توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
ص وَالقُرءانِ ذِى الذِّكرِ (آيت : 1) |
صٓ (ھن) قرآن نصيحت (ڏيڻ) واري جو قسم آھي (ته جنھن دين ڏانھن سڏين ٿو سو سچ آھي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) صاد- قرآن مجيد تي غور ڪيو جنهن ۾ (الله جو پيغام آهي ۽ جنهن ۾ اعليٰ) نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) صٓ. قسم آهي قرآن ڪريم جو جيڪو نصيحتن سان ڀريل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ص، نصيحت واري قرآن جو قسم (تون بر حق نبي آهين).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ص- قسم آهي قرآن نصيحت واري جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) صٓ. هن نصيحت (ڏيڻ) واري قرآن جو قسم آهي (ته جلد قرآن جي حڪومت قائم ٿيندي) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ص (حقيقي معنى الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله جلّ جلالہٗ، سمجھي معنىٰ صاد، ساک سچي قُرآن جِي، جو جڳ ڏِيندڙ ياد،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ص نصيحت وارو قرآن شاهد آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﯚ (صاد) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ص، قسم آهي قرآن نصيحت ڀرئي جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صاد ــ قسم آهي، نصيحت واري هن قرآن جو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلِ الَّذينَ كَفَروا فى عِزَّةٍ وَشِقاقٍ (آيت : 2) |
بلڪ ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ (پيل) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقت هي آهي ته جيڪي ماڻهو (قرآن جي مڃڻ کان) انڪارڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر اهي ڪافر وڏائي ۽ مخالفت ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اهي ڪافر (اجايو) وڏائي ۽ دشمني ۾ (غرق ٿي انڌا ٿيا) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪه جن ڪفر ڪيو تڪبر ۽ مخالفت ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر ڪافر وڏائيءَ ۽ مخالفت ۾ (پيل) آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي غرور ۽ مخالفت ۾ (پِيَلَ) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو جَن اِنڪار ڪيو، سي مَنجھ ڦُونڊ فساد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ ڪافر وڏائيءَ ۽ دشمنيءَ ۾ پيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اصل ڳالهه اها آهي ته جن مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، سي وڏ ماڻهپ ۽ هٺ ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اهي ماڻهو جن انڪار ڪيو آهي مڃڻ کان، وڏي وڏائي ۽ ضد ۾ پيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ڪافر (هروڀرو) وڏائي ۽ مخالفت (۽ ضد) ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِن قَرنٍ فَنادَوا وَلاتَ حينَ مَناصٍ (آيت : 3) |
کانئن اڳ گھڻائي جُڳ ھلاڪ ڪياسون پوءِ دانھون ڪرڻ لڳا ۽ اُھو ڇوٽڪاري جو وقت نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن منڪرن هيءَ ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته) کانئن اڳي اسان ڪيتريون ئي پيڙهيون (سندن بدعملن جي ڪري) برباد ڪري ڇڏيون. پوءِ هو دانهون ڪرڻ لڳا جڏهن (عذاب ۽ برباديءَ کان) بچڻ جو وقت گذري ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيترون قومون هلاڪ ڪيون پوءِ انهن پڪاريو ۽ اهو وقت نجات جو نه هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان انهن کان اڳ ڪيترائي گروھ برباد ڪري ڇڏيا ته (عذاب جي وقت) اهي ماڻهون دانهون ڪرڻ لڳا پر ڇوٽڪاري جو وقت ئي نه رهيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان اڳي انهن کان جماعتون پوءِ سڏيائون ۽ نه هو وقت ڇوٽڪاري جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کانئن اڳ ڪيتريون جماعتون اسان برباد ڪيون، پوءِ دانهون ڪرڻ لڳا هوڏانهن اهو ڇوٽڪاري جو وقت نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان ڪيترين ئي امتن کي انهن کان اڳ هلاڪ ڪيو پوءِ (عذاب ڏسي) دانهون ڪيائون حالانڪه اهو وقت ڇوٽڪاري جو نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪياسون جڳ ڪيترا، اُنهن کان اڳ بَرباد، پوءِ ڪيائون فرياد، ته ڀَڄڻ ڀِيڻِي ناھِ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کان اڳ گهڻائي جڳ ناس ڪياسون، هنن گهڻو ئي پڪاريو پر اهو ڇوٽڪاري جو وقت نه هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کان اڳ اسان ڪيتريون ئي قومون برباد ڪيون آهن (۽ جڏهن سندن وارو آيو آهي ته) رڙيون ڪرڻ لڳا آهن، پر بچڻ جي ته ڪا ويل ئي نه اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان هلاڪ ڪري چڪا آهيون انهن کان اڳي ڪيترين ئي قومن کي، ۽ جڏهن سندن شامت آئي ته رڙيون ڪيون پر اهو وقت بچڻ جو نه هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هِنن کان اڳ اسان ڪيترن ئي قومن کي تباهه ڪيو پوءِ هو دانهون ڪرڻ لڳا پر ان وقت مھلت جو وقت گذري چڪو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعَجِبوا أَن جاءَهُم مُنذِرٌ مِنهُم وَقالَ الكٰفِرونَ هٰذا سٰحِرٌ كَذّابٌ (آيت : 4) |
۽ منجھانئن ھڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ته عجب ڪرڻ لڳا، ۽ (اِھي) ڪافر چوڻ لڳا ته ھيءُ (شخص) جادوگر ڪوڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي (مڪي جا منڪر) عجب ٿا کائين ته اسان مان ئي اسان ڏي هڪڙو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ٿي آيو آهي. ۽ اهي ڪافر چون ٿا ته، هي (پيغمبرﷺ) جادوگر آهي، ۽ ڪوڙ ڳالهائي چوي ٿو (ته مان پيغمبر آهيان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي عجب ڪن ٿا جو انهن مان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا، ۽ ڪافرن چيو هيءُ جادوگر (۽) وڏو ڪوڙ ڳالهائيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ماڻهن کي هن ڳالھ کان حيرت ٿي ته انهن مان ئي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو (پيغمبر) انهن ڏانهن آيو پڻ ڪافر ماڻهو چوڻ لڳا ته هي (شخص) ته وڏو (کيڏاري) جادوگر ۽ سخت ڪوڙو آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عجب ۾ پيا ته آيو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ انهن مان ۽ چيو ڪافرن ته هي جادوگر وڏو ڪوڙو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن ڳالهه جو عجب ڪيائون جو وٽن پاڻ مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو ۽ (انهن) ڪافرن چيو ته هيءَ ڪوڙو جادوگر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عجب ڪيائون هن ڳالهه جو ته انهن وٽ انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، ۽ ڪافرن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُٽلو اِن ڳالھ تان، هَيا ٿيا حيران، ته آيُن ڪو اُنهن مَنجھان، خَبرون ڏِيندڙ خان، ۽ هِي ڪوڙو ڪار اَ کريو، ڪَهڻ لڳا ڪُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافرن کي عجب لڳو، جڏهن منجهائن ئي هڪ ڊيڄاريندڙ وٽن آيو ۽ هو چوڻ لڳا، ته ”اهو ڪوڙو جادوگر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن کي ان ڳالهه تي ڏاڍو عجب لڳو آهي ته ڊيڄارڻ وارو خود انهن مان ئي اچي ويو آهي. منڪر چوڻ لڳا ته اهو ڪوڙو جادوگر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڳالهه تي کين عجب ٿيو ته اچي ويو ڊيڄارڻ وارو انهن مان ئي، ۽ چوڻ لڳا منڪر ته، هي جادوگر آهي وڏو ڪوڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن کي رڳو هن ڳالهه تي تعجب ٿئي ٿو ته هِنن وٽ انهن مان ئي هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي ۽ ڪافرن چيو ته هي جادوگر وڏو ڪوڙو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَجَعَلَ الءالِهَةَ إِلٰهًا وٰحِدًا إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ عُجابٌ (آيت : 5) |
ڀلا (ڏسو ته) سڀني معبودن کي ھڪ معبود ڪيائين؟ بيشڪ ھي ڏاڍي عجيب ڳالھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ منڪر چون ٿا ته) ڇا هن (پيغمبر) گهڻن معبودن ديوتائن کي گڏي هڪ خدا کڻي بڻايو آهي. يقيناً هيءَ وڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا ان گھڻن معبودن کي هڪ الله بنايو آهي بيشڪ هي شيءِ عجيب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا (ڏسو ته) هن شخص سڀني بتن کي (مليا ميٽ ڪري رڳو) هڪ معبود مقرر ڪيو آهي، اها ڳالھ ته پڪ حيرت جهڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا بنايائين گهڻن معبودن کي معبود هڪڙو بلاشڪ هي البته شيءِ عجيب آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا سڀني معبودن جي بدلي هڪ معبود مقرر ڪيو اٿس؟ بيشڪ هيءَ ڏاڍي عجب جي ڳالهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ان سڀ معبودن جو هڪ ئي معبود بنايو آهي. بيشڪ اها وڏي عجب جي ڳالهه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته سَوِين دَرگاهون ديسيِـين، ڏِين جَنين تي ڏان، آهي عجب عيان، ته هِن سَموريون هِڪ ڪيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا سڀني سائين کي ڦيرائي هڪ سائين ٿو بنائي؟ هيءَ ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن سڀني معبودن جي بدران فقط هڪڙو ئي معبود بڻايو اٿائين؟ اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن ٺاهيو آهي هيترن سارن خدائن جي بدلي ۾ فقط هڪ خدا؟ اها ڳالهه ته بنهه ئي عجب جهڙي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هن سڀني معبودن کي ڇڏي هڪڙو ئي معبود ٺاهيو آهي. بيشڪ اها ته هڪ وڏي عجيب ڳالهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَانطَلَقَ المَلَأُ مِنهُم أَنِ امشوا وَاصبِروا عَلىٰ ءالِهَتِكُم إِنَّ هٰذا لَشَيءٌ يُرادُ (آيت : 6) |
۽ منجھانئن (سردارن جي) ٽولي (ھڪ ٻئي کي چوندي) ھلي وئي ته ھلو ۽ پنھنجن معبودن (جي پوڄا) تي مُحڪم رھو، بيشڪ ھيءُ (دين) اھڙو آھي جو (اُن ۾ ڪو) غرض رکيو ويو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن منڪرن ۾ جيڪي سردار هئا سي (اسلام بابت بحث ڪندي ڪاوڙجي) اٿي هليا (۽ وڃڻ وقت ماڻهن کي چيائون ته) توهان به هليا وڃو. ۽ پنهنجي ديوتائن (جي پوڄا ڪرڻ) تي ثابت قدم رهو. يقين رکو ته هيءَ ڳالهه (ڪنهن مطلب لاءِ اوهان جي خلاف) سٽي ويئي آهي. (۽ چيائون ته).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (قريشن) مان سردار روانا ٿيا (۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا) ته توهان هلو ۽ توهان پنهنجي معبودن (جي عبادت) تي صبر ڪريو. بيشڪ هن (توحيد ۽ رسالت) ۾ سندس ڪو مطلب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن مان ڪي ذمي دار ماڻهو هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) اٿي کڙا ٿيا ته (هتان) اٿو! ۽ پنهنجن معبودن جي عبادت تي قائم رهو، پڪ ان ڳالھ ۾ هن (شخص جو) ڪجھ (ذاتي) غرض آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جماعت وئي انهن مان ته هلو ۽ صبر ڪريو پنهنجن معبودن (جي پوڄا) تي بلاشڪ هي البته شيءِ آهي جيڪا ارادو ڪئي وئي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان سردار هي چوندا (نصيحت جي مجلس مان) هلي ويا ته هلو ۽ نهنجن معبودن تي قائم رهو. بيشڪ هي (دين) هڪ فتنو آهي جنهن جو ارادو ڪيو ويو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن مان سردار هي چوندا اٿي هليا ته: ”هلو پنهنجي معبودن (جي پوڄا تي) ڄميل رهو، بيشڪ ان ڳالهه ۾ ضرور ڪو (ذاتي) غرض آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٽولِي ٽَري اُنهن مان، ته هَلو ته، هَلون يَڪا، پَنهنجي پُوڄ، پِيرن تي، ڪَريو پير پَڪا، اِي ڪِهڙي ڳالھ ڪا، جنهن جو رکن اسان ۾ آسرو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منجهانئن سردار هڪ ٻئي کي چوندا هليا ويا، ته ”هلو ۽ پنهنجي سائين تي محڪم رهو، بيشڪ هيءَ ته ڪا مطلبي چيز آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قوم جا چڱا مڙس ائين چوندا هليا ويا ته هلو قابو ٿي بيهو پنهنجن معبودن جي عبادت تي، اها ڳالهه ته ڪنهن ٻئي مطلب لاءِ پئي ٿي چئي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هليا ويا قوم جا سردار ائين چوندي ته هلو ۽ مضبوط رهو پنهني خدائن جي عبادت تي، ضرور اها ڳالهه ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ چئي پئي وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مڪي جا سردار (رسول سڳوري جي تبليغي محفل مان) هي چوندي اٿي هليا ويا ته پنھنجي معبودن تي پُختا رهو، بيشڪ هتي ته هڪ نئين ڳالهه جو ارادو ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما سَمِعنا بِهٰذا فِى المِلَّةِ الءاخِرَةِ إِن هٰذا إِلَّا اختِلٰقٌ (آيت : 7) |
اِھا (ڳالھ) پوئين دين ۾ (ڪڏھن) نه ٻڌي سون، ھيءُ ته رڳو ٺاھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان اڳوڻي قوم يا پيڙهيءَ ۾ اهڙي ڳالهه ڪڏهن به نه ٻڌي. اها ڪجهه به ناهي. رڳو هٿرادو ٺاهيل ڳالهه آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ ڳالهه ته اسان عيسائيت ۾ به نه ٻُڌي، هيءُ ته فقط هٿرادو ڪوڙ ٺاهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان ماڻهن ته اها ڳالھ اڳئين دين ۾ ڪڏهين ٻڌي به ڪين! هجي نه هجي اها سندس ٺاهيل (ڳالھ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٻڌو اسان هي پوئين دين ۾ ناهي هي مگر هٿ جي ٺاهيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها ڳالهه پوئين دين ۾ اسان نه ٻڌي. بيشڪ هي رڳو ٺاهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان اها ڳالهه پوئين دين (يعني نصرانيت) ۾ به نه ٻڌي، بيشڪ هي رڳو هڪ ٺاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِئي ڪِنهن ڌَرم، دِين ۾، هِي ڪَنِين سُئيِسُون ڪانه، هِي ڪُوڙ سوا ڪُجھ ناھِ ٻِيو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان اهڙي ڳالهه اڳين دينن ۾ ته ڪانه ٻُڌي، هيءُ ته رڳو ٺاهه آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ڳالهه ته ڪنهن به ويجهڙائيءَ واري ملت ۾ اسان ڪنهن کان به نه ٻڌي آهي، اها ته رڳو هڪڙي گهڙيل ڳالهه آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪا نه ٻڌي آهي پنهنجي ڪنهن به ملت ۾ ويجهڙ ۾ ڪنهن کان، اها ته پنهنجي مرضيءَ سان ٺاهيل ڪا ڳالهه بنا ڪجهه جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها ڳالهه ته اسان پھرين ڪنھن به قوم کان نه ٻڌي آهي. اها ته هڪ ٺاهيل ڳالهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَءُنزِلَ عَلَيهِ الذِّكرُ مِن بَينِنا بَل هُم فى شَكٍّ مِن ذِكرى بَل لَمّا يَذوقوا عَذابِ (آيت : 8) |
اسان مڙني جي وچان مٿس قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اِھي (ڪافر) منھنجي نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن، (نه!) بلڪ اڃا منھنجو عذاب نه چکيو اٿن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اسان سڀني مان اچي هن (يتيم بي پهچ مسڪين) تي وحي نازل ٿيو آهي؟ حقيقت هيءَ آهي ته هنن کي منهنجي وحي بابت ئي شڪ آهي (هو سمجهن ٿا ته خدا وحي موڪليندو ئي ڪونهي، ان کان سواءِ هنن کي قرآن جي تعليم پسند به نٿي اچي) هيئن به آهي ته هنن اڃا منهنجي عذاب جو ذائقو نه چکيو آهي، (جڏهن عذاب ايندن تڏهن اکيون سندن کلنديون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان جي وچان رسولِ عربيءَ تي قرآن ڪريم نازل ڪيو ويو؟ بلڪ اهي منهنجي قرآن ڪريم کان شڪ ۾ آهن بلڪ انهن اڃان منهنجو عذاب نه چکيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان سڀني ۾ رڳو (محمد ئي لائق هو جو) ان تي قرآن نازل ٿيو. (نه!) ڳالھ هيءَ آهي ته کين (دراصل) منهنجي ڪلام ۾ ئي شڪ آهي (ته اهو منهنجو آهي يا نه) پر ڳالھ هيءَ آهي ته انهن ماڻهن اڃا تائين منهنجي عذاب جو مزو چکيو ئي نه آهي (تنهنڪري ئي اهي شرارت ڪن ٿا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نازل ڪيو ويو ان تي قرآن اسان مان بلڪه اهي شڪ ۾ آهن اسان جي ڪتاب ۾ بلڪه اڃان نه چکيائون عذاب منهنجو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسان مان مٿس ئي قرآن لاٿو ويو آهي پر انهن (ڪافرن) کي منهنجي نصيحت ۾ شڪ آهي، بلڪ اڃان تائين منهنجو عذاب نه چکيو اٿن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان سڀني وچان صرف ان تي ئي ذڪر (قرآن) لاٿو ويو آهي“. بلڪه اُهي منهنجي نصيحت جي باري ۾ شڪ ۾ آهن، بلڪه انهن اڃا تائين منهنجي عذاب (جو مزو) نه چکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اُن جو ايڏو شان؟ اَسان وِچان اُن تي، لاٿو وِيو قُرآن، نه آهِن نَصِحيت تي اِهي، مگر مَنجھ گُمان، جڏهن مَنجھ جھان، ڪام نه چکيائون قَهر جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اسان سڀني وچان وڃي هن تي نصيحت لٿي؟“ بلڪ اهي منهنجي نصيحت کان ئي شڪ ۾ پيل آهن، ڇاڪاڻ ته اڃا هنن منهنجو عذاب نه چکيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان منجهه رڳو اهوئي شخص وڃي رهيو هو، جنهن تي الله جو ذڪر (قرآن) نازل ڪيو ويو آهي. اصل ۾ اهي منهنجي ذڪر بابت ٿا شڪ ڪن ۽ اهي سموريون ڳالهيون ان ڪري ٿا ڪن جو منهنجي عذاب جو مزو نه چکيو اٿن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن تي نازل ڪيو ويو آهي الله جو ذڪر اسان مان، بس اهو ئي هو، اهي منهنجي ”ذڪر“ بابت شڪ ۾ پيا ۽ ڳالهيون ڪيون جو چکيو ناهي مزو منهنجي عذاب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان سڀني کي ڇڏي رڳو هن جي مٿان اچي قرآن نازل ڪيو ويو آهي. (اي نبيﷺ!) درحقيقت هي ماڻهو (تو ۾ نه بلڪه) منھنجي نصيحت ۾ شڪ ڪري رهيا آهن، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو هنن ماڻهن اڃا منھنجي عذاب جو مزو چکيو ئي ناهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم عِندَهُم خَزائِنُ رَحمَةِ رَبِّكَ العَزيزِ الوَهّابِ (آيت : 9) |
تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي سردار جو هيترو هٺ ۽ وڏائي ٿا ڪن سو اي پيغمبر!) هيئن آهي ڇا ته، وٽن تنهنجي انهيءَ پروردگار جي رحمت جا خزانا پيل آهن جو وڏي طاقت، غلبي وارو آهي ۽ وڏو فياض آهي ۽ بي حساب نعمتون عطا ڪندڙ آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن وٽ توهان جي رب جي رحمت جا خزانا آهن جيڪو غالب (۽) گھڻو بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا ته (اي رسول) تنهنجي زبردست فياض پالڻهار جي رحمت جا خزانا انهن وٽ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا انهن وٽ آهن خزانا رحمت رب تنهنجي جا جيڪو غالب گهڻو عطا ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته وٽن تنهنجي زبردست (۽) ڏيڻ واري پاليندڙ جي رحمت جا خزانا آهن ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن وٽ تنهنجي پالڻهار جي رحمت جا خزانا آهن؟ جيڪو غالب عطا ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، تُنهنجي رَبَّ جي رَحمت جا، اُنهن وَٽ اَنبار؟ صفت جنهن صاحب جِي، ڏاڍو ۽ ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن وٽ ڪي تنهنجي غالب بخشڻهار ڌڻيءَ جي رحمت جا خزانا آهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تنهنجي ڏاتار زبردست پالڻهار جي رحمت جا خزانا سندن قبضي ۾ آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن جي قبضي ۾ آهن خزانا تنهنجي رب جي رحمت جا، جيڪو ڏاتار ۽ وڏو پالڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن وٽ زبردست عطا ڪندڙ پالڻھار جي رحمت جا خزانا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَهُم مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما فَليَرتَقوا فِى الأَسبٰبِ (آيت : 10) |
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجي بادشاھي انھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) ته جڳائي ته رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا هيئن آهي ڇا ته هنن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي (تنهن جي به کين بادشاهي آهي) جيڪڏهن ائين آهي ته رسن يا ڏاڪڻين سان مٿي ته چڙهن. (۽ الله جي وحي کي روڪين ۽ مؤمنن کي غالب ٿيڻ نه ڏين. اٽلندو جلد هو پاڻ مغلوب ٿيندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن لاءِ آسمانن ۽ زمينن ۽ ٻنهيءَ جي وچ ۾ بادشاهي آهي؟ پوءِ انهن کي گھرجي ته ڏاڪڻ رکي آسمان تي چڙهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا آسمانن ۽ زمين ۾ انهن ٻنهي جي وچ جي حڪومت سندن ئي آهي؟ ته پوءِ کين گهرجي ته رسا يا ڏاڪڻيون لڳائي (آسمان تي) چڙهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا انهن جي لاءِ آهي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي ۽ ان جي جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي پوءِ چڙهن رسين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جي بادشاهي سندن آهي ڇا؟ (جي ائين آهي ته) پوءِ ڪن وسيلن سان (مٿي) چڙهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا ته انهن وٽ آسمانن ۽ زمين جِي ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي ان جي بادشاهت آهي. (اگر آهي) ته اُهي رسيون ٻڌي (آسمان تي) چڙهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا اَندر اَڀن ۽ ڀُون جي، پڻ جيڪِي مَنجھن جِنسار، آهي هَٿ اُنهن جي، سَڀڪا سار سَنڀار، ٿِي سِيڙهيَن مَنجھ سُوار، مَرچَڙهن پوءِ چوٽئـِين!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، تنهن جي بادشاهي سندن آهي؟ جي ها، ته رسين سان مٿي چڙهڻ کپين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا آسمانن ۽ زمين ۽ انهن جي وچ ۾ موجود شين جا مالڪ اهي آهن؟ ته ڀلا پوءِ مٿي چڙهي ڏسن ته ڪٿان ٿو چرخو هلي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ئي آهن مالڪ آسمانن ۽ زمين جا ۽ انهن سڀني شين جا جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن ته پوءِ اهي مٿي چڙهي عالم اسباب تي وڃي ڏسن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪي شيون آهن تن جا مالڪ آهن؟ (جيڪڏهن ايئن آهي ته) هو (دنيا جا) سڀ وسيلا استعمال ڪري مٿي چڙهي ڏسن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جُندٌ ما هُنالِكَ مَهزومٌ مِنَ الأَحزابِ (آيت : 11) |
شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (مڪي جو گروهه به اڳوڻن ڪافرن جي) لشڪرن وانگر هڪڙو لشڪر آهي، جنهن کي هتي (شڪست ڏيئي) ڀڄايو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ اهو وڏن لشڪرن مان قليل لشڪر آهي جنهنکي عنقريب شڪست ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي رسول! (اڳين نبين سان وڙهڻ وارن) گروهن مان هتي تنهنجي مقابلي ۾ به هڪ لشڪر آهي جيڪو هار کائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ننڍو لشڪر آهي جيڪو اتي شڪست ڏنل هوندو لشڪرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هي ڪافر سمجهه ته) هتي هڪ شڪست کاڌل لشڪر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي به (وڏن) لشڪرن مان هڪ (ننڍو) لشڪر آهي جيڪو ان جاءِ (يعني ميدانِ بدر ۾) شڪست کائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ِڪِهڙو ڪَٽڪ قومن مان، هُت ڀڳل ۽ بَرباد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر هي شڪست کاڌل ٽولين مان هتي هڪ لشڪر آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جٿن منجهان اهو ته هڪڙو ننڍڙو جٿو آهي، جيڪو انهيءَ ئي جاءِ تي شڪست کائڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٽولن مان هي هڪ ننڍو ٽولو آهي جيڪو انهيءَ هنڌ شڪست کائڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حقيقت هي آهي ته) هي شڪست کاڌل ٽولن مان هڪ ٽولو آهي. جنهن کي اِتي ئي (مڪي شھر ۾) شڪست ملندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَبلَهُم قَومُ نوحٍ وَعادٌ وَفِرعَونُ ذُو الأَوتادِ (آيت : 12) |
انھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن وارو ڪوڙ ڄاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن کان اڳ ۾ حضرت نوح جي قوم، عاد جي قوم ۽ ڪِلن واري فرعون (پيغمبرن کي) ڪوڙو ٺهرايو ۽ کين نه مڃيو، (ته تباهه ٿي ويا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن کان اڳ ۾ (حضرت) نوح جي قوم تڪذيب ڪئي ۽ عاد ۽ فرعون وارا جيڪي مضبوط عمارتون ٺاهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو انهن کان اڳي نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (شڪست کاڌل) جماعتن مان. انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ٻيلي وارن (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ فرعون ميخن (سان عذاب ڏيڻ) واري به (نبين) کي ڪوڙو چيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙو قوم نُوح جِي، چيو، اِنهيان اڳ اِرشاد، ۽ فِرعون ڦاهِيَن جو ڌَڻِي، توڻي عاد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کان اڳ نوح جي قوم، قوم عاد، ميخن واري فرعون (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد (جي قوم) ۽ ڪــِـلن (ميخن) وارو فرعون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چئي چڪا آهن انهن کان اڳي هرهڪ رسول کي قوم نوح ۽ عاد ۽ فرعون جيڪو ميخن وارو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کان پھرين نوح ($) جي قوم ــ عاد قوم ۽ ميخن واري فرعون رسول سڳورن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَثَمودُ وَقَومُ لوطٍ وَأَصحٰبُ لـَٔيكَةِ أُولٰئِكَ الأَحزابُ (آيت : 13) |
۽ ثمود ۽ لُوط جي قوم ۽ (شھر) ايڪه وارن، انھن جماعتن به (ڪوڙ ڀانيو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ثمود جي قوم ۽ حضرت لوط جي قوم ۽ ٻيلي جا ماڻهو به (اهڙائي) لشڪر هئا (جن نه مڃيو تنهن ڪري منهنجي سزا جا حقدار ٿيا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ شعيب جي قوم، (اِهي آهن) اُهي گروه(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ جهنگ ۾ رهڻ واري (قوم شعيب) اهي (سڀني نبين کي) ڪوڙو ڪري چڪا آهن. هي اهي جماعتون آهن (جن هار کاڌي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ايکہ وارن اهي ئي لشڪر آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (شڪست کاڌل) جماعتون آهن. هنن سڀني (جماعتن) رسولن کي ڪوڙو چيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ثمود ۽ لوط جي قوم ۽ ٻيلي وارن (يعني شعيب جي قوم وارن) به (ڪوڙو چيو هيو). اُهي (وڏا) لشڪر هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توڻي ثَمُود، ۽ لَشڪر قوم لُوط جو، پڻ اَيڪت ۾ آباد، فوجون اَصل فساد، اِهي ماري مُڃ ڪَيو وِيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ثمود، ۽ لوط جي قوم ۽ ”ايڪي“ وارن به ڪوڙ سمجهيو هو، اهي ئي ٽولا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ثمود (جي قوم) ۽ لوط جي قوم ۽ ايڪــھ وارا ڪوڙو سڏي چڪا آهن. اهي ئي هئا جٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ثمود ۽ قوم لوط ۽ اهي جيڪي ايڪه وارا، اهي ئي هئا ٽي ٽولا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ثمود، لوط ($) جي قوم ۽ ايڪه وارا اِهي سڀ (وڏا طاقتور) ٽولا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن كُلٌّ إِلّا كَذَّبَ الرُّسُلَ فَحَقَّ عِقابِ (آيت : 14) |
اِھي ٽوليون (جيڪي به ھيون تن) سڀني پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري منھنجي سزا (مٿن) لازم ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن مان هرهڪ رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو تنهن ڪري منهنجي سزا جا حقدار ٿيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن مان هر هڪ (گروه) رسولن جي تڪذيب ڪئي پوءِ (انهن تي) منهنجو عذاب ثابت ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن سڀني (اسان جي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو ته اسان جو سچو عذاب (به) اچي مٿن ڪڙڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هئا مڙئي مگر جو ڪوڙو چيائون رسولن کي پوءِ لازم ٿيو منهنجي طرفان عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ منهنجي سزا (مٿن) پئجي ويئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو چيو ته (انهن تي) منهنجو عذاب واجب ٿي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي هُئا نه هِنَيس ڌار، ته ڪُوڙو ڪوٺيون مُرسَلِين، پوءِ مُنهنجي سزا ثابِت ٿئـِي، تَن مَٿي تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو سمجهيو هو، ان ڪري منهنجي سزا لازم ٿين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان هرهڪ رسولن کي ڪوڙو سڏيو ۽ منهنجي سزا جو فيصلو مٿن لاڳو ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن مان هرهڪ ڪوڙو چيو رسولن کي پوءِ مٿن لاڳو ٿيو منهنجي سزا جو فيصلو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن سڀني ٽولن رسول سڳورن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ انهن جي مٿان منھنجو عذاب لازمي ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَنظُرُ هٰؤُلاءِ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً ما لَها مِن فَواقٍ (آيت : 15) |
۽ ھيءُ (ھن وقت جا ڪافر به) رڳو ھڪ آواز جا منتظر رھندا آھن جنھن کي ڪا ساھي نه ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اهي (منڪر) انهيءَ گهڙيءَ جو انتظار ڪيون ويٺا آهن جڏهن هڪ (دهشتناڪ) آواز ٿيندو (۽ هو فنا ٿي ويندا) جنهن آواز ۾ هڪ پل جو ناغو به ڪونه پوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿا انتطار ڪن اهي مگر هڪ وڏي دانهن جو ان کي ڪوبه ڦيرائي نٿو سگھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (ڪافر) رڳو هڪ “رڙ” (صور) جو انتظار ڪن ٿا، جا (پوءِ کين) اک ڇنب جيتري (به) مهلت نه ڏيندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نٿا انتظار ڪن هي مگر هڪ ڪڙڪي جو ناهي ان جي لاءِ ڪو توقف .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي (مڪي جا ڪافر) رڳو هڪ آواز جو انتظار ڪن ٿا، جنهن کي (وچ ۾ ) ڪا ساهي نه هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (مڪي جا ڪافر) رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز جو انتظار ٿا ڪن جنهن ۾ ڪابه ساهي ڪانه هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فقط ڦُوڪ هِڪ جو، اُهي ڪَڍن اِنتظار، پوءِ ڪانهِي اِنهن لئي وار، اَصل اوٻاسِي هِڪ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هيءُ به رڳو اهڙي هڪڙي آواز جي واٽ پيا نهارين، جو بنا ساهيءَ هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو به فقط هڪڙي ڌڌڪي جي انتظار ۾ آهن، جنهن کان پوءِ ٻيو ڪوبه ڌڌڪو نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ماڻهو ته بس) منتظر آهن فقط هڪڙي ڌماڪي جا، جنهن بعد ٻيو ڪوبه (ڌماڪو) نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (مڪي وارا) ته رڳو هڪڙي رَڙِ جي انتظار ۾ آهن. (اها هڪڙي مسلسل رَڙِ هوندي)جنهن کان پوءِ ٻي رڙ نه ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا رَبَّنا عَجِّل لَنا قِطَّنا قَبلَ يَومِ الحِسابِ (آيت : 16) |
۽ (ٺـٺولي طرح) چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار حساب جي ڏينھن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (مسخريءَ طور) چون ٿا ته، اي اسان جا پروردگار حساب جي ڏينهن کان اڳ ئي تڪڙو ئي تڪڙو اسان جي لاءِ اهو عذاب آڻ جو اسان جي حصي ۾ اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن چيو اي اسان جا رب تون اسان کي اسان جو حصو قيامت جي ڏينهن کان اڳ ۾ ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو (ٽوڪ سان) چون ٿا ته پروردگار! حساب جي ڏينهن (قيامت) کان اڳ ۾ ئي (جيڪي) اسان جي قسمت ۾ لکيل (هجي) اسان کي جلد ڏئي ڇڏ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته اي اسان جا پلڻهار! تڪڙو ڪو اسان جي لاءِ حصو حساب جي ڏينهن کان اڳي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (مسخريءَ سان) چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ! حساب جي ڏينهن کان اڳ اسان (جي عذاب) جي چٺي اسان کي جلد ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”اسان جا پالڻهار حساب واري ڏينهن کان اڳ ئي اسان کي اسان جو حصو جلدي ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آکيؤن ته عَمل، اَسان جا سانيَمِ!، رَبَّ سُڄاڻ! مَهند مَحشر ڏِينهن کان، جَلد اَسان تي آڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (مسخريءَ مان) چوندا آهن ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کي اسان جا چٺا قيامت کان اڳ ئي ڏيئي ڇڏ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي چون ٿا ته اي اسان جا رب! حساب ڪتاب جي ڏينهن کان اڳيئي اسان جو حصو اسان کي بنا دير جي ڏئي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چون ٿا، اي اسان جا رب! اسان جو حصو اسان کي ڏئي ڇڏ اڳي ڏينهن حساب کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو (سڀ ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ به مذاق ڪندي) چون ٿا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي حساب واري ڏينھن کان اڳ ئي اسان (جي عذاب) جو حصو ڏيئي ڇڏ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اصبِر عَلىٰ ما يَقولونَ وَاذكُر عَبدَنا داوۥدَ ذَا الأَيدِ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 17) |
(اي پيغمبر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ اسان جي سگھ واري ٻانھي داؤد کي ياد ڪر، بيشڪ اُھو رجوع ڪرڻ وارو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) جيڪي هو چون ٿا سو صبر سان برداشت ڪر ۽ اسان جي ٻانهي حضرت دائود جو قصو ياد رک جيڪو وڏي طاقت وارو هوندو هو. هو هر وقت ۽ هر حال ۾ (الله ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني هر ڪم ۾ الله جي حڪمن تي هلندڙ هو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن جي ڳالهين تي صبر ڪريو ۽ توهان اسان جي طاقتور ٻانهي داؤد جو ذڪر ڪريو، بيشڪ اهو الله ڏانهن رجوع ڪندڙ هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! جهڙيون (جهڙيون) ڳالهيون اهي ڪن ٿا تن تي (في الحال) صبر ڪر ۽ اسان جي عبد دائود کي ياد ڪر! جيڪو وڏي طاقت وارو هو (پر صبر ڪيائين) بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) رجوع ڪرڻ وارو هو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) صبر ڪر ان تي جيڪو چون ٿا ۽ ياد ڪر اسان جي ٻانهي داؤد طاقتور کي بلاشڪ اهو گهڻو رجوع ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اهي جيڪي چون ٿا تنهن تي تون صبر ڪر ۽ اسان جي طاقت واري ٻانهي دائود کي ياد ڪر. بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) صبر ڪر ان تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ اسان جي ٻانهي دائود کي ياد ڪر جيڪو وڏي قوت وارو هيو، بيشڪ اهو (اسان ڏانهن) رجوع ڪندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوسَہ صَبر ساڻ، جي ڳالهائـِين ڳهيلڙا. ۽ ياد ڪر دائُود کي، جو طاقت مند تمام، عَملدار اسان جو، وَرندڙ، وِير، وَريام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي جيڪي پيا چون تنهن تي صبر ڪر_ ۽ تون اسان جي ٻانهي داؤد کي ياد ڪر جو طاقت وارو هو ۽ اسان ڏي موٽندڙ هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! صبر ڪر انهن ڳالهين تي، جيڪي اهي ڪن ٿا ۽ سندن آڏو اسان جي ٻانهي دائود جو قصو بيان ڪر، جيڪو وڏين صلاحيتن وارو هو. هر ڳالهه ۾ الله ڏانهن رخ ڪرڻ وارو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) صبر ڪر انهن ڳالهين تي جيڪي اهي چون ٿا ۽ ٻڌاءِ انهن کي اسان جي بندي داؤد جو قصو جيڪو وڏين صلاحيتن جو مالڪ هو، بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو (الله ڏي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن جي ڳالهين تي تون صبر ڪر ۽ انهن کي اسان جي ٻانهي دائود ($) جو واقعو ٻڌاءِ جيڪو وڏي طاقت وارو هو. بيشڪ هو هر وقت الله تعالى ڏي لاڙو رکندڙ ٻانهو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا سَخَّرنَا الجِبالَ مَعَهُ يُسَبِّحنَ بِالعَشِىِّ وَالإِشراقِ (آيت : 18) |
بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو (جو) سانجھي ۽ صبح جو (ساڻس) تسبيحون پڙھندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان جبل به (حضرت دائود کي) تابع ڪري ڏنا. جي ساڻس گڏ صبح شام خدا جو شان ۽ پاڪائي بيان ڪندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ان سان جبل مسخر ڪيا جيڪي شام ۽ اشراق وقت الله جي تسبيح پڙهندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان جبلن کي به سندس فرمانبردار ڪري ڇڏيو هو جو ان سان گڏ صبح ۽ شام خدا جي تسبيح ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان مسخر ڪيا جبل ان سان گڏ تسبيح پڙهن پيا رات جو ۽ صبح جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان جبلن کي ساڻس ڪم ۾ لڳايو جيڪي شام ۽ صبح جو پاڪائي بيان ڪندا هئا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان جبلن کي سندس تابع ڪيو هيو جيڪي شام ۽ صبح ان سان گڏ (الله جي) پاڪائي بيان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تابِع ڪياسون تِنهن جا، جبل جوراڻا جام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان جبلن کي هن جو تابع ڪيو، جو شام توڙي صبح جو ساڻس گڏ تسبيح پڙهندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جبلن کي ساڻس گڏ تابع بڻائي ڇڏيو هو، جيڪي سج لهڻ مهل ۽ سج اڀرڻ مهل ساڻس گڏجي پاڪائي بيان ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان تابع ڪيو هو جبلن کي ان سان گڏ جيڪي تسبيح ڪندڙ هئا صبح ۽ شام جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان جبلن کي ان سان گڏ تابع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو سڀ صبح ۽ شام (دائود $ سان گڏ ان وانگر ئي الله تعاليٰ جي) تسبيح بيان ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالطَّيرَ مَحشورَةً كُلٌّ لَهُ أَوّابٌ (آيت : 19) |
۽ گڏ ڪيل پکين کي به (سندس تابع ڪيوسين)، ھر ھڪ (تسبيح گڏ چوڻ ۾) سندس فرمانبردار ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پکي به گڏ ڪيا ويندا هئا سڀ هن ڏي رجوع ڪندڙ هيا، (يعني حضرت دائود جي ڪم ايندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پکي به گڏ ٿيندا هئا، سڀئي ان جا فرمانبردار هوندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پکي به (خدا جي ياد وقت) اچي ڪٺا ٿيندا هئا (۽) سندس چوڻ ۾ هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پکي گڏ ڪيل مڙئي ان لاءِ رجوع ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پکين کي به جيڪي گڏ ڪيل هئا. سڀئي ان (دائود) جي ڪري رجوع ڪندڙ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پکين کي به جيڪي (ان وٽ) گڏ رهندا هئا. هر هڪ ان ڏانهن (فرمانبرداري لاءِ) رجوع ڪندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَکِي پَکڻ اُن وٽ، حاضِر گڏ، حُشام، ميڙ مِڙوئـِي اُن ڏي، موٽندڙ مُدام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ گڏ ڪيل پکي به_ سڀ سندس تابعدار هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پکي به مِڙي ايندا هئا ۽ سڀني جو سمورو ڌيان سندس پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ هوندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پکي گڏ ٿيندا هئا، (سندس تسبيح ڏي) متوجهه ٿي ويندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پکين جا وَلرن جا وَلر به (تسبيح ڪرڻ ۾) اُن (الله) ڏي متوجه هوندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَشَدَدنا مُلكَهُ وَءاتَينٰهُ الحِكمَةَ وَفَصلَ الخِطابِ (آيت : 20) |
۽ سندس بادشاھيءَ کي مُحڪم ڪيوسين ۽ کيس دانائي ۽ نبير نڇيڙ ڏني سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪيو. ۽ کيس عقل ۽ دانائي ڏني ۽ تقرير ڪرڻ جي اهڙي قابليت ڏني جو اها (تقري) پورو فيصلو ڪندڙ هئي ۽ پوري چٽائي ڪندڙ هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان جي ملڪ کي مضبوط بنايو ۽ اسان ان کي حڪمت ۽ فيصلي جي صلاحيت عطا ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان سندس سلطنت کي مضبوط ڪري ڇڏيو پڻ اسان کيس حڪمت ۽ بحث (مباحثه) جي فيصلي ڪرڻ جي طاقت عطا فرمائي هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مضبوط بنائي سون ان جي بادشاهي ۽ ڏني سون ان کي حڪمت ۽ فيصلو ڪندڙ خطاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان سندس بادشاهيءَ کي مضبوط ڪيو. ۽ ان کي حڪمت ۽ فيصلي ڪندڙ ڳالهه ڏني سون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان سندس بادشاهي کي مضبوط ڪيو هيو ۽ اسان ان کي حڪمت ۽ فيصله ڪُن اندازِ خطاب عطا ڪيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَضبوط ڪيوسون مُلڪ تِنهن، لشڪر مَٿي لام، ۽ صَحِي سَمجھ اُن کي، اَسان ڪَئـِي اِنعام، پڻ سُهڻو صاف ڪلام، عَطا ڪيو سون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هن جي بادشاهي مضبوط ڪئي ۽ کيس ڏاهپ ۽ فيصلي ڪرڻ جي طاقت ڏني سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان سندس بادشاهي ڏاڍي مضبوط ڪئي هئي ۽ کيس دانائي ڏني هئي ۽ معاملو نبيري ڇڏڻ واري ڳالهه ڪرڻ جي لياقت عطا ڪئي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مضبوط بڻائي اسان سندس سلطنت ۽ کيس عطا ڪئي حڪمت ۽ فيصلي واري ڳالهه چوڻ جي صلاحيت بخشي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سندس حڪومت کي مضبوط ڪيو هو ۽ کيس دانائي ۽ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت عطا ڪئي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهَل أَتىٰكَ نَبَؤُا۟ الخَصمِ إِذ تَسَوَّرُوا المِحرابَ (آيت : 21) |
۽ (پاڻ ۾ ٻن) وڙھندڙ جي خبر تو وٽ نه پھتي آھي ڇا؟ جڏھن اُھي ڀِٽ ٽپي عبادت خانه ۾ آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تو ڪڏهن انهن دعوا ڪندڙن جو قصو ٻڌو آهي جيڪي (حضرت دائود جي) خانگي ڪمري ۾ ڀت ٽپي لنگهي آيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڇا توهان وٽ انهن فيصلي آڻيندڙن جي خبر پهتي؟ جنهن وقت اهي قلعو ٽپي مسجد ۾ پهتا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ڇا تو کي انهن دعوى دارن جي خبر به پهتي آهي؟ جڏهن اهي ڀت پٽي عبادت خاني ۾ آيا (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آئي تو وٽ خبر دعوى ڪندڙن جي جڏهن ڀت ٽپي آيا عبادت خاني ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) ۽ ڇا توکي جهڳڙي ڪندڙن جي ڳالهه پهتي آهي جڏهن ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇا تو کي جهڳڙي ڪندڙن جي ڳالهه پهتي آهي. جڏهن ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آيو ڪو اوهان، مُدعِي جو مَذڪور؟، مَسجد ۽ مِحراب جِي جڏهن ڪيائون دَرپُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي آهي ڪا ٻن وڙهندڙن جي خبر؟ جڏهن هو ڀت ٽپي عبادت خاني ۾ آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توکي ڪا تڪرار وارن جي ڳالهه جي خبر پئي آهي ته ڪيئن نه ڀت ٽپي سندس ماڙيءَ تي چڙهي آيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ توکي ڪا خبرپهتي آهي جهيڙي وارن جي، (اي نبي!) جيڪي ڀت ٽپي ماڙي ۾ آيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توکي ٻن جهڳڙو ڪندڙ ماڻهن جي خبر آهي، جڏهن هو ڀت ٽُپي (داؤد $ جي) عبادت خاني ۾ داخل ٿيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ دَخَلوا عَلىٰ داوۥدَ فَفَزِعَ مِنهُم قالوا لا تَخَف خَصمانِ بَغىٰ بَعضُنا عَلىٰ بَعضٍ فَاحكُم بَينَنا بِالحَقِّ وَلا تُشطِط وَاهدِنا إِلىٰ سَواءِ الصِّرٰطِ (آيت : 22) |
جڏھن داؤد وٽ اندر پھتا تڏھن (ھو) کائن ڊڄي ويو چيائون ته نه ڊڄ، (اسين) ٻه جھڳڙو ڪندڙ آھيون اسان مون ھڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آھي تنھنڪري اسان جي وچ ۾ انصاف سان نبيرو ڪر ۽ (فيصلي ۾) بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌيءَ واٽ ڏانھن رستي لاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن هو اندر گهڙي حضرت دائود وٽ (اوچتوئي اوچتو) پهچي ويا تڏهن هو هنن کان گهٻرائجي ويو. هنن کيس چيو ته، ڊڄ نه، اسان ٻه تڪراري آهيون، اسان مان هڪڙي ٻئي تي ظلم ڪيو آهي. سو اسان جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلو ڪر، بي انصافي نه ڪجانءِ ۽ اسان کي سڌي واٽ ڏيکارجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن اهي داؤد وٽ پهتا پوءِ پاڻ انهن کان ڊنا، انهن چيو تون خوف نه ڪر، اسان ٻه ڌُريون آهيون اسان مان هڪڙي ڌُر ٻِيءَ تي زيادتي ڪئي آهي پوءِ تون اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون ناانصافي نه ڪر ۽ تون اسان کي سنئين رستي تي هلاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اچي) جڏهن دائود وٽ بيٺا ته اهو انهن کان ڊنو، انهن چيس ته اوهين ڊڄو نه. (اسين ٻئي) هڪ مقدمي جون (ٻه) ڌريون آهيون جو اسان مان هڪ (ڌر) ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آهي. هاڻي اوهين اسان جي وچ تي حق سچ جو فيصلو ڪريو ۽ انصاف نه ڇڏ ۽ اسان کي سنئين واٽ لايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن داخل ٿيا داؤد تي پوءِ گهٻرايائين انهن کان چيائون ته نه ڊپ ڪر ٻه دعوى ڪندڙ زيادتي ڪئي هڪڙي اسان مان ٻئي تي پوءِ فيصلو ڪر اسان ۾ حق جو ۽ نه حق جي خلاف ڪر ۽ ڏيکار اسان کي سڌي واٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان وقت) جڏهن دائود وٽ اندر آيا پوءِ هو کانئن گهٻرائجي ويو. انهن چيو ته نه ڊڄ! (اسين) ٻه جهڳڙو ڪندڙ آهيون، اسان مان هڪڙي ٻئي تي ظلم ڪيو آهي، پوءِ تون اسان جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ بي انصافي نه ڪر ۽ اسان کي سڌو رستو ڏيکار! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُهي دائود وٽ اندر آيا ته هو انهن کان گهٻرائجي ويو انهن چيو ته: ”نه گهٻراءِ، (اسان) ٻه جهڳڙو ڪندڙ آهيون اسان مان هڪڙي ٻئي تي زيادتي ڪئي آهي سو تون اسان جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ نا انصافي نه ڪر ۽ اسان جي سڌي واٽ طرف رهبري ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن داخل ٿيا دائُود تي، ته هِراسيو کائُن حُضور، مُرسل! ڊِڄ نَه مُور، چيائون اهڙِي چال سان. ٻه طرف اَسان مان، هِڪ ٻئي،مَٿي واڌ گُھرن هِن وير، پوءِ عدل ۽ انصاف سان، نِياءُ تون نبير، رَک نه فرق، ڦير، ۽ سَنئـِين سُهائـِيون واٽڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن دائود وٽ پهتا، ته هو کانئن ڊڄي ويو، چيائون ”ڊڄ نه، اسين ٻه تڪراري آهيون_ اسان مان هڪڙي ٻئي تي ڏاڍ ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان جي وچ ۾ حقي فيصلو ڪر ۽ ناحق نه ڪج_ ۽ اسان کي سنئينءَ راهه لڳائج!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪيئن نه اچي دائود جي سامهون ٿيا ته هو کين ڏسي ڊڄي ويو. انهن چيس: "ڊڄ نه! اسان جهيڙي جون ٻه ڌريون آهيون، جن مان هڪڙي ٻيءَ سان بي واجبي ڪئي آهي، تون اسان جي وچ ۾ حق (انصاف) سان فيصلو ڪر، بي انصافي نه ڪجانءِ ۽ اسانکي سنئين دڳ لائجانءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن اهي پهتا هئا داؤد وٽ ته هو کين ڏسي گهٻرائجي ويو، انهن چيو، ڊڄ نه اسان فيصلي ڪرائڻ جون ٻه ڌريون آهيون، جن مان هڪڙي ٻيءَ تي زيادتي ڪئي آهي تون اسان ۾ حق مطابق فيصلو ڪر، بي انصافي نه ڪجانءِ ۽ ڏيکارجانءِ اسان کي سڌي واٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اُهي ٻئي دائود ($) وٽ آيا ته کين (اچانڪ) ڏسي هو ڊڄي ويو، انهن چيس ته تون نه ڊڄ اسان ٻه ڌريون آهيون، جنھن مان هڪ ڌر ٻي ڌر تي زيادتي ڪئي آهي. تون اسان جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر، ناانصافي نه ڪجانءِ ۽ اسان کي صحيح رستو ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا أَخى لَهُ تِسعٌ وَتِسعونَ نَعجَةً وَلِىَ نَعجَةٌ وٰحِدَةٌ فَقالَ أَكفِلنيها وَعَزَّنى فِى الخِطابِ (آيت : 23) |
بيشڪ ھيءُ منھنجو ڀاءُ آھي، جنھن کي نوانوي رڍون آھن ۽ مون کي ھڪ رڍ آھي، پوءِ ھن چيو ته اِھا (ھڪ رڍ) به منھنجي حوالي ڪر ۽ مون کي ڳالھائڻ ۾ سخت ورتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن مان هڪڙي چيو ته) بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. هن کي نوانوي دنبيون آهن ۽ مون کي فقط هڪڙي دنبي آهي. تڏهن به هو چوي ٿو ته، اها به منهنجي حوالي ڪري ڇڏ ۽ گفتگو ۾ هو مون کي دٻائي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، ان جون نوانوي (99) دنبيون آهن ۽ منهنجي هڪ دنبي آهي، پوءِ اهو چوي ٿو ته اها به مون کي ڏي ۽ ڳالهائڻ ۾ اهو مون تي حاوي ٿئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڳالھ هئين آهي ته) هي (شخص) منهنجو ڀاءُ آهي. کيس نوانوي رڍون آهن ۽ مون کي (فقط) هڪ رڍ آهي، تنهن هوندي به هي مون کي چوي ٿو ته اها دنبي به مون کي ڏي ۽ ڳالهائڻ ۾ مون تي سختي ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي ان جون نوانوي دنبيون آهن ۽ منهنجي دنبي هڪ آهي پوءِ چيائين ته حوالي ڪر منهنجي اها ۽ زور رکيائين مون تي ڳالهائڻ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي کيس نوانوي (۹۹) رڍون آهن ۽ مون کي هڪ رڍ آهي، پوءِ هي چوي ٿو ته اها (هڪ رڍ) به منهنجي حوالي ڪر ۽ ڳالهائڻ ۾ مون کان زور ٿيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي منهنجو ڀاءُ آهي. وٽس نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪ رڍ آهي. پوءِ هي چوي ٿو ته اها به مون کي ڏي ۽ هي ڳالهائڻ ۾ مون کي دٻائي ويو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي آهِمِ ڀاءُ، اُن جون رِڍون نوانوي، مُنهنجِي مُرڳو رِڍ هيڪڙِي، سابه ڏِيِينمِ چوي، ۽ پاڻا زور پَوي، ٿِيو چَهرو کائمِ چوڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”هي آهي منهنجو ڀاءُ_ هن وٽ نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪ رڍ آهي_ هاڻي مون کي ٿو چوي، ته ”اها به مون کي ڏي“ ۽ مون تي ڳالهائڻ ۾ سخت زور ڪيو اٿس!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي، هن وٽ نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ رڳو هڪ رڍ آهي، چوي ٿو ته اها هڪ رڍ به مونکي ڏيئي ڇڏ ۽ ڳالهائڻ ۾ مون کان ڏاڍو ٿيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي آهي منهنجو ڀاءُ، جنهن وٽ نوانوي (99) گهيٽا (رڍون) آهن، مون وٽ رڳو آهي هڪڙو گهيٽو (رڍ)، هن مون کي چيو ته اهو هڪ به مون کي ڏي ۽ دٻائي ويٺو ڳالهائڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن مان هڪ ڄڻي چيو ته) بيشڪ هي منھنجو ڀاءُ آهي. هن کي نوانوي رڍون آهن ۽ مون وٽ هڪڙي رڍ آهي. هن جو چوڻ آهي ته اها هڪڙي رڍ به مون کي ڏي ۽ مون کي ڳالهين ۾ کُٽائي ڇڏي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَقَد ظَلَمَكَ بِسُؤالِ نَعجَتِكَ إِلىٰ نِعاجِهِ وَإِنَّ كَثيرًا مِنَ الخُلَطاءِ لَيَبغى بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَقَليلٌ ما هُم وَظَنَّ داوۥدُ أَنَّما فَتَنّٰهُ فَاستَغفَرَ رَبَّهُ وَخَرَّ راكِعًا وَأَنابَ (آيت : 24) |
(داؤد) چيو ته (ھن) تنھنجي (ھڪ) رڍ جي گھرڻ ڪري ته پنھنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو، ۽ بيشڪ ڀائيوارن مان گھڻا ھڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آھن سواءِ اُنھن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ اُھي (ظلم نه ڪندڙ) ٿورا آھن، ۽ داؤد ڄاتو ته کيس پرکيو اٿون تنھنڪري پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھريائين ۽ سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيو ۽ (الله ڏانھن) رجوع ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت دائود کيس) چيو ته، يقيناً هو ظلم ڪري رهيو آهي، جو تنهنجي هڪڙي دنبي پنهنجين دنبن سان ملائڻ جي گهر ڪري رهيو آهي. ۽ يقيناً گهڻائي ڀائيوار اهڙا هوندا آهن جو هڪ ٻئي سان بي انصافي ڪندا آهن (۽ ٻئي جو حق کائي ويندا آهن) سواءِ انهن جي، جيڪي ايمان وارا آهن ۽ صالح عمل ڪندڙ آهن، پر اهڙا بلڪل ٿورا آهن ۽ حضرت دائود ڀانيو ته اسان سندس آزمائش ٿي ورتي، سو هن پنهنجي پروردگار کان معافي گهري ۽ رڪوع ۾ جهڪي پيو ۽ خدا جي طرف رجوع ڪيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) داؤد فرمايو بيشڪ اهو تو تي ظلم ڪري ٿو اهو سوال ڪري ٿو ته تون پنهنجي دنبي ان جي دنبين سان ملائين ۽ بيشڪ گھڻا ڀائيوار هڪ ٻئي تي زيادتي ڪن ٿا، مگر اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ اهي تمام قليل آهن. ۽ داؤد کي يقين ٿيو ته اسان سندس آزمائش ورتي پوءِ پاڻ پنهنجي رب کان بخشش طلب ڪئي ۽ پاڻ سجدي ۾ ڪري پيا ۽ الله ڏانهن موٽيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دائود (سواءِ ٻي ڌر جي پڇڻ جي) چيو ته هي جو تنهنجي دنبي تو کان وٺي پنهنجين دنبين ۾ ملائڻ گهري ٿو ته اهو تو تي ظلم ٿو ڪري ۽ گهڻن ڀائيوارن ماڻهن (جي پڪ اها حالت آهي جو) هڪ ٻئي تي ظلم ڪندا رهندا آهن، پر جن ماڻهن (سچي دل سان) ايمان قبول ڪيو ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪيا (اهي ائين نه ڪندا آهن) ۽ اهڙا شخص تمام ٿورا آهن (اهو ٻڌي اهي ٻئي ته هليا ويا) پر دائود سمجهيو ته اسان سندس امتحان ورتو (۽ پاڻ ان ۾ پاس نه ٿيو) پوءِ ته پنهنجي پالڻهار کان معافي گهرڻ لڳو ۽ سجدي ۾ ڪري پيو، (۽ مون ڏي رجوع ٿيو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته البته ظلم ڪيائين توتي تنهنجي دنبي پنهنجين دنبين سان ملائڻ جي سوال ڪرڻ سان ۽ بيشڪ گهڻا ڀائيوارن مان البته زيادتي ڪن ٿا هڪڙا ٻين تي مگر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ ٿورا آهن اهي ۽ سمجهيو داؤد ته آزمايو اسان ان کي پوءِ مغفرت طلب ڪيائين پنهنجي رب کان ۽ ڪري پيو جهڪندڙ ٿي ۽ رجوع ڪيائين .السجدة(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) دائود چيو ته هن تنهنجي هڪ رڍ گُهرڻ سان ته پنهنجن رڍن سان گڏي توتي بيشڪ ظلم ڪيو آهي ۽ بيشڪ گهڻا ڀائيوار هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا مگر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ اهي بالڪل ٿورا آهن ۽ دائود خيال ڪيو ته اسان سندس ئي امتحان ڪيو آهي پوءِ ان پنهنجي پاليندڙ کان معافي گهري ۽ هيٺ جهڪي (سجدي ۾ ) ڪري پيو ۽ رجوع ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (دائود) چيو ته: ”تنهنجي رڍ کي پنهنجي رڍن ۾ ملائڻ جو مطالبو ڪري هن تو تي زيادتي ڪئي آهي. بيشڪ گهڻا گڏجي سڏجي رهڻ وارا هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا، سواءِ انهن ماڻهن جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ اهڙا ماڻهو ٿورڙا آهن“. ۽ دائود سمجھي ويو ته اسان سندس ئي امتحان ڪيو آهي پوءِ پنهنجي پالڻهار کان بخشش گهريائين ۽ رڪوع ڪندي (سجدي ۾) ڪري پيو ۽ رجوع ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، توسان هِن ڪَلُور ڪيو، سَچ پَچ مَنجھ سُوال، تُنهنجِي گڏڻ، پَنهنجِينَ سان رِڍ، رِڍن نال، گھڻا گاڏڙ مال، هَڻنِ حَق، ٻئي سَندا. مگر جَن مَڃيو، ڪيائون ڪم خير، ۽ اِهڙا مَرد مَٿير، لَڀنِ ٿورا لوڪ ۾. ۽ سَمجِھي وِيو ائود، ته پَڪ پرکيوسون اُن کي، پوءِ سَتائـِين سائينيَسِ کي، ۽ ڪِريو مَنجھ سُجود، ۽ موٽيو؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) دائود چيو ته ”بيشڪ اها گهر ڪرڻ سان هن توتي ظلم ڪيو آهي ته تنهنجي رڍ به پنهجن رڍن ۾ گڏي، ۽ گهڻو ڪري ڀائيوار هڪ ٻئي تي ظلم ڪندا آهن_ سواءِ انهن جي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ۽ اهي ڪي ٿورا آهن.“ اتي دائود سمجهيو ته اسان هنکي پرکيو آهي. تڏهن هن پنهنجي ڌڻيءَ کان بخشش گهري، سجدي ۾ ڪري پيو ۽ الله ڏي مهاڙ ڪيائين. (سجدو) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دائود جواب ڏنو: "هن شخص پنهنجي رڍن سان تنهنجي رڍ ملائڻ جي گهر ڪري بلاشڪ توسان ظلم ڪيو آهي، سچي ڳالهه اها آهي ته گڏ رهڻ وارا گهڻو ڪري هڪ ٻئي تي پيا بي واجبيون ڪندا آهن، باقي اهي بچيل هوندا آهن، جيڪي ايمان وارا هوندا آهن ۽ نيڪ عمل ڪندا رهندا آهن، پر اهڙا ماڻهو تمام ٿورا آهن (اها ڳالهه ڪندي) دائود سمجهي ويو ته اها حقيقت ۾ اسان سندس آزمائش ڪئي آهي، تنهنڪري هن پنهنجي رب کان معافي گهري ۽ سجدي ۾ ڪري پيو ۽ موٽي پيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) دائود جواب ڏنو، بيشڪ هن توتي ظلم ڪيو آهي اهو مطالبو ڪري، ته پنهنجي گهيٽن (رڍن) سان اها هڪ رڍ ملائي ۽ بيشڪ اڪثر طور تي ڪيترا ئي ڀائيوار هڪ ٻئي تي ظلم ڪن ٿا (زيادتي ڪن ٿا) پر اهي بچيل آهن جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا (نيڪ) ڪيا ۽ ٿورڙا ئي آهن اهڙا ماڻهو. (اها ڳالهه چوندي) سمجهي ويو دائود ته بيشڪ اها اسان سندس آزمائش ڪئي آهي تنهن ڪري معافي گهري هن پنهنجي رب کان ۽ سجدي ۾ ڪِري رجوع ڪيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دائود ($) چيو ته هن تنھنجي رڍ کي پنھنجي رڍن سان ملائڻ جو مطالبو ڪري تنھنجي مٿان ظلم ڪيو آهي، ۽ ڏٺو اهو ويو آهي ته گڏجي رهڻ وارا هڪ ٻئي تي (اهڙي قسم جون) زيادتيون ڪندا آهن. پر انهن مان جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا سي ئي زيادتين ڪرڻ کان بچيل آهن. پر اهڙا ماڻهو ٿورا هوندا آهن. اِتي دائود ($) سمجهي ويو ته هي ته اسان سندس آزماش ڪري رهيا آهيون پوءِ هن پنھنجي پالڻھار کان معافي گهري ۽ سجدي ۾ ڪري پيو ۽ اسان ڏي رجوع ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَغَفَرنا لَهُ ذٰلِكَ وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 25) |
پوءِ کيس اِھو (سندس گناھ) بخشيوسون، ۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو آھي ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) پوءِ اسان هن کي اها خطا معاف ڪري ڇڏي، ۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ ويجهڙائي جو درجو حاصل آهي ۽ (آخرت ۾) سهڻي جاءِ تي موٽي اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ان کي اها ڳالهه معاف ڪئي، ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ يقيناً قرب ۽ بهترين منزل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان سندس اها (لغزش) معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ سٺي پڄاڻي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بخشيو اسان ان کي اهو ۽ بلاشڪ ان جي لاءِ اسان وٽ البته قرب ۽ سهڻي موٽڻ جي جاء آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان کيس اها (خطا) معاف ڪئي ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي اها ڳالهه معاف ڪئي. ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَرهِي سُونسِ پوءِ، سازِيادتِي زُود، ۽ اَسان وَٽ اُن لئي، آهِن مرتبا موجود، وَرِي جاءِ وُرُود، موچارِي مَحلات (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان کيس اهو معاف ڪيو ۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ مرتبو ۽ سٺو موٽڻ جو هنڌ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ اسان به سندس اهو قصور معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ ويجهڙائيءَ وارو مرتبو ۽ ڀلو موٽڻ جو ماڳ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ معاف ڪيوسين ان جو قصور، ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ ويجهڙائيءَ وارو مرتبو ۽ سهڻي پڇاڙي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان (رجوع ڪرڻ سبب) کيس معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ بهترين جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰداوۥدُ إِنّا جَعَلنٰكَ خَليفَةً فِى الأَرضِ فَاحكُم بَينَ النّاسِ بِالحَقِّ وَلا تَتَّبِعِ الهَوىٰ فَيُضِلَّكَ عَن سَبيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذينَ يَضِلّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ بِما نَسوا يَومَ الحِسابِ (آيت : 26) |
(چيوسون ته) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مُقرّر ڪيو تنھنڪري ماڻھن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ (نفس جي) سَڌ جي تابعداري نه ڪر جو (اھا) توکي الله جي واٽ کان ڀلائيندي، بيشڪ جيڪي الله جي واٽ کان ڀُلن ٿا تن لاءِ انھيءَ سببان سخت عذاب آھي جو حساب جو ڏينھن وساريائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي دائود اسان توکي زمين تي بادشاهي ڏني آهي، سو ماڻهن جي وچ ۾ حق ۽ انصاف سان فيصلا ڪندو ڪر ۽ (پنهنجي دل جي) خواهش تي نه لڳجانءِ. جو اهي خواهشون توکي الله جي واٽ کان ڀڙڪائي هٽائي ڇڏينديون. يقين آهي جيڪي خدا جي واٽ کان هٽي ٿا وڃن تن جي لاءِ سخت ۾ سخت عذاب آهي، جو هنن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي داؤد بيشڪ اسان توکي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو پوءِ توهان ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪريو ۽ توهان سڌ جي پويان نه وڃو پوءِ اها توهان کي الله جي راه کان پري ڪري ڇڏيندي. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راه کان پري ٿين ٿا انهن لاءِ (انهيءَ سببان) سخت عذاب آهي جو انهن حساب وارو ڏينهن (قيامت) وساري ڇڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسان فرمايس ته) اي دائود! اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب مقرر ڪيو ته تون ماڻهن ۾ بلڪل ٺيڪ فيصلو ڪندو ڪر! ۽ نفساني پيروي نه ڪر. نه ته اها ڳالھ تو کي خدا جي راھ کان ٿيڙي ڇڏيندي. بيشڪ جي ماڻهو خدا جي راھ کان ٿڙن ٿا تن جي تمام سخت سزا ٿيندي ڇو ته انهن ماڻهن حساب جي ڏينهن (قيامت) کي وساري ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي داؤد! بيشڪ اسان بنايو توکي خليفو زمين ۾ پوءِ حڪم ڪر ماڻهن ۾ حق سان ۽ نه اتباع ڪر خواهش جي پوءِ ٿيڙي توکي الله جي واٽ کان بلاشڪ جيڪي ٿڙن ٿا الله جي واٽ کان انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي ان سببان جو وساريائون حساب جو ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ دائود کي هي به چيوسون ته) اي دائود! بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل نه ته (خواهش) توکي الله جي رستي کان گمراهه ڪندي. بيشڪ جيڪي الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا تن لاءِ سخت عذاب آهي هن ڪري ته انهن حساب جي ڏينهن کي وساريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اسان چيو) ”اي دائود! بيشڪ اسان تو کي زمين ۾ (پنهنجو) نائب بنايو آهي سو تون ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پٺيان نه هل ورنه اها (خواهش) تو کي الله جي راهه کان هٽائيندي. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا انهن لاءِ سخت عذاب آهي هن ڪري جو انهن حساب وارو ڏينهن وساري ڇڏيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نائـِب ڪيو سون توکي، ڌرتِئَ تي دائُود!، پوءِ ڪَر حق جا فيصلا، ماڻهن وِچ موجود، ۽ هَل نه ٿِي هَلڪڙو، سَڌ پُٺيان بي سُود، واٽان رَبَّ، وَدُود، وِرسائنئـِي وِير! پوءِ. جي ڀُلن ربَّ جِي راھ کان، اُنهن لئي سخت عذاب، سَندِي حَرف حِساب، جيلانهن وٖيل وساريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چيوسون) ”اي دائود! اسان توکي زمين ۾ اقتدار ڏنو آهي، ان ڪري ماڻهن وچ ۾ حقي فيصلا ڪر ۽ پنهنجي سڌن جي تابعداري نه ڪر، جو اهي توکي الله جي راهه کان ڀلائي ڇڏينديون.“ بيشڪ جيڪي الله جي راهه کان ڀُليا، تن لاءِ سخت عذاب آهي_ جو هنن قيامت کي وساري ڇڏيو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اسان کيس چيو) "اي دائود! بيشڪ اسان توکي زمين ۾ خليفو بڻايو آهي، پوءِ تون ماڻهن تي حق انصاف سان حڪومت ڪر ۽ نفس جي چئي تي نه لڳ، جو اهو توکي الله جي واٽ کان ٿيڙي ڇڏيندو، جيڪي ماڻهو الله جي واٽ کان ٿـڙي ويندا آهن تن لاءِ سخت سزا آهي، ان ڪري جو اهي حساب ڪتاب جي ڏينهن کي وساري ڇڏيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اسان کيس چيو) اي داؤد! بڻايو اسان توکي خليفو زمين ۾، تنهنڪري تون حڪومت ڪر ماڻهن تي حق سان ۽ پيروي نه ڪر نفس جي خواهش جي، ڇوته اها ڀٽڪائيندي توکي الله جي راهه کان، بيشڪ جيڪي ماڻهو ڀٽڪي ويندا آهن الله جي راهه کان، انهن جي لاءِ عذاب آهي تمام سخت، ڇوته وساري ڇڏيو انهن ڏينهن حساب کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي داؤد! اسان توکي زمين ۾ خلافت عطا ڪئي آهي. تنهنڪري ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ پنھنجي نفساني خواهشن تي نه هلندو ڪر ورنه اهي خواهشون توکي الله تعالى جي رستي کان گمراهه ڪري ڇڏينديون. بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا ۽ حساب واري ڏينھن کي وساري ڇڏين ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما خَلَقنَا السَّماءَ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما بٰطِلًا ذٰلِكَ ظَنُّ الَّذينَ كَفَروا فَوَيلٌ لِلَّذينَ كَفَروا مِنَ النّارِ (آيت : 27) |
۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي سو اجايو نه بڻايوسون، اھو ڪافرن جو گمان آھي، تنھنڪري ڪافرن لاءِ باھ (جي عذاب) جي خرابي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تن کي بنا مقصد جي ڪونه خلقيو آهي. اهو خيال (ته دنيا رڳو کيل تماشو آهي) انهن ماڻهن جو خيال آهي جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي. سو جن ماڻهن ڪفر (يعني بدڪمن) جي واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ وڏي مصيبت آهي، جو هو باهه ۾ سڙندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان آسمانن ۽ زمينن ۽ انهن جي وچ واري (ڪائنات) کي حڪمت کان خالي نه بنايو، اهو ڪافرن جو گمان آهي پوءِ ڪافرن لاءِ جهنم جو ويل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي سو بيڪار نه پيدا ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي پوءِ ڪافرن لاءِ دوزخ جو ويل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پيدا ڪيو اسان آسمان ۽ زمين ۽ ان کي جو انهن جي وچ ۾ آهي اجايو اهو گمان انهن جو آهي جن ڪفر ڪيو پوءِ ويل آهي ڪافرن جي لاءِ باھ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي بي فائدي پيدا نه ڪيو آهي، اهو ڪافرن جو خيال آهي، پوءِ ڪافرن لاءِ باهه جي (عذاب) ڪري خرابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي آسمان ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي سو اسان بي مقصد پيدا نه ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي، سو اهڙن ڪافرن لاءِ بربادي آهي (جهنم جي) باهه کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان نه اُڀ، ڀُون جوڙيا، بِلڪُل ڪي بيڪار، پڻ جوڙون ۽ جِنسار، جي آهِن، اُنهن جي وِچ ۾. ڦِريا جي فَرمان کان، اُنهن ڪيو گُمان، پوءِ جي ڦِريا کان فَرمان، اُنهن لئي آهون آڳ کان!!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان آسمان خواهه زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، سو اجايو نه بنايو آهي_ اهو ڪافرن جو گمان آهي، ان ڪري ڪافرن لاءِ باهه جي خرابي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ انهن ٻنهي جي وچواري جوڙجڪ کي اجايو نه پيدا ڪيو آهي. اهو ته انهن ماڻهن جو گمان آهي، جن ڪفر ڪيو آهي ۽ اهڙن ڪافرن لاءِ ويل آهي، جهنم جي باهه جي صورت ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي خلقيو اسان هن آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪا انهن جي وچ ۾ دنيا آهي اجائي پيدا نه ڪئي آهي اهو ته گمان آهي انهن ماڻهن جو جن ڪفر ڪيو ۽ بربادي آهي اهڙن ڪافرن جي دوزخ جي باهه سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان آسمان، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ (رهندڙ مخلوق کي) فضول پيدا نه ڪيو آهي، اهو رڳو انهن ڪافرن جو گمان آهي پوءِ ڪافرن جي لاءِ باهه جي صورت ۾ وڏو ويل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم نَجعَلُ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَالمُفسِدينَ فِى الأَرضِ أَم نَجعَلُ المُتَّقينَ كَالفُجّارِ (آيت : 28) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد وجھڻ وارن جي برابر ڪنداسون ڇا؟ يا پرھيزگارن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (هيئن آهي ڇا ته) اسان ايمان آڻيندڙن ۽ صالح عمل ڪندڙن کي انهن جهڙو ڪري ڏسنداسين، جيڪي ملڪ ۾ (سڌاري بدران) بگاڙو ڪندڙ آهن؟ يا پرهيزگارن ۽ نيڪيون ڪندڙن کي حق کان هٽندڙ بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسين انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن جهڙو ڪنداسين جيڪي زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن يا اسين پرهيزگارن کي گنهگارن جهڙو ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا! جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اسين انهن جي برابر ڪيون جيڪي روءِ زمين ۾ فساد پيدا ڪندا وتن ٿا يا اسين پرهيزگارن کي بدڪار ماڻهن وانگر بنايون؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا بنائيندا سون انهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون زمين ۾ فساد ڪندڙن جهڙو؟ ڇا بنائيندا سون متقين کي فاجرن جهڙو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي زمين ۾ فساد ڪندڙن جهڙو ڪنداسون ڇا يا پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسون ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون، انهن ماڻهن وانگر ڪنداسين جي زمين ۾ فساد ڪندڙ آهن. يا اسان پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسين ڇا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪَمڙا،ڇا، اَسِين ڪنداسون اُنهن کي، مَنجھ مُهت ۽ مان، تَن جِھڙو، جي زمين ۾، وَسندِيون ڪَن ويران؟ يا نيڪن ڪريون نِڌان، ڏوهِيَن جِھڙو ڏات ۾؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اسين ايمان آڻي، چڱا ڪم ڪندڙن کي زمين ۾ فساد وجهندڙن برابر ڪنداسون؟ يا نيڪن کي بڇڙن وانگر ڪنداسون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا ۽ انهن کي جيڪي زمين ۾ فساد ٿا برپا ڪن، هڪجهڙو ڪري ڇڏيون؟ ڇا متقين کي بدڪارن جي برابر ڪريون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هڪ جهڙو ڪري ڇڏيون انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ عمل سهڻا نيڪ ڪن ٿا ۽ انهن کي جيڪي فساد برپا ڪن ٿا زمين ۾، ڇا ڪري ڇڏيون هڪ جهڙو پرهيزگارن کي نافرمانن جهڙو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن ماڻهن جي برابر ڪنداسين جيڪي زمين ۾ فساد ڦھلائين ٿا؟ ڇا پرهيزگارن کي بدڪارن جھڙو ڪري ڇڏينداسين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كِتٰبٌ أَنزَلنٰهُ إِلَيكَ مُبٰرَكٌ لِيَدَّبَّروا ءايٰتِهِ وَلِيَتَذَكَّرَ أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 29) |
ھي (قرآن) برڪت وارو ڪتاب آھي جو اُن کي توڏانھن نازل ڪيوسون ته (ماڻھو) اُن جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (قرآن) برڪتن سان ڀريل اسان توتي (اي پيغمبر) هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته ماڻهو ان جي آيتن (۾ ڏنل ڳالهين ۽ حڪمن) تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ سمجهه وارا ماڻهو نصيحت حاصل ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هيءُ) هڪ مبارڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان توهان تي نازل ڪيو آهي، ان لاءِ ته ان جي آيتن ۾ غور ڪن ۽ ان مان عقلمند نصيحت وٺن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جو ڪتاب (قرآن) اسان تو تي نازل ڪيو آهي (سو وڏي) برڪت وارو آهي، هن لاءِ ته ماڻهو سندس آيتن ۾ غور ڪن پڻ هن لاءِ ته سمجھ وارا سبق حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي ڪتاب آهي نازل ڪيو سون ان کي توڏانهن برڪت وارو آهي تانته ڌيان ۾ رکن آيتون ان جون ۽ تانته نصيحت وٺن عقل وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (هي قرآن) هڪ برڪت وارو ڪتاب آهي جنهن کي اسان توڏي نازل ڪيو ته ان جي آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي ڪتاب (قرآن) برڪت وارو آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي هن لاءِ ته اهي ان جي آيتن ۾ غور ڪن ۽ عقلمند نصيحت پِرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪتاب، اُتاريوسُونسِ تو اُتي، بَرڪت سان ڀَرپُور، اُن جي آيتن کي، جاچِينِ تان ضَرُور، ۽ عاقِل، اَهل شُعور، پَڙهي پِرائـِين فيض ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي برڪت وارو قرآن آهي، انهي کي تو ڏانهن لاٿو اٿئون، ته ماڻهو سندس آيتن ۾ ڌيان ڪن ۽ عقل وارا نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو ڪتاب اسان توڏانهن نازل ڪيو آهي (اي نبي) سو ڏاڍو برڪت وارو آهي ته جيئن ماڻهو ان جي آيتن تي غور ڪن ۽ عقل وارا ان مان سبق پرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ڪتاب جيڪو نازل ڪيو آهي توڏي (اي نبي!) وڏو برڪت وارو آهي ته جيئن غور ڪن ان جي آيتن تي ۽ سبق پرائين ان مان سوچ سمجهه وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي قرآن جيڪو توڏي نازل ڪريون ٿا اهو ته هڪ وڏي برڪت وارو ڪتاب آهي ته جيئن ماڻهو ان جي آيتن تي غور ڪن ۽ عقل وارا ماڻهو ان مان نصيحت پرائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَهَبنا لِداوۥدَ سُلَيمٰنَ نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 30) |
۽ داؤد کي سُليمان (نالي پُٽ) عطا ڪيوسون، (سُليمان) چڱو ٻانھون ھو، بيشڪ اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان حضرت دائود کي حضرت سليمان (پٽ) عطا ڪيو. هو (يعني حضرت سليمان) ڪهڙو نه چڱو ٻانهو (خدا جو) هو. هو يقيناً (هر حالت ۾) الله تعاليٰ (جي حڪمن) ڏي رجوع ٿيندڙ هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان (حضرت) داؤد کي (حضرت) سليمان عطا ڪيو، جيڪوبهترين بندو هو، بيشڪ اهو الله ڏانهن گھڻو رجوع ڪندڙ هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پٽ) عطا ڪيو، (اهو به) ڪهڙو چڱو ٻانهو هو. بيشڪ اهو (اسان ڏي) رجوع ڪندڙ هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنو سون داؤد کي سليمان (نالي پٽ) ڀلو ٻانهو هو بيشڪ اهو ورندڙ هو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان دائود کي سليمان بخشي ڏنو، اهو چڱو ٻانهو هو، بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان دائود کي سليمان (جهڙو پُٽ) بخشي ڏنو. اهو ڀلو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو (الله ڏانهن) موٽندڙ هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسون دائود کي، سُليمان سُونهارو، ٻانهون موچارو، رُجوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دائود کي سليمان بخشيو سون_ جو سٺو ٻانهو ۽ خدا ڏي موٽندڙ هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ دائود کي اسان سليمان (جهڙو پٽ) عطا ڪيو، تمام ڀلو ٻانهو، تمام گهڻو (پنهنجي رب سان) لــَـنوَ لڳائڻ وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عطا ڪيوسين دائود کي (پٽ) سليمان بهترين بندو پنهنجي رب ڏي گهڻو ورڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان دائود ($) کي (پٽ جي صورت ۾) سليمان عطا ڪيو. هُو هڪ بھترين ٻانهو هو. ۽ (الله تعالى ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ عُرِضَ عَلَيهِ بِالعَشِىِّ الصّٰفِنٰتُ الجِيادُ (آيت : 31) |
(ياد ڪر) جڏھن پوياڙيءَ جو تکا گھوڙا وٽس پيش ڪيا ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو! شام جي وقت جڏهن اصيل ۽ تيز (ڀڄندڙ) گهوڙا هن جي اڳيان آندا ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن انجي اڳيان شام جي وقت اعليٰ نسل جا ڀلا گھوڙا پيش ڪيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوچتو شام جي وقت خاصي جا اصول گهوڙا سندس اڳيان آندا ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن پيش ڪيا ويا ان وٽ شام جي وقت ٽن پيرن تي بيهندڙ چوٿون پير کڙو رکندڙ ڀلا گهوڙا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان جي چڱائي معلوم ڪرڻ لاءِ اهو وقت ياد ڪر) جڏهن شام جو اُن جي اڳيان تکا گهوڙا ڊوڙ ندا ويا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن شام جي وقت ان اڳيان تيز رفتار گهوڙا پيش ڪيا ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوچاڙِي پيش تِنهِين، جڏهن ڪيا وِيا ڪيڪان، ڪَڙھ ۾ کَڙا کُر مَٿَي، مارِيندڙ مَيدان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن وٽس شام جو تکا گهوڙا پيش ڪيا ويا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو، جڏهن شام جي مهل سندس آڏو خوب پليل تکا گهوڙا پيش ڪيا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو واقعو بيان ڪرڻ جهڙو آهي جڏهن شام جو کيس بهترين پاليل گهوڙا پيش ڪيا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن سليمان ($) جي سامھون شام جي وقت اصيل عمده (تيز ڊوڙندڙ) گهوڙا پيش ڪيا ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالَ إِنّى أَحبَبتُ حُبَّ الخَيرِ عَن ذِكرِ رَبّى حَتّىٰ تَوارَت بِالحِجابِ (آيت : 32) |
پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار جي ياد ڪرڻ کان (ڀُلي ھنن گھوڙن جي) مال جي پيار کي (وڌيڪ) دوست رکيو، تان جو (سج) اوٽ جي پٺيان لڪو (۽ وچين نماز قضا ٿي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن هن چيو ته، مان جو دولت (۽ گهوڙن) سان حب ٿو رکان سو خدا جي يادگيريءَ جي ڪري (۽ سندس حڪمن جي تعميل جي نيت سان گهوڙن کي نظر مان ڪڍندو رهيو) تان جو سج پردي پٺيان لڪي ويو. (يعني سج لهي ويو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت) سليمان چيو بيشڪ مون کي اِهي گھوڙا وڻن ٿا پنهنجي رب جي ياد لاءِ (پوءِ حضرت سليمان انهن کي ڊوڙائڻ جو حڪم ڪيو) ايستائين جو اُهي غائب ٿي ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته ڏسڻ ۾ لڳي ويو ته نفلن کي دير ٿي ويس ۽ ياد اچڻ تي) چيائين ته مون مال جي الفت کي پنهنجي پالڻهار جي ياد تي پسند ڪيو آهي! تان (سج) پردي ۾ لڪي ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پيارو رکيو گهوڙن جي محبت کي پنهنجي رب جي ياد لاءِ تانجو لڪي ويا پردي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چيائين ته بيشڪ مون پنهنجي پاليندڙ جي ياد کان (گهوڙن جي) مال جي محبت کي پسند ڪيو آهي، ايتري تائين جو (سج) پردي ۾ لڪي ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چيائين ته: ”بيشڪ مون هن مال جي محبت پنهنجي رب جي ياد جي سبب کان اختيار ڪئي آهي“، ايستائين جو جڏهن اهي گھوڙا (نگاهن کان) اوٽ ۾ اچي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چيائـِين، ته چاهِيمِ مال کي، گَلي ۾ غَلطان، سانيَمِ جي سارڻ ڪنان، ۽ ياد ڪنان يَزدان، تان وَڃِي لِڪو لَڪَس ۾، ٿيو پَردي ۾ پِنهان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ چيائين ته ”بيشڪ مون پنهنجي ڌڻيءَ جي يادگيريءَ کان وڌيڪ محبت، فائدن سان رکي_ تان جو هو پردي ۾ گم ٿي ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته چيائين ته مون مال جي محبت به پنهنجي رب کي ياد ڪرڻ لاءِ اختيار ڪئي آهي، تان جو جڏهن گهوڙا نگاهن کان هٽي ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ان چيو، بلاشڪ مال جي محبت مون اختيار ڪئي آهي پنهنجي رب جي خاطر، گم ٿي ويا نظرن کان گهوڙا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ چيائين ته بيشڪ منھنجي مٿان پنھنجي پالڻھار جي ياد کان وڌيڪ مال جي محبت غالب ٿي وئي، ايستائين جو گهوڙا ڊوڙندي ڊوڙندي اکين کان پري ٿي ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رُدّوها عَلَىَّ فَطَفِقَ مَسحًا بِالسّوقِ وَالأَعناقِ (آيت : 33) |
(چيائين ته ھنن) گھوڙن کي مون وٽ موٽائي آڻيو، پوءِ (گھوڙن جي) ڄنگھن ۽ ڪنڌن تي (ذبح جو) ھٿ لائڻ شروع ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سج لهي وڃڻ بعد چيائين ته، انهن گهوڙن کي) وري به موٽائي مون ڏي آڻيو (ماڻهن گهوڙا موٽائي آندا ۽) هو سندس ٽنگن ۽ ڳچين تي (پيار جو) هٿ گهمائڻ لڳو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (سليمان حڪم ڪيو) انهن کي مون ڏانهن واپس آڻيو، پوءِ پاڻ انهن جي ٽنگن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرائڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته چيائين چڱو) انهن گهوڙن کي مون ڏانهن وري آڻيو. (جڏهن آيا) ته (دير ڪرڻ جي ڪفاري ۾) گهوڙن جي ٽنگين ۽ ڳچين تي (ذبح لاءِ) هٿ ڦيرڻ (ڪهڻ) شروع ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موٽايو انهن کي مون ڏانهن پوءِ شروع ٿيو هٿ لڳائڻ سان پنين ۽ ڪنڌن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (چيائين) انهن (گهوڙن) کي مون وٽ موٽائي آڻيو. پوءِ ڄنگهن ۽ گردنن تي هٿ ڦيرڻ شروع ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرمايائين) انهن کي مون وٽ موٽائي آڻيو. پوءِ لڳو انهن (گهوڙن) جي پِنِــيُن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرائڻ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون ڏي موٽايو تَن کي، پوءِ کَنيو کَنون خان، ڪيائـِين قَربان پِيو گُڏي گوڏا، بُڪيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کي وري مون وٽ آڻيو“_ پوءِ سندن ڄنگهن ۽ ڪنڌن تي (هٿ) ڦيريائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته (حڪم ڏنائين ته) موٽائي آڻيو مون ڏي، پوءِ سندن پنين تي ۽ ڪنڌن تي هٿ گهمائڻ لڳو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مون وٽ موٽائي آڻيو اهي (گهوڙا) پوءِ گهمائڻ لڳو هٿ انهن جي ڪنڌن ۽ ڄنگهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ حڪم ڪيائين ته) گهوڙن کي مون وٽ واپس آڻيو، واپس اچڻ تي هو گهوڙن جي ڄنگهن ۽ ڪنڌن تي هٿ ڦيرڻ لڳو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد فَتَنّا سُلَيمٰنَ وَأَلقَينا عَلىٰ كُرسِيِّهِ جَسَدًا ثُمَّ أَنابَ (آيت : 34) |
۽ بيشڪ سليمان کي پرکيوسون ۽ سندس تخت تي ھڪ ڌڙ اُڇليوسون وري (خُدا ڏانھن) موٽيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت سليمان جي آزمائش ورتي ۽ سندس تخت تي هڪڙو بي جان بوتو ويهاريوسين، پر (تڏهن به) هو خدا ڏي رجوع ٿيندو رهيو (۽ چڱا ڪم ڪندو رهيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ اسان انجي (شاهي) ڪرسيءَ تي هڪ بي جان جسم ويهاريو ان کان پوءِ پاڻ توبه تائب ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙ اڇلايوسون پوءِ (پاڻ کي مون ڏانهن) رجوع ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق آزمايو اسان سليمان کي ۽ رکيو سون ان جي ڪرسيءَ تي هڪ جسم ان کان پوءِ رجوع فرمايائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ (ٻي طرح به) اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙ اڇليوسون وري رجوع ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمائش ۾ وڌو ۽ اسان ان جي تخت مٿان هڪ جسم آڻي ڦٽو ڪيو. پوءِ ان (اسان ڏانهن) رجوع ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَرتو سُليمان جو، اَسان اِمتحان، ۽ اُڇليو سون اُن جي تخت تي، جُسو، ڪو بي جان، موٽي مِهربان، رُجُوع ٿِيڙو رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان سليمان کي آزمايو ۽ سندس تخت تي هڪ ڌڙو وهاريو سون_ پوءِ خدا ڏي موٽيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (ڏسو ته) اسان سليمان کي به آزمائش ۾ وڌو ۽ سندس ڪرسيءَ تي هڪڙو ٺلهو جسم (ڌڙ) آڻي ڦـٽو ڪيوسون، پوءِ هو موٽي پيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان آزمائش ۾ وڌو سليمان کي ڦِٽو ڪيوسين سندس ڪرسيءَ تي هڪ ٿلهو جسم، پوءِ هن موٽ کاڌي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سليمان ($) کي به آزمائش ۾ وڌو، جو ان جي ڪرسيءَ تي هڪ (انساني) ڌڙ اڇليوته هن اسان ڏانھن رجوع ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ اغفِر لى وَهَب لى مُلكًا لا يَنبَغى لِأَحَدٍ مِن بَعدى إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 35) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي بخش ۽ مون کي اھڙي بادشاھي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنھن کي به نه جڳائي، بيشڪ تون ئي بخشڻھار آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت سليمان دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي (هر قسم جي خطرن کان) پناهه ۾ رک ۽ اهڙي حڪومت عطا ڪر جهڙي مون کان پوءِ ڪنهن کي به نه سونهي. بيشڪ تون وڏيون نعمتون بخشيندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) سليمان چيو اي منهنجا رب تون مون کي بخش ڪر ۽ تون مون کي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جو مون کان پوءِ اها ڪنهن کي نه ملي، بيشڪ تون ئي گھڻو عطا ڪندڙ آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽) چيائين پالڻهار! مون کي بخش ۽ مون کي اهو ملڪ عطا فرمائي جو مون کان پوءِ ڪنهن جي به لائق نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بخش ڪر مون کي ۽ ڏي مون کي اهڙي بادشاهي جو نه ٿي لائق ٿئي ڪنهن هڪ جي لاءِ مون کان پوءِ بلاشڪ تون ئي ڏيندڙ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي معاف ڪر ۽ مونکي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جا مون کان پوءِ ڪنهن کي به ملڻ نه گهرجي. بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي معاف ڪر ۽ مون کي اهڙي بادشاهي عطا ڪر جو مون کان پوءِ ڪنهن کي به ميسر نه هجي، بيشڪ تون ئي عطا ڪندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين ته مَرھِ مُونکي، سانيَمِ رَبَّ ستار!، ۽ مُون کي مُلڪ اِهڙو، ڏِياريِين ڏاتار!، ته مون کان پوءِ مُختار!، حاصِل نه ٿئي هيڪڙي. اَلله تون ئـِي آهِين، بي شڪ بَخشڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي بخش ڪر ۽ مون کي اهڙي بادشاهي ڏي، جو مون کان پوءِ ڪنهن کي به نه جڳائي_ بيشڪ تون ئي بخشڻهار آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيائين ته "منهنجا رب! مون کي بخش ۽ مون کي اها بادشاهي ڏي، جيڪا مون کان پوءِ ڪنهن کي به نه جڳائي، بيشڪ تون ئي ته سچو ڏاتار آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، رب منهنجا! معاف ڪر مون کي ۽ عطا ڪر اها بادشاهي جيڪا ڪنهن کي به نه جڳائي مون کان پوءِ، بيشڪ تون ئي اصل ڏاتار آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُن (الله تعالى کان دعا گهري ۽) چيو ته: منھنجا پالڻھار! مون کي معاف فرماءِ ۽ مون کي اهڙي بادشاهي عطا فرماءِ جو مون کان پوءِ ٻئي ڪنھن کي به نصيب نه ٿئي. بيشڪ تون ئي هر شيءِ عطا ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَخَّرنا لَهُ الرّيحَ تَجرى بِأَمرِهِ رُخاءً حَيثُ أَصابَ (آيت : 36) |
پوءِ واءُ کي سندس تابع ڪيوسون جتي پھچڻ گھرندو ھو (تتي) آرام سان سندس حُڪم سان ھلندي ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان هوا کي هن جي تابع ڪيو جا سندس حڪم موجب جاڏي چاهيندو هو تاڏي لڳندي هئي (جهازن کي هلائيندي هئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ان لاءِ هوا کي فرمانبردار ڪيو جيڪا سندس حڪم سان آهستگيءَ سان ان جاءِ تي هلندي هئي جتي پاڻ چاهي ندو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان جتي پاڻ چاهيندو هو اتي آرام سان هلندي هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ مطيع ڪيو سون ان جي لاءِ واء هلي پيو ان جي امر سان آهستي آهستي جتي پهچڻ پيو گهري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان جتي پاڻ گهرندو هو اُتي آرام سان هلندي هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو جا سندس حڪم سان نرم نرم هلندي هئي جتي به اهو پهچڻ چاهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ واري ڪيوسون واءَ کي، تِنهنجو تابِعدار، ٿو هلي سَندسِ حُڪم سان، نَرم نَرم نِبار، ويجهاڏُور وَلهار، گوهر گَشت جِتي گُھريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان هن لاءِ هوا کي تابع ڪيو، جا سندس حڪم موجب اوڏانهن آرام سان هلندي هئي، جتي به پهچڻو هوندو هئس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ اسان ان لاءِ هوا کي تابع بڻائي ڇڏيو، جيڪا سندس حڪم تي موافق ٿي هلندي هئي، جيڏانهن به هو چاهيندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ تابع ڪيوسين ان لاءِ هوا کي، اها سندس حڪم تي هلندي هئي جيڏانهن به گهري نرميءَ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان هوا کي سندس تابع ڪيو. جيڪا سَندس حڪم سان جنھن طرف هو وڃڻ چاهيندو هو ان طرف هلندي هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالشَّيٰطينَ كُلَّ بَنّاءٍ وَغَوّاصٍ (آيت : 37) |
۽ ديون کي (سندس تابع ڪيوسون) جو ھر ھڪ عمارتون اڏيندڙ ۽ (درياءُ ٽٻندڙ ھو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ شيطان کي به (يعني سرڪش جنن جون ٽوليون به اسان هن کي تابع ڪري ڏنيون) جيڪي (هن جي لاءِ) عمارتون ٺاهينديون هيون ۽ (موتين وغيره ڪڍڻ لاءِ يا مڇين مارڻ لاءِ) سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻنديون هيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جِنّ به سندس فرمانبردار ٿيا جيڪي هر تعميري ڪم ڪندا هئا ۽ موتي سمنڊ مان ڪڍندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهڙي طرح) جيترا شيطان جاين اڏڻ وارا ۽ غوطا لڳائڻ وارا هئا، سڀني کي تابع ڪري ڇڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (مطيع ڪيا سون ان لاءِ) شيطان سڀ عمارتون ٺاهيندڙ ۽ ٽوٻا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ديوَن کي جي سڀئي عمارتون ٺاهيندڙ ۽ (دريا ۾ ) ٽٻندڙ هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شيطان (به سندس تابع ڪياسين) سڀئي جيڪي عمارتون ٺاهيندڙ ۽ (درياء ۾) ٽٻيون هڻندڙ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوڏ، اَڏِيندڙ عِمارتون، سَرڪش سَڀ شيطان، ڪي ٽوٻا ڪَڍن ٽُٻِيو، موتِي ۽ مَرجان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شيطانن کي به، جي سڀ رازا ۽ ٽوٻا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ شيطانن (جنن ۽ ديون) کي به زير ڪري ڇڏيوسون، هر قسم جا رازا ۽ ٽوٻا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ شيطانن کي تابع ڪيوسين ۽ هر طرح جا ٽوٻا ڪاريگر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ شيطانَ، هر قسم جا مستري،۽ ٽوٻا به سندس تابع ڪيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاخَرينَ مُقَرَّنينَ فِى الأَصفادِ (آيت : 38) |
۽ ٻيا (ديوَ) زنجيرن ۾ جڪڙيل (تابع ڪياسون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کين ڪي ٻيا جن (به تابع ڪري ڏناسون) جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ٻيا (شرير جن) زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کان سواءِ ٻين کي به، جيڪي زنجيرن ۾ قابو ٿيل هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻيا جڪڙيل هٿڪڙين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (سندس تابع يوسون) ۽ ٻين (ديون) کي به (سندس تابع ڪيوسون) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻيا (جِن) به جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوگھا سَنگھرن ۾، ٻئا اُنهن مان ٻان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻيا زنجيرن ۾ جڪڙيل_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻيا جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻيا جيڪي جڪڙيل هئا زنجيرن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ وري ٻيا (سرڪش شيطانَ) جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا، سي به ان جي قيد ۾ ڏنا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا عَطاؤُنا فَامنُن أَو أَمسِك بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 39) |
(چيوسون ته) ھيءُ اسان جو اِحسان آھي پوءِ احسان ڪر يار کي ڇڏ (جئن توکي وڻي) ته (توتي) حساب نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي سليمان!) هي (توتي) اسان جي بخشش آهي. پوءِ (اها دولت وغيره ٻين کي) احسان طور ڏيئي ڇڏين يا بي حساب دولت گڏ ڪري پاڻ وٽ (خدائي ڪمن لاءِ) رکين (ته تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ اسان جي اَڻ کُٽ عطا آهي پوءِ تون ڪنهنکي ڏين يا نه ڏين تو تي ڪو حساب ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي سليمان!) هي اسان جي بي حساب عنايت آهي پوءِ (ان کي ماڻهن کي ڏيئي) احسان ڪر يا (سڀ) پاڻ وٽ رک.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيءَ اسان جي عطا آهي پوءِ احسان ڪر يا روڪي رک، حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي زنجيرن ۾ جڪڙيل هئا. هيءَ اسان جي بخشش آهي پوءِ تون احسان ڪر يا روڪ (يعني نه ڪر) توتي ڪجهه به حساب نه ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيوسين) ”هي اسان جي عطا آهي پوءِ تون (ٻين تي) احسان ڪر يا (پاڻ تائين) روڪ (توتي) ڪوبه حساب نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِها سَڀ اَسان جِي، بَخشش بي گُمان، پوءِ ڏي ۽ جَھل پاڻ وَٽ، بنان کَنڌي خان!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اها آهي اسان جي بي حساب عطا. جو وڻيئي تنهن تي احسان ڪر، يا نه ڏي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کيس چيو: اها آهي اسان جي عنايت جنهن کي وڻيئي ڏي ۽ جنهن کان وڻيئي جهلي ڇڏ، (توتي) حساب نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اسان چيو) هي بخشش آهي اسان جي جنهن کي وڻيئي ڏي يا روڪي ڇڏ، بنا ڪنهن به حساب جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اسان کيس چيو ته) اها اسان جي تنهنجي مٿان نوازش آهي. هاڻي تون ڪنھن کي ڏئين يا پاڻ وٽ رکين، ان جو ڪو حساب نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ لَهُ عِندَنا لَزُلفىٰ وَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 40) |
۽ بيشڪ اُن کي اسان وٽ مرتبو ۽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً هن کي اسان وٽ ويجهڙائي جو وڏو درجو مليل هو. ۽ (آخرت ۾ به هن جي لاءِ) سهڻي جاءِ (تيار رکيل) آهي، (جتي هو موٽي اچي رهندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ يقيناً قرب ۽ بهترين منزل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ سليمان جي اسان جي بارگاھ ۾ قرب ۽ مرتبو ۽ عمدي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ ان جي لاءِ اسان وٽ البته مرتبو ۽ موٽڻ جي سهڻي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ مرتبو ۽ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان جي بارگاهه ۾ خصوصي قرب ۽ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اَسان وَٽ اُن لئي، مَهندان مُهت مان، پڻ آهِن عالِيشان، مَحل موچاريون ماڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ هن کي اسان وٽ مرتبو ۽ سٺو موٽڻ جو هنڌ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ هن لاءِ اسان وٽ ويجهڙائيءَ وارو مرتبو ۽ ڀلو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ ان لاءِ اسان وٽ قرب وارو مرتبو ۽ سهڻي پڄاڻي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان جي لاءِ اسان وٽ وڏو مرتبو ۽ بهترين جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُر عَبدَنا أَيّوبَ إِذ نادىٰ رَبَّهُ أَنّى مَسَّنِىَ الشَّيطٰنُ بِنُصبٍ وَعَذابٍ (آيت : 41) |
۽ اسان جي ٻانھي ايّوب کي ياد ڪر، جڏھن پنھنجي پالڻھار کي ٻاڏايائين ته مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک پھچايو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان جي ٻانهي حضرت ايوب جو قصو ياد رک. جنهن پنهنجي پروردگار کي پڪاري چيو ته، شيطان مون کي رنج ۽ تڪليف پهچائي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪريو جنهن وقت ان پنهنجي رب کي پڪاريو ته بيشڪ مون کي شيطان تڪليف ۽ درد پهچايو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسان جي (خاص) عبد ايوب کي ياد ڪر! جڏهن ان پروردگار کي فرياد ڪئي ته مون کي شيطان ڏاڍي تڪليف ۽ ايذاءِ پهچايو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪر اسان جي ٻانهي ايوب کي جڏهن سڏيائين پنهنجي رب کي ته بيشڪ مان پهچايو مون کي شيطان ڏک ۽ عذاب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر! جڏهن پنهنجي پاليندڙ کي سڏيائين ته بيشڪ شيطان مون سان بيماري ۽ عذاب لڳائي ڇڏيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر. جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريو ته: ”بيشڪ شيطان مون کي اذيت ۽ تڪليف پهچائي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَندر سارِ، اسان جو، اَيُّوبَ نيڪ بَندو، رَهيو پَنهنجي ربَّ کي، جڏهن ڪيرتون ڪَندو، شيطان ڪِنهن نُقصان جو، ڦيرايَمِ ڦَندو، ڪِنهن وَڏي سُور سَندو، رَهزن رَنج رساڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي ياد ڪر_ جڏهن پنهنجي ڌڻيءَ کي ٻاڏايائين ته ”بيشڪ مون کي شيطان ايذاءُ ۽ ڏک رسايو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان جي ٻانهي ايوب کي به ياد ڪر، جڏهن هن پنهنجي رب کي پڪاريو هو ته شيطان مون کي تڪليف ۽ عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ذڪر ڪر اسان جي بندي ايوب جو، جڏهن ان پڪاريو پنهنجي رب کي ته حقيقت ۾ مبتلا ڪيو آهي شيطان بيماري ۽ عذاب ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جي ٻانهي ايوب ($) کي ياد ڪر. جڏهن هن پنھنجي پالڻھار کي پڪاري (نماڻو) عرض ڪيو ته شيطان مون کي سخت تڪليف ۽ عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اركُض بِرِجلِكَ هٰذا مُغتَسَلٌ بارِدٌ وَشَرابٌ (آيت : 42) |
(تڏھن چيوسون ته) زمين تي پنھنجي لت ھڻ، جو ھي (چشمو) وھنجڻ جو ھنڌ ٿڌو ۽ پيئڻ لاءِ (مٺو) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ کيس فرمايو ته) پنهنجو پير (زمين تي) هڻ (ائين ڪيائين ته پاڻي ظاهر ٿي پيو ۽ الله تعاليٰ کيس فرمايو ته) هي اٿئي وهنجڻ جو پاڻي جيڪو ٿڌو ۽ صحت بخش آهي ۽ پيئڻ لاءِ به چڱو آهي. (سڀ بيماريون لهي ويس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله تعالى فرمايو) تون پنهنجو پير زمين تي هَڻُ. هيءُ آهي ٿڌو چشمون وِهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته کين چيو ته) پنهنجي پيرن سان (زمين کي) ٿڏو هڻ! (جڏهن چشمو نڪتو ته اسان چيس ته اي ايوب!) تنهنجي وهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ هي ٿڌو پاڻي (حاضر) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هڻ پير پنهنجو، هي وهنجڻ جو هنڌ آهي ٿڌو ۽ پيئڻ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان کي چيوسون ته) پنهنجي پير سان لت هڻ، هيءَ غسل ڪرڻ جو ٿڌو چشمو ۽ پيڻ جو پاڻي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيوسين ته) ”پنهنجو پير (زمين تي) هڻ، هي ٿڌو چشمو وهنجڻ لاءِ ۽ پيئڻ لاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حُڪم ٿيَسِ ته هَڻ تون، پَٽ تي پَنهنجو پير، توهان لئي خير، ٿڌو ۽ مِٺو مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چيوسون) ”سندءِ پير زمين تي هڻ_ هي وهنجڻ جو هنڌ، ٿڌو ۽ پيئڻ لائق آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اسان کيس حڪم ڏنو ته) پنهنجو پير زمين تي هڻ، اهو آهي ٿـڌو پاڻي وهنجڻ لاءِ به ۽ پيئڻ لاءِ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اسان حڪم ڏنو) پنهنجو پير زمين تي هڻ، هي اٿئي وهنجڻ ۽ پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اسان کيس چيو ته) پنھنجو پير زمين تي هڻ ۽ هي ٿڌو پاڻي آهي وهنجڻ لاءِ به ۽ پيئڻ لاءِ به. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَهَبنا لَهُ أَهلَهُ وَمِثلَهُم مَعَهُم رَحمَةً مِنّا وَذِكرىٰ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 43) |
۽ کيس سندس گھر وارا ۽ ساڻن اوترا (ٻيا به) عطا ڪيوسون (ھيء) اسان جي طرف کان ٻاجھ ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هن جا ٻار ٻچا ۽ مٽ مائٽ مري ويا هئا پر هاڻي وري) اسان هن کي ٻار ٻچا ۽ ڪٽنب عطا ڪيو، بلڪ ٻيڻو عطا ڪيو. اها هئي اسان وٽان (هن جي لاءِ) رحمت ۽ سمجهه وارن لاءِ (انهيءَ واقعي ۾) وڏي نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي سندس گھر وارا ۽ اوترا ٻيا پنهنجي رحمت سان عطا ڪيا ۽ (اِها) عقلمندن لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان سندس گهروارن ۽ ان سان اوتري ئي پڻ پنهنجي خاص مهربانيءَ سان (اولاد وغيره) عطا ڪيس ۽ عقل وارن جي لاءِ عبرت ۽ نصيحت (مقرر ڪئي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنوسون ان کي ان جو اهل ۽ مثال انهن جو انهن سان گڏ رحمت ٿي اسان وٽان ۽ نصيحت آهي عقل وارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي سندس گهر وارا ۽ ساڻن اوترا ٻيا بخشي ڏناسون پنهنجي طرفان مهرباني ڪري ۽ عقلمندن لاءِ يادگيري واسطي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي سندس گهر وارا واپس ڏنا ۽ انهن سان گڏ ان جي برابر (وڌيڪ اهل و عيال ڏنا) اسان طرفان رحمت ۽ عقلمندن لاءِ نصيحت بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عطا ڪيوسون اُن کي، سَندسِ آل عيال، ۽ اُنهِئَ سان گڌ اوترِي، مِلڪيت تِنهن مِثال، پَنهنجي پاران ڀَال، پڻ عِبرت عاقِلن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس سندس گهر وارا ۽ اوترا ٻيا به عطا ڪياسون- اها اسان جي طرف کان ٻاجهه ۽ ڌيان وارن لاءِ نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کيس سندس ٻار ٻچا موٽائي ڏنا ۽ انهن سان گڏ اوترا ٻيا به پنهنجي طرفان رحمت طور ۽ عقل ۽ سوچ وارن لاءِ نصيحت طور (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏناسين کيس سندس اهل عيال موٽائي ۽ ايترا ئي ٻيا به ڏناسين پنهنجي رحمت جي طور تي ۽ عقل رکڻ وارن جي لاءِ نصيحت جي طور تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کيس (مري ويل ٻار ٻچن کان پوءِ) ٻيا ٻار ٻچا عطا ڪيا. وري پنھنجي ٻاجهه سان پهريان کان ٻيڻي اولاد عطا ڪئي ته جيئن عقل وارا ماڻهو ان واقعي مان نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَخُذ بِيَدِكَ ضِغثًا فَاضرِب بِهِ وَلا تَحنَث إِنّا وَجَدنٰهُ صابِرًا نِعمَ العَبدُ إِنَّهُ أَوّابٌ (آيت : 44) |
۽ (چيوسون ته) پنھنجي ھٿ ۾ ٻھار وٺ پوءِ اُن سان (پنھنجي زال کي) ڌڪ ھڻ ۽ قسم نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر لڌو، (ايّوب) چڱو ٻانھو ھو، اُھو (خُدا ڏانھن) ورڻ وارو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڀانئجي ٿو ته بيماريءَ جي حالت ۾ حضرت ايوب پنهنجي گهرواريءَ کي چيو هو ته، توکي مار ڏيندس، سو هاڻي الله تعاليٰ سندس چوڻ پورو ڪري ڏيکارڻ لاءِ کيس فرمايو ته) پنهنجي هٿ ۾ ڪجهه گاهه کڻ ۽ ان سان (آهستي) ڌڪ هڻ ۽ (پنهنجو) واعدو نه ڀڃ، بيشڪ اسان کيس صابر ۽ ثابت قدم ڏٺو. هو ڪهڙو نه چڱو ٻانهو هو. يقيناً هو هر حالت ۾ (الله جي حڪمن ڏي) رجوع ڪندڙ هو (يعني الله جي حڪمن جي تعميل ڪندو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اسان ان کي فرمايو ته) تون پنهنجي هٿ ۾ ٻُهارو کَڻُ پوءِ اهو تون ان کي هَڻُ ۽ تون پنهنجو قسم نه ٽوڙ، بيشڪ اسان ان کي صابر ڏٺو، ايوب ڪهڙو نه بهترين ٻانهو هو، بيشڪ اهو الله تعالى ڏانهن موٽندڙ هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان چيو) اي ايوب! تون پنهنجي هٿ ۾ ٻهاري کڻي ۽ ان سان (پنهنجي زال کي) هڻ! ۽ پنهنجي قسم ۾ ڪوڙو نه ٿي. اسان ايوب کي پڪو صابر لڌو اهو ڪهڙو نه چڱو هو. بيشڪ اهو (اسان جي بارگاھ ۾) جهڪڻ وارو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وٺ پنهنجي هٿ ۾ ٻهارو پوءِ هڻ اهو ۽ نه قسم ڀڃ بيشڪ اسان لڌو ان کي صبر ڪندڙ ڀلو ٻانهو هو بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (کيس چيوسون ته) پنهنجي هٿ ۾ ٻهاري وٺ پوءِ ان سان مار. ۽ قسم نه ڀڃ! بيشڪ اسان ان کي صبر ڪرڻ وارو لڌو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي ايوب) تون پنهنجي هٿ ۾ تيلين جي مُٺِ (ٻهارو) وٺ ۽ (قسم پورو ڪرڻ لاءِ) ان سان (هڪ ڀيرو زال کي)مار ۽ قسم نه ٽوڙ. بيشڪ اسان ان کي صبر وارو لڌو. ڪهڙو نه سٺو ٻانهو هيو. بيشڪ اهو ڏاڍو رجوع ڪرڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪامِل! مُٺ ڪَکن جِي، هَٿ پَنهنجي ۾ کَڻ، پوءِ اُنهِئَ سان هَڻ، سونهن ۾َ اوڍ، سِر مَٿي. لاشڪ لَڌو سون اُن کي، صابر سُونهارو، ٻانهون موچارو، سو رُجُوع ٿِيندڙ رَبَّ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (چيوسون) ”سندءِ هٿ ۾ ٻهارو کڻي اهو هڻ ۽ قسم نه ڀڃ“_ بيشڪ اسان کيس صابر ڏٺو، هو سٺو ٻانهو هو، بيشڪ هو خدا ڏي موٽندڙ هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اسان کيس چيو) تيلين جو ٻهارو کڻ ۽ اهو هڻيس، پنهنجو قسم نه ڀڃ. اسان کيس صبر ڪرڻ وارو ڏٺو، ڏاڍو ڀلو ٻانهو پنهنجي رب ڏانهن رجوع ڪرڻ وارو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اسان کيس چيو) کڻ تيلين جو هڪ مُچو پوءِ هڻ اهو ان کي ۽ پنهنجو قسم نه ڀڃ، اسان ڏٺوسين کيس صابر، بهترين ٻانهو. بيشڪ اهو رب ڏي رجوع ڪندڙ هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اسان کيس بيماري دوران کنيل قسم کي پورو ڪرڻ لاءِ چيو ته) پنھنجي هٿ ۾ ٻُھارو پڪڙ ان سان (پنهنجي گهر واريءَ کي) ڌڪ هڻ، پر قسم کي نه ڀڃ. بيشڪ اسان کيس وڏو صبر ڪندڙ ڏٺو.هو بھترين ٻانهو هو. ۽ بيشڪ هو (الله تعاليٰ ڏي) رجوع ڪرڻ وارو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُر عِبٰدَنا إِبرٰهيمَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ أُولِى الأَيدى وَالأَبصٰرِ (آيت : 45) |
۽ اسان جي ٻانھن ابراھيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جي ھٿن ۽ اکين وارا (يعني علم ۽ عمل وارا) ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان جي ٻانهن حضرت ابراهيم، حضرت اسحاق ۽ حضرت يعقوب جو قصو به ياد رک، جيڪي سڀ وڏي طاقت وارا ۽ وڏي عقل وارا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان اسان جي ٻانهي (حضرت) ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جو ذڪر ڪريو جيڪي صاحبِ قدرت ۽ صاحبِ بصيرت هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسان جي ٻانهن مان ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر! جي طاقت ۽ بصيرت وارا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪر اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب هٿن ۽ اکين وارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) چڱو ٻانهو هو. بيشڪ اهو رجوع ڪندڙ هو. ۽ اسان جي ٻانهي ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جيڪي هٿن ۽ اکين وارا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر جيڪي وڏي قوت ۽ نظر وارا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سار اسان جا سِپرِين، ٻانهان نيڪو ڪار، اِبراهِيم، اِسحق، پڻ يَعقُوب سڳورو سالار، طاقتمند تمام گھڻا، چٽيَن اکين چوڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جي هٿن ۽ اکين وارا هئا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان جي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي به ياد ڪر، ڏاڍا عمل جي طاقت رکڻ وارا ۽ اونهيءَ نظر وارا ماڻهو هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ذڪر ڪر اسان جي بندن ابراهيم ۽ اسحاق ۽ يعقوب جو جيڪي عمل جي وڏي طاقت رکندڙ ۽ بصيرت وارا هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون اسان جي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب (ؓ) کي ياد ڪر، اِهي پڪي عمل ڪرڻ وارا ۽ ڊگهي سوچ رکڻ وارا ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَخلَصنٰهُم بِخالِصَةٍ ذِكرَى الدّارِ (آيت : 46) |
بيشڪ اسان کين ھڪ پاڪ عادت لاءِ نرالو ڪيو جو آخرت جو ياد ڪرڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان هنن کي خاص طرح هن لاءِ چونڊيو (۽ نبي ڪري موڪليو) ته (ماڻهن کي) آخرت جي گهر متعلق پيغام پهچائين (۽ هيءَ حقيقت سمجهائين ته نيڪ ڪمن جو نيڪ بدلو ۽ بد ڪمن لاءِ عذاب آخر ضرور ملڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انهن کي آخرت جي خالص ذڪر لاءِ مخلص بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان انهن شخصن کي هڪ خاص صفت، آخرت جي ياد سان ممتاز ڪيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان خاص ڪيو انهن کي هڪ خاص شيءِ آخرت جي يادگيري سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان کين هڪ خاص صفت سان خاص ڪيو جا آخرت جي يادگيري آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انهن کي هڪ خالص صفت سبب برگزيدو بنايو هيو اها (صفت) آخرت جي ياد هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چُوندي کَنياسُون خَلق مان، خالِص نِج نِبار، جَن کي ٻئي جَھان جي، ڪارڻ پِرت پَچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان کين هڪ پاڪ عادت ”آخرت جي يادگيريءَ“ لاءِ خاص ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اسان کين هڪڙي خلاصيءَ وصف جي ڪري خاص پنهنجي لاءِ ڪري ڇڏيو هو ۽ اها (وصف) هئي آخرت کي سدائين ڌيان ۾ رکڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان کين خاص صفت سان برگزيده ڪيو هو دار الآخرت جي ياد سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان انهن سڀني کي خاص خوبيءَ سان نوازيو هو، اها (خوبي) هُئي ”آخرت جي يادگيري“ (جنهن کي هو سڀ هر وقت نظر ۾ رکندا هئا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُم عِندَنا لَمِنَ المُصطَفَينَ الأَخيارِ (آيت : 47) |
۽ بيشڪ اُھي اسان وٽ سڳورن نيڪن مان ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اُهي (پيغمبر) اسان جي نظر ۾ انهن منجهان آهن، جن کي اسان چونڊي کنيو ۽ نيڪ هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهي اسان وٽ يقيناً برگزيده (۽) ڀلارا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهي اسان جي بارگاھ ۾ برگزيدا ۽ نيڪ ماڻهن ۾ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ اهي اسان وٽ البته برگزيدن ڀلن مان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهي اسان وٽ پسند ڪيل (۽) چڱن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهي اسان وٽ چونڊيل (۽) پسند ڪيل ٻانهن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌُوئل اسان وٽ، دوست سي، ڀَلا بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اهي اسان وٽ چونڊيل ڀلارن مان هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اسان وٽ اهي چونڊ نيڪ ماڻهن مان ليکيا وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ انهن جو شمار اسان وٽ آهي چونڊيل نيڪ شخصن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اُهي اسان جا بھترين چونڊيل ماڻهو هئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُر إِسمٰعيلَ وَاليَسَعَ وَذَا الكِفلِ وَكُلٌّ مِنَ الأَخيارِ (آيت : 48) |
۽ اسماعيل ۽ اَلۡيَسَعَ ۽ ذُوالۡڪِفۡل کي ياد ڪر، ۽ ھر ھڪ نيڪن مان ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت اسماعيل، حضرت يسع ۽ حضرت ذا الڪفل جا قصا به ياد رک اهي سڀئي به نيڪن مان هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان (حضرت) اسماعيل ۽ يسع ۽ ذوالڪفل (پيغمبرن) جو ذڪر ڪريو. ۽ (اُهي) سڀئي ڀلارا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اسماعيل اليسع ۽ ذوالڪفل کي (به) ياد ڪر ۽ اهي سڀ نيڪ بندن مان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ياد ڪر اسماعيل ۽ يسع ۽ ذالکفل کي ۽ سڀئي ڀلن مان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل کي ياد ڪر ۽ (اهي) سڀئي چڱن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل کي به ياد ڪر. ۽ اُهي سڀ چونڊيل ٻانهن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِسماعِيل، اَلْيَسَعَ، ذُوالْكِفْل جو، پڻ رَک اَندر اَذڪار، ۽ مِڙوئـِي مُختار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذالڪفل کي، جي سڀ ڀلارا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسماعيل، اليسع ۽ ذوالڪفل کي به ياد ڪر، اهي سڀئي ڀلارا ماڻهو هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ذڪر ڪر اسماعيل ۽ اليسع ۽ ذوالڪفل جو، ۽ اهي سڀ ئي نيڪ ماڻهو هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون اسماعيل، اليسع ۽ ذوالڪفل (ؓ) کي به ياد ڪر. اُهي سڀ بھترين ماڻهن مان هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا ذِكرٌ وَإِنَّ لِلمُتَّقينَ لَحُسنَ مَـٔابٍ (آيت : 49) |
ھيءُ (قرآن) نصيحت آھي، ۽ بيشڪ پرھيزگارن لاءِ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (يعني نيڪن جو بيان ياد رکڻ ۽ ٻڌائڻ) وڏي نصيحت ۽ عبرت جو سامان آهي. ۽ يقيناً پرهيزگار ۽ نيڪ ماڻهن جي لاءِ سهڻي جاءِ (تيار رکيل) آهي (جنهن ۾ هو موٽي اچي رهندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هي نصيحت آهي، ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ يقيناً سهڻي منزل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هيءَ هڪ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهزگارن لاءِ (آخرت ۾) يقيني چڱي آرام گاھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيءَ نصيحت آهي ۽ بلاشڪ پرهيزگارن جي لاءِ البته ڀلي جاء آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ (قرآن) نصيحت آهي ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هيءَ نصيحت آهي. ۽ بيشڪ پرهيزگارن لاءِ سهڻي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ياداشت يَقِين سان. ۽ سُهڻي جاءِ سَچن لئي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ نصيحت آهي ۽ نيڪن لاءِ موٽڻ جو سٺو هنڌ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها هڪ نصيحت هئي (هاڻي ٻڌي ڇڏيو ته) متقي شخصن لاءِ بيشڪ ڀلي ۾ ڀلو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ته هڪ ذڪر هو، ۽ (ٻڌ) بيشڪ اهو پرهيزگارن لاءِ بهترين ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو هو (رسول سڳورن جو) ذڪر. بيشڪ پرهيزگار ماڻهن لاءِ بھترين جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَنّٰتِ عَدنٍ مُفَتَّحَةً لَهُمُ الأَبوٰبُ (آيت : 50) |
(يعني) ھميشه (رھڻ) جا باغ آھن (جن جا) دروازا انھن لاءِ کُليل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي سهڻيون جايون آهن) دائمي باغ جن جا دروازا هنن جنتين لاءِ هميشه کليل هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اعليٰ قسم جي بهشت ۾ انهن (پرهيزگارن) لاءِ دروازا کليل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (يعني) هميشه جي رهڻ جا (بهشتي) سدا بهار باغ جن جا دروازا انهن لاءِ (سدائين) کليل رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهشت هميشہ رهڻ وارا کليل هوندا انهن جي لاءِ دروازا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جي رهڻ جا باغ آهن جن جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سدا بهار باغات آهن جن جا دروازا انهن لاءِ کليل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گھاٽاگُل، گَلزار، کُلِيَل دَر اُنهن جا، هُوندا تَنِين هارِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني هنن لاءِ هميشه رهندڙ باغن جا دروازا کليل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سدائين رهڻ واريون جنتون، جن جا دروازا انهن لاءِ کليل ئي کليل هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي جنتون انهن جي لاءِ جن جا سدائين کليل دروازا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هميشه رهڻ وارا باغ جن جا دروازا انهن لاءِ کليل هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مُتَّكِـٔينَ فيها يَدعونَ فيها بِفٰكِهَةٍ كَثيرَةٍ وَشَرابٍ (آيت : 51) |
اُتي ٽيڪ ڏيندڙ ھوندا اُتي گھڻا ميوا ۽ شراب پيا گھرائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (جنتي) انهن باغن ۾ (ڪوچن تي) ٽيڪ ڏيئي آرام سان ويهندا)، ۽ انهن ۾ هو بي انداز ميون ۽ لذيذ شربتن لاءِ طلب ڪندا (۽ سندن طلب جي تعميل هڪدم ٿيندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي بهشت ۾ ٽيڪ لڳائي ويهندا (۽) بهشت ۾ گھڻن قسمن جا ميوا ۽ شراباً طهورا گھرندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي شخص اتي ٽيڪ ڏيئي (آرام سان ويٺا) هوندا اتي (بهشت جي خدامن کان) گهڻائي ميوا ۽ شراب گهرائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٽيڪون ڏئي وهندڙ انهن ۾ طلب ڪندا انهن ۾ ميوا گهڻا ۽ پيئڻ جون شيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي ٽيڪ لڳائي (ويٺا هوندا) انهن ۾ گهڻا ميوا ۽ پيڻ جون شيون پيا گُهرندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا ان ۾ گهڻا ميوا ۽ شربت پيا گهرائيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سيجن مَٿي سامهان، بالِم بَرقرار، مِلندنِ مَنجھسِ مِهمانيون، ميوا موڪ مَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اتي ٽيڪ ڏيئي، گهڻا ميوا ۽ پيئڻ جون شيون گهرائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ۾ هو ٽيڪ ڏئي ويٺا هوندا. ميوا ئي ميوا ۽ گهڻيون ئي پيئڻ جون شيون پيا طلبيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وهاڻا لڳائي اهي ويٺا هوندا انهن ۾، کائڻ جي لاءِ ڪيترا ئي ميوا ۽ پيئڻ واسطي شيون طلبيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُو ان ۾ ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. ۽ مختلف قسمن جا ميوا ۽ پيئڻ جون شيون گهرندا رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ أَترابٌ (آيت : 52) |
۽ وٽن ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون ۽ عمر ۾ ھڪ جيڏيون (زالون) ھونديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن وٽ (شرميليون) اکيون هيٺ ڪندڙ، پاڪدامن هڪ جيڏيون عورتون (سنگت ۾) هونديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن وٽ هم عمر حيادار بيبيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن پاسي ۾ (شرم کان) هيٺ ڪيل اکين واريون عم عمر زالون هوندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن وٽ هيٺ جهڪائيندڙ اکين واريون هڪ عمر جيڏيون هونديون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (مٿن) نظر کي بند رکندڙ (حيا واريون) هڪ جيڏيون (زالون) وٽن هونديون(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن وٽ جهُڪيل نگاهن واريون (شرميليون) هم عمر گھر واريون (حورون) هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻِيَن پاڪِيزا اُنهن وٽ، ۽ ٻِيون هِڪ جيڏيون حَيادار، ڪارِينهدي ڏي، ڪُنڊ مان، نيڻن بَند نِهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽن هيٺ نگاهه ڪرڻ واريون هڪ جيڏيون هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وٽن لڄاريون هڪ جيڏيون زالون هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن وٽ لڄاريون هم عمر زالون هونديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن وٽ هيٺ نگاهه رکڻ واريون (شرميليون) ۽ جوڙائتيون (يعني هم عمر) گهر واريون هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا ما توعَدونَ لِيَومِ الحِسابِ (آيت : 53) |
ھي اُھو آھي جنھنجو حساب جي ڏينھن لاءِ انجام ڏنو وڃيوَ ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته) هي اٿو (اهي نعمتون) جن لاءِ اوهان کي واعدو ڏنو ويو هو، ته اوهان کي حساب وٺڻ واري ڏينهن ملنديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ اهو آهي جنهنجو توهان سان حساب واري ڏينهن لاءِ وعدو ڪيو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مومنو!) هي اهي خبرون آهن جن جو حساب جي ڏينهن (قيامت) جي لاءِ اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي اهو آهي جيڪو وعدو ڏنا ويا هيئو حساب جي ڏينهن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو !) هي اهي (نعمتون) آهن جن جو اوهان کي حساب جي ڏينهن لاءِ انجام ڏنو وڃي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهي (نعمتون) آهن جن جو حساب واري ڏينهن لاءِ توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي، سو ڏينهن حساب جو، جنهن جااوهان سان اِقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي آهي اهو، جنهن جو انجام قيامت لاءِ ٿو ڏجي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي آهن اُهي شيون، جيڪي حساب واري ڏينهن ملڻ جو توهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ئي اهي نعمتون آهن جيڪي ڏينهن حساب جي ڏيڻ جو وعدو توهان سان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اُهي شيون آهن جن جو توهان سان قيامت جي ڏينھن ڏيڻ جو وعدو ڪيو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا لَرِزقُنا ما لَهُ مِن نَفادٍ (آيت : 54) |
بيشڪ اُھو اسان جو رزق آھي جنھن کي ڪا کوٽ نه ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اها اسان جي بخشش آهي جا ڪڏهن به نه کٽندي يا گهٽ ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هيءُ اسان جو رزق آهي جنهنکي ڪا به فنا ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اها اسان جي (ڏنل) روزي آهي جا ڪڏهين نه کٽندي اهو (پرهيزگارن جو بدلو آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ هي البته اسان جو رزق آهي ناهي ان ۾ ڪا کوٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هي اسان جو رزق آهي جنهن کي ڪا کوٽ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي اسان جي بخشش آهي جنهن کي ڪا کوٽ ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي آهن رزق اَسان وَٽان، بخشش بيشمار، اُن کي آخِرڪار، کِيندي، کوٽ ناھِ ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهو اسان جو رزق آهي جو نه کٽندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو آهي اسان جو رزق، جيڪو کٽڻو ئي ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي ئي اهو اسان جو رزق آهي جيڪو ختم نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهو اسان جي طرفان عطا ڪيل رزق هوندو جنھن ۾ ڪابه گهٽتائي نه ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا وَإِنَّ لِلطّٰغينَ لَشَرَّ مَـٔابٍ (آيت : 55) |
اھو (بدلو ڀلارن لاءِ آھي)، ۽ بيشڪ حد کان لنگھندڙن لاءِ بڇڙو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي آهن (نعمتون يقيناً نيڪن کي نصيب ٿينديون) ۽ سرڪشن (بدڪار ماڻهن) کي (دنيا مان) موٽي اچي رهڻ لاءِ نهايت ئي بڇڙي جاءِ ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهن لاءِ) هيءُ نعمتون آهن، بيشڪ سرڪشن لاءِ تمام خراب ٺڪاڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سرڪش جي ته يقينا بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙن جي لاءِ البته بڇڙي جاء آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ (پرهيزگارن لاءِآهي) ۽ بيشڪ حد کان لنگهندڙن لاءِ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (مؤمنن لاءِ آهي). ۽ بيشڪ سرڪشن لاءِ بڇڙي موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجن تي پالوٽ اِي، ۽ ڪانهيارن ڪاڻ، جاءِ بُڇڙي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آهي (نيڪن لاءِ). ۽ حد کان لنگهندڙن لاءِ بڇڙو ٺڪاڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها آهي متقين جي پڇاڙي ۽ باغين لاءِ وري بڇڙي ۾ بڇڙي جاءِ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي آهي متقين جي پڄاڻي ۽ بيشڪ سرڪشن لاءِ بدترين ٺڪاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو هو پرهيزگار ماڻهن جو ذڪر، بيشڪ الله تعالى سان بغاوت ڪندڙن جو برو ٺڪاڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَهَنَّمَ يَصلَونَها فَبِئسَ المِهادُ (آيت : 56) |
(جو) دوزخ آھي، اُن ۾ گھڙندا، پوءِ اُھو بڇڙو وڇاڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (يعني) کين جهنم ملندو جنهن ۾ هو سڙندا. پوءِ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) جهنم آهي. جو اهي ان ۾ پوندا. پوءِ سندن ڪهڙي نه خراب بيٺڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جهنم جن ۾ کين وڃڻو پوندو، ته اهو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جهنم داخل ٿيندا ان ۾ پوءِ بڇڙو وڇاڻو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آهي جو جهنم آهي جنهن ۾ داخل ٿيندا. پوءِ (اهو) بڇڙو وڇاڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اها جاءِ) جهنم آهي ان ۾ اُهي داخل ٿيندا، سا بڇڙي قيام گاهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَھَنَّمَ پُهچن مَنجھسِ پاڻ، ۽ وِڇُن ڀَريل وِڇاڻ، پوءِ ڏاڍو ڪو ڏکيو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني جهنم! هو منجهس گهڙندا_ پوءِ اهو بڇڙو وڇاڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جهنم، جنهن ۾ هو ساڙيا ويندا. ڏاڍي بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جهنم، جنهن ۾ اهي ساڙيا ويندا ڏاڍي بري رهڻ جي جاءِ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي جھنم ۾ داخل ٿيندا. جيڪا ڏاڍي بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا فَليَذوقوهُ حَميمٌ وَغَسّاقٌ (آيت : 57) |
ھي (عذاب) ڪوسو پاڻي آھي ۽ پُونءِ آھي پوءِ ڀلي ته اُن کي چَکن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (بيشڪ) اهوئي آهي (عذاب جو کين ملندو) هو ڀلي ته ان جو مزو چکن (هنن کي) اتي ٽهڪندڙ پاڻي ۽ وهندڙ پونءِ ملندي (جا تمام بدبودار ۽ برف جهڙي سخت ٿڌي هوندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ (عذاب) آهي پوءِ ڀلي ته اهي ٽهڪيل پاڻي ۽ پونءِ پيئن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پونءِ آهي پوءِ ڀلي ته ان کي چکيندا رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي پوءِ ڀلي چکن ان کي پونءِ ۽ ٽچڪندڙ پاڻي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءُ (عذاب) گرم پاڻي ۽ پونءِ آهي پوءِ ڀلي ته ان کي چکن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (عذاب آهي). پوءِ ڀلي ته ان کي چکن (اهو) ٽهڪندڙ پاڻي ۽ پُونءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَدلو اِهائـِي باھِ، پوءِ مَزو مَاڻِينِ اُن مان، گرم ۽ گند ڦَٽن جو، بَدبُوءِ ڀَريو بااللهِ!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آهي، (بڇڙن لاءِ!) پوءِ ڀل ته هو ان کي چکن، جو ڪو سو پاڻي ۽ پونءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو آهي انهن لاءِ، پوءِ ڀلي چکن مزو ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۽ رت پونءِ جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو انهي لاءِ ته چکن مزو ٽهڪندڙ پاڻي، رت ۽ پونءِ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اها آهي انهن جي جاءِ ۽ هاڻي هو گرم پاڻي ۽ زخمن جي پونءِ جو مزو چکن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاخَرُ مِن شَكلِهِ أَزوٰجٌ (آيت : 58) |
۽ اھڙو قسمين قسمين ٻيو (عذاب) به آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن عذابن سان گڏ ٻيا به اهڙا عذاب کين ڏنا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان کان علاوهه کين گھڻن قسمن جا عذاب ڏنا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻيو به ان جهڙو طرح طرح جو (عذاب) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٻيا ان جي شڪل وارا جوڙا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻيو به ان جهڙو طرح طرح جو (عذاب) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻيو به انهيءَ شڪل ۾ طرح طرح جو (عذاب) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن ٻارِين ٻِيا بِه باھ، ڪَئين جي قِسم ڪيترا!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻيو اهڙو قسمين قسمين عذاب آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻين اهڙين شين جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙين ٻين ڪڙين شين جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (انهن لاءِ) ان جهڙا ٻيا به عذاب آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا فَوجٌ مُقتَحِمٌ مَعَكُم لا مَرحَبًا بِهِم إِنَّهُم صالُوا النّارِ (آيت : 59) |
ھي ھڪ فوج آھي جا اوھان سان گڏ گھرڻ واري آھي، شال کين ڪا ويڪري جاءِ نه ملي، ڇوته اُھي باھ ۾ گھڙڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته، اجهو) هي هڪ ٻيو ٽولو اوهان سان گڏ (جهنم ڏانهن) ڌوڪيندو ٿو وڃي. هنن جي لاءِ مرحبا (يا ڀليڪار) ڪانهي. يقيناً هو باهه ۾ پچندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ هڪ ٻِيو ٽولو آهي جيڪو توهان سان گڏ گرفتار آهي، ان لاءِ ڪا به مرحبا ناهي، بيشڪ اهي باه ۾ ڪرندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪن ماڻهن لاءِ انهن جي سردارن کي) چيو ويندو هيءَ (اوهان جي چيلن جي) فوج به اوهان سان گڏ ئي ڌوڪي ويندي سندن ڀلو نه ٿئي! اهي سڀئي دوزخ ۾ وڃڻ وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي هڪ فوج آهي گهڙندڙ آهي اوهان سان گڏ ناهي مرحبا انهن سان بيشڪ اهي گهڙندڙ آهن باھ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ (اوهان جي تابعدارن جي) هڪ فوج آهي جا اوهان سان گڏ (دوزخ ۾ ) گهڙندي اچي (سردار چوندا ته) شال زمين مٿن تنگ ٿئي! بيشڪ اهي باهه ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جهنم وارا اتي ايندڙ نئين ٽولي کي ڏسي چوندا) هي هڪ (ڏوهارين جي) فوج آهي جيڪا توهان سان گڏ (جهنم ۾) داخل ٿي رهي آهي انهن کي ڪا خوش آمديد ناهي. بيشڪ اُهي دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي فوج اوهان سان آڳ ۾، ٻيڙِي بي شُعور، نه سَلام، نه ڪَلام اُنهن سان، نه مَرحبا ڪامُور، مڱر ۾ مَجبُور، سَڙِي سي سوڪ ٿيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها هڪ فوج آهي، جا اوهان سان گڏ گهڙندڙ آهي، انهن لاءِ ڪا مرحبا ناهي. بيشڪ اهي باهه ۾ پوندا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هو جهنم ڏانهن پنهنجي پوئلڳن کي ايندو ڏسي پاڻ ۾ چوندا) "اهو جيڪو لشڪر توهان ۾ ڪاهيندو پيو اچي، انهن لاءِ ته ڪابه آجيان ناهي، اهي ته باهه ۾ سڙڻا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهي دوزخ ڏي ايندڙ تابعدار ڏسي چوندا) هي هڪ لشڪر توهان وٽ هلندو پيو اچي، ڪوبه آڌرڀاءُ انهن لاءِ ناهي، بيشڪ اهي لهسجندا باهه ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اجهو هي ٻيو ٽولو به اچي ويو آهي. جيڪو توهان سان گڏ جھنم ۾ داخل ٿيندو (اُتي موجود سندن سردار طعنو هڻي چوندا ته) هنن جي استقبال لاءِ ته ڪير به موجود ڪونهي. بيشڪ هي سڀ ماڻهو باهه ۾ سڙڻ وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا بَل أَنتُم لا مَرحَبًا بِكُم أَنتُم قَدَّمتُموهُ لَنا فَبِئسَ القَرارُ (آيت : 60) |
(تابع) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھان کي شال ڪا ويڪري جاءِ نه ھجي، (جو) اوھان اسان لاءِ ڪُفر کي پراڻي رسم ڪري ڇڏيو، پوءِ دوزخ بڇڙي جاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اُنهي ٽولي جا ماڻهو) چوندا ته بلڪ اوهان به (باهه ۾ پچندؤ) توهان جي لاءِ به مرحبا ڪانهي. توهان ئي اسان جي لاءِ هيءَ مصيبت آندي آهي. هي دوزخ ڪهڙي نه بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ڪافر پنهنجي اڳواڻن کي چوندا ته توهان لاءِ ڪا مرحبا ناهي، توهان ئي اسان کي جهنم ۾ پهچايو، پوءِ جهنم تمام خراب ٺڪاڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ته چيلا) چوندن (اسين ڇو؟) پر اوهين (جهنمي آهيو) اوهان جو ڀلو نه ٿئي! توهان ماڻهن ئي ته هن مصيبت جي منهن ۾ وڌو ته جهنم به ته ڪهڙي نه بڇڙي جڳھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا ته بلڪه اوهان ناهي مرحبا اوهان سان اوهان ئي اڳي ڪيو ان کي اسان جي لاءِ پوءِ بڇڙي قرار جي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (تابعدار) چوندا ته (نه) پر اوهان تي زمين تنگ ٿئي! اوهان ئي ان (مصيبت) کي اسان جي سامهون آندو آهي، پوءِ اها بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (اچڻ وارا) چوندا: ”بلڪه توهان ئي آهيو جن جي لاءِ ڪا خوش آمديد نه آهي. توهان ئي ته هي (ڪفر ۽ عذاب) اسان جي اڳيان پيش ڪيو. پوءِ ڏاڍي بڇڙي رهڻ جي جاءِ آهي“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوئـِلڳن پاٻوهِيو، اي اسان جا اڳواڻ!، مَرحبا ڪا مُورهِين، ڪانهي اَوهان ڪاڻ، اوهان آڳ اسان لئي، پَهرِين آندِي پاڻ، هَنڌ پَنهنجو هاڻ، بِلڪُل ڪو بُڇڙو ٿيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”نه بلڪه، اوهان لاءِ ڪا مر حبا شل نه ٿئي، جو اوهان ئي اسان لاءِ هيءَ چيز تيار ڪرائي آهي، جو ڪهڙو نه بڇڙو ٺڪاڻو آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو انهن کي جواب ۾ چوندا: "نه پر توهان پيا سڙو، توهان لاءِ به ته ڪو آڌرڀاءُ ڪونهي، توهان ئي ته اسان کي به اهو حشر آڏو ڏنو آهي، ڪهڙو نه بڇڙو آهي اهو ترسڻ جو هنڌ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي کين جواب ڏيندا، نه پر توهان پاڻ پيا لهسجو، ناهي ڪابه آجيان توهان جي لاءِ، توهان اهو نتيجو آندو آهي اسان جي آڏو، ڪهڙي نه بڇڙي رهڻ جي اها جاءِ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بعد ۾ داخل ٿيندڙ ٽولو اڳ ۾ موجود سردارن جي ٽولي کي) چوندو ته (توهان به ته سڙندا) توهان جو وري ڪھڙو استقبال ٿيو آهي؟ هي ويل ته توهان ئي اسان جي لاءِ اڳتي پھچايو آهي. ڪيڏي نه بري جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا رَبَّنا مَن قَدَّمَ لَنا هٰذا فَزِدهُ عَذابًا ضِعفًا فِى النّارِ (آيت : 61) |
چوندا ته اي اسان جا پالڻھار جنھن اسان لاءِ ھيءَ (ڪُفر جي) پراڻي رسم ٺاھي ھجي تنھنجي حق ۾ دوزخ ۾ ٻيڻو عذاب زيادہ ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو هيئن به چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! جنهن به اسان جي لاءِ هيءَ مصيبت آندي آهي تنهن جو باهه ۾ (سڙڻ جو) عذاب وڌائي ٻيڻو ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي تابعدار عرض ڪندا ته اي اسان جا رب جنهن به اسان کي جهنم ۾ پهچايو پوءِ تون جهنم ۾ ان تي ٻيڻو عذاب ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ وري) عرض ڪندا پروردگار! جنهن اسان کي هن (مصيبت) ۾ وڌو تنهن تي ته اسان کان وڌيڪ دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا ته اي اسان جا رب! جنهن اڳي ڪيو اسان جي لاءِ هي پوءِ وڌاءِ ان کي عذاب ٻيڻو باھ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽) چوندا ته اي اسانجا پاليندڙ! جنهن اسان جي سامهون هيءَ (مصيبت) آندي آهي تنهن کي باهه ۾ ٻيڻو عذاب وڌائي ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندا: ”اي اسان جا پالڻهار! جنهن هي (مصيبت) اسان جي سامهون آندي آهي تنهن کي باهه ۾ ٻيڻو عذاب وڌائي ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دانهيؤن، ته ڌَڻي اسان جا!، جَن آنداسون اِن ماڳ، اُن تي اَندر آڳ، ٻِيڻو ٻارِ تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”اي اسانجا ڌڻي! جنهن اسان لاءِ هيءَ تيار ڪرائي، ان کي باهه جوعذاب ٻيڻو وڌاءِ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو چوندا: "اي اسان جا رب! جنهن به اسان کي هن عذاب تائين پهچائڻ جو بندوبست ڪيو آهي، تنهن کي دوزخ جو ٻيڻو عذاب ڏي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي چوندا، اي اسان جا رب! جنهن اسان کي هن نتيجي تي پهچايو، ان کي ٻيڻو عذاب ڏي دوزخ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو وڌيڪ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! جن سردارن اسان کي هيستائين مصيبت ۾ پھچايو آهي تن کي ته باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا ما لَنا لا نَرىٰ رِجالًا كُنّا نَعُدُّهُم مِنَ الأَشرارِ (آيت : 62) |
۽ دوزخي چوندا ته اسان کي ڇا (ٿيو) آھي جو مڙسن (مسلمانن مسڪينن) کي نٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان ڳڻيندا ھواسون؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چوندا ته اسان کي ڇا ٿي پيو آهي جو اسان انهن ماڻهن کي ڪونه ٿا ڏسون، جن کي اسان شريرن ۾ شمار ڪندا هئاسين. (هئا پاڻ شرير پر سچن مؤمنن کي شرير سمجهندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ڪافرن جا اڳواڻ) چوندا اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسين اهي ماڻهو نٿا ڏسون جن کي اسان شرير سمجھندا هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (وري) پاڻ به چوندا ته اسان کي ڇا ٿيو جو اسين جن ماڻهن کي (دنيا ۾) شرير ڄاڻندا هئاسين تن کي (هتي دوزخ ۾) نه ٿا ڏسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا ته ڇا ٿيو آهي اسان کي جو نٿا ڏسو مڙسن کي جو ڳڻيوسين ٿي انهن کي بڇڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چوندا ته اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اُنهن مڙسن کي (هتي دوزخ ۾ ) نه ٿا ڏسون جن کي بڇڙن مان شمار ڪندا هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چوندا ته: ”ڇا ڳالهه آهي؟ جو اسان انهن مردن کي (هتي جهنم ۾) نه ٿا ڏسون جن کي اسان بڇرن ماڻهن ۾ شمار ڪندا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَيائون چِٽ ڪِهڙو، آهي اَسان ساڻ؟ ته مَٺاڀانيا سون مَرد جي، سي هِت نه پَسون هاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا ”ڀلا اسين هتي اهي ماڻهو ڪونه ٿا ڏسون، جن کي بڇڙن ۾ ڳڻيندا هئاسون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو پاڻ ۾ چوندا: "ڇا ڳالهه آهي، جو انهن ماڻهن کي نٿا ڏسون جن کي دنيا ۾ اسان خراب سمجهندا هئاسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي پاڻ ۾ چوندا، ڇا ڳالهه آهي اسان نٿا ڏسون انهن ماڻهن کي ڪٿي جن کي اسان دنيا ۾ برو سمجهندا هئاسين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري پاڻ ۾) چوندا ته اسان جن ماڻهن کي برو سمجهندا هئاسين، اهي ته اڄ نظر ئي نٿا اچن. (يعني مؤمن ماڻهو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَتَّخَذنٰهُم سِخرِيًّا أَم زاغَت عَنهُمُ الأَبصٰرُ (آيت : 63) |
(ناحق) ساڻن ٺـٺوليون ڪندا ھواسون ڇا يا کانئن اسان جون اکيون ترڪيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن سان مسخريءَ طور اهڙي هلت ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون (۽ سمجهه) انهن لاءِ چنجهيون ٿي پيون هيون؟ (جو نه سمجهي سگهياسين ته هو نيڪ آهن تنهن ڪري ڪامران رهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن سان اسين مذاق ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون انهن جي ڏسڻ کان ڦري ويون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسين انهن سان (ناحق) ٺٺوليون ڪندا هئاسون يا انهن کان (اسان جون) اکيون ڦري ويون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ورتو سون انهن کي ٺٺول ڪري يا ٿڙڪيون انهن کان اکيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اسان انهن تان (ناحق) مسخري ڪئي يا (دوزخ ۾ آهن پر) اسان جون اکيون انهن کان ترڪي ويون آهن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان انهن تان (ناحق) مسخريون ڪندا هئاسين يا اسان جون اکيون انهن (جي سڃاڻڻ) کان تِرڪي ويون آهن“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَن کي اَسان پاڻ، هو کَڻِي کِل بَنايو. اَ کيون اَسان جون اُنهن ڪنان، ڦِرِي وِيون فِى الحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين هنن تي اجايون ٺٺوليون ڪندا هئاسون، يا انهن بابت اسان جون اکيون ٿيون ترڪن؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا اسان انهن کي ائين ئي کڻي ٺـٺول جو هنڌ بڻايو هو يا اهي ڪٿي نظرن کان ترڪي ويا آهن؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ساڻن ڪندا هئاسين ٺٺوليون ناحق يا اهي ٿڙي ته نه ويا آهن ڪٿي نظرن کان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان انهن سان ناحق مذاق ڪيو هو يا اسان جون اکيون انهن کي ڏسڻ کان تِرڪن ٿيون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ ذٰلِكَ لَحَقٌّ تَخاصُمُ أَهلِ النّارِ (آيت : 64) |
بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جھيڙو ڪرڻ اِھا (ھڪ) سچي (ڳالھ) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهو حق ۽ انصاف آهي ته دوزخي ماڻهو هڪٻئي سان جهڳڙا ڪن (اها به هنن لاءِ سزا آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو جهنمين جو پاڻ ۾ جھڳڙو ڪرڻ يقيناً سچ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ دوزخين جو پاڻ ۾ جهيڙو ڪرڻ اهو بلڪ پڪ ٺيڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهو البته حق آهي جهيڙو جهنم وارن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو دوزخين جو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ يقيني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي ڳالهه سچي آهي دوزخين جا پاڻ ۾ اهي جهڳڙا ٿيڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَرحق آھِ بَحال، اِي جھڳڙو جَھَنَّمِيَن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهو دوزخين جوپاڻ ۾ جهيڙو بلڪل سچ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اها سچي ڳالهه آهي ته دوزخ وارن ۾ اهي جهڳڙا ٿيڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اها ڳالهه سچي آهي ته اهي جهيڙا ٿيڻا آهن دوزخين ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ دوزخين جو اهو احوال سچو آهي. (جھنم ۾ وڃڻ کان پوءِ) هو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهندا رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِنَّما أَنا۠ مُنذِرٌ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ الوٰحِدُ القَهّارُ (آيت : 65) |
(کين) چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان، ۽ (رڳو) اڪيلي زبردست الله کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) چؤ ته، مان ته يقيناً فقط خبردار ڪندڙ آهيان، ۽ معبود (۽ بادشاهه) فقط الله آهي جو هڪ آهي ۽ سڀني تي غالب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو آئون ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيان، ناهي ڪوبه معبود مگر الله تعالى جيڪو واحد القهار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون چوين ته آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو آهيان ۽ واهد قهار خدا کان سواءِ ڪوئي معبود عبادت جي لائق نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايو ته مان ته صرف ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ ناهي ڪو معبود مگر الله هڪ غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته آءُ رڳو ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله کانسواءِ ڪوبه حاڪم نه آهي جو اڪيلو، غالب، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”آءٌ صرف ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي جو اڪيلو سڀ تي غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آئون ته آهيان آڳ کان، ڪندڙ خبردار، ته ڌُر کان دَرگاھ ناھِ ڪا، هڪ ڌڻئَ کان ڌار، سو اَڪيلو اُوپَري، تَن سَڀن لَهندڙ سار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته آءُ ته فقط ڊيڄاريندڙ آهيان، ۽ الله اڪيلي زبردست کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته مان ته رڳو خبردار ڪندڙ آهيان، ٻيو ڪوبه سچو معبود ڪونهي سواءِ الله جي، جنهن جو ڪو به ثاني ناهي، سڀني تي ضابطو رکندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ، آئون ته رڳو خبردار ڪندڙ آهيان ۽ ناهي ڪو ٻيو خدا سواءِ الله اڪيلي حقيقي جي جيڪو سڀني تي غالب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان ته رڳو ڊيڄاريندڙ آهيان. الله واحد قهار کانسواءِ ٻيو ڪير به حقيقي معبود نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُمَا العَزيزُ الغَفّٰرُ (آيت : 66) |
آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار غالب بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو آسمانن ۽ زمين جو پرودگار آهي ۽ جيڪي به انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو به پروردگار آهي. هو وڏيءَ طاقت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ وڏو بخشيندڙ ۽ پناه ڏيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو) رب آهي آسمانن ۽ زمينن جو ۽ انهن جو جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهي (۽ اهو) غالب بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جي شيون انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن (تن سڀني جو) پالڻهار وڏو بخشڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ ان جو جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي غالب بخشڻهار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهنجو پاليندڙ زبردست (۽) گهڻو معاف ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پالڻهار آهي آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي (سڀني) جو غالب، وڏو بخشڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، عَرش ۽ فَرش جو، پڻ جيڪِي مَنجھنِ جِنسار، اَپر عِزتدار، مَديون مَرهِيندڙ مِهرسان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي، انهي جو ڌڻي، غالب ۽ بخشيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جو مالڪ ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي، جيڪي سندن وچ ۾ آهن. زبردست ۽ بخشڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي رب آهي آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو جيڪي انهن جي وچ ۾ آهن، اهو زبردست بخشڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو پالڻھار، زبردست طاقت وارو ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل هُوَ نَبَؤٌا۟ عَظيمٌ (آيت : 67) |
(کين) چؤ ته اِھو (قرآن) ھڪ وڏي خبر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته هي (قرآن الله تعاليٰ جو) عظيم پيغام آهي ۽ اعليٰ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو اهي تمام وڏيون ڳالهيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) ٻڌائي ته اها (قيامت) هڪ وڏو واقعو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اها وڏي خبر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته اهو (قرآن) وڏي خبر آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته : ”اها تمام وڏي خبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، ڳَرِي آھِ ڳالهڙِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته قرآن هڪ وڏي خبر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "اها آهي تمام وڏي خبر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوين (اي نبي!) اها خبر تمام وڏي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته (الله تعالى جي هڪ هجڻ واري) اها خبر هڪ تمام وڏي خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنتُم عَنهُ مُعرِضونَ (آيت : 68) |
اوھين کانئس مُنھن موڙيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (افسوس جو) اوهان ان کان منهن موڙيو ٿا (۽ پاڻ کي تباهه ٿا ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن کان توهان منهن موڙيندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کان اوهين ماڻهو (اجايو) منهن موڙيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان ان کان منهن موڙيندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين ان کان منهن موڙيندڙ آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان ان کان منهن موڙيندڙ آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن کان، اَوهِين ڪريو اِنڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کان اوهين منهن پيا موڙيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کان توهان منهن موڙيو ٿا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جنهن کي ٻُڌي) توهان منهن موڙي ٿا وڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان (خوامخواه) ان کان منھن موڙيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ لِىَ مِن عِلمٍ بِالمَلَإِ الأَعلىٰ إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 69) |
مون کي (اُنھيءَ جماعت) وڏي مرتبي وارن ملائڪن (جي حال) جي ڪا خبر نه آھي جڏھن (اُھي) پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مون کي انهن اعليٰ سردارن جي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪهڙا بحث يا مشورا ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مون کي ملائڪن جي ڪهڙي خبر جڏهن انهن (آدم جي تخليق بابت) اعتراض ڪيو ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عالم بالا جي رهڻ وارا (فرشتا) جڏهن پاڻ ۾ بحث ڪندا هئا تنهنجي مون کي به خبر ڪين هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هو مون کي ڪو علم ملأ اعلى جو جڏهن سوال جواب ڪن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون کي (ملائڪن جي) سڀ کان مٿئين جماعت جي (ان وقت جي) ڪا خبر نه آهي جڏهن انهن (قرآن بابت) پاڻ ۾ سوال جواب ٿي ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (انهن کي چؤ) ”مون کي انهن بلند قدر ملائڪن (جي گفتگو) جي (از خود) خبر نه هئي جڏهن اُهي پاڻ ۾ تڪرار ڪري رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون کي مَٿِين دَرٻار جِي، سُڌ نه، سَماچار، جڏهن پِيا ڪَن پاڻ ۾، دعوٰى ڌارو ڌار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون کي وڏي مرتبي وارن ملائڪن جي سوال جواب ڪرڻ جو ڪو به علم ڪونهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (چوين ته) "مونکي ته ڪا ڄاڻ ئي ڪونهي، جڏهن جو ملاءِ الاعليٰ (عالم بالا) ۾ پئي جهڳڙو ڪيائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين چؤ) مون کي ته ان وقت جي ڪا خبر نه هئي جڏهن ملاءِ اعليٰ ۾ تڪرار هلي رهيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (کين چؤ ته) جيڪڏهن ملائڪ پاڻ ۾ (انسان جي پيدائش جي باري ۾) بحث مباحثو ڪري رهيا هئا ته مون کي ان جو ڪوبه علم نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يوحىٰ إِلَىَّ إِلّا أَنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 70) |
مون ڏانھن ھيء ئي وحي ٿيندو آھي ته آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مون کي ته فقط هي وحي موڪليو ويو آهي ته مان فقط چٽو پٽو خبردار ڪندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مون ڏانهن ته هي وحي ڪئي وڃي ٿي، آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون ڏي رڳو وحي ڪيو ويو آهي ته آءُ (خدا جي عذاب کان) ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نٿو وحي ڪيو وڃي مون ڏانهن مگر هي ته مان ته صرف کليل ڊيڄاريندڙ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مون ڏي هيءَ ئي وحي ڪيو وڃي ٿو ته آءُ رڳو ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مون ڏي فقط اها وحي ڪئي وڃي ٿي ته ”آءٌ ظاهر ظهور ڊيڄارڻ وارو آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُڪو نه وَڃي ٿو، مگر هِي پارايو مُون پارِ، آهيان آئون اِظهار، اِطلاع ڏيندڙ آگ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون ڏانهن ته فقط اهو ئي وحي ٿيندو آهي، ته آءُ فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڳالهيون ته مونکي رڳو ان ڪري وحي ڪيون وڃن ٿيون، جو مان کولي کولي خبردار ڪندڙ آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ته وحي جي ذريعي (مون کي ملن ٿيون) جو بيشڪ آئون خبردار ڪندڙ آهيان پڌرو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون ڏي رڳو هِي وحي ڪئي وڃي ٿي ته بيشڪ مان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ رَبُّكَ لِلمَلٰئِكَةِ إِنّى خٰلِقٌ بَشَرًا مِن طينٍ (آيت : 71) |
(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان ھڪ ماڻھو بڻائڻ وارو آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ياد رک ته تنهنجي پروردگار ملائڪن کي ٻڌايو ته مان مٽيءَ مان انسان کي پيدا ڪرڻ وارو آهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت توهان جي رب ملائڪن کي فرمايو بيشڪ آئون هڪ بشر کي مٽيءَ مان پيدا ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو بحث هي هو ته) جڏهن ته اوهان جي پروردگار فرشتن کي چيو ته آءُ آليءَ مٽي مان هڪ آدمي بنائڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن فرمايو رب تنهنجي ملائڪن کي بيشڪ مان پيدا ڪندڙ آهيان انسان کي مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آءُ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته: ”بيشڪ آءٌ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي مالِڪ مَلڪن کي، جڏهن فائـِق ڪيو فرمان، آهِيان خَلقِيندڙ خاڪ مان، آئون هِڪ اِنسان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر، جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ ملائڪن کي چيو ته ”بيشڪ آءُ مٽيءَ مان هڪ ماڻهو خلقڻ وارو آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن تنهنجي رب ملائڪن کي چيو هو ته مان مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن چيو هو تنهنجي رب فرشتن کي، بيشڪ آئون ٺاهڻ وارو آهيان بشر کي مٽيءَ مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ مان هڪ انسان کي مٽيءَ مان ٺاهي رهيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا سَوَّيتُهُ وَنَفَختُ فيهِ مِن روحى فَقَعوا لَهُ سٰجِدينَ (آيت : 72) |
پوءِ جڏھن کيس پورو ٺاھي رھان ۽ منجھس پنھنجو رُوح ڦوڪيان تڏھن کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن مان ان کي ٺاهي مڪمل ڪيان ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيان (يعني علم ۽ عقل حاصل ڪرڻجي صلاحيت پيدا ڪيان ۽ کيس ارادي جي قوت ڏيان) تڏهن توهان هن جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ آئون جڏهن ان کي برابر ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان پوءِ توهان سڀئي ان کي سجدو ڪجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته آءُ جڏهن کيس درست ڪريان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته اوهين سڀئي سندس سامهون سجدي ۾ ڪري پئجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پورو پورو ٺاهيان ان کي ۽ ڦوڪيان ان ۾ پنهنجو روح پوءِ ڪري پئو ان کي سجدو ڪندڙ ٿي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان کي ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن آءٌ ان کي ٺاهي ٺيڪ ڪيان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته توهان ان جي (تعظيم) لاءِ سجدو ڪندي ڪِري پئجو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن تيار ڪَيمِ، تِنهنجو بوتو بي گمان، وَرِي سَندسِ وجُود ۾، ڦوڪِيم پَنهنجِي جان، پوءِ سامهون تِنهن سُلطان، نَمِي سَڀ سَلام ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن کيس چڱيءَ طرح ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجي روح مان ڦوڪيان، ته تڏهن ان لاءِ سجدي ۾ ڪري پئجو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن مان ان کي ٺاهي راس ڪيان ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيان ته سندس آڏو سجدي ۾ ڪري پئجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن آئون ان کي ٺاهي راس ڪريان ۽ ڦوڪيان ان ۾ پنهنجي روح کي ته ڪِري پئجو ان جي اڳيان سجدي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن مان کيس پورو ٺاهي وٺان ۽ ان جي اندر پنھنجو روح ڦوڪيان ته پوءِ توهان سڀ ان جي اڳيان سجدي ۾ جهڪي پوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسَجَدَ المَلٰئِكَةُ كُلُّهُم أَجمَعونَ (آيت : 73) |
پوءِ ملائڪن مڙني گڏ سجدو ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جمله سڀني ملائڪن (حضرت آدم کي) سجدو ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سڀني فرشتن (ته) سجدو ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سجدو ڪيو ملائڪن سڀني مڙني .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُل مَلڪن صَحِي ڪيو سَلام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سڀ فرشتا سجدي ۾ ڪري پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سجدي ۾ ملائڪ سڀ جا سڀ ڪِري پيا ان حڪم تي گڏيل طور تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي کيس سجدو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا إِبليسَ استَكبَرَ وَكانَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 74) |
مگر ابليس (نه سجدو ڪيو)، ھن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ابليس سجدو نه ڪيو. هن تڪبر ڪيو ۽ نافرمان ڪافر ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر ابليس تڪبر ڪيو ۽ ڪافرن مان ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (هڪ) ابليس جنهن وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر شيطان وڏائي ڪيائين ۽ ٿيو ڪافرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابليس کان سواءِ، ان وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ابليس جي. ان وڏائي ڪئي ۽ اهو هيو ئي ڪافرن مان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِبلِيس ري، پِيو خُودِي ۾ خام، هُئو اِنڪاريَن مان اَصل ئـِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ ابليس جي، هن هٺ ڪيو ۽ ڪافر ٿي ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي ابليس وڏائي ڪئي ۽ ڪافرن مان ٿي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فقط ابليس جي، جنهن وڏائي تي ناز ڪيو ۽ اهو ٿي پيو ڪافرن منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابليس سجدو نه ڪيو. هن وڏائي ڪئي ۽ انڪار ڪندڙن ۾ شامل ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ يٰإِبليسُ ما مَنَعَكَ أَن تَسجُدَ لِما خَلَقتُ بِيَدَىَّ أَستَكبَرتَ أَم كُنتَ مِنَ العالينَ (آيت : 75) |
(الله) چيو ته اي ابليس جنھن کي پنھنجي ٻنھي ھٿن سان پيدا ڪيم تنھن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪھڙيءَ ڳالھ جھليو، تو وڏائي ڪئي ڇا يا تون (حقيقت) ۾ وڏي مرتبي وارن مان آھين؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي ابليس توکي ڪهڙيءَ ڳالهه هن کي سجدي ڪرڻ کان روڪيو جنهن کي مون پاڻ پنهنجي هٿن سان خلقيو آهي؟ ڇا توکي هٺ وڏائي چڙهي ويئي يا تون اعليٰ مرتبي وارو آهين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو اي ابليس توکي (آدم جي) سجدي ڪرڻ کان ڪنهن منع ڪئي جڏهن ته مون ان کي پنهنجي هٿ سان پيدا ڪيو. ڇا توکي تڪبر ٿي يا تون تڪبر ڪندڙن مان هُئين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا (ابليس کي) فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجي هٿن سان بنايو تنهن کي سجدي ڪرڻ کان تو کي ڪهڙي ڳالھ روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اي شيطان! ڪنهن روڪيو توکي ته سجدو ڪرين ان کي جو پيدا ڪيو مون پنهنجن هٿن سان ڇا وڏائي ڪئي تو يا هئين تون مٿانهن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجن هٿن سان پيدا ڪيو تنهن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪهڙيءَ شيءِ روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”اي ابليس تو کي ڪنهن روڪيو؟ ان کي سجدو ڪرڻ کان جنهن کي مون خود پنهنجي (قدرت جي) هٿن سان ٺاهيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون (پنهنجي ليکي) بلند درجي وارن مان آهين“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڪ ڌَڻِي پاٻوهيو، ته اي شامِتي شيطان!، روڪيو سَندسِ سلام کان، توکي ڪنهن تعبان!،پَنهنجن پاڪ هَٿن سان، خَلقِيُمِ جيڪو خان، مُفت مَٿاهون پاڻ کي، ڀانيئـِي بي گُمان، يا آهِين تون اُنهن مان، جَن جو مٿاهون مان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله چيو ”ابليس! تو کي انهي شخص لاءِ سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو، جنهن کي پنهنجي هٿن سان خلقيو اٿم؟ تو هٺ ڪيو، يا تون وڏي درجي وارو آهين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رب فرمايس: "اي ابليس! توکي انهيءَ کي سجدي ڪرڻ کان ڪهڙيءَ ڳالهه روڪيو، جنهن کي مان پنهنجي ٻنهي هٿن سان ٺاهيو آهي؟ وڏائيءَ ۾ پئجي ويو آهين يا مٿانهين هستين مان آهين؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (رب سائين) فرمايو، اي ابليس! ڪهڙي ڳالهه منع ڪيو توکي ان کي سجدي ڪرڻ کان جنهن کي مون ٻنهي هٿن سان بڻايو آهي تون تڪبر پيو ڪرين يا تون آهين ئي ڪا وڏي هستي!؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى کيس) چيو ته اي ابليس! جنھن کي مان پنھنجي هٿ سان ٺاهيو، ان کي سجدو ڪرڻ کان توکي ڪهڙي شيءِ منع ڪيو؟ ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون ايترو مھانڊو ٿي ويو آهين؟ (جو تو منھنجو حڪم نه مڃيو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَنا۠ خَيرٌ مِنهُ خَلَقتَنى مِن نارٍ وَخَلَقتَهُ مِن طينٍ (آيت : 76) |
(ابليس) چيو ته آءٌ اُن کان ڀلو آھيان، (جو) مون کي باھ مان بڻايئي ۽ اُن کي مٽيءَ مان بڻايئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن جواب ڏنو ته، مان هن کان (يعني انسان کان) بهتر آهيان، تو مون کي باهه مان ٺاهيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان ٺاهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو آئون آدم کان بهتر آهيان تو مون کي باه مان پيدا ڪيو ۽ تو آدم کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ابليس چوڻ لڳو ته آءُ ان کان بهتر آهيان. تو مون کي باھ مان پيدا ڪيو ۽ هن کي تو آلي مٽي مان پيدا ڪيو (ڪٿي باھ ڪٿي مٽي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته مان ڀلو آهيان ان کان پيدا ڪيئي مون کي باھ مان ۽ پيدا ڪيئي ان کي مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته آءُ ان کان چڱو آهيان تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (شيطان) چيو: ”مان ان کان بهترآهيان. تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ تو ان کي مٽيءَ مان خلقيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آئون ڀَلو اُن ڪنان، هِن سبب سان سُبحان! ته مون کي بَنايَئـِي باھِ مان، هُو خاڪ مان خاقان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”آءُ هن کان ڀلو آهيان، جو مون کي باهه مان خلقيو اٿيئي ۽ هن کي مٽيءَ مان خلقيئي“- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وراڻي ڏنائين: "مان ان کان ڀلو آهيان، تو مونکي باهه مان ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ڏنائين، آئون وڌيڪ ڀلو آهيان ان کان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي پيدا ڪيو آهي مٽيءَ مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابليس چيو ته مان هِن کان ڀلو آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَاخرُج مِنها فَإِنَّكَ رَجيمٌ (آيت : 77) |
(الله) چيو ته انھيءَ ڪري اُن مان نڪر جو بيشڪ تون تڙيل آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ کيس حڪم ڪيو ته (جنهن صورت ۾ تون هٺ ٿو ڪرين ۽ منهنجي نافرماني ڪئي اٿئي تنهن صورت ۾) هتان نڪري وڃ (يا هن حالت مان نڪري وڃ) تون (هاڻي) مردود تڙيل ۽ لعنتي آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو پوءِ تون بهشت مان ٻاهر نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو تون هتان نڪر! (دفع ٿي) تون ته پڪ مردود آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته پوءِ نڪري وڃ ان مان پوءِ بلاشڪ تون تڙيل آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته پوءِ تون جنت مان نڪري وڃ ڇو ته تون تڙيل آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو ته: ”پوءِ تون ان (جنت) مان نڪر پوءِ بيشڪ تون تڙيل آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِڪدَم نِڪر هِن مان، تون نِڪتل آهِين نادان! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هتان نڪر، جو تون تڙيل آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين ته "پوءِ نڪري وڃ هتان، تون تـڙيل آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو (الله) چڱو نڪري وڃ هتان، بيشڪ تون تڙيل آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى ) چيس ته هتان ٽري وڃ (بس!) تون هاڻي تڙيل آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ عَلَيكَ لَعنَتى إِلىٰ يَومِ الدّينِ (آيت : 78) |
۽ بيشڪ توتي بدلي جي ڏينھن تائين منھنجي لعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ قيامت تائين توتي منهنجي لعنت رهندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ قيامت جي ڏينهن تائين تو تي منهنجي لعنت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تو تي حساب جي ڏينهن (قيامت) تائين منهنجي لعنت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ توتي منهنجي لعنت آهي قيامت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ توتي حساب جي ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تو تي بدلي واري ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توتي لَعنت لِعان، مُنهنجِي مَحشر ڏِينهن سِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توتي ڏينهن قيامت تائين لعنت آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توتي منهنجي لعنت آهي، حساب ڪتاب جي ڏينهن تائين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ توتي رهندي منهنجي لعنت ڏينهن قيامت تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجي مٿان قيامت تائين منھنجي لعنت پوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ فَأَنظِرنى إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 79) |
(اُن) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تڏھن اُنھي ڏينھن تائين مونکي مُھلت ڏي (جنھن ڏينھن سڀ ماڻھو قبر مان) اُٿاريا وڃن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي شيطان) چيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (مئل ماڻهو وري) جيئاري اٿاريا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو اي منهنجا رب پوءِ تون مون کي قيامت جي ڏينهن تائين مهلت ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان چيو ته اي منهنجا پالڻهار! پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ ماڻهن کي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا رب! پوءِ مهلت ڏي مون کي ان ڏينهن تائين جو اٿاريا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! پوءِ تون مونکي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ۾ ماڻهن کي (جيئرو ڪري) اٿاريو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان چيو: ”اي منهنجا پالڻهار پوءِ تون مون کي ان ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن ماڻهو (قبرن مان) اٿاريا ويندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي مالِڪ! ڇَڏ مون، اُن ڏِينهن سِين، ته اُٿاربا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تڏهن منهنجا ڌڻي! مون کي به ڏينهن قيامت تائين مهلت ڏي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيو: "اي منهنجا رب! ائين آهي ته پوءِ مون کي انهيءَ وقت تائين مهلت ڏي، جڏهن اهي ماڻهو وري ٻيهر اٿاريا ويندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، اي منهنجا رب! پوءِ مون کي مهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن اهي ٻيهر اٿاريا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مھلت ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَإِنَّكَ مِنَ المُنظَرينَ (آيت : 80) |
الله فرمايو ته (چڱو) بيشڪ تون مُھلت ڏنلن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، وڃ توکي مهلت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو پوءِ بيشڪ قيامت جي ڏينهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو تو کي مهلت ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته پوءِ بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين: ”پوءِ بيشڪ تون مهلت وارن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) باقي، مَٿي ڀُون، مُهلَتيَنِ مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”بيشڪ! تو کي مهلت ڏني ويئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "چڱو توکي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، چڱو، پوءِ توکي ان ڏينهن تائين مهلت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى ) چيس ته (ٺيڪ آ) توکي مھلت ڏني وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلىٰ يَومِ الوَقتِ المَعلومِ (آيت : 81) |
اُنھيءَ ٺھرايل وقت جي ڏينھن تائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توکي مقرر وقت واري ڏينهن تائين يعني قيامت تائين (مهلت آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تائين تون مهلت ڏنلن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪ ٺهرايل (مقرر ڪيل) وقت تائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) معلوم وقت جي ڏينهن تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٺهرايل وقت جي ڏينهن تائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مقرر وقت واري ڏينهن تائين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهِين وَقت مَعلوم جي، ڏِينهن تائـِين تُون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) معلوم وقت جي ڏينهن تائين.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن جو وقت مون کي معلوم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن جو وقت مون کي معلوم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اِها مھلت) هڪ مقرر ڪيل ڏينھن تائين هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَبِعِزَّتِكَ لَأُغوِيَنَّهُم أَجمَعينَ (آيت : 82) |
(ابليس) چيو ته تڏھن تنھنجي عزت جو قسم آھي ته ضرور اُنھن مڙني کي گمراھ ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ابليس (تنهن تي) چيو ته، قسم آهي تنهنجي عزت جو ته مان هنن سڀني ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابليس چيو تنهنجي عزت جو قسم يقيناً آئون انهن سڀني کي گمراه ڪندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن چيو تنهنجي ئي عزت (۽ جلال) جو قسم سڀني کي گمراھ ڪندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آهي البته ضرور گمراھ ڪندس انهن سڀني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابليس چيو ته پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آهي ته آءُ انهن سڀني کي گمراهه ڪندس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان چيو: ”پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آءٌ انهن سڀني کي گمراهه ڪندو رهندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آگا! تُنهنجِي عِزّت جو، قسم برقرار، ته گمراھ ڪَندسِ گس ڪنان، تَن مِڙنِي کي تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ” تڏهن تنهنجي عزت جو قسم! انهن مان ٻين سڀني کي آءُ ضرور گمراهه ڪندس“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چيو: "تنهنجي عزت جو قسم! مان انهن سڀني ماڻهن کي گمراهه ڪندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، پوءِ تنهنجي عزت جو قسم آئون گمراهه ڪندس انهن سڀني ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چيائين ته (ٺيڪ آ) مون کي تنھنجي عزت جو قسم آهي ته مان آدم جي پوري نسل کي (سڌي رستي کان) گمراهه ڪري ڇڏيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عِبادَكَ مِنهُمُ المُخلَصينَ (آيت : 83) |
منجھانئن تنھنجي خالص ٻانھن کانسواءِ (جو انھن تي وس نه ھلندو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهن جيڪي، جي انهن مان تنهنجا سچا (فرمانبردار) ٻانها آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سواءِ انهن جي جيڪي تنهنجا مخلص ٻانها آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مگر سواءِ تنهنجي خاص بندن جي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر تنهنجا ٻانها انهن مان سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن مان تنهنجي پسند ڪيل ٻانهن کانسواءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن مان تنهنجي مخلص ٻانهن جي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن پاڪ پُڄارِيَن ڌار، جي هُوندا توهيڪ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي سچن ٻانهن کان سواءِ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ تنهنجي انهن ٻانهن جي جن کي تو خاص پنهنجي لاءِ ڪري ڇڏيو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ تنهنجي انهن ماڻهن جي جن کي تو چونڊي ورتو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ تنهنجي مخلص ٻانهن جي جيڪي بچي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَالحَقُّ وَالحَقَّ أَقولُ (آيت : 84) |
الله فرمايو ته (اِھا ڳالھ) سچ آھي ۽ (آءٌ) سچ چوان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، اها ڳالهه حق ۽ انصاف جي ڳالهه آهي ۽ مان اهائي ڳالهه ڪندو آهيان جا حق ۽ انصاف جي ڳالهه هوندي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو پوءِ (ايئن) حق آهي، ۽ آئون حق چوان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو ته (اسين به) سچي ڳالھ (ٿا ٻڌايون) ۽ آءُ سچ ئي چوندو ڪندو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته پوءِ (هي) حق آهي ۽ (مان) حق ئي چوان ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته پوءِ سچي ڳالهه هيءَ آهي ۽ آءُ سچ چوان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرمايائين ته: ”پوءِ سچي ڳالهه هي آهي ۽ آءٌ سچ ئي چوان ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ثابت آهي سَچ، ۽ سَچ بِه صَفا آئون چَوان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اهو سچ آهي ۽ آءُ به سچ ٿو چوان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "ته پوءِ حق جي ڳالهه اها آهي ۽ مان ته حق ئي چوندو آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو (رب) پوءِ حق جي ڳالهه اها آهي ته آئون حق ئي چوندو آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله تعالى) چيس ته اها حق ڳالهه (تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾) پڪي ٿي وئي ۽ مان هميشه پڪي ڳالهه ئي ڪندو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكَ وَمِمَّن تَبِعَكَ مِنهُم أَجمَعينَ (آيت : 85) |
ته توسان ۽ منجھانئن جيڪي تنھنجي پيروي ڪندا تن مڙني سان دوزخ کي ضرور ڀريندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان چوان ٿو ته (اي شيطان) مان توسان ۽ انهن ماڻهن مان جيڪي تنهنجي پوئتان لڳندا تن سڀني سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته آئون تو سان ۽ تنهنجي سڀني تابعدارن سان يقيناً جهنم کي ڀريندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته تو سان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن سڀني سان جهنم کي ضرور ڀريندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته البته ضرور ڀريندس مان جهنم کي توسان ۽ انهن سان جيڪي تنهنجا تابع ٿيا انهن مڙني مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته جهنم کي توسان ۽ جن انهن مان تنهنجي پيروي ڪئي تن سڀني سان جهنم کي ضرور ڀريندس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته آءٌ تو مان ۽ جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا تن مان ضرور دوزخ کي ڀريندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون ۽ اُنهن مان تو پُٺيان، جَن قبوليو ڪَچ، تن مِڙني سان مَچ، بيشڪ ڀَرِيندسِ باھِ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته تومان، خواهه تنهنجي پوئلڳن سڀني مان ضرور دوزخ کي ڀريندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته مان به جهنم کي ڀري ڇڏيندس، توسان ۽ انهن سڀني سان جيڪي انسانن مان تنهنجي ڪڍ لڳندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته آئون ڀري ڇڏيندس دوزخ کي تو سان ۽ انهن سڀني ماڻهن سان جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته (هاڻي) مان جھنم کي توسان ۽ تنھنجي سڀني پوئلڳن سان ڀري ڇڏيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل ما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ وَما أَنا۠ مِنَ المُتَكَلِّفينَ (آيت : 86) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان قرآن (پھچائڻ) بابت ڪو اُجورو نٿو گھران ۽ نڪي آءٌ (ڪوڙ) ٺاھڻ وارن مان آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! ماڻهن کي) چؤ ته، مان هن (وحي ٻڌائڻ وغيره) جي عيوض ۾ اوهان کان ڪو اجورو انعام ته ڪونه ٿو گهران (پوءِ ڇو نٿا منهنجي ڳالهه سچي سمجهو) ۽ (پڪ سمجهو ته) مان انهن منجهان نه آهيان جيڪي پنهنجا ٺاهه ٺاهيندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو آئون توهان کان قرآن ڪريم پهچائڻ جو ڪو اجورو نٿو گھران ۽ نه آئون ان کي پنهنجي طرفان ٺاهيندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) فرمائي ته آءُ نه ته هن (تبليغ رسالت) جي اوهان کان مزدوري گهران ٿو ۽ نه آءُ (ڪوڙ بدوڙ) ڏيکاءُ ڪرڻ وارو ئي آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته نٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ۽ ناهيان مان بناوٽ وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته آءُ اوهان کان قرآن (پهچائڻ) تي ڪو اجورو نه ٿو گهران ۽ نه آءُ ڏيکاءُ ڪندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي )تون فرماءِ ته: ”آءٌ اوهان کان هن (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران ۽ نه ئي آءٌ ڏيکاءُ ڪرڻ وارن مان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، آئون نه اَوهان کان ٿو گُھران، اِن تي پورهيو پار، نَڪِي آهيان اُنهن مَنجھان، جي بيجا رکندڙ بار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! تون چئو ته آءُ نڪي اوهان کان ڪو اجورو گهران ٿو ۽ نڪي آءُ ڪوڙ ٿو ٺاهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته مان انهيءَ تبليغ تي توهان کان ڪو اجر ته ڪونه ٿو گهران ۽ نڪي مان ڏيکاءُ ڪندڙن منجهان آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ٻڌائي ڇڏ انهن کي ته آئون توهان کان هن تبليغ جو ڪوبه اجورو نٿو گهران ۽ نه وري ڪو ڍونگ رچائڻ وارن مان آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته مان سمجهائڻ جو توهان کان ڪو اجرته نٿو گهران ۽ نه ئي مان ڪو پاڻ پڏائڻ وارو ماڻهو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ لِلعٰلَمينَ (آيت : 87) |
ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (قرآن) ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ هن جي ته جهان جي سڀني ماڻهن لاءِ (خدا جو) پيغام ۽ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي اهو (قرآن ڪريم) مگر سڀني جهانن لاءِ نصيحت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي (قرآن) ته رڳو سموري جهان لاءِ نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اهو مگر نصيحت جهانن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (قرآن) ته جهان وارن لاءِ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (قرآن) ته سڀني جهان وارن لاءِ نصيحت ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهِي قُرآن ڪَرِيم هِي، نِج نَصِحيت ڌار، جُملي جَھانن لئي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ ته فقط جهانن لاءِ نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ته فقط جڳ جهان وارن لاءِ هڪڙي نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ته هڪ نصيحت آهي سڀني جهان وارن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ته سڀني جھانن وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَتَعلَمُنَّ نَبَأَهُ بَعدَ حينٍ (آيت : 88) |
۽ ڪنھن وقت کانپوءِ اُن جي سچائي جي خبر ضرور اوھين ڄاڻندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً توهان ڪنهن وقت کان پوءِ ان جي حقيقت معلوم ڪندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يقيناً ڪجھه وقت گذرڻ کان پوءِ توهان کي ان جي خبر پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اوهان کي ان جي حقيقت معلوم ٿي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور ڄاڻندؤ ان جي خبر هڪ وقت کان پوءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ قرآن (جي حقيقت) جي خبر اوهان کي پئجي ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان ضرور ان خبر (جي حقيقت) کي ڄاڻي وٺندؤ ڪجهه وقت کان پوءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن وقت پُڄاڻا وار، ڪندا برقرار، اُن جي خَبر جِي خاطرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي به ڪجهه وقت بعد ضرور سندس خبر پوندي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٿورڙي ئي وقت گذرڻ سان توکي پاڻيهي ان جي خبر پئجي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خبر ٿوري وقت بعد توهان کي به پئجي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي وارو!) توهان ماڻهن کي ڪجهه وقت کان پوءِ ضرور ان حقيقت جي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |