توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
وَالصّٰفّٰتِ صَفًّا (آيت : 1) |
(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) غور ڪيو انهن بابت جيڪي صفون ٻڌيون بيٺا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي فرشتن جو جيڪي صفون ٻڌندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (عبادت يا جهاد ۾) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن جو (قسم)،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي صفون ٻڌندڙن جو قطارون ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارين جماعتن جو قسم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي قطار ڪري صفون ٻَڌَندڙ جماعتن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صِف ۾ صِف سَلام لئي، سَچا سي گَواھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) شاهد آهن، صفون ٻڌي بيهندڙ ملائڪ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي قطارون ڪري صفون ٻڌي بيهندڙن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم قطارون ڪري صفن ٻڌڻ وارن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي قطار ڪري بيهندڙن جو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالزّٰجِرٰتِ زَجرًا (آيت : 2) |
پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي (برائين کي ۽ ظالمن کي) سختيءَ سان ڌڪي ڇڏيندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن فرشتن جو جيڪي ڪڪرن کي هڪلن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (برن کي برائيءَ کان) جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائڻ وارن جو (قسم)،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جهڻڪ ڏيندڙن جون ڌمڪائڻ لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائڻ وارين (جماعتن) جو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (براين تي) سختي سان جهڻڪڻ وارين جماعتن جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪاهِيندڙ ڪڪرن کي، ڪاهَن پٺيان ڪاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جهڻڪ ڏيئي ڌمڪائيندڙ ملائڪ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري قسم آهي دڙڪا ڏئي تـڙيندڙن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري قسم دڙڪا ڏيندڙ ملامت ڪندڙن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دڙڪا ڏيندڙن ۽ ڌمڪائڻ وارن جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالتّٰلِيٰتِ ذِكرًا (آيت : 3) |
پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي (خدا جو) پيغام (قرآن مجيد) پڙهي ٻڌائيندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ قسم آهي انهن ملائڪن جو جيڪي قرآن ڪريم پڙهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ وري قرآن کي پڙهڻ وارن جو قسم آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڙهندڙن جو ذڪر کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪتاب کي پڙهڻ وارين (جماعتن) جو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڪتابن کي پڙهڻ وارين جماعتن جو قسم.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ طالِب جي تنوار ۾، ڪن اَلله ۽ اَلله،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قرآن پڙهندڙ جماعت. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري قسم آهي انهن جو، جيڪي نصيحت وارو ڪلام ٻڌائيندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن جو قسم جيڪي نصيحت وارو ڪلام ٻڌائن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ قرآن جي تلاوت ڪندڙن جو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ إِلٰهَكُم لَوٰحِدٌ (آيت : 4) |
ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (غور ڪرڻ سان اوهان معلوم ڪري وٺندؤ ته) يقيناً اوهان جو معبود (الله تعاليٰ) بيشڪ هڪ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو معبود يقيناً هڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهان جو معبود پڪ اڪيلو خدا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اوهان جو معبود البته هڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اوهان جو حاڪم هڪ آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ توهان جو معبود هڪ ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته آهي اوهان جو هيڪڙو، ڌَڻِي ڌُر، دَرگاھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اوهان جو سائين فقط هڪڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته توهان جو اصلي معبود بس هڪڙو ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان جو خدا هڪڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته بيشڪ توهان سڀني جو معبود هڪ ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما وَرَبُّ المَشٰرِقِ (آيت : 5) |
(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن جو پروردگار آهي، ۽ هو مشرق جو پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو ئي) آسمانن ۽ زمينن جو رب آهي ۽ انهن شين جو رب آهي جيڪي انهن ٻنهيءَ جي وچ ۾ آهن ۽ (اهو ئي) مشرقن (اوڀرن) جو رب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ تي آهي (سڀني جو) پالڻهار آهي. پڻ (چنڊ، سج ۽ تارن جي) اڀرڻ (۽ لهڻ) وارن هنڌن جو به مالڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رب آسمانن ۽ زمين جو ۽ ان جو جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ۽ رب اوڀرن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي ۽ جو اڀرڻ وارن طرفن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جيڪو) آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني جو) مالڪ آهي ۽ جيڪو اُڀرندَن جو مالڪ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو اُڀ ۽ عرش فرش جو، پالڻهار پَناھ، پڻ آهن اِن ٻِن ۾، جيڪي جوڙون جابجاءِ، پڻ والِي آهي واھ!، سَندو سَڀنِي اوڀرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي ۽ اڀرڻ وارن طرفن جو ڌڻي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن سڀني شين جو مالڪ آهي، جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهن ۽ سج اڀرڻ وارن سڀني هنڌن جو مالڪ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو جيڪو رب آسمانن ۽ زمين جو ۽ انهن جو به مالڪ جيڪي انهن جي وچ ۾ ۽ سڀني اوڀرن جو (سج اڀرڻ جا هنڌ) مالڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهوئي آسمانن، زمين، انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق ۽ سڀني اوڀرن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا زَيَّنَّا السَّماءَ الدُّنيا بِزينَةٍ الكَواكِبِ (آيت : 6) |
بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان ئي هن ويجهي آسمان کي تارن جي زينت سان رونق ڏني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان آسمان دنيا جي کي تارن سان سينگاريو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان سينگاريو آسمان دنيا جي کي هڪ سونهن تارن جي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسان اوڏي اُڀ کي، سِينگاريو صَحِي، تارن جي جِھر مِر سان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان دنيا جي آسمان کي تارن سان سينگاريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي جنسار سان سينگاريو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان سينگاريو دنيا جي آسمان کي تارن جي وڻندڙ جهرمٽ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي جُهرمٽ سان سينگاري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَحِفظًا مِن كُلِّ شَيطٰنٍ مارِدٍ (آيت : 7) |
۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ان کي) هرهڪ سرڪش باغي شيطان کان حفاظت ۾ رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (۽ اسان ان کي) هر تڙيل شيطان کان محفوظ بنايو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (تارن کي) سرڪش شيطانن کان حفاظت جي لاءِ (به پيدا ڪيو آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حفاظت ڪري هر شيطان تڙيل کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀڪنهن سرڪش شيطان کان (ان کي) حفاظت ۾ رکيو سون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هر سرڪش شيطان کان (ان کي) محفوظ ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ پَهري لاءِ پَهِي، ۽ هر شامتِي شيطان کان، جو وِيو لَعنت هيٺ لهي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سڀني سرڪش شيطانن کان ان جي سنڀال ڪئي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هرهڪ سرڪش شيطان کان محفوظ ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي هر شيطان جي سرڪشي کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ باغي شيطان کان اُن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَسَّمَّعونَ إِلَى المَلَإِ الأَعلىٰ وَيُقذَفونَ مِن كُلِّ جانِبٍ (آيت : 8) |
ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (شيطان) اعليٰ سردارن جون ڳالهيون ٻڌي نٿا سگهن. (بلڪ) هر طرف کان کين تڙي ڪڍيو ٿو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا، پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته هاڻي اهي شيطان عالم بالا ڏي ڪن به لڳائي نٿا سگهن ۽ مٿن سڀ ڪنهن پاسي کان (تارا) اڇلايا وڃن ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته ڪن نه ڏين ملا اعلى! ڏانهن ۽ اُمڙ هنيا وڃن هر طرف کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (ملائڪن جي) سڀ کان مٿئين جماعت ڏي ڪَنُ به نه ٿا لڳائي سگهن ۽ مٿن سڀ ڪنهن پاسي کان (تارا) اڇلايا وڃن ٿا، ڀڄائڻ لاءِ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (شيطان) سڀ کان مٿين (مقرب ملائڪن جي) جماعت ڏانهن ڪَنُ به نه ٿا لڳائي سگهن ۽ اهي (اُماڙين سان) هر طرف کان چُٽيا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان نه مَٿِينءَ مَجلس جِي، ٻُڌن ڪابه ڪَهِي، ۽ ٺوڪيون وَڃن ٺَهِي، چِڻنگون تَن چوڌار کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته شيطان مٿاهين جهان ڏي ڪَنَ نه ڏين_ ۽ سندن مٿان هر طرف کان اماڙيون اڇلبيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي شيطان ملاءِ الاعليٰ جون ڳالهيون ٻڌي نٿا سگهن، هر طرف کان چٽيا وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي نٿا ٻڌي سگهن ڳالهيون ملاءِ اعليٰ (ملائڪن جي مٿئين طبقي) جون ۽ هر طرف کان ماريا ۽ تڙيا ويندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي هي (شيطانَ) آسمان جون ڳالهيون ڪن لائي ٻڌي ئي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ جو اُنهن کي مٿي وڃڻ جي صورت ۾ هر طرف کان ٻرندڙ اُماڙي هنئي ويندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
دُحورًا وَلَهُم عَذابٌ واصِبٌ (آيت : 9) |
(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي تڙيل ۽ ڌڪاريل آهن، ۽ انهن جي لاءِ دائمي عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (بہ) اوٽ ڪئي سون، پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نہ ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بچائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تڙڻ جي لاءِ ۽ انهن جي لاءِ عذاب هميشہ وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن لاءِ هميشة جو عذاب آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن کي ڀڄائڻ لاءِ ۽ انهن لاءِ هميشه جو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُور سَدائـِين اُنهن لئي، جو چَمڙِي تي چُهٽي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڙڻ لاءِ، ۽ انهن لاءِ هميشه جوعذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تـڙي ڪڍيا وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ لاڳيتو عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هميشه جو انهن لاءِ عذاب آهي لاڳيتو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي ڀڄائڻ لاءِ هميشه (۽ مسلسل) عذاب رکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن خَطِفَ الخَطفَةَ فَأَتبَعَهُ شِهابٌ ثاقِبٌ (آيت : 10) |
پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي شيطان اعليٰ سردارن جي ويجهو وڃي نٿا سگهن) سواءِ انهيءَ جي جو چوري ڇپي جهٽ هڻي ڪجهه کڻي وڃي. پر پوءِ تکيءَ روشنيءَ وارو ٻرندڙ تارو هن جي پٺيان ڪاهي پوي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جنهن جلديءَ ۾ ڪجھه ڳالهه جھٽي ورتي پوءِ ان جي پويان چمڪندڙ شعلو لڳي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪو (شيطان) ڪڏهن (ڪا ڳالھ) جهٽي وٺي ٿو ته ان جي پٺيان ٻرندڙ اماڙي (باھ جو تير) پوي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جنهن جهٽ هنيو جهٽ هڻڻ پويان پوندو ان جي اُمڙُ ٻرندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جيڪو (شيطان) ڪڏهن (ڪا ڳالهه) جهٽي وٺي ٿو. ته ان جي پٺيان ٻرندڙ اماڙي پوي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر جيڪو (شيطان) هڪ ڀيرو (فرشتن جي ڪا ڳالهه) جَهٽي وٺي ٿو ته ٻرندڙ اُماڙي ان جي پٺيان پوي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جو جَھٽي، سو اُماڙ لائـِين، اُن پُٺيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪو ڳالهه کي جهٽي ويو، ته سندن پٺيان ٻرندڙ اماڙي پوندي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان هوندي به جيڪڏهن ڪو (شيطان) ڪجهه جــَـهٽي وٺي ٿو ته هڪڙو ٻرندڙ شعلو ڪڍ پويس ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن ڪو (شيطان) ڪا ڳالهه جهٽي وٺي ٿو ته سندن پيڇو ڪندو آهي هڪ ٻرندڙ شعلو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن ڪو شيطان ڪا ڳالهه هٿ ڪري وٺي ٿو ته مٿس پويان پوندڙ اماڙي اچي لڳيس ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَفتِهِم أَهُم أَشَدُّ خَلقًا أَم مَن خَلَقنا إِنّا خَلَقنٰهُم مِن طينٍ لازِبٍ (آيت : 11) |
پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو هنن (منڪرن ماڻهن) جي راءِ ته پڇ ته کين خلقڻ (اسان جي لاءِ) وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا ٻي سڀ ڪائنات جا اسان خلقي آهي. (تنهنجي خلقڻ جو ڪم وڌيڪ ڏکيو آهي). اسان ته هنن کي چنبڙندڙ گاري مان خلقيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن (ڪافرن) کان پڇو ته ڇا اهي خِلقت ۾ وڌيڪ مضبوط آهن يا اهي شيون جيڪي اسان خلقيون آهن، بيشڪ اسان انهن کي چنبڙندڙ مِٽيءَ مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) تون انهن کان پڇ ته سندن پيدا ڪرڻ وڌيڪ مشڪل آهي يا (ٻين جو؟)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڇ انهن کان ڇا اهي وڌيڪ مضبوط آهن خلقت ۾ يا اهي (ٻيون شيون جيڪي اسان پيدا ڪيون بلاشڪ اسان پيدا ڪيو انهن کي پڪيءَ مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون انهن کان پُڇ ته سندن پيدا ڪرڻ زياده مشڪل آهي يا (ٻين جو) جن کي اسان پيدا ڪيو. بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کان پڇ ته سندن پيدائش زياده مشڪل آهي يا (ٻيون) اُهي شيون جن کي اسان پيدا ڪيو آهي. بيشڪ اسان انهن کي چِيڪِي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوِ پُڇِينِ ته پيدا ڪرڻ ۾، اُهکا اِهي اِنسان؟ يا جيڪِي جوڙياسون اڳڀرا، اُڀ، ڀُون آسمان، خلقيا سون خان، جيڪِي مِٽِئ چَٻر مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کانئن پڇ، ته ”ڀلا هنن جو پيدا ڪرڻ تمام ڏکيو آهي، يا ٻيو جيڪي اسان خلقيو آهي سو؟“ اسان هنن کي چيڪيءَ مٽيءَ مان خلقيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇينِ ته کين خلقڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم آهي يا انهن شين کي جيڪي اسان خلقيون آهن. انهن کي ته اسان چيڙهالي گاري مان پيدا ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي کانئن پڇ ته سندن پيدا ڪرڻ وڌيڪ ڏکيو ڪم هو يا انهن شين جو جيڪي اسان خلقي ڇڏيون آهن؟ اسان انهن کي خلقيو چيڪي مٽيءَ جي گاري مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان انهن ماڻهن کان پڇا ڪريو ته توهان جو پيدا ڪرڻ ڏکيو آهي يا انهن شين جو جيڪي اسان پيدا ڪيون آهن؟ بيشڪ اسان کين چيڪي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل عَجِبتَ وَيَسخَرونَ (آيت : 12) |
بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سچ پچ توکي (اي پيغمبر) عجب ٿو لڳي جڏهن هي (بي وقوف منڪر) مسخريون ٿا ڪن (۽ نٿا سمجهن ته الله تعاليٰ هر چيز تي قادر آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ توهان کي عجب ٿئي ٿو ۽ اهي مذاق ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول) جن کي اسان پيدا ڪيو بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽي مان پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ عجب ڪيو تو ۽ (اهي) ٺٺوليون ڪن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر (اي پيغمبر !) تون (سندن انڪار تي) عجب ڪرين ٿو. ۽ اهي مسخريون ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه تون عجب ڪرين ٿو ۽ اُهي مسخريون ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون حيرت مَنجھ حضور!، ۽ هو مُرڳو ڪَن مَسخريون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ عجب لڳيئي، ۽ هو مسخريون ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون (الله جي قدرت جي ڪرشمن تي) عجب ٿو کائين ۽ اهي انهن تي ٽوڪون ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر تون (اي نبي!) قدرت تي حيران آهين ۽ هو وري ان تي مسخري پيا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توهان کي ته انهن ڳالهين تي حيراني وٺي ٿي پر انهن ماڻهن کي مذاق جي لڳي پئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا ذُكِّروا لا يَذكُرونَ (آيت : 13) |
۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي تڏهن هو ڌيان ئي نٿا ڏين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي نصيحت قبول نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (اي پيغمبر) تون (سندن انڪار تي) عجب ڪرين ٿو ۽ اهي (تو سان) مسخريون ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن نصيحت ڪيا ٿا وڃن ته نه ٿا نصيحت وٺن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ڌيان نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته نصيحت قبول نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چَئجينِ چڱِي ڳالھ جو، ته مَت نه وَٺنِ مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن سمجهائبو اٿن ته نه سمجهندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن سمجهائجين ٿو ته اصل نٿا سمجهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن سمجهايو وڃي ٿو ته سمجهن ئي نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ان طرف ڌيان ئي نٿا ڏين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا رَأَوا ءايَةً يَستَسخِرونَ (آيت : 14) |
۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هو ڪا نشاني ڏسن ٿا تڏهن مسخريون ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مذاق ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته ڌيان (به) نه ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏسن ٿا ڪا نشاني ته ٺٺوليون ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اَکِيين پَسَن اُهڃاڻ ڪو، ته ڪَن مَخوليون مَخمور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڪا نشاني ڏسندا آهن ته مسخريون ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ان تي ٺٺوليون ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڏسن ٿا ڪا نشاني ته ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته ان تي ٽوڪ ڪرڻ لڳن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا إِن هٰذا إِلّا سِحرٌ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چون ٿا ته هي ته ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته چٽو پٽو جادو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اهي ڪافر) چون ٿا ته ناهي هيءُ (معجزو) مگر صاف جادو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ڪو معجزو ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ناهي هي مگر جادو پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته هي رڳو ظاهر جادو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”هي ته رڳو پڌرو جادو ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ناھِ مگر هِي مَنڊ ڪو، ظاهر مَنجھ ظهور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا آهن ته ”هيءُ صفا جادو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چون ٿا ته "اهو ته پڌرو جادو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا ته اهو بس جادو آهي سڌو سنئون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چون ٿا ته اهو ته پڌرو جادو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَبعوثونَ (آيت : 16) |
ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ هيئن به چون ٿا ته) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن اسان کي وري اٿاريو ويندو(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسين جڏهن مري مِٽي ۽ هڏا ٿينداسين ڇا بيشڪ اسين ٻي دفعي يقيناً اٿاريا وينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چون ٿا اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (وري) جيئرو ڪيو ويندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هوندسون مٽي ۽ هڏا ڇا بلاشڪ اسان (قبرن مان) اٿاريل آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي وري جيئرو ڪيو ويندو. ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان وري جيئرو ڪري اٿاريا وينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن مُئاسون، ۽ مِٽِي هونداسون، هڏچُور، ڇا، اَسِين، ته اَسِين اُٿـڻا آهيون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون، تڏهن وري اٿارباسون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ڇا ته جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير ٿي وينداسون ته پوءِ وري جيئرا ڪري اٿاريا وينداسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا ڪڏهن ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسين مري مٽي ٿي وڃون ۽ هڏن جو پڃرو وڃي بچون ته ان وقت اسين جياري اٿاريا وڃون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان مري ڳري مٽي ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي ٻيھر جيئرو ڪيو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَءاباؤُنَا الأَوَّلونَ (آيت : 17) |
اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ اسان جي قديم ابن ڏاڏن کي (به اٿاريو ويندو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان جا پهريان پيءُ ڏاڏا (به اٿاريا ويندا)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا اسان جا پهريان ابا ڏاڏا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به“ (جيرا ڪري اٿاريا ويندا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ اَسان جا اَڳيان، اَبا، ڏاڏا ڏُور، ڪِيئَن مَڃيون، هي مَذڪُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پڻ اسان جا اڳيان وڏا به؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا اسان جا اڳيان ابا ڏاڏا به اٿاريا ويندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان جي ابن ڏاڏن کي به جيئرو ڪيو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل نَعَم وَأَنتُم دٰخِرونَ (آيت : 18) |
چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون) چئو ته هائو (بيشڪ اوهان کي اٿاريو ويندو) ۽ (پوءِ) توهان ذليل ۽ خوار خراب ٿيندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، ها! ۽ توهان ذليل به ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر! تون) چوين ته هاءُ! (ضرور اٿاريا ويندو) ۽ اوهين خوار ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هائو ۽ اوهان ذليل هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) چئو ته هائو (اوهان کي جيئرو ڪيو ويندو) ۽ اوهين خوار هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”هائو ۽ توهان خوار (به) ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو آنہ، ۽ اَوهِين آهيو، تابِعدار تمام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”هائو! ۽ اوهين خوار به هوندؤ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته هائو ۽ توهان ته (الله جي مقابلي ۾) بيوس لاچار آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوين ته هائو ۽ توهان معبود آڏو بلڪل بي وس آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) چؤ ته هائو! ۽ توهان ذليل ۽ خوار ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّما هِىَ زَجرَةٌ وٰحِدَةٌ فَإِذا هُم يَنظُرونَ (آيت : 19) |
پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ٻڌو) اهو اٿارڻ (ڪو وقت ڪونه وٺندو) فقط هڪ ضرب يا آواز سان ٿيندو ۽ هو هڪدم ڏسڻ لڳندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو هڪ زبردست آواز آهي پوءِ ان وقت اهي ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اها (قيامت) رڳو هڪ سخت هڪل آهي پوءِ ان وقت ئي اهي (قبرن مان جيئرا ٿي) ڏسڻ لڳندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صرف اها هڪ جهڻڪ آهي پوءِ اتي جو اتي اهي ڏسڻ لڳندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهو (جيئرو ڪري اٿارڻ) رڳو هڪ سخت هڪل آهي پوءِ ان وقت ئي اهي (جيئرا ٿي) ڏسڻ لڳندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اها فقط هڪ سخت هڪل هوندي پوءِ سڀ اوچتو (زنده ٿي) ڏسڻ لڳندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فقط ڦوڪ هيڪ ري، ڪانهي هِي قيام، پوءِ مُئا مَنجھان مقام، اِجھو اَکيون ڦيرِينِ پيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهو رڳو هڪ سخت جهڻڪار هوندي، ته يڪدم هو ڏسڻ لڳندا؛ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رڳو هڪڙي وڏي هڪل ٿيندي ۽ امالڪ اهي (اهو سڀ ڪجهه جنهن جي کين خبر ڏني پئي وڃي) اکين سان ڏسندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس هڪ هڪل ٿيندي پوءِ پنهنجي اکين سان (جيڪا خبر ڏنل آهي) اهو سڀڪجهه ڏسي رهيا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اها ته هڪ رڙ هوندي. پوءِ اُهي (جيئرا ٿي سڀ شيون) پنهنجي اکين سان ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا يٰوَيلَنا هٰذا يَومُ الدّينِ (آيت : 20) |
۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چوڻ لڳندا ته، افسوس اسان جي حال تي! هي آهي جزا يا بدلي جو ڏينهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چوندا هاءِ افسوس هيءُ قيامت جو ڏينهن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوندا ته هاءِ افسوس! هي فيصلي جو ڏينهن آهي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا اي اسان جي هلاڪت! هي قيامت جو ڏينهن آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چوندا ته اسان لاءِ هاءِ ارمان! هي حساب جو ڏينهن آهي. (اسين چونداسون ته هائو) هي فيصلي جو ڏينهن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چوندا: ”هاءِ اسان لاءِ بربادي هي بدلي جو ڏينهن آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، حيف! اسان جي حال کي، هيِ هَي هَي! ڏِينهن حِساب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا ”هاءِ افسوس! اسان جي حال تي، هيءُ ته بدلي وٺڻ جو ڏينهن آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت اهي چوندا ته "هاءِ ڙي اسان جو نڀاڳ! اهو ته حساب جو ڏينهن آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان وقت اهي چوندا هاءِ اسان جي بدبختي هي ته بدلي جو ڏينهن آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چوندا ته اسان جي لاءِ ويل ٿي ويو! هي ته فيصلي وارو ڏينھن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا يَومُ الفَصلِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 21) |
(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کين چيو ويندو ته هائو) هي آهي اهو جدا جدا ڪرڻ جو ڏينهن جنهن جي مڃڻ کان انڪار ڪندا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ اهو فيصلي وارو ڏينهن آهي جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھو ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اسين چونداسون ته هاءُ) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي اوهين ڪوڙو چوندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي اوهان ڪوڙو چوندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي اوهين ڪوڙو چوندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هائو هائو) هي فيصلي جو ڏينهن آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن کي ڪوٺيان ڪُوڙ ڪَذاب! هِي اُهو ڏينهن آچار جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ها) هي اهو فيصلي جو ڏينهن آهي، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهو ته اُهوئي فيصلي وارو ڏينهن آهي، جنهن کي توهان ڪوڙو سڏيندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ته اهو ئي فيصلي وارو ڏينهن آهي جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (واقعي) هي آهي به فيصلي وارو ڏينھن،جنھن کي توهان ڪوڙو ڪندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
احشُرُوا الَّذينَ ظَلَموا وَأَزوٰجَهُم وَما كانوا يَعبُدونَ (آيت : 22) |
(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (قيامت جي ڏينهن حڪم ٿيندو ته) ظالمن کي، سندن رفيقن کي ۽ جن جي هو تابعداري ۽ ٻانهپ ڪندا هئا تن سڀني کي گڏ ڪري هتي آڻيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله تعالى ملائڪن کي فرمائيندو ته) توهان ظالمن ۽ سندن تابعدارن ۽ سندن بتن کي جن جي اهي الله کانسواءِ عبادت ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ملائڪن کي حڪم ڪنداسون ته) انهن کي گڏ ڪريو جي سرڪشي ڪندا هئا ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن جي عبادت ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اٿاريو انهن کي جن ظلم ڪيو ۽ انهن جي جوڙ وارن کي ۽ جن جي عبادت ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ملڪن کي حڪم ڪنداسون ته) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي. ۽ جن جي اهي الله کانسواءِ عبادت ڪندا هئا تن کي گڏ ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (حڪم ڏينداسين ته) ”انهن ماڻهن کي گڏ ڪيو جن ظلم ڪيو ۽ انهن جي ساٿين کي به ۽ انهن (ڪوڙن معبودن) کي به جن جي اُهي پوڄا ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جوڙيو، جَن جاڙون ڪيون، پڻ سَندنِ جوڙيوال، پڻ ڌڻِئ ڌاران جَن کي، هُئا ڪندا سَڏ سُوال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي ملائڪو!) ظالمن، سندن سنگتين ۽ جن جي بندگي ڪندا هئا،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (حڪم ٿيندو) آڻيو سڀني ظالمن کي ۽ سندن ساٿين ۽ انهن معبودن کي به، جن جي آهي عبادت ڪندا هئا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (حڪم ٿيندو) ميڙي گڏ ڪريو سڀني ظالمن ۽ سندن ساٿين کي ۽ انهن خدائن کي جن جي اهي پوڄا ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حڪم ٿيندو ته) ظالمن، سندن ساٿين ۽ جن جي هي عبادت ڪندا هئا، تن سڀني کي هڪ هنڌ گڏ ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن دونِ اللَّهِ فَاهدوهُم إِلىٰ صِرٰطِ الجَحيمِ (آيت : 23) |
تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا کي ڇڏي (جن جي ٻانهپ ڪندا هئا تن کي گڏ ڪري آڻيو ۽) انهن سڀني کي (يعني ظالمن، سندن ساٿين ۽ معبودن کي) ساڙيندڙ دوزخ واريءَ واٽ تي لڳائي ڇڏيو (ته وڃي دوزخ ۾ ڪرن ۽ سڙن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهن سڀني کي) توهان هڪلي جهنم جي رستي تي پهچايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا کان سواءِ پوءِ کين دوزخ جو رستو ڏيکاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله کان سواءِ پوءِ وٺي هلو انهن کي جهنم جي واٽ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ کين دوزخ جو رستو ڏيکاريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله کي ڇڏي (جن بتن کي پوڄيندا هئا) پوءِ انهن سڀني کي دوزخ جي رستي تي وٺي هلو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندِي باھِ بَحال، واٽ وٺايو، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله کان سواءِ تن سڀني کي گڏ ڪريو ۽ کين سڌو دوزخ جي واٽ لڳايو(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کي ڇڏي ۽ پوءِ کين جهنم واري واٽ وٺايو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇڏي الله کي، پوءِ انهن سڀني کي وڃي رستو ڏيکاريو دوزخ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي الله تعاليٰ کان سواءِ ٻين جي عبادت ڪندا هئا. پوءِ انهن کي جھنم جو رستو ڏيکاريو ويندو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقِفوهُم إِنَّهُم مَسـٔولونَ (آيت : 24) |
۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کين بيهاريو جو کانئن ڪجهه پڇيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن کي بيهاريو بيشڪ انهن کان پڇيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين بيهاريو ڇو ته انهن کان ڪجھ پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيهاريو انهن کي بلاشڪ اهي پڇاڻو ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين بيهاريو ڇو ته انهن کان پڇيو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي (ميدانِ حشر) تي بيهاريو بيشڪ انهن کان پڇاڻو ڪيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تَرسايو تن کي ته، پُڇڻا آهِن پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا کين ترسايو، جو کانئن پڇا ڪبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٿورو ترسايونِ جو انهن کان ڪجهه پڇڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٿورو کين ترسايو، کانئن ڪجهه پڇڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) انهن کي(هتي) روڪيو ڇوته انهن کان پڇاڻو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما لَكُم لا تَناصَرونَ (آيت : 25) |
(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (کانئن پڇيو ويندو ته) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي، جو هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي ڇا ٿيو جو توهان هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اڙي بدبختو) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (دنيا وانگر هتي) هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪريو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا آهي اوهان کي هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو (دنيا وانگر هتي) هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪريو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) ”توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ جو هڪ ٻئي جي مدد نه ٿا ڪيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حِمايت هِڪ ٻئي سَندِي، ڪريونٿا ڇا ڪاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”ڇا ٿيو اٿوَ، جو هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ٿي ويو اٿوَ، ڇو نه ٿا هڪ ٻئي جي ڪا مدد ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي ڇو نٿا هاڻي هڪ ٻئي جي مدد ڪريو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو هاڻي توهان هڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل هُمُ اليَومَ مُستَسلِمونَ (آيت : 26) |
بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقت هي هوندي جو انهيءَ ڏينهن هو تسليم ڪندا (۽ پنهنجو قصور سمجهي لاجواب ٿي بيهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اهي ان ڏينهن عاجز هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جواب ڇا ڏيندا) پر اهي اڄ ڪنڌ نوائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ اهي اڄ ڪنڌ جهڪائيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر اهي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه اُهي خود اڄ ڪنڌ جهڪائي بيٺل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو اَڄ اَڄاڻ، سي سلامِي سَڀ ڳالھ ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر هو ته اڄ ڪنڌ جهڪائيندڙ آهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه اڄ ته اهي پنهنجو پاڻ کي (۽ هڪ ٻئي کي) پيش ڪن ٿا! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اهي اڄ پاڻ کي پيش ڪري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه هي ته اڄ ڪنڌ ئي هيٺ ڪري بيٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 27) |
۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو هڪٻئي ڏي منهن ڪري هڪ ٻئي کان پڇندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي هڪ ٻئي کي سامهون ٿي پاڻ ۾ سوال جواب ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿي هڪٻئي کان پڇندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سامهون ٿيندا هڪڙا انهن مان ٻين کي پڇندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪڙا ٻين جي سامهون ٿي هڪ ٻئي کان پڇندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي هڪ ٻئي جي سامهون ٿي سوال ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُنهن مان، ڪي ڪَن، ڪِن کي، سامهون ٿِي سُوال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو هڪ ٻئي ڏي مهاڙ ڪري سوال جواب ڪندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري هڪ ٻئي ڏانهن وڌي اهي هڪ ٻئي سان سوال جواب ڪندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کان پوءِ اهي هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري تڪرار شروع ڪري ڏيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هي هڪ ٻئي ڏي منھن ڪري پاڻ ۾ جهيڙي ۾ لڳا پيا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنَّكُم كُنتُم تَأتونَنا عَنِ اليَمينِ (آيت : 28) |
(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (رواجي مسڪين ماڻهو ليڊرن ۽ حاڪمن کي) چوندا ته توهان ساڄي طرف کان (يعني زور ۽ حڪم جي نموني) اسان ڏي (اسان کي برغلائڻ لاءِ) ايندا هئو (سو توهان اسان کي هن حال ۾ آندو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تابعدار پنهنجي اڳواڻن کي چوندا ته بيشڪ توهان اسان کي گمراهي تي مجبور ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ انسان، شيطانن کي) چوندا ته اوهان ئي اسان وٽ سڄي پاسي کان چڙهي ايندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا بلاشڪ اوهان ايندا هيئو اسان وٽ سڄي طرف کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (تابعدار سردارن کي) چوندا ته اوهان ئي اسان وٽ سڄي پاسي کان ايندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندا: ”بيشڪ توهان ئي ته اسان وٽ ساڄي پاسي کان ايندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اِيندا سَڄيان ڪِين هُئا، اَوهِين اَسان کي ڪالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (هڪڙا) چوندا ”بيشڪ اوهين ئي اسان کي (گمراهه ڪرڻ لاءِ) ساڄي طرف کان ايندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پوئلڳ اڳواڻن کي) چوندا ته "توهان ته اسان وٽ ساڄي پاسي کان ايندا هيؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوندا پنهنجي اڳواڻن کي توهان ته اسان وٽ سڌا سنوان ايندا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (پنهنجي سردارن کي) چوندا ته توهان اسان وٽ وڏا خيرخواهه ٿي ايندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا بَل لَم تَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 29) |
(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (زور وارا ماڻهو) جواب ڏيندا ته نه (رڳو اسان جو قصور ڪونهي). حقيقت هي آهي ته توهان کي به انهن (رسولن جي ٻڌايل حقيقتن) تي ايمان ڪونه ٿي آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اڳواڻ سندن تابعدارن کي چوندا بلڪ توهان پاڻ مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي جواب ڏيندا ته (اسين ڇا ڄاڻون) اوهين پاڻ ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا بلڪ (اوهان پاڻ) مؤمن نه هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (سردار) چوندا ته (نه) پر اوهين (خود) ايمان آڻيندڙ نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (گمراهه ڪندڙ اڳواڻ) چوندا: ”بلڪه توهان خود ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَوهِين نه مَڃِيندڙ مُورهين، هُئا حق جِي ڳالھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چوندا ”نه، بلڪ اوهين پاڻ مؤمن نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو جواب ڏيندا: "نه بلڪه توهان پاڻ ئي ايمان آڻڻ وارا نه هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوندا (اهي جواب ۾) نه پر توهان پاڻ ئي ايمان آڻيندا نه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سردار چوندا ته: توهان خود به ته ايمان آڻڻ ڏي لاڙو نه رکندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لَنا عَلَيكُم مِن سُلطٰنٍ بَل كُنتُم قَومًا طٰغينَ (آيت : 30) |
۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نڪي اسان کي اوهان جي مٿان ڪا اختياري هئي، نه بلڪل نه. حقيقت هيءَ آهي ته توهان پاڻ سرڪش ماڻهو هئو (۽ خدا جي حڪمن جي تابعداري نه ڪَيوَ.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان جي توهان تي ڪا به زبردستي ڪا نه هئي، بلڪ توهان پاڻ سرڪش قوم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور نه هو پر اوهين حد کان لنگهدڙ قوم هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هو اسان جو اوهان تي ڪو زور بلڪ هيئو اوهان قوم سرڪشي ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور نه هو پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جو اوهان تي ڪو زور ڪونه هيو، بلڪه توهان خود حد کان لنگهدڙ قوم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهان تي اَسان کي، مُور نه هُئـِي مَجال، بَلڪ ڀُليل واٽ کان، هُئا قوم ڪلال!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جو اوهان تي ڪو زور ته ڪونه هو، بلڪ اوهين پاڻ حد کان اڪريل شخص هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جو توهان تي ڪو به زور زبردستي ڪونه هو، توهان پاڻ ئي حد کان لنگهندڙ هئا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان جو توهان تي ڪوبه زور ته ڪونه هو، پر توهان ته پاڻ ئي منهن زور بنيا بيٺا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جو توهان تي ڪو زور زبردستي ته ڪو نه هو، بلڪه توهان حد کان لنگهندڙ ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَحَقَّ عَلَينا قَولُ رَبِّنا إِنّا لَذائِقونَ (آيت : 31) |
پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان سڀني جي حق ۾ اسان جي پروردگار جو قول سچو ثابت ٿيو آهي ته اسان ضرور (عذاب جو) ذائقو چکنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان سڀني تي اسان جي رب جو قول سچو ٿيو، بيشڪ اسان سڀئي عذاب چکيندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ هاڻي ته اسان جي پالڻهار جو حڪم اسان تي ثابت ٿيو ته پڪ اسين سڀئي عذاب جو مزو چکينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ثابت ٿيو اسان تي فرمان اسان جي رب جو بيشڪ اسين البته چکندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان جي پاليندڙ جو حڪم اسان تي ثابت ٿيو ته بيشڪ اسين (سڀئي عذاب جو مزو) چکندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان تي اسان جي پالڻهار جو فرمان ثابت ٿيو. بيشڪ اسان (عذاب جو مزو) چکيندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَنهنجي پَروَر پاڪ جو، اڳيون قول ڪمال، ثابت پاڻ سَڀن تي، بي شڪ ٿيو بَحال، ته چَکندڙ چڱِي چال، آهيون چاش عذاب جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان تي اسان جي ڌڻيءَ جو چوڻ ثابت ٿيو، ته اسين پڪ عذاب چکنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان پنهنجي رب جي انهيءَ فرمان جا حقدار ٿي وياسون ته اسان کي عذاب جو مزو ضرور چکڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار حقدار ٿي وياسين اسان پاڻ پنهنجي رب جي قول جا، ته اسان عذاب جو مزو چکنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بھرحال) اسان سڀني جي مٿان الله تعالى جو قول ثابت ٿي چڪو آهي. ۽ بيشڪ هاڻي اسان سڀني عذابن جو ذائقو چکنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَغوَينٰكُم إِنّا كُنّا غٰوينَ (آيت : 32) |
پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان اوهان کي گمراهه ڪيو جو يقيناً اسان پڻ گمراهه هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ اسان توهان کي گمراه ڪيو بيشڪ اسان به گمراه هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيئن ته اسين خود گمراھ هواسون ته اوهان کي به گمراھ ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اسان اوهان کي گمراهه ڪيو بلاشڪ اسين گمراهه هئاسين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان اوهان کي گمراه ڪيو ڇو ته اسين (پاڻ به) گمراهه هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اسان توهان کي گمراهه ڪيو بيشڪ اسان خود گمراهه هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نپوءِ اَوتڙ وِڌو سون آن کي جِيئن اوتڙ هُئاسون پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان اوهان کي گمراهه ڪيو جو اسين پاڻ به گمراهه هئاسون! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو اسان توهان کي ڀٽڪايو، جو اسان پاڻ ئي ڀٽڪي ويل هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين توهان کي گمراهه ڪيوسين جيئن اسان پاڻ گمراهه هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان توهان کي ته گمراهه ڪيو ئي ڪيو هو پر اسان خود به ته گمراهه هئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّهُم يَومَئِذٍ فِى العَذابِ مُشتَرِكونَ (آيت : 33) |
پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو يقيناً انهيءَ ڏينهن اهي سڀ (مسڪين توڙي زور وارا ليڊر) عذاب ۾ شريڪ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ اهي ان ڏينهن (سڀئي) عذاب ۾ گڏ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ پڪ اهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بلاشڪ اهي ان ڏينهن عذاب ۾ شريڪ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ اهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ اُهي (سڀئي) ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آهيون هيڪاندا هاڻ، اَڄ ڀيڙا سَڀئـِي باھِ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهي ان ڏينهن عذاب ۾ هڪ ٻئي سان گڏ هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان طرح اهي سڀئي ان ڏينهن عذاب ۾ ڀائيوار هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح ان ڏينهن اهي عذاب ۾ سڀ ئي شامل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ڏينھن عذاب ۾ اُهي سڀ هڪ جھڙا ڀاڱي ڀائيوار هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كَذٰلِكَ نَفعَلُ بِالمُجرِمينَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو ته) اسان گنهگارن سان اهڙي ئي طرح هلت ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان سڀني مجرمن سان ايئن ئي ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسين ڏوهارين سان اهڙيءَ طرح ئي ڪريون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين اهڙي طرح ڪيون ٿا مجرمن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين ڏوهارين سان اهڙيءَ طرح ئي ڪريون ٿا. بيشڪ (اهي اهڙا سرڪش هئا جو) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُل ڪانهيارن سان، ڪريون اَسِين اِهائـِي ڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ڏوهارين سان ائين ئي ڪندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان ائين ئي ڪندا آهيون ڏوهارين سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ڏوهارين سان اهڙو ئي سلوڪ ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم كانوا إِذا قيلَ لَهُم لا إِلٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَستَكبِرونَ (آيت : 35) |
بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي هئا جڏهن انهن (منڪرن) کي چيو ويندو هو ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، تڏهن هو تڪبر ڪندا هئا (۽ اها ڳالهه نه مڃيندا هئا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اِهي اُهي آهن جو جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان لَآاِلٰہَ اِلَّا اللهُ چئو ته (اهي) تڪبر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو اهڙا ته (شرير) هئا جو جڏهن کين چيو ويندو هو ته خدا کان سواءِ ڪو به معبود نه آهي ته وڏائي ڪندا هئا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي هئا جڏهن چيو ويندو هو انهن کي ته ناهي ڪو سچو معبود هڪ الله کان سواءِ ته وڏائي ڪن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي جڏهن چيو ويندو هو ته الله کانسواءِ ڪو به حاڪم نه آهي ته وڏائي ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي اهڙا هئا جو جڏهن انهن کي چيو ويندو هيو ته: ”الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي“ ته اُهي تڪبر ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي آهن، سي صَحِي، جَن چئبو هو جنهن وار، ته ڪانهي ڪُل جھان ۾، ڪا درگاھ، ڌڻِئَ ڌار، ته ڪَن تڪبر تڪرار، مَڃڻ بَدران مُرڳو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن کي جڏهن چئبو هو ته، ”الله کان سواءِ ٻيو ڪو به سائين ڪونهي، ”تڏهن هو آڪڙ ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي ته اهي ماڻهو هئا، جو جڏهن کين چيو ويندو هو ته "الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه سچو معبود ڪونهي" ته هوڏ ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي اهي ئي ماڻهو هئا جڏهن کين چيو ويندو هو ته ناهي ڪوبه معبود الله کان سواءِ ته اهي تڪبر ۾ پئجي ويندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انهن ماڻهن کي جڏهن به چئبو هو ته الله تعالى کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق نه آهي ته هُو تڪبر ۾ اچي ويندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ أَئِنّا لَتارِكوا ءالِهَتِنا لِشاعِرٍ مَجنونٍ (آيت : 36) |
۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چوندا هئا ته هڪڙي چرئي شاعر جي لاءِ اسان پنهنجي خدائن کي ڇڏي ڏينداسين ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چون ٿا ته ڇا اسين پنهنجي معبودن کي هڪ مجنون شاعر جي چوڻ تي ڇڏي ڏيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوندا هئا ته ڇا اسين هڪ چرئي شاعر لاءِ پنهنجا معبود ڇڏي ڏيون؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون پيا ته ڇا بلاشڪ اسان البته ڇڏيندڙ آهيون پنهنجن معبودن هڪ شاعر مجنون جي (چوڻ جي ڪري) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چوندا هئا ته ڇا اسين هڪ چرئي شاعر لاءِ پنهنجا معبود ڇڏڻ وارا آهيون؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چوندا هئا ته: ”ڇا اسان هڪ مجنون شاعر جي خاطر پنهنجي معبودن کي ڇڏي ڏيون“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وراڻيو واتان، ته ڇا، اَسِين ڇَڏِيندڙ آهيون؟ پَنهنجا دَر داتا،ڪِنهن چَرئي سُگھڙ جي چَوڻ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا هئا ته، ”ڇا، اسين هڪ چرئي شاعر جي چوڻ تي پنهنجا سائين ڇڏي ڏينداسون؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چوندا هئا ته "ڇا اسان هڪڙي چرئي شاعر جي ڪري پنهنجن معبودن کي ڇڏي ڏيون؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا هئا ته، ڇا اسان ڇڏي ڏيون پنهنجي خدائن کي هڪ شاعر چرئي جي چوڻ تي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چوندا هئا ته ڇا اسان هڪ چرئي شاعر جي ڪري پنھنجي معبودن کي ڇڏي ڏيون؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل جاءَ بِالحَقِّ وَصَدَّقَ المُرسَلينَ (آيت : 37) |
بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نه نه (هو چريو شاعر هرگز ناهي) پر پاڻ سان حق کڻي آيو آهي (۽ جلد ڏسندؤ ته حق قائم رهندو ۽ باطل فنا ٿي ويندو) ۽ (اڳوڻن) رسولن (جي پيغام) جي تصديق ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ رسولِ عربي حق آندو ۽ پاڻ ڪريمن سڀني پيغمبرن جي تصديق ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اڙي بدبختو! هي شاعر يا چريو ته نه آهي) پر هن ته حق (سچ ڳالھ) آندي آهي ۽ (اڳين) نبين جي تصديق ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ آندائين حق ۽ سچو چيائين مرسلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ائين نه آهي) پر اُن حق آندو ۽ پيغمبرن کي سچو چيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه اهو حق کڻي آيو هيو ۽ ان رسولن جي تصديق ڪئي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آندائـِين سَچ، پڻ سَچاچَئـِين، نَبِي سُونهارا نُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ هن ته سچ آندو ۽ سڀني نبين کي به سچو ٿي چيائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن هن ته حق آندو هو ۽ رسولن جي پڻ تصديق ڪئي هئائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته هو آيو هو حق سان ۽ هن تصديق ڪئي هئي رسولن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (نه) هن ته حق ڳالهه آندي هئي ۽ گذريل رسول سڳورن کي سچو چوندو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكُم لَذائِقُوا العَذابِ الأَليمِ (آيت : 38) |
بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اوهان (منڪر) سخت عذاب جو ذائقو چکندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان يقيناً دردناڪ عذاب چکيندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين (جيڪڏهن نه مڃيندو) ته ضرور سخت عذاب جو مزو چکيندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اوهان البته چکندڙ آهيو عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهين دردناڪ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيو ويندو) بيشڪ توهان دردناڪ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين چکندڙ آهيو، ڪا سَزا سراسر سُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهين ڏکائيندڙ عذاب چکندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هاڻي کين چيو ويندو ته) توهان پڪ دردناڪ عذاب جو مزو چکڻ وارا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (کين چيو ويندو) توهان ضرور ذائقو چکڻ وارا آهيو دردناڪ عذاب جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي توهان دردناڪ عذاب جو مزو چکڻ وارا آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 39) |
۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي جيڪي (بد) عمل توهان ڪيا هوندا تن جو ئي پورو پورو بدلو اوهان کي ملندو (نه گهٽ نه وڌ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي نه جزا ڏني ويندي مگر جيڪو توهان عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان کي ته ان جو (ئي) بدلو ڏبو جو (دنيا ۾) ڪندا هئا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بدلو ڏنا ويندو مگر جيڪي ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي اوهين پيا ڪريو تنهن کانسواءِ ٻيو بدلو اوهان کي نه ڏنو ويندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کي (ڪوبه) بدلو نه ڏنو ويندو سواءِ ان جي جيڪي توهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه مِلندان، مگر مُور، جِنهن مُوجب ڪَريو ڪَمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اوهان کي فقط اوهان جي ئي ڪمن جو بدلو ڏبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان کي جيڪو به بدلو ملي ٿو، سو انهن ئي عملن جو ڏنو وڃي ٿو، جيڪي توهان ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به بدلو ڏنو وڃي پيو (توهان کي) اهو توهان جي عملن جو نتيجو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي انهن عملن جو بدلو ڏنو ويندو جيڪي توهان ڪندا رهيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 40) |
پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر الله جا سچا ٻانها (انهن جي حالت ٻي هوندي ۽ وڏيون نعمتون ماڻيندا)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪي (مؤمن) الله جا مخلص ٻانها آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر خدا جا خالص بندا(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر الله جا مخلص ٻانها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر الله جا پسند ڪيل ٻانهان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مگر جيڪي الله جا چونڊيل ٻانها آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر مالِڪ پاڪ جا، ٻانهان نِج نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪي شخص الله جا خاص ٻانها هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي الله جا چونڊيل ٻانها (انهيءَ بڇڙي حشر کان) محفوظ هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ خاص بندن الله جي (جيڪي ان نتيجي کان) محفوظ هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر الله تعالى جا خاص ٻانها (ان عذاب کان بچيل رهندا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ لَهُم رِزقٌ مَعلومٌ (آيت : 41) |
اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي لاءِ مقرر رزق هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن لاءِ رزق آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن لاءِ (ته بهشت ۾) هڪ مقرر (ٿيل) روزي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي انهن جي لاءِ رزق مقرر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تن لاءِ مقرر (ٿيل) روزي آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ (خاص) روزي مقرر ٿيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خاصا کاڄ اُنهن لئي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تن لاءِ خاص رزق هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ جيڪو رزق آهي سو ته اڳيئي ڄاڻايل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي لاءِ رزق اهو آهي جيڪو ڄاتل سڃاتل اهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن سڀني لاءِ (سندن طبيعت مطابق) ڄاتل سڃاتل روزي هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَوٰكِهُ وَهُم مُكرَمونَ (آيت : 42) |
(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن لاءِ) ميوا (۽ هر قسم جون نعمتون ۽ خوشيون) هونديون ۽ هنن کي وڏي عزت ۽ وڏو درجو ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ميوا هوندا، انهن جي تعظيم ۽ تڪريم ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اها به جهڙي تهڙي نه) هر قسم جا ميوا ۽ کين وڏي عزت ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ميوا ۽ عزت وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ميوا آهن ۽ کين عزت ڏني ويندي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ميوا هوندا، ۽ اهي عزت وارا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ميوا، مَڃر ڏار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني هر قسم جا ميوا، ۽ هو عزت وارا هوندا_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر قسم جون لذيذ شيون، ۽ نعمتن سان ڀريل جنتون، جن ۾ هو وڏي مانَ سان رهايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر ڪنهن طرح جون بلڪل اهي لذيذ شيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ميوا هوندا ۽ انهن کي وڏي عزت ملندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى جَنّٰتِ النَّعيمِ (آيت : 43) |
نعمت وارن باغن ۾.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هو) نعمتن جي باغن ۾ هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جنت النعيم ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نعمت وارن باغن ۾،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نعمتن وارن بهشتن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نعمت وارن باغن ۾ ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نعمتن وارن باغن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي باغ بهشت ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نعمت وارن باغن ۾. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر قسم جون لذيذ شيون، ۽ نعمتن سان ڀريل جنتون، جن ۾ هو وڏي مانَ سان رهايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نعمت وارن باغن ۾ اهي عزت سان رهايا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نعمتن وارن باغن ۾. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلىٰ سُرُرٍ مُتَقٰبِلينَ (آيت : 44) |
تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جتي) تخت تي هڪٻئي جي سامهون ٿي ويهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تختن تي هڪ ٻئي جي سامهون هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پلنگن تي هڪ ٻئي جي سامهون (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تختن تي هڪ ٻئي کي سامهون ويهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پلنگن تي هڪ ٻئي جي سامهون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پلنگن تي آمهون سامهون (ويٺل هوندا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عِزّت ساڻ اَپار، وَهسن ويرو تار، سيجن مَٿي سامهان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ ٻئي جي آمهون سامهون، تختن تي ويٺل هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اوچن صندلن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ويٺا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي اوچن تختن تي آمهون سامهون ويهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو تختن تي هڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُطافُ عَلَيهِم بِكَأسٍ مِن مَعينٍ (آيت : 45) |
وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) صاف چشمي مان (ڀريل) پيالو هنن ۾ ڦيرايو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جي سامهون سفيد شراب جا ڀريل پيالا پيش ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن ۾ صاف شراب جي پيالن جو دور هلي رهيو هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڦيرايو ويندو انهن تي پيالو وهندڙ شراب مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽) مٿن وهندڙ شراب مان (ڀريل) پيالو ڦيرايو ويندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن تي ڇُلڪندڙ پيالن ۾ (پاڪيزه) شراب جو دور هلندڙ هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَهندڙ جي وَٽِيَن جِي، تَن تي وارو وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وٽن وهندڙ شراب جو پيالو پيو ڦرندو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شراب جي چشمن مان پيالا ڀري منجهن ڦيرايا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پيالا ڀري شراب جي چشمن مان انهن ۾ ڦيرايا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جي اڳيان تازي شراب جي ڀريل پيالن جو دور هلندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَيضاءَ لَذَّةٍ لِلشّٰرِبينَ (آيت : 46) |
جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو صاف اڇو هوندو ۽ پيئندڙن لاءِ ڏاڍو لذيذ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي پيئندڙن لاءِ بيحد لذيذ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو اڇي رنگ جي پيئندڙن لاءِ مزيدار هوندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سفيد لذت وارو پيئندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو اڇي رنگ جو پيئندڙن لاءِ مزيدار هوندو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چمڪندڙ شراب هوندو جيڪو پيئڻ وارن لاءِ مزيدار هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڇو صاف سَواد لئي، تِڪِيندڙ تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو بلڪل اڇو ۽ پيئندڙن لاءِ لذت وارو هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو اڇو (چــِـلڪندڙ) پيئندڙن لاءِ ڏاڍو لذيذ هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چمڪندڙ شراب لذت وارو هوندو پيئندڙن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو رنگ جو اڇو ۽ پيئندڙن لاءِ وڏي لذت وارو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا فيها غَولٌ وَلا هُم عَنها يُنزَفونَ (آيت : 47) |
نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان جي پيئڻ سان نڪي مٿي کي ڦيري ايندي، نڪي ان سان هنن کي ڪو نشو ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نه ان ۾ ڪا خرابي هوندي ۽ نه ان جي ڪري عقل ۾ ڪمي ايندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه ان ۾ مٿي جي ڦيري هوندي ۽ نه ان جي ڪري نشو ئي ٿيندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ان ۾ مٿي جو ڦرڻ ۽ نه اهي ان کان نشي وارا ٿيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نه ان ۾ مٿي جي ڦيري هوندي ۽ نه ان جي ڪري نشو ئي ٿيندن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه ان ۾ مٿي جو سُور هوندو ۽ نه اُهي ان کان مٿي چڪريل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن کان نه سِر ۾ سُور ڪو، نه ڪو کين خُمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ نڪو مٿو ڦرندو، نڪو کين ان مان نشو ٿيندو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي ان کان ڪا مٿي کي ڦيري ٿيندن ۽ نه ان ڪري ڪو عقل ئي خطا ٿيندُن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪو نقصان سندن جسمن کي نه رسندو ۽ نه ئي سندن عقل ان سان خراب ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن سان نه ته مٿي ۾ سور ٿيندو ۽ نه نشو چڙهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعِندَهُم قٰصِرٰتُ الطَّرفِ عينٌ (آيت : 48) |
۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن وٽ اکيون هيٺ ڪندڙ (شرميليون) ۽ وڏين اکين واريون عورتون هونديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بهشتين وٽ حورون هونديون جن جون نگاهون هيٺ هونديون انهن جون اکيون وڏيون هونديون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سندن پاسن ۾ (شرم کان) هيٺ نهاريندڙ سهنين اکين واريون (حورون) هونديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن وٽ هيٺ نهاريندڙ وڏين اکين واريون هونديون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ وٽن هيٺ نهاريندڙ سهڻين اکين واريون (زالون) هونديون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي پاسي ۾ نگاهون هيٺ رکڻ واريون وڏين (سهڻين) اکين واريون (حورون ويٺل) هونديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تَن وَٽ جيڏيون جويون، حُورون حيادار، وَڏِيُن اَکين واريون، نيڻن بَند نِهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وٽن اهڙيون وڏين اکين واريون، هيٺ نهاريندڙ زالون هونديون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وٽن اکيون هيٺ ڪندڙ سهڻين اکين واريون زالون هونديون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن وٽ نگاهون بچائڻ واريون سهڻين اکين واريون عورتون هونديون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن وٽ شرميلي طبيعت ۽ وڏين وڏين خوبصورت اکين واريون عورتون هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَأَنَّهُنَّ بَيضٌ مَكنونٌ (آيت : 49) |
ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڄڻ ته هو لڪائي رکيل بيضا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) گوياڪ اهي پوشيده بيضا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (سندن گوري گوري رنگتن ۾ بلڪل هلڪي ڳاڙهاڻ ائين جهلڪندي هوندي) جو ڄڻ ته اهي “بيضا” آهن جيڪي ڍڪي رکيل آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڄڻ ته اهي آنا ڍڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڄڻ ته اهي ڍڪي رکيل (شتر مرغ جا) آنا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڄڻڪ اُهي گرد غبار کان محفوظ آنا (رکيل) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دَبلِي بَندن دِنجھ کان، تِنهن آني جي آچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي ڄڻ ته ڍڪي رکيل آنا آهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيون نازڪ جهڙو آني جي کل جو اندريون پردو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيون نازڪ ڄڻڪ آني جي کل هيٺان لڪل جهلي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي آني جي اندر واري لڪيل (خوبصورت) جِهليءَ وانگر نرم نازڪ هونديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَقبَلَ بَعضُهُم عَلىٰ بَعضٍ يَتَساءَلونَ (آيت : 50) |
پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪندا ۽ هڪٻئي کان (ڳالهيون) پڇندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (بهشت ۾ بهشتي) هڪ ٻئي ڏانهن متوجه ٿي پنهنجو پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (هي جنتي) هڪ ٻئي ڏي ڏسي پڇندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سامهون ٿيندا هڪڙا انهن مان ٻين ڏانهن پڇا ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اهي جنتي) هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري پڇندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي (جنتي) هڪ ٻئي ڏي متوجهه ٿي (احوال) پڇندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سامهان ٿِي سَچار، حال پُڇَن هِڪ ٻئي ڪنان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هو هڪ ٻئي ڏانهن مهاڙ ڪري سوال جواب ڪندا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو هڪ ٻئي ڏانهن منهن ڪري خبرچار وٺندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي هڪ ٻئي ڏي منهن ڪري پيا سوال پڇندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اُهي هڪ ٻئي ڏي منھن ڪري (دنيا جا) حال احوال وٺندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ قائِلٌ مِنهُم إِنّى كانَ لى قَرينٌ (آيت : 51) |
منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن مان هڪڙو ڳالهائيندڙ چوندو ته، يقيناً (دنيا ۾) منهنجو هڪڙو سنگتي هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن مان هڪ بهشتي چوندو (دنيا ۾) منهنجو هڪ گھاٽو دوست هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کي هڪ چوندو ته پڪ منهنجو هڪ سنگتي هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندوچوندڙ انهن مان بلاشڪ هو منهنجي لاءِ هڪ سنگتي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن مان هڪ چوندڙ چوندو ته بيشڪ منهنجو هڪ سنگتي هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن مان هڪ چوندڙ چوندو ته: ”بيشڪ دنيا ۾ منهنجو هڪ مِلڻَ جُلڻَ وارو هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چَوندڙ چيو اُنهن مَنجھان، ته هو مُنهنجو هِڪ هَمراه،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن مان ڪو چوندو ”منهنجو دنيا ۾ هڪ دوست هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منجهانئن هڪڙو چوندو ته "دنيا ۾ منهنجو هڪڙو سنگتي هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ چوندو انهن مان، دنيا ۾ منهنجو هڪڙو سنگتي هوندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان هڪ ڄڻو چوندو ته (دنيا ۾) منھنجو هڪ دوست هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَقولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ المُصَدِّقينَ (آيت : 52) |
جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو چوندو هو ته، تون به انهن منجهان آهين ڇا جي (رسول جي پيغام جي) تصديق ڪندڙ آهن (۽ کيس مڃيندڙ آهن)؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو چوندو هو ته ڇا تون (آخرت تي) ايمان رکندڙن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو چوندو ته ڇا تون (قيامت کي) مڃيندڙن مان آهين؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوي پيو ته ڇا پڪ تون البته تصديق ڪندڙن مان آهين؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو چوندو هو ته ڇا تون (قيامت کي) مڃيندڙن مان آهين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو چوندو هيو ته: ”ڇا تون (قيامت کي) مڃڻ وارن مان آهين؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهِين ڇا؟ اُنهن مَنجھان، جي رکن هِي ويساھ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جوچوندو هو، ”ڇا، تون انهي کي سچ ٿو سمجهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو پيو چوندو هو ته ڇا تون به سچ ڀانئيندڙن مان آهين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو چوندو هو مون کي، ڇا تون به تصديق ڪندڙن مان آهين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (مون کي) چوندو هو ته ڇا تون به (قيامت کي) سچو مڃيندڙ آهين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَءِذا مِتنا وَكُنّا تُرابًا وَعِظٰمًا أَءِنّا لَمَدينونَ (آيت : 53) |
ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين ۽ مٽيءَ ۾ هڏيون ٿي وينداسين تڏهن (اسان کي وري جيئرو ڪيو ويندو ۽ اسان جي عملن جو) اسان کي بدلو ڏنو ويندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسين جنهن وقت مري مٽي ۽ هڏا ٿينداسين ڇا اسان کي ان وقت سزا ۽ جزا ملندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي (ٻيو ڀيرو جيئرو ڪري اسان جي عملن جو) عيوضو ڏنو ويندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جڏهن مرنداسون ۽ هونداسون مٽي ۽ هڏا ڇا بيشڪ اسين البته بدلو ڏنل آهيون؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون ته ڇا اسان کي جزا ڏني ويندي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جڏهن اسان مري وينداسين اسان مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسين ته ڇا اسان کي (جياري) بدلو ڏنو ويندو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته جڏهن مُئاسون، جِسم مان، وِيو ساھ پَساھ، ۽ هُونداسون هَڏ ۽ مِٽي، ڀُور، ڀُڪابيواھ، ته اَسان کان اَلله، وٺندو حرف حساب جو؟.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ۽ هڏا ٿي وينداسون، تڏهن وري اسان کي بدلو ڏبو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا جڏهن اسان مري وينداسون ۽ مٽي ۽ هڏن جو ڍير بڻجي چڪا هونداسون ته به اسان کان حساب ڪتاب ورتو ويندو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا جڏهن اسان مري مٽي ٿي وينداسين ۽ هڏن جو پڃرو وڃي بچنداسين ته اسان کي واقعي جزا ۽ سزا ملندي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا جڏهن اسان مري ڳري مٽي ٿي وينداسين ته وري اسان کي بدلو ڏنو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هَل أَنتُم مُطَّلِعونَ (آيت : 54) |
(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن بهشت وارو پنهنجي دنيا واري سنگتيءَ جا اهي لفظ ٻڌائيندو تڏهن) آواز ايندو ته توهان (بهشت وارؤ انهيءَ سنگتيءَ جي حالت معلوم ڪرڻ لاءِ) هيٺ نهارڻ چاهيو ٿا ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو چوندو ڇا توهان (ان کي) جھاتي پائي ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (وري پنهنجي جنت جي ساٿين کي) چوندو ته ڇا اوهين جهاتي پائي ڏسندا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندو ڇا اوهان لياڪو پائي ڏسندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (وري پنهنجي سنگتين کي) چوندو ته ڇا اوهين جهاتي پائي ڏسندا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهو جنتي ساٿين کي) چوندو ته : ”ڇا اوهان جهاتي پائي (ان جو حال) ڏسندا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئـِبُن اِهڙِئَ چال، ته ڇا اِطلاع گُھرجي اُن جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندو ”ڀلا اوهين انهي کي ڏسڻ چاهيو ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽) چوندو ته ڇا هاڻي ڏسندؤ ته اهو ڪٿي آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ڏسڻ چاهيندو ته اهو صاحب هينئر ڪٿي آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو (جنتي) ماڻهو وڌيڪ چوندو ته اي جنت جا ساٿيو! ڇا توهان ان دوست کي ڏسڻ چاهيو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاطَّلَعَ فَرَءاهُ فى سَواءِ الجَحيمِ (آيت : 55) |
پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هو هيٺ نهاريندو ۽ انهيءَ (سنگتيءَ) کي دوزخ جي باهه جي وچ ۾ ڏسندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جھاتي پاتائين پوءِ ان کي جهنم جي وچ ۾ ڏٺائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (پاڻ به) جهاتي پائي ڏسندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لياڪو پائي ڏسندؤ پوءِ ڏسندؤ ان کي دوزخ جي وچ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (پاڻ به) جهاتي پائيندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اهو جهاتي پائيندو ته ان کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ واقف ڪيو ويو اُن کي، هِڪدم ڪَنان حال، پوءِ باھ وِچ بَحال، اَ کِين ڏٺائـِين اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جهاتي پائيندو، ته ان دوست کي دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين چئي جو ليئو پائيندو ته ان کي جهنم جي وچ ۾ پيل ڏسندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ائين چئي هو جيئن هيٺ ليئو پائيندو ته دوزخ جي تري ۾ ان کي پيل ڏسندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هيٺ ڏسندو ته هو جھنم جي وچ ۾ پيل نظر ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ تَاللَّهِ إِن كِدتَ لَتُردينِ (آيت : 56) |
چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ کيس) چوندو ته قسم آهي خدا جو ته تو ته مون کي ذري گهٽ کڏ ۾ ڪيرايو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو چوندو بخدا تون ته عنقريب مون کي هلاڪ ڪرين ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوندو ته خدا جو قسم ته تو مون کيذري گهٽ هلاڪ ٿي ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندو الله جو قسم آهي ته ويجهو هئين تو جو البته هلاڪ ڪرين مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گهٽ هلاڪ ٿي ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندو ته: ”الله جو قسم ته تو مون کي ذري گهٽ برباد ٿي ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سائـِينءَ جو سوگند، مون کي به اُڇلئي ٿي اُهڏ ۾،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندو ”خدا جو قسم! تون ته مون کي ناس ڪرڻ منجهه هئين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوندس ته الله جو قسم! تو ته ذري گهٽ مونکي به تباهه ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کي چوندو، معبود جو قسم، تو مون کي ذري گهٽ تباهه ڪرڻ وارو هئين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جنتي ان جھنمي دوست کي) چوندو ته خدا جو قسم! تون ته مون کي به تباهه ڪري ڇڏين ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَولا نِعمَةُ رَبّى لَكُنتُ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 57) |
۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن مون تي خدا جي مهرباني نه ٿئي ها ته مان ته انهن منجهان ٿيان ها جيڪي (هتي سزا لاءِ) حاضر ڪيا ويا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن منهنجي رب جي نعمت نه هجي ته آئون به عذاب ڪيلن مان هجان ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن منهنجي پروردگار جو احسان نه هجي ها ته آءُ به (توسان گڏ دوزخ ۾) گرفتار هجان ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها منهنجي رب جي نعمت ته البته هجان ها حاضر ڪيلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن منهنجي پاليندڙ جو احسان نه هجي ها ته آءُ (تو وانگر) حاضر ڪيلن مان هجان ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن منهنجي پالڻهار جو احسان نه هجي ها ته آءٌ (به تو سان گڏ عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان هجان هان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مون تي نه هُئـِي مِهر ڪا، سَندمِ خداوند، ته توسان ڀيڙو بَند، هُئسِ حاضِرِيَنِ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي منهنجي ڌڻيءَ جو فضل مون تي نه هجي ها، ته (اڄ) آءُ به جيڪر (عذاب ۾) حاضر ٿيل هجان ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجي رب جو فضل نه هجي ها ته اڄ مان به انهن مان هجان ها، جيڪي پڪڙجي آيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي فضل نه هجي ها منهنجي رب جو ته اڄ آئون به انهن مان هجان ها جيڪي جهلجي آيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن منھنجي پالڻھار جو احسان نه ٿئي ها ته مان به ٻين وانگر (عذاب لاءِ) پيشيءَ تي هجان ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَما نَحنُ بِمَيِّتينَ (آيت : 58) |
بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو بهشتي خوشي ۽ ڊپ ۾ وڌيڪ) چوندو ته ڇا اسان وري ته ڪونه مرنداسين؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) چيو ويندو تہ، پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاڻي ٻڌائي) ڇا (آءُ تو کي نه چوندو هئس ته) اسان کي وري مرڻو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ ناهيون اسين مرڻ وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا (ائين نه آهي ته هتي) اسين مرڻ وارا نه آهيون؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (جنتي پڇندا ته) ”ڇا اسان هاڻي مرنداسين ته ڪونه؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَرڻا نه آهيون مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي اسين نه مرنداسين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هاڻي اسان اصل نه مرنداسون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هاڻي اسان مرڻ وارا نه آهيون؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هاڻي اسان ٻيهر ته نه مرنداسين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَوتَتَنَا الأولىٰ وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 59) |
(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ اسان جي پهرئين موت جي (ٻيو موت ته ڪونه ڏسنداسين؟) نڪي اسان کي عذاب ڪيو ويندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (چونداسون تہ) اي گنھگارؤ! اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سواءِ هن پهرين موت جي ۽ نه اسان تي (آخرت ۾) عذاب ئي ٿيندو (ته توکي پڪ نه پئي ٿئي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر اسان جو پهريون مرڻ ۽ ناهيون اسين عذاب ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رڳو پهرئين ڀيري جو مرڻ هو ۽ اسان کي عذاب نه ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ اسان جي پهرئين موت جي ۽ نه اسان تي ڪڏهن عذاب ڪيو ويندو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسِين پهرين موت ري، پڻ نه اَسِين آهيون، ڏِسندڙ سَختِي سُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسانجي پهرئين مرڻ کانسواءِ نڪي اسان کي عذاب ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موت جيڪو آيو سو آيو؟ ڇا هاڻي اسان کي ڪوبه عذاب ناهي ٿيڻو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موت جيڪو اسان کي اچڻو هو، سو اڳيئي اچي ويو؟ هاڻي اسان کي ڪوبه عذاب ٿيندو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! اُهوئي هڪ ڀيرو مرڻ جو هو. ڇا هاڻي ڪنهن عذاب جو خطرو نه آهي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ الفَوزُ العَظيمُ (آيت : 60) |
بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي بهشت جو دائمي طور مليو آهي، سو) بيشڪ اها وڏي (سعادت ۽) ڪامراني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هيءُ (بهشت جي دائم زندگي) عظيم ڪاميابي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هيءُ بيشڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هيء البته اهائي ڪاميابي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءَ ئي وڏي ڪاميابي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اها ئي ته وڏي سوڀ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَڀنيان وَڏِي سوڀ اِي، ظاهِر مَنجھ ظهور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اها وڏي مراد ماڻڻ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اهائي ته شاندار ڪاميابي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بلاشڪ اها ئي ڪاميابي عظيم الشان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهائي ته وڏي ڪاميابي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِمِثلِ هٰذا فَليَعمَلِ العٰمِلونَ (آيت : 61) |
اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهڙيءَ ڪامرانيءَ واسطي سڀني عمل ڪندڙن کي (چڱا) عمل ڪرڻ گهرجن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي (دائمي نعمتن لاءِ) پوءِ عمل ڪندڙ ڀلي ته عمل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙي (ئي ڪاميابيءَ) لاءِ ڪم ڪرڻ وارن) کي ڪم ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هن جهڙي (نعمت) لاء پوءِ ڀلي ته عمل ڪن عمل ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهڙيءَ (ڪاميابي) لاءِ ڪم ڪندڙ ڪم ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي (ڪاميابي) ڪاڻ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گُھرجي پورهيت، پورهيو اُن جھڙو ڪن ضرور(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙيءَ نعمت لاءِ ڀل ته ڪم ڪندڙ ڪم ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ ئي ڪاميابيءَ لاءِ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ گهرجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ ئي ڪاميابي لاءِ عمل ڪندڙن کي (پورو) عمل ڪرڻ گهرجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ عمل ڪرڻ وارن کي عمل ڪرڻ کپي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَذٰلِكَ خَيرٌ نُزُلًا أَم شَجَرَةُ الزَّقّومِ (آيت : 62) |
ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا اها (ڪامراني) بهتر مهماني آهي يا (دوزخ وارو) ٿوهر جو وڻ (بهتر نعمت آهي)؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اها بهتر مهماني آهي يا ٿوهر جو (سخت ڪڙو) وڻ؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا مهمانيءَ لاءِ اهو (سامان) چڱو آهي يا ٿوهر جو وڻ (جيڪو دوزخين لاءِ هوندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اها (مهماني) ڀلي آهي يا ٿوهر جو وڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اها مهماني وڌيڪ چٽي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ٻڌايو) ڇا اها (جنت جي) مهماني ڀلي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِئَ مِهمانِي مَذڪور، وَڻندڙ، ڪِ وڻ ٿوهر جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا اها مهماني چڱي، يا ٿو هر جو وڻ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌايو اها مهمان نوازي سٺي آهي يا ٿوهر جو وڻ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ ڀلا، اها ڀلي آهي مهماني يا ٿوهر جو وڻ (ڀلو آهي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنتي ماڻهن جي مھمان نوازي بھتر آهي يا ٿوهر جو وڻ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا جَعَلنٰها فِتنَةً لِلظّٰلِمينَ (آيت : 63) |
بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان انهيءَ (ٿوهر جي وڻ) کي ظالمن لاءِ فتنو (يعني آزمائش) ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان ان کي ظالمن لاءِ آزمائش بنايو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي بيشڪ اسان ظالمن لاءِ هڪ آزمائش ٺهرايو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان بنايو ان کي فتنو ظالمن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان ان کي ظالمن لاءِ هڪ عذاب ٺهرايو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ان کي ظالمن لاءِ هڪ مصيبت بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏاج ڪيوسون، ڏاڍن لئي، تِنهِين کي تڪرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان انهي کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺهرايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اسان انهيءَ وڻ کي ظالمن لاءِ وڏي ايذاءَ جو سامان بڻايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان بڻايو آهي ان وڻ کي آزمائش ظالمن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هن (ٿوهر جي وڻ) کي ظالمن لاءِ هڪ آزمائش بڻائي ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّها شَجَرَةٌ تَخرُجُ فى أَصلِ الجَحيمِ (آيت : 64) |
بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هڪڙو وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان اڀري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو هڪ وڻ آهي جيڪو جهنم جي تري مان نڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهو وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان نڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهو وڻ آهي نڪري ٿو دوزخ وچ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو هڪ وڻ آهي جو دوزخ جي تري مان نڪري ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهو هڪ وڻ آهي جيڪو جهنم جي تري مان نڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اصل تري مان آگ جي، سو نڪري وڻ نيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هڪ وڻ آهي، جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو هڪڙو وڻ آهي، جيڪو جهنم جي تري مان ڦـٽي نڪري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي هڪ وڻ آهي جيڪو ڦٽندو ئي آهي دوزخ جي تري منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهو وڻ جھنم جي تري مان ڦُٽي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
طَلعُها كَأَنَّهُ رُءوسُ الشَّيٰطينِ (آيت : 65) |
اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ (جي ميون) جا ڇڳا اهڙا آهن جو ڄڻ ته شيطانن جا مٿا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جون ٽاريون شيطانن جي مٿن جهڙيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان جو ڦر ڄڻ ته نانگن جون ڦيڻون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) گوشا ان جا ڄڻ ته اهي شيطانن جا مٿا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان جو ڦر ڄڻ ته نانگن جون ڦڻيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جا گوشا ائين آهن ڄڻڪ شيطانن جا مٿا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر سِسا شيطانن جا، اُن جا ڏينهان، ڏار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان جون ٽاريون ڄڻ ته شيطانن جون سسيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ جا گوشا (ڇڳا) اهڙا آهن، جهڙا شيطانن جا مٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جا گوشا اهڙا آهن جهڙا مٿا شيطانن جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جون شاخون ايئن آهن جيئن شيطانن جا مٿا هجن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّهُم لَءاكِلونَ مِنها فَمالِـٔونَ مِنهَا البُطونَ (آيت : 66) |
پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً ان وڻ منجهان (ڪوڙو ميوو) هو کائيندا ۽ ان سان پنهنجي پيٽن کي ڀري ڇڏيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ اهي جهنمي ان مان کائيندا پوءِ ان مان اهي پنهنجا پيٽ ڀريندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (دوزخي) ان مان کائيندا ۽ ان مان پيٽ ڀريندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بلاشڪ اهي البته کائيندڙ آهن ان مان پوءِ ڀريندڙ آهن انهن مان پيٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ اهي ان مان کائيندا پوءِ ان مان پيٽن کي ڀريندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ اُهي (دوزخي)ان مان کائيندڙ آهن پوءِ ان مان پيٽن کي ڀريندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوس آهِن اُن مَنجھان، کِيندڙ، سي خوار، پوءِ پيٽ مَنجھاسِ، پُورِئَ طرح ڀَريندڙ بَدڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ دوزخي ضرور ان مان کائيندا ۽ منجهانئس ئي پيٽ ڀريندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جهنم وارا انهيءَ کي کائيندا ۽ انهيءَ سان ئي پيٽ ڀريندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ مان ئي اهي کائيندا دوزخ جا ماڻهو انهيءَ مان ئي اهي پيٽ ڀريندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جھنمي ماڻهو ان مان ئي کائيندا ۽ اُن سان ئي پيٽ ڀريندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنَّ لَهُم عَلَيها لَشَوبًا مِن حَميمٍ (آيت : 67) |
وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اُن جي مٿان هنن کي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو مڪسچر پياريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ انهن لاءِ انهن جي مٿان ٽهڪندڙ پاڻي هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) تي (پيئڻ لاءِ) گرم پاڻيءَ جي ملاوٽ هوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ بلاشڪ انهن جي لاءِ ان تي البته ملاوٽ آهي ٽهڪندڙ گرم پاڻيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) تي گرم پاڻيءَ جي ملاوت هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ انهن لاءِ ان (کاڌي) مٿان ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرِي گَڏ، گَرم سان، اُنهن لئي اوتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري انهن لاءِ ان تي ٽهڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوٽ هوندي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري مٿان پيئڻ لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيشڪ کين ان جي مٿان پيئڻ جي لاءِ ٽهڪندڙ پاڻي ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پوءِ کين ٽچڪيل پاڻي ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ إِنَّ مَرجِعَهُم لَإِلَى الجَحيمِ (آيت : 68) |
وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ يقيناً هنن کي وري دوزخ جي باهه ڏي موٽايو ويندو (ائين وري وري ڪيو ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ بيشڪ انهن جي واپسي يقيناً باه ڏانهن هوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري (کائي پئي) کين دوزخ ڏي موٽڻو پوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ بيشڪ انهن جو موٽڻ آهي دوزخ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري کين دوزخ ڏي موٽڻو پوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وري بيشڪ انهن جي دوزخ ڏانهن واپسي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَرندڙ ڏانهن ٻِيهار، مُقرّر موٽڻ اُنهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي کان پوءِ وري هنن کي دوزخ ڏي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري سندن موٽڻ جهنم جي باهه ڏانهن ئي ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بيشڪ سندن واپسي انهيءَ دوزخ جي باهه ڏي ئي ٿيندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري کين واپس جھنم ڏانھن موٽايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم أَلفَوا ءاباءَهُم ضالّينَ (آيت : 69) |
بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً هنن پنهنجن ابن ڏاڏن کي غلط راهه تي ڏٺو (پر اهو خيال ڪونه ڪيائون ته هو غلط راهه تي آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن پنهنجي پيءُ ڏاڏي کي گمراه لڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ انهن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراھ لڌو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ انهن لڌو ابن ڏاڏن پنهنجن کي گمراهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ انهن پنهنجن ابن ڏاڏن کي مراهه لڌو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي ابن ڏاڏن کي گمراهه لڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُنهن سَندنِ اَبن کي، مُوڙهل لَڌو مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن سندن وڏن کي گمراهه ڏٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي اهي ماڻهو آهن، جن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراهه ڏٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ئي ماڻهو آهن جن پنهنجن ابن ڏاڏن کي گمراهه ڏٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (دنيا ۾) پنھنجي ابن ڏاڏن کي به گمراهه ڏٺو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَهُم عَلىٰ ءاثٰرِهِم يُهرَعونَ (آيت : 70) |
تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو پاڻ به انهن جي نقش قدم تي ڌوڪيندا هلندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي (بغير سوچڻ سمجھڻ جي) انهن جي پويان ڊوڙن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ هي به سندن (قدمن جي) نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اهي انهن جي (پيرن جي) نشانن تي ڊوڙن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ هي به سندن نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هي به انهن جي نشانن تي ڊوڙندا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وَڃن، تَن جي واٽ تي، ڊوڙايا ضرور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان ڪري هو به سندن پيرويءَ تي ڊوڙن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته وري پاڻ به انهن جي ئي پيرن تي ڊوڙندا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن جي ئي نقش قدم تي ڊوڙندا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هي به سندن طريقي تي پويان هلندا رهيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ضَلَّ قَبلَهُم أَكثَرُ الأَوَّلينَ (آيت : 71) |
۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته کانئن اڳي آيل ماڻهن مان گهڻا گمراهه ٿي ويا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهن کان اڳ ۾ اڪثر پهريان گمراه ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ انهن کان اڳ پهرين مان گهڻا گمراھ ٿيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق گمراهه ٿيا انهن کان اڳي گهڻا پهرين مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ انهن کان اڳ پهرين مان گهڻا گمراهه ٿيا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه انهن کان اڳ پهرين ماڻهن مان به گھڻا گمراهه ٿي ويا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ويتر اَ ڳين مان وِرسيا، مَهندتِنيان مَغرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن کان اڳ به اڳين مان گهڻا گمراهه ٿيا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توڻي جو کانئن اڳ گهڻا ئي ماڻهو گمراهه ٿي چڪا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کان گمراهه بيشڪ اڳ ۾ به گهڻا ئي ٿي ويا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه انهن کان اڳ ان طريقي تي هلندي ڪيترائي ماڻهو گمراهه ٿي چڪا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا فيهِم مُنذِرينَ (آيت : 72) |
۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان هنن ۾ خبردار ڪندڙ (پيغمبر) موڪليا. (پر هنن ڌيان ڪونه ڏنو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان انهن ۾ پيغمبر موڪليا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ انهن ۾ (به) اسان ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪلياسون انهن ۾ ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن ۾ (به) اسان ڊيڄاريندڙ موڪليا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انهن ۾ ڊيڄاريندڙ (رسول) موڪليا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَنجھنِ اَسان موڪليا، اِطلاعِي اَهڳور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان انهن ۾ به ڊيڄاريندڙ موڪليا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان منجهن خبردار ڪندڙ (رسول) موڪليا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيترا ئي موڪليا هئا اسان انهن ۾ ڊيڄاريندڙ رسول(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان انهن وٽ ڪيترائي ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) موڪليا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُنذَرينَ (آيت : 73) |
پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو ڏسو ته جن کي خبردار به ڪيو ويو (ته به ڪين مڙيا) تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ڏسو ته جن کي ڊيڄاريو ويو انهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته انهن ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئين ٿي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڏس ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي ڊيڄاريلن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) ڏس ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو انجام ڪيئن ٿيو جيڪي ڊيڄاريا ويا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَس پَڇاڙِي اُنهن جِي، پيئـِي جَن پَرُوڙ، هڪ ٻئي پُٺِئَ هلاڪ ٿيا، دوست! ڪِنهن دستور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڏس ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪهڙ ي ٿي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڏسو، ته جن کي خبردار ڪيو ويو هو تن جي پڇاڙي ڇا ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڏسو ته ڪيئن آهي انهن ڊيڄاريل (ماڻهن جي) پڇاڙي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ڏسي وٺو جن ماڻهن کي ڊيڄاريو ويو هو، تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 74) |
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر الله جا سچا ٻانها (نه رڳو عذاب کان بچيا پر هر طرح ڪامياب ۽ ڪامران رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر اهي الله جا ٻانها جيڪي مخلص آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر خدا جا خالص بندا (محفوظ رهيا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر خالص ٻانها الله جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي پسند ڪيل ٻانهن کانسواءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ الله جي چونڊيل ٻانهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر آجا اَقرضا، گولا ربَّ غفور، هَر صورت ڪنان سُور، صَحِي سلامت، سي رهيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي سچن ٻانهن کان سواءِ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ حشر کان بچي رڳو الله جا اهي بندا ويا، جن کي هن رڳو پاڻ لاءِ پسند ڪري ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ بري پڇاڙي کان بندا الله جا بچي ويا جيڪي خالص هن پنهنجا ڪيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر الله تعالى جي مخلص ٻانهن جي پڇاڙي سٺي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد نادىٰنا نوحٌ فَلَنِعمَ المُجيبونَ (آيت : 75) |
۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته حضرت نوح اسان کي پڪاريو (۽ اسان هن جي پڪار ٻڌي ۽ سندس مدد ڪئي) سو اسان (پڪار ڪندڙن جي) مدد ڪرڻ ۾ ڪهڙا نه چڱا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان کي نوح (پيغمبر) پڪاريو، پوءِ اسين بهترين پڪار ٻڌندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نوح پنهنجي قوم کان نااميد ٿي (بيشڪ اسان کي سڏيو هو ته (ڏسو ته اسان) ڪئين نه هن جو (سڏ) ٻڌو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق سڏيو اسان کي نوح پوءِ البته چڱا قبول ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان کي نوح سڏيو پوءِ (اسين) چڱا سڏ تي پهچندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان کي نوح سڏيو، پوءِ اسان ڪيڏا سٺا فرياد رس آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نبي نُوح اَسان کي،ڪيا سَڏ سُوال، پوءِ وَھ! جا اَسِين واهرُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نوح به اسان کي پڪاريو، پوءِ اسين ته چڱا دعا قبول ڪندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان کان اڳ) اسان کي نوح سڏيو هو ته پوءِ ڏسو، اسان ڪهڙا نه سٺا سڏ ورنائڻ وارا ثابت ٿياسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کي پڪاريو هو نوح پوءِ ڏسو اسان (دعا قبولڻ ۾) ڪهڙا نه سٺا جواب ڏنا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان کي نوح ($) سڏيو. پوءِ اسان (کيس) ڪيڏو نه بھترين جواب ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 76) |
۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن کي ۽ سندس ماڻهن کي وڏي آفت (يعني ٻوڏ) کان بچايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي ۽ سندس پيروي ڪندڙن کي وڏي تڪليف کان نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کيس ۽ سندس گهروارن کي تمام (سخت) مصيبت کان بچايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏايوسون ان کي ۽ ان جي اهل کي مصيبت وڏيءَ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي وڏيءَ گهٻراهٽ کان بچايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي وڏي مُصيبت کان بچايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اُو، ڪِ سَندسِ عيال، وَڏي ڪنان وَبال، آجو رکيو سون اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان کيس ۽ سندس لاڳاپيلن کي وڏيءَ مصيبت کان بچايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان کيس ۽ سندس اهل کي وڏي مونجهاري کان ڇوٽڪارو ڏنو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڪيئن بچايو کيس ۽ سندس اهل کي وڏي تڪليف کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کيس ۽ سندس مڃيندڙن کي هڪ وڏي تڪليف کان بچايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الباقينَ (آيت : 77) |
۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان سندس نسل کي (زمين تي) باقي رکيو (۽ منڪرن کي ٻوڙي ڇڏيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان سندس اولاد کي ئي باقي (هن دنيا تي) رکيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان سندس اولاد کي ئي باقي رهندڙ ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيوسون اولاد ان جو اهي ئي باقي رهندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان سندس اولاد کي ئي باقي رهندڙ ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان سندس نسل کي ئي باقي رهڻ وارو بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ باقِي رکيو سون ڀُون مَٿي، اُنهئ جو اولاد، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندس ئي اولاد کي باقي رهندڙ ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندس نسل کي باقي رکيوسين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رکيوسين سندس نسل کي باقي وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ان جي اولاد کي (انساني نسل جي بقا لاءِ) باقي رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 78) |
۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن جي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هيءَ (دعا) ڇڏي (جا اڄ تائين گهڻيون ئي قومون گهرنديون آهن) ته؛(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان پوين ماڻهن ۾ سندس شهرت رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوءِ اچڻ وارن ۾ (سندس) ساراھ ڇڏيسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏي اسان ان جي (چڱي يادگيري) پونين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پويان اچڻ وارين (امتن) ۾ ان جي تعريف ڇڏي سين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُهڻِي سَندسِ ياد، ڇَڏِيسون پويَن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوين ۾ انهن جي چڱي يادگيري ڇڏي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پويان ايندڙ نسلن ۾ سندس ناماچار ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏي سين کائنس پوءِ سندس تعريف(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان پوين ماڻهن ۾ سندس ياد کي زندهه رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ عَلىٰ نوحٍ فِى العٰلَمينَ (آيت : 79) |
ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀني ماڻهن ۾ يا سڀني جهانن ۾ حضرت نوح تي سلام هجي (يا سلامتي هجي مٿس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اسان جي طرفان) نوح پيغمبر تي سلام آهي جهانن ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نوح تي سڀني جهانن ۾ سلام هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام آهي نوح تي سڀني جهانن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شال نوح تي سڀني جهانن ۾ سلام هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سلام آهي نوح تي سڀني جهانن وارن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَدا سَلام نُوح تي، جُملي مَنجھ جَھان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نوح تي شل سارن جهانن ۾ سلامتي هجي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سلام آهي نوح تي ساري دنيا وارن ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سلام آهي نوح تي ساري دنيا وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) تي هر جھان ۾ سلامتي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 80) |
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙي ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح نيڪوڪارن کي جزاءِ خير ڏيندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙي طرح چڱو بدلو ڏيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسين اهڙي طرح سهڻو بدلو ڏينداسون نيڪوڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪريون چڱايون چڱن سان، اِنهئ پَر اِحسان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين ائين ئي ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙا ئي اجورا ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون نيڪي ڪندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 81) |
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو اسان جي خاص مؤمن بندن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هو اسان جي ايمان وارن بندن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو اسان جي ٻانهن مؤمنن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هوسَندمِ سَچن ٻانهن مان، بي شڪ بي گمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان ئي هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلاشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن بندن مان هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 82) |
وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان ٻين کي ٻوڏ ۾ غرق ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان ٻين کي غرق ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ٻين کي ٻوڙيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ٻوڙي ڇڏيوسون ٻين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ٻين کي ٻوڙيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ٻين کي ٻوڙيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مَنجھ مِهران، ٻوڙيو سون ٻِئَن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري ٻين کي ٻوڙيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي ٽولي (جن نوح تي ايمان نه آندو هو) کي اسان ٻوڙي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ غرق ڪيوسين ٻئي ٽولي کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (ان جي) مخالفن کي اسان غرق ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ مِن شيعَتِهِ لَإِبرٰهيمَ (آيت : 83) |
۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً سندس جماعت مان (يعني سندس طريقي ته هلندڙ) حضرت ابراهيم به هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انجي تابعدارن مان (حضرت) ابراهيم هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن پنهنجي رب ڏانهن (هر عيب کان) پاڪ دل کڻي متوجه ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ ان (نوح) جي پيروي ڪندڙن مان البته ابراهيم هو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ سندس پيروي ڪندڙن مان ابراهيم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ان جي گروهه مان ابراهيم هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اُن جي ڪيڙ مان، حضرت اِبراهيم،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سندس پيروي ڪندڙن مان ابراهيم به هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نوح جي ئي طريقي تي هلندڙ ابراهيم به هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ (نوح جي) طريقي تي هلڻ وارو ابراهيم هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ ابراهيم ($) به ان طريقي تي هلندڙن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ جاءَ رَبَّهُ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 84) |
(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو هن سالم دل سان پنهنجي پروردگار ڏي پنهنجي رخ رکيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت اهو پنهنجي رب وٽ خلوصِ دل سان حاضر ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ...(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن آيو پنهنجي رب وٽ سالم دل سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن پنهنجي پاليندڙ وٽ سالم دل سان آيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُهو پنهنجي پالڻهار وٽ سالم دل سان آيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائـِينءَ سَندسِ واٽ آئيو، جڏهن قلب ساڻ سَلِيم،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو سندس ڌڻيءَ وٽ سالم دل سان آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هو پنهنجي رب وٽ صحيح سالم دل کڻي پهتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن آيو هو اهو پنهنجي رب جي حضور ۾ دل جي گهرائين سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هو پنھنجي پالڻھار وٽ مطمئن دل سان آيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ماذا تَعبُدونَ (آيت : 85) |
(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو هن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کان پڇيو ته، توهان ڇا کي پوڄي رهيا آهيو (هي بت ۽ هي سج چنڊ تارا آهن ڇا؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت ان پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو توهان ڇا جي عبادت ڪريو ٿا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن هن پنهنجي (رسمي) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته: اوهين ڪنهن جي عابدت ڪريو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن فرمايائين پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي ته ڪنهن جي عبادت ڪيو ٿا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيائين ته ڪهڙيءَ شيءَ جي عبادت ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن پنهنجي پيءُ (يعني چاچي) ۽ سندس قوم کي چيائين:” هي ڇا شيون آهن جن جي اوهان پوڄا ڪيو ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجي پئ ۽ پَهر کي، فَرمايو فَهِيم، ته ڪَن جِي ڪندا اهيو، تِيرٿ ۽ تَعظِيم،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندس پيءُ ۽ قوم کي چيائين ”اوهين ڪنهن جي بندگي ڪندا آهيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته "اهي ڇا آهن، جن جي عبادت پيا ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن چيائين پنهنجي پيءُ آذر ۽ پنهنجي قوم کي، توهان ڪنهن جي عبادت پيا ڪريو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته توهان ڪهڙين شين جي پوڄا ۾ لڳا پيا آهيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَئِفكًا ءالِهَةً دونَ اللَّهِ تُريدونَ (آيت : 86) |
الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا ڪوڙ کي پوڄي رهيا آهيو؟ الله کي ڇڏي (ڪوڙن) معبودن (جي پوڄا ڪرڻ) ٿا چاهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان الله تعالى کانسواءِ ڪوڙن بتن جي پوڄا ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا خدا کان سواءِ هٿرادو معبودن کي گهرو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا هٿرادو ٺاهلين معبودن جو الله کان سواءِ ارادو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا الله کانسواءِ هٿرادو معبودن کي گهرو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان بهتان ٻڌي الله کي ڇڏي (باطل) معبودن جو ارادو ڪيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪُوڙِيَن دَرگاهن ۾، آگي ري عَظِيم، رَکو اَمِيدون، آسرا مَن ۾ مُستقِيم؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، الله کانسواءِ ٻين هٿرادو ٺاهيل سائين کي ٿا گهرو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله کي ڇڏي ڪوڙ جا ٺاهيل معبود چاهيو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ڪوڙا ٺاهيل معبود ٿا پوڄيو الله کي ڇڏي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان الله تعالى کان سواءِ هٿرادو معبود چاهيو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما ظَنُّكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 87) |
پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڀلا جهان جي پروردگار جي متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان جو رب العالمين لاءِ ڪهڙو گمان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ساري خدائي جي پالڻهار لاءِ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪهڙو آهي گمان اوهان جو جهانن جي رب سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جهانن جي پاليندڙ بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جهانن جي پالڻهار بابت توهان جو ڇا خيال آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَلا، بي ويساهِي ڪِهڙي، پوءِ آن کي، اي اَثِيم!، قادِر مَنجھ ڪَرِيم، جو پالڻهار پِرٿڻِيِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته پوءِ جهانن جي ڌڻيءَ بابت اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا رب العالمين جي باري ۾ توهان جو ڇا رايو آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر توهان جو ڪهڙو گمان آهي الله رب العالمين ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀني جھانن جي پالڻھار جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَنَظَرَ نَظرَةً فِى النُّجومِ (آيت : 88) |
پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هن تارن ڏي هڪڙي نظر اڇلائي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن هڪ نگاهه سان تارن ۾ ڏٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ هڪ عيد ۾ انهن هلڻ جو چيس) ته ابراهيم ستارن ڏي هڪ نظر ڏٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نظر ڪيائين هڪ ڀيرو تارن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (نجومين وانگر) تارن ۾ هڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هڪ ڀيرو تارن ۾ چِتائي ڏٺائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ تارن ۾ تاثِير جِي، نَبِي ڪَئـِي نِهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ تارن کي هڪڙيءَ نظر سان چتائي ڏٺائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هن تارن ڏي نظر ڪري ڏٺو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن هڪ نظر وڌي تارن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هُن هڪ نظر مٿي تارن تي وڌي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقالَ إِنّى سَقيمٌ (آيت : 89) |
پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چيو ته مان بيمار آهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ چيو ته بيشڪ آئون بيمار ٿيندڙ آهيان پوءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چيائين ته آءُ جلد ئي بيمار ٿيڻ وارو آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چيائين ته بيشڪ مان بيمار آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چيائين ته بيشڪ آءُ بيمار ٿيڻ وارو آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چيائين ته بيشڪ آءٌ بيمار (ٿيڻ وارو) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ٻوليائـِين ٻِيهار، آئون ته اگھو آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ چيائين ”آءُ بيمار آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيائين: "مان چاڪ ناهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو، بيشڪ منهنجي طبيعت خراب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ميلي تي هلڻ کان انڪار ڪندي) چيو ته مان بيمار آهيان (طبيعت ۾ مزو ناهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَوَلَّوا عَنهُ مُدبِرينَ (آيت : 90) |
پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي (بت پرست ۽ نجوم پرست) هن کي پٺي ڏيئي هليا ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (قوم وارا) ان کان منهن موڙي هليا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهي ماڻهو ابراهيم کي پٺ ڏئي ڦريا (ڇڏي ويس) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڦريا ان کان پٺي ڏيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کان پٺ ڏيئي ڦريا (ڇڏي ويا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اُهي ان کان پٺ ڦيري موٽي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن موڙيؤن مُنهن اُن ڪنان، ٿيا پُٺيرا پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي هو کانئس پٺ ڏيئي هليا ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهي ماڻهو کيس ڇڏي هليا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي ماڻهو کيس ڇڏي هليا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنهنڪري (سندس قوم جا ماڻهو) کيس پوئتي ڇڏي هليا ويا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَراغَ إِلىٰ ءالِهَتِهِم فَقالَ أَلا تَأكُلونَ (آيت : 91) |
پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ حضرت ابراهيم سندس معبودن (يعني بتن ڏي) رخ ڪيو ۽ چيو ته ڇا (جيڪي طعام توهان جي اڳيان بت پرستن رکيا آهن سي) کائو ئي نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ماٺ ۾ پاڻ قوم جي بتن ڏانهن موٽيا، پوءِ پاڻ (بتن کي مذاقاً) چوڻ لڳو ته ڇا توهان نٿا کائو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (بس) پوءِ ابراهيم لڪي لڪي سندن معبودن ڏي ويو ۽ (کين طعني سان) چيائين (اوهان جي اڳيان هيترا طعام رکيا آهن) آخر اوهين کائو ڇو ڪين ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لڪ ۾ ويو انهن جي بتن ۾ پوءِ فرمائين ته ڇو نٿا کائو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ لڪي لڪي سندن معبودن ڏي ويو پوءِ چيائين ته اوهين ڇو نه ٿا کائو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ابراهيم) انهن جي معبودن (بتن) وٽ خاموشيءَ سان ويو پوءِ انهن کي چيائين: ”اوهان کائو ڇو نه ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَچِي سَندنِ سانئيَن کي، سامهون ٿيو سُڄاڻ، چي، ڇو نه کائو کاڄ هِي؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن سندن ديوتائن ڏي مهاڙ ڪري چوڻ لڳو کائو نٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هو سندن معبودن منجهه ڪاهي پيو ۽ کين چيائين: "توهان کائو ڇو نه ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي وڃڻ بعد هو چپ چاپ سندن خدائن جي مندر ۾ ويو ۽ چيائين، توهان کائو ڇو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو اُنهن جي بُت خاني ۾ويو ۽ چيو ته (اي بتو!) توهان هي لذيذ کاڌا ڇو نٿا کائو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما لَكُم لا تَنطِقونَ (آيت : 92) |
اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو (جواب ئي نٿا ڏيو ۽) ڳالهايو ئي نٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان ڳالهايو نٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اڙي!) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو به نه ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ٿيو آهي اوهان کي جو نٿا ڳالهايو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو نه ٿا ڳالهايو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو نه ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ نه ڪُڇو ڇا ڪاڻ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا ٿيو اٿوَ، جو ڳالهايو نٿا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ٿيو اَٿوَ، ڳالهايو ڇو نٿا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ٿيو آهي توهان کي، ڳالهايو ڇو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو ڳالهايو به نٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَراغَ عَلَيهِم ضَربًا بِاليَمينِ (آيت : 93) |
پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو هنن ڏي وڌيو ۽ ساڄي هٿ سان (هنن کي) ڌڪ هڻڻ لڳو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڳُجھيءَ طرح ابراهيم انهن (بتن) کي ساڄي هٿ سان سخت ڌڪ هنيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ مٿن وڃي پيو (انهن کي) سڄي هٿ سان ڌڪ هڻڻ لڳو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لڪ ۾ (حملو ڪيائين) انهن تي ڌڪ هڻڻ ۾ سڄي هٿ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مٿن وڃي پيو (انهن کي) سڄي هٿ سان ڌڪ هڻڻ لڳو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (ابراهيم) پوري طاقت سان انهن کي مارڻ (ڀڃڻ) لڳو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سَٽڻ لَڳنِ سامهون، سَڄڻ سَڄي ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ساڄي هٿ سان مٿن ڏاڍا ڌڪ هڻڻ لڳو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ته ڪڙڪي پين ۽ سڄي هٿ سان ڏاڍا ڌڪ هنيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ هو انهن تي ٽٽي پيو ۽ سڄي هٿ سان خوب ڪٽيائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ساڄي هٿ سان انهن (بتن) کي چڱا ڌڪ هنيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَقبَلوا إِلَيهِ يَزِفّونَ (آيت : 94) |
پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي اهي ماڻهو ڊوڙندا آيا ۽ سندس سامهون ٿيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سندس قوم وارا ان ڏانهن ڊوڙي آيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ انهن کي ٽڪر ٽڪر ڪري هڪ وڏي بت جي ڪلهي تي ڪهاڙي رکي ڇڏيائين جڏهن انهن ماڻهن کي خبر پئي ته) پوءِ اهي ان ڏي ڊوڙندا آيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ آيا ان ڏانهن ڊوڙن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهي ان ڏي ڊوڙندا آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ماڻهو ان ڏانهن ڊوڙندا آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا پوءِ اَڄاڻ، سامهون ڊوڙِي سيگھ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي هو به ڏانهس منهن ڪري ڊوڙندا آيا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (موٽي اچڻ تي) اهي ڏانهس ڀڄندا آيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (واپس اچڻ تي) اهي ماڻهو وٽس ڊوڙندا آيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ قوم جا ماڻهو وٽس ڀڄندا آيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَتَعبُدونَ ما تَنحِتونَ (آيت : 95) |
(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم کين چيو ته، ڇا جن کي توهان پاڻ تراشي ٺاهيو آهي تن کي توهان پوڄيو ٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو ڇا توهان انهن (بتن) جي پوڄا ڪريو ٿا جيڪي توهان هٿن سان گھڙيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم چين ته (افسوس) اوهين ماڻهو تن کي پوڄيو ٿا جن کي اوهين پاڻ گهڙي ٺاهيو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائون ته ڇا عبادت ڪيو ٿا انهن جي جن کي هٿن سان گهڙيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته جن کي (پاڻ) گهڙيو ٿا تن جي عبادت ڪريو ٿا ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”ڇا انهن جي پوڄا ڪيو ٿا جن کي پاڻ (هٿن سان) گهڙيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ ڇا، تَن کي پُوڄيو؟ گَھڙيو جَن گُمراھ!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته انهن کي چيائين ”جن کي پاڻ ٿا ٺاهيو، تن جي بندگي ڇو ٿا ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "ڇا توهان پنهنجي ئي گهڙيل شين کي پوڄيو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيائين، توهان پوڄيو ٿا پنهنجي ئي هٿ سان ٺاهيل شين کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراهيم $ ) کين چيو ته توهان جن کي پنھنجي هٿن سان ٺاهيو ٿا وري ويھي انهن جي پوڄا به ڪريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم وَما تَعمَلونَ (آيت : 96) |
ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (توهان ايترو به خيال نٿا ڪيو ته) الله ئي توهان کي خلقيو آهي ۽ جيڪي توهان بنايو ٿا تنهن کي به (ته اصل الله ئي پيدا ڪيو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان کي پيدا ڪيو ۽ ان کي جيڪو توهان عمل ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن اوهان کي ۽ جيڪي اوهين بنايو ٿا تن کي خدا پيدا ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله پيدا ڪيو اوهان کي ۽ جن کي اوهان ٺاهيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوڏانهن اوهان کي ۽ جيڪي اوهين بنايو ٿا تن کي الله پيدا ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) حالانڪه الله توهان کي خلقيو آهي ۽ اوهان جيڪي ڪم ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهان کي اَللهُ، جوڙيو، ۽ جيڪِي ڪَم ڪريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان، خواهه جيڪي ٿا ڪريو، تنهن کي ته پيدا به الله ئي ڪيو آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن الله ئي ته توهان کي به پيدا ڪيو آهي ۽ انهن شين کي به جن کي توهان ٺاهيو جوڙيو ٿا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته الله توهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ انهن کي به جن کي ٺاهيو ٿا توهان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه توهان کي الله تعالى پيدا ڪيو آهي ۽ اُنهن شين کي به، جن کي توهان خود ٺاهيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالُوا ابنوا لَهُ بُنيٰنًا فَأَلقوهُ فِى الجَحيمِ (آيت : 97) |
(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي هو دليل ته ڪونه ڏيئي سگهيا سو وير وٺڻ لاءِ) چيائون ته هن جي لاءِ هڪ کورو ٺاهي تپايو ۽ پوءِ اڇلايوس انهي ڄڀي ڪندڙ باهه ۾.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قوم وارن چيو انهن لاءِ هڪ عمارت تيار ڪريو پوءِ ان کي انهيءَ باه ۾ اڇلايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ٻڌي) انهن چيو ته هن لاءِ (کوري جهڙو هڪ جاءِ) بنايو ۽ کيس (باھ جي آڙاھ ۾) وجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ٺاهيو ان جي لاءِ جاءِ پوءِ اڇلايو ان کي ٻرندڙ باهه ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته ان لاءِ (کوري جهڙي هڪ جاءِ) بنايو. پوءِ کيس (باهه جي) آڙهه ۾ وجهو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ان جي (ساڙڻ) لاءِ هڪ جاءِ (بَـــٺو) بنايو پوءِ ان کي ڀڙڪندڙ باهه ۾ وجهو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جَلد اُن لئي جوڙيو، ڪو کامڻ لئي کُورو، پوءِ اُڇليوسِ آڙاھ ۾، تان سڙي سَمُورو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا، ”ابراهيم لاءِ ڪا جاءِ ٺاهي، پوءِ کيس آڙاهه ۾ اڇليو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن پاڻ ۾ چيو: "هن لاءِ هڪڙو وڏو آڙاهه تيار ڪريو ۽ پوءِ کڻي باهه جي مــَـچ ۾ اڇلايوس" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن (پاڻ ۾) چيو، ٺاهيو هن جي لاءِ هڪ وڏو آڙاهه ۽ انهيءَ مچ ۾ کڻي اڇلايوس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن چيو ته هن جي لاءِ آڙاهه جي جڳھه ٺاهي کيس ٻرندڙ باهه ۾ وجهوس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرادوا بِهِ كَيدًا فَجَعَلنٰهُمُ الأَسفَلينَ (آيت : 98) |
پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مطلب ته هنن سندس خلاف گهڻائي منصوبا رٿيا ۽ اسان هنن کي (ناڪامياب ڪري) خوار ۽ بي ايمان ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ابراهيم لاءِ هڪ رٿ رٿي پوءِ اسان انهن کي ذليل ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن ابراهيم سان مڪاري ڪرڻ گهري ته اسان (باھ کي ٿڌو گلزار ڪري) سندن (ڪنڌ) هيٺ ڪيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اردو ڪيائون ان سان فريب ڪرڻ جو پوءِ ڪيوسون انهن کي هيٺ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انسان بڇڙي تدبير جو ارادو ڪيائون پوءِ اسان کين هيٺ ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن اُن (ابراهيم) لاءِ سازش جو ارادو ڪيو پوءِ اسان انهن کي هيٺاهون (يعني ناڪام) ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَہ پَهيائون پُورو، پوءِ ڪيوسون ڪِريل اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن ته ساڻس فريب جو ارادو ڪيو، پر اسان کين ڪيرائي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هــُـنن ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. پر اسان رهندو کين ئي دسي وڌو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن سندس خلاف تمام سخت قدم پئي کنيو پر اسان کين نوائي وڌو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن هڪ وڏي (بري) چال هلي پر اسان کين ذليل ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ إِنّى ذاهِبٌ إِلىٰ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 99) |
۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت ابراهيم چيو ته، مان پنهنجي وپروردگار ڏي وڃي رهيو آهيان. يقيناً هو مون کي سڌي واٽ تي لڳائيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ابراهيم چيو بيشڪ آئون پنهنجي رب ڏانهن هجرت ڪندڙ آهيان (اهو ئي) مون کي جلد هدايت ڏيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (جڏهن (آذر) ابراهيم کي ڪڍي ڇڏيو ته) چيائين آءُ پنهنجي پروردگار ڏي وڃان ٿو. اهو مون کي رستو لائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمايائين ته بيشڪ مان وڃڻ وارو آهيان پنهنجي رب ڏانهن جلد واٽ ڏيکاريندو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ابراهيم) چيو ته بيشڪ آءُ پنهنجي پاليندڙ ڏي وڃي رهيو آهيان اهو مونکي رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ابراهيم) چيو ته: ”بيشڪ آءٌ (هجرت ڪري) پنهنجي پالڻهار ڏانهن وڃڻ وارو آهيان، اهو ضرور منهنجي رهنمائي ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، آئون لَڏڻو آهيان، پَنهنجي پَروَر پار، ڏيکارِيندمِ ڏاتار، مُلڪ مارُوئڙن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم چيو، ”بيشڪ آءُ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي ويندس، هو ترت ئي مون کي واٽ لڳائيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم چيو: مان پنهنجي رب ڏانهن ٿو وڃان، هو ئي مونکي صحيح دڳ لائيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ابراهيم) چيو آئون ته پنهنجي رب ڏي وڃان ٿو جيڪو منهنجي رهنمائي ڪندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراهيم $ ) چيو ته بس! مان هاڻي پالڻھار جي رستي تي نڪري پوان ٿو. اهو ئي منھنجي رهنمائي ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ هَب لى مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 100) |
اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت ابراهيم دعا گهري ته) اي منهنجا پروردگار! مون کي (اهڙو پٽ) ڏي جو صالحن منجهان هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) ابراهيم عرض ڪيو اي منهنجا رب تون مون کي صالح اولاد عطا ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ عرض ڪيائين) خداوندا! مون کي صالحن مان (ڪو پٽ) بخشي ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا رب! ڏي مون کي صالحن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ! مونکي صالحن مان (ڪو پُٽ) بخشي ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (پوءِ ملڪِ شام ۾ پهچي دعا ڪيائين) اي منهنجا پالڻهار! مون کي هڪ پٽ عطا ڪر جيڪو صالحن مان هجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پَروَر! پُٽ ڏيِينمِ ڪو، صالِحن مان سُڌِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي نيڪن مان، بخش ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) "اي منهنجا رب! مونکي هڪڙو پٽ عطا ڪر، جيڪو صالحن مان هجي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پالڻهار! مون کي پٽڙو عطا ڪر جيڪو صالحن مان هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هُن دعا گهري ته) اي منھنجا پالڻھار! مون کي (اهڙي اولاد) عطا فرماءِ جيڪا نيڪ ماڻهن ۾ شامل هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبَشَّرنٰهُ بِغُلٰمٍ حَليمٍ (آيت : 101) |
پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان هن کي هڪڙي حليم طبع ڇوڪر جي بشارت ڏني.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ان کي هڪ بردبار ۽ عقلمند پٽ (حضرت اسماعيل) جي بشارت ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان کيس هڪ بردبار نينگر (پيدا ٿيڻ) جي خوش خبري ڏني.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ خوشخبري ڏني سون ان کي بردبار پٽ جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان کيس هڪ بردبار ڇوڪري جي خوشخبري ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان کيس وڏي بردبار پُٽ (اسماعيل) جي خوشخري ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ خاصِي ڏِنِيسُونسِ کِير، ڇوڪر کانڌ ڇُڳير جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان کيس هڪ نهٺي ڇوڪر جي مبارڪ ڏني. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ دعا جي موٽ ۾) اسان کيس هڪڙي سٻاجهڙي پٽ جي خوشخبري ڏني (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جواب ۾) اسان کيس خوشخبري ڏني هڪ ڇوڪري بردبار جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان کيس هڪ بُردبار پُٽ جي خوشخبري ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعىَ قالَ يٰبُنَىَّ إِنّى أَرىٰ فِى المَنامِ أَنّى أَذبَحُكَ فَانظُر ماذا تَرىٰ قالَ يٰأَبَتِ افعَل ما تُؤمَرُ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰبِرينَ (آيت : 102) |
پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن (حضرت اسماعيل جوان ٿيو ۽) ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي عمر کي رسيو تڏهن حضرت ابراهيم کيس چيو ته، اي منهنجا (پيارا) پٽ! مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته توکي ذبح ٿو پيو ڪيان (يعني ڪهان ٿو پيو) پوءِ خيال ڪري ٻڌاءِ تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ هن جواب ڏنو تي منهنجا (پيارا) بابا! جيڪو توکي حڪم مليو آهي تنهن جي تعميل ڪري ڇڏ. تون ڏسندين ته انشاءَ الله مان صابر رهندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اهو ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جهڙو ٿيو (جوان ٿيو) (حضرت) ابراهيم چيو اي منهنجا پٽ بيشڪ آئون خواب ۾ ڏسان ٿو ته بيشڪ آئون توکي ذبح ڪريان پيو پوءِ تون ڏس ته تنهنجو رايو ڇا آهي. اسماعيل عرض ڪيو اي منهنجا پيءُ توهان ايئن ڪريو جيئن توهان کي امر ڪيو ويو آهي انشاءالله تعالى عنقريب توهان مون کي صبر ڪندڙن مان لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسماعيل پيءُ سان گڏ ڊوڙڻ (جي عمر) کي پهتو تڏهن (هڪ دفعي) ابراهيم چيس ته : اي منهنجا فرزند! مون خواب ۾ (وحي ذريعي) ڏٺو آهي ته آءُ تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان. پوءِ تون غور ڪر ته تنهنجي صلاح ڇا آهي؟ چيائينس ته اي منهنجا بابا! جو تو کي حڪم ڪيو ٿيو آهي سو (بيڌڙڪ) ڪر! جيڪڏهن خدا گهريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پهتو ان سان گڏ ڊوڙڻ (واري عمر) کي ته فرمايائين اي منهنجا پٽڙا! بيشڪ مان ڏسان پيو ننڊ ۾ ته بيشڪ مان ڪهان ٿو توکي پوءِ ڏس ته ڇا ٿو راءِ ڏين؟ چيائين ته اي منهنجا پيءُ! ڪر جيڪي تون امر ڪيو وڃين ٿو جلد لهندين تون مون کي جيڪڏهن گهريو الله صبر ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان سان گڏ ڊوڙڻ (جي عمر) کي پهتو تڏهن چيائين ته اي منهنجا پٽڙا! بيشڪ آءُ خواب ۾ ڏسان ٿو ته آءُ توکي ڪهان ٿو پوءِ تون ڏس ته تنهنجي صلاح ڇا آهي؟ چيائين ته اي منهنجا پيءٌ! جو توکي حڪم ڪيو وڃي ٿو سو ڪر. جيڪڏهن الله گهريو ته تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن (اهو پٽ) ساڻس گڏ ڊوڙڻ (جي عمر)کي رسيو ته (هڪ ڏينهن ابراهيم) چيو: ”اي منهنجا پٽڙا! بيشڪ آءٌ خواب ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ تو کي ذبح ڪري رهيو آهيان، پوءِ تون ڏس ته تنهنجي صلاح ڇا آهي“؟ (اسماعيل) چيو: ”اي منهنجا پيءُ! اُهو ڪر جنهن جو تو کي حڪم ڏنو ويو آهي، الله گهريو ته جلد ئي تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ساڻسِ ڊُڪ ڊوڙ ۾، رَسيو گل ريحان، چي، مِٺا! مُنهنجا پُٽڙا!، آءٌ خواب لَهان ٿو خان، ته توکي رَبَّ جي راھ ۾، ڪريان پِيو قُربان، ڪاتِئَ هيٺ ڪُسڻ کي؛ جاچ پوءِ جُوان!، چي، بابَل! ڀلي ڪرتون، جِيئن فائـِق جو فرمان، سِگھو لَهندِينمِ صابِرن مان، جي گُھريو رَبَّ، غُفران،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن وقت هو ساڻس گڏ ڊوڙڻ جيڏو ٿيو تڏهن چيائينس ”پٽڙا! مون ننڊ ۾ ڏٺو آهي ته توکي (خدا جي راهه ۾) ڪُهان پيو، هاڻي ويچار ڪر، ته تون ڇا ٿو سمجهين!“ چيائين ”بابا! جيڪو حڪم مليو اٿيئي، سو ڪري ڇڏ. الله گهريو ته تون مون کي ترت ئي صبر ڪندڙ ڏسندين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو (ڇوڪر) جڏهن ساڻس گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ جهڙو ٿيو ته (هڪ ڏينهن) ابراهيم کيس چيو ته "منهنجا پٽـڙا! مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته مان توکي قربان ڪري رهيو آهيان، ٻڌاءِ ته تنهنجو ڇا خيال آهي؟" هن چيو: "منهنجا ابا! جيڪو حڪم توکي ملي رهيو آهي ائين ڪري ڇڏ، جيڪڏهن الله گهريو ته تون مونکي صبر (سان سهڻ) وارن مان ڏسندين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهو ڇوڪر جڏهن ساڻس ڊوڙڻ جي عمر کي پهتو، ته (ابراهيم) کيس چيو، پٽ آءٌ ڏسان پيو خواب ۾ ته بيشڪ آئون توکي ذبح پيو ڪريان، تون ٻڌاءِ، تنهنجو ڇا خيال آهي؟ ان چيو، بابا سائين! ائين ئي ڪريو جيئن توهان کي حڪم ڏنو پيو وڃي، مون کي ڏسندؤ ان شاءَ الله صبر ڪرڻ وارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اهو ڇوڪرو (اسماعيل$ ) وڏو ٿيو ۽ سندس ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندو رهيو ته (هڪ ڏينھن ابراهيم$ ) کيس چيس ته: اي منھنجا پٽڙا! مان خواب ۾ ڏسان ٿو ته توکي ذبح ڪري رهيو آهيان. (سوچي ٻڌاءِ ته) تنھنجو ڇا خيال آهي؟ (ڇوڪري) چيو ته: بابا سائين! توهان کي جيڪو حڪم ٿيو آهي اُن تي عمل ڪري ڇڏيو، ان شاءَ الله تعالى توهان مون کي صبر ڪندڙن مان ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا أَسلَما وَتَلَّهُ لِلجَبينِ (آيت : 103) |
پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ٻئي ڄڻا حڪم جي تابعداريءَ لاءِ تيار ٿيا ۽ پيءُ پٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن ٻئي متفق ٿيا ۽ اسماعيل کي پيشاني ڀر ليٽايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ٻنهي حڪم مڃيو ۽ (ابراهيم) ان کي پيشاني ڀر ليٽايو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن حڪم مڃيائون ۽ ليٽايائين ان کي پيشانيءَ ڀر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ٻنهين حڪم مڃيو ۽ (ابراهيم) ان کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ٻنهين حڪم مڃيو ۽ ان (اسماعيل) کي پيشاني ڀر ليٽايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن جُھڪيا اَمر کي، ٻَئـِي دُولہ دِل و جان، پڻ مِٽ ڀَر مِهربان، ليٽايو تِنهن لال کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن حڪم مڃيائون ۽ هن کيس نراڙ ڀر ليٽايو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن ٻنهي حڪم مڃيو ۽ ابراهيم پٽ کي نرڙ ڀر ليٽايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ٻنهي مڃي ورتو ته (ابراهيم) کيس ليٽايو پيشانيءَ ڀر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن ٻئي تيار ٿي ويا ته (پيء پُٽ کي) اونڌو ڪري ليٽايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنٰدَينٰهُ أَن يٰإِبرٰهيمُ (آيت : 104) |
۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن اسان کيس پڪاري چيو ته، اي ابراهيم (بس، پٽ کي نه ڪهه).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان ندا ڏني ته اي ابراهيم(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن اسان کيس (تيار ڏسي) سڏي چيو ته اي ابراهيم!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڏيو اسان ان کي ته اي ابراهيم! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تڏهن اسان کيس سڏي چيو ته اي ابراهيم! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي سڏيو ته: ”اي ابراهيم!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُنَت سَڏيو سون اُن کي، ته اي اِبراهيم!،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اسان کيس آواز ڏنو ته ”اي ابراهيم! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اسان کيس سڏي چيو: "اي ابراهيم (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اسان آواز ڏنو، اي ابراهيم!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان فوراً ان کي آواز ڏنو ته: اي ابراهيم! (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد صَدَّقتَ الرُّءيا إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 105) |
بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تو خواب سچي ڪري ڏيکاريو (يعني پٽ کي ڪهڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهين ۽ هو به ڪسجڻ لاءِ دل و جان سان تيار آهي. سو اسان اوهان ٻنهي کي دنيا ۽ آخرت ۾ وڏي ڪاميابي ڏينداسين) اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو، بيشڪ اسين نيڪوڪارن کي اهڙيءَ طرح جزاءِ خير ڏيندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو (هاڻي اوهان ٻنهي کي وڏا درجا ملندا) اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق سچو ڪري ڏيکاريو تو خواب بيشڪ اسين اهڙي طرح بدلو ڏينداسون نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تو خواب کي سچو ڪري ڏيکاريو. بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تو خواب سچو ڪري ڏيکاريو، بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سارِي سوڻُو پَنهنجو، تو سَچو ڪيو سَلِيم! ڀَلن ساڻ ڀَلايو، ڪريون اِيئن قَدِيم، . (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، تنهنجو خواب سچو ٿيو، اسين ڀلارن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو بيشڪ خواب سچو ڪري ڏيکاريو، اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙوئي اجورو ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تو سچو ڪري ڏيکاريو خواب، اسان به اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون نيڪي ڪندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تو پنھنجو خواب پورو ڪري ڏيکاريو. بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ البَلٰؤُا۟ المُبينُ (آيت : 106) |
بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اها ظاهرظهور آزمائش هئي، (اسان جي ڪا اها مرضي ڪانه هئي ته پٽ کي ڪهي ڇڏي. اسان کي جانورن يا ماڻهن جو رت ڪونه ٿو کپي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هيءُ صاف آزمائش هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هي پڪ وڏو (سخت) امتحان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ هي البته اها آزمائش چٽي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ هيءَ ئي پڌرو امتحان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اها وڏي پڌري آزمائش هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي اِمتحان عَظِيْم، بِلڪُل وَڏو بارهو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءَ هڪ پڌري آزمائش هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها هڪڙي ڏاڍي پڌري پرک هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اها هڪڙي پرک هئي پڌري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اها هڪ وڏي آزمائش هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفَدَينٰهُ بِذِبحٍ عَظيمٍ (آيت : 107) |
۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هڪ وڏي قربانيءَ جو فديو ڏيئي هن کي (يعني حضرت اسماعيل کي) بچايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان هڪ وڏو سڱن وارو دنبو ان جي فديه (عيوض) ۾ ڏنو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان اسماعيل جو فديو هڪ ذبح عظيم (تمام وڏي قرباني) مقرر ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عوض ڏنو اسان ان جو قربانيءَ وڏيءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪ وڏي قرباني ان جي بدلي ۾ ڏني سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هڪ وڏي قرباني عيوض ۾ ڏئي ان کي بچايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪئـِي سُون قُربانِي وَڏِي، پُٽ سَندسِ جو پارِ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هڪ وڏي جانور کي ڪُهڻ جو بدلو بنايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان هڪڙي وڏيءَ قربانيءَ جي عيوض ان (ڇوڪري) کي ڇڏائي ورتوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان هڪڙي قرباني فديي ۾ ڏئي ان ٻار کي ڇڏائي ورتو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان (ڇوڪري کي بچائڻ جي) بدلي ۾ هڪ وڏي قرباني ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 108) |
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن جي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هيءَ (دعا) ڇڏي ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان پوين ماڻهن ۾ ان جو ذڪرِ خير باقي رکيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏي اسان ان جي (سهڻي يادگيري) پونين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان پوءِ اچڻ وارن ۾ ان جو ذڪر باقي رکيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَڱِي ڇڏيسون اُن جِي، پويَن مَنجھ پَچار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوين ۾ ان جو نالو چڱو ڇڏيوسون-(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سندس ساراهه پويان ايندڙ نسلن ۾ رهائي ڇڏي سون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سندس تعريف ۽ وصف کي پويان ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏيوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سندس ياد کي بعد ۾ ايندڙ ماڻهن ۾ زندهه رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِبرٰهيمَ (آيت : 109) |
ابراھيم تي شال سلام ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سلامتي هجي حضرت ابراهيم تي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان جي طرفان ابراهيم پيغمبر کي سلام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ساري خدائي ۾) ابراهيم تي سلام آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام آهي ابراهيم تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شال ابراهيم تي سلام هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سلام هجي ابراهيم تي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَلام اِبراهِيم تي، وَسن ويرو تار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ابراهيم تي شل سلام هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سلام هجي ابراهيم تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سلام آهي ابراهيم تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراهيم ($) تي سلامتي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 110) |
ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين اهڙيءَ طرح نيڪوڪارن کي جزاءِ خير ڏيندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح بدلو ڏينداسون نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان اهڙي طرح احسان ڪرڻ وارن کي بدلو ڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَلن اِهڙِئَ ڀَت ڏِيون، بَدلا بَرقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ائين ئي ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون اسان نيڪي ڪندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان نيڪوڪارن کي اهڙي طرح ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 111) |
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً هو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو اسان جي خاص مؤمن بندن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ابراهيم اسان جي (خاص) ايماندار بندن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو اسان جن مؤمنن ٻانهن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابِت هو سَچار، مُنهنجي مَڃِيندڙ ٻانهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هو اسان جي ٻانهن مان مؤمن هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَشَّرنٰهُ بِإِسحٰقَ نَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 112) |
۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان حضرت ابراهيم کي (ٻئي پٽ) اسحاق (جي ڄمڻ) جي بشارت ڏني ته هو هڪ صالح نبي ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي (ٻِئي پٽ) (حضرت) اسحاق جي بشارت ڏني جيڪو صالح نبين مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کيس اسحاق (جي) پيدا ٿيڻ جي خوش خبري ڏني جو صالحن مان (هڪ) نبي هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بشارت ڏني سون ان کي اسحاق جي نبي هو صالحن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کيس اسحاق جي خوشخبري ڏني جو صالحن مان (هڪ) نبي هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي اسحاق جي خوشخبري ڏني (اهو به) صالحن مان هڪ نبي هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن کي ڏِنِي سُون اِسحاق جِي، بِشارت بَحال، جو صَحِي صالِحن مان، نَبِي نيڪ نِهال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کيس اسحاق جي مبارڪ ڏني، جو نيڪ ڪمن وارو نبي هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان وري کيس اسحاق جي خوشخبري ڏني، جيڪو به هڪ نبي هو صالحن منجهان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کيس بشارت ڏني سين اسحاق جي، جيڪو نبي هو صالحن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان کيس (ٻئي) پُٽ اسحاق جي خوشخبري ڏني، اهو به نيڪ ماڻهن مان هڪ نبي هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبٰرَكنا عَلَيهِ وَعَلىٰ إِسحٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِما مُحسِنٌ وَظالِمٌ لِنَفسِهِ مُبينٌ (آيت : 113) |
۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان حضرت ابراهيم تي ۽ حضرت اسحاق تي برڪتون ڪيون. انهن جي نسل مان ڪي ته نيڪيون ڪندڙ آهن پر ڪي ظاهرظهور (ظالم آهن ۽) پنهنجي نفس تي ظلم ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان برڪت موڪلي ان تي ۽ اسحاق تي، ۽ انهن ٻنهيءَ جي اولاد مان ڪي محسن، (نيڪوڪار) آهن ۽ ڪي پنهنجي نفسن تي صاف ظلم ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان خود ابراهيم تي ۽ اسحاق تي پنهنجي برڪت نازل ڪئي ۽ انهن ٻنهي جي اولاد مان ڪو نيڪي ڪندڙ ۽ ڪو (نافرماني ڪري) پنهنجي جان تي پڌرو ظلم ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ برڪت وڌي اسان ان تي ۽ اسحاق تي ۽ انهن جي اولاد مان ڪو چڱو آهي ۽ ڪو ظالم آهي پنهنجي نفس تي پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ابراهيم تي ۽ اسحاق تي برڪت ڪئي ۽ انهن ٻنهين جي اولاد مان ڪو نيڪي ڪندڙ آهي ۽ ڪو پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان تي ۽ اسحاق تي برڪت نازل ڪئي. ۽ انهن ٻنهين جي اولاد مان نيڪوڪار به آهن، ۽ پنهنجو پاڻ تي نسورو ناحق ڪندڙ به آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن سان، پڻ اِسحٰق سان، بي حد ڪياسون ڀال، ۽ اُنهن جي اولاد مان، ڪي چڱا چَڱِئَ چال، پڻ پَڌرا پَنهنجي نال، آهِن ڪَندڙ ڪَلُور ڪي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان ابراهيم ۽ اسحاق تي برڪت موڪلي_ ۽ سندن اولاد مان ڪي چڱا آهن ۽ ڪي ته پاڻ تي صفا ظلم ڪندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کيس ۽ اسحاق کي برڪت ڏني سون، هاڻي ته انهن ٻنهي جي پيڙهيءَ مان ڪو نيڪيءَ ۾ اڳرو آهي ته ڪو پنهنجو پاڻ تي ظاهر ظهور ظلم ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ برڪت ڏني سين کيس ۽ اسحاق کي، هاڻي انهن ٻنهي اولاد مان ڪو چڱو آهي ۽ ڪو ظلم ڪندڙ آهي پنهنجي نفس تي ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان ان تي ۽ اسحاق (ؐ) تي برڪت نازل ڪئي ۽ ٻنهي جي نسل مان ڪي نيڪوڪار ماڻهو آهن ته ڪي پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندڙ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد مَنَنّا عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 114) |
۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان موسيٰ ۽ هارون تي وڏو احسان ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) موسيٰ ۽ هارون تي ٿورو ڪيو (نبوت ۽ نعمتون عطا ڪيون)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پڻ اسان موسى ۽ هارون تي (ڪئي) احسان ڪيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق احسان ڪيو اسان موسى ۽ هارون تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون تي احسان ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون (سلام الله عليهما) تي احسان ڪيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى ۽ هارون تي، اسان ڪيا اِحسان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان موسيٰ ۽ هارون تي احسان ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان موسيٰ ۽ هارون تي احسان ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيوسين احسان موسيٰ ۽ هارون تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان موسى ۽ هارون (ؐ) تي احسان ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَجَّينٰهُما وَقَومَهُما مِنَ الكَربِ العَظيمِ (آيت : 115) |
۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻنهي کي ۽ سندن قوم (بني اسرائيل) کي وڏي مصيبت (يعني فرعون جي غلاميءَ ۽ سندس ظلمن) کان ڇڏايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن ٻنهي کي ۽ سندن قوم کي وڏي مصيبت کان نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خود انهن ٻنهي کي ۽ انهن جي قوم کي تمام (سخت) مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏايوسون انهن ٻنهي کي ۽ انهن جي قوم کي ڏک وڏي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻنهين کي ۽ سندن قوم کي وڏي گهٻراهٽ کان بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن ٻنهين کي ۽ سندن قوم کي سخت تڪليف کان بچايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪياسُون وَڏي وَبال کان، آجاٻَئـِي اخوان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کين ۽ سندن قوم کي وڏيءَ مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏنوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇوٽڪارو ڏنو سين انهن ۽ سندن قوم کي وڏي ڪنهن تڪليف کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن کي ۽ سندن قوم کي وڏي تڪليف کان بچايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَصَرنٰهُم فَكانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 116) |
۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان سندس مدد ڪئي جنهن ڪري هو غالب رهيا (۽ مصيبتن کان ڇٽي پيا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن جي مدد فرمائي پوءِ اهي ئي غالب ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (فرعون جي مقابلي ۾) اسان انهن جي مدد ڪئي ته (نيٺ) اهي ئي غالب ٿيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدد ڪئي سون انهن جي پوءِ هئا اهي ئي غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن مدد ڪئي سون پوءِ اهي ئي غالب رهيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جي مدد ڪئي پوءِ اُهي ئي غالب رهيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سوڀ ڏِنِيسونِ، پوءِ ٿيا غالِب بي گُمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندن مدد ڪئي سون، پوءِ اهي غالب رهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن مدد ڪئي سون، جو پوءِ اهي ئي ڪامياب ٿيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کيس مدد (نصرت) عطا ڪئي سين، اهي ئي سوڀارا ٿيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ئي ٻنهي جي مدد ڪئي ته هو غالب ٿيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءاتَينٰهُمَا الكِتٰبَ المُستَبينَ (آيت : 117) |
۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ٻنهي کي اهڙو ڪتاب ڏنو جو حقيقتن کي چٽو ڪري ڏيکارڻ ۾ وڏي مدد ڪندڙ هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن ٻنهيءَ کي روشن ڪتاب (تورات) عطا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن ٻنهي کي پڌرو ڪتاب (توريت) عطا ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏنوسون انهن ٻنهي کي ڪتاب روشن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻنهين کي پڌرو ڪتاب ڏنوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن ٻنهين کي پڌرو ڪتاب (تورات) ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بابن ساڻ بيان، توريت ڏِنوسون، تَن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن کي چٽو ڪتاب ڏنوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کين چٽيءَ طرح سمجهايل ڪتاب عطا ڪيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کين عطا ڪيوسين ڪتاب، چٽو سمجهايل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کين پڌرو ڪتاب ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهَدَينٰهُمَا الصِّرٰطَ المُستَقيمَ (آيت : 118) |
۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ٻنهي کي سڌي راهه ڏيکاري ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن ٻنهيءَ کي صراط مستقيم تي هلايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻنهي کي سڌي راھ جي هدايت ڪئي سون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هدايت ڪئي سون انهن ٻنهي کي سڌي واٽ ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻنهين کي سڌو رستو ڏيکاريوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن ٻنهين کي سڌي واٽ تي هلايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَئـِين سُهائيسون اُنهن کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين سنئينءَ واٽ لڳايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کين سڌو رستو ڏيکاريوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کين ڏيکاري سين بلڪل سڌي راهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کين صفا سڌو رستو ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَكنا عَلَيهِما فِى الءاخِرينَ (آيت : 119) |
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ٻنهي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هي ديا ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سندن تعريف پوين ماڻهن ۾ باقي رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوءِ اچڻ وارن ۾ سندن ذڪر خير ڇڏيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏي سون انهن ٻنهي جي (سٺي يادگيري) پونين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن ٻنهين جي پوين ۾ تعريف ڇڏي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن ٻنهين جي پوين ۾ تعريف باقي ڇڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ نيڪ سَندنِ نام، ۽ باقِي رَکِي سُون بُنياد ۾، قائـِم تاقيام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوين ۾ سندن چڱو نالو ڇڏيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کانئن پوءِ ايندڙ نسلن ۾ سندن تعريف کي قائم رکيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ ريت کي قائم رکيوسين کانئن پوءِ ايندڙ نسلن ۾ (سهڻي نموني ياد ڪرڻ لاءِ)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سندن ياد کي پوين ماڻهن ۾ زندهه رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ عَلىٰ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 120) |
مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ته) موسيٰ ۽ هارون تي سلامتي هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان جي طرفان موسيٰ ۽ هارون پيغمبرن تي سلام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو (هر هنڌ) موسى ۽ هارون تي سلام (ئي سلام) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام آهي موسى ۽ هارون تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شال موسيٰ ۽ هارون تي سلام هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سلام هجي موسى ۽ هارون تي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى مِهتر دوست تي، پڻ هارُون سِر هُمام، آهِن اَسان جي طرف کان، سَدائـِين سَلام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ ۽ هارون تي شل سلام هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سلام هجي موسيٰ ۽ هارون تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سلام آهي موسيٰ ۽ هارون تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ۽ هارون (ؐ) تي سلامتي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙيءَ طرح جزاءِ خير ڏيندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو عطا ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسين اهڙي طرح بدلو ڏينداسون نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي ائين بدلو ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَڱِي ڏِيون چڱن کي، اِنهِئَ پَر اِنعام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ اسين اهڙي طرح ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙو ئي اجورو ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون نيڪوڪارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُما مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 122) |
بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اهي ٻئي اسان جي مؤمن ٻانهن منجهان هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهي ٻَئي اسان جي خاص مؤمن بندن مان هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهي ٻئي اسان جي ايمان وارن عبدن مان هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهي ٻئي اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهي ٻئي اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ٻئي اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَئـِي سَندئون ٻانهن مان، جي وِسهندڙ وَريام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلاشڪ ٻئي اسان جي مؤمن ٻانهن مان ئي هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهي اسان جي مؤمن ٻانهن مان هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اُهي ٻئي اسان جي مؤمن ٻانهن مان هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ إِلياسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً حضرت الياس به هڪڙو رسول هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ (حضرت) الياس رسولن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ الياس البته مرسلن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اِلياس پيغمبرن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ الياس رسولن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اِلياس اِمام، آھِ مُرسلن مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ الياس رسولن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بيشڪ الياس به رسولن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ الياس به پيغمبرن (رسولن) مان هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ الياس ($) به رسولن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لِقَومِهِ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو! هن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چيو ته، (خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن کان) توهان ڊڄو ئي نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت ان پنهنجي قوم کي چيو ڇا توهان خدا جو خوف نٿا ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين (خدا جي عذاب کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيائين پنهنجي قوم کي ته ڇا اوهان نٿا ڊڄو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن پنهنجي قوم کي چيائين ته ڇا اوهين (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن وقت پنهنجي قوم کي چيائين: ”ڇا توهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چَيائـِين پَنهنجِي پَهر کي، ڇو ڪَنبو نَه ڀر قهار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندس قوم کي چيائين ”الله کان ڇو نٿا ڊڄو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر، جڏهن هن پنهنجيءَ قوم کي چيو هو: "ڇا توهان (الله کان) ڊڄو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو هن پنهنجي قوم کي، توهان (الله کان) ڇو نٿا ڊڄو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هن جڏهن پنھنجي قوم کي چيو ته توهان (الله تعالى کان) ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَتَدعونَ بَعلًا وَتَذَرونَ أَحسَنَ الخٰلِقينَ (آيت : 125) |
ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان بعل (سورج ديوتا) کي پڪاريو ٿا ۽ انهيءَ الله کي ڇڏي ٿا ڏيو جو بهترين خالق آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان گابي جي عبادت ڪريو ٿا ۽ توهان احسن الخالقين کي ڇڏيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهين “بعل” (بت) جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ سڀني کا بهتر پيدا ڪرڻ واري کي ڇڏي ڏنو اٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوڄا ڪيو ٿا بعل جي ۽ ڇڏيو ٿا سڀني ٺاهيندڙن کان وڌيڪ سهڻي ٺاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين بعل (نالي بت)کي سڏيو ٿا ۽ سڀني کان چٽي بنائيندڙ کي ڇڏيو ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان بعل (نالي بت) کي پوڄيو ٿا ۽ سڀ کان سهڻي خلقڻهار کي ڇڏيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ گَھڙِي گَھڙِي گھوٽ کي، پُوڪارِيو پينار! ۽ ڇڏيو سَڀنِيا سُهڻو، خالِق خَلقڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهين ”بعل“ کان پيا دعائون گهرو ۽ ان کي ڇڏي ٿا ڏيو جو سڀ کان سٺو خلقيندڙ آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان بعل (بت) کي سڏيندا رهو ٿا ۽ ڀلي ۾ ڀلي خالق کي ڇڏي ڏيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان پڪاريو ٿا بعل کي ۽ بهترين پيدا ڪندڙ خالق کي ڇڏيو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان بھترين خالق کي ڇڏي بَعل (بُت) کي سڏيو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهَ رَبَّكُم وَرَبَّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 126) |
(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ الله کي (وساري ٿا ڇڏيو) جو اوهان جو به پروردگار آهي ۽ اوهان جي اڳوڻن ابن ڏاڏن جو به پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان جو رب ۽ توهان جي پهرين پيءُ ڏاڏن جو رب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان خدا کي جيڪو اوهان جو پروردگار ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو (به) پروردگار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله پنهنجي رب ۽ پنهنجن پهرين ابن ڏاڏن جي رب کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو الله اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ”الله“ جيڪو توهان جو پالڻهار آهي ۽ توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پالڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو اَنهنجو پالڻهار، پڻ اَنهنجي اَڳين اَبن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يعني) الله کي جو، اوهان جو ڌڻي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو ڌڻي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ الله کي، جيڪو توهان جو توڙي توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو به رب آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهيءَ) الله کي جيڪو توهان جو رب ۽ توهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو رب آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه الله تعالى ئي توهان سڀني جو ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبوهُ فَإِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 127) |
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هنن کيس ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو، سو يقيناً اهي (عذاب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو پوءِ بيشڪ اهي ضرور (عذاب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ان کي انهن ڪوڙو ڪيو ۽ اهي ماڻهو (پڪ) دوزخ ۾ گرفتار ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان کي ڪوڙو چيائون پوءِ بيشڪ اهي البته حاضر ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اُنهن ان کي ڪوڙو ڪيو پوءِ بيشڪ اهي حاضر ڪيل هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن (قوم بعلبڪ وارن) ان کي ڪوڙو چيو پوءِ بيشڪ اُهي (عذاب ۾) حاضر ڪيل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيؤن اُن کي، اُهي اَوس گِرفتار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هنن کيس ڪوڙو سمجهيو، ان ڪري اهي به عذاب ۾ حاضر ڪيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انهن کيس ڪوڙو سڏيو، سو هاڻي ته اهي ضرور سزا لاءِ پيش ٿيڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن ڪوڙو چيو هاڻي ته پڪ سان اهي سزا لاءِ پيش ڪيا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن کيس ڪوڙو ڪيو. تنهنڪري اسان انهن سڀني کي عذاب لاءِ حاضر ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 128) |
پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ الله جي سچن ٻانهن جي (جن کي ڪامياب ڪيو ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي الله جا مخلص بندا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر خدا جا خالص عبد (محفوظ رهندا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر الله جا مخلص ٻانها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي پسند ڪيل ٻانهن کان سواءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ الله جي چونڊيل ٻانهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻاجَھون ٻانهن ربَّ جي، جي نِرا، نِج، نِبار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهن جي، جي الله جا سچا بندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي الله جا چونڊي کنيل ٻانها انهن ۾ شامل نه هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ انهن الله جي بندن جي جيڪي چونڊيا ويا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ الله تعالى جي مخلص ٻانهن جي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَرَكنا عَلَيهِ فِى الءاخِرينَ (آيت : 129) |
۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن جي لاءِ پوين پيڙهين ۾ هيءَ دعا ڇڏي (ته)،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان پوين ماڻهن ۾ ان جي تعريف باقي رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان سندن ذڪر خير پوءِ اچڻ وارن ۾ باقي رکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (چڱي ياد) ڇڏي سون ان جي پونين ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان پوين ۾ ان جي تعريف باقي رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چڱِي ڇَڏِيسون اُنهن جِي، پوين مَنجھ پچار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي لاءِ ته اسان به پوين ۾ چڱي ساراهه ڇڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الياس جو به ڀلو نالو اسان پوين ۾ قائم رکيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رکي سين سٺي ياد (الياس جي) باقي پوين نسلن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان سندس ياد کي پوين ماڻهن ۾ باقي رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ عَلىٰ إِل ياسينَ (آيت : 130) |
الياس تي شال سلام ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت الياس تي سلامتي هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان جي طرفان سلام آهي الياس پيغمبر تي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو (هر طرف کان) آل يسين تي سلام (ئي سلام) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام آهي الياس تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شال الياس تي سلام هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سلام آهي الياس تي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِلياسِين تي، سلامَتِي سَهوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الياس تي شل سلام هجي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سلام آهي الياس تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سلام آهي (انهيءَ) الياس تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الياس ($) تي سلامتي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا كَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 131) |
بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان نيڪيون ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين اهڙيءَ طرح نيڪوڪارن کي جزاءِ خير ڏيندا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين پڪ نيڪي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي عوض ڏيندا (ڪندا) آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين اهڙي طرح بدلو ڏينداسون نيڪو ڪارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان احسان ڪرڻ وارن کي اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَلن اِهڙِئَ ڀَت ڏِيون، بَدلا بَرقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ائين ڀلارن کي بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نيڪي ڪرڻ وارن کي ائين اجورا ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون نيڪي ڪندڙن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان نيڪوڪارن کي اهڙوئي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ مِن عِبادِنَا المُؤمِنينَ (آيت : 132) |
بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هڪ هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو اسان جي خاص مؤمن بندن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهو اسان جي (خالص) ايمان دار عبدن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو اسان جي ايمان وارن ٻانهن مان هو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهو اسان جي (ڪامل) ايمان وارن ٻانهن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَچ پَچ آھِ سَچار، مُنهنجن مَڃِيندڙ ٻانهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو بيشڪ اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو اسان جي مؤمن ٻانهن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ لوطًا لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 133) |
۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً حضرت لوط به هڪڙو رسول هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ (حضرت) لوط رسولن مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن ۾ به شڪ نه آهي ته لوط يقيني پيغمبرن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ لوط البته مرسلن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ لوط پيغمبرن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ لوط رسولن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لُوط مَنجھارن مُرسَلِين، ڀَلو آھِ بَحال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ”لوط“ به رسولن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ لوط به انهن ماڻهن مان هو، جيڪي رسول بڻائي موڪليا ويا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ لوط به انهن مان هو جيڪي رسول بڻائي موڪليا ويا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ لوط ($) به رسولن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ نَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 134) |
(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو اسان کيس ۽ سندس سڀني ماڻهن کي (سندن مخالفن کان ۽ ڇپن هيٺ اچي تباهه ٿيڻ کان) بچائي ورتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عذاب وقت اسان ان کي ۽ سندس سڀ گھر وارن کي نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اسان کيس ۽ گهر وارن سڀني کي بچايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڇڏايوسين ان کي ۽ ان جي اهل مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ياد ڪر) جڏهن ان کي ۽ سندس سڀني گهرن وارن کي بچايو سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اسان ان کي ۽ ان جي سڀ گهروارن کي نجات ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ سَڀ سَندسِ آل عيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اسان هن ۽ سندس سڀني لاڳاپيلن کي بچايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر، جڏهن اسان کيس ۽ سندس سمورن گهر وارن کي بچائي ورتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪر اي نبي!) جڏهن اسان بچايو کيس ۽ سندس گهروارن سڀني کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي نجات ڏياري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 135) |
سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ هڪ پوڙهي عورت جي (جا سندس زال هئي) جا پٺتي رهجي ويلن ۾ رهجي پيئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر هڪ پوڙهي جيڪا پوئتي رهيلن مان هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر هڪ (سندس) ٻڏي زال کانسواءِ جا (پٺتي) رهيلن مان ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر هڪ پوڙهي پوئتي رهندڙن مان هئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ ٻڍيءَ زال کانسواءِ جا (پٺتي) رهيلن مان ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ڪراڙي زال جي جا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر پوڙِهي پويَنِ ۾، رَهيل ريزالِي زال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ هڪ پوئتي رهندڙ پوڙهيءَ جي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ هڪڙيءَ پوڙهيءَ جي، جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ هڪ پوڙهيءَ کي جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ پوڙهيءَ جي جيڪا پوئتي رهڻ وارن ۾ شامل هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 136) |
وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (انهن) ٻين کي اسان (پٿرن جي مينهن سان) ناس ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ان کان) پوءِ اسان باقي ماڻهن کي تباھ ۽ برباد ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ هلاڪ ڪيوسين ٻين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان کان) پوءِ ٻين کي برباد ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مِليا ميٽ ٻِئا، ڪياسُون ڪُلال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري ٻين کي ناس ڪيوسون- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي ٻين سڀني کي برباد ڪري ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ باقي مڙني کي ناس ڪري ڇڏيوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باقي سڀني کي صفا تباهه ڪري ڇڏيوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّكُم لَتَمُرّونَ عَلَيهِم مُصبِحينَ (آيت : 137) |
۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً توهان (مڪي جا عرب) ڏينهن جي وقت به انهن جي (کنڊرن) مٿان لنگهندا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ھان! جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مڪي وارو!) بيشڪ اوهان جو مٿن گذر ٿئي ٿو ڪڏهن صبح جو(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ اوهان البته لنگهو پيا انهن تان صبح جي وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اوهان جو مٿن گذر ٿئي ٿو ڪڏهن صبح جو ۽ (ڪڏهن) رات ۾ . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ توهان انهن (جي اجڙيل بستين) تان صبح جي وقت گذرو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهين لَنگھو ٿا اُنهن مَٿان، صُبح، سانجِھي، سال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهين ته انهن جي ڳوٺن وٽان ڏينهن جو لنگهو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ڏينهن جو سندن اُجڙيل وٿاڻن وٽان لنگهندا رهو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ توهان سندن ڦٽل وستين وٽان لنگهندا رهو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي مڪي وارو!) بيشڪ توهان (اُن تباهه ٿيل شھر وٽان) صبح جو به لنگهو ٿا .(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبِالَّيلِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 138) |
۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ رات جي وقت به (لنگهندا آهيو) پوءِ ڇا توهان (انهيءَ واقعي مان ڪجهه) سمجهو ئي نٿا (۽ عبرت ئي نٿا وٺو. افسوس!)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (وري اُھو) چوندو تہ اوھين (بہ دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ڪڏهن) رات ۾، ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رات جو ڇا پوءِ نٿا عقل رکو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اوهين عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ رات جو به. ڇا پوءِ به توهان عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڙا، پَڊ پيمال، پَسِي ڇو نه پَروڙيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ رات جو به، پوءِ ڇو نٿا عقل هلايو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ ڪڏهن) رات جو به، ڇا پوءِ به عقل نه ٿا ڌاريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڏينهن رات، پوءِ ڇا توهان کي عقل نٿو اڇي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ شام جو به لنگهو ٿا. پوءِ به توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ يونُسَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 139) |
۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً حضرت يونس به هڪڙو رسول هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ (حضرت) يونس رسولن مان هو. رسولِ عربي توهان ياد ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ هن ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته يونس به پيغمبرن مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ يونس البته مرسلن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ يونس پيغمبرن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ يونس رسولن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ يُونس مَنجھان مُرسلِين، ڀَلو آھِ بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ ”يونس“ به رسولن مان هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلاشڪ يونس به رسولن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ يونس به رسولن مان هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ يونس ($) به رسولن مان هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ أَبَقَ إِلَى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 140) |
جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو هو (نينوا شهر مان ماڻهن جي مڃڻ بابت نااميد ٿي شهر ڇڏي نڪتو ۽) ڀريل جهاز ڏانهن ڀڳو (۽ ان ۾ چڙهيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت پاڻ ڀريل ٻيڙيءَ ڏانهن نڪتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن (اهو) ڀريل ٻيڙي ڏي ڀڳو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ڀڄي پهتو ٻيڙيءَ ڀريل ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن (هو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏي ڀڳو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اُهو (سوار ٿيڻ لاءِ) ڀريل ٻيڙي ڏانهن ڊوڙيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ڀَڳو ٻيڙِئَ ڀَرِت ڏي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏي ڀڳو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر جڏهن هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏانهن ڀڳو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن ڀڳو هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هو ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن (بغير اجازت) هليو ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَساهَمَ فَكانَ مِنَ المُدحَضينَ (آيت : 141) |
پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هُن ڪُڻن وجهڻ جي قبوليت ڏني (ڪڻا وڌائون جيڪي سندس خلاف ويا ۽) هو قصور وار ٺهرايو ويو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ پاڻ قرعه اندازي (ڪُڻو وجھڻ) ۾ انهن سان شامل ٿيو پوءِ پاڻ ناڪام ٿيو (۽ کين پاڻي ۾ اڇليو ويو)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (ٻيڙي وارن) پکو وڌو ته (سندس ئي نالو نڪتو ۽) يونس مغلوب رهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪڻو وڌائين پوءِ هو ڪڻي ۾ مغلوبن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (ٻيڙيءَ وارن سان) پکُو وڌائين ته خطا وارن مان نڪتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ قُرعه اندازي ۾ شريڪ ٿيو ته اهو هارايلن مان ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ فائـِق وِجھايو فال، ته ٿيو اُن مان پاڻ، پُکو نِڪتو جَنِين نال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پکو وجهرايائين، ته پاڻ پکي پيل ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ڪــُـڻن وجهڻ ۾ شريڪ ٿيو ۽ هارائجي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ پُکن وجهڻ ۾ شريڪ ٿيو ان ۾ هارائي ويٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ٻيڙيءَ وارن جي قرعه اندازي ۾ شريڪ ٿيو پر پاڻ ڦاسي پيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَالتَقَمَهُ الحوتُ وَهُوَ مُليمٌ (آيت : 142) |
پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هڪ مڇي کيس ڳهي ويئي ۽ هن پاڻ کي ڏوهه ڏنو (جو هو خدا جي حڪم کان سواءِ نينوا مان نڪتو هو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ کين وڏي مڇي ڳِهي ڇڏيو پوءِ پاڻ، پاڻ تي پشيمان ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ دريا ۾ ڪري پيو) ته کيس مڇي ڳهي ويئي ته يونس خود (پنهنجي) ملامت ڪري رهيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڳهي وئي ان کي مڇي ۽ اهو ملامت ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مڇي کيس ڳهي ويئي ۽ اهو قابل ملامت هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مڇي ان کي ڳهي وئي ۽ اهو (پنهنجي پاڻ تي) پشيمان رهڻ وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَڇِي ڳِهيو پيٽ ۾، سو نَبِي نيڪ نِهال، ۽ اُهو هُئو جھڙي حال، اوسيڙي، اَرمان ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس مڇي ڳهي ويئي، جو هو ڇينڀ جو لائق هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مڇي ڳهي ويس جو هو ملامت ڪيل هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ کيس ڳهي ورتو مڇي ۽ هو ملامت ٿيل هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻيڙيءَ وارن کيس سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو) پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ هو (پنهنجو پاڻ کي) ملامت ڪري رهيو هو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَولا أَنَّهُ كانَ مِنَ المُسَبِّحينَ (آيت : 143) |
پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن هو (پشيمان نه ٿئي ها ۽) خدا جي پاڪائي ۽ شان بيان نه ڪري ها ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن تحقيق اهو الله جي تسبيح ڪندڙن مان نه هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن (خدا جي) تسبيح ۽ (ذڪر) ڪندڙن مان نه هجي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن نه هجي ها ته تحقيق اهو هو تسبيح پڙهندڙ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن اهو تسبيح چوندڙن مان نه هجي ها، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اهو تسبيح چوڻ وارن مان نه هجي ها،(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي چَوندڙن مان، هُوند نَه هو، پَروَر کي پاڪ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن هو الله جي پاڪائي چوندڙ نه هجي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جيڪڏهن هو تسبيح ڪرڻ وارن مان نه هجي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪڏهن هو نه هجي ها تسبيح ڪندڙن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هو تسبيح ڪرڻ وارن مان نه ٿئي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَلَبِثَ فى بَطنِهِ إِلىٰ يَومِ يُبعَثونَ (آيت : 144) |
ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قيامت تائين ان (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ پيو رهي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته اهو يقيناً مڇيءَ جي پيٽ ۾ قيامت تائين هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڏينهن قيامت تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته البته رهي ها ان جي پيٽ ۾ ان ڏينهن تائين جنهن ۾ اٿاريا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته جنهن ڏينهن ۾ (مئل جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا تنهن ڏينهن تائين ان جي پيٽ ۾ رهي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ان (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ ان ڏينهن تائين رهي ها جڏهن ماڻهو (جيئرا ڪري) اٿاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پِيو اُن جي پيٽ ۾، رهيو غوطن ۾ غمناڪ، تان حشر هولناڪ، جڏهن کَڙا ٿِين سي خاڪ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪر قيامت ڏينهن تائين سندس پيٽ ۾ رهي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته قيامت جي ڏينهن تائين مڇيءَ جي پيٽ ۾ رهي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته رهي ها (ان مڇيءَ جي) پيٽ ۾ ڏينهن قيامت تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته هو ضرور قيامت تائين اُن (مڇيءَ) جي پيٽ ۾ ئي هجي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَنَبَذنٰهُ بِالعَراءِ وَهُوَ سَقيمٌ (آيت : 145) |
پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان هن کي خشڪ ڪناري تي بيمار جهڙي حالت ۾ اڇلائي ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ان کي ميدان ۾ رکرايو ۽ پاڻ جسماني طور عليل هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ کيس اسان (مڇيءَ جي پيٽ مان ڪڍي) هڪ کليل ميدان ۾ اڇليوسون ۽ اهو بيمار ٿي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلايوسون ان کي صاف ميدان ۾ ۽ اهو بيمار هو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ کيس صاف ميدان ۾ اڇليوسون ۽ اهو بيمار هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي (درياءَ ڪناري) کليل ميدان ۾ ڇڏيو ان حال ۾ جو اهو بيمار هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڇليو سون اُن کي، بَر اَندر بِيمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان کيس پٽ تي اڇليو، هو بيمار هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان کيس ڏاڍي بيمار حالت ۾ کڻي هڪڙي برپٽ ۾ اڇلايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ ان کي اڇلايوسين هڪ برپٽ ۾ ۽ سخت بيماريءَ جي حالت ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان کيس (مڇيءَ جي پيٽ مان ڪڍي) ڪمزور حالت ۾ صاف ميدان ۾ پھچايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنبَتنا عَلَيهِ شَجَرَةً مِن يَقطينٍ (آيت : 146) |
۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن جي مٿان هڪڙو ڪدوءَ جي قسم جو پکڙندڙ وڻ ڄمايو ۽ پکيڙيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان ان تي ڪدوءَ جو وڻ (ڇانو وغيره لاءِ) ڦُٽايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان مٿس (ڇانو لاءِ) هڪ ڪدوءَ جو وڻ آڳايوسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڄمايوسون ان تي وڻ ڪدوءَ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مٿس هڪ وڻ ڪدوءَ جي قسم مان ڄمايو سون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان تي ڪدو جو ولدار (ٻُوٽو) ڄمايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَدُو اُپاڙِيوسون اُن مَٿي، وَڻ خاصو خوشگوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري مٿس ڪدوءَ جهڙو وڻ ڄمايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مٿانئس هڪڙو (ولِ جهڙو) جهڳٽيدار ٻوٽو ڦٽايوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مٿانئس (ڪدوءَ جي قسم مان) هڪ ول جهڙي وڻ کي ڦٽايوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان مٿس هڪ وَلِ جو وڻ ڦٽايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَرسَلنٰهُ إِلىٰ مِا۟ئَةِ أَلفٍ أَو يَزيدونَ (آيت : 147) |
۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هن کي (وري نينوا جي) هڪ لک ۽ ڪجهه وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي هڪ لک يا زياده ماڻهن ڏانهن رسول ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (نيٺ) اسان کيس هڪ لک بلڪ (هڪ حساب موجب) وڌيڪ ماڻهن ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ موڪليوسون ان کي هڪ لک ماڻهن يا زياده ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي هڪ لک يا (ان کان) وڌيڪ (ماڻهن) ڏي موڪليوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان کي هڪ لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي مُڪو سونسِ لک ڏي، ڪِ اِنهائـِي اَپار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کيس لک يا وڌيڪ ماڻهن ڏانهن موڪليوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان کيس هڪ لک يا اڃان به وڌيڪ ماڻهن ڏانهن اماڻيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کان پوءِ کيس موڪليوسين هڪ لک يا ان کان به وڌيڪ ماڻهن ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کيس هڪ لک يا ان کان وڌيڪ ماڻهن ڏانھن (وري) موڪليوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَـٔامَنوا فَمَتَّعنٰهُم إِلىٰ حينٍ (آيت : 148) |
پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن ايمان آندو سو اسان به ڪجهه عرصي تائين هنن کي آسودگيءَ واري زندگي نصيب ڪئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ايمان آندو پوءِ اسان انهن کي سندن زندگي تائين نفعو پهچايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن مٿس ايمان آندو پوءِ اسان (به) هڪ مدت تائين کين مزي ۾ رکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ايمان آندائون پوءِ فائدو ڏنوسون انهن کي هڪ وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ايمان آندو پوءِ کين هڪ وقت تائين آسودو رکيو سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن ايمان آندو پوءِ اسان انهن کي هڪ وقت تائين فائدو پهچايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آندائون اِعتبار، پوءِ وَرساياسونِ ڪِنهن وارسِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن مٿس ايمان آندو، ان ڪري انهن کي هڪ وقت تائين فائدو ڏنوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن ايمان آندو ۽ اسان کين ڪنهن عرصي تائين حياتي ماڻڻ ڏني (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن ايمان آندو ۽ کين رکيوسين هڪ خاص وقت تائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن ماڻهن ايمان آندو ۽ اسان کين ڪافي عرصي تائين خوشحال رکيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَفتِهِم أَلِرَبِّكَ البَناتُ وَلَهُمُ البَنونَ (آيت : 149) |
پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) تون هنن (مڪي جي ڪافرن) جي راءِ ته پڇ ته، ڇا تنهنجي پروردگار لاءِ آهن ڌيئرون ۽ توهان جي لاءِ پٽ؟ (يعني توهان ته پٽ ٿا چاهيو ۽ ڌيئرن کي ڌڪاريو ٿا، پوءِ الله جي لاءِ وري ڪيئن ٿا ڌيئرون ٺهرايو؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ رسولِ عربي توهان انهن کان پڇو ته توهان جي رب لاءِ نياڻيون آهن ۽ انهن لاءِ پٽ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي پيغمر) انهن ڪافرن کان (ته) پڇ! ته ڇا اوهان جي پروردگار جون ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پٽ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڇ انهن کان ته ڇا تنهنجي رب جي لاءِ ڌيئرون آهن ۽ انهن جي لاءِ پٽ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) تون انهن (مڪي وارن) کان پڇ ته ڇا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن (مڪي وارن) کان پڇ: ڇا (اها ڳالهه انهن کي لڳي ٿي جو) تنهنجي پالڻهار لاءِ ته هجن نياڻيون ۽ انهن لاءِ هجن پُٽ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُڇينِ، ته تُنهنجي پاڪ ڌَڻِي ڌِييون ڌُيون پاڻ، ۽ اُنهن ڪُفارن ڪاڻ، پوٽا، پُٽ پَسند ڪيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن مشرڪن کان پڇ، ته ”ڇا، اوهان جي ڌڻيءَ لاءِ ڌيئرون آهن ۽ اوهان لاءِ پٽ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ پڇين ته ڇا (اها ڳالهه دل سان لڳين ٿي ته) تنهنجي رب لاءِ ته ڌيئر هجن ۽ انهن لاءِ پٽ هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن ماڻهن کان پڇ، ته ڇا توهان جي رب واسطي هجن ڌيئرون ۽ انهن لاءِ هجن پٽ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن (مڪي وارن) کان پڇا ڪر (ته ڇا توهان لاءِ اهو چوڻ مناسب آهي ته) توهان جي پالڻھار کي ڌيئرون هجن ۽ انهن کي پُٽ هجن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم خَلَقنَا المَلٰئِكَةَ إِنٰثًا وَهُم شٰهِدونَ (آيت : 150) |
يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا (پڇين ته) اسان ملائڪن کي ماديون ڪري خلقيو آهي ڇا؟ توهان (ائين) ڏٺو آهي ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اسان ملائڪن کي مؤنث ڪري پيدا ڪيو ۽ اهي پاڻ (ان تي) گواه آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا (سچ پچ) اسان فرشتن کي زالون ڪري بنايو آهي، ۽ اهي ڏسي رهيا هئا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پيدا ڪيوسون ملائڪن کي عورتون ڪري ۽ اهي حاضر هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجي پاليندڙ لاءِ ڌيئرون آهن ۽ انهن لاءِ پٽ آهن يا اسان ملائڪن کي زالون ڪري بنايو ۽ اهي ڏسي رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اسان ملائڪن کي مادي ڪري خلقيو آهي ۽ هي ان وقت موجود هيا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا مَلڪن کي، مادِيون ڪري، پيدا ڪيو سون پاڻ؟ ۽ اَکِيين ڏِٺااَڄَاڻ، شاهد آهِن، شُوم سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا جڏهن ملائڪن کي عورتون ٿي بنايوسون، تڏهن هو ڏسندڙ هئا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا سچ پچ اسان ملائڪن کي ماديون بڻايو آهي ۽ اِهي اکين ڏٺي ڳالهه ٿا ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا سچ پچ اسان خلقيو آهي ملائڪن کي ڌيئرون ڪري ۽ اهي اکين ڏٺا شاهد آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اسان ملائڪن کي عورتن جي جنس بڻايو آهي؟ ۽ ڇا هي (ان وقت) ڏسي رهيا هئا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلا إِنَّهُم مِن إِفكِهِم لَيَقولونَ (آيت : 151) |
خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏس هو يقيناً هٿرادو ڪوڙ ٺاهي رهيا آهن (ته)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! بيشڪ اهي پنهنجي بهتان سان ضرور چوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خبردار اهي ماڻهو يقينا پنهنجي دلئان هٿرادو ڪوڙ چون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خبردار بيشڪ اهي پنهنجي طرفان بهتان هڻڻ جي ڪري البته چون ٿا ته .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خبردار! بيشڪ اهي پنهنجو هٿراڌو ڪوڙ چون ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) خبردار! بيشڪ اهي پنهنجي بهتان بازي سبب ائين چون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَمجھ ته، سَندنِ ڪُوڙ کان، ٿا چَون اِهڙِي چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خبردار! هو اهو سندن هٿرادو ڪوڙ مان ٿا چون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌو، حقيقت ۾ اهي ته پنهنجو ٺاهيل ڪوڙ هڻي ٿا چون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱيءَ طرح ٻڌو ته بيشڪ اهي اصل ۾ پنهنجي ٺاهيل ڪوڙي ڳالهه چون ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) خبردار! اِهي پنهنجون هٿرادو ڳالهيون ٺاهي رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 152) |
ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ٻار ڄڻيا آهن، يقيناً هو بلڪل ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته الله تعالى کي اولاد آهي ۽ بيشڪ اهي (چوندڙ) يقيناً ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا اولاد وارو يقينا آهي ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله کي اولاد آهي ۽ بلاشڪ اهي البته ڪوڙ هڻندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته الله (اولادکي) ڄڻيو آهي ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته الله اولاد رکي ٿو ۽ بيشڪ اهي ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته پَسند پُٽيلو ڪو ڪيو، مالِڪ بي مثال، ۽ اِهي خام خيال، ڪُوڙا آهن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ” الله جو اولاد آهي“ ،هو پڪ ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته الله کي اولاد آهي، اهي بلڪل ڪوڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اولاد آهي الله کي ۽ بنا شڪ جي اهي ڪوڙا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته الله تعالى کي اولاد آهي. درحقيقت اِهي (وڏا) ڪوڙا ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَصطَفَى البَناتِ عَلَى البَنينَ (آيت : 153) |
پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هن پٽن کان ڌيئرن کي وڌيڪ پسند ڪيو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن ان نياڻين کي پٽن کان بهتر ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پٽن کان ڌيئرن کي پسند ڪيو اٿس؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پسند ڪيائين ڌيئرن کي پٽن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پٽن کان ڌيئرن کي پسند ڪيو اٿس؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا الله پنهنجي لاءِ پٽن جي بجاءِ نياڻين کي پسند ڪيو آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِي ڌُئو ڌِيَن کي، پُٽن مَٿي پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هن پٽن کان ڌيئرن کي وڌيڪ پسند ڪيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا الله پٽن جي ڀيٽ ۾ ڌيئر پسند ڪيون آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا (الله) پنهنجي لاءِ ڌيئرون پسند ڪيون آهن پٽن بدران!(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا (الله تعالى) پنهنجي لاءِ پٽن کان (وڌيڪ) ڌيئرون پسند ڪيون آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما لَكُم كَيفَ تَحكُمونَ (آيت : 154) |
اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان (منڪرن) کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪيئن ٿا اهڙي (غلط) راءِ ڏيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان ڪهڙو فيصلو ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اڙي بدبختو!) اوهان کي ڇا (چريائي) ورتو آهي، جو ويٺي ويٺي) اهڙو فيصلو ڪريو ٿا!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ٿيو آهي اوهان کي ڪيئن ٿا حڪم ڪيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ڪيئن فيصلو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان کي ڇا ٿيو آهي؟ توهان ڪهڙو فيصلو پيا ڪريو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته نِياءُ ڪِيئن نبيريو، ڇا، آهي اوهان ڪاڻ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا ٿيو اٿوَ؟ ڪيئن ٿا فيصلو ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ٿي ويو اٿوَ، ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ٿي ويو آهي توهان کي، ڪهڙا ٿا فيصلا ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڪهڙي قسم جافيصلا ڪريو ٿا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَلا تَذَكَّرونَ (آيت : 155) |
(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ توهان سمجهندؤ يا نه؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اوهين (ايترو به) نه ٿا سوچيو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇو نه ٿا ڌيان ڏيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ ڌيان نه ٿا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان غور نه ٿا ڪيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساڃاءِ سُڄاڻ! پوءِ ڪِنهن پَر ڪِين پِرائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ڌيان ڇو نٿا ڪريو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ڌيان نه ڌاريندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان کي هوش نٿو اچي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخر توهان نصيحت ڇو نٿا وٺو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم لَكُم سُلطٰنٌ مُبينٌ (آيت : 156) |
يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا توهان وٽ ڪا چٽي سند يا دليل به آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان وٽ ڪا واضح حجت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اوهان وٽ (ان جو) ڪو پڌرو دليل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا اوهان جي لاءِ روشن حجت آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا اوهان وٽ ڪا ظاهر ثابتي آهي ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان وٽ ڪو پڌرو دليل آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اوهان وٽ آھِ ڪا، سَنَد برصواب؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا اوهان وٽ ڪا چٽي حجت آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا وري اٿوَ ڪا انهن ڳالهين بابت چٽي ســَـنــَـدَ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا وري توهان وٽ (انهن ڳالهين جي) سَنَدَ واضح آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان وٽ (پنهنجي ڳالهه جو) ڪو پڌرو دليل آهي؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأتوا بِكِتٰبِكُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 157) |
جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان سچا آهيو (۽ ڪا سند اٿوَ) ته ڀلا آڻيو پنهنجو ڪتاب (هنن وٽ ڪا سند يا دليل ته هوئي ڪونه!)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته پوءِ توهان پنهنجو ڪتاب آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته پنهنجو (ڪو اهڙو) ڪتاب پيش ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ آڻيو پنهنجو ڪتاب جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته پوءِ پنهنجو ڪتاب آڻيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته پوءِ توهان پنهنجو ڪتاب آڻيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو اَوهان جو ڪتاب، آهيو سَچا، ته آڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي سچا آهيو ته پنهنجو اهڙو ڪتاب آڻي ڏيکاريو!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آڻيو ڀلا پنهنجو اهو لکيو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پوءِ کڻي اچو اهو ڪتاب پنهنجو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته توهان پنھنجي لکت آڻيو (جنهن ۾ اها ڳالهه لکيل هجي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلوا بَينَهُ وَبَينَ الجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَد عَلِمَتِ الجِنَّةُ إِنَّهُم لَمُحضَرونَ (آيت : 158) |
۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (منڪرن) الله ۽ جنن جي وچ ۾ مائٽي ٺهرائي آهي (يعني چون ٿا ته جن الله تعاليٰ جا مائٽ آهن) پر حقيقت هي آهي ته جنن کي معلوم آهي ته، هو يقيناً (خدا جي اڳيان پڇاڻي لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن مشرڪن الله تعالى ۽ جِنن جي وچ ۾ نسب (مائٽي) قائم ڪئي، ۽ بيشڪ جِنَ ڄاڻن ٿا ته تحقيق اهي يقيناً (حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (ڪافرن) خدا ۽ جنن جي وچ ۾ هڪ (قسم جي) مائٽي مقرر ڪئي آهي.هوڏانهن جن چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته اهي پڪ (قيامت ۾ ماڻهن وانگر) حاضر ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيائون ان (الله) ۽ جنن جي وچ ۾ نسب (جو سلسلو) ۽ البته تحقيق ڄاتو جنن ته بلاشڪ اهي حاضر ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (ڪافرن) الله جي وچ ۾ ۽ جنن جي وچ ۾ هڪ مائٽي مقرر ڪئي آهي ۽ بيشڪ جنن ڄاتو آهي ته کين (حساب لاءِ) ضرور حاضر ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (ڪافرن) الله ۽ جِنَن جي وچ ۾ (به) نسبي رشتو مقرر ڪيو آهي. حالانڪه جِنَن کي معلوم آهي ته اُهي به (حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن ۽ جنن ۾ مائـِٽِي، مُقرّر ڪيائون مُور، ۽ هو هَرگز ڏِيَڻا حاضِري، اِي پَريَن کي پَرُوڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن الله ۽ جنن جي وچ ۾ مائٽي مقرر ڪئي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن الله ۽ ملائڪن جي وچ ۾ مٽي مائٽي گهڙي آهي، حالانڪه ملائڪن کي خبر آهي ته اهي ماڻهو ڏوهاريءَ جي حيثيت ۾ پيش ٿيڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ٺاهي رکي آهي (الله ۽ فرشتن جي) وچ ۾ نسلي رشتيداري، جڏهن ته (ملائڪ) ڄاڻن ٿا ته اهي ماڻهو ڏوهارين جي حيثيت ۾ پيش ٿيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن ماڻهن الله تعالى ۽ ملائڪن جي وچ ۾ نسلي رشتو جوڙي ڇڏيو آهي. حالانڪه ملائڪن کي خوب خبر آهي ته بيشڪ هي سڀ ماڻهو الله تعالى جي آڏو پيش ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُبحٰنَ اللَّهِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 159) |
(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وڏو شان آهي الله جو هو پاڪ آهي انهن ڳالهين کان جيڪي اهي منڪر ساڻس لڳائين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى انهن جي لڳايل وصفن کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو جي ڳالهيون مڙهين ٿا تن کان خدا پاڪ صاف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جي پاڪائي آهي ان کان جو بيان ڪندا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي اهي بيان ڪن ٿا، تنهن کان الله پاڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله انهن ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَروَر تَنِيان پاڪ گھڻو، جيڪي موڳا ڪَن مَذڪور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ جنن کي خبر به آهي ته هو پاڻ به ضرور (عذاب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا. الله سندن انهن بيانن کان پاڪ آهي،(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اهي چون ٿا ته) الله ته پاڪ آهي انهن ڳالهين کان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهي چون ٿا) الله پاڪ آهي انهن ڳالهين کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى (جي ذات) انهن جي بيان ڪيل بيھوده ڳالهين کان پاڪ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 160) |
پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر الله جا سچا ٻانها (ائين ڪونه ٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر الله تعالى جا مخلص بندا (اهي ان کان پري آهن)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر خدا جا خالص عبد (ائين نه ٿا چون) .(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر الله جا خالص ٻانها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي پسند ڪيل ٻانهن کان سواءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ الله جي چونڊيل ٻانهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن اِن کان دُور، سَندمِ ٻانهان سِهتڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي سچن ٻانهن کان سواءِ(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي سندس خاص بندن کان سواءِ ٻيا مٿس ٿـڦن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي سندس خالص بندن کانسواءِ ٻيا الله ڏي منسوب ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ الله تعالى جي مخلص ٻانهن جي (جن الله تعاليٰ ۽ ملائڪن جي وچ ۾ ڪوبه رشتو نه ٺاهيو آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّكُم وَما تَعبُدونَ (آيت : 161) |
پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو يقين آهي ته اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ توهان (مشرڪ) ۽ توهان جا معبود(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪريو ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بيشڪ اوهان ۽ جن جي اوهان عبادت ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ اوهين ۽ (اهي سڀ) جن جي عبادت ڪيو ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ توهان ۽ توهان جن (بتن) جي پوڄا ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين ڪُل، ڪِ ڪريو، جَن جون، زيارتون ضرور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (اي ڪافرو!) اوهين، خواهه اهي، جن جي اوهين بندگي ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان توڙي توهان جا اهي معبود (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو بيشڪ توهان ۽ توهان جا خدا جن جي عبادت ڪريو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان ۽ توهان جا معبود. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَنتُم عَلَيهِ بِفٰتِنينَ (آيت : 162) |
اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪنهن کي به اوهين الله جي باري ۾ گمراهه ڪري نه ٿا سگهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪنهن انسان کي خدا تعالى جي خلاف گمراه ڪري نٿا سگھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ڪنهن کي به) اوهين خدا کان ڦيرائي نه ٿا سگهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه آهيو اوهان ان تي گمراهه ڪرڻ وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ڪنهن کي به) اوهين الله کان ڦيرڻ وارا نه آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان سڀ الله جي خلاف (ڪنهن کي) ڀٽڪائي نه ٿا سگهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَصل نه آهيو اُن وٽان، ڪِنهن کي، مُنجھائـِيندڙ مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سي سڀ فقط انهن کي ئي گمراهه ڪري سگهو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کان ڪنهن کي به ڦيرائي نٿا سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن کي به اوهين (الله کان) ڦيرائي نٿا سگهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن کي به الله تعالى جي رستي کان نٿا ڦيري سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن هُوَ صالِ الجَحيمِ (آيت : 163) |
پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ انهيءَ جي جو (پاڻ گمراهه ٿي) ٻرندڙ باهه ۾ پوڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر ان انسان کي جيڪو باه ۾ پوندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سواءِ ان جي جيڪو دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر ان کي جيڪو اهو پاڻ جهنم ۾ داخل ٿيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سواءِ ان جي جيڪو دوزخ ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ان ماڻهو جي جيڪو دوزخ ۾ ڪِرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر جو مَغرور، آهي ڄيري مَنجھ ڄِراٽڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو دوزخ ۾ پوڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ ان جي جنهن کي ٻرندڙ باهه ۾ پوڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ ان جي جيڪو دوزخ جي ڀڙڪندڙ باهه ۾ وڃڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ ان جي جيڪو جھنم ۾ داخل ٿيڻ وارو هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما مِنّا إِلّا لَهُ مَقامٌ مَعلومٌ (آيت : 164) |
۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (صفن ۾ بيٺل مؤمن يا ملائڪ چون ٿا ته) اسان مان هرهڪ لاءِ بيهڻ جي جاءِ مقرر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ملائڪ چون ٿا اسان مان هر هڪ جو (عبادت لاءِ) مقام معلوم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پڻ فرشتا ۽ امام ته هي چون ٿا ته) اسان مان هر هڪ جو درجو مقرر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اسان مان ڪو مگر ان جي لاءِ معلوم جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ملائڪ چون ٿا ته) اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن لاءِ مقرر جاءِ نه هجي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ملائڪن چيو ته) ”اسان مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن لاءِ مقرر جاءِ نه هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، اَصل اسان ناھِ ڪو، مگر هر هِڪ هارِ، مقرّر آهي ماڳ ڪو، دَرجا ڌارو ڌار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ملائڪ چون ٿا) اسان مان هر ڪنهن جو هنڌ مقرر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان مان هرهڪ جو هنڌ مقرر ٿيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ ملائڪ چون ٿا) اسان جو حال هي آهي جو اسان مان هرهڪ جو مقام مقرر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( ملائڪ چون ٿا ته) اسان سڀني مان هرهڪ جي لاءِ (الڳ الڳ) درجا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا لَنَحنُ الصّافّونَ (آيت : 165) |
۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان (فرض ادائين لاءِ هڪ ٿي) صفن ۾ بيٺا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين (عبادت وقت) صفون ٻڌندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ته بيشڪ (خدا جي عبادت لاءِ) صف ٻڌي بيٺا هوندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ اسان ئي صف ٻڌندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين صفون ٻڌي بيهندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان صفون ٻڌي بيهڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين آهيون فوج جِيئن قطارو قطار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسين صف ٻڌندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ته سدائين خدمت ۾ صفون ٻڌي بيٺل هوندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان خدمت ۾ بيٺل آهيون صفون ٻڌي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسين ته رڳو (حڪم ٻڌڻ لاءِ) صفون ٻڌي (تيار) بيٺل آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا لَنَحنُ المُسَبِّحونَ (آيت : 166) |
۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان (خدا جي راهه ۾) جهاد ڪندڙ آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين الله جي تسبيح ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اسين ته يقينا (سندس) تسبيح پڙهندا ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اسان ئي تسبيح پڙهندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين پاڪائي بيان ڪندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان (الله جي) پاڪائي بيان ڪرڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين وصفون ويرو تار، ڪندڙ رَبَّ ڪَرِيم جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان پاڪائي بيان ڪندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ مشغول هوندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسين تسبيح ڪندڙ آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان (هر وقت) تسبيح بيان ڪرڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كانوا لَيَقولونَ (آيت : 167) |
۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هنن منڪرن ۾) ڪي اهڙا هئا جيڪي چوندا هئا ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ مڪه وارا رسالت جي دور کان اڳ ۾ چوندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيتوڻيڪ اهي ڪافر (اسلام کان اڳ) چوندا هئا ته،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ چوندا هئا ته .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهي (مڪي جا ڪافر) چوندا هئا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهي (مڪي جا مشرڪ پهريائين ) چوندا هئا ته:(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَهند ڏِيندا هُئا مُورهين، اِهي قول قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ڪافر) چوندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو اڳي ته چوندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ماڻهو اڳي ته چوندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هي (مڪي جا ڪافر) ته چوندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَو أَنَّ عِندَنا ذِكرًا مِنَ الأَوَّلينَ (آيت : 168) |
ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اسان وٽ اڳين ماڻهن جو ڪو پيغام ڇڏيل هجي ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته ڪاش جيڪڏهن اسان وٽ پهرين ماڻهن جي ڪا نصيحت پهتل هجي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اسان وٽ به اڳين ماڻهن جو تذڪرو (خدا جي ڪنهن ڪتاب ۾) هجي ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن تحقيق اسان وٽ هجي ها نصيحت پهرين کان ته.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته جيڪڏهن اسان وٽ اڳين جو ڪو ڪتاب هجي ها (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ”هائو جي اسان وٽ اڳين ماڻهن جو ڪو ڪتاب هجي ها!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَصل اسان وٽ جي هُجي، اڳين جو اَذڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”جيڪڏهن اسان وٽ اڳين جو احوال هجي ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيڪر اسان وٽ اهو ڪتاب هجي ها، جيڪو اڳين قومن کي مليو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪر اسان وٽ اهو ذڪر هجي ها جيڪو اڳين (قومن) وٽ هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان وٽ گذريل ماڻهن جو ڪتاب موجود هجي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَكُنّا عِبادَ اللَّهِ المُخلَصينَ (آيت : 169) |
ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته پوءِ سچ پچ اسان خدا جا سچا ٻانها ٿيون ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته اسين يقيناً الله جا مخلص بندا هجون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسين به خدا جا خالص بندا ضرور ٿيون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته هجون ها الله جا خالص ٻانها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ضرور اسين الله جا پسند ڪيل ٻانهان هجون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته اسان به ضرور الله جا پسند ڪيل ٻانها هجون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته اَسِين هُجون، اَلله جا، ٻانهان نِج نِبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ضرور الله جا سچا ٻانها ٿيون ها.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اسان الله جا خاص ٻانها هجون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اسان به ضرور بندا هجون ها خاص الله جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته اسان ضرور الله تعالى جا مخلص ٻانها ٿي وڃون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَفَروا بِهِ فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 170) |
وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هاڻي (جڏهن وٽن قرآن اچي ويو آهي تڏهن) ان کي نٿا مڃين. پر جلد ئي معلوم ڪندا (ته نه مڃڻ جو نتيجو ڇا ٿو ٿئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ان کي نه مڃو پوءِ جلد کين معلوم ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر جڏهن ڪتاب آيو ته) انهن ان کان انڪار ڪيو. خير! جلد ئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ انڪار ڪيائون ان جو پوءِ عنقريب ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان (قرآن) جو انڪار ڪيائون پوءِ (ان جو نتيجو) ڄاڻي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (قرآن) جو انڪار ڪيائون پوءِ (ان جو انجام) جلدي ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُن کان ڪيؤن اِنڪار، پوءِ سَمجِھي وِيندا سِگھڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري (اهو سوچڻ تي) سندس منڪر ٿيا_ پوءِ جلد ئي خبر پوندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر (جڏهن اهو اچي ويو ته) انڪار ڪري ڇڏيائون، هاڻي سگهوئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انڪار ڪيو انهن (جڏهن اهو آيو) سگهوئي سندن عمل جو نتيجو معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن (نصيحت واري ڪتاب جو) انڪار ڪيو. سو کين جلد ئي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد سَبَقَت كَلِمَتُنا لِعِبادِنَا المُرسَلينَ (آيت : 171) |
۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان جو قول اسان جي موڪليل ٻانهن کي اڳ ئي پهچي چڪو آهي ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان جي ڳالهه پنهنجي رسولن لاءِ سچي ثابت ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي خاص بندن پيغمبرن سان اسان جي ڳالھ پڪي ٿي چڪي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق اڳي گذريو اسان جو فرمان اسان جن ٻانهن مرسلن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسانجن ٻانهن پيغمبرن لاءِ اسان جو حڪم ٿي چڪو آهي(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان جو فرمان (يعني وعدو) اسان جي موڪليل ٻانهن (رسولن) لاءِ اڳ ئي ٿي چڪو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنهنجي مُرسل ٻانهن لئي، لِکيو اسان، جو اَنگ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان جي ٻانهن رسولن لاءِ اسان جو وعدو اڳيئي ٿي چڪو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجن موڪليل ٻانهن سان اسان اڳيئي وعدو ڪري چڪا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان وعدو ڪيو آهي پنهنجن موڪليل ٻانهن سان اڳي ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ پنهنجي موڪليل ٻانهن سان اسان پھريائين وعدو ڪري چڪا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم لَهُمُ المَنصورونَ (آيت : 172) |
ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً سندن مدد ڪئي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته بيشڪ انهن جي ئي مدد ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن جي (اسان جي بارگاھ مان) پڪ مدد ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهي ئي مدد ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ اهي فتحمند آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته بيشڪ اُهي ئي مدد ڪيل (۽ فتحمند) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساڻنِ مَددون مَهل تي، جِتي ڪٿي مَنجھ جنگ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هو ”پڪ سان فتح پائيندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ضرور سندن مدد ڪئي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ضرور سندن مدد ڪئي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته انهن جي ضرور مدد ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ جُندَنا لَهُمُ الغٰلِبونَ (آيت : 173) |
۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً اسان جو لشڪر غالب پوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان جو ئي لشڪر غالب ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان جو لشڪر ته پڪ غالب رهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بلاشڪ اسان جا لشڪر البته اهي غالب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب ٿيڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بنادير دَرنگ، فاتِح فوج اسان جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان جو لشڪر ئي غالب ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ضرور اسان جو ئي لشڪر غالب اچڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان جا لشڪر ئي غالب رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 174) |
پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري (اي پيغمبر!) ڪجهه وقت انهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏ. (يعني کين ڇڏي ڏي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن کان ڪنهن وقت تائين پاسو ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون انهن کان هڪ خاص وقت تائين منهن موڙ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ منهن ڦيراءِ انهن کان هڪ وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) تون انهن (ڪافرن) کان هڪ وقت تائين منهن موڙ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون هڪ وقت تائين انهن کان توجهه هٽائي ڇڏ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهن ٽاڻي تائين، تن کان، موڙيو مُنهن مَهندار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري تون ڪجهه وقت تائين کانئن منهن موڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! ڪجهه وقت تائين انهن کي بس ڇڏي ڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) انهن کي ڇڏي ڏي ٿورڙي وقت لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) انهن (ڪافرن) کي ڪجهه وقت سندن حال تي ڇڏي ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَبصِرهُم فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 175) |
۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن کي ڏسندو رهه (ته ڪهڙي ٿي حالت ٿئين) هو به جلد ئي ڏسندا (ته اسان تون غالب ۽ ڪامياب رهندين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن کي ڏيکاريو پوءِ جلد اهي ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏس انهن کي پوءِ جلد پاڻ به ڏسندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ کين ڏسندو رهه پوءِ اهي به (نتيجو) ڏسندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي ڏسندو رهه پوءِ اُهي به جلد (پنهنجو انجام) ڏسندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِس ڏُکيو اُنهن کي، اِهي به ڏِسن آزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين ڏسندو رهه، اُهي به جلد ئي ڏسي رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏسندو رهه، جلد ئي اهي پاڻ به ڏسي وٺندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسندو رهه، اهي پاڻ به ڏسي وٺندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) کين ڏسندو رهه ۽ هي عنقريب (پنهنجو برو) انجام ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 176) |
(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا هنن (سچ پچ) اسان جي عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ لائي ڏني آهي؟ (هو چوندا هئا ته تي عذاب ڪونه ايندو ۽ جيڪڏهن اچڻو آهي ته ڀلا هڪدم اچي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اسان جي عذاب کي تڪڙو گهرن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب جي جلد اچڻ جي گُهر ڪن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اُهي اسان جي عذاب جي لاءِ جلدي مچائن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇو، تڪڙ ڪَن تڪرار، اسان جي عذاب تي ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هي اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ ٿا ڪن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اسان جي عذاب لاءِ ٿا تڪڙ ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اسان جي عذاب لاءِ اهي جلدي پيا ڪن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اهي اسان جي عذاب لاءِ جلدي مچائين ٿا؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا نَزَلَ بِساحَتِهِم فَساءَ صَباحُ المُنذَرينَ (آيت : 177) |
پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جڏهن اهو عذاب سندن اڳيان اچي نازل ٿيندو تڏهن انهن جو صبح ڪهڙو نه خراب ٿيندو جن کي خبردار به ڪيو ويو هو (پر ڌيان ئي ڪونه ڏنائون ۽ پنهنجا عمل نه سڌاريائون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت عذاب سندن اڱڻ تي ايندو پوءِ اهو صبح ڊيڄاريلن لاءِ تمام خراب هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن سندن اڱڻ ۾ (عذاب) لهندو ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن لهندو انهن جي اڱڻ تي پوءِ بري هوندي صبح ڊيڄاريلن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن سندن اٽڻ ۾ (عذاب) لهندو ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن (عذاب) سندن اڱڻ ۾ لهندو پوءِ ته ڊيڄاريلن جو صبح بڇڙو ٿيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَندنِ اڱڻ ۾ اوچتو، آيو جڏهن عَذاب، پوءِ ڏهڪايلن جو، ڏِينهن ٿيو، بُڇرو بي حِساب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن سندن اڱڻن ۾ عذاب لهندو، تڏهن ڊيڄاريلن جو صبح ڏاڍو بڇڙو ٿيندو!- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن اهو اچي سندن اڱڻ ۾ لٿو، ته پوءِ اهو ڏينهن انهن ماڻهن لاءِ جن کي خبردار ڪيو ويو هو، ڏاڍو برو هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اهو ايندو سندن اڱڻ تي ته اهو تمام برو ڏينهن هوندو انهن لاءِ جن کي خبردار ڪيو ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن عذاب انهن جي گهرن جي اڱڻن ۾ ايندو ته اها صبح انهن ڊيڄاريل ماڻهن لاءِ بري ثابت ٿيندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَوَلَّ عَنهُم حَتّىٰ حينٍ (آيت : 178) |
۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن کان ڪنهن وقت تائين پاسو ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمر) تو کانئن هڪ وقت تائين منهن موڙ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ منهن ڦيراءِ انهن کان ڪو وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) تون کانئن هڪ وقت تائين منهن موڙ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انهن کان ٿوري وقت لاءِ توجهه هٽاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن ٽاڻي تائين تَن کان، موڙيو مُنهن مَهتاب،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون ڪجهه وقت تائين کانئن منهن موڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بس ڪو ٿورڙي وقت لاءِ ڇڏي ڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس ڇڏي ڏي انهن کي ٿورڙي مدت جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون انهن کي ڪجهه وقت ڇڏي ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَبصِر فَسَوفَ يُبصِرونَ (آيت : 179) |
۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسندو رهه (ته سندن حالت ڪهڙي ٿي ٿئي) هو به جلد ڏسندا (ته تون ڪامياب ٿيندين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انتطار ڪريو پوءِ جلد اهي ڏسندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڏسندو رھ! پوءِ اهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڏسندو رهه پوءِ جلد (اهي به) ڏسندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڏسندو رهه! پوءِاهي به (پنهنجو نتيجو) ڏسندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي ڏسندو رهه پوءِ اُهي به جلد (پنهنجو انجام) ڏسندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَس تن کي نُور نَواب!، هِي به پَسندا پاڻهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڏسندو رهه، هو به جلد ئي ڏسي رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڏسندو رهه، جلد ئي اهي پاڻيهي ڏسي وٺندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏسندو رهه، پوءِ اهي به پاڻ ڏسي وٺندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! ڏسندو رهه هي ماڻهو عنقريب پنھنجو انجام ڏسي وٺندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُبحٰنَ رَبِّكَ رَبِّ العِزَّةِ عَمّا يَصِفونَ (آيت : 180) |
تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن جو پروردگار وڏي شان وارو آهي ۽ وڏي طاقت ۽ عزت جو مالڪ آهي، هو پاڪ آهي انهن سڀني ڳالهين کان جي اهي ڪافر هن جي متعلق چون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جي رب جي پاڪائي آهي جيڪو رب العزت آهي اُهو انهن جي وصفن کان پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) جيڪي اهي ماڻهو بيان ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پروردگار عزت جو مالڪ پاڪ صاف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪائي آهي تنهنجي رب جي عزت واري (رب) جي ان کان جيڪو بيان ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) جيڪي اهي بيان ڪن ٿا تنهن کان تنهنجو پاليندڙ عزت جو مالڪ پاڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تنهنجو پالڻهار جيڪو عزت جو مالڪ آهي اهو ان کان پاڪ آهي جيڪي اُهي بيان ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَٻر سائـِين تُنهنجو، عِزتدار، اَپار، پَڪ تَن کان پاڪ گھڻو جي ڏِين پَتا ۽ پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجو ڌڻي عزت جو مالڪ انهي کان پاڪ آهي، جيڪي هو ٿا بيان ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پاڪ آهي تنهنجو رب، عزت جو مالڪ، انهن ڳالهين کان جيڪي اهي ٺاهين ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پاڪ آهي تنهنجو رب، عزت جو مالڪ انهن ڳالهين کان جيڪي اهي شخص ٺاهين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجو پالڻھار وڏي عظمت ۽ عزت وارو آهي. انهن ڳالهين کان پاڪ آهي جيڪي هي (ڪافر) بيان ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسَلٰمٌ عَلَى المُرسَلينَ (آيت : 181) |
۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سڀني رسولن تي سلام هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولن تي سلام آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پيغمبرن تي (درود) سلام هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سلام آهي مرسلن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پيغمبرن تي سلام هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (سڀ) رسولن تي سلام هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿي مِڙنِي مُرسَلِين، سَلامتي سَهوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ رسولن تي شل سلامتي هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سلام هجي رسولن تي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سلام آهي رسولن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سڀني رسولن تي سلامتي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالحَمدُ لِلَّهِ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 182) |
۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو سڄي جهان جو پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو رب آهي جهانن جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سڀ ساراھ خدا جي لاءِ آهي جو سموري جهان جو پالڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سڀ ساراهه ثابت آهي الله جهانن جي رب جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو جهانن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهن هِڪ اَلله لئي، هَردَم حَمد هزار، جو پَروَر پالڻهار، جُملي جھانن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪا واکاڻ جهانن جي ڌڻيءَ کي ئي جڳائي ٿي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ساري تعريف الله جهانن جي پالڻهار لاءِ ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سموري تعريف الله رب العالمين لاءِ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ آهن جيڪو سڀني جھانن جو پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |