توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يس (آيت : 1) |
اي پيغمبر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياسين (اي انسان، اي پيغمبر!)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يٰسۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يس(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) یٰسٓ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يٰسٓ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ياسين (هي حروف مقطعات آهن هن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول (ﷺ) ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سيني صاف يٰسٓ! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا- سين- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يٰسٓ ( يا ـ سين) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا ــ سين(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالقُرءانِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
(ھن) حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي قرآن جيڪو حڪمت سان ڀريو پيو آهي، سو شاهد آهي (۽ ڏيکاري ٿو ته)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي قرآن حڪيم جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قسم آهي حڪمت سان پر ٿيل (هن) قرآن جو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي قرآن ڪريم حڪيم جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) قسم آهي حڪمت واري قرآن جو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) قسم آهي حڪمت واري قرآن جو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قَسم قُرآن ڪَرِيم جو، جو حُڪمن ۽ حِڪمت سان ڀَريل بِاليقين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ڏاهپ ڀريل قرآن شاهد آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قسم آهي حڪمت ڀرئي قرآن جو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قسم آهي قرآن حڪمت ڀرئي جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قسم آهي حڪمت واري قرآن جو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّكَ لَمِنَ المُرسَلينَ (آيت : 3) |
ته بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ تون موڪليل يعني پيغمبرن مان هڪڙو پيغمبر آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان (اي رسولِ عربي) سچن رسولن مان آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته) اي رسول! تون بلا شڪ يقيني پيغمبرن مان آهين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ تون البته مرسلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته بيشڪ تون رسولن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تون رسولن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسلن مان مُورهِين، آهين تون امين! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته تون پڪ سان رسول آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته تون بيشڪ رسولن مان آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون بيشڪ آهين رسولن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته بيشڪ توهان رسولن مان آهيو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 4) |
(بيشڪ تون) سڌي واٽ تي آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽) سڌي واٽ تي (گامزن) آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان بلڪل سڌي رستي تي آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پڻ دين جي بلڪل) سڌي رستي تي (ثابت قدم) آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڌي واٽ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڌي رستي تي (آهين). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون سڌي رستي تي (قائم) آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سِڌِي سَنئـِينءَ واٽ تي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سنيئن واٽ تي آهين- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڌيءَ واٽ تي آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آهين واٽ سڌي تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان) بلڪل سڌي رستي تي آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزيلَ العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 5) |
(الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو قرآن) انهيءَ وٽان نازل ٿيل آهي جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قرآن ڪريم الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو وڏي مهربان (۽) غالب (خدا) جو نازل ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (قرآن جو) نازل ڪرڻ غالب، مهربان وٽان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زبردست (۽) نهايت رحم واري (ان کي) نازل ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) وڏي عزت واري ٻاجهاري (الله) جو نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي اُتارا، آئـِين، سَٻاجھي سَٻر ڪنان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو غالب مهربان وٽان لٿل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ هيءُ قرآن) زبردست ۽ رحم ڪندڙ هستيءَ جو نازل ڪيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هي قرآن) نازل ڪيل آهي غالب ٻاجهاري هستيءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ هي قرآن) نهايت زبردست ۽ وڏي رحم ڪندڙ (هستي) جي طرفان نازل ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِتُنذِرَ قَومًا ما أُنذِرَ ءاباؤُهُم فَهُم غٰفِلونَ (آيت : 6) |
(ھن لاءِ) ته اھڙي قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نه ڊيڄاريا ويا آھن تنھنڪري اُھي بي خبر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ اهو قرآن جو نازل ڪيو آهي سو) هن لاءِ ته تون انهن (عرب جي) ماڻهن کي خبردار ڪرين جن جا ابا ڏاڏا خبردار ڪونه ڪيا ويا هئا، سو اهي (حقيقتن کان) غافل آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته توهان انهيءَ (قرآن ڪريم) سان ان قوم کي (عذاب کان) ڊيڄاريو جن جي وڏن کي به نه ڊيڄاريو ويو پوءِ اهي غافل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي (تو کان) اڳ ڪنهين پيغمبر جي ذريعي خدا جي عذاب کان) نه ڊيڄاريو ويو آهي، تنهنڪري اهي بيخبر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه ڊيڄاريا ويا ابا ڏاڏا انهن جا پوءِ اهي غافل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو آهي تنهنڪري اهي بي خبرآهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو هيو پوءِ اُهي غافل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڏيئين تَن تَلقِين، اَڳي اَبا جِنهن قوم جا، وِياڪنبايا ڪِين،آهِن پوءِاِن ڪري، غافِل سي غمگِين،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين، جن جا وڏا نه ڊيڄاريا ويا هئا، تنهن ڪري غافل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن تون خبردار ڪرين هڪڙيءَ اهڙيءَ قوم کي جن جا ابا ڏاڏا خبردار نه ڪيا ويا هئا، جنهن ڪري اهي غفلت ۾ پيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن خبردار ڪرين اهڙيءَ قوم کي جيڪي خبردار نه ڪيا ويا هئا سندس ابا ڏاڏا، پوءِ اهي غفلت ۾ پيل هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن اهڙن ماڻهن کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو هو. تنھن ڪري هُو غفلت ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد حَقَّ القَولُ عَلىٰ أَكثَرِهِم فَهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 7) |
بيشڪ انھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه ٿا آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن مان گهڻن جي باري ۾ اهو قول سچو ثابت ٿيو آهي، (ته خود غرض ۽ تڪبر ۽ ضد ڪندڙ ماڻهو حق جي ڳالهه ٻڌندائي ڪين) سو اهي ماڻهو ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهن مان گھڻن تي تقديرِ الاهي ثابت ٿي چڪي آهي پوءِ اهي ايمان نه آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن مان گهڻن تي ته (عذاب جون) ڳالهيون پڪ بلڪل سچيون ثابت ٿيون آهن اهي ماڻهو ته ايمان نه آڻيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق ثابت ٿيو قول انهن مان گهڻن تي پوءِ اهي ايمان نه ٿا آڻين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ انهن مان گهڻن تي (عذاب جو) قول ثابت ٿيو آهي تنهنڪري اهي ايمان نه آڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ انهن مان گهڻن ماڻهن تي فرمان (سچو) ثابت ٿي چڪو آهي سو اُهي ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿئـي جَجھن تي، جَن مَنجھان، ثابت سزا سَنگِين، رکن ڪِين يَقِين، اُهي اَنڌا اِن آڌار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، انهن مان گهڻن تي عذاب جو قول لازم ٿيل آهي، ان ڪري اهي ايمان نه آڻيندا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان گهڻا ماڻهو عذاب جا حقدار ٿي چڪا آهن، ان ڪري اهي ايمان نٿا آڻين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق حقدار ٿي چڪا آهن عذاب جي فيصلي جا گهڻا ماڻهو انهن مان، تنهن ڪري هو نٿا آڻين ايمان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ انهن ماڻهن مان گهڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿي چڪو آهي، تنھنڪري هي ماڻهو ايمان ئي نه آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا جَعَلنا فى أَعنٰقِهِم أَغلٰلًا فَهِىَ إِلَى الأَذقانِ فَهُم مُقمَحونَ (آيت : 8) |
بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿن تنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ اسان (سندن ضد سببان) سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جي سندن کاڏين تائين پهتل آهن. تنهن ڪري هنن جا مٿا مٿي ٿي پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان انهن جي ڪنڌن ۾ ڳرٽ وجھرايا آهن پوءِ اهي کاڄين تائين انهيءَ ۾ جڪڙيل آهن پوءِ اهي ڪنڌ هيٺ ڪري نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ طوق وڌا آهن ۽ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن (جنهن ڪري) اهي ڪنڌ مٿي کنيل اٿن (ڪنڌ هيٺ ڪري نٿا سگهن)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان وڌا ڳچين انهن جي ۾ ڳٽ پوءِ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن پوءِ اهي ڳاٽي ٽنگيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ طوق وڌا آهن پوءِ اهي کاڏين تائين (پيل) اٿن پوءِ اهي (ڄڻ ته) ڳاٽي ٽنگيل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن پوءِ اُهي کاڏين تائين (جڪڙيل) آهن سو اهي مٿو مٿي ڪيل آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪياسون سَندنِ ڪَنڌن ۾، بيشڪ بارِي بند، تِڏيَن تائـِين تاڙسي، پوءِ ڪَشَيل اُنهن جا ڪنڌ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ بنائي ڇڏيا آهن، جي کاڏين تائين آهن؛ ان ڪري هو ڳاٽي ٽنگيل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان سندن ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن، جيڪي کاڏين تائين پيل اٿن، جنهن ڪري هو ڳاٽي ٽنگيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان وجهي ڇڏيا آهن انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ جن سان اهي کاڏين تائين جڪڙيل آهن، ان ڪري سندن ڪنڌ مٿي آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان اهڙن ماڻهن جي ڳچين ۾ ٽوڙها وجهي ڇڏيا آهن جيڪي (انهن جي) کاڏين تائين پيل آهن. تنھنڪري انهن جا ڪنڌَ (ڪڏهن به) نه جهڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا مِن بَينِ أَيديهِم سَدًّا وَمِن خَلفِهِم سَدًّا فَأَغشَينٰهُم فَهُم لا يُبصِرونَ (آيت : 9) |
۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (به) اوٽ ڪئي سون پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نه ڏسندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن جي اڳيان به هڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي ۽ سندن پٺيان به هڪ ديوار کڙي ڪري ڇڏي آهي، (جنهن ڪري هو اڳتي يا پٺتي وڃي نٿا سگهن) ان کان سواءِ اسان هنن تي پردو وجهي ڍڪي ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هو ڪجهه به ڏسي نٿا سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن (ڪافرن) جي اڳيان ۽ پويان رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن، پوءِ اسان انهن جي نگاهن تي پردا وڌا آهن پوءِ اهي ڏسي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان هڪ آڙ سندن اڳيان ۽ هڪ آڙ سندن پويان ڪئي آهي ۽ وري کين ڍڪي ڇڏيو آهي تنهن ڪري اهي نٿا ڏسي سگهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪئي اسان اڳيان انهن جي اوٽ ۽ پويان انهن جي اوٽ پوءِ ڍڪيو اسان انهن کي پوءِ اهي نه ٿا ڏسن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان هڪ آڙ سندن اڳيان ۽ هڪ آڙ سندن پويان ڪئي آهي پوءِ اسان کين ڍڪيو آهي تنهن ڪري اُهي نه ڏسندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن جي اڳيان کان هڪ ڀت ۽ انهن جي پويان کان به هڪ ڀت بنائي آهي پوءِ اسان انهن (جي اکين) تي پردو وڌو آهي، سو انهن کي ڪجھه نه ٿو نظر اچي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اڳيان، پويان اُنهن جي، ٻَڌِي ڇَڏي سون ٻَنڌ، پوءِ چاڙهيو سونِ، چوڌارکان، مَٿنِ اُونداهي اَنڌ، پوءِ ويجھو پَري پَنڌ، اُهي نه ڏِسن، ڪجھ ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان سندن اڳيان به آڙ ڪري ڇڏي آهي، سندن پٺيان به آڙ آهي، ان ڪري کين ڍڪي ڇڏيو اٿئون، جو هو ڪجهه به نه ڏسندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هڪڙي اَڙَ سندن اڳيان ۽ هڪڙي اَڙَ سندن پٺيان ڏئي ڇڏي آهي. ائين اسان کين ڍڪي ڇڏيو آهي جو ڪجهه به ڏسي نٿا سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيهاري آهي اسان سندن اڳيان هڪ ڀت ۽ هڪڙي پٺيان ڀت، (جنهن سان) کين ڍڪي ڇڏيو آهي، پوءِ انهن کي (هاڻي) نٿو ڪجهه نظر اچي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن جي اڳيان ۽ پويان هڪ ڀت بيھاري ڇڏي آهي، ۽ انهن کي ڍڪي ڇڏيو آهي تنهنڪري هو (سڌو رستو) نه ڏسي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسَواءٌ عَلَيهِم ءَأَنذَرتَهُم أَم لَم تُنذِرهُم لا يُؤمِنونَ (آيت : 10) |
۽ کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه آڻيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون هنن کي خبردار ڪرين يا نه ڪرين هنن لاءِ ساڳي ڳالهه آهي ته هو ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ برابر آهي انهن لاءِ توهان انهن کي ڊيڄاريو يا نه ڊيڄاريو اهي ايمان نه آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) انهن لاءِ (هيءَ ڳالھ) هڪجهڙي آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اهي (ڪڏهن به) ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ برابر آهي انهن لاءِ ڊيڄاريو انهن کي يا نه ڊيڄاريو انهن کي ايمان نه آڻيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) انهن لاءِ (هيءَ ڳالهه) هڪ جهڙي آهي ته تون کين ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ايمان نه آڻيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن لاءِ برابر آهي تون انهن کي ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين اُهي ايمان نه آڻيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِڪ جِھڙو اُنهن جي حَق ۾، اي اونهان، سُرت سُڄاڻ! ڪرِين، نه ڪرِين ڄاڻ، ته به مُورک نه مَڃيِن مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون هنن کي ڊيڄارين خواهه نه ڊيڄارين، ڳالهه ساڳي آهي، هو ايمان نه آڻيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) انهن لاءِ برابر آهي جو تون کين خبردار ڪرين يا نه ڪرين، ايمان نه آڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ برابر آهي انهن لاءِ جو تون کين خبردار ڪرين يا نه ڪرين، نه آڻيندا (اهي) ايمان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هاڻي کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين ڳالهه برابر آهي، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكرَ وَخَشِىَ الرَّحمٰنَ بِالغَيبِ فَبَشِّرهُ بِمَغفِرَةٍ وَأَجرٍ كَريمٍ (آيت : 11) |
تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، ته پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون فقط انهن کي خبردار ڪري ٿو سگهين جيڪي نصيحت تي هلڻ وارا آهن ۽ جيڪي اڻ ڏٺي رحمان خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄڻ وارا آهن. سو هنن کي بخشش جي ۽ وڏي شاندار اجر جي بشارت پهچاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جو ڊيڄارڻ ته ان کي نفعو ڏئي ٿو جيڪو قرآن ڪريم جي تابعداري ڪري ٿو ۽ بنا ڏٺي الله تعالى جو خوف ڪري ٿو. پوءِ اهڙي شخص کي مغفرت ۽ اجر عظيم جي بشارت ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون ته رڳو ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو جو نصيحت مڃي ۽ ڏسڻ کان سواءِ خدا جو خوف رکي ته تون ان کي (گناهن جي) معافي ۽ هڪ باعزت (۽) آبرو واري اجر جي خوش خبري ٻڌائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان ته رڳو ان کي ڊيڄاريو ٿا جنهن اتباع ڪئي نصيحت جي ۽ ڊڄي ٿو رحمٰن کان اڻ ڏٺو پوءِ ان کي بشارت ڏي مغفرت جي ۽ اجر عزت واري جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون رڳو ان کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي هلندو ۽ وڏي مهربان (الله) کان اڻ ڏٺي ڊڄندو پوءِ تون ان کي معافي ۽ چٽي اجر جي خوشخبري ٻڌاءِ . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون صرف ان ماڻهو کي ڊيڄارين ٿو جنهن نصيحت جي پيروي ڪئي ۽ وڏي مهربان کان اڻ ڏٺي ڊنو، پوءِ تون ان کي بخشش ۽ وڏي اجر جي خوشخبري ڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون ڊِيڄارين تنهن کي، جو حُڪمن تي هَلي، ۽ ڌاري ڊَپ ڌنئ جو، پَر پُٺ پاڻ پَلي، پوءِ ڏي بِشارت ڀَلي، مِره ۽ موچارِي مِهر جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون انهي شخص کي ڊيڄاري سگهندين، جيڪو نصيحت تي هلي ۽ ٻاجهاري کان پرپٺ ڊڄي_ ته اهڙي کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي مبارڪ ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون ته ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو، جيڪو نصيحت تي هلي ۽ بنا ڏسڻ جي رحمان کان ڊڄي. انهيءَ کي گناهن کان معافي ۽ ڀلي اجر جي خوشخبري ڏيئي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تون ڪري سگهين ٿو ان شخص کي خبردار جيڪو پيروي ڪري نصيحت جي ۽ ڊڄي رحمٰن کان (اهو) اڻ ڏٺو آهي، پوءِ خوشخبري ڏي ان کي بخشش ۽ اجر وڏي کان وڏي جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تون اهڙي ماڻهوءَ کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪو نصيحت تي ڌيان ڏي ۽ الله تعالى کان اڻ ڏٺي ڊڄندو رهي، پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي معافي ۽ بھترين بدلي جي خوشخبري ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا نَحنُ نُحىِ المَوتىٰ وَنَكتُبُ ما قَدَّموا وَءاثٰرَهُم وَكُلَّ شَيءٍ أَحصَينٰهُ فى إِمامٍ مُبينٍ (آيت : 12) |
بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شيء کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان مئلن کي جيئرو ڪنداسين، جيڪي (عمل) هو اڳتي موڪلين ٿا ۽ جيڪي اثر هو پٺتي ڇڏين ٿا سي سڀ لکندا وڃون ٿا ۽ سڀ ڳالهيون اسان هڪ چٽي ڪتاب ۾ شمار ۾ آنديون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسين ئي مئلن کي جيئرو ڪنداسين ۽ اسين سندن نيڪ ۽ برا عمل لکون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي لوحِ محفوظ ۾ لکرايو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان ئي پڪ مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي ڪم اڳي ڪري چڪا آهن (تن کي) ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم ڇڏيل تن) نشانين کي به لکندا رهون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي هڪ ظاهر کليل پيشوا ۾ گهيري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسين زندھ ڪنداسون مئلن کي ۽ لکون ٿا اهو جو اڳي ڪري موڪليائون ۽ سندن (پيرن جا) نشان ۽ هر شيءِ کي ڳڻي رکيو اسان ان کي ڪتاب پڌري ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن (ڇڏيل) نشان لکون ٿا ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻي ڇڏيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان ئي مُردن کي جياريون ٿا ۽ اسان اُهو سڀ ڪجهه لکي رهيا آهيون جيڪي (عمل) انهن اڳتي موڪليا ۽ سندن اثرات (جي پوئتي رهيا). ۽ هر شيءِ کي اسان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻي ڇڏيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين مُئا جِياريون، پڻ لِکون ڪَم، ڪردار، جيڪي اماڻِيون اڳڀرا، پڻ پويان سَندنِ پار، ۽ هر شئ جو شُمار، ڪيوسون مُنڍ ڪتاب(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسين مئن کي جيئاريندا آهيون ۽ اسين سندن اڳ موڪليل خواهه پوئتي ڇڏيل نشان سڀ لکون ٿا_ هر ڪنهن چيز کي اسان روشن ڪتاب ۾ ڳڻيو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ضرور مئن کي جيئرو ڪرڻ وارا آهيون، جيڪي ڪجهه ڪري چڪا آهن ۽ جيڪي نشان پويان ڇڏيا اٿن، تن سڀني کي اسان لکندا ٿا وڃون. اسان هر شيءِ کي هڪڙي کليل ڪتاب ۾ لکي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اسان جيارڻ وارا آهيون مئلن کي (هڪ ڏينهن) ۽ لکندا ٿا وڃون جيڪي به انهن ڪم اڳتي موڪليا ۽ سندن ڇڏيل نشان محفوظ ڪيل آهن ۽ هر شيءِ کي گهيري رکيو آهي هڪ ڪتاب پڌري (ظاهر ظهور) ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان مئلن کي جيئرو ڪنداسين ۽ اسان سندن اهي عمل جيڪي هنن پنھنجي زندگي ۾ ڪيا ۽ جن عملن جا نقش قدم انهن پوئتي ڇڏيا آهن، سي سڀ لکندا وڃون ٿا ۽ اسان هر شيءِ کي هڪ پڌري ڪتاب ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاضرِب لَهُم مَثَلًا أَصحٰبَ القَريَةِ إِذ جاءَهَا المُرسَلونَ (آيت : 13) |
۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هنن (قريشن جي سمجهائڻ) لاءِ هڪڙي شهر جي ماڻهن جو مثال بيان ڪر، ڏسو اسان هنن ڏي رسول موڪليا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان انهن لاءِ هڪ ڳوٺ (اَنطاقيه) وارن جو مثال بيان ڪريو جڏهن انهن وٽ دين جا قاصد پهتا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) انهن جي اڳيان هڪ ڳوٺ (انطاڪيه) وارن جو مثال بيان ڪر جڏهن وٽن پيغمبر آيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيان ڪر انهن جي لاءِ مثال ڳوٺ وارن جو جڏهن آيا انهن وٽ مرسل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) انهن جي اڳيان ڳوٺ وارن جو مثال بيان ڪر !جڏهن وٽن پيغمبر آيا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون انهن جي اڳيان ان ڳوٺ (انطاقيه) وارن جو مثال بيان ڪر. جڏهن انهن وٽ ڪجهه رسول آيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪري ٻُڌاءِ اُنهن کي، تَن ڳوٺاڻن جي ڳالھ، جڏهن مُرسل مَنجھسِ، آئياڀَليرا بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کي هڪ ڳوٺ وارن جو قصو ٻڌاءِ، جڏهن هنن وٽ رسول آيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي مثال طور ان ڳوٺ وارن جو قصو ٻڌاءِ ، جڏهن منجهس رسولَ آيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻڌاءِ انهن کي مثال طور قصو ان وستيءَ وارن جو، جڏهن آيا هئا انهن ۾ رسول(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن (مڪي وارن) کي هڪ شھر وارن جو مثال بيان ڪر، جڏهن انهن وٽ رسول سڳورا آيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ أَرسَلنا إِلَيهِمُ اثنَينِ فَكَذَّبوهُما فَعَزَّزنا بِثالِثٍ فَقالوا إِنّا إِلَيكُم مُرسَلونَ (آيت : 14) |
(يعني) جڏھن اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اسان انهن ڏي پهريائين ٻه رسول موڪليا تڏهن هنن کين ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو. پوءِ اسان ٽئين رسول سان سندن تائيد ڪئي. ٽنهي کين چيو ته، يقيناً اسان اوهان ڏي پيغمبر ڪري موڪليا ويا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) جنهن وقت اسان انهن ڏانهن ٻه قاصد موڪليا پوءِ انهن ٻنهي قاصدن کي نه مڃيو ۽ اسان انهن ٻن کي ٽئين قاصد سان مضبوط بنايو پوءِ انهن چيو ته بيشڪ اسين توهان ڏانهن موڪليا ويا آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ريت ته جڏهن اسان انهن ڏي ٻه ڄڻا (پيغمبر، يوحنا ۽ يونس) موڪلياسون پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان (انهن ٻن کي) ٽئين (پيغمبر شمعون) سان مدد ڪئي پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن موڪليو اسان انهن ڏانهن ٻن کي پوءِ انهن ٻنهي کي ڪوڙو چيائون پوءِ قوت ڏني اسان نئين سان پوءِ چيائون ته بلاشڪ اسين اوهان ڏانهن موڪليل آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت انهن ڏي ٻه ڄڻا موڪلياسون پوءِ انهن ٻنهين کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ اسان (انهن ٻن جي) ٽئين سان مدد ڪئي پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اسان انهن ڏانهن (اول) ٻه (پيغمبر) موڪليا پوءِ انهن ٻنهين کي ڪوڙو چيائون پوءِ اسان (انهن ٻن جِي) ٽئين جي ذريعي مدد ڪئي پوءِ انهن (ٽنهين) چيو ته: ”بيشڪ اسان اوهان ڏانهن رسول جي حيثيت ۾ موڪليل آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏانهنِ مُڪاسون، مِهر سان، فائـِق ٻه فِى الحال، پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيون اُنهن کي، تڏهن ٽئي نَبِي نال، ڪيوسون ٻيلپو ٻنهِي جو، پوءِ چيؤُن اِهڙِي چال، ته نَبِي نيڪ نِهال، اَسِين اَوهان ڏي آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اسان هنن وٽ ٻه رسول موڪليا، پوءِ انهن کي ڪوڙو سمجهيائون، وري ٽئين سان پٺڀرائي ڪئي سون- پوءِ هنن چيو ته ”بيشڪ اسين اوهان ڏانهن موڪليل آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان وٽن ٻه رسول موڪليا ته هنن ٻنهي کي ڪوڙو سڏيو، پوءِ اسان کين مدد ڏيڻ لاءِ ٽيون موڪليو ۽ انهن سڀني چيو: "اسان توهان ڏانهن رسول ڪري موڪليا ويا آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن موڪلياسين انهن ڏي ٻه (رسول) انهن (ٻنهي کي) ڪوڙو چيو، ته ٽيون سندن مدد ۾ موڪليو، پوءِ انهن سڀني چيو، بيشڪ اسان توهان ڏي رسول ڪري موڪليل آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اسان وٽن ٻه رسول سڳورا موڪليا ته (شهر وارن) انهن ٻنهي کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ اسان انهن رسولن جي مدد لاءِ ٽيون رسول سڳورو به موڪليو. پوءِ انهن ٽنهي رسول سڳورن گڏجي چيو ته بيشڪ اسان کي توهان ڏانھن موڪليو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا ما أَنتُم إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَما أَنزَلَ الرَّحمٰنُ مِن شَيءٍ إِن أَنتُم إِلّا تَكذِبونَ (آيت : 15) |
چيائون ته اوھين ته رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شيءَ نه لاٿي آھي اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن ماڻهن چيو ته، توهان ڪجهه به نه آهيو، سواءِ هن جي ته اسان جهڙا انسان آهيو، ۽ (اسان کي پڪ آهي ته) رحمان خدا ڪڏهن به (ڪو وحي) نازل نه ڪيو آهي. توهان نسورو ڪوڙ ٿا ڳالهايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ناهيو توهان مگر اسان جهڙا بشر (انسان) ۽ الله تعالى ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي توهان ته صاف ڪوڙا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن (کين) چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ خدا ڪجھ به نازل (وازل) ڪين ڪيو آهي اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ناهيو اوهان مگر بشر اسان جهڙا ۽ نه نازل ڪئي رحمٰن ڪا شيءِ ناهيو اوهان مگر جو ڪوڙ ٿا ڳالهايو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اوهين رڳو اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ وڏي مهربان (الله) ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي اوهين رڳو ڪوڙ چئو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڳوٺ وارن) چيو ته : ”اوهان ته رڳو اسان جهڙا بشر آهيو ۽ رحمان ڪا شيءِ به نازل نه ڪئي آهي توهان فقط ڪوڙ ڳالهايو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، نه آهيو اوهِين، مگر اَسان جِھا اِنسان، ۽ آن تي ڪُجھ نه اُتاريو، رازق، ربُّ، رحمان، ڪاشئِ آهيو ڪانه، مگر ڪريو ڪُوڙ رُڳا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”اوهين فقط اسان جهڙا ماڻهو آهيو ۽ الله ڪجهه به ڪو نه لاٿو آهي، اوهين بلڪل ڪوڙ ٿا ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڳوٺ وارن چيو: "توهان اسان جهڙا ئي انسان آهيو ۽ رحمان ڪا شيءِ نازل نه ڪئي آهي، توهان رڳو ڪوڙ ٿا هڻو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وستيءَ وارن چيو، توهان ڪجهه ناهيو، سواءِ انسان ڪي اسان جهڙا، ۽ ناهي نازل ڪئي رحمٰن ڪابه شيءِ، ها توهان ته رڳو ڪوڙ پيا ڳالهايو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ماڻهن جواب ۾ چيو ته توهان ته اسان جھڙا ئي انسان آهيو. الله تعالى ڪابه شيءِ نازل نه ڪئي آهي. توهان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا رَبُّنا يَعلَمُ إِنّا إِلَيكُم لَمُرسَلونَ (آيت : 16) |
چيائون ته اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (پيغمبرن هنن کي) چيو ته، اسان جو پروردگار ٿو ڄاڻي ته بيشڪ اسان توهان ڏي پيغمبر ڪري موڪليا ويا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن (قاصدن) چيو ته اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسان توهان ڏانهن موڪليل آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن انهن پيغمبرن چيو ته اسان جو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسين اوهان ڏي موڪليل آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته اسان جو رب ڄاڻي ٿو ته بلاشڪ اسان اوهان ڏانهن البته موڪليل آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پيغمبرن) چيو ته اسان جو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اوهان ڏي موڪليل آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (رسولن) چيو ته: ”اسان جو پالڻهار ڄاڻي ٿو ته بيشڪ اسان توهان ڏانهن موڪليل آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آگو پاڪ اَسان جو، ٿو سمجھي ربُّ، ستار، ته پَڪ پغمبر آهيو، اَسِين اَوهان جي پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان جو ڌڻي ٿو ڄاڻي، ته اسين پڪ سان اوهان ڏانهن موڪليل آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رسولن چيو: "اسان جو رب ٿو ڄاڻي ته اسان بيشڪ توهان ڏانهن رسول بڻائي موڪليا ويا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رسولن چيو، اسان جو رب ٿو ڄاڻي، بيشڪ اسان توهان ڏي موڪليا ويا آهيون رسول ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (رسول سڳورن) چيو ته اسان جو پالڻھار ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته اسان کي (واقعي) توهان ڏانھن ئي موڪليو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما عَلَينا إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 17) |
۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) لازم نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جي ذمي ته ٻيو ڪجهه به ناهي، سواءِ هن جي ته چٽو پيغام پهچائي ڏيون، (اسان جو ته ڪو ٻيو غرض ئي ڪونهي، نڪي توهان تي ڪو زور زبردستي ٿا ڪيون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان جي ذمي ته فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اوهين مڃو يا نه مڃو) اسان تي ته رڳو ظاهر بظاهر (خدا جو حڪم) پهچائڻ فرض آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اسان تي مگر پيغام پهچائڻ پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان تي رڳو ظاهر پيغام پهچائڻ آهي. انهن چيو ته بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) ڪري (بڇڙي) فال سمجهي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صاف صاف پيغام پهچائڻ کان سواءِ اسان تي ڪا ذميداري نه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَڌِيڪ نه اَسان تي بار، پَڌري پُهچائڻ ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان تي رڳو حڪم رسائڻ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان تي کولي چٽو ڪري پيغام پهچائڻ کان سواءِ ٻي ڪابه ذميواري ڪانهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي اسان تي ڪا ذميواري سواءِ پيغام پهچائڻ جي چٽي صاف(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جيڪڏهن توهان اسان جي ڳالهه نه مڃيندا ته ٺيڪ آ) اسان کي ته رڳو (الله تعالى جو) پڌرو پيغام پھچائڻ جي ذميداري ڏنل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنّا تَطَيَّرنا بِكُم لَئِن لَم تَنتَهوا لَنَرجُمَنَّكُم وَلَيَمَسَّنَّكُم مِنّا عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 18) |
چيائون ته بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نه جھلبؤ ته ضرور اوھان کي پھڻن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن چيو ته، يقيناً اسان توهان کي نڀاڳا ۽ منحوس ٿا سمجهون (اوهان جي ڪري اسان تي مصيبتون نازل ٿينديون) جيڪڏهن توهان هن (تبليغ) کان باز نه ايندؤ ته اسان توهان کي پٿر هڻنداسين ۽ اسان توهان کي سخت دردناڪ سزا ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو بيشڪ اسين توهان کي منحوس سمجھون ٿا قسم سان جيڪڏهن توهان تبليغ کان نه رڪيا ته اسين ضرور توهان کي سنگسار ڪنداسين ۽ توهان کي ضرور اسان کان سخت عذاب پهچندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته: بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) ڪري (بد) فالي سمجهي آهي (ڏڪر ۾ مبتلا ٿيا آهيون) جيڪڏهن باز نه ايندو ته ضرور اوهان کي سنگسار ڪنداسون ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته بلاشڪ اسان بدفال ورتي اوهان سان البته جيڪڏهن نه رڪجندؤ اوهان ته البته ضرور سنگسار ڪنداسون اوهان کي ۽ البته ضرور پهچندو اوهان کي اسان جي طرفان عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن باز نه ايندو ته ضرور اوهانکي سنگسار ڪنداسون ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ڳوٺ وارن) چيو: ”بيشڪ اسان اوهان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجهي آهي، جيڪڏهن توهان باز نه ايندؤ ته ضرور اوهان کي سنگسار ڪنداسين ۽ اوهان کي اسان کان دردناڪ عذاب پهچندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي ، اَسِين اَوهان کان ڀانيون، ڏيہ تي ڏرت، ڏُڪار، جي نه مُڙيا، ته مُورهِين ڪنداسونءِ سَنگسار، ۽ اَسان کان آزار، ڪو ڏُکيو رَسندان ڏِيل ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسان ته بيشڪ اوهان کي نڀاڳو سمجهيو آهي، اوهين باز نه ايندا، ته اسين ضرور اوهان کي پٿر هڻي مارينداسون ۽ اوهان کي اسان کان ضرور ڏکوئيندڙ عذاب رسندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڳوٺ وارا چوڻ لڳا: "اسان ته توهان کي پنهنجي لاءِ نحوست ٿا سمجهون، جيڪڏهن توهان باز نه آيؤ ته اسان توهان کي پٿرن سان مارينداسون ۽ توهان کي اسان جي پاران دردناڪ سزا ملندي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڳوٺاڻا چوڻ لڳا، اسان ته نحوست ٿا سمجهون توهان کي، جيڪر توهان نه مڙيا ته پٿرن سان توهان کي چٿي مارينداسين ۽ توهان کي پهچندو اسان کان عذاب سخت ڏکوئيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (انهن ماڻهن جواب ۾) چيو ته بيشڪ اسان ته توهان کي نڀاڳو ٿا سمجهون. جيڪڏهن توهان پنھنجي تبليغ کان باز نه ايندا، ته اسان توهان کي پٿر هڻي ماري ڇڏينداسين ۽ توهان کي اسان جي طرفان تڪليف وارو عذاب پھچندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا طٰئِرُكُم مَعَكُم أَئِن ذُكِّرتُم بَل أَنتُم قَومٌ مُسرِفونَ (آيت : 19) |
(پيغمبرن) چيو ته اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي ته (انھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (پيغمبرن) جواب ڏنو ته، توهان جو نڀاڳ (خود) اوهان ۾ آهي (جو غور ڪرڻ کان سواءِ ئي حق کي مڃڻ کان انڪار ٿا ڪيو) ڇا (اهڙا نادان آهيو جو) جيڪڏهن اوهان کي (اوهان جي ئي چڱائي لاءِ) چڱي نصيحت ڏني ٿي وڃي (ته ان کي نڀاڳ ٿا سمجهو؟) حقيقت هيءَ آهي ته توهان (خود غرضي ۽ تڪبر جي ڪري) ليڪو لنگهي بيٺا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قاصدن چيو ته توهان جي منحوسي توهان سان گڏ آهي ڇا نصيحت جي ڪري توهان کي منحوسي لڳي ٿي. بلڪه توهان (شرڪ جي ڪري) حد کان وڌندڙ قوم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پيغمبرن) چيو ته اوهان جي بدفالي اوهان سان آهي، ڇا جيڪڏهن اوهان کي نصيحت ڪئي ويندي (ته بڇڙي فال سمجهندو) پر اوهين زيادتي ڪندڙ قوم آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته بدبختي اوهان جي اوهان سان گڏ آهي ڇا جيڪڏهن نصيحت ڪيا وڃو ٿا؟ (ته ڌمڪيون ڏيو ٿا) بلڪ اوهان قوم حد کان لنگهندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (پيغمبرن) چيو ته اوهان جي بدفال اوهان سان آهي. ڇا جيڪڏهن اوهان کي نصيحت ڪئي ويندي (ته بڇڙي فال سمجهندو) پر اوهين زيادتي ڪندڙ قوم آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (رسولن) چيو: ”توهان جي بدبختي توهان سان آهي. ڇا هي بدبختي آهي جو توهان کي نصيحت ڪئي وئي؟ بلڪه توهان زيادتي ڪندڙ قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَهنجِي ڏُرت اَوهان سان، وَه! جو پِرايان پاڻ، اُٽلو اَوهِين اَڄاڻ!، قوم اَجائـِي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”نڀاڳ ته اوهان سان ئي آهي، ڇا، اوهان کي نصيحت ڪرڻ ڪري ٿا ائين چئو؟ بلڪ اوهين حد کان اڪريل شخص آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رسولن جواب ڏنو: توهان جي نحوست ته خود توهان سان ئي لڳل آهي. ڇا ان ڪري ٿا ائين چئو جو توهان کي نصيحت ڪئي وئي؟ ڳالهه اصل اها آهي ته توهان ليڪا ئي لنگهي ويا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رسولن جواب ڏنو، توهان تي برو سنوڻ آهي، ڇا اهي ڳالهيون ان لاءِ ڪريو ٿا؟ (توهان کي نصيحت ٿي ڪجي؟) اصل ۾ توهان حد کان ٽپي ويل ماڻهو آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (رسول سڳورن) چيو ته توهان کي توهان جو پنھنجو ئي نڀاڳ کنيو بيٺو آهي. ڇا توهان کي ان لاءِ نصيحت ڪئي وڃي ٿي (ته الٽو توهان اسان کي نڀاڳو سمجهو) توهان ته (واقعي) حد کان چڙهيل ماڻهو آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجاءَ مِن أَقصَا المَدينَةِ رَجُلٌ يَسعىٰ قالَ يٰقَومِ اتَّبِعُوا المُرسَلينَ (آيت : 20) |
۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منھنجي قوم پيغمبرن جي تابعداري ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ شهر جي دور واري ڇيڙي کان هڪڙو (جوشيلو) جوان ڊڪندو آيو ۽ اچي چيائين ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هنن پيغمبرن جي فرمانبرداري ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ ماڻهو (حبيب نجار) ڊوڙندو آيو ان چيو اي منهنجي قوم توهان انهن قاصدن جي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ مڙس (حبيب نجار) ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيو پرانهين پاسي شهر جي کان هڪ مڙس ڊوڙي پيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيروي ڪيو مرسلن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ شهر جي پرئين پاسي کان هڪ مڙس ڊوڙندڙ آيو چيائين ته اي منهنجي قوم! پيغمبرن جي تابعداري ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شهر جي پرئين ڪناري کان هڪ مرد ڊوڙندو آيو چيائين: ”اي منهنجي قوم! رسولن جي تابعداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَرئـِين مَٿي کان شهر جي، هڪ مرد مُؤمن مُور، ڊُڪندو، ڊوڙندو آئيو، اُتو تِنهن اَتَور، ته هَلو پُٺيان پيغمبرِين، اِي ذات! ڇَڏيو ٻِئو زور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شهر جي ٻئي طرف کان هڪ شخص ڊوڙندو آيو، چوڻ لڳو، ”اي منهنجي قوم! هنن رسولن جو چيو مڃو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايتري ۾ شهر جي ڏورانهين پاسي کان هڪڙو شخص ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳو: "اي منهنجي قوم وارؤ! رسولن جي پيروي ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ايتري ۾ ڏوراهين ڇيڙي شهر جي مان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين، اي منهنجي قوم تابعداري ڪريو انهن رسولن جي پيروي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ شھر جي آخري ڪنڊ کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته اي منھنجا قومي ڀائرو! رسول سڳورن جي پيروي ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اتَّبِعوا مَن لا يَسـَٔلُكُم أَجرًا وَهُم مُهتَدونَ (آيت : 21) |
(اوھين) انھن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوھان کان اُجورو نه گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن جي (ضرور) فرمانبرداري ڪيو جي اوهان کان ڪوبه اجر يا اجورو ڪونه ٿا گهرن ۽ آهن به سڌي ۽ حقي واٽ تي هلندڙ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي توهان کان (تبليغ جو) ڪو اجورو نٿا وٺن ۽ اهي هدايت ڪيل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوهان کان ڪا اجرت نه ٿا گهرن ۽ اهي سڌي راھ تي آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تابعداري ڪيو انهن جي جيڪي نه ٿا گهرن اوهان کان ڪو اجورو ۽ اهي هدايت وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوهان کان ڪا اجرت نه ٿا گهرن ۽ اهي رستي تي آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جي تابعداري ڪيو جيڪي توهان کان ڪو معاوضو نه ٿا گهرن ۽ اِهي هدايت يافته به آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڀارو نه گُھرن ڀور، پڻ صَحِي سَنواٽا واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن شخصن جو چيو مڃيو، جي اوهان کان ڪو عيوض نٿا گهرن ۽ هو سنئين واٽ تي آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن جي پيروي ڪريو، جيڪي توهان کان ڪو اجورو نٿا گهرن ۽ صحيح واٽ تي آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي توهان کان ڪوبه بدلو نٿا گهرن ۽ اهي ئي سڌي راهه تي آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن جي پيروي ڪريو جيڪي توهان کان ڪوبه اجرنٿا گهرن ۽ هو (ويچارا) سڌي رستي تي به آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما لِىَ لا أَعبُدُ الَّذى فَطَرَنى وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 22) |
۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو انھيءَ خُدا جي عبادت نه ڪريان جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين به) ڏانھس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي ڪهڙو سبب آهي جو مان انهيءَ (الله) جي ٻانهپ نه ڪيان، جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ جنهن ڏانهن توهان (۽ اسان) سڀ (آخر) موٽايا وينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون لاءِ ڪيئن مناسب ٿئي ٿو ته آئون ان الله تعالى جي عبادت نه ڪريان جنهن مون کي پيدا فرمايو ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون کي ڇا ٿيو آهي جو جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي تنهن جي عبادت نه ڪريان؟ هوڏانهن اوهان سڀني کي (آخر) ان ڏي ئي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇا آهي مون لاءِ ڇو نه عبادت ڪيان ان جي جنهن پيدا ڪيو مونکي ۽ ان ڏانهن اوهان موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون کي ڇا آهي جو ان جي عبادت نه ڪريان جنهن مونکي پيدا ڪيو هوڏانهن ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ ڇو نه ان ذات جي بندگي ڪيان جنهن مون کي پيدا ڪيو آهي ۽ اوهان (سڀئي به) ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُون کي مَنع ڪِهڙي، ته نه پُوڄيان پَروَر پاڪ، جِنهن خَلقِيسِ مَنجھان خاڪ، ۽ مِـڙِئي ڏانهسِ موٽئبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا آءُ ڪيئن نه ان جي بندگي ڪريان؟ جنهن مون کي خلقيو آهي ۽ اوهين به ان ڏي موٽائبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ڀلا ڇو نه انهيءَ هستيءَ جي بندگي ڪريان جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي ۽ جنهن ڏانهن توهان سڀني کي موٽي هلڻو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ڇو نه ان هستيءَ جي بندگي ڪريان جنهن مون کي پئدا ڪيو ۽ ان ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخر مان ان هستي جي عبادت ڇو نه ڪريان جنھن مون کي پيدا ڪيو آهي؟ ۽ ان ڏانھن ئي توهان سڀ موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ءَأَتَّخِذُ مِن دونِهِ ءالِهَةً إِن يُرِدنِ الرَّحمٰنُ بِضُرٍّ لا تُغنِ عَنّى شَفٰعَتُهُم شَيـًٔا وَلا يُنقِذونِ (آيت : 23) |
اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري ته اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (به ڏک) نه ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا مان خدا کي ڇڏي اهڙن معبودن کي وٺان جو جيڪڏهن رحمان خدا مون کي نقصان يا ايذاءُ پهچائڻ جو ارادو ڪري ته انهن جي سفارش مون کي ذرو به ڪم نه اچي، نڪي اهي مون کي (ان عذاب مان) ڇڏائي سگهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا آئون الله کانسواءِ ڪو معبود وٺان جيڪڏهن الله تعالى (مون لاءِ) ڪنهن تڪليف جو ارادو ڪري ته اهو (معبود) منهنجي ڪا سفارش نه ڪري سگھي ۽ نه مون کي (عذابِ الاهي کان) بچائي سگھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ان کان سواءِ (آءُ) اهڙن کي معبود بنايان جو جيڪڏهن خدا مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته مون کي سندن سفارش ڪجھ به ڪم نه ايندي ۽ نه (اهي) مون کي (ان مصيبت کان) ڇڏائي سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا وٺان مان ان کان سواءِ ٻيا معبود جو جيڪڏهن ارادو ڪري مون لاءِ رحمٰن نقصان جو ته نه فائدو ڏيندي مون کي انهن جي شفاعت ڪجھ به ۽ نه مون کي ڇڏائيندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ان کان سواءِ اهڙن کي معبود ٺهرايان جو جيڪڏهن وڏو مهربان (الله) مونکي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته مونکي سندن سفارش ڪجهه به ڪم نه ايندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا آءٌ ان (الله) کي ڇڏي اهڙا معبود بنايان جو اگر رحمان مون کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري ته نه مون کي انهن جي سفارش نفعو پهچائي سگهي ۽ نه اُهي مون کي ڇڏائي سگهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٺان وَسِيلا ڪِهڙا، پاڪ ڌڻئَ کا ڌار؟ ته ڏِيڻ گُھري ڏاتار مون، لِنڱِين لَهس لَغار، ته نه ڏٖيمِ وَٽابو وار جو، سَندنِ سار سَنڀار، ۽ ڪِين مرض مَهٽ مان، ڪَڻمِ ڪَڍن ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، آءُ ان کي ڇڏي اهڙن کي سائين بنايان، جو جيڪڏهن اهو ٻاجهارو مون کي ڪو ڏک ڏيڻ گهري، ته هنن جي پارت مون تان ڪجهه به ٽاري نه سگهي ۽ نه هو مون کي ڇڏائي سگهن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا مان ان کي ڇڏي ڪي ٻيا معبود بڻايان؟ حالانڪه جيڪڏهن رحمان مونکي ڪو نقصان پهچائڻ گهري ته نڪي انهن جي سفارش منهنجي ڪنهن ڪم اچي سگهي ٿي ۽ نه اهي مونکي ڇڏائي سگهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا آئون ان کي ڇڏي ٻين کي معبود بڻايان؟ رحمٰن مون کي ڪو نقصان پهچائڻ گهري ته نه انهن جي شفاعت منهنجي ڪم ايندي ۽ نه اهي مون کي ڇڏائي سگهن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا مان اُن هستي کي ڇڏي اهڙن کي معبود ٺاهيان جو جيڪڏهن الله تعالى مون کي تڪليف ڏي ته هنن جي مون کي ڪابه سفارش ڪم نه ايندي ۽ نه ئي هو مون کي (ان جي پڪڙ کان) ڇڏائي سگهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى إِذًا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 24) |
(جي ائين ڪندس ته) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌري گمراھيءَ ۾ ھوندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن مان ائين ڪيان (يعني ٻين معبودن جي سهارو وٺان) ته پوءِ يقيناً مان ظاهرظهور گمراهه ٿي ويندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ان وقت آئون صاف گمراهيءَ ۾ هوندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جيڪڏهن ائين ڪريان ته پوءِ) ته ان وقت بيشڪ آءُ ظاهر گمراهي ۾ هوندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان ان وقت البته گمراهيءَ کليل ۾ آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه (اهي) مونکي ڇڏائيندا. (تڏهن ته) ان وقت بيشڪ آءٌ ظاهر گمراهيءَ ۾ هوندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اگر ائين ڪيان ته ) بيشڪ تڏهن ته آءٌ کُلي گمراهي ۾ هوندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ پَڌرِئَ ڀُل ۾، آئون آهيان اِنهئَ وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ڪريان، ته تڏهن ته آءُ صفا گمراهيءَ ۾ پوندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن مان ائين ڪيو ته پوءِ مان پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جي آئون ائين ڪندس ته پڌري گمراهيءَ ۾ وڃي پوندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن مان ايئن ڪيو ته يقين ڄاڻو ته مان وڏي گمراهي ۾ پئجي ويندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى ءامَنتُ بِرَبِّكُم فَاسمَعونِ (آيت : 25) |
بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مون کي ته توهان جي (۽ اسان جي) پروردگار ۾ پڪو ايمان آهي، سو منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ مون پنهنجي رب تي ايمان آندو آهي پوءِ توهان (منهنجي ڳالهه) ٻڌي ڇڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مون ته اوهان جي پالڻهار تي ايمان آندو (آهي) سو منهنجي ڳالھ ٻڌو (۽ مڃو پر انهن ماڻهن کيس سنگسار ڪري ڇڏيو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مون ايمان آندو اوهان جي رب تي پوءِ ٻڌو مون کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ مون اوهان جي پاليندڙ تي ايمان آندو سو منهنجي ڳالهه ٻڌو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مون توهان جي پالڻهار تي ايمان آندو سو اوهان منهنجي ڳالهه ٻڌو“. (۽ مڃو)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سُڻو سَماچار، مُون مڃيو مالِڪ اَهنجو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ مون ته اوهان جي ڌڻيءَ تي ئي ويساهه آندو آهي، تنهن ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ته توهان جي رب تي ايمان آندو، سو توهان به منهنجي ڳالهه ٻڌو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مون ته ايمان آندو آهي توهان جي رب تي، توهان به منهنجي ڳالهه مڃو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنهنڪري توهان منھنجي ڳالهه غور سان ٻڌو، بيشڪ مان به توهان جي (حقيقي) پالڻھار (الله تعالى) تي ايمان آڻي چڪو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قيلَ ادخُلِ الجَنَّةَ قالَ يٰلَيتَ قَومى يَعلَمونَ (آيت : 26) |
(اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون) چيو ويس ته بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھيء ارمان (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن (جوشيلي جوان) کي بشارت ڏني ويئي ته جنت ۾ داخل ٿي. (تنهن تي) هن چيو ته، هاءِ هاءِ! جيڪر منهنجي قوم جا ماڻهو به ڄاڻن (سمجهن ۽ ايمان آڻين ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کي چيو ويو ته تون بهشت ۾ داخل ٿيءُ ان چيو ڪاش منهنجي قوم کي معلوم ٿئي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن (کيس خدا جو) حڪم ٿيو ته بهشت ۾ وڃ! (تنهن وقت به ان کي قوم جو خيال آيو ته) چيائين ته جيڪر منهنجي قوم ڄاڻي ها ته،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو ويس ته داخل ٿي بهشت ۾ ته چيائين اي ڪاش! منهنجي قوم وارا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (کيس الله جي طرفان) چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي. چيائين ته جيڪر منهنجي قوم ڄاڻي ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ان کي شهيد ڪيو ويو ته کيس) چيو ويو: ”جنت ۾ داخل ٿيءُ“. چيائين: ”هائو جي منهنجي قوم ڄاڻي ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، گِھڙ تون باغ بهشت ۾، تڏهن چيائـِين اهڙي چال، ته جيڪر ڄاڻي قوم سَندمِ، هي حقِيقت حال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيو ويو ته، ”بهشت ۾ داخل ٿي!“ چيائين ”هاءِ افسوس! جي منهنجي قوم کي خبر پوي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (نيٺ انهن ماڻهن ان شخص کي قتل ڪري ڇڏيو ته پوءِ) چيو ويس ته جنت ۾ داخل ٿي وڃ. ان چيو ته "جيڪر منهنجيءَ قوم کي اها خبر پوي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انهن کيس قتل ڪيو) کيس چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي ان چيو، جيڪر منهنجي قوم کي اهو پتو پوي ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان چوڻ تي شھر وارن کيس شھيد ڪري ڇڏيو. الله تعالى جي طرفان) کيس چيو ويو ته جنت ۾ داخل ٿي وڃ. چيائين ته ڪاش! منھنجي قوم کي منهنجي هن حالت جي خبر پئجي وڃي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بِما غَفَرَ لى رَبّى وَجَعَلَنى مِنَ المُكرَمينَ (آيت : 27) |
ته ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (منهنجي قوم جا ماڻهو جيڪر هي ڳالهه به ڄاڻن ته) منهنجي پروردگار مون کي (منهنجون اڳوڻيون غلطيون) معاف ڪيون آهن ۽ مون کي انهن مان ڪيو اٿس جيڪي (الله وٽ) وڏي عزت وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته مون کي منهنجي رب ڪهڙي سبب جي ڪري بخش ڪري ڇڏيو ۽ مون کي (جنت ۾) مڪرم ٻانهن مان ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا جي ڪري مون کي منهنجي پالڻهار بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کي جو بخش ڪيو مون کي منهنجي رب ۽ بنايائين مون کي عزت وارن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته ڇا جي ڪري مونکي منهنجي پاليندڙ بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري منهنجي پالڻهار مون کي بخشي ڇڏيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيمِ ساڻمِ جي ڪيا، بَخششون ۽ ڀال، پڻ ڪرم ساڻ ڪمال، ڪيائـِينمِ سڳوري ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ڪهڙيءَ ڳالهه کان منهنجي ڌڻي مون کي بخشيو ۽ مون کي وڏيءَ عزت وارو ڪيائين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته منهنجي رب ڇا جي ڪري مونکي بخشي ڇڏيو ۽ مونکي عزت وارن ۾ شامل ڪيائين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته ڇا جي ڪري بخشش ڪئي منهنجي رب ۽ مون کي ڪيو شامل عزت وارن ماڻهن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته منھنجي پالڻھار مون کي (ڪهڙي ڳالهه جي ڪري) معاف فرمايو ۽ مون کي عزت وارن ماڻهن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنزَلنا عَلىٰ قَومِهِ مِن بَعدِهِ مِن جُندٍ مِنَ السَّماءِ وَما كُنّا مُنزِلينَ (آيت : 28) |
۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نه لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) اسان هن کان پوءِ سندس قوم تي آسمان مان لشڪر ڪونه لاهي موڪليا، نڪي اسان کي (اهڙن لشڪرن) لاهي موڪلڻ جي ڪا ضرورت ئي هئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه موڪليو ان قوم تي ان کان پوءِ ڪو لشڪر آسمان مان ۽ نه اسان لشڪر لاهيندڙ هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ اسان سندس (رحلت کان) پوءِ ان جي قوم تي (سندن تباهيءَ لاءِ) نه ته ڪو آسمان مان لشڪر لاٿو ۽ نه اسين ڪڏهن به (ايتري ڳالھ تي لشڪر) لاهڻ وارا هواسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه لاٿوسون ان جي قوم تي ان کان پوءِ ڪو لشڪر آسمان کان ۽ نه هئاسون لاهيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ان کان پوءِ سندس قوم تي ڪوبه لشڪر آسمان مان نه لاٿو ۽ نه اسين لاهيندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان پوءِ اسان ان جي قوم تي آسمان مان ڪوبه لشڪر نه لاٿو ۽ نه ئي اسان لاهڻ وارا هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ اُڀ کان اُن جِي قوم تي، نه لاٿو سون لشڪر، ۽ نه هُئاسون هَرهَر، لاشڪ لشڪر لاهِڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کانئس پڄاڻا نڪي سندس قوم تي آسمان مان ڪو لشڪر لاٿو، نه ڪي لاهڻو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ کان پوءِ سندس قوم تي اسان آسمان مان ڪو لشڪر ڪونه موڪليو هو، نڪي اسانکي لشڪر موڪلڻ جي ڪا گهرج هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه اسان لاٿو سندس قوم تي ان کان پوءِ ڪوبه لشڪر آسمان مان ۽ نه اسان کي ڪا ضرورت ئي هئي لشڪر موڪلڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پوءِ اسان سندس قوم تي آسمان مان ڪوبه لشڪر نه لاٿو ، اسان کي لشڪر لاهڻ جي ضرورت به نه هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم خٰمِدونَ (آيت : 29) |
(سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي پوءِ اُنھي (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن کي هيئن سزا ڏني ويئي جو) رڳو هڪڙو ڌڌڪو ٿيو، پوءِ ڏسو ته هو سڀ (رک وانگر) وسامي چپ ٿي ويا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نه هو اهو (ڪيل عذاب) مگر هڪڙي فرشتي جي دانهن پوءِ ان وقت اهي سڀ مَرندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها ته رڳو هڪ “رڙ” هئي (جا ڪئي ويئي) پوءِ ته اهي يڪدم (چراغ سحري وانگر) وسامي (مري) ويا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هئي مگر هڪ رڙ پوءِ ان وقت اهي وسامندڙ آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (مٿن عذاب) رڳو هڪ رڙ هئي پوءِ ان ئي وقت اهي (باهه وانگر) وسامي (مري) ويا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (انهن لاءِ عذاب) اهو هڪ ڪڙڪيدار آواز کان سواءِ ڪجهه نه هيو. پوءِ ان مهل ئي اُهي (مري ٽانڊي وانگر) وسامي ويا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڌِيڪ هُئـِي نه وار، فقط هڪل هيڪڙِي، پوءِ ڦِرِي ٿيا ڦُلهار، اِجھو اُجھانٽل پَٽ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فقط هڪ سخت آواز ٿيو، جنهن ڪري ئي هو هڪدم وسامي ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بس هڪڙو ڪڙڪو ٿيو ۽ امالڪ اهي سڀ وسامي (مري) ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس ٿيو هڪڙو ئي ڌماڪو ۽ پوءِ ٺهه پهه اهي سڀ ئي ويا اجهامي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! هڪ رَڙ هئي جنھن ڪري انهن سڀني جي زندگيءَ جي لاٽ ئي وسامجي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰحَسرَةً عَلَى العِبادِ ما يَأتيهِم مِن رَسولٍ إِلّا كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 30) |
ٻانھن تي ارمان آھي، (جو) وٽن ڪو (به اھڙو) پيغمبر نه آيو جنھن سان ٺـٺوليون نه ٿي ڪيائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙن بندن جي حال تي افسوس آهي، هنن ڏي اهڙو ڪو رسول ڪونه آيو جنهن تي هنن ٽوڪون ۽ مسخريون نه ڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله تعالى فرمائيندو) افسوس آهي انهن ٻانهن تي نه آيو انهن وٽ ڪو رسول مگر اهي پيغمبرن سان مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاءِ افسوس بندن جي حال تي جو وٽن ڪو به اهڙو رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارمان آهي ٻانهن تي نه آيو انهن وٽ ڪو رسول مگر ان سان ٺٺوليون ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻانهن تي افسوس آهي جو وٽن ڪو به اهڙو رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هاءِ افسوس! (انهن) ٻانهن تي جن وٽ ڪوبه رسول نه آيو جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن ٻانهن لئي ٻَر ٻَر ! ته مَنجھنِ، نه مُرسل ڪو اَچي، مگر سي مُنڪر، مَٿانسِ ڪَن پِئا مَسْخريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ارمان آهي ٻانهن جي حال تي! جو جيڪو به رسول ٿو وٽن اچي، ان تي مسخريون ٿا ڪن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) افسوس آهي بندن جي حالت تي، وٽن ڪوبه رسول اهڙو نه آيو، جنهن تي چٿرون نه ڪيائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) افسوس آهي ٻانهن جي حال تي، جيڪو به آيو انهن وٽ رسول، ته ان تي ڪندا رهيا ٺٺوليون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻانهن تي افسوس! انهن وٽ جيڪي به رسول سڳورا آيا تِن سڀني سان اُنهن مذاق ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم يَرَوا كَم أَهلَكنا قَبلَهُم مِنَ القُرونِ أَنَّهُم إِلَيهِم لا يَرجِعونَ (آيت : 31) |
نه ڏٺو اٿن ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اُنھن ڏانھن موٽي نه ٿا اچن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو نٿا ڏسن ڇا ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون ئي پيڙهيون (سندن بدعملن سبب) برباد ڪري ڇڏيون؟ يقيناً اهي (برباد ٿيل قومون) وري هنن ڏي ڪونه موٽي اينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا (مڪي جا ڪافر) اهو نٿا ڏسن ته انهن کان اڳ ۾ اسان ڪيترا ڳوٺ هلاڪ ڪيا بيشڪ اهي انهن ڏانهن نٿا موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن (ايترو به) نه سوچيو ته اسان انهن کان اڳ ۾ ڪيتران ئي امتن کي برباد ڪري ڇڏيو. جيڪي انهن وٽ وري ڪڏهين به اچي نٿا سگهن!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته ڪيترا هلاڪ ڪياسون انهن کان اڳي (ماڻهن جا) طبقا بلاشڪ اهي انهن ڏانهن نه ٿا موٽي اچن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا نه ڏٺائون ته انهن کان اڳي اسان (ماڻهن جو)ڪيتريون پيڙهيون برباد ڪيون آهن؟ جيڪي انهن ڏي موٽي اچڻ وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان انهن کان اڳ ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جو هاڻي اُهي انهن ڏانهن موٽي اچڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ڪيو نه تن تپاس؟ ته اُنهيان اَ ڳ جُڳ ڪيترا، ڪياسون نِپٽ ناس، نه موٽن ڏانهنِ مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن نه ڏٺو آهي، ته کانئن اڳ ڪيترا جُڳ ناس ڪياسون، جي هنن ڏانهن موٽي ئي ڪو نه ٿا اچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏٺو نه اٿن ڇا ته کانئن اڳ اسان ڪيتريون ئي قومون ناس ڪري چڪا آهيون، جو پوءِ اهي انهن ڏانهن نه موٽيون؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ڏٺو ناهي ته اسان هلاڪ ڪري چڪا آهيون انهن کان اڳ ۾ ڪيترين ئي قومن کي، ۽ پوءِ انهن ڏانهن اهي موٽي نه آيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن هي نه ڏٺو ته اسان اُنهن کان اڳ ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري چڪا آهيون جيڪي انهن ڏي ڪڏهن به موٽي نه اينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كُلٌّ لَمّا جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 32) |
۽ جيڪي به آھن سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان هرهڪ قوم يعني سڀ قومون اسان جي روبرو حاضر ڪيون وينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ سموري مخلوق (قيامت جي ڏينهن) اسان جي اڳيان حاضر ڪيل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هاءُ) البت انهن سڀني کي اسان جي (بارگاھ ۾) ضرور حاضر ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهن سڀ مگر مڙئي اسان وٽ حاضر ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن سڀني کي اسان وٽ حاضر ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن سڀني کي اسان جي حضور حاضر ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي آهن جيترا، سَڀ مِڙوئـِي مُور، اَسان وَٽ مَجبور، هيڪاندا حُضور ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي به آهن، سي سڀ گرفتار ٿي اسان وٽ حاضر ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن سڀني کي هڪڙي ڏينهن اسانجي روبرو آڻي حاضر ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن سڀني کي هڪڙي ڏينهن گڏي اسان جي آڏو حاضر ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن سڀني کي اسان جي اڳيان حاضر ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءايَةٌ لَهُمُ الأَرضُ المَيتَةُ أَحيَينٰها وَأَخرَجنا مِنها حَبًّا فَمِنهُ يَأكُلونَ (آيت : 33) |
۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هنن جي لاءِ مئل زمين ۾ (الله جي) وڏي نشاني آهي. (ڏسو) اسان ان کي (پاڻيءَ جي ريج سان) جيئرو ڪيون ٿا. ۽ ان مان اناج پيدا ڪيون ٿا، جو پوءِ ماڻهو ان تي پنهنجو گذران ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن (ڪافرن) لاءِ هڪ نشاني غيرآباد زمين آهي جنهنکي اسان آباد ڪريون ٿا ۽ انهيءَ (زمين) مان اسين اناج پيدا ڪريون ٿا پوءِ ان مان اهي کائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جي سمجهڻ لاءِ منهنجي قدرت جي هڪ نشاني مئل (وساڻل) زمين آهي جو اسان ان کي (پاڻيءَ) سان جيئرو ڪيو ۽ اسان ئي ان مان داڻا ڪڍيا جيڪي اهي ماڻهو ان مان کائين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نشاني انهن جي لاءِ زمين غير آباد آهي جو آباد ڪيو اسان ان کي ۽ ڪڍيو اسان ان مان داڻو پوءِ ان مان کائين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (جي سمجهڻ) لاءِ مئل زمين هڪ نشاني آهي جنهن کي جياريوسون ۽ ان مان داڻا ڪڍياسون پوءِ اهي (پاڻ به) ان مان کائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جي (سمجهڻ) لاءِ بي جان زمين هڪ نشاني آهي جنهن کي اسان زنده ڪيو ۽ اسان ان مان داڻا ڪڍيا پوءِ انهيءَ مان اهي کائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سُڪل ڀُون، سَندنِ لئي، نِشانِي نِروار، جياريوسون جنهن کي، ۽ مَنجھانسِ اَن اَنبار، ڪڍياسون، ٻَهار، پوءِ خوش دِل کائو اُن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن لاءِ مئل زمين هڪ نشاني آهي، اسان ان کي جيئاريو، ان مان داڻا ڪڍياسون، جن مان هو کائيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ مئل بيساهي زمين هڪڙي نشاني آهي. اسان ان ۾ ساهه وڌو ۽ منجهانئس اناج اپايو، جنهن مان کائن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نشاني آهي انهن ماڻهن لاءِ هي زمين جيڪا بي جان آهي، اسان ان کي زندگي ڏني ۽ ان مان اپايو آهي اناج، جنهن کي اهي کائن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن لاءِ غير آباد زمين ۾ هڪ نشاني آهي ته اسان ان کي سرسبز ڪريون ٿا ۽ ان مان اناج ڪڍون ٿا پوءِ ان اناج مان هي سڀ کائن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا فيها جَنّٰتٍ مِن نَخيلٍ وَأَعنٰبٍ وَفَجَّرنا فيها مِنَ العُيونِ (آيت : 34) |
۽ منجھس کجورين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان ان (زمين) ۾ کجور ۽ انگورن جا باغ لڳايون ٿا ۽ ان ۾ چشما جاري ڪيون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهيءَ زمين مان کجور ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا ۽ انهيءَ زمين مان چشمان پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي زمين ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا ۽ اسان ئي ان ۾ (پاڻي جا) چشما جاري ڪيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪياسون ان ۾ باغ کجين جا ۽ انگورن جا ۽ وهايا سون انهن ۾ چشما .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪياسون. ۽ ان ۾ چشما وهايا سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان ۾ کجين ۽ انگورن جا باغ بنايا ۽ اسان انهن (باغن ۾) ڪجهه چشما وهايا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ باغ بناياسون اُن ۾، عجب کجيون، اَنگور، چِيرياسون چِشما، تنهن ۾ برابر ڀَرپُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ کجين ۽ ڊاک جا باغ جوڙياسون_ ۽ ان ۾ ڪي چشما وهاياسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان منجهس کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا ۽ منجهانئس چشما چيري ڪڍيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ان ۾ پيدا ڪيا آهن باغ کجين جا ۽ انگورن جا، ۽ وهاياسين ان جي اندران (ڪيترا ئي) چشما(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ئي زمين ۾ اسان کجين ۽ انگورن جا باغ پيدا ڪيا۽ ان ۾ پاڻي جا چشما به وهايا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَأكُلوا مِن ثَمَرِهِ وَما عَمِلَتهُ أَيديهِم أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 35) |
(ھن لاءِ ته) سندن ڦر مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نه بڻايو آھي، پوءِ ڇونه شُڪرانو ڪندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ ته ماڻهو (الله تعاليٰ جي) انهيءَ (قدرت) جا ڦل ۽ فائدا ماڻين. (ڏسو) اها (قدرت) سندن هٿن ڪانه بنائي آهي. پوءِ ڇا هو شڪر ئي نٿا ڪن؟ (ڇو نٿا خدا جو احسان مڃي خدا جي حڪمن جي تعميل ڪن؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته اهي ان جا ميوا کائن ۽ انهن جي هٿن اهو ڪم نه ڪيو ڇا پوءِ (اڃان به) اهي شڪر نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيئن انهن جي ميوي مان کائين ۽ ان (ميون) کي سندن هٿن نه ٺاهيو آهي (پر خدا بنايا آهن) ته ڇا اهي ماڻهو (تڏهين به) شڪر نه ٿا ڪن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته کانئن ان جي ميوي مان ۽ نه بنايو ان کي هٿن انهن جي ڇا پوءِ شڪر نه ٿا ڪن؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته انهن جي ميوي مان کائين ۽ ان (ميوي) کي سندن هٿن نه ٺاهيو آهي. ڇا پوءِ شڪر نه ٿا ڪن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته ان جي ميوي مان کائن ۽ ان (ميوي) کي سندن هٿن نه بنايو آهي. ڇا پوءِ به شڪر نه ٿا ڪن؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان کائـِن ميوا اُن جا، پُورن مَٿي پُور، ۽ جو پَنهنجي هَٿِين پوکيؤَن، جِيئن دُنياجو دَستور، پوءِ اِي ڪِهڙِي اَ ک پُور، ته نه ڳائـِن ڳُڻ ڳالهڙيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هو سندس ميون مان کائيندا رهن، انهن کي ڪو سندن هٿن ڪو نه بنايو آهي_ پوءِ ڇو نٿا شڪر ادا ڪن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته هو ان جو ڦر کائن. اهو سڀ ڪجهه سندن هٿن جو پيدا ڪيل ناهي، پوءِ به شڪر ڇو نٿا ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن اهي کائن ان جا ميوا ۽ اهو سڀڪجهه پيدا ڪيل ناهي سندن هٿن جو، پوءِ ڇا اهي شڪر ادا نٿا ڪن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن هي ماڻهو ان جو ميوو کائين، انهن جي هٿن هي شيون پيدا نه ڪيون آهن پر پوءِ به هي ماڻهو شڪرگذار ٻانها ڇو نٿا ٿين؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُبحٰنَ الَّذى خَلَقَ الأَزوٰجَ كُلَّها مِمّا تُنبِتُ الأَرضُ وَمِن أَنفُسِهِم وَمِمّا لا يَعلَمونَ (آيت : 36) |
اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن اُھا شيء جيڪا زمين ڄمائيندي آھي سا ۽ سندن جيئن مان ۽ جيڪي (شيون) نه ڄاڻندا آھن تن مان سڀني جنس کي (جوڙو جوڙو ڪوڙو ۽ مِٺو ۽ نَر ۽ مادي) پيدا ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) وڏو شان آهي انهيءَ (الله) جو جنهن انهن سڀني شين جا جوڙا (نر ۽ مادي) بنايا آهن، جي شيون زمين اپائي ٿي ۽ خود ماڻهن جا به جوڙا ٺاهيا اٿس ۽ انهن شين جا به جن جي ماڻهن کا اڃا خبر به ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مقدس آهي اها ذات جنهن جوڙا بنايا انهن شين مان جيڪي زمين پيدا ڪري ٿي ۽ انهن جي نفسن مان ۽ انهن شين مان جن کي اهي نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو (هر عيب کان) پاڪ آهي جنهن زمين مان پيدا ٿيڻ وارين شين ۽ خود ماڻهن مان ۽ انهن شين کي جن جي (خود) انهن کي (به) خبر نه آهي سڀني جا جوڙا (جوڙا) پيدا ڪيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پاڪ آهي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيا جوڙا جوڙا سمورا ان مان جيڪو زمين ڄمائي ٿي ۽ انهن جي سرن مان ۽ ان مان جيڪو نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو پاڪ آهي جنهن سڀ قسم پيدا ڪيا آهن (هڪڙا) جن کي زمين اُڳائي ٿي ۽ (ٻيا) ماڻهن مان ۽ (ٽيا) انهن مان جن کي اهي نٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پاڪ آهي اها ذات جنهن هر شيءِ جا جوڙا پيدا ڪيا انهن جا به جن کي زمين ڄمائي ٿي، ۽ خود سندن جنس مان به ۽ انهن مان به جن کي اُهي نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڪائـِي تِنهن پَروَر کي، آهي توڙان توڙ، جِنهن ڀُون، ڪِ سَندنِ جانِيَن مان جوڙيا جوڙا جوڙ، ٻِيا پڻ قِسم ڪِروڙ، جَن جو عِلم نه آهي آن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پاڪ آهي اهو، جنهن زمين مان جيڪا شيءِ اڀري ٿي، ان کي جوڙو جوڙو بنايو آهي، ۽ هنن جا پاڻ ۾ به_ ۽ انهن ۾ به، جن کي نٿا ڄاڻن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پاڪ آهي اها ذات جنهن هر جنس جا جوڙا جوڙا پيدا ڪيا آهن، پوءِ کڻي اهي زمين جي اپايل شين مان هجن يا سندن پنهنجي ئي جنس (انسان ذات) مان يا وري انهن شين مان جن کي اهي ڄاڻندا به ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پاڪ آهي اها ذات جنهن پيدا ڪيا جوڙا هر قسم جا، توڙي اهي زمين جي نباتات مان هجن يا خود انهن جي پنهنجي جنس (انسان) يا انهن شين مان، نٿا اهي ڄاڻن جن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پاڪ آهي اها ذات جنھن هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا، چاهي اُهي زمين جي پيداوار مان هجن، يا خود انهن جي جنس مان هجن يا انهن شين مان هجن جن کي هي ماڻهو اڃا ڄاڻن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءايَةٌ لَهُمُ الَّيلُ نَسلَخُ مِنهُ النَّهارَ فَإِذا هُم مُظلِمونَ (آيت : 37) |
۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني رات آھي، (جو) اُن مان ڏينھن کي ڇڪي ڪڍندا آھيون پوءِ اُنھي مھل اُھي اونداھي ۾ رھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن لاءِ رات به هڪڙي وڏي (خدا جي) نشاني آهي. اسان ان مان ڏينهن جدا ٿا ڪريون ته پوءِ ڏسو ته اهي ماڻهو اوندهه ۾ رهجي وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني رات آهي. اسان ان مان ڏينهن کي ڇڪي ٿا وٺون پوءِ ان وقت اهي اونداهيءَ ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (اسان جي قدرت جي) هڪ نشاني رات آهي جنهن کان اسين ڏينهن کي ڇڪي ڪڍون ٿا ته ان وقت اهي ماڻهو اونداهي ۾ رهجي وڃن ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هڪ نشاني انهن جي لاءِ رات آهي جو ڇڪي ڪڍون ٿا ان مان ڏينهن پوءِ انهيءَ مهل اهي انڌيري ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (جي سمجهڻ) لاءِ رات هڪ نشاني آهي جنهن مان ڏينهن کي ڇڪي ڪڍون ٿا پوءِ ان وقت ئي اهي اونداهيءَ ۾ رهجي وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني رات (به) آهي، اسان ان جي مٿان کان ڏينهن کي هٽائي ڇڏيون ٿا، پوءِ ان وقت ئي اُهي اونداهي ۾ رهجي وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي رات اُنهن لئي، نِشانِي نِروار، جِنهن کان ڏِينهن ڪيوسون ڌار، پوءِ آهِن اِجھو اَنڌڪار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هڪ نشاني انهن لاءِ رات آهي، جنهن مان ڏينهن کي ڇڪي ڪڍندا آهيون، پوءِ ان وقت اهي اونداهيءَ ۾ رهندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ هڪڙي نشاني رات به آهي. اسان مٿانئس ڏينهن جو پوش لاهي ٿا ڇڏيون ته هو اوندهه ۾ پئجي وڃن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ نشاني انهن جي لاءِ رات به آهي، اسان هٽايون ٿا ان تان ڏينهن کي، ته انهن تي اوندهه ڇائنجي ويندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن لاءِ رات جي هجڻ ۾ به هڪ نشاني آهي، جڏهن اسان ان مان ڏينھن کي ڪڍون ٿا ته پوءِ هي ماڻهو اونداهه ۾ رهجي وڃن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالشَّمسُ تَجرى لِمُستَقَرٍّ لَها ذٰلِكَ تَقديرُ العَزيزِ العَليمِ (آيت : 38) |
۽ سج پنھنجي ٽڪاءَ جي جاءِ تي پيو ھلندو آھي، اِھو غالب (الله) جو اندازو (ٺھرايل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سج پنهنجي مقرر هنڌ تي هلي رهيو آهي، اهو انهيءَ الله جو حڪم آهي جو وڏي قدرت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ سج پنهنجي مقرر حد ڏانهن هلي رهيو آهي اها تقدير غالب صاحبِ علم جي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (هڪ نشاني) سج آهي جيڪو پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. اهو (سڀ کان) غالب واقف ڪار جو ٻڌل اندازو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ سج هلي ٿو پنهنجي قرار وٺڻ واري جاءِ لاءِ اها تقدير غالب گهڻو ڄاڻندڙ جي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سج پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. اهو زبردست (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سج، پنهنجي مقرر ڪيل منزل جي لاءِ هلندو رهي ٿو. اهو غالب ڄاڻندڙ (الله) جو مقرر ڪيل حساب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سِج سَندسِ جاءِ تي، پِيو هَلي صَديون سال، سائـِين سَٻر سَٻوجھ جِي، قُدرت اِئ ڪمال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سج سندس ٽڪاءُ جي جاءِ تي پيو هلندو آهي، اهو اندازو ان جو ٺهرايل آهي، جيڪو سڀ تي غالب ۽ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سج پنهنجي ٺڪاڻي ڏانهن هلندو رهي ٿو. اهو زبردست ڄاڻو هستيءَ جو رٿيل حساب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ سج هلندو رهي ٿو پنهنجي منزل ڏانهن ۽ اهو مقرر ڪيل حساب آهي زبردست ڄاڻو هستيءَ جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سجُّ پنھنجي منزل ڏي تيزي سان هلي رهيو آهي. هي زبردست ۽ وڏي علم واري جو ٺاهيل حساب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالقَمَرَ قَدَّرنٰهُ مَنازِلَ حَتّىٰ عادَ كَالعُرجونِ القَديمِ (آيت : 39) |
۽ چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيوسون تان جو کجيءَ جي پراڻي بھاري جي ڳنيءَ وانگر وري ڏنگو ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ چنڊ جي لاءِ اسان منزلون مقرر ڪري ڇڏيون آهن (جن تان هلندو رهي ٿو) تان جو موٽي کجيءَ جي پراڻي سڪل ڏنگي ٿيل ڇڙهيءَ وانگر ٿي ٿو پوي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چنڊ لاءِ به اسان منزلون مقرر ڪيون آهن ايستائين جو اهو کجيءَ جي پراڻي ٽاريءَ وانگر موٽي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾) کجيءَ جي سڪل ٽاري وانگر (سنهو ۽ چٻو) ٿي پوي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چنڊ مقرر ڪيون اسان ان جون منزلون تان جو وري ٿيو کجيءَ جي پراڻي ڳنيءَ وانگر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ) پراڻي ڇڙيءَ وانگر ٿي پوي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چنڊ، اسان ان لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن، ايستائين جو (ڏسجڻ ۾) کجيءَ جي پُراڻي ڏنگي ٽاري وانگر ٿي پوي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُقرر ڪيون سون مَنزلون، چنڊ جون چڱئَ چال، تان موٽيو شاخ مِثال، ٿِيو پُراڻِي پيمال جِيئن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن، تان جو وري اچي کجيءَ جي پراڻي ڇڙهي وانگر ٿيندو آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري چنڊ لاءِ اسان منزلون مقرر ڪيون آهن، تان جو انهن مان لنگهندو هو وري وڃي کجيءَ جي سڪل ڇڙيءَ وانگر ٿئي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چنڊ، ان جي لاءِ اسان مقرر ڪيون آهن منزلون، تانجو انهن مان پار پوندي اهو کجيءَ جي سڪل شاخ وانگر وڃي بچي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن. (آخري تاريخن ۾) هو کجيءَ جي سُڪل ڇڙيءَ وانگر (سنهو) ٿي ويندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَا الشَّمسُ يَنبَغى لَها أَن تُدرِكَ القَمَرَ وَلَا الَّيلُ سابِقُ النَّهارِ وَكُلٌّ فى فَلَكٍ يَسبَحونَ (آيت : 40) |
نڪي سج کي چنڊ جي پھچڻ جي (ڪا) مجال آھي ۽ نڪي رات (سج لھڻ کان اڳ) ڏينھن تي اڳرائي ڪندڙ آھي، ۽ (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) سڀئي آسمان ۾ تَرن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سج کي اجازت ناهي جو چنڊ کي وڃي پڄي، (۽ ان سان ٽڪرجي) نڪي رات کي اجازت آهي ته ڏينهن (پوري ٿيڻ) کان اڳ ۾ ئي اچي وڃي (يا ڏينهن اچڻ کان پوءِ به قائم رهي) ۽ سڀ آسماني جسم (يعني سيارا وغيره پنهنجي پنهنجي مقرر) مدار يا گهيري ۾ هلندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سج کي اجازت ناهي جو اهو چنڊ کي پهچي ۽ رات کي اجازت ناهي جو ڏينهن کان اڳ ۾ اچي ۽ اهي سڀئي پنهنجي فلڪن ۾ سير ڪري رهيا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ آسان آهي ۽ نه رات ئي ڏينهن کان اڳي وڌي سگهي ٿي. سج چنڊ ۽ تارا سڀئي (پنهنجي پنهنجي مدار تي) آسمان ۾ تري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي سج لائق ٿو ٿئي ان جي لاءِ ته پهچي چنڊ کي ۽ نه رات اڳرائي ڪندڙ آهي ڏينهن کان ۽ سڀئي آسمان ۾ ترن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ آسان نه آهي ۽ نه رات ڏينهن (پوري ٿيڻ) کان اڳي اچڻ واري آهي. ۽ سڀئي آسمان ۾ ترن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نه سج کي مجال آهي جو اهو چنڊ کي پڪڙي ۽ نه راتِ ڏينهنَ تي اڳرائي ڪندڙ آهي. ۽ سڀ (ستارا ۽ سيارا) پنهنجي مدار ۾ تري رهيا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه سِج کي اِختيار، ته پُهچڻ گُھري چَنڊ کي، ۽ نه رات اَچي ڏِينهن ڏي، وَڌِي هِڪڙو وار، ۽ تَرن پِئا سَڀ تار، ايڏي آسمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي سج کي طاقت آهي، جو چنڊ کي پهچي ۽ نڪي رات، ڏينهن پوري ٿيڻ کان اڳ ئي اچي سگهي ۽ اهي سڀ آسمان ۾ ترن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي سج جي وس ۾ آهي ته چنڊ کي وڃي پڄي ۽ نه رات ڏينهن کان اڳ ڪڍي سگهي ٿي، سڀئي ڪنهن نه ڪنهن آسماني مدار ۾ ترندا وتن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه سج جي وس ۾ آهي ته اهو وڃي پهچي چنڊ کي ۽ نه رات اڳرائي ڪري سگهي ٿي ڏينهن تي، ۽ اهي سڀ هڪ هڪ فلڪ ۾ تري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سجَّ جي مجال نه آهي ته هو چنڊ کي وڃي پھچي ۽ نه ئي رات ڏينھن کان اڳ اچي سگهي ٿي. (درحقيقت) هي سڀ جا سڀ پنھنجي پنھنجي دائري ۾ ئي گردش ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَءايَةٌ لَهُم أَنّا حَمَلنا ذُرِّيَّتَهُم فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 41) |
۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني (ھيءَ به آھي) جو اسان سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙي ۾ کنيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ماڻهن لاءِ هن ۾ به وڏي نشاني آهي جو اسان سندن نسل جي ماڻهن کي (حضرت نوح واري) ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کنيو (۽ سلامت جودي جبل جي چوٽيءَ تي پهچايو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن لاءِ هيءَ به نشاني آهي ته بيشڪ انهن جي وڏن کي (حضرت نوح جي) ڀريل ٻيڙيءَ ۾ اسان سوار ڪرايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن لاءِ (منهنجي قدرت جي) نشاني هيءَ (به) آهي ته سندن وڏن کي (نوح جي) ڀريل ٻيڙي ۾ سوار ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هڪ نشاني انهن جي لاءِ (هيءَ آهي ته) بلاشڪ اسان کنيو اولاد انهن جي کي ٻيڙيءَ ڀريل ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (جي سمجهڻ) لاءِ هڪ نشاني هيءَ آهي جو اسين سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کڻون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني هي به آهي جو اسان انهن جي نسل کي ڀريل ٻيڙي ۾ سوار ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي پَڌرِي اُنهن لئي، هِئَ نِشاني نِروار، ته کنياسونِ خير سان، مَنجھ ٻيڙِي ڀَريل ٻار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن لاءِ هڪ نشاني هيءَ آهي، جو اسان سندن نسل کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کنيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن لاءِ اها به هڪڙي نشاني آهي ته اسان سندن نسل کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها به هڪ نشاني آهي انهن لاءِ جو اسان سوار ڪيو سندن نسل کي هڪ ڀريل ٻيڙي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن لاءِ ان ڳالهه ۾ به نشاني آهي ته اسان سندن (پوئين) نسل کي هڪ ڀريل ٻيڙي ۾ کڻي هلايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَخَلَقنا لَهُم مِن مِثلِهِ ما يَركَبونَ (آيت : 42) |
۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيء) جھڙيون (ٻيون سواريون به) بڻايوسون جن تي سواري ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن جي لاءِ انهيءَ (ٻيڙيءَ) جي مثال تي اهي شيون (جهاز آگبوٽ هوائي جهاز وغيره) پيدا ڪيون جن تي هو سواري ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن جهڙيون (ٻيون) ٻيڙيون انهن لاءِ خلقيون جن ۾ اهي سوار ٿين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙيءَ) جهڙيون (ٻيون سواريون به) پيدا ڪيون جن تي (اهي ماڻهو) سوار ٿين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پيدا ڪيوسون انهن جي لاءِ ان جهڙيون (اهي سواريون) جن تي سوار ٿين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙيءَ) جهڙيون (ٻيون سواريون) پيدا ڪيون جن تي سوار ٿين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن لاءِ ان (ٻيڙي) جهڙيون (ٻيون سواريون) پيدا ڪيون جن تي سوار ٿين ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪياسون ڪم ڪيترا، اُنهِئَ جي آچار، تنين لئي تيار، سهکيون ڪن سواريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هنن لاءِ انهي جهڙيون ٻيون به بنايون، جن تي سواري ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ وري ان لاءِ اهڙيون ٻيون به ٻيڙيون پيدا ڪيون، جن تي اهي سواري ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان پيدا ڪيون انهن لاءِ اهڙيون ئي ٻيون به ٻيڙيون جن تي اهي سوار ٿين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن لاءِ اُن جھڙيون ٻيون شيون به پيدا ڪيون، جن تي هو سواري ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن نَشَأ نُغرِقهُم فَلا صَريخَ لَهُم وَلا هُم يُنقَذونَ (آيت : 43) |
۽ جيڪڏھن گھرون ته کين ٻوڙي ڇڏيون پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نه ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته هنن کي غرق ڪري ڇڏيون، جو پوءِ ڪوبه هنن جون دانهون ۽ فرياد ڪونه ٻڌي، نڪي هو (ٻڏڻ کان) بچايا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن کي ٻوڙي ڇڏيون پوءِ انهن لاءِ ڪوبه مددگار ناهي ۽ نه اهي (پاڻ کي) بچائي سگھن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته کين ٻوڙي (ماريون) پوءِ نه انهن لاءِ ڪو فرياد رس ٿيندو ۽ نه اهي (پاڻ اتان) ڇڏائي سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهرون اسين ته ٻوڙيون انهن کي پوءِ ناهي ڪو دانهن ٻڌندڙ انهن جي ۽ نه اهي ڇڏايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرن ته کين ٻوڙيون پوءِ نه انهن لاءِ مددگار ٿيندو ۽ نه اهي ڇڏايا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون ته پوءِ نه انهن لاءِ ڪو فرياد رس هوندو ۽ نه ئي اُهي بچايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين گُھرون ته اُنهن کي، ٻوڙيون اَندر ٻار، پوءِ نه وَرينِ واهرو، ۽ نه ڪڍياوڃن ٻَهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ نڪي سندن دانهن اونائن (ٻُڌڻ) وارو هجي ۽ نڪي هو ڇٽي سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان گهرون ته انهن کي ٻوڙي ڇڏيون، جو سندن سڏ ٻڌڻ وارو ئي ڪونه هجي ۽ اهي ڪنهن به صورت ۾ بچايا نه وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان چاهيون ها ته انهن کي ٻوڙي ڇڏيون ها ۽ ڪوبه سندن دانهن ٻڌڻ وارو نه هجي ۽ نه ڪنهن طرح بچايا وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ته کين ٻوڙي ڇڏيون، پوءِ ڪير به سندن دانهون ۽ ڪُوڪُون ٻڌڻ وارو نه هوندو ۽ نه ئي هو جان بچائي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا رَحمَةً مِنّا وَمَتٰعًا إِلىٰ حينٍ (آيت : 44) |
پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن کي ٻڏڻ کان ڪوبه بچائي نه سگهندو) فقط اسان جي خاص رحمت هنن کي بچائي سگهندي ۽ ڪنهن مقرر وقت تائين کين زندگيءَ جي سهوليت لاءِ مال متاع ڏنو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر اسان جي طرفان اها رحمت ۽ مقرر وقت تائين مهلت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اسان جي مهربانيءَ سان ۽ جيئن ته هڪ (خاص) وقت تائين (کين) آرام ڏيڻ (منظور) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر رحمت ٿي اسان جي طرفان ۽ آسودو ڪرڻ مقرر وقت تائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رڳو اسين پنهنجي مهربانيءَ سان ۽ (کين) ڪجهه وقت تائين فائدي پهچائڻ لاءِ (بچايون ٿا). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ اسان جي رحمت جي ۽ (اهو) هڪ مقرر وقت تائين جو فائدو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻاجھ اسان جي ڌار، ۽ وَٽابو ڪنهن وقت سين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اها اسان وٽان ٻاجهه آهي ۽ هڪ وقت تائين آسودو ڪرڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بس اسان جي رحمت ئي کين پار پهچائي ٿي ۽ هڪ مقرر وقت تائين حياتي ماڻڻ جو موقعو ڏئي ٿيِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس اسان جي رحمت ئي کين پار لڳائي ٿي ۽ هڪ خاص وقت لاءِ لاڀ حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏئي ٿي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! اها اسان جي رحمت ئي ته آهي جو اهي ماڻهو مقرر ٿيل وقت تائين خوشحاليءَ مان فائدا وٺن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّقوا ما بَينَ أَيديكُم وَما خَلفَكُم لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 45) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هنن (منڪرن) کي چيو وڃي ٿو ته جيڪا (سزا) توهان جي سامهون اچي بيٺي آهي ۽ جيڪا توهان جي پٺيان اچڻي آهي تنهن کان ڊڄو (۽ گناهن کان پرهيز ڪري نيڪ عمل ڪيو) ته من توهان تي رحم ڪيو وڃي، (تڏهن اهي منڪر آڪڙ ۾ ٻڌن ئي نٿا ۽ پٺي ڏيئي هليا ٿا وڃن)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان دنيا ۽ آخرت جي عذاب جو خوف ڪريو ته من توهان تي رحم ڪيو وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن ڪافرن کي چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب کان) ڊڄو جيڪو هر وقت اوهان سان گڏ اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي پٺيان (موجود آهي ته) من اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (تڏهين به منهن موڙن ٿا) (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ويندو آهي انهن کي ته ڊڄو ان (عذاب) کان جيڪو اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي پويان آهي تانته اوهان رحم ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوهان جي اڳيان (دنيا ۾ ) ۽ جيڪو اوهان جي پٺيان (آخرت ۾ ) آهي مَنَ اوهان تي رحم ڪيو وڃي (ته به منهن موڙين ٿا) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان (عذاب) کان بچو جيڪو توهان جي سامهون (يعني دنيا ۾) آهي ۽ اوهان جي پٺيان (يعني آخرت ۾) آهي تانجو توهان تي رحم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن چئجي اُنهن کي، ته رکو خوف خيال، اڳيان، پويان اَهنجي، جيڪِي ٻَري جنجال، اُميد ته اوهان نال، ڀورا! ٿئي ڀال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن کين چئجي ٿو ته، ”انهي عذاب جو ڊپ ڪريو، جيڪو اوهان جي اڳيان ۽ پويان آهي، ته من توهان تي ٻاجهه ٿئي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي جڏهن چيو وڃي ٿو ته بچايو پاڻ کي انهيءَ پڇاڙيءَ کان جيڪا اڳيان به پئي اچيوَ ته پٺيان به ٿي گذري اٿوَ ته مــَـنَ ڪو توهان تي رحم ڪيو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته بچو ان پڄاڻيءَ کان جيڪا توهان آڏو اچي پئي ۽ جيڪا توهان جي پويان گذري چڪي آهي من توهان تي رحم ڪيو وڃي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته توهان دنيا ۽ آخرت جي عذاب کان ڊڄو ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي. (ته هو ان طرف توجه ئي نٿا ڏين) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَأتيهِم مِن ءايَةٍ مِن ءايٰتِ رَبِّهِم إِلّا كانوا عَنها مُعرِضينَ (آيت : 46) |
۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نه ايندي آھي جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نه ھوندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سندن پروردگار جي نشانين مان ڪابه نشاني اهڙي ڪانه ٿي اچي جنهن کان هو منهن نٿا موڙين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن وٽ جڏهن الله تعالى جي نشانين مان ڪا نشاني پهچي ٿي ته اهي ان کان انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جي حالت هيءَ (آهي) جو سندن پالڻهار جي نشانين مان ڪا نشاني اچي ٿي ته اهي ماڻهو منهن موڙڻ کان نه ٿا رهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي اچي انهن وٽ ڪا نشاني سندن رب جي نشانين مان مگر هئا ان کان منهن موڙيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن پاليندڙ جي نشانين مان ڪا نشاني وٽن نه ٿي اچي پر اهي ان کان منهن موڙيندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن وٽ انهن جي پالڻهار جي نشانين مان ڪابه نشاني نه ٿي اچي مگر اُهي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اچي ڪو نه اُنهن کي، ڪو پَڌري پٽ پَرياڻ، سَندنِ پَروَر پاڪ جي، اُهڃن مان اُهڃاڻ، مگر موڳا پاڻ، آهِن مُنهن موڙِيندڙ اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر سندن ڌڻي جي نشانين مان جيڪا به نشاني وٽن اچي ٿي ان کان منهن موڙيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ته ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏين ٿا) انهن جي سامهون سندن رب جي ڪابه آيت اچي ٿي ته ان ڏانهن ڪوبه ڌيان نٿا ڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ته هي اڻ ٻڌي ڪن ٿا) ۽ انهن جي سامهون جيڪا به آيت سندن رب جي ايندي آهي ته اهي ان ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڏيندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن وٽ سندن پالڻھار جي طرفان نشانين مان جيڪا به نشاني اچي ٿي ته هو ان کان ڪن لاٽار ڪندا رهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُم أَنفِقوا مِمّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنوا أَنُطعِمُ مَن لَو يَشاءُ اللَّهُ أَطعَمَهُ إِن أَنتُم إِلّا فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 47) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله اوھان کي رزق ڏنو آھي تنھن مان خرچيو (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته اھڙي کي ڇو کارايون جو جيڪڏھن الله گھري ھا ته کيس کارائي ھا، اوھين اڳو پڌري گمراھيءَ ۾ آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪو رزق الله تعاليٰ اوهان کي عطا ڪيو آهي تنهن مان ڪجھ (الله جي راهه ۾ محتاجن لاءِ) خرچ ڪيو، تڏهن جن ڪفر جي راه اختيار ڪئي آهي سي مؤمنن کي چون ٿا ته، ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته پاڻ انهن کي کارائي ها؟ توهان (مؤمن) ته ظاهرظهور گمراهيءَ ۾ آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته توهان الله تعالى جي ڏنل رزق مان خرچ ڪريو. ڪافر مؤمنن لاءِ چون ٿا ته ڇا اسان انهن کي کارايون جن لاءِ جيڪڏهن الله چاهي ها ته انهن کي پاڻ کارائي ها توهان ته صاف گمراهيءَ ۾ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) کي چيو وڃي ٿو ته جيڪا خدا توهان کي روزي ڏني آهي تنهن مان ڪجھ (خدا جي راھ ۾ به) خرچ ڪريو ته (اهي) ڪافر ماڻهو ايمان وارن کي چون ٿا ته ڀلا اسين ان شخص کي (کارايون) جنهن کي (اوهان جي خيال ۾) خدا گهري ها ته خود کارائي ها، اوهين ماڻهو ته رڳو ظاهر گمراهي ۾ (پيل آهيو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو ٿو وڃي انهن کي ته خرچ ڪيو ان مان جيڪو رزق ڏنو اوهان کي الله ته چيو انهن جن ڪفر ڪيو انهن کي جن ايمان آندو ته ڇا کارايون اسين ان کي جو جيڪڏهن گهري ها الله ته کارائي ها ان کي ناهيو اوهان مگر کليل گمراهيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪا الله اوهان کي روزي ڏني آهي تنهن مان (غريبن تي) خرچ ڪريو ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته ڇا اسين ان کي کارايون جو الله جيڪڏهن گهري ته ان کي کارائي (پوءِ ان ۾) اوهين رڳو ظاهر گمراهيءَ ۾ آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته ان مان خرچ ڪيو جيڪا الله اوهان کي روزي ڏني آهي ته ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا: ”ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي اگر الله گهري ها ته خود کارائي ڇڏي ها، توهان ته رڳو پڌري گمراهي ۾ آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَڃي چيو جِنهن وار، ته ڏِيو ڏُکين کي، اُن مَنجھان، مال خَزانا، مِلڪيتون، ڏِنان جي ڏاتار، تَڏهن مَڃيو جَن، تَن کي چيو، جَن اَنڌن ڪيو اِنڪار، ته اَسِين ڪريون اُن لئي، ڪِهڙا طعام تيار، اَلله گُھري، ته اُن کي، ڏِئي کاڌا خوش گُوار، ناهيو مَنجھ ڪِنهن ڪار، مگر پَڌرِي مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن انهن کي چئبو آهي ته، ”جيڪي اوهان کي الله ڏنو آهي، ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪريو“ ته ڪافر مؤمنن کي چوندا آهن ته ”اسين ڇو اهڙي کي کارايون، جنهن کي الله گهري ها ته کارائي ها؟ اوهين ته صفا گمراهيءَ ۾ ئي آهيو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن چيو وڃينِ ٿو ته الله جيڪو رزق ڏنو اَٿوَ ان مان ڪجهه الله جي واٽ ۾ به خرچ ڪريو ته اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي، ايمان وارن کي جواب ٿا ڏين ته "ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي جيڪڏهن الله گهري ها ته پاڻ ئي کارائي ڇڏي ها؟ توهان ته صفا ڀٽڪي ويا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به کين چيو ويندو آهي ته خرچ ڪريو ان مان جيڪو رزق ڏنو آهي توهان کي الله (سندس راهه ۾) ته چوندا آهن اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو آهي ايمان آڻڻ وارن کي، ڇا اسان انهن کي کارايون جن کي جي چاهي ها الله ته انهن کي پاڻ کارائي ها، توهان ته بلڪل ئي گمراهه ٿي ويا آهيو ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته توهان کي الله تعالى جيڪو رزق ڏنو آهي تنھن مان ڪجهه (غريبن تي) خرچ ڪريو ته ڪافر، مؤمنن کي چون ٿا ته ڇا اسان اهڙن ماڻهن کي کارايون، الله تعالى جيڪڏهن چاهي ها ته کين خود کارائي ها. (درحقيقت) توهان صفا پڌري گمراهيءَ ۾ پيل آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الوَعدُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 48) |
۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (منڪر) چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مؤمن) سچ ٿا ڳالهايو ته (منڪرن تي عذاب ايندو ته ٻڌايو ته) اهو (عذاب جو) واعدو ڪڏهن (ظهور ۾) ايندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ته اهو وعدو (وري زنده ٿيڻ جو) ڪڏهن ايندو جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ چون ٿا ته (ڀلا) جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو ته نيٺ اهو (قيامت جو) انجام ڪڏهن پورو ٿيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هي وعدو جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته هيءَ انجام ڪڏهن (پورو) ٿيندو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”هي (قيامت جو) وعدو ڪڏهن پورو ٿيندو (ٻڌايو) جي اوهان سچا آهيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪڏهن ٻول قيام جو، پُڇن اِئَ پَچار، جي سَچا سُخن ۾ آهيو؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا آهن ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته اهو (عذاب جو) انجام اچي پڪڙيندو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو چون ٿا ته "اها قيامت جي ڌمڪي ڀلا ڪڏهن پوري ٿيندي؟ ٻڌايو جيڪڏهن سچا آهيو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي ئي (ماڻهو) چون ٿا ته، اها ڌمڪي (قيامت جي) ڪڏهن پوري ٿيندي؟ جيڪڏهن توهان واقعي سچا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو اهو به چون ٿا ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته (عذاب جي) هي ڌمڪي ڪڏهن پوري ٿيندي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يَنظُرونَ إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً تَأخُذُهُم وَهُم يَخِصِّمونَ (آيت : 49) |
اِھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن جو اُھي اُنھي حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (بيوقوف منڪر) بس رڳو هڪڙي سخت گجگوڙ لاءِ ترسيا بيٺا آهن جا هنن کي اوچتو اچي پڪڙ ڪندي، جڏهن هو بحثن ۽ جهڳڙن ۾ ئي مشغول هوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نٿا انتظار ڪن مگر هڪ زبردست دانهن جو جيڪا انهن کي اچي وٺندي ۽ اهي (دنيا جي) اختلافن ۾ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهي رڳو هڪ سخت چيخ (صور) جا منتظر آهن جا کين اوچتو (تنهن وقت) پڪڙيندي جڏهن اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿا انتظار ڪن مگر هڪ سخت آواز جو جيڪو پڪڙيندو انهن کي حالانڪ اهي جهيڙو ڪندا هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي رڳو هڪ سخت آواز جو انتظار ڪن ٿا جو کين (اوچتو) پڪڙيندو ۽ اهي پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي رڳو هڪ خوفناڪ آواز جو ئي انتظار ڪن ٿا جيڪو کين (اوچتو) پڪڙيندو ۽ اُهي (پاڻ ۾) جهڳڙو ڪري رهيا هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نَه ڪڍن اِنتظار، مگر هَڪل هيڪ جو، ڪڙڪو سِر ڪپار، اُهو ڪَندن گِرفتار، ۽ هِي هُوندا جھيڙي جنگ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو رڳو هڪ سخت آواز جي واٽ پيا نهارين، جو کين جهيڙا ڪندي اچي پڪڙيندو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي جنهن جو انتظار ٿا ڪن، اهو رڳو هڪڙو ڌڌڪو آهي، جيڪو اوچتو ئي اچي ان حالت ۾ مٿان ڪڙڪندن، جو اهي (پنهنجن دنيا جي معاملن ۾) جهڳڙا ڪندا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اصل ۾ اهي جنهن ڳالهه جي انتظار ۾ آهن اها ته بس هڪ ڌماڪو آهي، جيڪو کين پڪڙيندو ان وقت جڏهن اهي (دنيا لاءِ) وڙهي رهيا هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! هي ماڻهو ته رڳو هڪ رَڙِ جي انتظار ۾ آهن. جيڪا کين ان وقت اچانڪ پڪڙيندي جڏهن هو (دنيا جي معاملات ۾) پاڻ ۾ جهيڙو ڪري رهيا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا يَستَطيعونَ تَوصِيَةً وَلا إِلىٰ أَهلِهِم يَرجِعونَ (آيت : 50) |
پوءِ (اُھي) نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (عذاب اهڙو ته اوچتو مٿن ڪڙڪندو جو) پوءِ هنن کي رڳو وصيت ڪرڻ جي طاقت به ڪانه ٿيندي. نڪي هو پنهنجي ماڻهن ڏي موٽي وڃي سگهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي (پنهنجي گھر وارن لاءِ) وصيت ڪري نه سگھندا ۽ نه وري پنهنجي گھر وارن ڏانهن موٽي سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اهي نه وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه ڪري سگهندا وصيت ۽ نه پنهنجي اهل ڏانهن موٽندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهي نه وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجن گهر وارن ڏي موٽي سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نه ته اُهي وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهروارن ڏانهن موٽي سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وسيعت پوءِ، وصيّت جِي، نَه هونديَن تِنهن حال، ۽ موٽنِ پوءِ مَحال، گھوٽ، سَندنِ گَھر ٻار ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ نڪي هو وصيت ڪري سگهندا ۽ نڪي سندن گهر وارن ڏي موٽي سگهندا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ نڪي ڪا وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنهنجي گهر ٻار ڏانهن ئي موٽي سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان وقت اهي ڪا وصيت به نه ڪري سگهندا ۽ نه وري اهي پنهنجي گهر وارن ڏي موٽي سگهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (رَڙِ جي اچڻ کان پوءِ) هو نه ته ڪا وصيت ڪري سگهندا ۽ نه پنھنجي گهر ڀاتين ڏانھن موٽي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنُفِخَ فِى الصّورِ فَإِذا هُم مِنَ الأَجداثِ إِلىٰ رَبِّهِم يَنسِلونَ (آيت : 51) |
۽ صُور ۾ ڦوڪبو پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (قيامت جي ڏينهن) توتاري وڄائي ويندي (تنهن تي) هي ماڻهو قبرن مان (نڪري) پنهنجي پروردگار جي طرف ڊوڙندا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن (ٻِي) صُور ڦوڪي ويندي پوءِ ان وقت اهي قبرن مان نڪري پنهنجي رب ڪريم ڏانهن ڊوڙندا ايندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ وري (جڏهن ٻيو ڀيرو) صور ڦوڪي ويندي ته يڪدم اهي سڀ ماڻهو (پنهنجي پنهنجي) قبرن مان (نڪرندا نڪرندا) پنهنجي پروردگار (جي بارگاھ) ڏي ڊوڙندا (ايندا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦوڪ ڏني ويندي صور ۾ پوءِ اتي جو اتي قبرن مان (اٿي) پنهنجي رب ڏانهن ڊوڙندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ ان وقت ئي اهي قبرن مان (نڪري) پنهنجي پاليندڙ ڏي ڊوڙندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته پوءِ ان مهل ئي اُهي پنهنجي قبرن مان (نڪري) پنهنجي پالڻهار ڏانهن ڊوڙندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڦوڪيو وِيو ڏَنڊ ۾، پوءِ اِجھو اُنهِئ وار، ڪاهِيندا قبرن مان، پَنهنجي پَروَر پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ صور ۾ ڦوڪبو، پوءِ يڪدم اهي قبرن مان نڪري، سندن ڌڻيءَ ڏي ڊوڙندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري صور ڦوڪي ويندي ۽ اهي هڪدم پنهنجي رب آڏو حاضر ٿيڻ لاءِ پنهنجين قبرن مان نڪري ايندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڦوڪي ويندي هڪ صور، پوءِ اهي پنهنجي قبرن مان هڪدم نڪري ايندا پيش ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي رب جي حضور ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ جڏهن) صور ۾ ڦوڪيو ويندو ته هو اُتي جو اُتي پنھنجي قبرن مان نڪري پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ هلي پوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا يٰوَيلَنا مَن بَعَثَنا مِن مَرقَدِنا هٰذا ما وَعَدَ الرَّحمٰنُ وَصَدَقَ المُرسَلونَ (آيت : 52) |
چوندا ته اسان لاءِ ويل آھي اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو) ھيءُ اُھو آھي جيڪو ٻاجھاري الله انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو چوندا ته، افسوس اسان جي حال تي! ڪنهن اسان کي اسان جي ننڊ جي بسترن مان اٿاري کڙو ڪيو آهي. (ڏسجي ٿو ته) هيءَ ئي آهي (اها قيامت) جنهن جو وعدو رحمان خدا ڪيو هو، ۽ رسولن (واقعي) سچ چيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي چوندا هاءِ افسوس اسان کي اسان جي ننڊن مان ڪنهن اٿاريو هي (اٿڻ) اهو آهي جنهنجو وعدو رحمان ڪيو هو ۽ رسولن سچ فرمايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (حيران ٿي) چوندا، هاءِ افسوس! (اسين ته ستا پيا هئاسون) اسان کي اسان جي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو؟ (جواب ايندو ته) هي اهو ئي (قيامت جو) ڏينهن آهي جنهن جو وڏي مهربان (خدا) انجام ڪيو هو ۽ پيغمبرن سچ چيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا اي ويل آهي اسان جي لاءِ ڪنهن اٿاريو اسان کي اسان جي آرام واري جاءِ مان هي اهو آهي جيڪو وعدو ڏنو الله ۽ سچ ڳالهايو پيغمبرن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چوندا ته اسان لاءِ وڏي خرابي آهي اسان کي اسانجي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اُٿاريو؟ (ملائڪ جواب ڏيندا ته) هيءَ اُهو آهي جنهنجو وڏي مهربان (الله) انجام ڪيو هو ۽ پيغمبرن سچ چيو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چوندا: ”هاءِ اسان جي بربادي اسان کي ڪنهن اسان جي ننڊ جي جاين مان اٿاريو“؟ (زنده ٿي اٿڻ) اهو ئي ته آهي جنهن جو وڏي مهربان (الله) وعدو ڪيو هيو ۽ رسولن سچ چيو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آھ! اُٿارياسون ڪِنهِين، مَنجھان خواب خمار؟ چي، هي سَچو سو واعِدو، ڏِنو جو ڏاتار، ۽ مُرسل مَڻيان دار، صَفا سچ چَئـِي وِيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوندا ”اسين مصيبت ۾ پياسون، اسان کي اسان جي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو؟“ (چئبن) ”هي آهي الله جو ڪيل وعدو ۽ رسولن سچ چيو هو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وائـڙا ٿي چوندا ته "ويل ٿي ويو، اهو اسان کي اسان جي سمهڻ جي جاءِ مان ڪنهن اٿاريو آهي؟" اِها ته اُها شيءِ اٿوَ جنهن جو رحمان وعدو ڪيو هو ۽ رسولن جي ڳالهه بلڪل سچي هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) گهٻرائجي چوندا، اڙي ويل ٿي ويو ڪنهن اسان کي اٿاري بيهاريو آهي پنهنجي جاين تان؟ هيءَ ڳالهه اهو رحمٰن جو وعدو آهي ۽ اها ئي سچي ڳالهه آهي جيڪا رسولن چئي هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چوندا ته هاءِ ويل ٿي ويو، اسان کي اسان جي قبر (سمهڻ واري جاءِ) مان ڪنھن اٿاريو آهي؟ هي ته اُها ئي شيءِ آهي جنھن جو الله تعالى وعدو ڪيو هو ۽ جنھن لاءِ رسولن به سچ چيو هو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن كانَت إِلّا صَيحَةً وٰحِدَةً فَإِذا هُم جَميعٌ لَدَينا مُحضَرونَ (آيت : 53) |
(اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فقط هڪڙوئي آواز ٿيندو ته پوءِ هڪدم سڀ ماڻهو اسان جي اڳيان حاضر ڪيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها فقط هڪ دانهن هوندي پوءِ ان وقت اهي سمورا اسان وٽ (حساب لاءِ) حاضر ڪيل هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اها (قيامت ته) رڳي هڪ سخت رڙ هوندي پوءِ ان وقت ئي انهن سڀني کي اسان جي حضور ۾ حاضر ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هوندو اهو مگر هڪ سخت آواز پوءِ اتي جو اتي اهي سڀئي اسان وٽ حاضر ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها رڳي هڪ رڙ هوندي پوءِ ان وقت ئي انهن سڀني کي اسان وٽ حاضر ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو رڳو هڪ ڪڙڪيدار آواز ئي هوندو پوءِ اُهي سڀ جو سڀ ان مهل ئي اسان جي حضور ۾ حاضر ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڌِيڪ ناهي وار، مگر هَڪل هيڪڙِي، پوءِ اَسان وٽ اُن وار، سڀ هيڪاندا حُضور ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو رڳو هڪ سخت آواز هوندو، پوءِ اهي هڪدم اسان وٽ حاضر ڪبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هڪڙو ئي زبردست ڪڙڪو ٿيندو ۽ سڀئي آڻي اسان جي سامهون حاضر ڪيا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بس اهو ئي ٿيندو زوردار ڌماڪو هڪڙو ۽ پوءِ سڀ جا سڀ حاضر ڪيا ويندا اسان جي حضور ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! اها هڪ رَڙِ ته هوندي جنھن ڪري هو سڀ جا سڀ اسان جي سامھون فوراً حاضر ڪيا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاليَومَ لا تُظلَمُ نَفسٌ شَيـًٔا وَلا تُجزَونَ إِلّا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 54) |
پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ به ظلم نه ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھئو رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو انهيءَ ڏينهن ڪنهن به شخص سان ذرو به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي. ۽ اوهان ماڻهن کي انهن ئي ڪمن جو بدلو ملندو جي توهان ڪندا رهيا هئو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ان ڏينهن ڪو نفس ڪنهن تي ظلم نه ڪندو ۽ توهان کي ان عمل جي جزا ملندي جيڪو توهان ڪيو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (چيو ويندن ته) اڄ ڪنهن به شخص تي ڪجھ به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ اوهان ماڻهن کي ته رڳو اهو بدلو ڏنو ويندو جيڪي اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڄ نه ظلم ڪيو ويندو ڪو نفس ڪجهه به ۽ نه بدلو ڏنا ويندؤ مگر اهو جيڪو ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (چيو ويندن ته) اڄ ڪنهن به شخص تي ڪجهه به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ جيڪي اوهان ڪندا هئا رڳو ان جو بدلو اوهان کي ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اڄ ڏينهن ڪنهن تي ڪجهه به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ نه توهان کي ڪو بدلو ڏنو ويندو سواءِ انهن ڪمن جي جيڪي توهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪِنهن ڪانَهيي سان، اَڄ نَه ٿئي ذَرو ظُلم زِيان، ۽ ڪَميتَ ڇُٽندِيان ڪانه، مگر عمل ڪَندا، جي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) اڄ ڪنهن به شخص تي ڪجهه به ظلم نه ڪبو ۽ فقط اوهان جي ڪمن جو ئي بدلو ملندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اڄ ڪنهن تي ڪو ذري برابر به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ توهان کي اهڙو ئي اجورو ملندو، جهڙا توهان عمل ڪندا رهيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اڄوڪي ڏينهن تي ظلم نه ڪيو ويندو ڪنهن تي به ڪنهن شيءِ جو ۽ اهڙو ئي بدلو ڏنو ويندو توهان کي جيڪي عمل ڪندا رهيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اڄ ڪنھن تي ذَري جيترو به ظلم نه ڪيو ويندو ۽ هر ڪنھن کي پنھنجي عملن جو بدلو ڏنو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ أَصحٰبَ الجَنَّةِ اليَومَ فى شُغُلٍ فٰكِهونَ (آيت : 55) |
بيشڪ بھشتي اڄ ھڪ ڪم ۾ خوش ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً (جن نيڪ عمل ڪيا هئا اهي) جنتي ماڻهو انهيءَ ڏينهن هرهڪ شغل ۾ خوشيون ۽ فرحتون ماڻيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جنتي ان ڏينهن پنهنجي پسنديده ڪمن جون خوشيون ڪندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جنت وارا اڄ (قيامت جي ڏينهن) هڪ نه ٻي مشغوليءَ ۾ مزا ماڻي رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جنت وارا اڄ هڪ ڪم ۾ خوش ٿيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جنت وارا اڄ (پنهنجي) مشغوليءَ ۾ خوشيون ڪندڙ آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جنت وارا اڄ (پنهنجي من پسند) مشغولي ۾ مزا ماڻيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڄ خُوش شُغل شادِيَن ۾، جَنت جا جُونجھار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اڄ بهشتي هڪ مشغوليءَ ۾ خوش هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ اڄ جنتي ماڻهو مزا ماڻڻ ۾ مشغول آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جنت وارا ماڻهو اڄوڪي ڏينهن تي مشغول هوندا مزا ماڻڻ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جنتي ماڻهو اڄ خوشيون ملهائڻ ۾ مگن هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُم وَأَزوٰجُهُم فى ظِلٰلٍ عَلَى الأَرائِكِ مُتَّكِـٔونَ (آيت : 56) |
اُھي ۽ سندين زالون ڇانوَن ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندڙ ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ۽ سندن زالون (ٿڌيءَ) ڇانو ۾ سيجن تي وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي (مزي ۽ شان سان) ويٺا رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ۽ انهن جون گھر واريون ساين ۾ پردي سان ڍڪيل تختن تي ٽيڪون هڻندڙ هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ۽ سندن زالون (ٿڌين) ڇانون ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي (آرام سان) ويٺا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ۽ سندن زالون ڇانؤن ۾ تختن تي ٽيڪون ڏيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي ۽ سندن زالون ڇانون ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ۽ سندن زالون (گهاٽِيُن) ڇانؤن ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ويٺل هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي ۽ اُنهن جون عورتون، مَنجھ ٿڌِي ڇانوَ ٿڌڪار، سيجن مَٿي سامنهنڙا، وَهسن ويرو تار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ۽ سندن زالون ڇانو ۾ تختن تي ٽيڪ ڏيئي وهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ۽ سندن زالون گهاٽين ڇانوَن ۾ طول وهاڻن کي ٽيڪ ڏيو، اوچن صندلن تي ويٺا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ۽ سندن زالون گهاٽين ڇانون ۾ اوچن گاديلن تي ٽيڪون ڏئي ويٺل هوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو خود ۽ سندن گهر واريُون (ٿڌين) ڇانون ۾ تختن تي ٽيڪ لڳائي ويٺا هوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَهُم فيها فٰكِهَةٌ وَلَهُم ما يَدَّعونَ (آيت : 57) |
انھن لاءِ بھشت ۾ ميوا آھن ۽ جيڪي گھرندا سو (پڻ) انھن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اتي انهن لاءِ هر قسم جا ميوا (۽ خوشيون) موجود هونديون ۽ جيڪي به هو طلبيندا سو کين ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جنتين لاءِ ان ۾ (هر قسم جا) ميوا هوندا ۽ انهن لاءِ اهو هوندو جنهن جي (پاڻ) تمنا ڪندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بهشت ۾ انهن لاءِ (تازا) ميوا (تيار رکيا) آهن ۽ جو ڪجھ گهرندا سو (به) انهن لاءِ (حاضر) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) انهن جي لاءِ انهن ۾ ميوا آهن ۽ انهن جي لاءِ اهو (سڀ) آهي جيڪي گهرندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن لاءِ ان ۾ ميوا آهن ۽جو ڪجهه گهرندا سو (به) انهن لاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن لاءِ ان ۾ (هر قسم جو) ميوو هوندو ۽ انهن لاءِ هر اها شيءِ (موجود) هوندي جيڪا اُهي طلب ڪندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَنجھسِ ميوا اُنهن لئي، پڻ طَلبِينِ، سو تيار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن لاءِ بهشت ۾ ميوا به هوندا ۽ ٻيو جيڪي گهرندا سو ملندن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي هر قسم جا مزيدار کاڌا پيتا موجود اٿن ۽ جيڪي ٿا طلبين سو حاضر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي لاءِ موجود هونديون کاڌي پيتي جون لذيذ شيون اتي جيڪي طلبيندا سو حاضر هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنت ۾ انهن لاءِ ميون سان گڏ هر اها شيءِ هوندي جنھن جي هو گُهر ڪندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَلٰمٌ قَولًا مِن رَبٍّ رَحيمٍ (آيت : 58) |
چيو ويندو ته پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سڀني کان وڏي ڳالهه هيءَ ته) سندن رحيم پروردگار وٽان هنن کي (اهو) سلام پهچايو ويندو (ته ”سلامتي“ هجي اوهان تي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تي رب رحيم ڪريم جو سلام هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مهربان پروردگار جي طرفان سلام چيو ويندن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سلام آهي فرمان ٿي رب، مهربان جي طرفان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پاليندڙ مهربان جي طرفان سلام چيو ويندن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (توهان تي) سلام هجي، (اهو) وڏي ٻاجھه ڀرئي پالڻهار جو فرمان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سلامتِي سَهوار، مالِڪ مِهربان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئبن ته ”ڌڻيءَ ٻاجهاري جي طرف کان اوهان تي سلام هجي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رحم ڪندڙ رب طرفان کين سلام چيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سلام چيو ويو آهي انهن کي پنهنجي رب مهربان جي طرفان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مھربان پالڻھار طرفان کين سلام پھچايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَامتٰزُوا اليَومَ أَيُّهَا المُجرِمونَ (آيت : 59) |
۽ (چونداسون ته) اي گنھگارو اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (گنهگارن کي چيو ويندو ته) اي گنهارو اڄ جي ڏينهن توهان (نيڪ ماڻهن کان) جدا ٿي بيهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (الله تعالى قيامت ۾ فرمائيندو) اي مجرمو توهان اڄ ڏينهن الڳ ٿي وڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (حڪم ڪنداسون ته) اي گنهگارو! اڄ نيڪ (ماڻهن) کان جدا ٿيو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جدا ٿيو اڄ اي گنهگارؤ! .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (حڪم ڪنداسون ته) اي گنهگارو! اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (حڪم ڪنداسين ته) اي ڏوهاريو! اڄ اوهان (نيڪو ڪارن کان) الڳ ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَڄ ٽَرِي ڌار ٿيو، اي گُنہ گار، غُلام! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”۽ اي ڏوهاريو! اڄ نيڪن کان جدا ٿيو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ڏوهاريو، اڄ توهان (نيڪن) کان ڌار ٿي وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هٽي پري ٿي وڃو اڄ (توهان) اي ڏوهاريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وري) ڏوهارين کي چيو ويندو ته اڄ توهان سڀ الڳ الڳ ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم أَعهَد إِلَيكُم يٰبَنى ءادَمَ أَن لا تَعبُدُوا الشَّيطٰنَ إِنَّهُ لَكُم عَدُوٌّ مُبينٌ (آيت : 60) |
اي آدم جا اولاد اوھان ڏانھن پيغام نه موڪليو ھوم ڇا ته شيطان کي نه پوڄجو، جو بيشڪ اوھان جو پڌرو ويري آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي بني آدم! مون اوهان سان عهد نه ڪيو هو ته توهان شيطان جي ٻانهپ ۽ تابعداري نه ڪجو، جو هو يقيناً توهان جو کليو کلايو دشمن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو ڇا مون توهان کان وعدو نه ورتو هو ته توهان شيطان جي تابعداري نه ڪجو بيشڪ اهو توهان لاءِ صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي آدم جي اولاد! ڇا مون اوهان کي هيءُ تاڪيد نه ڪيو هو ته (خبردار!) شيطان جي عبادت نه ڪجو! اهو پڪ اوهان جو ظاهر دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه فرمان موڪليو هو مون اوهان ڏانهن اي آدم جا اولاد! هي ته نه پوڄيو شيطان کي بلاشڪ اهو اوهان جي لاءِ دشمن کليل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي آدم جي اولاد! ڇا مون اوهان کي هيءَ تاڪيد نه ڪيو هو ته شيطان جي عبادت نه ڪريو. بيشڪ اهو اوهان جو ظاهر دشمن آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي آدم جا اولاد! ڇا مون اوهان کان هن ڳالهه جو عهد نه ورتو هيو ته شيطان جي پوڄا نه ڪجو، بيشڪ اُهو اوهان جو پڌرو دشمن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَرتِم، نه وِياءَ آدم!، ڇا؟ اوهان کان اَنجام؟ ته عِبادت اِبلِيس جِي، نه ڪَجو تا قِيام، جو پهرين ڏِينهن کان، پَڌرو خَصم اوهان جو خام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! ڇا مون اوهان ڏي پيغام ڪو نه موڪليو هو؟ ته ”شيطان جي بندگي نه ڪجو، جو هو پڪ سان اوهان جو پڌرو دشمن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي آدم جي اولاد! ڇا مان توهان کي تاڪيد نه ڪيو هو ته شيطان جي ٻانهپ نه ڪجو، هو توهان جو کليو کلايو دشمن آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا مون هدايت نه ڪئي توهان کي اي اولادِ آدم! ته نه ڪريو بندگي توهان شيطان جي، بيشڪ اهو توهان جو سڌو سنئون دشمن آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي آدم جو اولاد! ڇا مان توهان کي تاڪيد نه ڪيو هو ته شيطان جي پيروي نه ڪجو بيشڪ هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنِ اعبُدونى هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 61) |
۽ ته منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (پڻ حڪم ڏنو هو ته) فقط منهنجي ٻانهپ ۽ تابعداري ڪجو، جو اهائي سڌي واٽ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان منهنجي عبادت ڪجو اهو ئي سڌو رستو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي ته (ياد رکو!) رڳو منهنجي عبادت ڪجو! اهو ئي (ڇوٽڪاري جو) سڌو رستو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هي ته منهنجي عبادت ڪيو هيءَ واٽ سڌي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي عبادت ڪريو. هيءَ سڌو رستو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هي ته منهنجي عبادت ڪجو. هي سڌو رستو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوڄيو مُون مُدام، سَئـِين، وَهِين اِئَ واٽڙِي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منهنجي بندگي ڪجو، اها ئي سنئين واٽ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منهنجي ئي ٻانهپ ڪجو، اهوئي سڌو رستو اٿوَ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ منهنجي ئي بندگي ڪريو، اهو ئي رستو سڌو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي ئي عبادت ڪجو، اهوئي سڌو رستو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَضَلَّ مِنكُم جِبِلًّا كَثيرًا أَفَلَم تَكونوا تَعقِلونَ (آيت : 62) |
۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نه سمجھندا ھُئو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهيءَ (شيطان) اوهان مان گهڻن ئي ماڻهن کي ڀلائي ڇڏيو. پوءِ ڇا توهان عقل ۽ سمجهه نه هلائي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ شيطان توهان مان تمام گھڻي مخلوق کي گمراه ڪيو، ڇا پوءِ توهان نٿي سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تنهن هوندي به) ان اوهان مان گهڻي خلق کي گمراھ ڪيو آهي. ته ڇا اوهان (ايترو به) نه ٿي سمجهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق گمراهه ڪيائين اوهان مان گهڻي خلق کي ڇا پوءِ نه ٿي سمجهيو اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اُن اوهان مان گهڻيءَ خلق کي گمراهه ڪيو آهي. ڇا پوءِ اوهان نه ٿي سمجهيو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ان توهان مان گهڻي خلق کي گمراهه ڪيو آهي. ڇا پوءِ توهان عقل نه رکندا هيئو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گھڻا مُنجھائـِين آن مَنجھان، پوءِ سَمجِھي نه ڪريو صَحِي؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ شيطان اوهان مان گهڻيءَ خلق کي گمراهه ڪيو، پوءِ اوهان نٿي پروڙيو ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر تڏهن به هن توهان مان گهڻيءَ ئي خلق کي گمراهه ڪري ڇڏيو. ڇا توهان کي عقل ڪونه هو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هن گمراهه ڪري ڇڏيو توهان مان ڪيترن کي، ڇا نه رکندا هئا توهان ڪوبه عقل؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر هن (شيطان) توهان مان گهڻن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪري ڇڏيو، پوءِ توهان عقل کان ڪم ڇونه ورتو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتى كُنتُم توعَدونَ (آيت : 63) |
ھيءُ اُھو دوزخ آھي (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو اٿوَ جهنم جنهن جو اوهان کي واعدو ڏنل هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هي اها جهنم آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هيءُ اهو جهنم آهي جنهن جو اوهان سان انجام ڪيو ويو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي جهنم آهي جنهن جو وعدو ڏنا ويا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هيءَ اهو جهنم آهي جنهنجو اوهان سان انجام ڪيو ويندو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اهو جهنم آهي جنهن جو توهان سان وعدو ڪيو ويندو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن جا ٻول ٻُڌايا ٿي وِيا، سو دوزخ حاضِر هِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءُ آهي دوزخ، جنهن جو اوهان کي وعدو ڏبو هو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هيءُ ته اهوئي جهنم اٿوَ جنهن کان توهان کي ڊيڄاريو ويندو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هيءُ ئي اها دوزخ آهي جنهن کان توهان کي ڊيڄاريو ويندو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهوئي جھنم آهي، جنھن جو توهان سان وعدو ڪيو ويو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اصلَوهَا اليَومَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 64) |
اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھُئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اڄ داخل ٿيو (۽ سڙو) انهيءَ (باهه) ۾. انهيءَ جي بدلي ۾ (جهنم جي سزا ڀوڳيو) جو توهان (حقيقتن کان) قطعي انڪار ڪيو (۽ غلط واٽ تي هلي بدعمل ڪَيوَ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان پنهنجي ڪفر جي ڪري اڄ انهيءَ ۾ داخل ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جيڪو ڪفر ڪندا هئا تنهنجي ڪري (ماٺ ميٺ ۾) اڄ ان ۾ داخل ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿيو ان ۾ اڄ ان سببان جو ڪفر ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪا بي شڪري ڪندا هئو تنهن جي ڪري اڄ ان ۾ داخل ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اڄ ان (دوزخ ۾) داخل ٿي وڃو ان ڪري جو توهان (دنيا ۾) ڪفر ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڄ ڪَڙهو مَنجھسِ ڪَهِي، جِنهن مُوجب مَڃِيندائي نه هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اڄ وڃو ان ۾، جو اوهين ڪفر ڪندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي اڄ وڃي سڙو ان ۾، جيڪي ڪفر توهان ڪندا هئا، ان جي بدلي ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ان جو ٻارڻ ٿيو اڄ ان سزا ۾ جيڪو توهان دنيا ۾ ڪفر ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنهنجي ڪفر جي ڪري اڄ توهان ان ۾ داخل ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اليَومَ نَختِمُ عَلىٰ أَفوٰهِهِم وَتُكَلِّمُنا أَيديهِم وَتَشهَدُ أَرجُلُهُم بِما كانوا يَكسِبونَ (آيت : 65) |
اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن اسان سندن واتن تي مهر هڻي ڇڏينداسين (۽ هو ڳالهائي ڪونه سگهندا) پر سندن هٿ ڳالهائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا انهن (بد) عملن بابت جيڪي هنن ڪيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اڄ اسين انهن جي واتن تي مُهرون هڻنداسين (سندن بداعماليءَ جي ڪري) ۽ اسان وٽ سندن هٿ ۽ پير سندن مٿان شاهدي ڏيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اڄ سندن واتن تي مهر هڻنداسون ۽ جيڪي ڪرتوت اهي ماڻهو (دنيا ۾) ڪندا هئا تن جا هٿ خود اسان کي ٻڌائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڄ مُهر هڻون ٿا انهن جي منهن تي ۽ ڳالهائيندا اسان سان هٿ انهن جا ۽ شاهدي ڏيندا پير انهن جا ان جي جيڪي ڪيو هوندائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اڄ سندن واتن تي مُهر هڻنداسون ۽ سندن هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اڄ اسان انهن جي واتن تي مُهرون هڻنداسين ۽ انهن جا هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ انهن جا پير شاهدي ڏيندا انهن (عملن) جي جيڪي اُهي ڪمائيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُهر سَندنِ مُنهن تي، هڻنداسون هِن وير، ۽ ڪُڇندا اَسان سِين، هٿ سَندنِ، پڻ شاهِد ٿِيندنِ پير، ڪَسب، ڪَمايون، ڪير؟ جِھڙا ڪَن جَھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اڄ سندن واتن تي مهر هڻنداسون ۽ سندن ڪيل ڪمن بابت هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ پير شاهدي ڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اڄ اسان سندن واتن تي مهر ٿا هڻون. سندن هٿ اسان سان ڳالهائيندا ۽ سندن پير شاهدي ڏيندا ته اهي دنيا ۾ ڪهڙي ڪمائي ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اڄ اسان بند ٿا ڪري ڇڏيون سندن وات، ۽ اسان سان ڳالهائيندا سندن هٿ ۽ شاهدي ڏيندا سندن پير ته (دنيا ۾) هو ڇا ڪمائي ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اڄ اسان انهن جي زبانن تي مھر هڻون ٿا، هاڻي انهن جا هٿ ئي اسان سان ڳالهائيندا ۽ انهن جا پير شاهدي ڏيندا ته هي ماڻهو(دنيا ۾) ڪھڙا ڪهڙا ڪم ڪندا هئا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو نَشاءُ لَطَمَسنا عَلىٰ أَعيُنِهِم فَاستَبَقُوا الصِّرٰطَ فَأَنّىٰ يُبصِرونَ (آيت : 66) |
۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين اکين کي ناس ڪريون پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن ته پوءِ ڪٿان ڏسندا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن اکيون ڪڍي ڇڏيون ها. پوءِ (سڌي) واٽ ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪن، پر ان حالت ۾ هو ڪيئن ڏسي سگهن ها؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته سندن اکيون (دنيا ۾) مِٽائي ڇڏيون ها پوءِ اهي (ڏٺل رستي ڏانهن) ڊوڙن ها پر اهو به کين ڏسڻ ۾ نه اچي ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته سندن اکين کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ رستو ڳوليندا وتن پر هو ڪٿي ٿا ڏسي سگهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته البته ميٽي ڇڏيون سندن اکيون پوءِ ڊوڙن ها واٽ سان پوءِ ڪٿان ڏسندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن (ڪمن) جي جيڪي اهي ڪندا هئا. ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته سندن اکين کي ناس ڪريون پوءِ رستي ڏي وڌندا ته ڪٿان ڏسندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته انهن جون اکيون ئي ميٽائي ڇڏيون ها پوءِ رستي ڏانهن ڊوڙن ها ته (انڌا) ڪٿان ڏسن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي گُھرون ته اکيون اُنهن جون، هِڪدم ميٽيون هاڻ، پوءِ وَاٽان وَڌن پاڻ، ته پوءِ ڪِٿان پَسن گس پوئتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر سندن اکين کي ناس ڪري ڇڏيون، پوءِ واٽ ڏي ڊوڙندا ته ڪٿان ڏسندا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چاهيون ته سندن اکيون ئي انڌيون ڪري ڇڏيون پوءِ ڀلي وڌي ڏسن رستي ڏي، پر ڪٿان ڏسي سگهندا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي چاهيون اسان ناس ڪري ڇڏيون سندن اکين کي، پوءِ وڌندا رستي ڏي ته ڪٿان ڏسي سگهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ته سندن اکين جي نور کي چَٽ ڪري ڇڏيون، پوءِ هو رستو ڳولهڻ لڳندا پر هو ڪٿان رستو ڏسي سگهندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو نَشاءُ لَمَسَخنٰهُم عَلىٰ مَكانَتِهِم فَمَا استَطٰعوا مُضِيًّا وَلا يَرجِعونَ (آيت : 67) |
۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون ته پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوءَ تي موٽن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هنن کي سندن جاين تي ئي سندن صورتون مٽائي بيهاري ڇڏيون ها، جو پوءِ هو نڪي (اڳتي) هلي سگهن ها، نڪي پٺتي موٽي سگهن ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها ته گھر ويٺي سندن صورتون مِٽائي ڇڏيون ها پوءِ نه اهي وڌي سگھن ها ۽ نه پوئتي موٽي سگھن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته جتي هجن اتي سندن شڪليون بدلائي ڇڏيون پوءِ نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه پٺتي موٽي سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهرون ته البته سندن صورتون مٽائي ڇڏيون ها سندن جاين تي پوءِ نه هلي سگهن ها ۽ نه موٽي سگهن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته جتي هجن اتي سندن شڪليون بدلائي ڇڏيون پوءِ نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه پٺتي موٽي سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سندن رهائشگاهن تي ئي سندن صورتون بگاڙي ڇڏيون ها پوءِ نه اڳتي وڌي سگهن ها ۽ نه پوئتي موٽي سگهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي گُھرون ته بِيٺي ماڳ سَندنِ، مٽايونِ مُورت، پوءِ سامهون ڪِنهن صُورت، نه وَڌنِ، نه وَرنِ پوئتي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جي اسين گهرون، ته سندن گهرن ۾ ئي سندن شڪل ڦيرائي ڇڏيون، پو ءِ نڪي اڳتي هلي سگهن، نڪي موٽي سگهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چاهيون ته کين سندن جاين تي ئي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيون، جو نه اڳتي وڌي سگهن ۽ نه پوئتي موٽي سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي چاهيون ته بدلائي ڇڏيون سندن شڪليون جتي به هجن، ته پوءِ نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه (وري) پٺتي موٽي سگهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ته سندن شڪلين کي اُتي جو اُتي ڦيرائي ڇڏيون ته پوءِ هو نه اڳتي هلي سگهندا ۽ نه ئي پوئتي موٽي سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن نُعَمِّرهُ نُنَكِّسهُ فِى الخَلقِ أَفَلا يَعقِلونَ (آيت : 68) |
۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون تنھن کي بڻاوت ۾ اونڌو ڪندا آھيون، (ايتري ڳالھ به) نه سمجھندا آھن ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن کي اسان وڏي عمر ٿا ڏيون تنهن جون قوتون اسان اٽلندو گهٽائي ٿا ڇڏيون. سو ڇا هي ماڻهو نٿا سمجهن (ته اسان سڀ ڪجهه ڪري ٿا سگهون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو کي اسين عمر رسيدهه ڪريون ٿا ته ان جي خِلقت ۾ ضعف پيدا ڪريون ٿا ڇا پوءِ اهي نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا تنهن کي ابتو گهٽائيندا (ٻارڙن وانگر بي پهچ) ڪريون ٿا ڇا پوءِ اهي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا ته اونڌو ڪيون ٿا ان کي خلقت ۾ ڇا پوءِ نه ٿا سمجهن؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن کي وڏي عمر ڏيون ٿا تنهن کي بڻاوت ۾ ابتو گهٽائيندا وڃون ٿا ڇا پوءِ اهي عقل کان ڪم نه ٿا وٺن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن کي اسان وڏي عمر ڏيون ٿا ان کي تخليق (جي قوتن ۾) ابتو ڦيرايون ٿا (يعني جسماني قوتن ۾ ننڍپڻ وانگر ڪمزوري آڻيون ٿا). ڇا پوءِ اُهي عقل نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين وَڌائـِيندا آهيون، جِنهن ڪِنهن جِي، عمر جِيئن، اُبتايونسِ عُضوا تِئين، پوءِ صَحِي ڇو نه سوچيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن جي اسين وڏي عمر ڪندا آهيون ته ان جي وري بناوٽ ابتي ڪندا آهيون، پوءِ اهو به نٿا سمجهن ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي اسان ڊگهي عمر ڏيندا آهيون، ان جي بناوت کي اسان موٽائي اڳي جهڙو ڪري ڇڏيندا آهيون. ڇا تڏهن به عقل نٿا ڌارين؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڏيون ٿا وڏي عمر جنهن کي به بناوٽ ۾ موٽائي اڳي جهڙو ڪريون ٿا، (اهو سڀڪجهه ڏسي به) کين عقل نٿو اچي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جنھن کي ڊگهي عمر ڏيندا آهيون ته وري کيس ٻاراڻي بناوت (۽ طبيعت) ڏي واپس ڦيرائي ڇڏيندا آهيون. پوءِ هي ماڻهو ان ڳالهه کي ڇو نٿا سمجهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما عَلَّمنٰهُ الشِّعرَ وَما يَنبَغى لَهُ إِن هُوَ إِلّا ذِكرٌ وَقُرءانٌ مُبينٌ (آيت : 69) |
۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءَ ته نصيحت ۽ پڌرو قرآن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) اسان کيس (يعني حضرت محمدﷺ کي) شعر (يعني بيسود تُڪ بنديون) ڪونه سيکاريون آهن، نڪي شعرگوئي هن کي ٺهي ٿي. (جيڪي هو اوهان کي ٻڌائي ٿو) اهو سواءِ هن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ته سراسر (مفيد) نصيحت آهي ۽ (هر ڪنهن مسئلي کي) چٽو ڪندڙ قرآن آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي کي اسان شعر چوڻ نه سيکاريو ۽ نه اهو سندن شايان شان آهي ناهي اها (وحي) مگر نصيحت ۽ قرآن مبين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن پيغمبر کي اسان نه شعر سيکاريو آهي ۽ نه شاعري سندس شان جي لائق آهي. هيءُ (ڪتاب) ته رڳي نصيحت ۽ ظاهر قرآن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه سيکاريو اسان ان کي شعر ۽ نه ٿو مناسب ٿئي ان جي لاءِ ناهي اهو مگر نصيحت ۽ قرآن پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پيغمبر کي اسان شعر نه سيکاريو ۽ نه اهو ان جي لائق آهي. هيءَ (جيڪي ان ڏي لاٿو ويو آهي) رڳي نصيحت ۽ ظاهر قرآن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ان (نبي محمد ڪريم ﷺ) کي شعر چوڻ نه سيکاريا آهن ۽ نه اُهي ان جي شان جي لائق آهن. اهو (ڪتاب) ته رڳو نصيحت ۽ روشن قرآن آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ شِعر نه سيکاريوسُون اُن کي، ۽ نه شِعر اُنهِئَ جو شان، ناهي نصحيت سوا، بِهتر هِي بيان، قرارو قرآن، چِٽيون چوندڙ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان نڪي نبيءَ کي شعر سيکاريو آهي، نڪي اهو هن کي جڳائي ٿو، هيءُ ته نصيحت ۽ چٽو قرآن آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن (نبيءَ) کي شعر نه سيکاريو آهي ۽ نڪي شاعري ڪا سندس شان وٽان ئي آهي، اهو (قرآن) ته فقط هڪڙو نصيحت ڪندڙ آهي ۽ چٽي طرح پڙهجڻ وارو ڪتاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه سيکاريو آهي اسان هن (نبي) کي شعر ۽ نه شاعري کيس سونهين ٿي، هي ته هڪ نصيحت سان پڙهجڻ وارو چٽو ڪتاب آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان هن (پيغمبر سڳوري) کي ڪابه شاعري نه سيکاري آهي ۽ نه ئي شاعري ڪرڻ سندس شان وٽان آهي. هي ته هڪ نصيحت وارو ڪتاب ۽ پڌرو قرآن آهي (جيڪو هو ٻڌائي ٿو) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُنذِرَ مَن كانَ حَيًّا وَيَحِقَّ القَولُ عَلَى الكٰفِرينَ (آيت : 70) |
ته اُنھي کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (قرآن مجيد جو نازل ڪيو ويو آهي سو) هن لاءِ ته هرهڪ زنده دل انسان کي خبردار ڪري (۽ سنئين واٽ ڏيکاري) ۽ ڪافرن جي باري ۾ اهو قول سچو ثابت ٿئي (ته هو خدائي ڏنل هدايتن تي عمل نه ڪرڻ ۽ بد ڪمن ڪرڻ سببان هن ئي دنيا ۾ خوار خراب ۽ تباهه ٿي ويندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته ان ماڻهو کي ڊيڄاريو وڃي جنهن جي دل ۾ خوف خدا آهي ۽ ڪافرن تي تقديرِ الاهي ثابت ٿي چڪي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته جيڪو زنده (دل عقل وارو) هجي تنهن کي (عذاب کان) ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي (عذاب جو) قول ثابت ٿي (وڃي ۽ حجت باقي نه رهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته ڊيڄاري ان کي جيڪو هجي جيئرو ۽ ثابت رهي حجت ڪافرن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته جيڪو جيئرو هجي تنهنکي ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته ان شخص کي ڊيڄاري جيڪو زنده هجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان ڊيڄارجي، تِنهن ڍوليي، جو جيئرو مَنجھ جَھان، پڻ ٿئي مَٿي ڪُفران، قائـِم قول عذاب جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ان کي ڊيڄاري، جيڪو جيئريءَ دل وارو هجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن هو، هر انهيءَ ماڻهوءَ کي خبردار ڪري جيڪو جيئرو آهي ۽ انڪار ڪرڻ وارن تي حجت قائم ٿي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن ڊيڄاري هر ان شخص کي جيڪو زنده هجي ۽ حجت قائم ٿي وڃي انڪار ڪندڙن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن سوچڻ ۽ سمجهڻ واري کي ڊيڄاري ۽ ڪافرن تي (اسان جي) حجت پوري ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا خَلَقنا لَهُم مِمّا عَمِلَت أَيدينا أَنعٰمًا فَهُم لَها مٰلِكونَ (آيت : 71) |
نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (منڪر) نٿا ڏسن ڇا ته جيڪي جيڪي اسان جي هٿن بنايو آهي، تنهن مان (هڪڙي نعمت هيءَ آهي ته) اسان هنن لاءِ ڍڳا ڍور خلقيا آهن، جن جا هو مالڪ بنيا ويٺا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ اسان پنهنجي دستِ قدرت سان انهن لاءِ چؤپايا خلقيا پوءِ اهي ان جا مالڪ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن هن تي به غور نه ڪيو جو اسان سندن فائدي لاءِ ڍور ان شيءِ مان پيدا ڪيا جنهن کي اسان جي قدرت ئي بنايو پوءِ اهي ماڻهو (اسان جي فضل ۽ ڪرم سان) انهن جا مالڪ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسان پيدا ڪيو انهن جي لاءِ ان مان جو ٺاهيا (قدرتي) هٿن اسان جي چوپيا جانور پوءِ اهي انهن جا مالڪ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته جن (شين) کي اسان جي هٿن بنايو تن مان اسان انهن لاءِ ڍور (به) پيدا ڪيا آهن پوءِ اهي انهن جا مالڪ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن نه ڏٺو جو اسان پنهنجي (قدرت جي) هٿن جي بنايل (شين) مان انهن جي لاءِ چوپايا پيدا ڪيا آهن پوءِ هي انهن جا مالڪ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، اُنهن نه ڏِٺو اکيين؟ ته هزارين تَن هار، جوڙياسون ڍور ڍڳا، جي وَڙڪن مَنجھ وَلهار، جي هٿن اسان جي ڪم ڪيا، مَنجهان تن تڪرار، پوءِ آهِن پاڻ اُنهن جا، ڌڻِي، ڪي ڌراڙ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن نه ڏٺو آهي، ته اسان پنهنجي هٿن جي بڻاوت مان هنن لاءِ ڍور خلقيا، تڏهن هو سندن مالڪ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي نٿا ڏسن ته اسان پنهنجن هٿن سان جوڙيل شين مان ئي سندن چوپايو مال به ڪيو آهي، جن جا پوءِ هاڻي اِهي مالڪ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان خلقيا آهن انهن جي لاءِ پنهنجي ئي هٿن سان چوپايا مال ۽ هاڻي اهي انهن جا مالڪ بڻيا ويٺا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي ته جن شين کي اسان خود ٺاهيو آهي انهن ئي شين مان اسان ڍور ڍڳا به پيدا ڪيا، پوءِ هي ماڻهو انهن جا مالڪ ٿيا ويٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَذَلَّلنٰها لَهُم فَمِنها رَكوبُهُم وَمِنها يَأكُلونَ (آيت : 72) |
۽ اُنھن (ڍورن) کي اُنھن جو تابعدار ڪيوسون پوءِ منجھانئن ڪي سندن چڙھيءَ جا آھن ۽ منجھانئن ڪي (اُھي) کائيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان انهن (ڍڳن ڍورن) کي سندن تابع ڪري ڏنو آهي. سو انهن مان ڪن تي سواري ڪن ٿا ۽ ڪن (جي گوشت وغيره) کي کائين ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن لاءِ چؤپايا مسخر (تابعدار) بنايا پوءِ انهن مان ڪن تي اهي سوار ٿين ٿا ۽ انهن مان ڪن کي کائن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ئي ڍورن کي سندن تابعدار ڪيو ته انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تابعدار ڪيو اسان انهن کي انهن جو پوءِ انهن مان سندن سواريون آهن ۽ انهن مان کائن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي اسان سندن تابعدار ڪيو پوءِ انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان انهن کي سندن وس ۾ ڪيو پوءِ انهن مان ڪي سندن سواري آهن ۽ انهن مان ڪن (جي گوشت) کي کائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪري ڏناسون ڪرم سان، تن کي تابعدار، پوءِ ڪن تي سندن سواريون، ڪن مان کائـِن خُوشگوار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هنن کي سندن تابعدار ڪيو، جو منجهانئن ڪن تي چڙهن ٿا ۽ ڪن مان کائين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهن کي ائين سندن هٿ وس ڪري ڇڏيو آهي، جو انهن مان ڪن تي اهي سواري ٿا ڪن ته ڪن جو وري گوشت ٿا کائن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي اسان اهڙي طرح سندن وس ۾ ڪيو آهي جو ڪن تي سواري ٿا ڪن ۽ ڪن جو گوشت ٿا کائن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان انهن ئي ڍور ڍڳن کي سندن قبضي ۾ ڏنو ته جيئن هو انهن مان ڪن تي سواري ڪندا رهن ۽ ڪن جو گوشت کائيندا رهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَهُم فيها مَنٰفِعُ وَمَشارِبُ أَفَلا يَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ اُنھن لاءِ اُنھن (ڍورن) ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ جون شيون (يعني کِير) آھن، پوءِ اُھي ڇونه شُڪر ڪندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن ڍڳن ڍورن مان هنن جي لاءِ ٻيا به فائدا آهن ۽ پڻ پيئڻ جون شيون (کير لسي وغيره حاصل ٿين ٿيون) پوءِ به هو شڪر نٿا ڪن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن لاءِ انهن (چؤپاين) ۾ گھڻا نفعا ۽ کير وغيره آهي ڇا پوءِ اهي شڪر نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن لاءِ انهن (ڍورن) ۾ ڪيئي فائدا آهن ۽ پيئڻ جي شيءِ (کير) ڇا پوءِ اهي ماڻهو (تڏهن به) شڪر نه ٿا ڪن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن لاءِ انهن ۾ نفعا ۽ پيئڻ جون شيون آهن ڇا پوءِ شڪر نه ٿا ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن لاءِ (ڍورن) ۾ گهڻا فائده ۽ پيڻ جون شيون آهن (جيئن کير) ڇا پوءِ شڪر نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (جانورن) ۾ انهن لاءِ فائدا آهن ۽ پيئڻ جون شيون آهن. ڇا پوءِ به شڪر ادا نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کَٽيا، کَٽا کير ڪَئـِين، نفعا مَنجھنِ نِروار، پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، نه ڳائـِن ڳُڻ ڳالهيون؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن لاءِ منجهن ٻيا به فائدا ۽ کير آهي_ پوءِ، ڇو نٿا شڪر ڪن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منجهن انهن لاءِ ڪيترائي فائدا ۽ ڪيئي پيئڻ جون شيون آهن. ته به پوءِ ڇو نه ٿا شڪر ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن جي لاءِ منجهن طرح طرح جا فائدا ۽ پيئڻ جون شيون آهن، پوءِ به اهي شڪر نٿا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن (ڍور ڍڳن) ۾ اسان انهن لاءِ گهڻا ئي فائدا ۽ پيئڻ جون شيون رکيون آهن، پوءِ به هي ماڻهو شڪر ڇو نٿا ادا ڪن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ ءالِهَةً لَعَلَّهُم يُنصَرونَ (آيت : 74) |
۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن ته مانَ کين مدد ڏني وڃي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (الله تعاليٰ وٽان نعمتون ملندي به) هو الله کي ڇڏي (هٿرادو ٺاهيل) معبودن کي چنبڙي پيا آهن، انهيءَ (اجائي) اميد تي ته (انهن مان) کين مدد ملندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن (ڪافرن) الله تعالى کانسواءِ معبود بنايا آهن ته من انهن جي مدد ڪئي وڃي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن خدا کي ڇڏي (فرضي هٿرادو) معبود بنايا آهن هن لاءِ ته کين انهن کان ڪا مدد ملي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بنايائون الله کان سواءِ ٻيا معبود تانته اهي مدد ڪيا وڃن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله کانسواءِ ٻين کي حاڪم ٺهرايو اٿن (هن لاءِ ته) مَنَ سندن مدد ڪئي وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن الله کان سواءِ ٻين کي معبود بنايو ان اميد تي ته سندن مدد ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڌَڻِئ ڌاران ٺاهيؤن، وَسِيلا، وَزِير، ته مَانَ مَدد ڪَن اُنهن جِي، اُهکي ۾ اڪسير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن وري الله کان سواءِ ٻين کي سائين بنايو آهي، ته من اهي سندن مدد ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تڏهن به انهن الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا آهن ته مَنَ ڪا مدد ڪئي وڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان سڀ هوندي به انهن بڻايا آهن معبود (پنهنجي لاءِ) الله کان سواءِ ۽ اميد ٿا رکن ته سندن مدد ڪئي ويندي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سڀ نعمتون ملڻ کان پوءِ به) هي ماڻهو الله تعالى کان سواءِ ٻين کي معبود بڻائي ويٺا آهن ته جيئن سندن مدد ڪئي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَستَطيعونَ نَصرَهُم وَهُم لَهُم جُندٌ مُحضَرونَ (آيت : 75) |
(اُھي) کين مدد ڏئي نه سگھندا ۽ اُھي (بُت) اُنھن جو لشڪر ٿي گڏ ڪيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (ٺلها) معبود هنن کي ڪابه مدد ڏيئي نه سگهندا. ۽ اهي خود هنن جي لاءِ ٽولي بنائي (خدا جي حضور ۾) حاضر ڪيا ويندا (ته منڪر ڏسن ته هو پاڻ خدا جي اڳيان عاجز آهن ۽ کين ڪابه مدد ڪانه ڪري سگهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (انهن بتن کي سندن) مدد ڪرڻ جي طاقت نه آهي ۽ اهي پنهنجي لشڪر سميت حاضر ڪيل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هوڏانهن) اهي سندن مدد نه ڪري سگهندا، ۽ اهي (ڪافر) انهن (معبودن) جو لشڪر آهي ۽ (قيامت ۾) انهن سڀني جي پيشي ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڪري سگهندا مدد انهن جي ۽ اهي انهن جي لاءِ لشڪر حاضر ڪيل آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي سندن مدد نه ڪري سگهندا مورڳو انهن کي سندن (مددگار) لشڪر سمجهي پيش ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (ڪوڙا معبود) سندن مدد ڪري نه سگهندا ۽ اُهي (مشرڪ) انهن (بتن) جا لشڪر هوندا جي (گڏائي دوزخ ۾) حاضر ڪيا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَدد سَندن کي مُورهين، نه پُهچن سَندنِ پِير، ۽ حاضر فوج فقير، مُرڳو مَدد اُنهن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر اهي ته کين مدد ڏيئي ڪونه سگهندا، الٽو اهي سندن لشڪر ٿي گرفتار ڪري گڏ ڪبا! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ته سندن ڪا به مدد ڪري نٿا سگهن، جو هي پاڻ ئي سندن حاضريءَ ۾ مددگار لشڪر بڻيل آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سندن ڪابه مدد ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن، پر اهي اٽلندو انهن جي لاءِ حاضر ٿيل لشڪر بڻيل آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي معبود انهن جي ڪابه مدد نه ڪري سگهندا بلڪه هنن (يعني مشرڪن) کي ته (ڪوڙن) معبودن جي لشڪر جي حيثيت ۾ الله تعالى جي آڏو پيش ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا يَحزُنكَ قَولُهُم إِنّا نَعلَمُ ما يُسِرّونَ وَما يُعلِنونَ (آيت : 76) |
پوءَ (اي پيغمبر) توکي سندن چوڻ نه ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) هنن جي مخالفت وارين ڳالهين تي غم نه ڪر، جيڪي جيڪي هو لڪائين ٿا ۽ جيڪي جيڪي هو ظاهر ڪن ٿا سو سڀ اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا (سو اسان کين اهڙو ته سوگهو جهلينداسين جو توکي ڪوبه نقصان پهچائي نه سگهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان کي سندن بي ادبي ڏکي نه لڳي. بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا جيڪو اهي لڪائن ٿا ۽ جيڪو اهي ظاهر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي پيغمبر) سندن ڳالهيون تو کي رنج نه ڪن ڇو ته اهي جو ڪجھ لڪائين ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا تنهن کي اسين بيشڪ ڄاڻون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه ڏکوئي توکي قول انهن جو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا جيڪي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي پيغمبر !) سندن ڳالهيون توکي رنج نه ڪن ڇو ته اهي جو ڪجهه لڪائين ٿا ۽ جو ڪجهه ظاهر ڪن ٿا تنهن کي اسين بيشڪ ڄاڻون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي!) انهن جون ڳالهيون تو کي ڏکارو نه ڪن. بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪي اُهي لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي تَن جي تُنڪن جو، غَم نَه ٿئي گوهر! اَسِين سَمجھون سربسر، جيڪِي ڪن ڳُجھو ۽ پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اي رسول! تون سندن گفتن تي غم نه ڪر، اسين اهو سڀ ڄاڻون ٿا، جيڪي هو لڪائين ٿا، خواهه ظاهر ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو سندن ڳالهيون توکي ڏک ۾ نه وجهن، اسان ته ڄاڻون ٿا، جيڪي لڪائين ٿا توڙي ظاهر ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱو، انهن جون ڳالهيون توکي ڏکوئن نه، بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا انهن جي سڀني لڪل ۽ ظاهر ڳالهين کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) هنن ماڻهن جي ڳالهين تي هرگز ڏک نه ڪر، اسان انهن جي لڪيل ۽ ظاهري ڳالهين کي خوب ڄاڻون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَ الإِنسٰنُ أَنّا خَلَقنٰهُ مِن نُطفَةٍ فَإِذا هُوَ خَصيمٌ مُبينٌ (آيت : 77) |
ماڻھوءَ نه ڏٺو آھي ڇا ته اسان کيس نُطفي مان بڻايو پوءِ تڏھن ته اُھو پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان نٿو ڏسي ڇا ته اسان کيس نطفي مان پيدا ڪيو آهي؟ پوءِ به ڏسو ته هو کليو کلايو جهڳڙالو ٿي بيٺو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انسان (ڪافر) نه ڏٺو ته بيشڪ اسان ان کي هڪ قطري مان پيدا ڪيو پوءِ هاڻي اهو (اسان لاءِ) صاف دشمن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا آدمي هن تي به غور نه ڪيو ته اسان ئي ان کي هڪ (ذليل) نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اجهو اهي ظاهر مقابل (ٿيو) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو انسان ته بيشڪ اسان ان کي پيدا فرمايو منيءَ جي ڦڙي مان پوءِ ان وقت اهو جهيڙا ڪار پڌرو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ماڻهوءَ نه ڏٺو ته اسان کيس نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اجهو اهو ظاهر جهيڙاڪ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انسان اهو نه ڏٺو جو اسان ان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ به اُهو کُلي طرح سخت جهڳڙالو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو نه ڏِٺو اِنسان؟ ڦُڙيان ڪوسون ڦُل تِنهِين، پوءِ اِجھو عدو پڌرو، ٿِي بيٺو بي گُمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، انسان اهو نه ڏٺو آهي، ته اسان کيس ڦڙي مان بڻايو، تڏهن وري هو چٽو جهڳڙالو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انسان نٿو ڏسي ته اسان کيس هڪڙي ٽيپي مان پيدا ڪيو آهي، پوءِ هو وري پڌرو جهڳڙائي ٿي پيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو نٿو ڏسي انسان ته اسان کيس خلقيو آهي هڪ ڦڙي مان، پوءِ هو هڪ جهڳڙالو بڻجي بيٺو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انسان نه ڏٺو آهي ته اسان کيس نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ به هو پڌرو ڦڏائي ٿي بيٺو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَضَرَبَ لَنا مَثَلًا وَنَسِىَ خَلقَهُ قالَ مَن يُحىِ العِظٰمَ وَهِىَ رَميمٌ (آيت : 78) |
۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن) ھڏن کي ڪير جياريندو .(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جي لاءِ مثال ٿو ٺاهي (ڄڻ ته خدا به انسانن وانگر ڪمزور آهي) ۽ پنهنجو (بنياد ۽) خلقت وساري ٿو ڇڏي. هو چوي ٿو ته، ڪير سڪن سڙين هڏن کي (وري) جيئاري ٿو سگهي؟ (هو سمجهي ٿو ته خدا جي طاقت به انسانن وانگر محدود آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي خِلقت کي وساري ويٺو چوي ٿو ته انهن ڳريل هڏن کي ڪير جياريندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي پيدائش (جي ڳالھ) کي ڀلجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته ڀلا جڏهن هي هڏيون (ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينديون ته (پوءِ) ڪير (وري ٻيهر) جيئرو ڪندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيان ڪندو آهي اسان جي لاءِ مثال ۽ وساري ويٺو پنهنجي خلقت چوي پيو ته ڪير جيئرو ڪندو هڏن کي حالانڪ اهي سڙيل هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان لاءِ هڪ مثال بيان ڪيائين ۽ پنهنجي پيدائش کي ڀلجي ويو، چيائين ته ڪير هڏن کي جيئرو ڪندو هوڏانهن اهي ڳريل هوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان جي واسطي مثال بيان ڪري ٿو ۽ پنهنجي پيدائش (جي اصليت) وساري ويٺو آهي. چوي ٿو ته: ”هڏين کي ڪير جياريندو جڏهن اُهي ڳري پامال ٿي وينديون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو لڳو اَسان مَٿان، ڪرڻ باب بيان، ۽ پهريون جوڙڻ پنهنجو، وساريو ويران، چي، هڏن حياتي ڪير ڏِئي، جڏهن خاڪ هُجن خيمان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان لاءِ پيو مثال ٺاهيندو آهي، پر پنهنجي بڻاوت کي وساري ڇڏيندو آهي! هو ٿو چوي ته ”ڀلا سڙي ويل هڏين کي وري ڪير جيئاريندو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو اسان بابت مثال ڏئي ٿو ۽ پنهنجي پيدائش کي وساري ٿو ڇڏي. چئي ٿو ته ڪير ڪندو، انهن هڏن کي جيئرو، جڏهن اهي ڳري ڀـُـري چڪا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي هو اسان تي مثال ٿو لاڳو ڪري ۽ وساريو اٿس پنهنجي پيدائش کي، چوي ٿو ڪير زنده ڪندو هڏن کي، جڏهن ته اهي ڀاڻ ڀتر ٿي ويا هجن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو اسان جي لاءِ مثال ڏيندو وتي ٿو، پنھنجي پيدائش (جي مرحلن) کي وساري ويٺو آهي ۽ چوي ٿو ته هنن هڏين کي صفا ڳري وڃڻ کان پوءِ ڪير زندهه ڪندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يُحييهَا الَّذى أَنشَأَها أَوَّلَ مَرَّةٍ وَهُوَ بِكُلِّ خَلقٍ عَليمٌ (آيت : 79) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته اهوئي (الله) انهن کي (وري) جيئاريندو جنهن پهريائين انهن کي خلقيو هو ۽ هو هر قسم جي خلقڻ ۾ وڏو ماهر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو انهن کي اهو زندهه ڪندو جنهن پهرئين دفعي انهن کي پيدا ڪيو ۽ اهو هر مخلوق کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جنهن انهن کي پهرين ڀيري پيدا ڪيو اهو ئي انهن کي جياريندو ۽ اهو سڀ ڪنهن (قسم جي) پيدا ڪرڻ کي ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيئرو ڪندو انهن کي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيو انهن کي پهرئين ڀيري ۾ اهو هر خلقت کي ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! انهن کي) چئو ته جنهن انهن کي پهرئين ڀيري بنايو سو انهن کي جياريندو ۽ اهو سڀ ڪنهن (قسم جي) پيدا ڪرڻ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته انهن کي اُها ذات جياريندي جنهن انهن کي پهريون ڀيرو پيدا ڪيو هيو ۽ اهو هر مخلوق کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، پهرين ڀيري ڀُون مَنجھان، اُٿارئين آسان، اُهو جيارِيندو آن کي، فقط سِين فرمان، ۽ جوڙڻ هر ڪِنهن جوڙ جو، سو سَمجھندڙ سُبحان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”انهن کي اهو جيئاريندو، جنهن کين اول خلقيو هو ۽ انهي کي خلقڻ جي هر ڪا خبر آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوينِ ته انهن کي اهوئي جيئرو ڪندو، جنهن پهريائين به انهن کي پيدا ڪيو هو ۽ هو خلقڻ وارو هر ڪم ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوين انهن کي جياريندو اهو ئي جنهن کين پهرين پيدا ڪيو هو ۽ اهو ئي پيدا ڪرڻ جي هر ڪم جو ڄاڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! کين) ٻڌاءِ ته انهن کي اُهوئي زنده ڪندو جنھن کين پھريون ڀيرو پيدا ڪيو هو ۽ هو هر قسم جي پيدائشي ڪمن کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى جَعَلَ لَكُم مِنَ الشَّجَرِ الأَخضَرِ نارًا فَإِذا أَنتُم مِنهُ توقِدونَ (آيت : 80) |
جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي پوءِ اوچتو اوھين اُن مان باھ ٿا ٻاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جو (الله) اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪري ٿو. پوءِ ڏسو ته توهان ان مان (پنهنجن ڪمن ڪارين لاءِ) باهه ٻاريو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله اهو آهي جنهن توهان لاءِ سائي وڻ مان باه پيدا ڪئي پوءِ توهان ان مان باه ٻاريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن اوهان لاءِ (مرغ ۽ غفار جي) سائي وڻن مان باھ پيدا ڪئي پوءِ اجهو اوهين ان مان ٻاريندا آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (الله) جنهن پيدا ڪئي اوهان جي لاءِ سائي وڻ مان باهه پوءِ ان وقت اوهان ان مان باهه ٻاريو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي پوءِ اجهو اوهين ان مان ٻاريندا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن توهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي پوءِ هاڻي توهان ان مان باهه ٻاريو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سائي وڻ مان جنهن ڪَئـِي، آن لئي آگ عيان، هر ڪِنهن ماڳ مَڪان، پوءِ جِنهن سان، جوت جلائـِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن اوهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي، تڏهن ٿا اوهين ان مان سيڪ وٺو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جنهن توهان لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي، جو توهان ان وسيلي چلها ٻاريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي جنهن پيدا ڪئي توهان جي لاءِ چهچ سائي وڻ مان باهه، پوءِ ان مان توهان پنهنجا چلها ٻاريندا ٿا رهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن ئي توهان جي لاءِ سائي وڻ مان باهه پيدا ڪئي آهي جنھن مان توهان (باهه) ٻاريو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَيسَ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِقٰدِرٍ عَلىٰ أَن يَخلُقَ مِثلَهُم بَلىٰ وَهُوَ الخَلّٰقُ العَليمُ (آيت : 81) |
جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ (سڀ) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (غور ته ڪيو ته) جنهن آسمانن ۽ زمين کي خلقيو تنهن کي اها قدرت ڪانهي ڇا ته وري انهن جهڙا خلقي سگهي؟ بيشڪ (خلقي سگهي ٿو) ۽ هو اعليٰ درجي جو خالق ۽ وڏي علم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو الله تعالى جنهن (پنهنجي قدرت سان) آسمان ۽ زمينون پيدا ڪيون ڇا اهو ان ڳالهه تي قادر ناهي جو انهن جهڙا ٻيا پيدا ڪري سگھي. ها! ۽ اهو وڏي علم وارو خالق آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن (خدا) آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو سو انهن جهڙن جي پيدا ڪرڻ جي قدرت نٿو رکي ڇا؟ هاءُ! (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو ئي وڏو پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ناهي اهو (الله) جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين قادر هن تي جو پيدا ڪري انهن جهڙا هائو ۽ اهو ئي پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو سو انهن جهڙن جي پيدا ڪرڻ جي قدرت رکندڙ نه آهي ڇا؟ هائو (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو ئي وڏو پيدا ڪندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇا اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو هن ڳالهه تي قادر نه آهي؟ جو انهن جهڙي تخليق (ٻيو ڀيرو) پيدا ڪري. هائو (قدرت رکندڙ آهي) ۽ اهو وڏو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀُون، اُڀ جنهن بنايا، عجب رنگ اِسرار، ڇا، ڪونهي تنهن قادِر کي، اِهو اِختيار؟ ته جوڙون ئي هِن جِھڙيون، جوڙي جوڙڻ هار، ۽ خالِق خبردار، جِئ، آهي جَلَّ جَلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جنهن آسمان ۽ زمين خلقيا، تنهن کي اها طاقت ڪانهي ڇا، جو سندن جهڙا بنائي؟ هائو، اهو وڏو خلقيندڙ ۽ ڄاڻيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، سو ان ڳالهه تي قادر نه آهي، جو انهن جهڙا پيدا ڪري سگهي؟ ڇو نه ڀلا، جڏهن ته هو تمام وڏو ڄاڻندڙ زبردست خالق آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهو ناهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي جيڪو قادر آهي ان ڳالهه تي ته انهن جهڙا پيدا ڪيا ٻيا؟ ڇونه، جڏهن ته اهو خالق وڏو ماهر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن هستيءَ آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، ڇا هوءَ انهن جھڙي ٻي مخلوق پيدا ڪرڻ جي طاقت نٿي رکي سگهي؟ ڇو نه! هو (الله) ته تمام وڏو پيدا ڪندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما أَمرُهُ إِذا أَرادَ شَيـًٔا أَن يَقولَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 82) |
سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه آھي ته جڏھن ڪا شيء بڻائڻ گھرندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته (اھا شي) ٿي پوندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن هو ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي تڏهن هن جو حڪم يقيناً هي هوندو آهي جو ان بابت رڳو چوندو آهي ته، ٿيءُ، ته اها ٿي پوندي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پاڻ جڏهن ڪنهن شيءِ جي تخليق جو ارادو ڪندو آهي ته ان کي حڪم ڪندو آهي ته ٿيءُ پوءِ فوراً اها شيءِ ٿي پوندي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سندس شان ته هي آهي جو جڏهن ڪنهن شيءِ (جي پيدا ڪرڻ جو) ارادو ڪري ٿو ته سندس حڪم رڳو ان (شيءِ) کي هي چوڻ آهي ته ”ٿي!“ ته (يڪدم) ٿي پوي ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان جو امر صرف هي آهي جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ٿو ڪري ته فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ پوءِ ٿي پوندي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪري ٿو ته سندس حڪم رڳو ان (شيءِ) کي هيءَ چوڻ آهي ته ٿيءُ ته پوءِ اها (پاڻهين) ٿي پوي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان جو حڪمِ (پيدائش) صرف هي آهي جو جڏهن اُهو ڪنهن شيءِ کي (پيدا ڪرڻ) چاهيندو آهي ته ان کي چوندو آهي ته ”ٿي پؤُ“ پوءِ اها ٿي پوي ٿي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ڪم اُنهِئَ جو، جڏهن جوڙڻ گُھري ڪو ٽول، ٻولائيسِ، “ٿِي”، ته پوءِ ٿِي پوي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن جو حڪم ته بس ايترو آهي، جو جڏهن ڪجهه بنائڻ جو ارادو ڪندو آهي، ته رڳو ان لاءِ چوندو آهي، ”ٿيءُ! ته هو ٿي پوندو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو جڏهن ڪنهن شيءِ جو ارادو ڪندو آهي ته بس ايترو چوندو آهي ته "ٿيءُ" ۽ اها ٿي پوندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هو حڪم ڪندو آهي جڏهن ڪو ارادو ڪندو آهي ڪنهن شيءِ جو ته چوندو آهي ان کي ”ٿي“ ۽ اها ٿي پوندي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو جنھن به شيءِ (جي پيدا ڪرڻ) جو ارادو ڪندو آهي ته چوندو آهي ته ”ٿيءُ“ ته اها شيءِ ”ٿي پوندي“ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَسُبحٰنَ الَّذى بِيَدِهِ مَلَكوتُ كُلِّ شَيءٍ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 83) |
پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن جي ھٿ ۾ ھر شيءَ جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو بيشڪ وڏو شان آهي انهيءَ (الله) جو جنهن جي هٿ ۾ سڀني شين جو قبضو ۽ بادشاهي آهي. ۽ (ياد رکو ته) توهان سڀ (آخر) ڏانهس موٽايا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ پاڪ آهي اها ذات جنهن جي دستِ قدرت ۾ مڪمل اقتدار (بادشاهي) آهي ۽ انهيءَ ڏانهن سڀئي موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو خدا (هر عيب) کان پاڪ صاف آهي جنهن جي قبضه قدرت ۾ هرشيءِ جي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پاڪ آهي اهو (الله) جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي هر شيءِ جي آهي ۽ ان ڏانهن اوهان موٽايا ويندؤ. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهو پاڪ آهي جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اُها ذات پاڪ آهي جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي حڪومت آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پاڪائـِي تِنهن پَروَر کي، جُڳائـِي جائـِي، جنهن هَٿ هر ڪِنهن ٽول جِي، رائـِي دوائـِي، ۽ اوهين مِڙيائـِي آخر هلندا اُن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ پاڪ آهي اهو، جنهن جي هٿ ۾ هر چيز جي حڪومت آهي ۽ اوهين سڀ ان ڏي ئي موٽائبا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پاڪ آهي اهو، جنهن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي خلقڻ ۽ هلائڻ چلائڻ جي قدرت آهي ۽ ان ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ پاڪ آهي اهو جنهن جي هٿ ۾ اقتدار آهي هر ڪنهن شيءِ جو، ان ڏي ئي توهان موٽايا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پاڪ آهي اها ذات جنھن جي هٿ ۾ هر شيءِ جي بادشاهي آهي. توهان سڀئي ان ڏانهن ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |