، پر انهن تي لعنت پيل آهي الله جي سندن ڪفر جي ڪري، پوءِ اهي ايمان آڻين ٿا گهٽ ئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودين مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي لفظن ۾ هيراڦيري ڪري انهن کي اصل مطلب کان ڦيرائي، ٻئي مطلب ڏانھن کڻي وڃن ٿا، (اهي لفظ هي آهن) سَمِعۡنا (اسان ٻڌوسين) - عَصَيۡنَا (اسان نه مڃيوسين) - اِسۡمَعۡ (تون ٻڌ) - غَيۡرَ مُسۡمَعٍ (شل توکي نه ٻڌايو وڃي) ۽ رَاعِنَا - يھودي هي مٿيان سڀ لفظ دين ۾ طعني ڏيڻ خاطر، زبان سان گول مول ڪري (ٺٺول واري انداز ۾) ڳالهائيندا آهن. جيڪڏهن هو اهي الفاظ هن طريقي سان استعمال ڪن ها، ته انهن جي لاءِ تمام بھتر هو، (يعني) سَمِعۡنا (اسان ٻڌوسين) - اَطَعۡنَا (اسان اطاعت ڪئي سين) - اِسۡمَعۡ (سائين اسان جي ڳالهه ٻڌو) - اُنۡظُرۡنَا (سائين اسان تي نظر فرمايو) حقيقت ۾ صحيح انداز به اهو ئي هو، پر انهن جي انڪار سبب مٿن الله تعالى جي لعنت پيل آهي، تنھنڪري (انهن مان) ٿورا ماڻهو ايمان آڻين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ ءامِنوا بِما نَزَّلنا مُصَدِّقًا لِما مَعَكُم مِن قَبلِ أَن نَطمِسَ وُجوهًا فَنَرُدَّها عَلىٰ أَدبارِها أَو نَلعَنَهُم كَما لَعَنّا أَصحٰبَ السَّبتِ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 47) |
اي ڪتاب وارؤ جيڪو (قرآن) لاٿوسون جيڪي اوھان وٽ آھي تنھن جو (اُھو) سچو ڪندڙ (به) آھي تنھنکي انھي کان اڳ مڃيو جو (اوھان جي) منھن جي صورت ميٽي ڇڏيون پوءِ ڦيرائي انھن کي ڪياڙي جي شڪل ڪريون يا مٿن اھڙي لعنت ڪريون جھڙي ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئيسون، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (جاري ٿيندو آھي) سو ٿي چڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اهل ڪتاب جيڪو ڪتاب اسان (حضرت محمدﷺ تي) نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪتاب (تورات) جي تصديق ٿو ڪري جيڪو توهان وٽ موجود آهي، ان تي ايمان آڻيو. انهيءَ وقت کان اڳي (ايمان آڻيو) جڏهن اسان ماڻهن جي چهري جي شڪل مٽائي پٺيءَ جي پاسي ڦيرائي ڇڏينداسين (يعني کين ذليل ۽ خوار ڪنداسين) يا مٿن اهڙي لعنت وجهنداسين جهڙي سبت وارن تي وڌي هئي سين ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جيڪو فيـصلو ڪري ڇڏيو آهي اهو ضرور ائين عمل ۾ ايندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اهلِ ڪتاب جا ايمان آڻيو توهان قرآن ڪريم تي جيڪو تورات جي تصديق ڪري ٿو انهي کان اڳ جو توهان جي مُنهن جي صورت مَٽائي ڇڏيون پوءِ انهن کي ڦيرايون پُٺِن جي طرف يا اسان انهن تي لعنت ڪريون جيئن اسان ڇنڇر جي ڏينهن وارن تي لعنت ڪئي، ۽ الله جي حڪم تي عمل ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اهل ڪتاب! جو (ڪتاب) اسان نازل ڪيو آهي ۽ اهو (ان ڪتاب جي به) تصديق ڏئي ٿو جو توهان وٽ آهي ته ان تي ايمان آڻيو، پر ان کان اڳ جو اسين ڪجھ ماڻهن جا منهن بگاڙي سندن پٺي ڏي ڦيريون يا جيئن اسان اصحاب سبت (ڇنڇر وارن) تي ڦٽڪار هنن تي به وسايون پڻ خدا جو حڪم ته ڪيو ڪرتيل ڪم سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ڪتاب وارؤ! ايمان آڻيو ان تي جو نازل ڪيوسون سچو ڪندڙ آهي ان جو جيڪو اوهان سان گڏ آهي ان کان اڳي جو ميٽي ڇڏيون ڪيترن جي منهن کي پوءِ موٽايون انهن کي سندن پٺين ڏانهن يا لعنت ڪيون انهن کي جيئن لعنت ڪئي سون ڇنڇر جي ڏينهن وارن کي ۽ آهي الله جو امر (پڪو) ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ڪتاب وارؤ ! ان ڪتاب (قرآن) تي ايمان آڻيو جنهن کي اسان اوهان وٽ (اڳ آيل) ڪتاب لاءِ تصديق ڪندڙ ڪري لاٿو، هن کان اڳ جو ڪيترن مُنهن (جي صورت) کي مٽائي ڇڏيون پوءِ انهن کي پٺ جي طرف ڦيري ڇڏيون يا انهن تي لعنت ڪريون جيئن اسان ڇنڇر وارن تي لعنت ڪئي. ۽ الله جو حڪم (پورو) ٿي رهندو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ڪتاب وارؤ! ايمان آڻيو ان (قرآن) تي جيڪو اسان (هاڻي) نازل ڪيو آهي جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان جي جيڪو (اڳ) اوهان وٽ آهي. (ايمان آڻيو) ان کان اڳ جو اسان ڪجھه چهرا بگاڙي ڇڏيون پوءِ انهن کي پٺين طرف ڦيرائي ڇڏيون. يا انهن تي لعنت ڪيون جيئن اسان ڇنڇر جي ڏينهن (بي فرماني ڪرڻ) وارن تي لعنت ڪئي هئي. ۽ الله جو حڪم پورو ٿي رهندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آڻيو اهل ڪتاب جا!، اُن تي اعتبار، جو اُتاريوسون ۽ اوهان سان اَ ڳي، گڏ اَذڪار، ساري صحِي ڪندڙ سو؛ اڳي اِنهيان وار، ته ميٽي ريٽي مُنهن ڪريون، سندنِ پُئا ڏن پار، يا تَڙيون جيئن تَڙياسون، جي ڇنڇر ڏينهن ڇُلنگار، ۽ توڙان ترت تيار، ڪم ڪار ڪُل ڪلتار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ڪتاب وارؤ! ان (قرآن) تي ايمان آڻيو، جو اسان لاٿو، جو ان ڪتاب کي به سچو ڪندڙ آهي جيڪو اوهان وٽ آهي، ان ڏينهن کان اڳ جڏهن اسين شڪلين کي بگاڙي، انهن کي پٺئين پاسي ڦيري ڇڏيون، يا انهن تي لعنت ڪريو، جيئن ڇنڇر جي ڏينهن وارن تي لعنت ڪئي سون، ۽ خدا جو حڪم فيصل ٿيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اهل ڪتاب، مڃو انهيءَ ڪتاب کي جيڪو اسان هاڻي نازل ڪيو آهي ۽ جيڪو انهيءَ ڪتاب جي تصديق ۽ تائيد ٿو ڪري، جيڪو توهان وٽ اڳيئي موجود هو. انهيءَ تي ايمان آڻيو، هن کان اڳ جو اسان منهن بگاڙي پٺيءَ ڏانهن ڪري ڇڏيون يا وري مٿن ائين لعنت ٿـڦي ڇڏيون جيئن سبت وارن سان ڪيو هئوسون ۽ ياد رکو ته الله جو حڪم لاڳو ٿي رهندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، ته ايمان آڻيو هن ڪتاب تي جيڪو اسان هاڻي نازل ڪيو آهي، اهو ان ڪتاب جي تصديق ڪري ٿو جيڪو توهان وٽ اڳي ئي موجود هو، ان کان اڳي جو توهان جا چهرا ڦيرائي پوئتي ڇڏيون ۽ انهن کي ساڳيءَ طرح لعنت زده ڪريون جيئن اسان ڪيو هو ڇنڇر وارن سان ۽ ياد رکو، الله جو حڪم جاري ٿي رهندو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ڪتاب وارؤ! ايمان آڻيو هن ڪتاب (يعني قرآن مجيد) تي، جيڪو انهن ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، جيڪي توهان وٽ اڳ موجود آهن، ان کان پھريائين جو اسان (انهن جي) چھرن کي بگاڙي، سندن پٺين ڏانھن ڪري ڇڏيون يا انهن کي اهڙيءَ طرح لعنتي ڪري ڇڏيون، جھڙيءَ طرح اسان ڇنڇر جي ڏينھن وارن کي ڪيو هو. (دماغ ۾ اهو ويھاري ڇڏيو ته) الله تعالى جو حڪم ئي جاري ۽ ساري رهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَدِ افتَرىٰ إِثمًا عَظيمًا (آيت : 48) |
بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي به) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ ٻيا (ڏوہ) جنھن کي وڻيس تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي به) شريڪ بڻائيندو تنھن بيشڪ وڏي گناہ جو بُھتان ٻڌو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هي ڳالهه هرگز نه بخشيندو ته ساڻس ڪنهن ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ ڪيو وڃي. (جيئن يهودي ۽ نصاري پوپ، پادرين ۽ راهبن جي فرمانبرداريءَ ۾ هر حڪم جي تعميل ڪندا هئا ۽ کين خدا سان شريڪ ڪندا هئا). پر ان کان سواءِ ٻيا گناه جيڪڏهن چاهي ته بخشي ڇڏي. جيڪو الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪري ٿو، اهو وڏو گناه ڪري ٿو ۽ خدا تي جڙتو ڪوڙ هڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ان کي نٿو بخش ڪري جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ بخش ڪري ٿو انهي کان سواءِ جنهنکي چاهي، ۽ جيڪو الله تعالى سان شرڪ ڪري ٿو پوءِ بيشڪ اُنهيءَ تمام وڏو گناه ڪيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ان (گناھ) کي ته معاف ڪين ڪندو آهي، جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي، البت ان کان سواءِ جنهن کي گهري ته معاف ڪري پر جنهن (ڪنهن کي به) خدا جو شريڪ بنايو ته ان وڏي گناھ جو طوفان سٽيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله نه ٿو بخشي هي (ڳالهه) جو شريڪ ڪيو وڃي ان سان ۽ بخشي ٿو اهو جو ان کان سواءِ آهي جنهن کي گهري ۽ جيڪو شرڪ ڪري ٿو الله سان پوءِ تحقيق ٺاهيائين گناهه وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله هن کي معاف نه ٿو ڪري جو ان سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ (ٻيا گناهه) جنهن کي گهري معاف ڪري ٿو. ۽ جيڪو الله سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪندو تنهن بيشڪ وڏي گناهه جو بهتان ٻڌو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلاشڪ الله ان ڳالهه کي نه ٿو بخشي جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان گهٽ (جيڪي به گناهه آهن) جنهن لاءِ چاهي بخشي ڇڏي ٿو، ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو ان واقعي به تمام وڏي گناهه جو بهتان گهڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاشڪ، لاشريك سان، ڀانئين ڀائيوار، نه بخشي، ۽ ٻيون بُرايون؛ جي آهن اِنهيان ڌار، جنهن کي گُھري، تنهن کي، بخشي بخشڻهار، ۽ جو گڏي، گڏ غفار، تنهن گَھڙيو، وڏو گناه ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله انهيءَ کي نٿو بخشي، جو ساڻس ڪنهن کي ڀائيوار سمجهي ۽ ان کان سواءِ ٻيو گناهه جنهن کي وڻيس ان کي بخشي ٿو ۽ جنهن الله سان ڪو ڀائيوار بنايو ان وڏو بهتان ٻڌو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله رڳو شرڪ معاف نه ڪندو آهي، ان کانسواءِ ٻيا جيڪي به گناهه آهن سي جنهن کي وڻيس معاف ڪري ٿو ڇڏي. الله سان جنهن به ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو تنهن تمام وڏو ڪوڙ گهڙيو ۽ نهايت سخت گناهه جو ڪم ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله شرڪ کي معاف نٿو ڪري، ان کان سواءِ ٻيا جيترا به گناهه آهن معاف ڪري ٿو جن لاءِ گهري ته ڪري ٿو ڇڏي، ۽ جنهن به شخص ڪنهن کي شريڪ ڪيو الله سان، ان ته تمام وڏو ڪوڙ ٺاهيو ۽ وڏي گناهه جي ڳالهه ڪئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو به ذهن ۾ رکو ته) الله تعالى شرڪ واري عمل کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو، ان کان سواءِ جنھن به گناهه کي هو چاهي ته معاف ڪري ڇڏيندو ۽ جنھن (به) الله تعالى سان گڏ (ٻئي کي) شريڪ ڪيو، ان ماڻهوءَ (حقيقت ۾) هڪ وڏو ڪوڙ گهڙيو ۽ اهو وڏو گناهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يُزَكّونَ أَنفُسَهُم بَلِ اللَّهُ يُزَكّى مَن يَشاءُ وَلا يُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 49) |
(اي پيغمبر) انھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي پاڻون پاڻ کي پاڪ چوندا آھن، (نه) بلڪ الله جنھن کي گھرندو آھي پاڪ ڪندو آھي ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي پاڪائيءَ تي وڏو فخر ڪن ٿا (اهل ڪتاب چون ٿا ته آخرت جو ڇوٽڪارو فقط اسان جي لاءِ آهي، حالانڪ پاڪائي جو مدار نيڪ عملن تي آهي نه يهودي يا عيسائي سڏائڻ تي) هي الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ته جنهن کي چاهي تنهن کي (براين کان) پاڪ ڪري ۽ هو (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) تر جيتري به ڪنهن سان بي انصافي نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي پاڻ پنهنجي پاڪيزگي بيان ڪن ٿا بلڪ الله تعالى جنهنکي چاهي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن تي کجور جي سنهي کل جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا تو انهن ماڻهن (جي حال) تي نظر نه ڪئي جو پنهنجو پاڻ ڏاڍا مقدس ٿا بڻجن (پر ان مان ڇا ورندو) مقدس ته خدا جنهن کي گهري، بڻائي ۽ ظلم ته ڪنهين تي ڌاڳي برابر ٿيڻو ئي نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جو پاڪ ٿا سمجهن سرن پنهنجن کي بلڪ الله پاڪ ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ نه ظلم ڪيا ويندا ڌاڳي جيترو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول ﷺ) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي پاڻ کي پاڪ چون ٿا، بلڪ الله ئي جنهن کي گهري ٿو پاڪ ڪري ٿو. ۽ مٿن ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو ! جيڪي پاڻ کي پاڪ سمجهن ٿا. بلڪه الله جنهن کي چاهي پاڪ ڪري انهن تي ڌاڳي جي برابر به ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ تو نه ڏٺو تن پار، جي ڀلو ڀائين پاڻ کي، بلڪ ڀَلو تنهن کي ڪري، جنهن کي گُھري جبار، ۽ وَٽو، وَٽ مِقدار، ڪڏهن نه اُن جو، ڪاٽ ٿــئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو انهن تي نظر ڪئي، جي پاڻ کي پاڪ چون ٿا؟ بلڪه الله جنهن کي وڻيس پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن تي ڌاڳي جيترو به ظلم نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو ڇا، جيڪي پنهنجي پاڪائيءَ جي ڏاڍي هام ٿا هڻن؟ حالانڪه پاڪائي ته الله جنهن کي گهري عطا ٿو ڪري ۽ (انهن کي جو پاڪائي نصيب ناهي ته حقيقت ۾) مٿن ذري برابر به ظلم نه پيو ڪيو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو (اي محمد!) ڏٺو انهن ماڻهن کي جيڪي پنهنجي نفس جي پاڪائي جي دعويٰ ڪن ٿا جڏهن ته الله جنهن کي گهري پاڪيزگي عطا ڪري ٿو، انهن تي ظلم نٿو ڪيو وڃي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جيڪي پنھنجو پاڻ کي وڏو پاڪباز سمجهن ٿا، (هرگز نه) الله تعالى جنھن کي چاهي پاڪيزگي عطا ڪندو آهي، پر جيڪڏهن ڪنھن کي پاڪيزگي نه ملي، ته به انهن سان حقيقت ۾ ذرو برابر به ظلم نه ڪيو ويو (ڇاڪاڻ جو هو ان جي لائق ئي نه هئا جو کين پاڪيزگي عطا ڪئي وڃي ها). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
انظُر كَيفَ يَفتَرونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَكَفىٰ بِهِ إِثمًا مُبينًا (آيت : 50) |
(اي پيغمبر) ڏس ته الله تي ڪيئن ڪوڙ ٺاھيندا آھن؟ ۽ اھو پڌرو گناہ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏس ته هي ماڻهو ڪيئن نه الله تعاليٰ تي ظاهر ظهور ڪوڙو بهتان هڻن ٿا (ته پاڪائي ۽ ڇوٽڪاري جو مدار يهودين جي جماعت ۾ اچڻ تي آهي.) هنن جي ظاهر ظهور گنهگار هِئڻ لاءِ هيءَ هڪ ئي ڳالهه ڪافي ثابتي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ڏسو ڪهڙي طرح الله تعالى جي مٿان اِهي ڪوڙ ٺاهن ٿا، ۽ اهو چٽو گناه ڪافي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڏس ته سهي! هي ماڻهو خدا تي ڪهڙا نه ڪوڙا طوفان مڙهي رهيا آهن ۽ ظاهر ظهور گناھ لاءِ ته بس اهو ئي ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڏس ڪيئن ٿا ٺاهين الله تي ڪوڙ ۽ ڪافي آهي اهو گناهه پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڏس ته ڪيئن الله تي ڪوڙ گهڙين ٿا ! ۽ اهو پڌرو گناهه بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڏس ته سهي! ڪيئن الله تي ڪوڙو بهتان ٻَڌن ٿا. ۽ (انهن جي گنهگار هجڻ لاءِ) اهو ئي پڌرو گناهه ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِس، ڪيئن ڪوڙ ڪريم تي، هڻن هاڃيڪار، ۽ آهي، بس اِظهار، ڏاڍو وڏو ڏوه اِهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڏس ته ڪيئن نه اهي الله بابت ڪوڙ گهڙين ٿا. انهن کي هڪ اهو پڌرو گناهه ڪافي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏس ته سهين ته الله تي به ڪوڙا بهتان مڙهڻ کان نٿا مڙن ۽ انهن جي پڌري گناهگار هجڻ لاءِ اهو هڪڙو ئي گناهه بس آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏسو ته سهي، هي مُڙن ئي نٿا الله تي ڪوڙن بهتانن هڻڻ کان، ۽ انهن جي گنهگار هئڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڏسو (ته سھي) هي ماڻهو ڪيئن ٿا الله تعالى جي ذات مٿان ڪوڙ هڻن، اهڙو نسورو ڪوڙ ئي سندن گناهه گار هجڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُؤمِنونَ بِالجِبتِ وَالطّٰغوتِ وَيَقولونَ لِلَّذينَ كَفَروا هٰؤُلاءِ أَهدىٰ مِنَ الَّذينَ ءامَنوا سَبيلًا (آيت : 51) |
(اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي ڪتاب مان ڀاڱو ڏنو ويو ته اُھي بتن ۽ شيطان کي مڃيندا آھن ۽ ڪافرن لاءِ چوندا آھن ته ھيءَ ٽولي مؤمنن کان وڌيڪ سنئين واٽ واري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تون انهن ماڻهن جو حال نٿو ڏسين جن کي الله جي ڪتاب (جي علم مان) ڪجهه حصو ڏنو ويو هو. (ڪيئن نه) هو بتن ۽ شيطاني قوتن جا معتقد ٿي ويا آهن ۽ ڪافرن (بت پرست عربن) جي باري ۾ چون ٿا ته اهي (بت پرست) هنن مؤمنن کان زياده سڌيءَ واٽ تي هلندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! ڇا توهان يهودين ڏانهن نه ڏٺو جن کي تورات جو حصو ڏنو ويو اهي ايمان آڻن ٿا بت ۽ شيطان تي ۽ ڪافرن کي چون ٿا ته توهان مسلمانن کان وڌيڪ سنئين رستي تي آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا تو انهن ماڻهن جي (حال تي) نظر نه ڪئي جن کي خدا جي ڪتاب جو ڪجھ حصو ڏنو ويو هو (پوءِ) شيطانن ۽ بتن جو ڪلمو پڙهڻ لڳا ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي، انهن لاءِ چوڻ لڳا ته هي ماڻهو ايمان آڻڻ وارن کان وڌيڪ سڌي گس تي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جو ڏنا ويا هڪ حصو ڪتاب مان ايمان ٿا آڻين بتن تي ۽ شرير قوت تي ۽ چون ٿا انهن کي جو ڪفر ڪيائون ته هي وڌيڪ هدايت وارا آهن انهن کان جو ايمان آندائون سڌي واٽ جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڪتاب (جي علم) جو هڪ حصو ڏنو ويو، اهي بُتن ۽ شيطان کي مڃين ٿا، ۽ ڪافرن لاءِ چون ٿا ته اهي مومنن کان وڌيڪ سنئين واٽ تي آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو! جن کي (آسماني) ڪتاب جو ڪجهه حصو ڏنو ويو هيو (پوءِ به سندن حال اهو آهي جو اُهي) بتن ۽ شيطان کي مڃن ٿا ۽ ڪافرن جي باري ۾ چون ٿا ته: ”اُهي مؤمنن کان وڌيڪ سڌي راهه تي آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ نه ڏٺئـِي تن پار، جن مليو، ڪُجھ ڪتاب مان، جادو ۽ جابرن تي، آڻينِ اعتبار، ۽ تقرير ڪيائون تن لئي، جن ڀانتا ڀائيوار، هي سوانٽا سَهوار، جن مڃيو الله، اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو انهن ڏي نه ڏٺو، جن کي (الله جي) ڪتاب مان ڪجهه حصو ڏنو ويو، ته هو، بتن ۽ برين طاقتن ۾ ويساهه رکن ٿا ۽ ڪافرن بابت چون ٿا، ته اهي مومنن کان وڌيڪ سنئين رستي وارا آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي ۽ انهن جي حالت وري اها آهي، جو بتن ۽ طاغوت کي مڃين ٿا ۽ ڪافرن لاءِ چون ٿا ته ايمان وارن کان ته اهي وڌيڪ صحيح راهه تي آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو نه ڏٺو انهن ماڻهن کي، جن کي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو ڏنو ويو آهي انهن جو حال هي آهي ته بتن ۽ طاغوت کي مڃن ٿا ۽ اهي ڪافرن لاءِ چون ٿا ته ايمان آڻڻ وارن کان وڌيڪ هي ماڻهو سڌي رستي تي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي رسول ﷺ!) ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو ڏنو ويو (پوءِ) انهن جي حالت هي آهي، جو هو بي بنياد معبودن (يعني بتن وغيره) ۽ شيطانن تي يقين رکن ٿا ۽ ڪافرن جي باري ۾ چون ٿا، ته ايمان وارن کان ته اهي ئي وڌيڪ سڌي رستي تي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ لَعَنَهُمُ اللَّهُ وَمَن يَلعَنِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ نَصيرًا (آيت : 52) |
اِھي (اُھي) آھن جن تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ جنھن تي الله لعنت ڪندو آھي تنھن جو ڪو مددگار نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (يقين ڪيو ته) اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله جي لعنت پئي ۽ جنهن تي به الله جي لعنت پئي تنهن لاءِ ڪوبه مددگار نه ڏسندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن يهودين تي الله تعالى لعنت ڪئي ۽ جن تي الله تعالى لعنت ڪئي پوءِ هرگز نه لهندين تون (اي ٻڌندڙ) انهن لاءِ مددگار.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهي ئي ته آهن جن تي خدا لعنت ڪئي آهي، تون انهن جو ڪنهن کي مددگار نه ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن جو لعنت ڪئي انهن تي الله ۽ جنهن کي لعنت ٿو ڪري الله پوءِ هرگز نه لهندين ان لاءِ ڪو مدد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي) اُهي آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن تي الله لعنت ڪندو تنهن جو تون ڪو مددگار نه لهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي. ۽ جنهن تي الله لعنت ڪري ته انهن لاءِ تون ڪو مددگار نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله تڙيو اُنهن کي، ۽ جنهن کي، تڙيو الله، حِمايتِي، همراه، نه لهندين، تِنهن جو لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي آهن، جن تي الله لعنت ڪئي، ته تون هرگز ان جو مددگار نه ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙائي ماڻهو آهن، جن تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن تي الله لعنت ڪري ڇڏي ته پوءِ ان جو توکي ڪوبه مددگار نه ملندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا ئي ماڻهو آهن جن تي الله لعنت ڪئي آهي، ۽ جنهن تي لعنت ڪري الله ته پوءِ تون انهن جو مددگار نه ڏسندين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن تي الله تعالى لعنت ڪئي آهي ۽ جنھن تي الله تعالى جي لعنت هجي، ته تون انهن جو ڪڏهن به مددگار نه ڏسندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُم نَصيبٌ مِنَ المُلكِ فَإِذًا لا يُؤتونَ النّاسَ نَقيرًا (آيت : 53) |
اُنھن کي بادشاھيءَ مان ڪو ڀاڱو آھي ڇا؟ (جي کين کڻي ھجي به ته) اُن مھل ماڻھن کي تر جيترو (به) نه ڏين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا انهن جي قبضي ۾ طاقت ۽ بادشاهيءَ جو ڪجهه حصو اچي ويو آهي؟ جو هاڻي چاهين ٿا ته ماڻهن کي ڪوڏي به نه ڏيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ملڪ ۾ انهن جو ڪجهه حصو آهي (ايئن هجي ها ته) پوءِ ان وقت ماڻهن کي تِر برابر نه ڏين ها.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا خدا جي حڪومت ۾ انهن جو به ڪجھ حصو آهي؟ جنهن مان ماڻهن کي (تر برابر) تر جيترو به نه ڏيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا انهن لاءِ حصو آهي بادشاهيءَ مان؟ پوءِ انهيءَ وقت نه ڏيندا ماڻهن کي ڪو ذرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا انهن جو بادشاهيءَ ۾ ڪجهه حصو آهي ڇا؟ پوءِ ته ان وقت اهي ماڻهن کي ٿورو ذرو به نه ڏيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا بادشاهي ۾ انهن جو ڪو ڪجهه حصو آهي؟ اگر ائين هجي ها ته اهي ماڻهن کي تِر برابر به نه ڏين ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا اُنهن لئي، آهي مُلڪ ۾، ڪو حِصو ڪنان حضور؟ تڏهن ماڻهنِ، نه ڏِين، کَـکِي کارڪ جيترو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، کين بادشاهيءَ جو ڪجهه حصو مليو آهي، پوءِ ته ماڻهن کي تر جيترو به نه ڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا حڪومت ۾ انهن جو به ڪو حصو آهي ڇا؟ جيڪڏهن ائين هجي ها ته اهي ٻين کي تـِـر جيترو به نه ڏين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن جو ڪو حصو آهي حڪومت ۾؟ جيڪر ائين هجي ها ته پوءِ هي ٻين کي هڪ ڪوڏي به نه ڏين ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن جو بادشاهيءَ ۾ ڪو حصو پتي آهي؟ جيڪڏهن ايئن هجي ها ته هي ماڻهن کي ذرو به نه ڏين ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَحسُدونَ النّاسَ عَلىٰ ما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ فَقَد ءاتَينا ءالَ إِبرٰهيمَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَءاتَينٰهُم مُلكًا عَظيمًا (آيت : 54) |
ويتر ماڻھن سان انھيءَ تي حسد ڪندا آھن جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي، پوءِ بيشڪ ابراھيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏنيسون ۽ کين وڏي بادشاھي ڏني سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا وري الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان ماڻهن کي جيڪي عطا ڪيو آهي تنهن تي هنن کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟ (هو نٿا چاهين ته جنهن نعمت يعني هدايت کان پاڻ محروم ٿي چڪا آهن، سا نعمت ٻين کي ملي) جي ائين آهي ته (هنن کي هن ڳالهه کان بي خبر نه هئڻ گهرجي ته) اسان حضرت ابراهيم جي خاندان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏني هئي ۽ ان سان گڏ وڏي سلطنت به ڏني هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا رسولِ عربيءَ سان يهودي حسد ڪن ٿا، انهي نبوت تي جيڪا الله تعالى کين عطا فرمائي، پوءِ بيشڪ اسان اولاد ابراهيم جي کي ڪتاب ۽ نبوت عطا ڪئي ۽ اسان انهن کي تمام وڏو ملڪ عطا فرمايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اهي (الله جي خاص) ماڻهن سان ان فضل جي سبب حسد ڪن ٿا جو خدا کين عطا فرمايو (ته ان جو ڪهڙو علاج آهي) اسان ته ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون عطا فرمايون آهن کين تمام وڏي سلطنت به ڏني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا حسد ٿا ڪن ماڻهن سان ان تي جو ڏنو انهن کي الله پنهنجي فضل مان پوءِ تحقيق ڏنوسون اولاد ابراهيم کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ ڏني سون انهن کي بادشاهي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته الله جيڪي ماڻهن کي پنهنجي فضل مان ڏنو آهي تنهن تي انهن سان حسد ڪن ٿا. پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي ڏني، ۽ کين وڏي بادشاهي ڏني سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي (يهودي) ٻين ماڻهن سان ان ڪري حسد ڪن ٿا جو الله انهن کي پنهنجي فضل سان نوازيو آهي؟ پوءِ بيشڪ اسان ابراهيم جي خاندان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏني ۽ اسان انهن کي زبردست بادشاهي ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا مُفت سَڙن ماڻهن تي، مَٿي مِلڪيت مال؟ جو بخشيو کِين بحال، ڀلي، پنهنجي ڀال مان. پوءِ ابراهيم جي اولاد کي، ڏنوسون ڪتاب، پڻ سَمجھ بر صواب ۽ ڏِنوسونِ ڏيہ وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا جيڪي الله پنهنجي مهربانيءَ سان ماڻهن کي ڏنو آهي، ان تي کين ساڙ ٿئي ٿو؟ ته پوءِ اسان ابراهيم جي اولاد کي (به) ڪتاب ۽ ڏاهپ ڏني هئي ۽ اُنهن کي تمام وڏي حڪومت به عطا ڪئي هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڀلا ٻين سان اهي ان ڪري ٿا حسد ڪن ڇا ته الله انهن کي پنهنجي فضل مان نوازيو آهي؟ اها ڳالهه آهي ته پوءِ کين معلوم هئڻ گهرجي ته اسان ته ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪئي هئي ۽ کين وڏو ملڪ ڏنو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڇا هي حسد ٻين سان انهيءَ ڪري ڪن ٿا ته الله کين پنهنجي فضل سان نوازيو آهي؟ جيڪڏهن اها ڳالهه آهي ته پوءِ کين معلوم هجي ته اسان ابراهيم جي اولاد کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪئي ۽ عظيم ملڪ بخشيو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا هي ماڻهن سان ان لاءِ حسد ڪن ٿا جو الله تعالى انهن ماڻهن کي پنھنجي فضل سان نوازيو آهي، اسان ته ابراهيم (ؑ) جي اولاد کي ڪتاب ۽ دانائي عطا ڪئي ۽ کين (دنيا جي) وڏي بادشاهت (به) عطا ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمِنهُم مَن ءامَنَ بِهِ وَمِنهُم مَن صَدَّ عَنهُ وَكَفىٰ بِجَهَنَّمَ سَعيرًا (آيت : 55) |
پوءِ منجھائن ڪي آھن جن اُن ڪتاب کي مڃيو ۽ منجھائن ڪي آھن جي کانئس اٽڪي رھيا، ۽ (انھن لاءِ) ٻرندڙ دوزخ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن مان ڪن ان ڳالهه تي ايمان آندو ۽ ڪن ان کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ (جنهن منهن موڙيو تنهن جي لاءِ) دوزخ جي ساڙيندڙ باهه ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڪن يهودين رسولِ عربي تي ايمان آندو ۽ ڪن يهودين ايمان نه آندو ۽ (انهن لاءِ) دوزخ ڪافي آهي ٻرندڙ باه.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ هنن مان ڪن (سندن فضيلت ڏسي) ايمان آندو ۽ ڪي انڪاري ٿيا ۽ (ان انڪار فضيلت جي سزا لاءِ) دوزخ جي ڀرڪندڙ باھ ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪو انهن مان اهو آهي جو ايمان آڻي ٿو ان تي ۽ ڪو انهن مان اهو آهي جو روڪي ٿو ان کان ۽ ڪافي آهي جهنم جي باهه ڀڙڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن مان ڪنهن ان (ڪتاب) تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن ان کان منهن موڙيو ۽ (انهن لاءِ) دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن مان ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪنهن ان کان مُنهن موڙيو. ۽ (انهن بي فرمانن لاءِ) دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آندو اُتس ويساه، ڪن انهن مان، ڪي ان کان روڪيا، ۽ پوءِ آهِ، بس باه، ڪاڙهو ڪارڻ ڪافرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن مان ڪي اهڙا هئا، جن ان تي ايمان آندو ۽ ڪن ان کان منهن موڙيو (انهن لاءِ) دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه ڪافي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر انهن مان ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪو ان کان منهن موڙي ويو ۽ منهن موڙيندڙن لاءِ ته جهنم جي ڀڙڪندڙ باهه ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن مان ڪنهن ان تي ايمان آندو ۽ ڪنهن وري ان کان منهن موڙيو، ۽ منهن موڙڻ وارن جي لاءِ ته دوزخ ئي ڪافي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن مان ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جن هن ڪتاب تي ايمان آندو ۽ ڪي وري هن ڪتاب کان منھن موڙي پوئتي هٽي وِيا، بيشڪ منھن موڙيندڙن جي لاءِ ئي ته جھنم جي ڀڙڪندڙ باهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِنا سَوفَ نُصليهِم نارًا كُلَّما نَضِجَت جُلودُهُم بَدَّلنٰهُم جُلودًا غَيرَها لِيَذوقُوا العَذابَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 56) |
جن اسان جي آيتن کي نه مڃيو تن کي سگھو باہ ۾ گھيرينداسون، جڏھن ڪڏھن سندن کلون ڀُڄنديون (تڏھن) سندن ٻيون کلون ھن لاءِ پيا مٽائينداسون ته ڀلي عذاب (جو مزو) چکن، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکي ته) جن ماڻهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو (يعني انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ شرارتن سان مقابلو ڪيو) تن کي اسان جلد (قيامت جي ڏينهن) دوزخ جي باهه ۾ ڌڪي وجهنداسين. جڏهن جڏهن هنن جي هڪڙي کل سڙي ويندي تڏهن ان جي بدران ٻي کل پيدا ڪنداسين، انهيءَ لاءِ ته عذاب جو مزو چڱيءَ طرح چکي وٺن. بيشڪ الله تعاليٰ سڀني تي غالب آهي (۽ جيڪي ڪري ٿو سو) حڪمت سان ڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو اسين جلدي انهن کي باه ۾ داخل ڪنداسين، جڏهن به انهن جون کلون پچي وينديون اسين انهن جون ٻيون کلون تبديل ڪنداسين انهي لاءِ ته عذاب جو مزو چکن، بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ياد رهي) ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو. اسان انهن کي ضرور عنقريب جهنم جي باھ ۾ ڌڪي ڇڏينداسون. پڻ جڏهن سندن کلون (سڙي) ڳري وينديون ته اسين وري انهن لاءِ ٻيون کلون بدلائي پيدا ڪنداسون ته جيئن چڱيءَ طرح عذاب جو مزو چکين. بيشڪ خدا (هر شيءِ تي) غالب ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو اسان جي آيتن جو جلدي داخل ڪنداسون انهن کي باهه ۾ جڏهن به سڙي وينديون کلون سندن ته مٽائينداسون سندن کلون انهن کان سواءِ تانته چکن عذاب بيشڪ الله آهي غالب، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو تن کي باهه ۾ داخل ڪنداسون. جڏهن به سندن کلون پچي (سڙي) وينديون تڏهن انهن (کلن) کانسواءِ انهن کي ٻيون کلون بدلائي ڏينداسون هن لاءِ ته (ڀلي) عذاب چکن. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو جلد اسان انهن کي باهه ۾ وجھنداسين. جڏهن انهن جون کلون سڙي وينديون ته اسان انهن کي ٻيون کلون بدلائي ڏينداسين تان ته اُهي (لاڳيتو) عذاب چکندا رهن. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اسان جي آيتن کان، ڪيو جن اِنڪار، سِگھو ساڙينداسون باه ۾، تنين کي تڪرار، کامِن کَلون هِڪڙيون، چاڙهيونِ ٻيون ٻِيهار، ته سَوا ڏساڙي سخت جو، چکِي ٿينِ چِڪار، خدا خبردار، وَه جو، ويڄ، طبيب سو!. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو تن کي جلد ئي باهه ۾ وجهنداسون. جڏهن به سندن کلون ڳري سڙي وينديون، ته ان جي بدلي ٻي کل ڏينداسون، ته عذاب چڪندا رهن. بيشڪ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي اسان ضرور باهه ۾ وجهنداسون ۽ جڏهن سندن بدن جي کل ڳري ويندي ته ان جي جاءِ تي وري ٻي کل پيدا ڪنداسون ته جيئن هو عذاب جو مزو چکن، الله وڏي طاقت وارو آهي ۽ پنهنجن فيصلن کي عمل ۾ آڻڻ جي حڪمت خوب ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن انڪار ڪيو آهي اسان جي آيتن جو، انهن کي پڪ سان باهه ۾ وجهنداسين، جڏهن انهن جي کل (چمڙي) ڀُڄي ويندي ته ان جي جاءِ تي ٻيءَ کل پئدا ڪنداسين، جيئن اهي چڱيءَ طرح عذاب جو مزو چکن. بيشڪ الله وڏي طاقت رکي ٿو ۽ پنهنجي فيصلن تي دسترس رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن کي اسان ضرور باهه ۾ اڇلائينداسين، جڏهن انهن جي چمڙِي سڙي ڪوئلو ٿي ويندي ته (فوراً) ان جي جاءِ تي ٻي چمڙي پيدا ڪنداسين، ته جيئن هو عذاب ۾ مبتلا رهن، بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لَهُم فيها أَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَنُدخِلُهُم ظِلًّا ظَليلًا (آيت : 57) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (اُنھن) باغن ۾ سگھو داخل ڪنداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن اصلي سدائين رھڻ وارا آھن، اُنھن لاءِ منجھن پاڪ زالون آھن، ۽ کين گھاٽين ڇانون ۾ داخل ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (اسان جي آيتن تي( ايمان آڻين ٿا ۽ ڪم به چڱا ڪن ٿا تن کي (خوشين جي) اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون. اهي انهن باغن ۾ هميشه رهندا. انهن ۾ سندن سنگت لاءِ پاڪ زالون هونديون ۽ پڻ اسان کين (پنهنجي رحمت جي) وڏي ۽ چڱيءَ ڇانو ۾ رهائينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيا، جلدي اسين انهن کي بهشت ۾ داخل ڪنداسين جنهنجي هيٺان نهرون وهنديون هميشه اهي انهيءَ ۾ رهندا، انهن لاءِ بهشت ۾ پاڪ بيبيون هونديون ۽ اسين انهن کي هميشه وارين نعمتن ۾ داخل ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا سٺا ڪم ڪيا اسين هنن کي جلد (بهشت جي) اهڙن ته (ساوڪ وارن) باغن ۾ نيئي پهچائينداسون جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ انهن ۾ هميشه هميشه تائين رهندا. اتي هن لاءِ پاڪ صاف زالون هونديون ۽ اسين کين گهاٽيءَ ڇانوَ ۾ داخل ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون چڱا ڪم جلد داخل ڪنداسون انهن کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون رهندا انهن ۾ هميشہ انهن لاءِ انهن ۾ زالون پاڪ آهن ۽ داخل ڪنداسون انهن کي هميشہ واريءَ ڇانو ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو، ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن ۾ اهي هميشه رهڻ وارا آهن. انهن لاءِ منجهن پاڪ زالون آهن ۽ کين گهاٽيءَ ڇانو ۾ داخل ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سگهو ئي اسان انهن کي (اهڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه هميشه رهندا. انهن لاءِ اتي پاڪيزه گهرواريون هونديون ۽ انهن کي گهاٽين ڇانؤُن ۾ داخل ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن کي، جن الله مڃيو، ۽ ڪيؤن چڱا ڪم ڪار، ڪنداسون باغ بهشت ۾، داخل دلقرار، جن هيٺان هلن ناليون، چِشما مِٺا چوڌار، سدا منجهس سَرها، ۽ حورون حرم تن هار، ۽ ڪنهن وڏي منجھ وَڻڪار، ڇڏينداسونِ ڇانوَ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي اسين باغن ۾ داخل ڪنداسون، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اهي انهن ۾ هميشه رهندا. انهن لاءِ اتي پاڪ زالون هونديون ۽ انهن کي اسين گهاٽي ڇانوَ هيٺ جاءِ ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي آيتن تي ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، جتي اهي سدائين رهندا ۽ کين پاڪ زالون ملنديون ۽ اسان کين گهاٽي ڇانءَ ۾ رکنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون، جتي هو هميشه رهندا، انهن کي ملنديون پاڪ زالون ۽ کين رکنداسين گهاٽين ڇانون ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسان انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين، جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهندڙ هونديون، جتي هو هميشه لاءِ رهندا ۽ انهن لاءِ باغن ۾ پاڪيزه ڪردار واريون گهر واريون هونديون ۽ اتي کين (سدائين) گهاٽي ڇانو نصيب ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ يَأمُرُكُم أَن تُؤَدُّوا الأَمٰنٰتِ إِلىٰ أَهلِها وَإِذا حَكَمتُم بَينَ النّاسِ أَن تَحكُموا بِالعَدلِ إِنَّ اللَّهَ نِعِمّا يَعِظُكُم بِهِ إِنَّ اللَّهَ كانَ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 58) |
بيشڪ الله اوھان کي حُڪم ٿو ڪري ته امانتون سندن مالڪن کي پھچائي ڏيو ۽ جڏھن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو (تڏھن) انصاف سان حڪم ڪريو، بيشڪ الله اوھان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آھي، ڇوته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! خدا توهان کي حڪم ٿو ڪري ته جيڪا جنهن جي امانت هجي سا ان جي حوالي ڪندا ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪريو تڏهن عدل ۽ انصاف سان فيصلا ڪريو. خدا توهان کي ڪهڙي نه چڱي نصيحت ٿو ڏئي، بيشڪ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى حڪم فرمائي ٿو توهان کي ته امانتون جن جون آهن انهن جي حوالي ڪريو، ۽ جڏهن توهان ماڻهن ۾ فيصلو ڪريو انصاف سان فيصلو ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان کي بهترين نصيحت فرمائي ٿو، بيشڪ الله تعالى ٻڌي (۽) ڏسي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي ايمان وارو!) خدا توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ماڻهن جون امانتون امانت رکڻ وارن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ جهيڙن جو فيصلو ڪرڻ لڳو ته انصاف سان فيصلو ڪريو. خدا اوهان کي ان جي ڪهڙي نه سٺي نصيحت ٿو ڪري، انهيءَ ۾ ته شڪ نه آهي، جو خدا سڀ جي ٻڌي ۽ (سڀ ڪجھ) ڏسي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله حڪم ٿو ڪري اوهان کي ته ادا ڪيو امانتون سندن حقدارن ڏي ۽ جڏهن فيصلو ڪيو ماڻهن ۾ ته فيصلو ڪيو عدل سان بيشڪ الله چڱي آهي اها ڳالهه جو نصيحت ٿو ڪري اوهان کي ان سان بيشڪ الله ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته امانتون سندن مالڪن کي پهچائي ڏيو ۽ (حڪم ڪري ٿو ته) جڏهن اوهين ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان فيصلو ڏيو. بيشڪ الله اوهان کي جيڪا نصيحت ڪري ٿو سا چڱي آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مسلمانو) بيشڪ الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ته امانتون انهن جي اهل ماڻهن تائين پهچايو ۽ جڏهن اوهان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو ته انصاف سان فيصلو ڪيو. بلاشڪ الله اوهان کي ڪهڙي نه سهڻي نصيحت ڪري ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪري امر اوهان کي، صاحب ربُّ، ستار، ته وَٿون سلامت سونپيو، سندن ڌڻين پار، ۽ جڏهن ڪريو، ته ڪريو ماڻهن وِچ ، عدل سان آچار، الله اوهان کي آڇ ڪري، سا بهتر برقرار، بيشڪ بخشڻهار، سُڻندڙ ۽ ڏِسندڙ ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان کي حڪم ڏئي ٿو، ته امانتون سندن مالڪن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن ۾ فيصلو ڪرڻ لڳو، ته انصاف سان فيصلو ڪندا رهو، الله اوهان کي تمام چڱي نصيحت ڪري ٿو. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مسلمانؤ! الله توهان کي حڪم ٿو ڏئي ته امانتون جن جون هجن، تن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته عدل ۽ انصاف سان ڪريو، الله توهان کي تمام سهڻي نصيحت ٿو ڪري ۽ بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله توهان کي حڪم ٿو ڪري ته ادا ڪريو امانتون مالڪن کي ۽ جڏهن فيصلو ڪريو وچ ۾ ماڻهن جي ته انصاف ۽ عدل سان ڪريو، بيشڪ الله توهان کي بهترين نصيحت ٿو ڪري، بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڏسي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى توهان کي حڪم ڪري ٿو ته، (هر قسم جون) امانتون (رکيل شين جي صورت ۾ هجن يا ذميدارين جي صورتن ۾) انهن کي ذميدار ماڻهن جي حوالي ڪريو ۽ جڏهن توهان ماڻهن جي وچ ۾(ڪنھن معاملي جو) ڪو فيصلو ڪريو، ته انصاف وارو فيصلو ٻڌايو. الله تعالى توهان کي (ان باري ۾) تمام سھڻي نصيحت ڪري ٿو. بيشڪ الله تعالى (توهان سڀني جي ڳالهين کي) ٻڌندڙ ۽ (سڀني معاملات کي) ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا أَطيعُوا اللَّهَ وَأَطيعُوا الرَّسولَ وَأُولِى الأَمرِ مِنكُم فَإِن تَنٰزَعتُم فى شَيءٍ فَرُدّوهُ إِلَى اللَّهِ وَالرَّسولِ إِن كُنتُم تُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ ذٰلِكَ خَيرٌ وَأَحسَنُ تَأويلًا (آيت : 59) |
اي ايمان وارؤ الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوھان مان جيڪو حاڪم ھجي تنھن جي (به) پوءِ جيڪڏھن ڪنھن شيءِ بابت جھڳڙو ڪريو ته جيڪڏھن الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھيو ته ان کي الله ۽ پيغمبر جي حُڪم ڏانھن رجوع ڪريو، اِھو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو، الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (انهن ماڻهن جي فرمانبرداري ڪيو) جيڪي اوهان ۾ حاڪم ۽ اختيار رکندڙ هجن، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه بابت اختلاف ۽ جهڳڙو ڪيو ته الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو (۽ جيڪو فيصلو اتان ملي ان کي قبول ڪري ان جي تعميل ڪريو) جيڪڏهن توهان سچ پچ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو (ته ضرور ائين ڪيو) انهيءَ ۾ توهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي ۽ ( ان جي پڇاڙي چڱي آهي) ۽ ان مان نتيجو تمام سهڻو نڪري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤ منو ! الله تعالى جو حڪم مڃو ۽ الله جي رسول جو حڪم مڃو ۽ جيڪي توهان مان اسلامي حاڪم هجن، انهن جو حڪم مڃو پوءِ جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن ڳالهه جو اختلاف ٿئي ته الله تعالى ۽ رسولِ عربي جي حڪم ڏانهن فيصلو موٽايو جيڪڏهن توهان الله ۽ قيامت تي ايمان رکو ٿا، اهو تمام بهتر آهي ۽ انهيءَ جي پڇاڙي تمام سهڻي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا جي اطاعت ڪريو ۽ رسول جي ۽ جيڪي اوهان مان (رسول وانگر) صاحبان حڪم هجن انهن جي اطاعت ڪريو ۽ جيڪڏهن توهين ڪنهن ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪريو ته جيڪڏهن اوهين خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته ان ڳالھ ۾ خدا۽ رسول جي طرف رجوع ڪريو. اها ئي (اوهان لاءِ) بهتر آهي. ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! تابعداري ڪيو الله جي ۽ تابعداري ڪيو رسول جي ۽ صاحبن امر جي اوهان مان پوءِ جيڪڏهن جهيڙو ڪيو ڪنهن شيءِ (جي باري) ۾ ته پوءِ موٽايو ان کي الله ۽ رسول ڏانهن جيڪڏهن ايمان ٿا آڻيو الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي اهو ڀلو ۽ سهڻو آهي انجام جي لحاظ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو ۽ جيڪي اوهان مان حاڪم هجن تن جو حڪم مڃيو. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪريو ته ان کي الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو جيڪڏهن اوهين الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. اها ڳالهه گهڻي چڱي آهي ۽ ان جو نتيجو گهڻو سٺو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ اوهان مان جيڪي حڪم جا صاحب آهن (انهن جي به فرمانبرداري ڪيو) پوءِ جي اوهان پاڻ ۾ ڪنهن شيءِ ۾ اختلاف ڪيو ته پوءِ ان کي الله ۽ رسول جي حضور ۾ موٽايو جيڪڏهن اوهان الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا. اِها (ئي) ڀلي راهه آهي ۽ نتيجي جي لحاظ کان تمام سهڻي ڳالهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان، مڃيو ربَّ ۽ رسول کي، ۽ اوهان منجھان، اوهان تي، جي هجن حڪمران، پوءِ ڪنهن مسئلي ۾ اوهين، مُنجھو مَنجھ ميدان، ته موٽايوسِ مالڪ ڏي، پڻ مُرسل مِهربان، جي مالڪ ۽ محشر ڏينهن کي، ٿا مڃيو مُسلمان، اِي ڀلو بي گمان، ۽ نتيجي ۾ نيڪ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! خدا ۽ سندس رسول ۽ اوهان مان جيڪي حاڪم هجن تن جي تابعداري ڪندا رهو، پر جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه بابت اوهين ۽ حاڪم يڪراءِ نه ٿيو ته ان کي الله ۽ رسول جي حڪمن سان پرکيو، جيڪڏهن اوهين الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ته اها ڳالهه اوهان لاءِ بهتر آهي ۽ آخرڪار ان ۾ ئي خوبي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي ۽ انهن ماڻهن جي جيڪي توهان مان حڪم هلائڻ وارا هجن، پوءِ جيڪڏهن توهان جي وچ ۾ ڪنهن معاملي ۾ تڪرار جي صورت پيدا ٿئي ته ان کي الله ۽ رسول ڏانهن ڦيريو، جيڪڏهن توهان جو واقعي الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آهي ته اهوئي هڪڙو صحيح طريقو آهي ۽ نتيجي جي لحاظ کان به ڀلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، اطاعت ڪريو الله جي ۽ اطاعت ڪريو رسول جي ۽ انهن جي فرمانبرداري ڪريو جيڪي توهان ۾ حڪم هلائڻ وارا آهن (يعني حاڪم) پوءِ جيڪڏهن توهان ۾ ڪنهن معاملي ۾ جهيڙو ٿي پوي ته اهو ڦيريو الله ۽ رسول ڏي، جيڪڏهن توهان ايمان آندو آهي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين رکو ٿا. اهو ئي آهي نيڪ ڪم جو صحيح طريقو ۽ پڄاڻيءَ طور اعتبار کان بهتر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو ۽ انهن جي به فرمانبرداري ڪريو، جيڪي توهان تي حڪمران هجن، پوءِ جيڪڏهن اوهان جي وچ ۾ ڪنهن معاملي تي ڪو اختلاف ٿي پوي، ته جيڪڏهن توهان جو الله تعالى ۽ قيامت جي ڏينھن تي (پختو) ايمان آهي، ته ان کي الله تعالى ۽ سندس رسول ﷺ جي ئي ٻڌايل حڪم مطابق حل ڪريو، (حقيقت ۾) اهو ئي بھترين طريقو آهي ۽ ان جو نتيجو (به) بھتر نڪرندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ يَزعُمونَ أَنَّهُم ءامَنوا بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ يُريدونَ أَن يَتَحاكَموا إِلَى الطّٰغوتِ وَقَد أُمِروا أَن يَكفُروا بِهِ وَيُريدُ الشَّيطٰنُ أَن يُضِلَّهُم ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 60) |
(اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جيڪي ڀائيندا آھن ته جيڪي تو ڏانھن لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو تنھن کي پاڻ مڃيو اٿن اھي ھن ھوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانھن (مقد مونيئي) فيصلو ڪرائڻ گھرندا آھن حالانڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن، ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گھرندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن (منافقن) جي حالت تي نظر نه ڪئي ڇا، جن جي دعويٰ هيءَ آهي ته جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي توکان اڳي نازل ٿيو آهي تنهن تي هو ايمان رکن ٿا پر (سندن عملن جو حال هي آهي جو) هو چاهين ٿا ته پنهنجا تڪرار ۽ معاملا هڪ شرير ۽ سرڪش (انسان) وٽ (فيصلي لاءِ) کڻي وڃن. اگرچه هنن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته هن (شيطان) کان انڪار ڪن (۽ فقط الله ۽ سندس رسول جي پيروي ڪن) حقيقت هي آهي ته شيطان چاهي ٿو ته هنن کي اهڙو گمراه ڪري جو سنئين راهه کان بلڪل پري وڃي پون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان اي حبيب ! انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا بيشڪ انهن ايمان آندو قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي توهان کان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ارادو ڪن ٿا ته شيطان کي پنهنجو فيصلو ڪندڙ بنايون ۽ تحقيق انهن کي حڪم ڪيو ويو ته شيطان کي نه مڃو، ۽ شيطان چاهي ٿو انهن کي گمراه ڪري گمراه ڪرڻ نهايت پري وارو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حالت) تي نظر ڪئي جي هي خيالي پلاءُ پچائين ٿا ته جو ڪتاب تو کان اڳ ۾ نازل ڪيا ويا (سڀ تي) ايمان آندوسين (هوڏانهن) سندن دلي خيال هي آهي ته پاٿاري دارن کي پنهنجو حاڪم بنايون توڙي جو کين حڪم ڏنو ويو آهي ته انهن جي ڳالھ نه مڃو! ۽ شيطان ته چاهي ٿو ته کين ورغلائي گس کان گهڻو پري ٿيڙي ڇڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جو گمان ٿا ڪن ته بيشڪ انهن ايمان آندو آهي ان تي جو نازل ڪيو ويو توڏانهن ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو توکان اڳ ۾ ارادو ٿا ڪن ته فيصلو کڻي وڃن شرير قوت ڏانهن ۽ تحقيق امر ڪيا ويا ته انڪار ڪن ان جو ۽ ارادو ٿو ڪري شيطان گمراهه ڪري انهن کي گمراهي گهڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته جيڪو (قرآن) تو ڏي لاٿو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي تنهن تي انهن ايمان آندو آهي، هوڏانهن اهي گهُرن ٿا ته مقدما غير خدا کان فيصلا ڪرائين هن هوندي به جو انهن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته ان کي نه مڃين، ۽ شيطان گهري ٿو ته انهن کي رستي کان گهڻو پري ڪري ڇڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن (منافق) ماڻهن کي نه ڏٺو! جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته انهن ايمان آندو ان (قرآن) تي جيڪو تو مٿان نازل ٿيو آهي ۽ (ان تي) جيڪو تو کان اڳ نازل ٿيو آهي (۽ وري) چاهن ٿا ته (پنهنجي معاملات جا) فيصلا شيطان وٽ ڪرائن حالانڪه انهن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ان جو انڪار ڪن. ۽ شيطان چاهي ٿو ته انهن کي ڏورانهين گمراهي ۾ وجهي ڇڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ تو نه ڏٺو تن پار، جي ڀائينِ، ته مَڃيائون مورهين، جو توتي نازل نُور ٿيو، يامَهند تُهان مهندار!، گھرن، ته گمراهن ڏي، نين نيِا نيڪار، ۽ هوڏانهن حڪم کِين مليو، ته اُن کان ڪن انڪار، ۽ شامتِي شيطان کي، تن ۾ اِها تار، ته ڪنهن پَراهين پار، رولينِ نِيئـِي روه ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو انهن ڏي نظر نه ڪئي؟ جي دعويٰ ڪن ٿا، ته جيڪي تو تي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي توکان اڳ نازل ٿيو آهي، ان تي ايمان رکن ٿا ۽ وري پنهنجا فيصلا ڪنهن دين جي مخالف وٽ کڻي وڃن ٿا، جنهن کان انڪار ڪرڻ جو ته کين حڪم مليل آهي. شيطان گهري ٿو، ته انهن کي اهڙيءَ طرح گمراهه ڪري، جو هو سنئين واٽ کان گهڻو پري وڃي پون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو ڇا جيڪي دعويٰ ته اها ٿا ڪن ته اسان ايمان آندو آهي ان ڪتاب تي، جيڪو توڏانهن نازل ڪيل آهي ۽ انهن ڪتابن تي به جيڪي توکان اڳ نازل ٿيا هئا، پر گهرن ائين ٿا ته پنهنجي معاملن جو فيصلو طاغوت کان ڪرائين، حالانڪه کين طاغوت سان ڪفر (انڪار) ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. شيطان کين ڀٽڪائي سنئينءَ واٽ کان تمام پري وٺي وڃڻ ٿو چاهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تو نه ڏٺو انهن ماڻهن کي جيڪي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان ايمان آندو آهي انهيءَ ڪتاب تي جيڪو تنهنجي طرف نازل ڪيو ويو آهي ۽ انهن ڪتابن تي جيڪي توکان اڳ نازل ڪيل هئا، اهي گهرن ٿا پنهنجا معاملا نبيرڻ لاءِ طاغوت ڏانهن رجوع ڪن، جڏهن ته انهن کي ان سان ڪفر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر گهري ٿو شيطان انهن کي ڀُلائي گهڻو پري وٺي وڃڻ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جيڪي قرآن شريف ۽ پھريائين نازل ٿيندڙ ڪتابن تي ته ايمان آڻڻ جي دعوى ڪن ٿا، پر وري پنھنجي معاملات جو فيصلو الله تعالى جي سرڪش ۽ باغين کان ڪرائڻ گهرن ٿا، (حالانڪه اڳ ۾ ئي کين) حڪم ڏنو ويو هو ته الله تعالى جي باغين جو سختيءَ سان انڪار ڪريو، حقيقت هي آهي ته شيطان اهڙن ماڻهن کي سڌي رستي کان هٽائي گهڻو پري اڇلائڻ چاهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم تَعالَوا إِلىٰ ما أَنزَلَ اللَّهُ وَإِلَى الرَّسولِ رَأَيتَ المُنٰفِقينَ يَصُدّونَ عَنكَ صُدودًا (آيت : 61) |
۽ جڏھن کين چئجي ته جيڪي الله لاٿو تنھن ڏانھن ۽ پيغمبر ڏانھن اچو ته منافقن کي ڏٺئي ته توکان پوري طرح جھلجي ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن انهن ماڻهن کي الله جي حڪم جي طرف جو هن نازل ڪيو آهي ۽ رسول جي طرف (جنهن جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڪيو ويو آهي) سڏيو وڃي ٿو تڏهن تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان منهن موڙين ٿا (۽ هنن جا قدم رڪجي وڃن ٿا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قرآن ڪريم ۽ رسولِ عربيءَ جي طرف اچو ته توهان اي حبيب ! توهان ڏسندا ته اهي منافق توهان کان منهن ڦيرائيندا منهن ڦيرائڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته جو (ڪتاب) خدا نازل ڪيو آهي، ان ڏي ۽ رسول ڏي اچو ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته تو کان منهن موڙين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته اچو ان ڏانهن جو نازل ڪيو الله ۽ رسول ڏانهن ته ڏسندين منافقن کي ته رڪجن ٿا توکان رڪجڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن ڏي ۽ رسول ڏي اچو ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان منهن موڙين ٿا . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته اچو ان (ڪتاب) ڏانهن جيڪو الله نازل ڪيو آهي ۽ رسول ڏانهن ته تون منافقن کي ڏسندين ته (اي نبي!) اُهي تو کان مُنهن موڙي ڦري ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چئجي انهن کي، ته اچو انهي پار، الله جو اُتاريو ۽ مُرسل ڏي، مختار، ته ڏٺئـِي ڪُوڙن ڪار، پيا روڪين، رهبر! تو ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن کين چئجي ٿو ته جيڪو (قانون) خدا موڪليو آهي ان ۽ رسول ڏانهن اچو، ته تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان پوري طرح روڪين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ان شيءِ ڏانهن جيڪا الله نازل ڪئي آهي ۽ اچو رسول ڏانهن ته انهن منافقن کي ڏسين ٿو ته توڏانهن اچڻ کان ڪيٻائن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ان شيءِ ڏانهن جيڪا نازل ڪئي آهي الله ۽ اچو رسول ڏانهن، ته تون ڏسين ٿو انهن منافقن کي ته تنهنجي طرف اچڻ کان ڪيٻائن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته (ڀلا) اچو ان شيءِ ڏانھن، جيڪا الله تعالى نازل ڪئي آهي ۽ توهان رسول (ﷺ) جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، (اي نبي ﷺ!) پر توهان انهن کي پاڻ ڏانھن اچڻ کان ڪن لاٽار ڪندي لنوائيندي ڏسو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ إِذا أَصٰبَتهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم ثُمَّ جاءوكَ يَحلِفونَ بِاللَّهِ إِن أَرَدنا إِلّا إِحسٰنًا وَتَوفيقًا (آيت : 62) |
پوءِ (تڏھن) ڪئن (ڪندا) جڏھن کين ڪا اوکائي اُنھيءَ سببان پھچندي جو سندن ھٿن اڳي ڪيو آھي ته وري تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان جو چڱائي ۽ ٺھراءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن سندن ئي بدعملن سبب هنن تي ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ته ان وقت انهن ماڻهن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ انهيءَ وقت هو تو وٽ اچي خدا جو قسم کڻندا ۽ چوندا ته (اسان کي تنهنجي فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪونهي) اسان جيڪي ڪيو تنهن جو مقصد فقط چڱائي هو ۽ هي به مقصد هو ته پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ميلاپ قائم ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڇا ٿيندو جنهن وقت انهن تي مصيبت ايندي انهيءَ سببان جو بي فرماني ڪيائون انهيءَ کان پوءِ اي حبيب ! توهان وٽ اچي قسم کڻن ٿا الله جو ته نه ارادو ڪيو اسان مگر صلح ۽ ڀائپيءَ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن سندن ڪڌن ڪرتوتن ڪري مٿن ڪا مصيبت پوي ٿي، پوءِ ته ڪئين نه تو وٽ خدا جا قسم کائيندا اچن ٿا. ۽ چون ٿا اسان جو مطلب ته نيڪي ۽ ميل ميلاپ کان سواءِ ڪجھ نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيئن ٿيندو جڏهن پهچندي انهن کي مصيبت ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو هٿن انهن جي تنهن کان پوءِ ايندا تو وٽ قسم کڻندي الله جو ته نه ارادو ڪيو هوسون مگر چڱائيءَ ۽ موافقت ڪرائڻ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪيئن جڏهن کين ڪا تڪليف پهچندي انهن (ڪرتوتن) جي ڪري جن کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي پوءِ تو وٽ اچي الله جو قسم کڻندا ته اسان رڳو ڀلائيءَ ڪرڻ ۽ (پاڻ ۾ ) ملائڻ جو ارادو ٿي ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ان مهل) ڪيئن ڪندا! جڏهن انهن تي ڪا مصيبت انهن جي ئي هٿن جي ڪمائيءَ سبب پهچندي پوءِ تو وٽ ايندا الله جا قسم کڻندا (۽ چوندا ته) ”اسان جو ٻيو ڪو ارادو نه هيو سواءِ ڀلائي ۽ ٺهراءَ جي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيئن، جڏهن ڪڙڪِي مٿنِ، ڪا مُصيبت مار، جو سندن هَٿن سَنباهيو، ڪارڻ تنهن ڪم ڪار، ورِي آياتو اڳيان، ته کڻن قسم ڪلتار، ته ڪئيسون پِريم! پچار، بلڪل ڀَليِ ۽ ٺاه جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تڏهن ڪهڙو حال ٿيندن، جڏهن سندن عملن جي ڪري مٿن ڪا مصيب اچي پوندي؟ تڏهن وري تو وٽ اچي قسم کائيندا (ته) اسان جو مقصد رڳو چڱائي ۽ ٺاهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان وقت ڇا ٿو ٿئي، جڏهن سندن پنهنجن هٿن جي آندل مصيبت اچي مٿن پوي ٿي؟ انهيءَ وقت ته هو تو وٽ قسم کڻندا اچن ٿا ۽ چون ٿا ته الله جو قسم اسان ته رڳو چڱائي ڪرڻ پئي گهري ۽ اسان جي نيت ته اها هئي ته ڌريون پاڻ ۾ ڪنهن طرح ٺهي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان وقت ڇا ٿيندو جڏهن سندن هٿن جي آندل مصيبت مٿن اچي پوندي، ان وقت هي تو وٽ ايندا ۽ چوندا ته الله جو قسم، اسان ته چڱائي پئي گهري اها هئي ته ڌريون ڪنهن طرح هڪ ٿي وڃن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن ماڻهن جي ڪھڙي حالت ٿئي ٿي، جو جڏهن مٿن پنھنجي ڪرتوتن جي ڪري ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ٿي، ته تو وٽ حاضر ٿي الله تعالى جي نالي جا قسم کڻن ٿا، ته اسان جو ارادو چڱائيءَ ۽ گڏجي سڏجي رهڻ جو هو، ٻيو ڪو به ارادو نه هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ يَعلَمُ اللَّهُ ما فى قُلوبِهِم فَأَعرِض عَنهُم وَعِظهُم وَقُل لَهُم فى أَنفُسِهِم قَولًا بَليغًا (آيت : 63) |
اِھي (اُھي) آھن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آھي سو الله ڄاڻندو آھي، پوءِ کانئن مُڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ کين سندين دلين ۾ پھچندڙ ڳالھه چؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن بابت الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته سندن دلين ۾ ڇا لڪل آهي، تنهن ڪري توکي گهرجي ته هنن جي (شرارتن کان) پاسو ڪر ۽ کين نصيحت ڪندو رهه ۽ انهن کي سمجهاڻيءَ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ٻڌاءِ جو هنن جي دلين تي چڱو اثر پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ جيڪي آهي الله انهيءَ کي ڄاڻي ٿو، پوءِ توهان اي حبيب ! انهن کان پاسو ڪريو ۽ توهان انهن کي نصيحت ڪريو ۽ توهان انهن جي معاملي ۾ پُر تاثير گفتگو فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي ماڻهن آهن، جن جي حالت خدا ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ تون (سندن ڳالهين کي) وسار ۽ کين سمجهاءِ پڻ انهن سان سندن دلين ۾ اثر ڪرڻ واري موقعي جي ڳالھ ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ئي آهن جو ڄاڻي ٿو الله اهي (راز) جو انهن جي دلين ۾ آهن پوءِ منهن موڙ انهن کان ۽ نصيحت ڪر انهن کي ۽ فرماءِ انهن کي انهن جي اندر ۾ ڳالهه اثر ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي اُهي آهن جن جي دلين ۾ جيڪي (ڪفر ۽ نفاق) آهي تنهن کي الله ڄاڻي ٿو، پوءِ تون انهن کان منهن موڙ ۽ کين نصيحت ڪر ۽ انهن کي سندن دلين ۾ اثر ڪرڻ واري ڳالهه چئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي ماڻهو آهن جو الله ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي دلين ۾ (نفاق)آهي. پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ ۽ انهن کي نصيحت ڪر ۽ انهن سان سندن ئي باري ۾ مؤثر گفتگو ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي، جيڪي اندر ۾ اِنهن جي، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، پوءِ کائنِ مُنهن موڙ تون، سِکيا ڏيينِ سچار!، ۽ مَنجھن ڪر پچار، چڱي، چڱيءَ چال سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن جي دلين ۾ جيڪي آهي، سو الله خوب ڄاڻي ٿو. تون انهن کان ٽري وڄ، کين نصيحت ڪر ۽ کين سندن دلين ۾ اثر ڪندڙ لفظ چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته ڄاڻي ٿو جيڪو سندن دلين منجهه آهي. تون انهن جي ڳالهين ڏي نه ڏس، بس سمجهاڻي ڏينِ ۽ اهڙي نصيحت ڪرينِ جيڪا سندن دلين ۾ ويهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ماڻهن کان الله چڱيءَ طرح واقف آهي ته سندن دلين ۾ ڇا آهي، انهن سان مقابلو نه ڪريو، کين سمجهايو ۽ اهڙيءَ طرح نصيحت ڪريو جيڪا سندن دلين ۾ لهي وڃي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن بدنيت منافقن ۽ سندن دلين جي ارادن کي، الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو (اي نبي ﷺ!) انهن جي بدنيتيءَ کان بچِي رهجانءِ ۽ کين (حق ڳالهه جي) نصيحت ڪندو رهجانءِ ۽ نصيحت اهڙي طريقي سان ڪندو رهجانءِ، جو انهن جي دلين تي چڱيءَ طرح اثر ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَرسَلنا مِن رَسولٍ إِلّا لِيُطاعَ بِإِذنِ اللَّهِ وَلَو أَنَّهُم إِذ ظَلَموا أَنفُسَهُم جاءوكَ فَاستَغفَرُوا اللَّهَ وَاستَغفَرَ لَهُمُ الرَّسولُ لَوَجَدُوا اللَّهَ تَوّابًا رَحيمًا (آيت : 64) |
ڪوئي پيغمبر نه موڪليوسون پر ھن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي، ۽ جڏھن انھن (ماڻھن) پاڻ تي ظلم ڪيو تڏھن جيڪڏھن تو وٽ اچن ھا پوءِ الله کان بخشش گھرن ھا ۽ پيغمبر انھن لاءِ بخشش گھري ھا ته الله کي ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان لھن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! نه رڳو توکي پر) جنهن کي به اسان دنيا ۾ رسول ڪري موڪليو، سو هن لاءِ ته اسان جي حڪم سان سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي. ۽ جڏهن هنن ماڻهن (تنهنجي نافرماني ڪري) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو ۽ نقصان پهچايو تڏهن جيڪر تو وٽ اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ۽ پڻ خدا جو رسول هنن جي معافيءَ لاءِ خدا کان دعا گهري ها ته هي ماڻهو ڏسن ها ته خدا بيشڪ توبهه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليو اسان ڪنهن رسول کي مگر انهيءَ لاءِ الله جي حڪم سان ان جي فرمانبرداري ڪئي وڃي، ۽ جيڪڏهن بيشڪ انهن جنهن وقت پنهنجن جانين تي ظلم ڪيو (پوءِ) اي حبيب ! توهان جي خدمت ۾ اچن پوءِ الله کان معافي طلب ڪن ۽ رسولِ عربي سندن شفاعت ڪن ته ضرور الله کي توبه قبول ڪندڙ ٻاجھارو لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ڪو به رسول نه موڪيلو آهي پر فقط هن لاءِ ته خدا جي حڪم سان ماڻهو سندس اطاعت ڪن. ۽ (اي رسول!) جڏهن انهن ماڻهن (نافرماني ڪري) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو. جيڪڏهن تو وٽ هليا اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ته بيشڪ اهي ماڻهو خدا کي وڏو توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان لهن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه موڪليوسون ڪوبه رسول مگر تانته اطاعت ڪيو وڃي الله جي حڪم سان ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي جڏهن ڪيو هيائون پنهنجن سرن تي اچن ها تو وٽ پوءِ بخشش گهرن ها الله کان ۽ بخشش گهري ها انهن لاءِ رسول ته البته لهن ها الله کي توبہ قبول ڪندڙ مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ڪوبه رسول نه موڪليو پر هن لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس تابعداري ڪئي وڃي ۽ جڏهن انهن پاڻ تي ظلم ڪيو هو تڏهن جيڪڏهن اهي تو وٽ اچن ها پوءِ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ معافي گهري ها ته الله کي مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو لهن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر هن لاءِ ته الله جي حڪم سان ان جي فرمانبرداري ڪئي وڃي. ۽ جڏهن (اي نبي) اهي پنهنجي جانين سان ظلم ڪري ويٺا هئا ته تو وٽ اچن ها! پوءِ الله کان بخشش گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ بخشش طلب ڪري ها ته الله کي گھڻو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو لهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه موڪليو سون مورهين، ڪو مُرسل مُنوَّر، ته مڃيو وڃي مگر، اِذن ساڻ الله جي. ۽ جيڪر جڏهن، ڪاڻ وِڌائون، تو وٽ آيا، پوءِ مَره گُھريائون مالڪ کان، تو پڻ گُھري، تن ڪاڻ، ته پرور پاٿئون پاڻ، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جيڪو به رسول موڪليو آهي سو فقط ان لاءِ ته الله جي حڪم سان سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي ۽ جنهن وقت انهن پاڻ تي ظلم ڪيو، تڏهن جيڪڏهن تو وٽ اچن ها ۽ الله کان بخشش گهرن ها ۽ رسول (به) انهن لاءِ بخشش گهري ها، ته ضرور الله کي گهڻو توبهه قبول ڪندڙ ۽ مهربان ڏسن ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ٻڌائين ته) اسان جيڪو به رسول موڪليو آهي، ان لاءِ ئي موڪليو آهي ته الله جي حڪم سان سندس اطاعت ڪئي وڃي. جيڪڏهن انهن اهو طريقو اختيار ڪيو هجي ها جو جڏهن هو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته هو تو وٽ هليا اچن ها ۽ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ معافي گهري ها ته پڪ سان الله کي ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ لهن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين ٻڌايو ته) اسان جيڪو به رسول موڪليو آهي، ته الله جي حڪم سان سندس پيروي ڪئي وڃي جيڪڏهن هو ڪن ها پر هو پاڻ تي ظلم ڪري ويٺا هئا ته تو وٽ اچن ها ۽ الله کان معافي گهرن ها ۽ رسول به انهن لاءِ معافي جي درخواست ڪري ها ته الله کي بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ ڏسن ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جيڪي به رسول سڳورا موڪليا، تن جو اهو ئي مقصد هو ته، الله تعالى جي حڪم مطابق انهن جي فرمانبرداري ڪئي وڃي، انهن منافق ماڻهن جڏهن پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪيو هو، ان وقت جيڪڏهن (فوراً) توهان وٽ اچي حاضر ٿين ها ۽ الله تعالى کان (پنهِنجي بدنيتيءَ جِي) معافي گهرن ها ۽ رسول (ﷺ به) انهن جي لاءِ معافيءَ جي درخواست ڪري ها، ته هو الله تعالى کي ضرور توبہ قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ سمجهن ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤمِنونَ حَتّىٰ يُحَكِّموكَ فيما شَجَرَ بَينَهُم ثُمَّ لا يَجِدوا فى أَنفُسِهِم حَرَجًا مِمّا قَضَيتَ وَيُسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 65) |
پوءِ تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته (اھي ماڻھو) مسلمان نه آھن جيستائين انھي معاملي ۾ جو سندن وچ ۾ پيو آھي توکان فيصلو ڪرائن پوءِ (تون) جيڪو نبيرو ڪرين تنھن کان پنھنجي دلين ۾ اڙکُڙ نه ڏسن ۽ پوري طرح مڃين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار هن ڳالهه تي شاهد آهي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به مؤمن ٿي نه سگهندا جيستائين ڪه توکي پنهنجن جهيڙن ۽ معاملن ۾ حاڪم ۽ منصف ڪن (پڻ هنن جي دلين جي حالت به اهڙي ٿئي جو) جيڪو فيصلو تون ڪرين ان جي خلاف هنن جي دلين ۾ ڪو کٽڪو پيدا نه ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح مڃن جنهن کي پورو پورو مڃڻ چئي سگهجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اي حبيب ! تنهنجي رب جو قسم آهي اُهي مؤمن ناهن جيستائين پنهنجي جھڳڙي ۾ توهان کي حاڪم نه بنائن پوءِ جيڪي ڪجھه فيصلو فرمايو پنهنجين دلين ۾ تڪليف دهه نه سمجھن ۽ سچي دل سان انهيءَ کي مڃن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (بس اي رسول) تنهنجي پروردگار جو قسم ته اهي ماڻهو ايستائين مومن نه ٿيندا جيستائين پنهنجن جهڳڙن ۾ تو کي حاڪم نه بڻائين ۽ (فقط ايترو نه بلڪ) جو به تون فيصلو ڪرين ان ۾ دل تنگ نه ٿين ۽ ان کي چڱي طرح خوشيءَ سان به مڃين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ قسم آهي تنهنجي رب جو ته نه ايمان وارا رهندا تانجو حاڪم ڪن توکي ان بابت جو جهيڙو ڪيائون ان ۾ تنهن کان پوءِ نه لهن پنهنجن سرن ۾ تنگي ان کان جو فيصلو فرمايو ته ۽ دل سان مڃين دل سان مڃڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تنهنجي پاليندڙ جو قسم آهي ته اهي ايستائين ايمان وارا نه ٿيندا جيستائين ان جهڳڙي ۾ جو سندن وچ ۾ ٿيو آهي توکان فيصلو نه ڪرائين وري جيڪو فيصلو تون ڪرين تنهن کان پنهنجن دلين ۾ ڪابه تنگي نه ڏسن ۽ ان کي چڱيءَ طرح مڃين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي)تنهنجي رب جو قسم! تيستائين اهي مؤمن نه ٿا ٿي سگهن جيستائين توکي سندن وچ ۾ ٿيل جھيڙن جو فيصلو ڪندڙ (حاڪم) نه بنائن. پوءِ پنهنجي دلين ۾ ڪو کُٽڪو نه لهن ان ڳالهه ۾ جيڪو تو فيصلو فرمايو ۽ پوري خوشيءَ سان قبول ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سونهن تنُهن جي صاحب جو، ته مومن نه ٿينِ مور، تان اَمين توکي اُن ۾، وارينِ سي وَهلورَ، مَنجھن جيڪو مَسئلو، ظاهر ٿيو ضرور، نِيا نبيري تنهن ۾، نبي نِرمل نور، پوءِ ورِي سندن وجود ۾، نه ڀائـِن ڪَس قصور، ۽ ڪن منظور ئـِي منظور، بنا خطري، خاطري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ڏس) تنهنجو رب شاهد آهي ته اهي ڪڏهن به مومن نٿا ٿي سگهن، جيسين توکان پنهنجي وچ ۾ ٿيل جهڳڙن جو فيصلو نه ڪرائين ۽ پوءِ تنهنجي فيصلي کان سندن اندر ۾ تنگي نه ٿئي ۽ ان کي پوريءَ خوشيءَ سان قبول ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه، اي محمد، تنهنجي رب جو قسم، اهي تيستائين مؤمن ٿي ئي نٿا سگهن، جيستائين توکي پنهنجن تڪرارن جو فيصلو ڪندڙ ڪري نه مڃين، پوءِ جيڪو به تون فيصلو ڪرين ان تي پنهنجي دلين ۾ به ڪو بار محسوس نه ڪن، بلڪه پوريءَ طرح ڪنڌ جهڪائي ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي محمد!) تنهنجي رب جو قسم! هي مؤمن ڪڏهن به ٿي نٿا سگهن، جيستائين پنهنجن جهيڙن ۾ توکي فيصلي ڪرڻ وارو نه مڃن، پوءِ جيڪو تون فيصلو ڪرين، ان تي هو پنهنجي دلين۾ تنگي محسوس نه ڪن، پر ان کي قبولين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر معاملو رڳو ايترو نه آهي، اي محمد ﷺ!) قسم آهي تنھنجي رَبَّ جو! ته هي ماڻهو ڪڏهن به مؤمن نٿا ٿي سگهن، جيستائين هو پنھنجي سمورن جهڳڙن (۽ مسئلن) جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار توکي نه ڏين ۽ وري تنھنجي ٻڌايل فيصلي تي ڪا به ٻِڙڪ نه ڪڍن ۽ اکيون ٻوٽي ان کي دل سان نه تسليم ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنّا كَتَبنا عَلَيهِم أَنِ اقتُلوا أَنفُسَكُم أَوِ اخرُجوا مِن دِيٰرِكُم ما فَعَلوهُ إِلّا قَليلٌ مِنهُم وَلَو أَنَّهُم فَعَلوا ما يوعَظونَ بِهِ لَكانَ خَيرًا لَهُم وَأَشَدَّ تَثبيتًا (آيت : 66) |
۽ جيڪڏھن اسين مٿن لازم ڪريون ھا ته اوھين پاڻ کي ڪُھو يا پنھنجن ديسن مان نڪرو ته منجھانئن ٿورڙن کانسواءِ (ٻِيا) اُھو نه ڪن ھا، ۽ جيڪا نصيحت ڪئي وين تنھن موجب جيڪڏھن اُھي ڪم ڪن ھا ته اُنھن لاءِ ضرور ڀلو ۽ (ايمان کي) زيادہ پڪي ڪرڻ وارو ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن ماڻهن کي حڪم ڏيون ها ته پاڻ کي قتل ڪيو (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿي جانيون قربان ڪيو) يا حڪم ڏيون ها ته پنهنجي گهرن مان (هجرت ڪري) ٻاهر نڪري پئو ته، ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا ان حڪم جي تعميل ڪونه ڪن ها، ۽ (سچ هي آهي ته) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ان تي جيڪڏهن عمل ڪن ها ته هنن جي لاءِ وڏي چڱائي به ٿئي ها ۽ (حق جي راه تي) پوريءَ طرح ثابت قدم به رهن ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن تي فرض ڪريون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو يا پنهنجا گھر ٻار ڇڏي ٻاهر نڪرو ته انهن مان ٿورڙا ايئن ڪن ها، جيڪڏهن بيشڪ اهي ايئن ڪن ها جيڪا کين نصيحت ڪئي وئي ته يقينن اهو ڏينهن انهن لاءِ بهتر هو ۽ دين تي ثابت قدم رهڻ هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسلامي آسان شريعت ۾ ته سندن اهو حال آهي) جيڪڏهن اسين بني اسرائيل وانگر کين اهو حڪم ڪريون ٿا ته: اوهين پنهنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڪهي ڇڏيو يا شهر بدر ٿي وڃو ته انهن مان سواءِ ڪن ٿورن جي هي ماڻهو ته ڪين ڪن ٿا. جيڪڏهن هي ماڻهو ان ڳالھ تي عمل ڪن ٿا جنهن جي کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سندن حق ۾ ڏاڍو سٺو ٿئي ها ۽ (دين ۾ به) ڏاڍا پختا رهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق اسان فرض ڪيون ها انهن تي ته ڪهو پنهنجي پاڻ کي يا نڪرو پنهنجن گهرن مان ته نه ڪن ها اهو مگر ٿورا انهن مان ۽ جيڪڏهن تحقيق اهي ڪن ها اهو ڪم جو نصيحت ٿا ڪيا وڃن ان سان ته البته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ ۽ وڌيڪ ثابت رکڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين مٿن لازم ڪريون ها ته اوهين پاڻ کي قتل ڪريو يا پنهنجن گهرن مان نڪرو ته انهن مان ٿورن کانسواءِ ٻيا اهو نه ڪن ها ۽ کين جيڪا نصيحت ڪئي وڃي ٿي تنهن تي جيڪڏهن عمل ڪن ها ته انهن لاءِ گهڻو چڱو ۽ (سندن ايمان کي) زياده مضبوط رکڻ وارو هو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان انهن تي فرض ڪيون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪيو يا پنهنجي گهرن مان نڪرو ته انهن مان تمام ٿورڙا ئي ائين ڪن ها. ۽ جيڪڏهن اُهي ائين ڪن ها جيئن انهن کي نصيحت پئي ڪئي وئي ته اهو انهن لاءِ ڀلو هيو ۽ تمام گهڻو ثابت قدم رکڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مٿن لِکون ها، ته لڙو پنهنجا، پنهنجن ساڻ، يا پنهنجي هَنڌن هُجرن کان، هِجرت ڪريو هاڻ، ته پاريون ڪينَ پاڻ، ڪن ڳاڻ ڳڻين ري، ڳالهڙِي. ۽ ڪيائون ڪم جيڪر، جو آڇيو وڃي اُنهن کي، هونِ ڀلو هيڪر، پڻ پُختو پير کوڙ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اسين انهن کي حڪم ڏيون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو، يا پنهنجن گهرن مان نڪري ٻاهر ٿيو، ته انهن مان ٿورائي ايئن ڪن ها. جيڪڏهن اُهي کين ڪيل نصيحت تي عمل ڪن ها ته انهن لاءِ بهتر هو ۽ (دين ۾) وڌيڪ مضبوط ڪرڻ وارو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اسان کين حڪم ڏنو هجي ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو يا پنهنجن گهرن مان نڪري وڃو ته انهن مان ڪي ٿورڙا ئي ان تي عمل ڪن ها، حالانڪه جيڪا نصيحت کين ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن هي ان تي عمل ڪن ها ته اهو انهن لاءِ وڌيڪ ڀلو هو ۽ وڌيڪ ثابت قدميءَ جو ڪارڻ به بڻجي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪر اسان انهن کي حڪم ڏيون ها ته پنهنجو پاڻ کي قتل ڪريو يا نڪري وڃو پنهنجي گهرن مان ته ڪي ٿورا ماڻهو انهن مان ان تي عمل ڪن ها، جڏهن ته انهن کي ڪئي پئي وڃي جيڪا نصيحت، جي هي ان تي عمل ڪن ها ته اها انهن جي لاءِ چڱائي ۽ وڌيڪ ثابت قدمي جو سبب بڻجي ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان جيڪڏهن انهن کي پاڻ کي قتل ڪرڻ ۽ پنھنجي گهرن مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڪريون ها، ته اهڙي حڪم تي سواءِ ٿورڙن جي ڪو به عمل نه ڪري ها، کين جيڪا نصيحت ڪئي وڃي ٿي، جيڪڏهن هو ان تي (دل سان) عمل ڪن ها، ته انهن لاءِ (اهو عمل) تمام سٺو ۽ سندن ايمان کي مضبوط رکڻ وارو هجي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذًا لَءاتَينٰهُم مِن لَدُنّا أَجرًا عَظيمًا (آيت : 67) |
۽ انھيءَ وقت پاڻ وٽان وڏو اجر کين ضرور ڏيون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان صورت ۾ اسان ضرور پنهنجي طرفان (سندن عملن جي بدلي ۾) تمام وڏو اجر عطا ڪيون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ايئن هجي ها ته ضرور اسان انهن کي پنهنجي طرفان اجر عظيم عطا فرمايون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ ان صورت ۾ اسين به پنهنجي طرفان ضرور تمام سٺو عوض ڏيون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان وقت ڏيون ها انهن کي پاڻ وٽان ثواب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان وقت پاڻ وٽان کين ضرور وڏو اجر ڏيون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان وقت اسان به انهن کي پاڻ وٽان وڏو اجر عطا ڪيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تڏهن ته ڪر، تن کي بخشيو سون بيشڪ، وَٽابو وڏو گھڻو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان وقت اسين کين پاڻ وٽان وڏو ثواب به عطا ڪريون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن هو ائين ڪن ها ته اسان کين پنهنجي طرفان تمام وڏو اجر ڏيون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن هي ائين ڪن ها ته اسان انهن کي عطا ڪريون ها پنهنجي طرفان وڏو اجر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هو ايئن ڪن ها ته اسان کين پنھنجي طرف کان وڏو اجر به ڏيون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَهَدَينٰهُم صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 68) |
۽ ضرور کين سڌي واٽ وٺايون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کين (سعادت واري) سڌيءَ واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي ضرور سڌي رستي تي هلايون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين سڌي گس جو به ڏس ڏيون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ڏيکاريون ها انهن کي واٽ سڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽انهن کي ضرور سڌو رستو ڏيکاريون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ضرور انهن کي سڌي واٽ تي هلايون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پنهنجي پاران پَڪ، ۽ سڀ لنگھائي لَڪ، سُهائيسونِ راه سنئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کي سڌو رستو به ڏيکاريون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کين سڌو رستو ڏيکاري ڇڏيون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي سڌي راهه ڏيکاريون ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ کين سڌو رستو به ڏيکاريون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَالرَّسولَ فَأُولٰئِكَ مَعَ الَّذينَ أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِم مِنَ النَّبِيّۦنَ وَالصِّدّيقينَ وَالشُّهَداءِ وَالصّٰلِحينَ وَحَسُنَ أُولٰئِكَ رَفيقًا (آيت : 69) |
۽ جيڪي الله ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪندا سي انھن سان گڏ رھندڙ آھن جن تي الله فضل ڪيو آھي (يعني) پيغمبر ۽ صديق ۽ شھيد ۽ صالح، ۽ اُھي چڱا سنگتي آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري سو ضرور انهن ڀلارن سان گڏ هوندو جن تي الله تعاليٰ پنهنجون نعمتون ڪيون، اهي (ڀلارا) آهن، نبي، صديق، شهيد ۽ صالح. ۽ (جن جا سنگتي اهڙا ماڻهو آهن) تن جا اهي سنگتي ڪهڙا نه سٺا سنگتي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جو حڪم مڃي ٿو پوءِ اهو انهن ماڻهن سان گڏ هوندو جن تي الله تعالى نعمت ڪئي (يعنى) نبين سان ۽ صديقن سان ۽ شهيدن سان ۽ صالحين سان، ۽ اهي بهترين دوست آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص خدا ۽ رسول جي تابعداري ڪئي ته اهڙا ئي ماڻهو انهن (مقبول) انسانن سان هوندا، جن کي خدا پنهنجيون نعمتون عطا ڪيون آهن، يعني انبياء ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالح ۽ اهي انسان ڪهڙا نه سٺا رفيق آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله ۽ رسول جي پوءِ اهي انهن سان گڏ هوندا جو نعمت ڪئي الله انهن تي نبين ۽ صديقن ۽ شهيدن ۽ صالحن مان ۽ سهڻا آهن اهي رفيق .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله ۽ رسول جي تابعداري ڪندا سي انهن سان گڏ ٿيندا جن تي الله نعمت ڪئي آهي، (جي) نبي، صديق، شهيد ۽ صالح ( آهن) ۽ اهي چڱا رفيق آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪري ته اُهي انهن ماڻهن سان گڏ هوندا جن جي مٿان الله انعام ڪيو آهي جي نبين ۽ صديقن ۽ شهيدن ۽ صالحن مان آهن ۽ اهي ڪهڙا نه سٺا ساٿي آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن ربَّ ۽ رسول جا، آندا بجا اَحڪام، اُهي بيشڪ، ڀيڙا تن سان، جن تي الله ڪئـِي اِنعام، نبين، سچن ۽ شهيدن سان، ۽ نيڪن نيڪ نام، ۽ تَڙتائين توڙ تمام، اُهي ساٿِي ڏاڍا سهڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي الله ۽ سندس رسول جو حڪم مڃيندا، اُهي انهن جا ساٿي آهن، جن تي الله انعام ڪيو. اُهي نبي، صديق، شهيد ۽ نيڪ بخت آهن ۽ انهن جي سنگت ڪهڙي نه چڱي آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله ۽ رسول جي اطاعت ڪندا، اهي انهن ماڻهن سان گڏ هوندا جن تي الله انعام ڪيو آهي، يعني نبي سڳورا ۽ صديق ۽ شهيد ۽ صالح، ڪهڙا نه ڀلا آهن اهي سنگتي جيڪي ڪنهن کي ملي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو فرمانبرداري ڪندو الله ۽ رسول جي، اهو انهن ماڻهن سان گڏ هوندو جن تي الله انعام ڪيو آهي يعني (سارا) نبي، (سارا) صديق ۽ (سارا) شهيد، ۽ (سڀ) صالح، هي ڪهڙا نه سٺا آهن جي ڪن کي ملي وڃن رفيق.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪندا، ته اهي (قيامت جي ڏينھن) اهڙن ماڻهن سان گڏ هوندا، جن تي الله تعالى (خاص) انعام فرمايو آهي، (يعني) نبي سڳورا، صدِّيق، شھيد ۽ نيڪ ماڻهو، هي سڀ ڪيڏا نه بھترين دوست آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ الفَضلُ مِنَ اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ عَليمًا (آيت : 70) |
اِھو فضل الله جي طرفان آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو فضل الله جي طرفان آهي ۽ (انسان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ) الله جو علم بلڪل ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها الله تعالى جي طرفان ڀلائي آهي، ۽ الله تعالى ڪافي آهي علم رکندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو خدا جو فضل (۽ ڪرم) آهي ۽ خدا ته واقفڪاريءَ ۾ بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اها مهرباني آهي الله جي طرفان ۽ ڪافي آهي الله ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو فضل الله جي طرفان آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو فضل الله جي پاران آهي. ۽ الله ڄاڻڻ وارو ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي وڙ واحد جا، آهن وڏا وه واه!! ۽ آهي بس الله، سَمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها مهرباني الله جي طرف کان آهي ۽ (ان لاءِ) الله جو علم ڪافي آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي سچو پچو فضل آهي، جيڪو الله وٽان ملندو آهي ۽ حقيقت ڄاڻڻ لاءِ بس الله جو علم ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي سچو پچو فضل آهي جيڪو الله کان ملي ٿو ۽ ڪافي آهي علم الله کان ئي ڄاڻڻ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها الله تعالى جي طرفان خاص مھرباني آهي ۽ الله تعالى کي ئي هر شيءِ جو صحيح علم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا خُذوا حِذرَكُم فَانفِروا ثُباتٍ أَوِ انفِروا جَميعًا (آيت : 71) |
اي ايمان وارؤ پنھنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ لڙائيءَ لاءِ ٽولي ٽولي ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! پنهنجي حفاظت ۽ تياريءَ ۾ لڳا رهو، پوءِ (جڏهن ضرورت پوي تڏهن دشمن جي مقابلي لاءِ نڪرو) جدا جدا ٽولين ۾ نڪرو يا گڏجي لشڪر ڪري نڪرو (جيئن مناسب سمجهو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان ڌيان سان پنهنجا هٿيار کڻو پوءِ دشمنن ڏانهن ٿورا ٿورا ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! (جهاد وقت) پنهنجي حفاظت (جا ذريعا) چڱي طرح ڏسي ڇڏيو. پوءِ (اوهان کي اختيار آهي) چاهي دسته دسته ٿي نڪرو يا سڀئي ڪٺا ٿي نڪري پئو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! وٺو بچاءُ پنهنجو پوءِ نڪرو ٽولا ٽولا ٿي يا نڪرو گڏجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايمان وارؤ! پنهنجو بچاءُ (هٿيار وغيره) وٺو، پوءِ جماعتون جماعتون ٿي (جنگ ڪرڻ لاءِ) نڪرو يا گڏجي نڪرو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! پنهنجي بچاءُ جو سامان وٺو پوءِ (جهاد لاءِ) ٽولا ٽولا ٿي نڪرو يا گڏجي نڪرو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اُهي جن مڃيو! هٿ ۾ رکيو هٿيار، پوءِ هلو ڌارو ڌار ٿي، يا ڪٺٖي ڪُل قطار، ۽ ڪن پيا دير مدار، ڪي اَسارا اوهان منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! پنهنجي بچاءَ جو سامان کڻي، پوءِ جدا فوجن ۾ ٿي نڪرو يا سڀئي گڏجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! هر وقت مقابلي لاءِ تيار رهو، پوءِ موقعي آهر جدا جدا جٿن جي شڪل ۾ نڪرو يا گڏجي نڪرو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، تيار رهو مقابلي جي لاءِ، پوءِ جهڙو به موقعو هجي ڌار جٿن جي صورت ۾ يا گڏجي نڪرو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! (دشمن جي مقابلي لاءِ) هر وقت جنگي سامان تيار رکو، پوءِ ٽولا ٽولا ٿي (ڳجها حملا ڪرڻ لاءِ) نڪرو يا (باقاعده منظم جنگي ويڙهاڪن جي صورت ۾) گڏجي نڪرو (بھرحال جيئن به توهان کي موقعو ملي، نڪري پئو). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ مِنكُم لَمَن لَيُبَطِّئَنَّ فَإِن أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قالَ قَد أَنعَمَ اللَّهُ عَلَىَّ إِذ لَم أَكُن مَعَهُم شَهيدًا (آيت : 72) |
۽ بيشڪ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو (ڄاڻي واڻي) دير ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن اوھان کي ڪو اھنج پھچندو ته چوندو آھي ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو (آءٌ) ساڻن نه حاضر ھوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو توهان ۾ ڪو ڪو ماڻهو اهڙو به آهي جو (جنگ جي سڏ ٿيڻ تي) پٺتي هٽي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن (لڙائيءَ ۾) اوهان تي ڪا تڪليف اچي وڃي ته (خوش ٿئي ٿو ۽) چوي ٿو ته، خدا مون تي وڏو احسان ڪيو جو مان انهن سان نه هوس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي دير ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته چوي ٿو ته بيشڪ الله مون تي احسان ڪيو جو انهيءَ وقت آئون انهن سان گڏ موجود نه هيس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان مان ڪي اهڙا به آهن جي (جهاد کان) ضرور لهرائيندا پوءِجيڪڏهن (اتفاق سان) اوهان تي ڪا تڪليف ٿي ته چوڻ لڳا ته خدا اسان تي وڏو ڪرم ڪيو جو آءُ انهن (مسلمانن) سان گڏ نه ويس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اوهان مان البته اهو به آهي جو ضرور دير ڪندو پوءِ جيڪڏهن پهتي اوهان کي ڪا مصيبت ته چوندو تحقق نعمت ڪئي الله مون تي جونه هيس انهن سان گڏ حاضر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو دير ڪندو پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پهچندي ته چوندو ته بيشڪ الله مون تي فضل ڪيو جو آءُ انهن ساڻ حاضر نه هوس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو ضرور (جهاد لاءِ نڪرڻ ۾ )دير ڪري ٿو. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪا مصيبت پهچي ٿي ته چوي ٿو ته: ”مون تي الله انعام ڪيو جو آءُ انهن سان گڏ حاضر نه هيس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي پهتو ڏُ ک اوهان کي، ته چيائون اِهڙِي چال، ته مون تي ڀلي ڪيا ڀال، ته حاضر نه هُئس اُن هَنڌَ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان مان ڪو اهڙو به آهي جو (ڄاڻي ٻجهي) دير لڳائي ٿو ۽ پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪا مصيبت پهچي ٿي، ته (خوش ٿي)* چوي ٿو ته ”الله مون تي مهرباني ڪئي، جو آءٌ انهن ۾ حاضر نه هوس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ها، توهان ۾ ڪو ڪو ماڻهو اهڙو به آهي، جيڪو وڙهڻ کان لنوائي ٿو. جيڪڏهن توهان تي ڪا مصيبت اچي پوي ٿي ته چوي ٿو ته الله مون تي وڏو فضل ڪيو جو مان انهن سان گڏ نه ويس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ توهان ۾ ڪو اهڙو به ماڻهو آهي جيڪو جنگ کان ڪيٻائي ٿو، جي توهان تي ڪا مصيبت اچي ٿي، چوي ٿو مون تي وڏو فضل ڪيو الله، جو آئون انهن سان گڏ ڪونه ويو هئس.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (خبردار!) بيشڪ توهان مان ڪو ماڻهو اهڙو به آهي، جيڪو (جنگ کان ڄاڻي واڻي) نٽائي ٿو، پوءِ جيڪڏهن توهان کي جنگ ۾ ڪا تڪليف اچي وڃي، ته هو (دل ۾ خوش ٿيندي) چوندو ته الله تعالى جي وڏي مھرباني جو مان انهن سان گڏ شامل نه هئس، نه ته مان به انهن سان گڏ تڪليف ۾ اچي وڃان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن أَصٰبَكُم فَضلٌ مِنَ اللَّهِ لَيَقولَنَّ كَأَن لَم تَكُن بَينَكُم وَبَينَهُ مَوَدَّةٌ يٰلَيتَنى كُنتُ مَعَهُم فَأَفوزَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 73) |
۽ جيڪڏھن الله (جي پار) کان ڪو احسان اوھان کي پھچي ته (انھيءَ وانگر جو) ڄڻ ته اوھان جي ۽ سندس وچ ۾ دوستي نه ھئي ضرور چوندو آھي ته مون کي ارمان آھي جيڪر ساڻن ھجان ھا ته وڏي مراد ماڻيان ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان تي خدا جو فضل ٿئي ٿو ته (حسد ۽ ساڙ ۾) چوي ٿو، ڄڻ ته توهان جي ۽ هن جي وچ ۾ محبت جو ڪو تعلق ئي ڪونهي، ته ”هاءِ هاءِ! جيڪر انهن ماڻهن سان گڏ هجان ها ته ڪيڏ نه وڏو فائدو حاصل ڪيان ها“!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان کي مالِ غنيمت ملي ٿو ته گويا ڪه توهان جي پاڻ ۾ ڪا دوستي ڪانه هئي (چوي ٿو) افسوس ! آئون انهن سان گڏ هجان ها پوءِ وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن اوهان تي خدا فضل ڪيو (۽ دشمن تي غالب ٿيا) ته اهڙي طرح اجنبي بنجي ويا، ڄڻ ته اوهان ۽ ان ۾ ڪا محبت ئي ڪين هئي. هيئن چوڻ لڳو ته: هاءُ! آءُ به انهن سان هجان ها ته مان به وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پهتي اوهان کي مهرباني الله جي طرفان ته البته ضرور چوندو ڄڻ ته نه هئي اوهان ۽ انجي وچ ۾ ڪا دوستي هاء جيڪڏهن هجان ها گڏ انهن سان پوءِ ڪامياب ٿيان ها ڪاميابي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله جي طرفان اوهان کي ڪا ڀلائي پهچندي ته هوڏانهن ڄڻ ته اوهان جي وچ ۾ ۽ ان جي وچ ۾ ڪا دوستي نه هئي، ته چوندو ته جيڪر آءُ انهن سان گڏ هجان ها ته مون کي وڏي ڪاميابي نصيب ٿئي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان کي الله جي پاران ڪو فضل ملي پوي ته ضرور چوندو ته ڄڻڪ اوهان جي ۽ ان جي وچ ۾ ڪا دوستي نه هئي ”هائو جي آءُ به انهن سان گڏ هجان ها ته آءُ به وڏي ڪاميابي ماڻيان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڀلي اوهان تي ڀال ڪيا، ته چوندا اهڙي چال، ڪر اوهان ۽ اُن وچ ۾، نه هو لاڳاپو لال!، هوند هئس تن نال، ته ورتم وٽابو ڪو وڏو!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله اوهان تي فضل ڪري ٿو ته چوي ٿو ۽ ائين چوي ٿو ڄڻ ته توهان جي ۽ ان جي وچ ۾ ڪا دوستي نه هئي. ته ”جيڪر آءٌ به انهن سان هجان ها ته وڏي ڪاميابي حاصل ڪريان ها!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن الله جي طرفان توهان تي فضل ٿئي ٿو ته چوي ٿو ــ ۽ ائين چوي ٿو ڄڻڪ توهان جي ۽ سندس وچ ۾ محبت جو ته ڪو تعلق هيو ئي ڪونه. ته "جيڪر مان به انهن سان گڏ هجان ها ته ڏاڍو ڪم ٺهي پوي ها" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن توهان تي ڪو فضل ٿئي ٿو الله جي طرف کان ته چوي ٿو، ڄڻ ته توهان ۽ ان جي وچ ۾ محبت جو ڪو تعلق ئي نه هو، ته افسوس! آئون به انهن سان گڏ هجان ها، ته ٿي پوي ها ڪو وڏو ڪم.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن توهان کي (جنگ دوران) الله تعالى جي طرفان ڪا مھرباني حاصل ٿئي، ته (دل ۾ ڦڪو ٿي) ضرور چوندو ته، لڳي ايئن ٿو ته توهان ۽ هن جي وچ ۾ ڪي لاڳاپا ئي نه آهن. ڪاش! (هي مسلمان مون تي ٿورو زور ڀرين ها ته) مان به انهن سان گڏ هجان ها، پوءِ مان به وڏي (۽ حقيقي) ڪاميابي حاصل ڪريان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَليُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ الَّذينَ يَشرونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا بِالءاخِرَةِ وَمَن يُقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ فَيُقتَل أَو يَغلِب فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 74) |
پوءِ اُنھن (مؤمنن) کي جڳائي ته الله جي واٽ ۾ وڙھن جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت سان وڪڻندا آھن، ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙھندو پوءِ ماريو ويو يا غالب ٿيو تنھن کي وڏو اجر سگھوئي ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جن ماڻهن آخرت جي نعمتن لاءِ دنيا جي زندگي (الله وٽ) وڪڻي ڇڏي آهي تن کي گهرجي ته (اهڙن منافقن وانگر جهاد کان نه ٽهن ۽) الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ جنگ ٿو ڪري سو قتل ٿي وڃي يا غالب پوي (هر حال ۾) اسان کيس وڏو اجر ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي الله جي واٽ ۾ وڙهڻ گھرجي ها جيڪي آخرت جي عيوض دنيا جي حياتي وڪڻن ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد ڪري ٿو پوءِ شهيد ٿئي ٿو يا فاتح ٿئي ٿو پوءِ اسين ان کي جلدي وڏو ثواب ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جي ماڻهو دنيا جي زندگي (سر تائين) آخرت جي لاءِ ڏيڻ لاءِ حاضر آهن، انهن کي خدا جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ گهرجي. ۽ جنهن خدا جي راھ ۾ جهاد ڪيو ۽ شهيد ٿيو يا غالب آيو ته (بهرحال) اسين ته جلد ئي ان کي تمام وڏو اجر عطا فرمائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گهرجي ته جنگ ڪن الله جي واٽ ۾ اهي جو وڪڻن ٿا حياتي دنيا واري عوض آخرت جي ۽ جيڪو جنگ ڪري ٿو الله جي واٽ ۾ پوءِ ڪٺو ٿو وڃي يا غالب ٿو اچي جلدي ڏينداسون ان کي ثواب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي بدلي ۾ وڪڻن ٿا تن کي گهرجي ته الله جي رستي ۾ جنگ ڪن. ۽ جيڪو الله جي رستي ۾ جنگ ڪندو، پوءِ مارجي ويندو يا غالب ٿيندو، تنهن کي وڏو اجر ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن (مؤمنن) کي الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ گھرجي جن پنهنجي دنيا جي زندگي آخرت جي عيوض ۾ وڪڻي ڇڏي آهي. ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ لڙائي ڪندو پوءِ پاڻ قتل ٿي وڃي يا غالب ٿئي پوءِ جلد اسان کيس زبردست اجر عطا ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَر لڙن ربَّ جي راه ۾، مانجھي منجھ ميدان، جي وڪڻن آخرت تي، دُنيا دم گُذران، پوءِ جيڪو ربَّ جي راه ۾، ڪري جنگ جوان، پوءِ ڪُهي پاڻ ڪافرين، يا ڪُسِي ٿئي قربان، ڏينداسون ڏان، ڪو وڏو اجورو ان کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنڪري انهن ماڻهن کي، جي دنيا جي زندگي کي آخرت جي بدلي ۾ وڪڻن ٿا، الله جي راهه ۾ وڙهڻ گهرجي ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وڙهي پوءِ شهيد يا غالب ٿيندو، ته اسين جلد ئي ان کي وڏو اجر ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهڙن ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته) الله جي واٽ ۾ وڙهڻ گهرجي انهن ماڻهن کي جيڪي آخرت جي عيوض دنيا جي زندگي وڪڻي ٿا ڇڏين، پوءِ جيڪو الله جي راهه ۾ لڙندو ۽ مارجي ويندو يا سوڀارو ٿيندو، تنهن کي اسان ضرور تمام وڏو اجر عطا ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهڙن ماڻهن کي) معلوم هجي ته (الله جي راهه ۾) لڙڻ گهرجي انهن ماڻهن کي جيڪي آخرت جي بدلي ۾ دنيا جي زندگي وڪڻي ڇڏين ۽ جيڪو لڙندو الله جي راهه ۾ يا ماريو ويندو يا غالب ٿيندو، ان کي ضرور اسان عطا ڪنداسين وڏو اجر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) الله تعالى جي راهه ۾ جنگ ڪرڻ ته انهن ماڻهن کي جڳائي، جيڪي آخرت جي زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا جي زندگيءَ کي وڪڻن ٿا، پوءِ الله تعالى جي راهه ۾ وڙهندي جيڪو شھيد ٿي وڃي، يا فتح حاصل ڪري ته اسان کيس فوراً وڏو اجر عطا ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لَكُم لا تُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا أَخرِجنا مِن هٰذِهِ القَريَةِ الظّالِمِ أَهلُها وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ وَلِيًّا وَاجعَل لَنا مِن لَدُنكَ نَصيرًا (آيت : 75) |
۽ (اي مسلمانؤ) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙھو؟ حالانڪ ھيڻن مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان اُھي آھن جي چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار ھن شھر مان جنھن جا رھاڪو ظالم آھن اسان کي (ٻاھر) ڪڍ، ۽ پاڻ وٽان اسان جو (ڪو) سنڀاليندڙ ڪر، ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (مسلمانو) توهان ڇو نه ٿا الله جي راهه ۾ جنگ ڪيو، جڏهن ته ڪيترائي ويچارا ، بيوس مرد ۽ عورتون ۽ ٻار آهن جي (ظالمن جي ظلم کان تنگ ٿي) فرياد ڪري رهيا آهن ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي هن شهر مان، جنهن جا ماڻهو (اسان تي) ظلم ڪري رهيا آهن، اسان کي سلامت ٻاهر ڪڍ. (يعني مڪي مان ڇڏاءِ) ۽ پنهنجي طرف کان اسان جي لاءِ ڪو حفاظت ڪندڙ بناءِ ۽ ڪو مددگار اسان ڏي موڪل.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله تعالى جي واٽ ۾ جهاد نٿا ڪريو ۽ ڪمزور مرد ۽ ڪمزور عورتون ۽ ٻار هيءَ دعا گھرن پيا اي اسان جا رب اسان کي هن ڳوٺ (مڪه) مان ٻاهر ڪڍ جنهنجا ماڻهو ظالم آهن، ۽ اسان کي پنهنجي طرفان ڪو حمايتي عطا ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي طرفان ڪو (بهترين) مددگار عطا ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اي مسلمانو!) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو خدا جي راھ ۾ انهن ضعيف بيوس مردن ۽ عورتن ۽ ٻارڙن (کي ڪافرن جي پنهنجي مان ڇڏائڻ) لاءِ جهاد نه ٿا ڪريو جي (ويچارا لاچاري جي حالت ۾) خدا کان دعائون گهري رهيا آهن ته: اي اسان جا پالڻهار! ڪنهن طرح به هن ڳوٺ (مڪي) مان جنهن جا رهاڪو ڏاڍا ظالم آهن اسان کي ڪڍ. پنهنجي طرفان ڪنهن کي اسان جو سرپرست بڻاءِ ۽ تون خود ئي ڪنهن کي پنهنجي طرفان اسان جو مددگار مقرر ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي اوهان کي جو نه ٿا جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ ۽ ضعيفن جا لاءِ مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! ڪڍ اسان کي هن ڳوٺ مان جو ظلم ڪندڙ آهن رهاڪو ان جا ۽ بڻاءِ اسان جي لاءِ پاڻ وٽان ڪو دوست ۽ بڻاءِ اسان جي لاءِ پاڻ وٽآن ڪو مددگار، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي مسلمانو !) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي رستي ۾ ۽ انهن ضعيف مردن ۽ زالن ۽ ٻارن (کي ڇڏائڻ) لاءِ جنگ نه ٿا ڪريو جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان کي هن شهر مان (ٻاهر) ڪڍ، جنهن جا رهاڪو ظالم آهن. ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو دوست مقرر ڪر! ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو مددگار مقرر ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو الله جي راهه ۾ لڙائي نه ٿا ڪيو! حالانڪه ڪمزور مرد ۽ زالون ۽ ٻارڙا چون ٿا ته: ”اي اسان جا مالڪ! اسان کي هن ڳوٺ مان ڪڍ جنهن جا رهواسي ظالم آهن، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ وٽان ڪو ڪارساز بناءِ ۽ پاڻ وٽان اسان لاءِ ڪو مددگار بناءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇا اٿان؟ ربَّ جي راه ۾، جنگ نه ڏيو جونجھار!، آجائـِي لئي اَجِيتڙين جي، مرد، ٻايون، ٻار، جي چون، سانيم!، هِن شهر مان، ڪڍ اسان کي ٻهار، ساڪن جنهن شهر جا، هرگز هاڃيڪار، ۽ ڪر اسان جا، پاڻ وٽان، سانيم! سنڀاليندار، ۽ موڪل مددگار، پرور پنهنجي پار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (مسلمانو) اوهان کي ڇا ٿيو آهي، جو الله جي واٽ ۾ نٿا وڙهو؟ جڏهن بيوس مرد، زالون ۽ ٻار چئي رهيا آهن ”اي اسان جا رب! اسان کي هن شهر مان ڪڍ، جنهن جا ماڻهو ظلم ڪري رهيا آهن، پنهنجي طرفان ڪو اسان جو ڪارساز بڻاءِ ۽ ڪنهن کي پنهنجي طرفان اسان جي مدد لاءِ کڙو ڪر!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخر ڪهڙي سببان توهان الله جي راهه ۾ انهن بيوس (۽ لاچار) مردن، عورتن ۽ ٻارڙن خاطر نٿا وڙهو، جيڪي ڪمزور هئڻ سبب دٻايا ويا آهن ۽ ٻاڏائن ٿا ته "اي اسان جا رب! اسان کي هن شهر مان ڪڍ جنهن جا رهاڪو ظالم آهن ۽ پاڻ وٽان اسان جو ڪو واهرو ۽ مددگار پيدا ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ڪهڙو سبب آهي جو توهان نٿا وڙهو الله جي راهه ۾ ۽ بيوس مردن، عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ ڪن کي ڪمزور سمجهي دٻايو ويو آهي ۽ هو پڪاري رهيا آهن ته اي اسان جا خدا! اسان کي ڪڍ هن ڳوٺ مان، جنهن جا ظالم آهن باشندا، ۽ اسان جي لاءِ پنهنجي طرفان ڪو حامي بناءِ ۽ ڪو مددگار پئدا ڪر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڀلا) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو الله تعالى جي راهه ۾ انهن ڪمزور مردن، عورتن ۽ ٻارن لاءِ نٿا وِڙهو، جيڪي ويچارا فرياد ڪري رهيا آهن، ته اي اسان جا رَبَّ! اسان کي هن شھر مان ڪڍ، جنھن جا رهندڙ ظالم آهن، اسان جي لاءِ پنھنجي طرفان ڪو حمايت ڪندڙ ۽ مددگار پيدا ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ ءامَنوا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ اللَّهِ وَالَّذينَ كَفَروا يُقٰتِلونَ فى سَبيلِ الطّٰغوتِ فَقٰتِلوا أَولِياءَ الشَّيطٰنِ إِنَّ كَيدَ الشَّيطٰنِ كانَ ضَعيفًا (آيت : 76) |
جيڪي مؤمن آھن سي الله جي واٽ ۾ وڙھندا آھن، ۽ جيڪي ڪافر آھن سي شيطان جي واٽ ۾ وڙھندا آھن تنھنڪري شيطان جي ساٿين کي ماريو، ڇوته شيطان جي ٺڳي ھيڻي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي ماڻهو ايمان رکن ٿا سي الله جي راهه ۾ لڙن ٿا (حق ۽ انصاف لاءِ، نه ڪه پنهنجي نفساني خواهشن لاءِ) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي طاغوت (شيطانيت) جي راهه ۾ لڙن ٿا. سو (جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو ته) شيطان جي مددگارن سان لڙو (218). (انهن جي طاقت ۽ گهڻائين جي پرواهه نه ڪريو) شيطان جو مڪر يا عملي تجويز (ظاهري ڪيتري به مضبوط هجي پر حق جي مقابلي ۾) بيشڪ ضعيف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪن ماڻهن ايمان آڻي الله تعالى جي راه ۾ جهاد ڪيو، ۽ ڪن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ شيطان جي واٽ ۾ وڙهيا، پوءِ توهان اي مؤمنو شيطان جي دوستن کي قتل ڪريو، بيشڪ شيطان جي رٿ تمام ڪمزور آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ ڏسو ته) ايمان وارا ته خدا جي راھ ۾ وڙهن ٿا ۽ ڪافر وري شيطاني راھ ۾ وڙهي مرندا آهن. پوءِ (مسلمانو!) اوهين شيطاني چيلن سان وڙهو (۽ ڪجھ پرواھ نه ڪريو) ڇو ته شيطان جو داوَ ته تمام ڪمزور آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ايمان آندو جنگ ٿا ڪن الله جي واٽ ۾ ۽ جن ڪفر ڪيو جنگ ڪن ٿا شر واريءَ قوت جي واٽ ۾ پوءِ وڙهو دوستن شيطان جي سان بيشڪ شيطان جي چال آهي ڪمزور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايمان وارا الله جي رستي ۾ جنگ ڪن ٿا، ۽ ڪافر شيطان جي رستي ۾ جنگ ڪن ٿا. پوءِ اوهين شيطان جي دوستن سان جنگ ڪريو. بيشڪ شيطان جي تدبير ڪمزور آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن ايمان آندو سي الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ٿا ۽ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي شيطان جي واٽ ۾ وڙهن ٿا پوءِ (اي مؤمنو!) اوهان شيطان جي دوستن سان وڙهو، بلاشڪ شيطان جو مَڪَرُ نهايت ڪمزور آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندو جن ايمان، سي لڙن ربَّ جي راه ۾، ۽ وِڙهن واٽ ڪُواٽ ۾، جي ڦريا کان فرمان، پوءِ ساٿين کي شيطان جي، ماريو منجھ ميدان، سِٽا سندِي شيطان، هيڻي آھِ هڏهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي مومن آهن، سي الله جي راهه ۾ ئي لڙندا آهن ۽ جي ڪافر آهن، اُهي شيطان جي راهه ۾ وڙهندا آهن. تنهنڪري اوهين شيطان جي مددگارن کي ماريو، بيشڪ شيطان جو داءُ ڪمزور آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهي الله جي راهه ۾ وڙهن ٿا ۽ جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي اهي طاغوت جي واٽ ۾ وڙهن ٿا، تنهنڪري شيطان جي ساٿين سان وڙهو ۽ پڪ ڄاڻو ته شيطان جون رٿيل رٿون حقيقت ۾ ڏاڍيون ڪمزور آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ايمان جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهي لڙن ٿا الله جي راهه ۾، ۽ جن ڪفر جو رستو اختيار ڪيو آهي، اهي وري طاغوت جي راهه ۾ لڙن ٿا، پوءِ شيطان جي دوستن سان لڙو ۽ پڪ سمجهو ته شيطان جون چالون ڪمزور ئي آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (دراصل ) ايمان وارا ئي ته الله تعالى جي راهه ۾ وڙهندا آهن، باقي رهيا ڪافر، هو ته الله تعالى جي باغين طرفان وڙهندا آهن، ( اي مسلمانو!) توهان شيطان جي ساٿِين سان جنگ ڪريو، حقيقت هي آهي ته شيطان جا فريب (يعني منصوبا) انتھائي ڪمزور هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ قيلَ لَهُم كُفّوا أَيدِيَكُم وَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ وَءاتُوا الزَّكوٰةَ فَلَمّا كُتِبَ عَلَيهِمُ القِتالُ إِذا فَريقٌ مِنهُم يَخشَونَ النّاسَ كَخَشيَةِ اللَّهِ أَو أَشَدَّ خَشيَةً وَقالوا رَبَّنا لِمَ كَتَبتَ عَلَينَا القِتالَ لَولا أَخَّرتَنا إِلىٰ أَجَلٍ قَريبٍ قُل مَتٰعُ الدُّنيا قَليلٌ وَالءاخِرَةُ خَيرٌ لِمَنِ اتَّقىٰ وَلا تُظلَمونَ فَتيلًا (آيت : 77) |
(اي پيغمبر) اُنھن ڏانھن نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جن کي چيو ويو ته پنھنجن ھٿن کي (ويڙھ کان) جھليو ۽ نماز پڙھو ۽ زڪٰوة ڏيو، پوءِ جنھن مھل مٿن ويڙھ لازم ڪئي ويئي تنھن مھل منجھانئن اوچتو ھڪ ٽولي الله جي خوف وانگر ماڻھن کان ڊڄي ٿي بلڪ ان کان به وڌيڪ ڊڄي ٿي، ۽ چوڻ لڳا ته اي اسانجا پالڻھار ڇالاءِ اسان تي ويڙھ لازم ڪئي اٿيئي، ويجھي وقت تائين تو اسان کي ڇونه ڍر ڏني؟ (اي پيغمبر) چؤ ته دنيا جو سامان ٿورڙو آھي، ۽ آخرت انھيءَ لاءِ ڀلي آھي جيڪو پرھيزگاري ڪندو، ۽ تند جيترو به ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تو (انهن ماڻهن جي حالت تي) نظر نه ڪئي ڇا، جن کي حڪم ڏنو ويو ته (جنگ ۽ خونريزيءَ کان) پنهنجا هٿ روڪيو. (ضروري سببن کان سواءِ جنگ ۽ خونريزي عظيم ترين گناه آهي) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڪڍو ( ان وقت پنهنجي وحشانيت ۽ خود غرضين جي ڪري لڙندا هئا پر) پوءِ جڏهن (حق جي راهه ۾) وڙهڻ مٿن فرض ڪيو ويو تڏهن هڪ ٽولي انسانن کان اهڙو ڊڄڻ لڳي جهڙو خدا کان ڊڄڻ گهرجي. بلڪه ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ لڳي. اهي چوڻ لڳا ته، اي خدا! جنگ ڪرڻ اسان تي ڇو فرض ڪيئي، ڇو نه اسان کي ٿورا ڏينهن ٻيا به مهلت ڏنئي. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (جنهن دنيا جي محبت ۾ توهان موت کان ڀڄو ٿا انهيءَ) دنيا جي موڙي ۾ فائدو ته تمام ٿورڙو آهي. ۽ جيڪو (انسانن کان نه پر) الله کان ڊڄي ٿو ان جي لاءِ آخرت ئي (جي موڙي ۽ فائدو) تمام گهڻو آهي، اتي توهان سان رتيءَ جيتري به بي انصافي نه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان انهن کي نه ڏٺو جن کي حڪم ڪيو ويو ته پنهنجن هٿن کي جنگ کان روڪيو ۽ توهان نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪريو، پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪئي وئي ته انهن مان ڪي ماڻهو ڪافرن کان ايئن ڊنا جيئن الله تعالى کان ڊنا يا ان کان به زياده، ۽ چيائون اي اسان جا رب اسان تي جهاد ڇو فرض ڪيئي ڇو نه اسان کي ٿورو وقت جيئڻ لاءِ ڏنئي، اي حبيب ! توهان فرمايو دنيا جو مال ٿورڙو آهي، ۽ آخرت پرهيزگارن لاءِ بهتر آهي، ۽ توهان تي ڌاڳي برابر به ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا تون انهن ماڻهن (جي حالت تي) نظر ڪين ڪئي جن کي جهاد جي خواهش هئي ۽ انهن کي حڪم هو ته (اڃا ڪجھ وقت) پنهنجا هٿ روڪيو ۽ پابندي سان نماز پڙهندا رهو ۽ زڪوات ڏيندا رهو. پر جڏهين انهن تي جهاد واجب ڪيو ويو ته انهن مان ڪجھ ماڻهو (ڊيڄڙي سبب) ماڻهن کان اهڙي طرح ڊڄڻ لڳا جهڙي طرح ڪو ماڻهو خدا کان ڊڄي. بلڪ انهن کان به گهڻو وڌيڪ ۽ (گهٻرائجي) چوڻ لڳا ته: خدايا! تو اسان تي جهاد ڇو واجب ڪيو. ۽ اسان کي ڪجھ ڏينهن جي اڃا به مهلت ڇو ڪين ڏني؟ (اي رسول!کين) چئو ته دنيا جو مزو تمام ٿورو آهي ۽ جيڪو (خدا کان) ڊڄي ٿو ان جي آخرت هن کان گهڻي سٺي آهي. ۽ (اتي ته) ريشه (وار) برابر به انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو انهن ڏانهن جو چيو ويو انهن کي ته بند رکو هٿن پنهنجن کي ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ڏيو زڪواة پوءِ جڏهن فرض ڪئي وئي انهن تي جنگ ته ان وقت جماعت هڪڙي انهن مان ڊڄن ٿا ماڻهن کان، الله کان ڊڄڻ وانگر بلڪ وڌيڪ ڊڄڻ (وارا آهن) ۽ چوڻ لڳا ته اي اسان جا پالڻهار! ڇو فرض ڪيَئي اسان تي جنگ ڇو نه مهلت ڏنئي اسان کي ويجهي مدت جي لاءِ فرماءِ ته دنيا جو سامان ٿورو آهي ۽ آخرت ڀلي آهي ان لاءِ جو پرهيزگار ٿيو ۽ نه ظلم ڪيا ويندؤ ذري جيترو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي چيو ويو ته پنهنجن هٿن کي (جنگ کان) روڪيو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو. پوءِ جڏهن جنگ ڪرڻ مٿن لازم ڪئي ويئي ته اوچتو انهن مان هڪ جماعت ماڻهن کان ڊڄي ٿي الله کان ڊڄڻ وانگي يا ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ ۾ . ۽ چوڻ لڳا ته اي اسان جا پاليندڙ ! تو اسان تي جنگ ڪرڻ ڇو لازم ڪئي. تو اسان کي ٿوري وقت تائين ڇو نه مهلت ڏني. (اي رسول !) چئو ته دنيا جو سامان ٿورو آهي. ۽ آخرت پرهيزگارن لاءِ گهڻي چڱي آهي. ۽ اوهان تي تند جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي چيو ويو ته (شروعاتي دور ۾ جهادکان) پنهنجا هٿ روڪيو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيندا رهو، پوءِ جڏهن انهن تي جهاد فرض ڪيو ويو ته انهن مان هڪ جماعت (دشمن) ماڻهن کان ائين ڊڄڻ لڳا جيئن الله کان ڊڄبو آهي يا ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته: ”اي اسان جا مالڪ!تو اسان تي جهاد ڇو فرض ڪيو! ڇو نه اسان کي ڪجھه وقت لاءِ مُهلَتَ ڏنئي“! چؤ ته: ”دنيا جو سامان ٿورڙو آهي ۽ آخرت ڀلي آهي ان لاءِ جنهن پرهيزگاري ڪئي ۽ توهان تي هڪ ڌاڳي جي برابر به ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا تونه ڏِٺو تن پار؟، جن حڪم حالت تي مليو، ته جھليو هٿ جنگ کان، پڙهو نماز نبار، ۽ ڏِيو ڏان ڏکين کي، لاهيونِ غم نبار، پوءِ جڏهن لکيو ويو جنگ جو، برسر مٿن بار، ته اُنهئ وقت، اُنهن مان ٻارِي ڪا ٻيهار، ته مُرڳو ماڻهن کان ڊِڄن، جھڙو ڊپ جبار، يا ڏاڍو سو ڏَهڪار، خود خدا جي خوف کان. چي، واجب ويڙھ اسان تي، ڪَئـِي ڪوه ڪلتار!؟ جيڪر ڇڏين ها جيئرو، تائين ويجھي وار، چئو ته آهي گھٽ گھڻو، نفعو ننڍي ڄمار، بيشڪ ڀلي آخرت، آهي اُنهئ هار، جو ڪَنبيو ڀر قهار، اُن سان وَٽ نه رکبو وَٽ جيترو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو انهن ڏي نظر نه ڪئي، جن کي حڪم ڏنو ويو هو ته پنهنجن هٿن کي (جنگ کان) روڪيو، نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ادا ڪندا رهو. پوءِ جڏهن مٿن جهاد فرض ٿيو ته اوچتو منجهائن هڪ ٽولو ماڻهن کان ايئن ڊڄڻ لڳو جيئن ڪو خد اکان ڊڄي رهيو هجي، بلڪ ان کان به زياده! اُهي چوڻ لڳا، ته ”اي اسان جا رب! تو اسان تي جهاد ڇو فرض ڪيو، ڇو نه اسان کي ٿوري وقت جي مهلت ڏنئي؟“ چئو ته دنيا جو فائدو ٿورو آهي. نيڪن لاءِ ته آخرت چڱي آهي ۽ اوهان تي ڌاڳي جيترو به ظلم نه ڪبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو، جن کي چيو ويو هو ته پنهنجا هٿ جهلي ڇڏيو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو؟ هاڻي جڏهن کين وڙهڻ جو حڪم ڏنو ويو ته انهن مان هڪڙي ٽولي جي حالت اها آهي جو ماڻهن کان ائين ٿا ڊڄن، جيئن الله کان ڊڄجي يا اڃان به وڌيڪ. چون ٿا: اي رب! اهو اسان تي لڙائيءَ جو حڪم ڇو لاڳو ڪيو اٿئي؟ ڇو نه اسان کي اڃان ڪجهه وڌيڪ مهلت ڏنئي؟ چوين ته دنيا جو مال متاع ٿورڙو آهي ۽ آخرت هڪڙي الله کان ڊڄندڙ انسانن لاءِ ڏاڍي ڀلي آهي ۽ توهان تي ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تو انهن ماڻهن کي به ڏٺو جن کي چيو ويو ته جهلي ڇڏيو پنهنجا هٿ ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪواة ڏيو، پوءِ جڏهن انهن کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو ويو ته انهن مان هڪ ٽولي جو اهو حال هو جو ائين ڊڄي رهيا هئا ماڻهن کان جيئن ڊڄڻ گهرجي الله کان يا ان کان به ڪجهه وڌيڪ خوف، ۽ چون پيا خدايا! هي اسان جي لاءِ ڇو لکي ڇڏيئي لڙائيءَ جو حڪم؟ اڃا ڇو اسان کي وڌيڪ مهلت نه ڏنئي؟ چؤ انهن کي (اي نبي!) ته موڙي دنيا جي ٿوري آهي ۽ آخرت، اها وڌيڪ سٺي آهي خدا ترس ماڻهن جي لاءِ، ۽ نه ڪيو ويندو توهان تي ظلم رتيءَ برابر به.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي (جھاد جي حڪم کان اڳ) چيو ويو ته، پنھنجي هٿن کي روڪيو (هروڀرو بي صبرا ٿي وڙهڻ جي تمنا نه ڪريو)، نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪندا رهو، پر جڏهن انهن کي جنگ جو حڪم ڏنو ويو، ته هاڻي انهن منجهان هڪ گروهه جو اهو حال آهي، جو مخالفن کان ايئن ٿو ڊڄي، جيئن الله تعالى کان ڊڄڻ کپي پر اڃا به ان کان وڌيڪ ڊڄڻا ٿي بيٺا ۽ چون ٿا ته اي اسان جا رب!، جنگ ڪرڻ اسان تي ڇو فرض ڪيئي؟ اسان کي ڪجهه وقت تائين مھلت ڇو نه ڏنئي؟ (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته دنيا جي زندگيءَ جو فائدو تمام ٿورڙو آهي ۽ آخرت واري زندگي ان شخص لاءِ بھتر آهي، جيڪو الله تعالى کان ڊڄندو رهندو ۽ (قيامت جي ڏينھُن) توهان تي ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَينَما تَكونوا يُدرِككُمُ المَوتُ وَلَو كُنتُم فى بُروجٍ مُشَيَّدَةٍ وَإِن تُصِبهُم حَسَنَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِ اللَّهِ وَإِن تُصِبهُم سَيِّئَةٌ يَقولوا هٰذِهِ مِن عِندِكَ قُل كُلٌّ مِن عِندِ اللَّهِ فَمالِ هٰؤُلاءِ القَومِ لا يَكادونَ يَفقَهونَ حَديثًا (آيت : 78) |
جتي ھوندؤ اُتي اوھان کي موت پھچندو جيتوڻيڪ مُحڪم ڪوٽن ۾ ھوندؤ، ۽ جيڪڏھن کين ڪا چڱائي پھچندي آھي ته چوندا آھن ته ھي الله وٽان (پھتي) آھي، ۽ جيڪڏھن کين ڪو اھنج پھچندو آھي ته ھي تو وٽان پھتو آھي، (کين) چؤ ته (ڏک سک) سڀ الله وٽان آھي، پوءِ ھن قوم کي ڇا (ٿيو) آھي؟ جو ڳالھ جي سمجھڻ کي ويجھو (ئي) نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڪٿي به هوندو ته به موت اوهان کي ڳولي لهندو. جيڪڏهن توهان بلند ۽ مضبوط برجن يا قلعن جي اندر هوندؤ، (ته به ان کان بچي ڪين سگهندؤ) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي ڪا چڱائي ملي ٿي تڏهن چون ٿا ته هيءَ چڱائي خدا جي طرف کان (اسان جي ڪوششن جو بدلو) آهي. پر جڏهن کين ڪو نقصان پهچي ٿو تڏهن توکي چون ٿا ته هي تنهنجي طرف کان آهي. (يعني رسول الله جي طرف کان) تون کين چئو ته، جيڪي به ٿئي ٿو سو سڀ الله جي طرفان آهي (سندس قانونن موجب نتيجا نڪرن ٿا) پوءِ (افسوس هنن جي حالت تي!) انهن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو ڪنهن به ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ عقل جي ويجهو به نٿا وڃن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جنهن جاءِ تي هجو توهان کي موت اچي پهچندو جيتوڻيڪ توهان مضبوط قلعن ۾ هجو، ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪا چڱائي پهچي ٿي ته چون ٿا هي الله جي طرفان آهي، ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪا برائي پهچي ٿي ته چون ٿا هي رسولِ عربيءَ جي طرفان آهي. اي حبيب ! توهان فرمايو سڀ الله جي طرفان آهي، پوءِ هن قوم کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا ڳالهه نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين چاهي ڪٿي به هجو موت نه ڇڏيندو! جيتوڻيڪ ڪهڙن ئي مضبوط پڪن گنبدن ۾ ڇو نه وڃي لڪو. ۽ کين جيڪڏهن ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته چوڻ لڳن ٿا ته هي خدا جي طرف کان آهي پر جيڪڏهن انهن کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته (شرارت کان) چون ٿا ته (اي رسول!) هي تنهنجي ڪري ئي آهي. (اي رسول!) تون چئين ته سڀ خدا جي طرفان آهي پوءِ انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي، جو ڪا به ڳالھ نه ٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جتي به هوندؤ ته پهچندو اوهان کي موت توڙي جو هجو مضبوط قلعن ۾ ۽ جيڪڏهن ٿي پهچي انهن کي ڪا ڀلائي ته چون ٿا ته هيءَ الله وٽان آهي ۽ جيڪڏهن ٿي پهچي انهن کي ڪا تڪليف ته چون ٿا ته هيءَ تون وٽان آهي فرماء ته سڀ الله وٽان آهي پوءِ ڇا حال آهي هن قوم جو، جو نه ٿا ويجها ٿين جو سمجهن ڳالھ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جتي به هوندؤ اتي اوهان کي موت پهچندو، جيتوڻيڪ بلند قلعن ۾ هوندؤ. ۽ جيڪڏهن کين ڪا ڀلائي پهچندي ته چوندا ته هيءَ الله وٽان آهي ۽ جيڪڏهن کين ڪا برائي پهچندي ته چوندا ته هيءُ تو وٽان آهي. چئو ته (ڀلائي برائي) سڀ الله وٽان آهي. پوءِ هن قوم کي ڇا ٿيو آهي؟ جو ڪنهن به ڳالهه جي سمجهڻ کي ويجها نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جاتي به هجو اوهان کي موت اچي پهچندو توڙي جو مضبوط قلعن ۾ هجو“. ۽ اگر انهن کي ڪا ڀلائي پهچي ٿي ته چون ٿا هيءَ الله پاران آهي ۽ جي انهن کي ڪا برائي (يا نقصان) پهچي ٿو ته چون ٿا هيءَ تو وٽان آهي. (اي نبي) چؤ ته سڀ ڪجهه الله وٽان آهي. پوءِ (آخر ) انهن ماڻهن کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا ڳالهه سمجهڻ جي ويجهو به نه ٿا وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هوندا جھڙي هنڌ، ته موت رسندان مورهين، ۽ توڻي در دروازا بند، قابو ڪوٽن ۾ هُجو. ۽ جي نفعو ٿيينِ نصيب ڪو، ته چون اِهڙِي چال، هي ڀلايون ڀال، آهن سڀ الله وٽان. آيون هي اسان کي، تڪليفون تو هارِ، چئو هارِ هجي، يا هارَ، آهن سڀ الله وٽان. پوءِ ڪُڄاڙو هن قوم کي، ته سَمجِھي نه سگھن ڳالھ؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جتي به هوندؤ، موت (اُتي به) اوهانکي اچي وٺندو، کڻي مضبوط قلعن ۾ ڇو نه هجو! جيڪڏهن کين ڪو فائدو رسي ٿو، ته چون ٿا ”هي الله وٽان آهي،“ ۽ جيڪڏهن کين ڪا تڪليف رسي ٿي ته چون ٿا ته ”هيءَ توکان پهتي آهي!“ چئو ته ”سڀ ڪجهه الله کان آهي.“ هنن کي ڇا ٿيو آهي جو ڪا ڳالهه به نٿا سمجهي سگهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي موت ته جتي به هوندؤ، اچي توهان کي رسندو، کڻي ڪيڏن به مضبوط ڪوٽن ۾ ڇو نه هجو. جيڪڏهن کين ڪو فائدو ٿو رَسي ته چون ٿا ته اهو الله وٽان آهي ۽ جيڪڏهن ڪو نقصان ٿو پهچين ته چون ٿا ته اي نبي! اهو تنهنجي ڪري آهي، چوين ته سڀ ڪجهه الله جي طرفان ئي آهي. پوءِ انهن کي آخر ڇا ٿيو آهي، جو ڪا ڳالهه سمجهن ئي نٿا! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جتي به توهان هوندؤ ضرور ايندو توهان کي موت، کڻي ڪيترن به مضبوط ڪوٽن ۾ هجو، جيڪڏهن کين فائدو ملي ته چون ٿا، هي الله جي طرف کان آهي پر جيڪڏهن کين ڪوبه نقصان پوي ٿو ته چون ٿا، هي تنهنجي ڪري آهي، چؤ (اي نبي!) هي سڀ ڪجهه الله جي طرف کان آهي، آخر ڇا ٿيو آهي انهن ماڻهن کي جو انهن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ اچي ئي نٿي!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (باقي رهيو موت جو مسئلو ته) توهان جتي به هوندا بھرحال موت توهان تي ايندو، توڙي جو توهان مضبوط ڪوٽن ۽ قلعن ۾ ئي محفوظ ٿي ويھو. ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪا ڀلائي حاصل ٿئي ٿي، ته چون ٿا ته اها ڀلائي الله تعالى جي طرفان عطا ٿي آهي ۽ وري جيڪڏهن کين ڪا تڪليف ملي ٿي، ته چون ٿا ته (اي نبي ﷺ!) اِها توهان جي ڪري ملي آهي.(اي نبي ﷺ!) توهان کين چؤ ته (ڀلائي ۽ برائي) سڀ الله تعالى جي طرف کان آهي، پوءِ هن قوم کي ڇا ٿي ويو آهي، جو ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَصابَكَ مِن حَسَنَةٍ فَمِنَ اللَّهِ وَما أَصابَكَ مِن سَيِّئَةٍ فَمِن نَفسِكَ وَأَرسَلنٰكَ لِلنّاسِ رَسولًا وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 79) |
توکي جيڪا ڪا چڱائي پھچي ٿي سا الله وٽان (ڄاڻ)، ۽ توکي جيڪو ڪو اھنج پھچي ٿو سو پنھنجي نفس (جي ڪمن جي شامت) کان (ڀانءِ)، ۽ توکي ماڻھن لاءِ پيغمبر ڪري موڪليوسون، ۽ الله شاھد بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسان!) جيڪا به چڱائي توکي ملي ٿي سا خدا جي طرفان ملي ٿي ۽ جيڪو نقصان توکي پهچي ٿو سو خود تنهنجي طرف کان آهي. (تنهنجي ئي بدعملن جو نتيجو آهي) ۽ (اي پيغمبر) اسان توکي ماڻهن ڏانهن پنهنجو پيغمبر ڪري موڪليو آهي. (پيغمبر جو ڪم آهي پيغام پهچائڻ تون ماڻهن جي بدعملن لاءِ ذميوار نه آهين) ۽ (تنهنجي پيغمبر هئڻ به نسبت) الله جي شاهدي ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) جيڪا توکي چڱائي پهچي ٿي سا الله تعالى جي طرفان آهي، ۽ جيڪا توکي برائي پهچي ٿي سا تنهنجي بداعمالي جي ڪري آهي، اي حبيب ! اسان توهان کي سڀني انسانن لاءِ رسول ڪري موڪليو، ۽ الله بهترين شاهد آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن (سچ ته هي آهي ته) جڏهن اوهان کي ڪو فائدو پهچي ته سمجهو ته خدا جي طرف کان آهي ۽ جڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پهچي ته (ڄاڻو ته اها) خود توهان جي ڪرتوتن ڪري آهي. ۽ (اي رسول!) اسان تو کي ماڻهن ڏي پيغمبر ڪري موڪليو آهي ۽ ان لاءِ خدا جي شاهدي بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪا به پهتي تو وٽ ڪا ڀلائي (اي ٻڌڻ وارا) پر (اها) الله وٽان آهي ۽ جيڪا به پهتي توکي ڪا تڪليف پوءِ تنهنجي وجود کان آهي ۽ (اي محبوب!) موڪليوسون توکي ماڻهن جي لاءِ رسول بنائي ۽ ڪافي آهي الله شاهد .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جا به ڀلائي توکي پهچي سا الله جي طرفان آهي ۽ جابه برائي توکي پهچي سان تنهنجي نفس کان آهي. ۽ اسان توکي ماڻهن لاءِ رسول ڪري موڪليو آهي. ۽ الله شاهد بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي انسان) تو کي جيڪا به نيڪي پهچي ٿي سا الله پاران آهي ۽ جي تو کي ڪا مصيبت پهچي ٿي ته اِها تنهنجي نفس پاران آهي. ۽ (اي نبي!) اسان تو کي سڀ انسانن لاءِ رسول بنائي موڪليو آهي ۽ ان تي الله جي شاهدي ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سمجھ پنهنجي سائينءَ کان، جو ڀلا! توسان ڀال، ۽ جي آڏِي اُهکي ڪا اَچيئـِي، ته تُنهنجِي ڀُل بحال، ۽ توکي مُڪو سون ماڻهن لئـِي، نبي! نيڪ نِهال، ۽ بارِي بي مثال، بس سچو ساکي هيڪڙو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکي جيڪو فائدو پهچي ٿو، اهو الله جي طرف کان آهي ۽ جيڪا تڪليف رسي ٿي، سا پنهنجي ڪيتن سبب آهي. ۽ اسان توکي ماڻهن لاءِ رسول بڻائي موڪليو آهي. ان لاءِ الله جي شاهدي ڪافي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسان، توکي جيڪا به ڀلائي حاصل ٿئي ٿي، الله جي مهربانيءَ سان ٿئي ٿي ۽ جيڪا مصيبت توتي پوي ٿي، اها تنهنجي پنهنجي افعالن جي ڪري آهي. اي محمد، اسان توکي ماڻهن لاءِ رسول بڻائي موڪليو آهي ۽ ان تي الله جي شاهدي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي انسان!) توکي ملي ٿي جيڪا به ڀلائي، سا الله جي مِهر سان ئي آهي ۽ جيڪا اچي ٿي تنهنجي مٿان تڪليف، اها تنهنجن پنهنجن عملن جي ڪري آهي. (اي محمد!) اسان توکي ماڻهن جي لاءِ رسول ڪري موڪليو آهي، ۽ ان تي ڪافي آهي خدا جي شاهدي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي انسان ڪن کولي ٻڌ!) تو کي جڏهن به ڪا ڀلائي حاصل ٿئي ٿي، اها سڌو سنئون الله تعالى جي طرف کان آهي ۽ جيڪا تڪليف تو کي ملي ٿي، سا تنھنجي ئي نفس جي خراب ڪمن جو نتيجو آهي. (اي نبي ﷺ!) اسان توهان کي سڀني انسانن لاءِ رسول ڪري موڪليو آهي ۽ ان ڳالهه لاءِ شاهدي صرف الله تعالى جي ڪافي آهي (ڪنھن ٻئي جي شاهديءَ جي ضرورت ئي ناهي). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن يُطِعِ الرَّسولَ فَقَد أَطاعَ اللَّهَ وَمَن تَوَلّىٰ فَما أَرسَلنٰكَ عَلَيهِم حَفيظًا (آيت : 80) |
جيڪو پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جيڪو ڦرندو تن تي توکي نگھبان ڪري نه موڪليو اٿئون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن رسول پاڪ جي فرمانبرداري ڪئي تنهن في الحقيقت الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن (تنهنجي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو ته پوءِ (اي پيغمبر!) اسان توکي مٿس نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي (جو تون هن کي زور سان پنهنجي فرمانبرداري ڪرائين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو رسولِ عربيءَ جو حڪم مڃو پوءِ بيشڪ ان الله جو حڪم مڃو، ۽ جنهن انسان منهن موڙيو پوءِ بيشڪ اسان نه موڪليو توهان کي انهن تي نگهبان ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن رسول جي اطاعت ڪئي تنهن بيشڪ الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪي ڦرندا ته (تون ڪجھ خيال نه ڪر ڇو ته) اسان تو کي ڪو نگهبان مقرر ڪري ته ڪين موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو فرمانبرداري ٿو ڪري رسول جي پوءِ تحقيق فرمانبرداري ٿو ڪري الله جي ۽ جنهن منهن موڙيو پوءِ نه موڪليوسون توکي انهن تي نگهباني ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو رسول جو حڪم مڃيندو تنهن بيشڪ الله جو حڪم مڃيو. ۽ جيڪي ڦرندا تن تي اسان توکي نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ته ان بلاشڪ الله جي فرمانبرداري ڪئي، ۽ جنهن مُنهن موڙيو ته اسان توکي انهن تي نگهبان ڪري ته ڪونه موڪليو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن رسول مڃيو، تنهن ربُّ مڃيو، پوءِ جي ڦريا کان فرمان ، ته توکي نِگھبان، مَٿِن نَه مُڪو سون مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن رسول جي فرمانبرداري ڪئي، ان برابر الله جو حڪم مڃيو ۽ جنهن منهن موڙيو ته اسان توکي انهيءَ تي نگهبان ڪري نه موڪليو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن رسول جي اطاعت ڪئي، تنهن حقيقت ۾ الله جي اطاعت ڪئي ۽ جنهن منهن ڦيريو ته پوءِ اسان توکي انهن تي ڪو رکوالو ڪري ته نه موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن اطاعت ڪئي رسول جي، ان اصل ۾ فرمانبرداري ڪئي الله جي، ۽ جنهن منهن موڙيو، ته پوءِ اسان توکي انهن ماڻهن تي نگران ڪري نه موڪليو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي جنھن به ماڻهوءَ رسول سڳوري جي فرمانبرداري ڪئي، ڄڻ ته ان الله تعالى جي فرمانبرداري ڪئي ۽ جنھن (رسول کان) منھن موڙيو، ته پوءِ (اي نبي ﷺ!) اسان توهان کي انهن تي نگھبان ڪري به نه موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ طاعَةٌ فَإِذا بَرَزوا مِن عِندِكَ بَيَّتَ طائِفَةٌ مِنهُم غَيرَ الَّذى تَقولُ وَاللَّهُ يَكتُبُ ما يُبَيِّتونَ فَأَعرِض عَنهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 81) |
۽ (منافق تو وٽ) چوندا آھن فرمانبرداري (ڪنداسون) پوءِ جڏھن تو وٽان ھليا ويندا آھن تڏھن منجھانئن ھڪ ٽولي تنھنجي ڳالھين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪندي آھي، ۽ جيڪي رات جو صلاحون ڪندا آھن سي الله لکندو آھي، تنھنڪري کانئن مُنھن موڙ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله وڪيل بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (زبان سان ته) توکي چون ٿا ته تنهنجو حڪم اسان کي اکين تي آهي، پر جڏهن تو وٽان اٿي ٻاهر وڃن ٿا تڏهن انهن مان ڪي رات جي وقت گڏ ٿين ٿا ۽ جيڪي جيڪي تون چوين ٿو تنهن جي خلاف مشورو ڪن ٿا. جيڪي هو رات جي وقت مجلسن ۾ ڪن ٿا سو الله کان لڪل ناهي ۽ هو ان کي (سندن اعمالنامن) ۾ لکي ٿو ڇڏي. پوءِ هنن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ ڪارسازيءَ لاءِ الله تعاليٰ ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چون ٿا اسان حڪم مڃو، پوءِ جڏهن توهان وٽان اٿن ٿا ته انهن مان ڪي ماڻهو رات جو توهان جي خلاف منصوبه بندي ڪن ٿا، ۽ الله لکڻ فرمائي ٿو انهن جون رات جون ڳالهيون، پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ۽ الله تعالى تي توڪل ڪريو ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي ماڻهو تنهنجي اڳيان ته) چون ٿا ته اسين اوهان جا تابعدار آهيون. پر جڏهن وري تو وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن مان ڪجھ ماڻهو جو ڪجھ (تو سان) چيو ويو اهي ئي ان جي خلاف راتين جو (پاڻ ۾) صلاح مشورو ٿا ڪن. هوڏانهن (هي نٿا سمجهن ته) اهي ماڻهو راتين جو ڪو به مشورو ڪندا هئا ان کي خدا لکندو وڃي ٿو. پوءِ تون اهڙن جي ڪجھ پرواھ نه ڪر ۽ خدا تي ڀروسو رک ۽ خدا ڪارساز بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته (مڃيوسون) مڃڻ پوءِ جڏهن نڪرن ٿا تو وٽان ته رات جو صلاح ٿا ڪن ڪجھ ماڻهو انهن مان ابتڙ ان جي جو فرمايو ٿا ۽ الله لکي ٿو اهو جو رات جو صلاح ٿا ڪن پوءِ منهن موڙ انهن کان ۽ ڀروسو ڪر الله تي ۽ ڪافي آهي الله ڪم ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (منافق) چون ٿا ته اسين تابعدار آهيون. پوءِ جڏهن تو وٽان ٻاهر نڪرن ٿا ته انهن مان هڪ جماعت تنهنجي ڳالهين جي ابتڙ رات جو صلاحون ڪري ٿي ۽ اهي جيڪي رات جو صلاحون ڪن ٿا تن کي الله لکي ٿو. پوءِ تون انهن کان منهن موڙ ۽ الله تي توڪل ڪر ! ۽ الله ڪارساز بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (منافق منهن تي) چون ٿا ته فرمانبرداري ڪئي سين. پوءِ جڏهن تو وٽان اُهي ٻاهر وڃن ٿا ته انهن مان هڪ ٽولي پنهنجي (ڏينهن جو) چيل ڳالهه جي ابتڙ رات جون صلاحون ڪندي آهي. ۽ الله لکي ٿو جيڪي اهي رات جون صلاحون ڪن ٿا. پوءِ تون انهن کان مُنهن موڙ ۽ الله تي ڀروسو رک. ۽ الله ڀروسي لاءِ ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چون ته برچشم، پوءِ توکان، وِيا جنهن وار، ڪا ٽولِي تن مان، رات ۾، ٻولي ٻيو ٻِيهار، ٻِئو ڪجھ تنهن ٻول سوا، جي ڪن قول قرار، ۽ جي رنگ رِچائـِن رات ۾، سي لِکي لکڻهار، پوءِ مُنهن موڙ اُنهن کان، رک بارِي مٿي بار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، ڪافِي هر ڪم ڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي (زبان سان) ته تابعداري قبول ڪن ٿا پر جڏهن تو وٽان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، ته انهن مان ڪي ماڻهو رات جو تنهنجي ڳالهين جي خلاف رٿون ڪن ٿا ۽ جيڪي رٿون ڪن ٿا، سي الله (سندن اعمالنامي ۾) لکي ٿو. تون انهن جو ڪو خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر ۽ الله ئي پورو ڪارساز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو منهن تي چون ٿا ته اسان تابعدار آهيون، مگر جڏهن تو وٽان هليا ٿا وڃن ته انهن مان هڪڙو ٽولو رات جو گڏ ٿي تنهنجي ڳالهين خلاف صلاحون ٿو ڪري. الله ته انهن جي اها سموري ســُـس پس لکندو ٿو وڃي، تون انهن جي ڪابه پرواهه نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک، اهوئي ڀروسي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا (منهن تي) اسان تابعدار آهيون، پر جڏهن تو وٽان اٿن ٿا ته انهن مان هڪڙو ٽولو رات جو گڏ ٿي تنهنجي ڳالهين خلاف صلاحون ڪري ٿو، ۽ الله انهن جي اها ساري گفتگو لکي رهيو آهي، تون انهن جي پرواهه نه ڪر ۽ ڀروسو رک الله تي، ۽ اهو ئي الله ڪافي آهي ڀروسي جي لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (منافق تنھنجي سامھون) چون ٿا ته اسين فرمانبردار آهيون ۽ جڏهن توهان وٽان اٿي هليا وڃن ٿا، ته رات جو انهن مان هڪ ٽولي تنھنجي ٻڌايل ڳالهين جي خلاف (پاڻ ۾) ويھي صلاحون ڪن ٿا، الله تعالى انهن جون سڀئي ڳجهيون سازشون محفوظ ڪري ٿو، (اي نبي ﷺ!) توهان انهن جي سازشن کان بچي رهجو ۽ الله تعالى تي ڀروسو ڪجو ۽ (بيشڪ) الله تعالى جي ذات ئي ڀروسي جي قابل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلا يَتَدَبَّرونَ القُرءانَ وَلَو كانَ مِن عِندِ غَيرِ اللَّهِ لَوَجَدوا فيهِ اختِلٰفًا كَثيرًا (آيت : 82) |
قرآن ۾ ڇونه سوچ ڪندا آھن، جيڪڏھن الله کانسواءِ ٻئي (ڪنھن) وٽان ھجي ھا ته منجھس گھڻو اختلاف لھن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇاهي ماڻهو قرآن (جي مطلبن) تي غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ خدا جي ڏنل عقل کان ڪم نٿا وٺن؟) جيڪڏهن هي قرآن ڪنهن ٻئي جي طرف کان هجي ها، الله جي طرف کان نه هجي ها ته، هو ضرور ان جي ڳالهين ۾ گهڻوئي اختلاف ڏسن ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا قرآن ڪريم جي علمن ۾ فڪر نٿا ڪن، ۽ جيڪڏهن الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو نازل ڪيل هجي ها ته انهيءَ ۾ گھڻو اختلاف لهن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا هي ماڻهو قرآن ۾ غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ هي نٿا سوچين ته) جيڪڏهن خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي وٽان (آيل) هجي ها ته ان ۾ ضرور وڏو اختلاف لهن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ نه ٿا غور سان سمجهن قرآن ۽ جيڪڏهن هجي ها ٻئي وٽان الله کان سواءِ ته البته لهن ها ان ۾ اختلاف گهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ قرآن ۾ فڪر نه ٿا ڪن؟ ۽ جيڪڏهن (قرآن) الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن وٽان هجي ها ته ان ۾ گهڻو اختلاف لهن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي قرآن ۾ غور نه ٿا ڪن؟ ۽ جي اهو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي وٽان آيل هجي ها ته ان ۾ گهڻو اختلاف لهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇو نه قرآن ڪريم ۾، وِيهِي ڪن ويچار، هوند، هُئو ڌڻيان ڌار، ته منجھس لَڌائون گوڙ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا اهي قرآن ۾ غور ڇو نٿا ڪن؟ جيڪڏهن اهو الله کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي طرف کان هجي ها، ته ان ۾ گهڻو اختلاف ڏسن ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي قرآن تي غور نٿا ڪن؟ جيڪڏهن اهو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي وٽان هجي ها ته ان ۾ گهڻو ڪجهه هڪ ٻئي جي ابتـڙ هجي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي (ماڻهو) غور نٿا ڪن قرآن تي؟ جي اهو ڪنهن ٻئي جي طرفان هجي ها سواءِ الله جي، ته ان ۾ گهڻو ڪجهه اختلاف ڏٺو وڃي ها.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڀلا هي ماڻهو قرآن (پاڪ) کي سمجهڻ لاءِ غور ۽ فڪر ڇو نٿا ڪن؟ جيڪڏهن هي (قرآن) الله تعالى کان سواءِ ڪنھن ٻئي جي طرف کان هجي ها، ته کين ان ۾ تمام گهڻو اختلاف نظر اچي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا جاءَهُم أَمرٌ مِنَ الأَمنِ أَوِ الخَوفِ أَذاعوا بِهِ وَلَو رَدّوهُ إِلَى الرَّسولِ وَإِلىٰ أُولِى الأَمرِ مِنهُم لَعَلِمَهُ الَّذينَ يَستَنبِطونَهُ مِنهُم وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكُم وَرَحمَتُهُ لَاتَّبَعتُمُ الشَّيطٰنَ إِلّا قَليلًا (آيت : 83) |
۽ جڏھن وٽن امن جي يا ڀَو جي ڪا خبر ايندي آھي ته ان کي پڌرو ڪندا آھن، ۽ جيڪڏھن ان کي پيغمبر ڏانھن ۽ پنھنجن (مسلمانن) مان اميرن ڏانھن پھچائين ھا ته منجھائن جيڪي اُنکي جاچيندا آھن سي ضرور ان کي (چڱي طرح) ڄاڻن ھا، ۽ جيڪڏھن الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ اوھان تي نه ھجي ھا ته ٿورڙن کانسواءِ ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن ماڻهن وٽ امن جي يا خوف جي ڪابه خبر اچي ٿي تڏهن هڪدم ان کي ماڻهن ۾ مشهور ڪن ٿا. جيڪڏهن هو ان (ماڻهن ۾ مشهور ڪرڻ بدران) الله جي رسول ۽ اختياريءَ وارن وٽ پيش ڪن ها ته پوءِ جيڪي انهن مان ان ڳالهه جو اڳ پوءِ جاچيندڙ آهن سي سڄي حقيقت سمجهي وٺن ها (۽ عوام ۾ اهو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها (۽ عوام ۾ اجايو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها) ۽ (ڏسو) جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته (توهان جي ڪمزورين جو حال ته هي هو جو) ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻيا سڀ شيطان جي پوئتان لڳي پئو ها (۽ سندس تابعداري ڪيو ها.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن وٽ ڪا ڳالهه امن جي يا خوف جي اچي ٿي ته انهيءَ کي پکيڙين ٿا، ۽ جيڪڏهن انهيءَ ڳالهه کي رسولِ عربي ۽ اصحاب مصطفيٰ ڏانهن موٽائن ها ته ضرور انهن کان انهيءَ جي حقيقت معلوم ڪن ها جيڪي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ جيڪڏهن الله جي ڀلائي ۽ رحمت توهان تي نه هجي ها ته ضرور توهان شيطان جي پويان هجو ها مگر ٿورڙا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن (مسلمانن) وٽ امن يا خوف جي خبر آئي ته ان کي يڪدم مشهور ڪري ٿا ڇڏين. هوڏانهن جيڪڏهن ان خبر کي رسول يا پنهنجي (ايماندارن) مان صاحبان امر تائين پهچائين ها ته بيشڪ جيڪي انهن مان تحقيق ڪرڻ وارا آهن (پيغبمر يا اولي الامر) ان ڳالھ کي سمجهي وٺن ها (ته مشهور ڪرڻ جي ضرورت آهي يا نه) ۽ (مسلمانو!) جيڪڏهن اوهان تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته ڪن ماڻهن کان سواءِ اوهان سڀئي شيطان جي پيروي ڪرڻ لڳو ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن اچي ٿو انهن وٽ ڪو حڪم امن يا خوف جو ته مشهور ٿا ڪن اهو ۽ جيڪڏهن موٽائين ها ان کي رسول ڏانهن ۽ حڪم ڪرڻ وارن ڏانهن انهن مان ته ڄاڻن ها ان کي اهي ماڻهو جو پروڙي سگهن ٿا ان کي ان مان ۽ جيڪڏهن نه هجي ها مهرباني الله جي اوهان تي ۽ ان جي رحمت ته البته تابعداري ڪيو ها شيطان جي مگر ڪي ٿورا (تابعداري نه ڪن ها) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين امن يا ڊپ جي ڪا خبر پهچي ٿي ته ان کي مشهور ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن ان کي رسول ڏي ۽ پاڻ مان (مسلمان) حاڪمن ڏي رجوع ڪن ها ته انهن مان جيڪي جاچ ڪن ٿا، سي ان (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺن ها. ۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس مهرباني اوهان تي نه هجي ها ته ٿورن کانسواءِ اوهين ضرور شيطان جي پٺيان لڳو ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن وٽ امن يا خوف جي خبر اچي ٿي ته ان کي پکيڙن (مشهور ڪن) ٿا. حالانڪه جي ان کي رسول جي طرف ۽ پنهنجي صاحبانِ علم طرف موٽائن ها ته انهن مان (خبر جي حقيقت) کي تحقيق جو مادو رکڻ وارا ڄاڻي وٺن ها. ۽ جي اوهان تي الله جو فضل ۽ ان جي رحمت نه هجي ها ته ٿورن ماڻهن کان سواءِ اوهان (سڀ) شيطان جي پيروي ڪيو ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن آينِ امن، يا خوف ڪو، ته ظاهر ڪيونس ضرور، ۽ نبي ۽ اُنهن مان، نائبن ڏي، هوند موٽايونسِ مور، ته پِيئـِي تن پَرور، جي ڳولينِ، تن مان ڳالهيون. هوند، نه وَڙ واحد جو، پڻ تِنهنجو توهان تي توه، ته ڪن ٿورن ڌاران ٿوه، لڳا لَڙھ شيطان جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن وٽ امن يا خوف جي ڪا خبر پهچي ٿي، ته ان کي پکيڙين ٿا، پر جي ان کي الله جي رسول ۽ پنهنجي اختياري وارن جي اڳيان پيش ڪن ها ته منجهائن حقيقت پروڙڻ وارا ان کي پروڙي وٺن ها. جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها، ته ڪن ٿورن کان سواءِ سڀ شيطان جي پٺيان لڳو ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو جتي به ڪا دلجاءِ واري يا ڀوائتي خبر ٻڌن ٿا ته وٺي ٿا اها هــُـلائن، حالانڪه جيڪڏهن هو اها ڳالهه رسول ۽ پنهنجي جماعت جي بااختيار ماڻهن تائين پهچائين ته اها اهڙن ماڻهن کي معلوم ٿئي، جيڪي منجهانئن ان ڳالهه جي لياقت رکن ٿا ته ان مان صحيح مطلب ڪڍي سگهن. توهان تي الله جي مهرباني ۽ رحمت نه هجي ها ته (توهانجون ڪمزوريون اهڙيون هيون جو) ڪن ٿورڙن کانسواءِ باقي سڀ شيطان جي ڪڍ لڳي وڃو ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي ماڻهو جتي ڪا اطمينان بخش يا خوفناڪ خبر ٻڌن ٿا ته ان کي کڻي پکيڙين ٿا، پر جيڪڏهن هي ان کي کڻي رسول وٽ يا جماعت جي ذميوار ماڻهن تائين پهچائين ها ته اها ڳالهه اهڙن ماڻهن جي علم ۾ اچي ها، جيڪي ان مان نتيجي ڪڍڻ جي صلاحيت رکن ٿا، توهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته توهان (پنهنجين ڪمزورين سبب) سڀ شيطان جي پويان لڳل هجو ها ٿورن کان سواءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن منافقن کي جڏهن به امن يا خوف واري ڪا خبر هٿ اچي وڃي ٿي، ته هو افواهه پکيڙين ٿا، حالانڪه کين گهرجي ها ته اها خبر رسول (ﷺ) يا پنھنجي خليفي (يعني حڪمران) کي پھچائين ها، ته جيئن هو اهڙن ماڻهن تي مشتمل ڪميٽي مقرر ڪري، جيڪا انهن افواهن جي اصل حقيقت معلوم ڪري ها، (حقيقت هي آهي ته) جيڪڏهن توهان تي الله تعالى جي خاص مھرباني ۽ سندس رحمت نه هجي ها، ته توهان مان گهڻا ماڻهو شيطان جي پيروي ڪن ها.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقٰتِل فى سَبيلِ اللَّهِ لا تُكَلَّفُ إِلّا نَفسَكَ وَحَرِّضِ المُؤمِنينَ عَسَى اللَّهُ أَن يَكُفَّ بَأسَ الَّذينَ كَفَروا وَاللَّهُ أَشَدُّ بَأسًا وَأَشَدُّ تَنكيلًا (آيت : 84) |
پوءِ (اي پيغمبر) الله جي واٽ ۾ ويڙھ ڪر، تنھنجي سِر کانسواءِ توتي بار نه رکيو ويو آھي ۽ مؤمنن کي ھمٿاءِ، ويجھو ئي الله ڪافرن جي ويڙھ کي روڪڻ تي آھي، ۽ الله ويڙھ جي ڪري ڏاڍو زور وارو ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) ڏاڍو زور وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي پيغمبر!) تون اهو خيال نه ڪر ته هي منافق توسان جنگ ۾ شامل ٿيندا يا نه) تون بيشڪ الله جي راهه ۾ لڙائي ڪر جو توتي رڳو پنهنجي ذميواري آهي نه ڪنهن ٻئي جي ۽ مؤمنن کي به لڙائي لاءِ آمادهه ڪر. عجب ناهي ته الله تعاليٰ جلد حق جي منڪرن جو زور ۽ ظلم اوهان کان روڪي ڇڏيندو ۽ الله جو زور سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! پوءِ توهان الله جي راه ۾ جهاد ڪريو، ۽ نٿي تڪليف ڏني وڃي جهاد جي مگر توهان جي وجودِ مقدس کي ۽ مؤمنن کي جهاد جو شوق ڏياريو، ويجھو آهي جو الله تعالى ڪافرن جي سختي کي روڪي ڇڏي، ۽ الله تعالى جي گرفت تمام سخت آهي ۽ عذاب تمام سخت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول!) تون خدا جي راھ ۾ جهاد ڪر پڻ تون پنهنجي سر کانسواءِ ٻئي ڪنهين جو ذمه دار نه آهين. ۽ ايماندارن کي (جهاد جو) شوق ڏيار. جلد خدا ڪافرن جي هيبت لاهي ڇڏيندو. ۽ خدا جي هيبت سڀ کان وڌيڪ آهي ۽ سندس سزا (به) تمام سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جهاد ڪر الله جي واٽ ۾ نه تڪليف ڏنو ويندين مگر پنهنجيءَ جان جي ۽ حرص ڏيار مؤمنن کي ويجهو آهي (اهو وقت) جو الله بند ڪري جنگ ڪافرن جي کي ۽ الله سخت آهي لڙائي ڪرائڻ ۾ ۽ سخت آهي عذاب ڏيڻ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي رسول !) الله جي رستي ۾ جنگ ڪر. تنهنجي سر کانسواءِ توکي ٻئي جو ذميوار نه ٿو ٺهرايو وڃي. ۽ ايمان وارن کي (جنگ ڪرڻ جو) شوق ڏيکار. اميد ته الله ڪافرن جي جنگ کي بند ڪندو. ۽ الله جنگ ۾ (به) سخت ۽ سزا ڏيڻ ۾ (به) سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ( اي نبي) الله جي راهه ۾ جنگ ڪر. تو تي تنهنجي جان کان سواءِ ٻين جو بار نه رکيو ويندو ۽ مؤمنن کي (جهاد لاءِ) همت ڏيار. پڪ آهي ته الله ڪافرن جي زور کي ٽوڙي ڇڏي. ۽ الله لڙائي ۾ ڏاڍو طاقتور ۽ سزا ڏيڻ ۾ زور سخت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ لَڙ ربَّ جي راه ۾، توري نه ٻئي تي بار، شوق ڏيار مؤمنين، جنگ مٿي جونجھار!، جي ڦريا، جنگ اُنهن جِي، جَھليو سگھي جبار، ربُّ ڏاڍو منجھ ڏَهڪار، پڻ ڏاڍو ڏُ ک ڏِيڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تون الله جي راهه ۾ وڙهندو رهه. تون پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو ذمي دار نه آهين ۽ مومنن کي به انهيءَ جي رغبت ڏيار. اميد ته جلد ئي الله ڪافرن جي زور کي روڪي ڇڏي ۽ الله جو زور سڀ کان وڌيڪ مضبوط ۽ سزا ڏيڻ سڀ کان زياده سخت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو اي نبي )ﷺ(، تون الله جي راهه ۾ لڙندو رهه، تون پنهنجي ذات کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به ذميوار نه آهين. البت ايمان وارن کي لڙڻ تي اڀار، جو ٿي سگهي ٿو ته الله ڪافرن جو زور ڀڃي ڇڏي، الله جو زور سڀ کان ڏاڍو ۽ سندس سزا سڀ کان وڌيڪ سخت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) تون لڙ الله جي راهه ۾، تون نه آهين پنهنجي ذات کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو ذميوار، البت اهلِ ايمان کي لڙائي لاءِ همت ٻڌاءِ، (اها ڳالهه پري ڪانهي) ته الله ڪافرن جي زور کي ٽوڙي ڇڏي، (ڇاڪاڻ ته) الله جو زور سڀني کان وڌيڪ ۽ سندس سزا سڀ کان سخت آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) الله تعالى جي راهه ۾ جنگ ڪر، پنهنجو پاڻ کان سواءِ تون ڪنھن ٻئي جو ذميدار نه آهين، باقي مؤمنن کي جنگ وڙهڻ لاءِ همت افزائي ڪندو رهه، ٿي سگهي ٿو ته الله تعالى ڪافرن جي ان دٻاءَ کي جلد ئي ختم ڪري، الله تعالى جو دٻاءُ انتهائي زبردست ۽ ان جي سزا تمام سخت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن يَشفَع شَفٰعَةً حَسَنَةً يَكُن لَهُ نَصيبٌ مِنها وَمَن يَشفَع شَفٰعَةً سَيِّئَةً يَكُن لَهُ كِفلٌ مِنها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ مُقيتًا (آيت : 85) |
جيڪو چڱيءَ ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، جيڪي بڇڙي ڳالھ جي سفارش ڪندو تنھن لاءِ منجھانئس حصّو آھي، ۽ الله سڀ شيءِ تي نگھبان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو انسان ٻئي انسان سان چڱي ڪم ۾ شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان عمل (جي اجر) ۾ حصو ملندو ۽ جيڪو برائي ۾ ٻئي سان شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان لاءِ ان برائي (جي نتيجي) مان حصو ملندو. (هو ۽ هر هڪ شيء جو سنڀاليندڙ ۽ نگهبان آهي. هو هر عمل جي مطابق بدلو ڏئي ٿو) ۽ بيشڪ هو هر (ڪم ڪرڻ جي) طاقت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو شريعت مطابق نيڪيءَ جي ڪم لاءِ سفارش ڪري ٿو ته انهي لاءِ انهي عمل مان حصو آهي، ۽ جيڪو غير شرعي ڪم لاءِ سفارش ڪري ٿو انهي لاءِ انهي بداعماليءَ مان حصو آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر مطلق آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شخص نيڪ ڪم جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان ڪم جي ثواب مان حصو ملندو. پر جيڪو بري ڪم جي سفارش ڪندو ته ان کي به ان ڪم جي سزا جو ڪجھ حصو ملندو ۽ خدا ته هر شيءِ تي نگهبان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو سفارش ڪندو سفارش سهڻي ته هوندو ان لاءِ ڀاڱو ان مان ۽ جيڪو سفارش ڪندو سفارش بڇڙي ته هوندو ان لاءِ ڀاڱو ان مان ۽ آهي الله هر شيءِ تي قادر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو چڱيءَ ڳالهه جي سفارش ڪندو تنهن کي ان مان حصو ملندو. ۽ جيڪو بڇڙي ڳالهه جي سفارش ڪندو تنهن کي ان مان حصو ملندو. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي طاقتور آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو چڱي سفارش ڪندو ته ان لاءِ ان جي اجر ۾ حصو آهي، ۽ جيڪو بري سفارش ڪندو ته ان لاءِ ان جي گناهه ۾ حصو آهي ۽ الله هر شيءِ مٿان نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ڪري سفارش سُهڻِي، ته اُن ۾ حِصو تنهن هار، جي بڇڙي، ته پاڻ اُن ۾، ڀاڱين ڀائيوار، ۽ پورو پهريدار، قادر هر ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو نيڪ ڳالهه جي سفارش ڪندو، ان کي ان (جي ثواب) مان حصو ملندو ۽ جيڪو بڇڙي ڳالهه جي سفارش ڪندو، ان کي ان جي (سزا) مان حصو ملندو ۽ الله هر هڪ شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ڀلائيءَ جي سفارش ڪندو، تنهن کي ان مان حصو ملندو ۽ جيڪو برائيءَ جي سفارش ڪندو، تنهن کي به ان مان حصو ملندو ۽ الله هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو ڀلائيءَ جي سفارش ڪندو، ته سٺو ان مان حصو وٺندو ۽ جيڪو برائيءَ جي سفارش ڪندو، اهو وري ان مان ڀاڱو لهندو، ۽ الله ته هر شيءِ تي مڪمل نظر رکڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو جائز ڳالهه جي سفارش ڪندو ته ان سفارش ڪرڻ ۾ ان لاءِ به اجر هوندو ۽ جيڪو ماڻهو غلط ڳالهه جي سفارش ڪندو، ته ان غلط ڳالهه جي سفارش ۾ ان جو به حصو هوندو، الله تعالى هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا حُيّيتُم بِتَحِيَّةٍ فَحَيّوا بِأَحسَنَ مِنها أَو رُدّوها إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ حَسيبًا (آيت : 86) |
۽ جڏھن اوھانکي سلام ڪرڻ سان تعظيم ڏني وڃي ته ان کان بھتر تعظيم سان (سلام) ورايو يا اوترو ورايو، ڇوته الله سڀڪنھن شيءِ جو حساب ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مومنؤ) جڏهن توهان کي دعا جو سلام ڪيو وڃي تڏهن توهان ان کان به بهتر دعا جا الفاظ جوابي سلام ۾ ڪم آڻيو يا (ڪم از ڪم) ساڳيا لفظ موٽائي چئو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء جو حساب وٺندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪو ماڻهو سلام ڪري ٿو ته پوءِ ان کان بهتر لفظ سان توهان سلام جو جواب ڏيو يا ساڳيو سلام موٽايو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن توهان کي ڪنهن طرح ڪو شخص سلام ڪري ته اوهين به ان جي جواب ۾ ان کان سٺي نموني سان سلام ڪيو يا اهي ئي لفظ جواب ۾ چئو. بيشڪ خدا هر شيءِ جو حساب ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن مرحبا ڪيا وڃو ڪنهن مرحبائيءَ سان پوءِ مرحبا ڪيو سهڻيءَ (مرحبا) سان ان کان يا موٽايو ان کي بيشڪ الله آهي هر شيءِ جو حساب ڪرڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن سلام سان اوهان جي عزت ڪئي وڃي ته اوهين ان کان چڱي (لفظ) سان عزت ڪريو يا ان ئي (لفظ) کي موٽائي چئو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ جو حساب وٺندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن توهان کي ڪنهن لفظ سان سلام ڪيو وڃي ته توهان ان کان زور سهڻي لفظ ۾ سلام جو جواب ڏيو يا (گهٽ ۾ گهٽ) اُنهن ئي لفظن ۾ جواب ڏيو. بيشڪ الله هر شيءِ تي حساب ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن آن کي چئجي جِيءُ، ته جِيءُ چئوسِ اِنهيان چڱو، يا ساڳِي چئوسِ صَحِي، هر شئ تي حسابدان ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهان کي دعا ڏيئي سلام ڪيو وڃي ته اوهين ان کان بهتر يا اهڙي ئي دعا سان (سلام) جو جواب ڏيو. بيشڪ الله هر هڪ ڳالهه جو حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ڪو عزت سان توهان کي سلام ڪري ته ان کي وڌيڪ ڀلي نموني ۾ جواب ڏيو يا گهٽ ۾ گهٽ ان جهڙو ئي، الله هر شيءِ جو حساب وٺڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڪو عزت سان توهان کي سلام ڪري ته ان کي بهتر طريقي سان جواب ڏيو يا گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي، بيشڪ الله ته هر شيءِ جو حساب وٺڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن توهان کي ڪو سھڻي طريقي سان سلام دعا ڪري، ته موٽ ۾ توهان اڃا به بھتر طريقي سان سلام دعا ڪريو، يا گهٽ ۾ گهٽ اوترو ئي جواب ڏيو (اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته) بيشڪ الله تعالى هر شيءِ جو حساب ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَيَجمَعَنَّكُم إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ لا رَيبَ فيهِ وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ حَديثًا (آيت : 87) |
الله (اُھو آھي) جو اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، قيامت جي ڏينھن جنھن ۾ (ڪو) شڪ نه آھي اوھان کي ضرور گڏ ڪندو، ۽ الله کان ڪير (پنھنجي) ڳالھ ۾ زور سچو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ هن کان سواءِ ڪو به معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو ضرور اوهان کي قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو ان ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي (اهو خود الله جو قول آهي) ۽ قول ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير ٿي سگهي ٿو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى آهي، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو، ضرور گڏ ڪندو توهان کي قيامت جي ڏينهن جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ۽ الله تعالى کان سچي ڪنهن جي ڳالهه ٿي سگھي ٿي؟ (يقيناً نه).(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اهو اوهان کي قيامت جي ڏينهن ضرور گڏ ڪندو. ۽ خدا کان وڌيڪ ڳالھ ۾ ڪير سچو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچو معبود ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ البته ضرور گڏ ڪندو اوهان کي قيامت جي ڏينهن ناهي ڪو شڪ ان ۾ ۽ ڪير آهي وڌيڪ سچو الله کان ڳالھ ۾ . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي. اهو اوهان کي قيامت جي ڏينهن ۾ ضرور گڏ ڪندو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ ڪنهن جي ڳالهه الله کان زياده سچي آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اهو آهي جو ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. اهو اوهان کي ضرور قيامت واري ڏينهن گڏ ڪندو جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. ڪير آهي جيڪو الله کان وڌيڪ ڳالهه ۾ سچو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻي، جنهن ڌاران، نه ڪا درگاه ۽ دربار، ڪندان گڏ قيام ڏينهن، وَهم نه جنهن ۾ وار، ۽ صاحب کان سچار، ٻئو ڪهڙو آهي ٻول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ئي اهو آهي، جنهن کانسواءِ ٻيو ڪو بندگيءَ جي لائق نه آهي. اهو قيامت جي ڏينهن سڀني کي ڪٺو ڪندو. جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ ڳالهه چوڻ ۾ الله کان وڌيڪ ٻيو ڪير سچو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله اهو آهي جنهن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اهو توهان سڀني کي ان قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي ۽ الله جي ڳالهه کان وڌيڪ سچي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ته اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه خدا ناهي، اهو توهان سڀني کي گڏ ڪندو قيامت جي ڏينهن، جنهن ۾ شڪ نه آهي ڪوبه، ۽ الله کان وڌيڪ سچي ڳالهه ٻئي ڪنهن جي ٿي سگهي ٿي!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي ذات اها آهي، جنھن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، هو توهان سڀني کي قيامت جي ڏينھن ضرور گڏ ڪندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪا به شڪ جي ڳالهه نه آهي ۽ ڪير آهي جيڪو الله تعالى کان وڌيڪ پنھنجي ڳالهه ۾ سچو هجي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما لَكُم فِى المُنٰفِقينَ فِئَتَينِ وَاللَّهُ أَركَسَهُم بِما كَسَبوا أَتُريدونَ أَن تَهدوا مَن أَضَلَّ اللَّهُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 88) |
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو منافقن جي بابت ٻه ٽوليون (ٿي پيا) آھيو ۽ الله سندن ڪرتوتن سببان کين اونڌو ڪيو آھي، جنھن کي الله ڀلايو تنھن کي اوھين ھدايت ڪرڻ گھُرندا آھيو ڇا؟ جنھن کي الله ڀلائيندو آھي تنھن لاءِ ڪا واٽ ڪڏھن نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو!) پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان منافقن به نسبت ٻه ٽوليون ٿي پيا آهيو. (هڪڙي ٽولي هڪڙي راءِ ٿي ڏئي ته ٻي وري مخالف راءِ ٿي ڏئي) حالانڪ الله تعاليٰ کين سندن بدعملين سبب اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪيو جن کي خدا گمراهه ڪيو آهي ۽ ياد رکو ته جنهن کي به خدا (جي قانون موجب بدعملين سبب) گمراهي حاصل ٿي تنهن لاءِ توهان ڪابه هدايت جي واٽ لهي نه سگهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان کي ڇا ٿيو جو منافقن جي معاملي ۾ توهان ٻه گروه بنجي ويا ۽ الله انهن کي ڦيرايو سندن عملن جي ڪري، ڇا توهان چاهيو ٿا ته واٽ ڏيکاريو ان کي جنهنکي الله تعالى گمراه ڪيو ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ هرگز نه لهندين تون انهي لاءِ واٽ کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) وري اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو اوهين منافقن جي باري ۾ ٻه ٽولا ٿي ويا آهيو؟ (هڪڙو موافق ته ٻيو ٽولو مخالف) هوڏانهن خود خدا سندن ڪرتوتن جي ڪري هنن جي (سمجھ کي) الٽ پلٽ ڪيو آهي، ڇا اوهين اهو چاهيو ٿا ته جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏنو آهي، اوهين ان کي سڌي راھ تي آڻيو. حالانڪ خدا جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏنو آهي اوهان مان ڪو به شخص ان لاءِ سڌو رستو ڪڍي ئي نٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇا اوهان کي جو منافقن جي بابت ٻه ٽولا ٿي پيا آهيو ۽ الله اونڌو ڪيو انهن کي ان جي ڪري جو ڪيائون ڇا ارادو ٿا ڪيو ته هدايت ڪيو ان کي جو گمراھ ڪيو ان کي الله ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ اصل نه لهندين ان لاءِ ڪو رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو جو منافقن (جي معاملي) ۾ ٻه جماعتون ٿي پيا آهيو. هوڏانهن الله انهن کي سندن (بڇڙن) ڪمن جي (شامت) ڪري اونڌو ڪري ڇڏيو. ڇا اوهين ان کي رستو ڏيکارڻ گهرو ٿا جنهن کي الله گمراهه ڪيو آهي؟ هوڏانهن جنهن کي الله گمراهه ڪندو تنهن لاءِ تون ڪو رستو نه لهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اوهان کي ڇا ٿيو جو منافقن جي باري ۾ اوهان ٻه ٽولا ٿي ويا؟ حالانڪه الله انهن جي (سوچ) کي انهن جي ڪرتوتن سبب اونڌو ڪيو آهي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته ان ماڻهو کي راهه ڏيکاريو جنهن کي الله گمراهه ڪيو آهي؟ ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان لاءِ تون ڪا واٽ نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهيو اوهين ڇا ڪاڻ، ٻِڇاپڙن ۾، ٻه پارٽيون، ۽ موٽاينِ ميدان کان، صاحب سُرت سُڄاڻ، جيڪي ڪيائون تنهن ڪري؛ ڇا گُھرو اوهين اَڄاڻ! ته جنهن کي، ڀَلي ڀُلائيو، تنهن ڀُلي، آڻيو ڀاڻ، ۽ جنهن کي روليوئي ربَّ پاڻ، تنهن لئي نه لهندين واٽ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو منافقن بابت ٻه ٽولا ٿي رهيا آهيو؟ ۽ الله انهن کي سندن ڪرتوتن جي ڪري اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا اوهين گهرو ٿا، ته جنهن کي الله گمراهه ڪيو آهي ان کي سنئين رستي آڻيو؟ پر جنهن کي الله گمراهه ڪري، ان کي تون هرگز رستو نٿو ڏيکاري سگهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان کي اهو ڇا ٿي ويو آهي، جو منافقن بابت توهان ۾ ٻه رايا ٿي پيا آهن، حالانڪه جيڪي برايون انهن ڪمايون آهن، انهن جي ڪري الله کين ابتو ڦيرائي ڇڏيو آهي. ڇا توهان گهرو ٿا ته جنهن کي الله هدايت نصيب نه ڪئي آهي، تنهن کي توهان هدايت تي آڻيندؤ، حالانڪه جنهن کي الله رستي کان ٿيڙي ڇڏيو تنهن لاءِ تون ڪوبه رستو نه لهي سگهندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو منافقن جي باري ۾ توهان جا ٻه رايا آهن،۽ الله انهن کي ابتو ڦيرائي چڪو آهي سندن براين ڪمائڻ جي ڪري، ڇا توهان گهرو ٿا ته جنهن کي هدايت نه بخشي آهي الله، ان کي توهان هدايت بخشيو ۽ جنهن کي ڀٽڪائي الله ته ان لاءِ تون ڪوبه رستو نه لهندين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (آخر) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو منافقن جي باري ۾ اوهان جي وچ ۾ ٻه گروهه پيدا ٿي پيا آهن، حالانڪه انهن جيڪي ڪلور ڪيا آهن، تن جي ڪري الله تعالى کين الٽو ڦيري چڪو آهي، ڇا توهان اهڙن ماڻهن کي هدايت ڏيڻ چاهيو ٿا، جن کي الله تعالى گمراهه ڪري چڪو آهي ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري، ته اهڙي شخص لاءِ توهان ڪوبه هدايت وارو رستو نه لهي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَدّوا لَو تَكفُرونَ كَما كَفَروا فَتَكونونَ سَواءً فَلا تَتَّخِذوا مِنهُم أَولِياءَ حَتّىٰ يُهاجِروا فى سَبيلِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ وَجَدتُموهُم وَلا تَتَّخِذوا مِنهُم وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 89) |
(اُھي) گھرندا آھن ته جيڪر اوھين ڪافر ٿيو جھڙا پاڻ ڪافر آھن ته سڀ ھڪ جھڙا ٿيون پوءِ منجھائن ڪنھن کي ايستائين دوست ڪري نه وٺو جيستائين الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏين، پوءِ جيڪڏھن ڦري وڃن ته پڪڙيونِ ۽ جتي لھونِ تتي قتل ڪريونِ، ۽ منجھائن ڪنھنکي نڪي دوست ۽ نڪي مددگار ڪري وٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي منافق تمام سخت چاهنا رکن ٿا ته جهڙيءَ طرح پاڻ ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي اٿن تيئن توهان به ڪيو ته سڀ هڪ جهڙا ٿي پئو. پوءِ جيستائين اهي ماڻهو (مڪي جا منافق) الله جي راهه ۾ هجرت نه ڪن (۽ دشمنن کي ڇڏي توهان وٽ نه اچن) تيستائين توهان هنن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار نه بنايو، پر جيڪڏهن هو هجرت ڪرڻ قبول نه ڪن ته (جنگ جي حالت ۾ دشمنن جو ساٿي به دشمن آهي تنهن ڪري) جتي به کين ڏسو اتي کين گرفتار ڪيو يا قتل ڪيو ۽ انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بنايو، نڪي پنهنجو مددگاربنايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چاهن ٿا ته جيڪر توهان ڪفر ڪريو جيئن انهن ڪفر ڪيو پوءِ توهان سڀئي هڪ جهڙا ٿيو، پوءِ انهن مان ڪنهن کي پنهنجو دوست نه بنايو جيستائين الله تعالى جي راه ۾ هجرت نه ڪن، پوءِ جيڪڏهن اهي منهن موڙين پوءِ انهن کي پڪڙيو ۽ انهن کي قتل ڪريو جتي توهان کي ملن، ۽ انهن مان ڪنهن کي دوست ۽ مددگار نه بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ماڻهن جي مرضي ته هي آهي ته جيئن اهي ڪافر ٿي ويا تئين هي به ڪافر ٿين ته جيئن اوهين انهن جي برابر ٿي وڃو. پوءِ جيستائين اهي خدا جي راھ ۾ هجرت نه ڪن. تون انهن مان ڪنهن کي به دوست نه بڻائي. پوءِ جيڪڏهن هو ان کان به منهن موڙين ته انهن کي قيد ڪيو ۽ جتي به ملن، قتل ڪيو پڻ هنن مان نه ڪنهن کي دوست بڻائي نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) محبت ٿا رکن هن ڳالھ جي ته ڪفر ڪيو جيئن پاڻ ڪفر ڪيائون پوءِ ٿي پئو برابر پوءِ نه وٺو انهن مان دوست تانجو هجرت ڪن الله جي واٽ ۾ پوءِ جيڪڏهن منهن موڙين پوءِ پڪڙيو انهن کي ۽ ڪهو انهن کي جتي به لهو انهن کي ۽ نه وٺو انهن مان دوست ۽ نه مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اُهي هيءَ خواهش ڪن ٿا ته اوهين ڪافر ٿيو جيئن پاڻ ڪافر ٿيا آهن پوءِ اوهين (سڀ) هڪجهڙا ٿيو، پوءِ انهن مان ايستائين دوست نه بنايو جيستائين اهي الله جي رستي ۾ وطن نه ڇڏين، پوءِ جيڪڏهن (اسلام ۽ هجرت کان) ڦري وڃن ته کين پڪڙيو ۽ جتي به کين لهو اُتي انهن کي قتل ڪريو. ۽ انهن مان نه ڪنهن کي دوست ۽ نه ڪي مددگار بنايو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي چاهن ٿا ته توهان به ائين ڪفر ڪيو جيئن انهن ڪفر ڪيو آهي پوءِ سڀ هڪ جهڙا ٿي وڃو. پوءِ اوهان انهن مان ڪنهن کي به دوست نه بنايو جيستائين الله جي راهه ۾ هجرت ڪن. پوءِ جي منهن موڙن ته انهن کي گرفتار ڪيو ۽ انهن کي جتي به لهو قتل ڪيو ۽ انهن مان نه ڪنهن کي دوست بنايو نه مددگار بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڻينِ، ته ڦِرو واٽ کان، جنهن پر ڦِريا پاڻ، پوءِ، هر دو هڪ جھڙا هجو، پوءِ سڄڻ نه ڪريونِ سُڄاڻ!، تان ڇڏي ڀيڻيون ڀاڻ، لڏينِ ربَّ جي راه ۾. پوءِ، جي مُڙيا، تن پکڙيو ۽ جِتي لهونِ ته ماريو، ۽ نه تن مان دوست ڌاريو، ۽ نه مددگار مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ته گهرن ٿا، ته اوهين به ائين ڪافر ٿيو جيئن هو (پاڻ) ڪافر ٿيا آهن، ته اوهين سڀ برابر ٿي پئو. پوءِ جيسين هو الله جي واٽ ۾ وطن نه ڇڏين، ته انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بنايو. جيڪڏهن (ان کان) منهن موڙين، ته کين پڪڙيو ۽ اتي ئي کين قتل ڪريو جتي کين لهو ۽ انهن مان ڪنهن کي به دوست ۽ مددگار نه بڻايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته گهرن ٿا ته جيئن پاڻ ڪافر آهن، تيئن توهان به ڪافر بڻجي وڃو ته جيئن توهان ۽ هو سڀئي هڪجهڙا ٿي پئو، تنهنڪري انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بڻايو، جيستائين هو الله جي راهه ۾ هجرت ڪري نه اچن ۽ جيڪڏهن هو هجرت کان منهن موڙين ته جتي به کين لهو پڪڙيو ۽ قتل ڪريو، ۽ انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار نه بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو ته گهرن ٿا ته جيئن اهي پاڻ ڪافر آهن ته توهان به ڪافر ٿيو، جيئن اهي ۽ توهان سڀ هڪ جهڙا ٿي وڃو، انهن مان ڪنهن کي پنهنجو دوست نه ڪريو جيستائين اهي هجرت ڪري الله جي راهه ۾ نه اچن ۽ جي اهي هجرت نه ڪن ته پوءِ انهن کي قتل ڪريو جتي به ڏسو ۽ نه ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار بڻايو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (منافق) ته توهان کي به ڪافر ڏسڻ چاهين ٿا، جيئن هو پاڻ ڪافر آهن (سندن دل ۾ هي ڳالهه آهي ته) اهڙي طريقي سان توهان سڀ هڪجھڙا ٿي پوندا. اهڙي سوچ رکندڙن مان ڪڏهن به ڪنھن سان دوستي نه رکجو، تان جو هو الله تعالى جي رستي ۾ هجرت ڪري نه اچن، پر جيڪڏهن هو هجرت کان انڪار ڪن، ته پوءِ توهان انهن کي جتي به ڏسو، کين سوگهو ڪريو ۽ قتل ڪريو، انهن مان ڪنھن کي به دوست ۽ مددگار نه سمجهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ يَصِلونَ إِلىٰ قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ أَو جاءوكُم حَصِرَت صُدورُهُم أَن يُقٰتِلوكُم أَو يُقٰتِلوا قَومَهُم وَلَو شاءَ اللَّهُ لَسَلَّطَهُم عَلَيكُم فَلَقٰتَلوكُم فَإِنِ اعتَزَلوكُم فَلَم يُقٰتِلوكُم وَأَلقَوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ فَما جَعَلَ اللَّهُ لَكُم عَلَيهِم سَبيلًا (آيت : 90) |
پر (انھن سان نه وڙھو) جيڪي اھڙيءَ قوم سان ڳنڍيل ھجن جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي يا اوھان وٽ ھن حال ۾ اچن جو اوھان سان وڙھڻ يا پنھنجي قوم سان وڙھڻ کان سندن سينا دِڪ ٿيا ھجن، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته کين اوھان تي غالب ڪري ھا پوءِ اوھان کي ضرور مارين ھا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو ڪن ۽ اوھان سان نه وڙھن ۽ اوھان ڏانھن صُلح (جي پيغام) کي اُڇلين پوءِ الله اوھان لاءِ مٿن ڪا ويڙھ جي واٽ نه ڪئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو حڪم انهن لاءِ ناهي) جي دشمنن کان جدا ٿي ڪنهن اهڙي قوم ۾ وڃي ملن جن سان اوهان جو صلح ۽ عهد نامون ٿيل هجي يا اهڙا ماڻهو هجن جي لڙائي کان بيزار ٿي توهان وٽ هليا اچن. نه توهان سان لڙائي ڪن نه (توهان جي پاران) پنهنجي قوم سان لڙائي ڪن (انهن جي خلاف اوهان لڙائي نه ڪيو.) جيڪڏهن خدا چاهي ته انهن ماڻهن کي توهان تي زبردستي ڏئي ۽ هو اوهان سان وڙهندا رهن. پوءِ جڏهن هو اوهان کان پاسو ڪري ويا ۽ جنگ نٿا ڪن ۽ پڻ صلح جو پيغام موڪلي رهيا آهن ته پوءِ الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ڪابه اهڙي راهه يا سبب نه ڇڏيو آهي جو اهڙن ماڻهن سان لڙائي ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر اهي ماڻهو جيڪي اهڙي قبيلي سان تعلق رکن ٿا جنهن سان توهان معاهدو ڪيو آهي يا توهان وٽ آيا ۽ سندن سينا تنگ ٿيا جو توهان سان مقابلو ڪن يا پنهنجي قبيلي سان مقابلو ڪن، ۽ جيڪڏهن الله تعالى گھري ها ته انهن جون دليون مضبوط ٿين ها، پوءِ توهان سان مقابلو ڪن ها، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کان پاسو ڪن ۽ مقابلو نه ڪن ۽ توهان سان صلح ڪن، پوءِ الله تعالى مقرر نه ڪيائين توهان تي انهن سان جنگ ڪرڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جي ماڻهو ڪنهن اهڙي قوم سان وڃي مليا آهن، جن سان اوهان جي (صلح جو) عهد اقرار ٿي چڪو آهي يا اوهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان گڏ وڙهي (وڙهي) ڪڪ ٿي اوهان وٽ اچن (ته انهن کي ڪجھ نه چئو) ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته کين اوهان تي غالب ڪري ها. پوءِ ضرور اهي اوهان سان جنگ ڪن ها. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو ڪن ۽ اهي اوهان سان نه وڙهن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام موڪلين ته پوءِ اوهان لاءِ انهن کي (آزار پهچائڻ جي) خدا ڪا راھ نه ڪڍي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جيڪي پهچن اهڙيءَ قوم وٽ جو اوهان ۽ انهن جي وچ ۾ پڪو عهد آهي يا اچن اوهان وٽ تنگ ٿيا سينا انهن جا (هن ڳالھ کان) جو وڙهن اوهان سان يا وڙهن قوم پنهنجي سان ۽ جيڪڏهن گهري الله ته البته غالب ڪري انهن کي اوهان تي پوءِ البته جنگ ڪن اوهان سان ۽ پوءِ جيڪڏهن پاسو ڪن اوهان کان پوءِ وڙهن اوهان سان ۽ اڇلائين اوهان ڏانهن صلح ته پوءِ نه ڪيو الله اوهان لاءِ انهن تي (وڙهڻ جي لاءِ) ڪو رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر انهن کي (قيد ۽ قتل نه ڪريو) جيڪي اهڙي قسم سان وڃي ملن ٿا جن جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ عهد ٿيل هجي يا اُهي اوهان وٽ هن حال ۾ اچن جو اوهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان جنگ ڪرڻ کان سندن دليون تنگ ٿيون هجن ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کي اوهان تي غالب ڪري ها، پوءِ ضرور اهي اوهان سان جنگ ڪن ها. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو ڪن پوءِ اوهان سان جنگ نه ڪن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام پهچائين ته الله اوهان لاءِ انهن تي ڪو رستو نه ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر انهن ماڻهن کي (قتل نه ڪيو) جيڪي اهڙي قوم سان مليا آهن جو توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ معاهدو ٿيل آهي يا توهان وٽ ان حال ۾ آيا جو انهن جون دليون توهان سان جنگ ڪرڻ يا پنهنجي قوم سان جنگ ڪرڻ کان بيزار آهن. ۽ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن کي اوهان مٿان مسلط ڪري ڇڏي ها پوءِ ضرور اوهان سان لڙن ها، پوءِ اگر اُهي اوهان کان ڪناره ڪشي ڪن ۽ اوهان سان جنگ نه ڪن ۽ اوهان ڏي صلح جو سنيهو موڪلن ته پوءِ الله توهان لاءِ انهن سان لڙڻ جي ڪا واٽ نه ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر مِلن تنهن قوم سان، ته اوهان ۽ اُنهن وچ انجام، يا آيان ۽ اندر اُنهن جا، ٿِين تنگ تمام، ته وڙهن، سي وريام!، اوهان، يا انهن جي قوم مان. ۽ جيڪو گھريو جل شانہٗ، ته سو پِئينِ اوهان جي سر، ته لڙيا اوهان سان، پوءِ اوهان سان نه لڙيا، جي لشڪر، ۽ سَٽيون ڳالھ صلـح جِي، اوهان ڏي آخر، پوءِ مولا نه ڪئـِي مُقرر، واٽ اوهان لئي اُنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪي اهڙن ماڻهن سان وڃي مليا هجن، جو اوهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ (صلح) جو عهد هجي، يا اهڙا ماڻهو هجن، جي لڙائي کان تنگ ٿي اوهان وٽ اچن ته اوهان سان گڏجي وڙهن يا پنهنجي قوم سان وڙهن (ته انهن سان نه وڙهو). جيڪڏهن الله گهري ها، ته انهن کي اوهان تي غالب ڪري ها ته اهي اوهان سان ضرور وڙهن ها. پوءِ جي اوهان کان پاسو ڪن ۽ اوهان سان نه وڙهن اوهان ڏانهن صلح (جو پيغام) موڪلين ته الله اوهان کي انهن سان جنگ ڪرڻ جو ڪو اختيار نه ڏنو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي اهي منافق هن حڪم کان ٻاهر آهن، جيڪي ڪنهن اهڙيءَ قوم سان وڃي ملن جن سان توهانجو معاهدو آهي. اهڙيءَ ريت اهي منافق به خارج آهن جيڪي توهان وٽ ايندا آهن ۽ لڙائيءَ کان پاڻ کي روڪيو اٿن جو نه توهان سان وڙهڻ ٿا گهرن، نه پنهنجي قوم سان. الله گهري ها ته کين توهان تي غالب ڪري ڇڏي ها ۽ هو به توهان سان وڙهن ها. تنهنڪري جيڪڏهن هو توهان کان ٽارو ڪري وڃن ۽ لڙڻ کان باز رهن ۽ توهان ڏانهن صلح جو هٿ ڊگهيرن ته الله توهان لاءِ مٿن هٿ کڻڻ جي ڪابه گنجائش نه رکي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته اهي (منافق) حڪم کان بچيل آهن، جيڪي ڪنهن اهڙي قوم سان وڃي ملن جن سان توهان جو معاهدو آهي ۽ اهي منافق جيڪي توهان وٽ اچن ۽ لڙائي کان لهرائن ٿا، نه توهان سان لڙڻ گهرن ٿا ۽ نه پنهنجي قوم، سان گهري ها الله ته انهن کي توهان تي غالب ڪري ها، پوءِ اهي به توهان سان لڙن ها، پوءِ جي اهي توهان کان پاسو ڪن ۽ نه وڙهن ۽ توهان ڏانهن هٿ وڌائن صلح جو، ته الله توهان لاءِ انهن تي زيادتي ڪرڻ جي ناهي ڇڏي ڪابه راهه.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هي اهڙي قبيلي وٽ پھچن، جنھن سان توهان جو (اڳواٽ) ڪو معاهدو آهي، ته پوءِ انهن کي قابو به نه ڪريو ۽ کين قتل به نه ڪريو ۽ اهڙا منافق به انهيءَ حڪم کان آجا آهن، جيڪي توهان وٽ اچي ٻئي هٿ مٿي ڪري چون ٿا، ته اسان جي توبہ هاڻي اسان نه توهان سان وڙهنداسين ۽ نه پنھنجي قوم سان، پر جيڪڏهن الله تعالى چاهي ها ته کين توهان تي غالب ڪري ها ۽ پوءِ هو توهان سان ضرور وڙهن ها، جيڪڏهن هو توهان کان پاسو ڪن ۽ اوهان سان جنگ نه ڪن ۽ اوهان ڏي صلح جو پيغام به موڪلين، ته اهڙي صورت ۾ الله تعالى توهان جي لاءِ انهن سان وڙهڻ جي ڪا به گنجائش نه رکي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَتَجِدونَ ءاخَرينَ يُريدونَ أَن يَأمَنوكُم وَيَأمَنوا قَومَهُم كُلَّ ما رُدّوا إِلَى الفِتنَةِ أُركِسوا فيها فَإِن لَم يَعتَزِلوكُم وَيُلقوا إِلَيكُمُ السَّلَمَ وَيَكُفّوا أَيدِيَهُم فَخُذوهُم وَاقتُلوهُم حَيثُ ثَقِفتُموهُم وَأُولٰئِكُم جَعَلنا لَكُم عَلَيهِم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 91) |
ٻيءَ ٽوليءَ کي (اوھين) سگھوئي لھندؤ جو اوھان کان امن ۾ ھجڻ گھرندا ۽ پنھنجيءَ قوم کان (به) امن ۾ ھجڻ گھرندا، جڏھن ڪڏھن ڪنھن فتني ڏانھن سڏيا ويندا تڏھن منجھس جھٽ پٽ اونڌي منھن ڪري پوندا، پوءِ جيڪڏھن اوھان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوھان ڏانھن صُلح جي پيغام کي اُڇلين ۽ نڪي پنھنجي ھٿن کي (ويڙھ کان) جھلين ته انھن کي پڪڙيو ۽ جتي انھن کي لھو تِتي اُنھن کي ماريو، ۽ انھن تي اسان اوھان کي پڌرو غلبو ڏنو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن کان سواءِ ڪي وري اهڙا ماڻهو ڏسندؤ جي (لڙائيءَ جا خواهشمند نه آهن) توهان کان به امن ۾ رهڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهڻ چاهين ٿا پر جڏهن فتني ۽ فساد جي طرف ڌڪيا وڃن ته اونڌا ٿي ان ۾ ڪري پون (۽ پنهنجي امن واري خواهش تي محڪم رهي نه سگهن) سو جڏهن اهڙا ماڻهو توهان کان پاسو نه ڪن ۽ توهان ڏي صلح جو پيغام نه موڪلن ۽ نه لڙائي کان هٿ روڪن ته پوءِ انهن کي به گرفتار ڪيو ۽ جتي به کين ڏسو اتي قتل ڪيو، هي اهي ماڻهو آهن جن جي خلاف (جنگ ڪرڻ لاءِ) اسان توهان کي چٽي سند يا اختياري ڏني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جلدي لهندا توهان ٻين ماڻهن کي جيڪي ارادو ڪن ٿا توهان کان به امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهن، اهي جڏهن ڪڏهن مسلمانن سان جنگ ڪن ٿا ته انهيءَ ۾ هلاڪ ٿين ٿا، پوءِ جيڪڏهن اهي توهان کان پاسو نه ڪن ۽ صلح نه ڪن ۽ پنهنجن هٿن کي جھيڙي کان نه روڪين پوءِ وٺو توهان انهن کي ۽ قتل ڪريو توهان انهن کي جتي توهان کي ملن، ۽ اُهي ئي آهن جن تي اسان توهان کي چٽو اختيار ڏنو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جلد اوهين اهڙن ٻين کي به لهندو جن جي مرضي آهي ته اوهان سان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم سان (به) امن ۾ رهن. جڏهن به کين فساد ڏي موٽايو ويندو ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪرندا. پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوهان ڏي صلح جو پيغام موڪلين ۽ نڪي پاڻ کي (جنگ کان) روڪين ته انهن کي پڪڙيو (قيد ڪريو) ۽ جتي به کين لهو اتي انهن کي قتل ڪريو ۽ اهي ئي اهي ماڻهو آهن جن تي اوهان کي ظاهر غلبه عطا فرمايل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سگهو ئي لهندؤ ٻين کي جو ارادو ٿا ڪن ته امن ۾ رهن اوهان کان ۽ امن ۾ رهن قوم پنهنجيءَ کان جڏهن به موٽايا ويا فساد ڏانهن ته اونڌا ڪيا ويا ان ۾ پوءِ جيڪڏهن نه پاسو ڪن اوهان کان ۽ (نه) پيش ڪن اوهان ڏانهن صلح ۽ (نه) روڪين هٿ پنهنجا پوءِ وٺو انهن کي ۽ ڪهو انهن کي جتي به لهو انهن کي ۽ اهي ئي آهن جو ڪئي سون اوهان لاءِ انهن تي حجت پڌري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين اهڙن ٻين کي به لهندؤ جيڪي گهرن ٿا ته اوهان کان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان (به) امن ۾ رهن. جڏهن به کين فساد ڏي موٽايو ويندو ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪرندا. پوءِ جيڪڏهن اُهي اوهان کان پاسو نه ڪن ۽ نڪي اوهان ڏي صلح جو پيغام پهچائين ۽ نڪي پنهنجن هٿن کي (جنگ کان) روڪين ته انهن کي پڪڙيو (قيد ڪريو) ۽ جتي به کين لهو، اُتي انهن کي قتل ڪريو. ۽ انهن تي ئي اسان اوهان کي ظاهر حجت ڏني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سگهو ئي ٻيا اهڙا ماڻهو ڏسندؤ جيڪي (منافقانه مفاهمت ذريعي) چاهن ٿا ته اوهان کان امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهن. (پر) جڏهن به (مسلمانن جي خلاف) ڪنهن فتني ڏانهن موٽايا وڃن ٿا ته ان ۾ اونڌا ٿي ڪِرن ٿا، پوءِ جيڪڏهن اوهان کان ڪناره ڪشي نه ڪن ۽ (نه ئي) اوهان ڏانهن صلح جو سنيهو موڪلن ۽ نه ئي (فتني کان) پنهنجا هٿ روڪن ته پوءِ انهن کي پڪڙيو (قيد ڪيو) ۽ انهن کي جتي به لهو قتل ڪيو. ۽ اُهي ئي آهن جن مٿان اسان اوهان کي کليل اختيار ڏنو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِگھو لهندا ساٿ ٻيو، جي خالي ڪن خيال، ته بچائين اوهان، ۽ سندن قوم، ڪُلال، ڦاٿا منجھس فِي الحال، جڏهن به جھڳڙي ڏي وريا. پوءِ جي نه ٽريا اوهان تان، ۽ نه سِٽيون صلح جِي ڳالھ، ۽ نه جھليون سندن هٿن کي، ته ڪريونِ بند بحال، ۽ ڪُهو، سي ڪُلال، جتي لَڌانِ لوڪ ۾. ۽ اِهي ئي، آهين سي،ته مالڪ ڪيو مور، ظاهر زور ضرور، اوهان لاءِ، اُنهن مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ٻيا ڪي اهڙا ماڻهو به ڏسندؤ، جي گهرن ٿا، ته اوهان کان به امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهن، اهي جڏهن فتني ڏانهن سڏايا وڃن ٿا ته ان ۾ اونڌي منهن ڪرن ٿا ۽ جيڪڏهن اهي اوهان سان (وڙهڻ کان) پاسو نه ڪن، نڪي اوهان کي صلح (جو پيغام) ڏين ۽ پنهنجن هٿن کي روڪين، ته انهن کي به پڪڙيو ۽ قتل ڪريو، جتي به ڏسو. اهي ئي آهن، جن جي برخلاف اوهان کي (جنگ جي) حجت ڏني اٿئون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري ٻيا اهڙا منافق به توهان کي ملندا، جيڪي گهرن ٿا ته توهان سان به امن سان رهن ۽ پنهنجي قوم سان به، پر جڏهن به ڪو فتني جو موقعو ملندن ته ان ۾ ٽپي پوندا، اهڙا ماڻهو جيڪڏهن توهان جي مقابلي کان باز نه رهن ۽ توهان جي آڏو صلح سلامتي پيش نه ڪن ۽ پنهنجا هٿ نه جهلين ته جتي به توهان کي ملن کين پڪڙيو ۽ قتل ڪريو. انهن تي هٿ کڻڻ جو اسان توهان کي کليل اختيار ڏئي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ ٻئي قسم جا منافق توهان کي اهڙا ملندا، جيڪي گهرن ٿا ته توهان سان به امن ۾ رهن ۽ پنهنجي قوم سان پڻ! پر جڏهن به فتني جو موقعو ملندن ته ان ۾ ٽپي پوندا، پوءِ جيڪڏهن اهڙا ماڻهو توهان جي مقابلي کان باز نه رهن ۽ صلح سلامتي توهان جي آڏو پيش نه ڪن ۽ نه جهلين پنهنجا هٿ، ته پوءِ انهن کي پڪڙيو ۽ ماريو جتي به توهان کي ملن، انهن تي هٿ کڻڻ جي اسان توهان کي کلي حجت ڏئي ڇڏي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري توهان سگهو ئي اهڙا ٻيا ماڻهو به ڏسندا، جيڪي چاهيندا ته توهان جي طرفان انهن کي امن (۽ حفاظت) ملي ۽ پنھنجي قوم طرفان به کين امن ملي (پر انهن جي اها عادت آهي جو) جڏهن به کين فتني ڦھلائڻ جو موقعو ملي، ته (هڪدم) ان ۾ انڌا ٿي ملوث ٿي ويندا، جيڪڏهن هو توهان سان مقابلي ڪرڻ کان پاسو نه ڪن، اوهان ڏانھن صلح جو پيغام نه موڪلين ۽ پنهنجو پاڻ کي توهان سان جنگ ڪرڻ کان پري نه رکن، ته پوءِ جتي به ڏسو کين قابو ڪريو ۽ قتل ڪريو، اهڙن ماڻهن سان اوهان کي وڙهڻ جي کلي اجازت ڏني وڃي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ أَن يَقتُلَ مُؤمِنًا إِلّا خَطَـًٔا وَمَن قَتَلَ مُؤمِنًا خَطَـًٔا فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ إِلّا أَن يَصَّدَّقوا فَإِن كانَ مِن قَومٍ عَدُوٍّ لَكُم وَهُوَ مُؤمِنٌ فَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ وَإِن كانَ مِن قَومٍ بَينَكُم وَبَينَهُم ميثٰقٌ فَدِيَةٌ مُسَلَّمَةٌ إِلىٰ أَهلِهِ وَتَحريرُ رَقَبَةٍ مُؤمِنَةٍ فَمَن لَم يَجِد فَصِيامُ شَهرَينِ مُتَتابِعَينِ تَوبَةً مِنَ اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 92) |
۽ مؤمنن جو مارڻ ڪنھن مؤمن کي ڀُل چُڪ کانسواءِ (ڪنھن حال ۾) نه جڳائي، ۽ جيڪو مؤمن ڀُل چُڪ سان ماري ته (ھڪ ته) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪري ۽ (ٻيو ته) چَٽي سندس وارثن کي پھچائي پر جي بخشين (ته انھن کي اختيار آھي)، پوءِ جيڪڏھن اوھان جي ويرين جي قوم مان آھي ۽ اُھو مؤمن ھجي ته (ڇڙو) مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي ( ۽ چٽي معاف آھي)، ۽ جيڪڏھن انھيءَ قوم مان آھي جو اوھان جي ۽ انھن جي وچ ۾ پڪو انجام ٿيل آھي ته چٽي سندس وارثن کي پھچائجي ۽ مؤمن ٻانھي کي آجو ڪرڻ لازم آھي، ۽ جيڪو نه لھي ته ٻه مھينا لڳو لڳ روزا رکي، (اھو ڪُفّارو) الله (جي پار) کان توبه جي (قبول ٿيڻ) ٿيڻ لاءِ آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪنهن به مؤمن کي نٿو جڳائي ته ڪنهن مومن کي قتل ڪري سواءِ ان حالت جي جڏهن ڀل چڪ کان ائين ٿي وڃي. جنهن به هڪڙي مومن کي غلطيءَ کان (شڪ شبهي ۾) قتل ڪيو هجي تنهن کي گهرجي ته هڪ مومن ٻانهو آزاد ڪري ۽ مقتول جي وارثن کي خون بها (عيوضو) ڏئي پر جيڪڏهن مقتول جو وارث خون بها معاف ڪري ته ڪري سگهي ٿو. ۽ جيڪڏهن مقتول انهيءَ قوم مان آهي جي توهان جا دشمن آهن (۽ توهان سان لڙائي اٿن) پر هو آهي مومن (۽ ڪو ائين سمجهي ته هي به دشمنن مان آهي ان کي قتل ڪيو هجي) ته گهرجي ته هڪ مسلمان غلام آزاد ڪيو وڃي. (خون بها ڏيڻ جو ضرور ڪونهي ڇو ته هن جي وارثن ۽ سنگتين جي مسلمانن سان لڙائي آهي) ۽ جيڪڏهن مقتول انهن ماڻهن مان آهي جن سان اوهان جو صلح جو عهدنامو ٿيل آهي ته گهرجي ته قاتل مقتول جي وارثن کي خون بها به ڏئي ۽ هڪ مسلمان غلام آزاد به ڪري. ۽ جيڪڏهن قاتل هڪڙو غلام نه لهي (يعني کيس ايتري وسعت ناهي جو ڪو غلام خريد ڪري ان کي آزاد ڪري ڇڏي) ته پوءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، هن لاءِ جو الله جي طرف کان اها (هن جي گناهه جي) توبهه آهي. ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مؤمنن جو شان ناهي جو ڪنهن مؤمن کي قتل ڪري مگر غلطي سان، ۽ جيڪو ماڻهو مؤمن کي غلطي سان قتل ڪري ٿو ته ان تي مسلمان ٻانهي کي آزاد ڪرڻو آهي ۽ خون بها ادا ڪري مقتول جي وارثن کي مگر اهو جو وارث معاف ڪن، پوءِ جيڪڏهن مقتول انهيءَ قبيلي مان آهي جيڪي توهان جا دشمن آهن ۽ مقتول مؤمن آهي پوءِ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي، ۽ جيڪڏهن مقتول انهي قبيلي مان آهي جن سان توهان جو معاهدو ڪيل آهي پوءِ ان جي وارثن کي خون بها ڏيو ۽ مسلمان ٻانهو آزاد ڪريو، پوءِ جنهن وٽ ٻانهو ناهي ته پوءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، اها الله تعالى وٽ قاتل جي توبه آهي ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪنهن ايماندار کي هي جائز نه آهي جو ڪنهن مومن کي ماري ڇڏي پر ڌوڪي سان (قتل ٿئي ته ٻي ڳالھ آهي) ۽ جو شخص ڪنهن مومن کي ڌوڪي سان (به) ماري ته (ان تي) هڪ ايماندار غلام جو آزاد ڪرڻ ۽ ڪٺل جي قرابتدارن کي خون بها ڏيڻ (لازم) آهي پر جيڪڏهن اهي معاف ڪن. پوءِ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ اهو (مقتول) مومن هجي ته (ان تي فقط) هڪ مسلمان غلام کي آزاد ڪرڻ پر جي قتل ڪيل انهن (ڪافرن) مان هجي جن سان اوهان جا انجام اقرار ٿي چڪا آهن ته (قتل تي) قتل ڪيل جي وارثن کي خون بها ڏيڻ ۽ هڪ مومن غلام جو آزاد ڪرڻ واجب آهي. پوءِ جو شخص (مسلمان ٻانهو) نه لهي ته (ان تي) ٻه مهينا لڳاتار روزا رکڻا آهن خدا کان گناھ بخشائڻ لاءِ. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي (مناست) ڪنهن مؤمن جي لاءِ ته ڪهي ڪنهن مؤمن کي مگر غلطيءَ کان ۽ جنهن ڪٺو ڪنهن مؤمن کي غلطيءَ سان پوءِ آزاد ڪرڻ آهي ٻانهي مؤمن جو ۽ خون بها ڏنل ان جي وارثن کي مگر هي جو بخش ڪن پوءِ جيڪڏهن آهي اهڙيءَ قوم مان جو اهي دشمن آهن اوهان جي لاءِ ۽ اهو (پاڻ) ايمان وارو آهي ته پوءِ آزاد ڪرڻ آهي ٻانهي مؤمن جو ۽ جيڪڏهن آهي اهڙي قوم مان جو اوهان ۽ انهن جي وچ ۾ پڪو عهد آهي ته پوءِ خون بها ڏنل آهي ان جي وارثن ڏانهن ۽ آزاد ڪرڻ ٻانهي مؤمن جو پوءِ جنهن نه لڌو روزو رکڻ آهي ٻن مهينن لاڳيتن جو موٽڻ آهي الله جي طرفان ۽ آهي الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مسلمان لاءِ مناسب نه آهي ته ٻئي ڪنهن ايمان واري کي ڀل چوڪ کانسواءِ قتل ڪري. ۽ جيڪو ڪنهن ايمان واري کي ڀل چوڪ ۾ قتل ڪندو ته (ان تي) هڪ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو ۽ خون بها آهي جا ان جي گهر وارن کي ڏني ويندي مگر معاف ڪرڻ وقت (خون بها نه آهي) پوءِ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ اهو مسلمان هجي ته (ان تي) هڪ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي ۽ جيڪڏهن (قتل ڪيل) اهڙي قوم مان آهي جن جي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ عهدنامو ٿيل آهي ته (ان تي) خون بها آهي جا ان جي گهر وارن کي ڏني ويندي ۽ هڪ مسلمان ٻانهو آزاد ڪرڻو آهي. پوءِ جيڪو (مسلمان ٻانهو) نه لهي ته (ان تي) ٻه مهينا لڳولڳ روزا رکڻا آهن الله کان گناهه بخشائڻ لاءِ. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن مؤمن جو ڪم نه آهي جو ڪنهن ٻئي مؤمن کي قتل ڪري سواءِ غلطيءَ جي، ۽ جيڪو ڪنهن مؤمن کي غلطيءَ ۾ قتل ڪري وجهي ته (ان جي سزا) مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ ۽ خون بها مقتول جي گهر وارن جي حوالي ڪرڻ آهي سواءِ هن جي جو اهي (خون بها) معاف ڪري ڇڏن. پوءِ جيڪڏهن (مقتول) اوهان جي دشمن قوم مان هجي ۽ اهو مؤمن به هجي ته پوءِ (صرف) هڪ مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ (لازم) آهي. ۽ جي (مقتول) اهڙي قوم مان آهي جو توهان جي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو معاهدو ٿيل آهي ته پوءِ ان جي گهروارن کي خون بها حوالي ڪئي ويندي ۽ مؤمن ٻانهو به آزاد ڪرڻ (لازم) آهي. پوءِ جيڪو (ٻانهو يا ٻانهي) نه لهي ته پوءِ ان کي ٻه مهينا لڳو لڳ روزا رکڻ (لازم) آهي. اها الله پاران توبه آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مومن کي، ڪهڻ مومن کي، مارڻ نه گھرجي مور، مگر چُڪ کان، چُڪ سان، جنهن ڪُٺو بي قصور، ته مومن ٻانهو اُن کي، آجو ڪرڻ ضرور، ۽ بدلو ٻيو ڀَرپور، اُن جي اهل اولاد کي. مگر وارث وَڙ ڪري، بخشِينِ بي گمان، پوءِ، جي اوهان جي عدو قوم مان، سو آهي مُسلمان، ته گولو مسلمان، آجو ڪرڻو اُن کي. ۽ جي آهي اُنهئَ قوم مان، جنهن ۽ اوهان وچ انجام، ته ان جي عزيزن کي، ڏيڻو ڏنڊ تمام، پڻ مسلمان، غلام آجو ڪرڻو اُن کي. پوءِ جي نه پُهتو، ته ٻه ماه، روزا لڳو لڳ رکڻا، اِي عفو ڪنان الله، ۽ والي واقف، ويڄ وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو مومن جو وڙ نه آهي، جو ڀل چوڪ کان سواءِ ٻئي مومن کي قتل ڪري. جيڪو ڀلجي به مومن کي قتل ڪندو ته (ان کي) هڪ مومن ٻانهو آجو ڪرڻو آهي ۽ ماريل جي وارثن کي عيوض ڏئي. سواءِ انهيءَ جي، جو هو معاف ڪن. پر جيڪڏهن ماريل اوهان جي دشمن قوم مان آهي ۽ هو مومن هجي، ته هڪ مسلمان ٻانهو آجو ڪري ۽ جيڪڏهن ماريل اهڙي قوم مان هجي جو اوهان ۽ ان جي وچ ۾ صلح جو عهد هجي ته پوءِ ان جي وارثن کي عيوض ڏيڻ ۽ هڪ مسلمان ٻانهو آجو ڪرڻ گهرجي. پوءِ جنهن کان (ٻانهو) نه پڄي، ته لڳو لڳ ٻه مهينا روزا رکي. (اهي) الله کان توبهه (قبول ٿيڻ) لاءِ آهن ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به مؤمن کي اهو نه جڳائي ته ڪنهن ٻئي مؤمن کي قتل ڪري، سواءِ ان جي جو کانئس ڀل ۾ ائين ٿي وڃي ۽ جيڪو شخص ڪنهن مؤمن کي ڀل ۾ ماري وجهي ته ان جو ڪفارو اهو آهي ته هڪڙي مؤمن ٻانهي کي آزاد ڪري ۽ قتل ٿيل جي وارثن کي خون بها ڀري ڏئي، سواءِ ان صورت جي جو اهي خون بها معاف ڪري ڇڏين. پر جيڪڏهن اهو قتل ٿيل مسلمان ڪنهن اهڙيءَ قوم مان هجي، جنهن سان توهان جي دشمني آهي ته ان جو ڪفارو هڪڙو مؤمن ٻانهو آزاد ڪرڻ آهي. ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي قوم مان آهي، جنهن سان توهان جو معاهدو هجي ته ان جي وارثن کي خون بها ڏنو ويندو ۽ هڪ مؤمن غلام آزاد ڪرڻو پوندو. پوءِ جنهن کي ٻانهو نه هجي اهو ٻه مهينا لاڳيتو روزا رکي. اهو انهيءَ گناهه تي الله کان توبهه ڪرڻ جو طريقو آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪنهن به مؤمن جو هي ڪم نه آهي ته ٻئي مؤمن جو قتل ڪري، پر ان کان چُڪ ٿي وڃي ۽ جيڪو ماڻهو قتل ڪري ڪنهن مؤمن جو غلطيءَ کان ته ان جو ڪفارو هي آهي ته هڪ مؤمن کي غلاميءَ کان آجو ڪري ۽ قتل ٿيل جي وارثن کي خون بها ڏئي، سواءِ ان جي ته اهي خون بها معاف ڪن، پر جيڪڏهن مقتول دشمن قوم مان آهي ۽ اهو مسلمان آهي ته پوءِ ڪفاري طور آزاد ڪرايو ويندو هڪ مسلمان غلام کي، پر جيڪڏهن اهو غير مسلم قوم مان آهي ۽ جنهن سان توهان جو معاهدو ٿيل هجي ته خون بها ڏنو ويندو ان جي وارثن کي ۽ هڪ مؤمن غلام کي آزاد ڪرڻو پوندو، پر جيڪڏهن غلام نه ملي ته پوءِ روزا رکي لاڳيتو ٻه مهينا. هي ان گناهه تي توبهه ڪرڻ جو طريقو آهي الله وٽان، ۽ الله ڄاڻندڙ ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪنھن به مؤمن کي اها اجازت نه آهي ته هو، ڪنھن مؤمن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري سواءِ غلطيءَ جي، پوءِ جيڪڏهن ڪنھن مؤمن کي غلطيءَ سان قتل ڪري وڌو، ته ان جي مٿان هڪ غلام (يعني ٻانهو) آزاد ڪرڻ لازمي آهي ۽ قتل ٿيل ماڻهوءَ جي وارثن کي خون بھا (يعني ديت) به ادا ڪرڻي آهي. جيڪڏهن وارث خون بھا معاف ڪن ته قاتل تي ٻِي ڪا به ذميداري نه آهي، پر جيڪڏهن قتل ٿيل مسلمان اهڙي قبيلي مان هو، جنھن سان توهان جي ذاتي دشمني آهي ته پوءِ ان قاتل تي (ڪفاري جي صورت ۾) هڪ مؤمن غلام آزاد ڪرڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن قتل ٿي ويل ماڻهو اهڙي غيرمسلم قبيلي سان تعلق رکندو هو، جنھن سان توهان جو ڪو معاهدو آهي، ته انهن جي وارثن کي خون بھا ادا ڪئي ويندي ۽ هڪ مؤمن غلام کي به آزاد ڪرڻو پوندو پر جيڪڏهن آزاد ڪرڻ لاءِ ڪو غلام نه ملي سگهي، ته پوءِ (قاتل) لڳاتار ٻه مھينا روزا رکي، الله تعالى جي طرفان اهو ئي گناهه بخشائڻ جو طريقو مقرر ڪيو ويو آهي. الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَقتُل مُؤمِنًا مُتَعَمِّدًا فَجَزاؤُهُ جَهَنَّمُ خٰلِدًا فيها وَغَضِبَ اللَّهُ عَلَيهِ وَلَعَنَهُ وَأَعَدَّ لَهُ عَذابًا عَظيمًا (آيت : 93) |
۽ جيڪو مؤمن کي ڄاڻي واڻي ماريندو تنھن جي سزا دوزخ آھي منجھس سدائين رھڻ وارو آھي ۽ الله مٿس ڏمربو ۽ مٿس لعنت ڪندو ۽ اُن لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو مسلمان ڪنهن مومن کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪري تنهن جي سزا جهنم آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندو ۽ مٿن الله جو غضب پيو ۽ لعنت پئي ۽ هن جي لاءِ تمام وڏو عذاب تيار رکيل آهي. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو ڪنهن مؤمن کي ارادي سان قتل ڪري ٿو ته ان جي جزا جهنم آهي اهو هميشه انهي ۾ رهندو ۽ قاتل تي الله تعالى جو غضب آهي ۽ لعنت آهي ۽ قاتل لاءِ الله تعالى وڏو عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص ڪنهن مومن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري (ته غلام جي آزادي وغيره سندس ڪفارو نه آهي پر) پوءِ ان جي سزا دوزخ آهي ۽ اهو ان ۾ هميشه رهندو. ان تي خدا پنهنجو غضب وڌو ۽ ان تي لعنت ڪئي اٿس ۽ ان لاءِ تمام سخت عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪهي ٿو مؤمن کي ڄاڻي واڻي پوءِ ان جي سزا جهنم آهي هميشہ هوندو ان ۾ ۽ ڪاوڙيو الله ان تي ۽ لعنت ڪيائين ان کي ۽ تيار ڪيائين ان لاءِ عذاب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو ڪنهن ايمان واري کي ڄاڻي واڻي قتل ڪندو تنهن جي سزا دوزخ آهي، ان ۾ پيو رهندو ۽ ان تي الله ڪاوڙ ڪئي آهي ۽ ان کي لعنت ڪئي اٿس ۽ ان لاءِ وڏو عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ڪنهن مؤمن ماڻهو کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري ته پوءِ ان جي سزا جهنم آهي ان ۾ هميشه رهندو ۽ ان مٿان الله جو ڏمر آهي ۽ ان تي لعنت ڪيائين ۽ ان لاءِ اُن وڏو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن ڄاڻي مومن ماريو، پوءِ ڀاڙو اُنهئ جو باه، سدا ساڪن اُن ۾، ڏمريو اُٿسِ اللهَ، ۽ لعنت لائين اُن تي، ڌِڪيسِ، کان درگاه، ۽ سَنباهين صباح، آڙاه وڏو اُن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو شخص ڪنهن مومن کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪندو، ته ان جي سزا دوزخ آهي، جنهن ۾ هميشه رهندو، ان تي الله جو ڏمر ۽ سندس ڦٽڪار پوندي ۽ اهڙي ماڻهو لاءِ سخت عذاب تيار ڪري رکيو اٿس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪو ماڻهو ڪنهن مؤمن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪري ته ان جي سزا جهنم آهي، جنهن ۾ هو سدائين پيو هوندو. مٿس الله جو غضب ۽ لعنت آهي ۽ الله ان لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رهيو اهو ماڻهو جيڪو مؤمن کي قتل ڪري ڄاڻي واڻي، ته پوءِ ان جو ٺڪاڻو جهنم آهي جنهن ۾ هو هميشه رهندو، ان تي الله جو غضب آهي، ۽ ان جي لعنت پڻ ۽ (الله) ان جي لاءِ سخت عذاب تيار ڪيو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن ڪنھن مؤمن کي ڄاڻي واڻي قتل ڪيو، ته ان جو بدلو جھنم آهي، هو ان ۾ سدائين رهندو، ان تي الله تعالى جو قھر ۽ ان جي لعنت پوندي ۽ ان لاءِ وڏو عذاب تيار ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا ضَرَبتُم فى سَبيلِ اللَّهِ فَتَبَيَّنوا وَلا تَقولوا لِمَن أَلقىٰ إِلَيكُمُ السَّلٰمَ لَستَ مُؤمِنًا تَبتَغونَ عَرَضَ الحَيوٰةِ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ مَغانِمُ كَثيرَةٌ كَذٰلِكَ كُنتُم مِن قَبلُ فَمَنَّ اللَّهُ عَلَيكُم فَتَبَيَّنوا إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 94) |
اي ايمان وارؤ جڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ (جھاد لاءِ) مسافري ڪريو تڏھن پوري طرح جاچيو ۽ جيڪو اوھانکي اَلسَّلام ڪري تنھن کي اوھين دنيا جي حياتيءَ جو سامان طلبيندڙ ٿي نه چؤ ته تون مؤمن نه آھين، ڇوته الله وٽ گھڻيون غنيمتون آھن، اڳ اوھين به اھڙا ھيؤ پوءِ الله اوھان تي احسان ڪيو پوءِ اوھين (پوري طرح) جاچيو، ڇوته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! جڏهن توهان الله جي راهه ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرو تڏهن (توهان کي گهرجي ته جن ماڻهن سان مقابلو هجي تن بابت) چڱيءَ طرح تحقيقات ڪريو (ته اهي دشمنن مان آهن يا دوستن مان) ۽ جيڪو به توهان کي سلام ڪري (۽ پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪري) تنهن کي ائين نه چئو ته تون مومن نه آهين (اسان توسان وڙهنداسين) ڇا توهان دنيا ۽ دولت جا طلبگار آهيو؟ (جو چاهيو ٿا ته جيڪو به ملي تنهن سان وڙهي ڦرلٽ ڪري مال دولت هٿ ڪيون) (توهان کي خبر ناهي ڇا ته) الله وٽ توهان جي لاءِ وڏيون (جائز) نعمتون موجود آهن، (ظلم جي روش ڇو ٿا وٺو؟) اوهان جي حالت به اڳي اهڙي هئي. پوءِ الله تعاليٰ اوهان تي احسان ڪيو (جو توهان کي هدايت به نصيب ٿي ۽ قومي زور به حاصل ڪيو) تنهن ڪري توهان ضرور تحقيقات ڪريو (۽ فقط دشمنن جو مقابلو ڪيو) بيشڪ الله تعاليٰ توهان جي عملن جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو جڏهن جهاد لاءِ توهان سفر ڪريو ته تحقيقات ڪريو ۽ توهان انهي ماڻهو کي نه چئو ته تون مسلمان ناهين جيڪو چوي ٿو ته آئون مؤمن آهيان، توهان دنيا جو سامان طلب ڪريو ٿا، پوءِ الله تعالى وٽ مالِ غنيمت گھڻو آهي، توهان به پهرين ايئن هئا پوءِ الله تعالى توهان تي احسان فرمايو پوءِ توهان تي تحقيقات ڪرڻ ضروري آهي، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهان خدا جي راھ ۾ (جهاد ڪرڻ لاءِ) سفر ڪيو ته (ڪنهن جي قتل ڪرڻ ۾ جلدي نه ڪندا ڪريو (پر) چڱي طرح جاچ ڪندا ڪيو ۽ جو (شخص اسلام ظاهر ڪرڻ لاءِ) اوهان کي سلام ڪري ته اوهين بنا سوچ ويڇار جي هينئين نه چوندا ڪريو ته تون ايماندار نه آهين. (ان مان ته ظاهر ٿئي ٿو ته اوهين دنيا ميڙڻ جي تمنا رکو ٿا (ته ان بهاني ڪهي ۽ سندس مال ڦريون ۽ هي نٿا خيال ڪن) ته ائين آهي ته خدا وٽ ڪيئي مال غنيمت جا آهن (مسلمانو!) شروع ۾ توهان به ته اهڙا هئا پوءِ خدا اوهان تي احسان ڪيو جو (بنا کٽڪي مسلمان ٿيا) مطلب ته چڱي طرح سوچي سمجهي (قسم کڻندا) ڪريو بيشڪ خدا اوهان جي هر هڪ ڳالھ کان خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن سفر ڪيو الله جي واٽ ۾ ته پوءِ جاچ ڪيو ۽ نه چئو ان کي جو پيش ڪيائين اوهان کي سلام ته ناهين تون مؤمن طلب ٿا ڪيو سامان حياتيءَ دنيا جيءَ جو پوءِ الله وٽ غنيمتون گهڻيون آهن ائين ئي هيئو اوهان به اڳ ۾ پوءِ ٿورو ڪيو الله اوهان تي پوءِ جاچ ڪندا ڪيو بيشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا (ان جي) خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! جڏهن اوهين الله جي رستي ۾ مسافري ڪريو ته جاچ ڪريو ۽ جيڪو اوهان کي السلام عليڪم ڪري، تنهن کي نه چؤ ته تون مسلمان نه آهين (ان چوڻ سان) اوهين دنيا جي حياتيءَ جو سامان (ان کان لٽڻ) گهرو ٿا. پوءِ الله وٽ ئي گهڻيون غنيمتون آهن. اوهين به هن کان اڳ اهڙائي هئا، پوءِ الله اوهان تي احسان ڪيو پوءِ اوهين جاچ ڪريو. جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهان (جهاد لاءِ) الله جي راهه ۾ سفر ۾ نڪرو ته پوءِ تحقيق ڪندا ڪيو ۽ جنهن اوهان کي سلام ڪيو ان کي ائين نه چئو ته تون مؤمن نه آهين. (ڪنهن کي شڪ ۾ ڪافر سمجهي قتل ڪرڻ ۾) اوهان دنيا جو سامان تلاش ڪيو ٿا ته پوءِ الله وٽ گهڻا غنيمتن جا مال آهن. (اڳ ۾) اوهان به ائين هيؤ. پوءِ الله اوهان مٿان احسان ڪيو (جو مسلمان بنيا آهيو) پوءِ تحقيق ڪندا ڪيو. بيشڪ الله توهان جي ڪمن کان خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان! جڏهن ربَّ جي راه ۾، ڪريو سير زمين جو، پوءِ کوليو خوب بيان، ۽ جنهن سلام اوهان تي ورايو، ظاهر ساڻ زبان، مَ چئوسِ، ته مسلمان، تون اندر ۾، نه آهيـين. نفعو ننڍي ڄمار جو، طلبيو ٿا تڪرار، غنيمَتُوْن غنئَ وٽ، آهن پوءِ انبار، اوهين به اُن پارن ۾، مهند هئا مهندار، پوءِ واحد وڙ اوهان تي، ڪيا برقرار، پوءِ کوليو خوب بيان کي، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، خدا خبردار، بيشڪ آهي اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جڏهن اوهين الله جي راهه ۾ (جنگ لاءِ) ٻاهر نڪرو، ته جاچي قدم کڻو ۽ جيڪو اوهان کي سلام ڪري، ته ان کي دنيا جي زندگي جي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن نه چئو، ته ”تون مؤمن نه آهين“ الله وٽ گهڻو (جائز) لٽ جو مال آهي. اوهين به ته هن کان اڳ اهڙا ئي هئا. پوءِ خدا اوهان تي احسان ڪيو، تنهنڪري جاچ ڪندا ڪريو. اوهين جيڪي عمل ڪريو ٿا الله کي انهن سڀني جي خبر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان الله جي راهه ۾ جهاد لاءِ نڪرو ته دوست ۽ دشمن ۾ تميز ڪريو. جيڪو توهان ڏي ايندي ئي سلام چوي، ان کي يڪدم نه چئي ڏيو ته تون مؤمن نه آهين. جيڪڏهن توهان کي دنيا جو فائدو گهرجي ته الله وٽ توهان لاءِ گهڻا ئي غنيمت جا مال آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ته توهان پاڻ به هن کان اڳ رهي چڪا آهيو، پوءِ الله توهان تي احسان ڪيو، تنهنڪري تحقيق ڪندا ڪريو ۽ جيڪو توهان ڪريو ٿا الله ان کان باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، جڏهن توهان جهاد جي لاءِ الله جي راهه ۾ نڪرو ته تميز ڪريو دوست ۽ دشمن ۾ ۽ اڳرائي ڪري جيڪو به توهان تي سلام ڪرڻ ۾ ته ان کي (يڪدم) نه چئو ته تون مؤمن نه آهين، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته دنياوي فائدو حاصل ٿئي، ته الله وٽ توهان جي لاءِ گهڻا ئي غنيمت جا مال آهن، آخر توهان به ته ان کان اڳي انهيءَ حال ۾ رهيا آهيو، پوءِ الله توهان تي احسان ڪيو، جاچ کان ڪم وٺو، بيشڪ الله جيڪي توهان ڪريو ٿا، ان کان باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن (به) توهان الله تعالى جي راهه ۾ جھاد لاءِ نڪرو، ته پوءِ (جھاد دوران ٿورو) خبرداري رکندا ڪريو، انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪير توهان کي اڳرائي ڪري سلام ڪري، ته اوهان ان کي يڪدم اهو نه چئو، ته تون مؤمن نه آهين، توهان ان کي غيرمسلم چئي ان جو دنيا جو مال حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، حالانڪه دنيا جو سامان مال غنيمت جي صورت ۾ جام آهي،(اهو به سوچيو ته) توهان به ته ان حالت ۾ رهي چڪا آهيو، پوءِ الله تعالى اوهان تي احسان ڪيو تنھِنڪري ٿوري تحقيق ڪندا ڪريو. بيشڪ جيڪو توهان ڪندا آهيو الله تعالى کي ان جي پوري خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَستَوِى القٰعِدونَ مِنَ المُؤمِنينَ غَيرُ أُولِى الضَّرَرِ وَالمُجٰهِدونَ فى سَبيلِ اللَّهِ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم فَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ بِأَموٰلِهِم وَأَنفُسِهِم عَلَى القٰعِدينَ دَرَجَةً وَكُلًّا وَعَدَ اللَّهُ الحُسنىٰ وَفَضَّلَ اللَّهُ المُجٰهِدينَ عَلَى القٰعِدينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 95) |
مؤمنن مان ڪنھن عذر ڌاران (جھاد کان گھر ۾) ويھي رھندڙ ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجي مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙ (اِھي ٻئي) برابر نه آھن، پنھنجن مالن ۽ پنھنجن سِرن سان جھاد ڪندڙن کي الله (گھر ۾) ويھي رھندڙن کان مرتبي ۾ ڀلو ڪيو آھي، ۽ الله ھر ھڪ کي چڱائيءَ جو وعدو ڏنو آھي، ۽ الله جھاد ڪندڙن کي ويھي رھندڙن کان وڏي اجر جي ڪري ڀلو ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومن ۾ جيڪي بنا عذر گهر ويهي ٿا رهن (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ نٿا ٿين) سي انهن جي برابر هرگز ٿي نٿا سگهن، جيڪي پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي راه ۾ جهاد ڪرڻ وارا آهن. الله تعاليٰ مال ۽ جان سان جهاد ڪرڻ وارن کي ويهي رهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڏو درجو ۽ فضيلت ڏني آهي (هونئن ته) الله تعاليٰ جو چڱو واعدو سڀني (نيڪ مسلمانن) لاءِ آهي پر مجاهدن کي ويهندڙن کان گهڻو وڏو اجر ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) برابر نٿا ٿين اهي مؤمن جيڪي بغير ڪنهن سبب جي جهاد کان ويهن ٿا ۽ اهي مؤمن جيڪي الله جي راه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن ٿا، الله تعالى ڀلو ڪيو انهن مجاهدن کي جيڪي پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن ٿا پوءِ ڀلو ڪيو ويهندڙن کان، ۽ الله تعالى سڀني سان ڀلائي جو وعدو فرمايو، ۽ الله تعالى جهاد ڪندڙن کي ويهندڙن کان وڏي ثواب سان ڀلو ڪيوآهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) معذور ماڻهن کانسواءِ (جهاد کان منهن لڪائي) گهر ۾ وهڻ وارا ۽ خدا جي راھ ۾ پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارا هرگز برابر نٿا ٿي سگهن (بلڪ) پنهنجي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ وارن کي، گهر ۾ وهڻ وارن تي خدا درجه جي اعتبار سان وڏي فضيلت ڏني آهي (توڙي جو) خدا سڀني ايماندارن سان (خواھ جهاد ڪن يا نه ڪن) ڀلائي جو وعدو ڪري ڇڏيو آهي. پر غازين کي گهر ۾ وهندڙن تي عظيم ثواب جي اعتبار سان خدا وڏي فضيلت ڏني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا برابر ٿين وهندڙ مؤمنن مان سواءِ تڪليف وارن جي ۽ جهاد ڪندڙ الله جي واٽ ۾ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن جانين سان فضيلت بخشي الله جهاد ڪندڙن کي مالن پنهنجن سان ۽ جانين پنهنجين سان وڙهندڙن تي درجي ۾ ۽ مڙني سان وعدو ڪيو الله ڀلائي جو ۽ فضيلت بخشي الله جهاد ڪندڙن کي ويهندڙن تي ثواب وڏي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مسلمانن ۾ عذر وارن کان سواءِ (جنگ کان) ويهي رهندڙ ۽ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن جانين سان الله جي رستي ۾ جنگ ڪندڙ (هڪ ٻئي جي) برابر نه آهن. پنهنجن مالن ۽ پنهنجن جانين سان جنگ ڪندڙن جو درجو (جنگ کان) ويهي رهندڙن کان الله وڏو ڪيو آهي ۽ الله سڀني سان چڱائيءَ جو وعدو ڪيو آهي ۽ الله جنگ ڪندڙن کي ويهي رهندڙن کان وڏو اجر ڏنو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پاڻ ۾ برابر نه ٿا ٿي سگھن مؤمنن مان ڪنهن عذر کان سواءِ (جهاد کان) ويهي رهڻ وارا ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي جانين ۽ مالن سان جهاد ڪرڻ وارا. پنهنجي مالن ۽ جانين سان جهاد ڪندڙن کي ويهي رهندڙن مٿان الله درجن ۾ فضيلت ڏني آهي. ۽ سڀني (ايمان وارن) سان الله ڀلائي جو وعدو ڪيو آهي. ۽ الله جهاد ڪندڙن کي ويهي رهندڙن مٿان وڏي اجر جي فضيلت ڏني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ويٺل وِسهندڙن مان، بِنا ضرر زيان، مَٽ نه ٿِين مورهين، ٻِئامانجھي منجھ ميدان، لَڙندڙ ربَّ جي راه ۾، مال، جسم، سان جان، واحد ويٺلن تي، ڏِننِ مرتبو ۽ مان، ۽ سَڀن ڏنا ڏان سُبحان، ۽ وعدا باغ بهشت جا. ۽ ماڳوٿن تي، مانجھين، ڏنو وڏو ڏاتار، اجر ۽ اُتم درجا ۽ بخشش، ٻاجھ ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مومنن مان جيڪي عذر کان سواءِ (جهاد کان) گهرن ۾ ويهندڙ آهن ۽ اهي، جي الله جي راهه ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جهاد ڪندڙ آهن، سي برابر نه آهن. پنهنجن جانين ۽ مالن سان جهاد ڪندڙن کي الله (گهرن ۾) ويهي رهندڙ کان ڀلارو ڪيو آهي. الله هر هڪ کي چڱائي جو وعدو ڏنو آهي، ۽ الله جهاد ڪندڙن کي (گهرن ۾) ويهي رهندڙن کان ڀلارو ڪيوآهي، جو کين وڏو اجر ملندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مسلمانن مان جيڪي ماڻهو ڪنهن عذر کانسواءِ گهرن ۾ ويٺا رهن ٿا ۽ اهي جيڪي الله جي راهه ۾ مالن ۽ جانين سان جهاد ڪن ٿا، ٻئي برابر ٿي نٿا سگهن. الله ويهي رهندڙن جي مقابلي ۾ جان ۽ مال سان جهاد ڪندڙن جو درجو بلند ڪيو آهي، جيتوڻيڪ الله هرهڪ لاءِ ڀلائيءَ جو ئي واعدو ڪيو آهي، تڏهن به وٽس مجاهدن جي خدمتن جو بدلو ويهي رهندڙن کان تمام گهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ ڪنهن به عذر جي جيڪي ماڻهو مسلمانن مان گهر ويٺا رهن ۽ اهي ماڻهو جيڪي جهاد ڪن الله جي راهه ۾ جان ۽ مال سان (ٻنهي جي حيثيت هڪ جهڙي نه آهي.) وڏو رکيو آهي الله درجو مجاهدن جو جيڪي مال ۽ جان سان جهاد ڪن ٿا گهر ۾ ويهڻ وارن جي مقابلي ۾، جڏهن ته الله وعدو ڪيو آهي هر ڪنهن سان ڀلائي جو، پر الله وٽ مجاهدن جي خدمتن جو بدلو ويهڻ وارن جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمنن مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي بغير ڪنھن مجبوريءَ جي گهر ويھي رهڻ کي پسند ڪندا آهن ۽ ڪي وري اهڙا آهن جو الله تعالى جي راهه ۾ پنھنجي جان ۽ مال سان جھاد ڪندا آهن، ٻنهي جي حيثيت هڪ جھڙي نه آهي، الله تعالى گهر ويھي رهڻ وارن جي مقابلي ۾، پنھنجي مال ۽ جان سان جھاد ڪرڻ وارن جو درجو اتم رکيو آهي، اها ٻِي ڳالهه آهي، ته الله تعالى سڀني سان ڀلائيءَ جو وعدو فرمايو آهي، بھرحال ويھي رهڻ وارن جي مقابلي ۾، الله تعالى جھاد ڪرڻ وارن جو اجر تمام گهڻو رکيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
دَرَجٰتٍ مِنهُ وَمَغفِرَةً وَرَحمَةً وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 96) |
پاڻ وٽان درجا ۽ بخشش ۽ ٻاجھ ڪئي اٿس، ۽ الله بخشڻھار ۽ مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي هن جي طرف کان (ٺهرايل) درجا آهن ۽ سندس بخشش ۽ رحمت آهي ۽ هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله جي طرفان درجا ۽ مغفرت ۽ رحمت انهن لاءِ آهي، ۽ الله تعالى بخشيندڙ مهربان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني کين) پنهنجي طرفان تمام وڏا درجا ۽ بخشش ۽ رحمت (عطا فرمائيندو) ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) درجا (ڏئي) پاڻ وٽان ۽ بخشش ۽ رحمت ۽ آهي الله بخشيندڙ مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو الله جي طرفان (انهن لاءِ) درجا ۽ معافي ۽ مهرباني آهي. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (الله) جي طرفان درجا آهن ۽ بخشش ۽ رحمت آهي ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سو بيشڪ بخشڻهار، مِڙنيان، مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽانئس درجا ۽ بخشش ۽ رحمت آهي ۽ الله وڏو بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ الله وٽان وڏا مرتبا آهن ۽ مغفرت ۽ رحمت آهي ۽ الله ڏاڍو معاف ڪري ڇڏيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن لاءِ ته (الله وٽ) تمام وڏا درجا بخشش جا ۽ رحمت آهي، ۽ الله بيشڪ معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي لاءِ الله تعالى جي طرفان وڏا درجا به رکيل آهن ۽ رحمت به آهي، الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ تَوَفّىٰهُمُ المَلٰئِكَةُ ظالِمى أَنفُسِهِم قالوا فيمَ كُنتُم قالوا كُنّا مُستَضعَفينَ فِى الأَرضِ قالوا أَلَم تَكُن أَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةً فَتُهاجِروا فيها فَأُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 97) |
بيشڪ جن پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تن کي ملائڪ مارڻ مھل چوندا آھن ته اوھين ڪھڙي (حال) ۾ ھيؤ؟ اُھي چوندا ته اسين مُلڪ ۾ عاجز هُئاسون، (ملائڪ کين) چوندا ته الله جو مُلڪ ويڪرو نه ھو ڇا؟ جو اُن ۾ لڏي وڃو ھا، پوءِ اُنھن جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي ماڻهو (دشمنن سان رهي) پاڻ تي ظلم ڪري (پنهنجو نقصان ڪري) رهيا آهن تن جو روح قبض ڪرڻ بعد فرشتا انهن کان پڇندا ته، توهان ڪهڙي حال ۾ هئو؟ (توهان ڪهڙو جهاد ڪيو ۽ ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا؟) هو جواب ۾ چوندا ته (اسان ڇا ڪري سگهون ها؟) اسان ملڪ ۾ دٻايل ۽ هيڻا هئاسين. تنهن تي فرشتا کين چوندا ته (جيڪڏهن توهان پهنجي ملڪ ۾ بيوس هئو ته) ڇا خدا جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان ڪنهن ٻئي پاسي هجرت ڪري وڃو ها؟ اهڙن ماڻهن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي، اهو دوزخ ڪهڙي نه بري جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي ماڻهو جن جا روح ملائڪ ڪڍن ٿا انهي حال ۾ جو پنهنجي نفسن تي ظلم ڪندا هئا، فرشتا انهن کي چون ٿا توهان ڪهڙي مشغولي ۾ هئا، (جواب ۾) اهي چون ٿا ته اسين زمين ۾ ڪمزور هئاسين، ملائڪن چيو ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان ان ۾ هجرت ڪريو ها، پوءِ اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ تمام خراب ٿي جاءِ موٽڻ جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن جو روح فرشتن ان وقت قبض ڪيو جو (ميدان جنگ ۾ پيل) پنهنجي جانن تي ظلم ڪري رهيا هئا ته (کين) فرشتن قبض روح کان پوءِ حيرت سان چيو توهين ڪهڙي حالت (غفلت) ۾ هئا؟ ته اهي (عاجزي سان) چون ٿا ته اسين ته زمين تي بيوس هياسين ته فرشتا چون ٿا ته خدا جي (هيڏي وڏي) زمين ۾ ايتري به جاءِ نه هئي جو اوهين (ڪٿي) هجرت ڪري وڃو ها؟ پوءِ اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ اها بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ماڻهو جو روح ٿا ڪڍن انهن جو ملائڪ (ان حال ۾ جو) ظلم ڪندڙ هئا پنهنجين جانين تي چوندن ته ڇا ۾ هيئو؟ چوندا ته هياسين ڪمزور زمين ۾ چوندن ته ڇا نه هئي زمين الله جي ڪشادي پوءِ هجرت ڪيو ها ان ۾ پوءِ جاءِ انهن جي جهنم آهي ۽ اها بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي ماڻهو جن جو ملائڪن ان حالت ۾ ساهه ڪڍيو جو اُهي پاڻ تي ظلم ڪندڙ هئا. (تن کي) ملائڪن چيو ته اوهين ڪهڙيءَ حالت ۾ هئو؟ انهن چيو ته اسين ملڪ ۾ عاجز هئاسون. ملائڪن چيو ته ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو لڏي اتي اچو ها؟ پوءِ انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن جا روح ملائڪ ان حال ۾ قبض ڪن ٿا جو اهي پنهنجي جانين سان ظلم ڪرڻ وارا آهن ته پڇن ٿا ته: ”اوهان ڪهڙي حال ۾ هيئو“؟ چون ٿا ته: ”اسان زمين ۾ ڪمزور هئاسون“ (ملائڪ) چون ٿا ته: ”ڇا الله جي ڌرتي ڪشادي نه هئي؟ جو اوهان ان ۾ هجرت ڪيو ها“! پوءِ اُهي ئي آهن جن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ نهايت برو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، ته مَلڪ ڪن اُنهن جو، کيل ختم، جنهن وار، جاڙون ڪندڙ جئَ سان، ۽ پُڇيائونِ پچار، ڇا۾ هئا؟ چي، هئاسون ڀون ۾، بِنہ لاچار، چي، ڇا؟ ڪشادو ڪِين هئو، ڏيہ سندو ڏاتار، پوءِ لَڏي وڃو ان ۾، وٺو ٻِئو وَلهار، پوءِ دوزخ اُنهن جو دار، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي شخص پاڻ تي ظلم ڪندا آهن ته کانئن ملائڪ موت وقت پڇندا آهن، ته ”اوهين ڪهڙي حال ۾ هئا؟” هو چوندا ته ”اسين ملڪ ۾ ڪمزور هئاسون“ چوندا ”ڇا الله جو ملڪ ڪشادو نه هو، جو اوهين ان ۾ لڏي وڃو ها؟“ اهڙن ماڻهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا هئا، انهن جا روح جڏهن ملائڪن قبض ڪيا ته کانئن پڇيائون ته توهان سان ڪهڙي ويڌن هئي؟ انهن وراڻي ڏني ته اسان زمين ۾ ڪمزور ۽ مجبور هئاسين، ملائڪن چيو: ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان کڻي ان ۾ هجرت ڪري وڃو ها؟ هي اهي ماڻهو آهن، جن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي نفس تي ظلم ڪري رهيا هئا، ملائڪ انهن جا روح قبض ڪرڻ سان پڇيائون ته ”توهان ڪهڙي حال ۾ ڦاٿل هئا؟“ چيائون ته اسين مجبور ۽ ڪمزور هئاسين زمين ۾، (ملائڪن) چيو ”ڇا الله جي زمين ڪشادي نه هئي جو ان ۾ توهان هجرت ڪريو ها؟“ پوءِ اهي ئي (ماڻهو) آهن جن جي جاءِ جهنم آهي، اها نهايت ئي برو ٺڪاڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن (مسلمانيءَ جي صورت ۾) پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو ته جڏهن ملائڪن انهن جو ساهه ڪڍيو ته کانئن پڇيو، ته توهان دنيا ۾ ڪهڙي حال ۾ هئا؟ هو چـوندا ته اسان زمين ۾ ڏاڍا ڪمزور ۽ مجبور هئاسين (تنھن ڪري ڪافرن جو پاڙو نه ڇڏي سگهياسين)، ان تي کين ملائڪ چوندا ته ڇا الله تعالى جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان اوڏانهن لڏي هليا وڃو ها؟ (حقيقت هي آهي ته) انهن ماڻهن جي جاءِ جھنم آهي ۽ اها تمام بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا المُستَضعَفينَ مِنَ الرِّجالِ وَالنِّساءِ وَالوِلدٰنِ لا يَستَطيعونَ حيلَةً وَلا يَهتَدونَ سَبيلًا (آيت : 98) |
پر مڙسن ۽ زالن ۽ ٻارن مان ھيڻا جو ڪا واہ لھي نه سگھندا آھن ۽ نڪا نڪرڻ جي ڪا واٽ وٺي سگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهن مردن، عورتن ۽ ٻارن جي، جيڪي سچ پچ اهڙا لاچار ۽ هيڻا هئا جو هنن لاءِ ڪوبه حيلو وسيلو ڪونه هو ۽ (هجرت ڪرڻ لاءِ) ڪابه واهه ڪانه هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪي ڪمزور آهن مردن مان ۽ عورتن مان ۽ ٻارن مان جيڪي ڪنهن حيلي جي توفيق نٿا رکن ۽ رستي جي کين خبر ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مگر جيڪي مرد ۽ زالون ۽ ٻار ايترا بيوس آهن جو نه ته (جنگ جي ميدان مان نڪرڻ جي) ڪا تدبير ڪري سگهن ٿا ۽ نه کين سندن چوٽڪاري جي راھ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر ڪمزور مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن مان جي نه ٿا ڪري سگهن ڪو حيلو ۽ نه ٿا وٺي سگهن واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مگر جيڪي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن مان عاجز آهن جي (هجرت ڪرڻ جي) ڪا تدبير ڪري نه ٿا سگهن ۽ نه ڪو (ڇوٽڪاري جو) رستو ڏسن ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن ڪمزور مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن جي جيڪي نه ڪا تدبير ڪري سگهن ٿا ۽ نه (اتان نڪرڻ جو) رستو لهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر مرد، عورتون، نڌر نماڻان نَڏ، حِيلو نه لهن هڏ، ۽ نه واقف ٿِين واٽ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر اُهي ڪمزور مرد، زالون ۽ ٻار، جي ٻاهر (نڪرڻ لاءِ) ڪو حيلو نه ڪري سگهندا آهن ۽ نڪي رستو ئي لهي سگهندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي مرد، عورتون ۽ ٻار سچ پچ بي وس ۽ لاچار آهن ۽ نڪرڻ جي ڪا واهه ۽ وسيلو نٿا لهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها، جيڪي لاچار آهن مردن (مان)، عورتن (مان) ۽ ٻارن منجهان، انهن وٽ ڪا راهه (آهي) ذريعو (آهي) ۽ نه وري ڪو نڪرڻ جو رستو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ انهن مردن، عورتن ۽ ٻارن جي، جيڪي واقعي لاچار آهن ۽ انهن کي نڪرڻ (۽ هجرت ڪرڻ) جي ڪا به واهه نظر نه آئي ۽ نه ئي کين ٻيو ڪو رستو سجهي پيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأُولٰئِكَ عَسَى اللَّهُ أَن يَعفُوَ عَنهُم وَكانَ اللَّهُ عَفُوًّا غَفورًا (آيت : 99) |
ويجھو انھن کي الله معاف ڪرڻ تي آھي، ۽ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن لاءِ امڪان آهي ته الله تعاليٰ (هنن جي معذوري ڏسي) هنن کي معاف ڪندو ۽ هو معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ماڻهن کي جلدي الله تعالى بخش فرمائيندو، ۽ الله تعالى معاف ڪندڙ بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اميد آهي ته خدا اهڙن ماڻهن کان درگذر ڪري. ۽ خدا ته وڏو معاف ڪرڻ وارو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اهي ويجهي آهي (الله جي رحمت) جو معاف ڪري انهن کان ۽ آهي الله معاف ڪندڙ بخشيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اميد آهي ته الله کين معاف ڪري. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏو بخشڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي آهن جو پڪ سان الله انهن کان درگذر ڪندو. ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله سگھو، انهن کي، ڪندو معاف قُصور، ۽ مالڪ ميٽيندڙ مور، مَرهيندڙ مِهربان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اهڙن کي اميد ته الله تعاليٰ معاف ڪندو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٿي سگهي ٿو ته الله انهن کي معاف ڪري ڇڏي، الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ بخشڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پوءِ شايد الله انهن کي معاف ڪري ڇڏي، ۽ بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بخشڻهار آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن لاءِ ٿي سگهي ٿو، ته الله تعالى سندن لاچاريءَ کي درگذر ڪري (ڇاڪاڻ جو) الله تعالى وڏو درگذر ڪندڙ ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُهاجِر فى سَبيلِ اللَّهِ يَجِد فِى الأَرضِ مُرٰغَمًا كَثيرًا وَسَعَةً وَمَن يَخرُج مِن بَيتِهِ مُهاجِرًا إِلَى اللَّهِ وَرَسولِهِ ثُمَّ يُدرِكهُ المَوتُ فَقَد وَقَعَ أَجرُهُ عَلَى اللَّهِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 100) |
جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گھڻيون رھڻ جون جايون ۽ (روزيءَ) جي ڪشادگي لھندو، ۽ جيڪو الله (جي واٽ ۾) ۽ سندس پيغمبر ڏانھن ھجرت ڪندڙ ٿي پنھنجي گھر کان نڪرندو پوءِ کيس موت پھچندو تنھن جو اجر بيشڪ الله تي (لازم) آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ پنهنجو گهر ٻار ڇڏي هجرت ڪندو تنهن کي خدا جي زمين ۾ گهڻيون ئي رهڻ جون جايون ملنديون ۽ ڪشادگي ڏسندو ۽ جيڪو به پنهنجي گهر مان نڪري الله ۽ سندس رسول جي طرف هجرت ڪري ۽ پوءِ (واٽ تي) موت اچي وڃينس تنهن کي يقيناً الله تعاليٰ وٽان اجر ملندو ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو مسلمان الله جي واٽ ۾ هجرت ڪندو اهو زمين ۾ گھڻي جاءِ ۽ گھڻي گنجائش لهندو، ۽ جيڪو مسلمان پنهنجي گھر مان نڪري ٿو هجرت ڪندڙ، الله تعالى ۽ رسولِ عربيءَ جي طرف انهي کان پوءِ ان کي موت اچي پهتو پوءِ بيشڪ ان جي هجرت جو ثواب الله تعالى جي ذمي ٿيو، ۽ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص خدا جي راھ ۾ هجرت ڪندو ته اهو روءِ زمين ۾ با فراغت (مزي سان) تمام ڪشادي جڳھ لهندو ۽ جو شخص پنهنجي گهر کان (بي گهر ٿي) شهر ڇڏي خدا ۽ رسول ڏي نڪتو ۽ پوءِ (منزل) مقصود تائين پهچڻ کان اڳ موت اچيس ته خدا تي سندس ثواب لازم ٿي ويو ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار مهربان ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو هجرت ڪندو الله جي واٽ ۾ ته لهندو زمين ۾ هجرت جون جايون گهڻيون ۽ ڪشادگي ۽ جيڪو نڪري ٿو پنهنجي گهر مان هجرت ڪندڙ الله ۽ ان جي رسول ڏانهن ان کان پوءِ پهچي ٿو ان وٽ موت پوءِ تحقيق ثابت ٿيو ثواب ان جو الله وٽ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو الله جي رستي ۾ وطن ڇڏيندو سو زمين ۾ گهڻي جاءِ ۽ (رزق جي) ڪشادگي لهندو. ۽ جيڪو پنهنجي گهر مان الله ۽ سندس رسول ڏي هجرت ڪندي نڪرندو، وري ان کي موت پهچي، تنهن جو ثواب الله تي (لازم) ٿيو. ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ هجرت ڪندو سو زمين ۾ گهڻيون پناهه جون جايون ۽ ڪشادگي لهندو. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي گهر مان الله ۽ ان جي رسول ڏانهن مهاجر بنجي نڪتو پوءِ ان کي (رستي ۾) موت اچي ويو ته بلاشڪ ان جو اجر الله وٽ ثابت ٿي ويو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو لڏي ربَّ جي راه ۾، ته گھڻا مال، مڪان، پڻ ڪُشادو گذران، ماڻيندو، سو مورهين. جو نِڪري ٿو ٻَهار، سندس گھر ۽ گام کان، راه مسافر ربَّ ڏي ، پڻ سندس پيغمبر پار، پوءِ وِچو وِچ واٽ ۾، موت مٿسِ ڪيو وار، پوءِ بيشڪ پاڙو اُن جو، برسر بارِي بار، ۽ صاحب ربُّ ستار، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو الله جي واٽ ۾ وطن ڇڏيندو، اهو زمين ۾ گهڻيون رهڻ جون جايون گهڻي ڪشادي روزي لهندو ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ سندس رسول جي واسطي وطن ڇڏڻ لاءِ پنهنجي گهر مان نڪرندو ۽ کيس (رستي ۾) موت اچي وٺندو، ته سندس ثواب الله جي ذمي ٿي چڪو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو به الله جي واٽ ۾ هجرت ڪندو اهو زمين ۾ پناهه وٺڻ لاءِ گهڻي جاءِ ۽ روزي ڪمائڻ جي وڏي گنجائش لهندو ۽ جيڪو پنهنجي گهر کان الله ۽ سندس رسول ڏانهن هجرت لاءِ نڪري پوي، پوءِ واٽ تي ئي موت اچي وڃيس، ان جو اجر الله تي واجب ٿي ويو، الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به هجرت ڪندو الله جي راهه ۾ اهو زمين ۾ پناهه وٺڻ جي لاءِ ۽ گذر سفر لاءِ وڏي گنجائش ڏسندو. ۽ جيڪو به پنهنجي گهر کان نڪري پوءِ هجرت ڪندي الله ۽ سندس رسول ڏانهن، رستي ۾ ان تي موت اچي وڃي، ته ان جو اجر الله جي ذمي (واجب ٿي ويو)، ۽ بيشڪ الله وڏو بخشڻهار رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي راهه ۾ هجرت ڪندو، ته هو زمين ۾ وڏي ڪشادگي ۽ رزق جا وڏا ذريعا ڏسندو ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول جي لاءِ گهران نڪري هجرت ڪندو، پوءِ رستي ۾ ئي کيس موت اچي ويو، ته ان جو اجر الله تعالى جي ذمي آهي ڇو ته الله تعالى وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا ضَرَبتُم فِى الأَرضِ فَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ أَن تَقصُروا مِنَ الصَّلوٰةِ إِن خِفتُم أَن يَفتِنَكُمُ الَّذينَ كَفَروا إِنَّ الكٰفِرينَ كانوا لَكُم عَدُوًّا مُبينًا (آيت : 101) |
۽ جڏھن اوھين ملڪ ۾ مسافري ڪريو تڏھن جيڪڏھن ڊڄو ٿا ته ڪافر اوھان کي پريشان ڪندا ته نماز مان ڪجھ گھٽائڻ ۾ اوھان تي گناہ ڪونھي، ڇوته ڪافر اوھان جا پڌرا ويري آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (جنگ ڪرڻ لاءِ) سفر تي نڪرو ۽ اوهان کي انديشو هجي ته ڪافر توهان کي ڪنهن تڪليف ۾ نه وجهن ته پوءِ توهان تي گناه ڪونهي. جيڪڏهن نماز گهٽائي پڙهو (يعني چار رڪعتون فرض جي بدران ٻه رڪعتون). بلاشبه ڪافر توهان جا ظاهر ظهور دشمن آهن (نماز جي وقت به حملو ڪري ڏيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن توهان زمين ۾ مسافري ڪريو ته توهان تي ڪو گناه ناهي جو ڪن نمازن کي گھٽ ڪري پڙهو، جيڪڏهن توهان کي خوف آهي ته توهان کي ڪافر تڪليف ڏيندا، بيشڪ ڪافر توهان جا چٽا دشمن آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) جڏهن اوهين روءِ زمين تي سفر ڪيو ۽ اوهان کي هن ڳالھ جو ڊپ هجي ته ڪافر (نماز ۾) اوهان سان وڙهندا ته پوءِ اوهان کي ميار نه آهي ته جو نماز مان ڪجھ گهٽ ڪندا ڪريو. بيشڪ ڪافر ته اوهان جا ظاهر دشمن آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن سفر ڪيو زمين ۾ پوءِ ناهي اوهان تي ڪو گناھ جو گهٽ ڪيو نماز مان جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته تڪليف ۾ وجهندا اوهان کي ڪافر بيشڪ ڪافر آهن اوهان جا دشمن پڌرا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اوهين ملڪ ۾ مسافري ڪريو، تڏهن جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته متان ڪافر اوهان کي ڪنهن مصيبت ۾ ڦاسائين ته نماز مان ڪجهه گهٽائڻ ۾ اوهان تي گناهه نه آهي. بيشڪ ڪافر اوهان جا ظاهر دشمن آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اوهان زمين ۾ سفر ڪيو ته اوهان تي ڪو گناهه نه آهي جو ڪن نمازن ۾ قصر ڪيو (يعني چار رڪعتن وارا فرض ٻه رڪعتون پڙهو) جيڪڏهن اوهان کي ڊپ آهي ته ڪافر اوهان کي تڪليف ڏيندا. بيشڪ ڪافر اوهان جا کليا دشمن آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اوهين زمين ۾، سَڌريا سفر، پوءِ گھٽايو نماز کي، ته گناه نه اوهان سر، جڏهن، جن ڪفر ڪيو، ڀَو ڀانتان تن ڀر، ته اندر نماز اوهان تي حملو ڪن هيڪر، آهن ڪَٽا ڪافر، ظاهر عدو اوهان جا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اوهين ملڪ ۾ مسافري لاءِ نڪرو، ته اوهان کي نماز گهٽ ڪري پڙهڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي، جي ڊپ هجيو ته متان ڪافر اوهان کي ڪنهن تڪليف ۾ وجهن.بيشڪ ڪافر اوهان جا پڌرا دشمن آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن توهان سفر تي نڪرو ته پوءِ ان ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي جو نماز کي گهٽائي ڇڏيو (خاص ڪري) جڏهن جو توهان کي ڊپ هجي ته ڪافر توهان کي ستائيندا، ڇو جو هنن ته کليو کلايو توهان جي دشمنيءَ تي سندرو ٻڌو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن توهان سفر لاءِ نڪرو زمين ۾، ته ڪا ڳالهه (گناهه) ناهي جو اختصار ڪريو نماز ۾، خاص طور جڏهن توهان کي اُلڪو هجي ته ستائيندا (اهي ماڻهو) جن ڪفر ڪيو آهي، بيشڪ اهي ڪافر توهان جي دشمنيءَ ۾ پڌرا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان جڏهن به سفر ۾ هجو ۽ اوهان کي ڪافرن جي تنگ ڪرڻ جو خوف هجي، ته نماز (جي رڪعتن) کي گهٽايو (يعني قصر نماز پڙهو)، بيشڪ ڪافر اوهان جا پڌرا دشمن آهن (ڇو ته هو نماز دوران به حملو ڪري سگهن ٿا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا كُنتَ فيهِم فَأَقَمتَ لَهُمُ الصَّلوٰةَ فَلتَقُم طائِفَةٌ مِنهُم مَعَكَ وَليَأخُذوا أَسلِحَتَهُم فَإِذا سَجَدوا فَليَكونوا مِن وَرائِكُم وَلتَأتِ طائِفَةٌ أُخرىٰ لَم يُصَلّوا فَليُصَلّوا مَعَكَ وَليَأخُذوا حِذرَهُم وَأَسلِحَتَهُم وَدَّ الَّذينَ كَفَروا لَو تَغفُلونَ عَن أَسلِحَتِكُم وَأَمتِعَتِكُم فَيَميلونَ عَلَيكُم مَيلَةً وٰحِدَةً وَلا جُناحَ عَلَيكُم إِن كانَ بِكُم أَذًى مِن مَطَرٍ أَو كُنتُم مَرضىٰ أَن تَضَعوا أَسلِحَتَكُم وَخُذوا حِذرَكُم إِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 102) |
۽ (اي پيغمبر ويڙھ مھل) جڏھن منجھن ھجين پوءِ کين نماز پڙھائين ته منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي توسان (نماز ۾) بيھڻ گھرجي ۽ پنھنجن ھٿيارن کي (ساڻ) وٺڻ گھرجين، پوءِ جنھن مھل (اُھي) سجدو ڏيئي رھن (تنھن مھل) اوھان جي پوئتان ٿين، ۽ جنھن ٻئي ٽوليءَ نماز نه پڙھي آھي سي اچن تن کي توسان نماز پڙھڻ گھرجي ۽ پنھنجي بچاءَ (جي شين) ۽ پنھنجن ھٿيارن کي وٺڻ گھرجين، ڪافر گھرندا آھن ته جيڪر اوھين پنھنجن ھٿيارن ۽ پنھنجي سامان کان (ڪجھ) بي خبر ٿيو ته اوھان تي ھڪ ئي ڀيري حملو ڪن، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مينھن کان ڪو اھنج ھجي يا اوھين بيمار ھجو ته اوھان تي گناہ نه آھي ته پنھنجا ھٿيار لاھي رکو، ۽ پنھنجي بچاءَ جون شيون (ساڻ) وٺو، بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون مسلمانن ۾ هجين (جنگ هلندڙ هجي) ۽ تون هنن جي لاءِ نماز قائم رکين ته گهرجي ته (فوج جو) هڪ حصو (مقتدي ٿي) تنهنجي پٺيان توسان گڏ (نماز لاءِ) اٿي بيهي ۽ هٿيار به کڻي بيهي، پوءِ جڏهن (اهو حصو) سجدو ڪري رهي ته پوئتي هٽي وڃي ۽ ٻيو حصو جو نماز ۾ شريڪ نه هو سو توسان شريڪ ٿئي ۽ کين گهرجي ته پوري خبرداري رکن ۽ هٿيار کڻي بيهن. (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ وررتي آهي سي چاهين ٿا ته توهان پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غفلت ڪيو ته هو هڪدم اوهان جي مٿان ڪاهي پون ۽ جيڪڏهن توهان کي برسات جي ڪري ڪجهه تڪليف ٿئي يا توهان بيمار هجو ته، پوءِ توهان تي گناه ڪونهي، جيڪڏهن هٿيار لاهي رکو. پر پنهنجي بچاءُ ڪرڻ کان غافل ٿيڻ نه گهرجي (يقين رکو ته) الله تعاليٰ ڪافرن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي (هو اوهان تي فتح حاصل نه ڪندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! جڏهن توهان مؤمنن ۾ موجود هجو پوءِ نماز ۾ انهن کي امامت ڪرايو پوءِ گھرجي ته انهن مان هڪ جماعت توهان سان گڏ هجي ۽ اهي پنهنجا هٿيار کڻي بيهن، پوءِ جڏهن اهي رڪعت پوري ڪن ته توهان کان پويان هٽي بيهن، ۽ هاڻي ٻي جماعت اچي نماز پڙهي جن نماز نه پڙهي پوءِ اهي هڪ رڪعت توهان جي پويان پڙهن ۽ اهي پنهنجي بچاءُ لاءِ هٿيار کڻي بيهن، ڪافرن جو ارادو آهي ته جيڪر توهان پنهنجن هٿيارن ۽ سامان کان غافل رهو ته جيئن توهان کي هڪ حملي سان ختم ڪري ڇڏن، ۽ توهان تي گناه ناهي جيڪڏهن توهان کي مِينهن جي ڪري تڪليف پهچي ٿي يا بيمار آهيو ته پنهنجا هٿيار بدن تان لاهي رکو، ۽ پنهنجو بچاءَ ڳوليو، بيشڪ الله تعالى ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول جنگ جي وقت) جڏهن تون انهن ۾ هجين تون انهن کي نماز پڙهائين ته انهن مان هڪ جماعت تو سان گڏ بيهي ۽ انهن کي گهرجي ته پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻي بيهن. پوءِ جڏهن (پهرين رڪعت جا) سجدا ڪري (ٻي رڪعت جلدي اڪيلو پڙهي) وٺن ته تنهنجي پٺيان پشت پناھ ٿين ٻي جماعت جا (وڙهي رهي هئي ۽) اڃا تائين نماز پڙهن ۽ پنهنجي حفاظت جون شيون ۽ هٿيار (نماز ۾ سان) رکن. ڪافرن جي ته مرضي آهي جيڪر اوهين هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان ٿورو پاسيرو ٿيو ته يڪدم سڀئي اوهان تي اچي پون. پر ان ۾ اهم ته اهو آهي ته اوچتو مينهن وسڻ سان ڪجھ تڪليف ٿئي يا اوهين بيمار هجو ته پنهنجا هٿيار (نماز ۾) لاهي رکو ۽ پنهنجي حفاظت ڪندا رهو ۽ خدا ته ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن هجين انهن ۾ پوءِ قائم ڪرين اتي نماز ته پوءِ گهرجي ته بيهي هڪ جماعت انهن مان توسان گڏ ۽ گهرجي ته وٺن هٿيار پنهنجا پوءِ جڏهن سجدو ڪن ته گهرجي ته هجن پويان اوهان جي ۽ گهرجي ته اچي جماعت ٻي جن نماز نه پڙهي آهي پوءِ گهرجي ته نماز پڙهن توسان گڏ ۽ گهرجي ته وٺن بچاءُ پنهنجو ۽ هٿيار پنهنجا پسند ٿا ڪن ڪافر ته جيڪڏهن غافل رهو هٿيار پنهنجن کان ۽ سامانن پنهنجن کان پوءِ حملو ڪن اوهان تي حملو ئي هڪڙو ۽ ناهي ڪو گناھ اوهان تي جيڪڏهن آهي اوهان کي تڪليف مينهن جي ڪري يا آهيو بيمار ته رکو هٿيار پنهنجا ۽ وٺو بچاءُ پنهنجو بيشڪ الله تيار ڪيو ڪافرن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي رسول ! جنگ جي وقت) جڏهن تون انهن ۾ هجين. پوءِ تون کين نماز پڙهائين ته انهن مان هڪ جماعت توسان گڏ بيهي ۽ انهن کي گهرجي ته پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻن. پوءِ جڏهن سجدو ڪري چڪن ته (هٽي) اوهان جي پٺيان ٿين ۽ ٻي جماعت جنهن اڃان نماز نه پڙهي آهي سا اچي. پوءِ اهي توسان گڏ نماز پڙهن، ۽ پنهنجو بچاءُ ۽ پنهنجا هٿيار (پاڻ سان) کڻن. ڪافرن جي خواهش آهي ته (ڪنهن طرح) اوهين پنهنجن هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان غافل ٿيو، پوءِ اهي اوهان تي هڪ ئي ڀيري حملو ڪن. ۽ جيڪڏهن اوهان کي مينهن کان تڪليف هجي يا اوهين بيمار هجو ته پنهنجن هٿيارن کي لاهي رکڻ ۾ اوهان تي ڪو گناهه نه آهي. ۽ پنهنجو بچاءُ (پاڻ سان) وٺو ! بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) جڏهن تون انهن ۾ موجود هجين پوءِ انهن لاءِ نماز (جي جماعت) قائم ڪرين ته انهن مان هڪ جماعت تو سان گڏ (اقتداء ۾) بيهي ۽ اُهي پنهنجا هٿيار به ساڻ کڻن، پوءِ جڏهن اُهي سجدو ڪري وٺن ته (صف مان هٽي) اوهان جي پويان ٿي وڃن ۽ (هاڻي) ٻي جماعت اچي جن (اڃا) نماز نه پڙهي آهي اُهي تو سان گڏ (مقتدي ٿي) بيهن ۽ اُهي حفاظت جا سامان ۽ هٿيار کڻي بيهن. ڪافر چاهن ٿا ته جيڪر اوهان پنهنجي هٿيارن ۽ سامان کان غافل ٿيو ته اوهان تي هڪ ئي ڀيرو حملو ڪن. ۽ اوهان تي ڪو گناهه ناهي اگر اوهان تي بارش سببان ڪا تڪليف آهي، يا اوهان بيمار آهيو ته پنهنجا هٿيار لاهي رکو ۽ پنهنجي حفاظت جو سامان ساڻ رکو. بيشڪ الله ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون هُئين منجھن، جنهن وار، پوءِ اُٿارينِ نماز تي، ته تو ڀيڙِي بيهي، هڪ جماعت جُونجھار، ۽ پَڪڙينِ پنهنجا پاڻ سان، سندنِ هٿيار پَنوهار، جنهن ساعت سجود کان، واندا ٿيا وِينجھار، پوءِ ٿين اوهان جي پوئـِتان، ويرين آڏا تنهن وار، پوءِ اَهنجي پوءِ اچي، ٻارِي ٻِي ٻيهار، جن نه پڙهي، پوءِ پڙهن سي، تو ڀيڙا برقرار، ۽ هٿ ۾ رکن هٿيار، ۽ اوزار پنوهار، پانهنجا. ۽ اُهي جن اِنڪار ڪيو، تن گُهرجي اِها ڳالھ، ته پنهنجي هٿيارن ۽ وٿن کان، ٿيو بي خيال، ته هڪدم اُنهي حال، ڪن آن تي، وڏو وار ڪو. پوءِ ڏوه نه اوهان تي، مِينهَن کان، جي اوهان کي آزار، يا مرڳوئـِي مريـض هجو، ته هيٺ رکو هٿيار، ۽ پنهنجا ساز سَنڀاليو؛ ربَّ تعالىٰ ڪيو تيار، ڪُفارن هار، جٺ جھڙو جَنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن انهن (مجاهدن) ۾ هجين ۽ کين نماز پڙهائين، ته (فوج جو) هڪ حصو (جماعتي ٿي) توسان بيهي ۽ پنهنجا هٿيار پاڻ سان رکي. پوءِ جڏهن (اهو حصو) سجدو ڪري وٺي ته اوهان جي پٺيان ٿئي ۽ ٻيو حصو جنهن نماز نه پڙهي آهي، اهو اچي توسان نماز پڙهي ۽ انهن کي هوشيار ٿيڻ کپي ۽ پنهنجا هٿيار ساڻ رکن. ڪافر گهرن ٿا ته جيڪر اوهين پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غافل ٿيو ته اوهان تي هڪ ئي وقت حملو ڪن. ۽ جيڪڏهن مينهن جي ڪري اوهين تڪليف ۾ هجو يا بيمار هجو ته اوهان تي پنهنجن هٿيارن لاهي رکڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي ۽ پنهنجي بچاءِ جو خيال رکو. بيشڪ الله ڪافرن لاءِ ذلت جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اي نبي! جڏهن تون مسلمانن جي وچ ۾ هجين ۽ (جنگ جي حالت ۾) انهن کي نماز پڙهائڻ بيهين ته انهن مان هڪڙو ٽولو توسان گڏ بيهي ۽ پنهنجا هٿيار کنيو بيٺو رهي، پوءِ جڏهن سجدو ڪري وٺي ته پوئتي هليو وڃي ۽ ٻيو ٽولو جنهن اڃان نماز نه پڙهي آهي اچي توسان گڏ پڙهي ۽ اهو به هوشيار ٿي ۽ پنهنجا هٿيار سنڀالي بيهي، ڇو جو ڪافر ته انهيءَ تاڙَ ۾ آهن ته توهان پنهنجن هٿيارن ۽ پنهنجي سامان کان ٿورڙو به ڌيان هٽايو ته هو توهان تي هڪ ئي مهل اچي ڪڙڪن. پر جيڪڏهن توهان مينهوڳي جي ڪري ڏکيائي محسوس ڪريو يا بيمار هجو ته هٿيار لاهي رکڻ ۾ ڪو گناهه ڪونهي، پر پوءِ به هوشيار رهجو، پڪ ڄاڻو ته الله ڪافرن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) جڏهن تون انهن (مسلمانن) جي وچ ۾ آهين (جنگي حالت ۾) انهن کي نماز پڙهائڻ لاءِ بيهين ته انهن مان هڪ ٽولو تو سان بيهي ۽ (ڀلي) ساڻ هجنس هٿيار، پوءِ جڏهن اهي سجدو ڪري وٺن ته پوئتي هليا وڃن ۽ ٻيو ٽولو جن اڃا نماز نه پڙهي آهي، اهي اچي توهان سان نماز پڙهن ۽ اهي به هوشيار رهن ۽ ساڻ کنيل هجن پنهنجا هٿيار، تاڙ ۾ آهن اهي جن ڪفر ڪيو آهي، ته غافل ٿيو توهان پنهنجن هٿيارن ۽ سامان کان ته هو توهان تي ٽٽي پون هڪدم ئي، البته اهو ضروري ناهي توهان جي لاءِ ته جي مينهوڳي سبب تڪليف سمجهو يا بيمار هجو ته پنهنجا هٿيار رکي ڇڏڻ ۾ (ڪا ڳالهه ناهي)، ان هوندي به هوشيار رهجو، بيشڪ الله ڪافرن جي لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) جڏهن توهان مسلمان لشڪر سان گڏ هجو، پوءِ اوهان نماز جي امامت لاءِ بيھو، ته سمورو لشڪر نماز لاءِ نه اچي، رڳو لشڪر جو ڪجهه حصو هٿيارن سميت نماز پڙهڻ اچي، پوءِ هڪ رڪعت جا سجدا پورا ڪرڻ کان پوءِ، اهو لشڪر جو حصو پوئتي هٽي وڃي ۽ ٻيو جنھن نماز نه پڙهي آهي، اهو اچي جماعت ۾ هوشياريءَ سان هٿيارن سميت بيھي رهي ۽ توهان جي پويان (ساڳي ترتيب سان) نماز پڙهي، جنھن ترتيب سان اوهان نماز پڙهائي رهيا آهيو، ڇو ته دشمن ان تاڙ ۾ هوندو آهي، ته توهان پنھنجي هٿيارن ۽ سامان کان ٿورو به غافل ٿيو، ته هو اوهان تي اوچتو گڏجي حملو ڪن، ها جيڪڏهن توهان بارش جي ڪري هٿيار کڻندي ڏکيائي محسوس ڪريو، يا بيماريءَ سبب طبيعت صحيح نه ڀانئيو، ته پوءِ ڀلي هٿيار رکي نماز پڙهو، تڏهن به بھرحال توهان کي (ڪافرن کان) هوشيار رهڻو آهي، بيشڪ الله تعالى ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا قَضَيتُمُ الصَّلوٰةَ فَاذكُرُوا اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِكُم فَإِذَا اطمَأنَنتُم فَأَقيمُوا الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ كانَت عَلَى المُؤمِنينَ كِتٰبًا مَوقوتًا (آيت : 103) |
پوءِ جڏھن نماز پوري ڪريو (تڏھن) بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجي پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو، پوءِ جڏھن اوھين دلجاءِ ڪريو ته پوءِ (اصلي دستور تي) نماز پڙھو، بيشڪ نماز مؤمنن تي ٺھرايل وقت ۾ فرض آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن توهان نماز پڙهي چڪؤ. تڏهن به گهرجي ته بيٺي ويٺي ليٽندي هر حال ۾ الله کي ياد ڪندا رهو. پوءِ جڏهن توهان کي (دشمن جي طرف کان) خطرو نه رهي ۽ تسلي هجي تڏهن (هميشه جي دستور موجب) نماز پڙهو. بيشڪ نماز مسلمانن تي وقت جي پابنديءَ سان فرض ڪئي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن توهان نماز کان فارغ ٿيو پوءِ الله تعالى جو ذڪر ڪريو بيهڻ ۾ ۽ ويهڻ ۾ ۽ پاسيري سمهڻ ۾، پوءِ جڏهن اطمينان سان ٿيو پوءِ نماز قائم ڪريو، بيشڪ نماز مؤمنن تي وقت مقرر ڪيل ۾ فرض مقرر ڪيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اوهين نماز ادا ڪري چڪو ته اٿندي وهندي ليٽيندي (مطلب ته هر حال ۾) خدا کي ياد ڪريو. پوءِ جڏهن اوهين (دشمنن کان بي ڊپا ٿيو ته پنهنجي معمول مطابق) نماز پڙهندا رهو ڇو ته نماز ته ايماندارن تي مقرر ڪيل وقتن تي فرض ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن پوري ڪيو نماز ته پوءِ ياد ڪيو الله کي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجن پاسن ڀر پوءِ جڏهن تسلي ڪيو ته پوءِ قائم ڪيو نماز بيشڪ نماز آهي، مؤمنن تي فرض مقرر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن نماز پوري ڪريو ته بيٺي ۽ ويٺي پنهنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪريو. پوءِ جڏهن اوهان کان ڊپ لهي وڃي ته (اڳئين وانگر) نماز قائم ڪريو. بيشڪ نماز ايمان وارن تي مقرر ڪيل وقتن ۾ فرض ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اوهان نماز ادا ڪري چڪا ته پوءِ الله جو ذڪر ڪيو بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجي پاسن ڀر، پوءِ جڏهن (حالتِ خوف مان نڪري) اطمينان وارا ٿيو ته پوءِ نماز (دستور مطابق) قائم رکو. بيشڪ نماز مؤمنن مٿان مقرر وقتن تي فرض آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پورِي جڏهن، نماز ڪيان، ته ساريو ربُّ ستار، بيٺي، ويٺي ۽ پاسن ڀر، پوءِ جڏهن ٿيان قلب قرار، ته ادا ڪريو اُصول تي، نماز نيڪو ڪار!، نماز وقتن وار، آهي مومنن تي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن نماز ختم ڪري چڪو، ته بيٺي، ويٺي ۽ پنهنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندارهو ۽ جڏهن دلجاءِ ٿئي ته (دستور موجب) نماز پڙهندا رهو. بيشڪ نماز مومنن تي وقت جي پابنديءَ سان فرض ڪيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن نماز کان واندا ٿيو ته بيٺي توڙي ويٺي ۽ ليٽي، هر حالت ۾ الله کي ياد ڪندا رهو ۽ جڏهن اطمينان حاصل ٿي وڃيوَ ته پوءِ سڄي نماز پڙهو. بيشڪ مقرر ڪيل وقت تي نماز پڙهڻ مؤمنن تي فرض ڪئي وئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن توهان نماز مان واندا ٿيو ته الله کي ياد ڪريو بيٺل هجو ويٺل هجو يا کڻي ليٽيل هجو، ۽ پوءِ جڏهن اطمينان ملي وڃي ته (ڀلي) پوري نماز پڙهو، بيشڪ نماز اهڙو فرض آهي مؤمنن تي جيڪو وقت جي پابندي سان لازم ڪيل آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن توهان نماز کان فارغ ٿيو، ته پوءِ به هلندي ڦرندي، اٿيي ويٺي هر حال ۾ الله تعالى کي ياد ڪندا رهو، جڏهن جنگي حالت ختم ٿي وڃي، ته پورين رڪعتن سان نماز پڙهو، بيشڪ مؤمنن تي مقرر وقت تي نماز پڙهڻ فرض ڪئي وئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَهِنوا فِى ابتِغاءِ القَومِ إِن تَكونوا تَألَمونَ فَإِنَّهُم يَألَمونَ كَما تَألَمونَ وَتَرجونَ مِنَ اللَّهِ ما لا يَرجونَ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 104) |
۽ ڪافرن جي ڳول ڦول ۾ سُستي نه ڪريو، جيڪڏھن اوھين ڏکوئبا آھيو ته اُھي به اوھان جھڙا ڏکوئبا آھن، ۽ اوھين الله ۾ اھا اميد ٿا رکو جا اميد انھن کي نه آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ دشمنن جي پوئتان پوڻ ۾ همت نه هاريو. جيڪڏهن توهان کي (جنگ ۾) تڪليف پهچي ٿي ته جهڙيءَ طرح توهان کي تڪليف ٿي پهچي، پر توهان کي الله وٽان (فتح ۽ اجر جون) اهڙيون اميدون آهن جي هنن کي بلڪل نه آهن (ڇو ته توهان حق ۽ انصاف لاءِ وڙهي رهيا آهيو ۽ هو ظلم ۽ فساد جي راه ۾ لڙي رهيا آهن). الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن جي تلاشي ۾ سُست نه ٿيو، جيڪڏهن توهان کي ڏک پهتو آهي پوءِ بيشڪ انهن کي به ڏک پهتو جيئن توهان کي ڏک پهتو ۽ الله تعالى ۾ توهان اميد رکو ٿا جيڪا اميد ڪافر نٿا رکن، ۽ الله تعالى علم رکندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!)دشمنن جي ڳولا ۾ سستي نه ڪريو جيڪڏهن جنگ ۾ اوهان کي تڪليف ٿي پهچي ته جهڙي اوهان کي تڪليف ٿئي ٿي هنن کي به (ته) اهڙي ئي اذيت پهچي ٿي. پڻ (اوهان کي هي به ته دلجاءِ آهي ته) اوهين خدا کان اهي اميدون رکو ٿا جي هنن کي (نصيب) نه آهن. ۽ خدا ته (سڀ کان) واقف (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه سستي ڪيو قوم جي پويان پوڻ ۾ جيڪڏهن اوهين ايذائجو ٿا ته پوءِ بيشڪ اهي به ايذائجن ٿا جيئن اوهان ايذائجو ٿا ۽ اميد رکو ٿا الله ۾ اها جو نه ٿا اميد رکن اهي ۽ آهي الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڪافر) قوم جي ڳولا ۾ سستي نه ڪريو. جيڪڏهن اوهان کي (زخمن وغيره جو) درد پهچي ٿو ته پوءِ بيشڪ انهن کي به درد پهچي ٿو جيئن اوهان کي درد پهچي ٿو ۽ اوهان الله ۾ اها اميد رکو ٿا جا اهي اميد نه ٿا رکن. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان (دشمن) قوم جي تلاش ۾ هرگز سستي نه ڪيو. اگر اوهان کي (دشمن جي تلاش ۾) تڪليف پهچي ٿي ته انهن کي به ائين ئي تڪليف پهچي ٿي جيئن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي، حالانڪه اوهان الله کان (ثواب جي) اها اميد رکو ٿا جيڪا اُهي نه ٿا رکن. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَڍ لڳڻ ۾، قوم جي، بلڪل نه ٿيو بيزار، جي اوهين پَسو آزار ڪو، ته هو به پسن آزار، جيئن اوهين آزار جو ۽ صاحب منجھ ستار، اوهين رکو آسرو، هو نااميد نبار، ۽ حڪمتِي هوشيار، الله جَلّ جَلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دشمن جي پٺيان پوڻ ۾ سست نه ٿيو. جيڪڏهن اوهان کي جنگ ۾ ڏک پهچي ٿو ته جيترو اوهين دکي ٿيو ٿا اوترو اهي به دکي ٿين ٿا مگر اوهين الله ۾ اها اميد رکو ٿا جا هو نه ٿا رکن ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ٽولي جو پيڇو ڪرڻ ۾ سـُـستي نه ڏيکاريو، جيڪڏهن توهان تڪليف ڪاٽي رهيا آهيو ته توهان وانگر هو به تڪليف ڀوڳي رهيا آهن ۽ توهان الله کان انهيءَ شيءِ جي اميد رکو ٿا جنهن جي هنن کي ڪابه اميد ڪانهي. الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ هو داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪمزور نه رهو انهيءَ ٽولي جي پٺ وٺڻ (تعاقب ڪرڻ) ۾، جي توهان کي تڪليف ٿي رهي آهي ته هو به توهان وانگر تڪليف ۾ آهن، ۽ توهان ته اميد رکو ٿا الله کان ان شيءِ جي جيڪا هو نٿا رکن. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو اهو وڏو داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ به ڪافرن جو پيڇو ڪرڻ ۾ سستي نه ڏيکارجو، انهن جي ڪڍ لڳڻ ۾ جيڪڏهن توهان ڪا تڪليف محسوس ڪريو ٿا، ته هو ڪافر به (اوهان جو پيڇو ڪرڻ ۾) تڪليف محسوس ڪن ٿا، پر فرق رڳو هي آهي ته توهان الله تعالى کان اميد رکو ٿا، جيڪا اميد ڪافر نٿا رکن ۽ (بيشڪ ) الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ لِتَحكُمَ بَينَ النّاسِ بِما أَرىٰكَ اللَّهُ وَلا تَكُن لِلخائِنينَ خَصيمًا (آيت : 105) |
(اي پيغمبر) بيشڪ اسان توڏانھن سچو ڪتاب ھن لاءِ لاٿو آھي ته جئن الله توکي سيکاريو آھي تئن ماڻھن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين، ۽ خيانت ڪندڙن جي پاس نه ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي سان ڀريل ڪتاب نازل ڪيو آهي انهيءَ ته جيڪي الله تعاليٰ (ان ۾) ڏيکاريو آهي تنهن موجب ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪرين. ۽ خيانت ڪرڻ وارن جي طرفداريءَ ۾ جهڳڙو نه ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! بيشڪ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم حق سان نازل فرمايو انهي لاءِ ته توهان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو وحِي رباني سان، ۽ غدارن جي طرفان اختلاف نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) اسان تو تي بر حق ڪتاب هن ڪري نازل ڪيو آهي جو جهڙي طرح خدا تنهنجي هدايت ڪئي آهي اهڙي طرح ماڻهن ۾ فيصلو ڪريو ۽ خيانت ڪرڻ وارن جو پاسو نه وٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ لاٿوسون تو ڏانهن ڪتاب حق سان تانته فيصلو ڪرين ماڻهن ۾ ان مطابق جو ڏيکاريو توکي الله ۽ نه هج تون خيانت ڪندڙن جي لاءِ جهڳڙو ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان توتي سچو ڪتاب لاٿو آهي هن لاءِ ته جيڪي الله توکي سمجهايو آهي تنهن موجب ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين ۽ خيانت ڪندڙن جي طرفان جهڳڙو ڪندڙ نه ٿيءُ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان (اي نبي!) تو ڏانهن حق سان ڪتاب لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن جي وچ ۾ ائين فيصلو ڪرين جيئن الله تو کي (حق) ڏيکاريو آهي. ۽ تون خيانت ڪندڙ ماڻهن جو حمايتي نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ليک لاٿاسون تو پار، سچِي ثابتِئَ سان، ته نبيرَ نياء ماڻهئين، جيئن ڏيکارئـِي ڏاتار، خائنن پاران خان!، نه ٿِي داڙُو منجھ دربار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان توڏانهن سچو ڪتاب موڪليو آهي ته جيئن الله توکي سمجهايو آهي، ان سان ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪر ۽ کوٽ ڪندڙن جي پاسي وٺڻ لاءِ بحث نه ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان هيءُ ڪتاب حق ساڻ توڏانهن نازل ڪيو آهي، تان ته جيڪا سڌي واٽ الله توکي ڏيکاري آهي، انهيءَ مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين. تون بي ايمانن پاران حجت ڪندڙ نه ٿيءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اسان هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي جيئن فيصلو ڪرين ماڻهن ۾ الله جي ڏيکاريل واٽ مطابق، ۽ نه ٿيءُ تون بدنيت ماڻهن طرفان جهڳڙو ڪندڙ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان ڏانھن حق سمجِهي ڪري (هي) ڪتاب نازل فرمايو آهي، ته جيئن ماڻهن جي وچ ۾ اهڙي طريقي سان فيصلو ڪريو، جيڪو الله تعالى توهان کي سمجهايو آهي ۽ تون (ڪڏهن به) خيانت ڪندڙن جي طرفان جهڳڙو نه ڪجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاستَغفِرِ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 106) |
۽ الله کان بخشش گُھر، ڇوته الله تعالىٰ بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله کان بخشش گهر (جو فيصلن ڪرڻ جو ڪم تمام اهم ۽ نازڪ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله کان معافي طلب ڪريو، بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (پنهنجي امت لاءِ) خدا کان مغفرت جي دعا گهرو. بيشڪ خدا وڏو بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بخشش گهر الله کان بيشڪ الله آهي بخشيندڙ مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کان معافي گهر. بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله کان بخشش طلب ڪر. بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ معافي گُھر مالڪ کان، صاحب ربُّ ستّار، بيشڪ بخشڻهار ۽ ترسوَند تمام گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله کان بخشش گهر. بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله کان معافي گهر، هو ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحيم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ معافي گهر الله کان، بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ الله تعالى کان (سدائين) بخشش جي دعا گهرندو رهه، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُجٰدِل عَنِ الَّذينَ يَختانونَ أَنفُسَهُم إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ مَن كانَ خَوّانًا أَثيمًا (آيت : 107) |
۽ جيڪي پنھنجن نفسن سان خيانت ڪندا آھن تن جي پاران (تون) نه جھيڙ، بيشڪ الله خيانتي گنھگار کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ خيانت رکن ٿا تن جي طرفداريءَ ۾ تون جهڳڙو نه ڪر. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هرگز پسند نٿو ڪري جي خيانت ڪندڙ ۽ ڏوه گناه ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جي طرفان اختلاف نه ڪريو جيڪي پاڻ کي خيانت ۾ وجھن ٿا، بيشڪ الله تعالى پسند نٿو فرمائي انهي ماڻهو کي جيڪو خيانت ڪندڙ گنهگار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تون انهن (نالائق ماڻهن) جو پاسو وٺي (ٻين ماڻهن سان نه وڙھ. جيڪي پنهنجن ئي (ماڻهن) سان دغابازي ڪن ٿا. بيشڪ خدا اهڙن کي دوست نٿو رکي، جو دغاباز گنهگار هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه جهڳڙو ڪر انهن جي طرفان جو خيانت ۾ ٿا وجهن پنهنجن نفسن کي بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي ان سان جو آهي خيانت ڪندڙ گنهگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جي طرفان جهڳڙو نه ڪر جيڪي پنهنجن نفسن سان خيانت ڪن ٿا. بيشڪ الله ان کي پسند نه ٿو ڪري جيڪو خيانت ڪندڙ گنهگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن ماڻهن طرفان جهڳڙو نه ڪر، جيڪي پنهنجي پاڻ سان خيانت ڪري رهيا آهن. بلاشڪ الله ان کي هرگز پسند نه ٿو ڪري جيڪو وڏو دغاباز بدڪار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تن لئي، نه دَڙ، جي پاڻ کي، پاڻهين رنگ هڻن، واحد کي نه وڻنِ، هر خطاڪار خِيانتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي پنهنجي اندر ۾ کوٽ رکن ٿا، تون انهن جي طرفان جهڳڙو نه ڪر، بيشڪ الله انهن کي پسند نه ٿو ڪري، جي تمام گهڻو کوٽا ۽ گنهگار آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ سان خيانت ڪن ٿا، تون انهن جي حمايت نه ڪر. الله کي اهڙو شخص نه وڻندو آهي، جيڪو خيانت ڪندڙ ۽ گناهه ڪندڙ هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪر تون حمايت انهن ماڻهن جي، جيڪي خيانت ڪن ٿا پنهنجي نفس سان، بيشڪ الله کي پسند ناهي اهڙو ماڻهو جيڪو خيانت ڪندڙ گناهه جو عادي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ماڻهن جي طرف کان به جهڳڙو نه ڪجانءِ، جيڪي پنھنجي نفس سان خيانت ڪري رهيا آهن. بيشڪ الله تعالى خيانت ڪندڙن ۽ گناهگارن کي پسند نٿو ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَستَخفونَ مِنَ النّاسِ وَلا يَستَخفونَ مِنَ اللَّهِ وَهُوَ مَعَهُم إِذ يُبَيِّتونَ ما لا يَرضىٰ مِنَ القَولِ وَكانَ اللَّهُ بِما يَعمَلونَ مُحيطًا (آيت : 108) |
ماڻھن کان لڪندا آھن ۽ الله کان لڪي نه سگھندا ۽ جڏھن رات جو اُھا صلاح ڪندا آھن جنھن صلاح کان الله راضي نه آھي (تڏھن) اُھو (الله) ساڻن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙا ماڻهو انسانن کان (پهنجي خيانت) لڪائين ٿا پر خدا کان ڪو نه ٿا لڪائين جڏهن هو رات جي وقت گڏ ٿي اهڙين ڳالهين جو مشورو ڪن ٿا جي خدا کي پسند ناهن تڏهن هو هنن وٽ موجود آهي. ۽ جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي الله جو علم گهيريون بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهن کان لڪائن ٿا ۽ الله تعالى کان نٿا لڪائن حالانڪه الله تعالى انهن سان گڏ آهي جنهن وقت دل ۾ اها ڳالهه تجويز ڪن ٿا جيڪا الله تعالى کي ناپسند آهي، ۽ الله تعالى انهن جي عملن کي گھيرو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهن کان ته (پنهنجي لوفرائپ ته) لڪائين ٿا پر خدا کان ته نٿا لڪائين! هوڏانهن اهو (خدا) ته ان وقت به انهن سان آهي جڏهن اهي ماڻهو راتين جو (ويهي ڪري انهن ڳالهين جون صلاحون ڪن ٿا جن کان خدا خوش نه آهي. ۽ خدا ته سندن سڀني ڪرتوتن کي (علم جي احاطي ۾) گهيري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لڪ ڪن ٿا ماڻهن کان ۽ نه لڪ ڪري سگهندا الله کان ۽ اهو انهن سان گڏ آهي جڏهن رات جو اها صلاح ٿا ڪن جو نه ٿوراضي ٿئي ان ڳالهه مان ۽ آهي الله ان کي جو ڪن ٿا گهيرو ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ماڻهن کان لڪائن ٿا ۽ الله کان نه ٿا لڪائن، هوڏانهن هو انهن سان گڏ آهي جنهن وقت اُهي رات جو ان ڳالهه جون صلاحون ڪن ٿا جنهن کي الله پسند نه ٿو ڪري ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهن کان ته (پنهنجون حرڪتون) لِڪائي سگھن ٿا ۽ پر الله کان نه لڪائي سگھندا اهو ته (ان مهل به) ساڻن گڏ آهي جڏهن اُهي رات جو لڪي اهڙو مشورو ڪن ٿا جنهن کي الله پسند نه ٿو ڪري. ۽ الله انهن جي عملن کي احاطو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھُرن لِڪائڻ لوڪ کان، ۽ لڪن ڪين لغار، الله کان، جو اُنهن سان، ڀيڙو برقرار، جڏهن ڪن ٿا رات ۾، گــفتار ناگوار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، تن تي چوڪي ربُّ، چوڌار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي (پنهنجي کوٽ کي) ماڻهن کان ته لڪائين ٿا مگر خدا کان لڪائي نٿا سگهن. ۽ جڏهن راتين جو ويهي اهڙين ڳالهين جون صلاحون ڪندا آهن، جي (الله کي) پسند نه آهن، ته ان وقت به (الله) ساڻن هوندو آهي. جيڪي هو ڪندا آهن سو سڀ الله جي گهيري هيٺ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو انسانن کان ته پنهنجا گناهه لڪائي سگهن ٿا پر الله کان لڪائي نٿا سگهن، اهو ته ان وقت به ساڻن گڏ هوندو آهي، جڏهن اهي رات جو لــِـڪي سندس مرضيءَ جي خلاف صلاحون ڪندا آهن. سندن سمورن ڪمن تي الله حاوي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لڪائي سگهن ٿا اهي ماڻهو پنهنجون حرڪتون ماڻهن کان، پر ڪڏهن به لڪائي نٿا سگهن الله کان، هو ته ان وقت به گڏ هوندو آهي جڏهن اهي صلاحون ڪندا آهن راتين جو انهن سان لڪي سندس مرضيءَ جي خلاف، ۽ بيشڪ الله جي گهيري ۾ سندن سمورا عمل آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو پنھنجي ڪرتوتن کي انسانن کان ته لڪائي سگهن ٿا، پر الله تعالى کان هرگز لڪائي نٿا سگهن، الله تعالى جي ذات ته انهن سان ان وقت به گڏ هوندي آهي، جڏهن هو راتين جو ويهي اهڙين ڳالهين جا مشورا ڪندا آهن، جيڪي الله تعالى کي پسند نه آهن، حقيقت هي آهي ته اهي ماڻهو جيڪي به ڪم ڪن ٿا، سي سڀ الله تعالى جي گهيري ۾ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ جٰدَلتُم عَنهُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا فَمَن يُجٰدِلُ اللَّهَ عَنهُم يَومَ القِيٰمَةِ أَم مَن يَكونُ عَلَيهِم وَكيلًا (آيت : 109) |
خبردار اوھين اھڙي قوم آھيو جو دنيا جي حياتي ۾ (ته) سندن پاران بحث ڪندا آھيو، پوءِ قيامت جي ڏينھن سندن پاران الله سان ڪير جھيڙو ڪندو؟ يا مٿن ڪير ڀرجھلو ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو توهان ماڻهو اهي آهيو جن دنيا جي زندگيءَ ۾ ته ڏوهارين جي طرفان جهڳڙو ڪيو پر قيامت جي ڏينهن الله وٽ انهن جي طرفان ڪير جهڳڙو ڪندو، يا ڪير آهي جو (انهيءَ ڏينهن) هنن جي وڪالت ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ٻُڌو ٿا، توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي اختلاف ڪريو ٿا انهن جي طرفان دنيا جي حياتي ۾، پوءِ انهن جي طرفان ڪير اختلاف ڪندو الله سان قيامت جي ڏينهن يا ڪير انهن جو وڪيل هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) خبردار ٿي وڃو! ڀلا دنيا جي (ٿورڙي) حياتيءَ ۾ ته اوهين ان ڏي ٿي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويو (پر هي ته ٻڌايو ته) پوءِ قيامت جي ڏينهن سندن طرفدار ٿي خدا سان ڪير وڙهندو يا ڪير هنن جو وڪيل ٿيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻڌو! اوهان اي فلاڻا! جهيڙو ڪيو ٿا انهن جي پاران دنيا جي حياتيءَ ۾ پوءِ ڪير جهيڙو ڪندو الله سان انهن جي پاران قيامت جي ڏينهن يا ڪير هوندو؟ انهن جا ڪم ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڏسو اوهين اهي آهيو جو اوهان انهن (خيانت ڪندڙن) جي طرفان دنيا جي حياتيءَ ۾ جهڳڙو ڪيو، پوءِ انهن جي طرفان قيامت جي ڏينهن الله سان ڪير جهڳڙو ڪندو، يا ڪير سندن بچاءُ ڪندڙ ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو ته توهان اُهي آهيو جو دنيا جي زندگي ۾ انهن جي پاران جهڳڙو ڪيو ٿا! پوءِ ڪير آهي جو قيامت واري ڏينهن انهن جي پاران الله سان جهڳڙو ڪندو؟ يا ڪير آهي جو (ان ڏينهن) انهن جو وڪيل ٿيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هُنن پاران هِن جھان ۾، اوهين دڙيو منجھ دربار، پوءِ مَهندان محشر ڏينهن ۾، ورندنِ ڪير وَهَار، يا سندن سنڀاليدار، هوندو ڪير حشر ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين جي زندگيءَ ۾ ته سندن پاران بحث ڪريو ٿا پر قيامت جي ڏينهن ڪير انهن جي پاران الله سان جهڳڙو ڪندو؟ يا ڪير سندن وڪيل ٿيندو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان انهن ڏوهارين پاران دنيا ۾ ته حجت اٿاريو ٿا مگر قيامت جي ڏينهن انهن جي پاران ڪير الله سان حجت ڪندو؟ آخر اتي ڪير سندن وڪيل بڻجي بيهندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها! توهان هنن ڏوهارين پاران دنيا جي زندگيءَ ۾ ته جهڳڙو ڪري ورتو، پر ڪير آهي جيڪو جهڳڙو ڪندو الله سان سندس پاران قيامت جي ڏينهن؟ آخر اتي ڪير هوندو انهن لاءِ وڪيل؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ها! توهان اهي ئي ته آهيو جو اهڙن ڏوهارين پاران دنيا جي حياتيءَ ۾ جهڳڙو ڪريو ٿا، پر (مون کي ٻڌايو ته) قيامت واري ڏينھن اهڙن ڏوهارينِ پاران، الله تعالى سان ڪير جهڳڙو ڪندو يا انهن جو ان وقت معاملو سلجهائيندڙ ڪير هوندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَعمَل سوءًا أَو يَظلِم نَفسَهُ ثُمَّ يَستَغفِرِ اللَّهَ يَجِدِ اللَّهَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 110) |
۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪندو يا پاڻ تي ظلم ڪندو وري الله کان بخشش گھرندو سو الله کي بخشڻھار مھربان لھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو ماڻهو ڪو برو ڪم ڪري ٿو ويهي يا پاڻ کي نقصان ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ (ان کان توبهه ڪري) الله جي بخشش ٿو گهري، سو ڏسندو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو گناه ڪري ٿو يا پنهنجو پاڻ سان ظلم ڪري ٿو پوءِ الله تعالى کان بخشش طلب ڪري ٿو ته الله تعالى کي بخشيندڙ ٻاجھارو ڪري لهندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص ڪو به بڇڙو ڪم ڪري يا (ڪنهن طرح) پنهنجي جان تي ظلم ڪري ۽ پوءِ خدا کان پنهنجي مغفرت جي دعا گهري ته خدا کي وڏو بخشڻهار مهربان لهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪري ٿو برائي يا ظلم ٿو ڪري پنهنجي پاڻ تي تنهن کان پوءِ مغفرت طلب ڪري ٿو الله کان ته لهندو الله کي بخشيندڙ، مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪري ٿو يا پاڻ تي ظلم ڪري ٿو، ۽ پوءِ الله کان معافي گهري ٿو، سو الله کي گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو لهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو برو ڪم ڪري يا پنهنجي جان تي ظلم ڪري پوءِ الله کان بخشش گهري ته الله کي بخشڻهار ٻاجهارو لهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو پاپ ڪري، يا پاڻ سان، ڪري ظلم زيان، موٽي مالڪ کان گُھري، بخشش بي گمان، ته مرهيندڙ مِهربان، لهندو، مالڪ کي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو بڇڙو ڪم ڪري يا پنهنجن هٿان سان پنهنجو نقصان ڪري، پوءِ الله کان بخشش گهري، ته اهو الله کي بخشيندڙ مهربان ڏسندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن ڪو شخص برو ڪم ڪري ويهي يا پاڻ تي ڪو ظلم ڪري وجهي ۽ پوءِ الله کان معافي گهري ته هو الله کي ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحيم لهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن ڪو شخص برو عمل ڪري وجهي يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري ويهي ۽ ان بعد الله کان بخشش جي درخواست ڪري ته الله کي بخشڻهار ۽ رحيم ڏسندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو برا عمل ڪري ٿو يا پنھنجي نفس تي ظلم ڪري ٿو، ان کان پوءِ هو الله تعالى کان گناهن جي بخشش گهري ٿو ته اهڙو ماڻهو ضرور الله تعالى کي وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ ڏسندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَكسِب إِثمًا فَإِنَّما يَكسِبُهُ عَلىٰ نَفسِهِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 111) |
۽ جيڪوئي گناہ ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو (بدعملي ڪري) برائي ڪمائي ٿو سو پنهنجي ئي جان لاءِ برائي ڪمائي ٿو (نتيجو کيس ئي لوڙڻو پوندو) ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو گناه ڪري ٿو پوءِ بيشڪ ان جي جزا انهي تي پوندي، ۽ الله تعالى ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص گناھ ٿو ڪري ته ان سان ڪجھ پنهنجو ئي نقصان ٿو ڪري. ۽ خدا ته (هرشيءِ کان) واقف (۽) وڏي تدبير وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪري ٿو گناھ پوءِ تحقيق ڪري ٿو اهو پاڻ تي ۽ آهي الله ڄاڻندڙ، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو گناهه جو ڪم ڪري ٿو سو رڳو پنهنجي جان لاءِ ئي ان کي ڪري ٿو. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو گناهه ڪمائي ٿو ته اهو صرف پنهنجي جان لاءِ ئي (وبال) وِهائي ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو پاپ ڪري ٿو پاڻ، ته پاپ ڪري ٿو پاڻ لئي، ۽ صاحب آهي سڄاڻ، پڻ حڪمتي هشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو گناهه ڪري ٿو ته ان جو وبال مٿس آهي ۽ خدا سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪو برائي ڪمائيندو ته سندس اها ڪمائي پاڻ لاءِ ئي چــَـٽي بڻبي، الله کي سڀني ڳالهين جي ڄاڻ آهي ۽ هو وڏو داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪو برائي ڪمائيندو، ته ان جي ڪمائي سندس لاءِ وبال هوندي، ۽ بيشڪ الله کي سڀڪا خبر آهي پاڻ حڪيم ۽ داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو گناهه جو ڪم ڪري ٿو، سو سندس نفس جي لاءِ ئي وبال آهي ۽ الله تعالى کي هر شيءِ جو علم آهي ۽ هو وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَكسِب خَطيـَٔةً أَو إِثمًا ثُمَّ يَرمِ بِهِ بَريـًٔا فَقَدِ احتَمَلَ بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 112) |
۽ جيڪو ڪا خطا يا گناہ ڪري وري اُھا (تھمت) ڪنھن بيگناہ تي ھڻي تنھن بيشڪ بُھتان ۽ پڌرو گناہ کنيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن اڻ ڄاڻائي ۾ خطا ڪري وڌي يا ڄاڻي ٻجهي ڪو ڏوهه ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن بي ڏوهيءَ تي ان ڏوهه جي تهمت ڌريائين ته (ياد رکو ته) هن بهتان ۽ کليل ڏوهه جو بار پنهنجي گردن تي وڌو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو خطا ڪري ٿو يا گناه ڪري ٿو پوءِ ان گناه کي بي گناه تي هڻي ٿو پوءِ بيشڪ ان بهتان ۽ چٽو گناه پاڻ تي کنيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص ڪا خطا يا گناھ ڪري ۽ ان کي ڪنهن ٻي ڏوهيءَ جي سر تي هڻي ته انهيءَ هڪ وڏو ڪوڙ ۽ صريحي گناھ کي پنهنجي مٿان رکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪري ٿو خطا يا گناھ ان کان پوءِ لڳائي ٿو اهو ڪنهن بي گناھ تي ته پوءِ تحقيق کنيائين بهتان ۽ گناھ پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو ڪا خطا يا گناهه ڪري ٿو وري اهو ڪنهن بي گناهه تي هڻي ٿو تنهن بيشڪ بهتان ۽ ظاهر گناهه (پاڻ تي) کنيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو ڪابه خطا يا ڪوگناهه ڪري پوءِ ان جي تهمت ڪنهن بي گناهه ماڻهو تي لڳائي ته بيشڪ ان ماڻهو هڪ بهتان ۽ چٽو گناهه (پاڻ تي) کنيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڪري پاپ گناه، موٽِي مڙهي، سو ٻي مٿي، تنهن هٿ جو ٺاهيل ٺاه، ۽ پَڌرو پاپ اُٺائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪو ماڻهو ڏوهه يا گناهه پاڻ ڪري، مگر ان جي تهمت وري ڪنهن بيڏوهي تي رکي. اهڙي ماڻهوءَ بيشڪ پاڻ تي بهتان ۽ پڌرو گناهه کنيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري جنهن ڪو ڏوهه يا گناهه ڪري ان جو الزام ڪنهن بيگناهه تي مڙهيو، تنهن وڏي بهتان ۽ پڌري گناهه جو بار کنيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن ڪنهن ڪا خطا ڪئي يا گناهه ڪري ڪنهن ٻئي تي الزام هڻي بي گناهه کي ڦاسايو، ان ته بار کنيو وڏي بهتان ۽ پڌري گناهه جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اهڙو شخص جيڪو خود خطا يا گناهه جو ڪم ڪري، وري ان جو بھتان ٻئي ڪنھن بيقصور تي هڻي، ته اهڙي ماڻهوءَ پاڻ تي بھتان ۽ پڌري گناهه جو بار کنيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ وَرَحمَتُهُ لَهَمَّت طائِفَةٌ مِنهُم أَن يُضِلّوكَ وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَضُرّونَكَ مِن شَيءٍ وَأَنزَلَ اللَّهُ عَلَيكَ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَعَلَّمَكَ ما لَم تَكُن تَعلَمُ وَكانَ فَضلُ اللَّهِ عَلَيكَ عَظيمًا (آيت : 113) |
۽ جيڪڏھن توتي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجھ نه ھجي ھا ته منجھانئن ھڪ ٽوليءَ توکي غلطي ۾ وجھڻ جي پڪي نيت ڪئي ھئي، ۽ (اُھي) پاڻ کانسواءِ (ڪنھن کي) نه ڀلائيندا آھن ۽ توکي ڪوبه ضرر نه پھچائيندا، ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي لاٿي آھي ۽ جيڪي تون نه ڄاڻندو ھئين سو توکي سيکاريائين، ۽ توتي الله جو وڏو فضل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن توتي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته (هي ماڻهو توکي برغلائي سگهن ها ۽ تون يهوديءَ جي خلاف فيصلو ڪرين ها). هنن ماڻهن مان هڪ جماعت توکي ڀلائڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. اهي ماڻهو فقط پاڻ کي ڀلائي گمراه ڪري رهيا آهن (جو حق جي حمايت ڪرڻ بدران ڪوڙي ماڻهو جي حمايت ڪري رهيا آهن) اهي (پنهنجن ئي چالاڪين سان) توکي ڪجهه به نقصان نه پهچائي سگهندا ڇو ته الله تعاليٰ توتي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ جي ڳاليون توکي معلوم نه هيون سي توکي سيکاري ڇڏيون اٿس ۽ توتي الله تعاليٰ جو تمام وڏو فضل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اي حبيب ! توهان جي مٿان الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته البته ڪجھه ماڻهو ارادو ڪن ٿا ته توهان کي صحيح فيصلي کان روڪين، ۽ نٿا گمراه ڪن مگر پنهنجو پاڻ کي ۽ توهان کي اي حبيب ! ڪنهن به شيءِ جو نقصان پهچائي نٿا سگھن، ۽ الله تعالى نازل فرمايو توهان تي قرآن ڪريم ۽ حڪمتِ عظيم ۽ توهان کي سيکاريائين جيڪو ڪجھه توهان جي معلومات ۾ نه هو، ۽ الله تعالى جو توهان جي مٿان عظيم احسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) جيڪڏهن تو تي خدا جو فضل (۽ ڪرم) ۽ سندس مهرباني نه هجي ها ته انهن (نالائقن) مان هڪ ٽولي تو کي گمراھ ڪرڻ جو بلڪل قصد ڪيو آهي. هوڏانهن اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي گمراھ ڪري رهيا آهن. ۽ اهي ماڻهو تو کي ڪجھ به نقصان پهچائي نٿا سگهن. ۽ خدا ئي ته (مهرباني ڪئي جو) تو تي پنهنجو ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي ۽ جيڪي ڳالهيون تون نه ڄاڻندو هئين سي تو کي سيکاريائين ۽ تو تي ته خدا جو تمام وڏو فضل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها الله جو فضل توتي ۽ ان جي رحمت ته البته قصد ڪيو هو جماعت هڪڙي انهن مان ته غلطي ڪرائين اوهان کان ۽ نه غلطيءَ ۾ وجهن ٿا مگر پنهنجو پاڻ کي ۽ نه ٿا نقصان ڏئي سگهن توکي ڪجهه به ۽ لاٿو الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ ڄاڻايائين توکي اهو (سڀ) جو تو نه ٿي ڄاتو ۽ آهي ڀلائي الله جي توتي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس مهرباني توتي نه ٿئي ها ته انهن مان هڪ جماعت توکي گمراهه ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪي هئي، هوڏانهن اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي کي گمراهه نه ٿا ڪن ۽ توکي ڪجهه به نقصان پهچائي نه ٿا سگهن. ۽ الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت لاٿي آهي ۽ توکي اهو ڪجهه سيکاريو اٿس جنهن کي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ توتي الله جو وڏو فضل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) اگر تو تي الله جو فضل ۽ سندس ٻاجهه نه هجي ها ته انهن (دشمنن) مان هڪ ٽولي توکي ڌوکي ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو هيو. ۽ اُهي ته رڳو پنهنجو پاڻ کي ئي دوکو ڏين ٿا ۽ تو کي ته ڪنهن شيءِ جو به نقصان ڏئي نه سگهندا. ۽ الله تو تي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ تو کي اهو علم سيکاريائين جيڪو تون نه ڄاڻندو هئين. ۽ تو تي الله جو تمام وڏو فضل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي تو تي نه ڀلي جو ڀال، ٻِي ٻهون ٻاجھ اُن جِي، ته ڪنهن ٽولِي ٽَليو، اُنهن مان، ته ڀُلائنئـِي بحال، ۽ وِلها سندن وجودري، نه مُنجھائينِ مجال، ۽ لوڏو نه ڏِين لال!، توکي، وِندر جي واٽ کان. ۽ قادر ڪتاب توتي، نازل ڪيو نُور، ۽ حرف به حرف اُن جِي، پوري رِيت پرور، ۽ سمجھائنـِئي، سمجھ، جنهن جِي، مَهند نه توکي مور، ظاهر آهي ضرور، توتي وڏو وڙ واحد جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله جي ڀلائي ۽ سندس رحمت توتي نه هجي ها ته منجهائن هڪ ٽولي توکي غلطيءَ ۾ وجهڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪي هئي، پر اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي ڀلائي نه ٿا سگهن ۽ الله توتي ڪتاب ۽ دانائي نازل ڪئي آهي ۽ توکي اهي ڳالهيون سيکاريون اٿس جي تون نه ڄاڻندو هئين ۽ توتي الله جي وڏي ڀلائي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جيڪڏهن توتي الله جو فضل نه ٿئي ها ۽ سندس رحمت توسان نه هجي ها ته انهن مان هڪڙي ٽولي ته توکي غلط فهميءَ ۾ وجهڻ جو پڪو پــَـهه ڪري ڇڏيو هو، حالانڪه اصل ۾ هو پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به غلط فهميءَ ۾ نه وجهي رهيا هئا ۽ نڪي توکي ڪو نقصان پهچائي ٿي سگهيا. الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪيا آهن ۽ توکي اهو ڪجهه ڄاڻايو آهي، جيڪو توکي معلوم نه هو ۽ توتي ان جو فضل تمام گهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) جي نه هجي ها فضل الله جو توتي ۽ سندس رحمت ته هڪ ٽولي انهن مان توکي غلط فهمي ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر (حقيقت ۾) سواءِ پنهنجي ڪنهن ٻئي کي غلط فهمي ۾ نه پئي وڌو ۽ تنهنجو ڪو نقصان ڪري نٿي سگهيا. ۽ نازل ڪيو آهي الله توتي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ ٻڌايو آهي توکي اهو ڪجهه جيڪو توکي معلوم نه هو ۽ وڏو فضل آهي الله جو توتي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن توهان جي مٿان الله تعالى جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها، ته انهن مان هڪ گروهه (وقتي طور)توکي صحيح رستي تان هٽائڻ جي نيت ڪئي هئي، حالانڪه حقيقت ۾ هو پنهنجو پاڻ کي ئي صحيح رستي تان هٽائي سگهن ٿا، ۽ توکي ڪنھن به قسم جو نقصان نٿا پھچائي سگهن، (ڇاڪاڻ جو) الله تعالى توهان تي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ تو کي هر اها شيءِ سيکاري آهي، جيڪا تون نه ڄاڻندو هئين ۽ تنھنجي مٿان الله تعالى جي وڏي مھرباني آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا خَيرَ فى كَثيرٍ مِن نَجوىٰهُم إِلّا مَن أَمَرَ بِصَدَقَةٍ أَو مَعروفٍ أَو إِصلٰحٍ بَينَ النّاسِ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ ابتِغاءَ مَرضاتِ اللَّهِ فَسَوفَ نُؤتيهِ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 114) |
سندين گھڻين ڳجھين صلاحن ۾ ڪا چڱائي نه آھي پر جنھن خيرات ڏيڻ يا چڱي ڪم يا ماڻھن جي وچ ۾ سڌاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو (تنھن جي صلاح ۾ چڱائي آھي)، ۽ جيڪو اُھو ڪم الله جي رضامندي ڳولڻ لاءِ ڪندو پوءِ سگھوئي اُن کي وڏو اجر ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن ماڻهن جي مخفي مشورن مان گهڻن ۾ چڱائي ڪانهي پر جيڪڏهن ڪو (مخفي طرح) خيرات ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن نيڪي جي ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ چاهي (ته پوءِ مخفي مشورا ڪرڻ ۾ به چڱائي آهي) ۽ جيڪو خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪري ٿو تنهن کي اسان وڏو اجر ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي گھڻن مشورن ۾ خير ناهي مگر جيڪو ماڻهو نيڪيءَ جو چوي يا سهڻي ڳالهه چوي يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائي، ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى جي رضامندي خاطر ايئن ڪري ٿو پوءِ جلدي اسين ان کي گھڻو ثواب ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) انهن جي راز جي ڳالهين ۾ ڀلائي (جو ته نالو به) نه آهي. پر (هاءُ) جو شخص ڪنهن کي صدقو ڏيڻ يا نيڪ ڪم ڪرڻ يا ماڻهن ۾ ميلاپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي (ته البت ٻي ڳالھ آهي) ۽ جو شخص (محض) خدا جي خوشنودي جي خواهش ۾ اهڙا ڪم ڪندو ته اسين کيس جلد ئي وڏو بدلو عطا ڪنداسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ڀلائي گهڻين ۾ انهن جي صلاحن مان مگر جيڪو امر ڪري صدقي جو يا چڱي ڪم جو يا ماڻهن ۾ صلح ڪرائڻ جو ۽ جيڪو ڪندو اهو الله جي رضا طلبيءَ جي لاءِ پوءِ جلد ڏينداسون ان کي ثواب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جي گهڻين ڳجهين صلاحن ۾ ڪا ڀلائي نه آهي پر (ان جي صلاح ۾ ڀلائي آهي) جنهن خيرات يا چڱي ڪم يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جو حڪم ڪيو. ۽ جيڪو الله جي رضامنديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڪم ڪري ٿو تنهن کي اسين وڏو اجر ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي اڪثر ڳُجھن مَشورن ۾ ڪو خير نه آهي سواءِ ان شخص (جي مشوري) جي جنهن خيرات يا نيڪي جي ڪم يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ۽ جيڪو ماڻهو اهي ڪم الله جي رضا جي تلاش ۾ ڪندو ته جلد اسان ان کي زبردست اجر ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سندنِ سُر ٻرن مان، جَجھن ۾ نه جَس، مگر خير خَيرات جو، ڏِنو جنهين ڏس، مَت چڱي، يا ماڻهن ۾، رِيت پِرِيت رس، ۽ ربَّ جي رضا ڳولڻ لئي، جنهن وڏو ڪيو اِي وس، اِنهئَ کي اَوس، ڏينداسون، ڪو ڏان وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن جي گهڻين لڪل صلاحن ۾ڪا چڱائي ڪانهي، سواءِ انهي جي، جو خيرات ڏيڻ يا نيڪ ڪم ڪرڻ يا ماڻهن ۾ صلح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ جيڪو اهو ڪم الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندو ته اسين ان کي وڏو ثواب ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن جي ڳجهي ســُـس پــُـس ۾ گهڻو ڪري ڪابه چڱائي نه هوندي آهي. ها باقي جيڪو لڪل نموني ۾ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي تلقين ڪري يا ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ يا ماڻهن جي معاملن جي اصلاح لاءِ ڪنهن کي ڪجهه چوي ته اها چڱي ڳالهه آهي ۽ جيڪو الله جي رضا خاطر ائين ڪندو ته ان کي اسان وڏو اجر عطا ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪابه چڱائي نه هوندي آهي ماڻهن جي لڪل سُس پُس ۾، ها! جيڪڏهن ڪو لڪائي صدقي خيرات جي تلقين ڪري ڪنهن نيڪ ڪم لاءِ يا سڌاري لاءِ ماڻهن جي معاملات ۾، ڪنهن کي ڪجهه چوي، ته اها البته چڱي ڳالهه آهي، جيڪو الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ائين ڪندو، ان کي عطا ڪنداسين وڏو اجر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جي پنھنجي ليکي لڪيل طريقي سان ويھي سُس پُس ڪرڻ ۾ به گهڻو ڪري ڪا ڀلائي نه هوندي آهي، ها باقي لڪيل طريقي سان خيرات ڪڍڻ، نيڪيءَ جو ڪم ڪرڻ يا ماڻهن جي وچ ۾ سڌاري لاءِ ڪو مشورو ڪجي ته اها سٺي ڳالهه آهي، هي ڪم جيڪڏهن الله تعالى جي رضامنديءَ لاءِ ڪري ته پوءِ اسان ان کي وڏو اجر عطا ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُشاقِقِ الرَّسولَ مِن بَعدِ ما تَبَيَّنَ لَهُ الهُدىٰ وَيَتَّبِع غَيرَ سَبيلِ المُؤمِنينَ نُوَلِّهِ ما تَوَلّىٰ وَنُصلِهِ جَهَنَّمَ وَساءَت مَصيرًا (آيت : 115) |
۽ جيڪو رستي جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن جي واٽ کانسواءِ ٻي واٽ وٺندو سو جيڏانھن متوجه ٿيو آھي تيڏانھن کيس ڦيرينداسون ۽ کيس دوزخ ۾ گھيرينداسون، ۽ (اھا) جاءِ بڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن شخص لاءِ هدايت ۽ حق چٽو ڪيو وڃي ۽ پوءِ به هو الله جي رسول جي مخالفت ڪري ۽ مومنن جي واٽ ڇڏي ٻي واٽ تي هلي، تنهن کي اسان انهيءَ ئي طرف وٺي وينداسين جنهن طرف وڃڻ هنن پسند ڪيو آهي ۽ هنن کي دوزخ ۾ پهچائي ڇڏينداسين. دوزخ ڪهڙي نه بري جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو رسولِ عربيءَ جي مخالفت ڪري انهيءَ کان پوءِ جو هدايت اُن لاءِ ظاهر ٿي چڪي ۽ مسلمانن جي رستي کان ٻئي رستي تي هليو، ڦيرائينداسين ان ماڻهو کي اوڏانهن جيڏانهن پاڻ منهن ڦيرايائين ۽ ان کي جهنم ۾ داخل ڪنداسين، ۽ اها خراب جاءِ آهي موٽڻ جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص سڌي رستي جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ رسول سان ڏاڍائي ڪري ۽ مومنن جي طريقي کانسواءِ ڪنهن ٻي راھ تي هلي ته جنهن طرف اهو ڦري ويو آهي، اسين به کيس اوڏانهن ئي ڦيرينداسون ۽ (نيٺ) هن کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون. ۽ اهو ته تمام بڇڙو هنڌ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو بي فرماني ڪندو رسول جي ان کان پوءِ جو روشن ٿي ان لاءِ هدايت ۽ تابعداري ڪندو مؤمنن جي واٽ کان سواءِ (ٻي ڪنهن واٽ جي) ته ڦيرائينداسون ان کي جيڏانهن ڦريو ۽ پهچائينداسون ان کي جهنم ۾ ۽ اها بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي. ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو کيس رستي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ (به) رسول جي مخالفت ڪري ٿو ۽ ايمان وارن جي رستي کانسواءِ ٻيو رستو وٺي ٿو تنهن کي اهو پاسو حوالي ڪريون ٿا جنهن کي پنهنجو ڪيو اٿس ۽ ان کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو رسول جي مخالفت ڪري ان کان پوءِ جو ان تي هدايت جي راهه پڌري ٿي چڪي هجي ۽ مؤمنن جي واٽ جي بجاءِ ڪنهن ٻي راهه جي پيروي ڪري ته اسان به ان کي ان طرف ڦريل رکنداسين جيڏانهن پاڻ ڦريو آهي ۽ ان کي دوزخ ۾ وجهنداسين. ۽ ڏاڍو برو ٽڪاڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڪندو پاڪ رسول جي، مُخالفت منڪر، جنهن بعد سُونهپ صاف ٿِئي، مٿي سربسر، ۽ مارڳ ڌاران مومنِين، ٿو سرهي ٻئو سَر، اُٿلائينداسونسِ، جيڏانهن اُٿليو، سو اَبتر، ۽ ڏينداسونسِ ماڳ مڱر، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو سڌي رستي معلوم ڪرڻ کان پوءِ پيغمبر جي مخالفت ڪندو ۽ مومنن جي رستي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو اختيار ڪندو، ته اسين ان کي ان طرف ئي ڦيرينداسون، جنهن طرف هو هلڻ گهرندو ۽ ان کي دوزخ ۾ داخل ڪنداسون ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪو شخص رسول جي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيٺو هجي ۽ مؤمنن جي طريقي کي ڇڏي ڪنهن ٻئي طريقي تي هلي، توڻي جو سڌي واٽ به مٿس پڌري ٿي چڪي هجي ته ان کي اسان اوڏانهن ئي هلائينداسون جيڏانهن هو پاڻ لڙي ويو ۽ کيس جهنم ۾ وجهنداسون، جيڪو ڏاڍو بڇڙو موٽڻ جو ماڳ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪو به ماڻهو اٿندو رسول جي خلاف ۽ اهلِ ايمان وارن جي راهه کان سواءِ ٻئي تي هلندو، جڏهن ته ان تي پڌري واٽ ظاهر ٿي چڪي هئي مؤمنن واري ته اسان به ان کي ان طرف هلائينداسين جيڏانهن مڙيو آهي ۽ کيس جهنم ۾ وجهنداسين، جيڪا رهڻ لاءِ تمام بري جڳهه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو صحيح رستو معلوم ٿيڻ کان پوءِ به رسول سڳوري جي مخالفت ڪندو ۽ مؤمنن واري رستي کان ڌار ٿي، ٻئي ڪنھن رستي تي هلندو، ته اسان به کيس ان طرف ئي موڙينداسين جنھن طرف هو (ٿاٻا کائڻ لاءِ) وڃڻ چاهي ٿو ۽ کيس جھنم ۾ اڇلائينداسين ۽ اها رهڻ لاءِ انتھائي برِي جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ لا يَغفِرُ أَن يُشرَكَ بِهِ وَيَغفِرُ ما دونَ ذٰلِكَ لِمَن يَشاءُ وَمَن يُشرِك بِاللَّهِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 116) |
بيشڪ الله ھيءُ (ڏوہ) نه بخشيندو جو (ڪنھن کي) ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ اُن کانسواءِ (ٻيو گناہ) جنھن لاءِ گھرندو تنھن کي بخشيندو، ۽ جيڪو الله سان (ڪنھن کي) شريڪ بڻائيندو سو بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هيءَ ڳالهه هرگز نٿو بخشي ته ساڻس ڪنهن کي شريڪ ڪيو وڃي، ان کان سواءِ جيڪي به گناه آهن اهي جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو سو سڌي راه گم ڪري تمام پري وڃي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى نٿو بخش ڪري جو ان سان ڪنهن کي برابر ڪيو وڃي ۽ انهي کان سواءِ جنهنکي چاهي بخش ڪري ٿو ۽ جيڪو ماڻهو الله تعالى سان ڪنهن کي برابر ڪري ٿو پوءِ بيشڪ اهو پري واري گمراهيءَ ۾ پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا بيشڪ انکي نٿو بخشي جو انسان (ڪنهن کي) شريڪ ٿو ڪري. پر ان کان سواءِ جو به گناھ هجي جنهن کي گهري (ته) بخشي ۽ (معاذالله) جنهن ڪنهن کي خدا جو شريڪ بنايو سو ته بس ٿڙندو گهڻو پري وڃي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله نه ٿو بخشي هيءَ (ڳالهه) جو شرڪ ڪيو وڃي ان سان ۽ بخشي ٿو جيڪي ان کان سواءِ جنهن کي گهري ۽ جيڪو شرڪ ٿو ڪري الله سان پوءِ تحقيق گمراھ ٿيو گمراهي پرانهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله (هي ڳالهه کي) معاف نه ٿو ڪري ته ان سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان (گناهه) کانسواءِ (ٻيا گناهه) جنهن کي گهري تنهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جيڪو الله سان (ڪنهن کي) شريڪ ڪري ٿو سو بيشڪ رستي کان گهڻو پري وڃي پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله (اها ڳالهه) معاف نه ٿو ڪري جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان هيٺ (جيڪو به گناهه) آهي سو جنهن کي چاهي معاف ڪري ڇڏي ٿو. ۽ جيڪو الله سان شرڪ ڪري ٿو ته اهو واقعي ڏورانهين گمراهي ۾ پئجي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪو ڀلي سان ڀال ۾، ڀانئي ڀائيوار، نه مرهيسِ؛ ۽ مَرهي ڏوه ٻيا، جنهن کي، گُھري غفار، ۽ ڪري گڏ ڪريم سان، ٻيا ٻيلي!، جو ٻيلار، سو ڪنهن پراهين پار، ويو وڃڻ کي، واٽ تان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو گناهه نه بخشيندو جو ڪنهن کي سندس شريڪ بڻايو وڃي ۽ ان کانسواءِ ٻيو گناهه جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ٿو ۽ جنهن الله سان (ڪنهن کي) شريڪ بڻايو ته اهو (سنئين رستي کان) ڀٽڪي پري وڃي پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله وٽ رڳو شرڪ جي ئي بخشش ڪانهي، ان کانسواءِ ٻيو سڀ معاف ٿي سگهي ٿو، جنهن کي هو معاف ڪرڻ گهري. جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو، اهو ته گمراهيءَ ۾ تمام پري وڃي نڪتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله فقط شرڪ کي معاف نٿو ڪري، ان کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه معاف ٿي سگهي ٿو، جنهن کي به هو معاف ڪرڻ گهري. ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪيو، اهو پڌري گمراهيءَ ۾ تمام پري نڪري ويو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى پنھنجو پاڻ سان شرڪ ڪرڻ وارن کي (ڪڏهن به) نه بخشيندو، ان کان سواءِ (ٻيا گناهه) جنھن کي چاهي معاف ڪندو، (حقيقت هي آهي ته) جنھن به الله تعالى سان گڏ ڪنھن کي شريڪ ڪيو، ڄڻ ته هو تمام وڏي گمراهيءَ ۾ لڙهي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَدعونَ مِن دونِهِ إِلّا إِنٰثًا وَإِن يَدعونَ إِلّا شَيطٰنًا مَريدًا (آيت : 117) |
(ھيءُ مشرڪ) ان (الله) کانسواءِ عورتن کي ئي سڏيندا آھن، ۽ (حقيقت ۾) تڙيل شيطان کانسواءِ ٻئي کي نه سڏيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي مشرڪ) الله کي ڇڏي ديوين کي پڪارين ٿا ۽ مردود شيطان کي پڪارين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) نٿا عبادت ڪن مگر بتن جي جيڪي مؤنث آهن، ۽ نٿا عبادت ڪن مگر (تڪبر ڪندڙ) شيطان جي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي مشرڪ، خدا کي ڇڏي بس عورتن جي ئي پوڃا (پاٽ) ڪن ٿا ۽ (دراصل) اهي ماڻهو سرڪش شيطان جي پوڃا ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا عباد ڪن ان کان سواءِ مگر عورتن جي ۽ نه ٿا پوڄين مگر شيطان تڙيل کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي الله کانسواءِ رڳو عورتن (جي نالي وارن بتن) کي سڏين ٿا(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (مشرڪ ماڻهو) الله کان سواءِ نه ٿا سڏن مگر عورتن (ديوِيُن ) کي ۽ نه ٿا پوڄن مگر سرڪش شيطان کي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه سڏينِ، سوا سائينءَ جي، مگر ماريون مور، ۽ نه سڏينِ سوا شيطان جي، جو ڌُران ڌِڪاريل دُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي فقط عورتن کي ئي ٿا پڪارين، پر درحقيقت رڳو سرڪش شيطان کي ٿا پڪارين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو الله کي ڇڏي ديوين کي ٿا معبود بڻائين ۽ هو ان شيطان باغيءَ کي ٿا معبود بڻائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو الله کي ڇڏي سڏين ٿا ديوين کي ۽ هو ان باغي شيطان کي سڏين ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (مشرڪ) الله تعالى کي ڇڏي ديوِيُن کي پڪارين ٿا ۽ سرڪش شيطان کي معبود ڪري سڏين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَعَنَهُ اللَّهُ وَقالَ لَأَتَّخِذَنَّ مِن عِبادِكَ نَصيبًا مَفروضًا (آيت : 118) |
ان تي الله لعنت ڪئي آھي، ۽ (شيطان) چيو ته تنھنجي ٻانھن مان مُقرّر ڪيل حصّو ضرور وٺندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ان (مردود شيطان) تي لعنت ڪئي آهي. جنهن خدا کي چئي ڏنو ته مان تنهنجي بندن مان هڪ مقرر حصو پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن تي لعنت موڪلي، ۽ (شيطان) چيو مون کي قسم آهي آئون ضرور الله جي ٻانهن مان ڪجھه حصو پنهنجو ڪري وٺندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جنهن تي) خدا لعنت ڪئي آهي ۽ جنهن (شروع ۾ ئي) چيو هو ته (خداوندا) مان تنهن جي بندن مان هڪ مقرر حصو (تعداد جو) پنهنجي طرف ضرور وٺندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لعنت ڪئي ان کي الله ۽ چيو (شيطان) ته البته ضرور وٺندس تنهنجن ٻانهن مان ڀاڱو مقرر ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي رڳو سرڪش شيطان کي سڏين ٿا ان تي الله لعنت ڪئي آهي. ۽ شيطان چيو ته آءُ تنهنجن ٻانهن مان ضرور مقرر ڪيل حصو وٺندس. ۽ کين ضرور گمراهه ڪندس ۽ انهن کي اميدن ۾ رکندس . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ان (شيطان) تي لعنت ڪئي آهي. ۽ ان چيو ته: ”آءُ تنهنجي ٻانهن کان هڪ مقرر ڪيل حصو ضرور وٺندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين پهرين پور، جڏهن ڌڻي ڌڪاريو اُن کي. چي وٺندس تُنهنجي ٻانهن مان، حِصّا مقرر مور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن تي الله ڦٽڪار وڌي آهي ۽ ان چيو ته آءٌ ضرور تنهنجي ٻانهن مان هڪ مقرر حصو وٺندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن تي الله لعنت مڙهي آهي، جنهن الله کي چيو هو ته "مان تنهنجي ٻانهن مان هڪڙو مقرر ڪيل حصو ضرور وٺي رهندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن کي الله لعنتي ڪيو آهي، جنهن الله کي چيو هو ته آئون تنهنجي ٻانهن مان هڪ مقرر حصو ضرور وٺندس.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ته ان تي لعنت ڪري چڪو آهي (ڏسو ته وري به هي ماڻهو ان ملعون جي عبادت ڪن ٿا)، جنھن الله تعالى کي چيو هو ته مان تنھنجي ٻانهن مان ڪجهه ٻانهن کي ورغلائي پاڻ سان ضرور ملائي وٺندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَأُضِلَّنَّهُم وَلَأُمَنِّيَنَّهُم وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُبَتِّكُنَّ ءاذانَ الأَنعٰمِ وَلَءامُرَنَّهُم فَلَيُغَيِّرُنَّ خَلقَ اللَّهِ وَمَن يَتَّخِذِ الشَّيطٰنَ وَلِيًّا مِن دونِ اللَّهِ فَقَد خَسِرَ خُسرانًا مُبينًا (آيت : 119) |
۽ کين ضرور گمراہ ڪندس ۽ کين ضرور سَڌن ۾ وجھندس ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس پوءِ ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا ۽ کين ضرور حُڪم ڪندس ته الله جي جوڙيل (صورت) کي ڦٽائيندا (رھندا) ۽ جيڪو الله کانسواءِ شيطان کي دوست ڪري وٺندو تنھن بيشڪ پڌرو ڇيو پاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ضرور انهن کي گمراه ڪندس ۽ ضرور (چڱن عملن بدران ڪوڙين) اميدن ۾ کين (خوش) رکندس ۽ ضرور کين (مشرڪانه رسمن ۽ وهمن جا) حڪم ڏيندس، پوءِ هو جانورن جا ڪن ضرور چيريندا (۽ انهن کي پيرن بتن جي نالي ڪري ڇڏي ڏيندا ۽ انهن کان ڪم نه وٺندا) ۽ مان کين ضرور حڪم ڏيندس ۽ هو (ان حڪم موجب) خدا جي خلق (شين) جي شڪل ضرور بگاڙي ڇڏيندا (سو اهي مشرڪ شيطان جي هدايتن تي هلن ٿا) ۽ جيڪو به الله کي ڇڏي شيطان کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بنائي ٿو سو يقيناً چٽي تباهي ۾ پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قسم سان آئون انهن کي گمراه ڪندس ۽ ضرور انهن کي خراب خيال ڏياريندس ۽ ضرور انهن کي چوندس ته چؤپائي مال جا ڪن چِيرين ۽ ضرور انهن کي چوندس ته الله تعالى جي خلقت ۾ تبديلي ڪن، ۽ جيڪو الله تعالى کي ڇڏي شيطان کي پنهنجو مددگار بنائي ٿو پوءِ بيشڪ اهو چِٽي نقصان ۾ پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوءِ کين ضرور گمراھ ڪندس ۽ انهن کي (وڏيون وڏيون) اميدون به ضرور ڏياريندس ۽ پڪ کين سيکاريندس پوءِ اهي (بتن لاءِ) جانورن جا ڪن ضرور چيرڦاڙ ڪندا ۽ وري کين چوندس ته پوءِ اهي (منهنجي سبق وانگر خدا جي بنايل صورت کي ضرور بدلائي ڇڏيندا ۽ (اهو ياد رهي ته) جنهن خدا کي ڇڏي پنهنجو سرپرست شيطان کي بنايو ته ان ظاهر بظاهر سخت نقصان سر تي سٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور گمراھ ڪندس انهن کي ۽ البته ضرور خواهشون ڪرائيندس انهن کان ۽ البته ضرور امر ڪندس انهن کي پوءِ البته ضرورو چيريندا ڪن چوپاين جا ۽ البته ضرور امر ڪندس انهن کي پوءِ البته ضرور ڦيرائيندا الله جي مخلوق کي ۽ جيڪو وٺي ٿو شيطان کي دوست ڪري الله کان سواءِ پوءِ تحقيق نقصان ۾ پيو نقصان پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين ضرور حڪم ڪندس، پوءِ اهي ضرور ڍورن جي ڪنن کي چيريندا، ۽ انهن کي ضرور حڪم ڪندس پوءِ اهي الله جي بنايل صورت بدلائيندا. هوڏانهن جيڪو الله کي ڇڏي شيطان کي دوست بنائي ٿو تنهن جو بيشڪ ظاهر نقصان ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي ضرور گمراهه ڪندس ۽ انهن کي ضرور غلط اميدون ڏياريندس ۽ کين ضرور حڪم ڏيندس ته اُهي جانورن جا ڪن چيريندا ۽ کين ضرور حڪم ڏيندس جو اُهي الله جون بنايل شيون بگاڙيندا“. ۽ (ٻڌي ڇڏيو) جيڪو الله کي ڇڏي شيطان کي دوست بنائيندو ته بلاشڪ اهو چِٽي نقصان ۾ پئجي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنجھائيندوسينِ مورهين، ۽ ڀريندس ڀرپور، تن کي، سَکڻين سَڌن سان، ۽ آڇيندوسينِ اُمور، پوءِ ڍورن ڪُنر ڪنن ۾، وِجھنداسي وهلور، پوءِ ڦيريندا ضرور، جيڪا جوڙ جبّار جِي. ۽ سائين سوا، شيطان کي، دوست ڌاريو جِنهن، ته پلئي پاتو تِنهن، مور وِڃائڻ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ضرور کين ڀٽڪائيندس ۽ انهن کي ڪوڙيون اميدون ڏياريندو رهندس ۽ کين حڪم ڏيندس ته جانورن جا ڪن چيرين ۽ کين هي حڪم به ڏيندو رهندس، ته الله جي مخلوق جي شڪلين کي بدليندا رهن.“۽ جنهن الله کان سواءِ شيطان کي ڪارساز بڻايو، اهو پڌري نقصان ۾ پئجي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان کين ڀٽڪائيندس، مان کين ســَـڌُن ۾ ڦاسائيندس، مان کين حڪم ڪندس ۽ هو منهنجي حڪم هيٺ جانورن جا ڪن چيريندا ۽ مان کين حڪم ڏيندس ۽ هو منهنجي حڪم تي هلي الله جي ٺاهيل شين ۾ ڦيرڦار ڪندا". جنهن به انهيءَ شيطان کي الله جي بدران پنهنجو دوست ۽ سرپرست بڻايو هوندو سو پڌري ٽوٽي ۾ وڃي پيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آءٌ انهن کي ڀلائيندس ۽ آءٌ انهن کي سڌن ۾ الجهائيندس، ۽ کين حڪم ڏيندس ۽ هو منهنجي حڪم سان جانورن جا ڪَنَ چيريندا ۽ کين حڪم ڏيندس ۽ هو خدائي ڊول ۾ ڦير ڦار ڪندا ۽ ان شيطان کي جنهن کي پنهنجو ولي وارث سرپرست بنايو الله جي بجاءِ، ته اهو (يقينًا) پڌري نقصان ۾ پيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان انهن ٻانهن کي ضرور گمراهه ڪندس، انهن کي سندن (غلط) تمنائن ۾ ٻوڙيندس، کين جانورن جا ڪن چيرڻ جو حڪم ڪندس، ته هو ڪن چيريندا ۽ انهن کي فطري نظام (يعني الله تعالى جي ٺاهيل نظام) کي بگاڙڻ جو حڪم ڏيندس، ته هو الله تعالى جي ٺاهيل نظام کي ضرور بگاڙي ڇڏيندا (اهڙي صورت کي ڏسندي به) جيڪڏهن ڪير الله تعالى کي ڇڏي شيطان کي دوست ٺاهيندو، ته پوءِ اهڙو شخص سنئون سڌو پڌري نقصان ۾ پئجي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَعِدُهُم وَيُمَنّيهِم وَما يَعِدُهُمُ الشَّيطٰنُ إِلّا غُرورًا (آيت : 120) |
شيطان کين انجام ڏيندو آھي ۽ کين سَڌن ۾ وجھندو آھي، ۽ شيطان ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو ڪو) انجام نه ڏيندو اٿن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شيطان هنن سان (ڪوڙا) واعدا ڪري ٿو ۽ کين (ڪوڙين) اميدن ۾ وجهي ٿو ۽ شيطان جيڪي واعدا هنن سان ڪري ٿو سي ٺڳي ۽ فريب کان سواءِ ڪجهه به نه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شيطان انهن کي وعدو ڏئي ٿو ۽ خراب خيال ڏياري ٿو، ۽ نٿو وعدو ڪري انهن سان (شيطان) مگر ٺڳيءَ جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شيطان هنن سان سٺا سٺا واعدا به ڪري ٿو ۽ وڏيون وڏيون اميدون به ڏئي ٿو ۽ شيطان هنن سان جيڪي به انجام ڪري ٿو اهو ته ڌوڪو (ئي ڌوڪو) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وعدو ٿو ڏئي انهن کي ۽ خواهشون ٿو ڏياري انهن کي ۽ نه ٿو وعدو ڏئي انهن کي شيطان مگر ٺڳي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شيطان انهن سان وعدا ڪري ٿو ۽ کين اميدن ۾ رکي ٿو ۽ شيطان ڌوڪي کانسواءِ انهن سان ٻيو ڪو وعدو نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو (شيطان) انهن کي ڏٽا ڏئي ٿو ۽ انهن کي سَڌن ۾ وجھي ٿو. ۽ شيطان انهن سان جو به وعدو ڪري ٿو سو فريب ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوڙا ڏينِ ڪَرار، ۽ سَڌون ڏِيارِينِ سَکڻيون، ۽ ابليس، نه ڏي اُنهن کي، ڪو دلاسو دَلبن ڌار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو ساڻن وعدو ڪري ٿو ۽ کين اميدون ڏياري ٿو پر شيطان هنن سان رڳو ٺڳيءَ جا وعدا ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو انهن ماڻهن سان واعدا ٿو ڪري ۽ کين دلاسا ٿو ڏئي، پر شيطان جا سمورا واعدا سواءِ دوکي جي ٻيو ڪجهه به ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو انهن ماڻهن سان وعدو ڪندو ۽ اميد ڏياريندو آهي ۽ شيطان جا سڀ وعدا ٻيو ڪجهه به نه آهن سواءِ فريب جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شيطان ماڻهن کي وعدن ۽ اميدن جي آسري تي رکي ٿو پر شيطان جا هي سڀ وعدا ۽ اميدون رڳو ڌوڪو هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَلا يَجِدونَ عَنها مَحيصًا (آيت : 121) |
اھڙن (ماڻھن) جي جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُن کان ڀڄڻ جي ڪا واہ نه لھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ماڻهو (يعني مشرڪ شيطان جا تابعدار) آهن، جن جي جاءِ (آخر) دوزخ آهي ۽ هو ان مان ڀڄي نڪرڻ جي واٽ نه لهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙن ماڻهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ جهنم سان بچڻ جي ڪابه جاءِ نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي ته اهي ماڻهو آهن جن جي جاءِ جهم آهي ۽ ان کان بچڻ جي جاءِ به نه لهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جاءِ انهن جي جهنم آهي ۽ نه لهندا ان کان ڇٽڻ جي جاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي. ۽ ان کان ڀڄڻ جي ڪا جاءِ نه لهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ئي آهن جن جي جاءِ جهنم آهي ان کان ڀڄڻ جي ڪا واهه نه لهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دوزخ تن جو دار، ۽ لِڪ نه لهندا اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن ئي ماڻهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ان کان ڪا به بچڻ جي جاءِ نه لهي سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي، جنهن مان ڀڄي نڪرڻ جي ڪابه واهه نه لهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن (ماڻهن جي) رهڻ جي جاءِ جهنم آهي، جنهن مان ڇٽڻ جي ڪابه واهه نه ڏسندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي پيروِي ڪندڙن جي جاءِ جھنم آهي ۽ ان کان هو (ڪڏهن به) بچي نه سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ سَنُدخِلُهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَمَن أَصدَقُ مِنَ اللَّهِ قيلًا (آيت : 122) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سگھوئي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، (اھو) الله جو پڪو انجام آھي، ۽ انجام ڏيڻ ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن کي اسان جلد اهڙن (دائمي نعمتن وارن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا، اهو الله جو واعدو برحق آهي. ۽ قول ۾ الله کان ڪير وڌيڪ سچو ٿي سگهي ٿو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا جلدي اسان انهن کي باغن ۾ داخل ڪنداسين جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اهي هميشه هميشه بهشت ۾ رهندا، الله تعالى جو وعدو سچو آهي، ۽ الله تعالى کان وڌيڪ ڪنهن جي ڳالهه سچي ٿي سگھي ٿي!(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا انهن کي اسين جلد ئي (بهشت جي) انهن باغن ۾ پهچائينداسون جن جي (وڻن) هيٺان نهرون جاري آهن. ۽ اهي ماڻهو ان ۾ هميشه ابد الاباد تائين رهندا. (اهو) انهن (سان) خدا جو پڪو انجام آهي ۽ خدا کان وڌيڪ (پنهنجي) ڳالھ ۾ سچو ڪير هوندو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل جلد داخل ڪنداسون انهن کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون رهندا انهن ۾ هميشہ الله جو وعدو سچو آهي ۽ ڪير آهي وڌيڪ سچو الله کان فرمان ۾، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ هميشه رهندا. الله سچو وعدو ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون سگهو ئي کين باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه هميشه رهندا. (اهو) الله جو سچو وعدو آهي. ۽ الله کان وڌيڪ ڳالهه جو سچو ڪير ٿي سگهي ٿو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وِسهيا جي وَريام، ڪيؤن، نيڪ ڪمايون، جلد ڏينداسون جنت ۾، اُنهن کي آرام، جن هيٺ هلن ناليون؛ منجھس پاڻ مدام، آهي منجھ انجام، سچو سائينءَ کان ڪير ٻئو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسون، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، انهن ۾ هميشه رهندا. (اهو) الله جو وعدو سچو آهي ۽ ڳالهه چوڻ ۾ الله کان ٻيو ڪير وڌيڪ سچو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، انهن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ هو اتي سدائين رهندا. اهو الله جو سچو وعدو آهي ۽ الله کان وڌيڪ پنهنجي قول جو سچو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ عمل سهڻا ڪيا ته انهن کي اسان اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون ۽ اهي هميشه اتي رهندا. هي وعدو الله جو سچو آهي ۽ الله کان وڌيڪ سچو ٻيو ڪير پنهنجي ڳالهه ۾ هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ها باقي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسان کين اهڙن (سرسبز) باغن ۾ داخل ڪنداسين، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه لاءِ رهندا، الله تعالى جو وعدو برحق آهي. پنھنجي قول ۾الله تعالى کان وڌيڪ ٻيو ڪير سچو ٿي سگهي ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ بِأَمانِيِّكُم وَلا أَمانِىِّ أَهلِ الكِتٰبِ مَن يَعمَل سوءًا يُجزَ بِهِ وَلا يَجِد لَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 123) |
( ۽ ) نڪي اوھان جي سَڌن تي نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي (ڇوٽڪارو) آھي، جيڪو ڪا مدائي ڪندو تنھن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لھندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو نجات ۽ سعادت) نڪي اوهان جي خواهشن ۽ اميدن تي مدار رکي ٿي، نڪي اهل ڪتاب جي خواهشن ۽ اميدن تي (اها ته ايمان ۽ عمل تي مدار ٿي رکي) جيڪو به (مسلم هجي توڙي غير مسلم) برائي ڪندو تنهن کي ان جو (خراب) بدلو ملندو ۽ هن کي الله کان سواءِ نه ڪوئي دوست ملندو، نه مددگار!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي (نجات مشرڪن جي) اميدن تي ۽ ناهي (نجات) اهلِ ڪتاب وارن جي اميدن تي، جيڪو گناه ڪندو ان کي انجي سزا ملندي، ۽ نه لهندو اهو ماڻهو الله کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ مددگار(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه اوهان جي آروز سان (ڪجھ ڪم هلي سگهي ٿو) نه اهل ڪتاب جي تمنا سان (ڪجھ حاصل بلڪ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي) جو بڇڙو ڪم ڪندو ان کي ان جو بدلو ڏنو ويندو ۽ وري خدا کانسواءِ ڪنهن کي نه ته پنهنجو سرپرست لهندو ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اوهان جي سڌن تي ۽ نه اهل ڪتاب جي سڌن تي جيڪو ڪندو برائي ته سزا ڏنو ويندو ان جي ۽ نه لهندو پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڳالهه ڪرڻ ۾ الله کان ٻيو ڪير وڌيڪ سچو آهي. نه اوهان جي خواهش ۽ نه اهل ڪتاب جي خواهشن تي دارومدار آهي. جو (به) بڇڙو ڪم ڪندو تنهن کي ان جو بدلو ڏنو ويندو ۽ هو پاڻ لاءِ الله کانسواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار لهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جنت) نه توهان جي سڌن تي آهي نه اهل ڪتاب جي سڌن تي. جيڪو بڇڙو عمل ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي ۽ الله کان سواءِ پاڻ لاءِ نه ڪوئي حمايتي لهندو نه مددگار لهندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه اَهنجون، نه اهل ڪتاب جون، مُنهن ٻوليون منطور، پاڻهين پائيندو پاند ۾، ڪندو جو قُصور، مالڪ ڌاران مُور، نه لهندو وسِيلو، نه واهرُو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ڇوٽڪارو) نڪي اوهان جي سڌن تي آهي ۽ نڪي اهل ڪتاب جي سڌن تي آهي، جيڪو به بڇڙا ڪم ڪندو، کيس ان جو بدلو ملندو ۽ اهو الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به ولي ۽ مددگار نه ڏسندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇاڙي نڪي توهان جي ســَـڌن تي ٻڌل آهي ۽ نه اهل ڪتاب جي ســَـڌن تي. جيڪو به برائي ڪندو، ان جو ڦل لهندو ۽ الله جي مقابلي ۾ پنهنجي لاءِ ڪوبه واهرو ۽ مددگار نه لهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نتيجو نه توهان جي تمنائن تي آهي، ۽ نه وري ڪو ٻڌل آهي تمنائن تي اهلِ ڪتاب جي، جيڪو به برائي ڪندو ته ان جو ڦل ڏسندو، ۽ نه ڏسندو الله جي مقابلي ۾ پنهنجي لاءِ ڪوبه حامي ۽ مددگار.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى وٽ رڳو تمنائن ڪرڻ جو مسئلو نه آهي جو) توهان ۽ اهل ڪتاب جي تمنائن ڪرڻ سان ڪو معاملو حل ٿي وڃي (هتي ته) جيڪو به برو عمل ڪندو، کيس سزا ڏني ويندي ۽ الله تعالى کان سواءِ هو پنھنجي لاءِ ٻيو ڪو به حامي ۽ مددگار نه لهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَعمَل مِنَ الصّٰلِحٰتِ مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ وَهُوَ مُؤمِنٌ فَأُولٰئِكَ يَدخُلونَ الجَنَّةَ وَلا يُظلَمونَ نَقيرًا (آيت : 124) |
۽ جيڪي (ماڻھو) مرد يا زال مؤمن ٿي چڱا ڪم ڪندا سي بھشت ۾ گھڙندا ۽ تر جيترو به ظلم نه ڪبن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو به چڱا ڪم ڪندو، مرد هجي توڙي عورت، ۽ هو (خدا تي سچو) ايمان رکندڙ به هوندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جيڪي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ هنن سان (عملن جي جزا ملڻ ۾) رتيءَ جيتري به بي انصافي نه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو نيڪ عمل ڪري ٿو چاهي اهو مرد آهي يا عورت آهي ۽ اهو مؤمن آهي پوءِ اُهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان تِر برابر به ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص چڱا ڪم ڪندو (خواھ) مرد هجي يا عورت ۽ ايماندار (به) هجي ته اهڙا ئي ماڻهو بهشت ۾ (بي ڌڙڪ) وڃي رهندا ۽ مٿن تر جيترو ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪندو صالح عمل مرد يا عورت ۽ اهو ايماندار آهي پوءِ اهي داخل ٿيندا بهشت ۾ ۽ نه ظلم ڪيا ويندا ذري جيترو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي مرد هجن يا زالون چڱا ڪم ڪندا ۽ اهي مسلمان آهن، ته اهي بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ مٿن ذري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جو ماڻهو چڱا عمل ڪندو مرد هجي يا عورت ان حال ۾ جو اهو مؤمن هجي ته اُهي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان تِر جيتري به زيادتي ڪونه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪو چڱائـِي ڪا ڪندو، نر هُجي، يا نار، ۽ اهو هُجي حقيقت ۾، وِسهندڙن مان، تنهن وار، پوءِ اُهي گِھڙندا باغ بهشت ۾، قلب ساڻ قرار، ۽ وِجھبنِ، نه تنهن وار، ڇِيهو ڇُهاري جيترو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو نيڪ ڪم ڪندو، پوءِ اهو مرد هجي يا زال ۽ اهو مؤمن (به) هجي، ته اهڙا ماڻهو بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ ساڻن تر جيترو به ناحق نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪو به نيڪ عمل ڪندو پوءِ مرد هجي توڙي عورت، پر هجي سو مؤمن، ته اهڙا ئي ماڻهو جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن جو رتيءَ برابر به حق نه ماريو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو (ماڻهو) عمل سهڻا ڪندو، چاهي مردن مان هجي يا عورت (هجي)، اهو هجي مؤمن ته اهڙا ئي ماڻهو داخل ٿيندا جنت ۾ ۽ انهن سان ظلم نه ٿيندو ذري برابر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مردن ۽ عورتن مان جن به نيڪ عمل ڪيا پر شرط هي آهي ته هو مؤمن هجن، ته پوءِ هو سڀ جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن سان ذري جيتري به نا انصافي نه ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَحسَنُ دينًا مِمَّن أَسلَمَ وَجهَهُ لِلَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ وَاتَّبَعَ مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَاتَّخَذَ اللَّهُ إِبرٰهيمَ خَليلًا (آيت : 125) |
۽ دين جي ڪري انھيءَ کان وڌيڪ چڱو ڪير آھي؟ جنھن پنھنجو مُنھن (سر) الله لاءِ نوايو ۽ اُھو چڱائي ڪندڙ آھي ۽ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي پيروي ڪئي اٿس، ۽ الله ابراھيم کي پنھنجو خاص دوست بڻايو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ماڻهو کان بهتر دين رکندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايو ۽ نيڪ عمل ڪندڙ به آهي ۽ جنهن حضرت ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪئي جو ايمان ۾ خالص ۽ سچو هو ۽ الله تعاليٰ حضرت ابراهيم کي پنهنجو مخلص دوست بنايو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهي کان زياده سهڻو دين ڪنهن جو آهي جنهن پنهنجي چِهري کي الله تعالى لاءِ جھُڪايو ۽ اهو نيڪوڪار آهي ۽ دينِ ابراهيمي جي تابعداري ڪئي جيڪو حق ڏانهن لڙندڙ آهي، ۽ الله تعالى (حضرت) ابراهيم کي پنهنجو سچو دوست بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان شخص کان دين ۾ (ٻيو ڪير) سٺو هوندو جنهن خدا جي اڳيان پنهنجو سر تسليم جهڪائي ڇڏيو. ۽ اهو نيڪي ڪندڙ به آهي ۽ ابراهيم جي ملت تي هلي ٿو. جو باطل کان پاسو ڪري هلندو هو. ۽ خدا، ابراهيم کي ته پنهنجو خالص دوست بنائي ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ سهڻو آهي دين ۾ ان کان جو جهڪايائين منهن پنهنجو الله ڏانهن ۽ اهو نيڪوڪار آهي ۽ پيروي ڪيائين ابراهيم جي ملت جي حق ڏي ورندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ ۽ بڻايو الله ابراهيم کي دوست .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ دين جي خيال کان ڪير ان (انسان) کان گهڻو چڱو آهي جنهن پنهنجو منهن الله جي تابع ڪيو ۽ اهو چڱا ڪم ڪندڙ آهي ۽ ابراهيم جي دين جي تابعداري ڪيائين جو هڪ طرفو (باطل دينن کان بيزار) هو. ۽ الله ابراهيم کي دوست بنايو هو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ماڻهو کان دين ۾ وڌيڪ ڀلو ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو! جنهن پنهنجو چهرو الله لاءِ جهڪايو ۽ اهو احسان ڪندڙ آهي ۽ ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪيائين جيڪو هر باطل کان جدا هيو. ۽ الله ابراهيم کي دوست بنايو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بيشڪ ڀلو دين ۾، اُن کان آهي ڪير؟ جنهن مالڪ ڏي، مُنهن موڙيو، ۽ اُهو ڪندڙ ڀال ڀلير، ۽ اَٽل ابراهيم جِي، پَرتي، پاتئين پير، ۽ چُونديو، مُحب مٿير، الله، ابراهيم کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان ماڻهوءَ کان دين ۾ ٻيو ڪير وڌيڪ چڱو ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي آڏو پنهنجي (فرمانبرداريءَ) جو سرجهڪايو ۽ هو نيڪو ڪار به آهي ۽ ان ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪئي جو هڪ رخو (مسلمان) هو ۽ الله ابراهيم کي پنهنجو دوست بڻايو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ماڻهوءَ کان ڀلو دين ٻئي ڪنهن جو ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي آڏو تابعداريءَ ۾ پوريءَ طرح ســِـر نوايو ۽ نيڪي واري هلت هليو ۽ ٻيا دَرَ ڇڏي انهيءَ ابراهيم جي طريقي تي هلڻ لڳو ۽ ابراهيم کي الله پنهنجو خاص دوست بڻايو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان (ماڻهو) کان سواءِ ڪنهن جي زندگي بهتر هوندي جنهن سر جهڪايو الله جي آڏو ۽ پنهنجو رويو به سهڻو رکيو ۽ پيروي ڪئي هڪ مَنو ٿي ابراهيم جي ملت جي، ۽ ابراهيم کي الله پنهنجو دوست بنايو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪير چڱو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، جنھن پنھنجو پاڻ کي الله تعالى جي اڳيان جهڪائي ڇڏيو ۽ برابر نيڪ ڪم ڪندو رهيو ۽ (حضرت) ابراهيم (ؑ) جي طريقي جي پيروي ڪئي جيڪو دين جي طريقي ۾ وڏو توحيد پرست هو ۽ الله تعالى (حضرت) ابراهيم (ؑ) کي (پنهنجو) دوست بڻايو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ مُحيطًا (آيت : 126) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي گھيرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) سڀني شين کي گهيريون بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۾ ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ کي (پنهنجي علم سان) گھيري ۾ ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي (مطلب ته سڀ ڪجھ) خدا جو ئي آهي. ۽ خدا جي ذات سڀ ڪنهن شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جو ئي آهي جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ آهي الله هر شيءِ کي گهيري ۾ وٺندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله هر شيءِ جو (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گھيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهن سڀ الله جا، سي جنسون ۽ جنسار، جيڪي اُڀ ۽ زمين ۾؛ ۽ صاحب ربُّ، ستار، چوڪِي آهي چوڌار، هرگز هر ڪنهن شئ مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، اهو سڀ الله جو آهي، سڀ شيون الله جي گهيري ۾ آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي، الله جو آهي ۽ الله هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله جو ئي سڀ ڪجهه آهي جيڪو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي، ۽ الله ئي هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ کي گهيري ۾ ورتو آهي (۽ هو سڀني شين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَستَفتونَكَ فِى النِّساءِ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فيهِنَّ وَما يُتلىٰ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ فى يَتٰمَى النِّساءِ الّٰتى لا تُؤتونَهُنَّ ما كُتِبَ لَهُنَّ وَتَرغَبونَ أَن تَنكِحوهُنَّ وَالمُستَضعَفينَ مِنَ الوِلدٰنِ وَأَن تَقوموا لِليَتٰمىٰ بِالقِسطِ وَما تَفعَلوا مِن خَيرٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِهِ عَليمًا (آيت : 127) |
(اي پيغمبر) زالن بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله انھن بابت اوھان کي حُڪم ڪري ٿو ۽ (پڻ) جيڪي اوھان کي (ھن) ڪتاب ۾ (اڳ) پڙھي ٻڌايو ويو آھي سو انھن يتيمن زالن بابت آھي جن کي سندن حق جيڪو انھن لاءِ لازم ڪيو ويو سو نه ڏيندا آھيو ۽ کين پرڻجڻ جي خواھش ڪندا آھيو ۽ (پڻ) ھيڻن ٻارن بابت (سو اُھو حُڪم قائم آھي) ۽ يتيمن (جي حقن ادا ڪرڻ) لاءِ انصاف تي بيھڪ وٺو، ۽ اوھين جيڪا ڪا چڱائي ڪندؤ تنھن کي الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان عورتن جي باري ۾ فتويٰ گهرن ٿا. تون کين چئو ته، الله تعاليٰ اوهان کي ان باري ۾ (هاڻي) حڪم ٻڌائي ٿو ۽ پڻ يتيم عورتن متعلق حڪم ڏئي ٿو جو توهان کي (هاڻي) قرآن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. (اڳي به حڪم نازل ڪيل آهي ته ساڻن بي انصافي نه ڪيو) اهي يتيم عورتون (توهان جي سنڀال هيٺ آهن) ۽ جن کي توهان سندن حق (ورثي جو)، جو انهن جي لاءِ ٺهرايو ويو آهي سو نٿا ڏيو ۽ چاهيو ٿا (ته سندن مال تي قبضو ڪرڻ لاءِ پاڻ) انهن سان نڪاح ڪيو (اهو ظلم نه ڪيو) ۽ پڻ جيڪي بيوس (يتيم) ڇوڪرن بنسبت قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي (۽ اڳئي نازل ٿيل آهي) تنهن باري ۾ به خدا توهان کي حڪم ٿو ڏئي (ته انهن جا حق نه ماريو). ۽ حڪم ٿو ڪري ته يتيمن جي معاملي ۾ (ڇوڪريون هجن توڙي ڇوڪرا ۽ توهان جي سنڀال هيٺ هجن، توڙي نه، هر حال ۾) حق ۽ انصاف تي قائم رهو ۽ (ياد رکو ته) جيڪا به نيڪي توهان ڪيو ٿا سا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! توهان کان اهي عورتن بابت فتويٰ معلوم ڪن ٿا، توهان فرمايو الله توهان کي انجي فتويٰ ڏئي ٿو، ۽ جيڪو توهان تي پڙهيو وڃي ٿو قرآن ڪريم ۾ انهن يتيم عورتن بابت جن کي توهان نٿا ڏيو جيڪو انهن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ توهان خواهش ڪريو ٿا ته انهن عورتن سان نڪاح ڪريون ۽ ننڍڙن ضعيف ٻارن کي سندن حق ڏيو، ۽ يتيمن سان توهان انصاف ڪريو، ۽ توهان جيڪا نيڪي ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى انهيءَ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هي شخص تو کان (يتيم) ڇوڪرين سان نڪاح بابت فتوى طلب ڪن ٿا. اوهين (کين) چئو ته خدا اوهان کي انهن (سان نڪاح ڪرڻ) جي اجازت ڏئي ٿو. ۽ جو (حڪم منع جو) قرآن ۾ اوهان کي (پهريون) ٻڌايو ويو آهي. اهو دراصل انهن يتيم ڇوڪرين لاءِ هو جن کي اوهين مقرر ڪيل سندن حق نٿا ڏيو ۽ گهرو ٿا ته (ائين ئي) انهن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن ڪمزور نيل ٻارڙن جي باري ۾ حڪم فرمائي ٿو ۽ (اهو) هي آهي ته اوهين يتيمن جي حقن ادا ڪرڻ لاءِ انصاف تي قائم رهو ۽ (پڪ ڄاڻو ته) جيڪا به نيڪي ڪندو ته خدا انهيءَ کان ضرور واقف ڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فتوى ٿا پڇن توکان عورتن جي بابت چؤ ته الله فتوى ٿو ڏئي اوهان کي انهن جي باري ۾ جيڪو تلاوت ڪيو ٿو وڃي اوهان تي ڪتاب ۾ يتيم عورتن جي باري ۾ آهي، جو نه ٿا ڏيو انهن کي جيڪو لکيو ويو انهن جي لاءِ ۽ خواهش ٿا رکو ته نڪاح ڪيو انهن سان ۽ ڪمزور ٻارن بابت ۽ قائم رهو يتيمن جي لاءِ انصاف تي ۽ جيڪا به ڪندو ڀلائي پوءِ بيشڪ الله آهي ان کي ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکان زالن جي باري ۾ پڇن ٿا چو ته الله اوهان کي انهن جي باري ۾ حڪم ٻڌائي ٿو ۽ (ان جو به تاڪيد ڪري ٿو) جيڪي اوهان کي (هن) ڪتاب ۾ پڙهي ٻڌايو پيو وڃي انهن يتيم زالن جي باري ۾ جن کي جيڪي انهن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي سو نه ٿا ڏيو ۽ انهن سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڪريو ٿا ۽ ضعيف ٻارن جي باري ۾ ، ۽ يتيمن لاءِ انصاف تي قائم رهڻ جي باري ۾ . ۽ جيڪا ڀلائي ڪريو ٿا تنهن کي بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) تو کان عورتن جي باري ۾ شرعي حڪم پڇن ٿا؟ چؤ ته الله اوهان کي انهن جي باري ۾ (اهوئي گذريل) شرعي حڪم ڏئي ٿو ۽ (اهي احڪام به) جيڪي اوهان کي ڪتاب (قرآن) مان پڙهي ٻڌايا وڃن پيا، ان يتيم عورتن بابت آهن جن کي اوهان اهو (حصو) نه ٿا ڏيو جيڪو انهن لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اوهان انهن سان نڪاح ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ۽ ڪمزور ٻارن بابت (به حڪم ڪري ٿو) ۽ اوهان يتيمن بابت انصاف تي قائم رهو. ۽ اوهان جا به چڱائي ڪندئو ته بلاشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇنئـِي حق عورتين، چَئو تن کي، اهڙي چال، ته فائق فتواى ڏي ٿو، اِن باري ۾ بحال، ۽ پئو پڙهجي پاڪ ڪتاب ۾، جو اوهان تي احوال، ڇوڙين ڇوڪرين ۾، جن موٽايو نه مال، الله حق اُنهن جو، جو لکيو اوهان تي لال!، لاڙو ڪريو، ته ڪريو، نڪاح اُنهن نال، ۽ ڪمزور ڪمائـِيءَ ۾، ننڍڙا نونهال، ۽ وِڇڙين جِي، وهنوار سان، لهو سار سنڀال، ۽ ڀلا ڪريو ڪو ڀال، سو سمجھندڙ سبحانهٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان زالن جي نڪاح بابت پڇن ٿا. چئو ته الله اوهانکي انهن (سان نڪاح) جي اجازت ڏئي ٿو ۽ جيڪي اوهان کي ڪتاب (قرآن) مان پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو، انهن يتيم عورتن بابت آهي، جن کي اوهين سندن مقرر ڪيل حق ته نٿا ڏيو، پر انهن سان نڪاح جي خواهش رکو ٿا ۽ پڻ بيڪس ٻارن بابت ۽ يتيمن بابت انصاف کان ڪم وٺو ۽ اوهان جيڪا چڱائي ڪندؤ، الله ان کي ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهو توکان عورتن بابت فتويٰ پڇن ٿا، چوينِ ته الله ٿو توهان کي انهن بابت فتويٰ ڏئي ۽ اهي حڪم به ٿو ياد ڏياري، جيڪي اڳيئي توهان کي هن ڪتاب ۾ ٻڌايا پئي ويا آهن، يعني اهي احڪام جيڪي انهن يتيم نياڻين بابت آهن، جن جا حق توهان ادا نٿا ڪريو ۽ جن جا نڪاح ڪرڻ کان توهان نٽايو ٿا (يا لالـچ سبب پاڻ ٿا ساڻن نڪاح ڪرڻ چاهيو) ۽ اهي احڪام به جيڪي انهن ٻارڙن جي باري ۾ آهن، جيڪي ويچارا هيڻا آهن. الله توهان کي هدايت ٿو ڪري ته يتيمن جي باري ۾ انصاف کان اصل نه هٽو. جيڪا نيڪي به توهان ڪندؤ سا الله جي علم کان ڳجهي نه رهندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فتويٰ پڇن ٿا توکان (اي نبي!) عورتن جي باري ۾، چؤ ته الله توهان کي فتويٰ ڏئي ٿو انهن لاءِ ۽ توهان کي اهي حڪم به ياد ڏياري ٿو جيڪي هن ڪتاب ۾ يتيم ڇوڪرين بابت آهن جن جا حق ادا نٿا ڪريو جيڪو مقرر ڪيو ويو آهي انهن جي لاءِ، ۽ توهان پسند ڪريو ٿا نڪاح ڪرڻ کي ۽ انهن ڪمزور ۽ ضعيف۽ اهي حڪم جيڪي انهن ٻارن بابت آهن انهن تي قائم رهو ۽ يتيمن سان انصاف تي قائم رهو، جيڪا ڀلائي توهان ڪندؤ، اها الله جي علم کان لڪل نه رهندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي ماڻهو توهان کان عورتن جي معاملن جي باري ۾ حڪم پڇن ٿا. کين چؤ ته الله تعالى اوهان کي انهن جي معاملن جي باري ۾ اهو ئي پھرين وارو حڪم ڏئي ٿو، جيڪو انهن يتيم ڇوڪرين جي باري ۾ آهي، جن کي توهان پنھنجا مقرر حق به نٿا ڏيو ۽ انهن جي شاديءَ جو بندوبست به نٿا ڪريو، دل ئي دل ۾ توهان خود انهن سان شادي ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ۽ ڪمزور ٻارن بابت (به) الله تعالى حڪم ڏئي ٿو ۽ اهي آيتون به توهان کي حڪم ڏين ٿيون (جيڪي هن کان اڳ نازل ٿي چڪيون آهن) جيڪي توهان کي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ الله تعالى اوهان کي يتيمن سان انصاف تي قائم رهڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ توهان جيڪا به نيڪي ڪندا، الله تعالى ان کي خوب ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنِ امرَأَةٌ خافَت مِن بَعلِها نُشوزًا أَو إِعراضًا فَلا جُناحَ عَلَيهِما أَن يُصلِحا بَينَهُما صُلحًا وَالصُّلحُ خَيرٌ وَأُحضِرَتِ الأَنفُسُ الشُّحَّ وَإِن تُحسِنوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 128) |
۽ جيڪڏھن ڪا زال پنھنجي مڙس جي بي پرواھيءَ يا منھن موڙڻ کان ڊڄي ته ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ صُلح ڪن (ڪنھن به قسم جو صُلح) ته ٻنھين تي گناھ نه آھي، ۽ صُلح ڀلو آھي، ۽ نفس (ته) بخل کي ويجھو ڪيا ويا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين چڱائي ڪندؤ ۽ پرھيزگار ٿيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي مڙس جي طرف کان انديشو هجي ته ساڻس سختي ڪندو يا همبستريءَ کان پري رهندو ته پوءِ مٿن گناهه ڪونهي، جيڪڏهن (عورت خوشيءَ سان پنهنجي مال مان ڪجهه مڙس کي ڏئي ۽) پاڻ ۾ صلح ڪن. (بي اتفاقيءَ کان) صلح وري به بهتر آهي ۽ (طبيعتاً) انسان کي مال جي لالچ رهي ٿي، پر توهان کي گهرجي ته (لالچ کي روڪي هڪ ٻئي سان) چڱايون ڪيو ۽ (بي انصافيءَ کان) پاڻ کي بچايو. توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهنجي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي يا نه ڳالهائڻ جو خوف ڪري پوءِ ناهي گناه انهن ٻنهي تي جو پنهنجو پاڻ ۾ صلح ڪن، ۽ صلح ڪرڻ تمام بهتر آهي، ۽ دليون (انسان جون) لالچ ڪندڙ آهن، ۽ جيڪڏهن توهان چڱائي ۽ پرهيزگاري ڪندا پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي ۽ لاغرضيءَ کي (طلاق جو) خوف رکندي هجي ته زال مڙس سان ميلاپ ڪرڻ ۾ ٻنهي مان ڪنهن تي به گناھ نه آهي. پڻ صلح ته (بهرحال) چڱو ڪم آهي ۽ بخل ته قريب قريب هر طبيعت جي ويجهو آهي ۽ جيڪڏهن چڱائي ڪندو ۽ پرهيزگار ٿيندو ته اوهان جي هر ڪنهن ڪم کان خبردار آهي (اهو ئي اوهان کي اجر ڏيندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪا عورت خوف ٿي رکي پنهنجي مڙس کان ٽهڻ جو يا منهن موڙڻ جو پوءِ ناهي ڪو گناھ انهن ٻنهي تي جو صلح ڪن پاڻ ۾ صلح ڪرڻ ۽ صلح ڀلو آهي ۽ لڳايل آهن نفس حرص سان ۽ جيڪڏهن نيڪي ڪندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ پوءِ بيشڪ الله آهي جيڪي ڪيو ٿا (ان جي) خبر رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ڪا زال پنهنجي مڙس جي سرڪشيءَ يا منهن موڙڻ کان ڊڄي ٿي ته پاڻ ۾ ڪنهن به طرح صلح ڪن ته مٿن ڪو گناهه نه آهي. ۽ صلح گهڻو چڱو آهي ۽ بخيليءَ کي نفسن جي اڳيان ڪيو ويو آهي (يعني بخيلي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي نفس ۾ آهي) ۽ جيڪڏهن چڱائي ڪندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي مڙس جي زيادتي يا بي رغبتي کان ڊڄي ٿي پوءِ ٻنهين (زال مڙس) تي ڪو گناهه نه آهي جو پاڻ ۾ ڪنهن مناسب ڳالهه تي صلح ڪن. ۽ صلح (بهرحال) ڀلو آهي. ۽ طبيعتن ۾ (ٿوري گهڻي) بخيلي رکائي وئي آهي. ۽ جي اوهان احسان ڪيو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهو ته بيشڪ الله اوهان جي عملن کان با خبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڀاتياني ڀوڀاڄ جو، ڀانٿو ڪنان ڀتار، يا اَڻبڻت، ته اوهان تي، ڪانهي مور ميار، سندنِ وچ صلح جو، وٺو ڪو ويچار، مڙني لئي موچار، آهي صلاح صُلح جِي. ۽ جانين ۾ جڪڙِي ويئـِي، طمع تارو تار، پوءِ، جي ڀَلو ڪريو، ۽ ڀلا ٿيو، ته صاحب ربُّ ستار، آهي خوب خبردار، جيڪي ڪريو، تنهن ڪم ڪار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن ڪنهن زال کي پنهنجي مڙس کان لاپرواهي يا منهن موڙڻ جو انديشو هجي، ته جيڪڏهن هو پاڻ ۾ ڪنهن طرح ٺاهه ڪن، ته مٿن ڪو گناهه نه آهي ۽ صلح بهتر آهي. انساني طبيعتن ۾ ته لالچ موجود آهي ۽ جيڪڏهن نيڪو ڪار ٿيندؤ ۽ گناهن کان بچندؤ ته الله کي اوهان جي سڀني ڪمن جي خبر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي مڙس کان بري سلوڪ يا منهن مــَـٽي وڃڻ جو ڊپ هجي ته ان ۾ ڪوبه گناهه ڪونهي جو زال مڙس (ڪجهه حقن جي لاهي گاهي سان) پاڻ ۾ ٺهي وڃن. صلح ڪرڻ ته چڱو آهي. نفس ته تنگدليءَ ڏانهن هڪدم لڙي پوندا آهن، پر جيڪڏهن توهان احسان سان هلو ۽ خدا ترسيءَ کان ڪم وٺو ته پڪ ڄاڻو ته الله توهان جي انهيءَ هلت کان بي خبر نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڪنهن عورت کي مڙس کان بدسلوڪي يا بي رخيءَ جو خطرو هجي ته ڪا ڳالهه نه آهي ته جي ٻئي زال مڙس (حقن جي گهٽ وڌائي تي) پاڻ ۾ صلح ڪري وٺن. ۽ صلح بهرحال بهتر آهي. نفس جلد مائل ٿين ٿا تنگ دليءَ ڏانهن. پر جي احسان سان پيش اچن ۽ خدا ترسيءَ کان ڪم وٺن، ته يقينًا الله توهان جي رويي کان بي خبر نه هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن ڪنھن عورت کي پنھنجي مڙس جي طرفان بدسلوڪيءَ يا منھن سڄائڻ جو اندازو ٿي وڃي، ته اها ڪا گناهه جي ڳالهه نه آهي، پاڻ ۾ ويھي ان معاملي ۾ ڏي وٺ ڪري صلح ڪري وٺو. صلح ڪرڻ تمام سٺو آهي (بھرحال) انسان جي طبيعت ۾ ڪم ظرفي موجود آهي، (پر) جيڪڏهن توهان ڀلائي اختيار ڪندا ته بيشڪ الله تعالى اوهان جي هر عمل کان باخبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَن تَستَطيعوا أَن تَعدِلوا بَينَ النِّساءِ وَلَو حَرَصتُم فَلا تَميلوا كُلَّ المَيلِ فَتَذَروها كَالمُعَلَّقَةِ وَإِن تُصلِحوا وَتَتَّقوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 129) |
۽ اوھين زالن جي وچ ۾ ڪڏھن به برابري رکي نه سگھندؤ توڻيڪ گھڻي خواھش ڪريو تنھنڪري اوھين (ھڪ پاسي اھڙو) سارو لاڙو نه لڙو جو ٻيءَ کي لڙڪيل وانگر ڇڏيو، ۽ جيڪڏھن اوھين (پاڻ ۾) صُلح ڪريو ۽ پرھيزگار ٿيو ته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان (هڪ کان وڌيڪ) زالن جي وچ ۾ ڪامل طرح عدل ڪري نه سگهندؤ، اگرچه توهان عدل ڪرڻ جي خواهش رکو (ڇو ته قدرتي محبت ۽ توهان جي دل توهان جي وس ۾ ناهي) پر تڏهن به ائين نه ڪيو جو ڪنهن هڪ جي طرف گهڻو جهڪي پئو ۽ ٻي کي اهڙيءَ طرح ڇڏي ڏيو جو ڄڻ ته معلقه آهي (يعني نڪي مڙس کيس زال ڪري ڏسي، نڪي طلاق مليس، جو وڃي پنهنجو انتظام رکي، وچ ۾ لٽڪيل آهي) پر توهان جيڪڏهن (عورتن سان) چڱائي چاهيو ۽ (بي انصافي ڪرڻ کان) پاڻ بچايو ته پوءِ الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هرگز توهان طاقت رکي نٿا سگھو جو انصاف ڪريو پنهنجن زالن جي وچ ۾ جيتوڻيڪ توهان حرص رکو پوءِ سمورو لاڙو هڪ زال ڏانهن رکي پوءِ ٻيءَ کي لٽڪيل وانگر ڇڏي نه ڏيو، ۽ جيڪڏهن توهان انصاف ڪندا ۽ خوفِ خدا رکندا پوءِ بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اگرچه) اوهين گهڻو ئي چاهيو (پر) توهان ۾ ايتري طاقت نه آهي جو ڪيترن ئي زالن ۾ (پورو پورو) انصاف ڪري سگهو (پر) ائين به ته نه ڪريو جو (هڪ ئي طرف) سڄا سارا مائل ٿي پئو ۽ ٻئي کي (اڌ ۾) لڙڪندي (ٽنگيل) ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ ميل ملاپ ڪيو ۽ (زيادتي کان پاڻ) بچايو ته خدا پڪ بخشڻهار مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه ڪري سگهندؤ، هيءَ ڳالهه جو عدل ڪيو گهڻين، زالن ۾ توڙي جو ڪوشش ڪيو پوءِ نه لاڙو ڪيو پورو لاڙو ڪرڻ پوءِ ڇڏيو ان هڪ کي ٽنگيل وانگر ۽ جيڪڏهن سڌارو ڪندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ پوءِ بيشڪ الله آهي بخشيندڙ مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين زالن جي وچ ۾ ڪڏهن به انصاف نه ڪري سگهندؤ، جيتوڻيڪ (ان جي) خواهش ڪريو، پوءِ اوهين (ڪنهن پاسي) بالڪل جهڪي نه وڃو جو انهن (زالن) کي لٽڪيل ڇڏي ڏيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کان ٿي نه سگهندو جو (هڪ کان وڌيڪ) زالن ۾ (پورو پورو) انصاف ڪري سگهو توڙي جو ان جو حرص به رکو. ته پوءِ ائين به نه ٿئي جو هڪ طرف پورا جهڪي وڃو ۽ ٻيءَ کي لڙڪيل شيءِ وانگر ڇڏي ڏيو. ۽ جي اوهان اصلاح ڪيو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪيو ته پوءِ بلاشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪڏهن ڪري نه سگھندا، عورتن وچ اِنصاف، توڻي سَعيو صاف، ڪريو کڻِي به ڪيترو. پوءِ، لاڙو سارو، ڪين لڙو، پوءِ لاڙيوسِ لَڙڪيل، پر، وَٺو رستو رَس جو، ڪَنبو قادر ڀر، پوءِ صاحب سربسر، مرهيندڙ ۽ مهرڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين هرگز زالن ۾ برابري نه ڪري سگهندؤ کڻي ڪيتري به خواهش ڪريو. تنهنڪري هڪ ئي طرف نه جهڪي پئو، جو ٻي کي لٽڪيل وانگر ڇڏي ڏيو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ ٺهي هلو ۽ نيڪ ٿيو ته الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زالن جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪرڻ توهان جي وس کان ٻاهر آهي. توهان کڻي ڪيترو به چاهيو ته به ائين ڪري نٿا سگهو. تنهنڪري (الله جي قانون جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته) ڪنهن زال ڏانهن ايترو نه جهڪي وڃو جو ٻيءَ کي وچ تي ٽنگي ڇڏيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي چال ٺيڪ رکو ۽ الله کان ڊڄو ته الله بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جي وس ۾ نه آهي ته زالن جي وچ ۾ پورو عدل ڪري سگهو، ۽ جيڪڏهن توهان حرص ڪريو، پوءِ نه جهڪي پئو هڪ زال طرف ٻيءَ کي لٽڪائي نه رکو، ۽ پنهنجو عمل درست رکو ۽ الله کان ڊڄو، ته الله نظر انداز ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ کان وڌيڪ گهر وارين جي وچ ۾ پورو انصاف ڪرڻ، توهان جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي، ڀلي اوهان چاهيو به ته توهان طاقت نٿا رکي سگهو، بس ٿلهي ليکي اها ڳالهه آهي ته هروڀرو هڪ ڏانھن (به) ايترو مائل نه ٿجو، جو ٻي ويچاري (رنڙ زال وانگر) اداس ويٺي رهي ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾صلح ڪندا ۽ پرهيزگارِي اختيار ڪندا ته بيشڪ الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يَتَفَرَّقا يُغنِ اللَّهُ كُلًّا مِن سَعَتِهِ وَكانَ اللَّهُ وٰسِعًا حَكيمًا (آيت : 130) |
۽ جيڪڏھن ٻئي جدا ٿيندا ته الله پنھنجي فضل سان ھر ڪنھن کي آسودو ڪندو، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن (زال مڙس بلڪل نه ٺهن ۽) جدا ٿي وڃن ته الله تعاليٰ پنهنجي (فضل جي) ڪشادگيءَ سان ٻنهي کي غني (آسودو ۽ بي پرواه) ڪري ڇڏيندو، ۽ الله تعاليٰ وڏي وسعت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ جدا ٿيا ته ٻنهي کي الله تعالى پنهنجي فضل سان نوازيندو، ۽ الله تعالى احسان ڪندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي کان (طلاق سان) جدا ٿي وڃن ته خدا پنهنجي وسيع خزاني مان (برڪت عطا ڪري) ٻنهين کي (هڪ ٻئي کان) بي نياز ڪري ڇڏيندو. ۽ خدا ته وڏي گنجائش ۽ تدبير وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن جدا ٿيندا ته محتاجيءَ کان بچائيندو الله هر هڪ کي پنهنجيءَ ڪشادگيءَ سان ۽ آهي الله ڪشادگيءَ وارو حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن (ڪم کي) سڌاريندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته پوءِ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ٿيندا ته الله سڀ ڪنهن کي پنهنجي ڪشادگيءَ مان بي پرواهه ڪندو. ۽ الله (ڏيڻ ۾ ) ڪشادو (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر ٻئي (زال مڙس) جدا ٿي وڃن ته الله هر هڪ کي پنهنجي سگهه سان آسودو ڪندو. ۽ الله ڪشادگي ڪندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي وِڇڙيا، ته پنهنجي واڌ مان، ڏيندنِ ججھو جبار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، وڌائيندڙ، ۽ ويڄ وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن مڙس ۽ زال هڪ ٻئي کان جدا ٿين، ته الله هر هڪ کي پنهنجي فضل سان آسودو ڪندو ۽ الله (رزق ۾) ڪشادگي بخشيندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن زال مڙس هڪ ٻئي کان الڳ ٿي وڃن ته الله پنهنجي وسيع قدرت سان ڪنهن کي به ڪنهن جو محتاج نه ڇڏيندو. الله جو دامن ڏاڍو ڪشادو آهي ۽ هو حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جي زال مڙس ڌار ٿين ته الله هرهڪ کي محتاجي کان بچائيندو، پنهنجي وسيع قدرت سان، ۽ الله جو دامن ڪشادو آهي هو دانا بينا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هي زال مڙس الڳ ٿي وڃن ته (هاڻي ڪير اهو نه سمجهي، ته هو هڪ ٻئي کان سواءِ نه هلي سگهندا بلڪ) الله تعالى پنھنجي فضل سان هر ڪنھن کي هڪ ٻئي کان بيپرواهه ڪري ڇڏيندو، بيشڪ الله تعالى ڏيڻ ۾ وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَلَقَد وَصَّينَا الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَإِيّاكُم أَنِ اتَّقُوا اللَّهَ وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكانَ اللَّهُ غَنِيًّا حَميدًا (آيت : 131) |
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ اوھان کان اڳ ڪتاب وارن کي ۽ (ھاڻي) خلاصو اوھان کي بيشڪ وصيت ڪئي اٿئون ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ ته (سمجھو ته) جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله بي پرواہ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو) ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جو آهي ۽ الله جي واسطي آهي. يقيناً اسان انهن ماڻهن کي جن کي اوهان کان اڳي ڪتاب ڏنو ويو ۽ پڻ اوهان کي حڪم ڪيو ته الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪيو، ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم) نه مڃيندؤ ته (خدا کي ڪا پرواه ڪانهي، نقصان اوهان جو ٿيندو) يقيناً جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جي لاءِ آهي ۽ الله تعاليٰ بي نياز آهي ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ يقيناً تحقيق حڪم ڪيو اسان اهلِ ڪتاب وارن کي جيڪي توهان کان اڳ ۾ هئا، ۽ توهان مسلمانن کي حڪم هي ڪيوسين ته الله کان ڊڄو، ۽ جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندا پوءِ بيشڪ الله جي لاءِ آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۾ ۽ جيڪي ڪجھه زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى بي نياز ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) خدا جو آهي. ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي، تن کي ۽ اوهان کي اسان حڪم ڏنو آهي ته خدا کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن اوهان ڪفر اختيار ڪيو ته (ياد رکو!) جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) خدا جو ئي آهي (جو گهري ته ڪري سگهي ٿو) ۽ خدا ته سڀ کان بي پرواھ ۽ ساراهيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ آهي جيڪو آسمانن ۾ ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ البته تحقيق حڪم ڪيو سون انهن کي جو ڏنا ويا ڪتاب اوهان کان اڳي ۽ اوهان کي ته ڊڄو الله کان ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله جي لاءِ آهي جيڪو آسمانن ۽ جيڪوزمين ۾ آهي، ۽ آهي الله بي نياز، ساراهيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي تن کي ۽ اوهان کي اسان حڪم ڏنو آهي ته الله کان ڊڄو. ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندؤ ته پوءِ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو بيشڪ الله جو آهي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ بيشڪ اسان انهن کي به حڪم ڏنو هيوسين جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هيو ۽ اوهان کي به حڪم ڏنو آهي ته الله کان ڊڄو. ۽ جي توهان ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بلاشڪ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله وڏو بي نياز ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهن سڀ الله جا، اڀ، ڀون ۾، جي اسباب، آڇيونِ سونِ آن کان اڳي، جن ڏناسون ڪتاب، پڻ اوهان کي، ته الله کان، ڀؤ ڀانيو هر ڪنهن باب، ۽ جي وَڙ وساريان، ته واحد لئي، ثابت برصواب، جيڪي آهي اڀن ۾، پڻ ڀون ۾ بي حساب، ۽ بي پرواه پاڪ جناب، پڻ سدا ساراهيل گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ اسان اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنلن کي ۽ اوهانکي به تاڪيد ڪيو آهي، ته الله کان ڊڄندا رهو ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جو ئي آهي ۽ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، سڀ الله جو آهي. توهان کان اڳ جن کي اسان ڪتاب ڏنو هو تن کي به اهائي هدايت ڪئي هئي سون ۽ هاڻي توهان کي به اهائي هدايت ڪريون ٿا ته الله کان ڊڄي هلو، پر جيڪڏهن نٿا مڃيو، ته نه مڃو، آسمانن ۽ زمين جي سمورين شين جو مالڪ الله ئي آهي ۽ هو بي پرواهه آهي ۽ سڀ ڪنهن تعريف جو لائق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جو ئي سڀ ڪجهه آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ توهان کان پهرين جن کي اسان اها هدايت ڪئي هئي، ڪتاب ڏنو هو انهن کي ۽ هاڻي توهان کي به اها هدايت ڪجي ٿي ته ڊڄو الله کان، پر جي توهان نٿا مڃو ته پوءِ الله ئي ته هر شيءِ جو مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي ۽ اهو بي نياز آهي ۽ هر ساراهه جو لائق.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ موجود هر شيءِ الله تعالى جي آهي، سو توهان کان اڳ ۾ جن کي ڪتاب ڏنو ويو، انهن کي ۽ اوهان کي اهو تاڪيد ڪيوسين ته صرف الله تعالى کان ڊڄو ۽ جيڪڏهن توهان (الله تعالى جي ڳالهه جو) انڪار ڪندا ته (الله تعالى کي ان ڳالهه جي ڪابه پرواهه ناهي) بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ موجود هر شيءِ الله تعالى جي آهي ۽ بيشڪ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جو مستحق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 132) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (خاص) الله جو آھي، ۽ الله ڀرجھلو بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (بيشڪ) الله ئي جي لاءِ آهي جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي ۽ هو (پنهنجي فرمانبردارن لاءِ) ڪافي ڪارساز آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو ڪجھه زمينن ۾ آهي ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) خاص خدا جو آهي ۽ بس الله ئي ڪارساز آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ آهي جيڪو آسمانن ۾آهي، ۽ جيڪو زمين ۾ آهي ۽ ڪافي آهي الله ڪم ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ الله ڪارساز بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو آهي جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهن سڀ الله جا، جيڪي اندر ڀون، اُڀن، ۽ سنڀاليندڙ سَڀن، بس آهي باري هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ الله ئي ڪافي ڪارساز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هائو، الله ئي مالڪ آهي، انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن ۽ ڪم راس ڪرڻ لاءِ رڳو الله ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ها، الله ئي مالڪ آهي انهن سڀني شين جو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن ۽ ڪارسازي جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ موجود هر شيءِ الله تعالى جي آهي، بيشڪ الله تعالى جي ذات ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم أَيُّهَا النّاسُ وَيَأتِ بِـٔاخَرينَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ ذٰلِكَ قَديرًا (آيت : 133) |
اي ماڻھؤ جيڪڏھن الله گھري ته اوھان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ ٻـين کي پيدا ڪري، ۽ الله انھيءَ (ڪم) تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانؤ! جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي (اقبال ۽ سعادت جي حالت مان ڪڍي) پست حالت ۾ آڻي يا برباد ڪري ڇڏي ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ٻين کي آڻي هو بيشڪ ائين ڪرڻ لاءِ قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن الله تعالى چاهي ته اي انسانو توهان کي ختم ڪري ڇڏي ۽ ٻين ماڻهن کي آڻي، ۽ الله تعالى انهي تي قادر مطلق آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! جيڪڏهن خدا گهري ته اوهان کي (دنيا جي پردي تان) بلڪل کڻي ڇڏي ۽ (اوهان جي بدلي) ٻين کي آڻي (رهائي) ۽ خدا ته ان (ڳالھ) تي قادر ۽ توانو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن گهري ته وٺي وڃي اوهان کي اي انسانو! ۽ آڻي ٻين کي ۽ آهي الله ان تي قادر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسانو ! جيڪڏهن الله گهري ته اوهان کي پري ڪڍي ڇڏي ۽ ٻين کي (اوهان جي جاءِ تي) آڻي. ۽ الله ان تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! اگر اُهو چاهي ته توهان کي نابود ڪري ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ٻين کي آڻي. ۽ الله ان تي طاقت رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وڻيس، ته ماڻهئا!، مورهين نيننان نِگوسار، آڻي اوهان جي جاءِ تي، ٻيا ڪي ٻِيهار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، قادر انهي ڪم ڪار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! جيڪڏهن هو گهري، ته اوهانکي هٽائي ڇڏي ۽ ٻين کي (اوهان جي جاءِ تي) آڻي ۽ الله انهي تي طاقت رکي ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اهو گهري ته توهان کي هٽائي توهان جي جاءِ تي ٻيا ماڻهو آڻي ۽ هن کي ائين ڪرڻ جي پوري پوري طاقت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي اهو چاهي ته توهان کي هٽائي ٻين ماڻهن کي آڻي توهان جي جاءِ تي، ۽ اهو الله ئي ان ڳالهه جي پوري قدرت رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانؤ! جيڪڏهن الله تعالى گهري ته توهان کي ختم ڪري (توهان جي جاءِ تي) ٻين ماڻهن کي سامهون آڻي. (بيشڪ) الله تعالى ان تي طاقت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ يُريدُ ثَوابَ الدُّنيا فَعِندَ اللَّهِ ثَوابُ الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا بَصيرًا (آيت : 134) |
جيڪو دنيا ۾ (پنھنجين چڱائين جو) ثواب گھرندو آھي ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو ثواب آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪودنيا جو فائدو چاهي ٿو، تنهن کي (ياد رکڻ گهرجي ته) الله وٽ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جون نعمتون موجود رکيون آهن. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (۽ چڱن عملن ڪندڙن کي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون بخشيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو ارادو ڪري ٿو ثواب دنيا جي کي پوءِ الله تعالى وٽ ثواب آهي دنيا ۽ آخرت جو، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو ماڻهو (پنهنجي اعمال جو) بدلو دنيا ۾ ئي (وٺڻ) گهري ٿو ته خدا وٽ دنيا ۾ آخرت ٻنهي جو اجر موجود آهي. ۽ خدا ته (هر شخص جي) ٻڌي ۽ (سڀ کي) ڏسي ٿو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ارادو ٿو ڪري دنيا جي ثواب جو پوءِ الله وٽ آهي دنيا ۽ آخرت جو ثواب ۽ آهي الله ٻڌندڙ ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو دنيا جو ثواب گهري ٿو ته پوءِ الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو بدلو آهي. ۽ الله(سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو دنيا جو انعام گهري ٿو ته الله وٽ دنيا ۽ آخرت جو انعام آهي. ۽ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو گھري دان دنيا جو، پوءِ صاحب وٽ، ستار، دنيا، آخرت ٻنهين جا، اُجورا اَنبار، ۽ قادر ربُّ، ڪلتارسڻندڙ، ڏسندڙ ڏيہ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گهري ٿو، ته الله وٽ دنيا خواهه آخرت (ٻنهي) جو ثواب آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ماڻهو رڳو دنيا جي اجوري جو طالبو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ گهرجي ته الله وٽ دنيا جو اجورو به آهي ته آخرت جو ثواب به! ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ماڻهو جيڪو فقط دنيا جي ثواب جو طالب هجي، ان کي معلوم هئڻ گهرجي ته الله وٽ ثواب دنيا لاءِ آهي ته ثواب آخرت لاءِ به آهي ۽ الله ٻڌندڙ به آهي ۽ ڏسندڙ به.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو (رڳو) دنيا جو فائدو حاصل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، (ته کيس اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته) دنيا ۽ آخرت ٻنهي جا فائدا الله تعالى جي ئي هٿ ۾ آهن ۽ الله تعالى هر شيءِ جو ٻڌندڙ ۽ چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا كونوا قَوّٰمينَ بِالقِسطِ شُهَداءَ لِلَّهِ وَلَو عَلىٰ أَنفُسِكُم أَوِ الوٰلِدَينِ وَالأَقرَبينَ إِن يَكُن غَنِيًّا أَو فَقيرًا فَاللَّهُ أَولىٰ بِهِما فَلا تَتَّبِعُوا الهَوىٰ أَن تَعدِلوا وَإِن تَلوۥا أَو تُعرِضوا فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 135) |
اي ايمان وارؤ! انصاف تي بيھندڙ الله ڪارڻ شاھدي ڏيندڙ ھجو توڻيڪ اوھان کي پاڻ تي يا ماءُ پيءُ يا مٽن تي ھجي، جيڪڏھن (اُھو ماڻھو جنھن تي حق ثابت ٿئي ٿو سو) آسودو ھجي يا سڃو ته الله اُنھن تي وڌيڪ مھربان آھي، پوءِ انصاف ڪرڻ ۾ سَڌن جي پٺيان نه لڳو، ۽ جيڪڏھن اوھين وچڙائي ڳالھائيندؤ يا منھن موڙيندؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! انصاف تي پوري مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ الله جي واسطي (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو. اگرچه اها (سچي) شاهدي خود توهان جي خلاف يا اوهان جي پيءُ ماءُ ۽ ويجهن مائٽن جي خلاف هجي (ته به سچي شاهدي ڏيڻ کان نه ڪيٻايو) جيڪو ڪو شاهوڪار آهي يا مسڪين آهي ته الله (اوهان کان) وڌيڪ انهن تي مهربان آهي) (توهان کي ائين ڪرڻو ناهي جو دولتمند جي دولت ۾ لالچ رکي يا مسڪين جي حال تي رحم کائي سچي ڳالهه ڪرڻ کان هٽي وڃو) پوءِ خبردار ائين نه ٿئي جو نفساني خواهشن جي ڪري انصاف کان هٽي وڃو ۽ جيڪڏهن توهان (شاهدي ڏيڻ ۾) آڏيون ڦڏيون ڳالهيون يا شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته (ياد رکو) ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان انصاف تي قائم رهو (۽) شاهدي خدا ڪارڻ ڏيو جيتوڻيڪ توهان جي پنهنجي پاڻ تي شاهدي هجي يا پيءُ ماءُ تي يا مائٽن تي، جنهن تي شاهدي ڏيو اهي امير هجن يا غريب پوءِ الله تعالى انهن کان وڌيڪ آهي، پوءِ توهان پنهنجن سڌن تي نه هلو جو حق کان پري هٽي وڃو، ۽ جيڪڏهن توهان شاهدي ڦيرايو يا شاهدي نه ڏيو پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! مضبوطيءَ سان انصاف تي قائم رهو ۽ خدا جي واسطي شاهدي ڏيو. جيتوڻيڪ اوهان جو (اوهان جي) ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن جو نقصان ٿئي. جيڪڏهن (اهو ماڻهو جنهن تي حق ٿابت ٿئي ٿو) مالدار آهي يا فقير آهي ته خدا انهن ٻنهين (مالدار يا فقير) جو (اوهان کان) زياده مهربان آهي پوءِ اوهين انصاف ڪرڻ ۾ خواهش جي پٺيان نه لڳو ۽ جيڪڏهن منجهائي شاهدي ڏيندو يا (شاهدي ڏيڻ کان) نٽائيندو ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ خدا خبر رکندڙ آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! هجو قائم رهندڙ انصاف تي شاهدي ڏيندڙ الله جي لاءِ توڙي هجي اوهان جي سرن تي يا پيءُ ماءُ تي ۽ مائٽن تي جيڪڏهن هوندو شاهوڪار يا مسڪين پوءِ الله وڌيڪ آهي انهن ٻنهي جو پوءِ نه پيروي ڪيو خواهشن جي جو (حق کان) منهن موڙيو ۽ جي زبان وچڙائي ڳالهائيندؤ يا منهن موڙيندؤ پوءِ بيشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا (ان جي) خبر رکندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! انصاف تي قائم رهندڙ، الله جي واسطي شاهدي ڏيندڙ ٿيو جيتوڻيڪ اوهان جو يا (اوهان جي) ماءُ پيءُ ۽ قرابتدارن جو نقصان ٿئي. جيڪڏهن (اهو ماڻهو جنهن تي حق ثابت ٿئي ٿو) مالدار آهي يا فقير آهي ته الله انهن ٻنهين (مالدار ۽ فقير) جو (اوهان کان) زياده خير خواهه آهي پوءِ اوهين انصاف ڪرڻ ۾ خواهشن جي پٺيان نه لڳو ۽ جيڪڏهن منجهائي شاهدي ڏيندؤ يا (شاهدي ڏيڻ کان) منهن موڙيندؤ ته پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي بيشڪ الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! توهان انصاف تي مضبوطي سان قائم رهڻ وارا، الله خاطر شاهدي ڏيڻ وارا بنجي وڃو توڙي جو اها (شاهدي) خود اوهان جي پنهنجو پاڻ تي هجي يا ماءُ پيءُ تي هجي يا ويجهن رشتيدارن خلاف هجي. اگر اها (شاهدي) ڪنهن شاهوڪار يا محتاج جي خلاف هجي الله انهن جو اوهان کان وڌيڪ (خيرخواه) آهي. پوءِ خواهشن جي پيروي ڪندي عدل کان نه هٽي وڃجو ۽ جي اوهان (شاهدي ۾) هير ڦير ڪئي يا مُنهن موڙيو ته پوءِ بيشڪ الله توهان جي عملن کان با خبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان!، سي الله لڳ انصاف تي، هجو پورا پير تي، گواه بي گمان، توڻي پاڻ، ڪِ پي، ماء تي، پڻ ٻيا ڪي جگر جان، جي هجي سُکيو، يا بُکيو، ته سٻاجھو سبحان، مِهتر، مِهربان، ٻنهين خاطر ٻاجھ ڌڻي. نه لڳو لالچ پٺيان، پوءِ ڪريو عدل کان عُدول، ۽ جي ڳالهائيندا وَٽ تي، ۽ مُنهن موڙيندا ملول!، پوءِ جي ڪريو فِعل فُضول، آ گو آگاه اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ايمان وارؤ! انصاف تي قائم رهو ۽ خدا ڪارڻ سچي شاهدي ڏيندڙ ٿيو. کڻي اها پاڻ، يا ماءُ پيءُ يا عزيزن تي هجي. جيڪڏهن ڪو مالدار يا محتاج هجي، ته الله ٻنهي جو وڌيڪ خيرخواهه آهي، تنهن ڪري انصاف ڪرڻ ۾ پنهنجي خواهش جي پٺيان نه هلو، پر جيڪڏهن زبان کي موڙو ڏيندؤ يا (گواهي کان) منهن موڙيندؤ ته الله اوهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! انصاف تي پختا ٿي بيهو ۽ الله لڳ شاهدي ڏيندڙ بڻجو، پوءِ کڻي توهانجو انصاف يا توهان جي شاهدي توهان جي پنهنجي ذات يا ماءُ پيءُ ۽ عزيزن جي خلاف ئي ڇو نه هجي. ٻي ڌر شاهوڪار هجي يا غريب، الله توهان کان وڌيڪ انهن جو خيرخواهه آهي، تنهنڪري پنهنجي نفس جي خواهش جي پيروي ڪري عدل ڪرڻ کان نه هٽو ۽ جيڪڏهن توهان وچڙائي ڳالهه ڪئي يا حقي ڳالهه کان پاڻ ڪڍائي ويؤ ته پڪ ڄاڻو ته جيڪي به توهان ڪريو ٿا، الله کي ان جي سڀ خبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، انصاف جا علمبردار ٿيو ۽ الله واسطي شاهد بڻجو، پوءِ ڀلي توهان جي انصاف ۽ شاهدي جو نقصان توهان جي ذات يا توهان جي والدين ۽ مائٽن تي پوي، معاملي جي ڌر مالدار هجي يا فقير، الله ان جو توهان کان وڌيڪ حقدار آهي، ان ڪري نفس جي خواهش جي پيروي ۾ انصاف کان پٺيرا نه رهو، ۽ توهان منجهيل ڳالهه چئي يا سچائي کان پاسو ڪيو ته توهان کي معلوم هجي ته توهان جو ڪجهه ڪريو ٿا، الله کي ان جي خبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! (هميشه) انصاف تي قائم رهو ۽ (سدائين) الله تعالى جي واسطي شاهدي ڏيندا ڪريو، چاهي اها شاهدي توهان جي پنھنجي خلاف، والدين جي خلاف ۽ مٽن مائٽن جي ئي خلاف ڇو نه هجي، ٻي ڌر چاهي وڏي گهراڻي سان تعلق رکندي هجي يا غريباڻي گهراڻي سان، الله تعالى توهان کان وڌيڪ انهن جو خيرخواهه آهي. تنھنڪري انصاف ڪرڻ ۾ توهان جي پنھنجي مرضي رڪاوٽ نه ٿئي ۽ جيڪڏهن توهان هڪ طرفي (۽ جانبداريءَ واري) ڳالهه ڪئي يا سچائيءَ کان منھن ڦيريو ته (ذهن ۾ رکو ته) بيشڪ الله تعالى اوهان جي هر عمل کان چڱيءَ ريت باخبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا ءامِنوا بِاللَّهِ وَرَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى نَزَّلَ عَلىٰ رَسولِهِ وَالكِتٰبِ الَّذى أَنزَلَ مِن قَبلُ وَمَن يَكفُر بِاللَّهِ وَمَلٰئِكَتِهِ وَكُتُبِهِ وَرُسُلِهِ وَاليَومِ الءاخِرِ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 136) |
اي مسلمانؤ الله کي ۽ سندس پيغمبر کي ۽ جيڪو ڪتاب پنھنجي پيغمبر تي لاٿائين ۽ جيڪو کانئس اڳ لاٿائين تنھن کي (به مڃيو)، ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس پيغمبرن ۽ قيامت جي ڏينھن کي نه مڃيندو سو بيشڪ وڏيءَ ڀل ۾ ڀلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻيو جو پنهنجي رسول تي نازل ڪيو اٿس ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان آڻيو جيڪي ان کان اڳي (ٻين پيغمبرن تي) نازل ڪيا هئائين ۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله تي سندس ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه آندو سو سنئين واٽ ڇڏي تمام پري هٽي ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! ايمان آڻيو توهان الله تعالى تي ۽ رسولِ عربي تي ۽ قرآن ڪريم تي ۽ انهن مقدس ڪتابن تي جيڪي اڳ ۾ نازل ڪيا ويا، ۽ جيڪو نٿو مڃي الله تعالى کي ۽ ملائڪن کي ۽ ڪتابن کي ۽ رسولن کي ۽ قيامت کي پوءِ بيشڪ گمراه ٿيو پري جو گمراه ٿيڻ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا ۽ سندس رسول ۽ ان جي ڪتاب تي جو هن پنهنجي رسول (محمد) تي نازل ڪيو آهي ۽ ان ڪتاب تي جو هن کان اڳ نازل ڪيو، ايمان آڻيو. پڻ (هي به ياد رهي ته) جو شخص خدا ۽ سندس پيغمبرن ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار ڪندو ته اهو سڌي راھ کان ٿڙي تمام گهڻو پري وڃي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جو رسول تي ۽ ڪتاب تي جو نازل ڪيائين پنهنجي رسول تي ۽ (ان) ڪتاب تي جو نازل ڪيائين اڳ ۾ ۽ جيڪو انڪار ٿو ڪري الله جو ۽ ان جي ملائڪن ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن ۽ ڏينهن قيامت جو پوءِ تحقيق گمراھ ٿيو گمراهي پرانهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! الله ۽ سندس رسول ۽ ان ڪتاب تي جنهن کي پنهنجي رسول تي لاٿو اٿس، ۽ ان ڪتاب تي جنهن کي هن کان اڳ لاٿو اٿس، ايمان آڻيو. ۽ جيڪو الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن ۽ قيامت جي ڏينهن جو انڪار ڪندو، سو بيشڪ رستي کان گهڻو پري وڃي پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! ايمان آڻيو (يقين محڪم رکو) الله تي ۽ ان جي رسول تي ۽ ان ڪتاب تي جيڪو پنهنجي رسول تي نازل ڪيائين ۽ ان ڪتاب تي (به ايمان آڻيو) جيڪو اڳ نازل ڪيائين. ۽ جيڪو ماڻهو الله سان ڪفر ڪندو ۽ ان جي ملائڪن سان ۽ ان جي ڪتابن سان ۽ ان جي رسولن سان ۽ قيامت واري ڏينهن سان ته بلاشڪ اهو ڏورانهين گمراهي ۾ پئجي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو! سي مڃيو ربُّ، ۽ سندس رسول، پڻ ڪيائين ڪتاب، جو سندس نبئ تي نُزول، پڻ ڪريو ڪتاب قبول، جي اُتارئين اڳـڀرو. ۽ ڪندو جو انڪار، مالڪ ۽ سندس مَلڪن کان، پڻ ڪنان ڪتابن اُن جي ۽ مُرسل مڻياندار، پڻ انهي ڏاڍي ڏينهن کان، جو اچڻو آخرڪار، سو ڪنهن پر اُنهين پار، ويو وڃڻ کي واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنؤ! الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو، ان ڪتاب تي به، جو سندس رسول تي لٿو ۽ انهن ڪتابن تي به، جي اڳ ۾ (لٿا) ۽ جنهن الله ۽ سندس فرشتن، ڪتابن، رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار ڪيو اهو سنئين واٽ کان ڀٽڪي پري وڃي پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ انهيءَ ڪتاب تي جيڪو الله پنهنجي رسول تي نازل ڪيو آهي ۽ هر انهيءَ ڪتاب تي جيڪو هن کان اڳ نازل ڪيو اٿائين. جنهن به الله ۽ سندس ملائڪن ۽ سندس ڪتابن ۽ سندس رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن کي نه مڃيو، اهو گمراهيءَ ۾ ڀٽڪي تمام پري هليو ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ايمان آڻيو الله تي ۽ سندس رسول تي ۽ ان ڪتاب تي جيڪو ان (الله) نازل ڪيو آهي پنهنجي رسول تي ۽ هر ان ڪتاب تي جيڪو نازل ڪيو ويو آهي ان کان اڳي، ۽ جنهن (شخص) ڪفر ڪيو الله سان ۽ سندس ملائڪن سان، ۽ سندس ڪتابن سان، ۽ سندس رسولن ۽ آخرت جي ڏينهن جو، اهو ته گمراهيءَ ۾ دربدر ٿي ڏاڍو پري نڪري ويو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى، سندس رسول (ﷺ)، هن ڪتاب (قرآن مجيد) تي جيڪو هُن پنھنجي (موجود) رسول سڳورِي تي نازل فرمايو آهي ۽ انهن ڪتابن تي جيڪي هن کان اڳ نازل ڪيا آهن، سڀني تي ايمان آڻيو، جيڪو ماڻهو الله تعالى، ان جي سڀني ملائڪن، ڪتابن، رسول سڳورن ۽ آخرت جي ڏينھن جو انڪار ڪندو، ته اهڙو شخص وڏي گمراهيءَ ۾ لڙهي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ءامَنوا ثُمَّ كَفَروا ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم سَبيلًا (آيت : 137) |
جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون وري ڪفر ۾ وڌندا ويا تن کي الله ڪڏھن نه بخشيندو ۽ نڪي کين ڪا واٽ ڏيکاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ايمان آندو پوءِ ڪفر ۾ پيا، وري ايمان آندائون ۽ وري ڪفر ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا ويا (ته في الحقيقت هنن جو ايمان سچو ايمان نه هو) الله تعاليٰ کين ڪونه بخشيندو، نڪي کين سڌي واٽ ڏيکاريندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو انهي کان پوءِ ڪفر ڪيو انهي کان پوءِ ايمان آندو انهي کان پوءِ ڪفر ڪيو پوءِ ڪفر ۾ زياده ٿيا، هرگز نه بخش ڪندو الله تعالى انهن کي ۽ نه انهن کي سڌي رستي تي هدايت ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ شڪ نه آهي ته جن ماڻهن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا وري ايمان آندو وري ڪافر ٿيا وري ايمان آندائون ۽ وري ڪافر ٿي ويا. ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا ويا ته خدا نه ته هنن جي مغفرت ڪندو ۽ نه وري کين سڌي گس جو ڏس ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ايمان آندو ان کان پوءِ ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون ان کان پوءِ وڌيا ڪفر ۾ نه آهي الله تانته بخشي انهن کي ۽ نه تانته هدايت ڪري انهن کي (سڌي) واٽ ڏانهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا، وري ايمان آندائون، وري ڪافر ٿيا، وري ڪفر ۾ وڌندا رهيا تن کي الله معاف نه ڪندو، ۽ نه کين رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو پوءِ ڪفر ڪيائون وري ايمان آندائون وري ڪفر ڪيائون پوءِ ڪفر ۾ وڌي ويا ته الله انهن کي اصل معاف نه ڪندو ۽ نه ئي انهن کي (سڌي) واٽ ڏيکاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ۽ ڦِريا، وري به مڃيؤن مذڪور، وري به ڦِريا ، ۽ ڦرڻ ۾ وري به وَڌيا وهلور، تن مالڪ نه مَرهي مور، ۽ نه سُهائينِ واٽ سَئين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن شخصن ايمان آندو، پوءِ ڪفر ڪيائون، وري ايمان آندائون پوءِ وري ڪفر ڪيائون ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا رهيا ته الله نڪي انهن کي بخشيندو ۽ نڪي انهن کي سڌو رستو ڏيکاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ئي جن ماڻهن ايمان آندو، وري ڪفر ڪيائون، وري ايمان آندائون، وري ڪفر ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي ڪفر ۾ ويا وڌندا ته الله انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ نه وري کين ڪو هدايت جي راهه تي آڻيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي ماڻهو جن ايمان آندو وري ڪفر ڪيو، وري ايمان آندو وري ڪفر ڪيو، پوءِ وڌندا ويا پنهنجي ڪفر ۾، ته پوءِ الله انهن کي هرگز معاف نه ڪندو ۽ نه ڪڏهن انهن کي سڌي راهه ڏيکاريندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو، پوءِ وري ڪفر ڪيو، وري ٻيھر ايمان آندو وري ٻيھر ڪفر ڪيو ۽ ڪفر تي پڪا ٿي بيٺا ته الله تعالى اهڙن ماڻهن جي بخشش نه ڪندو ۽ کين سڌو رستو به نه ڏيکاريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَشِّرِ المُنٰفِقينَ بِأَنَّ لَهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 138) |
(اي پيغمبر) انھن منافقن کي (ھيءَ) سڌ ڏي ته انھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون منافقن کي هي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ ته بلاشڪ هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار (رکيو ويو) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان منافقن کي خوشخبري ٻڌايو ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) منافق کي خوشخبري ڏيو ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار) آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بشارت ڏي منافقن کي ته يقينًا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول!) تون منافقن کي هيءَ خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي !) منافقن کي خبر ڏي ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کيرون ڏي کوٽن کي، سنديون پرئين پار، ته آهي اُنهن هار، سورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منافقن کي خوشخبري ڏي، ته انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خوشخبري ڏي منافقن کي ته انهن لاءِ دردناڪ سزا ٺهي پئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خوشخبري ٻڌاءِ (اي نبي!) انهن منافقن کي (جيڪي ڪافرن کي رفيق بنائن ٿا) انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منافقن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏيو ته بيشڪ (الله تعالى) انهن جي لاءِ تڪليف وارو عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَتَّخِذونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَيَبتَغونَ عِندَهُمُ العِزَّةَ فَإِنَّ العِزَّةَ لِلَّهِ جَميعًا (آيت : 139) |
جيڪي مؤمنن ڌاران ڪافرن کي دوست ڪري وٺندا آھن، اُنھن وٽان مانُ گھرندا آھن ڇا؟ ڇوته ھيڪاندو مانُ الله جوئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي منافق) مسلمانن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بنائين ٿا. ڇا هو ائين ٿا چاهين ته هو (مسلمانن جي دشمنن) وٽ عزت لهن (جيڪڏهن عزت چاهين ٿا ته کين ياد رکڻ گهرجي) يقيناً سڀ عزت فقط الله جي لاءِ آهي (۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي فقط هوئي عزت ڏئي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو ڪافرن کي دوست بنائن ٿا مؤمنن کان سواءِ، ڇا طلب ڪن ٿا انهن وٽ عزت کي پوءِ بيشڪ سموري عزت الله تعالى وٽ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو سرپرست بنائين ٿا، ته ڇا انهن وٽ عزت ۽ آبرو کي ڳولين ٿا. عزت ته سموري بس خدا لاءِ خاص آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي بڻائين ٿا ڪافرن کي دوست مؤمنن کان سواءِ ڇا طلب ڪن ٿا انهن وٽ عزت؟ پوءِ بيشڪ عزت الله وٽ آهي سموري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي منافق) جيڪي ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست بنائين ٿا. ڇا انهن وٽ عزت گهرن ٿا؟ پوءِ بيشڪ سڀ عزت الله جي واسطي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست بنائن ٿا. ڇا اُهي انهن وٽ عزت تلاش ڪن ٿا؟ پوءِ بيشڪ عزت ته سڀ الله لاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڌارينِ دوست ڌاريَنْ، دِيندارن ڌار، ڇا اُنهن وٽ عِزّت جِي، ڪن ٿا طلب تنوار؟، آهي پوءِ اظهار، عزت سڀ الله جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو دوست بڻائين ٿا. ڇا، هو وٽن عزت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا؟ مگر عزت ته سڀ الله جي هٿ ۾ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن منافق کي) جيڪي ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي ٿا پنهنجو ساٿي بڻائين، ڇا اهي ماڻهو وٽن عزت لهڻ لاءِ ٿا وڃن؟ حالانڪه عزت ته سموري الله جي لاءِ ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو ڪافرن کي دوست بنائن ٿا ڇڏي مؤمنن کي، ڇا هو وٽن عزت حاصل ڪرڻ گهرن ٿا؟ پر عزت ته سڀ الله جي هٿ ۾ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي منافق مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست ٺاهين ٿا. ڇا هو انهن وٽ پنھنجي عزت سمجهن ٿا؟ حالانڪه سموريون عزتون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَد نَزَّلَ عَلَيكُم فِى الكِتٰبِ أَن إِذا سَمِعتُم ءايٰتِ اللَّهِ يُكفَرُ بِها وَيُستَهزَأُ بِها فَلا تَقعُدوا مَعَهُم حَتّىٰ يَخوضوا فى حَديثٍ غَيرِهِ إِنَّكُم إِذًا مِثلُهُم إِنَّ اللَّهَ جامِعُ المُنٰفِقينَ وَالكٰفِرينَ فى جَهَنَّمَ جَميعًا (آيت : 140) |
۽ بيشڪ الله اوھان تي ڪتاب ۾ (ھيءُ حڪم) لاٿو آھي ته جڏھن (اوھين) ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ مٿن ٺـٺولي ڪئي وڃي ٿي تڏھن (اوھين) ساڻن ايسين نه ويھو جيسين ٻيءَ ڪنھن ڳالھ ۾ بحث نه ڪن، اوھين اُنھيءَ مھل (جي وھندؤ ته) انھن جھڙا ٿيندؤ، ڇوته الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ گڏ ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ اوهان جي لاءِ حڪم نازل ڪيو آهي ته جڏهن توهان ڏسو ۽ ٻڌو ته خدا جي آيتن کان (شرارت طور) انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي کل مسخري ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هنن جي مجلس ۾ نه ويهو جيستائين ان ڳالهه کي ڇڏي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي انهن سان ويهو) جيڪڏهن هنن سان گڏ (آيتن سان مسخري ڪرڻ وقت) ويهندؤ ته توهان به هنن جهڙا ٿيندؤ، (ياد رکو ته) خدا اهڙن منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ الله تعالى توهان تي قرآن ۾ نازل فرمايو ته جڏهن توهان الله جون آيتون ٻڌيون اهي انهن جو انڪار ڪن ٿا ۽ انهي سان مذاق ڪن ٿا پوءِ توهان انهن سان گڏ نه ويهو جيستائين اهي ٻين ڳالهين ۾ مشغول نه ٿين، ۽ جيڪڏهن نه ته بيشڪ توهان به انهن جهڙا آهيو، بيشڪ الله تعالى منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ گڏ ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!)هوڏانهن خدا توهان تي پنهنجي ڪتاب (قرآن) ۾ هي حڪم نازل ڪري چڪو آهي ته جڏهن به اوهين ٻڌو ته، (هتي) خدا جي آيتن جو انڪار ڪيو ٿو وڃي ۽ انهن تي ٽٽولي ٿي ڪئي وڃي ته اوهين هنن (ڪافرن وٽ نه وهو، ايستائين جو اهي ڪنهن ٻئي ڳالھ ۾ غور ڪرڻ لڳن. نه ته اوهين ان وقت انهن جهڙا ٿي ويندو (ان ۾ ته ڪو شڪ ئي نه آهي ته خدا منافقن ۽ ڪافرن کي (هڪ نه هڪ ڏينهن) دوزخ ۾ ئي ڪٺو ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تحقيق لاٿائين اوهان تي ڪتاب ۾ ته جڏهن ٻڌو الله جون آيتون جو ڪفر ڪيو وڃي انهن جو ۽ چٿر ڪئي وڃي انهن سان پوءِ نه وهو انهن سان تانجو شروع ٿين ڪنهن ڳالهه ۾ ان کان سواءِ بيشڪ اوهان ان وقت انهن جهڙا آهيو بيشڪ الله گڏ ڪندڙ آهي منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ سڀني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان تي ڪتاب ۾ (هيءَ حڪم) لاٿو اٿس ته جڏهن اوهين ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تان مسخري ڪئي وڃي ٿي ته اوهين انهن سان ايستائين گڏ نه ويهو جيستائين اهي ان کان سواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ بحث نه ڪن (نه ته) ان وقت اوهين به انهن جهڙا ٿيندؤ. بيشڪ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ الله اوهان تي ڪتاب ۾ (هي حڪم به) نازل ڪري چڪو آهي ته جڏهن اوهان ٻڌو ته الله جي آيتن جو انڪار ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي ٺٺول ڪئي پئي وڃي ته انهن سان گڏ نه ويهو ايستائين جو اُهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ مشغول ٿين، ورنه ته اوهان به انهن جهڙا ٿي ويندؤ. بلاشڪ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي جهنم ۾ هڪ جاءِ گڏ ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قادر اوهان تي، ڪتاب ۾، نازل ڪيو نِروار، ته آيتن کان الله جي، جڏهن ٻڌو، نه ڪجي انڪار، مٿانِ ٿين مسخريون، ته وِهو نه وٽِن تنهن وار، تان ٻِيو اُن ٻوليء ري، وَٺِن ڪو ويچار، تڏهن ته اوهين تڪرار، اُنهن جِھڙا آهيو. ڪُوڙن ۽ ڪافرن کي، قادر ربُّ، ڪلتار، هيڪاندو هيڪار، ڀيڙو ڪندڙ باه ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اوهان تي ڪتاب (قرآن) ۾ (هي حڪم) لاٿو آهي، ته جڏهن اوهين (ڪٿي) الله جي آيتن جو انڪار ۽ انهن تي چٿر ٿيندي ٻڌو، ته جيسين اهي ماڻهو ڪي ٻيون ڳالهيون نه ڪن، اوهين انهن وٽ نه ويهو نه ته اوهين به انهن جهڙا ٿي پوندؤ. بيشڪ الله منافقن ۽ ڪافرن سڀني کي دوزخ ۾ ڪٺو ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هن ڪتاب ۾ توهان کي اڳيئي حڪم ڏئي چڪو آهي، ته جڏهن توهان ٻڌو ته الله جي آيتن جي خلاف ڪفر ٿو بڪيو وڃي ۽ مٿن ٺٺوليون ٿيون ٿين، تڏهن اهڙن سان گڏجي نه ويهو، جيستائين اهي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ نه پون. نه ته پوءِ توهان به انهن جهڙا ئي ٿيندؤ. پڪ ڄاڻو ته الله منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ هڪ ئي هنڌ گڏ ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله پهرين ئي) نازل ڪري چڪو آهي توهان تي هن ڪتاب ۾ حڪم ته جتي توهان ٻڌو آيتون الله جي خلاف ڪفر بڪيو پيو وڃي ۽ ان تي مسخري پئي ٿئي ته اتي نه ويهو جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه ۾ لڳي وڃن، پر جيڪڏهن توهان ائين ڪيو (ويٺا) رهيا ته توهان به انهن جهڙا آهيو بيشڪ الله سڀني منافقن ۽ ڪافرن کي هڪ ئي جاءِ جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪتاب ۾ توهان تي الله تعالى هي حڪم نازل فرمايو آهي، ته (جنهِن محفل ۾) الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪيو وڃي، يا انهن جو مذاق اڏايو وڃي سو اهڙين جڳھن تي انهن ماڻهن سان گڏ بلڪل نه ويھو، جيستائين هو ٻِي ڳالهه ۾ مشغول نه ٿين، جيڪڏهن ان ڳالهه تي عمل نه ڪندا ته توهان به انهن وانگر ٿي ويندا، بيشڪ الله تعالى سڀني منافقن ۽ ڪافرن کي جھنم ۾ (هڪ ئي هنڌ) گڏ ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَتَرَبَّصونَ بِكُم فَإِن كانَ لَكُم فَتحٌ مِنَ اللَّهِ قالوا أَلَم نَكُن مَعَكُم وَإِن كانَ لِلكٰفِرينَ نَصيبٌ قالوا أَلَم نَستَحوِذ عَلَيكُم وَنَمنَعكُم مِنَ المُؤمِنينَ فَاللَّهُ يَحكُمُ بَينَكُم يَومَ القِيٰمَةِ وَلَن يَجعَلَ اللَّهُ لِلكٰفِرينَ عَلَى المُؤمِنينَ سَبيلًا (آيت : 141) |
اھي (منافق) اوھان جو انتظار ڪڍندا آھن، پوءِ جيڪڏھن الله (جي پارکان) اوھان لاءِ ڪا فتح آھي ته چون ٿا ته (اسين) اوھان سان گڏ نه هُئاسون ڇا؟ ۽ جيڪڏھن (سوڀ جو) ڀاڱو ڪافرن جو آھي ته ڪافرن کي چون ٿا ته اسين اوھان تي غالب نه آھيون ڇا؟ ۽ مؤمنن کان اوھان کي نه بچايوسون ڇا؟ پوءِ الله قيامت جي ڏينھن اوھانجي وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ الله ڪافرن کي مؤمنن تي غلبي جي (ڪا) واٽ نه ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (منافق) توهان جي تاڪ ۾ آهن ۽ موقعي جو انتظار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن توهان کي الله جي طرف کان فتح ملي ٿي ته توهان کي چون ٿا ته، ڇا اسان توهان سان شامل نه هئاسين؟ جيڪڏهن ڪافرن جي فتح ٿئي ته، کين چون ٿا ته، ڇا اسان (يعني مسلمانن جو لشڪر) توهان کي شڪست ڏيئي توهان تي غالب ڪين پياسين، پر پوءِ اسان (منافقن چالاڪيون ڪري) اوهان کي مسلمانن کان بچائي وڌو. پوءِ (يقين رکو ته) الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن توهان (سچن مسلمانن) ۽ هنن (منافقن) جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندو. (هو ڪيترو به اوهان جي دشمنن سان شامل ٿين ته به) الله تعاليٰ ڪڏهن به ڪافرن کي مسلمانن تي (غالب پوڻ جي) واٽ نه ٺاهيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو توهان جي هلاڪت جو انتظار ڪن ٿا، پوءِ جيڪڏهن توهان کي الله جي طرفان فتح حاصل ٿئي ٿي، چون ٿا ڇا اسين توهان سان گڏ نه آهيون، ۽ جيڪڏهن ڪافرن کي ڪا ڪاميابي ٿئي ٿي، چون ٿا ڇا اسان کي توهان جي مٿان غلبو نه هو ۽ ڇا اسان توهان کي مؤمنن کان نه بچايو؟ پوءِ الله تعالى فيصلو ڪندو توهان سڀني جو قيامت جي ڏينهن، ۽ هرگز الله تعالى ڪافرن کي مسلمانن تي ڪوبه رستو نه ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي منافق جي اوهان جي (نتيجي جا) منتظر آهن (ته ڏسون ته کين فتح ٿئي ٿي يا هار) ته جيڪڏهن خدا جي طرفان اوهان کي فتح ٿي ته چوڻ لڳا ڇا اسين اوهان سان نه هياسين؟ پر جيڪڏهن (فتح جو) حصو ڪافرن کي مليو ته (وري ڪافرن جا طرفدار ٿي) چون ٿا ته اسين اوهان تي غالب نه آيا هياسون (پر ڄاڻي واڻي اوهان کي ڇڏي ڏنوسون) ۽ اوهان کي مومنن (جي هٿن) کان بچايوسين؟ (منافقو!) قيامت جي ڏينهن ته خدا توهان ۾ فيصلو ڪندو ۽ خدا ڪڏهن به ڪافرن کي مومنن تي غلبو نه ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي انتظار ٿا ڪن اوهان جو پوءِ جيڪڏهن هوندي اوهان جي فتح الله وٽان ته چوندا ته ڇا نه هئاسون اوهان سان گڏ ۽ جيڪڏهن آهي ڪافرن جو ڀاڱو ته چوندا ته ڇا غالب نه هياسون اوهان تي ۽ بچايوسون اوهان کي مؤمنن کان پوءِ الله فيصلو ڪندو اوهان جي وچ ۾ ڏينهن قيامت جي ۽ هرگز نه ڪندو الله ڪافرن جي لاءِ مؤمنن تي (غلبي جي) واٽ . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهي منافق) جيڪي اوهان جي انتظار ۾ آهن. پوءِ جيڪڏهن الله جي طرفان اوهان لاءِ ڪا فتح آهي ته اوهان کي چون ٿا ته ڇا اسين اوهان سان گڏ نه هئاسون ۽ جيڪڏهن ڪافرن جو نصيب آهي ته (انهن کي) چون ٿا ته ڇا اسين اوهان تي غالب نه ٿياسون ۽ اوهان کي ايمان وارن کان نه بچايوسون. پوءِ الله قيامت جي ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو. ۽ الله ڪڏهن به ڪافرن لاءِ ايمان وارن تي (غالب ٿيڻ جو) ڪوبه رستو نه ڪڍندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (منافق) جيڪي اوهان جي انجام جي انتظار ۾ آهن پوءِ اگر اوهان لاءِ الله پاران فتح اچي ٿي ته چون ٿا ته ڇا اسان اوهان سان گڏ نه هئاسين؟ ۽ جي ڪافرن کي (فتح مان) حصو ملي وڃي ٿو ته (انهن کي) چون ٿا ته ڇا اسان اوهان تي غالب نه پئجي ويا هئاسين؟ ۽ ڇا اسان اوهان کي مؤمنن کان نه بچايو هيو؟پوءِ الله قيامت واري ڏينهن اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندو ۽ الله هرگز ڪافرن کي مؤمنن تي (غالب ٿيڻ جي) واٽ نه ڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جي اوهان لئي، ويٺا ڏسن ڪا وار، پوءِ جي اَهنجِي، سوڀ صاحب کان، ته ٻوليائون ٻيهار، ڇا ڀيرا برقرار، اسين نه هئاسون اوهان سان؟ اَچي انڪارين جو، وارو جنهين وار، آکيون، ته ڇا؟ اسان نه ڏنِي، اوهان کي آڌار، ۽ اوهان کان مؤمنن کي، جھليو سون جُونجھار!، پوءِ فائق تن جو فيصلو، ڪندو قيامت وار، ۽ سَگھ نه ڏي ستار، مومنن تي، مُنڪرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي اوهان جي تاڪ ۾ رهندا آهن جو جيڪڏهن اوهان کي الله کان فتح ملي ٿي، ته چون ٿا ته ”ڇا، اسين اوهان سان نه هئاسون؟“ ۽ جي ڪافرن کي فتح ملي ٿي، ته چون ٿا ”ڇا اسين اوهان تي غالب نه هئاسون ۽ اوهان کي مسلمانن کان نه بچايوسون؟“ الله اوهان جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن ۾ فيصلو ڪندو ۽ الله ڪافرن کي مومنن تي هرگز غلبو نه ڏيندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي منافق توهان جي باري ۾ انتظار ٿا ڪن (ته معاملو ڪٿي ٿو توڙ ڪري) جيڪڏهن الله طرفان فتح توهان جي ٿي ته اچي چوندا ته ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسين؟ پر جيڪڏهن ڪافرن جو پاسو ڳورو ٿي پيو ته کين چوندا ته ڇا اسان توهان جي خلاف لڙي نه پئي سگهياسون پر پوءِ به اسان توهان کي مسلمانن کان بچايو؟ بس، هاڻي الله ئي توهان جي ۽ انهن جي معاملي جو فيصلو قيامت جي ڏينهن ڪندو ۽ (انهيءَ فيصلي ۾) الله ڪافرن لاءِ مسلمانن کان ڏاڍي ٿيڻ جي ڪابه گنجائش نه رکي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي منافق توهان جي معاملي ۾ انتظار ۾ آهن ته (اُٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي) جي الله توهان کي فتح ڏئي ٿو ته چوندا ڇا اسان توهان سان نه هئاسين؟ ۽ جيڪڏهن ڪافرن جو پاسو ڳرو رهيو ته (انهن کي) چوندا ”ڇا اسان کي توهان جي خلاف لڙڻ جي طاقت نه هئي، پر اسان ته توهان کي مسلمانن کان بچايو، بس الله ئي فيصلو ڪندو توهان ۽ انهن جي معاملي جو قيامت جي ڏينهن، ۽ نه رکي آهي الله ڪافرن جي لاءِ مسلمانن تي غالب اچڻ جي ڪا راهه.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منافق ته توهان جي انتظار ۾ آهن (ته اوهان سان ڪھڙو معاملو پيش اچي ٿو)، جيڪڏهن الله تعالى توهان کي فتح نصيب ڪندو، ته هو (ڏيڏر وانگر سرڪي) اوهان وٽ ايندا ۽ چـوندا ته ڇا اسان توهان سان گڏ نه هئاسين؟ پر جيڪڏهن ڪافرن کي فتح ملي ته کين چوندا ته اسان مؤمنن سان ملي توهان تي غالب هئاسين پر اسان اوهان کي (پنهنجي ڪمال هوشياريءَ سان) مسلمانن کان بچايوسين، الله تعالى ئي قيامت جي ڏينھن توهان سڀني جو فيصلو ڪندو ۽ ڪافرن جي لاءِ ته الله تعالى مسلمانن تي غالب ٿيڻ جي ڪا به گنجائش رکي ئي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُنٰفِقينَ يُخٰدِعونَ اللَّهَ وَهُوَ خٰدِعُهُم وَإِذا قاموا إِلَى الصَّلوٰةِ قاموا كُسالىٰ يُراءونَ النّاسَ وَلا يَذكُرونَ اللَّهَ إِلّا قَليلًا (آيت : 142) |
منافق (پنھنجي ڀانئڻ ۾) الله کي دلبو ڏيندا آھن ۽ (حقيقت ڪري) الله کين دلبو ڏيندڙ آھي، ۽ جڏھن نماز ڏانھن اٿندا آھن تڏھن آرسي ٿي اُٿندا آھن رڳو ماڻھن کي ڏيکاريندا آھن ۽ ٿورڙي کانسواءِ الله کي ياد نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) منافق (پنهنجي دورنگي چال کيڏي سمجهن ٿا ته هو) خدا کي (۽ مومنن کي) ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، پر حقيقت هي آهي جو هو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، (الله تعاليٰ کين مهلت ڏئي، کين ڌوڪو ڏئي رهيو آهي ۽ هو منافقيءَ ۾ وڌندا وڃي کڏ ۾ ڪرندا) ۽ جڏهن هو نماز لاءِ اٿن ٿا تڏهن سستيءَ سان اٿن ٿا رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نماز ٿا پڙهن ۽ الله کي ياد ڪونه ٿا ڪن، پر نالي طور.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ منافق (پنهنجي سمجھه مطابق) الله تعالى سان فريب ڪن ٿا ۽ اهوئي انهن کي فريب جي جزا ڏئي ٿو، ۽ جڏهن نماز لاءِ بيهن ٿا ته اهي سُست ٿي بيهن ٿا، ماڻهن کي ڏيکارن ٿا ۽ الله تعالى کي ياد نٿا ڪن مگر ٿورو پريشان آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ منافق (پنهنجي خيال ۾) خدا کي فريب ڏين ٿا هوڏانهن اهو سندن فريب کي (باطل ڪرڻ وارو) آهي. ۽ اهي ماڻهو جڏهن نماز پڙهڻ بيهن ٿا ته (بي دلي سان ائين ئي بيٺل هوندا آهن ۽ فقط ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پڻ دل سان ته خدا کي ٿورو ئي ياد ڪندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ منافق چالبازي ٿا ڪن الله سان ۽ اهو چالبازيءَ جي سزا ڏيندڙ آهي انهن کي ۽ جڏهن اٿن ٿا نماز ڏانهن ته اٿن ٿا سستي ڪندڙ ڏيکارين ٿا ماڻهن کي ۽ نه ٿا ياد ڪن الله کي مگر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ منافق الله کي ڌوڪو ڏين ٿا، هوڏانهن الله انهن کي ڌوڪو ڏيندڙ آهي ۽ جڏهن نماز ڏي اٿن ٿا ته سست ٿي اٿن ٿا، ماڻهن کي ڏيکارين ٿا، ۽ الله کي بالڪل ٿورو ياد ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ منافق (پنهنجي پَـــرِ ۾ ) الله کي فريب ڏيڻ چاهن ٿا حالانڪه اهو کين سندن دوکي جي سزا ڏئي ٿو ۽ جنهن وقت نماز لاءِ بيهن ٿا ته سستي سان بيهن ٿا، ماڻهن لاءِ ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ الله جو ذڪر نه ٿا ڪن مگر ٿورڙو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌتارِين ڌڻئ کي، مُناق مڪار، ۽ ڌڻي ڌتاريندڙ اُنهن کي، ڏيندڙ جزا جبار، ۽ جڏهن اُٿيا پار نماز جي، ته اُٿيا اهڙي پار، مُرڳو ڪر مرگيل ڪي، ڪن ماڻهن مُنهن نِهار، ڪن ٿورن ٿڪين ڌار، سارينِ نه سُبحان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منافق (پنهنجي خيال ۾) خدا کي دوکو ڏين ٿا، پر هو ئي انهن کي دوکو ڏئي رهيو آهي ۽ جڏهن اهي نماز لاءِ اٿن ٿا، سستي ڪن ٿا ۽ ماڻهن جي ڏيکاءُ لاءِ پڙهن ٿا ۽ الله کي ڪو تمام ٿورو وقت ياد ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي منافق الله سان دوکي بازي ڪن ٿا پر حقيقت ۾ ته الله ئي کين دوکي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جڏهن اهي نماز لاءِ اٿن ٿا ته بي دليو رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ خاطر اٿن ٿا ۽ الله کي ڪو ٿورو ئي ٿا ياد ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي منافق دوکي بازي پيا ڪن الله سان، پر حقيقت ۾ اهو ئي کين دوکي ۾ رکي پيو، ۽ جڏهن هي نماز جي لاءِ اٿن ٿا ته سُستيءَ سان اٿن ٿا ماڻهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ، ۽ اهي ياد ڪن ٿا الله کي ٿورو ئي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ منافق الله تعالى کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، حالانڪ الله تعالى کين ڌوڪي جي سزا ڏئي ٿو (۽ منافقن جي هي نشاني آهي ته) هو جڏهن نماز لاءِ اٿندا آهن، ته انتھائي سستيءَ سان اٿندا آهن ۽ اهو به رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ خاطر، هو الله تعالى جو ٿورو ذڪر ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُذَبذَبينَ بَينَ ذٰلِكَ لا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَلا إِلىٰ هٰؤُلاءِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَلَن تَجِدَ لَهُ سَبيلًا (آيت : 143) |
نه ھِن ٽولي ڏانھن آھن ۽ نڪي ھُن ٽولي ڏانھن آھن انھيءَ وچ ۾ حيران آھن، ۽ جنھن کي الله ڀلائيندو تنھن لاءِ ڪڏھن واٽ نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (ڪفر ۽ ايمان جي) وچ ۾ منجهيا بيٺا آهن، (ته هتي رهون يا هتي رهون) نڪي هنن (مسلمانن) جي طرف آهن، نڪي هنن (ڪافرن) جي طرف آهن ۽ حقيقت هي آهي ته جنهن کي الله (پنهنجي قانون موجب) گمراهه ٿو ڪري تنهن جي لاءِ توهان ڪابه راه نه لهي سگهندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾، نه هيڏانهن جا ٿيا ۽ نه هوڏانهن جا ٿيا، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ هرگز نه لهندين تون انهن لاءِ ڪنهن رستي کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهيءَ (ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾ اچن وڃن پيا. نه هنن (مسلمانن) ڏي ۽ نه هنن (ڪافرن) ڏانهن ۽ (اي رسول!) جنهن کي خدا گمراهي ۾ ڇڏي ڏي. ان کي (هدايت جي) اوهين ڪڏهن به راھ ڪري نٿا سگهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) حيران ٿيل ان وچ ۾ نه هنن ڏانهن ۽ نه هنن ڏانهن ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ اصل نه لهندين ان لاءِ ڪو رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اِنهيءَ (ايمان ۽ ڪفر جي) وچ ۾ اچن وڃن پيا. نه هِن (جماعت) ڏي آهن ۽ نه هُن (جماعت) ڏي آهن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪندو تنهن لاءِ تون ڪوبه رستو نه لهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (ڪفر ۽ اسلام) جي وچ ۾ لُڏي رهيا آهن نه هِنن (مسلمانن) ڏانهن ۽ نه هُنن (ڪافرن) ڏانهن. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ته ان لاءِ تون (هدايت جي) ڪا واٽ ڪونه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَهوارا، اوڀارا، وچ ۾، نه هِن، نه هُن پار، ۽ رولي ڇڏي روھ ۾، جنهن کي ربُّ جبار، هرگز نه تنهين هار، ڪاوَهِين لهندين واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي (فڪر ۽ ايمان جي) وچ ۾ لٽڪي رهيا آهن، نه هنن ڏانهن ٿي رهيا آهن ۽ هنن ڏانهن. (حقيقت ۾) جنهن کي الله ڀٽڪائي، ته تون ان لاءِ ڪو رستو ڳولي نه سگهندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ پيا ٿا لوڏا لما کائن، نه هيڏي پورا نه هوڏي پورا، جنهن کي الله راهئون رد ڪري ڇڏيو ان لاءِ تون ڪابه راهه نه لهي سگهندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لوڏا پيا کائن ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾، نه پوريءَ طرح هِن پاسي آهن نه وري پوريءَ طرح هُن پاسي، ۽ جنهن کي الله ڀُلائي ته پوءِ تون (اي نبي!) ان جي لاءِ ڪابه راهه نه ڏسندين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ايمان ۽ ڪفر جي ٻڏتر واري حالت ۾ رهندا آهن، نه مسلمانن جي جماعت ۾ هوندا آهن ۽ نه ٻئي ٽولي ڏانھن ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري، توهان ڪڏهن به ان لاءِ ڪو رستو نه ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذُوا الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ أَتُريدونَ أَن تَجعَلوا لِلَّهِ عَلَيكُم سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 144) |
اي ايمان وارؤ اوھين ڪافرن کي مؤمنن کانسواءِ دوست ڪري نه وٺو، پاڻ تي الله جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گھرندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! متان مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي (جي توهان سان لڙائيءَ ۾ آهن ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا) پنهنجو دوست ۽ مددگار بنايو، ڇا توهان چاهيو ٿا ته خدا جو چٽو الزام پاڻ تي کڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان (ڪڏهن به) ڪافرن کي دوست نه بنايو سواءِ مؤمنن جي، ڇا توهان ارادو ڪريو ٿا جو پنهنجي مٿان (ڪافرن سان دوستي رکي) الله لاءِ چٽو دليل پيدا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي (پنهنجو) سرپرست نه بڻايو. ڇا اوهان جي اها مرضي آهي ته خدا جو سٺو سنئون الزام پنهنجي سر تي کڻون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه بڻايو ڪافرن کي دوست مؤمنن کان سواءِ ڇا ارادو ٿا ڪيو ته قائم ڪيو الله جي لاءِ پاڻ تي حجت پڌري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنايو ! ڇا اوهين پاڻ تي الله جو ظاهر الزام ثابت ڪرڻ گهرو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنايو. ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنهنجي مٿان الله پاران چِٽو دليل قائم ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان!، سي مؤمنن ري مورهين، دوست نه ڌاريو ڪافرين، ڇا خواهش ڪريو ٿا خان!، ته حُجت لئي حنان، پَڌري ڪريو پاڻ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنايو. ڇا، اوهين گهرو ٿا ته پاڻ تي الله جي پڌري حجت قائم ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو ساٿي نه بڻايو، ڇا توهان چاهيو ٿا ته الله کي پنهنجي خلاف پڌري حجت ڏئي ڇڏيو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ڪافرن کي پنهنجو رفيق نه بڻايو ڇڏي مؤمنن کي. ڇا توهان گهرو ٿا ته پنهنجي خلاف الله کي ڏيو پختو (پڌرو) دليل.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! مؤمنن جي مقابلي ۾ ڪافرن کي دوست نه بنايو، ڇا توهان پنهنجو پاڻ تي الله تعالى جو پڌرو الزام ثابت ڪرڻ گهرو ٿا؟ ۽ انهن سان دوستي رکي پاڻ کي منافق ظاهر ڪرڻ چاهيو ٿا). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُنٰفِقينَ فِى الدَّركِ الأَسفَلِ مِنَ النّارِ وَلَن تَجِدَ لَهُم نَصيرًا (آيت : 145) |
بيشڪ مُنافق باھ جي ھيٺين طبقي ۾ ھوندا، ۽ انھن جو مددگار ڪوئي نه لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلاشبه منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺيئن تري ۾ پوندا ۽ توهان هنن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه ڏسندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺئين درجي ۾ آهن، ۽ (اي ٻڌندڙ) هرگز نه لهندين تون انهن لاءِ ڪنهن مددگار کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ ته ڪو شڪ ڪين آهي ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ هوندا ۽ (اي رسول!) تون اتي ڪنهن کي به سندن حمايتي نه لهندين. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ منافق درجي هيٺاهين ۾ هوندا، باھ ۾ ۽ هرگز نه لهندين انهن لاءِ مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ منافق باهه جي سڀ کان هيٺين طبقي ۾ آهن. ۽ تون انهن لاءِ ڪو به مددگار نه لهندين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ منافق جهنم جي سڀ کان هيٺين تري ۾ هوندا. ۽ تون انهن لاءِ ڪو مددگار نه ڏسندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنافق هيٺان هيٺ ۾، کوري مان، منجھ کڏ، ۽ هرگز نه لهندينِ هڏ، ڪو اوهِي واهِي اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪجهه شڪ نه آهي، ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين درجي ۾ هوندا ۽ تون ڪنهن کي به انهن جو مددگار نه ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻو ته منافق جهنم جي سڀ کان هيٺئين طبقي ۾ پوندا ۽ تون ڪنهن کي به سندن مددگار نه ڏسندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پڪ ڄاڻو ته منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺين حصي ۾ ويندا ۽ تون ڪنهن کي به سندن مددگار نه ڏسندين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ منافق ته جھنم جي هيٺئين تري ۾ هوندا، تون انهن لاءِ ڪنھن کي مددگار نه ڏسندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ تابوا وَأَصلَحوا وَاعتَصَموا بِاللَّهِ وَأَخلَصوا دينَهُم لِلَّهِ فَأُولٰئِكَ مَعَ المُؤمِنينَ وَسَوفَ يُؤتِ اللَّهُ المُؤمِنينَ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 146) |
پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي چنبڙي ورتو ۽ خالص الله جا حُڪم مڃيا سي مؤمنن سان آھن، ۽ الله مؤمنن کي وڏو اجر سگھو ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهن (منافقن) جي جن توبهه ڪئي (ڏنگي واٽ ڇڏي سڌي راهه ورتي) پنهنجا عمل سيکاريا ۽ الله (جي حڪمن) تي مضبوطيءَ سان ڄمي رهيا ۽ پنهنجي دين ۾ خالص خدا ڪارڻ سچا رهيا، پوءِ اهي مومنن سان گڏ هوندا ۽ جلد الله تعاليٰ مومنن کي وڏو اجر عطا فرمائيندو (دنيا ۾ به جلد ڪاميابي ڏيندو ۽ آخرت ۾ به جنت نصيب ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر اهي ماڻهو جيڪي توبه تائب ٿيا ۽ نيڪ ڪم ڪيائون الله تعالى جي دين کي پڪڙيائون ۽ پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪيائون پوءِ اهي مؤمنن سان گڏ آهن، ۽ جلدي الله تعالى مؤمنن کي اجرِ عظيم عطا فرمائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (هاءُ) جن ماڻهن (منافقيءَ کان) توبه ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي چال سڌاري ۽ خدا کي چهٽيا رهيا پڻ پنهنجي دين کي فقط خدا ڪارڻ خالص ڪري ڇڏيو ته اهي مومنن سان (جنت) ۾ هوندا ۽ مومنن کي ته خدا جلد ئي تمام سٺو عوض عطا فرمائيندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جن توبہ ڪئي ۽ سڌارو ڪيائون ۽ مضبوطيءَ سان ورتائون الله (جي حڪم کي) ۽ خالص رکيائون دين پنهنجو الله جي لاءِ پوءِ اهي مؤمنن سان گڏ آهن ۽ جلد ڏيندو الله ايمان وارن کي ثواب وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن توبه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي مضبوط جهليو ۽ الله لاءِ پنهنجي عبادت کي خالص ڪيو سي ايمان وارن سان گڏ آهن. ۽ الله ايمان وارن کي وڏو اجر ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر (انهن مان) اُهي ماڻهو جن توبه ڪئي ۽ سڌري پيا ۽ الله سان مضبوط تعلق جوڙيائون ۽ پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪيائون ته اُهي مؤمنن جي سنگت ۾ هوندا ۽ جلد الله مؤمنن کي زبردست اجر عطا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جي موٽيا، ۽ چڱا ڪيؤن ڪم ڪار، ۽ جھليؤن اَجھو الله جو؛ ۽ رکيؤن نج نبار، سندنِ پوڄا پاٽ کي، ڪنان غير غبار، اُهي مومنن جي ميڙ ۾، ڀيڙا باغ بهار؛ ۽ اجر وڏو اَپار، مولىٰ ڏيندو مُؤمنين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) باقي اهي شخص، جن توبهه ڪئي ۽ پاڻ سڌاريو ۽ الله کي مضبوط جهليو ۽ خاص الله جا فرمانبردار ٿيا ته اهڙا ماڻهو مومنن سان گڏ گڏ هوندا ۽ الله جلد ئي مومنن کي وڏو اجر ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي توبهه تائب ٿيندا ۽ پنهنجي چال سڌاري هلندا ۽ الله جو دامن جهلي وٺندا ۽ پنهنجي دين کي الله لاءِ خالص ڪري ڇڏيندا، اهڙا ماڻهو مؤمنن سان گڏ هوندا ۽ الله مؤمنن کي ضرور وڏو اجر عطا ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي انهن مان توبهه تائب ٿيندا ۽ پاڻ سڌاريندا ۽ الله جي دامن کي جهليو ۽ خالص ڪيو پنهنجي دين کي الله جي لاءِ، اهڙا ماڻهو مؤمنن سان گڏ آهن ۽ الله مؤمنن کي ضرور وڏو اجر عطا ڪندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي جن ماڻهن توبہ ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي سڌاريو ۽ الله تعالى جي ذات کي چنبڙي ورتو ۽ پنھنجي دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ڇڏيو ته اهڙا ماڻهو مؤمنن سان گڏ آهن، الله تعالى اهڙن ماڻهن کي سگهو ئي وڏو اجر عطا ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يَفعَلُ اللَّهُ بِعَذابِكُم إِن شَكَرتُم وَءامَنتُم وَكانَ اللَّهُ شاكِرًا عَليمًا (آيت : 147) |
جيڪڏھن (سندس نعمتون ڄاڻي) شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوھانکي ڇالاءِ عذاب ڪندو؟ ۽ الله ته قدر سڃاڻندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي انسانو!) جيڪڏهن توهان خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو ۽ مٿس ايمان رکو ته خدا کي توهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪرڻو آهي (يعني ڇو اوهان کي عذاب ڏيندو) الله تعاليٰ ته (انسانن جي چڱن عملن جو) قدر ڪندڙ ۽ (هنن جي حالت جو) علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي عذاب ڏيئي ڇا ڪندو جيڪڏهن توهان الله جي نعمتن جو شڪرانو مڃو ۽ ايمان آندو، ۽ الله تعالى شڪرانو قبول ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن توهان خدا جو شڪر ڪيو ۽ مٿس ايمان آندو ته خدا اوهان تي عذاب ڪري (ڀلا) ڇا ڪندو؟ هوڏانهن خدا ته (خود شڪر ڪرڻ وارن جو) قدردان ۽ واقف ڪار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڪندو الله اوهان کي عذاب ڏئي جيڪڏهن شڪر ڪندا رهندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ۽ آهي الله قدردان ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندؤ ۽ ايمان آڻيندؤ ته الله اوهان کي عذاب ڪري ڇا ڪندو؟ هوڏانهن الله قدردان (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اوهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪندو؟ جي اوهان شڪر گذار ٿيو ۽ ايمان آڻيو. ۽ الله قدرشناس ۽ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان جي عذاب کي، ڪندو ڇاڪلتار، جي ڳايان ڳڻ اُنهئ جا، ۽ آندان اعتبار، ۽ صاحب شڪر گذار، ۽ سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين شڪر ڪريو ۽ ايمان آڻيو ته الله اوهانکي عذاب ڏئي ڇا ڪندو؟ ۽ الله قدر ڪندڙ، داناءُ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخر الله کي ڪهڙي پئي آهي، جو هروڀرو توهان کي سزا ڏئي. جيڪڏهن توهان شڪر ڪندڙ ٻانها ٿي رهندؤ ۽ ايمان واري روش اختيار ڪندؤ ته الله ڏاڍو قدردان ۽ سڀني جي حال کان واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر الله کي ڪهڙي ضرورت آهي جو توهان کي عذاب ڏئي، جيڪڏهن توهان شڪر گذار ايمان وارا ٿي رهندا ته الله وڏو قدردان ۽ سڀني جي حال کان واقف آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اوهان شڪر ڪندا رهندا ۽ ايمان آڻيندا، ته الله تعالى اوهان کي ڇو عذاب ڏيندو؟ ۽ الله تعالى ته (نيڪ عمل جو) وڏو قدردان ۽ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُحِبُّ اللَّهُ الجَهرَ بِالسّوءِ مِنَ القَولِ إِلّا مَن ظُلِمَ وَكانَ اللَّهُ سَميعًا عَليمًا (آيت : 148) |
الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو (ڪنھين کي) وڏي سڏ ( ۽ کليل طرح) بڇڙو ڳالھائڻ پسند نه ڪندو آھي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا پسند نٿو ڪري ته توهان (ٻين جون) برايون وڏي آواز سان ٻڌائيندا وتو، سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن سان ظلم ٿيو هجي (۽ هو ظالم جي ظلم جو بيان ڪري) ۽ (ياد رکو ته) خدا ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پسند نٿو فرمائي خراب ڳالهه جي ظاهر ڪرڻ کي مگر جنهن ماڻهوءَ سان ظلم ڪيو ويو، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ڪنهن جي به وڏي سڏ بڇڙي ڳالھ چوڻ کي پسند نٿو ڪري پر مظلوم (ظالم جي برائي بڇڙائپ) بيان ڪري سگهي ٿو. ۽ خدا ته (سڀ جي) ٻڌي (۽ هر ڳالھ کي) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿو پسند ڪري الله وڏي آواز سان بڇڙي ڳالهائڻ کي مگر جنهن تي ظلم ڪيو ويو ۽ آهي الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله مظلوم کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به وڏي سڏ بڇڙي ڳالهه چوڻ کي پسند نه ٿو ڪري. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله کي پسند نه آهي جو ڪو ڪنهن جي بڇڙائي وڏي سڏِ بيان ڪري سواءِ ان جي جنهن سان ظلم ٿيو. (اهو ڀلي ظالم جو ظلم بيان ڪري) ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڻي نه بڇڙِي بات جِي، آگي کي اُ گھاڙ، مگر جنهين سان، ٿئي جاڙ، ربُّ سڻندڙ ۽ سڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کي پسند نه آهي ته ڪو ڪنهن جي بڇڙائي کي وڏي آواز بيان ڪري سواءِ انهيءَ جي، جنهن تي ظلم ٿئي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي ته ڪو ماڻهو ڏاڍيان بدشد ڳالهائي، سواءِ ان جي جو ڪنهن سان ظلم ٿيو هجي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله پسند نٿو ڪري ته ماڻهو گندي ڳالهائڻ تي زبان کولي، سواءِ ان جي ته ڪنهن تي ظلم ڪيو ويو هجي. ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ان ڳالهه کي پسند ئي نٿو ڪري، ته ڪير ڪنھن جي برائيءَ کي ظاهر ڪندو وتي، ها باقي جنھن سان زيادتي ٿي هجي ان کي حق آهي ته هو ظالم جي ڪيل برائيءَ کي ظاهر ڪري، (اهو ذهن ۾ رکو ته) الله تعالى هر شيءِ جو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تُبدوا خَيرًا أَو تُخفوهُ أَو تَعفوا عَن سوءٍ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ عَفُوًّا قَديرًا (آيت : 149) |
جيڪڏھن اوھين ڪا چڱائي پڌري طرح ڪندا آھيو يا اُھا لڪائي ڪندا آھيو يا مدائي کان ٽارو ڪندا آھيو ته بيشڪ الله معافي ڏيندڙ وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڪو نيڪيءَ جو ڪم ظاهر ڪيو يا لڪائي ڪريو يا ڪنهن جي بڇڙائي معاف ڪري ڇڏيو ته (هر حال ۾ اوهان کي اجر ملندو) ۽ الله تعاليٰ قدرت رکندڙ ۽ (برايون) معاف ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان ڪا نيڪي ظاهر ۾ يا ڳجھه ۾ ڪريو ٿا يا ڪنهن جي برائي درگذر ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى معاف ڪندڙ قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن چڱائي کي ظاهر ڪندو يا ان کي لڪائيندو يا برائي معاف ڪندو ته خدا به گهڻو معاف ڪندڙ وڏي قدرت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ظاهر ڪندؤ ڪا نيڪي يا لڪائيندؤ ان کي يا معاف ڪندؤ برائي پوءِ بيشڪ الله آهي معاف ڪندڙ، قادر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن چڱائيءَ کي ظاهر ڪندؤ يا ان کي لڪائيندؤ يا برائي معاف ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ وڏيءَ قدرت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن ڪا نيڪي ظاهر ڪيو يا ان کي مخفي رکو يا (ڪنهن جي) برائي معاف ڪيو ته بيشڪ الله معاف ڪندڙ وڏي سگهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کوليو، خير، ڪِ لِڪايو، يا کَمو خطا کڻِي، ته مرهيندڙ ڌڻِي، پڻ صاحب وَڏِئَ سَگھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين ڪا چڱائي پڌري پٽ ڪريو يا لڪائي ڪريو يا ڪنهن بڇڙائي کي معاف ڪريو ته الله به معاف ڪرڻ وارو قدرت رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (مظلوم هجڻ جي صورت ۾ جيتوڻيڪ توهان کي ڏاڍيان ڳالهائڻ جو حق آهي) پر جيڪڏهن توهان کليو کلايو توڙي لڪائي ڀلائي ئي ڪندا رهو يا گهٽ ۾ گهٽ برائيءَ کان درگذر ڪري ڇڏيو ته الله ڏاڍو معاف ڪندڙ وڏي قدرت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (مظلوم جي حالت ۾ جيڪڏهن اهو حق حاصل آهي) پر توهان ظاهر يا باطن ۾ ڀلائي ڪندا رهو يا گهٽ ۾ گهٽ برائيءَ کان معاف ڪري ڇڏيو، پوءِ الله (جي صفت اها آهي) هو وڏو معاف ڪندڙ آهي (سزا ڏيڻ جي به طاقت رکي ٿو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان ڪنھن سان ظاهري طرح يا لڪائي ڀلائي ڪريو يا ان ماڻهوءَ جي برائيءَ کي درگذر ڪريو، ته بيشڪ الله تعالى (خود) وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏي طاقت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيُريدونَ أَن يُفَرِّقوا بَينَ اللَّهِ وَرُسُلِهِ وَيَقولونَ نُؤمِنُ بِبَعضٍ وَنَكفُرُ بِبَعضٍ وَيُريدونَ أَن يَتَّخِذوا بَينَ ذٰلِكَ سَبيلًا (آيت : 150) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبرن کي نه مڃيندا آھن ۽ الله ۽ سندس پيغمبرن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گھرندا آھن ۽ چوندا آھن ته ڪن پيغمبرن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن (پيغمبرن) کي نه ٿا مڃيون ۽ اُنھيءَ وچ ۾ ڪا ٻي واٽ وٺڻ گھرندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن کان انڪار ڪن ٿا ۽ چاهين ٿا ته الله ۽ ان جي رسولن جي وچ ۾ فرق ڪيون ۽ چون ٿا ته اسان انهن مان ڪن کي مڃون ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃون ۽ اهڙيءَ طرح چاهين ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ ۾ ڪا (ٽين) راه اختيار ڪريون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي الله تعالى ۽ ان جي رسولن کي نٿا مڃين ۽ ارادو ڪن ٿا ته الله تعالى تي ايمان آڻين ۽ پاڪ رسولن جو انڪار ڪن ۽ چون ٿا ايمان آندو اسان ڪن رسولن تي ۽ انڪار ڪيو اسان ڪن رسولن جو، ۽ ارادو ڪن ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ مان ڪا واٽ ڪڍن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي ماڻهو خدا ۽ سندس پيغمبرن کان انڪار ڪن ٿا ۽ پڻ خدا ۽ ان جي پيغمبرن وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن کي اسين نٿا مڃون ۽ سندن مرضي آهي ته هن (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ ڪا ٻئي راھ بنايون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي (ماڻهو) جو انڪار ٿا ڪن الله جو ۽ ان جي رسولن جو ۽ ارادو ٿا ڪن ته جدائي وجهن الله ۽ ان جي رسولن ۾ ۽ چون ٿا ته ايمان آڻيون ٿا ڪن تي ۽ انڪار ڪيون ٿا ڪن جو ۽ ارادو ڪن ٿا ته وٺن ان جي وچ ۾ ڪو رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسولن جو انڪار ڪن ٿا ۽ الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا ۽ چون ٿا ته ڪن تي اسين ايمان آڻيون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪريون ٿا ۽ ان (ڪفر ۽ ايمان) جي وچ ۾ هڪ رستو ڪڍڻ گهرن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله سان ۽ ان جي رسولن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته الله ۽ ان جي رسولن جي وچ ۾ فرق پيدا ڪن ۽ (اهو هن طرح جو) چون ٿا ته ڪن کي مڃون ٿا ۽ ڪن جو انڪار ڪيون ٿا ۽ چاهن ٿا ته ان (ايمان ۽ ڪفر) جي وچ ۾ ڪا واٽ ڪڍن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ربَّ ۽ سندس رسولن کان، جيڪي ڪن ا نڪار، ۽ ربَّ ۽ سندس رسولن ۾، فرق گُھرن فُجار، چي، ڪجھ مَڃيون، ڪجھ نه مڃيون، ڀائين ٿا بدڪار، ته دَڳ گُھرن ٿا ڌار، هِن ۽ هُن جي وچ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله ۽ سندس رسولن جو انڪار ڪن ٿا، گهرن ٿا ته الله ۽ سندن رسولن جي وچ ۾ فرق وجهن، چون ٿا ته ”اسين ڪن کي مڃيون ٿا ۽ ڪن کي نه ٿا مڃيون،“ ۽ ارادو ڪن ٿا، ته ڪفر ۽ ايمان جي وچ ۾ ڪو رستو اختيار ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ چاهن ٿا ته الله ۽ سندس رسولن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪن ۽ چون ٿا ته اسان ڪنهن کي مڃينداسين ۽ ڪنهن کي نه مڃينداسين ۽ ڪفر ۽ ايمان جي وچان ڪا واٽ ڪڍڻ گهرن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ڪفر ڪن ٿا الله ۽ سندس رسولن سان، ۽ چاهين ٿا ته فرق ڪن الله ۽ سندس رسولن جي وچ ۾، ۽ چون ٿا ته اسان ڪِن کي مڃينداسين ۽ ڪن کي نه مڃينداسين ۽ ارادو رکن ٿا ته ڪفر ۽ ايمان جي وچان ڪو (ٻيو) رستو ڪڍن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندن رسول سڳورن جو انڪار ڪن ٿا ۽ وري الله تعالى ۽ سندس رسول سڳورن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرن ٿا، (انهي بنياد تي) هو بيھوده ڳالهه ڪن ٿا ته اسين ڪجهه رسولن کي مڃينداسين ۽ ڪجهه رسولن کي مڃڻ اسان جي حساب ۾ نٿو اچي، تنھنڪري هو چاهين ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ وارو ڪو رستو اختيار ڪجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ هُمُ الكٰفِرونَ حَقًّا وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ عَذابًا مُهينًا (آيت : 151) |
اُھي شخص سي پڪ ڪافر آھن، ۽ ڪافرن لاءِ خواري ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙا ماڻهو سچ پچ ڪافر آهن ۽ (اهڙن) ڪافرن لاءِ اسان خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي ئِي پڪا ڪافر آهن ۽ اسان تيار ڪيو آهي ڪافرن لاءِ خواريءَ واري عذاب کي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي ماڻهو پڪ ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ ذلت (۽ خواريءَ) ڏيڻ وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهيئي ڪافر آهن پڪا ۽ تيار ڪيوسون ڪافرن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ئي سچ پچ ڪافر آهن. ۽ اسان ڪافرن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ئي پڪا ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ خواري وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪٽا ڪافر، سي صحِي، اسان به ڪُفارن هار، تَـهْدل ڪيو تيار، کورو ڪندڙ خوار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙا ماڻهو سچ سچ ڪافر آهن ۽ اسان ڪافرن لاءِ ذلت جو عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي سڀئي پڪا ڪافر آهن ۽ اهڙن ڪافرن لاءِ اسان اُها سزا تيار ڪئي آهي جيڪا کين ذليل ۽ خوار ڪرڻ واري هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سڀ جا سڀ ڪافر آهن پڪا پختا، ۽ اسان سزا تيار ڪري رکي آهي اهڙن ڪافرن جي لاءِ جيڪا کين ذليل ۽ خوار ڪندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ٿي ئي نٿو سگهي) هي پڪا ڪافر آهن، اهڙن (ڪَٽن) ڪافرن لاءِ ته اسان ذليل ۽ خوار ڪرڻ وارو عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلَم يُفَرِّقوا بَينَ أَحَدٍ مِنهُم أُولٰئِكَ سَوفَ يُؤتيهِم أُجورَهُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 152) |
۽ جن الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو ۽ منجھانئن ڪنھن ھڪ جي وچ ۾ فرق نه ڪيو اُنھن کي الله سندن اجر سگھو ڏيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهن الله ۽ سندس رسولن ۾ ايمان رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪن تن کي اسان جلد اجر ڏينداسين ۽ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو الله تعالى تي ۽ سندس رسولن تي ۽ انهن مان ڪنهن تي ايمان آڻڻ ۾ فرق نه ڪيائون انهن ماڻهن کي الله تعالى جلدي سندن ثواب ڏيندو ۽ الله بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهين ۾ به ويڇو نه وڌو ته اهڙن ئي انسانن کي خدا جلدي ئي سندن اجورو عطا فرمائيندو، ۽ خدا ته گهڻو بخشڻ وارو مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو الله تعالى تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ نه فرق ڪيائون ڪنهن هڪ ۾ انهن مان اهي جلد ڏيندو انهن کي ثواب سندن ۽ آهي الله بخشيندڙ مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن الله ۽ سندس رسول تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن به هڪڙي جي وچ ۾ فرق نه ڪيائون، تن کي الله سندن اجر ڏيندو ۽ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن الله ۽ ان جي (سڀ) رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنهن هڪ جي وچ ۾ (ايمان آڻڻ ۾) فرق ڪونه ڪيائون، اُهي آهن جو جلد الله انهن کي سندن اجورا ڏيندو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن مڃيو مالڪ، پڻ سندس مُرسل مڻيادار، ۽ هرگز نه اُنهن مان هيڪڙو، ڇِنِي ڪيائون ڌار، سِگھو ڏيندنِ ڏيہ ڌڻي، اُن جا پورهيا پار، صاحب ربُّ، سَتار، مَرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي شخص الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻين ٿا ۽ انهن مان ڪنهن هڪڙي جي وچ ۾ فرق نٿا ڪن الله اهڙن کي جلد ئي سندن اجر ڏيندو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي طرف جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن کي مڃيندا ۽ سندن وچ ۾ ڪوبه ويڇو نه وجهندا، انهن کي اسان ضرور سندن اجورا ڏينداسين ۽ الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو جيڪي الله ۽ سندس مڙني رسولن کي مڃين، ۽ ڪوبه فرق انهن جي وچ ۾ نه ڪن، انهن کي اسين ضرور عطا ڪنداسين سندن اجر، ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آندو ۽ انهن مان ڪنھن به هڪ جي وچ ۾ فرق نه رکيو، اهڙن ماڻهن کي اسان اجر عطا ڪنداسين. الله تعالى وڏو بخشڻھار ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلُكَ أَهلُ الكِتٰبِ أَن تُنَزِّلَ عَلَيهِم كِتٰبًا مِنَ السَّماءِ فَقَد سَأَلوا موسىٰ أَكبَرَ مِن ذٰلِكَ فَقالوا أَرِنَا اللَّهَ جَهرَةً فَأَخَذَتهُمُ الصّٰعِقَةُ بِظُلمِهِم ثُمَّ اتَّخَذُوا العِجلَ مِن بَعدِ ما جاءَتهُمُ البَيِّنٰتُ فَعَفَونا عَن ذٰلِكَ وَءاتَينا موسىٰ سُلطٰنًا مُبينًا (آيت : 153) |
(اي پيغمبر) ڪتاب وارا توکي سوال ٿا ڪن ته آسمان کان (ھڪ ئي ڀيري) مٿن ڪتاب لاھين (ان جو خيال نه ڪر) پوءِ تحقيق ان کان (به) وڏو سوال موسىٰ کان ڪيو ھوائون پوءِ چيائون ته اسان کي الله (اکين سان) چٽو ڏيکار پوءِ سندن گناہ سببان مٿن وڄ ڪري، وري پاڻ وٽ مُعجزن جي اچڻ کانپوءِ گابي کي (خُدا ڪري) ورتائون پوءِ اُن (سندن ڏوھ) کان معافي ڏنيسون، ۽ موسىٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهل ڪتاب (يهودي) توکان گهرن ٿا ته آسمان مان ڪو ڪتاب وٽن لهي اچي (ته هنن کي يقين ٿئي ته تون خدا جو رسول آهين. اهڙو سوال رڳو توکان ڪونه ٿا گهرن) هنن انهيءَ کان به وڏيءَ ڳالهه جو سوال حضرت موسيٰ (عليه السلام) کان (به) ڪيو هو. هنن (يعني سندن وڏن سينا جي ميدان ۾ حضرت موسيٰ کي) چيو هو ته، اسان کي خدا ظاهرظهور ڏيکار، پوءِ انهيءَ شرارت سبب مٿن بجلي ڪڙڪي، پوءِ چٽن دليلن اچڻ بعد به هنن گابي جي پرستش ڪئي، اسان کين اها شرارت معاف ڪري ڇڏي ۽ حضرت موسي کي اسان ظاهر ۽ چٽي اختياري ۽ اقتدار ڏنو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان کان يهودي سوال ڪن ٿا ته انهن تي آسمان مان هڪ دفعي سان ڪتاب نازل ٿئي، پوءِ بيشڪ (انهن) موسيٰ کان انهي کان به وڏو سوال ڪيو جو چيائون ته اسان کي الله تعالى ظاهر بظهور ڏيکار پوءِ انهن کي باه هلاڪ ڪيو سندن ظلمن جي ڪري پوءِ گابي جي عبادت ڪيائون معجزن اچڻ کان پوءِ به، پوءِ اسان (اها ڳالهه) معاف فرمائي ۽ اسان (حضرت) موسيٰ کي روشن غلبو عطا فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) اهل ڪتاب (يهودي) جو تو کي (هيءُ) درخواست ڪن ٿا ته تون انهن تي هڪ ڪتاب آسمان مان نازل ڪراءِ. ته (تون ان جو خيال نه ڪر ڇو ته) اهي ماڻهو موسى سان ته ان کان گهڻو وڌيڪ درخواستون ڪري چڪا آهن، جيئن جو چوڻ لڳا ته اسان کي خدا ظاهر ظهور ڏيکار ته کين، سندن شرارت جي ڪري وڄ ورتو. پوءِ اگرچه انهن وٽ (توحيد جا) ظاهر ۽ روشن دليل (به) اچي چڪا هئا، تڏهن به هنن گابي کي (خدا) بنايو. پوءِ اهو گناھ به معاف ڪيوسون. ۽ موسى کي ظاهر غلبو ڏنوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گهر ٿا ڪن توکان اهل ڪتاب ته لاهين انهن تي ڪتاب آسمان کان پوءِ تحقيق گهر ڪيائون موسى کان وڏي ڳالهه، ان کان پوءِ چيائون ته ڏيکار اسان کي الله کلئي نموني پوءِ پڪڙيو انهن کي آسماني وڄ سندن ئي ظلم جي ڪري ان کان پوءِ بڻايائون گابي کي (الله) ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ دليل پوءِ معاف ڪيوسون اهو به ۽ ڏنوسون موسى کي دليل پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪتاب وارا توکان سوال ڪن ٿا ته تون مٿن آسمان مان (هڪ ئي ڀيري) هڪ ڪتاب لاهين، پوءِ بيشڪ انهن ان کان به وڏو سوال موسيٰ کان ڪيو هو، جو چيائون ته تون اسان کي الله ظاهر ظهور ڏيکار! پوءِ سندن ظلم جي ڪري انهن کي وڄ ورتو. وري گابو ٺاهيائون هن کان پوءِ به جو وٽن ظاهر ثابتيون آيون. پوءِ اهو (گناهه) معاف ڪيوسون. ۽ موسيٰ کي ظاهر غلبو ڏنوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) ڪتاب وارا توکان گھُر ڪن ٿا ته تون انهن تي آسمان مان (مڪمل لکيل ڪتاب) لاهين ته پوءِ بيشڪ انهن موسى کان (ته) ان کان به وڏو سوال ڪيو هيو، جو چيائون ته: ”اسان کي ظاهر ظهور الله ڏيکار“. پوءِ انهن جي ظلم سبب انهن تي کِنوِڻِ اچي ڪڙڪي، وري انهن گابي کي (معبود بنائي) ورتو ان کان پوءِ جو انهن وٽ چِٽيون آيتون اچي چڪيون هيون پوءِ اسان اهو به معاف ڪري ڇڏيو. ۽ اسان موسى کي پڌرو غلبو ڏنو سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکان اهل ڪتاب جا، گُھرن ٿا گوهر!، ته تازل ڪتاب ڪو ٿئي، اُڀ کان اُنهن سِر، مَهند، گُھر موسىٰ کان، اِنهيان وڏِي ويتر، پوءِ، چيائون چِٽو اسان کي، تون پسائي پرور!، پوءِ پَڪڙينِ پورِئَ پَر، ڪنهن ڪَڙڪي سندنِ ڪَلور کان. ورِي پوءِ وَهلور، لَـڳا پُوڄڻ گابڙو، جنهن بعد آينِ اُهنڃ وڏا، پوءِ مرهيوسونِ مُور، ۽ معجزو مشهور، ڏنوسون موسٰى مير کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارا توکان گهر ڪن ٿا، ته: ”تون انهن ڏانهن آسمان کان (لکيل) ڪتاب آڻ.“ پر اهي موسيٰ کان ان کان به وڏو سوال ڪري چڪا آهن. چيائون ته ”اسان کي الله پڌري پٽ ڏيکار“. سو سندن اُن گناهه جي ڪري کين وڄ اچي پڪڙيو. ان کان پوءِ مٿن روشن دليلن جي پڌري ٿيڻ هوندي به گابي جي پوڄا ڪرڻ لڳا، اسان ان کان به کين معافي ڏني، ۽ موسيٰ کي پڌرو غلبو ڏنوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي!) اهي اهل ڪتاب اڄ جيڪڏهن توکان اها گــُـهر ٿا ڪن ته تون آسمان مان مٿن ڪو لکيو نازل ڪراءِ ته انهيءَ کان به وڏي گناهه وارو مطالبو ته اهي اڳي موسيٰ کان ڪري چڪا آهن. انهيءَ کي ته هنن چيو هو ته اسانکي الله ظاهر ظهور ڏيکار ۽ انهيءَ حد کان ٽپي وڃڻ ڪري هڪدم مٿن وڄ ڪـِـري هئي. وري انهن گابي کي پنهنجو معبود بڻايو هو، توڻي جو هو پڌريون نشانيون به ڏسي چڪا هئا، تڏهن به اسان کين معاف ڪيو. اسان موسيٰ کي چٽو فرمان عطا ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) اهلِ ڪتاب جيڪڏهن اڄ تو کان مطالبو ڪن ٿا ته نازل ڪراءِ انهن تي ڪا لکيل شيءِ آسمان مان، ته ان کان وڌيڪ بيهودا مطالبا موسيٰ کان ڪري چڪا آهن، هن کي انهن چيو هو ته اسان کي ظاهر ظهور الله ڏيکار. پوءِ انهيءَ سرڪشيءَ جي ڪري انهن تي هڪدم وڄ ڪري هئي، پوءِ زوري انهن گابي کي پنهنجو خدا بڻايو، جڏهن ته هو ظاهر ظهور ڏسي چڪا هئا نشانيون، پوءِ به اسان انهن کي معاف ڪيو ۽ اسان موسيٰ کي واضح فرمان عطا ڪيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) اهل ڪتاب (يھودي) توکان مطالبو ڪن ٿا، ته تون آسمان مان براه راست ڪو ڪتاب مٿن نازل ڪراءِ، (حالانڪ) ان کان اڳ (حضرت) موسى (ؑ) کان هي ماڻهو، ان کان به وڏا مطالبا ڪري چڪا آهن، (حضرت) موسى (ؑ) کي ته هو چوندا هئا ته تون الله تعالى جي ذات کي اسان جي روبرو ڏيکار. اهڙي ( بيھودي) مطالبي تي کين کنوڻ اچي پڪڙيو، انهن کليل نشانيون ڏسڻ کان پوءِ به وري گابي جي پوڄا شروع ڪئي، اسان وري به کين انهن ڳالهين هوندي درگذر ڪري معاف ڪيوسين ۽ (اهڙين حالتن کان پوءِ) اسان موسى (ؑ) کي باقاعده زمين جي حڪمراني عطا ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَفَعنا فَوقَهُمُ الطّورَ بِميثٰقِهِم وَقُلنا لَهُمُ ادخُلُوا البابَ سُجَّدًا وَقُلنا لَهُم لا تَعدوا فِى السَّبتِ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 154) |
۽ کانئن انجام وٺڻ لاءِ سندن مٿان (جبل) طُور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته (شھر جي) دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي گھڙو ۽ کين (ھيءُ به) فرمايوسون ته ڇنڇر (جي ڏينھن مڇي نه مارڻ جي حڪم ڪيل) ۾ حد کان نه لنگھو ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (يهودين کان) عهد اقرار وٺڻ لاءِ سندن مٿان طور جبل جي چوٽي بلند ڪئي (هنن فرمانبرداريءَ جو عهد اقرار ڪيو) ان کان پوءِ اسان کين حڪم ڏنو ته شهر جي دروازي ۾ (خدا جي اڳيان) جهڪي داخل ٿيو (۽ فتح بعد ظلم ۽ شرارتون نه ڪجو) ۽ اسان کين حڪم ڪيو ته سبت جي ڏينهن (لاءِ ڏنل حڪمن بابت) حدن کان ٻاهر نه وڃجو. اسان هنن کان (انهن سڀني ڳالهين تي) پڪو عهد اقرار وٺي ڇڏيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يهودين جي مٿان اسان (اڇلائڻ لاءِ) طورسينا جبل بلند ڪيو پڪي وعدي وٺڻ لاء ۽ اسان انهن کي فرمايو توهان (ايليا شهر جي) دروازي ۾ سجدو ڪري داخل ٿيو ۽ اسان يهودين کي فرمايو ته ڇنڇر تي مڇيءَ جو شڪار نه ڪريو ۽ اسان يهودين کان پڪو وعدو ورتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کان انجام وٺڻ لاءِ انهن جي مٿان (جبل) طور کڙو ڪيوسون ۽ کين چيوسون ته دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ انهن کي چيوسون ته ڇنڇر (جي حڪم) ۾ حد کان نه لنگهو ۽ انهن کان پڪو انجام ورتوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کنيوسون مٿان انهن جي طور سندن عهد جي ڪري ۽ چيوسون انهن کي ته داخل ٿيو دروازي مان سجدا ڪندي ۽ چيوسون انهن کي ته تجاوز نه ڪيو ڇنڇر جي ڏينهن ۽ ورتوسون انهن کان عهد مضبوط .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کان انجام وٺڻ لاءِ انهن جي مٿان (جبل) طور کڙو ڪيوسون. ۽ کين چيوسون ته دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ انهن کي چيوسون ته ڇنڇر (جي حڪم) ۾ حد کان نه لنگهو ۽ انهن کان پڪو انجام ورتو سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن کان پڪو عهد وٺڻ لاءِ طُور (جبل) انهن مٿان (کڙو) ڪيوسين ۽ اسان انهن کي چيو ته (ايلياء جي) دروازي کان سجدو ڪندي داخل ٿيو ۽ اسان کين چيو ته ڇنڇر جي ڏينهن (مڇي مارڻ واري منع نامي) ۾ به حد نه اورانگهجو ۽ اسان انهن کان پڪو (پُختو) عهد ورتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ طُور اُٺاسون اُنهن سر، اُنهن جي انجام سان، چي، سڀئـِي سجود سان، داخل ٿيو منجھ در، ۽ چيوسونِ ته وڌيڪ نه ڪريو، ڇيڙڇاڙ، منجھ ڇنڇر، ۽ ڏاڍا ٻول ٻِيهر، اسان ورتا، اُنهن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کان عهد وٺڻ لاءِ جبل طور کي مٿن بلند ڪيوسون. کين چيوسون ته ”(شهر جي) دروازي مان سجدو ڪندي داخل ٿيو،“ کين هي (به) چيوسون ته ”ڇنڇر جي حڪمن کان ٻاهر نه وڃجو“ ۽ کانئن پڪو انجام ورتوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مٿن طور کي کڙو ڪري کانئن (انهيءَ فرمان جي تابعداريءَ جو) وعدو ورتو. اسان کين حڪم ڏنو ته دروازي منجهان سجدو ڪندا اندر گهڙجو. اسان کين چيو ته سبت وارو قانون نه ڀڃجو ۽ انهيءَ ڳالهه تي کانئن پڪو اقرار ورتوسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن مٿان جبل طُور کي کڙو ڪري کانئن (ان جي تابعداري جو) پڪو وعدو ورتو ۽ حڪم ڏنو ته دروازي مان داخل ٿيو سجدو ڪندي. اسان چيو ته قانون نه ڀڃو سبت (يعني ڇنڇر) جو، ۽ ان لاءِ کانئن پڪو وعدو پڻ ورتو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن وعدي وٺڻ جي مقصد سان اسان انهن جي مٿان طور جبل کي بيھاريو ۽ کين چيو ته (ڳوٺ جي) دروازي مان (شڪر جو) سجدو ڪندي داخل ٿجو ۽ کين اهو به چيو ته ڇنڇر جي ڏينھن وارو نافذ ڪيل قانون نه ٽوڙجو، حالانڪه اسان انهن کان ان ڳالهه جو پڪو وعدو (به) ورتو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِما نَقضِهِم ميثٰقَهُم وَكُفرِهِم بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَقَتلِهِمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَقَولِهِم قُلوبُنا غُلفٌ بَل طَبَعَ اللَّهُ عَلَيها بِكُفرِهِم فَلا يُؤمِنونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 155) |
پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ پيغمبرن کي سندن ناحق مارڻ (سببان سزا جوڳا ٿيا) ۽ سندن (انھيءَ) چوڻ سببان ته اسان جو دليون ڍڪيل آھن، (نه!) بلڪ الله سندن ڪفر سببان مٿن مُھر ھنئي آھي تنھنڪري ٿورن کانسواءِ ايمان نه آڻيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ انهن جي انهيءَ عهد اقرار ٽوڙڻ سببان، الله آيتن نه مڃڻ سببان، نبين کي ناحق قتل ڪرڻ سببان ۽ پڻ هنن جي هن قول سببان ته اسان جي دلين تي پردو چڙهيل آهي (هنن ۾ حق کي قبول ڪرڻ وارو مادوئي نه رهيو) بلڪ سندن ڪفر سببان الله تعاليٰ هنن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ (يهودي) ايمان نه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ وعدي خلافي سببان (اسان انهن تي لعنت ڪئي) ۽ انهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ نبين کي ناحق شهيد ڪيو ۽ انهن جو چوڻ هو ته اسان جي دلين تي پردا آهن بلڪه سندن ڪفر سببان الله انهن جي دلين تي مُهر هنئي پوءِ ايمان نٿا آڻن مگر ٿورڙا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندن انجام ۽ اقرار ڀڃڻ ۽ خدا جي آيتن کي نه مڃڻ پڻ نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته اسان جي دلين تي (ڪٽ جا) پردا چڙهيل آهن. (ائين ته نه آهي) پر خدا سندن سرڪشيءَ سبب انهن جي دلين تي مهر هنئي آهي ته پوءِ ٿورن ماڻهن کانسواءِ اهي ايمان نه آڻيندا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سببان ڀڃڻ انهن جي عهد کي ۽ سببان ڪفر ڪرڻ انهن جي الله جي آيتن سان ۽ سببان قتل ڪرڻ انهن جي نبين کي ناحق ۽ چوڻ انهن جي ته دليون اسان جون ڍڪيل آهن، بلڪ مهر هنئي الله انهن تي انهن جي ڪفر جي ڪري پوءِ نه ٿا ايمان آڻين مگر ٿورا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن انجام ڀڃڻ ۽ الله جي آيتن کي سندن نه مڃڻ ۽ نبين کي سندن ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته “اسان جو دليون ڍڪيل آهن” بلڪ الله سندن ڪفر جي ڪري انهن جي (دلين) تي مهر هنئي آهي پوءِ اهي بلڪل ٿورو ايمان رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (جي سزائون کين مليون سي سڀ) سندن معاهدن ٽوڙڻ سبب ۽ سندن الله جي آيتن سان ڪفر ڪرڻ ۽ سندن نبين کي ناحق قتل ڪرڻ (سبب) ۽ سندن هن قول (سبب) ته ”اسان جي دلين تي غلاف چڙهيل آهن“. بلڪه الله سندن ڪفر سبب انهن تي مُهر هنئي پوءِ ٿورن کان سواءِ ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سبب ٽوڙڻ سندنِ، پنهنجا قول قرار، ۽ آيتن کان الله جي، اُنهن جو، ڪرڻ انڪار، پڻ ناحق پاڪ نبـين کي، قتل ڪرڻ هار، ۽ چوڻ ته چِت اسان جا، ڄارين منجھ ڄمار، بلڪ ڪارڻ ڪفر سندنِ، مُهر هَنينَ مُختار، پوءِ آڻينِ نه اِعتبار، مگر مَنجھائن ٿورڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن عهد کي ٽوڙڻ، الله جي آيت کي نه مڃڻ، نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن هن چوڻ ته ”اسان جون دليون پردن ۾ (سلامت) آهن،“ مٿن لعنت آئي بلڪه الله سندن دلين تي ڪفر جي ڪري مهر هنئي آهي، تنهن ڪري ڪن ٿورن کانسواءِ ٻيا ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ سندن عهد اقرار ٽوڙڻ جي ڪري ۽ ان ڪري به جو هــُـنن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي نبين کي ناحق قتل ڪيو هئائون ۽ ائين به چيو هئائون ته اسان جون دليون ته پردن اندر سانڍيل آهن. هوڏانهن حقيقت اها آهي، ته انهن جي ڪفر ۾ پوڻ سبب اسان سندن دلين تي مهر هڻي ڇڏي آهي، جنهنڪري هو ٿوروئي ٿا ايمان آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ نيٺ سندن وعدي ٽوڙڻ جي ڪري ۽ انهيءَ لاءِ ته انهن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو ۽ ڪيترن ئي نبين کي ناحق قتل ڪرڻ ڪري، ائين به چيائون ته اسان جون دليون پردن ۾ محفوظ آهن، حقيقت ۾ باطل پرستيءَ جي ڪري الله سندن ڪفر جي ڪري سندن دلين تي ٺپو هڻي ڇڏيو . پوءِ هو گهٽ ئي ايمان آڻين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کين وعدو ٽوڙڻ، الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪرڻ، نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪرڻ ۽ سندن ان قول جي ڪري، ته اسان جي دلين تي توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ هڪ پردو چڙهيل آهي، انهن سڀني ڪفريه ڳالهين جي ڪري، الله تعالى سندن دلين تي مُھر هڻي ڇڏي آهي، تنھنڪري (يھودين مان) ڪي ٿورڙا ئي ماڻهو ايمان آڻيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبِكُفرِهِم وَقَولِهِم عَلىٰ مَريَمَ بُهتٰنًا عَظيمًا (آيت : 156) |
۽ سندن ڪفر سببان ۽ مريم تي سندن وڏي بُھتان چوڻ سببان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن (يهودين) جي ڪفر سببان ۽ هن ڳالهه سببان جو هنن حضرت مريم جي خلاف وڏو بهتان ٻڌو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) عيسيٰ جي انڪار ڪرڻ سببان ۽ (بيبي) مريم تي وڏي بُهتان هڻڻ سببان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي سندن وڏي بهتان مڙهڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سببان ڪفر انهن جي ۽ چوڻ انهن جي مريم تي بهتان وڏو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي سندن وڏي بهتان مڙهڻ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي ڪفر سبب ۽ مريم مٿان سندن وڏي بهتان مڙهڻ سبب.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڪارڻ ڪفر انهن جي، ۽ مٿي مريم پاڪ، بهتان وڏو بي باڪ، مُنهن سان مڙهن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن ڪفر ۽ مريم تي وڏي بهتان مڙهڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري هو پنهنجي ڪفر ۾ ايترو ته وڌي ويا جو مريم تي سخت بهتان مڙهيائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري پنهنجي ڪفر ۾ ايترو ته وڌي ويا جو مريم تي سخت بهتان لڳايو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ وري ڪفر ۾ هو ايترا ته انڌا ٿي پيا جو (بي بي) مريم (ؒ) تي وڏو بھتان مڙهيائون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَولِهِم إِنّا قَتَلنَا المَسيحَ عيسَى ابنَ مَريَمَ رَسولَ اللَّهِ وَما قَتَلوهُ وَما صَلَبوهُ وَلٰكِن شُبِّهَ لَهُم وَإِنَّ الَّذينَ اختَلَفوا فيهِ لَفى شَكٍّ مِنهُ ما لَهُم بِهِ مِن عِلمٍ إِلَّا اتِّباعَ الظَّنِّ وَما قَتَلوهُ يَقينًا (آيت : 157) |
۽ سندن ھن چوڻ سببان ته الله جي پيغمبر مَسِيح عيسىٰ پٽ مريم جي کي ڪُٺو اٿئون، حالانڪ نه کيس ڪُٺائون ۽ نڪي کيس سوريءَ تي چاڙھيائون پر انھن کي شُبه ۾ وڌو ويو، ۽ بيشڪ جن ان بابت تڪرار ڪيو سي کانئس شڪ ۾ آھن، گمان کانسواءِ کين ان جي ڪا پڪي ڄاڻپ نه آھي، ۽ پڪ سان نه ڪُٺو اٿن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ سندن هن قول سببان ته اسان عيسيٰ بن مريم الله جي رسول کي قتل ڪيو (الله تعاليٰ هنن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي) حالانڪ هنن (حضرت عيسيٰ کي) نڪي قتل ڪيو، نڪي سوريءَ تي چاڙهيو، پر سچي حقيقت هنن کي معلوم ٿي نه سگهي، (هنن سمجهيو ته اسان کيس سوريءَ تي چاڙهيو ۽ هو مري ويو پر ائين نه هو) ۽ جن ماڻهن هن ڳالهه بابت اختلاف ڪيو (يعني جن عيسائين چيو ته اسان کيس سوريءَ تي چاڙهيو ۽ هو مري ويو پر ائين نه هو) ۽ جن ماڻهن هن ڳالهه بابت اختلاف ڪيو (يعني جن عيسائين چيو ته، مسيح ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو پرپوءِ زنده ٿيو) اهي به (ڀليل آهن ۽) شڪ شبهي ۾ پيل آهن. شڪ ۽ گمان پٺيان لڳڻ کان سواءِ ڪو (حقيقت جو) علم هنن وٽ ڪونهي، يقيناً يهودين حضرت عيسيٰ کي قتل ڪونه ڪيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جو چوڻ ته بيشڪ اسان مسيح عيسيٰ پُٽ مريم الله جي رسول کي قتل ڪيو آهي، ۽ انهن عيسيٰ کي قتل نه ڪيو ۽ نه ڦاسي ڏني ۽ پر عيسيٰ جهڙي هم شڪل کي قتل ڪيو ۽ بيشڪ جن ماڻهن اختلاف ڪيو عيسيٰ متعلق اهي ضرور شڪ ۾ آهن. انهن کي عيسيٰ جي قتل جو علم ناهي مگر گمان ڪن ٿا ۽ انهن عيسيٰ کي يقيناً قتل نه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هنن جي هن چوڻ جي ڪري ته مريم جي پٽ عيسى مسيح کي جو (حقيقت ۾) خدا جو رسول هو ”اسان قتل ڪيو آهي“، هوڏانهن نه ان کي قتل ڪيو اٿن ۽ نه کيس سوري تي ڇاڙهيو اٿن پر انهن لاءِ (هڪ ٻيو ماڻهو عيسى) مهانڊي ڪيوسون. ۽ جي ماڻهو ان باري ۾ اختلاف ڪن ٿا پڪ اهي سندس (حال) کان دوڪي ۾ آهن. هنن کي ان (واقعي) جي خبر ئي نه آهي. پر رڳو اٽڪل جي پٺيان (پيل) آهن. ۽ عيسى کي انهن ماڻهن پڪ ته قتل ڪين ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سببان چوڻ انهن جي ته بيشڪ شهيد ڪيو اسان مسيح عيسى پٽ مريم الله جي رسول کي ۽ نه ڪٺائون ان کي ۽ نه سوريءَ تي چاڙهيائون ان کي پر هم شڪل ڪيو ويو (ٻيو ماڻهو) انهن لاءِ بيشڪ جن اختلاف ڪيو ان جي باري ۾ البته شڪ ۾ آهن ان مان ناهي انهن کي ان جو ڪو علم مگر پيروي گمان جي ۽ نه ڪٺائون ان کي يقين سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن هن چوڻ جي ڪري ته مريم جي پٽ عيسيٰ مسيح کي جو (حقيقت ۾ ) الله جو رسول هو، ”اسان قتل ڪيو آهي“، هوڏانهن نه ان کي قتل ڪيواٿن ۽ نه کيس سوريءَ تي چاڙهيو اٿن پر کين شبهو پئجي ويو آهي ۽ جن عيسيٰ جي باري ۾ اختلاف ڪيو، سي بيشڪ ان (جي حالت) کان شڪ ۾ آهن. کين گمان جي پٺيان لڳڻ کانسواءِ ان (جي حال) جي ڪا خبر نه آهي. هوڏانهن ان کي يقين سان قتل نه ڪيواٿن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سندن هن قول سبب ته”اسان الله جي رسول مسيح عيسى پٽ مريم کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.“ حالانڪه نه ته انهن کيس قتل ڪيو هيو ۽ نه ئي سوريءَ تي چاڙهيو هيو مگر (ٿيو ائين جو) انهن جي لاءِ (ڪنهن کي عيسى جو) هم شڪل بنايو ويو هيو. ۽ بيشڪ اُهي ماڻهو جي ان جي باري ۾ اختلاف ڪن ٿا اُهي (سندس قتل جي باري ۾) شڪ ۾ پيل آهن. انهن کي (اصل حقيقت جو) ڪجهه به علم نه آهي مگر گمان جي پيروي ڪن ٿا ۽ انهن پڪ سان کيس (يعني عيسى ) کي قتل نه ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڪوڙي قول سندن کان، ته ڪٺو سون ڪونڌر، مسيح، پٽ مريم جو، پرور جو پيغمبر، قتل ڪيائونسِ ڪين ڪِي، ۽ نه چاڙهيونسِ سورِي سر، ۽ اُٽلو اُهي اَبتر، گَڏيا ويا گُمان ۾. ۽ جن ڪيو اختلاف اُن ۾، آهن مَنجھ اَنومان، پُورو پتو، نه لڳن ڪو، مگر ڪرڻ گمان، ۽ تَسلي تن کي ڪا نه، ته ڪو قتل ڪيائون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندن هن چوڻ ڪري ته ”اسين الله جي رسول مسيح عيسيٰ پٽ مريم کي قتل ڪيو،“ پر درحقيقت انهن نه کيس قتل ڪيو ۽ نه ان کي ڦاهيءَ تي چاڙهيائون. مگر کين شڪ ۾ وڌو ويو ۽ بيشڪ جن ان بابت اختلاف ڪيو اُهي شڪ ۾ پيل آهن. وٽن گمان کان سواءِ ٻيو ڪو علم نه آهي ۽ پڪ سان انهن کيس قتل نه ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پاڻ ئي چيائون ته اسان مسيح، عيسيٰ پٽ مريم الله جي رسول کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، پر حقيقت ۾ انهن نڪي کيس قتل ڪيو ۽ نه سوريءَ تي ئي چاڙهيو، پر انهن کي شڪ ۾ وڌو ويو هو ۽ جن ماڻهن انهيءَ باري ۾ اختلاف ڪيو آهي، اهي به دراصل شڪ ۾ پيل آهن، انهن وٽ به ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانهي، رڳو انومان جي ڪڍ لڳل آهن. پڪ ئي پڪ انهن مسيح کي قتل نه ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پاڻ ئي چيائون ته اسان قتل ڪيو آهي مسيح عيسيٰ پٽ مريم رسول الله کي، جڏهن ته هنن نه کيس قتل ڪيو ۽ نه صليب تي چاڙهيو، پر معاملي کي انهن لاءِ شڪ وارو بڻايو ويو، ۽ بيشڪ جن ماڻهن انهيءَ باري ۾ اختلاف ڪيو، اهي به حقيقت ۾ شڪ ۾ پيل آهن، انهن کي به ان باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪانه آهي، رڳو کين شڪ ئي آهي، ۽ انهن کيس يقينًا قتل نه ڪيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن هي چوڻ ته بيشڪ اسان الله تعالى جي رسول مسيح عيسى پٽ مريم کي قتل ڪيو آهي، حالانڪه انهن کيس قتل نه ڪيو آهي ۽ نه ئي کيس ڦاسي ڏني آهي پر اسان ته انهن جي لاءِ اهو معاملو شڪ وارو بنائي ڇڏيوسين ۽ جن ماڻهن به ان باري ۾ اختلاف ڪيو آهي، سي سڀ شڪ ۾ پيل آهن، سواءِ گمان جي پويان هلڻ جي انهن وٽ ٻيو ڪو به علم نه آهي. (سچي ڳالهه هي آهي ته) انهن عيسى (ؑ) کي بلڪل قتل نه ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل رَفَعَهُ اللَّهُ إِلَيهِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 158) |
بلڪ الله کيس پاڻ ڏانھن مٿي کڻي ورتو، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ الله تعاليٰ کيس پنهنجي طرف کڻي ورتو ۽ الله سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪه الله تعالى عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن کڻايو ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پاڪ خدا کيس پاڻ ڏانهن کنيو ۽ خدا ته تمام زبردست تدبير وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ کنيو ان کي الله پاڻ ڏانهن ۽ آهي الله غالب حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بلڪ الله ان کي پاڻ ڏانهن کنيو ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه الله ان کي پاڻ ڏانهن (آسمان طرف) کڻائي ورتو. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بلڪ اُٺايو اُن کي، پرور پنهنجي پار، ۽ صاحب ربُّ، ستار، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ الله تعاليٰ کيس پاڻ ڏانهن کڻي ورتو ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه الله ان کي پاڻ ڏانهن کڻي ورتو، الله زبردست طاقت وارو ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر کڻي ورتو الله ان کي پاڻ ڏي، الله زبردست طاقت رکندڙ ۽ حڪمت وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه الله تعالى کيس پنھنجي طرف کڻي ورتو آهي، بيشڪ الله تعالى زبردست (طاقت رکڻ وارو ۽) وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن مِن أَهلِ الكِتٰبِ إِلّا لَيُؤمِنَنَّ بِهِ قَبلَ مَوتِهِ وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكونُ عَلَيهِم شَهيدًا (آيت : 159) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪوئي نه رھندو پر سندس موت کان اڳ (سڀئي) مٿس ضرور ايمان آڻيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن (عيسى) مٿن شاھد ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهل ڪتاب مان (يعني يهودين مان جن حضرت عيسيٰ کي نه مڃيو) ڪوبه نه هوندو جو پنهنجي موت کان اڳي (حقيقت کي نه ڄاڻيندو ۽) هن تي (يعني حضرت عيسيٰ جي سچائيءَ تي) ايمان نه آڻيندو. (ڇو ته مرڻ وقت شرارت جو پردو هٽي ٿو وڃي) ۽ قيامت جي ڏينهن هو (الله جي حضور ۾) هنن تي شاهدي ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڀئي يهودي ۽ نصاريٰ رسولِ عربي تي سڪرات وقت ضرور ايمان آڻيندا (مگر پوءِ سندن ايمان قبول نه ڪيو ويندو) ۽ رسولِ عربي قيامت جي ڏينهن انهن تي شاهد هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جڏهن عيسى مهدي موعود جي ظهور وقت آسمان کان لهندو) اهل ڪتاب مان ڪو به ماڻهو اهڙو نه هوندو جو ان تي سندس مرڻ کان اڳ ۾ ايمان نه آڻي ۽ عيسى پاڻ قيامت جي ڏينهن سندن خلاف گواهي ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي ڪو اهل ڪتاب مان مگر ضرور ايمان آڻيندو ان تي ان جي فوت ٿيڻ کان اڳي ۽ قيامت جي ڏينهن هوندو انهن تي شاهد (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهل ڪتاب مان ڪوبه نه رهندو پر ان جي مرڻ کان اڳي ان تي ضرور ايمان آڻيندو ۽ قيامت جي ڏينهن اهو مٿن شاهد ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪو به ڪتاب وارو اهڙو نه رهندو جيڪو (سندس آسمان تان لهڻ بعد ۽ ) سندس موت کان اڳ مٿس ايمان نه آڻي. ۽ قيامت واري ڏينهن اهو (عيسى) مٿن شاهد هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪو ناھِ اهل ڪتاب مان، مگر مڃيندس مور، مَهند سندس مرڻ کان، هوندو منجھ حضور، شاهد مٿن ضرور، مَهندان محشر ڏينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪتاب وارن مان ڪو به اهڙو نه هوندو، جو سندس موت کان اڳ مٿس ايمان نه آڻي ۽ قيامت جي ڏينهن اهو مٿن گواهه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهل ڪتاب مان ڪوبه اهڙو نه هوندو، جيڪو سندس موت کان اڳ مٿس ايمان نه آڻيندو ۽ قيامت جي ڏينهن هو مٿن شاهدي ڏيندو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪوبه اهڙو اهلِ ڪتاب مان نه هوندو جيڪو مٿس ايمان نه آڻيندو سندس موت کان اڳ ۽ قيامت جي ڏينهن هو مٿن شاهدي ڏيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهل ڪتاب مان ڪو به اهڙو ماڻهو نه رهندو، جيڪو مسيح (ؑ) تي سندس وفات کان اڳ ايمان نه آڻي ۽ هو قيامت جي ڏينھن انهن جي بدسلوڪيءَ جي شاهدي به ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِظُلمٍ مِنَ الَّذينَ هادوا حَرَّمنا عَلَيهِم طَيِّبٰتٍ أُحِلَّت لَهُم وَبِصَدِّهِم عَن سَبيلِ اللَّهِ كَثيرًا (آيت : 160) |
پوءِ يھودين جي ظلم سببان (گھڻيون) سٺيون شيون جي انھن لاءِ حلال ڪيل ھيون سي مٿن حرام ڪيوسون ۽ (پڻ) گھڻن ماڻھن کي الله جي واٽ کان سندن جھلڻ سببان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مطلب ته يهودين جي هن ظلم سببان اسان ڪي چڱيون شيون به هنن لاءِ حرام ٺهرائي ڇڏيون جي (پهريائين) حلال هيون ۽ پڻ هن سبب جي ڪري جو هو ماڻهن کي الله جي راهه کان گهڻو روڪڻ لڳا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ يهودين جي ظلم ڪرڻ سببان اسان انهن تي پاڪ شيون حرام ڪيون جيڪي انهن لاءِ حلال هيون ۽ انهي ڪري جو اهي الله جي واٽ کان گھڻي مخلوق کي روڪيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته يهودين جي انهن سڀني شرارتن ۽ ڏوھ جي سبب اسان مٿن اهي پاڪ پاڪيزه شيون جي هنن لاءِ حلال ڪيون (سي) حرام ڪري ڇڏيون. ۽ (پڻ) انهن جو، خدا جي راھ کان ڪيترن ئي ماڻهن کي منع ڪرڻ ۽ جهلڻ هوندي به وياج کائڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سببان ظلم ڪرڻ جي انهن جي طرفان جو يهودي ٿيا حرام ڪيوسون انهن تي پاڪ شيون جي حلال ڪيون ويون انهن لاءِ ۽ سببان روڪڻ انهن جي الله جي واٽ کان گهڻن کي ( .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ يهودين جي ظلم جي ڪري اسان مٿن اهڙيون سٺيون شيون حرام ڪيون، جن کي انهن لاءِ حلال ڪيون ويون هيون. ۽ گهڻن کي الله جي رستي کان سندن روڪڻ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ يهودين جي ظلم سبب اسان انهن تي (ڪي) پاڪ شيون حرام ڪيون جي مٿن حلال ڪيون ويون هيون ۽ انڪري (به) جو اُهي الله جي راهه کان گهڻو روڪيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، سندنِ جَفا جاڙ کان، برسر ڪيو سونِ بند، جو هئو حلال اُنهن لئي، پڻ پاڪ دِلپسند، ۽ پڻ رباني رَند، جَجھو جَهلڻ اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ظلم ڪرڻ ڪري اسان يهودين تي گهڻيون پاڪ شيون، جي انهن لاءِ حلال هيون، حرام ڪيون ۽ هن ڪري به، جو گهڻو ڪري خدا جي رستي کان روڪيندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مطلب ته انهن يهودين جي انهيءَ ظلم واريءَ هلت سبب اسان ڪيتريون ئي پاڪ شيون مٿن حرام ڪري ڇڏيون، جيڪي اڳ ۾ انهن لاءِ حلال هيون ۽ ان ڪري به جو هو تمام گهڻو ٿا الله جي رستي کان روڪين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ته انهن يهودي بنجڻ وارن جي انهيءَ ظلم واري هلت سبب ۽ انهيءَ (بنياد تي) ته اهي روڪين ٿا الله جي راهه کان اڪثر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ يھودين جي ظلم ۽ ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان گهڻي ڀاڱي روڪڻ جي ڪري، اسان مٿن اهڙيون پاڪ شيون به حرام ڪري ڇڏيون، جيڪي اڳ ۾ انهن لاءِ حلال هيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَخذِهِمُ الرِّبوٰا۟ وَقَد نُهوا عَنهُ وَأَكلِهِم أَموٰلَ النّاسِ بِالبٰطِلِ وَأَعتَدنا لِلكٰفِرينَ مِنهُم عَذابًا أَليمًا (آيت : 161) |
۽ پڻ سندن وياج وٺڻ سببان حالانڪ بيشڪ کانئس جھليا (به) ويا ھئا ۽ (پڻ) ماڻھن جي مالن کي سندن ناحق کائڻ سببان (گھڻيون حلال شيون مٿن حرام ڪيون ويون)، ۽ اُنھن مان ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ هن سبب ڪري جو هو وياج وٺڻ لڳا، اگرچه کين ان کان منع ڪيل هئو ۽ ناجائز طريقن سان ماڻهن جو مال کائڻ لڳا، (اگرچه کين سڀني انسانن سان ديانتدار ٿي هلڻ جو حڪم ڏنل هو) ۽ (ياد رکو ته) جي ماڻهو (اهڙيءَ طرح حق جي حڪمن جا) منڪر ٿيا تن جي لاءِ اسان (سندن بدعملن جي بدلي ۾) دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي وياج کائيندڙ هئا، حالانڪه تحقيق کين انهي کان روڪيو ويو ۽ اهي ماڻهن جو مال ناحق کائيندا هئا، ۽ انهن مان ڪافرن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ناحق زوريءَ ماڻهن جا مال کائڻ ۽ انهن مان جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سببان وٺڻ انهن جي وياج کي ۽ تحقيق روڪيا ويا ان کان ۽ سببان کائڻ انهن جي مالن ماڻهن جي کي ناحق سان ۽ تيار ڪيوسون ڪافرن جي لاءِ انهن مان عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن وياج وٺڻ (جي ڪري) هوڏانهن کين ان کان روڪيو ويو آهي ۽ ماڻهن جي مالن کي سندن ناحق کائڻ جي ڪري (به مٿن سٺيون ۽ حلال شيون حرام ڪيوسون) ۽ انهن مان ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي وياج وٺڻ سبب حالانڪه اُهي ان کان روڪيا ويا هئا ۽ انهن جي ماڻهن جي ناحق مال کائڻ سبب (به کين سزا ملي.) ۽ اسان انهن مان ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وٺڻ سندنِ وياج جو، جنهن کان، بنديا ويا بدڪار، ۽ ناحق مال ماڻهن جا، هضم ڪرڻ هيڪار، ۽ اَسان انڪارين لئي، تن منجھان تڪرار، تهدلِ ڪيو تيار، سورن ڀريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو منع ڪرڻ هوندي به وياج کائيندا هئا ۽ ماڻهن جا مال ناحق کائيندا هئا ۽ انهن مان ڪافرن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وياج ٿا وٺن، جنهن کان کين جهليو ويو هو ۽ ماڻهن جا مال ناجائز طريقن سان ٿا کائن ۽ جيڪي ماڻهو انهن مان ڪافر آهن انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وياج وٺن ٿا جنهن کان انهن کي روڪيو ويو هو، ۽ کاڌو ٿي مال ماڻهن جو ناجائز (اسان پاڪ شيون مٿن حرام ڪيون جيڪي اڳي حلال هيون) ۽ جيڪي انهن مان ڪافر آهن، اسان انهن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جو اهو به سبب هو جو هي ماڻهو منع ڪرڻ جي باوجود وياج وٺندا هئا، ناجائز طريقي سان ماڻهن جا مال کائيندا هئا ۽ انهن مان ڪفر ڪندڙ ماڻهن لاءِ اسان تڪليف ڏيندڙ عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لٰكِنِ الرّٰسِخونَ فِى العِلمِ مِنهُم وَالمُؤمِنونَ يُؤمِنونَ بِما أُنزِلَ إِلَيكَ وَما أُنزِلَ مِن قَبلِكَ وَالمُقيمينَ الصَّلوٰةَ وَالمُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَالمُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ أُولٰئِكَ سَنُؤتيهِم أَجرًا عَظيمًا (آيت : 162) |
پر منجھانئن علم ۾ پڪا ۽ مؤمن جيڪي توڏانھن نازل ڪيو ويو تنھن کي ۽ جيڪي توکان اڳ نازل ڪيو ويو تنھن کي مڃيندا آھن ۽ نماز پڙھندڙ ۽ زڪٰوة ڏيندڙ ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندڙ آھن، سگھوئي انھن کي وڏو اجر ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهن مان جيڪي ماڻهو (الله جي ڪتاب جي) علم ۾ پڪا آهن سي ۽ مسلمان (انهن گمراهين کان پري رهن ٿا ۽) انهيءَ ڪتاب تي ايمان رکن ٿا جو توتي (اي پيغمبر) نازل ٿيو آهي ۽ پڻ انهن ڪتابن تي جي توکان اڳي نازل ٿيا آهن. اهي ۽ جيڪي نماز قائم ڪرڻ وارا آهن. زڪوات ادا ڪندڙ آهن ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا تن سڀني کي اسان تمام وڏو اجر ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر انهن مان علم جا پڪا ۽ مؤمن ايمان آڻن ٿا قرآن ڪريم تي ۽ جيڪي ڪتاب اڳ ۾ نازل ڪيا ويا ۽ نماز پڙهندڙ ۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ ايمان آڻيندڙ الله تعالى تي ۽ قيامت تي، اسان انهن ماڻهن کي جلدي اجرِ عظيم ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (اي رسول!) انهن مان جي ماڻهو (دين جي) علم ۽ وڏي مضبوط پايه تي فائز آهن، اهي ۽ ايمان وارا ته جو (ڪتاب) تو تي نازل ٿيو آهي ۽ جو (ڪتاب) تو کان اڳ نازل ٿيو اهي (سڀني تي) ايمان رکن ٿا ۽ پابندي سان نماز پڙهن ٿا. ۽ زڪوات ادا ڪندا آهن ۽ خدا ۽ آخرت جي ڏينهن تي يقين اٿن، اهڙن ئي ماڻهن کي اسين جلدي ئي تمام وڏو اجر عطا فرمائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر مضبوط هوندڙ علم ۾ انهن مان مؤمن ايمان ٿا آڻين ان تي جو نازل ڪيو ويو اوهان ڏانهن ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو اوهان کان اڳي ۽ قائم ڪندڙ نماز ۽ ڏيندڙ زڪواة ۽ ايمان آڻيندڙ الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي اهي جلد ڏينداسون انهن کي ثواب وڏو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر انهن مان علم ۾ پختا ۽ ايمان وارا ان تي ايمان آڻين ٿا جيڪي توڏي لاٿو ويو آهي ۽ جيڪي توکان اڳ لاٿو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪندڙ ۽ زڪوات ڏيندڙ ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيندڙ، سو انهن کي اسين وڏو اجر ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر انهن مان جيڪي پختي علم وارا ۽ ايمان وارا آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا ان (قرآن) تي جيڪو تو تي نازل ڪيو ويو آهي ۽ (ان تي) جيڪو تو کان اڳ نازل ڪيو ويو هيو ۽ نماز قائم رکندڙ آهن ۽ زڪواة ڏيندڙ آهن ۽ ايمان آڻيندڙ آهن الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي. اُهي ئي آهن جن کي اسان جلد وڏو اجر عطا فرمائينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر اُنهن مان، اڪابر علم ۾، مومن مڃين مور، توڏي، ڪِ توکان اڳ ۾، جو نازل ڪيو ويو نور، ۽ پڙهندڙ نمازون پوريون ۽ ڏيندڙ زڪوٰة ضرور، ۽ وِسهندڙ واحد کي، پڻ محشر ڏينهن منظور، بدلو تن ڀرپور، ڏينداسونِ، ڪو ڏان وَڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪي شخص انهن مان علم ۾ پڪا آهن، اهي ۽ مومن، توڏانهن نازل ٿيل ۽ توکان اڳ نازل ٿيل تي ايمان رکن ٿا، اهي نماز قائم ڪندڙ، زڪوات ڏيندڙ ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا، انهن کي جلد ئي وڏو اجر ڏينداسون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر انهن مان جيڪي ماڻهو علم ۾ پڪا آهن ۽ ايمان وارا آهن، اهي سڀ انهيءَ تعليم تي ايمان آڻن ٿا، جيڪا توڏانهن نازل ڪيل آهي ۽ جيڪا توکان اڳ ۾ نازل ڪئي وئي هئي. ان نموني ۾ ايمان آڻيندڙ ۽ نماز ۽ زڪواة جي ادا ڪرڻ وارن ۽ قيامت جي ڏينهن تي پڪو ايمان رکڻ وارن کي اسان ضرور تمام وڏو اجر عطا ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن مان جيڪي پختو علم رکڻ وارا ۽ ايماندار آهن، ۽ مؤمن ان تعليم تي ايمان رکن ٿا جيڪا (اي نبي!) تو ڏانهن نازل ڪئي وئي آهي ۽ تو کان اڳي نازل ڪيل هئي، اهڙيءَ طرح ايمان آڻيندڙن ۽ نماز ۽ زڪوات جي پائبندي ڪندڙن ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي پختو يقين رکڻ وارن کي اسان ضرور تمام وڏو اجر عطا ڪنداسين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن مان جن کي علم ۾ ملڪو (يعني ڪمال مھارت) حاصل آهي ۽ هو ايماندار به آهن، ته اهڙا ماڻهو ان تعليم تي ايمان آڻين ٿا، جيڪا تنهنجي طرف نازل ڪئي وئي آهي ۽ ان تعليم تي به ايمان آڻين ٿا، جيڪا توهان کان اڳ پھريائين نازل ڪئي وئي هئي. اهڙا ئي ماڻهو نماز قائم ڪندڙ ۽ زڪوات ادا ڪندڙ آهن ۽ الله تعالى تي ايمان آڻڻ کان سواءِ آخرت جي ڏينھن تي به ايمان آڻين ٿا. اهڙي ڪردار وارن کي اسان وڏو اجر عطا ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَوحَينا إِلَيكَ كَما أَوحَينا إِلىٰ نوحٍ وَالنَّبِيّۦنَ مِن بَعدِهِ وَأَوحَينا إِلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَعيسىٰ وَأَيّوبَ وَيونُسَ وَهٰرونَ وَسُلَيمٰنَ وَءاتَينا داوۥدَ زَبورًا (آيت : 163) |
اسان توڏانھن (اھڙيءَ طرح) وحي ڪيو جھڙي طرح نوح ڏانھن ۽ کانئس پوءِ (ٻـين) پيغمبرن ڏانھن وحي ڪيوھوسون، ۽ ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسىٰ ۽ اَيُّوب ۽ يُونس ۽ ھارون ۽ سليمان ڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ داؤد کي زبور ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توڏي وحي اهڙي ئي طرح موڪليو آهي جهڙيءَ طرح نوح تي ۽ کائنس پوءِ آيل نبين تي موڪليو هو ۽ جهڙيءَ طرح ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب، يعقوب جي اولاد، عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان تي موڪليو هو ۽ دائود کي زبور ڏنوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! بيشڪ اسان توهان ڏانهن وحي موڪلي جيئن وحي موڪلي اسان (حضرت) نوح ۽ ان کان پوءِ رسولن ڏانهن ۽ وحي موڪلي اسان (حضرت) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ سندس اولاد ڏانهن ۽ (وحي موڪلي سين) اسان (حضرت) عيسيٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ اسان (حضرت) داؤد کي زبور عطا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) اسان تو ڏي (به) ته ائين وحي ڪيو جيئن نوح ۽ ان کان پوءِ (ٻين) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏي وحي ڪيو هيو سون ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان وحي ڪيوسون تو ڏانهن جيئن وحي ڪيو هوسون نوح ڏانهن ۽ نبين ڏانهن ان کان پوءِ ۽ وحي ڪيوسون ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ ان جي اولاد عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ ڏنوسون دائود کي زبور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان توڏي (ائين) وحي ڪيو جيئن نوح ۽ ان کان پوءِ (ٻين) نبين ڏي وحي ڪيوسون. ۽ (جيئن) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسيٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏي وحي ڪيوسون. ۽ (جيئن) دائود کي زبور ڏنوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان تو ڏانهن وحي ڪئي جيئن اسان نوح ۽ ان کان پوءِ وارن نبين ڏانهن وحي ڪئي هئي. ۽ اسان وحي ڪئي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ (انهن جي) اولاد ۽ عيسى ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ اسان دائود کي زبور عطا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توڏي اسان الهام ڪِيو، جيئن نوح ۽ نبين پار، تنهن بعد ابراهيم، اسمٰعيل ۽ اسحاق ، يعقوب ۽ پوٽا پرهيز گار، عيسٰى، ايوب، يونس ۽ هارون، سليمان سالار، پڻ دائود کي، دِلدار، ڏنوسون ذِڪر زبور جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان توڏانهن ائين وحي موڪليو آهي، جيئن نوح ۽ ان کان پوءِ ٻين نبين ڏانهن موڪليو هوسون ۽ ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد ۽ عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سيلمان ڏانهن به وحي موڪليو هوسون ۽ دائود کي اسان زبور ڏنو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان توڏانهن ائين وحي موڪليو آهي جيئن نوح ۽ ان کان بعد وارن نبين ڏانهن موڪليو هو. اسان ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد، عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان ڏانهن وحي موڪليو هو. اسان دائود کي زبور ڏنو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ اسان وحي کي اهڙيءَ طرح تو ڏانهن موڪليو آهي جهڙيءَ طرح اسان نوح ۽ ان کان پوءِ پيغمبرن ڏي موڪليو هو، ۽ اسان وحي موڪليو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ سندس اولاد ۽ عيسيٰ ۽ ايوب ۽ يونس ۽ هارون ۽ سليمان ڏانهن ۽ ڏنو دائود کي زبور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) بيشڪ اسان توهان ڏي (به) اهڙي طريقي سان وحي موڪلي سين جيئن نوح (ؑ) ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سڀني پيغمبرن ڏانھن موڪلي هئي ۽ (اهڙيءَ طرح) اسان ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ ان جي اولاد، عيسى، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان (ؓ) ڏانھن به وحي موڪلي سين ۽ دائود (ؑ) کي زبور عطا ڪيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرُسُلًا قَد قَصَصنٰهُم عَلَيكَ مِن قَبلُ وَرُسُلًا لَم نَقصُصهُم عَلَيكَ وَكَلَّمَ اللَّهُ موسىٰ تَكليمًا (آيت : 164) |
۽ ٻيا (گھڻا) پيغمبر آھن جن جو ھن کان اڳ توکي بيان ٻڌايوسون ۽ (ٻيا گھڻا) پيغمبر آھن جن جو بيان توکي نه ٻڌايوسون، ۽ الله موسىٰ سان گفتگو ڪئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ انهن رسولن (تي وحي موڪليوسين جن) جو احوال اسان (قرآن ۾) اڳئي توکي ٻڌايو آهي ۽ پڻ انهن رسولن تي جن جو احوال سان توکي ڪونه ٻڌايو آهي ۽ (ساڳيءَ طرح) الله تعاليٰ موسيٰ سان ڳالهايو (جيئن سچ پچ طور جبل تي ڳالهائڻ ٿيو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (موڪليل) رسولن مان بيشڪ ڪن پيغمبرن جا اسان توهان تي هن کان اڳ قصا (بيان) ڪيا ۽ ڪن پيغمبرن جا اسان توهان تي قصا (بيان) نه ڪيا ۽ الله تعالى (حقيقت ۾ بغير واسطي جي) (حضرت) موسيٰ سان ڪلام فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (تو کي به اهڙو ئي رسول مقرر ڪيو جيئن ٻيا) ڪيترائي رسول (موڪليا) ... کي ان کان اڳ ۾ ئي بيان ڪيو. پڻ ڪيترائي (اهڙا رسول) موڪليا) جن جو حال توسان اڳ ڪين ڪيو. ۽ خدا ته موسى سان ڪيتريون ڳالهيون به ڪيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رسول جو بيان ڪياسون اهي اوهان جي اڳيان ۽ رسول جي نه بيان ڪياسون اهي اوهان جي اڳيان ۽ ڳالهايوالله موسى سان، خاص ڳالهائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (جيئن) اهڙن رسولن کي جن جو حال هن کان اڳ اسان توکي ٻڌايو آهي ۽ اهڙن رسولن کي جن جو حال اسان توکي نه ٻڌايو آهي (تن کي موڪليوسون) ۽ الله موسيٰ سان ڳالهايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن رسولن (ڏانهن به وحي ڪئي) جن جا حالات اسان توکي هن کان اڳ ٻڌايا آهن ۽ ڪن رسولن جا حالات اڃا توکي نه ٻڌايا آهن. ۽ الله موسى سان ائين ڪلام ڪيو جيئن ڪلام ڪبو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ مرسل، جن مان ڪن جِي، توسان ڪئـِي سون ڳالھ، ۽ توسان ڪيوسون ڪو نه ڪو، ڪن جو قِصّو ڪمال، ۽ مِهتر موسٰى نال، قادر پاڪ ڪلام ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪن رسولن جو ذڪر اسان توکي هن کان اڳ ٻڌايوآهي ۽ ڪن جو ذڪر توکي نه ٻڌايو اٿئون ۽ الله موسيٰ سان ڳالهائڻ وانگر ڳالهايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن رسولن تي به وحي نازل ڪيو هو، جن جو ذڪر اسان هن کان اڳ توسان ڪري چڪا آهيون ۽ انهن رسولن تي به جن جو ذڪر اسان توسان نه ڪيو آهي. اسان موسيٰ سان ائين ڳالهايو هو جيئن ڳالهائبو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن رسولن تي به وحي اهڙيءَ طرح نازل ڪيو جن جو بيان اسان تو سان هن کان اڳ ڪري چڪا آهيون ۽ انهن رسولن تي به جن جو ذڪر نه ڪيو آهي. ۽ اسان (الله) موسيٰ سان ائين ڳالهايو جيئن ڳالهائبو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪن رسولن جو ذڪر هن کان اڳ اسان توهان سان ڪري چڪا آهيون ۽ وري ڪن رسولن جو ذڪر اوهان سان (اڃا) نه ڪيو آهي ۽ الله تعالى موسى (ؑ) سان براه راست گفتگو ڪئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رُسُلًا مُبَشِّرينَ وَمُنذِرينَ لِئَلّا يَكونَ لِلنّاسِ عَلَى اللَّهِ حُجَّةٌ بَعدَ الرُّسُلِ وَكانَ اللَّهُ عَزيزًا حَكيمًا (آيت : 165) |
پيغمبر خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ھن لاءِ آھن ته پيغمبرن (جي اچڻ) کانپوءِ ماڻھن جي ڪا حُجّت الله تي نه رھي، ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي سڀ پيغمبر (خدا پرستي ۽ نيڪ عملن جي نتيجن جي) خوشخبري ٻڌائڻ وارا ۽ (حق جي انڪار جي نتيجن بابت) خبردار ڪرڻ وارا هئا. (۽ انهيءَ ئي لاءِ موڪليا ويا هئا ته) انهن جي اچڻ (۽ نيڪي بدي ظاهر ڪري ڏيکارڻ) بعد ماڻهن کي به ڪابه حجت باقي نه رهي جا هو خدا وٽ پيش ڪري سگهن (يعني هي عذر نه ڏيئي سگهن ته اسان کي حق جي واٽ ڪنهن نه ڏيکاري) ۽ الله تعاليٰ سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان رسولن کي مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو انهي لاءِ ته ماڻهن جي الله تي ڪابه حجت نه رهي رسولن موڪلڻ کان پوءِ، ۽ الله تعالى غالبِ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان نيڪن کي بهشت جي) خوشخبري ڏيڻ وارا ۽ (بڇڙن کي دوزخ جي باھ کان) ڊيڄارڻ وارا رسول موڪليا ته جيئن پيغمبرن جي اچڻ کان پوءِ ماڻهن جي خدا تي حجت باقي نه رهي. ۽ خدا ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رسول بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ تانته نه هجي ماڻهن جي لاءِ ڪو دليل رسولن کان پوءِ ۽ آهي الله غالب حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ رسول هن لاءِ (موڪليا) ته رسولن (جي اچڻ) کان پوءِ ماڻهن جو الله تي ڪو عذر نه رهي. ۽ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) رسولن کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي هن لاءِ موڪليو ويو ته جيئن رسولن جي اچڻ بعد ماڻهن وٽ الله جي خلاف ڪا حجت نه رهي. ۽ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مرسل کِيانتا ۽ خابرو، تان پيغمبرن پڃاڻ، نه هُجي حُجت حق پاڪ تي، مَنجھ محشر ماڻهن ڪاڻ، ۽ صاحب سُرت سُڄاڻ، سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (سڀني) رسولن کي (الله) خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (بنايو)، ته رسولن کان پوءِ ماڻهن جي الله تي ڪا حجت نه رهي ۽ الله غالب ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي سمورا رسول خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليا ويا هئا ته جيئن انهن کي موڪلڻ بعد ماڻهن وٽ الله جي مقابلي ۾ ڪابه حجت نه رهي، ۽ الله ته آهي ئي زبردست ۽ وڏيءَ حڪمت وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سڀ رسول خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ هئا، جيئن انهن کي موڪلڻ سان ماڻهن کي الله جي لاءِ ڪابه حجت نه رهي رسولن کان پوءِ، ۽ الله ته هونئن به غالب رهندڙ حڪمت وارو داناءُ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان سڀني رسولن کي (سھڻي انجام جي) خوشخبري ڏيندڙ ۽ (بري انجام کان) ڊيڄاريندڙ جي حيثيت ۾ موڪليوسين ته جيئن الله تعالى تي ماڻهن جي ڪا حجت باقي نه رهي، الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لٰكِنِ اللَّهُ يَشهَدُ بِما أَنزَلَ إِلَيكَ أَنزَلَهُ بِعِلمِهِ وَالمَلٰئِكَةُ يَشهَدونَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ شَهيدًا (آيت : 166) |
پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏانھن لاٿو آھي تنھن لاءِ (پاڻ) شاھدي ٿو ڏئي ته اُھو پنھنجي علم سان نازل ڪيو اٿس، ۽ ملائڪ به شاھدي ٿا ڏين، ۽ الله گواہ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر هي ماڻهو انڪار ڪن ته ڀلي ڪن) پر خود خدا توتي وحي نازل ڪري (تنهنجي سچائي جي) شاهدي ٿو ڏئي ۽ هن پنهنجي علم سان توتي وحي نازل ڪيو آهي. ۽ ملائڪ به ان جي شاهدي ڏين ٿا. ۽ الله جي شاهدي ته بلڪل ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر الله تعالى قرآن ڪريم جي شاهدي ڏئي ٿو ته قرآن ڪريم کي پنهنجي خاص علم سان پاڻ نازل فرمايو اٿس ۽ ملائڪ نبوت جي شاهدي ڏين ٿا ۽ الله تعالى جي شاهدي ڪافي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي ڪافر نٿا مڃن ته نه مڃن) پر خدا تي هن ڳالھ جي شاهدي ڏئي ٿو ته جو ڪجھ تو تي نازل ٿيو آهي، چڱي طرح سوچي سمجهي نازل ڪيو آهي (بلڪه) اهڙي شاهدي ته فرشته به ڏين ٿا. هوڏانهن خدا ئي شاهدي لاءِ بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر الله شاهدي ٿو ڏئي ان جي جو لاٿائين تو ڏانهن ته لاٿائين ان کي پنهنجي علم سان ۽ ملائڪ شاهدي ڏين ٿا ۽ ڪافي آهي الله شاهد.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر الله جيڪو (ڪتاب) توڏي لاٿو آهي تنهن جي (پاڻ) شاهدي ڏي ٿو ته ان کي پنهنجي علم سان لاٿو اٿس ۽ ملائڪ به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله شاهد ڪافي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر الله (پاڻ) شاهدي ڏئي ٿو جيڪو تو ڏانهن نازل ڪيائين (ته) ان کي پنهنجي علم سان نازل ڪيائين ۽ ملائڪ به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله جو شاهد هجڻ ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر سائين تِنهنجِي ساک ڏي، جو اُتارئين تو پار، اُتارئين سندس علم سان، ۽ مَلائڪ موچار، ڏين ساک سَچار ۽ بس، واحد شاهد هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر الله شاهدي ڏئي ٿو، ته جيڪي توڏانهن نازل ڪيو اٿس سو پنهنجي علم سان لاٿو اٿس، فرشتا به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله جي گواهي ئي بس آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ماڻهو مڃين نه مڃين) پر الله ٿو شاهدي ڏئي ته اي نبي! جيڪي هن توتي نازل ڪيو آهي، پنهنجي علم مطابق نازل ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي ملائڪ به شاهد آهن، جيتوڻيڪ الله جو شاهد هجڻ ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ماڻهو نه مڃن ته نه مڃن) پر الله شاهدي ٿو ڏئي ته جيڪي ڪجهه هن توتي نازل ڪيو آهي پنهنجي علم سان ۽ ان تي ملائڪ به شاهد آهن، جڏهن ته ڪافي آهي الله جو شاهد رهڻ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر الله تعالى توهان ڏي جيڪو (ڪتاب) لاٿو آهي، ان تي هو پاڻ شاهدي ڏئي ٿو، ته هن، ان کي پنھنجي علم سان ئي نازل ڪيو آهي ۽ (ان باري ۾) ملائڪ به شاهدي ڏين ٿا ۽ الله تعالى جي شاهدي ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَصَدّوا عَن سَبيلِ اللَّهِ قَد ضَلّوا ضَلٰلًا بَعيدًا (آيت : 167) |
بيشڪ جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن) کي جھليو سي بيشڪ وڏي ڀُل ۾ ڀُلا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا ۽ ماڻهن کي خدا جي راه کان روڪيائون سي بيشڪ (سڌي واٽ کان) ڀلجي ويا ۽ اهڙا ڀلجي ويا جو دور دراز ڏنگين واٽن ۾ گم ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن رسولِ عربي کي نه مڃيو ۽ دينِ اسلام کان (ٻين کي) روڪيو تحقيق اهي سخت گمراه ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ خدا جي راھ کان (ماڻهن کي) ٿيڙيون، اهي سڌي گس کان گهڻو پري وڃي پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ روڪيائون الله جي واٽ کان تحقيق گمراهه ٿيا گمراهي پرانهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ الله جي رستي کان (ماڻهن کي) روڪيائون سي رستي کان گهڻو پري وڃي پيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلاشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ الله جي راهه کان (ٻين کي) روڪيائون بلاشڪ اهي پَراهِين گمراهي ۾ ڀٽڪي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيو جن انڪار، ۽ روڪيون رب جِي راه کان، ڪنهن پراهين پار، ويا وڃڻ کي واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ڪفر ڪيو ۽ ماڻهن کي الله جي رستي کان روڪيائون، اهي ڀٽڪي گهڻو پري وڃي پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو ان کي مڃڻ کان پاڻ به انڪار ڪن ٿا ۽ ٻين کي به الله جي واٽ کان روڪين ٿا، اهي بيشڪ گمراهيءَ ۾ پئجي حق کان تمام پري هليا ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو ان جي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ ٻين کي به الله جي راهه کان روڪين ٿا، اهي يقينًا گمراهيءَ ۾ پري نڪري ويا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ٻين ماڻهن کي الله تعالى جي رستي تي هلڻ کان روڪيائون، ته اهڙا ماڻهو حق کان تمام گهڻو پري ٿي گمراهيءَ ۾ لڙهي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَظَلَموا لَم يَكُنِ اللَّهُ لِيَغفِرَ لَهُم وَلا لِيَهدِيَهُم طَريقًا (آيت : 168) |
تحقيق جن انڪار ڪيو ۽ ظُلم ڪندا رھيا ته الله (جو شان اھڙو) نه آھي جو کين بخشي ۽ نڪي (اھڙو) آھي جو کين (ٻي) ڪا (سڌي) واٽ ڏيکاري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر ڪيو (مرڻ تائين) ظلم ڪندا رهيا تن کي خدا ڪڏهن به نه بخشيندو، نڪي کين (ڪاميابيءَ جي) ڪا واٽ ڏيکاريندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن الله جو انڪار ڪيو ۽ رسولِ عربي جي تعريف لڪائي، الله تعالى انهن کي بخش نه ڪندو ۽ نه انهن کي ڪو صحيح رستو ڏيکاريندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ (وري) ظلم (به) ڪندا رهيا، نه خدا انهن کي بخشيندو ۽ نه کين ڪنهن طرح جي هدايت ئي ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ ظلم ڪيائون ناهي الله تانته بخشي انهن کي ۽ نه تانته ڏيکاري انهن کي واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ظلم ڪيائون، تن کي الله ڪڏهن معاف نه ڪندو ۽ نه کين ڪو رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ ظلم ڪيائون الله هرگز (ائين) ناهي جو انهن کي بخشي ڇڏي ۽ نه (ائين آهي جو) انهن کي سڌي راهه جي هدايت ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيو جن انڪار، ۽ ڪاهي پيا ڪَلور ۾، مولىٰ نه مَرهي تن کي، ۽ نه سَهائي سَنئون پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ڪفر ڪيو ۽ ظلم ڪندا رهيا، الله انهن کي ڪڏهن به نه بخشيندو ۽ سڌو رستو نه ڏيکاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح جن ماڻهن ڪفر ۽ بغاوت جو رستو اختيار ڪيو ۽ ظلم ۽ ڏاڍ تي لهي پيا، الله انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ کين ڪابه واٽ نه وٺائيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ بغاوت جو رستو اختيار ڪيو، ۽ ظلم زيادتي تي لهي پيا، الله ڪڏهن به کين معاف نه ڪندو ۽ انهن کي ڪوبه رستو نه ڏيکاريندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ ظلم وارو رستو اختيار ڪيو، اهڙن ماڻهن کي الله تعالى ڪڏهن به معاف نه ڪندو ۽ نه کين سڌي راهه ڏيکاريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا طَريقَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها أَبَدًا وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 169) |
دوزخ جي واٽ کانسواءِ منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ اھو الله تي سھنجو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهيءَ واٽ جي جا جهنم ڏي ٿي وڃي جتي هو هميشه رهندا، ۽ الله جي لاءِ ائين ڪرڻ بلڪل آسان آهي. (سندس قانونن جي عمل کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر رستو جهنم جو هميشه هميشه اهي جهنم ۾ رهندا، ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (هاءُ!) کين دوزخ جي راھ (ڏيکاريندو) جنهن ۾ اهي هميشه پيا رهندا ۽ اها ته خدا لاءِ تمام سولي ڳالھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر واٽ جهنم جي رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ ۽ آهي اهو الله تعالى جي اڳيان آسان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) دوزخ جي رستي کانسواءِ ان ۾ هميشة رهندا. ۽ اهو الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ جهنم جي رستي جي جنهن ۾ هميشه هميشه رهندا. ۽ اها ڳالهه الله لاءِ آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر پار مڱر جو، جنهن ڄيري منجھ ڄمار، ۽ قادر تي ڪم ڪار، آهي اِهو آسان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دوزخ جي رستي کان سواءِ جو ان ۾ هو هميشه رهندا ۽ اها ڳالهه الله لاءِ آسان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جهنم جي واٽ کانسواءِ جنهن ۾ هو سدائين پيا هوندا. الله لاءِ اهو آسان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ جهنم جي رستي ڏانهن، جنهن ۾ هو هميشه رهندا، ۽ اها ڳالهه ڪڏهن به الله جي لاءِ ڏکي نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن کي جھنم وارو رستو ڏيکاريو ويندو، هو ان ۾ هميشه رهندا ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ تمام سولو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُمُ الرَّسولُ بِالحَقِّ مِن رَبِّكُم فَـٔامِنوا خَيرًا لَكُم وَإِن تَكفُروا فَإِنَّ لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 170) |
اي ماڻھو اوھان جي پالڻھار وٽان پيغمبر (مُحَمَّد صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّم) اوھان وٽ سچ وٺي آيو آھي تنھنڪري (مٿس) ايمان آڻيو جو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن نه مڃيندؤ (ته اوھان جو نقصان آھي) ڇوته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي (سڀئي) انسانو! بيشڪ الرسول (پيغمبر اسلام) اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائي کڻي اوهان ڏي آيو آهي. تنهن ڪري توهان مٿس ايمان آڻيو جو (ان ۾) اوهان جي ئي لاءِ بهتري آهي، پر جيڪڏهن توهان انڪار ڪندؤ ته پوءِ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله ئي جي لاءِ آهي (توهان جو انڪار ۽ ظلم توهان کي ئي نقصان پهچائيندو) ۽ (ياد رکو ته) الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو! تحقيق توهان وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا قرآن ڪريم سان گڏ جيڪو توهان جي رب جي طرفان آهي پوءِ توهان ايمان آڻيو ته توهان لاءِ بهتر ٿيندو ۽ جيڪڏهن توهان انڪار ڪيو پوءِ بيشڪ الله لاءِ آهي جيڪي ڪجھه آسمان ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ پر الله تعالى گھڻو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! اوهان ڏي، اوهان جي پالڻهار جي طرف کان رسول (محمد) دين حق سان اچي چڪو آهي پوءِ ايمان آڻيو (اها ڳالھ) اوهان لاءِ سٺي آهي. پر جيڪڏهن، انڪار ڪندو ته (ياد رهي ته) جيڪي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) خدا جو ئي آهي. پڻ خدا وڏو واقف ڪار حڪيم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! تحقيق آيو اوهان وٽ رسول حق سان پوءِ ايمان آڻيو ته ڀلو آهي اوهان جي لاءِ ۽ جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ پوءِ بيشڪ الله جي لاءِ آهي جيڪو آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي ۽ آهي الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسانو! اوهان جي پاليندڙ جي طرفان رسول اوهان وٽ سچي ڳالهه کڻي آيو آهي پوءِ ايمان آڻيو ته اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪڏهن انڪار ڪندؤ ته پوءِ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. ۽ الله (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ، حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! تحقيق اوهان جي پالڻهار وٽان اوهان وٽ (هي) رسول حق کڻي آيو آهي پوءِ ايمان آڻيو اهو اوهان لاءِ ڀلو آهي. ۽ جي توهان ڪفر ڪندؤ ته پوءِ بلاشڪ جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سڀ الله جو آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي ماڻهئا! مُرسل آئيان، اَهنجي رب ڪنان رهبر، سچي ثابت ڳالھ تي، جي مڃيو، ته اَٿان بِهتر، ۽ ڦرندا جي فرمان کان، ته جيڪي اڀ ۽ ڌَراندر، آهن مِلڪ اللهَ جِي، صحِي سربسر ، ۽ خالق باخبر، ۽ حڪمتي، هشيار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! رسول اوهان وٽ اوهان جي رب کان حق وٺي آيو آهي، (ان تي) ايمان آڻيو ته اوهان لاءِ چڱو آهي پر جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جو ئي آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! هن رسول توهان ڏانهن توهان جي رب وٽان حق آندو آهي، ايمان آڻيو توهان لاءِ ئي چڱو آهي ۽ جيڪڏهن انڪار ٿا ڪيو ته ڄاڻي ڇڏيو ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، سڀ الله جو آهي ۽ الله ڄاڻندڙ به آهي ۽ داناءُ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! هي آيل رسول توهان وٽ حق کڻي آيو آهي توهان جي رب وٽان، پوءِ توهان ايمان آڻيو، توهان لاءِ چڱائي آهي جيڪڏهن انڪار ڪيو ته پوءِ خبر هجيوَ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سڀ الله جو آهي ۽ الله عليم آهي حڪمت وارو به آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! اوهان وٽ توهان جي پالڻھار پاران سچو رسول اچي چڪو آهي سو ان تي ايمان آڻڻ ئي توهان لاءِ بھتر رهندو، پر جيڪڏهن انڪار ڪندا ته (ذهن ۾ رکو ته) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ ان جي آهي ۽ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لا تَغلوا فى دينِكُم وَلا تَقولوا عَلَى اللَّهِ إِلَّا الحَقَّ إِنَّمَا المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ رَسولُ اللَّهِ وَكَلِمَتُهُ أَلقىٰها إِلىٰ مَريَمَ وَروحٌ مِنهُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَلا تَقولوا ثَلٰثَةٌ انتَهوا خَيرًا لَكُم إِنَّمَا اللَّهُ إِلٰهٌ وٰحِدٌ سُبحٰنَهُ أَن يَكونَ لَهُ وَلَدٌ لَهُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 171) |
اي ڪتاب وارؤ پنھنجي دين ۾ حد کان نه لنگھو ۽ نڪي سچ کانسواءِ الله تي (ڪي ٻيو) چئو، عيسىٰ پُٽ مريم جو الله جو پيغمبر ۽ سندس (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل) آھي، اُھو مريم ڏانھن ھَلايائين ۽ سندس پار کان ھڪ رُوح آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ (اوھين) ٽي (خدا) نه چئو، (اھڙي چوڻ کان پاڻ کي) جھليو (اِھو) اوھان لاءِ ڀلو آھي، ھڪ الله کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پُٽن جي ھجڻ کان اُھو پاڪ آھي، جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو اُن جو آھي، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ غلو نه ڪيو (يعني حقيقت ۾ اعتدال کان ٻاهر نه وڃو) ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چئو، عيسيٰ مسيح ابن مريم فقط الله جو رسول ۽ سندس (بشارت جي) ڪلمي جو ظهور آهي. جو ڪلمو (سندس والده) مريم تي القا ڪيو ويو هو ۽ پڻ هو هڪ روح آهي جو الله جي طرفان موڪليو ويو، پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله تي ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ ائين نه چئو ته خدا ٽي آهن. (اهڙيءَ ڳالهه ڪرڻ کان) باز اچو ته توهان لاءِ وڏي چڱائي آهي. حقيقت هي آهي ته فقط الله ئي هڪ معبود آهي (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) هو هن ڳالهه کان پاڪ آهي، جو هن کي ڪو پٽ هجي (جڏهن ته) آسمان ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس ئي آهي (ته پوءِ کيس ڪهڙي محتاجي آهي جو ڪنهن کي پٽ بنائي دنيا ۾ موڪلي) ڪارسازيءَ لاءِ خدا جو ڪارساز هئڻ ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي عيسائي مذهب وارا توهان پنهنجي دين ۾ حد کان نه وڌو ۽ الله تعالى لاءِ اُها ڳالهه ڪريو جيڪا حق آهي. مسيح (يعنى) عيسيٰ پٽ مريم جو الله جو رسول ۽ الله جي حڪم جو نتيجو آهي. جيڪو الله تعالى بيبي مريم ڏانهن پهچايو ۽ الله جي رحمت آهي پوءِ توهان الله ۽ الله جي رسولن تي ايمان آڻيو ۽ توهان نه چئو ته ٽي خدا آهن، توهان پاڻ کي ان ڳالهه کان روڪيو ته توهان لاءِ اهو بهتر آهي، فقط هڪ الله عبادت جي لائق آهي، پاڻ اولاد کان پاڪ آهي، سندس ملڪيت آهي جيڪي ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي. ۽ الله تعالى (سڀني جهانن جي) سنڀالڻ لاءِ ڪافي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ (مناسب) حد کان نه وڌو پڻ خدا جي شان ۾ سچ کانسواءِ (ڪا ٻي ڳالھ) نه چئو. مريم جو پٽ عيسى مسيح ( نه خدا هو ۽ نه خدا جو پٽ پر) خدا جو هڪ رسول هو ۽ سندس هڪ ڪلمه (حڪم) هو. جنهن کي خدا مريم ڏي موڪليو هو (ته حامله ٿي پَو!) پڻ خدا جي طرفان هڪ جان هئي. پوءِ خدا ۽ سندس پيغمبرن تي ايمان آڻيو ۽ ٽن (خدائن جا قائل نه بڻجو) تثليث کان پري رهو. (۽) پنهنجي ڀلائي (يعني توحيد) جو قصد ڪريو. الله ته بس اڪيلو ئي معبود آهي. هو ان (نقص) کان اڪيلو ۽ پاڪيزه آهي جو سندس پٽ هجي. (هن کي پٽ جي ضرورت ڪهڙي؟ جڏهن) جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس ئي آهي. پڻ خدا ڪارسازي ۾ ڪافي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اهل ڪتاب! نه وڌاءُ ڪيو دين پنهنجي ۾ ۽ نه چئو الله جي بابت حق کان سواءِ تحقيق مسيح عيسى پٽ مريم جو الله جو رسول ۽ ان جو حڪم آهي جاري ڪيائين ان کي مريم ڏانهن ۽ روح آهي ان جي طرفان پوءِ ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ نه چئو ته ٽي (خدا) آهن رڪجو (ٽن خدائن چوڻ کان) ته ڀلو آهي اوهان جي لاءِ تحقيق سچو دين هڪڙو آهي پاڪ آهي ان کان جو هجي ان جي لاءِ اولاد- ان جي آهي اها شيءِ جو آسمانن ۾ آهي ۽ اها جو زمين ۾ آهي ۽ ڪافي آهي الله ڪم ٺاهيندڙ . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين (جي ڳالهه) ۾ وڌاءُ نه ڪريو. ۽ سچي ڳالهه کانسواءِ الله تي (ٻيو) نه چئو. مريم جو پٽ عيسيٰ مسيح فقط الله جو رسول ۽ سندس ڪلام آهي، جنهن کي مريم ڏي هلايو اٿس ۽ سندس طرفان هڪ روح آهي، پوءِ الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو. ۽ نه چئو ته (خدا) ٽي آهن (اهڙي چوڻ کان) باز اچو ته اوهان جو ڀلو ٿئي. الله فقط اڪيلو عبادت جي لائق آهي. اولاد جي هجڻ کان اهو پاڪ آهي جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو (سڀ) سندس آهي. ۽ الله ڪارساز بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين ۾ وڌاءُ نه ڪيو ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ڪجهه نه چئو. مسيح عيسى پٽ مريم جو ته صرف الله جو هڪ رسول آهي ۽ ان جو هڪ فرمان آهي، جيڪو مريم طرف موڪليائين ۽ ان جي طرفان روح آهي. پوءِ الله تي ۽ ان جي سڀ رسولن تي ايمان آڻيو. ۽ ائين نه چئو ته (معبود) ٽي آهن. (ان عقيدي کان) رڪجي وڃو ته اهو اوهان ڪاڻ ڀلو آهي. صرف الله ئي اڪيلو معبود آهي. اُهو هن ڳالهه کان پاڪ آهي جو کيس اولاد هجي. اهو (سڀ ڪجهه) سندس ئي آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ الله جو ڪارساز هجڻ ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اهل ڪتاب! دين ۾، وڌايو نه وار، ۽ ڳالھ ڳالهايو ڪانه ڪا، صاحب تي سچ ڌار، عيسٰى آهي، مريم جو، نِپٽ پُٽ نِبار، پڻ آهي اکر اُن جو، جنهن کي، سٽيو ربَّ ستار، پاڪ مريم پار، ۽ پساه اُن جي پار جو. پوءِ ربَّ ۽ سندس رسولن تي، آڻيو اعتبار، ۽ ٽي مَ چئو، ۽ بس ڪريو، اِي افضل اوهان هار، الله آهي هيڪڙو، ڌڻي ۽ دربار، اِنهيان پاڪ، ته اُن لئي، ڪو هجي ٻچو ٻار، آهن سڀ اُنهئ جا، اُڀ، ڀون ۾، جي اسرار، سائين سنڀاليدار، بس آهي، بلڪل هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي ڪتاب وارؤ! پنهنجي دين ۾ حد کان نه وڌو ۽ الله بابت حق ڌاران ٻيو ڪجهه نه چئو. مسيح عيسيٰ پٽ مريم جو الله جو رسول ۽ سندس فرمان آهي جو ان مريم ڏانهن موڪليو هو ۽ سندس طرفان هڪ روح آهي. الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ نه خدا ٽي چئو (ان کان) پاڻ روڪيو، ته اوهان لاءِ چڱو آهي الله اڪيلو ڌڻي آهي. اهو اولاد جي هجڻ کان پاڪ آهي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ سندس آهي، الله ئي ڪم جوڙڻ لاءِ ڪافي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اهلِ ڪتاب! پنهنجي دين ۾ وڌاءُ نه ڪريو ۽ الله ڏانهن حق ڳالهه کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه منسوب نه ڪريو. مسيح عيسيٰ پٽ مريم جو انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو، ته هو ته هڪ رسول هو ۽ هڪ فرمان هو، جيڪو الله مريم ڏانهن موڪليو هو ۽ هڪڙو روح هو الله وٽان، جنهن مريم جي ڳڀيرڻ ۾ ٻار جي شڪل ورتي هئي، تنهنڪري توهان الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ ائين نه چئو ته ٽي آهن، مــُـڙي وڃو اهو توهان لاءِ ئي چڱو آهي. فقط الله ئي ته اڪيلو معبود آهي، هو ان ڳالهه کان پاڪ آهي ته ڪو سندس اولاد هجي. آسمانن ۽ زمين جون سموريون شيون سندس ملڪيت آهن ۽ سندن هر گهرج جي پورائي لاءِ هو ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اهلِ ڪتاب! حد کان نه لنگهو پنهنجي دين ۾ ۽ نه چئو ڪابه اهڙي ڳالهه الله جي لاءِ حق کان سواءِ، بيشڪ مسيح عيسيٰ پٽ مريم رسول هو الله جو ۽ هڪ فرمان هو جيڪو الله مريم ڏي موڪليو ۽ هڪ روح هو الله جي طرفان (ان مريم جي ڳڀيرڻ ۾ ٻار جي شڪل ورتي) پوءِ الله ۽ رسول تي ايمان آڻيو، ائين نه چئو ٽي آهن، مُڙي وڃو ته اهو توهان لاءِ بهتر آهي، بيشڪ الله ته بس هڪڙو ئي خدا آهي، اهو ته پاڪ آهي ان کان ته ان جو ڪير پٽ هجي، ان جي لاءِ اهو سڀڪجهه آهي جيڪو آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ انهن جي سنڀال لاءِ بس اهو ئي ڪافي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اهل ڪتاب! پنھنجي دين ۾ حد کان اڳتي نه وڌو ۽ الله تعالى جي باري ۾ سچي ڳالهه ڪندا ڪريو. بيشڪ مسيح (ؑ) مريم جو پٽ، جيڪو الله تعالى جو رسول آهي ان جو (پاڪ) فرمان، جيڪو (براه راست) مريم ڏانھن ڳجهي طريقي سان نازل فرمايو ۽ اهو روح آهي، جيڪو الله تعالى جي طرف کان آهي. (بس اکيون ٻوٽي) الله تعالى ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو (۽ اها بيھوده ڳالهه نه ڪريو ته) الله ٽي آهن، توهان لاءِ بھتر اهو ئي آهي ته ٽي چوڻ کان مڙي وڃو. بيشڪ الله تعالى ئي اڪيلو معبود آهي، اولاد هجڻ کان اها ذات پاڪ آهي، آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ ان جي ملڪيت آهي ۽ الله تعالى ئي سڀني شين جي معاملات کي درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَن يَستَنكِفَ المَسيحُ أَن يَكونَ عَبدًا لِلَّهِ وَلَا المَلٰئِكَةُ المُقَرَّبونَ وَمَن يَستَنكِف عَن عِبادَتِهِ وَيَستَكبِر فَسَيَحشُرُهُم إِلَيهِ جَميعًا (آيت : 172) |
عيسىٰ الله جي ٻانھي ھُجڻ کان بنھ عار نه ڪندو آھي ۽ نڪي مُقرّب مَلائِڪ، ۽ جيڪو سندس ٻانھپ کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو تن سڀني کي سگھوئي (الله) پاڻ وٽ گڏ ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مسيح هن ڳالهه کان عار نٿو ڪري ته کيس الله جو ٻانهو سمجهيو وڃي، نڪي مقرب ملائڪ اهڙو عار ٿا ڪن ۽ جيڪو خدا جي ٻانهپ کان عار ڪري ۽ تڪبر ڪري ٿو (سو ويندو ڪاڏي، اهو وقت پري ناهي جڏهن) خدا سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي حضور ۾ گڏ ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هرگز نٿو عيب سمجھي (حضرت) عيسيٰ جو اهو الله جو ٻانهو هجي ۽ ملائڪ مقرب به الله تعالى جي ٻانهن ٿيڻ ۾ عيب نٿا سمجھن ۽ جيڪو ماڻهو الله جي عبادت کي عيب سمجھي ٿو ۽ وڏائي ڪري ٿو پوءِ جلدي انهن سڀني کي (قيامت ۾) گڏ ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه ته مسيح ئي خدا جو عبد هجڻ بابت ڪڏهين به عار سمجهي سگهي ٿو ۽ نه (خدا جا) مقرب فرشته. پڻ (ياد رهي ته) جو شخص سندس بندي هجڻ کان عار رکندو ۽ وڏائي ڪندو ته جلد ئي خدا کين پاڻ ڏي سڏائيندو (۽ هر هڪ کي سندس ڪم جي جزا يا سزا ڏيندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه حياءُ ڪندو مسيح هن ڳالهه کان جو هجي ٻانهو الله جي لاءِ ۽ نه ملائڪ مقرب ۽ جيڪو حياءُ ڪندو ان جي عبادت کان هٺ ڪندو پوءِ جلد اٿاريندو انهن کي پاڻ ڏانهن مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نڪي عيسيٰ ۽ نڪي ويجها ملائڪ الله جي ٻانهي هجڻ کان عار ڪندا. ۽ جيڪي سندس ٻانهپ کان عار ڪندا ۽ وڏائي ڪندا، تن سڀني کي الله پاڻ وٽ گڏ ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مسيح (عيسى) کي هرگز عار نه آهي ته اُهو الله جو بندو هجي ۽ نه ئي مقرب فرشتن کي (الله جي بندگي کان عار آهي.) ۽ جيڪو سندس بندگي کان عار ڪندو ۽ وڏائي ڪندو ته پوءِ جلد (الله) انهن سڀني کي پاڻ وٽ گڏ ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله جي ٻانهي هجڻ ۾، عيسٰى نه ڪري ڪو عار، ۽ نه ڪي مَلڪ مقرب، جي دائم منجھ دربار، ۽ جو بُرِي ڀانئسِ بندگي، ۽ تڪبر ڪري تڪرار، پوءِ تن کي پنهنجي پار، ڪوٺي، ڪَٺي، ڪُل ڪندو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي مسيح کي الله جي بندي هجڻ کان عار آهي، نڪي مقرب ملائڪن کي ۽ جيڪو الله جي بندي هجڻ کان عار رکندو ۽ تڪبر ڪندو ته الله انهن سڀني کي پاڻ وٽ ڪٺو ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مسيح ته ڪڏهن به ان کي عار نه سمجهيو هو ته هو الله جو هڪڙو ٻانهو هجي ۽ نڪي ويجهي ۾ ويجها فرشتا ئي ان کي پنهنجي لاءِ ڪو عار ٿا سمجهن. جيڪڏهن ڪو الله جو ٻانهو هجڻ کي پاڻ لاءِ عار ٿو سمجهي ۽ وڏائي ٿو ڪري ته پوءِ ڄاڻ ٿو الله سڀني کي ميڙي آڻي پنهنجي آڏو حاضر ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مسيح ته انهيءَ ڳالهه کي ڪڏهن به عار نه سمجهيو ته هُو بندو هجي الله جو، ۽ نه ئي ويجها ملائڪ پنهنجي لاءِ عار سمجهن ٿا، ۽ جيڪڏهن ڪو عار سمجهي ٿو الله جي بندگي کي پنهنجي لاءِ، ۽ تڪبر ٿو ڪري ته هڪ وقت ايندو جڏهن الله سڀني کي پنهنجي آڏو حاضر ڪندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) عيسى (ؑ) ۽ وڏا ملائڪ الله تعالى جا ٻانها هجڻ ۾ ڪڏهن به عار محسوس نٿا ڪن، پر جيڪڏهن ڪير الله تعالى جي بندگيءَ کان لڄ ۽ وڏائي محسوس ڪندو، ته هڪ وقت اهڙو ايندو جو هو انهن سڀني کي پاڻ وٽ گڏ ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَيَزيدُهُم مِن فَضلِهِ وَأَمَّا الَّذينَ استَنكَفوا وَاستَكبَروا فَيُعَذِّبُهُم عَذابًا أَليمًا وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 173) |
پوءِ جن ايمان آندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪيا آھن تن کي سندن اجر پُورو ڏيندو ۽ (بلڪ) پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ ڏيندو، ۽ جن (ٻانھي ھجڻ کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي تن کي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ ڏينهن) ڇا ٿيندو جو جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هو سندن چڱن ڪمن جو پورو پورو بدلو به ڏيندو. ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان انهن کي وڌائي به ڏيندو. پر جن ماڻهن (خدا جي) بندگيءَ ڪي تنگ ۽ عار سمجهيو ۽ هٺ وڏائي ڪئي تن کي (ان ڏوهه جي عيوض ۾) اهڙو عذاب ڏيندو جو دردناڪ عذاب هوندو. ۽ هنن کي خدا کان سواءِ ڪوبه رفيق يا دوست نه لڀندو، نڪي ڪو مددگار لڀندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر پوءِ انهن ماڻهن جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، پوءِ انهن کي سندن پورو ثواب ملندو ۽ الله تعالى پنهنجي فضل سان انهن لاءِ ثواب زياده فرمائيندو، ۽ پر جن ماڻهن الله جي عبادت کان انڪار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي پوءِ الله تعالى انهن کي دردناڪ عذاب ڪندو، اهي الله تعالى کان سواءِ ڪوبه مددگار ۽ حمايتي نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو آهي ۽ چڱا (چڱا) ڪم ڪيا آهن ته انهن کي پورو (پورو) ثواب ڏيندو بلڪه پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان (ڪجھ اڃا به) وڌيڪ ئي ڏيندو. ۽ جي ماڻهو (سندس بندي هجڻ ۾) عار ٿا ڄاڻڻ ۽ وڏائي ٿا ڪن، انهن کي ته دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪندو. ۽ (وري مزي جي ڳالھ ته) اهي، خدا کانسواءِ نه پنهنجو سرپرست لهندا ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون سٺا ڪم پوءِ ڏيندو انهن کي ثواب انهن جا ۽ وڌائيندو انهن کي پنهنجي فضل سان ۽ پر جن حياءُ ڪيو ۽ وڏائي ڪيائون پوءِ عذاب ڪندو انهن کي عذاب دردناڪ ۽ نه لهندا پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن اجر پورا ڏيندو ۽ کين پنهنجي فضل مان زياده (به) ڏيندو. ۽ جن عار ڪيو ۽ وڏائي ڪئي، تن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ الله کانسواءِ نه ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار لهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪندا رهيا ته پوءِ انهن کي پورا پورا اجورا ڏيندو ۽ انهن کي (اڃا به) پنهنجي فضل سان وڌائيندو ۽ اُهي ماڻهو جن (الله جي بندگي کان) عار ڪيو ۽ وڏائي ڪيائون ته پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ اُهي الله کان سواءِ پنهنجي لاءِ نه ڪو دوست لهندا ۽ نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جن مڃيو، ۽ چڱاڪيون ڪم ڪار، پورا ڏيندن پاڪ ڌڻي، پنهنجا پورهيا پار، پڻ بخشيندنِ بسيار، ڀلو پنهنجي ڀال سان. ۽ جن بُري ڀانئي بندگي، ۽ پيا خودِئَ منجھ خراب، پوءِ ڏيندو اُنهن عذاب، سُورن وارو ساڙڪو. ۽ نه لهندا، اصل اُنهن لئي، پاڪ ڌڻي کان ڌار، ڪو اَجھو ۽ آڌار، آخر اُهکي ويل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، ته اهو کين سندن پورو بدلو ڏيندو ۽ انهن کي پنهنجي فضل سان وڌيڪ ڏيندو پر جن عار ڪيو ۽ تڪبر ڪيو، ته انهن کي دردناڪ عذاب ڏيندو ۽ اهي الله کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجو ولي ۽ مددگار نه لهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان وقت اهي ماڻهو جن ايمان آڻي نيڪ عمل ڪيا هوندا، پنهنجا پورا پورا اجر حاصل ڪندا ۽ الله پنهنجي فضل سان کين اڃان به ڪجهه وڌيڪ اجورو عطا ڪندو ۽ جن ماڻهن ٻانهو هجڻ کي عار سمجهيو ۽ وڏائي ڪيائون، انهن کي الله دردناڪ سزا ڏيندو ۽ الله کي ڇڏي جن کي به ڀرجهلو ۽ واهرو ٿا ڀانئين، تن مان اتي ڪوبه نه لهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهي پنهنجي لاءِ پورو پورو اجر ڏسندا ۽ الله پنهنجي فضل سان انهن کي وڌيڪ اجر عطا ڪندو، ۽ جن ماڻهن بندگي کي عار سمجهيو ۽ تڪبر ڪيو، تن کي الله دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ الله کان سواءِ هو ڀروسو ڪن ٿا جن ٻين جي سرپرستي تي، انهن مان هو اتي ڪنهن کي به نه لهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، تن کي الله تعالى مڪمل اجر عطا ڪندو ۽ پنھنجي طرفان اڃا به خاص مھرباني سان وڌائي ڏيندو، باقي رهيا اهي ماڻهو جن (الله تعالى جي بندگيءَ کي) عار سمجهيو ۽ تڪبرڪيو ته انهن کي هو تڪليف ڏيندڙ عذاب ڏيندو ۽ هو الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪو به دوست ۽ مددگار نه ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ قَد جاءَكُم بُرهٰنٌ مِن رَبِّكُم وَأَنزَلنا إِلَيكُم نورًا مُبينًا (آيت : 174) |
اي ماڻھؤ بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ پڪي سند آئي آھي ۽ اوھان ڏانھن چِٽو سوجھرو (قرآن) لاٿوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانو! توهان وٽ توهان جي پروردگار وٽان برهان (يعني دليل ۽ حجت) اچي ويئي آهي ۽ اسان اوهان ڏانهن چمڪندڙ روشني موڪلي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا، ۽ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! ان ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي ته توهان جي پالڻهار جي طرفان (دين جو) دليل اچي چڪو ۽ اسان اوهان ڏي هڪ چمڪندڙ نور نازل ڪري چڪا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! تحقيق آيو اوهان وٽ روشن دليل اوهان جي رب وٽان ۽ لاٿوسون اوهان ڏي چٽو نور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ جي طرفان هڪ سند آئي آهي ۽ اسان اوهان ڏي ظاهر نور (قرآن) لاٿو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان هڪ مضبوط دليل آيو آهي ۽ اسان اوهان ڏانهن چِٽو نور نازل ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيان اي انسان!، پنهنجي صاحب کان ثابتِي، ۽ ڪيون سون اوهان تي، ڪرم سان، نازل نورنشان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! اوهان وٽ پنهنجي پالڻهار وٽان روشن دليل اچي ويو آهي، ۽ اسان اوهان ڏانهن چمڪندڙ روشني موڪلي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ، توهان جي رب وٽان توهان ڏانهن چٽو دليل اچي ويو آهي ۽ اسان توهان ڏانهن اهڙي روشني موڪلي آهي، جيڪا توهان کي چٽيءَ طرح رستو ڏيکاريندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! توهان وٽ اچي ويو آهي روشن دليل توهان جي رب وٽان، ۽ اسان نازل ڪئي توهان ڏي چٽي روشني (صاف رستو ڏيکاريندي).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! بيشڪ اوهان وٽ توهان جي رب جي طرف کان واضح دليل اچي چڪو آهي ۽ توهان ڏي اسان اهڙي پڌري روشني نازل ڪئي آهي، جنھن ۾ توهان سڌو رستو حاصل ڪري سگهو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا بِاللَّهِ وَاعتَصَموا بِهِ فَسَيُدخِلُهُم فى رَحمَةٍ مِنهُ وَفَضلٍ وَيَهديهِم إِلَيهِ صِرٰطًا مُستَقيمًا (آيت : 175) |
پوءِ جن الله کي مڃيو ۽ کيس چنبڙي ورتو تن کي پنھنجي پاران ٻاجھ ۽ فضل ھيٺ سگھو داخل ڪندو ۽ پاڻ ڏانھن کين سڌو رستو ڏيکاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جن ماڻهن الله تي ايمان آندو ۽ ان جي سهاري کي مضبوط جهليو تن کي هو جلد پنهنجي رحمت جي ڇانو ۾ داخل ڪندو ۽ مٿن پنهنجو فضل ڪندو ۽ کين پاڻ تائين پهچڻ جي واٽ ڏيکاريندو (اها واٽ ڏيکاريندو) جا سڌي واٽ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر پوءِ جن ماڻهن الله تي ايمان آندو ۽ الله جي دين کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو پوءِ الله تعالى جلدي انهن کي پنهنجي رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏانهن سنئين رستي تي هلائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جن ماڻهن خدا تي ايمان آندو ۽ ان جي ئي لڙھ لڳا ته خدا به کين پنهنجي رحمت ۽ فضل (جي بي خزان باغ) ۾ پهچائيندو ۽ کين پنهنجي حضوري جو سڌو رستو ڏيکاري ڇڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جن ايمان آندو الله تي ۽ مضبوطيءَ سان ورتائون ان کي پوءِ سگهوئي داخل ڪندو انهن کي رحمت ۾ پاڻ وٽان ۽ ڀلائي ۾ ۽ ڏيکاريندو انهن کي پاڻ ڏانهن واٽ سڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جن الله تي ايمان آندو ۽ ان کي مضبوط جهليو، تن کي پنهنجي طرفان رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏي سڌو رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي ماڻهو جن الله تي ايمان آندو ۽ ان سان مضبوطي سان چنبڙي پيا ته پوءِ جلد (الله) انهن کي پنهنجي رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پنهنجي طرف سڌي واٽ ڏيکاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جن مالڪ مڃيو، ۽ ورتئون اُنهئ وٽ اَمانَ، پوءِ سگھو سندس ٻاجھ ۾، پڻ اندر سندس اِحسان، ڏيندنِ ماڳ مڪان، پڻ سَنئين سُهائيندنِ پاڻ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جن الله تي ايمان آندو ۽ ان کي مضبوط ورتو، انهن کي الله جلد ئي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو ۽ فضل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏانهن پهچڻ لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪي ماڻهو الله جي ڳالهه مڃيندا ۽ سندس پناهه وٺندا، تن کي الله پنهنجي رحمت ۽ فضل ۽ ڪرم ۾ جاءِ ڏيندو ۽ پاڻ ڏانهن اچڻ جو سڌو رستو کين وٺائي ڇڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا الله تي ۽ سندس پناهه ۾ ايندا، انهن کي الله پنهنجي رحمت ۾ وٺندو ۽ فضل و ڪرم ۾ وٺندو، ۽ رهنمائي ڪندو انهن جي پاڻ ڏي سڌي رستي سان اچڻ لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جن ماڻهن الله تعالى تي ايمان آندو ۽ ان تي مضبوط بيٺا، اهڙن ماڻهن کي هو پنھنجي طرفان رحمت ۽ فضل ۾ داخل ڪندو ۽ انهن کي پاڻ ڏانھن ايندڙ سڌو رستو ڏيکاريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَستَفتونَكَ قُلِ اللَّهُ يُفتيكُم فِى الكَلٰلَةِ إِنِ امرُؤٌا۟ هَلَكَ لَيسَ لَهُ وَلَدٌ وَلَهُ أُختٌ فَلَها نِصفُ ما تَرَكَ وَهُوَ يَرِثُها إِن لَم يَكُن لَها وَلَدٌ فَإِن كانَتَا اثنَتَينِ فَلَهُمَا الثُّلُثانِ مِمّا تَرَكَ وَإِن كانوا إِخوَةً رِجالًا وَنِساءً فَلِلذَّكَرِ مِثلُ حَظِّ الأُنثَيَينِ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم أَن تَضِلّوا وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 176) |
(اي پيغمبر جنھن کي اولاد ۽ ماءُ پيءُ نه ھجي تنھنجي ميراث بابت) توکان پڇن ٿا، چؤ ته الله ڪلاله (جي ميراث) بابت اوھان کي فتوىٰ ٿو ڏئي، جيڪڏھن (ڪو اھڙو) مڙس مري جنھنکي اولاد نه آھي ( ۽ نه ماءُ پيءُ) ۽ کيس ھڪ ڀيڻ آھي ته جيڪي ڇڏيائين تنھنجو اڌ اُن لاءِ آھي، ۽ (جيڪڏھن اھڙي زال مري وڃي ۽ ڀاءُ جيئرو اٿن ته) ڀاءُ سندس وارث آھي سو تڏھن جو کيس اولاد نه ھجي، پوءِ جيڪڏھن ٻه ڀينر ھجن ته جيڪي ڇڏيائين تنھن مان ٻنھي لاءِ ٻه ٽھايون آھن، ۽ جيڪڏھن (وارث) ڀينرون ۽ ڀائر ھجن ته مڙس (يعني ڀاءُ) لاءِ ٻن زالن (ڀينرن) جي حصّي جيترو آھي، الله اوھان لاءِ بيان ڪندو آھي ته متان (اوھين) گمراہ ٿيو، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان ڪلاله جي باري ۾ (يعني اهڙي ماڻهو جي ميراث جي باري ۾ جنهن کي نه پيءِ ماءِ هجي، نه اولاد) فتوي گهرن ٿا. کين چئو ته، الله تعاليٰ توهان کي ڪلاله جي باري ۾ (هيءُ) حڪم ڏئي ٿو. جيڪڏهن اهڙو (ڪلاله) مرد مري وڃي جنهن کي اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ۽ کيس هڪ ڀيڻ هجي ته جيڪي فوتي ڇڏي ويو آهي، تنهن جو اڌ ڀيڻ کي ملندو، پر جيڪڏهن (ڪلاله) عورت مري وڃي ۽ کيس اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ته هن جي سڀ مال جو وارث سندس ڀاءُ ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ٻه ڀينر هجن (يا ٻن کان وڌيڪ) ته انهن (3/2 يعني) ٽن حصن مان ٻه حصا ترڪي مان ملندا ۽ جيڪڏهن ڀائر به هجن ۽ ڀينر به ته، پوءِ هرهڪ ڀاءُ کي هرهڪ ڀيڻ کان ٻيڻو ملندو. الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ حڪم چٽا ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته گمراه نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان کان فتويٰ پڇن ٿا ڪلاله بابت، توهان فرمايو الله تعالى ڪلاله (جنهن ماڻهو کي پيءُ ماءُ ۽ اولاد نه هجي) متعلق فرمائي ٿو، جيڪڏهن اهو ماڻهو فوت ٿي ويو ۽ ان کي اولاد نه آهي ۽ ان کي ڀيڻ آهي پوءِ ڀيڻ لاءِ اڌ ملڪيت آهي جيڪا فوتي ڇڏي ۽ مرد ڀيڻ جو وارث ٿيندو جيڪڏهن ڀيڻ کي اولاد ناهي، پوءِ جيڪڏهن ٻه ڀيڻون هجن ملڪيت ۾ انهن جا (ٽن حصن مان) ٻه حصا آهن جيڪا ملڪيت ڇڏي ويو ۽ جيڪڏهن ڀاءُ ۽ ڀيڻ (وارث) هجن مرد به عورتون به (وارث) هجن پوءِ مرد جو حصو ٻن عورتن جي برابر آهي، الله بيان فرمائي ٿو ته متان توهان گمراه ٿيو ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تو کان فتوى ٿا پڇن، تون چوين ته ڪلاله (ڀاءُ ڀيڻ) جي باري ۾ خدا خود اوهان کي فتوا ٿو ڏي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي جنهن جو پٽ نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ ۽ سندن فقط هڪ ڀيڻ هجي ته ان جو حصو ترڪه مان اڌ ٿيندو (پر جي اها ڀيڻ مري وڃي ۽ ان جي (به) ڪا اولاد نه هجي (۽ نه ماءُ پيءُ) ته ان جو وارث پوءِ اهو ڀاءُ ٿيندو. پر جيڪڏهن ٻه ڀينرون (يا وڌيڪ) هجن ته مرد کي عورت جي حصي کان ٻيڻو ملندو. اوهان ماڻهن جي منجهي پوڻ جي خيال سان خدا پنهنجا احڪام کولي (کولي) بيان ٿو فرمائي. ۽ خدا ته هر ڳالھ کان واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فتوى پڇن ٿا توکان فرماءِ ته الله تعالى فتوى ڏئي ٿو ته اوهان کي بي اولاد جي باري ۾ جيڪڏهن ڪو مڙس مري وڃي جو ناهي ان جو اولاد ۽ ان جي ڀيڻ آهي پوءِ ان جي لاءِ اڌ آهي.ن مان جيڪو ڇڏيائين ۽ اهو وارث ٿيندو ان جو جيڪڏهن ناهي ان جو اولاد پوءِ جيڪڏهن آهن ٻه پوءِ انهن ٻنهي لاءِ ٻه ٽهايون آهن ان مان جو ڇڏيائين ۽ جيڪڏهن آهن ڀائر ڀينرون مرد ۽ عورتون پوءِ مرد لاءِ ٻن عورتن جي حصي برابر آهي بيان ڪري ٿو الله اوهان لاءِ متان ڀلجي وڃو ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول) توکان (ميراث جو) حڪم پڇن ٿا، (کين) چو ته الله اوهان کي ان جي باري ۾ ٻڌائي ٿو جنهن جو نه اولاد ۽ نه پيءُ هجي. جيڪڏهن اهڙو ماڻهو مري جنهن کي ڪو اولاد نه آهي ۽ ان کي هڪ ڀيڻ آهي ته جيڪي ڇڏيائين تنهن جو اڌ اُن لاءِ آهي ۽ هو به ڀيڻ جو وارث ٿيندو جيڪڏهن ڀيڻ کي ڪو اولاد نه هوندو. پوءِ جيڪڏهن ٻه (ڀينرون) هونديون ته جيڪي ڇڏيو اٿس تنهن مان ٻه ٽهايون انهن ٻنهين لاءِ آهن. ۽ جيڪڏهن (وارث) ڀائر ۽ ڀينرون هجن ته هڪ ڀاءُ لاءِ ٻن ڀينرن جي حصي جيترو آهي. الله اوهان لاءِ بيان ڪري ٿو ته متان اوهين گمراهه ٿيو ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) تو کان شرعي حڪم پڇن ٿا؟چؤ ته الله اوهان کي ڪلاله جي (ترڪي) جي باري ۾ فتوى ڏئي ٿو ته اگر ڪو مرد مري ويو جنهن کي ڪو اولاد نه آهي پر ان کي هڪ (سَڳِي يا پيئيتي) ڀيڻ آهي ته جيڪي ڇڏيائين ان جو اڌ ان (ڀيڻ) لاءِ آهي ۽ (ان جي ابتڙ ڀيڻ ڪلاله هجي ته ان جي مرڻ بعد ان جو سڳو يا پيئيتو) ڀاءُ ان جو (مڪمل) وارث ٿيندو. اگر ان کي ڪو اولاد نه آهي. پر جي (ڪلاله ڀاءُ جي موت تي) ٻه ڀيڻون (وارث) هجن ته انهن لاءِ ٻه ٽهايون آهن جيڪو ان ڇڏيو. ۽ جيڪڏهن (ڪلاله جا) چند ڀاءُ ڀيڻ مرد ۽ عورتون (وارث) آهن ته پوءِ هڪ مرد لاءِ ٻن عورتن جي حصي برابر ٿيندو. (هي حڪم) الله اوهان لاءِ کولي کولي بيان ڪيا آهن ته جيئن توهان گمراهه نه ٿيو. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي ڪن سوال، بي وارث جي ورثي سندو، چؤ، ته چوي تو پاڪ ڌڻي، جي ڪري وَر وِصال، اولاد ناهي اُن کي، ڀيڻس آهي بَحال، ته انهئ لئي اڌ مال، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان. ۽ اُهو اَڌ وارث اُن جو، جي ناهس ٻچو ٻار، جي هونديون ٻه ڀينرون، ته ٻه ٽهايون ته هار، جو ترڪ ڪيائين تنهن منجھان، جي هوندس ڀيڻون، ڀار، ته مقرر حصّو مرد لئي، ٻن ٻاين جو ٻيهار، خدا کولي ٿو اوهان لئي، ته متان وِرسو ڪنهن وار، صاحب ربّ، ستار، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکان حڪم پڇن ٿا. چئو الله اوهان کي ”ڪلالة“ بابت حڪم ڏئي ٿو، ته ”جيڪڏهن ڪو اهڙو مرد مري وڃي، جنهن کي ڪو به اولاد نه هجي (۽ نه پيءُ ماءُ، رڳو) ڀيڻ هجي، ته ان لاءِ ڇڏيل ملڪيت جو اڌ آهي ۽ ڀيڻ جي اولاد (مري وئي) هجي ته اهو (ڀاءُ) سندس وارث ٿيندو. جيڪڏهن اهي ٻه ڀينر هونديون ته انهن لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن، جيڪڏهن مرد زالون (ٻئي) هجن ته. مرد جو حصو ٻن زالن جي برابر ٿيندو. الله اوهان لاءِ پنهنجا حڪم پڌرا بيان ڪري ٿو ته اوهين گمراهه نه ٿيو. ۽ الله هر هڪ ڳالهه کان واقف آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ماڻهو توکان "ڪلاله" جي باري ۾ ٿا فتويٰ گهرن، چوين ته الله توهان کي فتويٰ ڏئي ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا اولاد جي مري وڃي ۽ سندس هڪ ڀيڻ هجي ته ان کي ميراث جو اڌ ملندو ۽ جيڪڏهن ڀيڻ بنا اولاد جي مري وڃي ته ڀاءُ سندس وارث ٿيندو. جيڪڏهن ميت جون وارث ٻه ڀينر هجن ته اهي ميراث مان ٻه ڀاڱي ٽي جون حقدار ٿينديون ۽ جيڪڏهن گهڻا ڀائر ۽ ڀينر هجن ته مرد جو حصو ٻن عورتن جي حصي جيترو ٿيندو. الله توهان لاءِ حڪم کولي کولي ٿو ٻڌائي ته جيئن توهان ڀٽڪندا نه وتو ۽ الله هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تو کان پڇن ٿا، چوينِ ته الله فتويٰ ڏئي ٿو ڪلاله جي باري ۾، جيڪڏهن ڪو مرد بي اولاد مري وڃي ۽ کيس هڪ ڀيڻ هجي ته ان کي ميراث مان اڌ ملندو، ۽ جيڪڏهن ڀيڻ بي اولاد مري وڃي ته ڀاءُ ان جو وارث ٿيندو. جيڪڏهن ميت جون وارث ٻه ڀيڻيون هجن ته اهي ميراث مان ٻه ٽهائي جون حقدار هونديون ۽ جيڪڏهن ڪيترا ئي ڀيڻ ڀائر هجن ته پوءِ عورتن جو هڪ ۽ مردن جا ٻه حصا هوندا. الله حڪم کولي چٽا بيان ڪيا توهان جي لاءِ جيئن ڀٽڪي نه وڃو، ۽ الله هر شيءِ جو علم رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) توهان کان هي ماڻهو ڪلالہ (يعني جنھن مرڻ واري جو نه ته ماءُ پيءُ هجي ۽ نه اولاد هجي) جي باري ۾ پڇن ٿا. تون کين چؤ ته الله تعالى ڪلالہ جي باري ۾ توهان کي حڪم ڪري ٿو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ ان جو ڪو به اولاد نه هجي، ان جي هڪ ڀيڻ هجي ته ان جي ڇڏيل پوري ملڪيت مان ان ڀيڻ کي اڌ حصو ملندو، پر جيڪڏهن ڀيڻ بي اولاد مري وڃي ته ان جو وارثُ سندس ڀاءُ ٿيندو. ها! جيڪڏهن ميت جي وارثن ۾ ٻه ڀينرون هجن، ته هو ٻئي ڪل ملڪيت مان ٻن ٽھاين جون حقدار آهن ۽ جيڪڏهن ان (ميت) جا گهڻا ڀائر ۽ گهڻيون ڀينرون هجن، ته عورتن مان هرهڪ کي هڪ حصو ۽ مردن مان هرهڪ کي ٻيڻو (يعني ٻه حصا) ڏنو ويندو، الله تعالى اهڙي طريقي سان اوهان جي لاءِ (هر ڳالهه کي) کولي بيان ڪري ٿو، ته جيئن توهان (وارثن جو حق ماري) گمراهه نه ٿيو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان خوب باخبر آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |