توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الحَمدُ لِلَّهِ فاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ جاعِلِ المَلٰئِكَةِ رُسُلًا أُولى أَجنِحَةٍ مَثنىٰ وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ يَزيدُ فِى الخَلقِ ما يَشاءُ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 1) |
سڀ ساراھ خاص الله کي جُڳائي جو آسمانن ۽ زمين جو بڻائيندڙ آھي ملائڪن کي قاصد ڪرڻ وارو آھي جو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چَئن چَئن پَرن وارا آھن، جيڪي گھري سو خلقت ۾ وڌائي ٿو، بيشڪ الله ھر شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سڀ ساراهه انهيءَ الله جي آهي، جنهن (عدم مان) آسمان ۽ زمين پيدا ڪيا، جنهن ملائڪن کي، جن کي ٻه ٻه، ٽي ٽي ۽ چار چار کنڀڙاٽيون آهن. پنهنجا قاصد بنايو. هو خلقت ۾ جيئن چاهي ٿو تيئن واڌارو ڪندو ٿو رهي. بيشڪ الله تعاليٰ هر چيز تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀ تعريفون الله تعالى لاءِ آهن جيڪو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪندڙ آهي (۽ اهو) ملائڪن کي پيغام ڏيئي موڪليندڙ آهي، انهن جا ٻه ٻه، ٽي ٽي، ۽ چار چار پر آهن، زياده ڪري ٿو تخليق ۾ جيڪو پاڻ چاهي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هر طرح جو حمد (۽ سڀ خاص ساراھ) خدا جي لاءِ ئي آهي جو آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪرڻ وارو، فرشتن کي پنهنجو (قاصد بنائڻ وارو) جن جا ٻه ٻه ٽي ٽي ۽ چار چار پر هوندا آهن. (مخلوقات جي) پيدائش ۾ جو (مناسب) ڄاڻي وڌائي ٿو. بيشڪ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ ساراھ الله جي لاءِ (ثابت) آهي جيڪو پيدا ڪندڙ آهي آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ ملائڪن جو قاصد جيڪي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چئن چئن پرن وارا آهن وڌائي ٿو خلقت ۾ جيڪي گهري بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ ملائڪن کي قاصد ڪندڙ آهي، جي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چئن چئن پرن وارا آهن (سندن) پيدائش ۾ جيڪي گهري ٿو سو وڌائي ٿو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي ملائڪن کي قاصد بنائڻ وارو آهي جيڪي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چئن چئن پرن وارا آهن. اهو پنهنجي مخلوق جي بناوت ۾ جيئن چاهي واڌارو ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن هِڪ اَلله لئي، هردم حَمد هزار، جو جوڙيندڙ اُڀ، ڀونيون، نوان نقش نگار، مُقرّر ڪَندڙ مَلڪِين، مُرسل ماڻهِن پار، خاصِيتون جَن کَنڀڙاٽيون، ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار،وَڌائي وڻيس تِئين، جوڙڻ مَنجھ جبار، ڪُل شئ مٿي ڪلتار، هَلندِئَ وارو هر حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر ڪا واکاڻ فقط الله کي جڳائي ٿي جو آسمانن ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي_ هو ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چئن چئن پَرن وارن ملائڪن کي حڪم رسائيندڙ بنائيندڙ آهي_ جيڪي چاهي سو خلقت ۾ وڌائي ٿو_ بيشڪ الله هر ڳالهه تي اختيار وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تعريف الله جي لاءِ ئي آهي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو جوڙيندڙ ۽ فرشتن کي پيغام پهچائيندڙ طور مقرر ڪندڙ آهي، (اهڙا فرشتا) جن جا ٻه ٻه، ٽي ٽي ۽ چار چار پــَـرَ آهن، هو پنهنجي مخلوق جي بناوت ۾ جيئن چاهي ٿو واڌارو ڪري ٿو، بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڀ ساراهه الله کي ئي جڳائي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو جوڙيندڙ آهي پيغام رسائڻ لاءِ ملائڪن کي مقرر ڪندڙ (اهڙا فرشتا) جن جا بازو ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار آهن، وڌائيندو آهي پنهنجي مخلوق کي جيئن چاهي، بيشڪ اهو الله ئي هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين کي ٺاهيندڙ آهي ۽ (جنهن) ٻن ٻن، ٽن ٽن ۽ چئن چئن پرن وارن ملائڪن کي پيغام پھچائيندڙ طور مقرر ڪيو آهي. هو خلقت ۾ جيئن چاهي ٿو واڌارو ڪري ٿو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما يَفتَحِ اللَّهُ لِلنّاسِ مِن رَحمَةٍ فَلا مُمسِكَ لَها وَما يُمسِك فَلا مُرسِلَ لَهُ مِن بَعدِهِ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 2) |
الله ماڻھن لاءِ (پنھنجيءَ) ٻاجھ مان جيڪي کوليندو تنھن کي ڪو بند ڪرڻ وارو نه آھي، ۽ جيڪي بند ڪندو تنھنکي اُن (جي بند ڪرڻ) کانپوءِ ڪو کولڻ وارو نه آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ پنهنجي رحمت مان جيڪي انسانن لاءِ عطا ڪري ٿو تنهن کي ڪوبه روڪڻ وارو ڪونهي، ۽ جيڪي (نعمتون) هو روڪي ٿو ڇڏي سي کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه ڏيئي نٿو سگهي. ۽ هو وڏي طاقت رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى جيڪا رحمت ماڻهن لاءِ کولي ٿو پوءِ ان کي ڪوبه بند ڪندڙ ناهي ۽ پاڻ جنهنکي روڪي ٿو، پوءِ ان کان پوءِ ڪوبه ان کي کوليندڙ ناهي، ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهن لاءِ جا به رحمت کولي ٿو تنهن کي ڪو به روڪ ڪرڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪي روڪي ٿو تنهن کي ڪو به ان کان پوءِ کولڻ وارو نه آهي ۽ اهو زبردست (۽) حمڪت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي کوليندو الله ماڻهن جي لاءِ رحمت مان پوءِ ناهي ڪو بند ڪندڙ ان جي لاءِ جيڪي بند ڪندو پوءِ ناهي ڪو موڪليندڙ ان جو ان کان پوءِ ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ماڻهن لاءِ جا به رحمت کولي ٿو تنهن کي ڪوبه روڪ ڪرڻ وارو نه آهي ۽ جيڪي روڪي ٿو تنهن کي ڪوبه ان کان پوءِ کولڻ وارو نه آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله انسانن لاءِ رحمت (جي دروازن) مان جيڪي کولي ته ان کي ڪو روڪڻ وارو نه آهي ۽ جيڪي روڪي ته ان کان پوءِ ان کي ڪو کولڻ وارو نه آهي ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهن تي مِهر مَنجھان، جيڪِي ڌَڻِي کولي دَر، پوءِ نه پُورِيندڙ اُن جو، ۽ پُوري جي پَروَر، اُپٽِيندڙ ناهي اُن جو، پُڃاڻسِ ڪِنهن پر، سَڀنيان سو سَٻر، ڏاهپ وارو ڏيھ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ماڻهن لاءِ جيڪا ٻاجهه کولي ٿو، ان کي روڪڻ وارو ڪو ڪونهي ۽ جيڪي بند ڪندو، ته ان کان پوءِ ان کي کولڻ وارو ڪو به ڪونهي_ ۽ اهو غالب، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جنهن رحمت جو به دروازو ماڻهن لاءِ کولي ڇڏي ته کيس ڪو روڪڻ وارو ڪونهي ۽ جنهن کي هو بند ڪري ڇڏي ته ان کي الله کانسواءِ ٻيو ڪو کولڻ وارو ڪونهي، هو زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو به در کولي الله ماڻهن جي لاءِ پنهنجي رحمت جو، ته ان کي ڪوبه روڪڻ وارو ناهي، ۽ جيڪو هو بند ڪري پوءِ ناهي ان کي ان کان سواءِ ڪوبه کولڻ وارو، ۽ اهو ئي زبردست ۽ حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جن ماڻهن لاءِ رحمت جو دروازو کولي ٿو ته ڪير ان کي بند ڪرڻ وارو نه آهي ۽ جن ماڻهن لاءِ رحمت جو دروازو بند ڪري ٿو تنھن کي ان کان سواءِ ڪير کولڻ وارو نه آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم هَل مِن خٰلِقٍ غَيرُ اللَّهِ يَرزُقُكُم مِنَ السَّماءِ وَالأَرضِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ فَأَنّىٰ تُؤفَكونَ (آيت : 3) |
اي ماڻھؤ پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪريو، الله کانسواءِ ڪو بڻائيندڙ آھي ڇا؟ جو آسمان ۽ زمين مان اوھان کي روزي ڏئي ٿو، اُن (الله) کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانؤ! پاڻ تي الله جون نعمتون ۽ احسان ياد رکو (۽ ڏسو ته) الله کانسواءِ ٻيو به ڪو خالق آهي ڇا؟ جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق (کاڌو پيتو وغيره توڙي وحي حڪمت وغيره) ٿو پهچائي (نه، ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو پهچائي) هن کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، پوءِ توهان (ڪيئن حق جي واٽ ڇڏي) ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو توهان پاڻ تي الله تعالى جون نعمتون ياد ڪريو، ڇا الله تعالى کانسواءِ ڪو خالق آهي جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق عطا ڪري ٿو، ناهي ڪو معبود مگر اهو، پوءِ توهان ڪيڏانهن ڦِرو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! پاڻ تي الله جا احسان ياد ڪيو جيڪي اوهان تي ڪيا اٿس. ڇا خدا کان سواءِ ٻيو ڪو پيدا ڪندڙ آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي ٿو ۽ ان کان سواءِ ڪو معبود قابل عبادت نه آهي پوءِ ڪئين ابتا وڃو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! ياد ڪيو الله جي نعمت کي اوهان تي ڇا ڪو پيدا ڪندڙ آهي الله کان سواءِ؟ جيڪو روزي ڏئي ٿو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان ناهي ڪو عبادت جو حقدار ان کان سواءِ پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃو ٿا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ماڻهو! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو ڇا الله کان سواءِ ٻيو ڪو پيدا ڪندڙ آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏي ٿو؟ ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه حاڪم نه آهي پوءِ ڪيئن ابتا وڃو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! پنهنجي مٿان الله جي احسان کي ياد ڪيو. ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو پيدا ڪندڙ آهي جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي؟ ان کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ آخر اوهان ڪٿان کان دوکو کائي رهيا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ساريو سُک سائينءَ جا، آن سان اي انسان! ڌُران ڌَڻِي آھِ ڪو، جوڙيندڙ جھان؟ جو ڏي اوهان کي اُڀ ڪنان، پڻ ڀُون مان بي گمان، اَصل ڪونهي اُن ري، ڪو اَجھو، نه آستان، ڪيڏانهن پوءِ ڪُفران!، ڦيريا وڃو فريب سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! اوهين پاڻ تي ڪيل الله جون نعمتون ياد ڪريو، ڇا، الله کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو خالق آهي، جو اوهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي؟ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ڪونهي، پوءِ ڪيڏانهن پيا ڀٽڪو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! توهان تي الله جيڪي احسان ڪيا آهن تن کي ياد ڪريو. ڇا الله کانسواءِ ٻيو به ڪو خالق آهي، جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق ڏيندو هجي؟ ٻيو ڪوبه معبود هن کانسواءِ ڪونهي. پوءِ ڪيڏانهن ٿا دوکو کائو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! ياد رکو اهي احسان جيڪي الله توهان تي ڪيا آهن، ڇا ڪو ٻيو خالق به آهي الله کان سواءِ جيڪو رزق ڏيندو هجي توهان کي آسمان ۽ زمين مان؟ ناهي ڪوبه معبود سواءِ ان جي، پوءِ ڪٿان کان پيا دوکو کائيندا وتو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! الله تعالى جي نعمتن کي ياد ڪريو جيڪي هُن توهان جي مٿان ڪيون آهن. ڇا الله تعالى کان سواءِ ڪو ٻيو اهڙو پيدا ڪندڙ آهي، جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان رزق عطا ڪري، ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود نه آهي. پوءِ توهان کي ڪاڏي ڦيرايو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كُذِّبَت رُسُلٌ مِن قَبلِكَ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 4) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن ڪوڙو ڀائين ته بيشڪ تو کان اڳ (ٻيا ڪيترائي) پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا، ۽ سڀ ڪم الله ڏانھن موٽائجن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن هي ماڻهو توکي ڪوڙو ٺهرائي نٿا مڃين ته (تون مايوس نه ٿيءُ) توکان اڳي به رسولن کي (گهڻن ئي) ماڻهن نه مڃيو هو ۽ (ياد رک ته) آخر سڀ ڳالهيون سندس ئي طرف فيصلي لاءِ موٽايون وينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي توهان جي تڪذيب ڪن ٿا ته پوءِ بيشڪ توهان کان اڳين پيغمبرن جي به تڪذيب ڪئي وئي ۽ الله تعالى ڏانهن سڀئي ڪم موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اهي ماڻهن جيڪڏهن تو کي ڪوڙو ڪن ته (فڪر نه ڪر) تو کان اڳ به ڪيترن ئي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي. ۽ (نيٺ ته) خدا ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪوڙو ڀانئين ٿا توکي پوءِ تحقيق ڪوڙا ڀانيا ويا ڪيترا رسول توکان اڳي ۽ الله ڏانهن موٽايا وڃن ٿا (سڀ) ڪم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ !) اهي ماڻهو، جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڪن ته توکان اڳ به رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو آهي ۽ الله ڏي ئي سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اُهي تو کي ڪوڙو چون ته (اها نئين ڳالهه ناهي) پوءِ بيشڪ تو کان اڳ به ڪيترن رسولن کي ڪوڙو چيو ويو هيو. ۽ سڀ ڪم الله ڏي ئي موٽايا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي توکي ڪوٺِينِ ڪُوڙ مٿي ته، مَهند تُنهان مَهندار، سَچ پَچ ڪُوڙا ڪوٺيون، مُرسل مڻياندار، آخِر پَروَر پار، ڦِرِي اِيندا فيصلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (اي رسول)! جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڀانيئن، ته بيشڪ توکان اڳ به رسولن کي ڪوڙو ڀانيو ويو هو، ۽ سڀ ڪم الله ڏانهن ٿا موٽائجن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪڏهن (اي نبي) اهي توکي ڪوڙو ٿا سڏين ته (اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي) توکان اڳ به ڪيترائي رسول ڪوڙا سڏجي چڪا آهن ۽ سڀئي معاملا نيٺ ته الله ڏانهن ئي موٽڻا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن اهي ڪوڙو ٿا سڏين توکي (اي نبي!) ته اها نئين ڳالهه ناهي، ڪيترا ئي رسول ڪوڙا سڏيا ويا تو کان اڳي، ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻا آهن (اهي) سڀ معاملا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي ڪوڙو ڪن ٿا ته (ڏک نه ڪر) توهان کان اڳ ڪيترن ئي رسولن کي به ڪوڙو ڪيو ويو هو. آخرڪار سڀني ڪمن جي موٽ الله تعالى جي طرف ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 5) |
اي ماڻھؤ بيشڪ الله جو اَنجام سچّو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي فريبيندڙ (شيطان) الله بابت اوھان کي فريبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانو! يقين ڄاڻو ته الله جو واعدو (ته مؤمن ڪامياب ٿيندا ۽ غالب پوندا ۽ منڪر شڪست کائيندا ۽ تباهه ٿيندا) سچو آهي (۽ ضرور سچو ثابت ٿيندو) تنهن ڪري دنيا جي ويجهي زندگيءَ تي (يعني بي سمجهه ٻارن وانگي ترت فائدي يا خوشيءَ تي) ڀنڀلجي نه وڃو (مستقبل جو خيال رکو ۽ ڏسو ته ان ڪم ۾ پوءِ فائدو آهي يا نقصان). (۽ ڏسو) متان (اوهان جو دشمن) شيطان اوهان کي (مهربان) الله بابت ٺڳي ڇڏي (۽ اوهان کي ڪنڌ ڀر ڪيرائي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي پوءِ توهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪي ۾ نه وجھي، ۽ الله تعالى جي باري ۾ (شيطان) توهان کي ڌوڪي ۾ نه وجھي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! خدا جو (قيامت وارو) وعدو بلڪل سچو آهي ته ائين نه ٿي جو اوهان کي دنيا جي (فاني) حياتي فريب ڏئي ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) خدا جي باري ۾ ڌوڪو ڏئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! بلاشڪ الله جو وعدو حق آهي پوءِ هرگز نه مغرور ڪري اوهان کي حياتي دنيا واري ۽ هرگز نه ٺڳي اوهان کي الله سان ٺڳي ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ماڻهو! الله جو انجام سچو آهي پوءِ اوهان کي دنيا جي حياتي ڌوڪي ۾ نه وجهي ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) الله کان ڌوڪو ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ اوهان کي دنيا جي زندگي دوکو نه ڏئي ۽ نه توهان کي دغا باز (شيطان) الله جي باري ۾ دوکو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن ٻول اَلله جا، اي ماڻهئا! سَڀ مَنظور، هِئَ حَياتِي ننڍڙِي، پوءِ نه موهي آن کي مُور، ۽ ڌُوتِي نه ڌُتاري ڪَنِيان، ڌَڻِئَ ڪنان دُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پوءِ اوهان کي نڪي دنيا جي حياتي ڀنڀلائي، نڪي ڪو ٻيو ڀنڀلائيندڙ اوهان کي الله بابت ڀنڀلائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! الله جو وعدو برحق آهي، تنهنڪري دنيا واري زندگي توهان کي دوکي ۾ نه وجهي ۽ نڪي اهو وڏو دوکيباز (شيطان) الله جي باري ۾ توهان کي دوکو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! بيشڪ وعدو الله جو ئي برحق (سچو) آهي پوءِ نه وجهي ڪنهن به دوکي ۾ توهان کي زندگي دنيا جي، ۽ نه ئي اهو دوکيباز توهان کي الله جي باري ۾ ڪو دوکو ڏئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي، توهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪي ۾ نه وجهي ۽ نه وڏو ڌوڪي باز (شيطان) ئي توهان کي ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الشَّيطٰنَ لَكُم عَدُوٌّ فَاتَّخِذوهُ عَدُوًّا إِنَّما يَدعوا حِزبَهُ لِيَكونوا مِن أَصحٰبِ السَّعيرِ (آيت : 6) |
بيشڪ شيطان اوھان جو ويري آھي تنھنڪري اُن کي ويري (ڪري) وٺو، (ھو) پنھنجيءَ ٽوليءَ کي رڳو ھن لاءِ سڏيندو آھي ته دوزخين مان ٿين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڄاڻو ته شيطان اوهان جو دشمن آهي، سو توهان به هن کي دشمن ڪري سمجهو (۽ سندس چوڻ تي نه لڳو) هو ته پنهنجي پوئلڳن کي فقط انهيءَ لاءِ ٿو سڏي ته هو سخت ڄڀي ڪندڙ باهه ۾ پون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي. پوءِ توهان ان کي دشمن ڪري وٺو، هو فقط پنهنجي جٿي کي ان لاءِ سڏي ٿو ته اُهي جهنمي ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي ته اوهين به کيس پنهنجو دشمن ڄاڻو.اهي ته پنهنجي جماعت کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اهي (سڀئي ماڻهو) دوزخي بنجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي پوءِ ان کي دشمن ڪري وٺو بلاشڪ سڏي ٿو پنهنجي لشڪر کي تانته هجن دوزخين مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي پوءِ ان کي دشمن ڪري وٺو. اهو رڳو پنهنجي جماعت کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اهي دوزخين مان ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي پوءِ توهان به ان کي دشمن ڪري وٺو. اُهو صرف پنهنجي جماعت کي هن لاءِ سڏي ٿو ته اُهي دوزخين ۾ شامل ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِبلِيس عَدُوّ اوهان جو، ظاهِر آھِ ضَرُور، وَٺوسِ، پوءِ ويرِي ڪري؛ جنهن جو دائـِم هِي دَستور، لاشڪ، سَندسِ لشڪر کي، واڪي سو وَهلور، تان بَنجن بي شُعور، مَنجھان ڀاتِيَن باھ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ شيطان اوهان جو دشمن آهي، ان ڪري ان کي دشمن ئي سمجهو، هو سندس ٽوليءَ کي رڳو دوزخي بنائڻ لاءِ ئي سڏيندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ شيطان توهان جو دشمن آهي، تنهنڪري ان کي دشمن ڪري سمجهو. هو ته پنهنجي پوئلڳن کي پنهنجيءَ واٽ ڏانهن ان ڪري پيو سڏي ته جيئن اهي دوزخين ۾ شامل ٿي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ شيطان حقيقت ۾ توهان جو دشمن آهي، تنهنڪري توهان به ان کي پنهنجو دشمن ڄاڻو، بيشڪ هو سڏي ٿو پنهنجي پوئلڳن کي پاڻ ڏي ته جيئن اهي دوزخين ۾ شامل ٿي وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ شيطان توهان جو دشمن آهي پوءِ توهان کيس دشمن ئي سمجهو، هو ته پنھنجي جماعت کي دوزخين ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سڏي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ كَفَروا لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم مَغفِرَةٌ وَأَجرٌ كَبيرٌ (آيت : 7) |
جن ڪُفر ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ڪفر جي واٽ ٿا وٺن (يعني خدا جي مفيد حڪمن تي عمل ڪرڻ بدران شيطان جي فريب ۾ اچي بدعمل ٿا ڪن) تن جي لاءِ سخت عذاب هوندو، ۽ جيڪي (الله تي) ايمان ٿا رکن ۽ صالح عمل ٿا ڪن تن جي لاءِ (خدا وٽان) بخشش ۽ وڏو اجر هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو انهن لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ بخشش ۽ وڏو ثواب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن (دنيا ۾) ڪفر اختيار ڪيو تن لاء (آخرت ۾) سخت عذاب آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر (جنت) آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا انهن جي لاءِ مغفرت ۽ وڏو اجر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ڪفر ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ معافي ۽ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ڪفر ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون انهن لاءِ معافي ۽ وڏو ثواب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيو جَن اِنڪار، سَزا سَخت اُنهن لئي، ۽ جَن مالِڪ مَڃيو، ۽ چڱا ڪيؤَن ڪم ڪار، بَخشش بي شمار، پڻ اَجر وَڏا اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ڪفر ڪيو، تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪفر ڪندا تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جيڪي ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا، تن لاءِ گناهن جي معافي ۽ وڏو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو ڪفر ڪندا تن جي لاءِ عذاب سخت آهي ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ عمل سٺا ڪندا، تن جي لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو ڪفر ڪندا تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ نيڪ عمل ڪندا ته انهن لاءِ معافي ۽ وڏو اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن زُيِّنَ لَهُ سوءُ عَمَلِهِ فَرَءاهُ حَسَنًا فَإِنَّ اللَّهَ يُضِلُّ مَن يَشاءُ وَيَهدى مَن يَشاءُ فَلا تَذهَب نَفسُكَ عَلَيهِم حَسَرٰتٍ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِما يَصنَعونَ (آيت : 8) |
جنھن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سينگاريو ويو پوءِ اُن کي ھُن چڱو (ڪري) ڏٺو (سو چڱي ڪم ڪندڙ جھڙو ھوندو) ڇا؟ پوءِ بيشڪ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، تنھنڪري مٿن ارمان ڪرڻ سببان متان تنھنجو ساھ نڪري، ڇوته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهو ماڻهو جنهن جي عملن جي برائي کيس خوبصورت ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پوءِ ان برائيءَ کي چڱائي ٿو سمجهي (سو ماڻهو نيڪ عمل ڪندڙن جي برابر ٿي سگهي ٿو ڇا؟ نه، هرگز نه) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تو تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي ٿو ڇڏي. سو (اي منهنجا پيغمبر) تون هنن (جي حال) تي اجايو ارمان نه ڪر. جيڪي جيڪي (اهي گمراهه ماڻهو) ڪن ٿا سو بيشڪ الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو ماڻهو جنهن لاءِ سندس برا اعمال سينگاريا ويا پوءِ اهي ان کي سهڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، (اهو ماڻهو ۽ مؤمن پاڻ ۾ برابر ٿي سگھن ٿا؟) (هرگز نه) پوءِ بيشڪ الله تعالى جنهنکي چاهي گمراه ڪري ٿو ۽ جنهنکي چاهي هدايت ڏئي ٿو، پوءِ توهان انهن جي (ڪفر ۽ هلاڪت) جو افسوس نه ڪريو، بيشڪ الله تعالى سندن عملن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڀلا جنهن کي سندس (بڇڙو) ڪم (شيطان) چڱو ڪري ڏيکاريو آهي ۽ اهو ان کي سٺو ڪم سمجهڻ لڳو آهي (ڪڏهن نيڪ انسان وانگر ٿي سگهي ٿو؟ هر گز نه) پڪي (ڳالھ) هيءَ آهي ته خدا جنهن کي چاهي ته گمراهي ۾ ڇڏي ڏئي ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو ته سڌي راھ تي اچڻ جي (توفيق) عطا فرمائي ٿو، تنهن ڪري (اي پيغمبر) تون مٿن افسوس جي ڪري پاڻ کي نه مار! بيشڪ اهي جيڪي ڪن ٿا تنهن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اهو جو سينگاريو ويو ان جي لاءِ برو عمل ان جو پوءِ ڏٺائين ان کي سهڻو پوءِ بيشڪ الله گمراھ ڪري ٿو جنهن کي گهري ۽ هدايت ڪري ٿو جنهن کي گهري پوءِ نه نڪري وڃي ساھ (مبارڪ) تنهنجو انهن تي افسوس ڪندي بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ جنهن کي سندس (بڇڙو) ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي پوءِ ان کي چڱو ڏٺائين (سو ڪو چٽي ڪم ڪندڙ مومن جهڙو ٿيندؤ) پوءِ بيشڪ الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو. تنهن ڪري (اي پيغمبر !) تون مٿن افسوس جي ڪري پاڻ کي نه مار. بيشڪ اهي جيڪي ڪن ٿا تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ جنهن ماڻهو لاءِ سندس (برو) ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي پوءِ ان کي (واقعي) چڱو ڏسي ٿو. (ان جي گمراهي جي به ڪا حد آهي؟) سو بيشڪ الله جنهن کي چاهي گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي هدايت ڪري ٿو، پوءِ انهن تي افسوس ڪندي تنهنجي جان نه وڃي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي اُهي جيڪي ڪم ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇا؟ جَڏا ڪم جنهن جا،ٿياسَندسِ لئي سيگار، چڱو چوڱو تن کي، ڀانيو پوءِ بَدڪار! مالِڪ مُنجھائي ڪِنهن کي، اي اُن جي اِختيار، ۽ ڪِنهن سُهائي واٽ سَئـِين، جي گُھري ربُّ غفار، پوءِ تَن تي، تُنهنجي تَن کي، نه وٺَنِ ڳڻتيون ڳار، سائـِين سَمجھدار، ڪَن جِھِڙئَ ڪار کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جنهن لاءِ سندس بڇڙو ڪم سهڻو ڪيو ويو، پوءِ به ان کي چڱو سمجهي (سو ڪو چڱي ڪم ڪندڙ جهڙو آهي ڇا؟) بيشڪ الله جنهن کي وڻيس، تنهن کي گهمراهه ڪري ۽ جنهن کي وڻيس، تنهن کي سنئين واٽ ڏيکاري، ان ڪري انهن تي ارمان ڪرڻ ۾ تنهنجو ساهه نه نڪري! بيشڪ الله کي خبر آهي، جيڪي هو ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ڀلا ان شخص جي گمراهيءَ جي به ڪا حد آهي) جنهن لاءِ ان جو بڇڙو عمل ڏسڻ ۾ سهڻو بڻايو ويو هجي ۽ هو ان کي سٺو سمجهندو هجي؟ حقيقت ۾ الله جنهن کي گهري گمراهه ڪري ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي سڌي واٽ ٿو ڏيکاري ڇڏي، تنهنڪري (اي نبي) تنهنجو انهن ماڻهن لاءِ اجايو ڏک ۽ ارمان ڪندي ساهه نه وڃي. الله خوب ڄاڻي ٿو جيڪو اهي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ڀلا ان شخص جي گمراهي جي ڪا حد به آهي) جنهن لاءِ سهڻو بڻايو ويو هجي سندس عمل ۽ هو به ان کي سٺو سمجهي؟ حقيقت ۾ الله جنهن کي چاهي گمراهي ۾ وجهي ۽ سڌي واٽ هدايت واري ڏيکاري جنهن کي چاهي، پوءِ (اي نبي!) نه وجهه پنجهنجي جان انهن ماڻهن جي غم ۽ افسوس ۾، بيشڪ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه اهي ڪري رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ماڻهوءَ کي سندس برو عمل سھڻو ڪري ڏيکاريو ويو هجي ۽ هو خود به ان کي سھڻو سمجهندو هجي (ته ڇا اُهو نيڪ ماڻهو جھڙو ٿي سگهي ٿو؟) بيشڪ الله تعالى جنھن کي گهري گمراهه ڪري ٿو ۽ جنھن کي گهري هدايت ڏئي ٿو. (اي نبيﷺ!) تنھن ڪري تون انهن جي ڪري پنھنجو ساهه ساڻو نه ڪر. بيشڪ الله تعالى کي سڀ خبر آهي جيڪو هو ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ الَّذى أَرسَلَ الرِّيٰحَ فَتُثيرُ سَحابًا فَسُقنٰهُ إِلىٰ بَلَدٍ مَيِّتٍ فَأَحيَينا بِهِ الأَرضَ بَعدَ مَوتِها كَذٰلِكَ النُّشورُ (آيت : 9) |
۽ الله اُھو آھي جنھن وائن کي موڪليو پوءِ اُنھن ڪڪر کي کنيو پوءِ اُن (ڪڪر) کي ويران ڳوٺ ڏانھن روانو ڪيوسون پوءِ اُن (جي پاڻيءَ) سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ جياريوسون، اھڙي طرح (قبرن مان) مُئن جو اُٿڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو خدا ئي آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو. پوءِ اهي هوائون ڪڪرن کي مٿي کڻن ٿيون. پوءِ اسان انهن ڪڪرن کي مئل (يعني خشڪ) ملڪ ڏي ڪاهيون ٿا ۽ انهن (مان مينهن وسائڻ) سان زمين کي سندس موت (يعني خشڪ ٿي وڃڻ) بعد وري جياريون ٿا (يعني سرسبز ۽ آباد ڪيون ٿا) وري اٿڻ به اهڙيءَ ئي طرح ٿئي ٿو ۽ ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهو آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو پوءِ اهي ڪڪرن کي هلائن ٿيون پوءِ اسين ان سان غيرآباد شهر کي پاڻي پياريون ٿا پوءِ اسين غيرآباد زمين کي ان سان آباد ڪريون ٿا، اهڙيءَ طرح (آخرت ۾) اُٿڻ ٿيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ خدا ئي اهو (قادر مطلق) آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو ته اهي ڪڪرن کي اڏائينديون ڦرن ٿيون. پوءِ اسين انهن ڪڪرن کي مئل (ويران) شهر ڏي هڪليون ٿا ته ان (جي پاڻيءَ) سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو (آباد) ڪريون ٿا. اهڙي طرح (قيامت ۾) جيئرو ٿي اٿڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله اهو آهي جنهن موڪليو هوائن کي پوءِ کنيائون ڪڪر کي پوءِ وٺي وياسون ان کي شهر ويران ڏانهن پوءِ آباد ڪيو اسان ان سان زمين کي ان جي ويران هجڻ کان پوءِ اهڙي طرح اٿڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله اهو آهي جو هوائن کي موڪلي ٿو پوءِ اهي ڪڪرن کي کڻن ٿيون پوءِ انهن (ڪڪرن) کي مئل شهر ڏي ڪاهيون ٿا، پوءِ ان (جي پاڻي) سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪيون ٿا. اهڙي طرح (قيامت ۾ ) جيئرو ڪري اٿارڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو پوءِ اُهي ڪڪرن کي اڀارن ٿيون پوءِ اسان ان (ڪڪر) کي برباد بستيءَ جي سيرابي لاءِ ڪاهيون ٿا پوءِ اسان ان سان زمين کي ان جي مري وڃڻ کان پوءِ زنده ڪيون ٿا. (مُردن جو) جيئرو ڪري اٿارڻ به اهڙي طرح هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِيندڙ سو ڏاتار، جنهن واحِد واءَ موڪليا، پوءِ اُٿارينِ اُٻَن کي، پوءِ ڪاهيو سونِ قطار، صَفا سُڃي شهر ڏي، جنهن ۾ وڻ نه ڪو وڻڪار، جنهن سان جِياريو سون وَرِي، ڀُون کي برقرار، اَوسر بعد اُن جي ۽ وساياسون وَلهار، اُٿڻ اِن آچار، مُئن جو مقام مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله اهو آهي، جنهن هوائون موڪليون، پوءِ انهن ڪڪرن کي کنيو، پوءِ انهن کي ويران ڳوٺن ڏي موڪليوسون_ پوءِ انهن سان زمين کي سندن مرڻ بعد جيئاريوسون، مئا به ائين ئي اٿندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته الله ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون، پوءِ اسان ان کي ويران شهرن ڏانهن ڪاهي ٿا وڃون ۽ ان جي وسيلي ان زمين کي سندس موت کان پوءِ وري جيئاري (آباد ڪري) کڙو ٿا ڪريون. ائين ئي ٿيندو مئل انسانن جو وري جيئرو ٿيڻ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو الله ئي آهي جيڪو موڪلي ٿو هوائن کي، پوءِ اهي کڻنديون آهن ڪڪرن کي، پوءِ ان کي ويران علائقي ڏي نيندا آهيون ۽ جياريندا آهيون انهيءَ زمين کي بعد مرڻ جي، مُئل انسان جو جيئرو ٿي اُٿڻ به ائين هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي آهي جيڪو هوائن کي موڪلي ٿو، پوءِ اهي ڪڪرن کي گھلين ٿيون، پوءِ اسان انهن کي غيرآباد علائقي ڏي وٺي ويندا آهيون، ۽ ان پاڻي جي ذريعي غيرآباد زمين کي سرسبز ۽ شاداب ڪري ڇڏيندا آهيون. اهڙي طريقي سان ئي مئل ماڻهو به ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريا ويندا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ يُريدُ العِزَّةَ فَلِلَّهِ العِزَّةُ جَميعًا إِلَيهِ يَصعَدُ الكَلِمُ الطَّيِّبُ وَالعَمَلُ الصّٰلِحُ يَرفَعُهُ وَالَّذينَ يَمكُرونَ السَّيِّـٔاتِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَمَكرُ أُولٰئِكَ هُوَ يَبورُ (آيت : 10) |
جيڪو مانُ گھري (سو ياد رکي) ته سڀ مانُ الله ئي کي آھي (اُن وٽان عزت ملندي آھي)، ڏانھس پاڪ سُخن چڙھندو آھي ۽ اُن (پاڪ سُخن) کي چڱو عمل مٿي چاڙھيندو آھي، ۽ جيڪي بڇڙاين جي رٿ ڪندا آھن تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ اُھا ٺڳي اُنھن جي ٽٽندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو ماڻهو عزت ۽ طاقت (حاصل ڪرڻ) چاهي ٿو (تنهن کي ياد رکڻ گهرجي ته) سڀ شان ۽ طاقت الله جي آهي ۽ الله جي لاءِ آهي. پاڪ لفظ ۽ پاڪ ڳالهيون الله تعاليٰ ڏي چڙهي وڃن ٿيون ۽ صالح عمل ان کي (يعني صالح عمل ڪندڙ کي) مٿي کڻي وڃن ٿا (يعني کيس عزت ۽ وڏو مرتبو حاصل ڪرائين ٿا) پر جيڪي ماڻهو برائيون رٿين ٿا ۽ برائيون ڪن ٿا تن جي لاءِ سخت عذاب (تيار رکيل) آهي. انهن ماڻهن جون (اهي برائيءَ جون) تدبيرون ڊهي پونديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو عزت چاهي ٿو (اهو عزت الله کان گھُري) ڇو ته سموري عزت جو مالڪ الله تعالى آهي. انهيءَ ڏانهن پاڪ ڪلام (ڪلمون شريف وغيره) چڙهي ٿو ۽ اهو عمل صالح کي قبول فرمائي ٿو. ۽ جيڪي ماڻهو (رسولِ عربي کي پريشان ڪرڻ لاءِ) خراب اٽڪلون ڪن ٿا انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي، ۽ انهن جي اها اٽڪل برباد ٿيندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شخص عزت ڇاهي ٿو (سو خدا کان گهري) ڇو ته سڀ عزت ته خدا جي ئي آهي. جنهن بارگاھ تائين چڱيون ڳالهيون (بلند ٿي) پهچن ٿيون چڱا ڪم ته اهو پاڻ بلند ڪري ٿو ۽ (اي رسول) جي ماڻهو (پنهنجي خلاف) بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا تن لاءِ (قيامت ۾) سخت عذاب آهي ۽ (آخر) سندن تدبيرون برباد ٿينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ارادو ڪري ٿو عزت جو پوءِ بلاشڪ عزت الله جي لاءِ آهي سموري ان ڏانهن ئي چڙهي ٿو ڪلمو پاڪ ۽ عمل صالح بلند ڪري ٿو ان کي ۽ اهي ٻانها جو رٿ ڪن ٿا براين جي انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي ۽ رٿ انهن جي اها ئي ٽٽندي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو عزت گهري ٿو (سو الله جي فرمانبرداري ڪري) ڇو ته سڀ عزت الله جي آهي. پاڪ ڳالهيون ان ڏي ئي چڙهن ٿيون. ۽ چڱي ڪم کي الله بلند ڪري ٿو. ۽ (اي پيغمبر !) جيڪي بڇڙيون تدبيرون ڪن ٿا تن لاءِ سخت عذاب آهي. سندن تدبيرون برباد ٿينديون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جو ماڻهو عزت گهري ٿو پوءِ سڀ عزت الله جي آهي. ان ڏانهن پاڪيزه ڳالهيون چڙهن ٿيون ۽ اُهو چڱي عمل کي بلند ڪري ٿو. ۽ جيڪي ماڻهو بريون سازشون ڪن ٿا انهن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ انهن جون سازشون ناڪام ٿينديون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو گُھري عِزت، آب، پوءِ عِزت سَڀ الله جِي، اُسري ڳالھ اُن ڏي، ڀَلِي هَر ڪِنهن باب، ۽ سڀَڪو ڪم صَواب، قبولي ڪَرم سان. جَن سِٽيون سِٽائون بُڇڙيون، اُنهن لئي سَخت عذاب، ۽ خانوئـِي خَراب، تَن مُنڪرن جي مَڪر جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي عزت کپي، (سو ياد رکي ته) عزت سڀ الله جي هٿ ۾ آهي، پاڪ ڳالهيون هن ڏي ئي چڙهنديون آهن ۽ چڱو ڪم انهن کي مٿي کڻندو آهي_ جيڪي شخص بُڇڙاين جون رٿون رٿيندا آهن، تن لاءِ سخت عذاب آهي_ ۽ سندن اها رٿ به نيٺ ٽُٽندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي عزت گهرجي ان کي معلوم هئڻ گهرجي ته عزت ساري ئي الله جي لاءِ آهي، ڏانهس جيڪا شيءِ مٿي ٿي وڃي، اهي رڳو پاڪ ڳالهيون آهن ۽ ڀلارو عمل ان کي اڃان به مٿي چاڙهي ٿو، باقي جيڪي ماڻهو بڇڙيون سٽون سٽين ٿا، انهن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ سندن مڪر به پنهنجو پاڻ ئي ناس ٿي ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو آهي طلبگار عزت جو، ان کي معلوم هجي ته الله لاءِ ئي سموري عزت آهي، ان ڏي جيڪا مٿي چڙهي ٿي، سا رڳو پاڪ ۽ عمل صالح جي آهي جيڪو مٿي کڻي ٿو ۽ اهي ماڻهو جيڪي بيهوديون چالبازيون ڪندا آهن، انهن جي لاءِ عذاب سخت آهي، ۽ مڪر سندن آهي پاڻ مرادو ناس ٿيڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو عزت چاهي ٿو تنھن کي معلوم هجڻ کپي ته حقيقي عزت الله تعالى جي هٿ ۾ آهي. الله تعالى وٽ (توهان جو) سھڻو ٻول قبوليت جي درجي تي پهچي ٿو ۽ سھڻو عمل ان کي ويتر بلندي تائين پھچائي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو بيهودهه چال بازيون ڪن ٿا تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ انهن جون چال بازيون برباد ٿي وينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاللَّهُ خَلَقَكُم مِن تُرابٍ ثُمَّ مِن نُطفَةٍ ثُمَّ جَعَلَكُم أَزوٰجًا وَما تَحمِلُ مِن أُنثىٰ وَلا تَضَعُ إِلّا بِعِلمِهِ وَما يُعَمَّرُ مِن مُعَمَّرٍ وَلا يُنقَصُ مِن عُمُرِهِ إِلّا فى كِتٰبٍ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 11) |
۽ الله اوھان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان (بڻايائين) وري اوھان کي جوڙو جوڙو (مڙس ۽ زال) ڪيائين، ۽ مادين مان ڪابه سندس علم کانسواءِ نڪي ڍُڪي ٿيندي ۽ نڪي ڄڻيندي آھي، ۽ نڪي ڪنھن وڏي عمر واري کي ڄمار ڏبي آھي ۽ نڪي سندس ڄمار مان (ڪجھ) گھٽائبو آھي مگر (اُھو) ڪتاب ۾ لکيل آھي، بيشڪ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي انسانو! الله جون قدرتون ۽ نعمتون ته ڏسو) الله تعاليٰ اوهان کي (اصل) مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ هاڻي نطفي مان (يعني منيءَ مان) پيدا ڪندو ٿو رهي ۽ توهان کي جوڙا جوڙا ڪيائين (يعني مرد ۽ زال ٺاهيائين) ۽ ماديءَ جي پيٽ ۾ حمل نٿو ٿئي ۽ ٻچو نٿي ڄڻي سواءِ سندس علم (۽ حڪم) جي ۽ ڪنهن به ڊگهي عمر واري ماڻهو جي ڊگهي عمر نٿي ٿئي، نڪي سندس عمر گهٽجي ٿي، سواءِ هن جي جو (الله جي) ڪتاب ۾ (ائين لکيل) هجي (يعني الله جي حڪمن ۽ قانونن موجب ائين ٿو ٿئي) اهو سڀ الله جي لاءِ بيشڪ سولو (ڪم) آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان کي مِٽِيءَ مان پيدا ڪيو، ان کان پوءِ هڪ قطري مان پيدا ڪيو، ان کان پوءِ توهان کي مذڪر ۽ مؤنث بنايو، ۽ ڪنهن به مؤنث کي پيٽ نٿو ٿئي ۽ نه اها ڄڻي ٿي مگر الله تعالى جي علم سان. ۽ جنهن پيرسن کي وڏي عمر ڏني وڃي ٿي ۽ جنهنکي ننڍي عمر ڏني وڃي ٿي (اهو سڀڪجھه) لوحِ محفوظ ۾ آهي. بيشڪ اها ڳالهه الله تعالى تي آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي انسانو) خدا توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو وري نطفي مان وري اوهان کي جوڙو (نر ۽ مادي) ڪيائين ۽ ڪا به مادي سندس علم (۽ اجازت) کان سواءِ نه پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي ۽ نه ڪنهن جي عمر ۾ واڌارو ٿئي ٿو ۽ نه سندس عمر مان گهٽ ڪيو وڃي ٿو پر اهو (سڀ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (ضرور) آهي. بيشڪ اها ڳالھ خدا تي تمام آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله پيدا ڪيو اوهان کي مٽيءَ مان، ان کان پوءِ منيءَ جي ڦڙي مان، ان کان پوءِ بنايائين اوهان کي جوڙو جوڙو ڪري ۽ نه ٿي حمل واري ٿئي ڪا عورت ۽ نه ٿي ڄڻي انجي علم کان سواءِ ۽ نه ٿو عمر ڏنو وڃي ڪو وڏي عمر وارو ۽ نه ٿي گهٽتائي ڪئي وڃي ان جي عمر مان مگر اهو (سڀ ڪجھ) ڪتاب ۾لکيل آهي بلاشڪ اهو الله کي آسان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي انسانو !) الله اوهان کي مٽيءَ مان وري نطفي مان پيدا ڪيو وري اوهان کي جوڙو جوڙو (مڙس ۽ زال) ڪيائين ۽ ڪابه مادي سندس علم کان سواءِ نه پيٽ سان ٿئي ٿي ۽ نه ڄڻي ٿي. ۽ نه وڏي عمر واري کي وڏي عمر ڏني وڃي ٿي ۽ نه سندن عمر مان گهٽ ڪيو وڃي ٿو پر اهو (سڀ) ڪتاب (لوح محفوط) ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ اهو (ڪم) الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ نطفي مان پوءِ اوهان کي جوڙا جوڙا ڪيائين. ۽ ڪابه مادي نه حمل سان ٿئي ٿي ۽ نه (ٻار) ڄڻي ٿي سواءِ سندس علم جي. ۽ نه ڪنهن وڏڙي عمر واري جي عمر وڌائي وڃي ٿي ۽ نه ان جي عمر گهٽائي وڃي ٿي مگر اُهو ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ (لکيل) آهي. بيشڪ الله تي اهو ڪم آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ خدا خلقيا خاڪ مان، پوءِ نُطفي مان نِبار، وَرِي اوهان کي جوڙيو، جوڙا جوڙڻهار، ۽ بِلڪل نه کَڻي، بارڪو ، نار ۽ نه ڄڻي ٻار، مگر مِڙئي اُن جي، سارڻ ساڻ سَنڀار، ۽ لِکيل لوح مَحفوظ ۾، جيڪي وَڌي، گھٽي ڄَمار، قادر تي ڪم ڪار، آهي اِي آسان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ ڦڙي مان، پوءِ اوهان کي جوڙو جوڙو ڪيائين_ ڪا به مادي سندس ڄاڻ ڌاران نڪي پيٽ سان ٿيندي آهي، نڪي ڄڻيندي آهي_ جنهن به وڏيءَ عمر واري کي عمر ملندي آهي، يا سندس عمر گهٽجندي آهي، سا سڀ ڪتاب ۾ آهي، بيشڪ اهو الله لاءِ سولو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ نطفي مان، پوءِ توهان جا جوڙا جوڙا بڻايائين (يعني مرد ۽ عورت) ڪابه عورت ڳؤرهاري ٿيندي توڙي ٻار ڄڻيندي آهي، اهو سڀ ڪجهه الله جي ڄاڻ ۾ هوندو آهي. ڪوبه وڏيءَ ڄمار وارو وڏي عمر کي رسندو آهي توڙي ڪنهن جي عمر ۾ ڪا گهٽتائي ڪئي ويندي آهي ته اهو سڀ ڪجهه به هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي. الله لاءِ اهو تمام آسان ڪم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله توهان کي پيدا ڪيو مٽيءَ مان، پوءِ منجهان نطفي جي، پوءِ بڻايائين توهان جا جوڙا (مرد ۽ عورت) ۽ نه ڪا عورت پيٽ سان ٿئي ۽ نه ٻار ڄڻي ٿي، پر اهو سڀ ان (الله) جي علم ۾ هوندو آهي، ۽ نه ڄمار ماڻڻ وارو ڄمار نٿو ماڻي ۽ نه ڪنهن جي گهٽتائي ٿئي ٿي ڪنهن جي ڄمار ۾ پر اهو سڀ هڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، بيشڪ اهو الله جي لاءِ سولو ڪم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان کي پھريون ڀيرو مٽيءَ مان پيدا ڪيو پوءِ نطفي مان ٺاهي توهان کي جوڙو (يعني مرد ۽ عورت) بنايائين. الله تعالى جي حڪم کان سواءِ ڪابه عورت نه ته ڳورهاري ٿئي ٿي ۽ نه ئي ٻار ڄڻي ٿي. ۽ڪنھن به ڊگهي عمر واري کي ڊگهي عمر نٿي ملي ۽ نه ڪنهن جي عمر ۾ گهٽتائي اچي ٿي پراهو سڀ ڪجهه هڪ ڪتاب ۾ لکيل هوندو آهي. بيشڪ اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ انتهائي آسان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَستَوِى البَحرانِ هٰذا عَذبٌ فُراتٌ سائِغٌ شَرابُهُ وَهٰذا مِلحٌ أُجاجٌ وَمِن كُلٍّ تَأكُلونَ لَحمًا طَرِيًّا وَتَستَخرِجونَ حِليَةً تَلبَسونَها وَتَرَى الفُلكَ فيهِ مَواخِرَ لِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 12) |
۽ ٻه درياءَ ھڪ جھڙا نه آھن (جن مان) ھيءُ ھڪ مِٺو اُڃ لاھيندڙ آھي سندس پاڻي وڻندڙ آھي ۽ اُھو ٻيو کارو ڪوڙو آھي، ۽ ھر ھڪ مان (مڇيءَ جو) تازو گوشت کائيندا آھيو ۽ زيور (يعني موتي منجھائن) ڪڍندا آھيو جي پائيندا آھيو، ۽ منجھس (پاڻي کي) چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين (ھن لاءِ) ته سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻئي پاڻي (يعني درياهه ۽ سمنڊ) به هڪجهڙا ڪونه آهن. هڪ لذيذ ۽ مٺو آهي ۽ پيئڻ ۾ وڻندڙ آهي ته ٻيو وري کارو ۽ لوڻ جهڙو ڪوڙو آهي. ۽ (قدرت ته ڏسو ته) توهان هرهڪ پاڻيءَ مان (مڇيون پڪڙي انهن جو) تازو ۽ نرم گوشت کائو ٿا، ۽ (ٻنهي مان موتي مرجان سون وغيره) ڪڍي زيور ٺاهيو ٿا جي توهان پايو ٿا. ان کان سواءِ توهان جهاز ڏسو ٿا ته ڪيئن انهيءَ پاڻي کي چيرندا هليا وڃن ٿا، انهيءَ لاءِ ته توهان (انهن جهازن ۾ سواري ڪري ڏورانهن ملڪن ڏي واپار وغيره لاءِ وڃو ۽) الله جي فضل (دولت وغيره) جي تلاش ڪيو ۽ انهيءَ لاءِ ته توهان شڪرگذار رهو (۽ الله جون نعمتون الله جي حڪمن موجب ڪم آڻي پنهنجو فائدو ڪيو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ٻَئي درياءَ پاڻ ۾ برابر نٿا ٿين، هيءُ مٺو بهترين مٺو آهي (ان جو) پاڻي وڻندڙ آهي ۽ هيءُ کارو تيز کارو آهي ۽ هر هڪ مان توهان تازو گوشت (مڇي) کائو ٿا ۽ توهان موتي ڪڍو ٿا جيڪي توهان (آرائش لاءِ) پايو ٿا. ۽ توهان ان ۾ ٻيڙي ڏسو ٿا جيڪا پاڻي کي چيري ٿي ان لاءِ ته توهان ان جو فضل حاصل ڪريو ۽ من توهان شڪرگذار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (سندس قدرت ڏسو جو) ٻه دريا (پاڻ ۾ ملي وڃڻ هوندي به) هڪ ٿي نه ٿا وڃن. هيءُ مٺو اڃ لاهيندڙ سندس پاڻي وڻندڙ آهي ۽ هي (ٻيو) کارو ڪوڙو آهي. ۽ ان (اختلاف) هوندي به اوهين ٻنهي مان (مڇين جو) تازو گوشت (هڪجهڙو) کائو ٿا ۽ پنهنجي لاءِ (موتي مرجان ۽ ٻيا) زيور ڪڍو ٿا جن کي اوهين پهريو ٿا پڻ اوهين ڏسو ٿا ته ٻيڙيون دريا ۾ (پاڻيءَ کي) ڇيرينديون هليون وڃن ٿيون هن لاءِ ته خدا جي فضل (۽ ڪرم) تجارت (۽ روزگار) جي تلاش ڪريو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا برابر ٿين ٻه درياءَ هي مٺو اڃ لاهيندڙ آهي وڻندڙ آهي پيئڻ ان جو ۽ هي کارو، ڪوڙو آهي ۽ سڀني مان کائو ٿا گوشت تازو ۽ ڪڍو ٿا زيور پايو ٿا انهن کي ۽ ڏسندين ٻيڙين کي ان ۾ چيري هلندڙيون تانته طلب ڪيو ان جي فضل مان ۽ تانته اوهان شڪر ڪندا رهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻه درياءَ هڪ جهڙا نه آهن. هيءَ مٺو اُڃ لاهيندڙ سندس پاڻي وڻندڙ آهي ۽ هيءَ کارو ڪوڙو آهي، ۽ هر هڪ مان تازو گوشت کائو ٿا ۽ زيور (موتي) ڪڍو ٿا جي پايو ٿا. ۽ تون ان ۾ ٻيڙين کي ڏسين ٿو جي پاڻيءَ کي چيري هلن ٿيون هن لاءِ ته اوهين سندس فضل (روزي) گهرو ۽ مَنَ اوهين شڪرڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ٻه درياءَ هڪجهڙا نه آهن، هي مٺو اڃ لاهيندڙ آهي ان جو پاڻي مزيدار آهي ۽ هي کارو ڪوڙو آهي. ۽ توهان هر هڪ مان تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ٿا ۽ اوهان زيور (جيئن موتي مرجان) ڪڍو ٿا جن کي پايو ٿا. ۽ تون ان ۾ ٻيڙين کي ڏسين ٿو جي پاڻي کي چيري هلن ٿيون هن لاءِ ته توهان ان جو فضل تلاش ڪيو ۽ هن لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَرکا ڪِين سَمونڊ ٻَئـِي، هِي مِٺو مَزيدار، وَڻندڙ اُن جو واهِپو، ۽ هِي ڪَڙو ڪارونڀار، ۽ ٻاهر ڪڍو ٻنهِي مان، تازا طعام تيار، پڻ جي پايو پاڻ ٿا، سي ڪڍو سِينگار، ۽ ڏِسِين ٻيڙيون ٻنهين ۾، چِرِيندڙ چوڌار، ڀَلِين، ته سَندسِ ڀال مان، وَرسو مَنجھ واپار، اِي هارَ سَڀيئـِي اِن هار، تان مِهربانيون مَڃيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ٻه سمنڊ برابر نه آهن؛_ هي آهي مٺو، اُڃ لاهيندڙ ۽ سندس پاڻي وڻندڙ، ۽ هي آهي کارو ۽ ڪڙو_ پر سڀني مان اوهين تازو گوشت (مڇي) ٿا کائو ۽ منجهانئن سينگار جون شيون ڪڍو ٿا، جي پايو ٿا، ۽ تون هن ۾ پاڻيءَ کي چيريندڙ ٻيڙيون ڏسندو آهين، ته سندس فضل ڳوليو ۽ من اوهين شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پاڻيءَ جا ٻئي ذخيرا هڪجهڙا ناهن. هڪڙو مٺو اڃ لاهيندڙ، پيئڻ ۾ مزيدار ۽ ٻيو ڏاڍو کارو. پر ٻنهي مان توهان سڄر تازو گوشت ٿا کائو ۽ پائڻ لاءِ سينگار جو سامان ٿا ڪڍو ۽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ توهان ڏسو ٿا ته ٻيڙيون ان جو سينو چيرينديون ٿيون هلنديون وتن، تانته توهان الله جو فضل تلاش ڪريو ۽ سندس شڪر ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهن هڪ جهڙا پاڻيءَ جا ذخيرا، هڪڙو مٺو جيڪو اڃ لاهيندڙ آهي پيئڻ ۾ مٺو، پر ٻيو سخت کارو جيڪو نڙي ئي ڇلي ڇڏي، پر ٻنهي مان توهان تازو گوشت کائو ٿا ۽ پائڻ جي لاءِ زيب زينت جو سامان ڪڍندا آهيو، ۽ انهيءَ پاڻي ۾ ڏسو ٿا ته ٻيڙيون ان جو سينو چيرينديون آهن جيئن توهان الله جو فضل ڳوليو ۽ ان جا توهان شڪرگذار بڻجو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ٻه سمنڊ به هڪ جھڙا نه آهن، هڪ جو پاڻي مٺو، اُڃ لاهڻ وارو ۽ وڻندڙ هوندو آهي ۽ ٻئي جو پاڻي کارو ۽ ڪڙو هوندو آهي ۽ سمنڊن مان اوهان تازو گوشت کائو ٿا ۽ هار سينگار لاءِ زينت واريون شيون ڪڍي پھريو ٿا ۽ توهان ڏسو ٿا ته ان ۾ ٻيڙيون پاڻي کي چيري تيزيءَ سان هلن ٿيون ته جيئن توهان پنھنجي پالڻھار جو فضل تلاش ڪريو. شايد توهان ان ذريعي شڪر ادا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى لِأَجَلٍ مُسَمًّى ذٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُم لَهُ المُلكُ وَالَّذينَ تَدعونَ مِن دونِهِ ما يَملِكونَ مِن قِطميرٍ (آيت : 13) |
رات کي ڏينھن ۾ گھيڙيندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ گھيڙيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي تابع ڪيائين، ھر ھڪ ٺھرايل مدت تي ھلندو آھي، اُھو الله اوھان جو پالڻھار آھي اُن جي بادشاھي آھي، ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھيو سي کارڪ جي ککڙيءَ جي ڇلُ (جيتري ذري) جا (به) مالڪ نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (هوريان هوريان) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڏينهن کي رات ۾ هن سج ۽ چنڊ کي (قانونن جي) تابع ڪري رکيو آهي. انهن مان هرهڪ مقرر وقت تائين گردش ڪندو رهندو. اهڙو آهي الله جو اوهان جو پروردگار آهي. (سڄي عالم جي) بادشاهي سندس ئي آهي، پر جن کي توهان (خدائيون سمجهي) الله تعاليٰ جي علاوه پڪاريو ٿا تن کي ته کارڪ جي ڪڪڙيءَ جي کل جيتري طاقت يا اختيار به ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي مسخر (تابعدار) بنايو، هر هڪ مقرر مدي تائين هلي رهيا آهن. اهو توهان جو الله توهان جو رب آهي ان لاءِ ملڪ آهي، ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا اهي کارڪ جي پردي جا مالڪ ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ اهو ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو ۽) ان ئي سج ۽ چنڊ کي پنهنجو مطيع ڪري ڇڏيو آهي جو سڀ ڪو پنهنجي (پنهنجي) مقرر ڪيل مدت تائين هلي ٿو. اهو ئي اوهان جو پالڻهار آهي سندس ئي حڪومت آهي. ۽ ان کي ڇڏي جن معبودن کي اوهين سڏيو ٿا سي کارڪ جي ککڙيءَ کل جيتري به قدرت نٿا رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ڪري ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ڪري ٿو ڏينهن کي رات ۾ ۽ مطيع ڪيائين سج ۽ چنڊ کي سڀ هلن ٿا مدي مقرر تائين اهو الله اوهان جو پالڻهار آهي ان جي بادشاهي آهي ۽ جن کي پوڄيندا آهيو ان کان سواءِ نه ٿا مالڪ ٿين کجور جي ککڙيءَ واري ڇلڪي جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو (اي انسانو !) اهو الله آهي اوهان جو پاليندڙ سندس ئي بادشاهي آهي ۽ جن کي ان کانسواءِ سڏيو ٿا سي کارڪ جي ککڙيءَ جي کل جا به مالڪ نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، ۽ ان سج ۽ چنڊ کي (هڪ نظام جي) تابع ڪيو آهي، هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. اُهو الله توهان جو پالڻهار آهي ان جي بادشاهي آهي. ۽ ان کي ڇڏي اوهان جن (بتن) کي پوڄيو ٿا سي کجور جي ڪڪڙي جي سنهين کل جا به مالڪ نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رات گڏي ڏِينهن ۾، قُدرت ساڻ ڪمال، ۽ روشن ڏِينهن رات ۾، جوڙي جَلَّ جَلال، سِج، چَنڊ سَندسِ حُڪم ۾، سوگھا رَکيائـِين سال، مُقرّر مُدت سَئـِين، سَڀ چلن چڱِئَ چال، سو اَلله آهي اوهان جو، مالِڪ بي مِثال، ۽ مُلڪ مالامال، آهي آجو اُن جو ۽ تِنهن ڌاران، دانهيون جَن کي، اُن جو اِهڙو حال، ته خالِي گِد کَکَئَ تي، نه هَلي سَندنِ سَنڀال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو رات کي ڏينهن۾ ٿو وجهي ۽ ڏينهن کي رات ۾_ ۽ چنڊ ۽ سج کي جڪڙي ڇڏيو اٿس، جو هر ڪو مقرر ڪيل مدت تي هلندو آهي_ اهو آهي الله اوهان جو ڌڻي، بادشاهي ان جي ئي آهي ۽ اوهين ان کانسواءِ جن کي پڪاريو ٿا، سي ذرڙي جا به مالڪ نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ڏينهن ۾ رات کي ۽ رات ۾ ڏينهن کي داخل ڪندو آهي. سج ۽ چنڊ کي ضابطي اندر رکي ڇڏيو اٿس، اهو سڀ ڪجهه هڪڙي مقرر وقت تائين هلندو پيو رهي. اهوئي الله (جنهن جا اهي ڪم آهن) توهان جو رب آهي، بادشاهي ان جي ئي آهي، ان کي ڇڏي، توهان جن ٻين کي سڏيو ٿا اهي ته هڪ ڪــَـکَ جا به مالڪ ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوئيندو آهي رات کي ڏينهن ۾ ۽ پوئيندو آهي ڏينهن کي رات ۾، ۽ تابع ڪيو آهي سج ۽ چنڊ کي، اهو سڀڪجهه هلندو رهي ٿو هڪ مقرر وقت تائين، اهو ئي توهان جو الله توهان جو رب آهي انهيءَ جي بادشاهي آهي، ۽ انهيءَ کي ڇڏي پڪاريو ٿا جن ٻين کي، سي ته مالڪ ئي ناهن هڪ ڪک جا به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو، سج ۽ چنڊ کي(پنهنجي نظام ۾) پابند رکيو آهي. هي سڀ هڪ مقرر وقت تائين هلي رهيا آهن. اِهوئي توهان جو پالڻھار الله آهي. جنھن جي بادشاهي آهي ۽ جن کي توهان الله تعالى کان سواءِ سڏيو ٿا سي ته کوکڙيءَ جي (اندر واري) کل جا به مالڪ نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تَدعوهُم لا يَسمَعوا دُعاءَكُم وَلَو سَمِعوا مَا استَجابوا لَكُم وَيَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرونَ بِشِركِكُم وَلا يُنَبِّئُكَ مِثلُ خَبيرٍ (آيت : 14) |
جيڪڏھن کين سڏيو ته اوھان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏھن (کڻي) ٻڌن (به) ته به اوھان کي ورندي نه ڏيندا، ۽ قيامت جي ڏينھن اوھان جي شريڪ ٺھرائڻ جا منڪر ٿيندا، ۽ توکي خبر رکندڙ جھڙي ڪوبه خبر نه ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان انهن کي پڪاريو ته هو توهان جي پڪار ٻڌندائي ڪونه، ۽ جيڪڏهن کڻي ٻڌن ته به هو اوهان جي مراد پوري ڪري ڪونه سگهندا ۽ قيامت جي ڏينهن اهي (ديوتائون) توهان جي شرڪ کان انڪار ڪندا. (۽ (اي انسان! ياد رک ته) ڪوبه (انسان يا ڪو ٻيو) توکي (حق) ٻڌائي ڪونه سگهندو، جهڙيءَ طرح اهو (الله ٻڌائي سگهندو) جو سڀ خبر رکندڙ آهي. (تنهن ڪري فقط الله جي حڪمن جي تعميل ڪريو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان انهن کي سڏيو ٿا ته اهي توهان جو سڏڻ نٿا ٻڌن، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) ٻُڌن ها ته به توهان کي جواب نه ڏين ها، ۽ قيامت جي ڏينهن (اهي) پنهنجي شرڪ کان بيزاري ڪندا، ۽ رسولِ عربي توهان کي الله تعالى وانگر ڪير خبرون نٿو ٻڌائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اوهان جو سڏ نه ٻڌندا ۽ جيڪڏهن (کڻي) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينهن اوهان جي شريڪ ٺهرائڻ جو (اهي) انڪار ڪندا، ۽ واقف ڪار (شخص) وانگر (پوءِ انهن جي پوري حالت) اوهان کي ٻڌائي نه ٿو سگهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن سڏيندؤ انهن کي ته نه ٻڌندا اوهان جي سڏ کي ۽ جيڪڏهن ٻڌن (ته به) نه قبول ڪري سگهندا اوهان جي سڏ کي ۽ قيامت جي ڏينهن انڪار ڪندا اوهان جي شرڪ ڪرڻ جو ۽ نه خبر ڏيندو توکي ڪو خبر ڏيندڙ جهڙي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اوهان جو سڏ نه ٻڌندا ۽ جيڪڏهن (کڻي) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينهن اوهان جي شريڪ ٺهرائڻ جو انڪار ڪندا ۽ توکي خبر رکندڙ (الله) جهڙي ڪوبه خبر نه ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مشرڪو!) جيڪڏهن اوهان انهن کي سڏيو ته اُهي اوهان جو سڏ نه ٻڌندا، ۽ جيڪڏهن (بالفرض) ٻڌن به ته اوهان کي جواب نه ڏيندا. ۽ قيامت واري ڏينهن توهان جي شرڪ جو انڪار ڪندا. ۽ تو کي خبر رکندڙ (الله) جهڙي خبر ڪير به نه ڏيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کَڻِي تن کي ڪيترو، پُوڪاريو پيمال!، ته سُڻن نه سَڏ اَوهان جو، ۽ جي سُڻن کڻي سُوال، ته به سَگھن قبولي ڪِين ڪِي، مَدد ڏِيڻ مَحال، ۽ اِنڪار، اَهنجي شِرڪ ڪنان، ڪَن قيامت ۾ ڪالھ، محرم حال مِثال، ڪَر نه توکي، ڪير ڏي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين کين پڪاريندا، ته اهي اوهان جي پڪار ڪا نه ٻڌندا ۽ جي کڻي ٻُڌن، ته به اونائي نه سگهندا ۽ قيامت ڏينهن اوهان جي انهي شرڪ جا منڪر ٿيندا_ توکي سچي خبر رکندڙ (الله) جهڙي خبر ٻيو ڪو به ڪو نه ڏيندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کي سڏيندؤ ته سڏ نه ٻڌندا ۽ ٻڌندا ته انهن جو ڪو جواب نه ڏيندا ۽ قيامت جي ڏينهن هو توهان جي شرڪ جو انڪار ڪندا. حقيقت جي اهڙي صحيح خبر چار توکي ڪنهن ڄاڻندڙ (الله) کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڏيئي سگهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن انهن کي پڪاريندا ته نه ٻڌي سگهندا اهي توهان جا سڏ، ۽ جيڪڏهن ٻڌن به ته ڪوبه جواب ڏئي نه سگهندا توهان کي، ۽ ڏينهن قيامت جي اهي انڪار ڪندا توهان جي شرڪ جو، ۽ ڪوبه توکي خبر ڏئي نه سگهندو ان حقيقت جي هڪ باخبر کان سواءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان انهن کي سڏيندا به ته مجال آهي ته هو توهان جو ٻڌن ۽ جيڪڏهن ٻڌندا به ته توهان کي ڪو جواب ئي نه ڏئي سگهندا ۽ هو توهان جي شرڪ جو قيامت جي ڏينھن انڪار ڪندا. (اي نبيﷺ!) توهان کي اهڙي سچي خبر ڪير به نه ٻڌائي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ أَنتُمُ الفُقَراءُ إِلَى اللَّهِ وَاللَّهُ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 15) |
اي ماڻھو اوھين الله ڏانھن مُحتاج آھيو، ۽ الله اُھو بي پرواھ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانو! اوهان سڀ الله تعاليٰ جا محتاج آهيو، پر خدا ئي آهي جو بي احتياج آهي ۽ سڀني اعليٰ صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو توهان الله تعالى جا محتاج آهيو، ۽ الله تعالى ئي بي نياز ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انسانو! اوهين سڀئي الله جا (هر وقت) محتاج آهيو ۽ (رڳو) الله ئي (سڀني کان) بي پرواھ لائق حمد (۽ ساراھ آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانو! اوهان محتاج آهيو الله ڏانهن ۽ الله اهو بي پرواھ ساراهيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي انسانو! اوهين الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي پرواهه ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! توهان سڀ الله جا محتاج آهيو ۽ الله ئي بي نياز ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِڙئـِي آهيو ماڻهئا! پَروَر جا پينار، ۽ هِڪ سائـِين شاهوڪار، ساراهيل سَڀين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! اوهين الله ڏانهن محتاج آهيو ۽ الله بي پرواهه واکاڻيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! توهان ئي الله جا محتاج آهيو ۽ الله ته بي پرواهه ۽ پنهنجو پاڻ ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانؤ! توهان سڀ محتاج آهيو الله جا، ۽ الله ته اهو غني آهي جيڪو ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! توهان سڀ الله تعالى جا محتاج آهيو ۽ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَشَأ يُذهِبكُم وَيَأتِ بِخَلقٍ جَديدٍ (آيت : 16) |
جيڪڏھن گھري ته اوھان کي ناس ڪري ۽ نئين خلق پيدا ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي فنا ڪري ڇڏي ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ٻي نئين مخلوق پيدا ڪري آڻي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن چاهي توهان کي ختم ڪري ۽ (ٻِي) نئين مخلوق پيدا ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن چاهي ته اوهان ماڻهن کي (ميٽي) پري ڪري ڇڏي ۽ هڪ نئين خلق آڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن گهري ته فنا ڪري اوهان کي ۽ آڻي مخلوق نئين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن گهري ته اوهان کي پري ڪري ڇڏي ۽ نئين خلق آڻي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اُهو چاهي ته توهان کي نابود ڪري ۽ نئين مخلوق آڻي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي اَلله گُهري، ته اوهان کي نيئـِي ڪَري ناس، ۽ جوڙي وَرِي جوڙنَئـِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن هو چاهي، ته اوهان کي ناس ڪري ڇڏي ۽ نئين خلق پيدا ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو جي گهري ته توهان کي هٽائي ڪا ٻي نئين مخلوق آڻي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو جيڪڏهن چاهي ته توهان کي هٽائي ڇڏي ۽ آڻي ٻي ڪا خلق توهان جي جاءِ تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي هٽائي ٻي نئين مخلوق آڻي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ بِعَزيزٍ (آيت : 17) |
۽ اِھو (ڪم) الله کي اَوکو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ائين ڪرڻ خدا جي لاءِ ڪا وڏي ڏکي ڳالهه ڪانهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ مشڪل ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اها ڳالھ ڪا خدا ته مشڪل نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي اهو الله لاءِ اوکو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهو (ڪم) الله تي مشڪل نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ائين ڪرڻ الله تي مشڪل نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هرگز حق شناس، ربَّ تي اِها راس، ڪا ڳَرِي ناهي ڳالهڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ائين ڪرڻ الله لاءِ ڏکيو نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ائين ڪرڻ الله لاءِ ڪوبه ڏکيو ڪم ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهي اهو ڪم الله جي لاءِ ڪو ڏکيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي لاءِ ايئن ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَزِرُ وازِرَةٌ وِزرَ أُخرىٰ وَإِن تَدعُ مُثقَلَةٌ إِلىٰ حِملِها لا يُحمَل مِنهُ شَيءٌ وَلَو كانَ ذا قُربىٰ إِنَّما تُنذِرُ الَّذينَ يَخشَونَ رَبَّهُم بِالغَيبِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَمَن تَزَكّىٰ فَإِنَّما يَتَزَكّىٰ لِنَفسِهِ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 18) |
۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نه کڻندو، ۽ جيڪڏھن (گناھن جي) ڳوري بار وارو پنھنجي بار کڻڻ ڏانھن ڪنھن کي سڏيندو توڻيڪ مائٽي وارو ھوندو ته به منجھانئس ڪجھ به نه کنيو ويندو، تون ته انھن کي ڊيڄاري سگھندين جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپُٺ ڊڄندا آھن ۽ نماز پڙھندا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله ڏانھن موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار ڪونه کڻندو ۽ جيڪڏهن ڪوبه ڳوري بار هيٺ آيل ماڻهو ڪنهن ٻئي کي سندس بار کڻڻ لاءِ سڏيندو ته سندس بار مان هڪ ذرو به ڪونه کنيو ويندو، اگرچه اهو ماڻهو (جنهن کي سڏيندو سو) سندس ويجهو مائٽ هجي. (اي پيغمبر!) تون فقط انهن کي خبردار ڪري سگهين ٿو جيڪي پنهنجي رب کان کيس ڏسڻ کان سواءِ ئي ڊڄندا رهن ٿا، ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪو به پاڪيزگي اختيار ڪري ٿو سو پنهنجي ئي نفس جي فائدي لاءِ ٿو ڪري ۽ سڀني جي آخري منزل الله وٽ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪوبه ماڻهو ڪنهنجو بار نه کڻندو،. ۽ جيڪڏهن ڪو گنهگار پنهنجي بار کڻڻ لاءِ جيڪڏهن ڪنهنکي سڏيندو ته اهو سندس بار گناهن جو نه کڻندو جيتوڻيڪ اهو سندس مائٽ هوندو. رسولِ عربي توهان ته فقط انهن ماڻهن کي ڊيڄاريو ٿا جيڪي پنهنجي رب کان پر پٺ خوف ڪن ٿا ۽ نماز پڙهن ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو (گناهن کان) پاڪ ٿئي ٿو ته اهو پنهنجي لاءِ پاڪ ٿئي ٿو، ۽ الله تعالى ڏانهن موٽڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ياد رهي ته) ڪو به شخص ڪنهن ٻئي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو. ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو پنهنجي بار (کڻائڻ) لاءِ (ڪنهن کي) سڏيندو ته ان مان ڪجھ به نه کنيو ويندو توري جو مائٽ هجي. (اي پيغمبر) تون رڳو انهن کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پالڻهار کان ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. ۽ (ياد رکو) جو شخص پاڪ صاف رهي ٿو سو پنهنجي ئي فائدي لاءِ پاڪ صاف رهي ٿو ۽ (نيٺ ته ڦري گهري سڀ کي) خدا ڏي ئي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بار کڻندو ڪو بار کڻندڙ بار ٻئي جو ۽ جيڪڏهن سڏيندو (ڪو نفس) ڳري بار وارو پنهنجي بار کڻڻ ڏانهن ته نه بار کنيو ويندو ان جو ڪجھ به جيتوڻيڪ هجي قرابت وارو بلاشڪ ڊيڄاريندين تون انهن کي جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب کان اڻ ڏٺو ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ جيڪو پاڪ صاف ٿيو پوءِ رڳو پاڪ صاف ٿيو پنهنجي پاڻ لاءِ ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪو به بار کڻڻ وارو ٻي (جي گناهن) جو بار نه کڻندو، ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو (بار هلڪي ڪرڻ لاءِ ٻئي کي) سندس بار ڏي سڏيندو ته ان مان ڪجهه به نه کنيو ويندو توڙي جو مائٽ هجي (اي پيغمبر !) تون رڳو انهن کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. ۽ جيڪو پاڪ ٿئي ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ پاڪ ٿئي ٿو ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪو بار کڻڻ وارو ٻئي جي (گناهن جو) بار نه کڻندو. ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو پنهنجو بار ونڊائڻ لاءِ ڪنهن کي سڏي ته ان جي بار مان ڪوبه ڪجهه نه کڻندو توڙي جو ويجهو رشتيدار هجي. (اي نبي!) تون صرف انهن ماڻهن کي ڊيڄارين ٿو جيڪي اڻ ڏٺي پنهنجي پالڻهار جو خوف رکن ٿا، ۽ نماز قائم رکن ٿا. ۽ جيڪو پاڪ ٿئي ٿو سو صرف پنهنجي ئي فائدي لاءِ پاڪ ٿئي ٿو. ۽ الله ڏانهن ئي موٽڻ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کڻندڙ کڻي ڪو نه ڪو، ٻئي جو بوجو بار،۽ ڳَرو ڳوٺاين کي، سَڏي کڻي صد بار، کَڻڻ سَندسِ ڏي، ته نه کڻي مَنجھاسِ ڪُجھ مِقدار، ڀَلِين هُجن ڀار، اوڏا عَزِيز ڪيترو. تون ڊِيڄارين تن کي، نبي! نيڪ نِهال، جي پَر پُٺ پنهنجي ربُّ جو، رکنِ خوف خيال، ۽ نِت نِمازون نِيهن مان، پڙهن چڱِئَ چال، ۽ جو لاهي مَرمال جو، ته جِيَسِ تان جنجال،لاهي سو لال، ۽ آخِر هَلڻ اَلله ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪو به شخص ڪنهن ٻئي جو (گناهن جو) بار نه کڻندو_ ۽ جيڪڏهن ڪو ڳري بار وارو سندس بار کڻڻ لاءِ ڪنهن کي سڏيندو، ته اهو کڻي سندس عزيز هوندو؛ ته به ان مان ڪجهه به نه کڻندو تون ته فقط انهن کي ڊيڄاري سگهندين جيڪي پنهنجي ڌڻيءَ کان پرپٺ ڊڄن ٿا_ ۽ نماز هميشه پڙهن ٿا، جيڪو شخص پاڪ ٿئي ٿو، سو فقط پنهنجي پاڻ لاءِ ئي پاڪ ٿو ٿئي، ۽ الله ڏي ئي موٽڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو ۽ جي ڪو بار وارو پنهنجي بار جي کڻڻ لاءِ ڪنهن کي سڏيندو ته ٿورڙو به بار کڻڻ لاءِ ڪوئي نه ايندس، کڻي ويجهو عزيز ئي ڇونه هجيس. (اي نبي) تون ته رڳو انهن ماڻهن کي ئي خبردار ڪري سگهين ٿو، جيڪي بنا ڏسڻ جي پنهنجي رب کان ڊڄن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا. جيڪو به پاڪائي اختيار ڪري ٿو پاڻ لاءِ ئي ڪري ٿو ۽ سڀني کي الله ڏانهن ئي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه کڻندو ڪو بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار، ۽ جي سڏيندو ڪو نفس پنهنجي ذرڙي بار کڻڻ جي لاءِ ته نه ايندو ان جي کڻڻ لاءِ، پوءِ ڀلي اهو ويجهو عزيز ئي ڇو نه هجي، (اي نبي!) تون خبردار ڪري سگهين ٿو انهن ماڻهن کي جيڪي ڊڄن ٿا پنهنجي رب اڻ ڏٺي کان، ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ جيڪو شخص پاڪائي اختيار ڪري ٿو سو بيشڪ پاڪائي اختيار ڪري ٿو پنهنجي ڀلائي لاءِ، ۽ الله ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي ڪنھن جو بار نه کڻندو ۽ جيڪڏهن بار کڻندڙ پنھنجي مٿان سٿيل بار کڻڻ لاءِ ٻئي کي ايلاز منٿون به ڪندو ته به ڪير سندس بار جو ذرو به کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيندو، چاهي ان جو پنھنجو مائٽ ئي ڇو نه هجي. (اي نبيﷺ!) تون رڳو ان شخص کي ڊيڄاري سگهين ٿو جيڪو پنھنجي پالڻھار کان اڻ ڏٺي ڊڄندو هجي، نماز جو اهتمام ڪندڙ هجي ۽ جيڪڏهن ڪير پاڪباز ٿيڻ چاهي ته اها پاڪبازي سندس ئي ڪم ايندي. آخرڪار سڀني جي موٽ الله تعالى ڏانھن ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَستَوِى الأَعمىٰ وَالبَصيرُ (آيت : 19) |
۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انڌو ۽ ڏسندڙ (هرگز) هڪجهڙا ڪونه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافر ۽ مؤمن پاڻ ۾ برابر ٿي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انڌو (ڪافر) ۽ اکين وارو (مومن ڪڏهين به) برابر نه ٿا سگهن، (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا برابر ٿين انڌو ۽ ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انڌو ۽ سڄو برابر نه ٿا ٿين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انڌو ۽ سڄو برابر ٿي نه ٿا سگهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَڙو نه اَنڌو ۽ نه سَڄو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي انڌو ۽ سڄو برابر آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انڌو ۽ سڄو برابر نٿا ٿي سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهن برابر انڌو ۽ اکين وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انڌو ۽ اکين وارو برابر نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَا الظُّلُمٰتُ وَلَا النّورُ (آيت : 20) |
۽ نڪي اونداھيون ۽ نڪي سوجھرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نڪي اوندهه ۽ روشني هڪجهڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪفر ۽ ايمان پاڻ ۾ برابر ٿي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه اونداهي (ڪفر) ۽ سوجهرو (ايمان جي برابر آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه اونداهيون ۽ نه روشني .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه اونداهيون ۽ سوجهرو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه اونداهيون ۽ روشني (پاڻ ۾ برابر آهن).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه اُونداهِي ۽ نه نُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نه اونداهيون ۽ سوجهرو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي اونداهيون ۽ سوجهرو ڪو هڪجهڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهن برابر اونداهيون ۽ نه روشني(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه اونداهي ۽ روشني برابر آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَا الظِّلُّ وَلَا الحَرورُ (آيت : 21) |
۽ نڪي ڇانوَ ۽ نڪي اُس (پاڻ ۾ ھڪ جھڙا آھن).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نڪي ڇانو ۽ اس هڪجهڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بهشت ۽ دوزخ پاڻ ۾ برابر ٿي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه ڇانو (بهشت) ۽ نه اس (دوزخ برابر آهن)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڇانوَ ۽ نه اس .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڇانو ۽ نه اُس، ۽ نه جيئرا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه ڇانؤ ۽ اُسَ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِير، نه ڄَرِي هِڪ جھڙويون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نه ڇانو ۽ اُس_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه وري ٿـڌي ڇانوَ ۽ ساڙيندڙ اُس ئي ڪي هڪجهڙيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهن هڪ جهڙيون ٿڌي ڇانوَ ۽ نه اس جي تپش(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نه ڇانوَ ۽ اُس برابر آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَستَوِى الأَحياءُ وَلَا الأَموٰتُ إِنَّ اللَّهَ يُسمِعُ مَن يَشاءُ وَما أَنتَ بِمُسمِعٍ مَن فِى القُبورِ (آيت : 22) |
۽ نڪي جيئرا ۽ نڪي مُئا برابر ٿين ٿا، بيشڪ الله جنھن کي گھري تنھن کي ٻڌائيندو آھي، ۽ تون ڪو قبر وارن کي ٻڌائيندڙ نه آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نڪي جيئرا ۽ مئل هڪجهڙا آهن. بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي ٻڌڻ جهڙو ڪري ٿو ۽ اهو ٻڌي ٿو. پر تون (اي پيغمبر!) اهڙن ماڻهن کي ٻڌڻ جهڙو ڪري نٿو سگهين جيڪي قبرن ۾ (گويا مئا) پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيئرا ۽ مُئل پاڻ ۾ برابر ٿي نٿا سگھن. بيشڪ الله تعالى جنهنکي چاهي ان کي نصيحت ڪري سگھي ٿو، ۽ توهان انهن ماڻهن کي ٻڌائيندڙ ناهيو جيڪي قبرن ۾ (ڪفر تي) آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه جيئرا (مومن) ۽ نه مئل (ڪافر) برابر ٿي سگهن ٿا. ۽ خدا جنهن کي گهري چڱيءَ طرح ٻڌائي (سمجهائي) ٿو ۽ (اي رسول) جي (ڪافر مردن وانگر) قبرن ۾ آهن تن کي تون (پنهنجيون ڳالهيون) ٻڌائي سمجهائي نه ٿو سگهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿا برابر ٿين جيئرا ۽ نه مئل بيشڪ الله ٻڌائي ٿو جنهن کي گهري ۽ ناهين تون ٻڌائيندڙ انهن کي جيڪي قبرن ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه مئل برابر ٿين ٿا بيشڪ الله جنهن کي گهري ٿو تنهن کي ٻڌائي ٿو. ۽ جيڪي قبرن ۾ آهن تن کي تون ٻڌائيندڙ نه آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه جيئرا ۽ مُئل برابر ٿي سگهن ٿا. بيشڪ الله جنهن کي چاهي ٿو ان کي ٻڌائي ٿو، ۽ تون انهن کي ٻڌائيندڙ نه آهين جيڪي قبرن ۾ (دفن) آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه جِيرَا، نه مُئامُور،پاڻ سُڻايو ٿو سگھي، جنهن کي گُھري رَبُّ، غفور، ۽ جي قابُو مَنجھ قُبور، تون نه ٻُڌائـِيندڙ تن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي وري جيئرا ۽ مئا برابر آهن، بيشڪ الله جنهن کي گهري، تنهن کي بڌائي ٿو ۽ تون قبرن ۾ پيلن کي ٻڌائيندڙ ڪونه آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه جيئرا ۽ مئل ڪي برابر آهن. الله جنهن کي چاهي ٻڌرائي سگهي ٿو پر (اي نبي) تون انهن کي نٿو ٻڌرائي سگهين، جيڪي قبرن ۾ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ناهن برابر جيئرا ۽ نه مئل، بيشڪ الله ٻڌرائيندو آهي جنهن کي چاهي، پر (اي نبي!) تون انهن کي ٻڌائي نٿو سگهين جيڪي قبرن ۾ مدفون آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه زنده ۽ مئل هڪ جھڙا آهن. بيشڪ الله تعالى جنھن کي چاهي ٻڌڻ جي طاقت ڏي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو قبرن ۾ آهن، تن کي توهان ڪابه ڳالهه نٿا ٻڌائي سگهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن أَنتَ إِلّا نَذيرٌ (آيت : 23) |
تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون ته فقط خبردار ڪندڙ آهين (پوءِ هو خبردار ٿين يا نه ٿين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ته پيغمبر آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون ته رڳو (هڪ خدا کان) ڊيڄارڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهين تون مگر ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون رڳو ڊيڄاريندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون ته رڳو ڊيڄاريندڙ ئي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه آهِين نَبِي نُور! مگر اِطلاعي آڳ جو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ته فقط ڊيڄاريندڙ آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون ته فقط هڪ خبردار ڪندڙ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون ته هڪ خبردار ڪندڙ آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ته رڳو (جيئرن کي) ڊيڄاريندڙ آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا أَرسَلنٰكَ بِالحَقِّ بَشيرًا وَنَذيرًا وَإِن مِن أُمَّةٍ إِلّا خَلا فيها نَذيرٌ (آيت : 24) |
بيشڪ اسان توکي سچي دين سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو، ۽ اھڙي ڪا ٽولي آھي ئي ڪانه جنھن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه گذريو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً اسان توکي سچائيءَ سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ ڪري موڪليو آهي. ۽ ڪابه اهڙي قوم ڪانه ٿي گذري آهي جنهن ۾ ڪو خبردار ڪندڙ نه رهي ويو هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي بيشڪ اسان توهان کي حق سان بشير ۽ نذير ڪري موڪليو، ۽ ڪا امت اهڙي نه گذري مگر ان ۾ پيغمبر موڪليو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان ئي تو کي بيشڪ قرآن ڏيئي خوش خبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) بنائي موڪليو آهي. ۽ ڪا به امت (دنيا ۾) اهڙي نه گذري جو جنهن ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه گذريو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسان موڪليو اسان تو کي حق سان بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ ناهي ڪا امت جو نه ويو هجي انهن ۾ ڊيڄاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان توکي حق ڏيئي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ اهڙي ڪا امت نه آهي جنهن ۾ ڪو به ڊيڄاريندڙ نه گذريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان تو کي حق سان موڪليو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ (بنائي). ۽ اهڙي ڪا امت ڪونهي جنهن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه گذريو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي صَفا سَچ تي، موڪليوسون مُور، خاص کِيانتوخير جو ڏِيندڙ سُڌيون سُور، ڪونهي قوم، نه ڳوٺ ڪو، مُلڪن ۾ مَشهور، مگر مَنجھنِ ضَرور، ڪو اِطلاعِي آيو وِيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان توکي سچي دين سان مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي؛ ۽ ڪا به اهڙي امت ناهي، جنهن ۾ ڊيڄاريندڙ نه موڪليو ويو هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توکي حق ڏئي موڪليو آهي، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري ۽ ڪا امت اهڙي نه گذري آهي، جنهن ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان توکي موڪليو آهي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري، ۽ ڪابه امت اهڙي نه گذري آهي جنهن ۾ نه آيو هجي ڪوبه ڊيڄاريندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان توهان کي حق سان خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. اهڙي طرح اسان هر امت (۽ هر قوم) ۾ ڪونه ڪو ڊيڄاريندڙ ضرور موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن يُكَذِّبوكَ فَقَد كَذَّبَ الَّذينَ مِن قَبلِهِم جاءَتهُم رُسُلُهُم بِالبَيِّنٰتِ وَبِالزُّبُرِ وَبِالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀائين ٿا ته کائن اڳين به بيشڪ ڪوڙو ڀانيو ھو، جن وٽ سندن پيغمبر چِٽن معجزن ۽ صحيفن سان ۽ پڌرن ڪتابن سان آيا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو توکي نٿا مڃين ته (خيال نه ڪر) انهن کان اڳين ماڻهن به انهن رسولن کي نه مڃيوهو جيڪي چٽين نشانين سان، خدائي صحيفن سان ۽ نور پکيڙيندڙ ڪتاب سان وٽن آيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي توهان کي نٿا مڃن پوءِ بيشڪ اڳين امتن به نه مڃيو. جڏهن انهن وٽ انهن جي پيغمبرن معجزا ۽ آسماني صحيفا (ڪتاب) ۽ روشن ڪتاب آندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو کي ڪوڙو ڪن ته (ڪا پرواھ نه ڪر! ڇو ته) انهن جي اڳين به (پنهنجي پنهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو آهي (هوڏانهن) انهن وٽ سندن پيغمبر ظاهر نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪوڙو چون ٿا توکي پوءِ تحقيق ڪوڙو چيو انهن جو انهن کان اڳي هئا آيا انهن وٽ رسول انهن جا روشن دليلن سان ۽ صحيفن سان ۽ روشن ڪتاب سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اهي توکي ڪوڙو ڪن ته انهن کان اڳين به ڪوڙو ڪيو. انهن وٽ سندن رسول ظاهر نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اُهي تو کي ڪوڙو چون ته پوءِ بيشڪ انهن کان اڳين به (نبين کي) ڪوڙو چيو هيو. انهن وٽ (به) سندن رسول پڌريون نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڪو ٺِينَئـِي ڪُوڙ مَٿي، ته تِنيان اَ ڳ تڪرار، ڪُوڙا ڪوٺيون پَنهنجا، مُرسل مَڻيادار، جي اُنهن وَٽ کڻِي آئـِيا، نِشانيون نِروار، ۽ صَحِي صَحِيفن سان، پڻ لِکيا نُور بِنار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ٿا ڀانئين، ته انهن کان اڳين وٽ به جڏهن چٽن معجزن ۽ صحيفن ۽ پڌرن ڪتابن سان رسول آيا هئا، تڏهن انهن به کين ڪوڙو سمجهيو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي ڪوڙو ٿا سڏين ته انهن کان اڳ ٿي گذريل ماڻهو به ڪوڙو سڏيندا هئا. وٽن سندن رسول چٽيون ثابتيون، صحيفا ۽ (هدايت جي) روشني پکيڙيندڙ ڪتاب کڻي آيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي توکي اهي ڪوڙو سڏين ٿا ته پوءِ ڪوڙو چيو هو انهن ماڻهن به جيڪي کانئن اڳ گذريا، وٽن آيا هئا سندن رسول پڌرن دليلن سان ۽ صحيفا ۽ ڪتاب آندا هدايت ڏيڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي ڪوڙو ڪن ٿا ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن به ته ڪوڙو ڪيو هو. انهن وٽ سندن رسول سڳورا واضح نشانيون، صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَخَذتُ الَّذينَ كَفَروا فَكَيفَ كانَ نَكيرِ (آيت : 26) |
وري ڪافرن کي پڪڙيم ۽ منھنجي سزا ڪيئن ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جن ماڻهن نه مڃيو تن کي مون سخت پڪڙ ڪئي (۽ سخت سزا ڏني) پوءِ (ڏس ته) منهنجو کين تباهه ڪرڻ ڪهڙو نه (سخت) هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان ڪافرن کي پڪڙيو، پوءِ (ڏسو ته) منهنجو انڪار ڪرڻ ڪيئن ٿيو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري اسان انهن ماڻهن کي جي ڪافر ٿي ويٺا، پڪڙيو ته (تو ڏٺو ته) منهنجو عذاب، انهن تي ڪهڙو نه (سخت) هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ پڪڙيو مون انهن کي جن ڪفر ڪيو پوءِ ڪهڙي طرح هئي سزا ڏيڻ منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري جن ڪفر ڪيو تن کي پڪڙيم پوءِ منهنجو روڪڻ ڪيئن هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ مون انهن ماڻهن کي (عذاب ۾) پڪڙيو جن ڪفر ڪيو پوءِ ڪيئن هيو منهنجو عذاب؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽِي جَن نه مَڃيو، تَن ڪَيمِ گرِفتار، پوءِ آهي ڪِيئن اِنڪار، مُنهنجو مَردُودن مَٿي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ مون ڪافرن تي وٺ وڌي، پوءِ ڪهڙي هئي منهنجي سزا! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جن ماڻهن نه مڃيو تن کي پڪڙيم. پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ پڪڙي ورتوسين انهن ماڻهن کي جن انڪار ڪيو پوءِ ڏسو ته منهنجي سزا ڪهڙي نه سخت هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ مون ڪافرن کي پڪڙيو (توهان ڏٺوَ ته) منھنجي پڪڙ ڪيئن هئي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ أَنزَلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَخرَجنا بِهِ ثَمَرٰتٍ مُختَلِفًا أَلوٰنُها وَمِنَ الجِبالِ جُدَدٌ بيضٌ وَحُمرٌ مُختَلِفٌ أَلوٰنُها وَغَرابيبُ سودٌ (آيت : 27) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن کان پاڻي وسايو، پوءِ اُن سان ميوا پيدا ڪياسون جن جا رنگ قسمين قسمين آھن، ۽ جبلن مان ٽُڪر آھن ڪي اڇا ۽ ڪي ڳاڙھا انھن جا طرحين طرحين رنگ آھن ۽ ڪي نھايت ڪارا (به) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ ڪڪرن مان مينهن ٿو وسائي، پوءِ ان جي وسيلي اسان رنگارنگي ميوا (زمين مان) پيدا ڪري ٻاهر آڻيون ٿا ۽ جبلن ۾ به ڪي سفيد ته ڪي ڳاڙها (علائقا يا پرڳڻا آهن) جن (جي پٿرن) جا رنگ مختلف آهن، ۽ ڪي ته زور ڪارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان مينهن نازل ڪيو، پوءِ اسان ان مان ميوا پيدا ڪريون ٿا جن جا مختلف رنگ آهن ۽ جبلن ۾ سفيد ۽ ڳاڙها (۽) مختلف رنگن جا ۽ تيز ڪارا (۽) سخت رستا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان هر قسم جا ميوا ڪڍياسون جن جا رنگ جدا جدا آهن. پڻ جبلن جا (ڪي) اڇا ۽ (ڪي) ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ (ڪي) بند ڪارا ڀاڱا (۽ رستا) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بلاشڪ الله لاٿو آسمان کان پاڻي پوءِ ڪڍيا اسان ان سان ميوا مٽ سٽ آهن رنگ انهن جا ۽ جبلن مان ٽڪرا آهن سفيد ۽ ڳاڙها مٽ سٽ آهن رنگ انهن جا ۽ عجيب قسم جا ڪارا (پٿر) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان (پاڻيءَ) سان ميوا ڪڍياسون جن جا رنگ جدا جدا آهن. ۽ جبلن جا (ڪي) اڇا ۽ (ڪي) ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله آسمان مان پاڻي لاٿو، پوءِ اسان ان ذريعي ميوا ڪڍيا جن جا رنگ جدا جدا آهن. ۽ جبلن جا مختلف حصا آهن اڇا ۽ ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ سخت گهَرا ڪارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي؟ ته ڏاتار، اُڀ کان، آب اُتاريو، پوءِ اُڀاريوسون اُن سان، ميوا، مَڃر ڏار، جن جون جنسون ڪيتريون، رنگ به ڌارو ڌار، ٽاڪر ٽڪرا ٽڪرا، جدا سَندنِ جِنسار، ڳورا، ڳاڙهاٻِه سَرا، ڪي ڪارا ڪارُونڀار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو ڏٺو آهي، ته الله آسمان کان پاڻي وسايو_ پوءِ ان سان ميوا پيدا ڪياسون، جن جا قسمين قسمين رنگ آهن ۽ جبلن مان به طرحين طرحين رنگ وارا ٽڪرا آهن، ڪي اڇا، ڪي ڳاڙها ۽ ڪي صفا ڪارا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تون ڏسين نٿو ته الله آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ۽ ان جي وسيلي اسان قسمين قسمين ميوا اپايون ٿا، جن جا رنگ ڌار ڌار ٿين ٿا ۽ جبلن ۾ به اڇا ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ ڪي نهايت ڪارا ڀاڱا ٿيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تو اهو نه ڏٺو ته بيشڪ الله وسائي ٿو آسمان مان پاڻي، پوءِ ڪڍندا آهيون ان جي وسيلي ميوا قسمين قسمين جا جدا جدا رنگ وارا، ۽ ملن ٿيون جبلن ۾ ڌاريون اڇيون ۽ ڳاڙهيون مختلف هڪ ٻئي کان نراليون ۽ ڪي بنهه ڪاريون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى آسمان مان پاڻي نازل ڪيو پوءِ اسان ان جي ذريعي مختلف رنگن جا ميوا ڪڍيا ۽ جبلن مان به ڪي جبل اڇا، ڳاڙها ۽ مختلف رنگن جا هوندا آهن. ڪي ته وري صفا ڪاري رنگ جا پٽا پٽي هوندا آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ وَالدَّوابِّ وَالأَنعٰمِ مُختَلِفٌ أَلوٰنُهُ كَذٰلِكَ إِنَّما يَخشَى اللَّهَ مِن عِبادِهِ العُلَمٰؤُا۟ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ غَفورٌ (آيت : 28) |
۽ اھڙيءَ طرح ماڻھن ۽ چرندڙن ۽ ڍورن مان (به) جو انھن جا رنگ طرح طرح جا آھن (بڻاياسين)، الله کان سندس ٻانھن مان رڳو سمجھ وارا ڊڄندا آھن، بيشڪ الله غالب بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ساڳيءَ طرح انسانن، جانورن ۽ ڍڳن ڍورن جا رنگ به مختلف آهن. يقين ڄاڻو ته الله جي ٻانهن مان اهي ئي خدا (جي نافرمانيءَ) کان ڊڄن ٿا جن کي (انهن ظاهري اختلافن جو توڙي انسانن جي اندروني خيالن ۽ جذبن جي اختلافن جو) علم آهي، (هو ڄاڻن ٿا ته) بيشڪ الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو آهي ۽ پڻ بخشڻهار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ماڻهن جا ۽ جانورن جا ۽ چؤپاين جا اهڙي طرح مختلف رنگ آهن، الله تعالى جي ٻانهن مان الله کان اهي ڊڄن ٿا جيڪي علم وارا آهن، بيشڪ الله تعالى غالب، بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ ماڻهن ۽ وهٽن ۽ ڍورن مان، اهڙي طرح جدا جدا رنگن وارا آهن. سندس بندن مان خدا جو خوف ڪرڻ وارا ته رڳو عالم شخص آهن. بيشڪ خدا زبردست (۽) معاف ڪندڙ آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ماڻهن ۽ چرندڙن ۽ چوپاين مان مٽ سٽ رنگ انهن جا آهن اهڙي طرح ڊڄن ٿا الله کان ان جي ٻانهن مان رڳو ڄاڻ وارا بلاشڪ الله غالب، بخشڻهار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڪي) بنهه ڪارا ڀاٽا آهن. ۽ ماڻهن ۽ وهٽن ۽ ڍورن مان به اهڙيءَ طرح جدا جدا رنگن وارا آهن. الله کان سندس ٻانهن مان رڳو علم وارا ڊڄن ٿا. بيشڪ الله زبردست (۽) معاف ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انسانن ۽ جانورن ۽ چوپاين ۾ به اهڙي طرح جدا جدا رنگ آهن. الله کان سندس ٻانهن مان رڳو علم وارا ئي ڊڄندا آهن. بيشڪ الله غالب آهي بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهو، مال، وَهٽ ڪَئـِين، جَن جا طرحِين رَنگ، پار، اِهڙن اُهڃاڻن سان، ٿا ڏَرنِ ڀَر ڏاتار، سَندسِ سَچن ٻانهن مان، عالمِ عقلدار، غالِب ۽ غفار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙيءَ طرح ماڻهن، چرندڙن ۽ ڍورن مان به طرح طرح رنگن وارا آهن_ بيشڪ الله کان رڳو سندس ڄاڻو ٻانها ڊڄندا آهن_ ۽ الله غالب بخشيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري اهڙيءَ طرح انسانن، جانورن ۽ چوپائي مال جا رنگ به ڌار ڌار ٿين ٿا، حقيقت اها آهي ته الله جي بندن مان فقط علم وارا ئي کانئس ڊڄن ٿا. بيشڪ الله زبردست ۽ بخشڻهار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح انسانن ۽ جانورن ۽ چوپائي مال جا مختلف رنگ به جدا جدا آهن، حقيقت هي آهي ته ڊڄندا آهن الله کان اهي بندا جيڪي علم وارا آهن، بيشڪ الله زبردست بخشڻهار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهڙي طرح انسان، جاندار ۽ جانور به مختلف رنگن جا پيدا ڪيا، بيشڪ الله تعالى کان سندس ٻانهن مان صرف علم وارا ئي ٻانها ڊڄندا آهن. بيشڪ الله تعالى زبردست ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَتلونَ كِتٰبَ اللَّهِ وَأَقامُوا الصَّلوٰةَ وَأَنفَقوا مِمّا رَزَقنٰهُم سِرًّا وَعَلانِيَةً يَرجونَ تِجٰرَةً لَن تَبورَ (آيت : 29) |
بيشڪ جيڪي (ماڻھو) الله جو ڪتاب پڙھندا آھن ۽ نماز (پوريءَ طرح) پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان ڳُجھو ۽ پڌرو خرچيندا آھن سي اھڙيءَ سوداگري جي اميد رکندا آھن جا ڪڏھن نه برباد ٿيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله جو ڪتاب پڙهن ٿا (سمجهن ٿا ۽ ان تي عمل ڪن ٿا) ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين عطا ڪيو آهي، تنهن مان (خدا جي راهه ۾) کليو کلايو توڙي مخفي طرح خرچ به ڪن ٿا سي يقيناً اهڙي واپار (۽ نفعي) جي يقيني اميد رکن ٿا جو هرگز ضايع نه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي ڪجھه اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان اهي ڳجھه ۽ ظاهر ۾ خرچ ڪن ٿا (اهي ان) واپار جي اميد رکن ٿا (جنهن ۾) قطعاً نقصان ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي ماڻهو خدا جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪا روزي کين عطا ڪيل آهي تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهين به برباد نه ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي پڙهن ٿا الله جي ڪتاب کي ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ خرچ ڪن ٿا ان مان جيڪو ڏنو سون انهن کي ڳجهو ۽ ظاهر اميد رکن ٿا تجارت جي جيڪا هرگز برباد نه ٿيندي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪا روزي کين ڏني سون تنهن مان ڳجهو ۽ ظاهر خرچ ڪن ٿا سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهن به برباد نه ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم رکن ٿا ۽ جيڪي اسان انهن کي عطا ڪيو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا لِڪَ ۾ به ظاهر به سي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جو ڪڏهن به خساري ۾ نه ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَڪ پاڪ ڪتاب تي، هَلن جي هر حال ، نِت نِمازون نِيهن مان، پڙهن چَڱِئ چال، ڏِينِ، ڏِنوسونِ، تِنهن مان، ڳُجھو، پَڌرو مال، نه وڃي، تِنهن واپار جو، رَکنِ خاص خيال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي شخص الله جو ڪتاب پڙهندا آهن، نماز هميشه پڙهندا آهن ۽ کين جيڪي ڏنو سون، تنهن مان ڳجهو ۽ پڌرو (چڱن ڪمن ۾) خرچ ڪندا آهن، سي اهڙي واپار جي اميد رکندا آهن، جو ڪڏهن به نه ڦٽندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله جو ڪتاب پڙهن ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان مان لڪائي توڙي ظاهر ظهور خرچ ڪن ٿا، پڪ سان اهي اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا، جنهن ۾ ڪو جوکو ئي ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو تلاوت ڪن ٿا ڪتاب الله جي ۽ قائم ڪن ٿا نماز ۽ خرچ ڪن ٿا ان رزق مان جيڪو کين ڏنو ويو آهي لڪائي ۽ ظاهر ظهور، بيشڪ اهي هڪ اهڙي واپار جي اميد رکن ٿا جنهن ۾ ڪوبه نقصان نه ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي (پاڪ) ڪتاب جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان ظاهري ۽ ڳجهي نموني خرچ ڪندا رهن ٿا سي اهڙي واپار جي اميد رکيو ويٺا آهن جنهن ۾ ڪڏهن به نقصان نه ٿيندو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُوَفِّيَهُم أُجورَهُم وَيَزيدَهُم مِن فَضلِهِ إِنَّهُ غَفورٌ شَكورٌ (آيت : 30) |
(ھن لاءِ) ته خُدا کين سندن اجر پورو ڏئي ۽ پنھنجي فضل سان کين وڌيڪ به ڏئي، ڇوته اھو بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇو ته (الله تعاليٰ پاڻ) انهن کي پور پور اجر ڏيندو بلڪ پنهنجي فضل سان وڌيڪ به هنن کي عطا ڪندو. بيشڪ هو (سخي ماڻهن جو غلطيون) بخشيندڙ آهي ۽ (نيڪيءَ جا ڪم) قبول ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ جو الله تعالى انهن کي سندن مڪمل اجورو عطا ڪندو ۽ پنهنجي فضل سان کين زياده عطا ڪندو، بيشڪ اهو بخشيندڙ شڪر قبول ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته انهن کي سندن اجر پورا پورا ڏئي ۽ انهن کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) مان وڌيڪ به ڏئي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ قدردان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته پورا پورا ڏئي انهن کي اجر انهن جا ۽ وڌائي ڏئي انهن کي پنهنجي فضل سان بلاشڪ اهو بخشڻهار قدردان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته انهن کي سندن اجر پورا پورا ڏئي ۽ انهن کي پنهنجي فضل مان وڌيڪ به ڏّئي. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ قدردان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ (الله) انهن کي سندن پورا پورا اجورا ڏئي ۽ پنهنجي فضل سان انهن کي وڌيڪ نوازي. بيشڪ اُهو معاف ڪندڙ قدردان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُورا ڏِيندُن پورها، مالِڪ بي مِثال، ۽ ڀَلو ڏِيندڙ ڀاڳ گھڻُ، مَنجھان پَنهنجي ڀال، سو بَخشِيندڙبَحال، پڻ ڳُڻن ڳائـِڻ جِھڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان لاءِ ته الله انهن کي سندن عيوض پورو ڏئي، کين پنهنجي فضل سان وڌيڪ به ڏئي، بيشڪ اهو بخشيندڙ ۽ قدر ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ واپار ۾ انهن پنهنجو سڀ ڪجهه ان ڪري لڳايو آهي) ته جيئن الله سندن پورا پورا اجر کين ڏئي ۽ اڃان پنهنجي فضل منجهان کين وڌيڪ عطا ڪري، بيشڪ الله بخشڻهار ۽ قدر ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان واپار ۾ سندن سڀڪجهه لڳايو آهي) جيئن الله کين پورو اجر عطا ڪري ۽ وڌيڪ پنهنجي فضل مان ڏئي، بيشڪ اهو (الله) بخشڻهار ۽ قدردان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن الله تعالى کين پورو اجرڏئي ۽ پنھنجي مھرباني سان ان ۾ اڃا به واڌارو ڪري. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو قدردان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى أَوحَينا إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ هُوَ الحَقُّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ إِنَّ اللَّهَ بِعِبادِهِ لَخَبيرٌ بَصيرٌ (آيت : 31) |
۽ جيڪي توڏانھن ڪتاب مان وحي ڪيوسون سو سچ آھي جيڪي کانئس اڳ آھن تن کي به سچّو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان ڪتاب مان جيڪي توڏي وحي ڪري موڪليو آهي سو بلڪل حق آهي. ۽ جيڪي ان کان اڳي نازل ڪيو هوسين تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي (ته اڳوڻا ڪتاب اصلوڪي حالت ۾ بلڪل سچا هئا) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن بابت هرڪا خبر رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڏسندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي جيڪو قرآن ڪريم اسان توهان ڏانهن وحي ڪيو آهي اهو حق آهي ۽ اڳين ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي. بيشڪ الله تعالى پنهنجي ٻانهن تي يقيناً خبردار ۽ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪتاب اسان تو ڏي وحي ذريعي موڪليو آهي سو (بلڪل) برحق آهي ۽ جيڪي (اڳيان ڪتاب) سندس سامهون آهن تن کي سچو چوندڙ آهي. بيشڪ خدا پنهنجن ٻانهن (جي حال) کان چڱيءَ طرح واقف (۽ کين) ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو وحي ڪيوسون توڏانهن ڪتاب مان اهو ئي حق آهي تصديق ڪندڙ ان جي جيڪو ان جي اڳيان آهي بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن جي خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر) جيڪو ڪتاب اسان توڏي وحي ڪيو آهي سو (بلڪل) حق آهي جيڪي (ڪتاب) ان جي اڳيان آهن تن کي سچو چوندڙ آهي. بيشڪ الله پنهنجن ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ڪتاب اسان تو ڏي وحي ڪيو آهي اُهو ئي حق آهي جيڪي (ڪتاب) ان کان اڳ آهن تن جي تصديق ڪندڙ آهي. بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن جي حال کان پوري طرح باخبر آهي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيو سون ڪتاب مان، اوهان ڏي اِلهام، صَفا آهي سچ سو، جي اِنهيان اَڳ اَحڪام، قائـِم ڪندڙ اُنهِئ کي، ڪَڍي خيال خام، سائـِين سَندسِ ٻانهن جِي، ماهِيت کان مُدام، خَبرار تمام، پڻ ڏِسندڙ آهي ڏيہ ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪتاب مان جيڪي تو ڏانهن وحي ڪيوسون، سو سچ آهي، جيڪي کانئس اڳ آهن، تن کي به سچو ڪندڙ آهي- بيشڪ الله سندس ٻانهن جي خبر رکندڙ ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) جيڪو ڪتاب اسان توڏانهن وحي ڪري موڪليو آهي اهوئي حق آهي، تصديق ڪندڙ ٿي آيو آهي، کانئس اڳ آيل ڪتابن جو. بيشڪ الله پنهنجن بندن جي حال کان واقف آهي ۽ هر شيءِ ڏسي پسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ۽ جنهن وحي سان اسان تو ڏي ڪتاب موڪليو آهي، اهو (بلڪل) حق آهي اهو تصديق ڪندڙ آهي انهن (ڪتابن) جي جيڪي ان کان اڳي آيا هئا، بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن جي حالت کان باخبر هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڪتاب مان جيڪا وحي اسان توڏانهن نازل ڪريون ٿا سوئي سچ آهي. (هي ڪتاب) گذريل ڪتابن کي سچو مڃي ٿو. بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن کان باخبر ۽ انهن جي معاملات کي ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَورَثنَا الكِتٰبَ الَّذينَ اصطَفَينا مِن عِبادِنا فَمِنهُم ظالِمٌ لِنَفسِهِ وَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَمِنهُم سابِقٌ بِالخَيرٰتِ بِإِذنِ اللَّهِ ذٰلِكَ هُوَ الفَضلُ الكَبيرُ (آيت : 32) |
وري انھن کي ڪتابن جو وارث ڪيوسون جن کي پنھنجن ٻانھن مان چونڊيوسون، پوءِ منجھائن ڪي پاڻ لاءِ ظالم آھن، ۽ منجھائن ڪي وچٿرا آھن، ۽ منجھائن ڪي الله جي حُڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آھن، اِھوئي وڏو فضل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان پنهنجي ٻانهن مان انهن کي ڪتاب ورثي ۾ ڏنو آهي جن کي (يعني عربن کي) اسان چونڊي کنيو آهي. (ته هو قرآن جي تعليم سڄي دنيا جي ماڻهن کي پهچائين) پر انهن مان ڪي ته (ان کان منهن موڙي) پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهن ۽ ڪي وچٿرا آهن (جو ايمان ضعيف اٿن ۽ نيڪ عملن ۾ قاصر آهن) ۽ ڪي وري اهڙا آهن جو الله جي حڪم سان چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تڪڙا اڳتي وڌندڙ آهن. اهوئي وڏي ۾ وڏو فضل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان قرآن ڪريم جا وارث اهي ماڻهو ڪيا جيڪي اسان جي ٻانهن مان برگزيده هئا، پوءِ ڪي انهن مان پاڻ تي ظلم ڪندڙ آهن، ۽ ڪي انهن مان وچٿرا آهن، ۽ ڪي انهن مان الله جي حڪم سان نيڪيءَ جي ڪمن ۾ اڳرائي ڪندڙ آهن. اهو ئي وڏو فضل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري پنهنجي بندن مان خاص انهن کي قرآن جو وارث ڪيوسون جن کي اسان (لائق فائق ڄاڻي) چونڊيو. ڇو ته بندن مان ڪجھ ته (نافرماني ڪري) پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ۽ ڪي (وري نيڪي ۽ بدي ۾) وچٿرا آهن. پڻ انهن مان ڪو خدا جي (ڏنل) اختيار سان نيڪيءَ ۾ اڏي وڌي ويندڙ آهن. اهو ئي (انتخاب ۽ اڳتي وڌي وڃڻ) ته خدا جو وڏو فضل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ وارث ڪيوسون ڪتاب جو انهن کي جو برگزيدا بناياسون پنهنجن ٻانهن مان پوءِ انهن ما ڪو ظلم ڪندڙ آهي پنهنجي سر تي ۽ انهن مان ڪو وچٿرو آهي ۽ انهن مان ڪو نيڪين ۾ اڳرائي ڪندڙ آهي الله جي اذن سان اهوئي وڏو فضل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اسان انهن کي ڪتاب جو وارث ڪيو جن کي پنهنجن ٻانهن مان پسند ڪيوسون. پوءِ انهن (ماڻهن) مان ڪو پاڻ لاءِ ظالم آهي ۽ ڪو انهن مان وچٿرو آهي ۽ ڪو انهن مان الله جي حڪم سان نيڪيءَ ۾ اڳي وڌي ويندڙ آهي. اهو ئي وڏو فضل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان هن ڪتاب جو وارث اهڙن کي بنايو جن کي اسان پنهنجي ٻانهن مان چونڊيو هيو، پوءِ انهن مان ڪو پنهنجي جان تي ظلم ڪرڻ وارو آهي، ۽ انهن مان ڪو وچٿرو آهي. ۽ انهن مان ڪو الله جي حڪم سان نيڪيءَ ۾ اڳتي وڌي وڃڻ وارو آهي. اُهو ئي وڏو فضل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪيو سون وَرِي ڪِتاب سو اُنهن تي اِنعام، پَنهنجي پُوڄارين مان، جي وڻيا سون وَريام، پوءِ اُنهن مان پاڻهِي پاڻ سان، ڪي جاڙون ڪندڙ جام، ۽ ڪي وِچٿر آهن اُنهن مان، ڪي نِرمل نيڪو نام، اڳرا خير خرات ۾، اِذن، ساڻ عَلام، آهي وَڏو تمام، ڀَليرن سال ڀال اِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ وري پنهنجن ٻانهن مان جن کي چونڊيوسون، انهن کي ڪتاب جو وارث ڪيوسون؛ پوءِ انهن مان ڪي پاڻ لاءِ ظالم آهن، ڪي وچٿرا آهن، ۽ منجهانئن ڪي الله جي حڪم سان چڱاين ۾ اڳرائي ڪندڙ آهن_ اهو ئي وڏو فضل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان انهيءَ ڪتاب جو وارث بڻائي ڇڏيو انهن ماڻهن کي، جن کي اسان (انهيءَ وراثت لاءِ ) پنهنجن بندن مان چونڊي کنيو آهي. هاڻي انهن مان ڪو ته پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارو آهي ته ڪو وچٿرو آهي، ته ڪو وري الله جي توفيق سان نيڪين ۾ اڳرو آهي، اهوئي نهايت وڏو فضل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وارث بڻايو اسان ان ڪتاب جو انهن ماڻهن کي، جن کي اسان چونڊي کنيو پنهنجن ٻانهن مان (وراثت لاءِ) هاڻي ڪو ته انهن مان ظلم ڪرڻ وارو آهي پنهنجي نفس تي، ۽ انهن مان ڪو وچٿرو آهي ۽ ڪو انهن مان نيڪين ۾ اڳرائي ڪندڙ آهي الله جي حڪم سان، اهو ئي تمام وڏو فضل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان هن ڪتاب جو وارث انهن ماڻهن کي بنايو جن کي اسان سڄي دنيا جي ٻانهن مان وڌيڪ پسند ڪيو. (يعني مسلم امت). پوءِ انهن مان ڪجهه پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندڙ آهن، ڪي وري وچٿري راهه اختيار ڪندڙ آهن ۽ ڪي وري الله تعالى جي مھرباني سان نيڪيون ڪمائڻ ۾ تمام اڳرائي ڪندڙ آهن. اهائي الله تعالى جي وڏي مھرباني آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
جَنّٰتُ عَدنٍ يَدخُلونَها يُحَلَّونَ فيها مِن أَساوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤلُؤًا وَلِباسُهُم فيها حَريرٌ (آيت : 33) |
(انھن لاءِ ھميشه وارا باغ آھن) جن ۾ (اُھي) گھڙندا منجھن سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پھرائبن، ۽ انھن ۾ سندن لباس پَٽ ھوندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ( نيڪ عملن ۾ سبقت ڪندڙ) دائمي باغن ۾ گهڙندا (۽ هميشه انهن راحتن ۾ رهندا) اتي هو سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پائيندا، ۽ اتي سندن پوشاڪ ريشم جي هوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بهشت جا باغ هوندا جنهن ۾ اهي داخل ٿيندا انهن کي بهشت ۾ سونا ڪنگڻ ۽ موتي پارايا ويندا ۽ سندن لباس بهشت ۾ ريشم جو هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ ان جو بدلو بهشت جا) سدا بهار باغ آهن جن ۾ اهي شخص داخل ٿيندا ۽ کين اتي سونا ڪنگڻ ۽ موتين (جا هار) پهرايا ويندا. پڻ اتي سندن (معمولي) پوشاڪ خالص ريشمي هوندي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بهشت عدن جا جو داخل ٿيندا انهن ۾ ڍڪايا ويندا ان ۾ ڪنگڻ سون جا ۽ موتي ۽ انهن جو لباس انهن ۾ پٽ هوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي رهڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا انهن ۾ سون جا ڪنگڻ ۽ موتي ڍڪايا ويندن ۽ انهن ۾ سندن پوشاڪ ريشم جي هوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سدا بهار باغ آهن جن ۾ اُهي داخل ٿيندا ان ۾ انهن کي سون ۽ موتين جا ڪنگڻ پهرايا ويندا ۽ اتي انهن جي پوشاڪ ريشم جي هوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گِھڙن گھاٽي باغ ۾، پڻ پَهرائـِبُنِ پاس، ٻانهِيون سونَ صاف جون، پڻ اَصل ۽ اِلماس، لاشڪ مَنجھسِ لِباس، هُوندنِ پَٽ پَٽوريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي هميشه رهندڙ باغن ۾ داخل ٿيندا_ انهن ۾ هنن کي سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پارائبا ۽ انهن ۾ سندن ڪپڙا ريشمي هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سدائين رهڻ واريون جنتون آهن، جن ۾ اهي داخل ٿيندا، اتي کين سون جي ڪنگڻن ۽ موتين سان سينگاريو ويندو ۽ اتي سندن پوشاڪ پــَـٽ جي هوندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنتون آهن هميشه رهڻ واريون اهي داخل ٿيندا انهن ۾، اتي سينگاريو ويندو انهن کي ڪنگڻن سونن سان ۽ موتين سان ۽ لباس سندن هوندو ريشم جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اِهي ماڻهو هميشه رهڻ وارن باغن ۾ داخل ٿيندا پوءِ انهن باغن ۾ کين سون جا ڪنگڻ ۽ موتي پارايا ويندا ۽ انهن جي اتي ريشمي پوشاڪ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالُوا الحَمدُ لِلَّهِ الَّذى أَذهَبَ عَنَّا الحَزَنَ إِنَّ رَبَّنا لَغَفورٌ شَكورٌ (آيت : 34) |
۽ چوندا ته سڀ ساراھ انھي الله کي جڳائي جنھن اسان کان (سڀ) ڏُک ٽاريا، بيشڪ اسان جو پالڻھار بخشڻھار قدر ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چوندا ته وڏي ساراهه (۽ شڪر) آهي انهيءَ الله جو جنهن اسان جا غم دور ڪري ڇڏيا. بيشڪ اسان جو پروردگار بخشڻهار آهي (۽ نيڪ عملن جو) قبول ڪندڙ آهي.،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چوندا سڀئي تعريفون ان الله جون آهن جنهن اسان تان (ٻنهي جهانن جا) ڏک پري ڪيا، بيشڪ اسان جو رب بخشيندڙ شڪر قبول ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو (خوشيءَ سان) چوندا خدا جو شڪر جنهن اسان کان (هر قسم جو) ڏک ۽ غم پري ڪيو. بيشڪ اسان جو پروردگار وڏو بخشڻهار ۽ قدردان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا ته هر حمد الله جي لاءِ آهي جنهن ٽاريو اسان کان غم بلاشڪ رب اسان جو البته بخشڻهار قدردان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اُتي اُهي) چوندا ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کان غم پري ڪيو. بيشڪ اسان جو پاليندڙ معاف ڪندڙ قدردان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چوندا: ”الله جو شڪر آهي جنهن اسان کان غم کي پري ڪيو. بيشڪ اسان جو پالڻهار وڏو معاف ڪندڙ قدردان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وراڻيؤَن تِنهن وار، ته آهي شُڪر اَلله جو، جنهن اسان تان، عمر جا لاٿا غم غُبار، آهي ربُّ اسان جو، بي شڪ بخشڻهار، آهي سو اِظهار، ڳُڻن ڳائـِڻ جِھڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چوندا ته ”هر ڪا واکاڻ الله کي جڳائي ٿي، جنهن اسان تان سڀ ڏک ٽاريا، بيشڪ اسان جو ڌڻي بخشيندڙ ۽ قدر ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هو چوندا ته "شڪر آهي ان الله جو جنهن اسان جا ڏک لاهي ڇڏيا، بيشڪ اسان جو رب بخشڻهار ۽ قدردان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چوندا ته شڪر آهي ان معبود جو جنهن دور ڪيو اسان کان غم کي، بيشڪ اسان جو رب معاف ڪندڙ قدر ڪرڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو چوندا ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن جنھن اسان جا سڀ ڏک سور ئي ختم ڪري ڇڏيا. بيشڪ اسان جو پالڻھار وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو قدردان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى أَحَلَّنا دارَ المُقامَةِ مِن فَضلِهِ لا يَمَسُّنا فيها نَصَبٌ وَلا يَمَسُّنا فيها لُغوبٌ (آيت : 35) |
جنھن اسان کي پنھنجي فضل سان سدائين رھڻ واري ھنڌ لاٿو، نڪي اسان کي منجھس ڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اسان کي منجھس ڪو ٿَڪ پھچندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن (پروردگار) پنهنجي فضل سان اسان کي بقاءَ ڪندڙ گهر ۾ آڻي رهايو آهي. ان ۾ اسان کي نه ڪا تڪليف پهچندي نڪي ئي ٿڪ محسوس ٿيندو (راحتن مان ڪڪ ته ڪونه ٿينداسين پر وڌيڪ ۽ وڌيڪ مزو پيو ايندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب جنهن اسان کي پنهنجي فضل سان آرام واري جاءِ تي لاٿو، اسان کي ان ۾ ڪا تڪليف نٿي پهچي ۽ نه اسان کي ان ۾ ڪا ٿڪاوٽ پهچي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن اسان کي پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان سدائين رهڻ واري گهر (بهشت) ۾ رهايو جتي اسان کي ڪا به تڪليف نه ڇهندي ۽ نه ان ۾ اسان کي ڪو ٿڪ پهچندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن لاٿو اسان کي آرام سان رهڻ واري جاءِ ۾ پنهنجي فضل سان نه پهچندو اسان کي ان ۾ ڪو ڏک ۽ نه پهچندو اسان کي ان ۾ ڪو ٿڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن اسان کي پنهنجي فضل سان آباد رهڻ واري گهر ۾ لاٿو. نه ان ۾ اسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ۽ نه ان ۾ اسان کي ڪو ٿڪ ٿو پهچي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن اسان کي پنهنجي مهرباني سان هميشه رهڻ واري گهر ۾ رهايو، جنهن ۾ اسان کي نه ڪا تڪليف پهچندي ۽ نه ان ۾ اسان کي ڪو ٿڪ ٿيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِنَئـِينِيون پَنهنجي ڏات سان، هميشہ جو هَنڌ، ڏُک نه رَسَنِيون اُن ڏيہ ۾، سدا سُک سُڳنڌ، ۽ نه ڪو پورهيو پَنڌ، جِنهن مان ٿِينِيون ٿَڪ ٿورڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن اسان کي سندس فضل سان هميشه رهڻ واري هنڌ لاٿو_ ان ۾ اسان کي نڪي ڏک پهچندو ۽ نڪي اسان کي ان ۾ ڪو ٿڪ ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن پنهنجي فضل سان اسان کي هميشه قائم رهندڙ هنڌ رهايو آهي، جتي اسان کي نڪي محنت مشقت ڪرڻي آهي ۽ نه ڪو ٿڪ ٿو ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن اسان کي رهايو آهي سدائين رهڻ واري هنڌ پنهنجي فضل سان، نٿي ڪرڻي پوي هتي ڪا جاکوڙ ۽ نه وري ٿئي ٿي ڪابه ٿڪاوٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن اسان کي پنھنجي مھربانيءَ سان اهڙي جاءِ تي رهايو آهي، جتي ڪابه تڪليف نه آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ٿڪاوٽ ٿئي ٿي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا لَهُم نارُ جَهَنَّمَ لا يُقضىٰ عَلَيهِم فَيَموتوا وَلا يُخَفَّفُ عَنهُم مِن عَذابِها كَذٰلِكَ نَجزى كُلَّ كَفورٍ (آيت : 36) |
۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آھي، نڪي مٿن حُڪم ڪبو ته مرن ۽ نڪي کائن اُن جي عذاب مان ڪي ھلڪو ڪبو، سڀڪنھن بي شُڪر کي اھڙي طرح سزا ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن جي لاءِ دوزخ جي باهه (تيار رکي) آهي. نڪي انهن لاءِ اهڙو حڪم (اسان وٽان) صادر ٿيندو جو پوءِ هو مري وڃن (۽ عذابن کان ڇٽي پون) نڪي انهيءَ باهه جي عذاب مان هنن لاءِ ڪا هلڪائي ڪئي ويندي. اهڙيءَ طرح اسان هرهڪ بي شڪر منڪر کي سزا ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن لاءِ جهنم جي باه آهي، نه انهن تي ڪو موت ايندو جو اهي مرن ۽ نه انهن تي عذاب مان ڪا هلڪائي ڪئي ويندي، اسين اهڙيءَ طرح هر ناشڪر کي جزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باھ آهي. نه مٿن قضا ايندي جو مرن (۽ تڪليف مان ڇٽن) ۽ نه (وري) سندن عذاب مان ڪجھ هلڪو ڪيو ويندو. اسين هر ناشڪري کي اهڙي طرح سزا ڏيندا ڪندا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪفر ڪيو انهن جي لا ءِ جهنم جي باھ آهي نه حڪم ڪيو ويندو انهن تي پوءِ مري پون ۽ نه هلڪائي ڪئي ويندي انهن کان ان جي عذاب مان اهڙي طرح بدلو ڏينداسون هر بي شڪري ڪندڙ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ جهنم جي باهه آهي. نه مٿن حڪم ڪيو ويندو ته مرن ۽ نه انهن تان ان جي عذاب مان ڪجهه هلڪو ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ دوزخ جي باهه آهي، نه انهن تي (موت جو) فيصلو ڪيو ويندو جو مري پَوَن ۽ نه انهن کان جهنم جي عذاب مان ڪجهه گهٽ ڪيو ويندو. اهڙي طرح اسان هر ڪافر کي بدلو ڏيون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جَن اِنڪار ڪيو، تن لئي باھ تيار، نه پُورا ٿِين پَهر تَن، نَه مَرنِ ڪنان مار، نه اُنهن تان سَندنِ آزار مان، لاهِبو لَغار، اَسِين اِهڙِي ڪار، ڪريون ڪُل ڪُفارن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ڪفر ڪيو، تن لاءِ دوزخ جي باهه آهي_ انهن تي نڪي اهڙو حڪم ڪبو، جو مرن ۽ نڪي مٿن انهي جي عذاب مان ڪجهه گهٽ ڪبو، اهڙيءَ طرح اسين هر ڪنهن بي شڪر کي سزا ڏيندا آهيون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ڪفر ڪيو آهي تن لاءِ جهنم جي باهه آهي، نڪي سندن معاملو نبيريو ويندو جو مري وڃن ۽ نه وري ڪو جهنم جو عذاب گهٽايو ويندن. ائين ئي اسان بدلو ڏيندا آهيون هر ان شخص کي جيڪو ڪفر ڪرڻ وارو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن جي لاءِ ته باهه آهي دوزخ جي، نه حڪم ڪيو ويندو انهن لاءِ ته مري وڃن ۽ نه وري ڪا هلڪائي ڪئي ويندي انهن تي دوزخ جي عذاب جي، اهڙو ئي بدلو ڏيندڙ آهيون هر ان شخص کي جيڪو ڪفر ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو تن لاءِ جھنم جي باهه آهي، نه انهن لاءِ مرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويندو ۽ نه ئي انهن جي عذاب ۾ ڪا گهٽتائي ڪئي ويندي.اهڙي طريقي سان ئي اسان ڪفر ڪرڻ وارن کي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَهُم يَصطَرِخونَ فيها رَبَّنا أَخرِجنا نَعمَل صٰلِحًا غَيرَ الَّذى كُنّا نَعمَلُ أَوَلَم نُعَمِّركُم ما يَتَذَكَّرُ فيهِ مَن تَذَكَّرَ وَجاءَكُمُ النَّذيرُ فَذوقوا فَما لِلظّٰلِمينَ مِن نَصيرٍ (آيت : 37) |
۽ اُھي (دوزخي) منجھس دانھون ڪندا، ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا ھواسون تن ڌاران ٻيا چڱا ڪم ڪريون، (چيو ويندن ته) اوھان کي ايتري ڄمار نه ڏني ھئي سون ڇا ته جيڪو نصيحت وٺڻ گھري ھا سو منجھس نصيحت وٺي سگھي ھا؟ ۽ اوھان وٽ ڊيڄاريندڙ (به) آيو، تنھنڪري (پنھنجي ڪمائيءَ جو مزو) چکو ڇوته ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي منڪر ان باهه ۾ رڙيون ڪندا (۽ چوندا ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کي (هن باهه مان) ٻاهر ڪڍ. اسان (آئنده) نيڪ عمل ڪنداسين. اهي بدعمل نه ڪنداسين جي اڳي ڪندا هئاسين. (الله تعاليٰ فرمائيندو ته) اسان توهان کي ڪافي وڏي عمر نه ڏني هئي ڇا؟ جنهن ۾ (توهان مان) جيڪو نصيحت وٺڻ چاهي ها سو نصيحت وٺي ها (۽ چڱا عمل ڪري ها. بيشڪ اسان اوهان کي وڏي عمر ڏني هئي ته به توهان غافل رهيو) ان کان سواءِ توهان ڏي (اسان وٽان) خبردار ڪندڙ (پيغمبر به) آيو (ته به بي پرواهه رهيؤ) سو هاڻي توهان (پنهنجي بدعملن جو ڦل) چکو. ظالمن (گهنگارن) لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي دوزخ ۾ دانهون ڪندا، (۽ چوندا) اي اسان جا رب اسان کي دوزخ مان ٻاهر ڪڍ ته اسين نيڪ عمل ڪريون انهن عملن کانسواءِ جيڪي اسين ڪندا هئاسين، الله تعالى فرمائيندو ڇا توهان کي اسان زندگيون نه ڏنيون هيون جنهن ۾ سمجھو ها، جنهنکي سمجھڻو هو ۽ توهان وٽ پيغمبر به آيا، پوءِ توهان عذاب چکو، پوءِ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ان (دوزخ) ۾ دانهون ڪندا ته اي اسان جا پالڻهار! اسان کي (هتان) ڪڍ! ته جيڪي ڪم ڪنداهئاسون تن کي ڇڏي ٻيا چڱا ڪم ڪريون (کين جواب ڏبو ته) ڇا اسان اوهان کي ايتري عمر نه ڏني هئي جنهن ۾ جنهن کي سو سوچڻو هجي سوچي سمجهي وٺي ۽ (تنهن کان سواءِ) اوهان وٽ (هن عذاب کان) ڊيڄاريندڙ (رسول) به آيو. پوءِ (سزا جو مزو) چکيو. ڇو ته ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي دانهون ڪندا ان ۾ ته اي اسان جا پالڻهار! ڪڍ تون اسان کي ته ڪيون صالح عمل ان کان سواءِ جيڪو ڪندا هئاسون ڇا نه زندگي ڏني سون اوهان کي ايتري جو نصيحت وٺي سگهي ان ۾ اهو جو نصيحت وٺي ۽ آيو اوهان وٽ ڊيڄاريندڙ پوءِ چکو پوءِ ناهي ظالمن جي لاءِ ڪو مدد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح سڀ ڪنهن ناشڪر کي بدلو ڏيون ٿا. ۽ اهي منجهس دانهون ڪندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا هئاسون تن کانسواءِ ٻيا چڱا ڪم ڪريون (کين جواب ڏبو ته) ڇا اسان اوهان کي ايتري عمر نه ڏني هئي جنهن ۾ سوچيندڙ سوچي سگهيو ٿي ۽ اوهان وٽ ڊيڄاريندڙ (رسول) به آيو پوءِ (سزا جو مزو) چکو ڇو ته ظالمن جو (هتي) ڪو به مددگار نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان (دوزخ) ۾ دانهون ڪندا: ”اي اسان جا پالڻهار! اسان کي ڪڍ ته جيڪي ڪم ڪندا هئاسين تن کان سواءِ ٻيا چڱا ڪم ڪيون“، (چيو ويندو) ”ڇا اسان توهان کي ايتري عمر نه ڏني هئي؟ ته جيڪو نصيحت وٺڻ گهري ها سو ان ۾ نصيحت وٺي سگهي ها. ۽ توهان وٽ ڊيڄاريندڙ به اچي چُڪو هيو. پوءِ عذاب (جو مزو) چکو. پوءِ ظالمن لاءِ ڪو مددگار نه هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي ڪندا پيا اُن ۾، زاريو زارو زار، ته ڪَڍ اسان کي اُن مَنجھان، سانيَمِ ربَّ سَتار! وَڃِي چڱا ڪم ڪريون، جيڪِي ڪيو سون تِنيان ڌار، ڇا اَوهان کي نه ايتري، ڏِنِيسون ڄَمار؟ پِرائي پِرائـِيندڙ جنهن ۾، پوءِ چکو باہ چِڪار، ۽ ڄاڻوئـِي ڄيري جو، پَڪ پُهتو اوهان پارِ، پوٰءِ هاڃيڪارن هار، مُور، نه مَددگار ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي ان ۾ دانهون ڪندا ته ”اي اسان جا ڌڻي! اسان کي هتان ڪڍ، ته اسين نيڪ ڪم ڪنداسون؛ اهڙا نه، جهڙا اڳ ڪندا هئاسون.“ (چئبن ته) ”ڇا، اوهان کي ايتري عمر ڪانه ڏني هئي سون، جو جيڪو نصيحت وٺڻ گهري ها سو وٺي ها ۽ اوهان وٽ ڊيڄاريندڙ به آيو هو؟ پوءِ چکو مزو_ هاڻي ظالمن لاءِ ڪو به مددگار ڪونهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو اتي دانهون ڪري چوندا ته "اي اسان جا رب! اسان کي هتان ڪڍ ته اسان نيڪ عمل ڪريون، انهن عملن کان مختلف جيڪي اسان اڳي ڪندا هئاسون" (جواب ملندن) "ڇا اسان توهان کي ايڏي عمر نه ڏني هئي، جو جيڪڏهن ڪو سبق پرائڻ چاهي ها ته پرائي وڃي ها؟ ۽ توهان وٽ ڊيڄاريندڙ به آيو هو، پوءِ هاڻي چکو مزو. ظالمن جو هتي ڪوبه مددگار ڪونهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي اتي رڙيون ڪري چوندا، اي اسان جا رب! اسان کي هتان ڪڍ، جيئن عمل نيڪ ڪريون، انهن کان (بلڪل) بدليل عمل، جيڪي اڳي ڪندا هئاسين، (جواب ڏنو ويندو) ڇا ايڏي عمر نه ڏني وئي توهان کي، جنهن ۾ ڪو نصيحت وٺي ها، سبق وٺي ها ۽ آيو هو توهان وٽ خبردار ڪرڻ وارو به، هاڻي چکو مزو، ظالمن جي لاءِ هتي ڪوبه مددگار ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو جھنم ۾ رانڀاٽ ڪندا رهندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان کي هتان ڪڍ. هاڻي اسان پوين عملن جي بجاءِ نيڪ عمل ڪنداسين. (کين جواب ملندو ته) ڇا مان توهان کي ڊگهي عمر نه ڏني هئي؟ نصيحت وٺڻ وارو ته ايتري عمر ۾ نصيحت وٺي سگهي ها ۽ توهان ڏانھن ڊيڄاريندڙ به آيو هو. بس! هاڻي (عذاب جو) مزو چکو. ظالم جو ڪير به مدد ڪرڻ وارو نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ عٰلِمُ غَيبِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 38) |
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي، بيشڪ اُھو سِينن وارو (ڳُجھ) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين جي سڀني مخفي شين ۽ حقيقتن کان واقف آهي، بلڪ جيڪي (خيال ماڻهن جي) دلين ۾ آهن سي به تمام چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن جو غيب ڄاڻندڙ آهي، بيشڪ اهو ئي سينن جي رازن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون (به) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي آسمانن ۾ زمين جي غيب جو بيشڪ اهو سينن وارا ڳجھ به ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ اهو سينن جون ڳالهيون (به) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳُجهه ڄاڻڻ وارو آهي. بيشڪ اُهو سينن جون ڳالهيون (به) ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله آهي ڄاڻندڙ، اُڀ، ڀُونيَن جا اَسرار، پڻ سوئـِي سمجھدار، جيڪي سِر سَرِير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جو ڳجهه ڄاڻندڙ آهي، بيشڪ اهو ڄاڻي ٿو جيڪي دلين ۾ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين جي هر ڳجهيءَ ڳالهه کي ڄاڻندڙ آهي. هو ته سينن جا راز به ڄاڻندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ڄاڻي ٿو هرڪو ڳجهه آسمانن ۽ زمين جو، بيشڪ اهو ئي ڄاڻي ٿو لڪل راز سينن جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمين جا ڳجهه ڄاڻندڙ آهي. بيشڪ هو ته سينن جي رازن کان به خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى جَعَلَكُم خَلٰئِفَ فِى الأَرضِ فَمَن كَفَرَ فَعَلَيهِ كُفرُهُ وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِلّا مَقتًا وَلا يَزيدُ الكٰفِرينَ كُفرُهُم إِلّا خَسارًا (آيت : 39) |
(الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ (اڳين جو) پيڙھيءَ وارو ڪيو، پوءِ جيڪو ڪُفر ڪندو تنھن تي سندس ڪفر (جو نقصان) آھي، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪُفر سندن پالڻھار وٽ ڏمر کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو، ۽ نڪي ڪافرن لاءِ سندن ڪفر ڇيئي کانسواءِ (ٻيو ڪجھ) وڌائيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زمين تي خليفو (يا حاڪم) ڪري رکيو آهي. سو جيڪو (الله جا حڪم نه مڃيندو تنهن جو نه مڃڻ کيس ئي نقصان پهچائيندو ۽ ڪافرن جو ڪفر سندن پروردگار وٽ ڪنهن به ڳالهه ۾ کين نٿو وڌائي، سواءِ ناراضگي ۽ ڌڪار ۾ (يعني هو وڌيڪ ڌڪار جا لائق ٿين ٿا). ۽ ڪافرن کي سندن ڪفر ڪنهن به ڳالهه ۾ نٿو وڌائي سواءِ خساري ۽ نقصان ۾.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن توهان کي زمين ۾ اڳين ماڻهن جو جاءِ نشين بنايو، پوءِ جنهن ماڻهو ڪفر ڪيو پوءِ ان جو ڪفر ان تي آهي، ۽ ڪافرن کي سندن ڪفر سندن رب وٽ نٿو زياده ڪري مگر عذاب، ۽ نٿو زياده ڪري ڪافرن کي سندن ڪفر مگر نقصان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو (خدا) آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (اڳين جو) جانشيءَن بنايو پوءِ جو شخص ڪفر ڪندو ته ان جي ڪفر جو وبال سندس سر تي پوندو. ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر انهن جي پاليندڙ وٽ رڳو ڪاوڙ وڌائيندو ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر رڳو نقصان (ئي) وڌائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جنهن بنايو اوهان کي جاءِ نشين زمين ۾ پوءِ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ ان تي ان جو ڪفر آهي ۽ نه ٿو وڌائي ڪافرن کي سندن ڪفر انهن جي رب وٽ مگر ڪاوڙ ۽ نه ٿو وڌائي ڪافرن کي سندن ڪفر مگر نقصان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جنهن اوهان کي زمين ۾ (اڳين جي جاءِ تي) آباد ڪيو. پوءِ جيڪو ڪفر ڪندو تنهن تي سندس ڪفر (جو وبال) آهي ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر سندن پاليندڙ وٽ رڳو ڪاوڙ وڌائيندڙ ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر رڳو نقصان وڌائيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن توهان کي زمين ۾ (گذريل قومن جو) جانشين بنايو. پوءِ جنهن ڪفر ڪيو. پوءِ سندس ڪفر (جو وبال) ان تي آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر انهن جي رب وٽ سواءِ ناراضگي جي ٻيو ڪجهه نه وڌائيندو، ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفـــرُ سواءِ نقصان جي ٻيو ڪجهه ڪونه وڌائيندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وارِث واري سان ڪيان، جنهن ڀُون تي بَرقرار، پوءِ جيڪو ڦِريو، ته ڦِرڻ جو، بَرسِر مَٿسِ بار، ۽ ڪِين وَڌائي ڪافرِين، ڪُفر سَندنِ جِي ڪار، مگر ڏَمر ڏِيل تي، سائـِين وَٽِ، سَتار، ۽ خالِي خَساري ڌار، ڪُفر نه وڌائي ڪافرِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي، جنهن اوهان کي زمين ۾ اڳين جي جاءِ ڏني_ پوءِ جيڪو ڪفر ڪندو، ته سندس ڪفر مٿس ئي آهي، ڪافرن جو ڪفر سندن رب وٽ رڳو ڏمر پيو وڌائيندو، ۽ ڪافرن لاءِ سندن ڪفر رڳو نقصان پيو وڌائيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جنهن توهان کي زمين ۾ نائب بڻايو آهي، هاڻي جيڪو ڪفر ڪندو ته ان جو بار ان تي آهي ۽ ڪافرن جو ڪفر کين ڪابه ترقي نه ڪرائيندو آهي، سواءِ ان جي ته الله جو قهر مٿن وڌندو ويندو آهي ۽ سندن ڪفر سندن خساري کي اڃان به وڌائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي ته آهي جنهن بڻايو آهي توهان کي خليفو زمين ۾، پوءِ جيڪو به ڪفر ڪري ٿو ته سندس وبال مٿس آهي ڪفر جو، ڪابه ترقي نٿو ڏئي ڪافرن کي سندن ڪفر (انهيءَ کان سواءِ) جو سندن رب وٽ ان جو ڏمر وڌندو ٿو وڃي، ۽ ناهي ڪوبه اضافو ڪافرن جي لاءِ سندن ڪفر ۾ سواءِ خساري جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهو الله ئي ته آهي جنھن توهان کي زمين ۾ خليفو بنايو، سو هاڻي جيڪو ڪفر ڪندو، سندس ڪفر جو وبال مٿس آهي ۽ ڪافرن جو ڪفر ڪرڻ پنھنجي پالڻھار جي ڪاوڙ کي اڃا به وڌائي ٿو ۽ اهو سندن نقصان کي به وڌائي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَرَءَيتُم شُرَكاءَكُمُ الَّذينَ تَدعونَ مِن دونِ اللَّهِ أَرونى ماذا خَلَقوا مِنَ الأَرضِ أَم لَهُم شِركٌ فِى السَّمٰوٰتِ أَم ءاتَينٰهُم كِتٰبًا فَهُم عَلىٰ بَيِّنَتٍ مِنهُ بَل إِن يَعِدُ الظّٰلِمونَ بَعضُهُم بَعضًا إِلّا غُرورًا (آيت : 40) |
(کين) چؤ ته الله کانسواءِ جن پنھنجن (ٺھرايلن) بُتن کي سڏيندا آھيو سي ڏٺا اٿوَ ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته زمين مان ڇا بڻايو اٿن يا آسمانن ۾ سندن ڪا ڀائيواري آھي، يا کين ڪو ڪتاب ڏنو اٿون ڇا جو اُھي اُن جي پڌري حُجّت تي آھن؟ (نه!) بلڪ ظالم ھڪ ٻئي کي رڳو ٺڳيءَ جو انجام ڏيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! مشرڪن کي) چئو ته توهان پنهنجا (سٽيل) اهي شريڪ ڏٺا آهن سهي جن کي توهان الله تعاليٰ کان سواءِ پڪاريندا آهيو؟ مون کي ڏيکاريو ته سهي ته هنن زمين مان ڇا خلقيو آهي. يا آسمانن (جي خلقڻ) ۾ هنن جو ڪجهه حصو آهي ڇا (يعني آسمان ۾ هنن به ڪجهه خلقيو آهي ڇا؟) يا هنن کي اسان ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا جو هو ان منجهان (سکيل) ڪو چٽو دليل (پنهنجي شرڪ يا روش لاءِ) ڏيئي سگهن؟ هرگز نه، حقيقت هيءَ آهي ته هي ظالمن هڪٻئي کي فقط فريب ۽ ڌوڪي جا واعدا ۽ دلاسا ڏيندا رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ڇا توهان (اي ڪفار) مون کي پنهنجا شريڪ ڏيکاريندا جن جي توهان الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪريو ٿا. توهان مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڪهڙو حصو پيدا ڪيو آهي يا انهن جي آسمانن ۾ ڪا ڀائيواري آهي، يا انهن وٽ ڪو ڪتاب آيو آهي پوءِ اهي ان جي دليلن تي آهن، بلڪ ظالم هڪ ٻئي کي نٿا وعدو ڏين مگر غرور جو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمر! کين) چئو ته خدا کان سواءِ جن پنهنجن (ٺهرايل) شريڪن کي سڏيو ٿا تن کي اوهان ڏٺو آهي ڇا؟ مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا پيدا ڪيو؟ يا ته انهن جي آسمانن ۾ ڪا ڀائيواري آهي ڇا؟ يا ته اسان انهن (مشرڪن) کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا؟ جو اهي ان جي ظاهر ثابتيءَ تي آهن (انهن مان ڪا به ڳالھ نه آهي) پر ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ڌوڪي جو وعدو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو پنهنجن انهن شريڪن جي جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ ڏيکاريو مون کي ڇا پيدا ڪيائون زمين مان يا انهن جي لاءِ ڀائيچارو آهي آسمانن ۾ يا ڏنو اسان انهن کي ڪو ڪتاب پوءِ اهي روشن دليل تي آهن ان مان؟ بلڪ نه ٿا وعدو ڏين ظالم هڪڙا انهن مان ٻين کي مگر ڌوڪو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته الله کانسواءِ جن پنهنجن (ٺهرايل) شريڪن کي سڏيو ٿا تن کي اوهان ڏٺو آهي ڇا؟ مونکي ڏيکاريو ته انهن زمين مان ڇا پيدا ڪيو؟ يا ته انهن جي آسمانن ۾ ڪا ڀائيواري آهي ڇا؟ يا ته اسان انهن (مشرڪن) کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا؟ جو اهي ان جي ظاهر ثابتيءَ تي آهن (انهن مان ڪابه ڳالهه نه آهي) پر ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ڌوڪي جو انجام ڏين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”ڇا توهان پنهنجي شريڪن کي ڏٺو آهي؟ جن کي توهان الله کي ڇڏي پوڄيو ٿا. مون کي ته ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڪهڙي شيءِ پيدا ڪئي آهي يا آسمانن ۾ انهن جي ڪا شراڪت آهي، يا اسان انهن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي جو اُهي ان جي دليل تي قائم آهن“ (ڪجهه به نه آهي)، بلڪه ظالم ماڻهو هڪ ٻئي کي فريب کان سواءِ ڪو وعدو ڪونه ٿا ڏين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو ڀورا! ڪِيئن ٿا ڀانيو؟ اَهنجا ڀائيوار، جاٽون ڪريو جَن جون، دانهيو ڌڻِئَ ڌار، ڏيکاريو مِ ته ڏيہ مان، جوڙيؤن ڪو جِنسار؟ يا اُنهن جو آھِ اُڀن ۾، ڪو تَڪ ڪٿي تڪرار؟ يا اُنهن کي، اسان ڪِتاب ڪو، بَخشيو بَرقرار؟ پوءِ ثابتِي ۽ ساک تي، آهي اُهو اِظهار، هِڪ ٻِئي کي دوکي ڌار، ڪافِر نه ڏِين قول ٻِئو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوين ته ”ڇا، توهان اهي ڏٺا آهن، جن کي اوهين الله جا نائب سمجهي، الله جا ڀائيوار ٿا بنايو؟_ مون کي ته ڏيکاريو، ته هنن زمين مان ڇا خلقيو آهي، يا هنن جي آسمانن ۾ ڪهڙي ڀائيواري آهي؟ يا انهن کي اسان ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا، جو انهيءَ جي چٽيءَ حجت تي آهن؟“ ڪي به ڪونهي، ظالم رڳو هڪ ٻين سان ٺڳين جا وعدا پيا ڪن!(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين: "ڀلا، ڪڏهن توهان ڏٺو به آهي، پنهنجن انهن شريڪن کي جن کي توهان الله جي بدران سڏيندا آهيو؟ مونکي ٻڌايو ته انهن زمين ۾ ڇا پيدا ڪيو آهي؟ يا آسمانن ۾ سندن ڪهڙي ڀائيواري آهي؟" (جيڪڏهن اهو نٿا ٻڌائين ته پڇين) ڀلا اسان انهن کي ڪو ڪتاب ڏنو آهي ڇا جنهن جي بنياد تي (پنهنجي انهي شرڪ لاءِ ) وٽن ڪو پڌرو ثبوت هجي". بلڪه اهي ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ڪوڙا ڏٽا ٿا ڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کي چؤ، ڇا ڪڏهن توهان ڏٺو آهي پنهنجي انهن شريڪن کي، جن کي توهان سڏيندا آهيو ڇڏي (پنهنجي رب) الله کي؟ مون کي ڏيکاريو، انهن ڇا پيدا ڪيو آهي زمين ۾؟ يا سندن ڪا ڀائيواري آهي آسمان ۾، (ٻڌائڻ کان قاصر آهن ته پڇ) ڇا اسان کين ڪا ڏني آهي لکت، جنهن جي بنياد تي (پنهنجي شرڪ لاءِ) ڪا چٽي سَنَد رکندا هجن؟ نه! پر وعدا ڏين پيا اهي ظالم هڪ ٻئي کي رڳو ٺلها ئي دوکي جا ڏٽا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته ڇا ڀلا اوهان پنھنجي شريڪن کي ڏٺو آهي جن کي توهان الله تعالى کان سواءِ سڏيو ٿا؟ مون کي ڏيکاريو ته انهن زمين ۾ ڇا پيدا ڪيو آهي؟ يا آسمانن جي ٺاهڻ ۾ سندن ڪھڙو ڪردار آهي؟ ڇا اسان کين ڪا لکيل سَنَدَ ڏني آهي جو هو واضح دليل تي آهن؟ پر هي ظالم ته پنھنجو پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ يُمسِكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ أَن تَزولا وَلَئِن زالَتا إِن أَمسَكَهُما مِن أَحَدٍ مِن بَعدِهِ إِنَّهُ كانَ حَليمًا غَفورًا (آيت : 41) |
بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي ڊھڻ کان نگاھ رکندو آھي، ۽ جيڪڏھن ڊَھن ته خُدا کانسواءِ انھن کي ڪوبه ڪونه نگاھ رکندو، بيشڪ اُھو بُردبار بخشڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله تعاليٰ ئي آسمانن ۽ زمين کي جهليو بيٺو آهي، ته پنهنجي جاءِ تان هٽي نه وڃن يا پنهنجي مقرر ڪمن ڪرڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪن. ۽ جيڪڏهن اهي پنهنجي جاءِ يا ڪم کان هٽي وڃن ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه هنن کي جهلي نٿو سگهي. بيشڪ هو بردبار ۽ بخشيندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي لُڏڻ کان روڪي ٿو ۽ جيڪڏهن اهي لڏن ته الله تعالى کانسواءِ انهن کي ڪو روڪيندڙ ناهي، بيشڪ اهو بردبار بخشيندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا ئي آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي (پنهنجي) جاءِ کان هٽي وڃڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن اهي پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃن ته پوءِ ان کان سواءِ کين ڪوئي به روڪي نه ٿو سگهي. بيشڪ اهو وڏو بردبار (۽) وڏو معاف ڪندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله روڪي رکيو آهي آسمانن ۽ زمين کي هن کان جو ڊهي پون ۽ البته جيڪڏهن ڊهي پون ته نه روڪي رکندو انهن ٻنهي کي ڪو هڪڙو ان کان سواءِ بلاشڪ اهو آهي برباد، بخشڻهار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي پنهنجي جاءِ کان هٽي وڃڻ کان جهلي ٿو ۽ (سمجهه ته) جيڪڏهن اهي ٻئي هٽي وڃن ته الله کانسواءِ ڪوبه انهن کي نه جهليندو. بيشڪ اهو بردبار معاف ڪندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله آسمانن ۽ زمين کي جهلي رکيو آهي جو هٽي نه وڃن، ۽ اگر اُهي هٽي وڃن ته پوءِ ان (الله) کان سواءِ ڪو به انهن کي جهلي نه ٿو سگهي. بيشڪ اُهو بردبار بخشڻهار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀُون کي، ڪِرڻ ڪنان، جَھلي ٿو جبّار، ۽ جي ڪِريا ته، ڪِنهن نه جَھليا، تِنهن کان پوءِ تڪرار، بارِي بُربار، مَرهڻ وارو مِهر سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله ئي آسمانن خواهه زمين کي (سندن هنڌ کان) ٿڙڻ کان روڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن ٿڙن، ته الله کانسواءِ انهن کي ٻيو ڪو به جهلي نه سگهندو_ بيشڪ اهو کانڌ وارو ۽ بخشيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي سوگهو ڪري جهليو آهي ته متان اهي ڊهي نه پون، پر جي اهي ڊهي پون ته الله کانپوءِ ٻيو ڪوبه کين جهلڻ وارو ناهي. بيشڪ الله ڏاڍو بردبار ۽ گناهه معاف ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت اها آهي ته الله جهلي رکيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ٿڙڻ کان، ۽ جي اهي ٿڙي وڃن ته انهن کي سنڀالڻ وارو اڪيلو (الله کان سواءِ) ٻيو ڪوبه ناهي، بيشڪ (الله) آهي وڏو بردبار ۽ بخشڻهار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ئي آسمانن ۽ زمين کي پنھنجي جاءِ تان هٽڻ کان روڪي رکيو آهي ۽ جيڪڏهن اُهي هٽي به وڃن ته به انهن کي (الله تعالى) کان سواءِ ٻيو ڪير به قابو نه ڪري سگهندو. بيشڪ هو وڏو بُردبار ۽ وڏو معاف ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَقسَموا بِاللَّهِ جَهدَ أَيمٰنِهِم لَئِن جاءَهُم نَذيرٌ لَيَكونُنَّ أَهدىٰ مِن إِحدَى الأُمَمِ فَلَمّا جاءَهُم نَذيرٌ ما زادَهُم إِلّا نُفورًا (آيت : 42) |
۽ اُنھن پنھنجن پڪّن قسمن سان الله جو قسم کنيو ته جيڪڏھن وٽن ڪوبه ڊيڄاريندڙ آيو (تنھن مھل اُن جي اچڻ) کين رڳو نفرت وڌائي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (قريش منڪر) الله جي نالي تي وڏا زوردار قسم کڻندا هئا ته جيڪڏهن اسان وٽ ڪو خبردار ڪندڙ (پيغمبر) اچي ته ٻين قومن کان وڌيڪ بهتر (فرمانبرداري ۽) هدايت جي واٽ وٺنداسين، پر جڏهن (سچ پچ) خبردار ڪندڙ (حضورﷺ)وٽن اچي ويو آهي تڏهن فقط هن ڳالهه ۾ وڌيڪ ٿيا آهن جو (حق ۽ نيڪي کان) وڌيڪ بيزار ۽ دور ٿيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مڪه جا ڪافر الله تعالى جا پڪا قسم کڻي (يهودين ۽ نصارن کي) چوندا هئا ته جيڪڏهن انهن وٽ پيغمبر اچي ته اهي ضرور ڪنهن نه ڪنهن گروه کان وڌيڪ هدايت وارا هجن ها، پوءِ جڏهن انهن وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿيا ته نه زياده ٿي انهن تي مگر نفرت(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو ته خدا جا وڏا وڏا قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن وٽن ڪو به ڊيڄاريندڙ ايندو ته اهي سڀ ڪنهن قوم کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيندا. پوءِ جڏهن وٽن ڊيڄارڻ وارو (رسول) آيو ته (انهن کي) روءِ زمين ۾ وڏائي ۽ بڇڙين تدبيرن ڪرڻ سبب (ان جي اچڻ سان) سندن نفرت وڌندي ئي ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قسم کنيائون الله جو پڪا قسم پنهنجا ته البته جيڪڏهن آيو انهن وٽ ڪوبه ڊيڄاريندڙ ته البته ضرور ٿيندا وڌيڪ هدايت وارا هر هڪ ٽوليءَ کان پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ ته نه وڌايائين انهن کي مگر نفرت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن پنهنجا پڪا قسم الله جا کنيا هئا ته جيڪڏهن وٽن ڪو ڊيڄاريندڙ ايندو ته اهي هر هڪ قوم کان زياده هدايت وارا ٿيندا. پوءِ جڏهن وٽن ڊيڄاريندڙ آيو ته ان رڳو سندن نفرت وڌائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن الله سان پڪا پنهنجا قسم کنيا هئا ته جيڪڏهن انهن وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ ايندو ته اُهي هر قوم کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيندا، پوءِ جڏهن انهن وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ته ان سندن اندر (حق کان) فرار کان سواءِ ڪجھه به نه وڌايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ قَسم کنيو ڪافرِين، سَندو ربَّ، ستار، قَسم سَندنِ ڪوشش جا، ته ڪو پَيَڙو آيَن پار، ته هُوندا سَنواٽِي هيڪڙِي، اُمتن مان اِظهار، پوءِ ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو، وارِد ٿيو جنهن وار، ته هرگز حق کان، ٽاھ سوا، ٻِيو وَڌائـِينِ نه وار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن سندن پڪن قسمن سان الله جو قسم کنيو، ته ”جيڪڏهن وٽن ڪو به ڊيڄاريندڙ آيو، ته هو ٻين سڀني ٽولين کان وڌيڪ هدايت حاصل ڪندا“ پر جنهن وقت وٽن ڊيڄاريندڙ آيو، ته نفرت ۾ ئي وڌيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو الله جا پڪا قسم کڻي چوندا هئا ته جيڪڏهن وٽن ڪو خبردار ڪرڻ وارو آيو ته اهي دنيا جي ٻي هر ڪنهن قوم کان وڌيڪ هدايت وارا ٿيندا. پر پوءِ جڏهن وٽن خبردار ڪرڻ وارو آيو ته ان جي اچڻ سندن حق کان رهندو پري ڀڄڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه ۾ واڌارو نه ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قسم الله جا کڻي چوندا هئا سخت قسم جا ته جي ڪو اچي ها وٽن خبردار ڪندڙ ته ضرور ٿيندا اهي هدايت وارا وڌيڪ دنيا جي هرهڪ قوم کان، پر جڏهن اچي ويو انهن وٽ خبردار ڪندڙ ته (سندس اچڻ) وڌائي ڇڏيو انهن جي حق جي بيزاري کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو (دنيا ۾) الله تعالى جا وڏا پڪا قسم کڻندا هئا ته جيڪڏهن ڪو انهن وٽ ڊيڄاريندڙ (رسول سڳورو) ايندو ته هُو ٻين امتن جي مقابلي ۾ وڏا هدايت وارا ٿيندا. پر جڏهن وٽن ڊيڄاريندڙ رسول سڳورو آيو ته ويتر انهن جي اندر رسول سڳورن جي خلاف نفرت وڌندي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
استِكبارًا فِى الأَرضِ وَمَكرَ السَّيِّئِ وَلا يَحيقُ المَكرُ السَّيِّئُ إِلّا بِأَهلِهِ فَهَل يَنظُرونَ إِلّا سُنَّتَ الأَوَّلينَ فَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَبديلًا وَلَن تَجِدَ لِسُنَّتِ اللَّهِ تَحويلًا (آيت : 43) |
مُلڪ ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙي رِٿ رِٿڻ سبب (نفرت ڪيائون)، ۽ بڇڙي رٿ رٿڻ (جو نتيجو) اُن جي ھلت ڪرڻ وارن کانسواءِ ٻئي تي نه پوندو آھي، تنھن ڪري رڳو اڳين جي (عذاب جي) دستور جا منتظر آھن، پوءِ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا مَٽ سَٽ نه ڏسندين، ۽ (تون) ڪڏھن الله جي دستور کي ڪا ڦيرگھير نه ڏسندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها (سندن بيزاري سندن) تڪبر سببان آهي، جو ملڪ ۾ ڪندا رهن ٿا ۽ سندن بڇڙن منصوبن جي ڪري آهي. پر اهي بڇڙا منصوبا منصوبن ڪندڙن کي ئي وڪوڙي ويندا (۽ خوار خراب ڪندا). پوءِ ڇا هي ماڻهو انهيءَ قانون (جي عمل ۾ اچڻ) لاءِ ترسيا ويٺا آهن جو اڳوڻن (منڪرن) سان لڳايو ويو هو (۽ کين تباهه ڪيو ويو ويو هو)؟ سو (اي پيغمبر!) تون الله جي انهيءَ قانون ۽ دستور ۾ ڪابه ڦيرڦار ڪانه ڏسندين، نڪي ڏسندين ته الله جي انهيءَ قانون جي تعميل هٽي ويندي. (يعني اهو قانون ضرور عمل هيٺ ايندو ۽ بنا ڦيرڦار عمل هيٺ ايندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن (ايمان آڻڻ کان) زمين ۾ تڪبر ڪئي ۽ (انهن) شرڪ ڪيو، ۽ شرڪ انهن کي ئي اچي گھيري ۾ ورتو، پوءِ نٿا انتطار ڪن مگر پهرين ماڻهن جي طريقي (عذاب) جو. پوءِ توهان هرگز الله تعالى جي طريقي ۾ ڪا تبديلي نه لهندا. ۽ هرگز توهان الله جي طريقي ۾ ڪو ڦيرو نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زمين ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙائي رٿڻ جي ڪري، هوڏانهن بڇڙي رٿ رڳو ان جي رٿڻ وارن کي ئي وڪوڙي ٿي. پوءِ اهي رڳو اڳين تي جاري ٿيل قاعدي جو انتظار ٿا ڪن. پوءِ تون ڪڏهن به خدا جي دستور ۾ ڪا مٽ سٽ نه لهندين. ۽ تون خدا جي دستور ۾ ڪا ڦير گهير نه لهندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وڏائي ڪرڻ زمين ۾ ۽ بڇڙي رٿ جي ڪري ۽ نه ٿي گهيرو ڪري رٿ بڇڙي مگر ان جي اهل سان پوءِ نه ٿا انتظار ڪن مگر پهرين جي دستور جو پوءِ هرگز نه لهندين الله جي دستور لاءِ ڪا مٽ سٽ ۽ هرگز نه لهندين الله جي دستور لاءِ ڪا ڦير ڦار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زمين ۾ وڏائي ڪرڻ ۽ بڇڙيءَ رٿ رٿڻ جي ڪري، هوڏانهن بڇڙي رٿ رڳو ان جي رٿڻ وارن کي ئي وڪوڙي ٿي. پوءِ اهي رڳو اڳين تي جاري ٿيل قاعدي جو انتظار ٿا ڪن. پوءِ تون ڪڏهن به الله جي قاعدي ۾ ڪا مٽ سٽ نه لهندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي زمين ۾ پنهنجو پاڻ کي وڏو سمجهڻ لڳا ۽ بريون سازشون ڪرڻ لڳا. حالانڪه بري سازش رڳو ان سازشن ڪرڻ وارن کي ئي گهيري وٺي ٿي. پوءِ ڇا اُهي ان دستور جي ئي انتظار ۾ آهن جيڪو اڳين ماڻهن سان ٿيندو رهيو آهي، پوءِ تون الله جي دستور ۾ هرگز ڪا به تبديلي نه لهندين، ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪا ڦيرگهير نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو، وارِد ٿيو جنهن وار، ته هرگز حق کان، ثاھ سوا، ٻِيو وَڌائـِينِ نه وار، ڀُون ۾ ڀانئـِڻ پاڻ کي، ۽ حِيلا بَد هَزار، ۽ مڪر نه گُھٽي مُور ڪِنهن، سَندسِ ساٿين ڌار، ٻِيو ڪَڍن ڪِين ٿا، اُهي اِنتظار، مگر مَهندوڻن جِي، سَندو پَر ۽ پار، پوءِ پَر ۾ پَروَر پاڪ جي، نه لَهندِين ڦير ڦار، ۽ پَر ۾ پرور پاڪ جي، اَوّل، آخِرڪار، لَهندين ڪِين لَغار، ٽارو ٽِيا ڪرن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) رڳو ملڪ ۾ آڪڙ ڪرڻ ۽ بڇڙين رٿن سان، پر بڇڙي رٿ نيٺ رٿ وارن مٿي ئي پوندي، هاڻ هو رڳو اڳين جي دستور جي واٽ پيا نهارين، پوءِ تون الله جي دستور ۾ هر گز ڪا مٽ سٽ ڪا نه ڏسندين ۽ نڪي تون الله جي دستور کي ٽرندو ڏسندين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي زمين ۾ ويتر وڌيڪ وڏائي ڪرڻ لڳا ۽ بڇڙيون رٿون رٿڻ لڳا. جڏهن ته بڇڙيون رٿون سندن ٺاهڻ وارن جي ڪنڌ ۾ ئي پونديون آهن. پوءِ ڀلا ڇا هاڻي هي ماڻهو ان ڳالهه جو انتظار ٿا ڪن ته اڳين قومن سان الله جو جيڪو طريقو رهيو آهي، تيئن هنن سان به ڪيو وڃي؟ پوءِ ته (اي نبي) تون الله جي طريقي ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين ۽ نه وري تون ڏسندين ته ڪابه طاقت الله جي سنت کي سندس مقرر واٽ کان ڦيرائي سگهي ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي وڌيڪ وڏائي ڪرڻ لڳا زمين ۾ ۽ نهايت بريون رٿون رٿڻ لڳا، جڏهن ته گهيري رکن ٿيون بريون رٿون انهن رٿڻ وارن کي، پوءِ ڇا اهي انتظار ڪن جاري ٿيل (الله جي) طريقي جو اڳين بابت، پوءِ تون ڪڏهن به نه ڏسندين الله جي قاعدي ۾ مٽ سٽ، ۽ ڪڏهن به نه ڏسندين الله جي قاعدي ۾ ڪا ڦير ڦار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ زمين ۾ اڃا به وڌيڪ مغروري ۽ بيھودهه چالاڪيون ڪرڻ لڳا. حالانڪه بيهودهه چالاڪيون سندن لاءِ تباهي جو سبب ٿينديون. ڇا هي ماڻهو الله تعالى جي ان طريقي ۽ قانون جو انتظار ڪري رهيا آهن جيڪو گذريل ماڻهن سان لاڳو ڪيو ويو هو؟ توهان ڪڏهن به الله تعالى جي طريقي ۽ قانون ۾ تبديلي نه ڏسندا ۽ نه ئي الله تعالى جي قاعدي ۾ ڪا ڦير ڦار ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَسيروا فِى الأَرضِ فَيَنظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الَّذينَ مِن قَبلِهِم وَكانوا أَشَدَّ مِنهُم قُوَّةً وَما كانَ اللَّهُ لِيُعجِزَهُ مِن شَيءٍ فِى السَّمٰوٰتِ وَلا فِى الأَرضِ إِنَّهُ كانَ عَليمًا قَديرًا (آيت : 44) |
زمين ۾ نه گھميا آھن ڇا جو ڏسن ته جيڪي کائن اڳ ھوا تن جي پڇاڙي ڪھڙي ٿي اُھي کائن سگھ ۾ به تمام ڏاڍا ھوا، ۽ الله اھڙو نه آھي جو کيس آسمانن ۾ ڪابه شيء ٿڪائي ۽ نڪي زمين ۾ (ٿڪائي)، بيشڪ اُھو ڄاڻندڙ وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هي ماڻهو ملڪ ۾ گهمن ڦرن نٿا ۽ ڏسن نٿا ته کانئن اڳي ٿي گذريل (منڪر قومن) جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي، اگرچه اهي هنن کان قوت ۽ طاقت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا. ۽ (کين ياد رکڻ گهرجي ته) الله اهڙو ناهي جو آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڪابه شيء کيس عاجز ڪري سگهي (يعني سندس ارادن ۽ تجويزن کي روڪي ناڪامياب ڪري سگهي) يقيناً هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڪا طاقت رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي زمين ۾ سير نٿا ڪن پوءِ ڏسن ته انهن کان اڳين ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي ۽ اهي انهن کان قوت ۾ گھڻا وڌيڪ هئا. ۽ الله تعالى کي ڪا به شيءِ آسمانن ۽ زمينن ۾ عاجز نٿي ڪري، بيشڪ اهو گھڻو علم رکندڙ قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا انهن ماڻهن روءِ زمين تي گهمي ڦري نه ڏٺو ته جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪئين ٿي هوڏانهن اهي انهن کان طاقت ۾ وڌيڪ هئا. ۽ خدا اهڙو نه آهي جو ان کي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڪا به شيءَ عاجز ڪري سگهي. بيشڪ اهو (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ قوت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه گهميا زمين ۾ پوءِ ڏسن ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي انهن جي جيڪي انهن کان اڳي هئا ۽ هئا تمام ڏاڍا انهن کان طاقت ۾ ۽ ناهي الله (اهڙو) جو عاجز بنائي ان کي ڪا شيءِ آسمانن ۾ ۽ نڪي زمين ۾ بلاشڪ اهو آهي ڄاڻندڙ قدرت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون الله جي قاعدي ۾ ڪا ڦير گهير نه لهندين. ڇا اهي زمين ۾ نه گهميا آهن ته پوءِ ڏسن ته جيڪي انهن کان اڳ هئا تن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي هوڏانهن اهي انهن کان طاقت ۾ وڌيڪ هئا. ۽ الله اهڙو نه آهي جو ان کي آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ ڪابه شي عاجز ڪري سگهي. بيشڪ اهو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ قدرت رکندڙ آهي ۽ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اُهي زمين ۾ نه گهميا آهن پوءِ ڏسن ته انهن جو انجام ڇا ٿيو جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا؟ ۽ اُهي انهن کان طاقت ۾ به وڌيڪ هئا. ۽ الله کي ڪا شيءِ عاجز ڪرڻ واري نه آهي نه آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾. بيشڪ اُهو ڄاڻندڙ سگھه رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀُون گُھميا نَه ڀورڙا؟ پوءِ نِرتًاڪن نِهار، ڪِهڙا اُنهن کان اَڳين جا، ٿياپَڇاڙِئَ پار، ۽ جي هُئا قَرار قُوَّت ۾، تِنِين کان تَڪرار، ۽ اُڀ ڀُون ۾ نه ٿئي، ٿوڪ ڪو، ڏاڍو کان ڏاتار، سوئـِي سَمجدار، پن قادِر آهي ڪُل مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو زمين ۾ ڪو نه گهميا آهن_ جو ڏسن ته کانئن اڳين جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي؟ جي کانئن تمام گهڻو طاقتور هئا_ ۽ الله اهڙو ناهي جنهن کي ڪا به آسمانن خواهه زمين جي چيز ٿڪائي سگهي، بيشڪ هو ڄاڻندڙ وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي زمين ۾ گهميا ڦريا ناهن ڇا، جو کڻي ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي هئي، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن ۽ هنن کان طاقت ۾ گهڻو زور هئا؟ الله کي عاجز ڪرڻ واري ڪابه شيءِ ناهي، نڪي آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾. هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ سڀ ڪنهن شيءِ تي طاقت رکي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ناهن گهميا زمين ۾، ته پوءِ ڏسن ته ڪهڙي ٿي پڇاڙي ٿئي انهن جي جيڪي کانئن اڳي هئا ۽ اهي ته وڌيڪ هئا انهن کان طاقت ۾، ۽ اهڙو نه آهي الله جنهن کي عاجز ڪري سگهي ڪابه شيءِ آسمانن ۾ ۽ نه وري زمين ۾، بيشڪ اهو سڀڪجهه ڄاڻندڙ قدرت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو زمين ۾ گهميا ڦريا نه آهن جو ڏسن ته انهن کان اڳ گذريل ماڻهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ حالانڪه هو ته طاقت ۾ هنن کان به گهڻو وڌيڪ هئا. الله تعالى جي ذات اهڙي ڪمزور نه آهي جو کيس آسمانن ۽ زمين جي ڪابه شيءِ بي وس ڪري ڇڏي. بيشڪ هو وڏو ڄاڻندڙ ۽ وڏي طاقت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو يُؤاخِذُ اللَّهُ النّاسَ بِما كَسَبوا ما تَرَكَ عَلىٰ ظَهرِها مِن دابَّةٍ وَلٰكِن يُؤَخِّرُهُم إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى فَإِذا جاءَ أَجَلُهُم فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِعِبادِهِ بَصيرًا (آيت : 45) |
۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ڪرتوتن سببان پڪڙي ھا ته ڪو چُرندڙ زمين جي پُٺيءَ تي نه ڇڏي ھا پر ٺھرايل مُدّت توڻي کين مُھلت ڏئي ٿو، پوءِ جڏھن سندن مُدت آئي تڏھن بيشڪ الله پنھنجن ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ ماڻهن کي سندن (بڇڙن) ڪمن ۽ ڪمائي جي ڪري (هڪدم) پڪڙ ڪري ۽ سزا ڏئي ته پوءِ ته زمين جي مٿاڇري تي ڪوبه ساهه وارو (جيئرو) نه ڇڏي ها. پر هو کين مقرر وقت تائين مهلت ٿو ڏئي. پوءِ جڏهن اهو وقت اچي ٿو وڃي (تڏهن انصاف سان جزا ۽ سزا ڏيئي ٿو ڇڏي ڇو) ته يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن کي (۽ سندن عملن ۽ دليلن کي) چڱيءَ طرح ڏسندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى ماڻهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪري ها ته زمين تي هلندڙ ڪا شيءِ نه رهي ها، پر الله تعالى انهن کي هڪڙي مقرر وقت تائين مهلت ڏي ٿو. پوءِ جڏهن وقت مقرر ايندو پوءِ بيشڪ الله تعالى پنهنجي ٻانهن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن خدا ماڻهن کي سندن ڪرتوتن تي (هڪدم) پڪڙ ڪري ته زمين جي پٺيءَ تي ڪو به جانور نه ڇڏي ها، پر انهن کي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏئي ٿو (ته جيڪي ڪرڻو اٿو سو ڪريو) پوءِ جڏهن ان جو (اهو) وقت ايندو ته خدا پاڪ پنهنجن بندن (جي حال) کي ڏسي رهيو آهي. (پوءِ جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي ڏسندو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن پڪڙي ها الله ماڻهن کي ان سببان جيڪي ڪيائون ته نه ڇڏي ها ان جي پٺيءَ تي ڪا چرندڙ شيءِ ۽ پر مهلت ڏئي ٿو انهن کي مقرر ڪيل مدي تائين پوءِ جڏهن سندن مدو آيو پوءِ بيشڪ الله آهي پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ڪرتوتن تي (هڪدم) پڪڙ ڪري ته زمين جي پٺيءَ تي ڪوبه چُرندڙ نه ڇڏي ها پر انهن (جي مقابلي) کي هڪ مقرر ڪيل مدت تائين پٺتي رکي ٿو پوءِ جڏهن سندن (اهو) وقت ايندو ته الله پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي (انهن کي سندن عملن موافق سزا ڏيندو). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي انهن جي ڪرتوتن سبب پڪڙ ڪري ته زمين جي پٺيءَ تي ڪوبه چُرندڙ نه ڇڏي پر انهن کي مقرر مدت تائين پٺتي ڪري ٿو، پوءِ جڏهن انهن جو مقرر ڪيل وقت ايندو ته بيشڪ الله پنهنجي ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَڌٖي سَندسِ ٻانهن کي، جي ڪَمن ۾ ڪَلتار، ته پَٽيِين پٺسِ تي، نه ڇَڏي، چُرندڙ ڪو چوڌار، پر مُقرّر مُدت سِين، ٿو جِيَرو ڇَڏي جبّار، پوءِ اُنهن جو اَجل اوچتو، وارِد ٿيو جِنهن وار، پوءِ ڏِسندڙ آهي ڏاتار، بيشڪ سَندسِ بَندن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن الله ماڻهن کي سندن ڪرتوتن تي (يڪدم) پڪڙ ڪري، ته جيڪر زمين جي پٺ تي ڪو به چرندڙ ڇڏي ئي ڪونه ها! پر هو انهن کي هڪڙي وقت تائين ڍر ڏئي ٿو_ پوءِ جڏهن سندن اهو وقت آيو، تڏهن بيشڪ الله سندس ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن هو ماڻهن کي سندن ڪرتوتن جي ڪري وٺ ڪري ها ته زمين تي ڪو ساهوارو جيئرو ئي نه ڇڏي ها، پر هو انهن کي هڪڙي مقرر وقت تائين مهلت ڏيندو رهي ٿو، پوءِ جڏهن سندن وقت پورو ٿيندو ته الله ته پنهنجن بندن کي ڏسي رهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن هڪدم پڪڙ ڪري الله ماڻهن جي سندن ڪرتوتن جي ڪري ته نه ڇڏي ها زمين جي پٺيءَ تي ڪوبه چرندڙ، ليڪن هو ڍر ڏئي ٿو هڪ مقرر مدت تائين، پوءِ جڏهن اچي ويو سندن پورو وقت، ته پوءِ بيشڪ الله پنهنجن بندن کي ڏسي رهندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن الله تعالى جي ذات ماڻهن جي برن ڪرتوتن جي ڪري (فوراً) پڪڙ ڪري ها ته زمين تي ڪير به ساهوارو زندهه نه بچي سگهي ها. پر هو انهن سڀني کي هڪ مقرر مدت تائين رهڻ جي مھلت ڏئي ٿو. پوءِ جڏهن انهن جو وقت پورو ٿيندو ته بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن کي چڱي طرح ڏسي وٺندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |