توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
تَنزيلُ الكِتٰبِ مِنَ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 1) |
(ھن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ غالب حِڪمت واري الله (جي طرف) کان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ڪتاب انهيءَ الله وٽان نازل ٿيو آهي جو هر ڪا قدرت رکي ٿو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هيءُ) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هن) ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ان خدا جي بارگاھ مان آهي جو (سڀ تي) غالب حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪتاب لاهڻ الله، عزت ۽ حڪمت واري جي طرفان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ زبردست (۽) حڪمت واري الله جي طرفان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرف کان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اُن الله کان، نازِل هِي ڪِتاب، جو بِلڪُل هَر ڪِنهن باب، سَٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءُ ڪتاب، الله غالب، ڏاهپ واري وٽان لٿل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ڪتاب (قرآن) جو نازل ٿيڻ الله زبردست ۽ داناءَ وٽان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو آهي الله زبردست داناءُ طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ زبردست ۽ حڪمت واري الله تعالى جي طرفان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ فَاعبُدِ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 2) |
بيشڪ اسان توڏانھن سچ سان ڪتاب نازل ڪيو ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت کي خالص ڪري خاص اُن جي عبادت ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) يقيناً اسان توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي (۽ منجهس سچيون حقيقتون آهن ۽ سندس حڪم مفيد آهن) سو پوري پوري سچائيءَ سان ۽ پوري پوري شوق سان سندس ٻانهپ ڪندو رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم حق سان نازل فرمايو پوءِ توهان خلوص سان الله تعالى جي عبادت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) بيشڪ اسان تو ڏي (بلڪل) حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي ته تون خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان لاٿو توڏانهن ڪتاب حق سان پوءِ عبادت ڪر الله جي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان تو ڏي حق سان ڪتاب نازل ڪيو پوءِ تون الله لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان تو ڏانهن (هي) ڪتاب حق سان نازل ڪيو پوءِ تون الله جي عبادت ڪر ان جي لاءِ دين کي خالص بنائيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توڏي اَسان اُتاريو، ڪامِل! حَق قُرآن، پوءِ پُوڄ پَروَر پاڪ کي، ڏِيندڙ اُنهِئَ کي ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توڏانهن سچو ڪتاب موڪليو آهي_ ان ڪري تون سچائي سان فقط الله لاءِ پنهنجي عبادت ڪندو رهه. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اهو ڪتاب (قرآن) اسان توڏانهن برحق نازل ڪيو آهي، سو تون الله جي ئي ٻانهپ ڪر، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ جو ئي ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي توتي هي ڪتاب حق سان، پوءِ عبادت ڪندو رهه الله جي خالص سندس دين جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان هن ڪتاب کي توڏانهن برحق نازل ڪيو آهي. تون دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان جي ئي عبادت ڪندو رهه. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا لِلَّهِ الدّينُ الخالِصُ وَالَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِهِ أَولِياءَ ما نَعبُدُهُم إِلّا لِيُقَرِّبونا إِلَى اللَّهِ زُلفىٰ إِنَّ اللَّهَ يَحكُمُ بَينَهُم فى ما هُم فيهِ يَختَلِفونَ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدى مَن هُوَ كٰذِبٌ كَفّارٌ (آيت : 3) |
خبردار ٿيءُ خالص عبادت الله ئي جي لاءِ آھي، ۽ جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ڪري ورتا، (سي چوندا آھن ته) انھن کي رڳو ھن لاءِ پوڄيندا آھيون ته اسان کي الله ڏانھن مرتبي ۾ ويجھو ڪن، جنھن ڳالھ بابت اُھي جھڳڙو ڪندا آھن تنھن بابت بيشڪ انھن جي وچ ۾ الله فيصلو ڪندو، بيشڪ الله اُنھي کي سڌو رستو نه ڏيکاريندو جيڪو ڪوڙو (۽) بي شُڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته، خاص ٻانهپ ۽ فرمانبرداري فقط الله جي ڪرڻ گهرجي. پر جيڪي ماڻهو الله کي ڇڏي ٻين کي پنهنجا اولياءَ يا محافظ ٿا سمجهن (سي دليل طور چوندا آهن ته) اسان فقط هن ڪري سندن بندگي ٿا ڪيون ته اهي اسان کي الله تعاليٰ جي ويجهي آڻيندا (پر اهو دليل بلڪل غلط آهي، ڇو ته الله تعاليٰ جي طاقت بي انت آهي هو سڀ ڪجهه پاڻ ٻڌي سگهي ٿو) يقيناً الله تعاليٰ انهن ماڻهن جي وچ ۾ سندن اختلافن بابت فيصلو ڪري ڇڏيندو. يقيناً الله تعاليٰ انهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ ڪونه ڏيکاريندو جيڪي ڪوڙا ۽ ناشڪر گذار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار! خالص عبادت فقط الله تعالى لاءِ آهي، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ ٻيا (بت) مددگار بنائين ٿا (ڪافر چون ٿا) اسين انهن بتن جي فقط ان لاءِ عبادت ڪريون ٿا ته اهي اسان کي الله تعالى ڏانهن ويجھو ڪن، بيشڪ الله تعالى انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو انهن ڳالهين بابت جن ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا، بيشڪ الله تعالى ان شخص کي هدايت نٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو ۽ الله جي نعمتن جو ناشڪر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار! عبادت ته خالص خدا جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) پنهنجو سرپرست ڪيو آهي (۽ چون ٿا ته) اسين ته انهن کي رڳو هن ڪري پوڄيون ٿا ته اهي خدا جي (بارگاھ ۾) اسان کي ويجهو ڪندا. بيشڪ جنهن ڳالھ بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو (قيامت جي ڏينهن) سندن وچ ۾ خدا فيصلو ڪندو. بيشڪ خدا ڪوڙي (۽) ناشڪري کي منزل مقصود تائين نه ٿو رسائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبردار الله جي لاءِ آهي دين خالص ۽ جن ٺاهيا ان کان سواءِ والي (چون ٿا ته) نه ٿا عبادت ڪيون انهن جي مگر تانته ويجهو ڪن اسان کي الله ڏانهن قرب ۾ بلاشڪ الله فيصلو ڪندو انهن ۾ ان متعلق جو اهي ان ۾ اختلاف ڪن ٿا بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري ان کي جيڪو ڪوڙو بي شڪر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار! الله لاءِ ئي خالص عبادت آهي. ۽ جن الله کانسواءِ ٻين کي مددگار ٺهرايو، (سي چون ٿا ته) اسين رڳو انهن جي هن لاءِ عبادت ڪريون ٿا ته اهي اسان جو درجو الله جي ويجهو ڪن.جنهن ڳالهه بابت اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا تنهن جو سندن وچ ۾ بيشڪ الله فيصلو ڪندو. بيشڪ الله ان کي هدايت نه ٿو ڪري جيڪو ڪوڙو (۽) بي شڪر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! الله لاءِ ئي خالص دين آهي. ۽ اهي ماڻهو جن الله کان سواءِ (بتن) کي دوست بنايو آهي.(چون ٿا ته) اسان انهن جي پوڄا صرف هن لاءِ ڪيون ٿا ته اُهي اسان کي الله جي حضور ۾ ويجهو ڪن. بيشڪ الله انهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندو جنهن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا. بيشڪ الله ان شخص کي هدايت نه ٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو، وڏو بي شڪر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏانَ رُڳو حَق رَبَّ جو، جِنهن ۾، ڪوڏيِ ٻي جِي ڪانه، ۽ جَن اَجَھا، اَوليا اُن ري، جوڙيا مَنجھ جھان، آکيون ته اَسِين نه پُوڄِيون، اُهي آستان، مگر ته اَسان کي مانَ!، اوڏو ڪَن اَللهُ ڏي. اُنهن وِچ اَلله پاڻهِين ڪَندو فيصلو، جِنهن وَسيلي تان پِيا وڙهن، هِڪ ٻِئي سان هَمراه، رَبُّ نه سُهائي راھ، ڪُوڙي ڪِنهن ڪُفار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد رک! عبادت فقط هڪ الله کي ئي ٿي جڳائي_ ۽ جن الله کان سواءِ ٻين کي دوست ڪري ورتو آهي، (سي چون ٿا ته) ” اسين انهن جي عبادت رڳو هن لاءِ ٿا ڪريون، ته هو اسان کي الله ڏانهن مرتبي ۾ ويجهو ڪن!“ بيشڪ جنهن ڳالهه بابت هو بحث ٿا ڪن، تنهن جو فيصلو الله سندن وچ ۾ ڪندو_ بيشڪ الله ڪوڙي بي شڪر کي سڌي رستي نه لڳائيندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خبردار! دين خالص الله جو ئي آهي، باقي جن ماڻهن پنهنجا مددگار الله کي ڇڏي ٻيا بڻايا آهن، (۽ سبب اهو ٿا ٻڌائن ته) اسان انهن جي عبادت رڳو ان لاءِ ٿا ڪريون ته اهي اسان کي الله جي ويجهو ڪن ته الله بيشڪ انهن جي وچ ۾ انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪري ڇڏيندو، جن بابت هو اختلاف ڪن ٿا. الله ڪنهن به اهڙي ماڻهوءَ کي هدايت نه ڏيندو آهي، جيڪو ڪوڙو ۽ حق جو منڪر هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خبردار! الله جو ئي دين خالص آهي، ۽ جن ماڻهن بنائي رکيا آهن (الله کان) سواءِ پنهنجا ٻيا سرپرست، ان لاءِ وضاحت هي ٿا ڪن ته اسان سندن عبادت ان لاءِ ٿا ڪريون ته اهي الله تائين اسان کي پهچائن، بيشڪ الله فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو، جن ۾ اهي ا ختلاف پيا ڪن، بيشڪ الله هدايت نٿو ڏئي اهڙي شخص کي جيڪو ڪوڙو ۽ حق جو منڪر هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! خالص دين الله تعالى جي لاءِ ئي آهي ۽ جن ماڻهن ان کان سواءِ ٻين کي مددگار ٺاهيو آهي (اُهي چون ٿا ته) اسان انهن جي رڳو ان ڪري عبادت ڪندا آهيون ته جيئن هو اسان کي مرتبي ۾ الله تعالى جي ويجهو ڪن. بيشڪ الله تعالى انهن جي وچ ۾ موجود سڀني اختلافن جو فيصلو ڪندو. بيشڪ الله تعالى ڪوڙي ۽ ناشڪري ماڻهوءَ کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو أَرادَ اللَّهُ أَن يَتَّخِذَ وَلَدًا لَاصطَفىٰ مِمّا يَخلُقُ ما يَشاءُ سُبحٰنَهُ هُوَ اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 4) |
جيڪڏھن الله (پاڻ لاءِ) اولاد وٺڻ گھري ھا ته جيڪي (سڀئي) بڻايو اٿس تنھن مان جيڪو وڻيس ھا سو چونڊي ھا پر اُن جي ذات پاڪ آھي، اُھو ته الله اڪيلو (۽) زبردست آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها تنهن کي چونڊي پنهنجو پٽ ڪري ها. پر هو ته پاڪ آهي (اهڙين ڳالهين مان) هو الله آهي، يگانو آهي ۽ غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى (بالفرض) پنهنجي لاءِ اولاد چاهي ها ته پنهنجي مخلوق مان جنهنکي چاهي ها انتخاب فرمائي ها، الله تعالى ان کان پاڪ آهي، اهو واحد القهار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن خدا ڪنهن کي (پنهنجو) پٽ ٺهرائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوقات مان جنهن کي چاهي ها ته چونڊي ها (پر) هو ته ان (ڳالھ) کان پاڪ ۽ پاڪيزه آهي. اهو ته اڪيلو وڏو زبردست الله آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ارادو ڪري ها الله هي جو وٺي اولاد ته چونڊي ها ان مان جو پيدا ڪري ٿو ان کي جو گهري ها ان جي پاڪائي آهي اهو ئي الله هڪ غالب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن الله ڪنهن کي پنهنجو اولاد ٺهرائڻ گهري ها ته جيڪي پاڻ پيدا ڪري پيو تنهن مان جنهن کي وڻيس ها پسند ڪري ها. اهو پاڪ آهي اهو ئي الله آهي اڪيلو (۽) زبردست. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن الله چاهي ها ته ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنائي ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي چاهي ها چونڊي ها، اهو پاڪ آهي. اهو الله آهي جيڪو اڪيلو آهي سڀني تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُٽ بَنائڻ پَنهنجو، جي گُھريو هُوند غفّار، ته تنهن مان ڌُڻي ڌوج کي، جيڪِي جوڙي ٿو جَبَّار، اولاد جي عيب کان، پاڪ پالڻهار، اُهو واحِدُ الْقَهَّارُ، اَلله جَلَّ جَلالہٗ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله اولاد وٺڻ گهري ها، ته جيڪر سندس خلق مان جنهن کي وڻيس انکي وٺي ها- پر هو پاڪ آهي، اهو الله اڪيلو، زبردست آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن الله ڪنهن کي پٽ بڻائڻ گهري ها ته پنهنجيءَ مخلوق مان جنهن کي وڻيس ها چونڊي وٺي ها، هو ته پاڪ آهي ان ڳالهه کان (جو ڪو پٽ هجيس)، اهو الله اڪيلو ۽ زبردست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي گُهري ها الله ڪنهن کي بنائڻ پٽ ته وٺي ها مخلوق مان چونڊي جنهن کي به وڻيس ها، پر اهو ته ان کان پاڪ آهي اهو الله اڪيلو آهي سڀني تي غالب(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن الله تعالى ڪنھن کي اولاد طور چونڊي ها ته هو ضرور پنھنجي مخلوق منجهان ئي جنھن کي چاهي ها تنھن کي اولاد جو درجو ڏئي ها. پر هو ته (انهن رشتن کان) پاڪ آهي. اِهو ئي الله آهي جيڪو اڪيلو ۽ سڀني تي غالب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ يُكَوِّرُ الَّيلَ عَلَى النَّهارِ وَيُكَوِّرُ النَّهارَ عَلَى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى أَلا هُوَ العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 5) |
آسمانن ۽ زمين کي (پوريءَ) رِٿ سان بڻايائين، رات کي ڏينھن تي لپيٽيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات تي لپيٽيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مُدّت تي ھلندو آھي، خبردار اُھو (ئي) غالب بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن زمين ۽ آسمانن کي موزون ۽ مناسب انداز ۾ ٺاهيو آهي ( ۽ مقصدن لاءِ ٺاهيو آهي، نه اجايو) هو رات کي ڏينهن تي ۽ ڏينهن کي رات تي لپيٽي ٿو ۽ هن سج ۽ چنڊ کي (پنهنجي قانون جي) تابع ڪري ڇڏيو آهي جو هرهڪ (ان قانون موجب) هڪ مقرر وقت تائين هلندو رهي ٿو (۽ هلندو رهندو) ياد رکو ته، هو وڏي طاقت وارو آهي ۽ وڏو بخشڻهار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا فرمايو، رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي مسخر (تابعدار) بنايو، سڀئي هڪ مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن، خبردار! اهو غالب بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ئي آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو. (جو) رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جو اهي سڀ پنهنجي (پنهنجي) مقرر وقت تي هلندا رهندا. خبردار اهو ئي غالب وڏو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين آسمان ۽ زمين حق سان ويڙهي ٿو رات کي ڏينهن تي ۽ ويڙهي ٿو ڏينهن کي رات تي ۽ مسخر ڪيائين سج ۽ چنڊ سڀ هلن پيا مقرر ڪيل مدي تائين خبردار! اهوئي غالب، بخشڻهار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو اٿس. رات کي ڏينهن ۾ لپيٽي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ لپيٽي ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس، هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. خبردار اهو ئي زبردست (۽) معاف ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمانن ۽ زمين کي صحيح تدبير سان پيدا ڪيائين، اُهو رات کي ڏينهن تي ويڙهي ٿو ۽ ڏينهن کي رات تي ويڙهي ٿو ۽ ان سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو آهي. جو هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. خبردار! اهو ئي غالب بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَللهُ اُڀ ڀُون جوڙيا، قائـِم بَرقرار، رات ۽ ڏِينهن ۾، رات ۾ ڏِينهن ڳنڊي ڏاتار، سائـِين سِج چَنڊ کي تابعِ ڪيو تڪرار، ڪِنهن مُقرّر مُدّت سِين چَلن سي چوڌار، ڏاڍو سو ڏاتار، سو مَرهڻ وارو مِهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رٿ سان خلقيو آهي- هو رات کي ڏينهن مٿان ٿو لپيٽي ۽ ڏينهن کي رات مٿان ٿو لپيٽي- ۽ سج ۽ چنڊ کي جڪڙي ڇڏيو اٿس، هرڪو هڪ ٺهرايل مدت تي ٿو هلي- ياد رکو! اهوئي غالب بخشڻهار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن آسمانن ۽ زمين کي حق مطابق پيدا ڪيو آهي، هو ئي ڏينهن تي رات کي ۽ رات کي ڏينهن تي ويڙهيندو ٿو وڃي، هن سج ۽ چنڊ کي اهڙيءَ طرح تابع ڪري ڇڏيو آهي، جو هرهڪ هڪڙي مقرر وقت تائين پيو ٿو هلندو رهي. خبردار! هو زبردست به آهي ته بخشڻهار به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن خلقيو آهي آسمانن ۽ زمين کي حق سان، اهو ئي ويڙهيندو آهي رات کي ڏينهن جي مٿان ۽ ويڙهيندو آهي ڏينهن کي مٿان رات جي، ۽ تابع ڪيو آهي سج ۽ چنڊ کي، جو هرڪو هڪ مقرر وقت تائين هلندو رهي ٿو، سمجهي ڇڏيو ته اهو زبردست ۽ بخشڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي. هو رات کي ڏينھن تي ويڙهي ٿو ۽ ڏينھن کي (وري) رات تي ويڙهي ٿو ۽ هن سج ۽ چنڊ کي هڪ نظام هيٺ قابو ڪري رکيو آهي. اهي سڀئي شيون هڪ مقرر وقت تائين گردش ڪري رهيون آهن. خبردار! اُهوئي زبردست ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَكُم مِن نَفسٍ وٰحِدَةٍ ثُمَّ جَعَلَ مِنها زَوجَها وَأَنزَلَ لَكُم مِنَ الأَنعٰمِ ثَمٰنِيَةَ أَزوٰجٍ يَخلُقُكُم فى بُطونِ أُمَّهٰتِكُم خَلقًا مِن بَعدِ خَلقٍ فى ظُلُمٰتٍ ثَلٰثٍ ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُصرَفونَ (آيت : 6) |
اوھان کي ھڪ جيءَ مان بڻايائين وري منجھانئس سندس زال کي پيدا ڪيائين ۽ ڍورن مان اَٺ قسم اوھان لاءِ لاٿائين، اوھان کي اوھان کي مائن جي پيٽن ۾ ھڪ (قسم جي) بڻاوت کانپوءِ ٻئي (قسم جي) بڻاوت ٽن اونداھين ۾ پيدا ڪندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي ئي (ساري) بادشاھي آھي، ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اوهان کي هڪ نفس مان پيدا ڪيو آهي (سعدي جي قول موجب سڀ انسان هڪ ئي جوهر مان پيدا ٿيل آهن) ۽ عورت کي به (مرد جي سنگت لاءِ) ساڳئي ئي جوهر مان پيدا ڪيو اٿس. ۽ اوهان جي لاءِ اٺن قسمن جا ڍڳا ڍور (نر ۽ مادا) جوڙن ۾ بنايا اٿس. هو اوهانکي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ بنائي ٿو ۽ (اتي) هڪ ٻئي پٺيان اونداهن ٽن پردن جي اندر ٿو ٺاهي. اهڙو (قدرت وارو) آهي الله اوهان جو پروردگار. سڀ بادشاهي سندس آهي. کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه معبود يا بادشاه ڪونهي. پوءِ توهان ڪيئن (حق کان) ڦري هٽي ويا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان (انسانن) کي (حضرت) آدم مان پيدا فرمايو، ان کان پوءِ ان مان سندس گھر واري پيدا ڪئي ۽ توهان لاءِ چؤپاين مان اَٺَ (8) قسم پيدا ڪيا، الله تعالى توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ مختلف ڪيفيتن کان پوءِ ٽِن اونداهين ۾ پيدا ڪيو، اهو توهان جو الله آهي جيڪو توهان جو خالق آهي ان جي بادشاهي آهي، ناهي ڪو معبود مگر اهو، پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦِرو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان اوهان سڀني کي هڪ شخص مان ئي پيدا ڪيو پوءِ ان (جي بچيل مٽيءَ) مان سندس زال (حوا) کي پيدا ڪيو ۽ ان اوهان لاءِ اٺن قسمن جا چوپايا (جانور) پيدا ڪيا. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ هڪ قسم جي پيدائش کان پوءِ ٻيءَ پيدائش (نطفو، ڄميل رت۽ لوٿڙي) سان ٽن اونداهين (پيٽ، رحم جي جهلي) ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو ئي خدا اوهان جو پالڻهار آهي، سندس ئي بادشاهي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦرندا وڃن ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين اوهان کي هڪ وجود مان ان کان پوءِ پيدا ڪيائين ان مان جوڙ ان جو ۽ پيدا ڪيائين اوهان جي لاءِ جانورن مان اَٺَ جوڙا پيدا ڪري ٿو اهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ هڪڙي خلقت ٻي خلقت کان بعد ٽن انڌيرن ۾ اهو الله اوهان جو رب آهي ان جي ئي بادشاهي آهي ناهي ڪو عبادت جو لائق مگر اهو پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃو ٿا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي هڪ ماڻهوءَ مان پيدا ڪيائين پوءِ ان مان ان جو جوڙو بنايائين ۽ اوهان لاءِ جانورن مان اٺ جوڙا (نر ۽ مادي) لاٿائين. اهو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽن ۾ (درجي بدرجي) هڪ طرح بنائڻ کانپوءِ ٻيءَ طرح ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي سندس ئي بادشاهي آهي ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي پوءِ ڪٿان ڦيريا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو پوءِ ان مان ان جو جوڙو بنايائين ۽ اوهان لاءِ جانورن مان اٺ جوڙا (نر ۽ مادي) لاٿائين. اهو توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ هڪ بناوٽ کان پوءِ ٻي بناوٽ تي خلقي ٿو ٽن اونداهين (جي پردن) ۾. اُهو الله آهي جيڪو توهان جو پالڻهار آهي ان جي بادشاهي آهي. ناهي ڪوئي معبود سواءِ ان جي پوءِ توهان ڪاڏي ڀٽڪايا وڃو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِڪ جِئَ مان، آن کي جوڙڻئـِين، سندسِ نال، ۽ اَٺ جوڙا وَرِي اوهان لئي، مالِڪ لاٿو مال، مَنجھ اورن اَنهنجي مائرِين، قدرت ساڻ ڪَمال، جوڙڻ، جوڙڻ پُٺيان، ٿو جوڙي جَلَّ جَلال، اَندر ٽِن اُونداهيين، جِنهنجي ڳُجِھي ناھي ڳالھ، اُهو اَلله، ڌَڻِي اَوهان جو، مُلڪ مِڙِئي جِنهن نال، تِنهن سوا سائـِينءَ ناھِ ڪو، سُڻندڙ سَڏ سُوال، ڪيڏانهن پوءِ ڪُلال! ڦيريا وَڃو فِريب سان (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن اوهان کي هڪ ئي نفس مان خلقيو، پوءِ ان ساڳي جنس منجهان سندس زال پيدا ڪيائين. ۽ اوهان لاءِ ڍورن مان اَٺ قسم لاٿائين، هو اوهان کي اوهان جي مائن جي پيٽ ۾ ٽن اونداهين جي وچ ۾ هڪڙيءَ بناوٽ کانپوءِ ٻيءَ بنا وٽ سان خلقي ٿو. اهو ئي آهي الله، اوهان جو ڌڻي، بادشاهي سموري ان جي آهي- ان کانسواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي_ پوءِ ڪيڏانهن پيا ڦيرائجو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ئي توهان کي هڪڙي ئي وجود مان پيدا ڪيو ۽ وري انهيءَ ئي ان منجهان سندس زال بڻائي ۽ انهيءَ ئي توهان لاءِ چوپائي مال مان اَٺ نــَـر ماد پيدا ڪيا. اهوئي توهان جي مائن جي پيٽن ۾ ٽن اونداهن پردن ۾ توهان کي هڪ کان پوءِ ٻي شڪل وٺائيندو وڃي ٿو. اهوئي الله (جيڪو ائين پيو ڪري) توهان جو رب آهي! بادشاهي انهيءَ جي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن ٿا ڦيرايا وڃو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن خلقيو آهي توهان کي هڪڙي ئي جان منجهان پوءِ اهو ئي آهي جنهن بڻايو ان جان منجهان ان جو جوڙو ۽ هن توهان جي لاءِ چوپائي مال مان اَٺ نر ۽ ماديون پيدا ڪيون، خلقي ٿو توهان کي پيٽن ۾ مائرن جي (درجي بدرجي) هڪ طرح بنائڻ کان پوءِ ٻيءَ طرح ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪري ٿو، اهو توهان جو الله ئي پاليندڙ توهان جو رب آهي، سندس بادشاهي آهي، ناهي عبادت جي لائق ان کان سواءِ، پوءِ ڪٿان کان توهان ڦيرايا پيا وڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن توهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو، پوءِ ان مان ئي ان جي گهر واري کي بنايو ۽ توهان جي لاءِ جانورن جا اَٺَ جوڙا (يعني نر ۽ مادي) پيدا ڪيا. هو توهان کي توهان جي مائرن جي پيٽ ۾ ٽن اونداهين جي وچ ۾ هڪڙي شڪل کان پوءِ ٻي شڪل ڏيندو رهي ٿو. اِهوئي ته الله تعالى آهي جيڪو توهان جو پالڻھار آهي. حڪمراني ان جي ئي آهي. ان کانسواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي پوءِ توهان کي ڪاڏي ڦيرايو وڃي ٿو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تَكفُروا فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنكُم وَلا يَرضىٰ لِعِبادِهِ الكُفرَ وَإِن تَشكُروا يَرضَهُ لَكُم وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم مَرجِعُكُم فَيُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 7) |
جيڪڏھن بي شُڪري ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان کان بي پرواھ آھي، ۽ پنھنجن ٻانھن جي بي شُڪريءَ کي پسند نه ڪندو آھي، ۽ جيڪڏھن شڪر ڪندؤ ته بيشڪ الله اوھان لاءِ اُن کي پسند ڪندو، ۽ ڪو بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، وري اوھان جو موٽڻ پنھنجي پالڻھار ڏانھن آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھئو تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندو، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳجھ) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان بي شڪر ٿي ڪفر جي واٽ ٿا وٺو ته الله تعاليٰ کي توهان جي ڪابه پرواهه ناهي. (پر هو اهڙو رحم وارو آهي جو) پنهنجي ٻانهن جو ڪفر (۽ تباهي) کيس بلڪل پسند ناهي. پر جيڪڏهن توهان شڪرگذار آهيو (۽ سندس قرآن جو قدر ڪري ان تي عمل ٿا ڪيو) ته هو اوهان کان راضي ۽ خوش ٿو ٿئي ۽ (ياد رکو ته، توهان جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ۽ بدعمل ڪندؤ ته توهان جي عذاب جو بار ٻيو ڪوبه نه کڻندو ڇو ته) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار کڻي نٿو سگهي. (۽ ياد رکو ته) توهان کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي. پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ئي عملن جي حقيقت ٻڌائيندو. يقيناً هو دلين ۾ لڪايل ڳالهيون به خوب ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان ناشڪري ڪندا پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان کان بي نياز آهي، ۽ الله تعالى پنهنجي ٻانهن جي ناشڪري کان راضي نٿو ٿئي ۽ جيڪڏهن توهان شڪرگذار ٿيندا ته الله تعالى توهان کان راضي ٿئي ٿو ۽ ڪوبه ڪنهنجو بار نٿو کڻي، ان کان پوءِ توهان کي توهان جي رب ڏانهن موٽڻو پوندو، پوءِ اهو توهان کي توهان جي عملن بابت ٻڌائيندو، بيشڪ اُهو دلين جا راز چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته (ياد رکو) خدا توهان کان بلڪل بي پرواھ آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نٿو ڪري. ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اهو ان کي اوهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ (قيامت جي ڏينهن) ڪو به ڪنهن جي (گناھ) جو بار (پاڻ تي) نه کڻندو. پوءِ اوهان کي پنهنجي پالڻهار ڏي موٽڻو آهي، (هن لاءِ) ته (دنيا ۾) اوهين جيڪي (چڱو يا برو ڪم) ڪندا هئا سو اوهان کي ٻڌائيندو. اهو ته پڪ دلين جي ڳجھ کان به چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ پوءِ بلاشڪ الله غني آهي اوهان کان ۽ نه ٿو پسند ڪري پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪفر ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته راضي ٿيندو ان کان اوهان جي لاءِ ۽ نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو تنهن کان پوءِ اوهان جي رب ڏانهن اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ خبر ڏيندو اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا هيئو بلاشڪ اهو ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن بي شڪري ڪندو ته الله اوهان کان بي پرواهه آهي. ۽ پنهنجن ٻانهن لاءِ بي شڪريءَ کي پسند نه ٿو ڪري ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندو ته اوهان لاءِ اُن کي پسند ڪندو ۽ ڪوبه (گناهه جو) بار کڻندڙ ٻي (جي گناهه) جو بار نه ٿو کڻي، وري اوهان جو موٽڻ پنهنجي پاليندڙ ڏي آهي پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندو. بيشڪ الله دلين جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر توهان ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ الله اوهان کان بي نياز آهي. ۽ اهو پنهنجي ٻانهن لاءِ بي شڪري کي پسند نه ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن توهان شڪر گذاري ڪندؤ ته ان کي توهان لاءِ پسند ڪري ٿو. ۽ ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو (گناهن جو) بار نه کڻندو. پوءِ توهان جو توهان جي پالڻهار ڏانهن موٽڻ آهي پوءِ اهو توهان کي انهن ڪمن کان خبروار ڪندو جيڪي توهان ڪندا هئا. بيشڪ اُهو سينن جي (لڪل) ڳالهين کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُڻ نه ڳائيندا جڪڏهن، ته آهي اِها ڳالھ، پوءِ اَلله پاڪ، اَوهان کان، بي پرواھ آهي بَحال، ۽ بي شُڪرِي سَندسِ بَندن لئي چڱِئ نه سَمجھي چال، ۽ جي ڀائـِينداڀال، ته ڀَلو اوهان لئي ڀاڻءِ سو. ۽ کَڻندڙ کڻندو ڪو نه ڪو، ٻئي جو ٻوجهو بار، پوءِ موٽَڻ اَوهان مِڙن جو، پنهنجي پَروَر پار، پوءِ کولي ڏِيندا خبرون، ڪريو جي ڪم ڪار، هرگز سو هوشيار، اَندر جي اَسرار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين ڪفر ڪندؤ ته، الله ته بيشڪ اوهان کان بيپرواهه آهي- پر هو پنهنجن ٻانهن جي ڪفر کي پسند نه ڪندو آهي- ۽ جيڪڏهن اوهين شڪر ڪندؤ ته ان کي اوهان لاءِ پسند ڪندو ۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي شخص جو بار نه کڻندو- پوءِ وري اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ ڏي موٽڻو آهي، پوءِ هو اوهان کي اوهان جي ڪمن جي سُڌ ڏيندو- بيشڪ اهو دلين جا حال ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن ڪفر ڪندؤ ته الله کي توهان جي ڪهڙي پرواهه آهي، باقي هو پنهنجن ٻانهن لاءِ ڪفر کي پسند نه ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن شڪر ڪندؤ ته ان ڳالهه کي توهان جي حق ۾ ڏاڍو پسند ٿو ڪري. ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو. پوءِ ته توهان سڀني کي پنهنجي رب ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي، تڏهن هو توهان کي ٻڌائيندو ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو. هو ته دلين جا حال به ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جي توهان بي شڪري ڪندؤ، ته بيشڪ الله بي نياز آهي توهان کان ۽ نٿو پسند ڪري پنهنجي ٻانهن لاءِ ناشڪري ۽ جي توهان شڪر ڪندؤ ته اهو هو پسند ڪري ٿو توهان جي لاءِ ۽ نه کڻندو ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار، آخرڪار ته توهان جي رب ڏي توهان کي موٽڻو ئي آهي، پوءِ هو ٻڌائيندو توهان کي ته توهان ڇا ڇا ڪري رهيا هئا، بيشڪ هو ڄاڻي ٿو دلين جا سڀ حال(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان ڪفر ڪندا ته بيشڪ الله تعالى توهان کان بي پرواهه آهي پر هو پنھنجي ٻانهن لاءِ ڪفر کي پسند نٿو ڪري ۽ جيڪڏهن توهان شڪر ڪندا ته هو ان شڪرگذاري کي توهان جي لاءِ پسند ڪندو آهي. ڪير به بار کڻڻ وارو ٻئي ڪنھن شخص جو بار نه کڻندو. توهان سڀني کي پنھنجي پالڻھار ڏانھن واپس موٽڻو آهي. پوءِ توهان جيڪو ڪجهه ڪيو هوندو، اهو سڀ توهان کي ٻڌائيندو. بيشڪ هو ته سينن جي رازن کان به واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعا رَبَّهُ مُنيبًا إِلَيهِ ثُمَّ إِذا خَوَّلَهُ نِعمَةً مِنهُ نَسِىَ ما كانَ يَدعوا إِلَيهِ مِن قَبلُ وَجَعَلَ لِلَّهِ أَندادًا لِيُضِلَّ عَن سَبيلِهِ قُل تَمَتَّع بِكُفرِكَ قَليلًا إِنَّكَ مِن أَصحٰبِ النّارِ (آيت : 8) |
۽ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪو ڏک پھچندو آھي (تڏھن) پنھنجي پالڻھار کي ڏانھس ورندڙ ٿي سڏيندو آھي وري جڏھن پاڻ وٽان کيس ڪا نعمت بخشيندو آھي (تڏھن) جنھن (مطلب) لاءِ اڳ سڏيندو ھو تنھنکي وساريندو آھي ۽ الله لاءِ شريڪ مقرّر ڪندو آھي ته سندس واٽ کان (ماڻھن کي) ڀُلائي، (اي پيغمبر) چؤ ته (اي ڪافر) پنھنجي ڪُفر (جي حالت) ۾ ٿورو (وقت) نفعو وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿي کيس پڪاري ٿو (يعني گناهه ڇڏي الله جي حڪمن تي هلي ٿو) پر پوءِ جڏهن الله تعاليٰ پاڻ وٽان کيس نعمت (۽ آسودگي) ڏئي ٿو تڏهن جنهن ڳالهه لاءِ اڳي پڪاريو هئائين سا ڳالهه وساري ڇڏي ٿو. (اي پيغمبر! تون اهڙي ماڻهوءَ کي) چؤ ته ٿورو وقت پنهنجي ڪفر جو فائدو ڀلي وٺ. (جلد ئي عذابن ۾ پوندين) يقيناً تون دوزخي ماڻهن منجهان آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انسان (ابوجهل) کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي رب کي عاجزيءَ سان پڪاري ٿو، ان کان پوءِ جڏهن الله تعالى ان کي پنهنجي طرفان نعمت عطا ڪري ٿو ته پوءِ انسان ان اڳئين پڪار کي وساري ڇڏي ٿو، ۽ (اهو انسان) الله تعالى جا شريڪ بنائي ٿو ان لاءِ ته سنئين راه تان گمراه ڪري، رسولِ عربي توهان فرمايو ٿورڙو وقت تون پنهنجي ڪفر مان فائدو حاصل ڪر، بيشڪ تون جهنمي آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهوءَ (جي حالت ته اها آهي جو) جڏهن ان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهنس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن خدا ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي راھ کان گمراھ ڪري (اي پيغمبر اهڙي ماڻهو کي) چئو ته پنهنجي ڪفر (جي حالت ۾) ٻه ٽي ڏينهن ٻيا مزا ڪري وٺو! (نيٺ) تون پڪ دوزخين مان ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهتي انسان کي ڪا تڪليف ته سڏي ٿو پنهنجي رب کي ورندڙ ٿي ان ڏانهن تنهن کان پوءِ جڏهن بخشيائين ان کي نعمت پاڻ وٽان ته وساريائين اهو جو سڏيو هيائين ان ڏانهن اڳ ۾ ۽ ڪيائين الله جي لاءِ شريڪ تانته گمراھ ڪري ان جي واٽ کان فرماءِ ته نفعو وٺ پنهنجي ڪفر سان ٿورو وقت بلاشڪ تون جهنم وارن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهس رجوع ڪندڙ ٿي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته جنهن (مطلب) لاءِ اڳي (الله کي) سڏيندو هو تنهن کي وساري ڇڏي ٿو ۽ ٻين کي الله جي برابر ڪري ٿو هن لاءِ ته (ماڻهن کي) الله جي رستي کان گمراهه ڪري. (اي پيمغبر! اهڙي ماڻهوءَ کي) چئو ته پنهنجي ڪفر سان ٿورو وقت مزا ڪري وٺ! بيشڪ تون دوزخين مان آهين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اهو پنهنجي پالڻهار ڏانهن رجوع ٿيندڙ بنجي ان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پاڻ وٽان ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته اهو ان (تڪليف) کي وساري ڇڏي ٿو جنهن لاءِ پهريائين دعا ڪندو هيو، ۽ الله جي واسطي (بتن کي)شريڪ بنائي ٿو، هن لاءِ ته (ٻين کي به) ان جي راهه تان ڀٽڪائي. چؤ تون ٿورا ڏينهن پنهنجي ڪفر مان مزا وٺ، بيشڪ تون دوزخين مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَس اَڃا ماڻهؤَ کي، جڏهين رَسيو ضَرر ضَرُور، ته دانهِين سَندسِ ڌَڻِئ کي، موٽندڙ ڏانهسِ مُور، وَرِي نوازيو نِعمت سان، جڏهن پاڻا پاڪ حُضور، ته جنهن کي ڪارُون اڳ ڪَئـِين وِساريو وَهلور ۽ هَئـِي وارِيندڙ حَق جِي، مُقرّر ڪَيا مَنظور، تان سَندسِ سَنئـِينءَ واٽ کان، ڦيري ساڻ فُتور، چَئو، ڪي ڏِينهن پَنهنجي ڪُفر جو، مَزو وَٽِ مَغرور! تون بيشڪ بي شُعور، آهِين ڀاتِيَن مَنجھان باھِ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچندي آهي، تڏهن سندس ڌڻيءَ ڏانهن موٽي ان کي سڏيندو آهي، وري جڏهن هو کيس پاڻ وٽان ڪا نعمت بخشيندو آهي، تڏهن ان کان اڳ جنهن لاءِ کيس سڏيو هئائين، سو وساريندو آهي ۽ الله لاءِ ٻيا ڀائيوار مقرر ڪندو آهي، ته سندس واٽ کان ڀلائي_ چئو ته پنهنجي انهي ڪفر ۾ ڪجهه فائدا وٺي رهه! تون بيشڪ دوزخي آهين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن انسان تي ڪا مصيبت ايندي آهي ته هو پنهنجي رب ڏانهن ئي منهن ڪري کيس پڪاريندو آهي، پر پوءِ جڏهن هو کيس پنهنجي نعمت سان نوازي ٿو ته هو اها مصيبت وساري ٿو ڇڏي، جنهن لاءِ کيس اڳ ۾ سڏيندو رهيو هو ۽ وري ٻين کي ٿو الله جو مــَـٽ بڻائي، تانته سندس راهه کان ٿيڙي. (اي نبي) چويس ته ٿورڙا ڏينهن پنهنجي ڪفر مان مزو وٺي ڏس، پوءِ ته پڪ تون دوزخ ۾ پوڻ وارو آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به ايندي آهي انسان تي مصيبت ته دعا گهرندو آهي پنهنجي رب ڏي رجوع ٿي کيس سڏيندو آهي، پوءِ جڏهن (سندس رب) کيس نوازيندو آهي نعمت سان ته اهو وساريندو آهي ان (مصيبت) کي جنهن لاءِ اهو پڪاري رهيو هو پهرين ۽ بڻائيندو آهي الله جي برابر مٽ ٻين کي، جيئن گمراهه ڪري سندس راهه کان، (اي نبي!) چؤ (ان کي) مزو وٺ پنهنجي ڪفر مان ٿورڙو وقت، بيشڪ تون ويندين دوزخ ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انسان جي مٿان جڏهن به ڪا تڪليف ايندي آهي ته هو رجوع ڪندي پنھنجي پالڻھار کان دُعا گهرندو آهي. پوءِ هو جڏهن کيس پنھنجي طرفان نعمت عطا ڪندو آهي ته ڪجهه وقت پھريان پنھنجي گهريل دعا کي وساري ويهندو آهي ۽ الله تعالى جي لاءِ شريڪ ٺاهيندو آهي ته جيئن هو ماڻهن کي ان جي رستي کان گمراهه ڪري ڇڏي. چؤ ته تون پنھنجي ڪفر جي بنياد تي مزا ڪري وٺ. بيشڪ تون باهه ۾ وڃڻ وارن مان آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمَّن هُوَ قٰنِتٌ ءاناءَ الَّيلِ ساجِدًا وَقائِمًا يَحذَرُ الءاخِرَةَ وَيَرجوا رَحمَةَ رَبِّهِ قُل هَل يَستَوِى الَّذينَ يَعلَمونَ وَالَّذينَ لا يَعلَمونَ إِنَّما يَتَذَكَّرُ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 9) |
ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيھي عبادت ڪندڙ آھي آخرت (جي عذاب) کان ڊڄندو آھي ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت جي اميد رکندو آھي (سو ڀَلو آھي يا اُھو بي شُڪر مُشرڪ؟)، (اي پيغمبر) چؤ ته سمجھ وارا ۽ بي سمجھ (پاڻ ۾) برابر ٿيندا ڇا؟ ڌيان وارا ئي نصيحت وٺندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻڌايو ته) جيڪو رات جي وقت سجدي ۽ قيام ۾ رهي شوق سان نماز پڙهي ٿو ۽ آخرت جو خيال ۽ انديشو ٿو رکي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جي اميد ٿو رکي (سو بهتر آهي يا اهو جيڪو انهن ڳالهين کان پري آهي) تون ماڻهن کان پڇ ته جيڪي ماڻهو حقيقتون ڄاڻن ٿا سي انهن جي برابر آهن ڇا جيڪي جاهل آهن. يقين ڄاڻو ته فقط اهي ئي نصيحت وٺن ٿا جيڪي سمجهه وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهو مؤمن جيڪو نمازي آهي (۽ اهو) رات جي وقت ۾ سجدو ۽ قيام ڪندڙ (نماز پڙهندڙ) آهي اهو آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ رب جي رحمت ۾ اميدوار آهي، رسولِ عربي توهان فرمايو، ڇا اهو صاحبِ علم ۽ اهو جاهل ماڻهو پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا (يقيناً نه)، فقط عقلمند ئي نصيحت وٺي سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شخص رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي ۽ آخرت کان ڊڄندو هجي ۽ پنهنجي پروردگار جي رحمت جو اميدوار هجي سو (بي شڪر ڪافر جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) اي رسول تون چوين ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾) رڳو عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جيڪو اهو عبادت ڪندڙ آهي رات جي وقتن ۾ سجدا ڪندڙ ۽ بيهندڙ ڊڄي ٿو آخرت کان ۽ اميد رکي ٿو پنهنجي رب جي رحمت ۾ فرماءِ ته ڇا برابر ٿين ٿا اهي جيڪي علم وارا آهن ۽ جيڪي علم نه ٿا رکن صرف عقل وارا نصيحت حاصل ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ڇا بي شڪر مشرڪ چڱو آهي) يا جيڪو رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي پاليندڙ جي رحمت جي اميد رکي ٿو؟ (اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نه ٿا ڄاڻن سي برابر ٿيندا ڇا؟ (انهن ڳالهين ۾ ) رڳو عقل وارا ئي ڌيان ڪن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا (اهو بي فرمان ڀلو آهي يا) اهو (فرمانبردار) جيڪو رات جي گهڙين ۾ سجدن ۽ قيام جي حالت ۾ عبادت ڪرڻ وارو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو، ۽ پنهنجي پالڻهار جي رحمت ۾ اميد رکي ٿو. چؤ ڇا جيڪي علم رکن ٿا ۽ جيڪي علم نه ٿا رکن سي پاڻ ۾ برابر ٿي سگهن ٿا؟ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي قبول ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀلا ، سو بَدڪار، اُن جھڙو وَرِي آھِ ڇا؟ جو گھاري گَھڙيون رات جون ، تَهِدل تابِعدار، ۽ نَمندڙنيڪ نماز ۾، پيرن ڀر پينار، ڏکن ڀَر ٻئي ڏيہ جي، وِجھلي ويرو تار، ۽ رکي آس اَپار، رَبَّ ۽ سَندسِ جي رَحم ۾. چَئو، مَٽ نه ٿِيَن مُورهِين، جي سائـِين سُڃاڻن، پڻ سَنديون قادِر قُدرتون، ڄَٽ نَه جي ڄاڻن، سوا سُڄاڻن، ٻِئا نَمن نَه نَصِحيت کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو رات جي وقتن ۾ سجدو ڪندڙ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ سندس ڌڻيءَ جي رحمت جي اميد رکي ٿو (اهو چڱو، يا شرڪ ڪندڙ؟) چئو ته ڇا سمجهه وارا ۽ بي سمجهه برابر ٿيندا؟ پر نصيحت فقط اهي وٺندا، جن کي ڪو ڌيان هوندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ڇا ان شخص جي هلت سٺي آهي يا انهيءَ ماڻهوءَ جي) جيڪو فرمانبردار آهي، رات جي ڪن پهرن ۾ سجدا به ٿو ڪري ته اڀو به بيٺو آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي رب جي رحمت جو اميدوار آهي؟ پڇين ته ڇا ڄاڻڻ وارا ۽ نه ڄاڻڻ وارا هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا؟ نصيحت ته اهي ئي پرائيندا آهن، جن کي عقل هوندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ڇا اهي شخص چڱا آهن يا) جيڪو تابعدار آهي فرمان جو رات جو ڪن پهرن ۾ سجدا ڪندو ۽ بيٺو رهي ٿو، ڊڄندو آهي آخرت کان ۽ اميد رکندو آهي رحمت پنهنجي رب جي ۾، انهن کان پڇ ڇا ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا اهي ماڻهو جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو نه ٿا ڄاڻن (ڪجهه به)؟ بيشڪ نصيحت ته عقل وارا ئي قبول ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جيڪو ماڻهو عبادت ڪندڙ آهي، رات جو سجدو ۽ قيام ڪندڙ آهي. هو آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنھنجي پالڻھار جي رحمت ۾ وڏي اميد رکي ٿو (سو ڀلو آهي يا اِهو ناشڪرو مشرڪ)؟ چؤ ته ڇا جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نٿا ڄاڻن سي برابر ٿي سگهن ٿا؟ بيشڪ نصيحت ته عقل وارا ماڻهو ئي وٺندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰعِبادِ الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقوا رَبَّكُم لِلَّذينَ أَحسَنوا فى هٰذِهِ الدُّنيا حَسَنَةٌ وَأَرضُ اللَّهِ وٰسِعَةٌ إِنَّما يُوَفَّى الصّٰبِرونَ أَجرَهُم بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 10) |
چؤ ته اي منھنجا مُؤمن ٻانھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، جن ھن دُنيا ۾ چڱائي ڪئي تن ئي لاءِ (آخرت ۾) چڱائي آھي، ۽ الله جو مُلڪ ويڪرو آھي، رڳو صابرن کي سندن بدلو اَڻ کُٽ ڏبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) چؤ ته، اي (خدا جا) مؤمن بندؤ پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو هن دنيا ۾ جيڪي به ماڻهو نيڪ عمل ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏي چڱائي ۽ اجر آهي. ۽ (ياد رکو ته) الله جي زمين ڪشادي آهي، (پنهنجي وطن ۾ چڱايون ڪري نٿا سگهو ته ٻئي پاسي هليا وڃو) جيڪي ماڻهو (حق تي ۽ نيڪ عملن تي) صبر سان ثابت قدم رهن ٿا تن کي يقيناً بي انداز اجر ۽ انعام ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته اي منهنجا مؤمن بندا، توهان پنهنجي رب کان ڊڄو، جن ماڻهن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي انهن لاءِ (آخرت ۾ به) نيڪي آهي، ۽ الله تعالى جي زمين (مدينه منوره) وسيع آهي، صبر ڪندڙن کي بي حساب اجر ڏنو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) فرمائي ته اي منهنجا ايماندار بندو پنهنجي پروردگار کان (ئي) ڊڄندا رهو (ڇو ته) جن ماڻهن هن دينا ۾ نيڪي ڪئي تن لاءِ ئي (آخرت ۾) چڱائي آهي. پڻ خدا جي زمين ته ڪشادي آهي. جتي عبادت نه ڪري سگهو اتان لڏي (وڃو) صبر ڪرڻ وارن کي ئي ته ان جو بي حساب ڀرپور عوض ڏنو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ اي منهنجا ٻانها! جن ايمان آندو آهي ڊڄو پنهنجي رب کان انهن لاءِ جن نيڪي ڪئي هن دنيا ۾ چڱائي آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي صرف پورو بدلو ڏنا ويندا صبر وارا پنهنجي اجر جو حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! منهنجي طرفان مسلمانن کي) چئو ته اي منهنجا ايمان وارؤ ٻانهو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو جن هن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي. صبر وارن کي بنا حساب جي ئي سندن پورو بدلو ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته اي منهنجا ايمان وارا ٻانهئو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهو. اهڙن ماڻهن لاءِ جن هن دنيا ۾ نيڪي ڪئي سهڻو بدلو آهي. ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي. بلاشڪ صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجر بنا حساب جي ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻول ته، ٻانهان مُنهنجا، جي آهِن وِسهيا وِير، ته رکو پَنهنجي ربَّ جو، سونڪومَنجھ سَرِير، جَنِين هِن جَھان ۾، عمل ڪيا اَڪسِير، چَڱِي تَن چڱن لئي ۽ جَنت جا جائگِير، آهي مُلڪ اَلله جو، ڪُشادو ڪَثِير، صَبر جَن جو سِير، ڏِبا اَکٽ اَجر اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اي منهنجا مؤمن بندؤ! اوهان پنهنجي ڌڻيءَ کان ڊڄو؛ جن هن دنيا ۾ چڱائي ڪئي انهن لاءِ چڱائي آهي ۽ الله جي زمين ڪشادي آهي- فقط صبر ڪندڙن کي ئي سندن بدلو بي حساب ڏبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چؤ ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن ايمان آندو آهي، پنهنجي رب کان ڊڄو. جن ماڻهن هن دنيا ۾ نيڪي اختيار ڪئي آهي، تن لاءِ ڀلائي آهي ۽ الله جي زمين ته ڏاڍي ڪشادي آهي. صبر ڪندڙن کي ته سندن اجر بنا حساب جي ئي ڏنو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ! اي منهنجا ٻانهؤ جن ايمان آندو، ڊڄو پنهنجي رب کان جن ماڻهن سٺي هلت اختيار ڪئي هن دنيا ۾، تن جي لاءِ ڀلائي آهي ۽ زمين الله جي ته ڪشادي آهي، بيشڪ صبر ڪرڻ وارن کي سندن اجر بنا ڪنهن حساب جي ڏنو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: اي منھنجا مؤمن ٻانهو! پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو. جن ماڻهن هن دنيا ۾ ڀلائي ڪئي ته (اڳتي به) انهن جي لاءِ ڀلائي آهي ۽ الله تعالى جي زمين ڪشادي آهي. بيشڪ صبر ڪرڻ وارن کي بغير حساب جي پورو بدلو ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنّى أُمِرتُ أَن أَعبُدَ اللَّهَ مُخلِصًا لَهُ الدّينَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته الله لاءِ (پنھنجي) عبادت خالص ڪري رڳو اُن جي عبادت ڪريان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، يقيناً مون کي حڪم ڏنو ويو آهي، ته مان وڏي شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ڪيان (۽ سندس حڪمن تي هلان.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو بيشڪ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون خالص الله جي عبادت ڪريان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) فرمائي ته: مون کي ته هي حڪم ڪيو ويو آهي ته خدا لاءِ عبادت کي خالص ڪري ان جي عبادت ڪريان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته بيشڪ مان امر ڪيو ويو آهيان ته عبادت ڪيان الله جي خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته الله لاءِ عبادت کي خالص ڪري اُن جي عبادت ڪريان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ الله جي عبادت ڪيان پنهنجي عبادت کي خالص الله لاءِ بنائيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مِليو مُون کي مُورهِين، فائـِق جو فَرمان، ته پُوڄان هِڪڙو پاڪ ڌَڻِي، ڏيِندڙ اُنهِئَ ڏان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته مون کي حڪم ٿيو آهي، ته آءُ پنهنجي عبادت کي فقط انهي لاءِ خاص ڪري سندس عبادت ڪريان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته پنهنجي دين کي خالص الله لاءِ ئي ڪري سندس ٻانهپ ڪريان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ ته بيشڪ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته الله جي بندگي ڪريان خالص ڪري ان جي دين جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته مون کي اِن ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ته مان دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري انجي ئي عبادت ڪريان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُمِرتُ لِأَن أَكونَ أَوَّلَ المُسلِمينَ (آيت : 12) |
۽ مون کي حُڪم ٿيو آھي ته (سڀ کان) پھريون حُڪم مڃيندڙ (آءٌ) آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان اول نمبر فرمانبردار ٿيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آئون سڀ کان پهريون حڪم تسليم ڪندڙ هجان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ مون کي هي (به) حڪم ڪيل آهي ته: آءُ سڀني کان پهريون مسلمان آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ امر ڪيو ويو آهيان تانته هجان مان پهريون حڪم مڃيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته پهريون فرمانبردار ٿيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀ کان پهريون فرمانبردار ٿيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ حُڪم مِلينمِ هَر آن، ته مُنڍ مَڃِيندڙن مان هُجان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ حڪم ٿيو اٿم ته پهرين مسلمان ٿيان_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مونکي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان اول مان پاڻ فرمانبردار بڻجان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مون کي ته اهو به حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀ کان پهرين آئون پاڻ مسلمان بڻجان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مون کي حڪم ٿيو آهي ته (هن وقت) مان ئي سڀ کان پھريائين مسلمان ٿيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنّى أَخافُ إِن عَصَيتُ رَبّى عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 13) |
چؤ ته جيڪڏھن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪريان ته بيشڪ آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ پڻ) چئو ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪيان ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خوف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو (بالفرض) مون پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته بيشڪ مون کي قيامت جي ڏينهن جو خوف آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پروردگار جي نافرماني ڪريان ته آءُ هڪ تمام سڏي (سخت) ڏينهن (قيامت) جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته بيشڪ مان ڊڄان ٿو جيڪڏهن بي فرماني ڪئي مون پنهنجي رب جي وڏي ڏينهن جي عذاب کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪريان ته آءُ وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پالڻهار جي بي فرماني ڪيان ته زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون ٿو ڊِڄان عذاب کان، وَڏِي اُهکِي وار، جي پَنهنجي پَروَر پاڪ جا، حُڪم ڀَڳمِ هيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن آءُ پنهنجي ڌڻيءَ جو حڪم نه مڃيان، ته آءُ وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌائينِ ته جيڪڏهن مون پنهنجي رب جي نافرماني ڪئي ته مون کي هڪڙي وڏي ڏينهن جي عذاب جو خطرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، جي آئون نافرماني ڪريان ته مون کي پنهنجي رب جي طرفان هڪ ڏينهن وڏي عذاب جو ڊپ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته جيڪڏهن آءٌ پنھنجي پالڻھار جي نافرماني ڪئي ته آءٌ وڏي ڏينھن جي عذاب کان ڊڄان ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلِ اللَّهَ أَعبُدُ مُخلِصًا لَهُ دينى (آيت : 14) |
چؤ ته پنھنجي عبادت الله لاءِ خالص ڪري فقط اُن جي عبادت ڪريان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) چئو ته، مان شوق ۽ اخلاص سان الله جي ٻانهپ ٿو ڪيان (۽ سندس سڀني حڪمن جي تعميل ٿو ڪيان.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو آئون خلوصِ دل سان الله تعالى جي عبادت ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي سندس لاءِ خالص ڪري خدا جي ئي بندگي ڪريان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته الله جي عبادت ڪيان ٿو خالص ڪندڙ ان جي لاءِ پنهنجو دين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته الله لاءِ ئي پنهنجي عبادت کي خالص ڪري اُن جي ئي عبادت ڪريان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ آءٌ صرف الله لاءِ عبادت ڪيان ٿو پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص بنائيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، ڏيئـِي ٻَن ٻِين کي، ٿو پُوڄان پالڻهار، ڏِيندڙ ڏان پَنهنجا، اُن کي نِج نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءُ پنهنجي عبادت کي خاص الله لاءِ ڪري، رڳو سندس ئي عبادت ڪريان ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چئي ڇڏينِ ته مان ته پنهنجي دين کي خالص الله لاءِ ئي ڪري سندس ئي ٻانهپ ڪندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چئي ڇڏ ته الله جي لاءِ بندگي ڪندس خالص ان جي لاءِ پنهنجي دين ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته آءٌپنھنجي دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري ان جي ئي عبادت ڪندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاعبُدوا ما شِئتُم مِن دونِهِ قُل إِنَّ الخٰسِرينَ الَّذينَ خَسِروا أَنفُسَهُم وَأَهليهِم يَومَ القِيٰمَةِ أَلا ذٰلِكَ هُوَ الخُسرانُ المُبينُ (آيت : 15) |
پوءِ الله کانسواءِ جنھن کي (اوھين) گھرو تنھن کي پوڄيو، (کين) چؤ ته بيشڪ ڇيئي وارا اُھي آھن جن گمراھ ٿيڻ سبب پاڻ کي ۽ پنھنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينھن ڇيئي ۾ وڌو، خبردار اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (اي منڪرؤ) الله کي ڇڏي جنهن جي وڻيوَ تنهن جي ٻانهپ ڪيو (نقصان توهان جو ئي ٿيندو) يقيناً وڏي نقصان هيٺ اهي ايندا جيڪي قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي خساري ۾ وجهندا. ٻڌي ڇڏيو ته، اهوئي ظاهر ظهور وڏي ۾ وڏو خسارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان عبادت ڪريو الله کانسواءِ جنهنجي توهان چاهيو. توهان فرمايو بيشڪ نقصان ڪندڙ اهي ماڻهو آهن جن پاڻ کي ۽ پنهنجي گھر وارن کي قيامت جي ڏينهن ٽوٽ ۾ وڌو، خبردار ! اهو ئي صاف نقصان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (باقي آهيو) اوهين سو ان کان سواءِ جنهن کي گهرو تنهن کي پوڄيو. (اي رسول کين) چئو ته در اصل نقصان وارا اهي آهن جن (گمراھ ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهروارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ عبادت ڪيو جنهن جي به گهرو ان کان سواءِ فرماءِ ته بيشڪ نقصان وارا اهي آهن جن نقصان ۾ وڌو پنهنجن سرن کي ۽ پنهنجن اهلن کي قيامت جي ڏينهن خبردار اهو ئي نقصان پڌرو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کانسواءِ جنهن کي وڻيوَ تنهن کي پوڄيو. (اي پيغمبر! کين) چئو ته بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن (گمراهه ٿيڻ ڪري) پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر وارن کي قيامت جي ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار! اهو ئي ظاهر نقصان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان ان (الله) کان سواءِ جنهن جي چاهيو پوڄا ڪيو. چؤ بيشڪ نقصان وارا اُهي آهن جن پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي گهر وارن کي قيامت واري ڏينهن نقصان ۾ وڌو. خبردار اهو ئي ته چِٽو پِٽو نقصان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَڻي سي پُوڄيو، دَرگاھون تِنهن ڌار، چَئو، ڏاڍي ڏِينهن قِيام جي، کُٽا سي خُوار، جَن جو کي وِڌا جِئ پَنهنجا، پڻ پَنهنجا ٻَچا ٻار، هوش رَکِج هوشيار! ظاهِر آهي زِيان اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اوهين ان کان سواءِ وڻيوَ تنهن کي پيا پوڄيو. چئو ته بيشڪ اهي شخص نقصان وارا آهن، جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجي عيال کي نقصان وڌو، خبردار! اهو ئي صفا نقصان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ان جي بدران جنهن جي وڻيوَ بندگي ڪندا رهو. چوين ته بيشڪ نقصان وارا ته اهي آهن، جن قيامت جي ڏينهن پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي به ٽوٽي ۾ وجهي ڇڏيو. چڱي طرح ٻڌي ڇڏيو ته اهوئي اٿوَ ظاهر ظهور نقصان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلي ڪنهن جي به توهان بندگي ڪريو جنهن جي وڻيوَ ان کي ڇڏي، چئين، بيشڪ اصلي نقصان ۾ اهي آهن جن خساري ۾ وڌو پاڻ کي ۽ پنهنجي اهل و عيال کي ڏينهن قيامت جي، ٻڌي ڇڏيو اهو ئي اصلي خسارو (ٽوٽو) آهي ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ان کان سواءِ جنھن جي وڻيوَ عبادت ڪندا رهو. چؤ ته حقيقي نقصان وارا ته اُهي ماڻهو آهن جن (گمراهه ٿيڻ سبب) پنھنجو پاڻ کي ۽ پنھنجي گهر ڀاتين کي قيامت واري ڏينھن نقصان ۾ وڌو ــ خبردار! اهوئي ته پڌرو نقصان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم مِن فَوقِهِم ظُلَلٌ مِنَ النّارِ وَمِن تَحتِهِم ظُلَلٌ ذٰلِكَ يُخَوِّفُ اللَّهُ بِهِ عِبادَهُ يٰعِبادِ فَاتَّقونِ (آيت : 16) |
سندن مٿان باھ جون ڇٽيون ۽ سندن ھيٺان به (اھڙا) وڇاڻا ھوندا، اِھو (عذاب) آھي جنھن کان الله پنھنجن ٻانھن کي ڊيڄاري ٿو، تنھنڪري اي منھنجا ٻانھؤ مون کان ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي لاءِ سندن مٿان به باهه جا تهه هوندا ۽ هيٺان به اهڙا تهه هوندا. الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي انهيءَ (عذاب) کان خوف ڏياري خبردار ڪري ٿو (ته متان گناهه ڪيو ۽ باهه ۾ سڙو) پوءِ اي منهنجا بندؤ منهنجي (نافرمانيءَ جي عيوض ۾ جيڪو مان عذاب ٿو ڏيان تنهن) کان ڊڄو (۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن (ڪافرن) لاءِ انهن جي مٿان ۽ انهن جي هيٺان باه جا طبقا هوندا، اها (دوزخ آهي) جنهن کان الله تعالى پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو، اي منهنجا ٻانها پوءِ توهان مون کان ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن لاءِ سندن مٿان باھ جا اوڇڻ ۽ سندن هيٺان (به اهڙا ئي) وڇاڻا هوندا. هي اهو عذاب آهي جنهن کان خدا پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي لاءِ سندن مٿان ڇٽيون آهن باھ مان ۽ انهن جي هيٺان ڇٽيون آهن اهو ڊيڄاري ٿو الله ان سان پنهنجن ٻانهن کي اي منهنجا ٻانها! پوءِ مون کان ڊڄو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ سندن مٿان باهه جا ڪڪر ۽ سندن هيٺان (به اهڙا) ڪڪر هوندا. ان (عذاب) سان الله پنهنجن ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. پوءِ اي منهنجا ٻانهو! مون کان ڊڄو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن لاءِ انهن جي مٿان باهه جون ڇَٽِيُون هونديون ۽ انهن جي هيٺان (به اهڙيون) ڇٽيون هونديون. هي اهو انجام آهي جنهن کان الله پنهنجي ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو. اي منهنجا ٻانها مون کان ئي ڊڄندا رهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن لئي ڄِڀيون اُنهن مَٿان، هيٺان بِه ڄِڀيون باھ، ڀَئو پَنهنجي بَندن کي، ٿو اُن جو ڏِئـِي اَلله، پوءِ ڊِڄو هميشاھ، مُنهنجا ٻانهان! مون ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن لاءِ سندن مٿان باهه جون ڇٽيون هونديون ۽ هيٺان پڻ اهڙا وڇاڻا، انهي عذاب کان الله سندس ٻانهن کي ڊيڄاري ٿو- اي منهنجا بندؤ! ان ڪري مون کان ڊڄو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن تي باهه جون ڇٽيون مٿان به ڇانئيل هونديون ته هيٺان به. اهائي اٿوَ اُها پڇاڙي، جنهن کان الله پنهنجن ٻانهن کي ڊڄاريندو رهي ٿو، تنهنڪري اي منهنجا ٻانهؤ! مون کان ڊڄو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن تي سندن مٿان کان ڇٽيون هونديون باهه جون ته سندن هيٺان کان هونديون، هي اهو ئي نتيجو آهي خوف ڏياري ٿو الله جنهن لاءِ پنهنجن بندن کي، سو اي منهنجا بندؤ، ڊڄو منهنجي غضب کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي مٿان باهه جا ڪڪر هوندا ۽ اهڙي طرح هيٺان به ساڳيا ڪڪر هوندا. اهڙي ئي عذاب کان ته الله تعالى پنھنجي ٻانهن کي ڊيڄاريندو آهي. اي منھنجا ٻانهؤ! (بس!) مون کان ئي ڊڄو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ اجتَنَبُوا الطّٰغوتَ أَن يَعبُدوها وَأَنابوا إِلَى اللَّهِ لَهُمُ البُشرىٰ فَبَشِّر عِبادِ (آيت : 17) |
۽ جن (ماڻھن) بتن جي پوڄا ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانھن وريا تن لاءِ خوشخبري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو برائين کان (يعني شيطان کان) پري رهن ٿا ۽ سندس چوڻ تي نٿا لڳن ۽ الله ڏي رجوع ڪن ٿا (۽ الله جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا) تن جي لاءِ (نعمتن ۽ انعامن جي) خوشخبري آهي. سو منهنجي (فرمانبردار) ٻانهن کي (اهڙي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا کان بچا ۽ الله ڏانهن وريا، انهن لاءِ بشارت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي بتن جي عبادت کان بچيا ۽ خدا ڏي رجوع ڪيائون تن لاءِ خوش خبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن پاسو ڪيو بتن کان ته عبادت ڪن انهن جي ۽ موٽيا الله ڏانهن انهن جي لاءِ بشارت آهي پوءِ بشارت ڏي منهنجن ٻانهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي شيطان جي عبادت کان بچيا ۽ الله ڏي رجوع ڪيائون، تن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ (اي پيغمبر !) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو بتن جي پوڄا کان بچيا ۽ الله جي طرف رجوع ڪيائون انهن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ منهنجي انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن گوشو ڪيو، گُمراھ کان، ته ڏِيـنِ اُنهِي کي ڏان، ۽ موٽيا ڏُونهن مَنان، تَن لئي مُبارڪون مَهند جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن شخصن ڪوڙن ڌڻين جي بندگيءَ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏي موٽيا، انهن لاءِ مبارڪ آهي_ پوءِ منهنجي انهن ٻانهن کي مبارڪ ڏي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن طاغوت جي ٻانهپ کان پاسو ڪيو ۽ الله ڏانهن رجوع ڪيائون، تن لاءِ خوشخبري آهي. پوءِ (اي نبي) تون خوشخبري ڏي منهنجن انهن ٻانهن کي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن پاڻ بچايو غير الله طاغوت کان ۽ ان جي عبادت ڪئي ۽ موٽيا الله ڏانهن، تن لاءِ خوشخبري آهي، پوءِ (اي نبي!) خوشخبري ڏي منهنجي انهن ٻانهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن الله تعالى جي باغين جي عبادت ڪرڻ کان پاڻ کي بچايو ۽ الله تعالى ڏي رجوع ڪيو ته انهن جي لاءِ خوشخبري آهي. سو تون منھنجي ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَستَمِعونَ القَولَ فَيَتَّبِعونَ أَحسَنَهُ أُولٰئِكَ الَّذينَ هَدىٰهُمُ اللَّهُ وَأُولٰئِكَ هُم أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 18) |
پوءِ (اي پيغمبر) منجھن اُنھن ٻانھن کي خوشخبري ڏي جيڪي ڳالھ ٻڌندا آھن. پوءِ اُن مان تمام چڱيءَ تي ھلندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن کي الله ھدايت ڪئي آھي ۽ اھي ئي ڌيان وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو (الله جو) ڪلام ٻڌن ٿا ۽ ان جي سهڻين ڳالهين ۽ حڪمن جي تعميل ڪن ٿا سي ئي آهن جن کي الله تعاليٰ سڌيءَ واٽ تي لڳايو آهي ۽ اهي ئي آهن جي هوش ۽ سمجهه وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن ماڻهن کي بشارت ڏيو جيڪي قرآن ڪريم ٻڌن ٿا پوءِ ان جي سهڻن حڪمن جي تابعداري ڪن ٿا، اِهي اُهي آهن جن کي الله تعالى هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي عقلمند آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ڳالھ کي دل سان ٻڌن ٿا ۽ وري ان مان تمام چڱي (ڳالھ) تي هلن ٿا. اهي اهي آهن جن کي خدا هدايت ڪئي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي ٻڌن ٿا فرمان پوءِ تابعداري ڪن ٿا ان مان وڌيڪ سهڻي جي اهي ئي آهن جو هدايت ڪئي انهن کي الله ۽ اهي ئي عقل وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي ڳالهه ٻڌن ٿا پوءِ ان مان تمام چڱيءَ تي هلن ٿا. اهي اُهي آهن جن کي الله هدايت ڪئي ۽ اُهي ئي عقل وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي ڳالهه (غور سان) ٻڌن ٿا پوءِ ان بهترين ڳالهه جي تابعداري ڪن ٿا. اهي ماڻهو آهن جن کي الله هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي سياڻا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَندمِ سَچن ٻانهن کي، کِيرون ڏي تون خان!، جي هَرڪِنهن ڌَرم، دِين جا، سُڻنِ باب بيان، پوءِ سَڀنيان سُهڻِئَ ڳالھ تي، هَلنِ هَر زمان، ۽ سُهاينِ سُبحان، ۽ اُهي اَڪابِر عقل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي ڳالهه کي ٻڌي پوءِ ان مان تمام سٺيءَ تي هلندا آهن_ (اهي) آهن، جن کي الله واٽ لڳايو آهي ۽ اهي ئي ڌيان وارا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڳالهه ڌيان ڏئي ٻڌندا آهن ۽ ان جي سهڻي ۾ سهڻي مطلب جي پيروي ڪندا آهن. اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي الله هدايت ڏني آهي ۽ اهي ئي عقل وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ٻڌن ٿا غور سان ڳالهه کي ۽ پيروي ڪندا آهن ان جي سٺي پهلو جي، هي ماڻهو اهي آهن جن کي هدايت بخشي آهي الله ۽ اهي ئي (ماڻهو حقيقت ۾) دانشمند آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي ماڻهو آهن جيڪي هر ڳالهه کي غور سان ٻڌندا آهن پوءِ انهن مان سٺي ڳالهه جي پيروي ڪندا آهن. هي اُهي ماڻهو آهن جن کي الله تعالى هدايت بخشي آهي ۽ اهي ئي عقل کان ڪم وٺندڙ ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن حَقَّ عَلَيهِ كَلِمَةُ العَذابِ أَفَأَنتَ تُنقِذُ مَن فِى النّارِ (آيت : 19) |
ڀلا جنھن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو (سو بچي سگھندو ڇا؟)، تون باھ ۾ پيل کي ڇڏائي سگھندين ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جنهن تي عذاب جو حڪم حق ۽ انصاف موجب صادر ٿئي (سو انهيءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو ڇا جو گناهن کان پري رهيو. هرگز نه!) پوءِ (اي پيغمبر!) تون انهيءَ کي ڇڏائيندين ڇا جو باهه ۾ پئجي چڪو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا جنهن ماڻهوءَ تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي (اهو ۽ نجات وارو پاڻ ۾ برابر ٿين ٿا، يقيناً نه) ڇا پوءِ توهان ان کي باه کان بچائي سگھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) ڀلا جنهن شخص تي عذاب جو وعدو پورو ٿئي ته ڇا تون ان کي ڇڏائي سگهندين جو باھ ۾ (پيل) هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اهو جو ثابت ٿيو ان تي حڪم عذاب جو ڇا پوءِ تون ڇڏائيندي ان کي جيڪو باھ ۾ هوندو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ڇا پوءِ جنهن تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي تنهن دوزخيءَ کي تون بچائي سگهندين ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ جنهن تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي. (سو بخشيل ماڻهن وانگر ٿي سگھي ٿو؟) ڇا پوءِ تون (ازخود) ان کي ڇڏائي سگهين ٿو جيڪو دوزخ ۾ آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اڳيون حُڪم عَذاب جو، پوءِ ثابِت ٿِيو جنهن سِر، تون ڪَڍندِين پوءِ ڪِنهن پر؟ هُو جو داخل دوزخ وِچ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جنهن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿيو، پوءِ تون باهه ۾ پيل کي ڇڏائي سگهندين ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڪير ٿو بچائي سگهي ان ماڻهوءَ کي، جنهن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي چڪو آهي. ڇا تون بچائي سگهندين ان کي جيڪو وڃي باهه ۾ پيو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ڪير بچائيندو ان شخص کي جنهن تي فيصلو لاڳو ٿيو هجي عذاب جو؟ ڇا تون ان کي بچائي سگهين ٿو جيڪو وڃي پيو هجي باهه ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جنھن ماڻهوءَ تي عذاب جو حڪم جاري ٿي چڪو هجي؟ پوءِ ڇا تون اهڙي دوزخي کي بچائي سگهندين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم غُرَفٌ مِن فَوقِها غُرَفٌ مَبنِيَّةٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ وَعدَ اللَّهِ لا يُخلِفُ اللَّهُ الميعادَ (آيت : 20) |
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آھن اُنھن جي مٿان (ٻيون) ماڙيون اڏيليون آھن انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، الله (اِھو) انجام ڪيو آھي، الله انجام نه ڦيرائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي نافرمانيءَ کان بچن ٿا تن جي لاءِ ماڙين مٿان ماڙيون بنايل آهن، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهو الله جو واعدو آهي. الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا، انهن لاءِ (بهشت ۾) ماڙين جي مٿان ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، الله تعالى پنهنجي ڪيل وعدي جي خلاف ورزي نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن، انهن جي هيٺان واھ وهن ٿا. خدا (اهو) وعدو ڪيو آهي خدا (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب کان انهن جي لاءِ ماڙيون آهن انهن جي مٿان ٻيون ماڙيون ٺهيل آهن وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون الله جو وعدو آهي نه ٿو مخالفت ڪري الله وعدي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن لاءِ ماڙيون آهن جن جي مٿان (ٻيون) اڏيل ماڙيون آهن انهن جي هيٺان واهه وهن ٿا.الله (اهو) وعدو ڪيو آهي. الله (پنهنجو) وعدو نه ٿو ڦيرائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر جيڪي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان ڊنا تن لاءِ (بهشت ۾) ماڙيون آهن جن جي مٿان بالا خانا بنايل آهن، انهن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن. هي الله جو وعدو آهي. الله وعده خلافي ڪو نه ڪندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر ڪَنبن ڀَرِ قَهَار، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، ماڙِيون اَڏِيل ماڙِين مَٿان، آهِن اُنهن هارِ، هَلن هيٺان جَن جي، واهيون ويرو تار، اِي قادِر جا قَرار، واحِد نه ڦيري واعدا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جيڪي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڊنا، تن لاءِ ماڙيون آهن، جن مٿان وري ٻيون ماڙيون اڏيل آهن، انهن جي هيٺان نهرون وهنديون آهن_ اهو الله انجام ڪيو آهي_ الله انجام نه ڦيرائيندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان ڊنا انهن لاءِ بلند ماڙيون آهن، منزل مٿان منزل اڏيل، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون. اهو الله جو وعدو آهي. الله پنهنجي وعدي جي خلاف نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته اهي ماڻهو جيڪي ڊڄندارهيا پنهنجي رب کان، تن جي لاءِ اوچيون ماڙيون آهن منزل مٿان منزل اڏيل، جن جي هيٺان کان وهنديون پيون نهرون، اهو وعدو آهي الله جو ۽ ابتڙ نه ڪندو آهي الله پنهنجي وعدي جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان ڊڄن ٿا ته انهن جي لاءِ ماڙين جي مٿان ماڙيون ٺهيل آهن.جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نهرون وهنديون. اِهوئي الله تعالى جو وعدو آهي ۽ الله تعالى (ڪڏهن به) وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَسَلَكَهُ يَنٰبيعَ فِى الأَرضِ ثُمَّ يُخرِجُ بِهِ زَرعًا مُختَلِفًا أَلوٰنُهُ ثُمَّ يَهيجُ فَتَرىٰهُ مُصفَرًّا ثُمَّ يَجعَلُهُ حُطٰمًا إِنَّ فى ذٰلِكَ لَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 21) |
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن کي زمين جي چشمن ۾ وھايائين وري اُن سان ڀاتين ڀاتين رنگ جي پوک ڄمائيندو آھي وري سُڪي ويندي آھي پوءِ اُن کي زرد ٿيل ڏسندو آھين وري اُن کي ذرا ذرا ڪندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون نٿو ڏسين (بيشڪ ڏسين ٿو) ته الله تعاليٰ آسمان مان پاڻي (يعني مينهن) نازل ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي زمين تي چشمن ۾ وهائي ٿو. پوءِ ان جي وسيلي مختلف رنگن جون پوکون ۽ اوڀڙ پيدا ڪري ٿو. پوءِ وري اُهي ڪومائجڻ لڳن ٿا ۽ توهان کي هيڊا پيلا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. پوءِ آخر الله تعاليٰ انهن کي سڪائي ڪک ڪري ٿو ڇڏي. بيشڪ انهيءَ ۾ هوش وارن ماڻهن لاءِ وڏي نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا تو (اي مخاطب) نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ ان مان زمين ۾ واهڙ وهائي ٿو ان کان پوءِ ان مان مختلف رنگن جون پوکون پيدا ڪري ٿو ان کان پوءِ ان کي سُڪائي ٿو پوءِ توکي اهي پوکون هيڊيون ڏسڻ ۾ اينديون آخر ۾ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ عقلمندن لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو هن (ڳالھ) تي غور نه ڪيو ته خدا ئي آسمان مان پاڻي وسايو پوءِ ان کي زمين ۾ چشما بنائي جاري ڪيائين وري ان سان جدا جدا رنگن (جي اناج) جي پوک پيدا ڪري ٿو وري اها (پچڻ کان پوءِ) سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي هيڊو ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت ۽ عبرت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ الله لاٿائين آسمان کان پاڻي پوءِ وهايائين ان کي چشما ڪري زمين ۾ تنهن کان پوءِ ڪڍي ٿو ان سان پوک مختلف هوندڙ ان جا رنگ ان کان پوءِ سڪي ٿي پوءِ ڏسندين ان کي زرد ٿيل ان کان پوءِ ڪري ٿو ان کي ذرا ذرا بيشڪ ان ۾ البته نصيحت آهي عقل وارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تون نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ ان کي زمين جي چشمن ۾ وهايائين وري ان سان جدا جدا رنگن جي پوک ڄمائي ٿو وري اها سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي هيڊو ٿيل ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ زمين ۾ ان جا چشما وهايائين پوءِ ان جي ذريعي پوکون ڄمايائين جن جا رنگ جدا جدا آهن پوءِ اها سڪي وڃي ٿي پوءِ تون ان کي (پچڻ بعد) ڦڪو ٿيل ڏسين ٿو وري ان کي ذرا ذرا ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ دانائن لاءِ وڏي نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي؟ ته ڏاتار، آب اُتاريو اُڀ ڪنان، پوءِ بارِي واهِيَسِ ڀُون مُنجھان پَلر پِيَن پار، وَرِي پوک اُپاڙئـِين اُن اسان، جنهن جا وَرَن وَرن ڌار، وَرِي وَٽجڻ سي لڳيون گونماٽيا گُلزار، پوءِ پَسِينسِ پيلي رنگ تي، ڪَڪَا وِيَّ وَلهار، پوءِ بِنَہ بنائـِين اُن کي، ڀور ڀُڪا بيڪار، اِنهِئَ ۾ اِظهار، سَبقَ سَٻوجھن واسطي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو نه ڏٺو آهي، ته الله آسمان کان پاڻي وسايو، پوءِ ان کي زمين جي چشمن ۾ وهايائين، وري ان سان قسمين قسمين رنگن جي پوک ڄمائي ٿو- وري ان کي پيلي ٿيندي ڏسندو آهين. وري ان کي ذرا ذرا ڪندو آهي- بيشڪ انهي ۾ انهن لاءِ نصيحت آهي، جي ڌيان ڪن ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ڏسين نٿو ته الله آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان کي چشمن ۽ دريائن جي شڪل ۾ وهائي ڇڏيائين. پوءِ ان پاڻيءَ وسيلي نرالن رنگن جون قسمين قسمين پوکون ڦـٽائي ٿو. پوءِ اهي پچي ســُـڪي وڃن ٿيون ته ڏسين ٿو ته پيليون ٿي ويل آهن. نيٺ الله بــُـهه بڻائي ڇڏينِ ٿو. بيشڪ ان ۾ نصيحت آهي عقل وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون ڏسين نٿو ته الله وسايو آهي آسمان مان پاڻي، پوءِ ان کي واهين، چشمن ۽ دريائن جي شڪل ۾ وهايو زمين ۾ پوءِ ان جي وسيلي اپائي ٿو هو جدا جدا قسمن جون پوکون جيڪي پچي سُڪي وڃن ٿيون ۽ توکي نظر اچن ٿيون پيليون پوءِ ان کي بُهه ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ سبق آهي (نصيحت آهي) عقل وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ زمين ۾ ان جا چشما وهايا پوءِ ان پاڻي جي ذريعي مختلف رنگن جا فصل پيدا ڪيا پوءِ هي فصل سُڪي وڃن ٿا ۽ تون انهن کي هيڊو (يعني ڦڪو) ڏسين ٿو پوءِ هو اُن کي صفا بُهه ڪري ڇڏيندو آهي. بيشڪ ان ۾عقل وارن لاءِ وڏي نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن شَرَحَ اللَّهُ صَدرَهُ لِلإِسلٰمِ فَهُوَ عَلىٰ نورٍ مِن رَبِّهِ فَوَيلٌ لِلقٰسِيَةِ قُلوبُهُم مِن ذِكرِ اللَّهِ أُولٰئِكَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 22) |
ڀلا جنھن جو سينو (دين) اسلام لاءِ الله کوليو آھي ۽ اُھو پنھنجي پالڻھار جي (نُور جي سوجھري) تي ھجي (سو سخت دل وارن ڪافرن جھڙو ٿيندو ڇا؟)، پوءِ اُنھن لاءِ ويل آھي جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان سخت (ٿيون) آھن، اِھي پڌريءَ گمراھي ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اُهو ماڻهو جنهن جي دل الله تعاليٰ اسلام لاءِ (يعني الله تعاليٰ جي پوري پوري فرمانبرداري ڪرڻ لاءِ) کولي ڪشادي ڪري ڇڏي آهي ۽ جو انهيءَ ڪري پنهنجي پروردگار جي (ڏنل) روشنيءَ ۾ (نيڪ عمليءَ جي راهه تي) هلندو رهي ٿو (سو انهيءَ وانگر آهي ڇا جنهن جي دل سخت آهي ۽ ٻوٽيل بند ڪيل آهي؟) پوءِ جن ماڻهن جون دليون الله تعاليٰ جي ذڪر کان (يعني الله تعاليٰ جي ڏنل حڪمن کان غفلت ڪرڻ سببان) سخت ٿي ويون آهن تن جي لاءِ ويل آهي (هو ضرور مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندا) اهي ئي آهن جيڪي کلي کلي گمراهيءَ ۾ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جنهن شخص جي سيني کي اسلام لاءِ ڪشادو ڪيو آهي پوءِ اهو پنهنجي رب جي طرفان نورانيت تي آهي، پوءِ ويل آهي انهن دلين لاءِ جيڪي الله جي ذڪر کان سخت آهن، اهي صاف گمراهي ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ جنهن جو سينو خدا اسلام (قبول ڪرڻ) لاءِ کوليو آهي ته اهو پنهنجي پالڻهار (جي هدايت) جي روشني تي (هلي) ٿو (سو گمراهن جي برابر ٿي سگهي ٿو؟) افسوس ته انهن تي آهي جن جون دليون خدا جي ياد کان (غافل ٿي) سخت ٿي پيون آهن. اهي ظاهر گمراهي ۾ (پيا) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اهو شخص جو کوليو الله ان جو سينو اسلام جي لاءِ پوءِ اهو نور تي آهي پنهنجي رب جي طرفان پوءِ ويل آهي انهن جي لاءِ جو ڪٽيل آهن قلب انهن جا الله جي ذڪر کان اهي کليل گمراهي ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ جنهن جو سينو الله اسلام لاءِ کوليو آهي پوءِ اهو اُن روشنيءَ ۾ آهي جا سندس پاليندڙ جي طرفان آهي (سو سخت دل واري جهڙو آهي ڇا؟) پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي جن جون دليون الله جي ياد کان سخت آهن، اهي ظاهر گمراهيءَ ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ الله جنهن جو سينو اسلام لاءِ کولي ڇڏيو آهي پوءِ اهو پنهنجي پالڻهار جي طرفان نور تي (فائز) آهي. (سو سخت دل ماڻهو وانگر ٿيندو ڇا؟) پوءِ انهن ماڻهن لاءِ بربادي آهي جن جون دليون الله جي ياد کان سخت آهن. اُهي ظاهر ظهور گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن جو اَندر اِسلام لئي، کوليو خَلقڻهار، پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئَ کان، سو نِرمل نيڪو ڪار، آھِ نِسوري نور مَٿي؛ پوءِ حيف تنين هارِ! ڪارا قلب جَن جا، سارڻ کان سَتار، اُهي آهِن گرِفتار، مُنهن ٻولِي مُنجھ ۾!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جنهن جو سينو الله اسلام لاءِ کوليو آهي، پوءِ سندس رب جي روشنيءَ مٿي آهي- (سو چڱو، يا اهو،) جن جون دليون الله جي ياد ڪرڻ کان ڏاڍيون ٿي ويون آهن، پوءِ انهن لاءِ خرابي آهي- اهي صفا گمراهيءَ ۾ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هاڻي جنهن جو سينو الله اسلام لاءِ کولي ڇڏيو آهي ۽ هو پنهنجي رب جي پار واري سوجهري ۾ هلي ٿو (ان شخص وانگر ٿي سگهي ٿو جنهن انهن ڳالهين مان ڪو سبق ئي نه پرايو آهي؟) پوءِ ته تباهي آهي انهن ماڻهن لاءِ، جن جون دليون الله جي نصيحت سببان ويتر سخت ٿي ويون آهن ۽ اهي پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو شخص جنهن جو کولي ڇڏيو آهي الله سينو اسلام لاءِ ۽ اهو هلي پيو هڪ روشنيءَ پنهنجي رب جي تي (اهو سخت دل آهي ڇا؟)، پوءِ تباهي آهي انهن ماڻهن لاءِ جن جون دليون الله جي نصيحت کان اڃا به سخت آهن اهڙا ئي ماڻهو چٽي گمراهيءَ ۾ پيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن شخص جو سينو الله تعالى اسلام جي لاءِ کولي ته اهو ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي روشني ۾ آهي (ڇا هي ماڻهو سخت دل ڪافرن جھڙو هوندو، هرگز نه!) پر اهڙن ماڻهن لاءِ وڏو ويل آهي جن جون دليون الله تعالى جي ياد کان سخت ٿي ويون آهن. بيشڪ هُو پڌري گمراهيءَ ۾ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ نَزَّلَ أَحسَنَ الحَديثِ كِتٰبًا مُتَشٰبِهًا مَثانِىَ تَقشَعِرُّ مِنهُ جُلودُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم ثُمَّ تَلينُ جُلودُهُم وَقُلوبُهُم إِلىٰ ذِكرِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُدَى اللَّهِ يَهدى بِهِ مَن يَشاءُ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 23) |
الله تمام چڱي ڳالھ (يعني) اھڙو ڪتاب نازل ڪيو جو ھڪ ٻئي جھڙا (سندس مضمون دُھرايل آھن اُن جي ٻڌڻ) کان اُنھن (ماڻھن) جون کَلون ڪانڊاربيون آھن جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن، وري سندين کَلون ۽ سندين دليون الله جي ياد ڪرڻ تي ڪنئريون ٿينديون آھن، اِھا الله جي ھدايت آھي جنھن کي گھري (تنھن کي) اُن سان واٽ ڏيکاري ٿو، ۽ جنھن کي الله گمراھ ڪري تنھن کي ڪو ھدايت ڪندڙ ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ڪتاب طور (يعني قرآن مجيد ۾) بهترين ڪلام نازل فرمايو آهي. جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ٺهڪي ڦهڪي اچن ٿيون ۽ بار بار (ٻين ٻين الفاظن ۽ مثالن سان) سمجهايون ويون آهن. ان (قرآن جي ٻڌڻ) وقت انهن ماڻهن جي لونءَ ئي ڪانڊارجي وڃي ٿي جيڪي پنهنجي پروردگار (جي ناراضپي کان ڊڄندڙ آهن. پوءِ انهن جون چمڙيون ۽ دليون الله تعاليٰ جي نصيحت ۽ پيغام (قبول ڪرڻ لاءِ) نرم ۽ مائل ٿي وڃن ٿيون. اها آهي الله جي هدايت جنهن سان جنهن کي وڻيس تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي. ۽ جنهن کي الله تعاليٰ (سندس ئي ضد ۽ انڪار سبب) گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى ئي سڀ کان سهڻو ڪلام نازل فرمايو (يعنى) اهو مقدس ڪتاب جيڪو پاڻ ۾ مِلي جُلي ٿو ۽ ان جي تلاوت ڪئي وڃي ٿي (ان جي پڙهڻ سان) مؤمنن جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا، ان کان پوءِ انهن جون کلون ۽ انهن جون دليون الله جي ذڪر ڏانهن مائل ٿين ٿيون، اها الله جي هدايت آهي جنهنکي چاهي اها هدايت عطا ڪري ٿو ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ ان لاءِ ڪو هادي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا نهايت سٺو ڪلام ڪتاب (قرآن) نازل فرمايو (جنهن جون ڳالهيون) هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ مقصد جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا. وري سندن بدن نرم ٿين ٿا ۽ سندن دليون خدا جي ياد ڏي خاطريءَ (دلجاءِ) سان متوجه ٿين ٿيون. هي خدا جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي ته ان کي (سڌي) راھ تي ڪو به آڻڻ وارو ڪونهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله نازل ڪئي تمام سهڻي ڳالھ ڪتاب هڪ ٻئي سان مشابھ ٿيندڙ ورائي آندل ڪانڊارجن ٿيون ان سببان کلون انهن جون جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي پالڻهار کان ان کان بعد نرم ٿين ٿيون کلون انهن جون ۽ دليون انهن جون الله جي ذڪر ڏانهن اها الله جي هدايت آهي هدايت ڪري ٿو ان سان جنهن کي گهري ۽ جنهن کي گمراھ ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله نهايت سٺو ڪلام ڪتاب نازل ڪيو جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي جهڙيون (۽ هڪ ڳالهه جي سمجهائڻ لاءِ بار بار) دهرايل آهن. ان جي ٻڌڻ سان انهن (ماڻهن) جي کلن (جا وار) ڪانڊارجن ٿا جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا وري سندن کلون ۽ سندن دليون الله جي ياد تي نرم ٿين ٿيون. هي (قرآن) الله جي هدايت آهي جنهن کي وڻيس تنهن کي ان سان هدايت ڪري ٿو ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪوبه هدايت ڪندڙ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله بهترين ڪلام نازل فرمايو آهي جيڪو اهڙو ڪتاب آهي جنهن جون ڳالهيون هڪ ٻئي سان ملندڙ بار بار دُهرايل آهن، جنهن (جي ٻڌڻ) سان انهن ماڻهن جي کلن جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا. وري انهن جون کلون ۽ انهن جون دليون الله جي ياد ۾ نرم ٿي پون ٿيون. اها الله جي هدايت آهي جنهن کي چاهي تنهن کي ان سان هدايت ڪري. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو ته پوءِ ان لاءِ ڪوبه هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله ليک اُتاريو، سَڀ کان سُهڻِي ڳالھ، ڳالهيون ڳهالين جِھڙيون، ٻِيهر ٻول چال، کَلون اُڌوئـِجن اُن سان، تن ڀَلن جون بحال، جي پَنهنجي پاڪ ڌَڻِئ جو، رکن خوف، خيال، سَندنِ چِت ۽ چَمڙيون، موٽِي ميڻ مِثال، نَرم ٿِيَنِ تِنهن نال، سارڻ لئي سُبحان جي. ڏَس سِڌو ڏاتار جو، آهي اِهو ئـِي، جنهن کي گُھري، جنهن سان، سَئين سُهائي سوئي، ۽ تنهن لئي نه سُونهون ڪوئـِي، جنهن کي وِرسائـِين واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله تمام سٺي ڳالهه موڪلي، يعني اهو ڪتاب، جنهن ۾ مضمون وري وري آهن- جنهن کان انهن شخصن جي کل ڪانڊارجي ٿي، جي سندن ڌڻيءَ کان ڊڄن ٿا- وري سندن کلون خواهه دليون الله جي يادگيريءَ لاءِ نرم ٿينديون آهن- اها الله جي هدايت آهي، جنهن تي جنهن کي وڻيس تنهن کي هلائي- ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري، ان لاءِ ٻيو ڪو به واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته ڀلي ۾ ڀلو ڪلام نازل ڪيو آهي. هڪ اهڙو ڪتاب، جنهن جي سڀني حصن ۾ هڪ ٻئي سان مطابقت آهي ۽ ان جون ڳالهيون ورائي ورائي چيل آهن. ان کي ٻڌي انهن ماڻهن جا لڱ ڪانڊارجي ٿا وڃن، جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄڻ وارا آهن ۽ پوءِ انهن جا جسم توڙي دليون نرم ٿي الله جي ذڪر ڏانهن مــُـڙي پون ٿيون. اها آهي الله جي هدايت، جنهن جي وسيلي هو جنهن کي چاهي سنئين دڳ ٿو لائي ۽ جنهن کي الله ئي هدايت نه ڪري، تنهن لاءِ ته پوءِ ڪو هدايت ڪرڻ وارو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله نازل ڪيو آهي بهترين ڪلام، هڪ اهڙو ڪتاب جنهن جا سڀئي حصا هڪ ٻئي سان مليل ۽ مضمون ورهايل، ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جا وار اُڀا ٿي وڃن ٿا جيڪي ڊڄڻ وارا آهن پنهنجي رب کان، پوءِ سندن جسم ۽ دليون نرم ٿي مائل ٿي وڃن ٿيون الله جي ذڪر ڏانهن، اها هدايت آهي الله جي، جنهن سان هو جنهن کي گهري سنئين راهه تي آڻي، پر جنهن کي گمراهه ڪري الله پوءِ ڪير به ان جو هادي نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ڪتاب جي صورت ۾ هي هڪ بھترين ڪلام نازل ڪيو آهي جيڪو (پڙهڻ ۾) صفا هڪ جھڙو آهي جنهن جا مضمون بار بار دهرايا وڃن ٿا. ان جي ٻڌڻ سان انهن ماڻهن جا لِڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا جيڪي پنھنجي پالڻھار جو خوف رکن ٿا. پوءِ انهن جا جسم ۽ دليون الله تعالى جي ذڪر لاءِ نرم ٿي وڃن ٿيون. اها ئي الله تعالى جي هدايت آهي. هو جنھن کي گهري ان جي ذريعي هدايت ڏيندو آهي ۽ جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري پوءِ ان کي سڌو رستو ڏيکارڻ وارو ڪير به نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن يَتَّقى بِوَجهِهِ سوءَ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَقيلَ لِلظّٰلِمينَ ذوقوا ما كُنتُم تَكسِبونَ (آيت : 24) |
ڀلا جيڪو قيامت جي ڏينھن پنھنجي مُنھن سان بڇڙي عذاب کي روڪي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟)، ۽ ظالمن کي چئبو ته جيڪي ڪندا ھيؤ (تنھنجي سزا) چڱو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهو ماڻهو جيڪو قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن تي سخت عذاب جهليندو (سو جنتي ماڻهن جهڙو آهي ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته بدعمل ڪرڻ سان توهان جيڪي ڪمايو تنهن جو نتيجو هاڻي چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو پنهنجي چهري تان قيامت جي ڏينهن وارو عذاب پري ڪري ٿو (اهو ڪافر ۽ مؤمن پاڻ ۾ ڪيئن برابر ٿيندا) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته توهان پنهنجي بداعماليءَ جو مزو چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا جو شخص قيامت جي ڏينهن پنهنجي منهن کي وڏي عذاب جي ڍال بنائيندو (سو ناجي جي برابر ٿيندو ڇا؟) ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته اوهين (دنيا ۾) جيڪي ڪجھ ڪندا هئا هاڻي تن جا مزا چکو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو بچاءُ ڪندو پنهنجي منهن سان سخت عذاب کان قيامت جي ڏينهن ۽ چيو ويندو ظالمن کي ته چکو اهو جيڪو ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي منهن سان قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان بچي ٿو (سو ڇٽل جي برابر ٿيندو ڇا؟). ۽ ظالمن کي چيو ويندو ته جيڪي ڪمائيندا هيو تنهن جو مزو چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُهو ماڻهو جيڪو قيامت واري ڏينهن بڇڙي عذاب کي پنهنجي چهري کان روڪيندو (يعني ان کي ڪا بچاءُ جي ڍال نه هوندي). ۽ اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ان بدعملين جو مزو چکو جيڪي توهان ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَلا سو بَدنام، ڄيري ۽ ڄِڀيِِءِ کان، مُنهن آڏو مَچ کي، ڏِيندو ڏِينهن قِيام، ۽ چِٽو چَئبو تن کي، آهن جي اَظلام، جي ڪَيَوَ ڪم ناڪام، تَن مُوجب مَزا ماڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو قيامت ڏينهن سندن منهن کي بڇڙي عذاب کان بچائڻ گهرندو، (سو ڪيئن بچندو؟) ظالمن لاءِ ته حڪم ٿيندو، ته ”جيڪي ڪندا هئا، تنهن جي سزا چکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا حال هوندو، ان شخص جو جيڪو قيامت جي ڏينهن سخت عذاب واري مار پيو پنهنجي منهن تي جهليندو؟ اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ته هاڻي چکو مزو انهيءَ ڪمائيءَ جو جيڪا ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ان شخص جي بري حال جو سندس منهن تي ڪهڙو اندازو ڪندين جيڪو عذاب جي سخت مار ڏينهن قيامت جي جهليندو؟ ۽ چيو ويندو اهڙن ظالمن کي ته چکو ان ڪمائيءَ جو مزو جيڪا توهان ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪير آهي جيڪو پنھنجي چهري کي قيامت جي ڏينھن بُري عذاب کان بچائي سگهي؟ (ڪير به نه) سو اهڙن ظالمن کي چيو ويندو ته جيڪو توهان ڪندا هئا ان جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَأَتىٰهُمُ العَذابُ مِن حَيثُ لا يَشعُرونَ (آيت : 25) |
جيڪي کانئن اڳ ھوا تن به ڪوڙ ڀانيو (ھو) پوءِ وٽن اُتان عذاب پھتو جتان ڄاڻندا ئي نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ۽ عبرت وٺو) هنن ماڻهن کان اڳي به گهڻن ئي ماڻهن (خدا جي حڪمن کي) ڪوڙو ٺهرايو. نتيجو ڪهڙو نڪتو جو اهڙي هنڌان ۽ اهڙيءَ طرح مٿن عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين پتو ئي ڪونه پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کان اڳين ماڻهن به تڪذيب ڪئي، پوءِ انهن تي ان جاءِ تان عذاب آيو جتان انهن کي ڌيان ۾ نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي کانئن اڳ هئا تن به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو ته انهن تي اهڙي طرح عذاب اچي ڪڙڪيو جو کين خبر نه پئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو ڀانيو انهن (به) جيڪي انهن کان اڳ هئا پوءِ آيو انهن وٽ عذاب اتاهين جو نه پيا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي کانئن اڳ هئا تن به (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو پوءِ مٿن اتان عذاب آيو جتان اهي خيال نه ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان اڳين به (نبين کي) ڪوڙو چيو هيو پوءِ انهن تي اتان عذاب آيو جتان انهن سوچيو به نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن کان اَ ڳــيَن، ڪَئـِين ڪيا ڪُوڙ فُتور، پوءِ آيُنِ عذاب اُتهِين، جِتان نه پِيَن پَرُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن کان اڳين به ڪوڙ ڀانيو هو، پوءِ وٽن اتان عذاب پهتو، جتان خبر ئي ڪانه هين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کانئن اڳ به ڪيئي ماڻهو ائين ڪوڙو سڏي چڪا آهن، پر پوءِ مٿن عذاب اتان آيو، جتي سندن خيال ئي نٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چيو ڪيترن ئي ماڻهن انهن کان اڳ ۾ اهڙيءَ طرح، پوءِ مٿن آيو عذاب اهڙي پاسي کان، جنهن ڏانهن وڃي نٿي سگهيو سندن خيال(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پھريان به جن ماڻهن ڪوڙو ڪيو، انهن جي مٿان اهڙي طرف کان عذاب آيو جو کين وهم ۽ گمان ۾ به نه هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَذاقَهُمُ اللَّهُ الخِزىَ فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا وَلَعَذابُ الءاخِرَةِ أَكبَرُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 26) |
پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواري چکائي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته) تمام وڏو آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته پاڻ کي عذاب کان بچائين ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله تعاليٰ هنن کي دنيا ۾ ئي خوار خراب ٿيڻ جو مزو چکايو. ۽ يقيناً آخرت جو عذاب ته ان کان گهڻو گهڻو وڏو ۽ سخت آهي. کين اها خبر هجي (ته ڪهڙو نه هنن لاءِ چڱو ٿئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (في الحال) الله تعالى انهن کي دنيا جي خواري وارو عذاب چکايو، ۽ يقيناً آخرت وارو عذاب تمام وڏو آهي ڪاش جيڪڏهن اهي ڄاڻن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا کين (هن) دنيا ۾ خواريءَ (جو مزو) چکايو ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته ان کان به) تمام وڏو آهي.جيڪڏهن (هيءَ ڳالھ) سمجهن ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چکائي انهن کي الله خواري حياتي دنيا واريءَ ۾ ۽ البته آخرت جو عذاب وڏو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ خواريءَ (جو مزو) چکايو ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب (ته ان کان) تمام وڏو آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کين دنيا جي زندگيءَ ۾ (ئي) خواريءَ (جو مزو) چکايو، ۽ پڪ سان آخرت جو عذاب تمام وڏو آهي. هائو جي ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ خُدا خوارئَ خُوب جو، مَزو چکايَنِ مُور، هِن حياتِئَ جي اَندر، جا پَل، پَهر جو پُور، اَڃا عذاب آخِرت زبر آھِ ضرور، ويهِي سي وَهلور، جيڪر جاچِينِ ڳالهيون!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کين دنيا جي حياتيءَ ۾ به خواري چکائي ۽ آخرت جوعذاب ته پڪ سان تمام وڏو آهي_ جي هو ڄاڻن ها، ته چڱو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ته الله کين دنيا جي زندگيءَ ۾ ئي خواريءَ جو مزو چکايو ۽ آخرت جو عذاب ته اڃان به سخت آهي، جيڪر ته اهي ڄاڻن ها! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ مزو چکايو انهن کي الله خواريءَ جو هن ئي حياتيءَ دنيا جي ۾ ۽ عذابِ آخرت ته وڌيڪ سخت آهي، افسوس اهي (ماڻهو) ڪا ڄاڻ رکن ها!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن کي ته الله تعالى دنيا ۾ خواري جو مزو چکايو ۽ آخرت جو عذاب ته ان کان به گهڻو آهي. ڪاش! هي ماڻهو ڄاڻن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ضَرَبنا لِلنّاسِ فى هٰذَا القُرءانِ مِن كُلِّ مَثَلٍ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 27) |
۽ بيشڪ ماڻھن لاءِ ھن قرآن ۾ ھر قسم جا مثال بيان ڪياسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان ماڻهن جي لاءِ هن قسم جا مثال ڏنا آهن ته من هو سمجهن ۽ نصيحت وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق اسان ماڻهن لاءِ هن قرآن ڪريم ۾ هر مثال بيان ڪيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق بيان ڪياسون ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ هر مثال تانته اهي نصيحت وٺن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن ڄاڻن ها. ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته مَنَ اهي ڌيان ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن (جي فهمائش) لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته جيئن اُهي نصيحت پرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪياسون هِن قرآن ۾، بِيشڪ خُوب بيان، ماڻهن لئي مِثال ڪَئـِين، ته مَت وَٺِن ڪامانَ!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا، ته من اهي نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ اسان هن قرآن ۾ ماڻهن لاءِ هر نموني جا مثال ڏنا آهن ته مــَـنَ ڪو هوش ڌارينِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏنا آهن مثال اسان ماڻهن جي لاءِ هن قرآن ۾ طرحين طرحين جا، ته مَن اهي هوش ۾ اچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان قرآن مجيد ۾ ماڻهن لاءِ هر قسم جا مثال بيان ڪيا آهن ته جيئن هو نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُرءانًا عَرَبِيًّا غَيرَ ذى عِوَجٍ لَعَلَّهُم يَتَّقونَ (آيت : 28) |
قرآن عربي (ٻوليءَ ۾) بي عيب (نازل ڪيوسون) ته مانَ اُھي ڊڄن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو قرآن عربي زبان ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڪانهي، (يعني سنئون سڌو ۽ صاف بيان ڏنل آهي) انهيءَ لاءِ ته من هو پرهيزگاري اختيار ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قرآن ڪريم عربي آهي جنهن ۾ ڪا ٽيڙائي ڪانهي ته من اهي ڊڄن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسان ته صاف ۽ سليس) هڪ عربي قرآن (نازل ڪيو) جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته جيئن اهي (سوچي سمجهي) خدا کان ڊڄن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قرآن عربي ناهي ڏنگائيءَ وارو تانته اهي ڊڄن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) عربي (زبان ۾ ) قرآن آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي ته مَنَ اهي پرهيزگار ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قرآن عربي زبان ۾ آهي جنهن ۾ ڪا ڏنگائي نه آهي جيئن اُهي تقوى اختيار ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ قرآن ڪَرِيم سو، عَربي ۾ آسان، فَرق نه مُنجھ فُرقان، مانَ بَچن سي باھِ کان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) قرآن عربيءَ ۾ بنا ڪنهن عيب جي موڪليوسون، ته من اهي ڊڄن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙو قرآن جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڪونهي ته مــَـن بڇڙي پڇاڙيءَ کان بچي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو قرآن جيڪو عربي زبان ۾ آهي، جنهن ۾ ڪابه ڏنگائي ڦڏائي ناهي، ته من اهي بري پڄاڻي کان بچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي قرآن عربي ٻولي ۾ آهي. جنهن ۾ ڪنھن به قسم جو ٽيڙ نه آهي ته جيئن ماڻهو پرهيزگاري اختيار ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا رَجُلًا فيهِ شُرَكاءُ مُتَشٰكِسونَ وَرَجُلًا سَلَمًا لِرَجُلٍ هَل يَستَوِيانِ مَثَلًا الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 29) |
الله مثال بيان ٿو ڪري ھڪ ٻانھو جنھن ۾ (گھڻا) بد مزاج (مالڪ) ڀائيوار آھن ۽ (ٻيو) ٻانھو خلاصو ھڪڙي ماڻھوءَ جي ملڪيت آھي مثال ۾ اھي ٻئي (ٻانھا) برابر ٿيندا ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي ئي جُڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هڪڙو مثال ٿو بيان ڪري. هڪڙو ماڻهو (غلام) آهي جنهن ۾ گهڻا ئي ڀائيوار آهن جيڪي پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندڙ آهن ۽ ٻيو هڪڙو غلام آهي جو فقط هڪڙي ماڻهوءَ جو تابعدار آهي. ٻنهي جي حالت برابر آهي ڇا؟ (هرگز نه) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي پر افسوس جو انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى ان ٻانهي جو مثال بيان فرمايو جنهن جا گھڻا ۽ هڪ ٻئي جا مخالف مالڪ هجن ۽ اهو ٻانهو جنهن جو فقط هڪ مالڪ هجي، ڇا اهي پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا، سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن، بلڪ انهن مان اڪثر لا علم آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا هڪ مثال بيان ڪري ٿو ته هڪ شخص (غلام) جنهن جا ڪيئي جهڳڙالو حصي دار آهن ۽ هڪ غلام جيڪو هڪ ماڻهو جي خالص (اڪيلو) ملڪيت آهي ته ڇا انهن ٻنهي (غلامن جي) حالت هڪجهڙي ٿي سگهي ٿي؟ (هرگز نه) سڀ ساراهون الله لاءِ ئي آهن پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايتري ڳالھ به) نه ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيان ڪيو الله مثال هڪ مرد آهي ان ۾ ڀائيوار آهن بڇڙي طبيعت وارا ۽ هڪ مرد جو نجو هڪ مرد جي لاءِ ڇا برابر ٿيندا مثال ۾ سڀ ساراھ الله جي لاءِ آهي بلڪ اڪثر انهن جا نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله هڪ غلام جو مثال بيان ڪري ٿو جنهن ۾ هڪ ٻئي جي مخالف شريڪ آهن ۽ ٻي غلام جو جيڪو هڪ مرد جي خالص ملڪيت آهي. ڇا انهن ٻنهين جي حالت هڪ جهڙي ٿي سگهي ٿي؟ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن پر انهن مان گهڻا (ايتري ڳالهه به) نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله هڪ مثال بيان فرمائي ٿو اهڙي (غلام) مرد جو جنهن جي مالڪ هجڻ ۾ ڪيئي بداخلاق ماڻهو شريڪ آهن (جي ان کي پنهنجي پنهنجي پاسي ڇڪن ٿا) ۽ (ٻيو) هڪ شخص آهي جو صرف هڪ ئي ماڻهو جو غلام آهي ڇا اهي ٻئي حالت جي لحاظ کان برابر ٿي سگهن ٿا (هرگز نه). سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اَوهان جي پيش ڪيو، هِڪ ماڻهؤَ جو مِثال، گھڻا گَڏيل جنهن ۾، خان به خُود خيال، هِڪڙو ٻانهون هِڪ جو، چَڱِي جنهن جِي چال، ڇا، اهي ٻنهين ٻانهن جو، هِڪ جھڙو حال؟ آهِنِ هِڪ اَلله جا، سَڀ ڀَلايون ڀَال بَلڪ برابر ڳالھ، اَنيڪ نه ڄاڻِن اُنهن مان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله مثال ٿو بيان ڪري؛ هڪڙو ٻانهو آهي، جنهن ۾ گهڻا بدمزاج مالڪ ڀائيوار آهن، ٻيو شخص خلاصو (فقط) هڪ شخص جو آهي- ڇا، اهي ٻئي ٻانها مثال ۾ برابر ٿيندا؟ هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي ٿي، بلڪ انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هڪڙو مثال ڏئي ٿو، هڪڙو شخص آهي، جنهن جي مالڪ هجڻ ۾ ڪيترائي ڦـڏئي ڀائيوار آهن، جيڪي کيس پنهنجي پنهنجي طرف ڇڪين ٿا ۽ ٻيو شخص سڄو سارو هڪڙي مالڪ جو ئي غلام آهي. ڇا انهن ٻنهي جي حالت هڪجهڙي آهي؟ الحمدلله، مگر گهڻا ماڻهو نادانيءَ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏئي ٿو الله مثال، هڪ شخص آهي جنهن جا ڪئين ڏنگي سڀاءُ جا مالڪ آهن، سڀ کيس پاڻ ڏي پيا ڇڪن ۽ ٻيو شخص سارو ئي هڪڙي مالڪ جو غلام آهي، ڇا اهي ٻئي ڀيٽڻ سان برابر ٿيندا؟ الحمدلله، پر ڪيترا ئي ماڻهو (اهڙا آهن) جيڪي نادانيءَ ۾ پيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى هڪ مثال بيان ڪري ٿو ته: هڪ ماڻهو غلام آهي پر ان جا گڏيل ڪيترائي بداخلاق (۽ ضدي) مالڪ آهن (۽ هر هڪ ان کان پنھنجي پنھنجي حساب سان ڪم وٺي ٿو) پر ٻيو ماڻهو آهي جيڪو هڪ ئي مالڪ جو غلام آهي (هاڻي ٻڌايو ته) ڇا هي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه بس!) سڀ تعريفون خاص الله تعالى جي لاءِ ئي آهن. پر گهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُم مَيِّتونَ (آيت : 30) |
(اي پيغمبر) بيشڪ تون (به) مرندين ۽ بيشڪ اُھي (به) مرندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) يقيناً تون هن دنيا مان نيٺ لاڏاڻو ڪندين ۽ يقيناً هي ماڻهو به موت جو مزو چکندا (وڏي زندگي اڳتي آهي جنهن ۾ تون نعمتون ماڻيندين ۽ نافرمان ماڻهو عذاب لوڙيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان وصال فرمائيندا ۽ بيشڪ اهي به مَرندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) بيشڪ تون (به) مرڻ وارو آهين ۽ اهي ماڻهو (به) پڪ مرڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ تون رحلت ڪندڙ آهين ۽ بلاشڪ اهي به وفات ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) بيشڪ تون (به) مرڻ وارو آهين ۽ بيشڪ اهي (به) مرڻ وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تو کي به موت (جو ذائقو) ايندو ۽ بيشڪ اُهي به مرڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل! تون پڻ مَرڻو، ۽ اُهي به مَرڻا مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي رسول! بيشڪ تون به وفات ڪندين ۽ اهي به مرندا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) توکي به مرڻو آهي ۽ انهن کي به مرڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) توکي به بيشڪ مرڻو آهي ۽ بيشڪ انهن کي به مرڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بيشڪ توهان به وفات ڪري ويندا ۽ بيشڪ هي ماڻهو به مرندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنَّكُم يَومَ القِيٰمَةِ عِندَ رَبِّكُم تَختَصِمونَ (آيت : 31) |
وري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن پنھنجي پالڻھار وٽ پاڻ ۾ جھڳڙو ڪندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اوهان سڀ (منڪر ماڻهو) قيامت جي ڏينهن پنهنجي پرودگار وٽ پنهنجا جهڳڙا پيش ڪندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ توهان پنهنجي رب وٽ قيامت جي ڏينهن هڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ بيشڪ اوهين قيامت جي ڏينهن پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ بلاشڪ اوهان قيامت جي ڏينهن پنهنجي رب وٽ جهيڙو ڪندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ اوهين قيامت جي ڏينهن پنهنجي پاليندڙ وٽ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ توهان قيامت واري ڏينهن پنهنجي پالڻهار جي حضور پاڻ ۾ جهڳڙو ڪندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مَحشر ماڳ ۾، وِڙهندا اَوهين ضرور، هِڪ ٻئي سان، مَنجھ حضور، پنهنجي پاڪ ڌڻئَ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري بيشڪ اوهين قيامت ڏينهن پنهنجي رب وٽ پاڻ ۾ بحث ڪندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري قيامت جي ڏينهن توهان سڀئي پنهنجي رب جي آڏو پنهنجو پنهنجو تڪرار پيش ڪندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ نيٺ بيشڪ توهان ڏينهن قيامت جي پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ پنهنجو مقدمو پيش ڪندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ بيشڪ توهان سڀ قيامت واري ڏينھن پنھنجي پالڻھار جي روبرو جهڳڙا پيش ڪندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن أَظلَمُ مِمَّن كَذَبَ عَلَى اللَّهِ وَكَذَّبَ بِالصِّدقِ إِذ جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 32) |
پوءِ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٺاھيو ۽ جڏھن سچو دين وٽس آيو (تڏھن) اُن کي ڪوڙ ڄاتائين، ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو انهيءَ شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو خدا تي ڪوڙ ٺاهي ٿو؟ ۽ جڏهن کيس حق جي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي تڏهن ان کي ٺڪرائي ٿو ڇڏي؟ ڇا جهنم ۾ اهڙن ڪافرن لاءِ جاءِ ئي ڪانهي؟ (جيڪي خدا تي ڪوڙ ٿا هڻن. بيشڪ آهي. پر هو اڃا به وڌيڪ سزا جا لائق آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگھي ٿو جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ ٺاهي، جڏهن ان وٽ سچ پهتو ته ان کي ان ڪوڙو سمجھو، ڇا ڪافرن لاءِ جهنم جو ٺڪاڻو ناهي (يقيناً آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ مڙهيو ۽ جڏهن وٽس سچي ڳالھ آئي ته ان کي ڪوڙو چيائين ته ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جنهن ڪوڙ هنيو الله تي ۽ ڪوڙو چيائين سچ کي جڏهن آيو ان وٽ ڇا ناهي جهنم ۾ جاء ڪافرن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ ڳالهايو ۽ جڏهن سچ وٽس آيو تڏهن ان کي ڪوڙو چيائين؟ ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي؟ جيڪو الله تي ڪوڙ ٻَڌي ۽ جڏهن سچائي ان جي سامهون اچي ته ان کي ڪوڙو چوي. ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪير وَڏو اُن ڪنان، ظالمِ مَنجھ ظُهور؟ جنهن اُٽلندو اَلله تي، ٻڌا ڪُوڙ فتوڙ، ۽ ڪُوڙ ڪوٺئـِين سَچ کي، جڏهن مِليَسِ سو مَذڪُور، جَھنّم مَنجھ ضرور، ڇا، ماڳ نه آهي مُنڪِريِن؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير چئبو، جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ جڏهن وٽس سچ آيو، تڏهن ان کي ڪوڙ سمجهيائين؟ ڇا، ڪافرن جو ٺڪاڻو جهنم ۾ ناهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان شخص کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو، جنهن الله تي ڪوڙ هنيو ۽ جڏهن سچ سامهون آيس ته ان کي ڪوڙ سڏيائين. ڇا اهڙن ڪافرن لاءِ جهنم ۾ جاءِ نه آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪير ان شخص کان وڏو ظالم هوندو جنهن ڪوڙ ٺاهيو الله تي ۽ ڪوڙو ڪيائين سچ کي جڏهن اهو وٽس آيو، ڇا ناهي جهنم (دوزخ) ۾ ڪو ٺڪاڻو اهڙن ڪافرن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان شخص کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي؟ جنھن الله تعالى تي ڪوڙ هنيو ۽ جڏهن وٽس سچائي پھتي ته ان کي ڪوڙو ڪيائين. ڇا اهڙن ڪافرن جي جاءِ جھنم نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى جاءَ بِالصِّدقِ وَصَدَّقَ بِهِ أُولٰئِكَ هُمُ المُتَّقونَ (آيت : 33) |
۽ جنھن سچو دين آندو ۽ (جنھن) کيس سَچو ڄاتو اِھي ئي پرھيزگار آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو حق جي تبليغ ڪن ٿا پنهنجي عملن سان (اهڙا عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪن ٿا) ان جي وسيلي ان جي سچائي ثابت ٿا ڪن سي ئي متقي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي سچ کڻي آيا ۽ ابو بڪر صديق (رضي الله عنه) ان جي تصديق ڪئي ۽ اهي ئي پرهيزگار آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ياد رکو! ته جنهن (رسول) سچي ڳالھ آندي ۽ جنهن ان جي تصديق ڪئي اهي ٻي شخص پرهيزگار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن آندو سچ ۽ سچو چيائين ان کي اهي ئي متقي آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن سچي ڳالهه آندي ۽ ان کي سچو چيائين سي ئي ته پرهيزگار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو جيڪو سچائي کڻي آيو ۽ اهو جنهن ان جي تصديق ڪئي اُهي ئي پرهيزگار آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن سَچي آندو سَچ کي، ۽ سَچ ڪوٺيَسِ جِنهن سَچار، آهِن پوتِي پاڪ سي؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن سچ آندو ۽ جن ان کي سچو سمجهيو، سي ئي نيڪ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن شخص سچ آندو ۽ جن ان کي سچ ڪري مڃيو، اهي ئي عذاب کان بچي وڃڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو شخص آيو سچائي کڻي ۽ جن سچو ڪري مڃيو ان کي، اهي ئي (عذاب کان بچڻ وارا) خوف رکندڙ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو سچي ڳالهه کڻي آيو پوءِ جنھن ماڻهوءَ ان کي سچو مڃيو ته اهڙا ئي ماڻهو پرهيزگار آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم ما يَشاءونَ عِندَ رَبِّهِم ذٰلِكَ جَزاءُ المُحسِنينَ (آيت : 34) |
جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ آھي، ڀلارن جو بدلو اِھو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي جيڪي به چاهيندا سو کين سندس پروردگار وٽان ملندو. اهو آهي بدلو ۽ انعام انهن جي لاءِ جيڪي نيڪيون ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ سندن رب وٽ اهو آهي جيڪو پاڻ چاهيندا، نيڪوڪارن جي اها جزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي جيڪي گهرندا سو سندن پالڻهار وٽ (موجود) آهي اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي لاءِ اهو آهي جيڪي گهرندا انهن جي رب وٽ اهو بدلو آهي محسنن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي جيڪي گهرنداسو انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ آهي. اهو نيڪي ڪندڙن جو بدلو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي لاءِ سندن پالڻهار وٽ اهو (سڀ ڪجهه) آهي جيڪي خواهش ڪندا. اهو ئي احسان ڪرڻ وارن جو بدلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اُنهن هارِ، ڌڻِي سَندنِ وَٽ دائـِما، طَلِبِينِ سو تيار، جي نِرمل نيڪو ڪار، اِهو اُجورو اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جيڪي گهرندا، سو الله وٽان ملندن_ اهو ڀلارن جو بدلو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب وٽ اُهو سڀ ڪجهه ملندن جنهن ڏي دل گهرندن، اهو آهي اجورو نيڪي ڪندڙن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جنهن جي به خواهش ڪندا اهو سڀ ڪجهه کين ملندو سندن رب وٽ، اها ئي جزا آهي نيڪي ڪندڙن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي لاءِ پنھنجي پالڻھار وٽ هر اُها شيءِ آهي جيڪا هو چاهيندا. اهوئي نيڪوڪارن جو بدلو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُكَفِّرَ اللَّهُ عَنهُم أَسوَأَ الَّذى عَمِلوا وَيَجزِيَهُم أَجرَهُم بِأَحسَنِ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 35) |
ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيائون سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندا ھوا تن بابت سندن (چڱو) اُجورو کين بدلي ۾ ڏئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ (الله تعاليٰ ڇا ڪندو جو) انهن جيڪي بدعمل ڪيا هوندا تن جو اثر ٽاري ڇڏيندو ۽ جيڪي عمل ڪيا هوندائون تن مان بهترين عملن جو اجورو ۽ انعام کين ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته الله تعالى انهن تان سندن هر قسم جا گناه ميٽي ڇڏي جيڪي انهن ڪيا هئا ۽ انهن کي سندن اجر کان بهتر جزا ڏي، جيڪو اهي پاڻ عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته جيڪي بڇڙا ڪم ڪيا اٿن سي خدا کانئن ميٽي ۽ جيڪي تمام چڱا ڪم پيا ڪن تن جي عيوض کين سندن اجورو ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ميٽي الله انهن کان برا عمل جيڪي ڪيائون ۽ بدلو ڏئي انهن کي سندن ثواب سهڻو ان جو جيڪو ڪيو هيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته جيڪي تمام بڇڙا ڪم ڪيا اٿن سي کانئن ميٽي ۽ جيڪي تمام چڱا ڪم پيا ڪن تن جي عيوض کين سندن اجورو ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته الله انهن جي خطائن کي ميٽي جيڪي انهن ڪيون، ۽ انهن کي سندن ثواب عطا ڪري انهن نيڪين جي بدلي ۾ جيڪي اُهي ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان جي ڪوجھا ڪَم ڪيون، سي مولاڪَرِينِ معاف ۽ جي ڪيؤن سُهڻا صاف، اُن جو اَجر ڏئـِي اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪي خطائون ڪيائون، سي الله کانئن ميٽي ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪيائون، تن جو عيوض کين بدلي ۾ ڏئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته جيڪي بڇڙا عمل ڪيا هئائون، الله انهن کي ختم ڪري ڇڏي ۽ جيڪي سهڻا عمل ڪندا رهيا هئا، تن جو کين اجر عطا ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته جيئن ميساري الله انهن جا بڇڙا ڪم جيڪي انهن ڪيا ۽ عطا ڪري انهن کي سندن اجورو عيوضو انهن سٺن ڪمن جو جيڪي اهي ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن الله تعالى انهن جي ڪيل برن ڪمن کي مٽائي ڇڏي ۽ کين ڪيل سھڻن ڪمن جو بدلوعطا فرمائي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَيسَ اللَّهُ بِكافٍ عَبدَهُ وَيُخَوِّفونَكَ بِالَّذينَ مِن دونِهِ وَمَن يُضلِلِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن هادٍ (آيت : 36) |
الله پنھنجي ٻانھي (ﷴؐ) کي ڪافي نه آھي ڇا؟ ۽ الله کانسواءِ جيڪي (ٻيا) آھن تن کان توکي ڊيڄاريندا آھن، ۽ جنھن کي الله ڀُلائي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا الله تعاليٰ پهنجي ٻانهي (جي مدد ڪرڻ) لاءِ ڪافي ناهي؟ ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توکي انهن کان ڊيڄارين ٿا جن کي هو الله تعاليٰ کان سواءِ معبود سمجهن ٿا (ته اهي معبود توکي نقصان رسائيندا. ڪهڙا نه ڀليل آهن!) ۽ (ياد رکو ته) جنهن کي الله تعاليٰ گمراهه ڪري ٿو ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪوبه هادي يا واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا الله تعالى پنهنجي رسول لاءِ ڪافي ناهي (يقيناً ڪافي آهي) ۽ اهي ڪافر توهان کي (پنهنجي) بتن کان ڊيڄارين ٿا، ۽ جنهنکي الله تعالى گمراه ڪري ٿو پوءِ انهن لاءِ ڪو هادي ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا خدا پنهنجن ٻانهن (جي مدد) لاءِ ڪافي نه آهي؟ (بيشڪ آهي) ۽ (اي رسول) اهي ماڻهو تو کي خدا کان سواءِ ٻين (معبودن کان) ڊيڄارين ٿا. ۽ جنهن کي خدا گمراهيءَ ۾ ڇڏي ڏي تنهن کي ڪو به سڌي راھ تي آڻڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ناهي الله ڪافي پنهنجي ٻانهي کي؟ ۽ ڊيڄارين ٿا توکي انهن کان جيڪي ان کان سواءِ آهن ۽ جنهن کي گمراھ ٿو ڪري الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو هدايت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا الله پنهنجي ٻانهي (محمدﷺ) کي ڪافي نه آهي؟ ۽ (اي پيغمبرﷺ!) اهي (ماڻهو) توکي الله کانسواءِ ٻين کان ڊيڄارين ٿا. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري ٿو تنهن کي ڪو هدايت ڪندڙ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا الله پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي؟ ۽ اُهي (مشرڪ) تو کي الله کان سواءِ ٻين کان ڊيڄارن ٿا. ۽ جنهن کي الله گمراهه ڪري پوءِ ان لاءِ ڪو به هدايت ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، سائـِين سَندسِ ٻانهن لئي، بَس ناھِ نگهبان؟ ۽ خوف ڏِينئـِي خان!، ڌاران تِنهن ، ڌارِيَن جو. ۽ مولا جنهن مُنجھائي، تنهن لئي سُونهون نه سَر ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هڪ الله پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي؟ ۽ هو وري تو کي ان کان سواءِ ٻين کان ڊيڄارين ٿا، جنهن کي الله ڀلائي، تنهن کي ڪو سنئين واٽ لڳائيندڙ ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڇا الله پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي ناهي؟ اهي ماڻهو کيس ڇڏي ٻين کان توکي ڊيڄارين ٿا، حالانڪه الله جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي ڇڏي ته پوءِ ان کي رستو وٺائڻ وارو ٻيو ڪوبه ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ڇا الله ڪافي نه آهي پنهنجي ٻانهن جي لاءِ؟ ۽ توکي خوف ڏيارين ٿا اهي ماڻهو سواءِ الله جي، ۽ جنهن کي گمراهيءَ ۾ وجهي الله پوءِ ڪير آهي ان کي رستو ڏيکارڻ وارو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا الله تعالى پنھنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي؟ هي ماڻهو توکي الله تعالى کان سواءِ ٻين کان ڊيڄارين ٿا حالانڪه جنھن کي الله تعالى گمراهه ڪري ان کي ڪير به سڌو رستو ڏيکارڻ وارو نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَهدِ اللَّهُ فَما لَهُ مِن مُضِلٍّ أَلَيسَ اللَّهُ بِعَزيزٍ ذِى انتِقامٍ (آيت : 37) |
۽ جنھن کي الله ھدايت ڪري تنھن کي ڪو ڀلائڻ وارو نه آھي، الله غالب بدلي وٺڻ وارو نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن کي الله تعاليٰ سڌي واٽ تي لڳائي ٿو تنهن کي ڪوبه گمراهه ڪري نٿو سگهي. ڇا الله تعاليٰ غالب ناهي ۽ بدلي ڏيڻ وارو ناهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهنکي الله تعالى هدايت وارو ڪري ٿو پوءِ ان کي ڪوبه گمراه ڪندڙ ناهي، ڇا الله تعالى غالب ۽ انتقام وٺندڙ ناهي (يقيناً آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص کي خدا هدايت ٿو تنهن کي ڪو به گمراھ ڪرڻ وارو نه آهي ڇا خدا زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (بيشڪ آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن کي هدايت ڪري ٿو الله پوءِ ناهي ان جي لاءِ ڪو گمراھ ڪندڙ ڇا ناهي الله غالب بدلي وٺڻ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن کي الله هدايت ڪري ٿو تنهن کي ڪو گمراهه ڪرڻ وارو نه آهي. ڇا الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن کي الله هدايت ڪري ان کي ڪوبه گمراهه ڪرڻ وارو نه آهي. ڇا الله غالب پلاند وٺڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن کي جَلَّ جَلالہٗ، سَئـِين سَمجھائي، اُن کي مُنجھائـِيندڙ مُورهِين، ڪونهي ڪِنهن جاءِ، وير وَٺي، وَرجھائي، ڏاڍو سَڀ کان ڏيہ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن کي الله سنئين واٽ لڳائي، ان کي ڪو ڀلائيندڙ ناهي- ڇا، الله غالب ۽ بدلي وٺندڙ ناهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن کي سنئين دڳ لائي ڇڏي، تنهن کي ڀٽڪائڻ وارو به ڪوئي ناهي. ڇا الله زبردست ۽ بدلو وٺڻ وارو ناهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن کي هدايت ڏئي الله تنهن کي ڪوبه ڀٽڪائڻ وارو ناهي، ڇا ناهي الله زبردست وٺڻ وارو بدلو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جنھن کي الله تعالى سڌو رستو ڏيکاري ته ان کي گمراهه ڪرڻ وارو به ڪير نه آهي. ڇا الله تعالى زبردست بدلي وٺڻ وارو نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُل أَفَرَءَيتُم ما تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ إِن أَرادَنِىَ اللَّهُ بِضُرٍّ هَل هُنَّ كٰشِفٰتُ ضُرِّهِ أَو أَرادَنى بِرَحمَةٍ هَل هُنَّ مُمسِكٰتُ رَحمَتِهِ قُل حَسبِىَ اللَّهُ عَلَيهِ يَتَوَكَّلُ المُتَوَكِّلونَ (آيت : 38) |
(اي پيغمبر) جيڪڏھن کانئن پُڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، (پوءِ کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو تن کي ڏسو (ته سھي) جيڪڏھن الله مون کي ڪا سختي (پھچائڻ) گھري ته اِھي اُن جي (پھچايل) سختيءَ جي لاھڻ وارا آھن ڇا؟ يا مون کي ڪو سُک (پھچائڻ) گھري ته اِھي (بُت) سندس (پھچايل) سُک جي بند ڪرڻ وارا آھن ڇا؟ (تون کين) چؤ ته مون کي الله ڪافي آھي، ڀروسي ڪندڙ مٿس (ئي) ڀروسو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏهن تون هنن (منڪرن) کان پڇين ته ڪنهن آسمانن کي ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته خدا انهن کي خلقيو آهي. کين چئو ته پوءِ توهان انهن جي باري ۾ ڪو غور به ڪيو آهي، جن کي توهان الله تعاليٰ جي علاوه پڪاريندا آهيو؟ (اهو غور ڪيو اٿو ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي تڪليف ڏيڻ چاهي ته اهي (معبود) سندس ڏنل تڪليف لاهي سگهندا؟ يا جيڪڏهن هو مون تي ڪا رحمت ڪرڻ چاهي ته، اهي سندس رحمت کي روڪي سگهندا؟ (اي پيغمبر کين) چئو ته، منهنجي لاءِ الله تعاليٰ بلڪل ڪافي آهي، توڪل ڪرڻ وارا فقط الله تي توڪل ٿا ڪن (ڇو ته ٻيو ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته آسمانن ۽ زمينن کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ يقيناً چوندا الله تعالى، توهان فرمايو، توهان ٻڌايو ته توهان جن بتن جي الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا جيڪڏهن الله مون کي ڪا تڪليف ڏيڻ چاهي ته ڇا اهي ان جي ڏنل تڪليف لاهي سگھن ٿا يا اهو (الله) مون لاءِ رحم ۽ ڪرم جو ارادو ڪري ڇا اهي بت ان جي رحم ۽ ڪرم کي روڪي سگھن ٿا؟ رسولِ عربي توهان فرمايو منهنجي لاءِ الله ڪافي آهي، توڪل ڪندڙ انهيءَ تي توڪل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا (ته) الله. تون (کين) چئو ته غور ڪريو! جن جي اوهين خدا کان سواءِ عبادت ڪريو ٿا جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته ڇا اهي سندس (پهچايل) تڪليف لاهي سگهن ٿا؟ يا مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ڇا اهي سندس مهرباني روڪي سگهن ٿا؟ (اي رسول) چوين ته مون لاءِ خدا ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البت جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا الله فرماءِ ته ڇا پوءِ ڏسو انهن کي جن جي پوڄا ڪيو ٿا الله کان سواءِ جيڪڏهن ارادو ڪيو مون کي الله تڪليف ڏيڻ جو ڇا اهي لاهيندڙ آهن ان تڪليف جا يا ارادو فرمايائين مون سان رحمت ڪرڻ جو ڇا اهي روڪيندڙ آهن ان جي رحمت جا فرماءِ ته ڪافي آهي مون لاءِ الله ان تي ئي توڪل ڪن توڪل ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ته ضرور چوندا الله . تون (کين) چؤ ته ڀلا ٻڌايو ته جن کي اوهين الله کان سواءِ سڏيو ٿا جيڪڏهن الله مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته ڇا اهي سندن (پهچايل) تڪليف لاهڻ وارا آهن؟ يا مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ته ڇا اهي سندس مهرباني روڪڻ وارا آهن؟ (اي پيغمبرﷺ!) چؤ ته مون کي الله ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ”الله“. چؤ ڀلا هي ته ٻڌايو جن بتن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا اگر الله مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ چاهي ته ڇا اُهي (بت) سندس (پهچايل) تڪليف کي دور ڪري سگهن ٿا يا اُهو مون کي رحمت سان نوازڻ چاهي ته ڇا اُهي (بت) ان جي (موڪليل) رحمت کي روڪي سگهن ٿا؟ چؤ مون کي الله ڪافي آهي. ڀروسي رکڻ وارا مٿس ڀروسو رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀُون ڪِنهن اُپائيا؟ جي پُڇنِدينِ پيغمبر!، چوندا بَرابَر، ته اَلله جَلَّ جَلالہٗ. چئو ڀَلا ڪِيئن ٿا ڀانيو؟ ته جَن کي دانهيون ڌڻيان ڌار، ته مون کي ڏُک ڏِين ڪو، جي گُھري هُوند غفار، ته لاهِيندمِ لاچار سي وِچان ٿي وَهار، يا مون مَٿي مِهر ڪا، ڪرڻ گُھري ڪلتار، ته آڏا ٿِيندا، اُن جي ٻاجھن کي ٻيهار، چَئو، اَلله بَس، مُون لئي، اُهِکئَ ۾ آڌار، اُن کي سَڀ ڪم ڪار، سونپڻ گُھرجن سوپِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن کانئن پڇندين ته ”ڪنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو آهي؟“ ته ضرور چوندا ته ”الله“ چئو ته ڀلا ڏسو، جيڪڏهن الله مون کي ڪا تڪليف رسائڻ گهري، ته جن کي اوهين الله کان سواءِ ٿا پڪاريو، سي اها تڪليف لاهي سگهندا؟ يا جيڪڏهن مون تي ڪا رحمت ڪرڻ گهري ته سندس رحمت کي روڪي سگهندا؟ چئو ته مون کي الله ڪافي آهي، ۽ ان تي ئي ڀروسو ڪندڙ ڀروسو ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن پڇندينِ ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته ضرور چوندا ته الله، چوينِ ته پوءِ ڀلا ڇا خيال اٿوَ ته جيڪڏهن الله مون کي ڪو نقصان پهچائڻ گهري ته توهان جون اهي ديويون جن کي الله جي بدران سڏيو ٿا، مونکي سندس پهچايل نقصان کان بچائي سگهنديون؟ يا وري الله مون تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري ته ڇا اهي سندس رحمت کي روڪي سگهنديون؟ تنهنڪري چئي ڇڏينِ ته "منهنجي لاءِ ته الله ئي ڪافي آهي، ڀروسو ڪندڙ ته انهيءَ تي ئي ڀروسو ڪندا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي انهن ماڻهن کان تون پڇندين ته ڪير آهي پيدا ڪندڙ آسمانن ۽ زمين جو، ته اهي خود به چوندا ته الله، کين چؤ ڇا پوءِ خبر ڏيو اها ته جن کي پڪاريو ٿا توهان سواءِ الله جي، ارادو ڪري الله نقصان پهچائڻ جو مون کي ته اهي ٽاري سگهندا مون کي ان نقصان کان يا جي اهو ارادو ڪري مون تي رحمت ڪرڻ جو ته ڇا اهي روڪي سگهندا ان جي رحمت کي؟ انهن کي چؤ، ڪافي آهي منهنجي لاءِ الله ان تي ئي ڀروسو ڪرڻ وارا ڀروسو ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى (ئي پيدا ڪيو آهي). چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي ڪا تڪليف پھچائڻ چاهي ته ڇا اُهي جن کي توهان الله تعالى کي ڇڏي سڏيو ٿا، منھنجي تڪليف دور ڪري سگهن ٿا؟ يا الله تعالى مون تي مھرباني ڪرڻ چاهي ته ڇا هو ان مھرباني کي روڪي سگهن ٿا؟ چؤ ته (بس!) منھنجي لاءِ الله تعالى ئي ڪافي آهي. ڀروسو رکڻ وارا ان تي ئي ڀروسو رکندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰقَومِ اعمَلوا عَلىٰ مَكانَتِكُم إِنّى عٰمِلٌ فَسَوفَ تَعلَمونَ (آيت : 39) |
(کين) چؤ ته اي منھنجي قوم اوھين پنھنجي جاءِ عمل ڪريو بيشڪ آءٌ (به پنھنجي جاءِ) عمل ڪندڙ آھيان، پوءِ سِگھوئي ڄاڻندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون کين) چئو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان جيڪي ڪري سگهو سو ڪيو. مان يقيناً (پنهنجي فرض ادائين لاءِ) عمل ڪندو رهندس. پوءِ جلد توهان کي معلوم ٿيندو، ته(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو اي منهنجي قوم توهان پنهنجي جاين تي عمل ڪريو، بيشڪ آئون پنهنجي جاءِ تي عمل ڪندڙ آهيان پوءِ توهان کي جلد معلوم ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي (جيڪي وڻيو) عمل ڪريو آءُ به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ڪريان ٿو. پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اي منهنجي قوم وارا، عمل ڪيو پنهنجي جاءِ تي بلاشڪ مان عمل ڪندڙ آهيان پوءِ جلد ڄاڻندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ! کين) چؤ ته اي منهنجي قوم اوهين پنهنجي جاءِ تي عمل ڪريو آءُ به عمل ڪندڙ آهيان. پوءِ جلد ڄاڻندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”اي منهنجي قوم! توهان پنهنجي جاءِ تي عمل ڪيو آءٌ به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ڪندڙ آهيان، پوءِ جلد (انجام) ڄاڻندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، پَنهنجي حال حيات تي، اي قوم! ڪريو ڪَم ڪار، آئون به آهيان ڪم ۾، اوسِين اِنتظار، پوِ سِگھوئـِي سَمجھندا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته، ”اي منهنجي قوم! اوهين پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪريو ۽ آءُ به پيو ڪم ڪريان_ پوءِ اجهو ٿي خبر پويوَ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چئي ڇڏينِ ته "اي منهنجيءَ قوم وارؤ! توهان پنهنجيءَ جاءِ تي ڪم ڪندا رهو، مان به پنهنجو ڪم ڪندو رهندس. سگهوئي پتو پئجي ويندوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) صاف ٻڌائينِ ته، اي منهنجي قوم! توهان ڪم ڪندا رهو پنهنجي ليکي، آئون به ته پنهنجو ڪم ڪندڙ آهيان، پوءِ جلد ئي توهان کي معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: اي منھنجي قوم! توهان پنھنجي حساب سان عمل ڪندا رهو ۽ مان به پنھنجي حساب سان عمل ڪري رهيو آهيان، توهان کي جلد ئي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن يَأتيهِ عَذابٌ يُخزيهِ وَيَحِلُّ عَلَيهِ عَذابٌ مُقيمٌ (آيت : 40) |
ته ڪنھن تي (اُھو) عذاب اچي ٿو جو کيس خوار ڪندو ۽ مٿس ھميشه جو عذاب لھي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪنهن تي ٿو خوار خراب ڪندڙ عذاب اچي ڪڙڪي، ۽ مٿس دائمي عذاب ٿو نازل ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته ڪنهن تي عذاب ايندو جيڪو ان کي خوار ڪندو ۽ ڪنهن تي دائمي عذاب لڳندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڪنهن کي اها آفت اچي ٿي جا کيس (دنيا ۾) خوار ڪري ۽ (آخرت ۾) مٿس هميشه عذاب (به) نازل ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته ڪير آهي جو ايندو ان وٽ عذاب جيڪو خوار ڪندو ان کي ۽ لهندو ان تي عذاب هميشہ وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ڪنهن تي (دنيا ۾ ) عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪندو ۽ (آخرت ۾ ) مٿس هميشه جو عذاب لهي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ڪنهن تي (دنيا ۾) عذاب اچي ٿو جو ان کي خوار ڪري ٿو ۽ (آخرت ۾) ان تي هميشه قائم رهڻ وارو عذاب لهي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين آخِرڪار، ته ڪِنهن تي اَچي عَذاب سو، جو ڪريسِ خوب خوار، ۽ نازِل ٿئيسِ نبارا، عُمر ڀَر آزار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ڪنهن تي ٿو خوار ڪندڙ عذاب اچي ۽ مٿس هميشه رهندڙ عذاب لهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته خواريءَ وارو عذاب ڪنهن تي ٿو پوي ۽ ڪنهن کي ٿي اها سزا ملي، جيڪا پوءِ ڪڏهن به جند نه ڇڏيندس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ڪنهن تي ٿو اچي عذاب خوار ڪندڙ ۽ ڪنهن کي ٿي سزا ملي اها (عذاب جي) جيڪا ٽرڻ واري ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته (دنيا ۾) ڪنھن جي مٿان ذليل ڪندڙ ۽ (آخرت ۾) هميشه رهڻ وارو عذاب اچي ڪڙڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ لِلنّاسِ بِالحَقِّ فَمَنِ اهتَدىٰ فَلِنَفسِهِ وَمَن ضَلَّ فَإِنَّما يَضِلُّ عَلَيها وَما أَنتَ عَلَيهِم بِوَكيلٍ (آيت : 41) |
بيشڪ اسان توتي ڪتاب ماڻھن لاءِ سچ سان لاٿو، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو خاص پنھنجي (فائدي) لاءِ، ۽ جيڪو گُمراھ ٿيو سو رڳو پنھنجي (نقصان) لاءِ گُمراھ ٿئي ٿو، ۽ تون مٿن ڪو ذمي وار نه آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اسان ماڻهن جي (هدايت) لاءِ توتي هي ڪتاب حق سان (يعني سچائين سان ڀريل) موڪليو آهي، پوءِ جيڪو (ان ۾ ڏيکاريل) سڌي واٽ وٺندو سو پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ وٺندو (يعني ان ۾ سندس ئي چڱائي آهي) ۽ جيڪو (اها واٽ ڇڏي) غلط واٽ اختيار ڪندو سو يقيناً پنهنجي ئي نقصان ۾) گمراه ٿيندو (يعني گمراهه ٿي پنهنجو ئي نقصان ڪندو) ۽ (اي پيغمبر!) توتي اهو ذمو ڪونهي جو تون انهن جا ڪم سنوارين يا سندن سنڀال ڪرين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان توهان تي (ماڻهن جي هدايت لاءِ) قرآن ڪريم حق سان نازل ڪيو، پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ ٿيو، ۽ جيڪو گمراه ٿيو پوءِ اها گمراهي ان جي مٿان آهي، ۽ توهان انهن جا ذميدار ناهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اسان تو تي بيشڪ ماڻهن (جي هدايت) لاءِ حق سان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو، پوءِ جيڪو راھ تي آيو سو پنهنجي (ڀلي) لاءِ، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراھ ٿئي ٿو. ۽ تون انهن جو ذميوار نه آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان نازل ڪيو تو تي ڪتاب حق سان پوءِ جيڪو هدايت وارو ٿيو پوءِ پنهنجي سر لاءِ ۽ جيڪو گمراھ ٿيو پوءِ رڳو گمراھ ٿئي ٿو ان تي ۽ ناهين تون انهن تي ذميدار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ اسان توتي ماڻهن لاءِ حق سان ڪتاب لاٿو. پوءِ جيڪو رستي تي آيو سو پنهنجي ڀلي لاءِ، ۽ جيڪو گمراهه ٿيو سو رڳو پنهنجي نقصان لاءِ گمراهه ٿئي ٿو. ۽ تون انهن جو ذمي وار نه آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان تو تي حق سان ڪتاب لاٿو ماڻهن (جي رهنمائي) لاءِ، پوءِ جو هدايت وارو ٿيو سو پنهنجي فائدي لاءِ ۽ جو گمراهه ٿيو سو پنهنجي ئي نقصان لاءِ گمراهه ٿيو، ۽ تون انهن جو ذميوار نه آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اُتاريو تو مَٿي، ڪامِل! هِي ڪِتاب، سبب سُونهپ ماڻهئـِين، صَحِي بَرصواب، پوءِ جو هَليو حَق مَٿي، ته سَندسِ لاءِ ثواب، ۽ جيڪو گُٿو گَس ڪَنان، ته اُتِس ئـِي عَذاب، نه آهِين تون نواب!، آگٽ وارو اُنهن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، اسان توتي ڪتاب ماڻهن لاءِ سچ سان لاٿو- پوءِ جنهن سنئين واٽ ورتي، تنهن۾ سندس ئي فائدو آهي، پر جيڪو گمراهه ٿيو ان جي گمراهي به مٿس ئي آهي ۽ تون ڪو هنن لاءِ ذميوار نه آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) اسان سمورن انسانن لاءِ اهو برحق ڪتاب (قرآن) توتي نازل ڪيو آهي. هاڻي جيڪو سڌي واٽ وٺندو ته پنهنجي ئي لاءِ ۽ جيڪو ڀٽڪي ويندو، تنهن جي لوڙَ به پاڻ ئي لوڙيندو. تون انهن جو ذميوار نه آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ اسان نازل ڪيو آهي توتي هي ڪتاب سڀني انسانن جي لاءِ حق سان، پوءِ جيڪو سڌي راهه رکندو سا ان جي لاءِ هوندي ۽ جيڪو ڀٽڪندو، پوءِ ان ڀٽڪڻ جو وبال ان تي ئي هوندو ۽ ناهين تون انهن جو ڪو ذميوار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان تنھنجي مٿان ماڻهن جي لاءِ هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي، (هاڻي) جيڪو سڌي راهه تي آيو ته اِهو ان لاءِ فائدي وارو آهي ۽ جيڪو گمراهه ٿيو ته ان گمراهيءَ جو وبال ان تي ئي آهي. (بھرحال) تون انهن جو ذميدار نه آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ يَتَوَفَّى الأَنفُسَ حينَ مَوتِها وَالَّتى لَم تَمُت فى مَنامِها فَيُمسِكُ الَّتى قَضىٰ عَلَيهَا المَوتَ وَيُرسِلُ الأُخرىٰ إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يَتَفَكَّرونَ (آيت : 42) |
الله ماڻھن جا رُوح سندن مرڻ جي مھل ڪڍندو آھي ۽ جيڪو نه مُئو آھي (تنھن جو روح) سندس ننڊ (جي حالت) ۾ (ڪڍندو آھي)، پوءِ جنھن تي موت جو حُڪم ڪيو اٿس تنھن کي جھليندو آھي ۽ اُن ٻئي کي ھڪ مُقرر مُدّت تائين ڇڏيندو آھي، بيشڪ ھن ۾ ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ڌيان ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ روحن کي (ماڻهن جي) موت وقت پنهنجي قبضي ۾ کڻي ٿو وٺي ۽ جيڪو نٿو مري تنهن جو روح سندس ننڊ جي حالت ۾ کڻي ٿو وٺي. پوءِ جنهن جي موت جو حڪم صادر ٿو ڪري تنهن جو روح روڪي ٿو رکي (يعني اهو روح انهيءَ جسم ڏي وري نٿو موٽي) پر ٻيا روح (جيڪي ننڊ جي حالت ۾ پنهنجي قبضي ۾ ٿو آڻي سندس جسمن ڏي) مقرر وقت تائين (يعني موت تائين) واپس موڪليندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن تن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ يقيناً وڏيون نشانيون رکيل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موت جي وقت، الله تعالى نفسن کي وفات ڪرائي ٿو، ۽ جيڪي نفس پنهنجي ننڊ ۾ نٿا مرن، پوءِ انهن کي روڪي ٿو جن لاءِ موت جو حڪم ڪيو اٿس ۽ ٻين نفسن کي مقرر وقت تائين ڇڏي ڏي ٿو. بيشڪ انهيءَ ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي فڪر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ئي ماڻهن جي مرڻ جي وقت سندن روح (پاڻ ڏي) ڇڪي سڏي ٿو ۽ جيڪي نه مئا آهن سندن (روح) ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن کي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله وفات ڪرائي ٿو نفسن کي سندن مرڻ جي مهل ۽ انهن کي جو نه وفات ڪيائون سندن ننڊ وقت پوءِ جهلي ٿو ان کي جو فيصلو فرمايائين ان تي موت جو ۽ ڇڏي ٿو ٻئي کي مقرر مدت تائين بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي سوچين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله روحن کي سندن مرڻ وقت پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو ۽ جيڪي نه مئا تن کي به سندن ننڊ ۾ (قبضي ۾ رکي ٿو) پوءِ جن تي موت جو حڪم ڪيو اٿس تن کي (پاڻ وٽ) روڪي ٿو ۽ ٻين کي مقرر مدت تائين ڇڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ واري قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ئي آهي جو موت جي وقت روحن کي قبض ڪري ٿو ۽ جيڪو اڃا مئو نه آهي ان روح کي ننڊ جي وقت (پنهنجي قبضي ۾ ڪري ٿو)، پوءِ جن تي موت جو حڪم لڳي چڪو انهن کي روڪي وٺي ٿو ۽ ٻين (روحن) کي هڪ مقرر وقت تائين ڇڏي ڏئي ٿو. بيشڪ ان ۾ نشانيون آهن ان قوم لاءِ جيڪي غور و فڪر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُوريون ڪري پاڻ ڌَڻِي، جانيون ڪُل جھان، سَندنِ مَرڻ مَهل تي، مَٿي مُهلت ڪانه، ۽ جو نه مُئو سَندين نِنڊ ۾، تِنهنجو هِي بيان، ته جنهن پَساھ جي، پُڄڻ جو، فائـِق ڪِيو فَرمان، جَھلي اُنِهئ جان کي، ٿو ڇَڏي ٻِي جان، مُقرّر مُدت سِين جنهن سان ماڻهو هِت مِهمان، آهِن اهڙئَ قوم لئي، اُن ۾ عام نِشان، جي دِل سان ڏِين ڌِيان، قادِر جي ڪمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ماڻهن جا روح انهن جي مرڻ وقت ڪڍندو آهي، ۽ جيڪو نه مئو آهي، ان جو سندس ننڊ وقت، پوءِ جنهن تي موت جو حڪم ڪري، تنهن جي روح کي روڪي ڇڏيندو آهي ۽ ٻئي کي هڪڙي مقرر وقت تائين وري موڪليندو آهي_ بيشڪ انهي ۾ ڌيان ڪندڙ شخصن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ئي مرڻ وقت ساهه ٿو ڪڍي ۽ جيڪو اڃان مئو ناهي ان جو ساهه ننڊ ۾ ٿو ڪڍي، پوءِ جنهن تي موت جو فيصلو لاڳو ڪري ٿو، ان کي جهلي ٿو ڇڏي ۽ ٻين جا ساهه مقرر وقت تائين واپس ٿو اُماڻي. انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي سوچ ويچار ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو الله ئي آهي جيڪو قبض ڪري ٿو روح جيئرن جا سندن موت جي وقت ۽ جيڪو اڃا ناهي مئو (ان جو روح) ننڊ ۾ ڪڍندو آهي، پوءِ روڪي ٿو ان کي پنهنجي حڪم سان جنهن جو موت آهي ۽ ڇڏي ٿو موٽائي ٻين جي روحن کي وقت مقرر تائين، بيشڪ انهيءَ ۾ آهن وڏيون نشانيون انهن جي لاءِ جيڪي سوچ سمجهه وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي ماڻهن جا روح سندن مرڻ وقت ئي ڪڍندو آهي. باقي جنھن تي موت نه آيو ته ان جي روح کي به ننڊ ۾ پنهنجي قبضي ۾ وٺندو آهي پوءِ (ننڊ وارن مان) جنھن کي حقيقي موت ڏيڻو هوندو آهي ته ان جي روح کي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندو آهي. باقي ٻين روحن کي مقرر وقت تائين (واپس جسم ۾) موڪلي ڇڏيندو آهي. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمِ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ شُفَعاءَ قُل أَوَلَو كانوا لا يَملِكونَ شَيـًٔا وَلا يَعقِلونَ (آيت : 43) |
الله کانسواءِ ٻيا شفاعت ڪرڻ وارا ورتا اٿن ڇا؟ (کين) چؤ ته جيتوڻيڪ اُھي نڪي ڪجھ اختيار رکندا ھجن ۽ نڪي سمجھندا ھجن (ته به شفاعت ڪندا ڇا؟).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هنن (منڪرن) الله کي ڇڏي ٻين کي شفاعت ڪندڙ ٺهرايو آهي؟ (جنهن جي ڪري سندن پوڄا ٿا ڪن ۽ اميد ٿا رکن ته هوسندن سفارش ڪندا ۽ مددگار ٿيندا) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، اگرچه هنن کي ڪجهه به طاقت يا اختيار ناهي، نڪي هنن کي ڪا سمجهه يا عقل آهي (تڏهن به هو توهان جي لاءِ سفارش ڪندا ڇا؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن الله تعالى کانسواءِ بتن کي سفارشي بنايو؟ رسولِ عربي توهان فرمايو اهي بت ڪنهن شيءِ جا مالڪ نٿا ٿين ۽ نه ئي عقل رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن خدا کان سواءِ (ٻين کي) سفارشي بنايو آهي؟ (اي رسول کين) چئو ته ڇا (اهڙا سفارش ڪندا) جيتوڻيڪ اهي نڪي ڪنهن شيءَ جو اختيار رکن ٿا ۽ نڪي سمجهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ورتائون الله جي اذن کان سواءِ سفارش ڪندڙ؟ فرماءِ ته جيتوڻيڪ نه ٿا مالڪ ٿين ڪنهن شيءِ جا ۽ نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا الله کانسواءِ ٻين کي سفارش ڪندڙ ٺهرايو اٿن ڇا؟ (اي پيغمبرﷺ! کين) چؤ ته ڇا (اهڙا سفارش ڪندا)؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن الله کي ڇڏي (بتن کي) سفارشي بنائي ورتو آهي؟ چؤ (ڇا اهي شفاعت ڪندا) توڙي جو اُهي نه ڪنهن شيءِ جا مالڪ آهن ۽ نه ڪجھه عقل رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ پاڻ بنايؤن درگاهون ڌَڻِي ڌار، وچ ۾ وَسِيلو ڪَري؛ ٻَهگڻ! ٻول ٻيهار ڇا، توڻِي نه رکن توڙ کان، طاقت ڪا تَڪرار؟ نه کين خَبرچار هِنن جي پُوڄا پاٽ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن الله کان سواءِ ٻيا پارت ڪرڻ وارا بنايا آهن؟ چئو، ته انهن کي ڪجهه به اختيار نه هجي ۽ نڪي هو سمجهندا هجن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله کي ڇڏي انهن ٻيا سفارشي بڻايا آهن؟ چوينِ ته ڇا اهي سفارش ڪندا، پوءِ کڻي ڪو وس ئي نه هلندو هجين ۽ نڪي ڪا سمجهه ئي هجين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ڇڏي انهن ماڻهن الله کي، ٻيا کڻي شفاعت ڪندڙ بڻايا آهن؟ کين چؤ، (ڇا اهي شفاعت ڪندا) جن جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي ۽ نه ئي انهن کي ڪو عقل ئي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن الله تعالى کي ڇڏي ٻين کي سفارشي ٺاهي ورتو آهي؟ چؤ ته توڻي جو انهن کي ڪنهن به شيءِ جو اختيار نه هجي ۽ عقل به نه هجي (پوءِ به اُهي سفارش ڪندڙ آهن؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لِلَّهِ الشَّفٰعَةُ جَميعًا لَهُ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ ثُمَّ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 44) |
(کين) چؤ ته سڀ شفاعت الله جي وس آھي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي ان جي آھي، (اوھين) وري ڏانھس موٽائبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي (پيغمبر! تون کين) ٻڌائي ڇڏ ته سفارش ڪليءَ طرح فقط الله تعالي جي اختيار ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس ئي آهي. آخر توهان ڏانهس ئي موٽايا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو سموري شفاعت الله جي هٿ ۾ آهي، زمينن ۽ آسمانن جي بادشاهي ان جي آهي، ان کان پوءِ ان ڏانهن توهان کي موٽايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون چوين ته سڀ سفارش خدا جي وس ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي حڪومت سندس (ئي) آهي. وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته الله جي آهي سفارش سموري ان جي آهي آسمانن ۽ زمينن ۾ بادشاهي ان کان پوءِ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيتوڻيڪ اهي نڪي ڪنهن شيءِ جو اختيار رکن ٿا ۽ نڪي سمجهن ٿا. (کين) چؤ ته سڀ سفارش الله جي وس ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس آهي. وري ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ سڀ شفاعت (جو اذن) الله جي ئي اختيار ۾ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي سندس آهي. پوءِ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو سُفارش سڀ سائـِينءَ جي، آهي اِختيار، اُڀ ڀُون مُلڪ اُن جو، قائـِم بَرقرار، اُن ڏي آخِرڪار، اَوهين مِڙئـِي موٽائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته شفاعت سموري الله جي وس آهي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ان جي آهي اوهين وري ان ڏي موٽائبؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوينِ ته شفاعت سموري الله جي هٿ ۾ آهي، آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي انهيءَ جي ئي آهي، پوءِ انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽائي آندو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوين، الله ئي آهي شفاعت جو سمورو اختيار رکندڙ، اهو ئي مالڪ آهي آسمانن ۽ زمين جو، پوءِ انهيءَ ڏي ئي توهان موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: سفارش ڪرڻ جو مڪمل اختيار صرف الله تعالى وٽ آهي. آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي صرف ان جي ئي آهي، توهان سڀني کي ان ڏي ئي موٽڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا ذُكِرَ اللَّهُ وَحدَهُ اشمَأَزَّت قُلوبُ الَّذينَ لا يُؤمِنونَ بِالءاخِرَةِ وَإِذا ذُكِرَ الَّذينَ مِن دونِهِ إِذا هُم يَستَبشِرونَ (آيت : 45) |
۽ جڏھن اڪيلي الله (جي نالي) کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون ٽھنديون آھن، جڏھن الله کانسواءِ ٻـين کي ياد ڪبو آھي تڏھن اُنھيءَ ئي مھل اُھي سَرھا ٿيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن فقط هڪ الله جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن جيڪي ماڻهو آخرت ۾ ايمان رکندڙ ناهن تن جي دلين ۾ نفرت پيدا ٿي ٿئي ۽ جڏهن هن کي ڇڏي ٻين جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي تڏهن ڏسو ته خوشيءَ ۾ ٽڙن ٿا پيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اڪيلي الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته انهن ماڻهن جون دليون تنگ ٿين ٿيون جيڪي آخرت تي ايمان نٿا رکن، ۽ جنهن وقت بتن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ان وقت اهي خوش ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن رڳو خدا جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته سندن واڇون کلن ٿيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ياد ڪيو وڃي ٿو الله اڪيلو اهو ته ٽهنديون دليون انهن جون جيڪي ايمان نه ٿا آڻين آخرت تي ۽ جڏهن ياد ڪيا وڃن ٿا اهي جيڪي ان کان سواءِ آهن ته ان وقت اهي خوش ٿين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اڪيلي الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ته جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين تن جي دلين کي بڇڙو لڳي ٿو. ۽ جڏهن ان کانسواءِ ٻين جو نالو ورتو وڃي ٿو ته اهي ان ئي وقت خوش ٿين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اڪيلي الله جو ذڪر ڪيو وڃي ته انهن ماڻهن جون دليون نفرت ڪن ٿيون جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن، ۽ جڏهن الله کان سواءِ (بتن) جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته اُهي ان ئي وقت خوش ٿين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن هِڪ اَلله جِي، ڪَجي پاڪ پَچار، ته ڪَٽريا قلب اُنهن جا، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ۽ جڏهن وِيون ياد ڪيون، ٻِيون درگاهون، تِنهن ڌار، ته اِجھو ڪَر اُن وار اماڻِيون تَن مُبارڪون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن هڪڙي الله جي گفتگو هلندي آهي، تڏهن آخرت کي نه مڃيندڙن جون دليون ٽهنديون آهن؛ پر جڏهن ان کان سواءِ ٻين بابت ڳالهائبو آهي، تڏهن هو خوش ٿيندا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هڪڙي الله جو نالو ورتو وڃي ٿو ته آخرت تي ايمان نه هجڻ وارن جون دليون ٽاهه کائن ٿيون ۽ جڏهن سندس بدران ٻين جو ٿو نالو ورتو وڃي ته خوش ٿين ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ذڪر ڪيو وڃي ٿو اڪيلي الله جو ته درد ٿئي ٿو دلين ۾ انهن کي جيڪي نٿا رکن ايمان آخرت تي ۽ جڏهن ذڪر ٿئي ٿو ان کان سواءِ ٻين جو ته پوءِ امالڪ خوشيءَ وچان ٽڙڻ لڳن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اڪيلي الله تعالى جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته آخرت کي نه مڃڻ وارن جي دلين تي بار ٿئي ٿو ۽ انهن جون دليون ڪُڙهڻ لڳن ٿيون. ۽ جڏهن الله تعالى کان سواءِ ٻين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ته هو ان وقت خوشيءَ ۾ ٻھڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلِ اللَّهُمَّ فاطِرَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ عٰلِمَ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ أَنتَ تَحكُمُ بَينَ عِبادِكَ فى ما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 46) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاھر ڄاڻندڙ تون ئي پنھنجن ٻانھن جي وچ ۾ جنھن (ڳالھ) بابت (اُھي) جھڳڙو ڪندا رھيا (تنھن بابت) نبيرو ڪندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون) چئو ته، اي الله سائين، آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ وارا، لڪل ۽ ظاهر شين جا ڄاڻيندڙ، تون پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ انهيءَ ڳالهين جو فيصلو ڏي جن ۾ هو اختلاف ٿا رکن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، اي الله، اي آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ اي غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ تون ئي پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندين جن (ڳالهين) ۾ اهي اختلاف ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول تون) چئو ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڳجھ ۽ ظاهر جا ڄاڻندڙ تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ جنهن ڳالھ ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چؤ ته اي الله! آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ غيب ۽ ظاهر جا تون فيصلو ڪندين پنهنجن ٻانهن ۾ ان جو جنهن ۾ اختلاف ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) چؤ ته اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيداڪندڙ! ڳجهه ۽ ظاهر جا ڄاڻندڙ! تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندين (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”اي الله آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ! ڳُجهه ۽ ظاهر جا علم ڄاڻندڙ! تون ئي پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ ان (ڳالهين) جو فيصلو ڪندين جن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، چِيري اُڀ ڀُون کي، اي ڌڻيَمِ! ڪَندڙ ڌار، ڳجُھيون، پَڌريون ڄاڻندڙ، سانـيَمِ! رَبَّ، ستار، تون تُنهنجي ٻانَهين وچ ۾، قَضا ڪَرِين ڪَلتار! طَرف ٻَئـِي تڪرار، ڪَن جِنهن تان، جھيڙو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”اي الله! آسمانن ۽ زمين جا پيدا ڪندڙ! ڳجهي ۽ پڌري جا ڄاڻندڙ! تون ئي پنهنجن ٻانهن وچ ۾ فيصلو ڪندين، جنهن بابت هو بحث ڪن ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ اي منهنجا الله ! آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ وارا، ڳجهه توڙي ظاهر کي ڄاڻڻ وارا، تون ئي پنهنجن ٻانهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندين جنهن ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) اي الله! پيدا ڪندڙ آسمانن ۽ زمين جا، (اي) علم رکندڙ غيب ۽ ظاهر جا! تون ئي فيصلو ڪندين پنهنجي ٻانهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندا رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) چؤ ته: يا الله! آسمانن جا پيدا ڪندڙ، لڪيل ۽ ظاهري شين جو علم رکندڙ (بس!) تون ئي پنھنجي ٻانهن جي وچ ۾ اختلافي ڳالهين جو فيصلو ڪندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنَّ لِلَّذينَ ظَلَموا ما فِى الأَرضِ جَميعًا وَمِثلَهُ مَعَهُ لَافتَدَوا بِهِ مِن سوءِ العَذابِ يَومَ القِيٰمَةِ وَبَدا لَهُم مِنَ اللَّهِ ما لَم يَكونوا يَحتَسِبونَ (آيت : 47) |
۽ جيڪي زمين ۾ سڀئي مال آھي سو ۽ اُن جيترو ٻيو ساڻس جيڪڏھن ظالمن کي ھجي ته جيڪر اُھو قيامت جي ڏينھن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) بدلو ڏئي چڪن، ۽ الله جي طرف کان اھڙو (معاملو) انھن کي پڌرو ٿيندو جنھنجو گُمان (ئي) نه رکندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (هن دنيا ۾) ظلم جي واٽ اختيار ڪئي آهي، تن کي اگرچه دنيا جا سڀ خزانا هجن ۽ ان سان گڏ اهڙا ۽ ايترا ٻيا به خزانا هجن ۽ اهي سڀ خزانا قيامت جي ڏينهن دردناڪ عذاب کان بچڻ لاءِ فدي طور ڏين (ته به هنن کي ڪونه بچايو ويندو) ۽ الله وٽان هنن جي اڳيان اهڙيون حالتون ۽ عذاب پيش ايندا جنهن جو هنن کي ڪو وهم ۽ گمان به ڪونه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن ظالم قيامت جي ڏينهن واري عذاب کان بچڻ لاءِ اهي سمورو فديو ڏين ها جيڪو زمين ۾ آهي ۽ اوترو ٻيو به فديو ڏين ها (ته به بچي نه سگھن ها) ۽ الله جي طرفان انهن لاءِ اهو عذاب ظاهر ٿيندو جو کين گمان ۾ نه هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو سڀ ۽ ان سان گڏ ان جيترو ٻيو (به) جيڪڏهن نافرمانن وٽ هجي ته قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اهو به پنهنجي بدلي ۾ ڏيئي چڪن. ۽ (ان وقت) خدا جي طرفان کين اهڙي ته ڳالھ پيش ڪئي ويندي جنهن جو وهم ۽ گمان به نه هوندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق (هجي) انهن جي لاءِ جن ظلم ڪيو جيڪو زمين ۾ آهي سمورو ۽ ان جيترو ان سان گڏ ته البته فديو ڏين ها ان سان بڇڙي عذاب کان (ڇٽڻ جي لاءِ) قيامت جي ڏينهن ۽ ظاهر ٿيندو انهن جي لاءِ الله جي طرفان اهو جو نٿي گمان ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو زمين ۾ مال آهي سو سڀ ۽ ان سان گڏ اُن جيترو ٻيو جيڪڏهن ظالمن کي هجي ته قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان (بچڻ لاءِ) اهو به پنهنجي بدلي ۾ ڏيئي چڪن. ۽ الله جي طرفان کين اها سزا ڏني ويندي جنهن جو گمان به نه هوندنِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن ظلم ڪرڻ وارن وٽ اهو سڀ ڪجهه هجي جيڪو روءِ زمين تي آهي ۽ ان سان گڏ اوترو ٻيو به هجي ته قيامت واري ڏينهن اهو سڀ بدترين سزا جي بدلي ۾ ڏين. ۽ الله جي طرفان انهن لاءِ اهو (عذاب) ظاهر ٿيندو جنهن جو اهي گمان به نه ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي جَن اَنڌير ڪيا، جي هُوند هُجن تَن هارِ، مِڙِئي مال زَمِين جا، اولہ، اوڀر پار، اُٽل گَڏ اُنِهئَ سان، اِهڙا ٻِيا به اَنبار، ته صَدقو ڪيائون سِرتان، مِڙئـِي مَحشر وار، بُڇڙِي سَزا کان باھِ جي، ته به پاران پالڻهار، سو نيٺ ٿيو نِروار جو ڀورا ڀائـِيندائـِي نه هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قيامت ڏينهن جيڪڏهن ظالمن وٽ اهو سڀ هجي، جيڪي زمين ۾ آهي ۽ اوترو ٻيو به، ته جيڪر هو بري عذاب کان بچڻ جي بدلي ۾ اهو به ڏين، ۽ الله وٽان مٿن اهو ظاهر ٿيندو جنهن جو گمان ئي نه رکندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن انهن ظالمن وٽ زمين جي ساري دولت به کڻي هجي ۽ اوتري ٻي به هجينِ، تڏهن به اهي قيامت جي ڏينهن بڇڙي عذاب کان بچي وڃڻ لاءِ سڀ ڪجهه عيوضي طور ڀري ڏيڻ لاءِ به تيار ٿي ويندا. اتي الله جي طرفان سندن آڏو اهو ڪجهه ايندو، جنهن جو ته انهن ڪو اندازو ئي نه لڳايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن اهي ظالم (جيڪا ڪجهه دولت آهي) زمين ۾ اها سڀ ۽ ايتري ٻي به جي عيوض ۾ ڏيڻ چاهيندا بڇڙي عذاب کان بچڻ لاءِ ڏينهن قيامت جي، ۽ ظاهر ٿيندو انهن جي آڏو جيڪي آهي طرفان الله جي، جنهن جو انهن ڪڏهن ڪو اندازو ئي نه ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن انهن ظالمن وٽ زمين جي هر شيءِ موجود هجي ۽ اڃا به ان جيتريون ٻيون شيون به هجن ته هو قيامت جي ڏينھن بري عذاب کان بچڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه بدلي ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. (پر) الله تعالى جي طرفان انهن لاءِ اهڙي سزا تيار هوندي جو کين وهم ۽ گمان ۾ به نه هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَدا لَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَحاقَ بِهِم ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 48) |
۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون ھوائون سي انھن کي پڌريون ٿينديون ۽ جنھن (سزا) جون ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي هنن (ظالمن هن دنيا ۾) ڪيو ڪمايو هو سي بڇڙايون هنن جي اڳيان ظاهر ٿينديون ۽ جن (حقيقتن) بابت ٽوڪون ڪندا هئا سي ئي کين وڪوڙي وينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن لاءِ سندن بداعمالي ظاهر ٿيندي ۽ انهن تي اهو (عذاب) نازل ٿيندو جنهن جي اهي مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي برا ڪم ڪيا هوندا (سي به) مٿن ظاهر ٿيندن ۽ جنهن (عذاب) تي هي ٺٺوليون ڪن ٿا سو کين اچي گهيريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ظاهر ٿينديون انهن جي لاءِ برايون جيڪي ڪمايائون ۽ گهيري ۾ وٺندو انهن کي اهو جو ان سان چٿر ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ڪمايو هوندائون تنهن جون بڇڙايون مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن سا مٿن اچي ڪڙڪندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي لاءِ اُهي برايون ظاهر ٿي پونديون جي انهن ڪمايون ۽ انهن کي اهو (عذاب) گهيري وٺندو جنهن تان مسخريون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڪوجھا ڪم ڪيؤن، سي اُنهن تي، ٿيا اِظهار، ۽ جيڪي کِلندا هُئاخوار، سونازِل ٿِيُنِ نَصِيب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي بڇڙايون ڪمايون هئائون، سي مٿن ظاهر ٿينديون ۽ جنهن عذاب تان مسخريون ڪندا هئا، سو ويڙهي ويندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي ته سندن پنهنجيءَ ڪئي ڪمائيءَ جا سڀ بڇڙا نتيجا اچي آڏو بيهندن ۽ اهائي شيءِ وڪوڙي ويندن، جنهن تي ٺـٺوليون ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ظاهر ٿيندا انهن تي برا نتيجا اتي جيڪي انهن ڪم ڪيا ۽ اها ئي شيءِ وڪوڙي ويندي انهن کي جنهن تي اهي ٺٺوليون ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جا سڀ بُرا ڪم سندن سامھون ظاهر ٿي پوندا ۽ اها شيءِ مٿن اچي ڪڙڪندي جنھن تي هو ٽوڪون ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا مَسَّ الإِنسٰنَ ضُرٌّ دَعانا ثُمَّ إِذا خَوَّلنٰهُ نِعمَةً مِنّا قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ بَل هِىَ فِتنَةٌ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 49) |
پوءِ جڏھن ماڻھوءَ کي ڪا اوکائي پھچندي آھي (تڏھن) اسان کي سڏيندو آھي، وري جڏھن اُن کي پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيندا آھيون (تڏھن) چوندو آھي ته اُھا رڳو پنھنجي سمجھ سان (جا مون ۾ آھي) مون کي ڏني وئي آھي، (ايئن نه آھي) بلڪ اُھا (نعمت) پرک آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو ته) جڏهن انسان کي ڪا تڪليف ٿي پهچي تڏهن هو اسان کي پڪارڻ ٿو لڳي، پر جڏهن اسان پاڻ وٽان هن کي نعمتون ٿا ڏيون تڏهن چوڻ لڳي ٿو ته، مون کي اهي نعمتون منهنجي علم (هنر ۽ ڪوشش) جي ڪري مليون آهن. حقيقت هي آهي ته اها (دولت ۽ آسودگي وغيره) آزمائش آهي پر گهڻا ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انسان (ڪافر) کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي پڪاري ٿو، ان کان پوءِ جڏهن اسين ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت ڏيون ٿا، چوي ٿو ته مون کي پنهنجي علم سان اها نعمت ملي آهي، بلڪ اها آزمائش آهي پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو وري جڏهن ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪريون ٿا ته چوي ٿو ته اها مون کي رڳو (پنهنجي) عقلمنديءَ جي ڪري ملي آهي. ائين نه آهي بلڪ اها (نعمت) هڪ امتحان آهي پر انهن مان گهڻا نٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پهتي انسان کي ڪا تڪليف ته سڏيندو آهي اسان کي تنهن کان پوءِ جڏهن ڏيندا آهيون ان کي نعمت پاڻ وٽان ته چوندو آهي ته تحقيق ڏنو ويو آهيان اها علم جي ڪري بلڪه اها پرک آهي ۽ پر گهڻا انهن مان نٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو. وري جڏهن ان کي پنهنجي طرفان ڪا نعمت عطا ڪريون ٿا ته چوي ٿو ته اها مون کي رڳو (پنهنجي) عقلمندي جي ڪري ملي آهي. ائين نه آهي بلڪه اها (نعمت) هڪ امتحان آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته اسان کي سڏي ٿو، وري جڏهن اسان کيس پاڻ وٽان ڪا نعمت ڏيون ٿا ته چوي ٿو ته هيءَ نعمت ته مون کي (پنهنجي) علم جي ڪري ملي آهي. (ائين نه آهي) بلڪه اها آزمائش آهي ۽ پر انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَس اَڃا ماڻهوءَ کي، جڏهن رسيو ضرر، زِيان، تڏهن لڳو ڪرڻ، اَسان کي، زاريون ساڻ زِبان، موٽِي مُشڪل اُن جو، جڏهن اَسان ڪيو آسان پَنهنجي پاران ٻاجھ سان، ڪَهيو تڏهن ڪُفران، ته ڏِنا وِيَمِ هِي ڏان، جڏهن هُئـِس آئون حق مٿي. اِهي ته آهِن نِعمتون، اُٽلو اِمتحان، اِن مان گھڻا اِنسان، پَر پروڙِين ڪِين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف رسندي آهي ته اسان کي پڪاريندو آهي، وري جڏهن اسين کيس پاڻ وٽان نعمت ڏيندا آهيون، ته چوندو آهي ته اها مون کي پنهنجي سمجهه سبب ملي آهي، نه بلڪ اها پرک آهي_ پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي انسان جنهن کي جڏهن ڪا مصيبت ٿي پاسو ڏئي ته اسان کي ٿو سڏي ۽ وري جڏهن اسان پنهنجي طرفان نعمت ڏيئي ٿا آزمايونس ته چوي ٿو ته اهو ته مون کي علم جي ڪري مليو آهي. بلڪل نه، اها ته هڪڙي آزمائش آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن پهچي ٿي انسان کي ڪا تڪليف ته پڪاري ٿو اسان کي، پوءِ جڏهن عطا ڪندا آهيون ان کي نعمت پنهنجي ته چوندو آهي، اها ته ڏني وئي مون کي علم جي ڪري، نه! اها ته آزمائش آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انسان تي جڏهن به ڪا مصيبت اچي پوندي آهي ته هو ان وقت اسان کي سڏيندو آهي وري جڏهن اسان کيس پنھنجي نعمت سان نوازيندا آهيون ته چوندو آهي ته اها مون کي پنهنجي هوشياري جي ڪري ملي آهي. ايئن (هرگز) نه آهي. بلڪه اها هڪ آزمائش آهي، پر گهڻا ماڻهو ان کي سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد قالَهَا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 50) |
بيشڪ کانئن اڳين (به) اِھا (ڳالھ) چئي ھئي پوءِ جيڪي (ڪرتوت) ڪيائون ٿي تن کانئن ڪجھ به (مُصيبت) نه ٽاري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقت هيءَ آهي ته کانئن اڳين (دولت مند) ماڻهن به ائين ئي چيو هو. پر پوءِ جيڪي هنن ڪيو ڪمايو سو کين ڪنهن به ڪم نه آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن کان اڳين ماڻهن به ايئن چيو پوءِ سندن بداعمالي سندن ڪنهن ڪم نه آئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي انهن کان اڳ هئا سي به اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا پوءِ (جڏهن اسان جو عذاب آيو) ته سندن ڪارستانيون کين ڪجھ ڪم نه آيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق چئي اها ڳالھ جيڪي انهن کان اڳي (گذريا) هئا پوءِ نه فائدو ڏنائين انهن کي ان جيڪي ڪمايو هيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان اڳين به اها ڳالهه چئي پوءِ جيڪي ڪمائيندا هئا سو کين ڪم نه آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انهن کان اڳين به اها ڳالهه چئي هئي پوءِ جو ڪجهه اُهي ڪمائيندا رهيا سو انهن جي ڪم نه آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن کان اڳــيَنِ ڪافِرِين، ڳالهائـِي اِئَ ڳالھ، پوءِ جيڪِي ڪيائون ڪَمڙا، تَن ڪِين ڇَڏايَنِ ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کان اڳين به ائين ئي چيو هو، پوءِ سندن ڪمائيءَ مٿانئن ڪجهه به نه ٽاريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهائي ڳالهه کانئن اڳ گذريل ماڻهو به چئي چڪا آهن، پر جيڪي ڪجهه پئي ڪمايائون سو ته ڪنهن ڪم نه آين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها ئي ڳالهه چئي چڪا آهن انهن کان اڳي گذريل ماڻهو، پر ڪم نه آيو انهن کي جيڪي ڪجهه اهي ڪمائيندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها ئي ڳالهه انهن کان اڳ گذري ويل ماڻهن به چئي هئي. پوءِ جيڪو ڪجهه انهن ڪمايو سو کين بلڪل ڪم نه آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَصابَهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَالَّذينَ ظَلَموا مِن هٰؤُلاءِ سَيُصيبُهُم سَيِّـٔاتُ ما كَسَبوا وَما هُم بِمُعجِزينَ (آيت : 51) |
پوءِ جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين پھتيون، ۽ ھنن مان (به) جيڪي ظالم آھن تن جيڪي ڪمايائون تنھنجون بڇڙايون کين سِگھوئي پھچنديون ۽ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ جيڪي (بد) عمل ڪيائون تن جا بڇڙا نتيجا کين پيش آيا. (ساڳيءَ طرح) هنن ماڻهن مان جن ظلم جي واٽ ورتي آهي تن کي به سندن (بد) عملن جا بڇڙا نتيجا جلد ئي پيش ايندا ۽ هو هرگز الله کي عاجز ڪري نه سگهندا. (الله جي رٿ ضرور ڪامياب ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن کي سندن ڪيل بداعمالي جو نتيجو مليو، ۽ جن ماڻهن انهن مان ظلم ڪيو جلدي انهن جي بداعمالي اچي سندن مٿان پوندي، ۽ اهي الله تعالى جي گرفت کان بچي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته سندن ڪرتوتن جا برا نتيجا کين ڀوڳڻا پيا. پڻ انهن (مڪي جي ڪافرن) مان به جن ماڻهن نافرمانيون ڪيون) آهن تن کي به پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ڀوڳڻي پوندي ۽ اهي ماڻهو (خدا کي) عاجز نٿا ڪري سگهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پهتيون انهن کي برايون ان جون جيڪو ڪمايائون ۽ جن ظلم ڪيو هنن مان جلد پهچنديون انهن کي برايون ان جون جيڪو ڪمايائون ۽ ناهن اهي عاجز ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي ڪمايائون تنهن جون بڇڙايون کين پهتيون۽ هنن (مڪي وارن) مان جن ظلم ڪيو تن جيڪي ڪمايو تنهن جون بڇڙايون کين پهچنديون ۽ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ کين اُهي نتيجا ڀوڳڻا پيا جيڪي بُـــرا ڪم انهن ڪمايا هئا. ۽ هنن (مڪي وارن) مان جن ظلم ڪيو انهن کي (به) جلد اُهي نتيجا ڀوڳڻا پوندا جي انهن ڪم ڪيا ۽ اهي (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) برسِر رَسيَنِ بَحال، اََگلايون عَملن جون. ۽ هاڻي پڻ هِنن مَنجھان، ڪيا جَن ڪَلُور، سِگھو اِيندنِ سامهان، ڪيؤَن جي قُصور، مُورک اِهي مُور،، ڏاڍا نه آهِن ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن ڪمائي جون بڇڙايون کين پهتيون ۽ هنن مان ظالمن کي سندن ڪمائيءَ جون بڇڙايون اجهو ٿيون پهچن ۽ هو کٽي نه سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ته پنهنجيءَ ڪمائيءَ جا اُگرا نتيجا ڀوڳيائون ۽ هنن مان به جيڪي ظالم آهن، سي به جلد ئي پنهنجي ڪمائيءَ جا نتيجا لوڙيندا. اهي اسان کي لاچار ڪرڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڀوڳيائون برا نتيجا جيڪي انهن ڪمايو هو ۽ اهي ماڻهو جيڪي ظالم آهن سڀ سگهوئي ڀوڳيندا نتيجا پنهنجي براين جا جيڪي انهن ڪمايون ۽ اهي ناهن اسان کي لاچار ڪرڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کين عملن جو برو نتيجو ڀوڳڻو پيو ۽ هي (مڪي وارا) ماڻهو پنھنجي ظلم ۽ بُرن عملن جو برو نتيجو ضرور ڏسندا. هي ماڻهو (الله تعالى کي) بي وس نٿا ڪري سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَعلَموا أَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ وَيَقدِرُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
نه ڄاتو اٿن ڇا ته الله جنھن لاءِ گھرندو آھي (تَنھنجو) رزق ڪُشادو ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھرندو آھي تَنھنجو) گھٽ ڪندو آھي، بيشڪ ھن (ڪم) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي ايمان آڻيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هو نٿا ڏسن ته يقيناً الله ئي جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو. جيڪي ماڻهو ايمان وارا آهن تن لاءِ هن ۾ بيشڪ وڏيون نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته بيشڪ الله تعالى جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ان جو رزق تنگ ڪري ٿو، بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن ايترو به نه ڄاتو ته الله ئي جنهن جي روزي گهري ٿو ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن جي گهري ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايماندارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڄاتائون ته بيشڪ الله ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گهري ۽ تنگ ٿو ڪري بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا نه ڄاتائون ته الله جنهن جي روزي گهري ٿو ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن جي گهري ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي نه ٿا ڄاڻن؟ ته الله جنهن لاءِ چاهي ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ ان ۾ ايمان واري قوم لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڌاريؤن ڪِين ڌيان؟ ته اَلله جَلَّ جَلَالهٗ، وَڻيسِ وَڌائي، تِنهنجو سَمر ۽ سامان، ۽ ڪِنهن جِي توڻ تنگ ڪري؛ اُن ۾ عام نِشان، آڻِين جي اِيمان، ڪارڻ اُنهِئَ قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو نٿا ڄاڻن، ته بيشڪ الله ئي جنهن جو وڻيس تنهن جو رزق ڪشادو يا تنگ ڪندو آهي_ بيشڪ انهي ۾ ايمان آڻيندڙ ماڻهن لاءِ نشانيون آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا خبر نه اٿن، ته الله جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ٿو ڪري ڇڏي ۽ جنهن جو گهري تنگ ٿو ڪري ڇڏي، ان ۾ بيشڪ نشانيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن کي معلوم نه آهي ته بيشڪ الله جنهن لاءِ گهرندو آهي (ان جو) رزق ڪشادو ڪندو آهي ۽ (جنهن لاءِ گهري ان جو) تنگ ڪري، بيشڪ ان ۾ نشانيون آهن انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن کي اها خبر نه آهي ته بيشڪ الله تعالى جنھن جو گُهري رزق ڪشادو ۽ جنھن جو گُهري گهٽائيندو آهي. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰعِبادِىَ الَّذينَ أَسرَفوا عَلىٰ أَنفُسِهِم لا تَقنَطوا مِن رَحمَةِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَغفِرُ الذُّنوبَ جَميعًا إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 53) |
(منھنجي طرفان اُنھن کي) چؤ ته اي منھنجا اُھي ٻانھؤ جن پاڻ تي ظلم ڪيو (اوھين) الله جي ٻاجھ کان نا اُميد نه ٿيو، ڇوته الله سڀ گناھ بخشيندو آھي، بيشڪ اُھوئي بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! ماڻهن کي منهنجو پيغام) ٻڌاءِ ته اي منهنجا بندؤ جن (منهنجي واٽ ڇڏي بدعمل ڪري) پاڻ تي پاڻ زيادتي ۽ ظلم ڪيو آهي سي خدا جي رحمت مان اميد نه لاهيو، (جيڪڏن هاڻي به منهنجي ڏيکاريل واٽ تي هلڻ شروع ڪيو ته مان به رحمت جي موٽ ڪندس). يقيناً الله تعاليٰ (ان حالت ۾) سڀ گناهه بخشي ٿو ڇڏي. يقيناً هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، اي منهنجا اُهي ٻانها جن پنهنجين جانين تي (گناهن سببان) زيادتي ڪئي آهي توهان الله جي رحمت کان ڪڏهن به نااميد نه ٿيو، بيشڪ الله تعالى توهان جا سمورا گناه بخشي ڇڏيندو، بيشڪ اهو ئي غفور الرحيم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته: اي منهنجا (ايماندار) ٻانهو! جن ماڻهن (گناھ ڪري) پنهنجي جانن تي زيادتيون ڪيون آهن خدا جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو بيشڪ خدا (اوهان جي) سڀني گناهن کي معاف ڪندو. اهو ئي بيشڪ معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چؤ اي منهنجا ٻانها! جن زيادتي ڪئي پنهنجن سرن تي ته نه نا اميد ٿيو الله جي رحمت مان بيشڪ الله بخشي ٿو گناھ مڙئي بيشڪ اهو ئي بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! منهنجي طرفان کين) چؤ ته اي منهنجا پاڻ تي زيادتي ڪندڙ ٻانهو! الله جي مهربانيءَ کان نااميد نه ٿيو! بيشڪ الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ اي منهنجا ٻانهو! جن پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي آهي، توهان الله جي رحمت کان مايوس نه ٿيو. بيشڪ الله سڀ گناهه بخشي ڇڏي ٿو. بيشڪ اُهو ئي معاف ڪندڙ وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن ٻول، ته ٻانها مُنهنجا! نِرانِج نِبار، جَن سَندنِ جانِيَن تي، بي حد وِڌا بار، ته اُميد ربَّ جي رَحم مان، لاهيو ڪِيَم لغار، سو بي شڪ بخشي بَديون، هيڪانديون هزار، اُهو بيشڪ بَخشڻهار، سو سَٻاجھو سَڀِين پَريِن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”اي منهنجا وڏا گنهگار بندؤ! الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، بيشڪ الله سڀ گناهه بخشي ٿو- بيشڪ اهو ئي بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چئي ڇڏين ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن پاڻ تي ظلم ڪيو آهي، الله جي رحمت مان نا اميد نه ٿيو، بيشڪ الله سمورا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو آهي. هو ته آهي ئي بخشڻهار ۽ ٻاجهارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چئي ڇڏ ته اي منهنجا ٻانهؤ! جن زيادتي ڪئي آهي پنهنجو پاڻ تي، نه ٿيو مايوس الله جي رحمت کان، بيشڪ الله بخشي ٿو گناهه سمورا، بيشڪ اهو ئي غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! منھنجي طرفان) چؤ ته: اي منھنجا ٻانهو! جن به پنھنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي آهي، سي الله تعالى جي رحمت کان مايوس نه ٿين. بيشڪ الله تعالى (توهان جا) سڀ گناهه معاف ڪندو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنيبوا إِلىٰ رَبِّكُم وَأَسلِموا لَهُ مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ ثُمَّ لا تُنصَرونَ (آيت : 54) |
۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھ ورو ۽ اُن کان اڳي سندس فرمانبردار ٿيو جو اوھان وٽ عذاب اچي (۽) وري مدد نه ڏنا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر شرط هي آهي ته) پنهنجي پروردگار (جي ڏيکاريل راه) ڏي موٽو (يعني قرآن مجيد تي عمل ڪيو) ۽ سندس پوري پوري فرمانبرداري ڪيو ان کان اڳي جو توهان تي عذاب اچي وڃي. (عذاب جو وقت اچي ويندو ته) پوءِ توهان کي ڪابه مدد ملي نه سگهندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان پنهنجي خالق ڏانهن رجوع ٿيو ۽ ان جي فرمانبرداري ڪريو ان کان اڳ ۾ جو توهان تي عذاب اچي ان کان پوءِ توهان جي ڪا مدد نه ڪئي وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پروردگار ڏي رجوع ٿيو ۽ سندس فرمانبردار ٿيو هن کان اڳي جو اوهان تي عذاب اچي نازل ٿئي ان وقت اوهان جي مدد نه ڪري سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ورو پنهنجي رب ڏانهن ۽ مطيع ٿيو ان جا ان کان اڳي جو اچي اوهان وٽ عذاب ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ ڏي رجوع ٿيو ۽ سندن فرمانبردار ٿيو هن کان اڳي جو اوهان تي عذاب اچي. وري اوهان جي مدد نه ڪئي ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽو ۽ ان جا فرمانبردار ٿيو ان کان اڳ جو توهان تي عذاب اچي وڃي، پوءِ توهان جي ڪا مدد ڪونه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٿِيو رُجُوع پَنهنجي رَبّ ڏي، مَڃيو اُنِهئ مور، اِنهيان اڳ ته آن کي، ڪو سر تي اَچي سُور، اَچي نَه ڪو اَهڳور، وَرِي وَهارُو اَوهان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي ورو ۽ سندس تابعدار ٿيو، انهي وقت کان اڳ، جو اوهان تي عذاب اچي پهچي؛ وري ڪا به مدد نه ملندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رب ڏي موٽي پئو ۽ فرمانبردار ٿي وڃو، ان کان اڳ جو توهان تي عذاب اچي پوي ۽ پوءِ وري ڪٿان ڪا مدد به نه مليوَ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موٽي اچو پنهنجي رب ڏانهن ۽ سندن تابعدار بنجي وڃو، ان کان اڳي جو توهان تي اچي ڪڙڪي عذاب، پوءِ نه ملي سگهندي توهان کي مدد ڪٿان ڀي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان پنھنجي پالڻھار ڏي موٽي اچو ۽ پنھنجي مٿان عذاب اچڻ کان پھريان ئي مسلمان ٿي وڃو (ورنه) توهان جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّبِعوا أَحسَنَ ما أُنزِلَ إِلَيكُم مِن رَبِّكُم مِن قَبلِ أَن يَأتِيَكُمُ العَذابُ بَغتَةً وَأَنتُم لا تَشعُرونَ (آيت : 55) |
۽ اوھان جي پالڻھار کان اوھان ڏانھن جيڪا بلڪل چڱي شيء نازل ڪئي وئي آھي تنھن جي اُنھيءَ کان اڳ تابعداري ڪريو جو اوھان وٽ اوچتو عذاب اچي ۽ اوھين بي خبر ھجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن جي بهترين ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪيو ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي پتو ئي نه پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان قرآن ڪريم جي تابعداري ڪريو جيڪو توهان جي رب جي طرفان نازل ڪيو ويو آهي، ان کان اڳ ۾ جو توهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ توهان سمجھي نه سگھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي سٺيون سٺيون ڳالهيون اوهان جي پروردگار جي طرفان اوهان تي نازل ٿين ٿيون انهن تي هلو. (پر) ان کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب نازل ٿئي ۽ اوهان کي (ان جي) ڪا خبر به نه هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تابعداري ڪيو سهڻي ان جي جيڪو نازل ڪيو ويو اوهان ڏانهن اوهان جي رب وٽان ان کان اڳي جو اچي اوهان وٽ عذاب اوچتو ۽ اوهان نٿا سمجهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زياده چٽي ڳالهه جيڪا اوهان ڏي اوهان جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪئي وئي آهي (قرآن) تنهن جي تابعداري ڪريو هن کان اڳي جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ اوهان کي خبر به نه پوي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن بهترين (ڪلام) جي تابعداري ڪيو جو توهان جي پالڻهار طرفان توهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي ان کان اڳي جو توهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي خبر به نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تِنهن سَڀنيان سُهڻي ڳالھ جا، تابِع ٿيو تمام، اَوهان جي آگي ڪنان، آيان جي اَحڪام، اِنهيان اڳ ته، اوچتو آن تي عذاب عام، نازِل ٿئي ناڪام!، اَوهِين هوشيارئـِي نه هئو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان جي ڌڻيءَ وٽان جيڪا تمام سٺي چيز نازل ڪيل آهي، ان جي تابعداري ڪريو، ان کان اڳ جو اوهان تي اوچتو عذاب اچي وڃي ۽ اوهان کي خبر به نه هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پيروي ڪريو پنهنجي رب جي موڪليل ڪتاب جي ڳالهين جي سهڻي مطلب جي، هن کان اڳ جو توهان تي عذاب اچي اوچتو ڪڙڪي ۽ توهان بي خبر پيا هجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تابعداري ڪريو سهڻي ان نازل ڪيل ڪتاب جي جيڪو توهان ڏي موڪليو آهي توهان جي رب ان کان اڳي جو اچي وڃي توهان تي عذاب اوچتو ئي ۽ توهان کي ڪا خبر به نه پوي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪا توهان ڏي توهان جي پالڻھار جي طرفان بھترين شيءِ (يعني قرآن) نازل ڪيو ويو آهي ان جي پيروي ڪريو ، هن کان اڳ جو توهان تي اوچتو عذاب اچي ۽ توهان کي خبر به نه پوي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَن تَقولَ نَفسٌ يٰحَسرَتىٰ عَلىٰ ما فَرَّطتُ فى جَنبِ اللَّهِ وَإِن كُنتُ لَمِنَ السّٰخِرينَ (آيت : 56) |
(انھيءَ ڪري خُداءِ ڏانھن مھاڙ ڪريو ۽ قرآن جي تابعداري ڪريو) ته متان پوءِ ڪوبه جيءُ چوي ته ھيءَ ارمان جو الله جي دين ۾ سُستي ڪيم ۽ بيشڪ (آءٌ ته) ٺـٺوليون ڪرڻ وارن مان ھوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين نه ٿئي جو (هاڻي ته ڪو ماڻهو غافل رهي، پر عذاب اچڻ بعد ارمان ڪري ۽) چوي ته، افسوس منهنجي حال تي، مون الله تعاليٰ جي حڪمن متعلق غفلت ڪئي ۽ مان (انهن بابت) رڳو مسخريون ۽ ٺٺوليون ڪندو رهيس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) متان ڪو انسان (اتي) ايئن چوي ته هاءِ افسوس انهن ڪوتاهين تي جيڪي مون الله تعالى بابت ڪيون ۽ بيشڪ آئون مذاق ڪندڙ ن مان هُيُسِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڏسو ائين نه ٿئي) جو (اوهان مان) ڪو شخص چوڻ لڳي ته افسوس! منهنجي هن ڪوتاهي تي جا مون (خدا جي بارگاھ جو) قرب حاصل ڪرڻ ۾ ڪئي ۽ آءُ ته رڳو اهڙين ڳالهين تي کلندو رهيس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) متان چوي ڪو نفس اي ارمان! ان تي جو ڪوتاهي ڪئي مون الله جي عبادت ۾ ۽ مان ٺٺول ڪندڙن مان هيس .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ متان ڪو جِيءَ چوي ته افسوس! جو الله جي حق ۾ ڪوتاهي ڪيم. ۽ بيشڪ آءُ مسخري ڪرڻ وارن مان هوس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ائين نه ٿئي جو) ڪو شخص چوي: ”هاءِ افسوس ان ڳالهه تي جو مون الله جي حق ۾ ڪوتاهي ڪئي ۽ يقيناً آءٌ ٺٺول ڪرڻ وارن مان هيس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آکي هَر اِنسان، ته حيف مُنهنجي حال تي! پُورا پارِيَمِ ڪين ڪي، فائـِق جا فَرمان، ۽ نِپٽ هُئـِس نادان، مَسخرن مان مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) متان پوءِ ڪو به شخص چوي ته، ”هاءِ افسوس! جو مون الله جي دين ۾ سستي ڪئي ۽ آءُ مسخريون به ڪندو هئس!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ متان ڪو ائين چوي ته "هاءِ افسوس! منهنجي انهيءَ ڪوتاهيءَ تي، جيڪا مان الله جي باري ۾ ڪندو رهيس، پر مان ته رهندو ٽوڪون ڪرڻ وارن ۾ شامل هوس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪٿي ائين نه ٿئي جو بعد ۾ چوي ڪو شخص ته، افسوس! منهنجي ان ڪوتاهيءَ تي، جيڪا آئون ڪندو رهيس الله جي باري ۾ ۽ آئون به شامل هئس ٺٺوليون ڪرڻ وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ متان ڪو ماڻهو ايئن نه چوي ته افسوس! مان الله تعالى جي باري ۾ ڪوتاهي ڪري ويٺس. بيشڪ مان به مذاق ڪرڻ وارن ۾ شامل هيس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو تَقولَ لَو أَنَّ اللَّهَ هَدىٰنى لَكُنتُ مِنَ المُتَّقينَ (آيت : 57) |
يا چوي ته جيڪڏھن الله مون کي ھدايت ڪري ھا ته ضرور پرھيزگارن مان ٿيان ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن نه ٿئي جو پوءِ) چوي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي هدايت ڪري ها ته مان يقيناً پرهيزگار ٿيان ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا ڪو ايئن چوي ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي هدايت ڏي ها ته آئون به پرهيزگارن مان هجان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا هئين چوڻ لڳي ته جيڪڏهن خدا منهنجي هدايت ڪري ها ته آءُ ضرور پرهيزگارن مان هجان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا چوي ته جيڪڏهن تحقيق الله هدايت ڪري ها مون کي ته البته هجان ها مان متقين مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا چوي ته جيڪڏهن الله مون کي رستو ڏيکاري ها ته آءُ پرهيزگارن مان ٿيان ها، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا چوي ته: ”هائو جي الله مون کي هدايت ڪري ها ته آءٌ ضرور پرهيزگار مان هجان ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا چوي اِهڙِي چال، ته اَلله جَلَّ جَلَالهٗ، جي سَئـِين سُهايَمِ ڳالھ، ته هُئـِس سَلامت ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا چوي، ته ”جيڪڏهن الله مون کي سنئينءَ واٽ لڳائي ها، ته آءُ ضرور نيڪ بنجان ها.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري چوي ته "جيڪر مون کي الله هدايت نصيب ڪئي هجي ها ته مان به متقين مان هجان ها" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا چوي ته جي الله مون کي هدايت بخشي ها ته آئون به هجان ها پرهيزگارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا هيئن نه چوي ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي هدايت ڏي ها ته مان به ضرور پرهيزگارن مان ٿي وڃان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو تَقولَ حينَ تَرَى العَذابَ لَو أَنَّ لى كَرَّةً فَأَكونَ مِنَ المُحسِنينَ (آيت : 58) |
يا جڏھن عذاب ڏسي (تڏھن) چوي ته جي منھنجو ٻيو ڀيرو (دنيا ۾ وڃڻ) ٿئي ته جيڪر ڀلارن مان ٿيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن نه ٿئي جو) عذاب ڏسڻ وقت چوي ته، هاءِ جيڪڏهن مون کي وري موقعو ڏنو وڃي ته پوءِ مان نيڪ عمل ڪندڙ ٿيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا عذاب ڏسڻ وقت ڪو ايئن چوي ته جيڪڏهن مون کي هڪ دفعو (دنيا ۾) موٽايو وڃي ها ته پوءِ آئون نيڪ بندن مان هجان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن عذاب کي (ايندو) ڏسي ته چوڻ لڳي ته هاءِ! جيڪڏهن مون کي (دنيا ۾) ٻيو ڀيرو وڃڻ ملي ته آءُ (جيڪر) نيڪن مان ٿيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا چوي جڏهن ڏسي عذاب ته جيڪڏهن تحقيق مون لاءِ هجي موٽي وڃڻ پوءِ هجان مان نيڪو ڪارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا جنهن وقت عذاب ڏسي ته چوي ته جيڪر منهنجو موٽڻ ٿئي ته آءٌ نيڪي ڪندڙن مان ٿيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا عذاب ڏسڻ وقت چوي ته :”هائو جي هڪ ڀيرو منهنجو (دنيا ۾) موٽڻ ٿئي ته آءٌ نيڪوڪارن مان ٿيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا چوي اِهِڙي چال جڏهن ڏِسي اکئين عذاب کي، ته موٽڻ مُنهنجو هُوند ٿـئي ، ڀيرو هِڪ بَحال! ته ٿِيان نيڪ نِهال، موٽِي موچارن مان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا عذاب ڏسڻ جي مهل چوي ”جي هاڻي مون کي هڪ وجهه ملي ته جيڪر تمام سٺا ڪم ڪندڙ ٿيان!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري عذاب ڏسي چوي ته جيڪر مون کي ڪو هڪڙو موقعو وري ملي وڃي ها ته مان به نيڪ عمل ڪرڻ وارن مان ٿي وڃان ها" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا چوي جنهن وقت (اهو) ڏسي عذاب، جي مون کي وري هڪڙو موقعو ملي موٽي وڃڻ جو، ته آئون به نيڪوڪارن مان ٿي وڃان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا وري عذاب کي ڏسي هيئن نه چوي ته هاڻي جيڪڏهن مون کي وري موقعو ملي وڃي ته مان نيڪو ڪارن مان ٿيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلىٰ قَد جاءَتكَ ءايٰتى فَكَذَّبتَ بِها وَاستَكبَرتَ وَكُنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 59) |
(چئبس ته) ھائو! بيشڪ تو وٽ منھنجون نشانيون آيون ھيون پوءِ اُنھن کي ڪُوڙو ڄاتئي ۽ وڏائي ڪيئي ۽ ڪافرن مان ٿيئن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙن ارمانن ڪرڻ مان پوءِ ڪجهه نه ورندو ان ماڻهوءَ کي چيو ويندو ته) نه نه، حقيقت هيءَ آهي تو ڏي منهنجون نشانيون آيون. تو انهن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو ۽ تو تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿي وئين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمائيندو، ها! بيشڪ تو وٽ منهنجيون آيتون آيون پوءِ تو انهن جي تڪذيب ڪئي ۽ تو تڪبر ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن وقت خدا فرمائيندو ته) هاءُ! هاءُ! جڏهن تو وٽ منهنجون آيتون پهتيون ته تو تن کي ڪوڙو ڪيو ۽ تو وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين (هاڻي تنهنجي هڪ ڳالھ به نه ٻڌي ويندي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هائو تحقيق آيون تو وٽ منهنجون آيتون پوءِ ڪوڙو چيئي انهن کي ۽ وڏائي ڪئي تو ۽ ٿئين تون ڪافرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان وقت الله فرمائيندو ته) ائين نه آهي تو وٽ منهنجيون آيتون آيون پوءِ تو انهن کي ڪوڙو ڪيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان ٿئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله فرمائيندو): ”هائو! بيشڪ منهنجون آيتون تو وٽ آيون پوءِ تو انهن کي ڪوڙو چيو ۽ تو وڏائي ڪئي ۽ تون ڪافرن مان هئين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي هائو، تو وٽ آئـِيا، اَسان جا اُهڃاڻ، پوءِ ڪُوڙو ڪوٺئـِي اُن کي، ۽ لڳِين پَڏائـِن پاڻ، ۽ اَصل هُئـِين اَڄاڻ، ڪَٽن ڪافِرن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبس ته) ”هائو! بيشڪ تو وٽ منهنجيون آيتون آيون هيون، پوءِ تو انهن کي ڪوڙو سمجهيو ۽ هٺ ڪيو ۽ ڪافر ٿي وئين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ته ان وقت کيس اهو جواب ملي ته) "ڇو ڀلا منهنجون آيتون ته تو وٽ آيون هيون، پوءِ تو انهن کي ڪوڙو سڏيو ۽ وڏائي ڪئي ۽ تون ته ڪافرن مان هئين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ کيس هي جواب ملي ته) ڇو ڀلا! پهتيون تو وٽ منهنجون آيتون پر تو انهن کي ڪوڙو چيو ۽ وڏائي ڪئي، ۽ تون ته هئين ئي ڪافرن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) برابر! تو وٽ اسان جون آيتون آيون هيون، پر تو انهن آيتن کي ڪوڙو ڪيو ۽ تڪبر به ڪيو، تون ته ڪافرن مان ئي هئين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَومَ القِيٰمَةِ تَرَى الَّذينَ كَذَبوا عَلَى اللَّهِ وُجوهُهُم مُسوَدَّةٌ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلمُتَكَبِّرينَ (آيت : 60) |
۽ قيامت جي ڏينھن تون انھن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻَڌو ته سندن مُنھن ڪارا ٿيل ھوندا، وڏائي ڪندڙن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته جن ماڻهن الله تي ڪوڙ هنيا تن جا منهن ڪارا ٿي ويندا. ڇا! هٺ وڏائي ڪندڙن لاءِ جهنم ۾ جاءِ ڪانهي؟ (بيشڪ آهي پر اڃا به وڌيڪ بري جاءِ جا لائق آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڪوڙ ٺاهيندا هئا توهان ڏسندا ته قيامت جي ڏينهن انهن جا منهن ڪارا هوندا، ڇا تڪبر ڪندڙن لاءِ جهنم ٺڪاڻو ناهي (يقيناً آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ جن ماڻهن خدا تي ڪوڙا بهتان ٻڌا تون قيامت جي ڏينهن ڏسندين ته انهن جا منهن ڪارا هوندا ڇا! غرور ڪرڻ وارن جي جڳھ جهنم ۾ نه آهي؟ (بيشڪ آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قيامت جي ڏينهن ڏسندين انهن کي جن ڪوڙ هنيو الله تي ته منهن انهن جا ڪارا هوندا ڇا ناهي جهنم ۾ جاءِ هٺيلن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جن الله تي ڪوڙ ڳالهايو تن کي قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته سندن منهن ڪارا هوندا. ڇا وڏائي ڪندڙن جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قيامت واري ڏينهن تون انهن ماڻهن کي ڏسندين جن الله تي ڪوڙ ٻڌو ته انهن جا مُنهن ڪارا هوندا. ڇا وڏائي ڪندڙن جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن ٻَڌا ڪُوڙ ڪَرِيم تي، جُڙتو فتوائون جام، ڪارا مُنهن اُنهن جا، ڏِسندِين ڏِينهن قِيام، ڇا، ناهي ماڳ مُدام، آڪِرن جو آگ ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قيامت ڏينهن انهن الله تي ڪوڙ ٻڌندڙن کي ڏسندين، ته سندن منهن ڪارا ٿيل هوندا! ڇا، هٺيلن جي جاءِ دوزخ ۾ ناهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) جن ماڻهن الله تي ڪوڙ هنيا هوندا، قيامت جي ڏينهن تون ڏسندين ته انهن جا منهن ڪارا ٿيل هوندا. ڀلا جهنم ۾ وڏائي ڪندڙن لاءِ ڪافي جاءِ ناهي ڇا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏينهن قيامت جي تون ڏسندين انهن ماڻهن کي جن ڪوڙ ٻڌو آهي الله تي، ته انهن جا منهن ڪارا هوندا، ڇا ناهي ڪا دوزخ ۾ رهڻ جي جاءِ وڏائي ڪندڙن جي لاءِ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن الله تعالى تي ڪوڙ هنيا، قيامت جي ڏينھن تون ڏسندين ته انهن جا منھن ڪارا هوندا. ڇا وڏائي خورن جي جاءِ جھنم نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُنَجِّى اللَّهُ الَّذينَ اتَّقَوا بِمَفازَتِهِم لا يَمَسُّهُمُ السّوءُ وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 61) |
۽ جن پرھيزگاري ڪئي تن کي الله سندن ڇوٽڪاري جي ھنڌ ۾ (دوزخ کان) بچائي پھچائيندو، نڪي کين ڪا مدائي پھچندي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن نيڪيءَ جي واٽ اختيار ڪئي تن کي الله تعاليٰ (عذابن کان) بچائي سندس ڪاميابي ۽ سعادت واري جاءِ تي پهچائيندو. هنن کي ڪابه تڪليف نه پهچندي نڪي ڪو غم کائيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى پرهيزگارن کي (جهنم کان) نجات ڏئي بهشت ۾ داخل ڪندو، نه انهن کي (اتي) ڪا تڪليف پهچندي ۽ نه اهي ڏکوئبا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جي شخص پرهيزگار آهن خدا کين سندن ڪاميابي ۽ (نيڪ هجڻ) سبب نجات عطا ڪندو جو انهن کي (ڪا به) تڪليف ڇهندي به نه ۽ نه اهي ماڻهو (ڪنهن طرح) ڏک ڏسندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏائيندو الله انهن کي جيڪي پرهيزگار بڻيا انهن جي ڪاميابي جي جاءِ تي نه پهچندو انهن کي عذاب ۽ نه اهي غمگين ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله پرهيزگارن کي سندن ڪاميابيءَ سان بچائيندو. کين ڪابه بڇڙائي نه پهچندي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اهڙن ماڻهن کي جن پرهيزگاري ڪئي انهن جي سوڀ سان گڏ نجات ڏيندو ۽ انهن کي نه ڪا برائي پهچندي ۽ نه ئي اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِيل سَلامت جَن رکيو، ڀڳا ڪنان باھِ، مُوجب مُراد اُنهن جي، آجو ڪَندنِ اَلله، لڳي نه تَن کي لاھ، ۽ نه ڳڻِتي هُونديَنِ ڪنهن ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نيڪ شخصن کي الله ڇوٽڪارو ڏيئي وڃي سندن درجي تي پهچائيندو، نڪا کين تڪليف ٿيندي ۽ نڪي هو غمگين رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ماڻهن تقويٰ اختيار ڪئي هوندي، انهن جي ڪاميابيءَ جي سببن جي ڪري الله انهن کي ڇڏي ڏيندو، انهن کي ته نڪي ڪو تڪليف پهچندي ۽ نه هو ڏک ئي ڏسندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بچائيندو الله انهن پرهيزگارن کي سندن مراد موجب نه پهچندي انهن کي ڪا تڪليف ۽ نه اهي غمگين هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي بچائي کين ڪاميابي واري جاءِ تي آڻيندو، جتي انهن کي ڪابه تڪليف نه پھچندي ۽ نه هُو غمگين رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ خٰلِقُ كُلِّ شَيءٍ وَهُوَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ وَكيلٌ (آيت : 62) |
الله (ئي) سڀڪنھن شيء جو خلقيندڙ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شي جي سنڀال ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هر شيءِ جو خالق آهي، ۽ هر هڪ شيءِ جو نگهبان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى هر شيءِ جو خالق آهي، ۽ اهو الله تعالى هر شيءِ تي ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ئي هر شيءِ جو پيدا ڪرڻ وارو آهي ۽ هو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله پيدا ڪندڙ آهي هر شيءِ جو ۽ اهو هر شيءِ جي سنڀال ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي نگهبان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله هر شيءِ جو خلقڻهار آهي ۽ اُهو هر شيءِ تي نگهبان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ننڍي، وَڏي سَڀ ٽول کي، جوڙِيندڙ جبّار، ۽ هميشه هَر ٽول جو، سوئـِي سَنڀاليدار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله هر چيز جو خلقيندڙ آهي ۽ هو هر چيز جي سنڀال ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله هر شيءِ جو خالق آهي ۽ هو ئي هر شيءِ جو نگهبان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله خالق آهي هر شيءِ جو ۽ اهو ئي هر ڪنهن شيءِ جو نگهبان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهوئي هر شيءِ تي نگھباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُ مَقاليدُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 63) |
آسمانن ۽ زمين جون ڪُنجيون انھي ئي وٽ آھن، ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو اُھي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون سندس قبضي ۾ آهن، ۽ جن ماڻهن الله تعاليٰ جي آيتن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سي خساري ۽ نقصان هيٺ ايندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آسمانن ۽ زمينن (جي خزانن) جون چاٻيون ان جون آهن، ۽ جن ماڻهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي ئي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ ئي آهن ۽ جن ماڻهن سندس آيتن کان انڪار ڪيو اهي ئي نقصان ۾ رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جون ئي اهن ڪنجيون آسمانن ۽ زمين جون ۽ جن ڪفر ڪيو الله جي آيتن جو اهي خساري وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون ان وٽ آهن ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو، سي ئي نقصان وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان وٽ آسمانن ۽ زمين جون ڪنجيون آهن. ۽ جن ماڻهن الله جي آيتن سان ڪفر ڪيو اهي ئي تَوائِــي ٿيڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن هَٿ اُڀن ۽ ڀُون جون، ڪُنجون برقرار، ۽ اُهي، جَن ڪيو اَلله جي، آيتنِيان اِنڪار، وَڃڻا،سي وَڻجھار، نِسوري نُقصان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن جي ئي هٿ ۾ آسمانن خواهه زمين جون ڪنجيون آهن ۽ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو اهي ئي ٽوٽو پائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي خزانن جون ڪنجيون وٽس ئي آهن ۽ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن سان ڪفر ٿا ڪن، اهي ئي نقصان ۾ پوڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ (الله) وٽ ڪنجيون آهن آسمانن ۽ زمين (جي خزانن) جون ۽ جن (ماڻهن) ڪفر ڪيو الله جي آيتن سان اهي ئي آهن نقصان ۾ پوڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي خزانن جو اختيار ان وٽ ئي آهي ۽ جن ماڻهن الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪيو، اهي سڀ نقصان وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَفَغَيرَ اللَّهِ تَأمُرونّى أَعبُدُ أَيُّهَا الجٰهِلونَ (آيت : 64) |
چؤ ته اي بي عقلؤ مون کي (ھي) ڏسيندا آھيو ڇا ته الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن جي عبادت ڪريان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون مشرڪن کي) چئو ته، اي جاهلو! ڇا توهان مون کي اهو حڪم ٿا ڏيو ته مان خدا کي ڇڏي ٻين جي ٻانهپ ڪيان؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو اي جاهلؤ توهان مون کي مشورو ڏيو ٿا ته آئون الله کانسواءِ (بتن جي) عبادت ڪريان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته نادانو! ڀلا اوهين مون کي چئو ٿا ته آءُ خدا کان سواءِ (ڪنهن ٻئي) جي عبادت ڪريان!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڇا پوءِ الله جي غير جي لاءِ مون کي امر ڪيو ٿا ته مان عبادت ڪيان اي جاهلو! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چؤ ته اي جاهلو! ڇا مون کي هيءَ حڪم ڪريو ٿا ته الله کانسواءِ ٻئي جي عبادت ڪريان؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”اي جاهلو! ڇا اوهان مون کي اُهو حڪم ڪيو ٿا ته آءٌ الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي پوڄا ڪيان“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ته اي اَڄاڻ! ڇا مون کي اَوهِين ٿا آڇيو، ته پُوڄيان آئون پاڻ ڌاريان پاڪ ڌڻئَ ري؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئوته ”اي جاهلو! ڇا، اوهين مون کي ٿا ڏسيو ته الله کان سواءِ ٻين جي عبادت ڪريان؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته "اي جاهلؤ! ڇا توهان ٿا مونکي چئو ته الله کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي بندگي ڪريان؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ انهن کي ته ڇا آئون ڇڏي الله کي توهان جي چوڻ تي عبادت ڪريان ڪنهن ٻئي جي اي جاهلؤ!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته: اي جاهلو! توهان مون کي الله تعالى کي ڇڏي ٻين جي عبادت ڪرڻ لاءِ چئو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أوحِىَ إِلَيكَ وَإِلَى الَّذينَ مِن قَبلِكَ لَئِن أَشرَكتَ لَيَحبَطَنَّ عَمَلُكَ وَلَتَكونَنَّ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 65) |
۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توڏانھن وحي ڪيو ويو ۽ جيڪي توکان اڳ (ٻيا پيغمبر) ھوا تن (ھر ھڪ) ڏانھن (به) ته جيڪڏھن (الله سان ڪو) شريڪ مقرر ڪندين ته تنھنجا عمل ضرور ناس ٿيندا ۽ ضرور ڇيئي وارن مان ٿيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر حقيقت هيءَ آهي ته، (اي پيغمبر!) توڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي موڪليو ويو آهي ته جيڪڏهن تون شرڪ ڪندين (يعني خدا جي حڪمن کي ڇڏي شيطان جي واٽ وٺندين) ته تنهنجا عمل ضايع ٿي ويندا ۽ تون وڏي نقصان هيٺ اچي ويندين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق توهان ڏانهن ۽ توهان کان اڳين ماڻهن ڏانهن وحي موڪلي وئي ته جيڪڏهن تو (اي ٻڌندڙ) شرڪ ڪيو ته يقيناً تنهنجا عمل ڪِري پوندا ۽ يقيناً تون نقصان وارن مان ٿيندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تو ڏي ۽ انهن (پيغمبرن) ڏي جيڪي تو کان اڳ ٿي چڪا آهن. پڪ هي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شرڪ ڪيو ته پڪ تنهنجو عمل اڪارت ٿي ويندو ۽ تون بلڪل نقصان پائڻ وارن مان ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق وحي ڪيو ويو توڏانهن ۽ انهن ڏانهن جيڪي توکان اڳي هئا ته البته جيڪڏهن شرڪ ڪيو تو ته البته ضرور ڪرندا عمل تنهنجا ۽ البته ضرور ٿيندين تون خساري وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ توڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن تون (الله سان ڪنهن کي) شريڪ ڪندين ته تنهنجا عمل برباد ٿيندا ۽ تون نقصان وارن مان ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تو ڏانهن وحي ڪئي وئي آهي ۽ انهن (نبين) ڏي به جيڪي تو کان اڳ (آيا) هئا، ته جيڪڏهن تو (الله سان ڪنهن کي) شريڪ ڪيو ته ضرور تنهنجا عمل چٽ ٿي ويندا ۽ تون نقصان وارن مان ٿيندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تو ۽ توکان اڳيَن ڏي، آيو اِي اِلهام، جي گڏيو، تو غير کي، آگي، ساڻ عَلام، ته ڪانٽي مان، ڪيرائبا، تُنهنجا ڪَم تمام، ۽ ڪامل! مَنجھ قِيام، هُوندين اَڻـهـُوندن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تو ڏانهن خواهه توکان اڳين نبين ڏانهن وحي ڪيل آهي، ته جيڪڏهن الله سان ڪو به ڀائيوار سمجهندين، ته تنهنجا سڀ عمل چٽ ٿيندا ۽ تون ضرور ٽوٽي ۾ پوندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اها ڳالهه کين کولي چئي ڇڏڻ گهرجي ڇو جو) توڏانهن توڙي توکان اڳ ٿي گذريل سڀني نبين ڏانهن اهو وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن شرڪ ڪندين ته سڀ ڪيو ڪِرتيو چٽ ٿي ويندو ۽ نقصان ۾ پيلن مان ٿي ويندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (تون انهن کي صاف ٻڌائي ڇڏ ته) بيشڪ (ائين) وحي موڪليو اسان تو ڏي توکان اڳي آيل (نبين وانگر)، ته جيڪڏهن تو شرڪ ڪيو ته چٽ ٿي ويندا عمل تنهنجا ۽ تون ضرور ٿي ويندين خساري وارن منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تنھنجي ۽ توکان اڳ گذريل سڀني نبين ڏي اها ئي وحي ڪئي وئي هئي ته جيڪڏهن توهان شرڪ ڪيو ته توهان جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا ۽ توهان سڀ ضرور نقصان وارن مان ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلِ اللَّهَ فَاعبُد وَكُن مِنَ الشّٰكِرينَ (آيت : 66) |
(نه!) بلڪ رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شُڪر ڪرڻ وارن مان ھُج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نه (ٻين جي واٽ نه وٺو) بلڪه فقط الله جي ٻانهپ ڪيو، ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪري سندس مفيد حڪمن جي تعميل ڪري ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ تون الله تعالى جي عبادت ڪر ۽ تون شڪر ڪندڙن مان هج(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اوهين خدا جي عبادت ڪريو ۽ شڪر گذارن مان ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ الله جي پوءِ عبادت ڪر ۽ هُج شڪر ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بلڪه رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيءُ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه تون الله جي عبادت ڪر ۽ شڪر گذارن مان هج.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُٽلو پُوڄ اَلله کي، ۽ ٿِي ڳُڻ موکن مان مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ تون فقط الله جي ئي عبادت ڪر ۽ شڪر ڪندو رهه.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ (اي نبي) تون بس الله جي ئي ٻانهپ ڪر ۽ شڪر ادا ڪندڙ ٻانهن مان ٿي وڃ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (تنهنڪري اي نبي!) الله جي ئي بندگي ڪر ۽ ٿي وڃ شڪرگذار بندن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! بس!) تون الله تعالى جي عبادت ڪندو رهه ۽ شڪر گذار ٻانهن مان ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما قَدَرُوا اللَّهَ حَقَّ قَدرِهِ وَالأَرضُ جَميعًا قَبضَتُهُ يَومَ القِيٰمَةِ وَالسَّمٰوٰتُ مَطوِيّٰتٌ بِيَمينِهِ سُبحٰنَهُ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 67) |
۽ (اُنھن) الله کي جئين سندس ڄاڻڻ جو حق آھي (تئين) نه سڃاتو، ۽ قيامت جي ڏينھن ساري زمين سندس مُٺ ۾ ھوندي ۽ آسمان سندس سڄي ھٿ ۾ ويڙھيل ھوندا، اُھو پاڪ آھي ۽ اُنھيءَ کان مٿاھون آھي جيڪي ساڻس شريڪ ٺھرائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (افسوس) هنن ماڻهن الله تعاليٰ (جي علم، قدرت، رحم، نعمتن ۽ وحي) جو اهڙو قدر نه ڪيو آهي جهڙو ڪرڻ گهرجي. (سندس قدرت ۽ طاقت ايڏي ته آهي جو) قيامت جي ڏينهن سڄي زمين سندس مٺ ۾ پئجي ويندي ۽ سڀ آسمان سندس سڄي هٿ ۾ پئجي ويندا. وڏو شان آهي الله جو ۽ هو پاڪ ۽ بلند آهي انهن کان جن کي هنن خدا سان شريڪ سمجهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن الله تعالى جي شان وٽان الله تعالى جو قدر نه ڪيو، ۽ قيامت جي ڏينهن سموريون زمينون ۽ آسمان آئون پنهنجي طاقت سان پنهنجي دستِ قدرت ۾ گڏ ڪندس، الله تعالى انهن جي شرڪ ڪرڻ کان پاڪ ۽ بلند آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ماڻهن خدا جو جهڙو قدر ڪرڻ گهربو هو (تهڙو ڪجھ به) قدر نه ڪيو. هوڏانهن (اهو اهڙو قادر آهي جو) قيامت جي ڏينهن سموري زمين (ڄڻ ته) سندس مٺ ۾ ئي هوندي ۽ سڀ آسمان (ڄڻ ته) سندس سڄي هٿ ۾ ويڙهيل (سهيڙيل) هوندا جنهن کي اهي ماڻهو سندس شريڪ بنائين ٿا اهو ان کان پاڪ ۽ بلند آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه قدر ڪيائون الله جو قدر جو حق ۽ زمين سموري مُٺ ان جي ۾ آهي قيامت جي ڏينهن ۽ آسمان ويڙهيل هوندا ان جي (قدرتي) سڄي هٿ ۾ پاڪائي آهي ان جي ۽ مٿاهون ٿيو ان کان جو شريڪ بنائن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جو قدر نه ڪيائون جيئن ان جي قدر جوحق آهي. ۽ قيامت جي ڏينهن زمين ساري سندس مٺ ۾ هوندي ۽ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. اهو پاڪ آهي ۽ جن کي ساڻنس شريڪ ڪن ٿا تن کان بلند آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو قدر (۽ تعظيم ائين) نه ڪيائون جيئن ان جي قدر (۽ تعظيم) جو حق هيو. ۽ سارِي جو سارِي زمينَ قيامتَ واري ڏينهنِ سندسِ مُٺِ ۾ هُوندي، ۽ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. اُهو پاڪ آهي ۽ جن کي ساڻس شريڪ ڪن ٿا تن کان بلند آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هرگز شان حُضور، نه ڄاتئون، ڄاڻڻ جِيئن کپي. ۽ ڀُون مِڙئـِي مُٺ اُن جي، ٿَر بَر، ٿاڻا ٿاڪ،۽ سَندسِ سَڄي هَٿ ۾، ويڙهيل اُڀ اَفلاڪ، ڪاغذ جِيئن، قيام ڏينهن؛ آهي پَڪ سو پاڪ، ۽ جي ڀيڙا ڪن بي باڪ، اَلله اُتم ٿيو، اُنهن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن الله جو اهڙو قدر نه ڪيو، جهڙو سندس قدر ڪرڻ کپي_ ۽ قيامت ڏينهن ته سموري زمين سندس مٺ ۾ هوندي ۽ ويڙهيل آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ هوندا_ هو پاڪ آهي ۽ انهيءَ کان مٿانهون آهي، جيڪي هو ساڻس شريڪ ڀائيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن الله جو ڪو قدر نه سڃاتو، جيئن جو قدر ڪرڻ کپندو هو. (سندس قدرت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو) قيامت جي ڏينهن ساري زمين سندس مــُـٺ ۾ هوندي ۽ آسمانَ سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا، هو ته پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي انهيءَ شرڪ کان جيڪو اهي ماڻهو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪيو قدر (انهن ماڻهن) الله جو جيئن حق آهي سندس قدر ڪرڻ جو ۽ زمين ساري سندس مٺ ۾ هوندي ڏينهن قيامت جي ۽ آسمان ويڙهيل هوندا سندس ساڄي هٿ ۾، هو پاڪ ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن ته الله تعالى جو قدر ئي نه سڃاتو آهي، جھڙو قدر سڃاڻڻ جو حق آهي ۽ قيامت جي ڏينھن پوري زمين سندس مُٺ ۾ هوندي ۽ سڀ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. الله تعالى پاڪ آهي ۽ گهڻو مٿانھون آهي اُنهن کان جن کي هي ماڻهو شريڪ بڻائين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَصَعِقَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَمَن فِى الأَرضِ إِلّا مَن شاءَ اللَّهُ ثُمَّ نُفِخَ فيهِ أُخرىٰ فَإِذا هُم قِيامٌ يَنظُرونَ (آيت : 68) |
۽ (پھريون ڀيرو) صُور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪو زمين ۾ آھي سو (سڀڪو) مرندو پر جنھن لاءِ الله گھريو (سو نه)، وري اُن ۾ ٻيو ڀيرو ڦوڪبو ته اُمالڪ کڙا ٿي (پيا) ڏسندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي ته پوءِ (ان جي آواز تي) جيڪو به آسمانن ۽ زمين تي آهي سو بيهوش ٿي ويندو. سواءِ انهيءَ جي جو جنهن کي الله تعاليٰ چاهيندو (ته بيهوش نه ٿئي) پوءِ ٻيهر توتاري وڄائي ويندي ته هڪدم سڀ ماڻهو کڙا ٿي بيهندا ۽ (هيڏي هوڏي نهاريندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ بيهوش ٿيندا جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمينن ۾ آهن مگر جنهنکي الله تعالى چاهي (بچائي)، ان کان پوءِ ان ۾ ٻي ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ يڪدم اهي انتظار ۾ بيٺل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جڏهن پهريون ڀيرو) صور ڦوڪيو ويندو ته جيڪي آسمانن ۾ آهن سي ۽ جيڪي زمين ۾ آهن اهي (سڀ موت کان) بيهوش ٿي ڪري پوندا پر (هاءُ) جنهن کي خدا گهري (سو البت بچي پوندو) وري (جڏهن) ٻيو ڀيرو صور ڦوڪيو ويندو ته يڪدم سڀئي اٿي بيهي ڏسڻ لڳندا!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ بيهوش ٿي ڪرندا اهي جيڪي آسمانن ۾ هوندا ۽ اهي جيڪي زمين ۾ هوندا مگر جيڪي گهريو الله ان کان پوءِ ڦوڪ ڏني ويندي ان ۾ ٻيو ڀيرو پوءِ اوچتو ئي اهي بيهندڙ ٿي ڏسندا رهندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (پهرئين ڀيري) صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي مرندا ان کانسواءِ جنهن کي الله گهري. وري صور ۾ ٻئي ڀيري ڦوڪيو ويندو ته اُهي اُمالڪ (قبرن مان نڪري) کڙا ٿي پيا نهاريندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن سي بي هوش ٿي ويندا سواءِ ان جي جنهن کي الله گهري. وري صور ۾ ٻئي ڀيري ڦوڪيو ويندو پوءِ اچانڪ اُهي بيهي نهارڻ لڳندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦوڪيو وِيندو ڏنڊ ۾، پوءِ مَرن مِڙوئـِي مُور، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، ڀَتو ڀَتين ڀَر پُور، مگر بَچن موت کان، جي گُھري رَبُّ غفور، موٽِي مَنجھسِ ڦوڪيو ويو، حُڪم ساڻ حُضور، ته اِجھو اَهل قُبور، اُڀا ڦِيرِينِ اکيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”صور“ ۾ ڦوڪبو، ته جيڪو به آسمانن ۾ آهي خواهه جيڪو زمين ۾ آهي، سو سڀ مري ويندو؛ سواءِ انهي جي، جنهن کي الله (بچائڻ) گهري_ پوءِ وري ٻيو دفعو ڦوڪبو، ته هو هڪدم اُٿي ڏسندا پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اهي سڀ جيڪي به آسمانن توڙي زمين ۾ آهن، بيساها ٿي ڪري پوندا، باقي اهي نه ڪرندا جن کي الله بچائڻ چاهيندو. پوءِ وري ٻيهر صور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ امالڪ سڀئي اُٿي کڙا ٿي پيا ڏسندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڦوڪي ويندي ان ڏينهن صور (پوءِ سڀ مري ڪِري پوندا جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾، سواءِ انهن جي (جن کي جيئرو رکڻ) گهري الله، پوءِ وري ڦوڪي ويندي ٻي صور، پوءِ امالڪ سڀ اٿي کڙا ٿي ڏسڻ لڳندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ فنا ٿي ويندي، سواءِ ان جي جنھن کي الله تعالى زنده رکي. پوءِ وري ٻيھر صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته اُهي سڀ اُٿي نهارڻ لڳندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَشرَقَتِ الأَرضُ بِنورِ رَبِّها وَوُضِعَ الكِتٰبُ وَجِا۟يءَ بِالنَّبِيّۦنَ وَالشُّهَداءِ وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 69) |
۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نُور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکبو ۽ پيغمبرن ۽ شاھدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حق سان نبيرو ڪبو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي ويندي ۽ (ماڻهن جي عملن جو) ڪتاب (کولي ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شهيدن کي (شاهدي ڏيڻ لاءِ) آندو ويندو ۽ ساڻن ذرو به بي انصافي ڪانه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي نور سان زمين روشن ٿيندي ۽ (هر شخص جي اڳيان سندس) عمل نامون رکيو ويندو ۽ پيغمبر ۽ گواه آندا ويندا ۽ مخلوق جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي پوندي. پڻ (عملن جو) ڪتاب (ماڻهن جي اڳيان) رکيو ويندو، ۽ پيغمبر ۽ شاهد آڻي حاضر ڪيا ويندا ۽ انهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي (ذري جيترو به) ظلم نه ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ روشن ٿيندي زمين پنهنجي رب جي نور سان ۽ رکيو ويندو ڪتاب ۽ آندا ويندا انبياء ۽ شاهد ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن ۾ حق سان ۽ اهي ظلم نه ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ زمين پنهنجي پاليندڙ جي نور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شاهدن کي آندو ويندو ۽ سندن وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ زمين پنهنجي پالڻهار جي نور سان چمڪي پوندي ۽ (هر هڪ اڳيان عملن جو) ڪتاب رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شاهدن کي آندو ويندو، ۽ انهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چمڪي ڀُون چوڌار، سَندسِ ڌڻئَ جي نُور سان، ۽ آڻي اڳيان رکيا وِيا، عَملن جا اَنبار، ۽ نَبِي ۽ شاهِد سامهان، اَچِي بِيٺابرقرار، ۽ ڪيو وِيو انصاف سان، اُنهن وِچ آچار، ۽ حق نه مورهِين مارِبو، ڪو تَنِين جو تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زمين سندس ڌڻيءَ جي نور سان روشن ٿيندي، ڪتاب رکبو. نبين ۽ شاهدن کي آڻبو ۽ سندن وچ ۾ حقي فيصلو ڪبو ۽ مٿن ظلم نه ڪبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين پنهنجي رب جي نور سان روشن ٿي ويندي ۽ عملن وارو ڪتاب آڻي رکيو ويندو. سڀ نبي ۽ سمورا شاهد آڻي حاضر ڪيا ويندا. ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪيا ويندا ۽ مٿن ڪو به ظلم نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ روشن ٿي ويندي زمين نور سان پنهنجي رب جي ۽ آڻي رکيو ويندو ڪتاب (عملن جو) ۽ حاضر ڪيا ويندا سڀ نبي ۽ شاهد ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن جي وچ ۾ بلڪل حق سان ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين پنھنجي پالڻھار جي نور سان چمڪندي ۽ سڀني جو اعمال نامو کوليو ويندو، نبين سڳورن ۽ سڀني گواهن کي حاضر ڪيو ويندو ۽ انهن سڀني جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ ڪنھن تي به ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت وَهُوَ أَعلَمُ بِما يَفعَلونَ (آيت : 70) |
سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھنجو پورو بدلو کيس ڏبو ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هر هڪ شخص کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو، ۽ (عمل لڪي به ڪونه سگهندا ڇو ته) جيڪي جيڪي ماڻهو ڪن ٿا سو سڀ هو ڀليءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ هر شخص کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ اهو ئي سندن عملن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص جو ڪجھ ڪيو هوندو تنهن کي ان جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. ۽ جو ڪجھ اهي ماڻهو ڪن ٿا اهو تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پورو بدلو ڏنو ويندو هر نفس ان جو جيڪو ڪيائين ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جيڪوڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو تنهن جو ان کي پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ (ماڻهو) جيڪي به ڪن ٿا تنهن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر شخص کي ان جي عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ اهو چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪجهه اُهي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جُڙيا هر ڪِنهن جِئ کي، جي ڪيائين پورهيا پار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، واحِد واقِف اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هر شخص جيڪي ڪمايو، ان جو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هرهڪ کي جيڪي ڪجهه به عمل ان ڪيو هوندو، تنهن جو پورو پورو اجورو ڏنو ويندو. الله ته چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪي ڪجهه به انهن ماڻهن ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پورو بدلو ڏنو ويندو هر ڪنهن شخص کي جيڪي ان عمل ڪيا هوندا ۽ اهو (الله آهي) سڀڪجهه ڄاڻندڙ جيڪي ڪجهه اهي ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن به جيڪو عمل ڪيو هوندو کيس پورو پورو بدلو ڏنو ويندو. الله تعالى کي انهن جي ڪمن جي خوب خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسيقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ جَهَنَّمَ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها فُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها أَلَم يَأتِكُم رُسُلٌ مِنكُم يَتلونَ عَلَيكُم ءايٰتِ رَبِّكُم وَيُنذِرونَكُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا قالوا بَلىٰ وَلٰكِن حَقَّت كَلِمَةُ العَذابِ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 71) |
۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانھن ھڪالبو، تان جو جڏھن اُن وٽ پھچندا (تڏھن) اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا داروغا کين چوندا ته اوھان مان اوھان وٽ ڪي پيغمبر نه آيا ھوا ڇا؟ جو اوھان کي اوھان جي پالڻھار جون آيتون پڙھي ٻڌائين ۽ اوھان کي ھن ڏينھن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارين، چوندا ته ھائو (آيا ھوا ڊيڄاريو به ھوائون) پر ڪافرن تي عذاب جو حُڪم ثابت ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪافرن کي جهنم ڏانهن ٽولين ۾ وٺي ويندا، تانجو جڏهن اهي اتي پهچندا تڏهن ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا محافظ (فرشتا کين) چوندا ته، ڇا توهان ڏي توهان منجهان رسول ڪونه آيا هئا؟ جيڪي توهان کي توهان جي پروردگار جون آيتون ۽ حڪم پڙهي ٻڌائيندا هئا ۽ اوهان کي اوهان جي هن ڏينهن جي پيش اچڻ متعلق به خبردار ڪندا هئا؟ (عجب آهي جو تنهن هوندي به توهان هيترا سارا جهنم ۾ پهچڻ لاءِ اچي نڪتا آهيو، ٻيا فرشتا جواب ۾) چوندا ته، هائو! (رسول ته برابر وٽن ويا هئا ۽ کين خبردار به ڪيائون ته به هو برا فعل ڪندا رهيا) سو عذاب جو حڪم ۽ واعدو ڪافرن بابت سچو ثابت ٿيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن کي ٽولا ٽولا ڪري جهنم ڏانهن ڪاهيو ويندو، ايستائين جو جڏهن اُهي اُتي پهچندا ته جهنم جا دروازا کوليا ويندا ۽ ڪافرن کي جهنم جا ڪم ڪندڙ فرشتا چوندا ڇا توهان وٽ توهان مان رسول نه آيا؟ جيڪي توهان تي توهان جي رب جون آيتون پڙهندا هئا ۽ توهان کي هن ڏينهن (قيامت) جي ملڻ کان ڊيڄاريندا هئا، ڪافر چوندا، ها!. پر ڪافرن تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي چُڪي (آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏي هڪليو ويندو تان جو جڏهن دوزخ وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ دوزخ جا دروغا کين چوندا ته اوهان مان توهان وٽ ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جي اوهان کي اوهان جي پروردگار جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ هن (بري) ڏينهن جي پيش اچڻ کان اوهان کي ڊيڄارين؟ ڪافر چوندا ته هاءُ! (آيا ته هئا) پر (اسان نه مڃيو ۽)عذاب جو حڪم ڪافرن جي باري ۾ ثابت ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هڪليا ويندا ڪافر جهنم ڏانهن ٽولا ٽولا ڪري تانجو جڏهن ان وٽ ايندا ته کوليا ويندا ان جا دروازا ۽ چوندا انهن کي ان جا داروغا ڇا نه آيا اوهان وٽ رسول اوهان مان جو پڙهن پيا اوهان تي اوهان جي رب جون آيتون ۽ ڊيڄارين پيا اوهان کي ان جي هن ڏينهن جي اچڻ کان چوندا هائو ۽ پر ثابت ٿي چڪو آهي حڪم عذاب جو ڪافرن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن کي ٽوليون ٽوليون ڪري جهنم ڏي ڪاهيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته اوهان مان اوهان وٽ ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جي اوهان کي اوهان جي پاليندڙ جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ هن ڏينهن جي پيش اچڻ کان اوهان کي ڊيڄارين. (ڪافر) چوندا ته هائو! پر (اسان) ڪافرن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي ٽوليون ٽوليون ڪري دوزخ ڏانهن هڪليو ويندو. تانجو جڏهن ان (جهنم) وٽ ايندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته: ”ڇا اوهان وٽ اوهان مان ڪي رسول نه آيا هئا؟ جي اوهان کي اوهان جي پالڻهار جون آيتون پڙهي ٻڌائن ۽ توهان کي هن ڏينهن جي پيش اچڻ کان ڊيڄارن“؟ چوندا ته: ”هائو“ (آيا هئا) پر ڪافرن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿي چڪو هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڦِريا کون فرمان، اُهي ڪامَن سان ڪاهِبا، ٽولِيَن پُٺيان ٽوليون، هاوِئَ ڏي حيران، تان آيَسِ، تڏهن اُن جا، کُلِيَل دَر دالان، ۽ پُڇن پار اُنهن کان، دوزخ جا دَربان، ڇا، آيان نه اَوهان مَنجھان، ڪي مُرسل مِهربان؟ جي آن تي، اَنهنجي ربَّ جا پَڙهن باب بيان، ۽ هِن ڏِينهن جي ڏَهڪار جو، ڪن اوهان کي اعلان، تڏهن اُنهن اِقرار ڪيو، ظاهر ساڻ زبان، پر ثابِت سخت عذاب جو، ٿيو قَلم مٿي ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن کي ٽوليون ڪري جهنم ڏي ڪاهبو، تان جو جڏهن هو وٽس پهچندا، ته ان جا دروازا کولبا؛ ۽ ان جا چوڪيدار کين چوندا ته ”ڇا، اوهان وٽ اوهان منجهان ئي ڪي رسول ڪونه آيا هئا؛ جي اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ جون آيتون پڙهي ٻڌائين ۽ اوهان کي هن ڏينهن جي سامهون اچڻ کان ڊيڄارين؟“ چوندا ”هائو، مگر ڪافرن تي عذاب جو حڪم ثابت ٿيو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (فيصلي ٿي وڃڻ کانپوءِ ) اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو هو، تن کي ٽولن جي شڪل ۾ جهنم ڏانهن هڪليو ويندو، تان جو جڏهن اهي اتي پهچندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته "توهان وٽ توهان منجهان ڪي رسول نه آيا هئا ڇا؟ جو کڻي توهان کي توهان جي رب جون آيتون ٻڌائين ها ۽ توهان کي ڊيڄارين ها ته ڪڏهن هيءُ ڏينهن به ڏسڻو پوندوَ؟" هو جواب ڏيندا ته "هائو! آيا ته هئا پر عذاب جو فيصلو ڪافرن تي لاڳو ٿي چڪو هو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (فيصلي کان پوءِ) هڪليا ويندا اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو، دوزخ ڏي ٽولا ڪري، تان جو جڏهن اهي اتي پهچندا ته پوءِ کوليا ويندا ان (دوزخ) جا در، ۽ چوندا انهن کي چوڪيدار انهيءَ جا (فرشتا) ڇا نه آيا توهان وٽ ڪي رسول توهان مان، جيڪي پڙهي ٻڌائين توهان کي آيتون توهان جي رب جون ۽ ڊيڄارين توهان کي ته ڏسڻو نه پوي ها توهان کي هي (اڄوڪو) ڏينهن؟ اهي چوندا، هائو! آيا هئا پر ثابت ٿي ويو (هي) ٻول عذاب جو (انهن) ڪافرن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪافرن کي ٽولا ٽولا ڪري جھنم ڏي هڪليو ويندو. پوءِ جڏهن هو اتي پھچندا ته جھنم جا دروازا کوليا ويندا. ان جا داروغا چوندا ته ڇا توهان وٽ توهان مان رسول سڳورا نه آيا هئا؟ جن توهان کي توهان جي پالڻھار جون آيتون پڙهي ٻڌايون هجن ۽ اڄوڪي ڏينھن تي پيش ٿيڻ کان ڊيڄاريو هجي. هو چوندا ته برابر آيا هئا. پر ڪافرن تي عذاب جو حڪم جاري ٿي چڪو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قيلَ ادخُلوا أَبوٰبَ جَهَنَّمَ خٰلِدينَ فيها فَبِئسَ مَثوَى المُتَكَبِّرينَ (آيت : 72) |
(پوءِ انھن کي) چئبو ته دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ آھيو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڪافرن کي) چيو ويندو ته، (هاڻي) جهنم جي دروازن ۾ گهڙو. توهان ان (جهنم) ۾ هميشه لاءِ رهندؤ (۽ پچندؤ) پوءِ (ڏسو ته) تڪبر ڪرڻ وارن جي جاءِ ڪهڙي نه خراب هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪافرن کي چيو ويندو توهان هميشه هميشه رهڻ لاءِ جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿيو، پوءِ تڪبر ڪندڙن جو ڪهڙو نه خراب ٺڪاڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ کين) چيو ويندو ته دوزخ جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ هميشه پيا رهو. غرض وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو ويندو داخل ٿيو جهنم جي دروازن کان هميشہ رهندڙ ان ۾ پوءِ بري آهي جاءِ هٺيلن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پوءِ کين) چيو ويندو ته جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ پيا رهندو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (کين) چيو ويندو ته جهنم جي دروازن مان داخل ٿيو ان ۾ هميشه رهندؤ. پوءِ هٺيلن جي جاءِ ڏاڍي بڇڙي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، دوزخ جي دَرن مان، داخِل ٿيو ديوان! درد کِيندڙ دائـِما، مَنجِھين اِن مَڪان، پوءِ بُڇڙو بي گمان، مَغرورن جو ماڳ ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئبن ”دوزخ جي دروازن مان گهڙو، اوهين منجهس سدائين رهندا_ پوءِ وڏائي ڪندڙن جي رهڻ جي جاءِ ڪهڙي نه بڇڙي آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چيو ويندن ته "جهنم جي دروازن ۾ داخل ٿي وڃو، اتي ئي هاڻي سدائين رهڻو اٿوَ. ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي وڏائي ڪندڙن لاءِ " (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو ويندو ته، داخل ٿي وڃو دروازن کان دوزخ ۾، جتي سدائين رهڻو آهي (توهان کي) پوءِ اها ڏاڍي بڇڙي جاءِ آهي وڏائي خورن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي چيو ويندو ته هلو، جھنم جي دروازن کان اندر داخل ٿيو. هاڻي توهان ان ۾ هميشه رهندا. غرور ڪرڻ وارن جي لاءِ ڪيڏي نه بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسيقَ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم إِلَى الجَنَّةِ زُمَرًا حَتّىٰ إِذا جاءوها وَفُتِحَت أَبوٰبُها وَقالَ لَهُم خَزَنَتُها سَلٰمٌ عَلَيكُم طِبتُم فَادخُلوها خٰلِدينَ (آيت : 73) |
۽ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا سي ٽوليون ٽوليون بھشت ڏانھن روانا ڪبا، تانجو جڏھن اُن وقت ايندا ۽ اُن جا دروازا کولبا ۽ اُن جا دواروغا کين چوندا ته اوھان تي سلام ھجي اوھين (ھاڻي) خوش رھو پوءِ منجھس ھميشه رھڻ لاءِ گھڙو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن پنهنجي پروردگار کان ڊڄي نيڪيءَ جي واٽ اختيار ڪئي هئي تن کي ٽولين ۾ جنت ڏانهن وٺي ويندا. تان جو جڏهن هو اتي پهچندا تڏهن ان جا دروازا (هڪدم) کلي پوندا ۽ ان جا محافظ فرشتا کين (کيڪاري مرحبا ڪري) چوندا ته اوهان تي سلام (۽ سلامتي) هجي، خوش رهو! هن جنت ۾ هميشه رهڻ لاءِ داخل ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مؤمنن کي (جلدي سوارين تي سوار ڪرائي) جنت ڏانهن جماعتون جماعتون ڪري روانو ڪيو ويندو، ايستائين جو اهي جڏهن اُتي پهچندا ۽ جنت جا دروازا کوليا ويندا ۽ مؤمنن کي جنت جا ڪم ڪندڙ فرشتا چوندا ته توهان تي سلام آهي، توهان خوش رهو پوءِ هميشه هميشه رهڻ لاءِ توهان جنت ۾ داخل ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي (دنيا ۾) پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا تن کي جنت ڏي (وڏي عزت) سان ٽوليون ٽوليون ڪري روانو ڪيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ته ان جا نگهبان کين چوندا سلام عليڪم (اوهان تي سلام هجي) اوهين چڱا رهيا! ۽ ان ۾ هميشه (هميشه) رهڻ لاءِ داخل ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ روانا ڪيا ويندا اهي جيڪي ڊڄندا پنهنجي رب کان جنت ڏانهن ٽولا ٽولا ڪري تانجو جڏهن ان وٽ پهچندا ۽ کوليا ويندا ان جا دروازا ۽ چوندا انهن کي ان جا داروغا ته سلام آهي اوهان تي خوش ٿيو پوءِ انهن ۾ داخل ٿيو هميشہ رهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي (دنيا ۾ ) پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن کي جنت ڏي ٽوليون ٽوليون ڪري روانو ڪيو ويندو تان جو جڏهن ان وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته اوهان تي سلام هجي اوهين خوش رهو! پوءِ ان ۾ هميشة رهڻ لاءِ داخل ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي پالڻهار کان ڊڄندا رهيا انهن کي جنت ڏانهن جماعتون ڪري روانو ڪيو ويندو. تانجو جڏهن ان (جنت) وٽ ايندا ۽ ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا: ”توهان تي سلام هجي، توهان خوش رهو پوءِ ان ۾ هميشه رهڻ لاءِ داخل ٿيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رکيو پَنهنجي ربَّ جو، جَن سونڪو مَنجھ سَرِير، جماعتون جنت ڏي، ويا موڪليا سي مِير، اُپٽيا دَر اُن جا، جڏهن ويجھا آيسِ وِير، ۽ تڏهن اُتارِيَن اُن جي کِلِي ڏِنيَن کِير، آن تي سَداسلامتِي، خُوش خُوش رهو خبِير! پوءِ مَنجھ اِن مُلڪ مَلِير، داخل ٿيو دائـِما.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڌڻيءَ کان ڊڄندڙ، ٽوليون ڪري بهشت ڏي موڪلبا، تان جو جڏهن وٽس ايندا ۽ ان جا دروازا کولبا ته ان جا چوڪيدار کين چوندا ته ”اوهان تي سلام هجي، اوهين خوش رهو ۽ منجهس هميشه رهڻ لاءِ گهڙو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب جي نافرمانيءَ کان پاسو ڪندا هئا، انهن کي ٽولن جي صورت ۾ جنت ڏانهن اماڻيو ويندو، تانجو جڏهن هو اتي پهچندا ته ان جا دروازا اڳواٽ ئي کوليا ويا هوندا ۽ ان جا داروغا کين چوندا ته "توهان تي سلام هجي، توهان پاڻ ملهايو، داخل ٿيو ان ۾ هميشه لاءِ " (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ روانو ڪيو ويندو انهن ماڻهن کي به، جيڪي ڊڄندا هئا پنهنجي رب کان، جنت ڏانهن ٽولن جي صورت ۾، تان جو جڏهن اهي اتي پهچندا ۽ اڳ ۾ ئي کوليا ويا هوندا (جنت جا) دروازا ته چوندا انهن کي ان جا منتظم (فرشتا)، سلام هجي توهان تي خوش هجو، پوءِ داخل ٿي وڃو ان ۾ هميشه رهڻ جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان ڊِنا تن کي ٽولا ٽولا ڪري جنت ڏانھن آندو ويندو. جڏهن هو اتي پھچندا ته ان جا دروازا کوليا ويندا ۽ انهن کي جنت جا داروغا چوندا ته توهان تي سلامتي هجي، توهان خوش رهو ۽ هاڻي هميشه لاءِ ان ۾ داخل ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى صَدَقَنا وَعدَهُ وَأَورَثَنَا الأَرضَ نَتَبَوَّأُ مِنَ الجَنَّةِ حَيثُ نَشاءُ فَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 74) |
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھيءَ الله کي جُڳائي جنھن پنھنجو انجام اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي (ھن) زمين جو وارث ڪيائين بھشت مان جتي وڻندو اٿون اُتي جڳه وٺون ٿا، پوءِ عمل ڪندڙن جو اَجر (ڪھڙونه) چڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (جنتي) چوندا ته، سڀ ساراهه (۽ شڪر) آهي ان الله جي لاءِ جنهن اسان سان ڪيل پنهنجو واعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي هن زمين (يعني جنت) جو وارث بنايو. هن جنت ۾ اسان کي جتي وڻي تتي رهي ٿا سگهون. چڱا عمل ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه عمدو اجر ۽ انعام آهي!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مؤمن چوندا سڀئي تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جنهن اسان لاءِ پنهنجي وعدي کي پورو ڪيو ۽ اسان کي جنت جو وارث بنايو جو اسين جنت ۾ جتي اسين چاهيون اتي رهون، پوءِ نيڪوڪارن جو ڪهڙو نه بهترين اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي (مومن) چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو انجام سچو ڪيو ۽ اسان کي (بهشت جي) زمين جو وارث ڪيائين. بهشت ۾ جتي چاهيون ٿا اتي رهون ٿا ته نيڪ ٿي هلڻ وارن جو عوض ڪهڙو نه سٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا سڀ ساراھ الله جي لاءِ (ثابت) آهي جنهن سچو ڪيو اسان سان پنهنجو وعدو وارث ڪيائين اسان کي زمين جو رهون ٿا بهشت مان جتي گهرون پوءِ چڱو ٿيو اجورو عمل ڪندڙن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو انجام سچو ڪيو ۽ اسان کي (جنت جي) زمين جو وارث ڪيائين. جنت مان جتي گهرون ٿا اتي رهون ٿا. پوءِ (اهو) عمل ڪندڙن جو اجر (ڪهڙو نه) چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي (جنتي) چوندا ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان سان پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي (جنت جي) زمينِ جو وارث بنايائين ۽ اسان ان جنت ۾ جتي چاهيون رهون، پوءِ نيڪ عمل ڪرڻ وارن جو ڪهڙو ڀلو اجر آهي“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتو تَن، ته اَلله جا، هردم حمد هزار، جنهن پاڪ، اسان سان پارِيا پَنهنجا قول قرار، ۽ ڀُون اسان کي بَخشئـِين، سَدا باغ بهار، جِتي گُھرون جَنت مان، ته گُھمون وِئَ وَلهار، پوءِ سُهڻو ٿيو سَهوار، اَجر عامِلن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا ”سڀ ڪا واکاڻ انهي الله کي ئي جڳائي، جنهن پنهنجي انجام کي اسان سان سچو ڪيو ۽ اسان کي هن جو وارث ڪيائين، جو بهشت مان جتي وڻي، اتي ٿا جاءِ وٺون!“ چڱا ڪم ڪندڙن جو اجر ڪهڙو نه سٺو آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو چوندا: "شڪر آهي انهيءَ الله جو، جنهن اسان سان پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي زمين جو وارث بڻائي ڇڏيائين، جو جنت ۾ جتي به وڻي رهي سگهون ٿا". پوءِ ڪهڙو نه ڀلو اجر آهي، عمل ڪرڻ وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چوندا، شڪر آهي ان الله جو، جنهن سچو ڪري ڏيکاريو اسان کي پنهنجو وعدو ۽ وارث بڻايائين اسان کي زمين جو، هاڻي اسان بهشت ۾ رهون جتي به چاهيون، پوءِ سٺو آهي اجر عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنتي ماڻهو چوندا ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن، جنھن پنھنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو ۽ اسان کي زمين جو وارث بڻايو ۽ هاڻي اسان جنت ۾ جتي چاهيون اُتي رهنداسين. نيڪ عمل ڪرڻ وارن جو ڪيڏو نه بھترين اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَى المَلٰئِكَةَ حافّينَ مِن حَولِ العَرشِ يُسَبِّحونَ بِحَمدِ رَبِّهِم وَقُضِىَ بَينَهُم بِالحَقِّ وَقيلَ الحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 75) |
۽ ملائڪن کي عرش جي چوڌاري وڪوڙيندڙ ڏسندين پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪندا آھن، ۽ اُنھن جي وچ ۾ انصاف جو حُڪم ڪبو ۽ (آخر ۾) چيو ويندو ته سڀ ساراھ جھانن جي پالڻھار الله کي جُڳائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته فرشتا عرش جي چوڌاري حلقو ٻڌي موجود هوندا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا ڪندا رهندا ۽ (ياد رکو ته قيامت جي ڏينهن) ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو (۽ نيڪن کي سعادت ۽ برن کي عذاب ملندو) ۽ (فرشتا ۽ نيڪ انسان نعري طور) پڪاري چوندا ته، الحمدلله رب العالمين! (يعني سڀ ساراهه انهيءَ الله جي آهي جو جهانن جي پرورش ڪندڙ آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ملائڪن کي ڏسندا ته عرشِ عظيم جي چؤڌاري حلقو ڪري پنهنجي رب جي تسبيح ۽ تحميد پڙهندا ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! ان ڏينهن) ملائڪن کي عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهندڙ ڏسندين پنهنجي پروردگار جي حمد سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪندا هوندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله لاءِ ئي آهن جو جهانن جو پروردگار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندين ملائڪن کي گهيرو ڪندڙ چوڌاري عرش جي تسبيح پڙهندا آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ ۽ فيصلو ڪيو ويندو انهن ۾ حق سان ۽ چيو ويندو ته سڀ ساراھ الله، جهانن جي رب جي لاءِ (ثابت) آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر! ان ڏينهن) ملائڪن کي عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري بيهندڙ ڏسندين پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ (سندس) پاڪائي بيان ڪندا هوندا. ۽ سندن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ملائڪن کي ڏسندين ته اُهي عرش جي چوڌاري حلقو ٻڌي بيٺل هوندا پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ ان جي تسبيح پڙهندڙ هوندا، ۽ انهن (سڀني) جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي“. (فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَلڪ موچارا عرش کي، چونڪِي ڏِسِين چوڌار، ته ٻِئا پَنهنجي ربَّ جا، ڳائـِن ڳُڻ نِبار، ۽ صَفا سَچ تي ڪيو ويو، اُنهن وِچ آچار، ۽ چَو ٻولو چوڌار ٿيو، ته آهِن اَلله هارِ، هر دم حمد هزار، جو پالڻهار پر ٿڻيِن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون ملائڪن کي ڏسندين ته عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري پنهنجي ڌڻيءَ جي واکاڻ سان پاڪائي بيان پيا ڪن_ هنن وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪبو ۽ چئبو ”هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي؛ جو جهانن جو ڌڻي آهي!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تون ڏسندين ته ملائڪ عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪندا هوندا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ اعلان ڪيو ويندو ته ساراهه ته آهي ئي الله جهانن جي پالڻهار لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسندين ته ملائڪن کي گهيرو ڪندڙ چوڌاري عرش جي پاڪائي پيا بيان ڪندا ساراهه پنهنجي رب جي، ۽ فيصلو ڪيو ويندو ماڻهن جي حق مطابق ۽ اعلان ڪيو ويندو ته سڀ ساراهه آهي (فقط) الله رب العالمين جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اُن ڏينھن تون ملائڪن کي ڏسندين ته هو عرش جي چوڌاري گهيرو ڪري پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |