توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ اتَّقِ اللَّهَ وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَليمًا حَكيمًا (آيت : 1) |
اي پيغمبر الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي! تون فقط خدا کان ڊڄ، (ڪافرن ۽ منافقن کان بلڪل نه ڊڄ.) ۽ ڪافرن ۽ منافقين جي (غلط) ڳالهين تي نه لڳ (تون الله جي ڳالهين ۽ حڪمن جي پيروي ڪندو رهه، ڇو ته) يقيناً الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (تنهن ڪري سندس ئي حڪمن تي هلڻ ۾ چڱائي آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان تقويٰ تي ثابت قدم رهو ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي ڪا به نه ٻُڌو، بيشڪ الله تعالى علم رکندڙ حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبي رڳو خدا کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ خدا (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ هڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! الله کان ڊڄ ۽ نه چوڻ مڃ ڪافرن جو ۽ منافقن جو بيشڪ الله آهي ڄاڻندڙ، حڪمت وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي تابعداري نه ڪر. بيشڪ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڊڪو رَک الله جو، اي نَبِي نِرمل نُور، ۽ مُنڪرن ۽ مُنافقن جو، چيو مَڃ نه مُور، پَروَر پاڪ حُضور، واقِف ۽ ويڄ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن منافقن جو چيو نه مڃ، بيشڪ الله ڄاڻيندڙ ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي تابعداري نه ڪر، حقيقت ۾ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ دانائيءَ وارو ته الله ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! ڊڄ الله کان ۽ پيروي نه ڪر ڪافرن جي ۽ منافقن جي، بيشڪ الله علم وارو آهي حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي (ﷺ!) الله تعالى کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّبِع ما يوحىٰ إِلَيكَ مِن رَبِّكَ إِنَّ اللَّهَ كانَ بِما تَعمَلونَ خَبيرًا (آيت : 2) |
۽ جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽان توڏانھن وحي ڪجي ٿو تنھنجي تابعداري ڪر، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو وحي تنهنجي پروردگار وٽان توڏي موڪليو وڃي ٿو تنهن جي پيروي ڪندو رهه. يقيناً الله تعاليٰ اوهان جي سڀني عملن جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان وحي رباني جي تابعداري ڪريو، بيشڪ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي طرفان جيڪو تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو (رڳو) تنهن جي تابعداري ڪر! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا چڱي طرح آگاھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تابعداري ڪر ان جي جيڪو وحي ڪيو وڃي ٿو تو ڏانهن تنهنجي رب کان بيشڪ الله جيڪي اوهان ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن جي تابعداري ڪر! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تابعداري ڪر ان جي جيڪو توڏي تنهنجي پالڻهار طرفان وحي ڪيو وڃي ٿو. بيشڪ الله خبروار آهي جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پورِئَ طرح پارتون، فقط اُهي اَحڪام، توڏي، تُنهنجي ڌَڻِئ کان، جَن جو وَحِي ٿِئي وَريام! آگو آگاھ اُن ڪنان، جيڪي ڪريو، ڪَهو ڪَلام،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون انهي جي تابعداري ڪر، جيڪو تنهنجي ڌڻيءَ وٽان تو ڏانهن حڪم ڪيل آهي_ بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پيروي ڪر ان ڳالهه جي، جنهن جي وحي توڏانهن تنهنجي رب وٽان ڪئي وڃي ٿي. الله کي هر ان ڳالهه جي ڄاڻ آهي، جيڪي توهان ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پيروي ان ڳالهه جي ڪر جنهن جو وحي تو ڏي اچي ٿو تنهنجي رب جي طرفان، بيشڪ الله ئي هر ڳالهه کان جيڪا توهان ڪريو ٿا (ان کان) باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجي پالڻھار جي طرفان جيڪا شيءِ توڏي وحي ڪئي وڃي ٿي سو تون رڳو ان جي پيروي ڪر. بيشڪ الله تعالى توهان جي هر عمل کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 3) |
۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله سنڀاليندڙ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) خدا تي ڀروسو رک جو الله ئي ڪافي ڪارساز آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان الله تعالى تي توڪل ڪريو، ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا تي ڀروسو ڪر ۽ خدا ڪارساز بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ توڪل ڪر الله تي ۽ ڪافي آهي الله ڪارساز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله تي ڀروسو ڪر ۽ الله ڪارساز بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله تي ڀروسو رک. ۽الله ئي ڪارساز ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ رَک تون رَبَّ ڪرِيم تي، تَوڪَّل تمام، ۽ مَددگار مُدام، بَس آهي هادِي هيڪڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله تي ڀروسو رک، الله ڪارساز آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله تي ڀروسو رک، الله ئي ڪارساز هجڻ لاءِ ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توڪل ڪريو الله تي، ۽ ڪافي آهي الله ڪارساز هجڻ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي ذات تي ڀروسو رک ۽ الله تعالى جي ذات ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِن قَلبَينِ فى جَوفِهِ وَما جَعَلَ أَزوٰجَكُمُ الّٰـٔى تُظٰهِرونَ مِنهُنَّ أُمَّهٰتِكُم وَما جَعَلَ أَدعِياءَكُم أَبناءَكُم ذٰلِكُم قَولُكُم بِأَفوٰهِكُم وَاللَّهُ يَقولُ الحَقَّ وَهُوَ يَهدِى السَّبيلَ (آيت : 4) |
الله ڪنھن مڙس جي اندر ۾ ٻه دليون (پيدا) نه ڪيون آھن، ۽ نڪي اوھان جي انھن زالن کي جن کي اوھين ماءُ چئي ويٺا آھيو سي اوھان جون (حقيقي) مائر ڪيائين، ۽ نڪي اوھان جي پُٽيلن کي اوھان جا (حقيقي) پُٽ ڪيائين اھو اوھان جو چوڻ اوھان جي واتن جو آھي، ۽ الله سچ چوندو آھي ۽ اُھوئي (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون ڪونه رکيون آهن، نڪي الله تعاليٰ توهان جي زالن کي جن سان توهان اظهار ٿا ڪيو توهان جون مائر بنائي ڇڏيو آهي، نڪي انهن کي اوهان جو پٽ بنايو اٿس جن کي توها پٽ ڪري نپايو آهي (يا ڌيئرن جو پٽ يا گود جو پٽ ڪري سڏيو آهي) اهي توهان جي وات جون (بي معنيٰ) ڳالهيون آهن. پر الله تعاليٰ سچي حقيقت ٿو ٻڌائي ۽ هو سڌو سنئون رستو ٿو ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى ڪنهن انسان جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکايون آهن، ۽ الله تعالى توهان جي گھر وارين کي توهان جون مائرون نه ڪيون آهن جن سان توهان ظِهار ڪريو ٿا (ظهار لفظ جو تفسير هن ريت آهي ته ڪو مرد پنهنجي زال کي چوي ته تون منهنجي لاءِ منهنجي ماءُ وانگر مون تي حرام آهين، شريعت موجب ظهار طلاق ناهي بلڪه جيستائين ان جو ڪفارو ادا نٿو ڪري تيستائين پنهنجي گھر واريءَ کي ويجھو نه ٿيندو. از تفسير مظهري)، ۽ الله تعالى توهان جي نپايل پُٽن کي توهان جو حقيقي پُٽ نه بنايو آهي، اها ته توهان جي زباني ڳالهه آهي، ۽ الله تعالى حق فرمائي ٿو ۽ اهو سنئين رستي تي هلائي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ڪنهن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن (جو هڪ ئي وقت ٻه ارادا ڪري) ۽ نه اوهان جي انهن زالن کي جن کي اوهان پاڻ تي مائرن جهڙو ڪيو (چيو) (تن کي ڪو) اوهان جون مائرون ڪيون اٿس. اهو ته اوهان جو رڳو چوڻ (۽ زباني جمع خرچ) آهي. ۽ (چاهي ڪنهن کي برو لڳي يا چڱو) خدا ته سچ چوي ٿو ۽ سڌي راھ ڏيکاري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه پيدا ڪيون الله ڪنهن مڙس جي لاءِ ٻه دليون ان جي اندر ۾ ۽ نه ڪيائين زالن اوهان جن کي جن کان ظهار ڪيو ٿا اوهان جون مائرون ۽ بنايائين پٽيلن اوهان جي کي اوهان جا (حقيقي) پٽ اهو اوهان جو چوڻ آهي اوهان جي واتن سان ۽ الله فرمائي ٿو حق ۽ اهو ڏيکاري ٿو رستو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ڪنهن به ماڻهوءَ جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، ۽ نه اوهان جي انهن عورتن کي جن کي اوهان پاڻ تي مائرن جهڙو ڪيو آهي (تن کي) اوهان جون مائرون ڪيون اٿس ۽ نه اوهان جي پٽيلن کي اوهان جا پٽ ڪيو اٿس. اهو اوهان جي واتن سان اوهان جو چوڻ آهي. ۽ الله سچ چوي ٿو ۽ اهو رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ڪنهن به ماڻهو جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، ۽ ان توهان جي زالن کي جن کي توهان ظِهار ڪندي ماءُ چئو ٿا توهان جون مائرون نه بنايو آهي. ۽ نه توهان جي پُٽيلن (يعني وات سان سڏيل پُٽن) کي توهان جو (حقيقي) پُٽ بنايو آهي. اهي سڀ توهان جي واتن جون ڳالهيون آهن. ۽ الله حق ڳالهه چوي ٿو ۽ اُهو (سڌي) رستي جي هدايت ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِئَ ٻه دِليون نَه ٺاهِيون، ڪِنهن آدمِئَ اَندر، پڻ ڪيون نه، اُن اوهان جون، مُورهِين سي مادر، اَنهنجي جوءِ نيان، جَن کي، سَڏيو ماءُ مگر، پُٽيلن کي پُٽ اَهنجا، پَٽيِين نَه ڪيو پَروَر، اِي اَجايو اَ کر، پَنهنجي مُنهان پاڻ چَئو. ۽ سائـِين صَفا سَچ چَوي، ۽ سَنئـِين راھ ڏَسي رَهبر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ڪنهن به مرد جي اندر ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن- نڪي جن زالن کي اوهين مائون سڏيو، تن کي اوهان جون مائون بنايو اٿس- ۽ نڪي اوهان جي پٽيلن کي اوهان جا پٽ بنايائين، اهو اوهان جي وات جو چوڻ آهي- الله سچ چوندو آهي ۽ اهو ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ته ڪنهن به شخص جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، نه وري ڪو هن توهان جي انهن زالن کي جن کي اوهين ماءُ چئي ويٺا آهيو، توهان جون (حقيقي) مائر بنايو آهي ۽ نڪي توهان جي پٽيلن کي توهان جا سڳا پٽ بنايو اٿس. هي ته اهي ڳالهيون آهن جيڪي توهان پنهنجي واتان ڪڍي ڇڏيندا آهيو، پر الله اها ڳالهه چوندو آهي، جيڪا حق آهي ۽ اهوئي صحيح راهه ڏسيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه رکيون آهن الله ڪنهن به شخص ۾ ٻه دليون سندس سيني ۾، ۽ نه وري بڻايو آ توهان جي زالن کي جن کي توهان ظهار چئي ماءُ چئو ٿا، ڪنهن ماءُ بڻايو آهي ۽ نه بڻايو آهي توهان جي پٽيلن کي توهان جو سچو پٽ هي توهان جون ڳالهيون آهن جيڪي توهان واتان ڪڍو ٿا، پر الله ته اها ڳالهه چوي ٿو جيڪا حق آهي، ۽ اهو ئي رهنمائي ڪري ٿو صحيح رستي ڏانهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ڪنھن به ماڻهوءَ جي سيني ۾ ٻه دليون نه ٺاهيون آهن ۽ نه ئي اوهان جي گهر وارين کي مائرون بنايو آهي، جن کي توهان وات سان ماءُ چئي ويٺا آهيو ۽ اهڙي طرح توهان جي وات سان چيل پٽن کي به ڪو حقيقي پُٽ نه بنايو آهي. اهي سڀ ڳالهيون توهان جي وات جون چيل آهن. الله تعالى ته اُها ڳالهه ڪندو آهي جيڪا بلڪل سچي هوندي آهي ۽ اهو ئي سڌو رستو ڏيکاريندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ادعوهُم لِءابائِهِم هُوَ أَقسَطُ عِندَ اللَّهِ فَإِن لَم تَعلَموا ءاباءَهُم فَإِخوٰنُكُم فِى الدّينِ وَمَوٰليكُم وَلَيسَ عَلَيكُم جُناحٌ فيما أَخطَأتُم بِهِ وَلٰكِن ما تَعَمَّدَت قُلوبُكُم وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 5) |
کين سندن پِين جا (پٽ ڪري) سڏيو اھو الله وٽ بلڪل انصاف آھي، پوءِ جيڪڏھن سندن پيئر نه ڄاڻندا ھجو ته اوھان جا دين ۾ ڀائر ۽ اوھان جا دوست آھن، ۽ جنھن ڳالھائڻ ۾ چوڪ ڪئي ھجيوَ تنھن ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي پر اوھان جي دلين جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو (تنھن ۾ گناھ آھي)، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (دين جي ڀائرن يا پٽن کي يا ٻانهن) کي سندن پيءُ جي نالن سان سڏيو. اها ڳالهه الله وٽ زياده انصاف واري آهي. پر جيڪڏهن توهان کي سندن ابن جا نالا معلوم نه هجن ته پوءِ هو توهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن. پر جيڪڏهن ان ڳالهه ۾ اوهان کان ڀل چڪ ٿي وڃي ته پوءِ اوهان تي ڪوبه ڏوهه ڪونهي، پر گناهه هن ۾ آهي جو توهان دل جي ارادي سان ائين ڪيو ۽ (ڀل چڪ جي حالت ۾) الله تعاليٰ وڏو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان انهن (نپايل پُٽن) کي سندن پيئرن جي نالي سان سڏيو، اهو الله تعالى وٽ بلڪل صحيح آهي، پوءِ جيڪڏهن توهان انهن جي پيئرن کي نٿا ڄاڻو، پوءِ اهي توهان جا ديني ڀاءُ ۽ توهان جا سؤٽ آهن، ۽ جيڪا توهان (هن کان اڳ) غلطي ڪئي ان جو توهان تي ڪو گناه ناهي، گناه ته عمداً دلي ارادي سان ڪيل عمل جو ٿئي ٿو، ۽ الله تعالى گهڻو بخش ڪندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) کين سندن (اصلي) پين جا پٽ ڪري سڏيو اهو خدا وٽ وڌيڪ ٺيڪ آهي. ۽ جيڪڏهن اوهين سندن پين کي نه ٿا ڄاڻو ته (اهي) اوهان جا ديني ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ هن ۾ اوهان کان خطا ٿئي ته اوهان تي گناھ نه آهي پر (گناھ اهو آهي) جنهن جو اوهان دل سان ارادو ڪيو. ۽ خدا (ته) معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڏيو انهن کي سندن پيئرن جي لاءِ اهو عدل وارو آهي الله وٽ پوءِ جيڪڏهن نه ٿا ڄاڻو انهن جا پيئر پوءِ اوهان جا ڀائر آهن دين ۾ ۽ اوهان جا دوست آهن ۽ ناهي اوهان تي ڪو گناهه ان ۾ جيڪا خطا ڪئي اوهان ان سان ۽ پر جيڪي ڄاڻي واڻي ڪيو دلين اوهان جي ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کين سندن پيئن جا پٽ ڪري سڏيو اهو الله وٽ وڌيڪ انصاف آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهين سندن پيئن کي نه ڄاڻو ته (اهي) اوهان جا ديني ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ جنهن (لفظ ڳالهائڻ) سان اوهان کان خطا ٿي تنهن ۾ اوهان تي گناه نه آهي پر (گناهه اهو آهي) جنهن جو اوهان جي دلين ارادو ڪيو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن (پُٽيلن)کي سندن پيئرن جا پُٽ ڪري سڏيو اها الله وٽ وڌيڪ انصاف واري ڳالهه آهي، پوءِ اگر اوهان کي معلوم نه هجي ته انهن جا پيئر ڪير آهن ته پوءِ دين ۾ اوهان جا ڀائر آهن ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ ان ۾ اوهان تي ڪو گناهه ناهي جا ڳالهه اوهان غلطي سان چئي ۽ پر (ان ڳالهه ۾ گناهه آهي) جنهن جو ارادو اوهان جي دلين ڪيو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَڏيونِ سَندنِ پِئن جو، اِي اِنصافِي اکر، پوءِ جي، سَندنِ پِئن جِي، ڪانهي اَوهان کي ڪَر، پوءِ اَوهان جا آخِر، دوست، برادر دِين ۾. ۽ ڀُلجي ڪيان ته، اُن جو بلڪُل نه آن تي بار، پَر پَروڙي پوءِ ڪَئـِي، جا قَلبن اَهنجي ڪار، ۽ بيشڪ بخشڻهار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين هنن کي سندن ئي بابن جا پٽ سڏيو، اهو الله جي نظر ۾ انصاف آهي، پوءِ جي اوهان کي سندن بابن جي خبر نه هجي، ته هو اوهان جا دين جا ڀائر ۽ دوست آهن_ ۽ اوهان تي انهي ۾ گناهه ڪونهي، جيڪا اوهان چوڪ ڪئي_ مگر (گناهه اهو آهي) جو اوهان جي دلين ڄاڻي ٻجهي ڪيو_ ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پٽيلن کي سندن پيئرن جي حوالي سان سڏيو، جو الله وٽ اها ڳالهه وڌيڪ انصاف واري آهي ۽ جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته سندن پيئر ڪير آهن ته پوءِ هو توهان جا ديني ڀائر ۽ ساٿي آهن. اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪا ڳالهه چئو ته ان لاءِ توهان جي ڪا پڪڙ نه ٿيندي، پر ان ڳالهه جي ڪري ضرور پڪڙ ٿيندي، جنهن جو توهان دل سان ارادو ڪريو. الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڏيو انهن پٽيلن کي سندن ئي پيئرن جي نالي سان، اها ڳالهه وڌيڪ انصاف واري آهي الله وٽ، پوءِ جيڪڏهن معلوم نه هجي توهان کي ته سندن پيئر ڪير آهن، ته پوءِ اهي توهان جا ديني ڀائر آهن ۽ توهان جا ساٿي آهن، ۽ ناهي پڪڙ توهان تي ان ڳالهه جي جيڪا توهان اڻڄاڻائي ۾ چئو ٿا، پر ان ڳالهه تي ضرور پڪڙ آهي جنهن جو ارادو ڪريو ٿا توهان دل ۾، ۽ بيشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنهنڪري وات سان چيل پٽن کي حقيقي پيءُ جي نالي سان سڏيندا ڪريو. الله تعالى وٽ اها ئي انصاف واري ڳالهه آهي پر جيڪڏهن توهان کي انهن جي پيئرن جي نالن جي خبر نه هجي ته پوءِ هُو توهان جا ديني ڀائر ۽ ساٿي آهن. جيڪو اڳ ۾ توهان غلط ڪم ڪري چڪا آهيو سو ان تي هاڻي ڪوبه گناهه نه آهي پر جيڪڏهن وري ٻيھر دل جي نيت سان ساڳيا لفظ چوندا ته پوءِ اهو گناهه آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
النَّبِىُّ أَولىٰ بِالمُؤمِنينَ مِن أَنفُسِهِم وَأَزوٰجُهُ أُمَّهٰتُهُم وَأُولُوا الأَرحامِ بَعضُهُم أَولىٰ بِبَعضٍ فى كِتٰبِ اللَّهِ مِنَ المُؤمِنينَ وَالمُهٰجِرينَ إِلّا أَن تَفعَلوا إِلىٰ أَولِيائِكُم مَعروفًا كانَ ذٰلِكَ فِى الكِتٰبِ مَسطورًا (آيت : 6) |
پيغمبر مؤمنن تي سندن جندن کان وڌيڪ حق رکندو آھي ۽ سندس زالون سندين مائر آھن، ۽ مائٽي وارا ھڪ ٻئي جا پاڻ ۾ الله جي ڪتاب ۾ (ٻـين) مؤمنن ۽ ھجرت ڪندڙن کان وڌيڪ ويجھا آھن پر پنھنجن دوستن سان احسان ڪريو (ته جائز آھي)، اِھو (حُڪم) ڪتاب ۾ لکيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مسلمانن جي لاءِ حضرت نبيﷺ سندن جانين کان به وڌيڪ ويجهو آهي، ۽ سندس حرم مبارڪ (يعني زالون) مؤمنن جون مائرون آهن. ۽ الله جي ڪتاب موجب سچا پچا مائٽ هڪٻئي لاءِ وڌيڪ ويجها آهن ٻين مؤمن ڀائرن کان يا مهاجر ڀائرن کان. (يعني فوتيءَ جو ترڪو سچن مائٽن کي ملڻ گهرجي) پر جيڪڏهن پنهنجي دوستن سان چڱائي ڪيو ته ڀلي ڪيو (اها ٻي ڳالهه آهي) (خدا جي) ڪتاب ۾ لکي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي (دين ۽ دنيا جي سڀني ڪمن ۾) مؤمنن کي سندن جان کان وڌيڪ حقدار ۽ قريب آهي ۽ رسولِ عربيءَ جون گھر واريون مؤمنن جون مائرون آهن، ۽ سندن رشتيدار لوحِ محفوظ ۾ ٻين مؤمنن ۽ مهاجرن جي به نسبت هڪ ٻئي کي وڌيڪ قريب آهن، مگر توهان پنهنجي دوستن سان (ورثي ۾) ڪا نيڪي ڪريو. اها ڳالهه لوحِ محفوظ ۾ لکيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي (ڇو ته ڄڻ هو امت جو مهربان پيءُ آهي) ۽ سندن زالون انهن جون (ڄڻ ته) مائرون آهن. ۽ مائٽي وارا (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي خدا جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن، پر پنهنجن دوستن سان ڪا ڀلائي ڪريو (ته ٻي ڳالھ آهي) اهو (حڪم ته خدا جي) ڪتاب ۾ لکيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نبي اولى آهي مؤمنن کي سندن جندن کان ۽ ان جون گهر واريون سندن مائرون آهن ۽ مائٽيءَ وارا هڪ ٻئي جا پاڻ وڌيڪ ويجها آهن الله جي ڪتاب ۾ مؤمنن ۽ مهاجرن مان مگر هي ته ڪيو پنهنجن دوستن سان احسان اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي ۽ سندس زالون انهن جون مائرون آهن. ۽ مائٽيءَ وارا (پاڻ ۾ ) هڪ ٻئي کي الله جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان زياده ويجها آهن پر پنهنجن دوستن سان ڪا ڀلائي ڪريو (ته جائز آهي)، اهو (حڪم) ڪتاب ۾ لکيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نبي (ﷺ )ايمان وارن تي سندن جانين کان به وڌيڪ حق رکڻ وارو آهي ۽ سندس گهرواريون مؤمنن جون مائرون آهن. ۽ رت جا رشتيدار (پاڻ ۾) هڪ ٻئي کي الله جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها (۽ وڌيڪ حق رکڻ وارا)آهن، سواءِ هن جي جو توهان پنهنجي دوستن سان ڪا نيڪي ڪيو. اهو حڪم ڪتاب ۾ لکيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُرسل مُؤمنن جو، صَحِي سَنڀاليدار، سَندنِ جانِيَن، جِگرن کان، بِهتر برقرار، ۽ مائون تِن جون، تِنهن سَنديون بِيبِيُون برقرار، ۽ مُؤمِن ۽ مُهاجِرن مان مِٽ مائـِٽ درجي وار، هِڪ ٻِئان وَڌ حَقدار، قادِر جي ڪِتاب ۾. پر پَرانهَن لئي، پَنهنجِي، ڪيان نيڪِي ڪا، ته ثابِت آهي سا، قَلمبَند ڪِتاب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نبي مؤمنن لاءِ انهن جي پنهنجي پاڻ کان به وڌيڪ حق رکي ٿو، ۽ ان جون بيبيون سندن مائون آهن_ ۽ الله جي ڪتاب ۾ مائٽيءَ وارا هڪ ٻئي جا پاڻ ۾ ٻين مومنن ۽ مهاجرن کان وڌيڪ ويجها آهن_ سواءِ انهي جي، جو پنهنجن دوستن سان احسان ڪريو_ اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ نبي ته مؤمنن تي سندن پنهنجي جان کان به وڌيڪ حق رکي ٿو ۽ سندس زالون انهن جون مائرون آهن، پر الله جي لکئي مطابق عام مؤمنن ۽ مهاجرن جي ڀيٽ ۾ مٽ مائٽ هڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آهن، باقي پنهنجن ساٿين سان توهان ڀلائي (ڪرڻ چاهيون ته) ڪري سگهو ٿا. اهو حڪم الله جي ڪتاب اندر لکيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ نبي ته ترجيح رکڻ جو مؤمنن تي (ذاتي طور تي) حقدار آهي ۽ نبيءَ جون گهر واريون سندن مائرون آهن، ۽ مٽ مائٽ ڪي انهن کان وڌيڪ ويجها الله جي ڪتاب موجب عام مؤمنن ۽ مهاجرن جي مقابلي ۾ (هڪ ٻئي تي) وڌيڪ حق رکن ٿا، البته توهان ڪا ڀلائي ڪرڻ چاهيو دوستن سان ته ڪري سگهو ٿا، اهو ئي حڪم آهي جيڪو الله جي ڪتاب ۾ لکيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نبي (سڳوري) جو حق ايمان وارن تي سندن جانين کان به وڌيڪ آهي ۽ ان جون گهر واريون مؤمنن جون مائرون آهن ۽ الله تعالى جي قانون ۾ مٽ مائٽ ٻين مؤمنن ۽ مھاجرن جي مقابلي ۾ وڌيڪ حقدار آهن، پر (ميراث جي حقن کي الڳ رکي) توهان پنھنجي ساٿين سان ڪا ڀلائي ڪرڻ گهرو ته اهو توهان جي لاءِ جائز آهي. اهو حڪم ڪتاب ۾ لکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذنا مِنَ النَّبِيّۦنَ ميثٰقَهُم وَمِنكَ وَمِن نوحٍ وَإِبرٰهيمَ وَموسىٰ وَعيسَى ابنِ مَريَمَ وَأَخَذنا مِنهُم ميثٰقًا غَليظًا (آيت : 7) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبرن کان سندن انجام ورتوسون ۽ (پڻ) توکان ۽ نُوح ۽ ابراھيم ۽ مُوسىٰ ۽ عِيسىٰ پٽ مريم جي کان به، ۽ (ھن لاءِ) کانئن پڪو انجام ورتوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته اسان نبين کان عهد اقرار ورتو هو ۽ (اي پيغمبر!) توکان به عهد اقرار ورتو اٿئون ۽ نوح کان، ابراهيم کان، موسيٰ ۽ عيسيٰ ابن مريم کان به ورتو هيوسين. انهن سڀني کان پڪو عهد اقرار ورتو هيوسين (ته رسالت ۽ تبليغ وغيره جو ڪم پوري ثابت قدميءَ سان ڪندا رهندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان اهو وقت ياد ڪريو جڏهن اسان نبين کان ميثاق (پڪو وعدو) ورتو ۽ توهان کان ۽ (حضرت) نوح کان ۽ (حضرت) ابراهيم کان ۽ (حضرت) موسيٰ ۽ (حضرت) عيسيٰ بن مريم کان، ۽ اسان انهن کان مضبوط ميثاق ورتو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو. ۽ (خاص ڪري) تو کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ مريم جي پٽ عيسى کان ۽ اسان کانئن پڪو انجام ورتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ورتوسون نبين کان سندن وعدو ۽ اوهان کان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ عيسى مريم جي پٽ کان ۽ ورتوسون انهن کان وعدو پڪو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو. ۽ (خاص ڪري) توکان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ مريم جي پٽ عيسيٰ کان ۽ اسان کانئن پڪو انجام ورتو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) نبين جي ان انجام ۽ اقرار کي جيڪو اسان انهن کان ورتو ۽ (خاص) تو کان ورتو ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسى ۽ مريم جي پُٽ عيسى کان ورتو ۽ اسان انهن کان پڪو انجام ورتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن مِڙن مُرسلن کان، وَرتو اَسان انجام، ۽ تو ۽ نُوح، اِبراهيم کان، مُوسٰى، عِيسٰى ڄام، ۽ تاڪيد ساڻ تمام، وَرتاسون وعدا اُنهن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو، ۽ توکان ۽ نوح، ابراهيم، موسيٰ ۽ عيسيٰ پٽ مريم کان به، کانئن پڪو انجام ورتوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (اي نبي) ياد رک انهيءَ عهد کي، جيڪو اسان سڀني نبين کان ورتو آهي، توکان به ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ ابن مريم کان به، سڀني کان اسان پڪو عهد وٺي چڪا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) ياد ڪر ان وعدي کي جيڪو اسان سڀني نبين کان ورتو هو، ۽ توکان به ۽ نوح کان به ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ پٽ مريم کان به، ۽ ورتو آهي سڀني کان نهايت ئي وعدو پڪو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (اي نبيﷺ!) ياد ڪر جڏهن اسان سڀني نبين کان سندن انجام ورتو ۽ توهان کان به، نوح، ابراهيم، موسى ۽ عيسى پُٽ مريم (ؓ) کان به. (بھرحال) اسان انهن سڀني کان پڪو انجام ورتو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَسـَٔلَ الصّٰدِقينَ عَن صِدقِهِم وَأَعَدَّ لِلكٰفِرينَ عَذابًا أَليمًا (آيت : 8) |
ته (الله) سچن کان سندين سچائي بابت پُڇي، ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ سچن (پيغمبر) کان (قيامت جي ڏينهن) انهيءَ سچ (جي پيغام) بابت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح خدا جا حڪم پهچائون ۽ ماڻهن ڪهڙيءَ طرح انهن تي عمل ڪيو) ۽ (جن نه مڃيو تن) ڪافرن لاءِ الله تعاليٰ سخت عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته پيغمبرن کان (رسالت جي تبليغ بابت) ضرور سوال پڇيو ويندو، ۽ الله تعالى، ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته سچن (پيغمبرن) کان سندن سچ بابت پڇي ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته پڇي سچن کان سندن سچ جو ۽ تيار ڪيائين ڪافرن جي لاءِ عذاب درد ناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته سچن کان سندن سچ بابت پڇي ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته (الله) سچن کان سندن سچ جي باري ۾ پڇي، ۽ ان ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان سَچن کان، سَندنِ سَچ جِي، پُڇاڪري پاڻ، پڻ ڪُل ڪفارن ڪاڻ، ساڙو سَخت سَنڀاهو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ لاءِ ته الله سچن کان سندن سچائي پڇي ۽ ڪافرن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته جيئن سچن ماڻهن کان (سندن رب) سندن سچائيءَ بابت پڇا ڪري ۽ ڪافرن لاءِ ته ان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته جيئن سوال ڪري (سندن رب) سچن کان سندن سچائيءَ جي باري ۾، ۽ تيار ڪيو آهي ڪافرن جي لاءِ عذاب تمام دردناڪ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن سندن پالڻھار سچن ماڻهن کان سندن سچائي جي باري ۾ پڇا ڪري ۽ ڪافرن لاءِ الله تعالى دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُروا نِعمَةَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ جاءَتكُم جُنودٌ فَأَرسَلنا عَلَيهِم ريحًا وَجُنودًا لَم تَرَوها وَكانَ اللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرًا (آيت : 9) |
اي ايمان وارؤ پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏھن (ڪافرن جا) لشڪر اوھان تي (چڙھائي ڪري) آيا تڏھن مٿن واءُ کي موڪليوسون ۽ (اوھان جي مدد لاءِ ملائڪن جا) اھڙا لشڪر به جن کي اوھان نه ٿي ڏٺو (پوءِ ڪافرن کي ڀڄائي اوھان کي بچايوسون) ۽ جيڪي ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مومنؤ! الله جي اوهان تي اها نعمت ۽ احسان ياد ڪيو جو جڏهن اوهان تي لشڪرن جا لشڪر چڙهائي ڪري آيا تڏهن اسان انهن (اوهان جي دشمنن) جي مٿان هڪڙو طوفان موڪليو ۽ اهڙا (پنهنجا) لشڪر (توهان جي مدد لاءِ) موڪلياسين جي توهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيا. پر الله تعاليٰ سڀ ڪجهه چٽيءَ طرح ڏسي ٿو. جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا سي چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان الله تعالى جون اهي نعمتون ياد ڪريو جيڪي ان توهان تي ڪيون آهن جنهن وقت توهان وٽ (ڪافرن جو) لشڪر آيو پوءِ اسان انهن تي طوفان ۽ اهو لشڪر (ملائڪن جو) موڪليو جيڪو توهان نه ڏٺو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! پاڻ تي خدا جا احسان ياد ڪريو جيڪي ان اوهان تي نازل ڪيا آهن (جنگ خندق ۾) جڏهن اوهان تي (ڪافرن جا) لشڪر چڙهائي ڪري آيا ته اسان (اوهان جي مدد ڪئي) مٿن طوفان موڪليو ۽ (تنهن کان سواءِ فرشتن جا) اهڙا لشڪر (موڪليا) جن کي اوهان ڏٺو به ڪين هو. ۽ خدا اوهان جي ڪم کي ڏسي رهيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ياد ڪيو الله جو احسان اوهان تي جڏهن آيا اوهان وٽ لشڪر پوءِ موڪليو اسان انهن تي واءُ ۽ لشڪر جو نه ڏٺو اوهان انهن کي ۽ الله ان کي جو اوهان ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏهن اوهان تي لشڪر چڙهائي ڪري آيا پوءِ اسان مٿن هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر (موڪليا) جنکي اوهان نه ٿي ڏٺو. ۽ الله اوهان جي ڪم (يعني جنگي تدبيرن) کي ڏسي رهيو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جو اهو احسان ياد ڪيو جڏهن توهان تي (ڪافرن جا) لشڪر چڙهائي ڪري آيا، پوءِ اسان انهن تي هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر (موڪليا) جن کي توهان نه پئي ڏٺو. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي اهي! دل جان سان، آندو جن ايمان، سندا صاحب ساريو، اوهان تي احسان، جڏهن اوهان تي آئيا، ڪٽڪ سندا ڪفران، پوءِ اماڻيو سون انهن مٿي، ڪو واءِ تکو طوفان، پڻ فوج فتشتن جي، جا اوهان ڏٺي ٿي ڪانه، ۽ جيڪي ڪريو منجھ جھان، الله ڏسندڙ ان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو، جڏهن اوهان تي ڪافرن جا لشڪر آيا، پوءِ اسان هنن تي طوفان موڪليو، ۽ اهڙا لشڪر، جن کي اوهان نٿي ڏٺو_ الله اوهان جي ڪمن کي ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! ياد ڪريو الله جو احسان جيڪو (اجهو) هن توهان تي ڪيو آهي، جڏهن توهان تي لشڪر ڪاهي آيا ته اسان مٿن هڪڙي ڏاڍي سخت هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر پڻ موڪلياسون، جيڪي توهان کي نظر نٿي آيا ۽ الله اهو سڀ ڪجهه پئي ڏٺو، جيڪو توهان ڪيو پئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن آندو آهي ايمان، ياد ڪريو ان احسان کي (جيڪو) الله توهان تي ڪيو آهي، جڏهن چڙهائي ڪري آيا لشڪر توهان تي، پوءِ موڪليائين انهن تي سخت طوفان ۽ اهڙا لشڪر به موڪليا جيڪي توهان کي نظر نٿي آيا، ۽ بيشڪ الله اهو سڀ ڏٺو پئي جيڪي توهان ان وقت ڪيو پئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي مٿان الله تعالى جي ان احسان کي ياد ڪريو جڏهن توهان تي (ڪافرن جي) لشڪرن وڏي چڙهائي ڪئي هئي ته اسان مٿن طوفاني هوا موڪلي ۽ اهڙا به لشڪر موڪليا جن کي توهان نه پيا ڏسي سگهو. الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ جاءوكُم مِن فَوقِكُم وَمِن أَسفَلَ مِنكُم وَإِذ زاغَتِ الأَبصٰرُ وَبَلَغَتِ القُلوبُ الحَناجِرَ وَتَظُنّونَ بِاللَّهِ الظُّنونا۠ (آيت : 10) |
جڏھن (اُھي) اوھان جي مٿان ۽ اوھان جي ھيٺان اوھان وٽ آيا ۽ اُنھيءَ مھل اکيون ٽِڙي ويون ۽ دليون (دھشت کان) نِڙ گھٽن کي پُھتيون ۽ الله جي به نسبت ڪيئي گمان ڀانيوَ ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته اهي (دشمن) توهان جي مٿئين طرف کان ۽ توهان جي هيٺئين طرف کان (جبلن تان ۽ هيٺاهين ماٿرين مان) توهان تي حملو ڪري آيا ۽ هراس ۾ (اوهان جون) اکيون ڦاٽي ويون ۽ دليون نڙيءَ ڏي چڙهي آيون ۽ توهان الله جي باري ۾ (اجايا) خيال ڪرڻ لڳؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت (لشڪر) توهان جي مٿئين ۽ هيٺئين پاسي کان آيو ٿي ۽ ان وقت (توهان جون) اکيون هيٺ ٿي ويون ۽ دليون گَلن تائين پهتيون ۽ توهان الله تعالى بابت (اميد ۽ نااميد) جا گمان ڪرڻ لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن وقت اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان اوهان تي (ڪافر) چڙهائي ڪري آيا ۽ تنهن وقت (توهان جون) اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون نڙگهٽن وٽ پهتيون (هيون) ۽ اوهين خدا بنسبت ڪيترا (بد) گمان ٿي ڪيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن آيا اوهان وٽ اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان ۽ جڏهن ٿڙيون اکيون ۽ پهتيون دليون نرگهٽن کي ۽ ڪيو پيا الله جي باري ۾ ڪئين گمان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن وقت اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان اوهان تي چڙهائي ڪري آيا ۽ ان وقت اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون نڙگهٽن کي پهتيون ۽ اوهان الله به نسبت ڪيترا گمان ٿي ڪيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن مهل اُهي (ڪافر) توهان تي مٿان کان ۽ توهان جي هيٺان کان توهان تي چڙهائي ڪري آيا ۽ جڏهن اکيون ڦِري ويون ۽ دليون نڙگهٽن کي اچي پهتيون ۽ توهان الله جي باري ۾ طرح طرح جا گمان پئي ڪيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏهن اَوهان تي آئـِيا، هيٺان مَٿان ميان!، ۽ اکيون اولاڻيون ٿيون، ۽ هِڪيَن رساهِنيان،۽ ڪِهڙا گمان ڪَيان، اُنهِئ وير اَلله ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو اوهان جي مٿئين پاسي خواهه هيٺئين پاسي کان اوهان وٽ آيا؛ جڏهن اکيون ٿڙڻ لڳيون، دليون وڃي نڙ گهٽن کي پهتيون، ۽ اوهان الله بابت ڪئين گمان ڪيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن دشمن مٿان توڙي هيٺان توهان تي ڪاهي آيا ۽ جڏهن خوف کان اکيون ڦاٽي ويون ۽ دليون وڃي نڙگهٽن کي پهتيون ۽ توهان ماڻهو الله بابت قسمين قسمين گمان ڪرڻ لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن آيا (دشمن) چڙهائي ڪري توهان جي مٿان کان ۽ هيٺان کان توهان تي، ۽ جڏهن خوف کان اکيون ڦوٽارجي ٿي ويون ۽ هيئان ڦاٽڻ ٿي لڳا (نڙيون) ۽ طرحين طرحين جا الله جي باري ۾ گمان ڪرڻ لڳؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اهي لشڪر هر طرف کان توهان جي مٿان چڙهائي ڪري آيا ان وقت توهان جي اکين جا دوڏا نڪري آيا، دليون نڙگهٽن تائين وڃي پھتيون ۽ توهان الله تعالى جي باري ۾ مختلف گمان ڪرڻ لڳا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُنالِكَ ابتُلِىَ المُؤمِنونَ وَزُلزِلوا زِلزالًا شَديدًا (آيت : 11) |
اُتي مُؤمنن کي پرکيو ويو ۽ کين تمام سخت لوڏيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ موقعي ۽ حالت ۾ مؤمن وڏي آزمائش هيٺ اچي ويا ۽ سخت زلزلي ۾ وڌا ويا. (پر هو دلير ٿي ثابت قدم رهيا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان جاءِ تي مؤمنن کان امتحان ورتو ويو ۽ کين سخت پريشان ٿيڻو پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت جهنجوڙيو ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اتي آزمايا ويا مؤمن ۽ لوڏيا ويا سخت زلزلي سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت لوڏيو ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ انهن کي نهايت سختي سان جھنجھوڙيو ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا اِمتحان ۾، مُؤمن تِنهِين ماڳ، ۽ آيا کين اَجھاڳ، ڏاڍا لوڏا لَهريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اتي مومنن کي پرکيو ويو ۽ انهن کي تمام سخت ڌونڌاڙيو ويو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ وقت ايمان وارا ڏاڍي آزمائش ۾ وڌا ويا ۽ خوب ڌونڌاڙيا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت خوب آزمايا ويا مؤمن ۽ خوب تر ڌونڌاڙيا ويا شديد طرح (سختيءَ) سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي وقت (مضبوط) ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت ڌونڌاڙيو ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ يَقولُ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ إِلّا غُرورًا (آيت : 12) |
۽ اُنھيءَ مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي تن چيو ٿي ته الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ٺڳيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انجام نه ڏنو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو، منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوري ۽ بي همتيءَ جو) مرض آهي سي چوڻ لڳا ته، الله ۽ الله جو رسول جيڪي واعدا (ڪاميابيءَ ۽ غلبي جا) اسان کي ڏنا هئا سي فقط ٺڳي فريب ۽ دوکا هئا. (اسان هاڻي فنا ٿي وينداسين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان وقت منافق ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ مرض هو انهن چيو ته الله ۽ الله جي رسول اسان سان فتح جو ڪوڙو وعدو ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان وقت منافقن ۽ جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري هئي تن ٿي چيو ته خدا ۽ سندس رسول اسان سان رڳو ڌوڪي جو انجام ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چون پيا منافق ۽ اهي شخص جن جي دلين ۾ بيماري آهي ته نه وعدو ڏنو اسان کي الله ۽ ان جي رسول مگر ڌوڪو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان وقت منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي تن ٿي چيو ته الله ۽ سندس رسول اسان سان رڳو ڌوکي جو انجام ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان وقت منافقَ ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي چوڻ لڳا ته: ”اسان سان الله ان جي رسول (ﷺ) رڳو دوکي جو (فتح جو) وعدو ڪيو هيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻوليو جڏهن ٻِچاپڙن، ۽ جَن جي اَندر ۾ آزار، ته اَلله پاڪ اسان کي، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، ڏِنان نه قَول قرار، ڌوڪي ڌاران ڪي ٻِيا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن منافقن ۽ دل جي بيماريءَ وارن چيو ته ”اسان کي الله ۽ رسول رڳو ٺڳيءَ جو انجام ٿي ڏنو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو اهو وقت جڏهن منافق ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي دلين ۾ بيماري هئي، کليو کلايو چئي رهيا هئا ته الله ۽ سندس رسول جيڪي وعدا اسان سان ڪيا هئا سي ته رڳو دوکو هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪريو اهو وقت) جڏهن چئي رهيا هئا صاف صاف منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ مرض هو، ته جيڪي اسان سان وعدا ڪيا هئا الله ۽ سندس رسول سي دوکي کان سواءِ ڪجهه نه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان وقت منافقن ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ (بدنيتي جي) بيماري هئي، تن چيو ته الله تعالى ۽ ان جي رسول (ﷺ) طرفان اسان سان جيڪي به وعدا ڪيا ويا هئا، سي سڀ رڳو ڌوڪو ثابت ٿيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَت طائِفَةٌ مِنهُم يٰأَهلَ يَثرِبَ لا مُقامَ لَكُم فَارجِعوا وَيَستَـٔذِنُ فَريقٌ مِنهُمُ النَّبِىَّ يَقولونَ إِنَّ بُيوتَنا عَورَةٌ وَما هِىَ بِعَورَةٍ إِن يُريدونَ إِلّا فِرارًا (آيت : 13) |
۽ اُنھي مھل منجھانئن ھڪ ٽوليءَ چيو ته اي مديني وارؤ اوھان لاءِ (ھتي ترسڻ جي) ڪا جاءِ ڪانھي تنھنڪري موٽو، ۽ منجھانئن ھڪ ٽوليءَ پيغمبر کان موڪلايو ٿي ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گھر ھيڪلا آھن، حالانڪ اُھي ھيڪلا نه ھوا، ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو ارادو نه ھون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن مان هڪڙي ٽوليءَ ته چئي ڏنو ته اي مديني جا رهواسيؤ! توهان (حملي ڪندڙن جي مقابلي ۾) بيهي به ڪونه سگهندؤ، سو موٽو پوئتي ۽ انهن مان هڪڙي ٽولي نبي(ﷺ) کان (گهرن ڏي وڃڻ جي) موڪل ٿي گهري ۽ چيو ٿي ته، يقيناً اسان جا گهر محفوظ ناهن (۽ سخت خطري ۾ آهن) اگرچه اهي گهر غير محفوظ نه هئا. انهن جو ارادو فقط ڀڄي وڃڻ جو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهن مان هڪ گروه چيو تي اي مدينه جا رهاڪو هتي توهان جي جاءِ ناهي پوءِ توهان موٽي وڃو، ۽ انهن مان هڪڙي فريق (منافق) رسولِ عربي کان اجازت وٺن ٿا، چون ٿا ته بيشڪ اسان جا گھر اڪيلا آهن، ۽ سندن گهر اڪيلا ناهن، اهي (جهاد کان) فرار ٿيڻ چاهين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن مان هڪ ٽولو چوڻ لڳو ته اي مديني وارو! (دشمن جي مقابلي ۾) اوهان جي جاءِ نه آهي ته (چڱو ائين آهي ته) موٽي هلو پڻ انهن مان ڪي ماڻهو رسول کان (گهر موٽي وڃڻ جي اجازت وٺڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته اسان جا گهر (مردن کان) بلڪل خالي پيا آهن هوڏانهن اهي خالي ۽ (غير محفوظ) نه هئا (پر) اهي ماڻهو ته (ان بهاني سان) رڳو ڀڄي وڃڻ پيا گهرن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو جماعت هڪڙيءَ انهن مان اي يثرب وارؤ! ناهي ڪا ٽڪڻ جي جاءِ اوهان لاءِ پوءِ موٽو ۽ موڪلائي پيو هڪ ٽولو انهن مان نبي کان چون پيا ته يقينًا اسان جا گهر کليل (اڪيلا) آهن ۽ ناهن اهي کليل (اڪيلا) نه ٿا ارادو ڪن مگر ڀڄڻ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان وقت انهن مان هڪ جماعت ٿي چيو ته اي مديني وارو! اوهان لاءِ (هتي دشمن جي مقابلي ۾ ) بيهڻ جي جاءِ نه آهي تنهنڪري موٽي وڃو ۽ انهن مان هڪ جماعت نبيءَ کان موڪل ٿي گهري. چيائون ٿي ته اسان جا گهر هيڪلا آهن هوڏانهن اهي هيڪلا نه آهن. اهي رڳو ڀڄڻ جو ارادو ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان وقت انهن مان هڪ ٽولي چيو ته : ”اي مديني وارؤ هتي توهان جي پير کُپــَـــڻَ جي جاءِ ناهي، سو واپس (گهرن ڏانهن) موٽي وڃو“، ۽ انهن مان هڪ ٽولي نبي (ڪريم ﷺ) کان موڪل گهرندي چيو پئي ته: ”اسان جا گهر غير محفوظ آهن“.. حالانڪه اُهي کليل (غير محفوظ) نه هئا.. انهن (ان بهاني سان) صرف ڀڄڻ پئي چاهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِنهِن ٻارِئَ ٻوليو، تَن مَنجھان، ته اي يثرب وارا! موٽو مَتارا!، هِت ماڳ نه اَهنجو مُورِهِين. ۽ ڪي ماڻهو تَن مان، مُرسل کان موڪلائـِين، چي، هَي هَي! گَھر هيڪلا، اَسان جا آهِينِ ۽ هُو نه هرگز هيڪلا، ٿا ڪُوڙن ۾ ڪاهِينِ، چَٽ نه ٻِئو چاهِينِ، مگر ڀَڄڻ ميدان مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن منجهانئن هڪ ٽوليءَ چيو ته ”اي مديني وارؤ! اوهان لاءِ هاڻ بيهڻ جو هنڌ ڪونهي، تنهن ڪري موٽو پوئتي،“ ۽ انهن مان هڪ ٽولي نبيءَ کان اچي موڪل گهري، چي ” اسان جا گهرا اڪيلا آهن“- پر اهي اڪيلا ڪو نه هئا- هنن جو ارادو ڀڄڻ جو ئي هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن منجهانئن هڪ ٽولي چيو ته "اي يثرب (مديني) وارؤ! توهان لاءِ هاڻي بيهي سگهڻ جي جاءِ ناهي موٽي هلو". ۽ هڪ ٽولو اهو چئي نبيءَ کان موڪل گهري رهيو هو ته "اسان جا گهر اڪيلا هجڻ ڪري خطري ۾ آهن" حالانڪه اهي خطري ۾ نه هئا، اصل ۾ انهن (جنگ کان) ڀڄڻ پئي گهريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن چيو هڪ ٽولي انهن مان، ”اي يثرب وارؤ! ناهي ڪو ترسڻ جو موقعو توهان جي لاءِ موٽي هلو، ۽ جڏهن اجازت وٺي رهيو هو هڪ ٽولو انهن مان نبيءَ کان ائين چئي ته، يقينًا اسان جا گهر خطري ۾ آهن ۽ جڏهن ته اهي خطري ۾ نه هئا، جڏهن ته اهي چاهين پيا جنگ جي ميدان مان ڀڄي وڃڻ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان هڪ ٽولي چيو ته اي مديني وارؤ! توهان جي لاءِ هاڻي موٽڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نه آهي. هڪ ٽولي ته نبي (ﷺ) کان واپس وڃڻ جي اجازت به گهري ۽ چيائين ته اسان جا گهر اڪيلا آهن. حالانڪه انهن جا گهر اڪيلا نه هئا، هو ته رڳو (جنگ جي ميدان مان) ڀڄڻ چاهين پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو دُخِلَت عَلَيهِم مِن أَقطارِها ثُمَّ سُئِلُوا الفِتنَةَ لَءاتَوها وَما تَلَبَّثوا بِها إِلّا يَسيرًا (آيت : 14) |
۽ جيڪڏھن اُن (مديني) جي آس پاس کان مٿن ڪا (ڪافرن جي فوج) اچي ڪڙڪي ھا وري کانئن گھُرو جنگ گھُرڻ ۾ اچي ھا ته ضرور اُھا ڪن ھا ۽ اُن لاءِ ٿوري (دير) کان سواءِ ترسن ئي نه ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن دشمن شهر جي ڪن طرفن کان شهر ۾ گهڙي پون ها ۽ انهن (منافقن ۽ ضعيف دل ماڻهن) کي چيو وڃي ها ته (حضرت جن جي خلاف) بغاوت ڪيو ته، بغاوت ڪري ڏين ها ۽ انهيءَ بغاوت ڪرڻ ۾ ڪا ٿوري دير ڪن ها؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن مدينه منوره جي طرف کان انهن تي لشڪر اچي ها ان کان پوءِ اهي انهن کان ڪفر چاهن ها ته ضرور ايئن ڪن ها ۽ نه رهيا مدينه ۾ مگر ٿوري دير(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪڏهن (اهڙو ئي لشڪر) انهن تي مديني جي آس پاس کان (سندن مٿان) اچي پوي ۽ کين فساد (خانه جنگي) ڪرڻ جو چئجي (ها) ته اهي ماڻهو ان لاءِ اچي گڏ ٿين ها ۽ (پوءِ) پنهنجي گهرن ۾ به نه ٽڪن ها. (پر هي ته جهاد آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن داخل ڪئي وڃي ها انهن تي ان جي پاسن کان ان کان پوءِ طلب ڪيا وڃن ها جنگ ته البته اچن ها ان لاءِ ۽ نه ترسن ها اتي مگر ٿوري دير .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن شهر ۾ مٿن ان جي آس پاس کان ڪا فوج گهڙي اچي ها وري کين خانه جنگي جو چيو وڃي ها ته اها ضرور ڪن ها ۽ ان (ڪرڻ) ۾ ٿوريءَ دير کان سواءِ بالڪل نه ترسن ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن انهن تي مديني جي چؤ طرف کان فوجون داخل ڪيون وڃن ها پوءِ کين خانه جنگي ڪرڻ جو چيو وڃي ها ته اها ضرور ڪن ها ۽ ان ۾ دير نه ڪن ها مگر ٿورڙي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گِھڙِي سَندسِ گھاٽن مان، ڪاهِن مَٿنِ ڪُفار، موٽِي کين مدد لئي، ڪئـِي ويئي ڪُوڪار، ته عَمل ڪيائون اُن مَٿي، تهدِل ٿِي تيار، ٿورِي ويرم ڌار، تِنهن ۾ دير نه ڌارتون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن مٿن گهرن جي آسپاس کان ڪا فوج اچي ڪڙڪي ها، پوءِ کانئن جنگ جي گهر ٿئي ها، ته جيڪر ضرور ان تي اچن ها ۽ ڪا ٿورڙي دير مس ترسن ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن دشمن شهر جي پاسن کان گهڙي اچن ها ۽ ان وقت کين فتني ڏانهن سڏيو وڃي ها ته اهي ڌو وڃي ان ۾ پون ها ۽ فتني ۾ شريڪ ٿيڻ ۾ کين ڪا ٿورڙي دير ٿئي ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي گِهڙي اچن ها دشمن شهر جي پاسن کان ۽ انهن کي سڏيو وڃي ها فتني (بغاوت) ڏانهن ته اهي ان ۾ وڃي پون ها ۽ کين هٽڪ ئي نه ٿئي ها ان کان پر ڪا ٿوري ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن انهن جي مٿان آس پاس کان ڪا فوج ڪاهه ڪري اچي ها ۽ کين (مسلمانن کي ختم ڪرڻ لاءِ) آمادهه ڪري ها ته هي ماڻهو دير ئي نه ڪن ها ۽ ضرور انهن سان وڃي ملن ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد كانوا عٰهَدُوا اللَّهَ مِن قَبلُ لا يُوَلّونَ الأَدبٰرَ وَكانَ عَهدُ اللَّهِ مَسـٔولًا (آيت : 15) |
۽ (ھن کان) اڳ الله سان انجام ڪيو ھوائون ته (ڀڄڻ لاءِ) پٺيون نه ڦيريندا، ۽ الله جي انجام جي (ضرور) پُڇا ڪئي ويندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حالانڪ هنن اڳي الله کي (يعني سندس رسول کي) عهد اقرار ڏنو هو ته اسان (اهڙن موقعن تي هرگز) پٺيون ڏيئي ڀڄي ڪونه وينداسين. (کين ياد رکڻ گهربو هو ته) الله سان ڪيل عهد اقرار بابت ضرور کانئن باز پرس ٿيندي (يعني کانئن پڇاڻو ٿيندو ۽ عهد ڀڃڻ ڪري کين سخت سزا ملندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهيءَ کان اڳ ۾ اهي الله تعالى سان وعدو ڪري چُڪا هئا ته پُٺي ورائي ڪو نه ڀڄندا، ۽ الله تعالى سان ڪيل وعدي جي پڇا ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوڏانهن انهن ماڻهن هن کان اڳ ۾ ئي خدا سان انجام ڪيو هو ته اسين (دشمن جي مقابلي ۾ پنهنجي) پٺ نه ڦيرينداسون. ۽ خدا سان ڪيل انجام جي پڇا ته (هڪ نه هڪ ڏينهن) ٿيڻي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق عهد ڪيو هيائون الله سان اڳ ۾ ته نه ڦيرائيندا پٺيون ۽ آهي الله جو عهد پڇا ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن هن کان اڳي الله سان انجام ڪيو هو ته پٺيون نه ڦيريندا ۽ الله جي انجام جي پڇا ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن هن کان اڳ الله سان انجام ڪيو هيو ته پٺي ورائي نه ڀڄندا. ۽ الله سان ڪيل انجام جي پڇا ٿيندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اڳ ۾، تَن اَلله سان، قول ڪيائون ڪالھ، ته پِڙ ۾ پُٺيون پانهنجون، موڙيندا نه مجال، ۽ صبحان، ڪالھ سُوال، اَلله ساڻ اَنجام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هنن انهي کان اڳ الله سان انجام ڪيو هو، ته پٺ نه ڦيرائيندا- سو الله جي انجام جو پڇاڻو ضرور ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن هن کان اڳ الله سان عهد ڪيو هو ته پٺي نه ڏيندا، ۽ الله سان ڪيل عهد جو پڇاڻو ته ٿيڻو ئي هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن وعدو ڪيو هو الله سان ان کان اڳي، ته نه ڏيندا اهي پٺي، ۽ ڪيل وعدي الله سان ته پڇاڻو ٿيڻو ئي هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حالانڪه انهن ان کان اڳ الله تعالى سان پُٺي نه ڦيرڻ جو وعدو ڪيو هو. ۽ الله تعالى سان ڪيل وعدن جو پڇاڻو ته ضرور ٿيڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لَن يَنفَعَكُمُ الفِرارُ إِن فَرَرتُم مِنَ المَوتِ أَوِ القَتلِ وَإِذًا لا تُمَتَّعونَ إِلّا قَليلًا (آيت : 16) |
(کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄندؤ ته ڀڄڻ اوھان کي فائدو نه ڏيندو ۽ اُنھيءَ مھل بلڪل ٿورو فائدو ڏنو ويندوَ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان ٿا ڀڄو ته اهو ڀڄڻ توهان کي ڪجهه به فائدو نه ڏيندو. (يا دشمن اوهان کي قتل ڪندا يا پنهنجي ڌر بغاوت جي بدلي ۾ اوهان کي قتل ڪندي) ۽ (جيڪڏهن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب به ٿيو ته به) ڪو ٿورو وقت سلامتيءَ جو ماڻيندؤ (جلدئي سزا ۽ موت اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو توهان کي فرار ٿيڻ هرگز فائدو نه ڏيندو، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان ڀڄندا ۽ ان حالت ۾ توهان تمام ٿورو فائدو وٺي سگھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر کين!) چئو ته جيڪڏهن اوهين موت يا قتل جي خوف وچان ڀڄو به ته (اهو) ڀڄڻ اوهان جي لاءِ ڪهڙي فائدي جو ٿيندو پر جيڪڏهن اوهين ڀڄي به ويا ته رڳو اهو نه ته (دنيا) ۾ ٻٽي ڏينهن پيا آرام ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته هرگز نفعو نه ڏيندو اوهان کي ڀڄڻ جيڪڏهن ڀڄندؤ موت کان يا قتل کان ۽ ان وقت نه نفعو ڏنا ويندؤ اوهان مگر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄو ٿا ته اوهان کي ڀڄڻ فائدو نه ڏيندو ۽ ان حالت ۾ ٿورن ڏينهن کان سواءِ اوهان کي فائدو نه ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ توهان کي ڀڄڻ ڪو فائدو ڪونه ڏيندو، جيڪڏهن توهان موت يا قتل کان (ڊڄندي) ڀڳا ته توهان کي ٿوري مدت کان سواءِ فائدو نه ڏنو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو ڀَڄڻ بِلڪُل آن کي، ڏئـِي نه وَٽابو وار، جي موت ۽ مُقابلي کان، ڀَڄندا ٿِي بيزار، ۽ نه وَر سنداتِنهن وار، مگر مهلت ٿورڙِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن اوهين موت ۽ قتل کان ڀڄندؤ، ته به ڀڄڻ اوهان کي فائدو ته ڪونه ڏيندو، ان وقت ڪو بلڪل ٿورو فائدو ملندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته جيڪڏهن توهان موت کان يا قتل ٿيڻ کان ڀڄندؤ ته اهو ڀڄڻ توهان کي ڪو به فائدو نه ڏيندو ۽ ان کان پوءِ ڪو ٿورڙو عرصو زندگيءَ جا مزا ماڻي سگهندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ، ڪوبه فائدو توهان کي نه ٿيندو ڀڄڻ جو يا موت اچي وڃڻ جو، يا قتل ٿي وڃڻ جو، پوءِ به زندگي جا مزا ماڻڻ جو تمام ٿورو وقت توهان کي ملندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان موت يا قتل ٿيڻ کان ڀڄو ٿا ته اهو ڀڄڻ توهان کي بلڪل به فائدو نه ڏيندو، پر جيڪڏهن فائدو مليو به ته تمام ٿورڙن ڏينھن جو ملندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل مَن ذَا الَّذى يَعصِمُكُم مِنَ اللَّهِ إِن أَرادَ بِكُم سوءًا أَو أَرادَ بِكُم رَحمَةً وَلا يَجِدونَ لَهُم مِن دونِ اللَّهِ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 17) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اوھان کي الله (جي عذاب) کان ڪير بچائيندو جيڪڏھن اُھو اوھان کي ڪا اوکائي پھچائڻ گھري يا اوھان کي ڪا ٻاجھ پھچائڻ گھري (ته اُھا ڪير روڪيندو؟)، ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو دوست ۽ نڪو مددگار لھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، ڪير آهي جو توهان کي الله تعاليٰ کان بچائي سگهندو، جيڪڏهن هو اوهان کي سزا ۽ عذاب ڏيڻ چاهي. ۽ جيڪڏهن هو اوهان تي رحمت ڪرڻ چاهي (ته ڪير انهيءَ رحمت کي هٽائي ٿو سگهي) انهن ماڻهن کي الله کان سواءِ ڪوبه بچائيندڙ ۽ مددگار نه لڀندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو، توهان کي الله تعالى جي حڪم کان ڪير بچائي سگهي ٿو جيڪڏهن اهو توهان لاءِ برائي يا ڀلائي جو ارادو رکي ٿو. ۽ اهي الله تعالى کانسواءِ ڪو دوست ۽ مددگار نٿا لهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر کين چئو ته جيڪڏهن) خدا توهان سان برائيءَ جو ارادو ڪري ته (ڀلا) اوهان کي ان (جي عذاب) کان ڪير اهڙو آهي جو بچائي يا رڳو ڀلائي ڪرڻ گهري (ته کيس ڪير منع ڪندو!) ۽ اهي ماڻهو خدا کان سواءِ نه ته ڪنهن کي پنهنجو سرپرست (والي) لهندا ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪير آهي جيڪو بچائيندو اوهان کي الله کان جيڪڏهن ارادو ڪري اوهان کي تڪليف ڏيڻ جو يا ارادو ڪري اوهان سان مهربانيءَ جو ۽ نه لهندا پنهنجي لاءِ الله کان سواءِ ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي نبيﷺ !) کين چئو ته جيڪڏهن الله اوهان سان برائي ڪرڻ گهري ته ڪير اوهان کي الله (جي عذاب) کان بچائيندو يا اوهان سان مهرباني ڪرڻ گهري (ته ڪير ان کي روڪي سگهندو) ۽ اهي الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نه ڪو دوست ۽ نه مددگار لهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڪير آهي؟ جيڪو توهان کي الله کان بچائيندو اگر اُهو اوهان کي تڪليف ڏيڻ چاهي يا توهان سان ٻاجهه ڪرڻ چاهي. ۽ اُهي پنهنجي لاءِ الله جي مقابلي ۾ نه ڪو ڪارساز لهندا ۽ نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، اَوهان کي اَلله کان، ڏِيندو ڪير پَناھ؟ جي ڏُک ڏِيڻ گُھري ڪو، اَوهان کي اَلله، يا ڪَرڻ اوهان تي ڪا گُھري، بَخشش بادشاھ، واهر، وسيلو واھ، لهندا نه ڌڻئ ڌارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڀلا ڪير اوهان کي الله کان بچائيندو، جيڪڏهن هو اوهان کي ڪا تڪليف پهچائڻ گهري يا اوهان کي ٻاجهه پهچائڻ گهري؟ هو پاڻ لاءِ الله کان سواءِ نڪو دوست ڏسندا، نڪو مددگار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته ڀلا ڪير آهي، جيڪو توهان کي الله کان بچائي سگهي، جيڪڏهن هو توهان کي نقصان رسائڻ گهري؟ يا وري ڪير سندس رحمت کي روڪي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو توهان تي اها ڪرڻ گهري؟ الله جي مقابلي ۾ ته اهي ڪوبه دوست ۽ مددگار نٿا لهي سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چَوين ته ڪير آهي جيڪو بچائي سگهندو هجي توهان کي الله کان، اگر اهو ارادو ڪري توهان کي نقصان ڏيڻ جو؟ يا ڪير آهي جيڪو توهان لاءِ روڪي ان جي رحمت کي، جيڪڏهن اهو توهان تي ڪا مهرباني ڪرڻ گهري! مقابلي الله جي ۾ ته اهي ماڻهو ڪوبه ڏسي نٿا سگهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته جيڪڏهن الله تعالى اوهان کي ڪا تڪليف ڏيڻ چاهي ته ڪير آهي جيڪو توهان کي بچائي؟ ۽ جيڪڏهن هُو توهان سان مھرباني ڪرڻ گهري ته (ڪير ان کي روڪي سگهي ٿو؟) الله تعالى کان سواءِ کين ٻيو ڪير به حامي ۽ مددگار نه ملي سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد يَعلَمُ اللَّهُ المُعَوِّقينَ مِنكُم وَالقائِلينَ لِإِخوٰنِهِم هَلُمَّ إِلَينا وَلا يَأتونَ البَأسَ إِلّا قَليلًا (آيت : 18) |
اوھان مان (جھاد کان) جھليندڙن ۽ پنھنجن ڀائرن کي (ھئن) چوندڙن کي ته اسان ڏانھن اچو بيشڪ الله ڄاڻندو آھي، ۽ ٿورن کانسواءِ (ٻيا) لڙائي ۾ نه ٿا اچن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ اوهان مان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (ٻين کي لڙائي ڪرڻ کان) روڪين ٿا ۽ چون ٿا ته، اسان ڏي هليا اچو ۽ لڙائي ۾ شريڪ نٿا ٿين، پر ڪو ٿورو وقت.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان مان الله تعالى انهن ماڻهن کي ڄاڻي ٿو جيڪي جهاد کان روڪين ٿا ۽ اهي پنهنجي ڀائرن کي چون ٿا ته توهان اسان ڏانهن هليا اچو، ۽ اهي جنگ ۾ نٿا اچن مگر ٿورا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان مان جيڪي ماڻهو (ٻين کي جهاد کان) جهلين ٿا تن کي خدا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پڻ (انهن کي ڄاڻي ٿو) جيڪي پنهنجي ڀائي بندن کي چون ٿا ته اسان ڏي ئي هليا اچو. ۽ پاڻ به (فقط نالي ماتر) جنگ (جي ميدان) ۾ رڳو ٿورو اچي تو کان پاڻ بچائي (۽ هليا ويا)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق ڄاڻي ٿو الله روڪيندڙن کي اوهان مان ۽ چوندڙن کي پنهنجن ڀائرن لاءِ ته اچو اسان ڏانهن ۽ نه ٿا اچن جنگ ۾ مگر ٿورا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله اوهان مان (جنگ کان) جهليندڙن ۽ پنهنجن ڀائرن کي هيئن چوندڙن کي ته (جنگ کي ڇڏي) اسان ڏي اچو، ڄاڻي ٿو. ۽ اهي اوهان (کي مدد ڪرڻ) کان ڪنجوسي ڪندي جنگ ۾ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله اوهان مان (جهاد کان) جهليندڙن کي ڄاڻي ٿو ۽ (انهن کي به) جيڪي پنهنجي ڀائرن کي هيئن چوڻ وارا آهن ته: ”اسان ڏانهن اچو“، ۽ اُهي جنگ ۾ نه ٿا اچن مگر تمام گهٽ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان مان آرسوئن کي، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻهار، پڻ چوندڙ پنهنجي ڀائرين ته اچو اسان جي پار، ڪن ٿورن ٿڪين ڌار، مورنه اچن ميدان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله انهن کي ڄاڻي ٿو، جي اوهان مان (جهادکان) روڪيندڙ آهن ۽ سندن ڀائرن کي چوندڙ آهن ته ”اسان ڏي اچو“ ۽ هو لڙائي تي ته تمام ٿورا ٿا اچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان مان انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (جنگ جي ڪم ۾) رنڊڪون وجهندڙ آهن، جيڪي پنهنجن ڀائرن کي چون ٿا ته "هليا اچو اسان ڏانهن". جيڪي لڙائيءَ ۾ بهرو وٺن به ٿا ته رڳو ائين اڇاترو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو الله انهن کي جيڪي رڪاوٽ وجهن ٿا توهان مان جنگ جي وقت) ۽ چون ٿا ڀائرن کي ته هليا اچو اسان جي پاسي ۽ اهي لڙائيءَ ۾ حصو به وٺن ٿا رڳو نالو ڳڻائڻ لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى انهن سڀني کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪي (ماڻهن کي جنگ کان) روڪين ٿا ۽ پنھنجي ڀائرن کي چون ٿا ته جنگ کي ڇڏي اسان ڏي اچو. هي ماڻهو ته جنگ ۾ تمام ٿورڙو ئي حصو وٺن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَشِحَّةً عَلَيكُم فَإِذا جاءَ الخَوفُ رَأَيتَهُم يَنظُرونَ إِلَيكَ تَدورُ أَعيُنُهُم كَالَّذى يُغشىٰ عَلَيهِ مِنَ المَوتِ فَإِذا ذَهَبَ الخَوفُ سَلَقوكُم بِأَلسِنَةٍ حِدادٍ أَشِحَّةً عَلَى الخَيرِ أُولٰئِكَ لَم يُؤمِنوا فَأَحبَطَ اللَّهُ أَعمٰلَهُم وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 19) |
(ھٿون) اوھان تي پبچائي ڪندڙ آھن، پوءِ جنھن مھل ڀَـوَ (جو وقت) اچي (تنھن مھل) کين ڏسين ته توڏانھن نھاريندا آھن جو سندن اکيون اُن (ماڻھوءَ) وانگر ڦِرنديون آھن جنھن تي موت (جي سڪرات) جي بيھوشي پھتي ھجي، پوءِ جنھن مھل (جنگ جو) ڀؤ لھندو آھي تنھن مھل (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوھان کي تکين زبانن سان ايذائيندا آھن، انھن ايمان نه آندو تنھنڪري الله سندن اعمال چَٽ ڪيا، ۽ اھو ڪم الله کي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (دولت جا لالچي) اوهان مسلمانن جي حق ۾ بخيل آهن (جو اوهان کي مناسب مدد نٿا ڏين. اٽلندو فتح جي وقت غنيمت جو مال گهڻو ٿا گهرن) سو جڏهن خوف خطري جو موقعو ٿو اچي تڏهن تون (اي پيغمبر!) ڏسين ٿو ته هو توڏي اهڙيءَ طرح ٿا نهارين جو سندن اکيون انهيءَ ماڻهو جي اکين وانگر ٿيون ڦرن جنهن ماڻهو کي سڪرات جي غشي اچي ويندي آهي، پر جڏهن خوف خطري جي حالت هلي ٿي وڃي تڏهن هو (غنيمت جي) مال جي حرص ۾ تيز زبانن سان توکي طعنا ڏيڻ لڳن ٿا. انهن ماڻهن کي (دل ۾ سچو) ايمان ڪونهي، الله تعاليٰ سندن عمل ضايع ڪري ڇڏيا آهن ۽ ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان لاءِ اهي سخت بخيل آهن. پوءِ جنهن وقت خوف اچي ٿو ته توهان انهن کي ڏسندا ته اهي پنهنجون اکيون (خوف سببان) ڦيرائيندا، ان ماڻهو وانگر جنهن تي موت اچي ڇانيو هجي، پوءِ جنهن وقت خوف هليو ويندو ته فوراً اهي مالِ غنيمت جي لالچ ۾ پنهنجي زبانن سان توهان کي طعنا هڻندا، انهن ماڻهن ايمان نه آندو، پوءِ الله تعالى انهن جا عمل چٽ ڪري ڇڏيا، ۽ اها ڳالهه الله تعالى لاءِ آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (مٿن) ڪو خوف (جو موقعو) اچي ويو ته تون ڏسين ٿو ته (ماندا ٿي) تو ڏي ڏسن ٿا ۽ سندن اکيون ائين پيون ڦرن ڄڻ ڪنهن تي موت جي بيهوشي آئي هجي. پوءِ جڏهن ڊپ لهي وڃي ٿو (۽ مومنن جي فتح ٿئي ٿي) ته (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوهان تي تيز زبانن سان طعنه زني درازي ڪن ٿا. انهن (ماڻهن شروع کان ئي) ايمان نه آندو آهي پوءِ خدا سندن عمل ناس ڪري ڇڏيا پوءِ اهو (ڪم) خدا تي آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بخيلي ڪندڙ اوهان تي پوءِ جڏهن ايندو خوف ته ڏسندؤ اوهان انهن کي نهاريندا پيا اوهان ڏانهن ڦرنديون اکيون انهن جون ان وانگر جو بيهوشي ڪئي وئي ان تي موت جي ڪري پوءِ جڏهن ويندو خوف ته جلد ملندا اوهان سان تکين زبانن سان لالچ ڪندڙ ڀلائي جي انهن ايمان نه آندو پوءِ چٽ ڪيا الله عمل انهن جا ۽ آهي اهو الله لاءِ آسان . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بالڪل ٿورو ٿا اچن. پوءِ جڏهن ڊپ (جووقت) اچي ٿو ته تون کين ڏسين ٿو ته (نااميديءَ کان) تو ڏي پيا ڏسن سندن اکيون پيون ڦرن ان (ماڻهوءَ) وانگر جنهن تي موت جي بيهوشي اچي ٿي. پوءِ جڏهن ڊپ لهي وڃي ٿو (۽ مسلمانن جي فتح ٿئي ٿي) ته (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوهان تي تيز زبانن سان زبان درازي ڪن ٿا. انهن (ماڻهن شروع کان) ايمان نه آندو آهي پوءِ الله سندن عمل ناس ڪري ڇڏيا. ۽ اهو (ڪم) الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جي مدد ۾ (سخت) بخيل آهن پوءِ جڏهن خوف (جي حالت) اچي وڃي ته تون انهن کي ڏسندين ته تنهنجي طرف ائين نظر ڪن ٿا جو سندن اکيون ڦري رهيون آهن جيئن ڪنهن تي موت جي غشي ڇانيل هجي. پوءِ جڏهن خوف لهي وڃي ٿو ته توهان کي تيز زبانن سان طعنا ڏين ٿا مالِ غنيمت جي لالچ ۾. اُهي ماڻهو آهن جن ايمان نه آندو آهي پوءِ الله انهن جا عمل چٽ ڪري ڇڏيا. ۽ اهو الله تي آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَڀاريندڙ اوهان کي، پوءِ جڏهن آين خوف خيال، ڏِٺِئينِ ته ڏِسن پِيا توڏي، ڦِرنن اَ کيون فِى الحال، اُنهِئَ ماڻهو جي مِثال، جنهن جِي مَت، مارِي ويئي موت کان. پوءِ وِيو جنهن وير ۾، خوف، خطرو جان، ته اوهان کي اِيذائـِينِ پِيا، تِکئَ ساڻ زبان، جنهن حال، متاع تي، حِرص ڪندڙ حيران، اُهي آهن سي، جَن آندو نه اِيمان، پوءِ ڪَيون ڪمايون اُنهن جون، رَئـِي ڪيون رَحمان، ۽ آهي گھڻو آسان، اِهو ڪم اَلله تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الٽو اوهان تي اچي لالچ ٿا ڪن، پوءِ جڏهن ڊپ جو وقت ايندو آهي، تڏهن تون کين ڏسندو آهين، ته تو ڏانهن ائين نهاريندا آهن، جو سندن اکيون موت جي بيهوشيءَ ڇانيل شخص وانگر ڦرنديون آهن مگر جڏهن ڊپ لهي ويندو آهي، تڏهن وري فائدي جا لالچي ٿي، اچي اوهان کي تکي زبان سان ايذائيندا آهن_ هنن ايمان نه آندو ان ڪري الله سندن ڪم چٽ ڪيا_ ۽ اهو الله لاءِ سولو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نه ته توهان جو ساٿ ڏيڻ ۾ ته ڏاڍا ڪنجوس آهن، خطري جو وقت اچي پوي ته اکيون ڦڙڪائي توکي ائين ڏسندا آهن، ڄڻڪ ڪنهن مرڻ واري تي غشي طاري ٿي رهي هجي. پر پوءِ جڏهن خطرو ٽري وڃي ٿو ته اهي ئي فائدن جي لالـچ ۾ قئنچيءَ وانگر هلندڙ زبانن سان توهان جي وچ ۾ ويهن ٿا، انهن ماڻهن ايمان نه آندو آهي، تنهنڪري الله به سندن سمورو ڪيو ڪرتيو چـَـٽُ ڪري ڇڏيو ۽ ائين ڪرڻ الله لاءِ تمام آسان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي سخت بخيل (ڪنجوس) آهن توهان جو ساٿ ڏيڻ ۾، پوءِ جڏهن اچي وقت خطري جو ته ڏسندين انهن کي ائين جو ڏسندا توڏي پنهنجا ڦيرائي دوڏا (اکيون) ڄڻ ته انهن تي ڪا غشي طاري ٿي رهي هجي مرڻ واري، پر جڏهن ٽري وڃي ٿو خطرو ته ڪِري پون ٿا فائدن جي لالچ ۾ چرب زباني سان بخيلي ۾ قئنچي وانگر هلندڙ زبانن سان توهان سان ملڻ ايندا آهن، انهن ماڻهن بلڪل ايمان ناهي آندو، تنهن ڪري الله سندن سڀ عمل چٽ ڪري ڇڏيا، ۽ ائين ڪرڻ الله جي لاءِ تمام سولو ڪم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! اُهو به ڪيٻائي ڪيٻائي حصو وٺن ٿا پوءِ جڏهن (کين) خوف واري صورتحال (نظر) ايندي اٿن ته کين ڏسندين ته هو ٿڪل اکين سان توکي ايئن پيا ڏسندا جيئن مرڻ واري ماڻهوءَ کي بيهوشي اچي ويندي آهي. پوءِ جڏهن خوف ختم ٿي ويندو آهي، (يعني مسلمانن کي فتح نصيب ٿيندي آهي ته) غنيمت جو مال وٺڻ لاءِ لالچي ۽ تيز ترار ٿي ڳالهائيندا آهن. انهن ماڻهن حقيقت ۾ ايمان ئي نه آندو هو. تنھنڪري الله تعالى سندن سمورا عمل ضايع ڪري ڇڏيا. اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ تمام سولو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَحسَبونَ الأَحزابَ لَم يَذهَبوا وَإِن يَأتِ الأَحزابُ يَوَدّوا لَو أَنَّهُم بادونَ فِى الأَعرابِ يَسـَٔلونَ عَن أَنبائِكُم وَلَو كانوا فيكُم ما قٰتَلوا إِلّا قَليلًا (آيت : 20) |
(خوف جي ڪري) ڀائيندا آھن ته (ڪافرن جا) ڪٽڪ نه ويا آھن، ۽ جيڪڏھن (ڪافرن جا) ڪي ڪٽڪ اچن ھا ته (ھيءَ ڳالھ) گھُرن ھا ته اُھي جيڪر جھنگلن ۾ ويٺل ھجن ھا (۽) اوھان جون خبرون (ھرڪنھن کان) پڇندا رھن ھا، ۽ جيڪڏھن اوھان ۾ ھجن ته رڳو ٿورو (اچي) جنگ ۾ وڙھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته، (دشمن جا) لشڪر هليا ڪونه ويا آهن (يا هراس جي ڪري ٿا ائين سمجهن يا سندن دليون چاهين ٿيون ته وري اچي حملو ڪن ۽ مسلمانن کي مغلوب ڪن) ۽ جيڪڏهن اهي لشڪر وري اچي نڪرن ته هو دل و جان سان چاهيندا ته جيڪر بدوين جي بيابانن ۾ هليا وڃن ۽ اتان اوهان جي حالتن بابت پڇا ڳاڇا ڪندا رهن ۽ جيڪڏهن هو اوهان وٽ هوندا ته لڙائي ڪونه ڪندا. جي ڪندا ته بلڪل ٿورڙي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي منافق) ڀانئن ٿا ڪافرن جو لشڪر اڃان نه ويو آهي. ۽ جيڪڏهن اهو لشڪر ٻِئي دفعي اچي ته اهي ارادو ڪن ٿا ته ڪاش اهي ٻهراڙيءَ ۾ وڃي (امن سان رهن ها) ۽ مدينه مان ايندڙ ماڻهن کان توهان جون خبرون معلوم ڪن ها، ۽ جيڪڏهن اهي توهان ۾ هجن ها ته جنگ نه ڪن ها مگر ٿورڙا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مديني کي گهيرو ڪرڻ وارا ويا هليا پر) اهي سمجهي رهيا آهن ته اڃا (ڪافرن جو) لشڪر ويو نه آهي پر جيڪڏهن (ڪافرن جو) لشڪر (موٽي اچي) ته (اهي ماڻهو) هيءَ خواهش ڪندا ته پاڻ جيڪر شهرن کان ٻاهر جهنگلي عربن (جي وچ) ۾ ويٺل هجن (۽ پري ويهي) اوهان جون خبرون پڇندا رهن ۽ جيڪڏهن اهي اوهان جي وچ ۾ هوندا ته رڳو ٿوڙي دير جنگ ۾ وڙهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سمجهن ٿا لشڪرن کي ته نه ويا ۽ جيڪڏهن اچن ها لشڪر ته پسند ڪن ها ته جيڪڏهن اهي ويٺل هجن ها ٻهراڙين ۾ پڇندا رهن ها اوهان جون خبرون ۽ جيڪڏهن هجن ها اوهان ۾ ته نه جنگ ڪن ها مگر ٿورو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (ڊپ جي ڪري) گمان ٿا ڪن ته (ڪافرن جون) جماعتون ويون نه آهن ۽ جيڪڏهن اهي جماعتون (موٽي) اچن ته (اهي ماڻهو) هيءَ خواهش ڪندا ته پاڻ جيڪر شهر کان ٻاهر جهنگلي عربن (جي وچ) ۾ ويٺل هجن (۽ پري ويهي) اوهانجون خبرون پڇندا رهن. ۽ جيڪڏهن اهي اوهان جي وچ ۾ هوندا ته رڳو ٿوري دير جنگ ۾ وڙهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي گمان ڪن ٿا ته (حمله آور) لشڪر اڃا واپس نه ويا آهن، ۽ جيڪڏهن اُهي لشڪر (وري حمله آور ٿي) اچن ته اهي خواهش ڪندا ته هائو جي اُهي شهر کان ٻاهر صحرا نشين هجن ها (۽ پري ويهي) اوهان جون خبرون پڇندا رهن ها. ۽ جيڪڏهن اُهي توهان ۾ رهن ها تڏهن به نه لڙن ها مگر ٿورا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُمراھ ڪن گُمان، ته قومون اَڃاڪِين وِيون، فوجون ڦِري، جي اَچن، ته طمع رکن تعبان، ته بَدوِين ڀيڙا هُون ها، ڪِنهن وادِئَ ۾، ويران، پُڇن اَحوال اَوهان، ويٺي ماڳ مڪان، هُئا اوهان ۾ هُوند جي، موجود سِر ميدان، ته چَلِي مَنجھ چوگان، نه وِڙهياوِڙِلي ويڙھ ري،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀائيندا آهن ته اڃا ڪٽڪ ڪونه ويا آهن_ ۽ جيڪڏهن ڪي ڪٽڪ اچن ها، ته هو چاهين ها ته ڏاڍو چڱو، جي پاڻ جهنگن ۾ ويهي خبرون پڇندا رهن ها ۽ جي اوهان ۾ هجن ها، ته جيڪر تمام ٿورڙو وڙهن ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀانئن ٿا ته ڪاهه ڪندڙ لشڪر اڃان ويا ناهن ۽ جيڪڏهن هو وري ڪاهي آيا ته دل ٿي گهرين ته جيڪر شهر کان ٻاهر وڃي ٻهراڙيءَ وارن سان گڏ ويهن ۽ اتان پيا توهان جي خبر چار پڇن، پر جي توهان منجهه رهيا ته به لڙائيءَ ۾ ڪو ٿورو ئي بهرو وٺندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي سمجهي رهيا آهن ته (حملو ڪندڙ ٽولا) اڃان نه ويا آهن، ۽ جي اهي وري به ڪاهي اچن ته سندن دل گهري ٿي ته اهي هليا وڃن ڪنهن صحرا ڏي بدوئن جي وچ ۾ رهن ۽ اتان توهان جون خبرون پڇندا رهن، جيڪڏهن اهي توهان ۾ رهيا به ته جنگ ۾ حصو گهٽ ئي وٺندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُو سمجهن ٿا ته (مڪي جا) لشڪر اڃا واپس نه ويا آهن پر جيڪڏهن اُهي وري حملو ڪن ته هنن جي اهائي خواهش هوندي ته (هو مسلمانن کان) الڳ ٿي ٻاهر وڃي عرب جي ڳوٺاڻن سان گڏ ويھي رهن ۽ اتان ئي توهان جو حال احوال وٺندا رهن. جيڪڏهن توهان سان گڏ هوندا به ته هي جنگ ۾ تمام ٿورو حصو وٺندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد كانَ لَكُم فى رَسولِ اللَّهِ أُسوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَن كانَ يَرجُوا اللَّهَ وَاليَومَ الءاخِرَ وَذَكَرَ اللَّهَ كَثيرًا (آيت : 21) |
بيشڪ اوھان لاءِ الله جي پيغمبر جي طريقي ۾ عمدي پيروي اُنھيءَ لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو!) توهانجي لاءِ يعني انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۾ ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ (يا دنيا ۾ ئي ايندڙ وقت جي ڪاميابيءَ جون) اميدون رکن ٿا ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪن ٿا تن جي لاءِ الله جي رسول ۾ سهڻي ۾ سهڻو ۽ چڱي ۾ چڱو نمونو (۽ مثال) موجود آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان لاءِ رسولِ عربيءَ جي تابعداري ڪرڻ ۾ تمام گھڻي بهتري آهي ان شخص لاءِ جيڪو الله تعالى ۽ قيامت جي اميد رکي ٿو ۽ الله تعالى کي گھڻو ياد ڪري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) اوهان جي لاءِ خود رسول جو (خندق ۾ وڙهڻ) هڪ سٺو نمونو هو (پر هاءُ اهو) ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو خدا ۽ ڏينهن قيامت جي اميد رکندو هجي ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪندو هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق آهي اوهان جي لاءِ رسول الله (جي طريقي) ۾ نمونو سهڻو ان جي لاءِ جيڪو اميد رکي ٿو الله ۾ ۽ قيامت جي ڏينهن ۾ ۽ ياد ڪري ٿو الله کي گهڻو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي مسلمانو!) بيشڪ اوهان لاءِ (يعني) جيڪو الله (جي ثواب) ۽ قيامت جي ڏينهن (اچڻ) جي اميد رکي ٿو ۽ الله کي گهڻو ياد ٿو ڪري تنهن لاءِ الله جي رسول (جي طريقي) ۾ عمدي پيروي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان لاءِ الله جي رسول (جي ذات) ۾ بهترين نمونهءِ عمل آهي (هر) ان ماڻهو لاءِ جو الله (سان ملڻ) جي ۽ آخرت واري ڏينهن جي اميد رکي ٿو ۽ الله جو ذڪر گهڻو ڪري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن لئي، ربَّ جي رَسُول ۾، ثابِت سُهڻي پَر، جو رکي اَلله ۾ آسرو، پڻ آخِر ڏينهن اَندر، ۽ سانجِھي، صُبح ساجھر، سارئـِين سائـِين کي گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اوهان مان جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکندو هجي ۽ الله کي گهڻو ياد رکندو هجي، اهڙن شخصن لاءِ رسول الله جي طريقي ۾ عمدي پيروي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ توهان لاءِ الله جي رسول ۾ هڪ نهايت سهڻو نمونو هو، هر انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏهاڙي جي آس رکندڙ هجي ۽ الله کي تمام گهڻو ياد ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ توهان جي لاءِ رسول الله ۾ هڪ بهترين نمونو آهي هر انهيءَ شخص لاءِ جيڪو اميدوار هجي الله ۽ ڏينهن آخرت ۾ ۽ ياد ڪري الله کي گهڻي کان گهڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان مان جيڪي ماڻهو الله تعالى جي رضا ۽ آخرت جي ڏينھن ۾ اميد رکن ٿا ۽ الله تعالى کي تمام گهڻو ياد ڪن ٿا ته انهن لاءِ الله تعالى جي رسول (ﷺ) جي طريقي ۾ ئي بھترين نمونو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا رَءَا المُؤمِنونَ الأَحزابَ قالوا هٰذا ما وَعَدَنَا اللَّهُ وَرَسولُهُ وَصَدَقَ اللَّهُ وَرَسولُهُ وَما زادَهُم إِلّا إيمٰنًا وَتَسليمًا (آيت : 22) |
۽ جنھن مھل مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو (تنھن مھل) چيائون ته ھي اُھو انجام آھي جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر اسان کي ڏنو ھو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر سچ فرمايو ھو، ۽ اِنھيءَ (حالت) اُنھن کي ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ ھيڪارو وڌايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن مسلمانن (دشمنن جي) لشڪرن کي (مديني تي حملي ڪندي) ڏٺو، تڏهن (بي ڌڙڪ) چئي ڏنائون ته هي ته اهوئي (موقعو) آهي جنهن جو الله ۽ سندس رسول اسان سان واعدو ڪيو هو (۽ ٻڌايو هو ته مؤمنن تي وڏا خطرا ايندا ۽ سندس ايمان جي آزمائش ٿيندو) ۽ الله ۽ سندس رسول سچ چيو هو. (سو هن خطرناڪ موقعي کين بي همت ته ڪونه ڪيو پر اٽلندو) هنن کي ايمان ۾ ۽ تابعداريءَ ۾ وڌايائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن مؤمنن ڪافرن جا لشڪر ڏٺا، مؤمنن چيو هي اُهو آهي جيڪو اسان سان الله ۽ الله جي رسول وعدو فرمايو ۽ الله تعالى ۽ الله جي رسول سچ فرمايو، ۽ انهيءَ سان مؤمنن جو ايمان ۽ رضامندو زياده ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن سچن ايماندارن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو ته (بي ڌڙڪ) چوڻ لڳا ته هيءَ انجام اهو آهي جيڪو خدا ۽ سندس رسول اسان سان ڪيو هو (ڪجھ پرواھ نه آهي) ۽ خدا ۽ سندس رسول سچ فرمايو آهي ۽ (انهن کي ڏسڻ سان پاڻ!) سندن ايمان ۽ سندن فرمانبرداري وڌي وئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڏٺو مؤمنن لشڪرن کي ته چيائون هي اهو آهي جيڪو وعدو ڏنو اسان کي الله ۽ ان جي رسول ۽ سچ فرمايو الله ۽ ان جي رسول ۽ نه وڌايائين انهن کي مگر ايمان ۽ فرمانبرادري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايمان وارن جڏهن (ڪافرن جي) جماعتن کي ڏٺو تڏهن چيائون ته هيءَ انجام اهو آهي جيڪو الله ۽ سندس رسول اسان سان ڪيو هو ۽ الله ۽ سندس رسول سچ فرمايو هو. ۽ ان (حالت) رڳو انهن جو ايمان ۽ فرمانبرداري وڌائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ايمان وارن (حمله آور) لشڪر ڏٺا تڏهن چيائون: ”هي آهن جنهن جو الله ۽ ان جي رسول اسان سان وعدو ڪيو هيو، ۽ الله ۽ ان جي رسول سچ فرمايو.“ ۽ ان (ڳالهه) سان انهن جي ايمان ۽ فرمانبرداري ۾ واڌارو ئي ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُؤمن جنهن مَهل ۾، ڏِٺاڪَٽڪَ ڪُفّار، چي، هِي سو اَسان کي، جِنهنجا ڏِنا قول قرار، اَلله جَلَّ جَلالہٗ، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، ۽ صاحِب سَڀو سَچ چيو، پڻ مُرسل سَندسِ مَهندار، ۽ تِنهن نه وَڌاين وار، تسلِي ۽ تَسلِيم ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن وقت مؤمنن (ڪافرن جي) لشڪرن کي ڏٺو، ته چيائون ”هي اهو آهي، جنهن جو اسان کي الله ۽ رسول وعدو ڏنو هو ۽ الله ۽ سندس رسول سچ چيو“- ۽ انهن جي ڪري هو ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ هيڪاري وڌيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سچن مؤمنن (جي حالت ان وقت اها هئي ته) جڏهن انهن حملو ڪندڙن کي ڏٺو ته چوڻ لڳا ته "اها ته اهائي شيءِ آهي، جنهن جو الله ۽ سندس رسول اسان سان وعدو ڪيو هو ۽ الله ۽ سندس رسول بلڪل سچ چيو هو". انهيءَ واقعي ته ويتر سندن ايمان ۽ فرمانبرداريءَ ۾ اڃان به واڌارو ڪري ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ڏٺو مؤمنن ڪاهه ڪندڙ لشڪرن کي ته چيائون، هي اهو ئي وعدو آهي اسان لاءِ الله ۽ سندس رسول جو ۽ سچي هئي ڳالهه الله ۽ سندس رسول جي، ته وڌائي ڇڏيو انهيءَ واقعي سندن ايمان ۽ پاڻ کي سونپي ڇڏيائون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن مؤمنن ڪافرن جي لشڪر کي ڏٺو ته چيائون ته اهوئي ته اهو وعدو آهي جيڪو الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) اسان سان ڪيو هو. الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) بلڪل سچ فرمايو هو. هن جنگ ته مؤمنن جي اندر ايمان ۽ فرمانبرداري ۾ ويتر واڌارو ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِنَ المُؤمِنينَ رِجالٌ صَدَقوا ما عٰهَدُوا اللَّهَ عَلَيهِ فَمِنهُم مَن قَضىٰ نَحبَهُ وَمِنهُم مَن يَنتَظِرُ وَما بَدَّلوا تَبديلًا (آيت : 23) |
مؤمنن مان ڪي اھڙا ماڻھو آھن جو جيڪو الله سان انجام ڪيو ھوائون تنھن کي سچو ڪيائون، پوءِ منجھانئن ڪن پنھنجو ذمون پورو ڪيو ۽ منجھانئن ڪو انتظار ڪندو آھي، ۽ (پنھنجي چوڻ کي) ڪنھن طرح نه مٽايائون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مؤمنن ۾ ڪي مرد اهڙا آهن جن (انهيءَ خطرناڪ موقعي تي) اهو عهد اقرار سچو ڪري ڏيکاريو جو الله سان ڪيو هئائون، (يعني مال ملڪيت ۽ جانين سان جهاد ڪيائون) سو انهن مان ڪن پنهنجو نذر پورو ڪيو (۽ شهادت حاصل ڪيائون) ۽ ڪي (شهادت لاءِ) منتظر آهن ۽ سندن (روش ۽ ايمان ۾) تر جيتري به تبديلي ڪانه ٿي آهي (يعني ايمان ۾ ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ اڳيئن کان به اڳرا آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مؤمنن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن الله تعالى سان ڪيل وعدو سچو ڪيو، پوءِ ڪي انهن مان شهيد ٿيا ۽ ڪي انهن مان شهادت لاءِ منتظر آهن ۽ (انهن ۾) ڪنهن قسم جي تبديلي نه آئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انهن) ايمان وارن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن جيڪو خدا سان وعدو ڪيو تنهن کي سچو ڪري ڏيکاريائون مطلب ته انهن مان ڪي اهي آهن جيڪي (مري) پنهنجو وقت پورو ڪري ويا ۽ انهن مان ڪي (خدا جي حڪم جا) منتظر ويٺا آهن. ۽ انهن (پنهنجي ڳالھ) ذرو به نه بدلائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مؤمنن مان ڪي اهڙا مرد آهن جو سچو ڪري ڏيکاريائون اهو جو وعدو ڪيائون الله سان ان تي پوءِ انهن مان ڪو اهو آهي جنهن پورو ڪيو ذمو پنهنجو ۽ انهن مان اهو آهي جيڪو انتظار ڪري ٿو ۽ نه مٽايائون (ڳالهه کي ڪنهن طرح) مٽائڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (انهن) ايمان وارن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن جيڪو الله سان انجام ڪيو تنهن کي سچو ڪيائون. پوءِ انهن مان ڪو پنهنجو ڪم پورو ڪري ويو ۽ ڪو انهن مان انتظار ٿو ڪري ۽ انهن (پنهنجي انجام کي) ڪنهن به طرح نه بدلايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايمان وارن مان ڪي اهڙا مرد آهن جن اها ڳالهه سچي ڪري ڏيکاري جنهن تي انهن الله سان معاهدو ڪيو هيو، پوءِ انهن مان ڪو (شهادت ماڻي) پنهنجو ذمو پورو ڪري ويو ۽ انهن مان ڪو (پنهنجي واري جو) انتظار ڪري رهيو آهي، ۽ پر انهن (پنهنجي رويي ۾) ڪا تبديلي ڪا نه ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪي مرد مُؤمِنن مان، صاحِب ، ساڻ ستار، پاريؤَن پَتنگ ٿِي پِڙ ۾، جي ڪيائون قرار، پوءِ ڪِن پَنهنجو ڪم پورو ڪيو، ۽ ڪي ڪَڍن اِنتظار، ۽ ڪائـِي ڦير ڦار، اَصل نه ڪيوُن اَنجام ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مؤمنن مان ڪن مردن الله سان ڪيل انجام کي سچو ڪيو، پوءِ انهن مان ڪن پنهنجو ذمو پورو ڪيو ۽ انهن مان ڪو انتظار ڪري ٿو_ ۽ هنن پنهنجي قول کي اصل نه مٽايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ايمان آڻڻ وارن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن الله سان ڪيل پنهنجا عهد پاڙي ڏيکاريا، سو منجهانئن ڪو پنهنجا نذرانا پيش ڪري چڪو ۽ ڪو وقت اچڻ جي انتظار ۾ آهي، انهن پنهنجي روش کي نه بدلايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مؤمنن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جن سچو ڪري ڏيکاريو وعدو الله سان، انهن مان ڪنهن پنهنجو نذر پورو ڪري ڇڏيو ۽ ڪو انهن مان وقت اچڻ جي انتظار ۾، ۽ انهن پنهنجي رويي ۾ ڪوبه ڦيرو ڪونه آندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمنن ۾ اهڙا به ماڻهو موجود آهن جن الله تعالى سان پنھنجي ڪيل وعدي کي سچ ڪري ڏيکاريو. پوءِ انهن مان ڪن پنھنجو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو (يعني شھيد ٿي ويا) ۽ ڪجهه ان انتظار ۾ آهن (ته سندن شهيد ٿيڻ واري تمنا ڪڏهن پوري ٿئي ٿي؟) هي ماڻهو (ڏکين مرحلن ۾ به) پنھنجي وعدي تان نه ڦريا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَجزِىَ اللَّهُ الصّٰدِقينَ بِصِدقِهِم وَيُعَذِّبَ المُنٰفِقينَ إِن شاءَ أَو يَتوبَ عَلَيهِم إِنَّ اللَّهَ كانَ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 24) |
(اھو ھن ڪري آھي) ته الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي ۽ جيڪڏھن گھري ته منافقن کي عذاب ڪري يا (توبه جي توفيق ڏئڻ سان) مٿن ٻاجھ سان موٽي، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو سڀ هن لاءِ ٿيو ته الله تعاليٰ سچن کي سندن سچ لاءِ عيوضو ۽ انعام ڏئي ۽ منافقن کي سزا ڏئي، جيڪڏهن چاهي يا مٿن (رحمت جي) موٽ ڪري (جيڪڏهن هو ڪفر ۽ منافقي ڇڏي خدا ڏي موٽن). بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته الله تعالى سچن کي سندن سچ جي جزا ڏي ۽ منافقن کي عذاب چکائي، جيڪڏهن چاهي يا انهن تي وَرَي (جيڪڏهن توبه تائب ٿيا) بيشڪ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو امتحان (هن لاءِ هو) ته جيئن خدا سچن (ايماندارن) کي سندن سچائيءَ جي جزاءِ خير ڏئي ۽ جي گهري ته منافقن کي سزا ڏي يا (جيڪڏهن اهي توبه ڪن ته خدا) سندن توبه قبول فرمائي. بيشڪ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته بدلو ڏئي الله سچن کي سندن سچي هجڻ جي سبب ۽ عذاب ڪري منافقن کي جيڪڏهن گهري يا (توبہ قبول ڪرڻ سان) موٽي انهن تي بيشڪ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (مطلب ته اها جنگ) هن لاءِ (ٿي) ته الله سچن کي سندن سچ جي ڪري بدلو ڏي ۽ منافقن کي عذاب ڪري جيڪڏهن گهري يا (توبه جي توفيق ڏيڻ سان) مٿن مهرباني ڪري. بيشڪ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهو سڀ) هن لاءِ (ٿيو ته) الله سچن کي سندن سچ جو بدلو ڏئي، ۽ منافقن کي چاهي ته عذاب ڏئي يا انهن جي توبه قبول ڪري. بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان سَچن سَندنِ سَچ جو، سائـِين ڏِئي ثواب، ۽ جي گُھري ته ڏِئي منافِقين، اهکو ڪو عذاب، يا وَرِي مَٿن وَڙ ڪري، والِي ربُّ، وَهاب، هادِي آهي هَر باب، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اهو ان ڪري ته) الله سچن کي سندن سچائي سببان بدلو ڏئي- ۽ جيڪڏهن گهري ته منافقن کي عذاب ڪري يا سندن توبهه قبول ڪري- بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو) ته جيئن الله سچن کي سندن سچائيءَ جو اجورو ڏئي ۽ منافقن کي وڻيس ته سزا ڏئي ۽ وڻيس ته انهن جي توبه قبول ڪري، بلاشڪ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو سڀ ان ڪري ٿيو) جيئن الله اجورو ڏي سچن کي سندن سچائيءَ جو ۽ عذاب ڏئي منافقن کي جيڪڏهن چاهي يا گُهري ته سندن توبهه قبول ڪري، بيشڪ الله آهي بخشڻهار ۽ ٻاجهارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هن جنگ جو مقصد هي هو ته) جيئن الله تعالى سچن ماڻهن کي سندن سچائي جو بدلو ڏئي ۽ منافقن کي چاهي ته عذاب ڏي، چاهي ته کين توبہ جي توفيق نصيب ڪري. بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَدَّ اللَّهُ الَّذينَ كَفَروا بِغَيظِهِم لَم يَنالوا خَيرًا وَكَفَى اللَّهُ المُؤمِنينَ القِتالَ وَكانَ اللَّهُ قَوِيًّا عَزيزًا (آيت : 25) |
۽ الله ڪافرن کي سندن ڏمر سميت موٽايو جو ڪا چڱائي نه لڌائون، ۽ الله مؤمنن جي پاران ويڙھ لاءِ ڪافي ٿيو، ۽ الله سگھارو غالب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ڪافرن کي موٽائي ڀڄائي ڇڏيو اگرچه هو وڏي غصي ۽ غضب ۾ ڀرجي (مديني تي حملو ڪري) آيا هئا، هنن کي ڪابه چڱائي حاصل ڪانه ٿي ۽ مؤمنن لاءِ لڙائيءَ ۾ الله تعاليٰ (جو سهارو) ڪافي آهي ۽ الله تعاليٰ وڏي قوت وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى، ڪافرن کي موٽايو ان حال ۾ جو اهي سخت ڪاوڙ ۾ هئا (۽) ڪنهن خير کي نه پهتا، ۽ جنگ ۾ الله تعالى مؤمنن جي مڪمل مدد ڪئي، ۽ الله تعالى وڏي طاقت وارو غالب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا (پنهنجي قدرت سان) ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سميت مديني کان موٽايو ۽ کين ڪجھ فائدو به نه ٿيو. ۽ خدا (پنهنجي مهربانيءَ سان) مومنن کي وڙهڻ جو موقعو اچڻ نه ڏنو ۽ خدا ته (تمام) زبردست (۽) غالب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ موٽايو الله ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سان گڏ نه پهتا ڀلائيءَ کي ۽ ڪافي ٿيو الله مؤمنن لاءِ جنگ ۾ ۽ الله قوت وارو، غالب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سميت (مديني کان) موٽايو ڪا ڀلائي نه لڌائون. ۽ الله ايمان وارن کان جنگ کي روڪيو. ۽ الله طاقتور، زبردست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ڪافرن کي سندن ڪاوڙ سميت (مديني کان) واپس موٽايو اُهي ڪو فائدو حاصل ڪري نه سگهيا. ۽ ايمان وارن جي طرفان الله ئي لڙڻ لاءِ ڪافي ٿي ويو. ۽ الله طاقتور غالب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مالڪ موٽايو تَن کي، جي ڦريا، کان فرمان، سَندنِ ڪاوَڙ قهر ۾، مِلڪيت ماڻيون ڪانه، ۽ وِسهندڙن تان ويڙھ کي، روڪيون رَبَّ رحمان، ۽ سَگھارو سُبحان، جابِر سَڀ جھان تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله ڪافرن کي غصي ڀريل ئي موٽائي ڇڏيو، جو ڪو فائدو هٿ نه آين ۽ الله مؤمنن کان جنگ کي روڪي ڇڏيو، ۽ الله سگهه وارو غالب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ڪافرن کي (مديني کان) واپس موٽائي ڇڏيو، هو ڪو به فائدو حاصل ڪرڻ بنا پنهنجي اندر جو ساڙ سانڍيو ائين ئي موٽي ويا ۽ مؤمنن پاران الله ئي لڙڻ لاءِ ڪافي ٿي ويو، الله وڏي سگهه وارو ۽ زبردست آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ منهن موڙي ڇڏيو الله انهن ڪافرن جو، اهي پنهنجو ساڙ دل ۾ کڻي ڪو فائدو وٺڻ بنا ٺلها موٽي ويا، ۽ ڪافي هو الله مؤمنن پاران وڙهڻ جي لاءِ، ۽ حقيقت ۾ الله طاقت وارو ۽ زبردست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ڪافرن جا ٻُوٿ ڀيلا ڪري کين (هٿين خالي) موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، انهن کي (مديني تي) چڙهائي ڪرڻ مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. جنگ ۾ مؤمنن جي لاءِ الله تعالى جي ذات ئي ڪافي آهي. بيشڪ الله تعاليٰ زبردست طاقت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنزَلَ الَّذينَ ظٰهَروهُم مِن أَهلِ الكِتٰبِ مِن صَياصيهِم وَقَذَفَ فى قُلوبِهِمُ الرُّعبَ فَريقًا تَقتُلونَ وَتَأسِرونَ فَريقًا (آيت : 26) |
۽ ڪتاب وارن مان جن انھن (مشرڪن) جي مدد ڪئي ھئي تن کي (الله) سندن ڪوٽن مان لاٿو ۽ سندين دلين ۾ دھشت وڌائين (جو) ھڪ ٽوليءَ کي ڪُٺوَ ٿي ۽ ٻيءَ ٽوليءَ کي قيدي ڪيوَ ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن اهل ڪتاب (بني قريظه قبيلي جي يهودين) هنن جي (يعني دشمنن جي لشڪرن جي انهيءَ موقعي تي) مدد ڪئي هئي تن کي الله تعاليٰ سندن قلعن مان هيٺ لاهي آندو ۽ سندن دلين ۾ (اوهان جو) رعب ۽ ڌاڪو وڌائين. انهن مان ڪن کي توهان قتل ڪري ڇڏيو ۽ ڪن کي قيدي (يا غلام) ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى اهلِ ڪتاب (يهودين) کي سندن مضبوط قلعن مان هيٺ لاٿو ۽ انهن جي دلين ۾ رعب وڌو، (پوءِ انهن مان) هڪ فريق کي توهان قتل ڪريو ٿا ۽ هڪ گروه کي توهان قيد ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهل ڪتاب مان جن (بني قريظه) انهن (ڪافرن) جي مدد ڪئي خدا تن کي قلعن مان (بي دخل ڪري) هيٺ لاٿو. پڻ انهن جي دلين ۾ (اوهان مومنن جو) اهڙو (ته) ڊپ وڌائين (جو) ڪن ماڻهن کي اوهان قتل ڪيو ۽ ڪن کي اوهان قيد ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لاٿائين انهن کي جن سندن مدد ڪئي اهل ڪتاب مان سندن ڪوٽن مان ۽ وڌائين انهن جي دلين ۾ ڊپ هڪ ٽولي کي ڪُٺُوَ ٿي ۽ قيد بنايو پيا ٻئي ٽولي کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪتاب وارن مان جن انهن جي مدد ڪئي تن کي سندن قلعن مان لاٿائين. ۽ سندن دلين ۾ ڊپ وڌائين (جو) هڪ جماعت کي اوهان قتل ڪيو ۽ ٻيءَ جماعت کي اوهان قيد ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪتاب وارن مان جن انهن (ڪافرن) جي مدد ڪئي الله تن کي سندن قلعن مان لاهي آندو. ۽ انهن جي دلين ۾ اهڙي هيبت وڌائين (جو انهن مان) هڪ جماعت کي اڄ اوهان قتل ڪري رهيا آهيو ۽ ٻي جماعت کي اوهان (جنگي) قيدي بنائي رهيا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آگي اَهل ڪتاب، ڪَڍيا سَندنِ ڪوٽن مان، جَن ڪئي اُنهن جِي، جنگ ۾ حِمايت هر باب، ۽ ڌڻِي سَندنِ دِلين ۾، وِڌي دَهشت داب، ته ڪِن ڪُهو، ڪِن قيد ڪريو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪتاب وارن مان جن ڪافرن جي مدد ڪئي هئي؛ انهن کي سندن قلعن مان لاٿو، ۽ سندن دلين ۾ دهشت وڌائين، جو اوهان هڪ ٽوليءَ کي قتل ڪيو ۽ هڪ ٽوليءَ کي قيد ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري اهل ڪتاب مان جن ماڻهن ڪاهه ڪندڙن جو ساٿ ڏنو هو، الله انهن کي سندن قلعن مان لاهي هيٺ آندو ۽ سندن دلين ۾ اهڙو رعب وجهي ڇڏيو، جو اڄ توهان انهن مان هڪڙي ٽولي کي قتل پيا ڪريو ته ٻئي کي قيدي پيا بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لاٿو انهن ماڻهن کي جن مدد ڪئي هئي انهن اهلِ ڪتاب وارن مان سندن قلعن مان هيٺ ۽ وڌو سندن دلين ۾ اهڙو رعب جو اڄ انهن مان هڪ ٽولي کي توهان قتل ڪري رهيا آهيو ۽ قيد ڪري رهيا آهيو ٻئي ٽولي کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهل ڪتاب مان جن (يهودين) انهن مڪي جي مشرڪن جي حمايت ڪئي تن کي به الله تعالى سندن مضبوط قلعن مان هيٺ لاٿو ۽ انهن جي دلين ۾ (اهڙو ته) رعب وڌو (جو بنو قريظه وارا هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پيا) پوءِ انهن مان ڪن کي توهان قتل ڪيو ۽ ڪن کي قيدي بڻائي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَورَثَكُم أَرضَهُم وَدِيٰرَهُم وَأَموٰلَهُم وَأَرضًا لَم تَطَـٔوها وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرًا (آيت : 27) |
۽ (نيٺ) اوھان کي سندين زمين ۽ سندين گھرن ۽ سندن انھيءَ زمين جو وارث ڪيائين جنھن تي پير (به) نه گھُمايو ھيوَ، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) کي سندن زمينن، گهرن ۽ مال ملڪيت جو وارث ڪيو ۽ پڻ انهيءَ زمين جو مالڪ ڪيو، جنهن ۾ اڃا توهان قدم ڪونه رکيو هو ۽ الله تعاليٰ هر چيز تي قادر ۽ قدير آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان کي انهن جي زمين ۽ انهن جي گهرن ۽ انهن جي مالن ۽ ان زمين جو وارث بنايو جنهن تي توهان جا اڃان پير نه پهتا هئا. ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مالن ۽ اهڙيءَ زمين (خيبر) جو مالڪ ڪيائين جنهن تي اوهان اڳي پير (به) نه رکيا هئا ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وارث بنايائين اوهان کي سندن زمين جو ۽ سندن گهرن جو ۽ سندن مالن جو ۽ زمين جو جنهن تي اوهان پير به نه گهمايا هئا ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مالن ۽ اهڙيءَ زمين جو وارث ڪيائين جنهن تي اوهان (اڳي) پير نه رکيا هئا. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مالن جو وارث بنايائين ۽ اهڙو علائقو اوهان کي ڏنائين جنهن تي اوهان اڃا چڙهائي به ڪا نه ڪئي هئي. ۽ الله هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ وارِث ڪِيان وَهاب، سَندنِ مَحلنِ، ماڙِيَن، پڻ اِراضي، اَسباب، ۽ جنهن پَرڳڻي تي پير اڃا، نه رَکيان مَنجھ رِڪاب، ۽ پَرور پاڪ جناب، قادِر هرڪِنهن ڪم مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي سندن زمين، جاين، مالن ۽ انهيءَ زمين جو مالڪ بنايو، جنهن تي ڪڏهن اوهان جا پير به نه پيا هئا- ۽ الله سڀ ڪنهن ڳالهه تي وس وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن ئي توهان کي سندن زمين ۽ سندن گهرن ۽ سندن مال مڏين جو وارث بڻايو ۽ اهو علائقو توهان کي ڏنائين، جنهن ۾ توهان ڪڏهن پير ئي نه پاتو هو، الله هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان کي وارث بنايو انهن جي زمين ۽ انهن جي گهرن ۽ انهن جي مالن جو ۽ اهو علائقو توهان کي ڏنائين جنهن تي توهان پير به نه رکيو هو، ۽ الله ئي آهي هر شيءِ تي قدرت رکڻ وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (الله تعالى) توهان کي انهن جي زمين، انهن جي گهرن ۽ انهن جي مالن جو وارث بنائي ڇڏيو ۽ اهڙي زمين به توهان جي قبضي ۾ ڏني جنھن تي توهان اڳ ۾ ڪڏهن به پير نه پاتو هو الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ إِن كُنتُنَّ تُرِدنَ الحَيوٰةَ الدُّنيا وَزينَتَها فَتَعالَينَ أُمَتِّعكُنَّ وَأُسَرِّحكُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 28) |
اي پيغمبر پنھنجي زالن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين دنيا جي حياتي ۽ اُن جو سينگار گھرنديون ھجو ته اچو ته اوھان کي جورو ڏيان ۽ چڱي طرح ڇڏيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي (سڳورا) پنهنجي زالن (مبارڪن) کي چئو ته، جيڪڏهن توهان هن دنيا جي زندگي (جون سهوليتون ۽ آسودگيون) ۽ ان جي زينت (چڱا ڪپڙا چڱيون جايون وغيره) ٿيون چاهيو ته اچو ته مان توهان کي (اهڙيءَ زندگيءَ لاءِ گهربل) مال متاع ڏيان ۽ سهڻي نموني سان اوهان کي موڪل ڏئي ڇڏيان (يعني پوءِ مون وٽ منهنجون زالون ٿي نه رهنديون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي سچا نبي توهان پنهنجي بيبين کي فرمايو ته جيڪڏهن توهان دنيا جي حياتي ۽ ان جي زينت کي پسند ڪريو ٿيون، پوءِ توهان اچو ته آئون توهان کي سامان (ٽي ڪپڙا) ڏيان ۽ آئون توهان کي سهڻي نموني سان ڇڏي ڏيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبي! تون پنهنجن زالن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين رڳو دنيا جي حياتي ۽ ان جي سينگار کي گهرو ٿيون ته اچو ته آءُ اوهان کي ڪجھ مال اسباب ڏئي ۽ اوهان کي سٺيءَ طرح ڇڏي ڏيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! فرماءِ پنهنجين گهروارين کي جيڪڏهن ارادو ٿيون ڪيو دنيوي حياتيءَ جو ۽ ان جي سينگار جو پوءِ اچو ته مال متاع ڏيان اوهان کي ۽ ڇڏيان اوهان کي ڇڏڻ سهڻي نموني . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! تون پنهنجن زالن کي چئو ته جيڪڏهن اوهين دنيا جي حياتيءَ ۽ ان جي سينگار کي گهرو ٿيون ته اچو ته آءُ اوهان کي ڪجهه مال ڏيان ۽ اوهان کي سٺيءَ طرح ڇڏي ڏيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! تون پنهنجي گھر واريُن کي چؤ ته: ”جيڪڏهن اوهان دنيا جي حياتي ۽ ان جو سينگار گهرو ٿيون ته اچو ته اوهان کي مال متاع ڏيان ۽ اوهان کي حُسنِ سلوڪ سان ڇڏي ڏيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي ڀلا! تُنهنجي بِيبِيَنِ ، ڏي اِهو اِختيار، جي گُھرو حياتِي ننڍڙِي، سَندسِ پڻ سِيگار، پوءِ اَچو ته اوهان کي، ڇَڏيان جُملي، سان جِنسار، پڻ توهان کي تڪرار، ڇڏيان ڇڏڻ سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! پنهنجي بيبين کي چئو ته ”جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي حياتيءَ ۽ ان جي سينگار جي طلب هجي، ته اچو، ته اوهان کي ڪجهه فائدو ڏيئي، چڱيءَ طرح سان ڇڏي ڏيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پنهنجي گهر وارين کي چؤ ته جيڪڏهن توهان دنيا ۽ ان جو ٺٺ ٺانگر طلبيو ٿيون ته اچو ته مان توهان کي ڪجهه مال متاع ڏئي سهڻي نموني موڪل ڏيئي ڇڏيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! چؤ پنهنجي گهر وارين کي ته جيڪڏهن توهان چاهيو ٿيون دنيا جي حياتي جي زيب و زينت ته اچو، آئون توهان کي ڪجهه مال متاع ڏئي روانو ڪري ڇڏيان سهڻي نموني سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي (ﷺ!) پنھنجي گهر وارين کي چؤ ته جيڪڏهن توهان دنيا جي زندگي ۽ ان جو سينگار چاهيو ٿيون ته اچو ته مان توهان کي ڪجهه مال ڏيئي سھڻي طريقي سان رخصت ڪري ڇڏيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن كُنتُنَّ تُرِدنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ وَالدّارَ الءاخِرَةَ فَإِنَّ اللَّهَ أَعَدَّ لِلمُحسِنٰتِ مِنكُنَّ أَجرًا عَظيمًا (آيت : 29) |
۽ جيڪڏھن اوھين الله ۽ سندس پيغمبر ۽ آخرت جي گھر (يعني بھشت) کي گھرو ٿيون ته بيشڪ اوھان مان نيڪ بختن لاءِ الله وڏو اجر تيار ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول (جو راضپو) ۽ آخرت جو گهر (يعني جنت) ٿيون چاهيو ته پوءِ توهان مان جيڪي نيڪ ڪم ڪندڙ آهن تن لاءِ الله تعاليٰ تمام وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. (ٻين کان وڏو اجر هن ڪري جو تنگ گذران هوندي به تبليغ اصلاح ۽ مسڪينن جي مددگاري جو ڪم جاري رکيائون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان الله ۽ الله جي رسول ۽ آخرت جي گَھر (جنت) کي پسند ڪريو ٿيون پوءِ بيشڪ الله تعالى توهان سڀني نيڪوڪار (بيبين) لاءِ اجرِ عظيم تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين خدا ۽ سندس رسول ۽ آخرت جي گهر کي چاهيو ٿيون ته خدا توهان مان نيڪي ڪرڻ وارين لاءِ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ارادو ڪيو ٿيون الله ۽ ان جي رسول جو ۽ آخرت واري گهر جو پوءِ بلاشڪ الله تيار ڪيو نيڪ بختن لاءِ اوهان مان اجر وڏو . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين الله ۽ سندس رسول ۽ آخرت جي گهر کي گهرو ٿيون ته الله اوهان مان نيڪي ڪرڻ وارين لاءِ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان الله ۽ ان جي رسول ۽ آخرت واري گهر کي چاهيو ٿيون ته پوءِ الله توهان مان نيڪي ڪرڻ واريُن لاءِ زبردست اجر تيار ڪري رکيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي گُھرو اَوهِين اَلله کي، پڻ مُرسل سَندسِ مُختار، پڻ آخِرت ۾ آسرو، ته قادِر برقرار، اوهان مان اُنهن لئي، جي نِرمل نيڪ نِبار، اَجر وڏا اَپار، توڙائـِين تيار ڪيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جيڪڏهن اوهين الله ۽ سندس رسول ۽ آخرت جي گهر جون طالب هجو ته بيشڪ الله اوهان مان چڱا ڪم ڪندڙن لاءِ وڏو اجر تيار ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن توهان الله ۽ سندس رسول ۽ آخرت واري گهر جون طالبو آهيو ته پوءِ ڄاڻي ڇڏيو ته توهان مان جيڪي سهڻن عملن واريون آهن، الله انهن لاءِ تمام وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن توهان گهرو ٿيون الله ۽ سندس رسول ۽ گهر آخرت جو ته پوءِ بيشڪ الله تيار ڪيو آهي نيڪوڪارن جي لاءِ اجر تمام وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن توهان کي الله تعالي، ان جو رسول (ﷺ) ۽ آخرت جو گهر کپي ته بيشڪ الله تعالى توهان مان نيڪوڪار گهر وارين لاءِ وڏو اجرتيار ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ مَن يَأتِ مِنكُنَّ بِفٰحِشَةٍ مُبَيِّنَةٍ يُضٰعَف لَهَا العَذابُ ضِعفَينِ وَكانَ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرًا (آيت : 30) |
اي پيغمبر جون زالون اوھان مان جيڪا پڌري بي حيائي ڪندي تنھن کي وڌائي ٻيڻو عذاب ڪيو ويندو، ۽ اِھو الله تي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي (سڳوري) جون بيبيون! توهان مان ڪابه جيڪڏهن ڪوبه چٽوپٽو فاحش ڪم ڪندي ته کيس (ٻين عورتن کان) ٻيڻو عذاب ملندو (ڇو ته ايڏي جوابداري واري پوزيشن جي ماڻهوءَ لاءِ ناروا ڪم ڪرڻ وڌيڪ نامناسب آهي) ۽ ائين ڪرڻ (يعني ٻيڻو عذاب ڏيڻ) الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي نبيءَ جون بيبيون سڳوريون توهان مان جيڪڏهن ڪنهن (بالفرض) رسولِ عربيءَ جي نافرماني ڪئي ته ان لاءِ (ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾) ٻيڻون عذاب ڪيو ويندو، ۽ اهو الله تعالى لاءِ (تمام) آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبيءَ جون زالون! جيڪا اوهان مان ظاهر بيحيائي ڪندي تنهن کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اهو ڪم خدا تي (نهايت) آسان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي نبي جون گهرواريون! جيڪا آڻيندي اوهان مان بي حيائي پڌري ته ٻيڻو ڪيو ويندو ان لاءِ عذاب ٻه ٻيڻا حصا ۽ اهو الله جي لاءِ آسان آهي. (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي جون زالون! جيڪا اوهان مان ظاهر بيحيائي ڪندي تنهن کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اهو ڪم الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي جون گهرواريون! اوهان مان ڪنهن کُليل بيهودگي ڪئي ته ان کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. ۽ اهو ڪم الله تي آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪاڏِٺا ڏوھ ڪَندِي، آنه مان حَرم حُضور!، ٻِيڻو عَذاب اُن کي، مَهندان مِلندو مُور، ۽ مالِڪ سِر مَذڪُور، آهي ڪم آسان گھڻو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبيءَ جون بيبيون! اوهان مان جيڪا به ڪا کُلي بد ڪاري ڪندي، ته ان جي سزا کي وڌائي ٻيڻو ڪبو ۽ اهو الله لاءِ آسان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبيءَ جون گهرواريون! توهان مان جيڪا ڪنهن پڌري بيحيائيءَ وارو ڪم ڪندي ته ان کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو. الله لاءِ اهو تمام آسان ڪم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي گهر واريون نبي جون! توهان مان جيڪا به بي حيائيءَ جو ڪم ڪندي ظاهر ظهور ته وڌايو ويندو ان جي لاءِ عذاب ٻيڻو ۽ اهو ڪم ته الله جي لاءِ تمام آسان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي سڳوري جون گهر واريون! (توهان هي ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته) جيڪڏهن توهان مان ڪا پڌري بي حيائي جو ڪم ڪري وجهندي ته ان کي ٻيڻو عذاب ڏنو ويندو ۽ هي الله تعالى جي لاءِ تمام سولو ڪم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَقنُت مِنكُنَّ لِلَّهِ وَرَسولِهِ وَتَعمَل صٰلِحًا نُؤتِها أَجرَها مَرَّتَينِ وَأَعتَدنا لَها رِزقًا كَريمًا (آيت : 31) |
۽ اوھان مان جيڪا الله ۽ سندس پيغمبر جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي تنھن کي سندس اجر ٻه ڀيرا ڏينداسين ۽ اُن لاءِ عزت واري روزي تيار ڪنداسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان مان (يعني حضرت جن جي حرمن مان) جيڪي به دل و جان سان الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندي ۽ نيڪ عمل ڪندي تنهن کي اسان (ٻين کان) ٻيڻو اجر ڏينداسين ۽ اسان هن لاءِ شاندار رزق (يعني هر طرح جون نعمتون ۽ خوشيون) تيار رکيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مان جيڪا، الله تعالى ۽ الله جي رسول جي تابعداري ڪري ٿي ۽ عمل صالح ڪري ٿي ته اسين ان کي سندس ثواب ٻيڻون ڪري ڏينداسين، ۽ اسان ان لاءِ بهشت تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان جا (بي بي) خدا ۽ رسول جي تابعداري ۽ سٺا (سٺا) ڪم ڪندي تنهن کي اسين ان جو ثواب به ٻيڻو عطا ڪنداسون، ۽ اسان ان لاءِ جنت ۾ عزت (۽ احترام) جي روزي تيار ڪري رکي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪا تابعداري ڪندي اوهان مان الله ۽ ان جي رسول جي ۽ ڪندي چڱا ڪم ته ڏينداسون ان کي ان جو ثواب ٻه ڀيرا ۽ تيار ڪنداسون ان جي لاءِ روزي عزت واري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان مان جيڪا الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪندي ۽ چڱو ڪم ڪندي تنهن کي اسين سندس اجر ٻه ڀيرا ڏينداسون ۽ اسان ان لاءِ سٺو رزق تيار ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان مان جيڪا الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي ته اسان ان کي سندس اجر ٻيڻو ڏينداسين ۽ اسان ان جي لاءِ عزت واري روزي تيار ڪري رکي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آرياڻيون! اَوهان مَنجھان، جي رهنديون تابِعدار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جون، پڻ ڪنديون چوکي ڪار، ٻِيڻا دَرجا ٻاجھ سان، ڏِيندو تَن ڏاتار، ۽ تنين لئي تيار، رَبَّ، سَڳورو رِزق ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان مان جيڪا الله ۽ سندن رسول جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا ڪم ڪندي، ان کي سندس ثواب به ٻه دفعا ڏينداسون ۽ ان لاءِ عزت وارو رزق تيار ڪنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان مان جيڪا الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪندي ۽ چڱا عمل ڪندي، ان کي اسان ٻيڻو اجر ڏينداسون ۽ ان لاءِ اسان تمام ڀلو رزق تيار ڪري رکيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪا اطاعت ڪندي توهان مان الله ۽ رسول جي ۽ عمل ڪندي نيڪ تنهن کي اسين ڏينداسين اجر ٻيڻو، ۽ تيار ڪيوسين ان جي لاءِ رزق سٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان مان جيڪا الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ۽ نيڪ عمل ڪندي ته اسان کيس ٻيڻو اجرڏينداسين ۽ ان جي لاءِ عزت واري روزي رکي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰنِساءَ النَّبِىِّ لَستُنَّ كَأَحَدٍ مِنَ النِّساءِ إِنِ اتَّقَيتُنَّ فَلا تَخضَعنَ بِالقَولِ فَيَطمَعَ الَّذى فى قَلبِهِ مَرَضٌ وَقُلنَ قَولًا مَعروفًا (آيت : 32) |
اي پيغمبر جون زالون اوھين ڪن ٻـين زالن جھڙيون نه آھيو جيڪڏھن اوھين (الله کان) ڊڄنديون آھيو ته (ڪنھن ڌارئي ماڻھوءَ سان) ڳالھائڻ ۾ ھيٺاھين نه ڪريو ڇوته جنھن جي دل ۾ بيماري آھي سو (متان) طمع ڪري ۽ چڱو سُخن ڳالھايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبيءَ جون زالون! اوهان ٻين عورتن وانگر نه آهيو (اوهان جي پوزيشن بلڪل ٻي آهي) جيڪڏهن توهان خدا جو خوف ٿيون رکو ۽ پرهيزگار ٿيڻ ٿيون چاهيو ته (مردن سان) اهڙي نرم (۽ دل ڇڪيندڙ) نموني سان نه ڳالهايو جو جنهن (مرد) جي دل ۾ (بي حيائيءَ جو) مرض هجي سو (ڀلجي بڇڙائيءَ جو) حرص ڪري، ۽ اهڙا لفظ ڳالهايو جي مناسب ۽ انصاف وارا ڄاتا وڃن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي نبيءَ جون بيبيون توهان هرگز ٻين عورتن جهڙيون ناهيو، جيڪڏهن توهان خوف ڪريو ٿيون پوءِ توهان ڳالهائڻ ۾ نرمي نه ڪريو پوءِ طمع رکندو اهو شخص جنهنجي دل ۾ مرض آهي ۽ توهان صاف صاف ڳالهايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبي جون زالون! اوهين ٻين عام عورتن وانگر ته نه آهيو! (پوءِ) جيڪڏهن اوهان کي پرهيزگاري منظور آهي ته (ڌارئي ماڻهو سان) ڳالھ نه ڪريو، متان جنهن دل ۾ (شهوت زنا جي) بيماري آهي سو طمع نه ڪري ۽ (صاف صاف) سٺي نموني ڳالھ چئو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي نبيءَ جون گهرواريون! ناهيو اوهان ڪنهن هڪ جهڙيون عورتن مان جيڪڏهن اوهان (الله کان) ڊڄنديون پوءِ نه هيٺاهين ڪيو ڳالهائڻ ۾ پوءِ طمع رکي اهو جو ان جي دل ۾ بيماري آهي ۽ ڳالهايو ڳالهائڻ چڱو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبيءَ جون زالون! اوهين ٻين زالن جهڙيون نه آهيو جيڪڏهن پرهيزگاري ڪريو پوءِ ڳالهائڻ ۾ هيٺاهين نه ڪريو ته متان جنهن جي دل ۾ بيماري آهي سو طمع نه ڪري ۽ چٽي ڳالهه چئو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي جون گهرواريون! اوهان عورتن مان ڪنهن به هڪ (عام عورت) جي مثل نه آهيو جيڪڏهن اوهان پرهيزگار رهڻ چاهيو ٿيون ته پوءِ (مردن سان بوقتِ ضرورت) ڳالهائڻ ۾ نرم لهجو اختيار نه ڪيو متان دل جي خرابي ۾ مبتلا ڪو ماڻهو لالچ ۾ نه پئجي وڃي ۽ صاف ۽ سڌي ڳالهه چئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي بيبيون! ڀَلي ڄام جون، مَنجھ ڀَلائي ۽ ڀال، جوين مان ڪِنهن هِڪ جِھڙيون آهيو نَه مَنجھ اقبال، جي ڊِڄنديون ڌڻِئَ پاڪ کان، پوءِ ڳُجِھي نه ڪريو ڳالھ، تان مَرض جِنهن جي مَن ۾، سو ڪڍي نه ڪک ڪُلال، ۽ چَئو چِٽِئَ چال، نَصِيحتون نيڪِئَ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبيءَ جون بيبيون! جيڪڏهن اوهين نيڪ آهيو، ته ڪنهن ٻيءَ عورت جهڙيون نه آهيو_ ان ڪري ڳالهائڻ ۾ اهڙي نرمي نه ڪريو، جو دل جي مرض وارو شخص طمع ڪري، ۽ چڱي ڳالهه ڳالهايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبيءَ جون گهرواريون، توهان عام عورتن وانگر نه آهيو، جيڪڏهن توهان الله کان ڊڄڻ واريون آهيو ته نرم نه ڳالهائينديون ڪريو ته متان دل جي خرابيءَ ۾ ڦاٿل ڪو شخص لالـچ ۾ نه پئجي وڃي، ۽ صاف سڌي سنئين ڳالهه ڪنديون ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي زالون نبيءَ جون! ناهيو توهان ڪنهن به (عام) عورتن وانگر، جيڪڏهن پرهيزگاري ڪريو توهان (الله کان ڊڄو) نرم زبان سان ڳالهايو ته متان لالچي ماڻهو دل جي خرابيءَ ۾ پئجي وڃي ۽ صاف سڌي ڳالهه ڪنديون ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي سڳوري جون گهر واريون! (توهان اها ڳالهه ذهن ۾ رکو ته) توهان جي حيثيت عام عورتن واري نه آهي. جيڪڏهن توهان جي اندر الله تعالى جو خوف آهي ته ڪنھن (ڌارئي ماڻهوءَ) سان نرم لهجي ۾ نه ڳالهايو. ٿي سگهي ٿو ته جنھن جي دل ۾ ڪا بيماري هجي اهو ڪنھن به قسم جي ڪا توقع رکي. توهان(انهن سان) عام انداز ۾ ڳالهايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقَرنَ فى بُيوتِكُنَّ وَلا تَبَرَّجنَ تَبَرُّجَ الجٰهِلِيَّةِ الأولىٰ وَأَقِمنَ الصَّلوٰةَ وَءاتينَ الزَّكوٰةَ وَأَطِعنَ اللَّهَ وَرَسولَهُ إِنَّما يُريدُ اللَّهُ لِيُذهِبَ عَنكُمُ الرِّجسَ أَهلَ البَيتِ وَيُطَهِّرَكُم تَطهيرًا (آيت : 33) |
۽ پنھنجن گھرن ۾ رھو ۽ پھرينءَ جاھليت جي سينگار وانگر سينگار نه ڪريو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، اي پيغمبر جا گھر وارؤ الله رڳو ھي گھرندو آھي ته اوھان کان پليتي دور ڪري ۽ ته اوھان کي چڱي طرح پاڪ ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان پنهنجن گهرن ۾ (امن امان ۽ پاڪائيءَ سان) رهو. اڳئين جاهليت جي زماني (جي عورتن) وانگر (ماڻهن کي) هار سينگار ڏيکارينديون نه وتو. (۽ نه گهمو ڦرو) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪنديون رهو. اي اهل بيت (يعني حضرت جن جي گهر جا ڀاتيو انهن هدايتن ڏيڻ جو مقصد هي آهي جو) الله تعاليٰ فقط هي ٿو چاهي ته ناپاڪائيءَ کي اوهان کان دور رکي ۽ اوهان کي هر طرح بلڪل پاڪ ڪري ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (توهان) پنهنجي گهرن ۾ رهو ۽ گذريل جهالت جهڙي بي پردگي نه ڪريو ۽ (توهان) نماز پڙهو ۽ زڪوات ادا ڪريو ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪريو. الله تعالى ته اهو ئي چاهي ٿو ته رسولِ عربيءَ جي اهلِ بيت تان هر قسم جي ناپاڪائي پري ڪري ۽ انهن کي چڱيءَ طرح پاڪ صاف ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهجين گهرن ۾ ويٺيون رهو ۽ اڳئين زماني جاهليت وانگر پنهنجو سينگار ظاهر ڪنديون نه ڦرو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو. اي (پيغمبر جا) اهل بيت خدا ته رڳو هيءَ گهري ٿو ته اوهان کي (هر طرح جي) پليتيءَ کان پري رکي ۽ جو پاڪ پاڪيزه رکڻ جو حق آهي تهڙو ئي پاڪ صاف رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ رهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ نه سينگار ظاهر ڪيو پهرين جاهليت جي سينگار ظاهر ڪرڻ وانگر ۽ قائم ڪيو نماز ۽ ادا ڪيو زڪواة ۽ اطاعت ڪيو الله جي ۽ ان جي رسول جي بلاشڪ الله اهو ئي ارادو ٿو ڪري تانته پري رکي اوهان کان پليدي اي اهلبيتو! ۽ پاڪ رکي اوهان کي پوري طرح پاڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجن گهرن ۾ رهو ۽ پهرين جاهليت جي (زماني جي) سينگار ظاهر ڪرڻ وانگر پنهنجو سينگار ظاهر نه ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪريو. (اي نبيءَ جي گهر واريون !) الله هيءَ ئي ڳالهه گهري ٿو ته اوهان کان پليتيءَ کي پري ڪري ۽ اوهان کي چڱيءَ طرح پاڪ ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي گهرن ۾ قرار سان رهو ۽ پراڻي جاهليت وانگر زيب زينت ظاهر نه ڪيو ۽ نماز قائم رکو ۽ زڪواة ڏيو ۽ الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو. الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته اي (رسول ﷺ جا) گهروارؤ! اوهان کان هر ناپاڪائي کي پري رکي ۽ اوهان کي چڱي طرح پاڪ صاف ڪري ڇڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گھاريو پَنهنجي گَھرن ۾، قَلب ساڻ قرار، ۽ جُهونِي جاهِليَت جِيئن، ڪريو ڪِين پَسار، ۽ پُورو پَڙهو نِماز کي، پڻ ڏِيو لڳ ڏاتار، ۽ رَهو تابِعدار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جُون. اِرادو اَلله جو، آهي اِنهئَ پَر، ته اَگلايو اَوهان مان، ڪَڍِي ڇَڏي قادِر، پاڪ ڪري پَرور، اي اَهل بيت! اوهان کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجن گهرن ۾ رهو ۽ اڳوڻي جاهليت جي سينگار جيئن سينگارجي نمائش نه ڪريو، نماز هميشه پڙهو، زڪوات ڏيو ۽ الله ۽ سندس رسول جو چيو مڃيو_ اي رسول جا گهر وارؤ! الله جو ارادو رڳوهي آهي ته، اوهان تان هر طرح جي ناپاڪي پري ڪري ۽ اوهان کي تمام چڱيءَ طرح پاڪ ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پنهنجن گهرن ۾ ئي ويٺيون رهو ۽ اڳوڻي جاهليت واري زماني وانگر سينگار ڪري ڏيکاءُ نه ڪنديون وتو، نماز قائم ڪريو، زڪواة ڏيو، الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪريو، الله ته چاهي ٿو ته توهان نبيءَ جي اهل بيت (گهروارن) کان گندگيءَ کي دور ڪري ڇڏي ۽ توهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڄمي ويهو پنهنجن گهرن ۾ ۽ نه سينگار ڪريو، سينگار جاهليت جي اڳئين دور وارو ڏيکاريو ۽ قائم ڪريو نماز ۽ ڏيو زڪواة، ۽ اطاعت ڪريو الله ۽ سندس رسول جي، بيشڪ چاهي ٿو الله ته دور ڪري توهان کان گندگي کي نبيءَ جي اهلبيت کان ۽ توهان کي پاڪ ڪري پوريءَ طرح(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان پنھنجي گهرن ۾ ئي رهو ۽ پھرين جاهليت واري دور وانگر هار سينگار ڪري ٻاهر نه نڪرنديون ڪريو. نماز قائم ڪريو، زڪوات ادا ڪريو ۽ الله تعالى ۽ ان جي رسول (سڳوري) جي فرمانبرداري ڪريو. اي اهل بيت! الله تعالى توهان کان گندگي دور ڪرڻ چاهي ٿو ۽ توهان کي چڱي طرح پاڪ ڪرڻ چاهي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاذكُرنَ ما يُتلىٰ فى بُيوتِكُنَّ مِن ءايٰتِ اللَّهِ وَالحِكمَةِ إِنَّ اللَّهَ كانَ لَطيفًا خَبيرًا (آيت : 34) |
۽ اوھان جي گھرن ۾ جيڪي الله جي آيتن ۽ دانائيءَ جي ڳالھين مان پڙھيو وڃي ٿو سو ياد ڪريو، بيشڪ الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي حضرت جن جون زالون) اوهان کي جيڪي الله جون آيتون ۽ حڪم ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون اوهان جي گهرن ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون سي پڙهو (ياد رکو ۽ ٻين کي به ٻڌايو) يقيناً الله تعاليٰ بلڪل باريڪ نڪتا به سمجهندڙ آهي ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي (تنهن ڪري سندس آيتن کي سمجهي انهن تي عمل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (مذڪوره بالا آيت شريف ۾ اهل بيت جو لفظ آيو آهي، انجو مختصر تفسير هن ريت آهي اهل سنت جي عقيدي مطابق اهل بيت مان مراد نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جون گھر واريون، سندن نياڻي بيبي سيده فاطمة الزهراء ، (حضرت) سيدنا علي ڪرم الله تعالى وجهہ، سيدنا امام حسن ۽ سيدنا امام حسين رضي الله تعالى عنهم اجمعين آهن، تفسير مظهري ۾ اهي حوالا موجود آهن، علاوه ازين اهل سنت جي عقيدي جي امام (حضرت) منصور ماتريدي رحمة الله عليہ به ايئن فرمائن ٿا ته اهل بيت مان مراد مذڪوره بالا شخصيتون آهن) ۽ توهان ان کي ياد ڪريو جيڪي الله جون آيتون ۽ حڪمتون توهان جي گھرن ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. بيشڪ الله تعالى لطيف (باريڪ بين) خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (نبي جون زالون) اوهان جي گهرن ۾ جيڪي خدا جون آيتون (عقل ۽) حڪمت (جون ڳالهيون) پڙهيون وڃن ٿيون تن کي ياد رکو بيشڪ خدا وڏو باريڪ بين (۽) واقف ڪار آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ياد ڪيو اهو جيڪو پڙهيو ٿو وڃي اوهان جي گهرن ۾ الله جي آيتن ۽ حڪمت مان بيشڪ الله لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جي گهرن ۾ جيڪي الله جون آيتون ۽ حڪمت پڙهي وڃي ٿي، تنهن کي ياد ڪريو. بيشڪ الله لطف ڪندڙ خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ياد رکو جيڪي اوهان جي گهرن ۾ الله جي آيتن ۽ حڪمت مان پڙهيو وڃي ٿو. بيشڪ الله باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساريو صُبح، شام سِين حُڪم ۽ حِڪمتون، اَنهنجي گَھر الله جا، پڙهجن ، جي پيغام، آهي رَبُّ عَلام، سَٻاجھو ۽ سَٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان جي گهرن ۾ جيڪي الله جون آيتون ۽ دانائي پڙهجن ٿا، سي ياد ڪريو، بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ، خبر رکندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ياد رکو! الله جي آيتن ۽ حڪمت وارين انهن ڳالهين کي جيڪي توهان جي گهرن ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون، بيشڪ الله لطيف ۽ خبير آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪريو انهن ڳالهين کي جيڪي ٻڌايون وڃن ٿيون توهان جي گهرن ۾ آيتون الله جون ۽ دانائيءَ جون، بيشڪ الله آهي لطيف ۽ باخبر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان جي گهرن ۾ الله تعالى جي ڪلام مان جيڪي آيتون ۽ حڪمت جون ڳالهيون ٻڌايون وڃن ٿيون تن کي ياد ڪريو. بيشڪ الله تعالى انتهائي باريڪ بين ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ المُسلِمينَ وَالمُسلِمٰتِ وَالمُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَالقٰنِتينَ وَالقٰنِتٰتِ وَالصّٰدِقينَ وَالصّٰدِقٰتِ وَالصّٰبِرينَ وَالصّٰبِرٰتِ وَالخٰشِعينَ وَالخٰشِعٰتِ وَالمُتَصَدِّقينَ وَالمُتَصَدِّقٰتِ وَالصّٰئِمينَ وَالصّٰئِمٰتِ وَالحٰفِظينَ فُروجَهُم وَالحٰفِظٰتِ وَالذّٰكِرينَ اللَّهَ كَثيرًا وَالذّٰكِرٰتِ أَعَدَّ اللَّهُ لَهُم مَغفِرَةً وَأَجرًا عَظيمًا (آيت : 35) |
بيشڪ مُسلمان مرد ۽ مُسلمان زالون ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون ۽ فرمانبردار ۽ فرمانبردارڻيون ۽ سچا ۽ سچيون ۽ صبر وارا ۽ صبر واريون ۽ (خدا کان) ڊڄندڙ ۽ (خدا کان) ڊڄندڙيون ۽ خيرات ڪرڻ وارا ۽ خيرات ڪرڻ واريون ۽ روزي رکڻ وارا ۽ روزي رکڻ واريون ۽ پنھنجي اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا ۽ نگاھ رکڻ واريون ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندڙ ۽ ياد ڪندڙيون انھن (سڀني) لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله تعاليٰ مسلم مردن ۽ مسلم عورتن لاءِ، مؤمن ۽ مؤمنياڻين لاءِ، فرمانبردار مردن ۽ فرمانبردار عورتن لاءِ، سچن مردن ۽ سچين عورتن لاءِ، صبر ڪندڙ مردن ۽ صبر ڪندڙ عورتن لاءِ، نماڻن مردن ۽ نماڻين عورتن لاءِ صدقا ڏيندڙ مردن ۽ صدقا ڏيندڙ عورتن لاءِ، روزا رکندڙ (۽ پرهيزگار) مردن ۽ روزا رکندڙ (۽ پرهيزگار) عورتن لاءِ پاڪدامن مردن ۽ پاڪدامن عورتن لاءِ ۽ الله کي گهڻي ياد ڪندڙ مردن ۽ عورتن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون نوڙت ڪندڙ مرد ۽ نوڙت ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پرهيزگار مرد ۽ پرهيزگار عورتون ۽ الله تعالى جو گھڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ (گھڻو ذڪر ڪندڙ) عورتون الله تعالى انهن سڀني لاءِ مغفرت ۽ اجرِ عظيم (بهشت) تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون ۽ فرمانبرادر مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون خدا کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ ياد ڪندڙ عورتون، انهن (سڀني) لاءِ خدا معافي ۽ (تمام) وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمان بردار عورتون ۽ سچ ڳالهائيندڙ مرد ۽ سچ ڳالهائيندڙ عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزو رکندڙ مرد ۽ روزو رکندڙ عورتون ۽ پنهنجن اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ حفاظت ڪندڙ عورتون ۽ الله جو گهڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ گهڻو ذڪر ڪندڙ عورتون تيار ڪيو الله انهن جي لاءِ مغفرت ۽ اجر وڏو . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي اوگهڙن جي نگهباني ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون ۽ الله کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ ياد ڪندڙ عورتون انهن (سڀني) لاءِ الله معافي ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر وارا مرد ۽ صبر واريون عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ صدقو (خيرات) ڪندڙ مرد ۽ صدقو (خيرات) ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي شرمگاهن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ حفاظت ڪندڙ عورتون ۽ الله جو گھڻو ذڪر ڪندڙ مرد ۽ ذڪر ڪرڻ واريون عورتون انهن سڀني لاءِ الله بخشش ۽ زبردست اجر تيار ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِڙِئي مَرد ۽ عورتون، جي آيا مَنجھ اِسلام، ۽ ٻَئـِي مَڃِيندڙ مُورِهين ۽ ٻَئـِي تابِعدار تمام، پڻ سَچا۽ سَچيون، ۽ سَهندڙسختيون عام، ۽ جُھڪندڙ جُوان جويون ۽ ڏِيندڙ دان دَوام، پڻ رکندڙ روزي جا، وَنيون وَر وَريام، ۽ نِگاھ سَندنِ نَنگ جِي، ڪندڙ تا قِيام ، ۽ سِڪ مان سارِيندڙ گھڻو، صاحِب صُبح، شام، تَنِين لئي تيار ڪيا، آگي، رَبَّ عَلّام، هِڪ مَعافِي مُدام، ٻِيا دُهرادان دِل تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ عورتون، مؤمن ۽ مؤمنياڻيون، الله جو حڪم مڃيندڙ مرد ۽ عورتون، سچا ۽ سچيون، صبر وارا ۽ صبر واريون، الله کان ڊڄندڙ مرد ۽ عورتون، خيرات ڪندڙ مرد ۽ عورتون، روزا رکندڙ مرد ۽ عورتون ۽ الله کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد خواهه عورتون، انهن سڀني لاءِ الله بخشش ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته جيڪي مرد توڙي عورتون مسلم آهن، مؤمن آهن، فرمانبردار آهن، سچار آهن، صبر ڪندڙ آهن، الله جي آڏو جهڪندڙ آهن، خيراتون ڏيندڙ آهن، روزا رکندڙ آهن، پنهنجي اوگهڙ جي حفاظت ڪندڙ آهن ۽ الله کي تمام گهڻو ياد ڪندڙ آهن، تن لاءِ الله گناهن کان معافي ۽ تمام وڏو اجر ٺاهي رکيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي به مرد توڙي عورتون مسلمان آهن، ۽ مؤمن آهن ۽ مؤمنياڻيون آهن ۽ فرمانبردار مرد ۽ عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون، ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ اوگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون ۽ الله کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ گهڻو ياد ڪندڙ عورتون، انهن (سڀني) لاءِ الله معافي ۽ وڏو اجر تيار ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون، مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون، فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون، سچا مرد ۽ سچيون عورتون، صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون، عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون، خيرات ڪڍندڙ مرد ۽ خيرات ڪڍندڙ عورتون، روزو رکڻ وارا مرد ۽ روزو رکڻ واريون عورتون، پنھنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ پنهنجي اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ عورتون ۽ الله تعالى کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ گهڻو ياد ڪندڙ عورتون، انهن سڀني جي لاءِ الله تعالى معافي ۽ تمام وڏو اجرتيار ڪري رکيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لِمُؤمِنٍ وَلا مُؤمِنَةٍ إِذا قَضَى اللَّهُ وَرَسولُهُ أَمرًا أَن يَكونَ لَهُمُ الخِيَرَةُ مِن أَمرِهِم وَمَن يَعصِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد ضَلَّ ضَلٰلًا مُبينًا (آيت : 36) |
۽ جڏھن الله ۽ سندس پيغمبر ڪنھن ڪم بابت حُڪم ڪري (تڏھن) ڪنھن مؤمن ۽ ڪنھن مؤمنياڻيءَ کي انھي پنھنجي ڪم ۾ ڪو اختيار ھجڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي نافرماني ڪندو سو بيشڪ پڌريءَ ڀُل ۾ ڀُلو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪنهن به مؤمن ۽ مؤمنياڻي لاءِ جائز ناهي ته جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن به ڳالهه بابت ڪو حڪم صادر ڪن تڏهن هو پنهنجي انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي راءِ تي هلن (۽ پنهنجي پسندي ۽ اختيار موجب عمل ڪن) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ٿو ڪري سو ظاهرظهور سڌي واٽ ڇڏي ڀلجي گمراهه ٿي ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن الله تعالى ۽ الله جي رسول ڪنهن ڪم بابت قطعي فيصلو ڏنو آهي ته (پوء) ڪنهن مؤمن مرد ۽ مؤمن عورت کي ان معاملي جو ڪو اختيار ناهي، ۽ جيڪو شخص الله تعالى ۽ الله جي رسول جي نافرماني ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ اهو صاف گمراهي ۾ گمراه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن خدا ۽ سندس رسول ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ته نه ڪنهن ايمان واري مرد ۽ نه ڪنهن ايمان واريءَ عورت کي مناسب آهي ته انهن کي سندن (ان) ڪم ۾ ڪو اختيار رهي (ياد رکو) جيڪو خدا ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو سو ظاهر گمراهيءَ ۾ گمراھ ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو مناسب هجي مؤمن مرد ۽ مؤمن عورت جي لاءِ جڏهن فيصلو ڪري الله ۽ ان جو رسول ڪنهن امر جو ته هجي انهن جي لاءِ اختيار پنهنجي معاملي ۾ ۽ جيڪو به بي فرماني ڪندو الله ۽ ان جي رسول جي پوءِ تحقيق گمراھ ٿيو کليل گمراهي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن ڪم جو حڪم ڪري ته نه ڪنهن ايمان واري مرد ۽ نه ڪنهن ايمان واريءَ عورت کي مناسب آهي ته انهن کي سندن (ان) ڪم ۾ ڪو اختيار رهي. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو سو ظاهر گمراهيءَ ۾ گمراهه ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن به مؤمن مرد ۽ مؤمن عورت کي حق نه ٿو پهچي جو جڏهن الله ۽ ان جو رسول ڪنهن ڪم جو فيصلو (يا حڪم) فرمائن ته انهن کي پنهنجي (ان) ڪم ۾ (ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو) ڪو اختيار رهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول (ﷺ) جي بي فرماني ڪري ٿو سو اُهو بيشڪ پڌري گمراهي ۾ ڀٽڪي ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن مُؤمن ۽ مُؤمڻياڻِئَ کي، اِي نه اِختيار، ته رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول ڪيو، حُڪم جڏهن هيڪار، ته وَڃنِ وار ٻَهار، ڪِنهن به سَندنِ ڪَم ڪار ۾. ۽ حُڪم رَبَّ ۽ رَسُول، جو ڀَڃندو بي شُعور، سو مُورک موڙهو مُور، وِيو وَڃڻ کي واٽ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪنهن به مؤمن خواهه مؤمنياڻيءَ کي اهو نٿو جڳائي جو جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن به ڪم جو حڪم ڪن ته تڏهن وري هنن کي پنهنجي ڪم ۾ ڪو اختيار هجي، ۽ جيڪڏهن ڪو الله ۽ سندس رسول جو حڪم نه مڃيندو سو بيشڪ صفا گمراهيءَ ۾ پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به مؤمن توڙي مؤمنياڻيءَ کي اهو حق ناهي ته جڏهن الله ۽ سندس رسول ڪنهن معاملي جو فيصلو ڪري ڇڏي ته پوءِ کين پنهنجي ان معاملي جو پاڻ فيصلو ڪرڻ جو اختيار هجي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ته اهو پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪنهن مؤمن مرد ۽ نه ڪنهن ايمان واري عورت لاءِ مناسب آهي ته جڏهن فيصلو ڪن الله ۽ سندس رسول ڪنهن معاملي جو ته کين ان معاملي ۾ ڪو اختيار پاڻ ۾ فيصلي ڪرڻ جو حاصل هجي، ۽ جنهن نافرماني ڪئي الله ۽ سندس رسول جي سو گمراهي ۾ پئجي ويو ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جنھن به معاملي ۾ ڪو فيصلو ڪيو هجي ته ڪنھن به مؤمن مرد يا مؤمن عورت کي ان معاملي ۾ ڪنھن ٻئي فيصلي ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي ۽ جيڪو به الله تعالى ۽ ان جي رسول (سڳوري) جي نافرماني ڪندو ته هو پڌرو گمراهيءَ ۾ پئجي ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ تَقولُ لِلَّذى أَنعَمَ اللَّهُ عَلَيهِ وَأَنعَمتَ عَلَيهِ أَمسِك عَلَيكَ زَوجَكَ وَاتَّقِ اللَّهَ وَتُخفى فى نَفسِكَ مَا اللَّهُ مُبديهِ وَتَخشَى النّاسَ وَاللَّهُ أَحَقُّ أَن تَخشىٰهُ فَلَمّا قَضىٰ زَيدٌ مِنها وَطَرًا زَوَّجنٰكَها لِكَى لا يَكونَ عَلَى المُؤمِنينَ حَرَجٌ فى أَزوٰجِ أَدعِيائِهِم إِذا قَضَوا مِنهُنَّ وَطَرًا وَكانَ أَمرُ اللَّهِ مَفعولًا (آيت : 37) |
۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تو اُنھيءَ شخص کي چيو ٿي جنھن تي الله فضل ڪيو آھي ۽ تو (به) مٿس احسان ڪيو ته پنھنجيءَ زال کي جھل (۽ طلاق نه ڏي) ۽ الله کان ڊڄ ۽ تون پنھنجي دل ۾ اُھا ڳالھ لڪائين ٿو جنھن کي الله پڌرو ڪندو آھي ۽ ماڻھن کان ڊنين ٿي، حالانڪ الله (ھن ڳالھ جو) وڌيڪ حقدار آھي جو اُن کان ڊڄين، پوءِ جنھن مھل زيد اُن (عورت) کان پنھنجي حاجت پوري ڪئي (يعني طلاق ڏنائين تنھن مھل) اُن کي توسان پرڻايوسون (ھن لاءِ) ته مؤمنن تي پنھنجي پٽيلين جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪا اوکائي نه رھي جڏھن (اُھي) اُنھن کان پنھنجي حاجت پوري ڪن (يعني طلاق ڏين)، ۽ الله جو (جيڪو) حُڪم (آھي سو) ٿيڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) ڏس ته تو انهيءَ (زيد بن حارث) کي چيو جنهن تي الله به احسان ڪيو آهي ۽ تو به احسان ڪيو آهي ته، (اي زيد) پنهنجي زال کي پاڻ وٽ رک (طلاق نه ڏينس) ۽ الله کان ڊڄ ۽ تو پنهنجي دل ۾ انهيءَ ڳالهه کي لڪايو پئي جا الله تعاليٰ ظاهر ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن (جي چوٻولن) کان ڊنين پئي، حالانڪ الله ئي هن ڳالهه جو حقدار آهي ته تون کانئس ڊڄين (نه ماڻهن جي اجاين طعنن کان). پوءِ جڏهن زيد باقاعدي (زال کي) طلاق ڏيئي چڪو (۽ عدت گذري ويئي) تڏهن اسان انهيءَ (زال) کي تنهنجي نڪاح ۾ آندو، انهيءَ لاءِ ته مؤمنن کي پنهنجي گود جي پٽن جي زالن سان نڪاح ڪرڻ ۾ تڪليف يا رنڊڪ نه رهي. جڏهن هو انهن کي باقاعدي طلاق ڏيئي ڇڏي ڏين ۽ الله جو حڪم ضرور عمل هيٺ آڻڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب. توهان ياد ڪريو جنهن وقت توهان ان ماڻهو (حضرت زيد) کي چيو جنهن تي الله تعالى ۽ توهان نعمت ڪئي ته تون پنهنجي گھر واري (بيبي زينب) پاڻ وٽ رک ۽ تون الله کان خوف ڪر ۽ توهان جنهن ڳالهه کي پاڻ وٽ مخفي ڪريو ٿا الله تعالى ان کي ظاهر ڪري ٿو ۽ توهان ماڻهن کان خوف ڪريو ٿا، ۽ الله وڌيڪ حقدار آهي جو توهان ان کان خوف ڪريو، پوءِ جڏهن (حضرت) زيدُ ان مان پنهنجي حاجت پوري ڪئي، اسان ان جو نڪاح توهان سان ڪيو، ان لاءِ ته مؤمنن تي پنهنجي نپايل پٽن جي گھر وارين سان (نڪاح ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه ٿئي جڏهن اهي پنهنجي حاجت انهن مان پوري ڪن، ۽ الله تعالى جو حڪم نافذ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! اهو وقت ياد ڪر!) جڏهن تون ان شخص (زيد) کي چيو ٿي جنهن تي خدا (جدا) احسان ڪيو هو ته ۽ تو ان تي (جدا) احسان ڪيو هو ته پنهنجي زال (زينب) کي پنهنجي گهر ۾ رهڻ ڏي ۽ خدا کان ڊڄ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اها ڳالھ لڪائي ٿي ۽ جنهن کي خدا ظاهر ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن کان ڊنين ٿي هوڏانهن خدا وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان کان ڊڄين. پوءِ جڏهن زيد پنهنجي حاجت پوري ڪئي (ان کي طلاق ڏنائين) تڏهن اسان ان جي شادي تو سان ڪرائي هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي پٽيلن جي زالن (سان شادي ڪرڻ) ۾ جڏهن اهي انهن کان حاجت پوري ڪن (کين طلاق ڏين) ته ڪا تنگي نه رهي. ۽ خدا جو حڪم ته پورو ٿيل (قطعي) هوندو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن فرمايو اوهان ان کي جو نعمت ڪئي الله ان تي ۽ نعمت ڪئي اوهان ان تي ته روڪي جهل پاڻ وٽ پنهنجيءَ زال کي ۽ الله کان ڊڄ ۽ مخفي رکو پيا پنهنجي جيءَ ۾ اها ڳالھ جو الله ان کي ظاهر ڪندڙ آهي ۽ انديشو پيا ڪيو ماڻهن جو ۽ الله وڌيڪ حقدار آهي هن جو ته اوهان ان کان انديشو ڪيو پوءِ جڏهن پوري ڪئي زيد ان مان خواهش ته پرڻائي اسان اوهان کي اها تانته نه هجي مؤمنن تي پنهنجن پٽيلن جي زالن پرڻجڻ ۾ ڪا اوکائي نه رهي جڏهن (اهي) انهن کان پنهنجي حاجت پوري ڪن ڪا ڏکيائي ۽ الله جو امر ٿيڻو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ! ان ڳالهه کي ياد ڪر) جڏهن تو ان شخص کي چيو ٿي جنهن تي الله احسان ڪيو ۽ تو مٿس احسان ڪيو ته تون پنهنجي زال کي پاڻ وٽ جهل ۽ الله کان ڊڄ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اها ڳالهه لڪائي ٿي جنهن کي الله ظاهر ڪرڻ وارو آهي ۽ تون ماڻهن کان ڊڄين ٿي هوڏانهن الله (هن ڳالهه جو) وڌيڪ حقدار آهي ته ان کان ڊڄين. پوءِ جڏهن زيد اُن (زال) کان حاجت پوري ڪئي (اُن کي طلاق ڏنائين) تڏهن اسان ان جي شادي تو سان ڪرائي هن لاءِ ته ايمان وارن تي پنهنجي پٽيلن جي زالن (شادي ڪرڻ) ۾ جڏهن اهي انهن کان حاجت پوري ڪن (انهن کي طلاق ڏين) ڪا تنگي نه رهي. ۽ الله جو ڪم پورو ٿيڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!ياد ڪر)جڏهن تو ان شخص کي فرمايو جنهن تي الله انعام ڪيو ۽ تو (به) مٿس انعام فرمايو ته : ”تون پنهنجي گھروارِيءَ کي پاڻ وٽ جهل ۽ الله کان ڊڄ“ ۽ تو پنهنجي دل ۾ اُها ڳالهه لِڪائي ٿي جنهن کي الله ظاهر ڪرڻ وارو هيو ۽ تون ماڻهن (جي طعنه زني) کان ڊنين ٿي ۽ الله وڌيڪ حقدار آهي جو ان جو خوف رکين. پوءِ جڏهن زيد ان کي طلاق ڏيڻ جو غرض پورو ڪيو ته اسان ان سان تنهنجو نڪاح ڪيو ته جيئن مؤمنن تي انهن جي پُٽيلَن جي زالن (سان نڪاح) جي باري ۾ ڪو حرج نه رهي جڏهن اُهي (طلاق ڏئي) انهن کان بي غرض ٿي چُڪا هجن. ۽ الله جو حڪم پورو ٿيڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن، تو چيو ٿي تِنهن کي، جِنهن تي اَلله ڪَئـِي اِنعام، تو پڻ ڪيو تِنهن مَٿي، نَظر مِهر مُدام، ته جَھل پَنهنجِي پاڻ وَٽ، وَنِي سَندئـِي وَريام! ڪر خدا جو خوف ڪو، طلاق مَنجھ تَمام، ۽ لڪايَئـِي ٿي لوڪ کان، جا مَن تُنهنجي ۾ مام، آگو، رَبُّ عَلام، جنهن کي کولڻ وارو خلق ۾، ۽ کولڻ ۾ خوف رکين، ماڻهنئان مهربان!، اَلله لائق اُن جو، ته خوف رَکِينسِ خان!، پوءِ پَليو اُنِهئَ مان آسرو، جڏهن زيد جُوان، توکي پَرڻائي سون، پوءِ وَرِي سبَب هِن سُلطان!، تان مُؤمِنن کي، مُورهِين نَه پُهچي ڪو نُقصان، سَندنِ ڇاڏوڙن ۾، جَڏهن لاٿئون لَب مَنجھانِ، ۽ فائـِق جا فَرمان، آهِن پَڌرا پارڻان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (اي نبي!) جنهن شخص تي الله به فضل ڪيو ۽ تو به مٿس احسان ڪيو؛ ان کي جڏهن تو چيو ته، ”پنهنجيءَ زال کي پاڻ وٽ جهل؛ ۽ الله کان ڊڄ ”پر تو پنهنجي دل ۾ اها ڳالهه لڪائي ٿي؛ جنهن کي الله پڌرو ڪرڻ وارو هو ۽ تون ماڻهن کان ٿي ڊنين، مگر ڊڄڻ جو سڀ کان وڌيڪ لائق ته فقط الله آهي، پوءِ جنهن وقت ”زيد“ انهي کي صفا طلاق ڏيئي ڇڏي، تڏهن اسان ان عورت کي توسان پرڻايو، ته مؤمنن تي سندن پٽيلن جي زال پرڻجڻ ۾ ڪا رنڊڪ نه رهي، جڏهن هو انهن کي صفا طلاق ڏيئي ڇڏين ۽ الله جو حڪم ٿيڻو ئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ياد ڪر جڏهن تون ان شخص کي چئي رهيو هئين، جنهن تي الله ۽ تو احسان ڪيو هو ته "پنهنجيءَ زال کي نه ڇڏ ۽ الله کان ڊڄ" ان وقت تون پنهنجيءَ دل ۾ اها ڳالهه لڪايو ويٺو هئين، جيڪا الله ظاهر ڪرڻ پئي گهري. تون ماڻهن کان پئي ڊنئين، حالانڪه الله ان ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان کان ڊڄين. پوءِ جڏهن زيد ان کان حاجت پوري ڪئي ته اسان اها توسان پرڻائي ڇڏي، تانته مؤمنن تي پنهنجن پٽيلن جي زالن جي معاملي ۾ ڪابه تنگي نه رهي، جڏهن هو کانئن پنهنجي حاجت پوري ڪري چڪا هجن ۽ الله جو امر ته پورو ٿيڻو ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اي نبي! ياد ڪر اهو موقعو جڏهن تون ان شخص کي چئي رهيو هئين، جنهن تي الله ۽ تو احسان ڪيو هو ته، نه ڇڏ پنهنجي زال کي ۽ ڊڄ الله کان، ۽ ان وقت لڪائي رهيو هئين دل ۾ اها ڳالهه جنهن کي الله کولڻ پئي چاهيو ۽ تون ڊڄي رهيو هئين ماڻهن کان، جڏهن ته الله وڌيڪ حقدار آهي ته تون ان کان ڊڄين، پوءِ جڏهن پوري ڪئي پنهنجي حاجت زيد ان مان (ته اسان ان طلاق ڏنل عورت جو) تو سان نڪاح ڪري ڇڏيو ته جيئن مؤمنن کي سندن پٽيلن جي زالن (پرڻجڻ) جي معاملي ۾ ڏکيائي نه رهي، جڏهن ته اهي انهن مان حاجت پوري ڪري چڪا هجن ۽ حڪم الله جو عمل ۾ اچڻ گهربو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ! هي ڳالهه ياد ڪر) جنھن شخص تي الله تعالى ۽ تو احسان ڪيو هو پوءِ تون ان شخص کي چيو هو ته پنھنجي گهر واري کي پاڻ وٽ رک (کيس طلاق نه ڏي). الله تعالى کان ڊڄ، الله تعالى ته ان ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ وارو هو، جنھن ڳالهه کي ماڻهن جي ڀَوَ کان تو لڪائي رکيو هو. تون ماڻهن کان ڊڄي رهيو هئين حالانڪه الله تعالى ئي وڌيڪ حقدار آهي ته ان کان ڊڄجي. پوءِ زيد (بن حارثه رضي الله) جڏهن ان عورت سان حاجت پوري ڪئي (۽ کيس طلاق ڏنائين) ته اسان ان (عورت) جو نڪاح توسان ڪري ڇڏيوسين ته جيئن مؤمنن کي وات سان چيل پٽن جي زالن سان طلاق ڏيڻ کان پوءِ نڪاح ڪرڻ ۾ ڪابه رنڊڪ محسوس نه ٿئي ۽ الله تعالى جو حڪم نافذ ٿيڻ لاءِ ئي هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ عَلَى النَّبِىِّ مِن حَرَجٍ فيما فَرَضَ اللَّهُ لَهُ سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَكانَ أَمرُ اللَّهِ قَدَرًا مَقدورًا (آيت : 38) |
پيغمبر تي اُنھيءَ ۾ ڪا اوکائي نه آھي جيڪي الله اُن (پيغمبر) لاءِ حلال ڪيو آھي، جيڪي اڳ گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جو حُڪم ٺھرايل (اُنھن لاءِ) مُقرّر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نبي سڳوري لاءِ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪا مشڪلات يا رنڊڪ ڪانهي جنهن متعلق الله تعاليٰ هن جي لاءِ حڪم ڪڍي ڇڏيو آهي. جيڪي ماڻهو اڳي ٿي گذريا آهن. (خصوصاً اهل ڪتاب) تن ۾ به اهائي الله جي سنت جاري هئي ۽ (ياد رکو ته) الله جو حڪم اهڙي فتويٰ آهي جا مناسب قدر ۽ انداز تي بيهاريل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي تي ان ڳالهه جو ڪو حرج ناهي جيڪا الله تعالى سندن لاءِ مقرر فرمائي آهي، الله تعالى جي سنت اڳين نبين ۾ به جاري هئي، ۽ الله تعالى جو امر تقديري آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو حڪم خدا پيغمبر تي فرض ڪيو تنهن (جي ڪرڻ) ۾ ان تي ڪو حرج نه آهي. جي ماڻهو (ان کان) اڳ گذري چڪا آهن تن جي باري ۾ به خدا جو (اهو ئي) دستور رهيو آهي (جو نڪاح ۾ تنگي نه ڪئي). ۽ خدا جو حڪم مقرر ڪيل اندازي تي (هوندو) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي نبي تي ڪا ڏکيائي ان ۾ جيڪو حلال فرمايو الله ان جي لاءِ دستور هو الله جو انهن ۾ جيڪي گذريا اڳي ۽ آهي الله جو امر تقدير مقرر . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نبيءَ تي ان (ڪم جي ڪرڻ) ۾ ڪو حرج نه آهي جيڪو الله ان لاءِ مقرر ڪيو آهي، جيئن اڳين (نبين) ۾ به الله جو اهو دستور رهيو آهي. ۽ الله جو ڪم مقرر ڪيل اندازي تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نبي تي ان (ڪم ڪرڻ) ۾ ڪو حرج نه آهي جيڪو الله ان جي لاءِ فرض فرمايو آهي. الله جو اُهو دستور انهن ماڻهن ۾ (به جاري رهيو) آهي جيڪي اڳ گذريا. ۽ الله جو حڪم هڪ قطعي طئي ٿيل فيصلو هوندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪي اَمر اَلله ڪيو، تِنهن ۾ نَه نبِئ کي نُقصان، اَ ڳين کان هَلِي اَچي، سُنت اي سُبحان، ۽ فائـِق جا فرمان، آهن مُقرّر مِقدار سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نبيءَ لاءِ جيڪي الله حلال ڪيو، تنهن جي ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ ڪانهي، جيڪي اڳ گذري ويا، تن ۾ به الله جو اهو ئي دستو ر هو_ ۽ الله جو حڪم انهن شخصن لاءِ پوريءَ طرح مقرر ٿيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نبيءَ تي ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه ۾ ڪابه روڪ ڪانهي، جيڪا الله ان لاءِ مقرر ڪئي هجي، اها الله جي سنت انهن سڀني نبين جي معاملي ۾ به رهي آهي، جيڪي اڳ ٿي گذريا آهن ۽ الله جو حڪم ته قطعي طئي ٿيل فيصلو هوندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪابه نبيءَ تي ڪنهن اهڙي ڪم جي رنڊڪ ناهي جيڪو مقرر ڪيو هجي الله ان تي، اها ئي ريت (سنت) الله جي انهن سڀني نبين جي معاملي ۾ رهي جيڪي اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ حڪم الله جو قطعي طئي ٿيل هوندو آهي فيصلو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نبي (سڳوري) تي جيڪو حڪم الله تعالى فرض ڪري ڇڏيندو آهي ته کيس ان تي عمل ڪرڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هوندي آهي. الله تعالى جو اهو طريقو انهن (نبين سڳورن) لاءِ به هو جيڪي اڳ گذري چڪا آهن ۽ الله تعالى جو حڪم قطعي فيصلو هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُبَلِّغونَ رِسٰلٰتِ اللَّهِ وَيَخشَونَهُ وَلا يَخشَونَ أَحَدًا إِلَّا اللَّهَ وَكَفىٰ بِاللَّهِ حَسيبًا (آيت : 39) |
جيڪي الله جا پيغام پھچائيندا آھن ۽ کانئس ڊڄندا آھن ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن کان نه ڊڄندا آھن، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سڀ پيغمبر الله جا حڪم بجا آڻين ٿا) اهي پيغمبر الله جا پيغام (ماڻهن کي) پهچائين ٿا ۽ الله کان ئي ڊڄن ٿا ۽ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نٿا ڊڄن ۽ الله ئي حساب وٺڻ ۾ ڪافي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي پيغمبر جيڪي الله تعالى جا پيغام پهچائن ٿا ۽ ان کان خوف ڪن ٿا ۽ الله تعالى کانسواءِ ڪنهن کان نٿا ڊڄن، ۽ الله تعالى بهترين حساب ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو جيڪي خدا جا پيغام پهچائيندا ۽ ان کان ڊڄندا ۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ڊڄندا هئا (پوءِ تون ڪئين ڊڄين ٿو؟) ۽ حساب وٺڻ لاءِ ته خدا بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ٻانها جيڪي پهچائين ٿا الله جا پيغام ۽ ڊڄن ٿا ان کان ۽ نه ٿا ڊڄن ڪنهن هڪ کان الله کان سواءِ ۽ ڪافي آهي الله حساب ڪندڙ . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (اڳيان نبي) جيڪي الله جا پيغام پهچائيندا ۽ ان کان ڊڄندا ۽ الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ڊڄندا هئا. ۽ الله حساب ڪندڙ بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي الله جا پيغام پهچائيندا آهن ۽ ان کان ئي ڊڄندا آهن. ۽ الله کان سواءِ ڪنهن هڪ کان نه ڊڄندا آهن. ۽ حساب وٺڻ لاءِ الله ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُهچائـِن پَٽن ۾، جي پَروَر جا پيغام، ۽ اُهي رُڳو اُن ڪنان، ڪَنبن تاقيام، هرگز نه ڊِڄَن، ڪِنهن هِڪ کان، آگي ڌار، عَلام، ۽ مالِڪ بَس مُدام، ڪافِي ڪُل جَھان لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله جا حڪم رسائيندا آهن ۽ ان کان ڊڄندا آهن ۽ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نه ڊڄندا آهن، الله ڪافي حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اها الله جي سنت آهي انهن ماڻهن بابت) جيڪي الله جا پيغام پهچائن ٿا ۽ کانئس ئي ڊڄن ٿا ۽ هڪڙي الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به نٿا ڊڄن ۽ حساب وٺڻ لاءِ فقط الله ئي ڪافي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اها الله جي سنت) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي پيغام پهچائن ٿا الله جا، ۽ کانئس ڊڄندا به آهن، ۽ نه ڊڄندا ڪنهن ٻئي کان سواءِ هڪ الله جي، ۽ ڪافي آهي الله حساب وٺڻ جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهي نبي سڳورا) الله تعالى جو پيغام پھچائيندڙ ۽ ان کان ڊڄندڙ هوندا آهن ۽ هُو الله تعالى جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنھن کان به نه ڊڄندا آهن. الله تعالى ئي حساب وٺڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ مُحَمَّدٌ أَبا أَحَدٍ مِن رِجالِكُم وَلٰكِن رَسولَ اللَّهِ وَخاتَمَ النَّبِيّۦنَ وَكانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 40) |
ﷴ (ﷺ) اوھان جي مردن مان ڪنھن ھڪ جو پيءُ نه آھي پر الله جو پيغمبر ۽ سڀني پيغمبرن کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آھي، ۽ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت محمد(ﷺ) اوهان جي مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهي. پر هو الله جو (موڪليل) رسول آهي ۽ نبين جي مهر آهي (يعني کانئس پوءِ ڪوبه نبي اچڻو ڪونهي) ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هرهڪ شيءِ ۽ ڳالهه جو ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) محمد ڪريم(صلي الله عليه و آله وسلم) توهان مان ڪنهن مرد جو والد مڪرم ناهي پر پاڻ الله جا سچا رسول ۽ خاتم النبيين آهن، ۽ الله تعالى هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) محمد اوهان مڙسن مان ڪنهن جو (در اصل) پيءُ نه آهي (پوءِ زيد جي زال ڇو حرام ٿيڻ لڳي؟) پر الله جو رسول ٻين نبين جي مهر (يعني پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو) آهي. ۽ خدا ته هر ڳالھ کان واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي محمد پيءُ ڪنهن هڪ جو اوهان جي مردن مان ۽ پر الله جو رسول ۽ نبين مان آخري نبي آهي ۽ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) محمد (ص) اوهان مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي (پوءِ زيد جو پيءُ ڪيئن ٿيندو) پر الله جو رسول ۽ نبين کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (انسانو) محمد (ﷺ) توهان جي مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي ۽ پر اُهو الله جو رسول ۽ (سڀ) نبين کان پڇاڙي ۾ اچڻ وارو آهي. ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُحَمَّد پِئُ نه ڪِنهن هِڪ جو، مَردن مَنجھان مُور، پَر آهي خاص اَلله جو مُرسل سو مَنظُور، پڻ پُڄاڻِي پَڪ سان، سَڀن نَبِيَن جي نُور، ۽ غالِب رَبُّ غفور، سَمجھندڙ سَڀ ٽول کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) محمد (ﷺ) اوهان مان ڪنهن به مرد جو پيءُ نه آهي، مگر الله جو رسول ۽ سڀ کان پويون نبي آهي_ ۽ الله هر چيز کي ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي انسانؤ) محمد (ﷺ) توهان جي مردن مان ڪنهن جو به پيءُ ناهي، پر هو الله جو رسول آهي ۽ اهو نبي آهي، جنهن سان نبين جو سلسلو ختم ڪيو ويو آهي ۽ الله هر شيءِ جو علم رکڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انسانؤ!) نه آهي محمد پيءُ ڪنهن جو به توهان جي مردن مان پر هو رسول آهي الله جو ۽ خاتم النبيين (آخري نبي) آهي، ۽ بيشڪ الله رکي ٿو هر شيءِ جو علم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (حضرت) ﷴ (ﷺ) توهان مردن مان ڪنھن جو به پيءُ نه آهي، هو الله تعالى جو رسول ۽ آخري نبي آهي (ان کان پوءِ نبوت جو دروازو هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي) الله تعالى هر شيءِ کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اذكُرُوا اللَّهَ ذِكرًا كَثيرًا (آيت : 41) |
اي ايمان وارؤ الله کي تمام گھڻو ياد ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنؤ! (هر وقت) خدا کي ياد ڪندا رهو ۽ گهڻو ياد ڪندا رهو (دنيائي ڪاروبار ۾ سندس حڪم ياد رکو ۽ انهن تي عمل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان الله تعالى جو ذڪر تمام گھڻو ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا کي گهڻو ياد ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ياد ڪيو الله کي گهڻو ياد ڪرڻ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! الله کي گهڻو ياد ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله کي ياد ڪيو گهڻي کان گهڻي ياد هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي وسهيا، جي وريام!، سي ساريو گھڻو سُبحان کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! الله کي تمام گهڻو ياد ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله کي گهڻو ياد ڪندا ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ياد ڪريو الله کي گهڻي کان گهڻو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى جو تمام گهڻو ذڪر ڪندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسَبِّحوهُ بُكرَةً وَأَصيلًا (آيت : 42) |
۽ صبح ۽ سانجھيءَ جو کيس پاڪائيءَ سان واکاڻيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ صبح شام سندس پاڪائي ۽ شان بيان ڪند رهو (يعني هر وقت سندس صفتون ياد رکو ۽ انهن صفتن کي پاڻ ۾ پيدا ڪري انهن موجب عمل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان صبح ۽ شام ان جي تسبيح پڙهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ صبح ۽ شام ان جي پاڪائي (تسبيح) بيان ڪندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪيو صبح جو ۽ شام جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ صبح ۽ شام سندس پاڪائي بيان ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ صبح ۽ شام سندس پاڪائي بيان ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ سَندسِ ساراهون ڪريو، سَدا صُبح، شام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ صبح شام سندس پاڪائي بيان ڪندا رهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (پاڪائي) تسبيح ڪندا ڪريو ان جي صبح ۽ شام(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ صبح ۽ شام ان جي پاڪيزگي بيان ڪندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى يُصَلّى عَلَيكُم وَمَلٰئِكَتُهُ لِيُخرِجَكُم مِنَ الظُّلُمٰتِ إِلَى النّورِ وَكانَ بِالمُؤمِنينَ رَحيمًا (آيت : 43) |
ھو اُھو آھي جو اوھان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به اوھان لاءِ رحمت جي دُعا گھرندا آھن ته اوھان کي اونداھين مان سوجھري ڏانھن ڪڍي، ۽ الله مؤمنن تي مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو ئي (الله) آهي جو اوهان (مؤمنن تي رحمتون ٿو موڪلي ۽ سندس فرشتا به دعائون ٿا گهرن ته اوهان تي رحمتون ٿين. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي (جهل ۽ برائيءَ جي) اوندهه مان ڪڍي (علم ۽ نيڪيءَ جي) روشنيءَ ۾ آڻي. الله تعاليٰ مؤمنن جي لاءِ ڏاڍو رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جيڪو توهان تي پنهنجون رحمتون موڪلي ٿو ۽ ان جا ملائڪ توهان جي بخشش طلب ڪن ٿا ان لاءِ ته توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ڏانهن آڻي، ۽ اهو (الله) مؤمنن تي ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جو اوهان تي رحمت (درود) لاهي ٿو ۽ سندس ملائڪ به هن لاءِ ته اوهان کي اونداهين مان (ايمان جي) روشني ڏي ڪڍي ۽ خدا ايمان وارن تي (تمام) گهڻو مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جيڪو رحمت موڪلي ٿو اوهان تي ۽ ان جا ملائڪ تانته ڪڍي اوهان کي انڌيرن مان روشنيءَ ڏانهن ۽ آهي مؤمنن تي مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جو اوهان تي رحمت لاهي ٿو ۽ سندس ملائڪ به هن لاءِ ته اوهان کي اونداهين مان روشنيءَ ڏي ڪڍي ۽ هو ايمان وارن تي وڏو مهربان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جيڪو توهان تي رحمت فرمائي ٿو ۽ ان جا ملائڪ به (دعاءِ رحمت ڪن ٿا) هن لاءِ ته توهان کي اونداهين مان روشني ڏانهن ڪڍي. ۽ اُهو ايمان وارن تي وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو روز اَوهان تي رَحمتون، ڪَر توڙ تمام، پڻ مڱن اوهان لئي مَعافيون، سَندسِ مَلڪ مُدام، تان ڪڍي اَوهان کي ڪار مان ، نِئي نُور ڏي، اسلام، ۽ آگو ڪَندڙ عام، مِهرون مُؤمنن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اهو آهي، جو اوهان تي رحمت موڪلي ٿو ۽ سندس ملائڪ به، ته اوهان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ۾ آڻي_ ۽ الله مؤمنن تي مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي، جيڪو توهان تي رحمت فرمائي ٿو ۽ سندس ملائڪ به توهان لاءِ رحمت جون دعائون گهرن ٿا ته جيئن هو توهان کي (گمراهيءَ جي) اونداهين مان ڪڍي (هدايت جي) سوجهري ۾ آڻي، هو مؤمنن تي ڏاڍو مهربان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو اهو ئي آهي جيڪو رحمت فرمائي ٿو توهان تي ۽ سندس ملائڪ دعا ڪندا آهن توهان لاءِ جيئن هو ڪڍي توهان کي اونداهين مان روشنيءَ ڏانهن، ۽ هو آهي مؤمنن تي تمام گهڻو مهربان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان جي مٿان رحمت نازل ڪري ٿو ۽ ان جا ملائڪ به توهان جي لاءِ رحمت جي دعا ڪن ٿا ته جيئن هو توهان کي اونداهين مان ڪڍي روشني ڏانھن آڻي. هو مؤمنن تي ته بيحد مھربان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَحِيَّتُهُم يَومَ يَلقَونَهُ سَلٰمٌ وَأَعَدَّ لَهُم أَجرًا كَريمًا (آيت : 44) |
جنھن ڏينھن الله کي ملندا (تنھن ڏينھن) سندن کِيڪر سلام آھي، ۽ اُنھن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ڏينهن مؤمن الله تعاليٰ سان ملندا تنهن ڏينهن انهيءَ سلام سان کين کيڪاريو ويندو ته ”السلام عليڪم“ يعني اوهان تي سلامتي هجي، ۽ انهن جي لاءِ وڏو ۽ عمدو اجر تيار ڪري رکيو اٿس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى سان ملاقات وقت مؤمنن جي کيڪار سلام سان هوندي، ۽ الله تعالى انهن لاءِ بهشت تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن خدا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيندا تنهن ڏينهن سلام سان سندن کيڪار ٿيندي ۽ خدا ته انهن لاءِ تمام چڱو عوض (بهشت) تيار ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مرحبا انهن جي ان ڏينهن جو ان کي ملندا، سلام آهي ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ اجر ڀلو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن الله کي ملندا تنهن ڏينهن سلام سان سندن کيڪار ٿيندي. ۽ انهن لاءِ چڱو اجر تيار ڪيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن اُهي (مؤمن) ان (الله) سان ملندا ته انهن جي کيڪار (۽ ڀليڪار) ”سلام“ هوندو ۽ ان سندن واسطي عزت وارو اجر تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلسَّلَامُ عَلَيْڪُمْ خاص سَندنِ کِيڪار، جِنهن ڏينهن ڪندا اُن جو، دَرسن ۽ دِيدار، ۽ تنِين لئي تيار، اَجر ڀَلو، اڳواٽ ڪو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن الله کي ملندا، تڏهن سندس کيڪار سلام هوندي ۽ هنن لاءِ عزت وارو اجر تيار ڪيو اٿس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن هو ساڻس ملندا ته سندن آڌرڀاءُ دعا سلام سان ٿيندو ۽ انهن لاءِ الله ڏاڍو عزت ڀريو اجر ٺاهي رکيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) دعا ڪندا اهي ان ڏينهن جڏهن اهي ساڻس ملندا ته سلامتي هوندي ۽ تيار ڪيو آهي (الله) انهن جي لاءِ وڏو اجر عزت وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى سان ملاقات واري ڏينھن انهن جو آڌر ڀاءُ السلام عليڪم سان ڪيو ويندو ۽ انهن جي لاءِ بھترين اجرتيار ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَرسَلنٰكَ شٰهِدًا وَمُبَشِّرًا وَنَذيرًا (آيت : 45) |
اي پيغمبر بيشڪ اسان توکي شاھدي ڏيندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي (سڳورا) اسان توکي شاهد، خوشخبري ڏيندڙ ۽ خبردار ڪندڙ ڪري موڪليو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي سچا نبي! بيشڪ اسان توهان کي شاهد ۽ مبارڪ ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبي! اسان تو کي ماڻهن جو گواھ ۽ (نيڪ بندن کي بهشت جي) خوش خبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن کي عذاب کان) ڊيڄارڻ وارو، (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! بلاشڪ اسان موڪليو توکي شاهدي ڏيندڙ ۽ خوشبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان) ڊيڄارڻ وارو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي بيشڪ اسان تو کي موڪليو آهي شاهدي ڏيندڙ بنائي، ۽ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بنائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي مُڪون سون يانبي!، شاهِد ڪري شاھ، ۽ کِيرون ڏِيندڙ خير جون، ڀَئو ڏيِندڙ ڪنان باھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! بيشڪ اسان توکي شاهد، مبارڪ ڏيندڙ، ڊيڄاريندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان توکي شاهد ڪري، خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! اسان موڪليو آهي توکي شاهد ڪري ۽ بشارت ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي (ﷺ!) اسان توکي گواهه جي صورت ۾ خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَداعِيًا إِلَى اللَّهِ بِإِذنِهِ وَسِراجًا مُنيرًا (آيت : 46) |
۽ الله ڏانھن سندس حُڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو (ڪري موڪليوسون).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان توکي پنهنجي حڪم موجب (ماڻهن کي) الله (جي فرمانبرداري ۽ فضل) ڏانهن سڏيندڙ ڪري موڪليو آهي ۽ روشني پکيڙيندڙ شمع دان ڪري موڪليو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله ڏانهن سندس حڪم مطابق سڏيندڙ ۽ روشن سج ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ (ايمان ۽ هدايت جو) روشن چراغ بنائي موڪليو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله ڏانهن سڏيندڙ ان جي اذن سان ۽ چمڪائيندڙ سج .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي طرف سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشني ڦهلائيندڙ سج (بنائي موڪليو آهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪوٺارِي قومن جو، آهِين ڏونهن اَلله، اُنهِئَ جي اَمر سان، ۽ روشن ڏِيو راھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جي حڪم سان ڏانهس سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله جي اجازت سان ڏانهس سڏيندڙ ۽ روشني ڪندڙ ڏيئو بڻائي موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دعوت ڏيندڙ انهن ڏانهن الله جي حڪم سان ۽ روشن ڏيئو ڪري(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان جي حڪم سان ماڻهن کي الله تعالى ڏانھن سڏيندڙ ۽ هڪ روشن چراغ ٺاهي موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبَشِّرِ المُؤمِنينَ بِأَنَّ لَهُم مِنَ اللَّهِ فَضلًا كَبيرًا (آيت : 47) |
۽ مؤمنن کي خوشخبري ڏي ته انھن لاءِ الله جي پار کان وڏو فضل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ ته هنن تي الله تعاليٰ وٽان وڏو فضل اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان مؤمنن کي بشارت ڏيو ته بيشڪ الله تعالى وٽ انهن لاءِ (بهشت ۾) وڏو ثواب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ايمان وارن کي (تون) خوش خبري ٻڌائي ته انهن لاءِ خدا جي طرفان تمام وڏي (مهرباني ۽) بخشش آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خوشبري ڏي تون مؤمنن کي هن ڳالھ جي ته تحقيق انهن جي لاءِ الله جي طرفان ڀلائي وڏي آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آهي. ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ ته انهن لاءِ الله جي طرفان وڏو فضل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ايمان واري کي خوشخبري ڏي ته انهن جي لاءِ الله جي طرفان وڏو فضل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏي مُبارڪ مُؤمِنن، ته سَندنِ لئي صُباح، وَڙ وَڏا وَهواھ!، آهِن اَجر اَلله ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مؤمنن کي مبارڪ ڏي، ته هنن لاءِ الله وٽان وڏو فضل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خوشخبري ڏئي ڇڏ انهن ماڻهن کي، جن (توتي) ايمان آندو آهي ته انهن لاءِ الله جي طرفان وڏو فضل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خوشخبري ڏي مؤمنن کي (جن توتي ايمان آندو آهي) ته انهن جي لاءِ الله وٽ وڏو فضل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ايمان وارن کي هي خوشخبري ٻڌاءِ ته بيشڪ انهن جي لاءِ الله تعالى جي طرفان وڏو فضل رکيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُطِعِ الكٰفِرينَ وَالمُنٰفِقينَ وَدَع أَذىٰهُم وَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ وَكَفىٰ بِاللَّهِ وَكيلًا (آيت : 48) |
۽ ڪافرن ۽ مُنافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ (جي خيال) کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ۽ الله ڪارساز بس آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڪافرن ۽ منافقن جي (بيجا خواهشن ۽ چوڻ تي) نه لڳ، ۽ اهي جيڪي تڪليفون توکي ڏين ٿا تن جو خيال ئي نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ الله ئي ڪافي ڪارساز آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ڪافرن ۽ منافقن جي اطاعت نه ڪريو ۽ انهن جي تڪليفن کي درگذر ڪريو ۽ توهان الله تعالى تي توڪل ڪريو ۽ الله تعالى بهترين ڪارساز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول!) تون ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃج! ۽ سندن ايذائن جو خيال نه ڪر ۽ خدا تي ڀروسو ڪر! ۽ خدا ڪارساز بس آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه چوڻ مڃ ڪافرن جو ۽ منافقن جو ۽ ڇڏ انهن جي ايذائڻ کي ۽ ڀروسو رک الله تي ۽ ڪافي آهي الله ڪار ساز .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ ۽ سندن ايذائڻ جو خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر! ۽ الله ڪارساز بس آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ ۽ انهن جي ايذاءَ رساني جي پرواهه نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک. ۽ الله ئي ڪارساز ڪافي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُنڪرن ۽ مُنافِقن جو، چَيو مَڃ نه مُور، ۽ تَرڪ ڪري ڏي، تن جون، زِيادتون ضَرُور، ۽ بار رَک بارِئَ مَٿي، جو غالِب، رَبُّ غَفُور، هِڪ ئـِي پاڪ حُضور، بَس آهي، ڀَلو ڀَر جَھلو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ، سندن ايذائڻ کي ڇڏ ۽ الله تي ڀروسو ڪر- الله ڪارساز بس آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪافرن ۽ منافقن جي چوڻ تي نه لڳ ۽ انهن کان ملندڙ تڪليفن جي ڪا پرواهه نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک، الله ئي ان ڳالهه لاءِ ڪافي آهي ته معاملا سندس حوالي ڪري ڇڏجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ڪڏهن به) نه دٻجو ڪافرن کان ۽ منافقن کان ۽ سندن ايذائڻ جي ڪا پرواهه نه ڪر ۽ ڀروسو ڪر الله تي، ۽ ڪافي آهي الله جو پنهنجا معاملا سندس حوالي ڪرين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سو) تون ڪافرن ۽ منافقن جي ڪڏهن به اطاعت نه ڪجانءِ ۽ نه انهن جي طرفان ڏنل تڪليف جي پرواهه ڪر. صرف الله تعالى تي ڀروسو رک، الله تعالى ئي معاملا درست رکڻ لاءِ ڪافي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِذا نَكَحتُمُ المُؤمِنٰتِ ثُمَّ طَلَّقتُموهُنَّ مِن قَبلِ أَن تَمَسّوهُنَّ فَما لَكُم عَلَيهِنَّ مِن عِدَّةٍ تَعتَدّونَها فَمَتِّعوهُنَّ وَسَرِّحوهُنَّ سَراحًا جَميلًا (آيت : 49) |
اي ايمان وارؤ جڏھن مؤمنياڻين کي پرڻجو (۽) وري کين ھٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو تڏھن مٿن ڪا عِدّت اوھان لاءِ ڪانھي جنھن کي (اوھين) ڳڻيو، پوءِ کين (ڇڙو) جورو ڏيو ۽ چڱيءَ طرح سان کين ڇڏيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان مؤمنياڻين سان نڪاح ڪيو ۽ وري ساڻن همبستريءَ ٿيڻ کان اڳ ئي طلاق ڏيئي ڇڏيو ته پوءِ انهن عورتن جي لاءِ عدت ڪانه آهي جا توهان کي شمار ڪرڻي پوي. (يعني اُهي عورتون هڪدم ڪنهن ٻئي مؤمن سان نڪاح ڪري سگهن ٿيون. توهان کي ڇا ڪرڻو آهي) جو هنن کي ڪجهه مال متاع ڏيو ۽ هنن کي سهڻي نموني ۾ آزاد ڪري ڇڏيو ۽ موڪل ڏيئي ڇڏيو (ته جڏهن وڻين تڏهن ٻيو نڪاح ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو جڏهن توهان مؤمن عورتن سان نڪاح ڪريو ٿا ان کان پوءِ توهان انهن کي هٿ لائڻ کان اڳ ۾ طلاق ڏيو ٿا ته پوءِ توهان جي طرفان انهن تي ڪا، عدت ناهي جو ان کي ڳڻين، پوءِ (اهڙين گھر وارين کي) توهان ڪجھه سامان ڏيو ۽ توهان انهن کي سهڻي نموني سان ڇڏي ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جڏهن اوهين ايمان وارين زالن سان (سواءِ مهر مقرر ڪرڻ جي) نڪاح ڪريو ۽ ان کان پوءِ انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ته مٿن اوهان لاءِ ڪا عدت نه آهي جنهن کي اوهين ڳڻيو. کين ڪجھ (پئسا ۽ ڪپڙا وغيره) ڏئي ۽ انهن کي سٺيءَ طرح رخصت ڏيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن نڪاح ڪيو مؤمنياڻين سان ان کان پوءِ اوهان انهن کي طلاق ڏني اڳي ان کان جو هٿ لڳايو انهن کي پوءِ ناهي اوهان جي لاءِ انهن تي ڪا عدت جو ڳڻيو اوهان ان کي پوءِ انهن کي ڪجھ سامان ڏيو ۽ انهن کي سهڻي نموني ڇڏي ڏيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن اوهين ايمان وارين زالن سان نڪاح ڪريو وري انهن کي هٿ لائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ته مٿن اوهان لاءِ ڪا عدت نه آهي جنهن کي اوهين ڳڻيو.پوءِ انهن کي ڪجهه مال ڏيو ۽ انهن کي سُٺيءَ طرح ڇڏي ڏيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان ايمان وارين عورتن سان نڪاح ڪيو پوءِ انهن کي هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو ته توهان جي لاءِ انهن تي ڪا عدت نه آهي جنهن کي توهان ڳڻيو، سو انهن کي ڪجهه مال ڏيو ۽ انهن کي سهڻي سلوڪ سان ڇڏي ڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وِسهيا!سي وِسهندڙيون، جڏهن پَرڻيون پَاڻ، ڇَڏيو موٽِي، مَهندتِنيان، ته ڇُهونِ هَٿن ساڻ، پوءِ اَهنجِي عِدّت، نَه اُنهن مَٿي، سارِيو جا سُڄاڻ!، پوءڏِيو اُنهن کي ڏاڻ، ۽ ڇَڏيونِ ڇَڏڻ سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مؤمنو! جڏهن مؤمنياڻين سان پرڻجو، وري کين هٿ لائڻ کان اڳ طلاق ڏيو، ته پوءِ اوهان جي ڳڻڻ لاءِ هنن تي ڪا به عدت ڪانهي- پوءِ کين ڪجهه فائدو ڏيو ۽ کين چڱيءَ ريت سان ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان مؤمن عورتن سان نڪاح ڪريو ۽ پوءِ کين هٿ لائڻ کان اڳيئي طلاق ڏئي ڇڏيو ته توهان جي طرفان انهن تي ڪابه عدت لازم نه آهي، جنهن جي پوري ڪرڻ جي توهان گهر ڪري سگهو، تنهنڪري کين ڪجهه مال ڏيو ۽ سهڻي نموني ڇڏي ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، جڏهن توهان نڪاح ڪريو مؤمن عورتن سان پوءِ طلاق ڏيو انهن کي ان کان اڳي جو انهن کي توهان هٿ لايو، ته توهان جي طرفان مٿن عدت جا ڏينهن لازم ناهن، جنهن جي پوري ٿيڻ جي ڪا گُهر ڪريو، پوءِ کين مال ڏيو ۽ کين جدا ڪري ڇڏيو سٺي نموني سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان مؤمن عورتن سان نڪاح ڪريو ۽ انهن کي قرب ونڊڻ کان اڳ ئي طلاق ڏئي ڇڏيو ته هاڻي انهن عورتن تي توهان جي طرف کان ڪابه عدت واجب نه آهي جو توهان ويھي حساب لڳايو. هاڻي انهن کي ڪجهه مال ڏئي سھڻي طريقي سان رخصت ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ إِنّا أَحلَلنا لَكَ أَزوٰجَكَ الّٰتى ءاتَيتَ أُجورَهُنَّ وَما مَلَكَت يَمينُكَ مِمّا أَفاءَ اللَّهُ عَلَيكَ وَبَناتِ عَمِّكَ وَبَناتِ عَمّٰتِكَ وَبَناتِ خالِكَ وَبَناتِ خٰلٰتِكَ الّٰتى هاجَرنَ مَعَكَ وَامرَأَةً مُؤمِنَةً إِن وَهَبَت نَفسَها لِلنَّبِىِّ إِن أَرادَ النَّبِىُّ أَن يَستَنكِحَها خالِصَةً لَكَ مِن دونِ المُؤمِنينَ قَد عَلِمنا ما فَرَضنا عَلَيهِم فى أَزوٰجِهِم وَما مَلَكَت أَيمٰنُهُم لِكَيلا يَكونَ عَلَيكَ حَرَجٌ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 50) |
اي پيغمبر بيشڪ اسان تولاءِ اُھي زالون حلال ڪيون جن کي تو سندن ڪابين ڏنو ۽ جيڪي ٻانھيون الله توتي عنايت ڪيون تن مان جن تي تنھنجو ھٿ مالڪ ٿيو سي ۽ تنھنجي چاچي جون ڌيئر ۽ تنھنجي پڦين جون ڌيئر ۽ ۽ تنھنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنھنجي ماسين جون ڌيئر جن توسان ھجرت ڪئي حلال ڪيوسون، ۽ اُھا مؤمنياڻي زال به (حلال ڪئي سون) جيڪا پنھنجي جِند پيغمبر کي (سواءِ مھر وٺڻ جي) بخشي بشرطيڪ پيغمبر کيس پرڻجڻ جو ارادو ڪري، (اھو ڪم) مؤمنن کانسواءِ خلاصو تولاءِ آھي، انھن (مؤمنن) تي سندن زالن ۽ سندن ٻانھين بابت جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن جيڪي (ڪابين ۽ خرچ ڏيڻ) فرض ڪيو اٿون سو بيشڪ ڄاتو اٿون (اھو) ھن ڪري ته توتي ڪا اوکائي نه ھجي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي (سڳورا) اسان تنهنجي لاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن جن کي تو مهر ڏيئي ڇڏيو آهي، ۽ اهي به توکي حلال آهن جي قيد ٿي آيل ٻانهيون هيون جيڪي الله تعاليٰ توکي (غنيمت طور) ڏياريون (۽ تو کين آزاد ڪري ساڻن نڪاح ڪيو) ۽ تنهنجون سوٽيون، پڦاٽيون، ماروٽيون ۽ ماساتيون جيڪي توسان گڏ هجرت ڪري آيون آهن سي به توکي حلال آهن ۽ اُها مؤمنياڻي به تنهنجي لاءِ حلال آهي جا پاڻ کي پاڻ (خوشيءَ سان) نبي (سڳوري) جي حوالي ڪري ڇڏي جيڪڏهن نبي (سڳورو) ساڻس نڪاح ڪرڻ چاهي. اها (اجازت) خالص تنهنجي لاءِ آهي، نه ٻين مؤمنن لاءِ. اسان ڄاڻون ٿا ته ٻين مؤمنن لاءِ سندن زالن متعلق ۽ قيد ٿي آيل ٻانهين متعلق اسان ڪهڙآ حڪم ڏنا آهن. (اي پيغمبر توکي جو خاص اجازت ڏني ويئي آهي سا) هن ڪري ته توکي ڪا تڪليف (فرض ادائين ڪرڻ ۾) پيش نه اچي ۽ (ياد رک ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي سچا نبي بيشڪ اسان توهان لاءِ توهان جون اهي بيبيون حلال ڪيو آهن، جن جا توهان مهر ادا ڪيا آهن ۽ اهي عورتون به توهان لاءِ حلال آهن جيڪي الله تعالى توهان کي مالِ غنيمت ڪري ڏنيون آهن ۽ توهان لاءِ توهان جون سؤٽون ۽ پڦاٽون ۽ ماروٽون ۽ ماساتون ۽ اهي عورتون جن توهان سان گڏ هجرت ڪئي (اهي سڀ حلال آهن) ۽ (اها) مؤمن عورت جيڪا (بنا عيوض جي) پنهنجو پاڻ کي رسولِ عربيءَ حوالي ڪري، جيڪڏهن رسولِ عربي ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، هيءُ خاص توهان لاءِ آهي مؤمنن لاءِ نه، بيشڪ اسين اهي احڪام ڄاڻون ٿا جيڪي اسان مسلمانن تي سندن گھر وارين ۽ سندن ٻانهين بابت مقرر ڪيا آهن ان لاءِ ته توهان (رسولِ عربي) کي ڪا تڪليف نه پهچي، ۽ الله تعالى بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبي! بيشڪ اسان تو لاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مهر ڏنا ۽ پنهنجين ٻانهين کي (به) جيڪي خدا تو کي (جنگ ڪرڻ کان سواءِ) غنيمت جي مال ۾ ڏنيون ۽ تنهنجي چاچي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي پڦين جون ڌيئرون ۽ تنهنجي مامي جون ڌيئرون جن سان گڏ تو وطن ڇڏيو، ۽ ڪا به ايمان واري زال جيڪڏهن اها پنهنجي جان (بغير مهر) نبيءَ کي بخشي جيڪڏهن نبي ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري. (اي رسول) هي حڪم رڳو تنهنجي لاءِ خاص آهي، ٻين مومنن لاءِ نه آهي. (باقي) مسلمانن تي سندن زالن ۽ ٻانهين جي باري ۾ جيڪي اسان مقرر ڪيو آهي سو اسان کي (چڱي طرح) معلوم آهي. (تو لاءِ هي آساني) هن لاءِ (ڪئي اٿئون) ته تو تي ڪا تنگي نه رهي. ۽ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي (غيب جون) خبرون! ڏيندڙ بيشڪ اسان حلال فرمايون تولاءِ تنهنجون گهرواريون جيڪي ڏنو تو مهر انهن جو ۽ اهي ٻانهيون جو مالڪ ٿيو هٿ تنهنجو (انهن تي) انهن مان جيڪي عنايت ڪئي الله توتي ۽ تنهنجون سوٽيون ۽ تنهنجون پڦاٽيون ۽ تنهنجون ماروٽيون ۽ تنهنجون ماساتيون جن هجرت ڪئي توسان گڏ ۽ عورت مؤمنياڻي جيڪڏهن بخشش ڪري ڏنائين سر پنهنجو نبيءَ کي جيڪڏهن ارادو ڪيو نبيءَ هي ته نڪاح ۾ رکي ان کي اهو خاص تولاءِ آهي مؤمنن کان سواءِ تحقيق معلوم ڪيو اسان اهو جيڪو فرض ڪيوسون انهن تي سندن زالن جي باري ۾ ۽ انهن ٻانهين جي باري ۾ جن جا مالڪ ٿيا سڄا هٿ انهن جا تانته نه هجي تو لاءِ ڪا ڏکيائي ۽ آهي الله بخشڻهار مهربان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! بيشڪ اسان تولاءِ اهي زالون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مهر ڏنا ۽ تنهنجيون ٻانهيون جيڪي الله توکي غنيمت ۾ ڏنيون. ۽ تنهنجي چاچي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي پڦين جون ڌيئرون ۽ تنهنجي مامي جون ڌيئرون ۽ تنهنجي ماسين جو ڌيئرون جن تو سان گڏ وطن ڇڏيو، ۽ ڪابه ايمان واري زال جيڪڏهن اها پنهنجي جان (مهر وٺڻ کان سواءِ) نبيءَ کي بخشي. جيڪڏهن نبي ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري. هي (ٻين) مسلمانن کي ڇڏي خالص تو لاءِ آهي. مسلمانن تي سندن زالن ۽ سندن ٻانهين جي باري ۾ جيڪي اسان مقرر ڪيو سو اسان کي معلوم آهي (تولاءِ هيءَ آساني) هن لاءِ (ڪئي اٿئون) ته توتي ڪا تنگي نه رهي. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! بيشڪ اسان تنهنجي لاءِ تنهنجون اُهي گهرواريون حلال ڪيون آهن جن کي تو سندن مَهر ڏنا. ۽ تنهنجون ٻانهيون جيڪي الله تو کي غنيمت ۾ ڏنيون ۽ تنهنجي چاچي جون نياڻيون ۽ تنهنجي پڦين جون نياڻيون ۽ تنهنجي مامي جون نياڻيون ۽ تنهنجي ماسين جون نياڻيون جن تو سان گڏ هجرت ڪئي ۽ ڪابه ايمان واري عورت جيڪڏهن اُها پنهنجي جان نبي جي حوالي ڪري ۽ اگر نبي (به) ان سان نڪاح ڪرڻ جو ارادو ڪري (ته اُهي سڀ تو لاءِ حلال آهن) هي (حڪم) صرف تنهنجي لاءِ خاص آهي، (امت جي) مؤمنن لاءِ نه آهي. مسلمانن تي سندن زالن ۽ سندن ٻانهين جي باري ۾ جيڪو اسان (حڪم) مقرر ڪيو آهي سو اسان کي معلوم آهي، هن لاءِ ته تو تي ڪا تنگي نه رهي. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَياسون ڪامِل! تولئي، سي تُنهنجا حَرم حَلال، ڏِنئـِي جَن کي اُنهن جو، مَهر مُقرّر مال، ۽ ٻِيون ٻانهيون، جَن تي، تُنهنجي سائي هَٿ سَنڀال، تن مان ڏِنئـِي جي ڏيھ ڌَڻِي ، بِنان جَنگ جِدال، پڻ تُنهنجي چاچن ۽ پُڦين ۽ مامن ۽ ماسِيَن جون، نِياڻيون نِهال، نِرمَل! تُنهنجي نال، پَرڏيھ جي پَڌاريون. ۽ عورت مُؤمن آڇيو، جِنهن پيغمبر لئي پاڻ، نَبِي ڪيو نِڪاح جو، اِرادو اُن ساڻ، اِي خالصِ تُنهنجي ڪاڻ، مُرسل!، ڌاران مُؤمنِين. سيکارياسونِ، فَرض سي، ساري سربسر، ڪياسون جي قاعِدا، مَٿنِ مُقرر، اُنهن جي ٻايُن ۽ ٻانِهُن ۾، ساڄاسَندنِ جن سر، هِن لئي، تَه هُجي تو نَه ڪو، زالن باب ضَرر، ۽ آهي رَبّ رَهبر، مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! بيشڪ اسان تولاءِ هيٺيون زالون حلال ڪيون آهن؛_ تنهنجون مهر ڏنل بيبيون؛ توکي الله جون ڏياريل ٻانهيون، سوٽيون، پڦاٽون ، ماروٽيون ۽ ماساتون جن توسان گڏ وطن ڇڏيو ۽ اها مؤمن عورت جيڪا سواءِ مهر وٺڻ جي پنهنجو پاڻ نبيءَ کي بخشي ۽ نبيءَ جو ارادو به ساڻس نڪاح ڪرڻ جوهجي. مگر اهو ڪم فقط تولاءِ جائز آهي نه ٻين مؤمنن لاءِ، اسان کي خبر آهي جيڪي مؤمنن تي سندن زالن ۽ ٻانهين بابت (خرچ مهر) فرض ڪيو اٿئون_ هن ڪري ته، توتي ڪا ڏکيائي نه هجي ۽ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اسان تولاءِ حلال ڪيون آهن، تنهنجون اهي زالون جن جا مهر تو ادا ڪيا آهن ۽ اهي عورتون جيڪي الله جي طرفان عطا ڪيل غنيمت جي مال ۾ تنهنجي هٿ آيون هجن ۽ تنهنجي چاچي جون ڌيئر، تنهنجي پڦين جون ڌيئر، تنهنجي مامي جون ڌيئر ۽ تنهنجي ماسين جون ڌيئر، جن تو سان گڏ هجرت ڪئي آهي ۽ اها مؤمنياڻي جنهن پنهنجو پاڻ نبيءَ کي هبه ڪري (بخشي) ڏنو آهي، جيڪڏهن نبي کيس نڪاح ۾ وٺڻ چاهي. اها رعايت خاص طرح رڳو تنهنجي لاءِ آهي، ٻين مؤمنن لاءِ ناهي. اسان ڄاڻون ٿا ته عام مؤمنن تي سندن زالن ۽ ٻانهين جي باري ۾ اسان ڪهڙيون پائبنديون لاڳو ڪيون آهن (اهي توسان ان ڪري لاڳو ناهن) ته جيئن توتي ڪابه تنگي نه رهي ۽ الله بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! اسان حلال ڪيون بيشڪ تو لاءِ تنهنجون اهي زالون جن جا (تو) ادا ڪيا آهن حق مهر، ۽ جيڪي تنهنجي ملڪيت ۾ اچن (عورتون) جيڪي ٻانهيون الله توکي ڏنيون (اهي) ڌيئرون تنهنجي چاچن جون ۽ اهي ڌيئرون تنهنجي مامي جون ۽ اهي جيڪي تنهنجي ڦڦيءَ جون ۽ تنهنجي ماسين جون، جن تو سان گڏ هجرت ڪئي آهي، ۽ اها عورت مؤمن جنهن هَبو ڪيو (بخشيو) هو پنهنجو پاڻ کي نبيءَ جي واسطي، جي ارادو ڪري نبي ته انهن سان نڪاح ڪري ته اها خاص رعايت آهي تو لاءِ، (پر) ٻين مؤمنن جي لاءِ ناهي، اسان کي معلوم آهي ته جيڪي فرض ڪيو ويو انهن تي سندن زالن ۽ انهن ٻانهين جي باري ۾، (توکي) ان کان آجو ڪيو ويو آهي جيئن توتي ڪا تنگي نه رهي، ۽ بيشڪ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بيشڪ اسان تنھنجي لاءِ هي عورتون نڪاح طور حلال ڪيون آهن، (جن سان تون نڪاح ڪري سگهين ٿو:) اهي عورتون جن کي تو حق مھر ڏنو آهي ــ اهي ٻانهيون جيڪي توهان کي الله تعالى جي طرفان ملڪيت طور ملي چڪيون آهن ـــ چاچيءَ ـــ پڦيءَـــماميءَ ۽ ماسيءَ جون ڌيئرون جن توهان سان گڏ هجرت ڪئي آهي،انهن مان توهان ڪنھن سان به نڪاح ڪري سگهو ٿا (ان کان علاوه) تون ان عورت سان به نڪاح ڪري سگهين ٿو جيڪا بغير مھر وٺڻ جي توهان جي مرضيءَ سان پاڻ کي نڪاح لاءِ پيش ڪري. هي رعايت صرف توهان جي لاءِ آهي. ٻين مؤمنن کي (بغير حق مھر ادا ڪرڻ جي) نڪاح جي اجازت نه آهي. اسان مسلمان مردن تي، سندن گهر وارين ۽ ٻانهين جي باري ۾ جو ڪجهه فرض ڪري چڪا آهيون اها سڀ خبر آهي. (اي نبيﷺ!) توهان کي هي رعايت ان ڪري ڏني وئي آهي ته جيئن توهان لاءِ ڪا ڏکيائي پيدا نه ٿئي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تُرجى مَن تَشاءُ مِنهُنَّ وَتُـٔوى إِلَيكَ مَن تَشاءُ وَمَنِ ابتَغَيتَ مِمَّن عَزَلتَ فَلا جُناحَ عَلَيكَ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن تَقَرَّ أَعيُنُهُنَّ وَلا يَحزَنَّ وَيَرضَينَ بِما ءاتَيتَهُنَّ كُلُّهُنَّ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما فى قُلوبِكُم وَكانَ اللَّهُ عَليمًا حَليمًا (آيت : 51) |
منجھانئن جنھن کي گھرين تنھن کي ڇڏي ڏئين ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي پاڻ وٽ جاءِ ڏئين، ۽ جن کي تو پاسي ڪيو تن مان وري جنھن کي طلب ڪرين ته توتي ڪو گناھ نه آھي، اِھو (اختيار) ھن (ڳالھ) کي تمام ويجھو آھي ته سندن اکيون ٺرن ۽ (اُھي) غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون کين ڏئين تنھن کان اُھي سڀ خوش ٿين، ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ بُردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! پنهنجي) انهن گهروارين مان جنهن متعلق تون چاهين تنهن جو وارو ٽاري ڇڏ ۽ جنهن کي چاهين تنهن کي (انهيءَ جي بدران) پاڻ وٽ رهاءِ ۽ توتي ڪابه ميار نه رهندي، جيڪڏهن تون انهيءَ کي جنهن جو وارو ٽاري ڇڏيو هو ۽ تنهن کي پاڻ وٽ رهڻ جي طلب ڪرين. ممڪن آهي ته ائين ڪرڻ سان سندن اکيون ٺرنديون (يعني کين خوشي ٿيندي) ۽ ڏک نه ٿيندن، ۽ جيڪي به تون هنن کي ڏيندين تنهن تي هو سڀ راضي رهنديون ۽ جيڪي به اوهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي (۽ ان سان گڏ) بردبار به آهي. (يعني ننڍيون ننڍيون خطائون بخشي ٿو ڇڏي، بشرطيڪه اسان جي دل ۽ نيت چڱي آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان (رسولِ عربي) انهن بيبين مان جنهنکي چاهيو ان کي پاڻ کان پري ڪريو ۽ جنهنکي چاهيو پاڻ وٽ رکو، ۽ توهان جيڪڏهن ڪنهن بيبي کي (کاڌي پيتي وغيره ۾) جدا ڪيو ته پوءِ توهان تي ان بابت ڪجھه ناهي، اهو ويجھو آهي جو انهن جون اکيون ٺرن ۽ اهي ڏک نه ڪن ۽ اهي سڀئي ان سان راضي ٿين جيڪو توهان انهن کي ڏنو آهي، ۽ الله توهان جي دلين ۾ جيڪو آهي، ان کي ڄاڻي ٿو، ۽ الله تعالى گھڻو علم رکندڙ بردبار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن مان جنهن کي (جڏهن) گهرو ته جدا ڪريو ۽ جنهن کي (جيترا ڏينهن) گهرين پاڻ وٽ جاءِ ڏين. ۽ جن زالن کي تو جدا ڪيو هو جيڪڏهن تون انهن کي گهرين ته تو تي ميار نه آهي. (اهو اختيار تو کي ڏنو ويو آهي) بيشڪ اهڙو آهي جو تنهنجي عورتن جون اکيون ٺرن ۽ ڏک نه ڪن ۽ جيڪي تون انهن کي ڏيندين تنهن سان اهي سڀئي خوش ٿين. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو. ۽ (خدا) سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ بردبار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوئتي رکين جنهن کي گهرين انهن مان ۽ جاءِ ڏين پاڻ وٽ ان کي جو گهرين ۽ جنهن کي طلب ڪيو تو انهن مان جن کان پاسو ڪيُوَ پوءِ ناهي ڪو گناھ توتي اهو ويجهو آهي هيءُ جو ٺرن اکيون انهن جون ۽ نه غمگين ٿين ۽ راضي ٿين ان تي جو ڏنو تو انهن کي سڀ جو سڀ ۽ الله ڄاڻي ٿو اهو جو اوهان جي دلين ۾ آهي ۽ آهي الله ڄاڻندڙ، بردبار . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ٻي آساني تولاءِ هيءَ آهي ته) پنهنجين زالن مان جنهن کي (جيترا ڏينهن ) گهرين تنهنکي پاڻ کان جدا رکين ۽ جنهنکي (جڏهن) گهرين پاڻ وٽ جاءِ ڏين ۽ جن (زالن) کان تو پاسو ڪيو تن مان جنهن کي گهرين ته توتي ڪو گناهه نه آهي. ان (اختيار ڏيڻ) سان گهڻو ڪري سندن اکيون ٺرنديون ۽ غمگين نه ٿينديون ۽ جيڪي تون انهن کي ڏيندين تنهن سان اهي سڀئي خوش ٿينديون. ۽ جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي تو کي اختيار آهي) انهن (گهر وارين) مان جنهن کي چاهين (واري ۾) مؤخر رکين ۽ جنهن کي چاهين پاڻ وٽ (پهريائين) جاءِ ڏين. ۽ جن کان تو (وقتي طرح) ڪناره ڪشي ڪئي هئي تون انهن کي طلب ڪرين ته ان ۾ به تو تي ڪو حرج نه آهي. اُهو ان ڳالهه کي ويجهو آهي جو انهن جون اکيون (تنهنجي درشن سان) ٿڌيون ٿينديون ۽ غمگين نه رهنديون ۽ اُهي سڀ ان تي راضي رهنديون جو ڪجهه تو انهن کي ڏنو آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي. ۽ الله ڄاڻڻ وارو بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڻـئـِي وارو تِنهنجو، ڪر پوءِ پيغمبر، ۽ وڻــئـِي وارو تِنهنجو، اڳي رک اَنور، ڀَڳـئـِي ڀيرو جَن جو، تِنئان گھرائي گوهر، ته توکي تِنهن اَندر، هرگز حَرج ناھِ ڪو. اِهو اِختيار، آهي اوڏو اُن کي، ته ٺَرن اَکيون اُنهن جون، ۽ نه وِجھلنِ مَنجھ وِيچار، ۽ راضِي رَهنِ تِنهن مَٿي، جو بَخشي سَڀن ڀَتار، جيڪِي اَوهان جي اَندر ۾، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، ۽ سائـِين سَمجھدار، پڻ بارِي بُردبار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون انهن مان جنهن کي وڻيئي، تنهن کي ڇڏي ڏي ۽ جنهن کي وڻيئي، تنهن کي پاڻ وٽ رک_ ۽ جن کي ڇڏين، تن کي وري رکين، ته به توتي ڪو ڏوهه ڪونهي_ انهي مان ائين ٿي سگهي ٿو، جو سندن اکيون ٺرن، هو غمگين نه ٿين ۽ جيڪي تون هنن کي ڏين، تنهن کان هو سڀ خوش ٿين_ ۽ الله ئي ڄاڻي ٿو، جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکي اختيار آهي ته پنهنجي زالن مان جنهن کي وڻيئي تنهن کي پاڻ کان ڌار ڪري ڇڏ ۽ جنهن کي وڻيئي ته پاڻ سان گڏ رک ۽ جنهن کي وڻيئي ته ڌار ڪرڻ کانپوءِ پاڻ وٽ گهرائي وٺ، ان معاملي ۾ توتي ڪوبه گناهه ڪونهي، ان طرح هن ڳالهه جو وڌيڪ امڪان آهي ته سندن اکيون ٺرنديون ۽ هو رنج نه رهنديون ۽ جيڪي به ڏيندينِ ته ان تي سڀئي راضي ٿي وينديون. الله ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي ۽ الله ته سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ بردبار آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اختيار توکي (زالن تي) جنهن کي گهرين ڌار رکين ۽ گڏ رکين پاڻ سان جنهن کي چاهين، ۽ جنهن کي گهرين پاڻ کان ڌار ڪرڻ بعد پاڻ وٽ گهرائين، ان معاملي ۾ ڪوبه گناهه ناهي توتي، اهڙيءَ طرح اميد ته انهن جون اکيون ٺرنديون ۽ اهي غمگين نه رهنديون ۽ جيڪي ڪجهه تون کين ڏين، تنهن تي سڀ خوش رهنديون، ۽ الله ڄاڻي ٿو جو ڪجهه توهان جي دلين ۾ آهي، ۽ بيشڪ الله ڄاڻندڙ ۽ بردبار آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توکي اهو به اختيار حاصل آهي ته پنھنجي گهر وارين مان جنھن کي چاهين (في الحال) پاڻ کان الڳ ڪرين ۽ جنھن کي چاهين پاڻ وٽ رکين. وري جنھن لاءِ مناسب سمجهين ان کي الڳ رکڻ کان پوءِ واپس پاڻ وٽ رکين. اها مٽا سٽا ڪرڻ توهان لاءِ گناهه نه آهي. اهو ان ڪري به آهي ته هي گهر واريون الله تعالى جي حڪم کي دل سان قبول ڪن ته سندن اکيون ٿڌيون رهنديون ۽ هو (منهن سڄائي) غمگين نه رهنديون ۽ تون کين جيڪو به حڪم ڏيندين ته هو ان تي الله تعالى جو حڪم سمجهي خوش ٿي وينديون، الله تعالى کي توهان جي دلين جي خوب خبر آهي. بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ وڏو بُردبار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَحِلُّ لَكَ النِّساءُ مِن بَعدُ وَلا أَن تَبَدَّلَ بِهِنَّ مِن أَزوٰجٍ وَلَو أَعجَبَكَ حُسنُهُنَّ إِلّا ما مَلَكَت يَمينُكَ وَكانَ اللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ رَقيبًا (آيت : 52) |
(اي پيغمبر) انھن (ٻن قسمن) کانپوءِ توکي ٻيون زالون حلال نه آھن ۽ نڪي انھن جي بدلي (ٻيون) زالون نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ سندن سونھن توکي پسند اچي پر تنھنجو ھٿ جنھن جو مالڪ ٿيو آھي (تنھن ۾ توکي اختيار آھي)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي نگھبان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هن کان پوءِ تنهنجي لاءِ ڪابه عورت (نڪاح لاءِ) حلال ناهي نڪي توکي جائز آهي ته انهن جي بدران (يعني انهن کي طلاق ڏيئي) ٻين سان نڪاح ڪرين اگرچه انهن ٻين جو حسن ۽ خوبيون توکي بهتر ڏسڻ ۾ اچن. پر جيڪڏهن ڪا ٻانهي تنهنجي حصي ۾ اچي ته پوءِ اها تنهنجي لاءِ جائز ٿي سگهندي ۽ الله تعاليٰ هر چيز تي نگهبان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي هن کان پوءِ توهان لاءِ ڪا به عورت حلال نه آهي ۽ انهن بيبين مان توهان ڪنهن بيبي کي تبديل ڪري نٿا سگھو جيتوڻيڪ توهان کي انهن جي خوبصورتي پسند اچي، سواءِ انهن جي جن جا توهان مالڪ آهيو، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي محافظ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) هنن (نَون) کان پوءِ تو کي (ٻيون) زالون حلال نه آهن ۽ نه (انهن کي ڇڏي) سندن بدلي ۾ ٻين زالن سان شادي ڪرڻ (حلال آهي) اگرچه سندن حسن تو کي پسند اچي. پر پنهنجين ٻانهين ۾ (تو کي اختيار آهي) ۽ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي نگهبان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ٿيون حلال ٿين تولاءِ عورتون بعد ۾ ۽ نه هي جو مٽائين انهن جي عوض زالون جيتوڻيڪ وڻيو توکي انهن جو حسن مگر جنهن جو مالڪ ٿئين ۽ آهي الله هر شيءِ تي نگهبان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) هن کان پوءِ توکي (ٻيون) زالون حلال نه آهن. ۽ نه (انهن کي ڇڏي) سندن بدلي ۾ ٻين زالن سان شادي ڪرڻ (حلال آهي) اگرچه سندن حسن توکي پسند اچي پر پنهنجين ٻانهين ۾ (توکي اختيار آهي) ۽ الله سڀ ڪنهن شي تي نگهبان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن کان پوءِ توکي (ٻيون) عورتون حلال نه آهن ۽ نه هي جو (کين ڇڏي) سندن بدلي ٻين زالن سان نڪاح ڪرين جيتوڻيڪ توکي سندن حُسنِ (معاشرت) پسند اچي سواءِ ٻانهين جي (تن ۾ تو کي اختيار آهي). ۽ الله هر شيءِ تي نگران آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي توتي زال ڪا، هِنَيان پوءِ حَلال، ۽ نه مَٽيين تن سان مُورهِين، زالن مان، ڪا زال، توڻي توکي، سَندنِ جوت جمال، مگر ٻانهيون جَن تي، تُنهنجي ساڄي جِي سنڀال، اَللهُ جَلَّ جَلال، آهي حافِظ هر ڪِنهن شئِ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تولاءِ انهي کان پوءِ زالون حلال ناهن، نڪي هيءُ ته هنن کي ڇڏي، انهن جي جاءِ تي سواءِ ٻانهين جي، ٻيون پرڻجين، کڻي انهن جي سونهن توکي پسند اچي، ۽ الله هر چيز تي نگهبان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کانپوءِ تو لاءِ ٻيون عورتون حلال ناهن ۽ نه اها اجازت آهي ته انهن جي جاءِ تي ٻيون زالون آڻين، توڻي جو سندن سونهن توکي ڪيترو به وڻندي هجي، باقي ٻانهين جي توکي اجازت آهي. الله هر شيءِ تي نظر رکندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حلال ناهن توتي ٻيون عورتون ان کان پوءِ، ۽ نه ان جي اجازت آهي جو انهن جي جاءِ تي ٻيون زالون آڻين، پوءِ کڻي ڪيترو به وڻي توکي سندن حسن، البته توکي اجازت آهي ٻانهين جي، ۽ بيشڪ الله سڀني شين تي نگهبان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هاڻي تنھنجي مٿان هي پابندي لڳائي وڃي ٿي ته تون ڪنھن به ٻي عورت سان نڪاح نٿو ڪري سگهين ۽ نه ڪنھن گهر واري کي طلاق ڏيئي ان جي جاءِ تي ٻي گهر واري حرم ۾ داخل ڪري سگهين ٿو، چاهي توکي انهن عورتن جي خوبصورتي تمام گهڻو ڇو نه پسند هجي. (ها) باقي ٻانهين کي پاڻ وٽ رکڻ جي توکي اجازت آهي. الله تعالى هر شيءِ جي نگھباني ڪندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَدخُلوا بُيوتَ النَّبِىِّ إِلّا أَن يُؤذَنَ لَكُم إِلىٰ طَعامٍ غَيرَ نٰظِرينَ إِنىٰهُ وَلٰكِن إِذا دُعيتُم فَادخُلوا فَإِذا طَعِمتُم فَانتَشِروا وَلا مُستَـٔنِسينَ لِحَديثٍ إِنَّ ذٰلِكُم كانَ يُؤذِى النَّبِىَّ فَيَستَحيۦ مِنكُم وَاللَّهُ لا يَستَحيۦ مِنَ الحَقِّ وَإِذا سَأَلتُموهُنَّ مَتٰعًا فَسـَٔلوهُنَّ مِن وَراءِ حِجابٍ ذٰلِكُم أَطهَرُ لِقُلوبِكُم وَقُلوبِهِنَّ وَما كانَ لَكُم أَن تُؤذوا رَسولَ اللَّهِ وَلا أَن تَنكِحوا أَزوٰجَهُ مِن بَعدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذٰلِكُم كانَ عِندَ اللَّهِ عَظيمًا (آيت : 53) |
اي مؤمنو پيغمبر جي گھرن ۾ اُنھيءَ (وقت) کانسواءِ اندر نه وڃو (جنھن وقت) اوھان کي ڪنھن طعام (کائڻ) لاءِ اچڻ جي موڪل ڏني وڃي ۽ (اھڙي وقت وڃو جو) ان جي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪندڙ نه ھجو پر جڏھن اوھان کي سڏيو وڃي تڏھن اندر وڃو پوءِ جڏھن کائي رھو تڏھن نڪري وڃو ۽ ڪنھن ڳالھ ۾ ريجھي ويھي نه رھو، ڇوته انھيءَ (ڪم) پيغمبر کي ايذايو ٿي پوءِ (ھن) اوھان کان لڄ ڪئي ٿي، ۽ الله حق (چوڻ) کان لڄ نه ڪندو آھي، ۽ جڏھن انھن (پيغمبر جي بيبين) کان ڪا شيء گھرو تڏھن پردي جي ٻاھران کانئن گھرو، اھو (ڪم) اوھان جي دلين ۽ انھن جي دلين لاءِ ڏاڍو پاڪ آھي، ۽ اوھان کي نه جڳائيندو آھي ته الله جي پيغمبر کي ايذايو ۽ نڪي (جڳائيندو آھي) ته اُن کانپوءِ سندس زالون اوھين ڪڏھن پرڻجو، ڇوته اُھو (ڪم) الله وٽ وڏو (گناھ) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! توهان نبي سڳوري جي گهرن ۾ تيستائين نه گهڙو جيستائين اوهان کي (موڪل گهرڻ بعد) موڪل ڏني وڃي (اگرچه اوهان کي ماني جي دعوت ڏنل هجي) ائين نه ٿئي جو اڳ ئي اچي ماني تيار ٿيڻ تائين ترسي ويهي رهو، پر جڏهن توهان کي (اندر اچڻ لاءِ) سڏيو وڃي تڏهن ڀلي اندر وڃو، پوءِ جڏهن ماني کائي رهو تڏهن اٿي هليا وڃو ۽ ڳالهين ٻولهين جي مزيداريءَ لاءِ ويهي نه رهو. اها ڳالهه نبي سڳوري کي تڪليف ٿي ڏئي پر هو حياءَ کان توهان کي ڪجهه نٿو چوي. مگر الله تعاليٰ حق چوڻ کان حياءَ نٿو ڪري ۽ (اي مؤمنو) جڏهن به توهان حرمن مبارڪن کان ڪا شيءِ گهرو تڏهن پردي جي پٺيان بيهي گهرو. ائين ڪرڻ سان اوهان جون دليون ۽ هنن جون دليون (خراب خيالن اچڻ کان) پاڪ رهنديون ۽ اوهان جي لاءِ مناسب ناهي ته توهان الله جي رسول کي (ڪنهن به قسم جي) تڪليف ڏيو. نڪي مناسب آهي ته توهان کانئس پوءِ سندس زالن سان ڪڏهن به نڪاح ڪيو. بيشڪ اها ڳالهه الله تعاليٰ جي نظر ۾ وڏي خراب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! توهان رسولِ عربيءَ جي گھرن ۾ نه وڃو مگر جنهن وقت توهان کي طعام لاءِ سڏ ڪيو وڃي ان وقت جا منتظر نه هجو پر جنهن وقت توهان کي سڏيو وڃي پوءِ توهان وڃو پوءِ جنهن وقت توهان طعام کائو پوءِ توهان ٻاهر نڪرو ۽ توهان ڪچهري نه ڪريو، بيشڪ توهان جي ايئن ڪرڻ سان رسولِ عربيءَ کي ايذاءُ رسي ٿو پوءِ پاڻ ڪريم توهان جو لحاظ ڪن ٿا، ۽ الله تعالى حق بيان ڪرڻ ۾ پرواهه نٿو ڪري، ۽ توهان جڏهن انهن بيبين کان ڪا شيءِ گھرو ته پوءِ پردي جي ٻاهران (اها شيءِ) انهن کان طلب ڪريو، اهو توهان جي ۽ انهن جي دلين لاءِ وڌيڪ پاڪيزه آهي، ۽ توهان لاءِ اهو صحيح نه آهي جو توهان الله جي رسول کي ايذاءُ پهچايو ۽ پاڻ ڪريمن کان پوءِ توهان سندن بيبين سان ڪڏهن به نڪاح نه ڪريو، بيشڪ اها ڳالهه الله تعالى وٽ عظيم (گناه) آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! نبي جي گهرن ۾ اندر نه وڃو مگر جنهن وقت اوهان کي کاڌي کائڻ لاءِ (اندر اچڻ جي) اجازت ڏني وڃي (۽ ان وقت اوهين) ان (کاڌي جي) تيار ٿيڻ جو انتظار نه ڪريو پر جڏهن اوهان کي سڏايو وڃي ته (پوري وقت تي) وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته (وري يڪدم پنهنجين جاين تي) هليا ويندا ڪريو ڪنهن ڳالھ ۾ ريجهي _(تي) ويهي نه رهو. ڇو ته اوهان جي اها ڳالھ نبي کي تڪليف پهچائي ٿي ۽ هو اوهان جو لحاظ رکندو آهي ۽ خدا حق (چوڻ) کان شرم نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن پيغمبر جي زالن کان ڪا ڪم جي شيءِ گهرو ته پردي جي ٻاهران (بيهي) گهرو. ان سان اوهان جون دليون ۽ انهن جون دليون وڌيڪ پاڪ رهنديون. ۽ اوهان کي هي مناسب نه آهي ته خدا جي رسول کي ايذايو ۽ نه هي به ته سندس زالن سان ان کان پوءِ ڪڏهن به شادي ڪريو، بيشڪ اهو ڪم خدا وٽ وڏو (گناھ) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه داخل ٿيو نبي جي گهرن ۾ مگر (ان وقت جو) موڪل ڏني وڃي اوهان کي کاڌي لاءِ نه انتظار ڪندڙ ان جي تيار ٿيڻ جو ۽ پر جڏهن سڏ ڪيا وڃو پوءِ داخل ٿيو پوءِ جڏهن کاڌو کائي ويهو ته پوءِ منتشر ٿي وڃو ۽ نه (ويهو) ڳالهين ۾ دل وندرائيندڙ بلاشڪ اهي (ڳالهيون) ايذائينديون آهن نبي کي پوءِ حياء ڪري ٿو اوهان کان ۽ الله نه ٿو حياء ڪري حق چوڻ کان ۽ جڏهن گهرو انهن کان ڪو سامان پوءِ گهرو انهن کان پردي کان پويان اهو وڌيڪ پاڪ آهي اوهان جي دلين ۽ انهن جي دلين لاءِ ۽ نه ٿو جڳائي اوهان کي هي ته ايذايو الله جي رسول کي ۽ نه هي ته نڪاح ڪيو ان جي گهروارين سان ان کان پوءِ هميشہ بلاشڪ اهو الله وٽ وڏو (گناھ) آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! نبيءَ جي گهرن ۾ اندر نه وڃو مگر جنهن وقت اوهان کي کاڌي کائڻ لاءِ (اندر اچڻ جي) اجازت ڏني وڃي (۽ ان وقت اوهين) ان جي پچڻ جو انتظار ڪندڙ نه هجو پر جنهن وقت اوهان کي سڏيو وڃي تنهن وقت اندر وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته جدا جدا ٿي هليا وڃو ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ ريجهي ويهي نه رهو. بيشڪ اوهان جي اها ڳالهه نبي کي تڪليف ڏيندي هئي پوءِ هو اوهان کان شرم ڪندو هو ۽ الله حق (چوڻ) کان شرم نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن پيغمبر جي زالن کان ڪا ڪم جي شيءِ گهرو ته پردي جي ٻاهران (بيهي) گهرو. ان سان اوهان جو دليون ۽ انهن جون دليون زياده پاڪ رهنديون. ۽ اوهان کي هي مناسب نه آهي ته الله جي رسول کي ايذايو ۽ نه هيءَ به ته سندس زالن سان ان کان پوءِ ڪڏهن به شادي ڪريو. بيشڪ اهو ڪم الله وٽ وڏو (گناهه) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! نبيءَ جي گهرن ۾ داخل نه ٿيندا ڪيو سواءِ هن جي جو توهان کي کاڌي کائڻ لاءِ اجازت ڏني وڃي (پوءِ وقت کان اڳ اچي) کاڌي تيار ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ وارا نه بنجو پر جنهن وقت توهان کي سڏيو وڃي تنهن وقت اندر وڃو پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته ٽڙي پکڙي وڃو ۽ ڳالهين ۾ رِيجهي ويهي نه رهو. بيشڪ توهان جو ائين (گهڻي دير ويهي) رهڻ نبيءَ کي تڪليف ڏئي ٿو پوءِ اُهو توهان (کي اٿڻ جو چوڻ) کان حياءُ ڪري ٿو. ۽ الله حق (چوڻ) کان حياءُ نه ٿو ڪري. ۽ جڏهن توهان انهن (ازواج مطهرات) کان ڪو سامان گهرو ته پوءِ انهن کان پردي جي پويان گهرو. اِهو توهان جي دلين جي لاءِ انهن جي دلين لاءِ پاڪيزگي جو سبب آهي. ۽ توهان جي لاءِ (هرگز جائز) ناهي جو توهان رسول الله (ﷺ) کي ايذايو ۽ نه هي (جائز) آهي جو سندس گهر وارين سان سندس بعد ڪڏهن به نڪاح ڪيو. بيشڪ اِهو الله وٽ وڏو (گناهه) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جَن مَڃيو!، سي نه مُور، گِھڙو گَھرن ۾ نبي جي، تان طرف طعام، اَوهان جِي، موڪل ٿـئي مَنظور، ڏِسڻ ڪنان ڏُور، تِنهنجِي توڻ تَنور کي. پر جڏهن اوهان کي، سَڏ ٿئي، پوءِ گِھڙو اَندر گَھر، ۽ جڏهن کائي خُوش ٿيا، ته نِڪرو نيڪ، ٻَهر، خاطِر ڪِنهن به خَبر، وِرُنہ وارِيندڙ پاڻ ۾. رَنجائي رَسُول کي، اَهنجِي اِها ڳالھ، ڪُڇي ڪِين حَيا کان، نَبِي اوهان نال، مالِڪ بي مِثال، حَيا نه ڪري حَق چوڻ ۾. ۽ جَڏهن گُھرو اُنهن کان، ڪائـِي مَتاع، مال، پوءِ پَردي ٻاهران ڪريونِ، سَڏ سُوال، ڪارڻ قلبن اَهنجي، ڀَلو اِي بَحال، پڻ نِرمل ۽ نِهال، قَلبن ڪارڻ اُنهنجي. ۽ روا نه اوهان ڪاڻ، ته رنجايو رسول کي، ۽ نڪي ان جون عورتون، پٺيانس پرڻيون پاڻ، صاحب وٽ سڄاڻ، اِي آهي ڳري ڳالهڙي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! نبي جي گهر فقط تڏهن وڃو، جڏهن اوهان کي تيار ٿيل مانيءَ لاءِ سڏجي، جو انهي جي پچڻ جي واٽ به ڏسڻي نه پويوَ، پر جڏهن اوهان کي سڏجي، تڏهن وڃو، پوءِجڏهن ماني کائي وٺو، تڏهن ڇڙوڇڙ ٿي وڃو ۽ ڳالهين ۾ ريجهي ويهي نه رهو، ڇو ته اوهان جي انهي ڪم کان نبيءَ کي تڪليف ٿي ٿئي، پر هن اوهان کان حياءُ ٿي ڪيو، پر الله حق چوڻ کان حياءُ نه ڪندو آهي ۽ جڏهن نياڻين کان ڪا شيءِ گهرو، ته پردي جي ٻاهران گهرو- اهو اوهان خواهه هنن جي دلين لاءِ تمام پاڪ آهي- ۽ نڪي ڪڏهن به کانئس پوءِ سندس بيبين سان پرڻجو، بيشڪ اهو الله وٽ وڏو گناهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! نبيءَ جي گهرن ۾ بنا اجازت جي نه لنگهي ايندا ڪريو، نه وري کاڌي جي وقت جي تاڙ ۾ هجو. ها باقي جي توهان کي ماني کائڻ لاءِ سڏيو وڃي ته ڀلي اچو، پر جڏهن ماني کائي وٺو ته پوءِ هليا وڃو، ويهي ڳالهيون نه ڪريو. توهان جون اهي حرڪتون نبيءَ کي تڪليف ڏين ٿيون، پر هو شرم کان توهان کي ڪجهه نٿو چئي ۽ الله کي ته حق چوڻ کان ڪوبه حجاب نه ٿيندو آهي. نبيءَ جي گهر وارين کان توهان کي جي ڪجهه گهرڻو هجي ته پردي جي پٺيان گهرندا ڪريو. اهو توهان جي ۽ انهن جي دلين جي پاڪائيءَ لاءِ وڌيڪ مناسب طريقو آهي. توهان لاءِ اهو ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي ته الله جي رسول کي ايذايو ۽ نڪي اهو جائز اٿوَ ته کانئس پوءِ سندس گهروارين سان نڪاح ڪريو، اهو الله جي نظر ۾ تمام وڏو گناهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، نه ايندا ڪريو بنا موڪل جي نبيءَ جي گهر ۾، پر جنهن وقت توهان کي اجازت ملي کاڌي کائڻ لاءِ (اندر اچڻ جي) ان وقت ان جي پچڻ جو انتظار ڪندڙ نه هجو پر جڏهن توهان کي سڏيو وڃي تنهن وقت اندر وڃو، پوءِ جڏهن کائي بس ڪريو ته هليا وڃو، ۽ نه وڃو (اتي) ڪنهن به ڳالهه ۾، بيشڪ توهان جي اها ڳالهه تڪليف ڏيندي هئي نبي کي، پر شرم ڪندو هو توهان کان، ۽ الله شرم نٿو ڪري حق چوڻ کان، ۽ جڏهن (پيغمبر جي زالن کان) گُهرو ڪابه ڪم جي شيءِ، ته کانئن وٺو ٻاهران پردي جي، ان سان توهان جون دليون صاف رهنديون ۽ سندن دليون پڻ، ۽ نٿو جڳائي توهان کي ته ايذايو الله جي رسول کي، ۽ نه ئي شادي ڪريو سندس زالن سان هن کان پوءِ ڪڏهن به، بيشڪ اهو ڪم گناهه آهي ان الله وٽ تمام وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! (هاڻي) توهان نبي (ﷺ) جي گهرن ۾ بغير اجازت داخل نه ٿجو ۽ نه کاڌي واري ٽائيم تي اچڻ جي تڪليف ڪريو (پوءِ ايئن نه ٿئي ته توهان بغير دعوت جي کاڌي کي تڪيندا رهو ۽ ڪنهن مجبوري سبب توهان کي کاڌو نه ملي سگهي). ها جڏهن توهان کي کاڌي کائڻ جي باقاعده دعوت ڏني وڃي ته پوءِ به مقرر وقت تي پهچو ۽ کاڌو کائي هليا وڃو، اتي ويھي خواهه مخواهه جي ڪچهري لڳائي نه ويهو. بيشڪ نبي سڳوري کي توهان جي ان عمل سان تڪليف پھچي ٿي ۽ هو شرما حضوري ۾ توهان کي ڪجهه چئي به نٿا سگهن. پر الله تعالى حق ڳالهه چوڻ ۾ ڪنھن جو به لحاظ نه ٿو رکي، ۽ (ٻي ڳالهه ته) جڏهن توهان کي بيبين سڳورين کان ڪا شيءِ گهرڻي هجي ته پردي پويان گهرندا ڪريو ــ توهان جي ۽ بيبين جي دلين کي پاڪ رکڻ جو اهوئي صحيح طريقو آهي. توهان کي الله تعالى جي رسول سڳوري کي تڪليف ڏيڻ نٿو جڳائي ۽ نبي سڳوري (جي وفات) کان پوءِ سندس بيبين سان ڪنھن کي به نڪاح ڪرڻ جي هرگز اجازت ناهي. بيشڪ اهو عمل الله تعالى وٽ وڏو گناهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تُبدوا شَيـًٔا أَو تُخفوهُ فَإِنَّ اللَّهَ كانَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمًا (آيت : 54) |
جيڪڏھن ڪنھن ڳالھ کي پڌرو ڪريو يا اُن کي لڪايو ته بيشڪ الله ھر شيء کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مؤمنو حضرت جن ۽ سندس حرمن کي عزت ڏيڻ جي باري ۾) جيڪڏهن توهان ڪجهه ظاهر ڪيو يا (دلين ۾) لڪايو ته به يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ هرهڪ شيءِ (۽) هرهڪ ڳالهه جو علم رکي ٿو (کانئس ڪا ننڍڙي ڳالهه به ڳجهي نٿي رهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان ڪا شيءِ ظاهر ڪريو ٿا يا ان کي مخفي ڪريو ٿا، پوءِ بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين چاهي ڪنهن شيءِ کي ظاهر ڪريو يا ان کي لڪائيندو ته بيشڪ خدا (بهرحال) سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن ظاهر چوندؤ ڪا شيءِ يا لڪائيندؤ ان کي پوءِ بلاشڪ الله هر شيءِ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهين ڪنهن شيءِ کي ظاهر ڪندو يا ان کي لڪائيندو ته بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن توهان ڪنهن شيءِ کي ظاهر ڪيو يا ان کي لڪايو ته بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪا کوليو ڳالھ کڻي، يا مَخفِي ماريوس مِيم ۾، پوءِ دانا آهي ڌَڻِي، سمجھندڙ سَڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ڪنهن چيز کي ظاهر ڪريو يا لڪايو ته به الله پڪ هر چيز کي ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ڪا ڳالهه ظاهر ڪريو يا لڪايو، الله کي هر ڳالهه جي ڄاڻ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ظاهر ڪندؤ ڪنهن شيءِ کي يا ان کي لڪائيندؤ ته پوءِ الله ته سڀڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ڪنھن به معاملي کي ظاهر ڪريو يا لڪايو (پر) الله تعالى هر شيءِ کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا جُناحَ عَلَيهِنَّ فى ءابائِهِنَّ وَلا أَبنائِهِنَّ وَلا إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ إِخوٰنِهِنَّ وَلا أَبناءِ أَخَوٰتِهِنَّ وَلا نِسائِهِنَّ وَلا ما مَلَكَت أَيمٰنُهُنَّ وَاتَّقينَ اللَّهَ إِنَّ اللَّهَ كانَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ شَهيدًا (آيت : 55) |
زالن تي نڪي پنھنجن پين ۽ نڪي پنھنجن پٽن ۽ نڪي پنھنجن ڀائرن ۽ نڪي پنھنجن ڀاٽين ۽ نڪي پنھنج ڀاڻيجن ۽ نڪي پاڻ جھڙين زالن ۽ نڪي جن تي سندن ھٿ مالڪ ٿيا آھن تن جي اڳيان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناھ آھي، ۽ (اي زالون) الله کان ڊڄو ڇوته الله سڀ ڪنھن شيء تي حاضر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (حضرت جن جي حرمن مبارڪن) تي ڪو ڏوهه ڪونهي جيڪڏهن هو پنهنجي پيئرن، پٽن، ڀائرن، ڀائٽين، ڀاڻيجن، پنهنجي (يعني مؤمن) عورتن ۽ پنهنجي ٻانهن ۽ ٻانهين سان (بنا پردي جي ڳالهائين.) (اي امهات المؤمنين) الله تعاليٰ کان ڊڄنديون رهو (توهان تي وڏيون جوابداريون آهن، توهان کي خاص طرح ٻين عورتن کان وڌيڪ پرهيزگار رهڻو آهي ۽ ٻين لاءِ مثال ٿيڻو آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي (۽ اوهان جي پرهيزگاري ۽ پاڪائي جي ڪري اوهان کي ٻيڻو اجر ڏيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نبي ڪريم جي بيبين تي ڪو گناه ناهي (جو اهي) پنهنجي والدين ۽ پنهنجي پٽن ۽ پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي ڀائٽن ۽ پنهنجي ڀاڻيجن ۽ مؤمنن جي گھر وارين ۽ پنهنجي ٻانهن کان پردو نه ڪن ۽ توهان الله کان ڊڄو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي گواه آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) عورتن تي سندن پين (کان پردي نه ڪرڻ ۾) ڪو گناھ نه آهي ۽ نه سندن پٽن ۽ سند ڀائرن ۽ نه سندن ڀائٽن ۽ نه سندن ڀاڻيجن ۽ نه پاڻ (جهڙين) زالن کان ۽ نه پنهنجين ٻانهين کان سامهون ٿيڻ ۾ ڪو گناھ آهي. (اي پيغمبر جون زالون!) اوهين خدا کان ڊڄنديون رهو. ان ۾ شڪ نه آهي ته خدا (توهان جي عملن جي) هر ڳالھ کان واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي ڪو گناھ انهن تي سندن پيئرن سان ۽ پنهنجن پٽن سان ۽ نه پنهنجن ڀائرن سان ۽ نه ڀائٽين سان ۽ نه پنهنجن ڀاڻيجن سان ۽ پاڻ جهڙين عورتن سان ۽ نڪي جن جا سندن هٿ مالڪ ٿيا آهن ۽ الله کان ڊڄو بلاشڪ الله هر شيءِ تي حاضر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پيغمبر جي زالن تي سندن پيئن (کان پردي نه ڪرڻ) ۾ ڪو گناهه نه آهي ۽ نه سندن پٽن ۽ نه سندن ڀائرن ۽ نه سندن ڀائٽين ۽ نه سندن ڀاڻيجن ۽ نه پنهنجن (مسلمان) زالن کان. ۽ نه انهن کان جن جا سندن هٿ مالڪ ٿيا آهن ۽ (اي نبيءَ جون زالون! پردي جي باري ۾ ) الله کان ڊڄنديون رهو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي شاهد آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن تي (پردو نه ڪرڻ ۾) ڪو حرج نه آهي سندن پيئرن کان ۽ نه پنهنجي پُٽن کان ۽ نه پنهنجي ڀائرن کان ۽ نه پنهنجي ڀائٽين کان ۽ نه پنهنجي ڀاڻجن کان ۽ نه پنهنجي (مسلمان) عورتن کان ۽ نه انهن (ٻانهن) کان جن جا سندن هٿ (شرعي طرح) مالڪ ٿيا آهن، ۽ (اي عورتون) الله کان ڊڄنديون رهو. بيشڪ الله هر شيءِ تي نگاهه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿنِ ناھِ مَيار، سَندنِ پِين ۽ پُٽن ۾، ڀائـِرن سَندنِ، يا ڀائيٽا، يا ڀيڻج بَرقرار، ۽ ٻايون يا ٻانهيون، جن تي سَندنِ هَٿ سَنڀار، ۽ ڏَرو ڀَر ڏاتار، سائـِين ساکي سَڀ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) زالن تي هيٺين ماڻهن کان (پردي نه ڪرڻ ۾) گناهه ناهي؛_ سندن پيءُ، پٽ، ڀائر، ڀائيٽا، ڀاڻيجا، عورتون ۽ ٻانها_ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله هر چيز تي حاضر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نبيءَ جي گهروارين لاءِ ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي ته سندن پيئر، سندن پٽ، سندن ڀائر، سندن ڀائٽيا، سندن ڀاڻيجا، سندن سنگتياڻيون ۽ سندن ٻانها ٻانهيون گهرن ۾ اچن، (اي زالون) توهان کي الله جي نافرمانيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. الله هر شيءِ تي نظر رکي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ناهي (ڪوبه) گناهه (پردي نه ڪرڻ جو) نبيءَ جي زالن جي پيئن کان، ۽ نه سندن پٽن کان ۽ نه سندن ڀائرن کان ۽ نه سندن ڀائٽين کان ۽ نه پنهنجن (مسلمان) عورتن کان، ملڻ وارين عورتن ۽ (ٻانها جيڪي گهرن ۾ اچن) ۽ نه انهن کان جن جا هٿ سندن مالڪ ٿيا هجن ۽ (اي نبي جون زالون) ڊڄو الله کان (پردي جي باري ۾)، بيشڪ الله سڀڪنهن شيءِ تي (پاڻ ئي) شاهد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيبين سڳورين کي هنن مائٽن جي منھن پَوڻ جي اجازت آهي: ماءُ پيءُ ــ پٽن ــ ڀائرن ــ ڀائٽين ــ ڀاڻيجن ــ سڃاڻيندڙ (حيادار) عورتن ــ ٻانهين ۽ غلامن ــ (اي بيبيو! توهان هر وقت) الله تعالى کان ڊڄنديون رهو. بيشڪ الله تعالى جي هر شيءِ تي نظر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ وَمَلٰئِكَتَهُ يُصَلّونَ عَلَى النَّبِىِّ يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا صَلّوا عَلَيهِ وَسَلِّموا تَسليمًا (آيت : 56) |
بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ پيغمبر تي رحمت موڪليندا آھن، اي ايمان وارؤ اوھين به مٿس صلوات پڙھو ۽ پوري طرح سلام چئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله تعاليٰ ۽ سندس فرشتا نبي سڳوري تي رحمتون موڪلين ٿا. سو اي مومنؤ! توهان به مٿس درود ۽ سلام موڪليو (۽ وڏي عزت سان کيس سلام ڪيو ۽ دل جي چاهه سان دعا گهرو ته الله تعاليٰ مٿس رحمت ڪري ۽ کيس سلامت رکي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ۽ الله جا فرشتا رسولِ عربي تي صلواتون ۽ سلام موڪلي رهيا آهن، اي مؤمنو توهان به پاڻ ڪريمن تي صلواتون ۽ سلام موڪليندا رهو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا ۽ سندس فرشتا نبي (۽ سندس آل تي) درود موڪلين ٿاته اي ايمان وارو! اوهين به درود موڪليندا رهو ۽ برابر سلام ڪندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود موڪلين ٿا نبي تي اي ايمان وارؤ! درود موڪليو ان تي ۽ سلام موڪليو گهڻو سلام .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ نبيءَ تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! اوهين به مٿس درود موڪليو ۽ چڱيءَ طرح سلام موڪليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ۽ ان جا (سڀ) ملائڪ نبيءَ تي درود موڪليندا رهن ٿا. اي ايمان وارؤ! اوهان (به) مٿس درود موڪليو ۽ خوب سلام (عرض) ڪندا ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رَبُّ موڪلي رَحمتون، مَٿي مُرسل ڄام، ۽ مَنڱن ملائـِڪ مَعافِيون؛ اِي وِسهيا جي وَريام!، اَوهِين به پَڙهو اُن تي، صَلواة صُبح شام، پڻ ساري چَئو سَلام، وَر وَر تِنهن وَريام تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله، سندس ملائڪ نبيءَ تي رحمت چون ٿا، اي مؤمنو! اوهين به مٿس رحمت چئو ۽ پوريءَ طرح سلام چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ۽ سندس ملائڪ نبيءَ تي رحمت موڪلين ٿا، اي ايمان وارؤ! توهان به مٿس درود ۽ سلام موڪليو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ۽ سندس ملائڪ (فرشتا) درود موڪليندا آهن نبيءَ تي، اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان به ان تي درود ۽ سلام چڱيءَ طرح موڪليو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ۽ سندس ملائڪ نبي (ﷺ) تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! توهان به ان تي درود ۽ سلام موڪليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يُؤذونَ اللَّهَ وَرَسولَهُ لَعَنَهُمُ اللَّهُ فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَأَعَدَّ لَهُم عَذابًا مُهينًا (آيت : 57) |
بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس پيغمبر کي ايذائيندا آھن تن الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آھي ۽ اُنھن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي ناراض ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ هن دنيا توڙي آخرت ۾ لعنت وجهي ڇڏي آهي، (يعني دنيا ۽ آخرت جي رحمتن ۽ نعمتن کان محروم رکيو آهي) ۽ هنن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (مون عاجز جي طرفان هن آيت جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو پيش ڪجي ٿو. حق تعالى ۽ فرشتا موڪلين ٿا هر زمان يا رسولِ مجتبيٰ توتي صلواتون ۽ سلام. حڪم آهي مؤمنن هردم پڙهن توتي صلوات دل جي عقيدت سان صدا توتي صلواتون ۽ سلام) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ ان جي رسول کي ايذائن ٿا، انهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جي لعنت آهي ۽ الله تعالى انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي ايذائين ٿا تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ (خدا) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جيڪي ايذاء ڏين ٿا الله ۽ ان جي رسول کي لعنت ڪئي انهن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ عذاب خوار ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله ۽ سندس رسول کي ايذائين ٿا تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله ۽ ان جي رسول کي ايذائن ٿا انهن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪري رکيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي جي ڏِين آزار، رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول کي، دُنيا ۽ آخِرت ۾، تَن تي، ڌَڻِئَ ڪَئـِي ڌِڪار، تَن لئي ڪَئـِين تيار، کُورو، ڪندڙ خورا ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جيڪي شخص الله ۽ سندس رسول کي ڏکوئين ٿا، تن تي الله دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب تيار ڪيو اٿس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسول کي رنجائين ٿا، انهن تي دنيا توڙي آخرت ۾ الله لعنت ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري رکيو اٿائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ايذائن (تڪليف ڏين) ٿا الله ۽ سندس رسول کي، انهن تي لعنت ڪئي آهي الله دنيا ۽ آخرت ۾، ۽ انهن جي لاءِ تيار ڪيو آهي عذاب ذليل ڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري کي تڪليف پھچائين ٿا، اهڙن ماڻهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ لعنت آهي ۽ الله تعالى انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب تيار ڪري ڇڏيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ يُؤذونَ المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ بِغَيرِ مَا اكتَسَبوا فَقَدِ احتَمَلوا بُهتٰنًا وَإِثمًا مُبينًا (آيت : 58) |
۽ جيڪي (ماڻھو) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي اھڙي ڪم (جي تھمت) سان ايذائيندا آھن جو اُنھن نه ڪيو ھجي تن بيشڪ ڪوڙي ٺاھ ۽ پڌري گناھ جو بار کنيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمنن کي ۽ مؤمنياڻين کي بنا سندن (گناهه يا ڏوهه) ڪرڻ جي (ناحق) ايذاءُ پهچائين ٿا ۽ تڪليفون ڏين ٿا سي وڏي بهتان ۽ چٽي پٽي گناهه جو بار پنهنجي سر تي کڻن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ناحق ايذائن ٿا، پوءِ بيشڪ اهي پاڻ تي بهتان ۽ صاف گناه کڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان وارن (مردن) ۽ ايمان وارين (زالن) بي ڏوهين تي (تهمت رکي) ايذائين ٿا تن بيشڪ بهتان ۽ ظاهر گناھ (جو بار پنهنجي گردن تي) کنيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي شخص جيڪي ايذاء ڏين ٿا مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ان کان سواءِ جو ڪيائون پوءِ تحقيق کنيائون بهتان (جو بار) ۽ کليل گناھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ايمان وارن (مردن) ۽ ايمان وارين (زالن) بي ڏوهين کي ايذائين ٿا تن بيشڪ بهتان ۽ ظاهر گناهه (جو بار پنهنجي گردن تي) کنيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي ايذائن ٿا بغير هن جي جو انهن ڪجهه (گناهه) ڪيو هجي ته بيشڪ انهن بهتان ۽ ظاهر گناهه جو بار پاڻ تي کنيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُؤمن ۽ مُؤمِنياڻِيين، اُهي، جي ڏِين آزار، تَن جي تُهمتن سان، نَه ڪيون جي ڪم ڪار، تن کَنيا بُهتانن بار، پڻ پَڌرو پاپ پُٺن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي سندن نه ڪيل ڪم بابت ڏکوئيندا آهن، تن بيشڪ بهتان ۽ صفا گناهه جو بار کنيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بنا ڪنهن قصور جي ايذائين ٿا، تن وڏي بهتان ۽ پڌري گناهه جو بار پاڻ تي کنيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو ايذائيندا آهن مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي بنا ڪنهن به قصور جي، تن کنيو آهي وڏي بهتان ۽ وڏي گناهه جو وبال پنهنجي سر تي ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن کي بي قصور تڪليف ڏين ٿا. درحقيقت هو پنھنجو پاڻ تي وڏي بھتان ۽ پڌري گناهه جو بار کڻن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النَّبِىُّ قُل لِأَزوٰجِكَ وَبَناتِكَ وَنِساءِ المُؤمِنينَ يُدنينَ عَلَيهِنَّ مِن جَلٰبيبِهِنَّ ذٰلِكَ أَدنىٰ أَن يُعرَفنَ فَلا يُؤذَينَ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 59) |
اي پيغمبر پنھنجين زالن ۽ پنھنجين ڌيئرن ۽ مؤمنن جي زالن کي چؤ ته (جيڪڏھن ٻاھر نڪرن ته) پاڻ تي پنھنجون چادرون وجھن، اِھو (ھِن ڳالھ کي) تمام ويجھو آھي ته اُھي سڃاتيون وڃن پوءِ کين ايذاءُ نه ڏنو وڃي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي نبي پنهنجي زالن، ڌيئرن ۽ مؤمنن جي عورتن کي چئو ته (ٻاهر نڪرڻ وقت) پنهنجي چادرن سان ٻُڪر هڻن. اهڙيءَ طرح ڪنديون ته هو آسانيءَ سان سڃاتيون وينديون. (ته ڪي شريف مؤمنياڻيون آهن، پوءِ هنن سان ڪا ڇيڙڇاڙ ڪانه ڪئي ويندي) ۽ کين ڪا تڪليف نه ڏني ويندي ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان پنهنجي گھر وارين ۽ پنهنجي نياڻين ۽ مؤمنن جي گھر وارين کي فرمايو ته اهي سندن پردي جون چادرون پنهنجي منهن ۽ مٿن کي ويڙهين، اهو ان لاءِ ته کين سڃاتو وڃي (ته اهي آزاد عورتون آهن) پوءِ کين ايذايو نه وڃي، ۽ الله تعالى گھڻو بخش ڪندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي نبي! تون پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ڌيئرن ۽ ايمان وارن جي زالن کي چئو ته (جڏهن ٻاهر نڪرن ته) پاڻ تي پنهنجيون چادرون ڪجھ هيٺ ڪن. اها ڳالھ سندن (شرافت جي) سڃاڻپ لاءِ گهڻي مناسب آهي ته کين ڪوئي ڇيڙيندو نه. ۽ خدا ته وڏو بخشڻهار نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي (غيب جون) خبرون ڏيندڙ! فرماءِ پنهنجين گهروارين کي ۽ پنهجين ڌيئرن کي ۽ مؤمنن جي زالن کي ته وجهن پنهنجي مٿان چادرون پنهنجون اهو وڌيڪ ويجهو آهي ته سڃاتيون وڃن پوءِ نه ايذايون وڃن ۽ الله بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي نبي! تون پنهنجين زالن ۽ پنهنجين ڌيئرن ۽ ايمان وارن جي زالن کي چئو ته (جڏهن ٻاهر نڪرن ته) پاڻ تي پنهنجيون چادرون ڪجهه هيٺ ڪن. ان سان جلد سڃاتيون وينديون (ته اهي حيادار آهن) پوءِ کين ايذايو نه ويندو ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي نبي! تون پنهنجي گهر واريُن ۽ پنهنجي نياڻين ۽ ايمان وارن جي زالن کي چؤ ته (ٻاهر نڪرڻ مهل) پنهنجي چادِرِيُن جا پَــلَـــوَ پنهنجي مٿان لڙڪائي ڇڏن. ان سان جلد سُڃاتيون وينديون (ته اُهي حياء دار آهن) پوءِ کين ايذايو نه ويندو. ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تُنهنجي ٻاين ۽ ڄاين کي، چَئو نَبِي نيڪ نواب!پڻ مُؤمِنن جي مَهيليِين، ته نَائنِ، مَٿن نِقاب، سوَلو اِي سُڃاڻجن، سَتيون بَرصواب، پوءِ اُهي نه وڃن اِيذائـِيون، حِيلي، ساڻ حِجاب، ۽ هادِي هَرڪِنهن باب، مَرهِيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي نبي! تون پنهنجي بيبين ۽ نياڻين ۽ مؤمن عورتن کي چئو، ته (ٻاهر نڪرڻ وقت) پاڻ تي وڏيون چادرون وجهن_ انهي ڪري هو سڃاڻجي سگهنديون، پوءِ کين ڏکوئي نه سگهبو ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پنهنجي گهروارين ۽ پنهنجي نياڻين ۽ مؤمنن جي عورتن کي چئي ڇڏ ته پاڻ تي پنهنجي چادرن جا پلؤ لڙڪائي ڇڏين، اهو نهايت مناسب طريقو آهي ته جيئن هو سڃاتيون وڃن ۽ ستايون نه وڃن، الله ته بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! چؤ پنهنجين زالن کي ۽ ڌيئرن کي ۽ مؤمنن جي عورتن کي ته وجهنديون ڪن پاڻ تي پنهنجي چادرن جا پلاند، اهو وڌيڪ مناسب طريقو آهي جيئن اهي سڃاتيون وڃن (ستايون نه وڃن) ۽ بيشڪ الله غفور ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) پنھنجي بيبين، ڌيئرن ۽ مؤمن عورتن کي چئي ڇڏ ته هو (جڏهن گهرن کان ٻاهر نڪرن ته) پنھنجي مٿان چادرون ڍڪين ته جيئن هو حياء دار عورتن جي صورت ۾ سڃاتيون وڃن ۽ کين ايذايو نه وڃي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَئِن لَم يَنتَهِ المُنٰفِقونَ وَالَّذينَ فى قُلوبِهِم مَرَضٌ وَالمُرجِفونَ فِى المَدينَةِ لَنُغرِيَنَّكَ بِهِم ثُمَّ لا يُجاوِرونَكَ فيها إِلّا قَليلًا (آيت : 60) |
منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آھي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙين ڳالھين پکيڙڻ وارا جيڪڏھن (پنھنجي عادت کان) نه جھلبا ته مٿن توکي بڇينداسون وري ٿورن (ڏينھن) کانسواءِ اُن (يعني مديني) ۾ تنھنجا پاڙيسري نه ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن منافق (پنهنجي لچائين کان) ۽ (اهي لوفر بدمعاش) جن جي دلين ۾ روڳ آهي (سي پنهنجي فاحش طريقن کان) ۽ (اهي باغي فسادي ماڻهو) جيڪي مديني ۾ ڪوڙا افواهه اٿارين ٿا (سي پنهنجي بغاوت کان) باز نه ايندا ته اسان توکي هنن جي خلاف اڀارينداسين جو پوءِ هو شهر ۾ تنهنجي ويجهو ڪونه رهندا پر ڪو ٿورو وقت.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن منافق ۽ جن ماڻهن جي دلين ۾ مرض آهي ۽ مدينه ۾ ڪوڙيون ڳالهيون هلائيندڙ انهن (ڳالهين) کان روڪجي نه پيا ته اسين ضرور انهن تي (توهان کي) مُسلط ڪنداسين، ان کان پوءِ اهي مدينه ۾ توهان جا پاڙيسري نه ڪيا ويندا مگر ٿورڙا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ (ڪفر جي) بيماري آهي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙڻ وارا جيڪڏهن اهي (پنهنجيءَ شرارت کان) باز نه ايندا ته اسين تو کي ئي مسلط ڪري ڇڏينداسون پوءِ اهي تنهنجي پاڙي ۾ ٿورن ڏينهن کان سواءِ رهي نه سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته جيڪڏهن نه رڪجندا منافق ۽ اهي جن جي دلين ۾ بيماري آهي ۽ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙيندڙ مدينہ ۾ ته البته لڳائي ڇڏينداسون توکي انهن تي ان کان پوءِ نه پاڙي ۾ رهندا توسان ان ۾ مگر ٿورو وقت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن منافق ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي سي ۽ مديني ۾ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙڻ وارا (پنهنجيءَ عادت کان) باز نه ايندا ته اسين توکي سندن پٺيان لڳائي ڇڏينداسون پوءِ اهي فقط ٿورا ڏينهن مديني ۾ توسان گڏ رهي سگهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن منافق ۽ جن جي دلين ۾ (بُغضِ رسول جي) بيماري آهي ۽ مديني ۾ ڪوڙا افواهه پکيڙڻ وارا باز نه آيا. ته اسان تو کي ضرور انهن تي مسلط ڪنداسين پوءِ اُهي ان (شهرِ مدينه) ۾ تنهنجي پاڙي ۾ رهي نه سگهندا مگر ٿورا (ڏينهن) ..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي بَس نه ڪَئـِي ٻِچاپڙن، پڻ مَرض جَن جي مَن، ۽ مَدِيني مُنور۾، ڪوڙيون وِجھندڙ ڪَن، قَرارو ڪنداسون توکي، مُرسل ! مَٿي تَن، توسان، نَه ٿوري وقت ري، پَريَمِ! پاڙوڪَن،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منافق ۽ دل جي بيماريءَ وارا ۽ مديني ۾ ڪوڙيون ڳالهيون پکيڙيندڙ جيڪڏهن باز نه ايندا، ته توکي مٿن بڇينداسون، پوءِ ٿوري وقت کان وڌيڪ تنهنجي پاڙي ۾ رهي نه سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ خرابي آهي ۽ جيڪي مديني ۾ ٿرٿلو مچائيندڙ افواهه پکيڙڻ وارا آهن، نه مڙيا ته اسان انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ توکي اٿاري کڙو ڪنداسون، پوءِ هو انهيءَ شهر ۾ مشڪل سان تنهنجا پاڙيسري ٿي رهي سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن نه مڙيا اهي (حرڪتن کان) منافق ۽ اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ آهي مرض (خرابي)، ۽ اهي جيڪي افواهه پکيڙڻ وارا آهن مديني ۾، اسان توکي لڳائي ڇڏينداسين انهن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ، پوءِ اهي تو سان گڏ رهي سگهندا پر ٿورو وقت(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن منافق، ڏوهاري ذهن جا ماڻهو ۽ مديني (شريف) ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ڦھلائيندڙ پنھنجي حرڪتن کان باز نه آيا ته اسان توکي انهن جي خلاف (باقاعده) مقابلي جي لاءِ سامهون بيھارينداسين جنهن کان پوءِ هو توسان (هن شهر ۾) گهڻو وقت رهي به نه سگهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَلعونينَ أَينَما ثُقِفوا أُخِذوا وَقُتِّلوا تَقتيلًا (آيت : 61) |
لعنت ڪيل آھن، جتي لڀندا تِتي پڪڙبا ۽ چڱي طرح ماربا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن تي لعنت هوندي ۽ جتي به هو ڏٺا ويندا اتي گرفتار ڪيا ويندا ۽ قتل ڪيا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي لعنتي آهن، اهي جتي هٿ آيا ته کين پڪڙيو ويندو ۽ سختيءَ سان قتل ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ان وقت به) ڦٽڪاريل هوندا، جتي لڌا ويندا اتي پڪڙيا ويندا ۽ چڱيءَ طرح قتل ڪيا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لعنت ڪيل جتي به لڌا ويا ته ورتا ويندا ۽ قتل ڪيا ويندا پڪي طرح .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ ان وقت به) ڦٽڪاريل هوندا، جتي لڌا ويندا اتي پڪڙيا ويندا ۽ چڱيءَ طرح قتل ڪيا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اهي) لعنت ڪيل .. جتي لڌا وڃن گرفتار ڪيا وڃن ۽ هڪ هڪ ڪري قتل ڪيا وڃن (جيئن ملڪ پُر امن رهي).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏُتڙيل ڏُور ڏيهَن ۾، جِنهين لوءِ لَڀن، ته ڀيري هَڻبنِ ڀَن ۽ مارِيا وِيندا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو لعنتي آهن، جتي ڏسبا اتي پڪڙبا ۽ چڱيءَ طرح ماربا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مٿن پئي لعنت وسندي، جتي به لڀندا پڪڙيا ويندا ۽ ماري ناس ڪيا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لعنت وسندي انهن تي هر طرف کان، جتي ملندا پڪڙيا ويندا ۽ ماريا ويندا چڱيءَ طرح سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مٿن هر طرف کان لعنت وسندي، جتي به هوندا کين پڪڙيو ويندو ۽ بري طرح قتل ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سُنَّةَ اللَّهِ فِى الَّذينَ خَلَوا مِن قَبلُ وَلَن تَجِدَ لِسُنَّةِ اللَّهِ تَبديلًا (آيت : 62) |
جيڪي (ھن کان) گذري ويا تن ۾ (به) الله جو اھو دستور ھو، ۽ الله جي دستور کي ڪڏھن مت سٽ نه ڏسندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو اڳي ٿي گذريا تن ۾ به الله تعاليٰ جو اهوئي قانون هو (ته اهڙن ماڻهن تي آخرڪار حق وارن جو تسلط ٿيو) توهان الله تعاليٰ جي قانون ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙن ماڻهن لاءِ الله تعالى جو ان کان اڳ (اهو ساڳيو) طريقو رهيو آهي، ۽ توهان الله جي طريقي ۾ ڪا تبديلي نه لهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيئن اڳين ۾ به الله جو اهو دستور رهيو آهي ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪا (به) مٽ سٽ نه ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جو طريقو انهن ۾ جيڪي گذريا اڳي ۽ هرگز نه لهندين الله جي طريقي لاءِ ڪا تبديلي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيئن اڳين ۾ به الله جو اهو دستور رهيو آهي ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪا مٽ سٽ نه ڏسندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اها الله جي سنت آهي جا انهن ماڻهن جي معاملي ۾ پهريائين کان اچي رهي آهي، ۽ تون الله جي دستور ۾ هرگز ڪا تبديلي نه لهندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اَلله پاڪ جِي، سُنت اِئَ صَحِي، گھڻن مَنجھ گُذرِي، جي وِيا ڪالھ وَهِي، ۽ سَگھندِين نه لاھ لَهِي، عادت مَنجھ اَلله جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن کان اڳ گذريلن ۾ به الله جو اهو دستور هو ۽ تون الله جي دستور ۾ ڪڏهن به ڦير گهير نه ڏسندين (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها الله جي سنت آهي، جيڪا اهڙن ماڻهن جي سلسلي ۾ اڳ کان هلندي پئي اچي ۽ تون الله جي سنت ۾ ڪابه ڦيرڦار نه ڏسندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سنت (طريقو) آهي الله جو ئي (جيڪا) انهن ماڻهن جي لاءِ اها اڳي کان هلندي اچي، ۽ تون نه ڏسندين (اي نبي!) الله جي انهيءَ سنت ۾ ڪابه تبديلي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جو اهوئي طريقو آهي جيڪو شروع کان هلندو اچي ٿو ۽ تون الله تعالى جي طريقي ۾ ڪابه تبديلي نه ڏسندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَسـَٔلُكَ النّاسُ عَنِ السّاعَةِ قُل إِنَّما عِلمُها عِندَ اللَّهِ وَما يُدريكَ لَعَلَّ السّاعَةَ تَكونُ قَريبًا (آيت : 63) |
ماڻھو توکان قيامت بابت پڇن ٿا، (کين) چؤ ته اُن جي خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ ڪھڙيءَ (ڳالھ) توکي ڄاڻايو متان قيامت ويجھڙو ئي ٿيندي ھجي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان قيامت جي گهڙيءَ بابت پڇن ٿا (ته ڪڏهن ايندي؟) تون کين چئو ته، ان جو علم فقط الله کي آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه توکي سمجهائيندي ته شايد قيامت جي گهڙي ويجهي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان کان قيامت بابت سوال ڪن ٿا، توهان فرمايو قيامت جو علم الله تعالى وٽ آهي، ۽ توهان کي ڪنهن ڄاڻايو، شايد قيامت عنقريب هجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) ماڻهو تو کان قيامت جي باري ۾ پڇندا رهن ٿا. (تون کين) چئو ته ان جو علم ته رڳو خدا کي آهي ۽ تو کي ڪهڙي خبر اها (قيامت) ويجهي هجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڇن ٿا توکان ماڻهو قيامت جي (متعلق) فرماء ته ان جو علم ته صرف منهنجي رب وٽ آهي ۽ ڪير ڄاڻائي ٿو توکي متان قيامت هجي ويجهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان ماڻهو ان گهڙيءَ جو پڇن ٿا چئو ته ان جي خبر رڳي الله کي آهي ۽ (اي پيغمبرﷺ!) توکي ڪهڙي خبر شايد اها گهڙي ويجهي هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهو تو کان (قيامت جي) گھڙي جي باري ۾ پڇن ٿا. چؤ ته ان جو علم صرف الله وٽ آهي. (اي سائل!) تو کي ڪهڙي خبر ته شايد (قيامت جي) گھڙي ويجهو اچي چُڪي هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪڏهن ڏينهن قيام جو؟، توکان پُڇن پَچار، چئو، آهي عِلم اُن جو، صاحِب وَٽ، سَتار، توکي ڏِيندو ڪير وَرِي، صَحِي سماچار؟ ۽ ويجِھي آهي وار، رَک اِهوئـِي آسرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهو توکان قيامت بابت ٿا پڇن- تون چئو، ته ان جي خبر رڳو الله کي آهي- ۽ توکي ڪهڙي خبر، ته متان قيامت جلد ٿيندي هجي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته قيامت ڪڏهن ٿيندي؟ چوين ته ان جو علم ته الله کي ئي آهي. توکي ڪهڙي خبر ته متان اها اچي سڻائي ٿي هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توکان پڇن ٿا ماڻهو ته اها گهڙي (قيامت) ڪڏهن ايندي؟ چؤ، بيشڪ ان جو علم ته (فقط) الله کي ئي آهي، ۽ توکي ڪهڙي خبر شايد اها گهڙي تو وٽ پهتل هجي ويجهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ماڻهو توهان کان قيامت جي باري ۾ پڇا ڪن ٿا. توهان (کين) ٻڌايو ته بيشڪ ان جو علم الله تعالى کي ئي آهي ۽ توهان کي ڪهڙي خبر؟ ٿي سگهي ٿو ته اُها ويجهو ئي پھتي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ لَعَنَ الكٰفِرينَ وَأَعَدَّ لَهُم سَعيرًا (آيت : 64) |
بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آھي ۽ انھن لاءِ ساڙيندڙ باھ تيار ڪئي اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هي منڪر قيامت کي ڪونه ٿا مڃين، بيباڪ ٿي بدعمل ڪندا ٿا رهن سو) يقين آهي ته الله تعاليٰ ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ هنن جي لاءِ سخت ڄڀي ڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ڪافرن تي لعنت موڪلي ٿو ۽ انهن لاءِ جهنم تيار ڪيو اٿس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿس. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله لعنت ڪئي ڪافرن تي ۽ تيار ڪيائين انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باھ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ باهه تيار ڪئي اٿس، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قادِر تَڙيو ڪافِرين، پڻ اُنهن لئي جوڙئين آڳ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ هنن لاءِ ساڙيندڙ باهه تيار ڪئي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ الله ڪافرن تي لعنت ڪري ڇڏي آهي ۽ انهن لاءِ ڀڙڪندڙ باهه تيار ڪري ڇڏي اٿائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله لعنت ڪئي آهي ڪافرن تي ۽ تيار ڪئي آهي انهن جي لاءِ ساڙيندڙ باهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ڪافرن تي لعنت ڪئي آهي ۽ انهن جي لاءِ ڀڙڪيل باهه تيار ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها أَبَدًا لا يَجِدونَ وَلِيًّا وَلا نَصيرًا (آيت : 65) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو مددگار لھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي) هميشه ان (باهه) ۾ رهندا. ۽ انهن کي ڪوبه بچائڻ وارو ۽ مددگار ڪونه لڀندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي هميشه هميشه انهيءَ ۾ رهندا، کين ڪو دوست ۽ ڪو مددگار نه ملندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ هميشه رهندا، نه ڪو سرپرست لهندا (۽) نه ڪو مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) رهندڙ هوندا ان ۾ هميشہ هميشہ نه لهندا ڪو دوست ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ هميشه رهندا، نه ڪو دوست لهندا ۽ نه ڪو مددگار. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن، نه ڪو دوست لهندا ۽ نه ڪو مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَنجھسِ مُدامِي ماڳ،۽ لَهندا نه واهِي، واهُرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ۾ اصل هميشه رهندا- هو نڪي ڪو دوست ڏسندا، نڪي مددگار- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ۾ هو سدائين پيا هوندا ۽ ڪوبه ڀرجهلو ۽ مددگار هٿ نه ايندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي رهندا انهيءَ ۾ هميشه، ۽ ڪوبه نه لهندا سڄڻ ۽ نه ڪو مددگار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ان ۾ هميشه رهندا، جتي نڪو سندن ساٿي هوندو ۽ نه ئي ڪو مددگار . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تُقَلَّبُ وُجوهُهُم فِى النّارِ يَقولونَ يٰلَيتَنا أَطَعنَا اللَّهَ وَأَطَعنَا الرَّسولا۠ (آيت : 66) |
جنھن ڏينھن سندن منھن باھ ۾ اونڌا ڪبا (تنھن ڏينھن) چوندا ته اسان لاءِ ھيءَ ارمان (جيڪر) الله جي فرمانبرداري ڪريون ھا ۽ پيغمبر جي (به) فرمانبرداري ڪريون ھا (ته چڱو ھو).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن هنن جا منهن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا. هو چوندا ته افسوس اسان جي حال تي. اسان الله تعاليٰ جي فرمانبرداري ڪيون ها، ۽ رسول جي به فرمانبرداري ڪيون ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن سندن منهن باه ۾ ڦيرايا ويندا، اهي چوندا ڪاش اسان الله ۽ رسول جي اطاعت ڪريون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن سندن منهن باھ ۾ اونڌا ڪيا ويندا تنهن ڏينهن (افسوس ڪندي) چوندا ته جيڪر خدا جي فرمانبرداري ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن اونڌا ڪيا ويندا انهن جا منهن باھ ۾ چوندا اي ڪاش! اسان فرمانبرداري ڪيون ها الله جي ۽ فرمانبرداري ڪيون ها رسول جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن سندن منهن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا تنهن ڏينهن چوندا ته جيڪر الله جي فرمانبرداري ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن سندن منهن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا ته چوندا: ”هائو جي اسان الله جي فرمانبرداري ڪيون ها ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيون ها“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ڏِينهن مُنهن اُنهن جا، اُونڌا ڪبا مَنجھ آڳ، مَڃيون هاربَّ ۽ رسول کي، چَوندا ڇَڏي چاڳ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن سندن منهن باهه ۾ اونڌا ڪبا، تنهن ڏينهن چوندا ته ”هاءِ افسوس! جيڪڏهن اسين الله جو چيو مڃيون ها ۽ رسول جو چيو مڃون ها!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن سندن منهن باهه تي اٿلايا پٿلايا ويندا ته هو چوندا ته "جيڪر اسان الله ۽ رسول جي تابعداري ڪئي هجي ها" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن اونڌا ڪيا ويندا سندن چهرا باهه تي، ان وقت چوندا، هاءِ جيڪر ڪريون ها اسان اطاعت الله جي ۽ اطاعت ڪريون ها رسول جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن سندن منھن باهه ۾ اونڌا ڪيا ويندا پوءِ هو چوندا ته ڪاش! اسان الله تعالى ۽ رسول سڳوري جي اطاعت ڪئي هجي ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا رَبَّنا إِنّا أَطَعنا سادَتَنا وَكُبَراءَنا فَأَضَلّونَا السَّبيلا۠ (آيت : 67) |
۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان پنھنجن سردارن ۽ پنھنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي ته انھن اسان کي واٽ کان ڀُلايو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو ائين به چوندا ته اي اسان جا پروردگار! اسان سچ پچ پنهنجي سردارن ۽ وڏيرن جي چوڻ تي لڳاسين سو هنن اسان کي (سڌي) واٽ کان ڀڙڪائي گمراهه ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چوندا اي اسان جا رب بيشڪ اسان اسان جي چڱن مڙسن ۽ وڏن ماڻهن جي اطاعت ڪئي پوءِ اسان کي انهن سنئين راه کان گمراه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان پنهنجن سردارن ۽ پنهنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي پوءِ انهن اسان کي گمراھ ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چوندا اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان اطاعت ڪئي پنهنجن سردارن جي ۽ پنهنجن وڏن ماڻهن جي پوءِ گمراھ ڪيائون اسان کي (سڌي) واٽ کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ اسان پنهنجن سردارن ۽ پنهنجن وڏن جي فرمانبرداري ڪئي پوءِ انهن اسان کان رستو گم ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چوندا: ”اي اسان جا مالڪ! بيشڪ اسان پنهنجي سردارن ۽ پنهنجي وڏيرن جي فرمانبرداري ڪئي پوءِ انهن اسان کي (سڌي) واٽ کان گمراهه ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي سانيَمِ! سردارن ۽ وڏن کي وو، وو! ڏِنِي سون واڳ، پوءِ ڪَنان مارڳ ماڳ، تَن مُنجھايا سون مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چوندا ته ”اي اسانجا ڌڻي! اسان پنهنجن سردارن ۽ وڏن جي تابعداري ڪئي، سو انهن اسان کي واٽ کان ڀلائي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چوندا: "اي اسان جا رب! اسان پنهنجن اڳواڻن ۽ پنهنجي وڏن جي تابعداري ڪئي ۽ انهن اسان کي سڌيءَ واٽ کان ٿيڙي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چوندا، اي اسان جا پالڻهار! اسان اطاعت ڪئي پنهنجي سردارن ۽ پنهنجن وڏن جي، انهن ئي گمراهه ڪيو اسان کي سڌي راهه کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هو (وڏي افسوس سان) چوندا ته: اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان پنھنجي سردارن ۽ وڏن ماڻهن جي اطاعت ڪئي. درحقيقت اُنهن ئي اسان کي سڌي رستي کان گمراهه ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا ءاتِهِم ضِعفَينِ مِنَ العَذابِ وَالعَنهُم لَعنًا كَبيرًا (آيت : 68) |
اي اسانجا پالڻھار کين ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سو) اي اسان جا پروردگار انهن (وڏيرن) کي ٻيڻو عذاب ڏي، ۽ اهڙي لعنت موڪل جا تمام وڏي ۽ سخت لعنت هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب تون انهن تي ٻيڻو عذاب ڪر ۽ تون انهن تي گھڻي تعداد ۾ لعنت ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! (اسين ته عذاب ۾ آهيون ئي پر) انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ مٿن وڏي (کان وڏي) لعنت ڪر!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! ڏي انهن کي ٻه ڀيرا ٻيڻو عذاب ۽ انهن تي لعنت ڪر وڏي لعنت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ! انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ مٿن وڏي لعنت ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار! انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ انهن تي تمام وڏي لعنت ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيَمِ! ساڙوتن کي، ٻِيڻو ڏي ٻِيهار، ۽ دائـِم مَٿنِ ڌِڪار، والِي وِجھ وَڏاندرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! تون هنن تي ٻيڻو عذاب ڪر ۽ مٿن تمام وڏي لعنت ڪر!“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسان جا رب! انهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ انهن تي سخت لعنت ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اسان جا رب! انهن کي ڏي ٻيڻو عذاب، ۽ انهن تي لعنت ڪر تمام وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! اُنهن کي ٻيڻو عذاب ڏي ۽ مٿن وڏي لعنت ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ ءاذَوا موسىٰ فَبَرَّأَهُ اللَّهُ مِمّا قالوا وَكانَ عِندَ اللَّهِ وَجيهًا (آيت : 69) |
اي ايمان وارؤ (اوھين) اُنھن وانگر نه ٿيو جن مُوسىٰ کي ايذايو پوءِ جيڪي چيائون تنھن کان الله کيس پاڪ ڪيو، ۽ (اھو) الله وٽ مانَ وارن مان ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! انهن (يهودين) وانگر نه ٿيو جن حضرت موسيٰ کي تڪليفون ڏنيون (يعني نافرمانيون به ڪيون ۽ اجايون تهمتون به رکيون) پوءِ جيڪي جيڪي انهن (يهودين حضرت موسيٰ جي خلاف) چيو هو تن (تهمتن) کان الله تعاليٰ هن کي بي ميار ثابت ڪيو ۽ هو الله جي نظر ۾ وڏي شان وارو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن (حضرت) موسيٰ کي ايذايو، پوءِ الله تعالى انهن جي ڳالهين کان موسيٰ کي آجو ڪيو، ۽ پاڻ الله تعالى وٽ وڏي مرتبي وارو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جن موسى کي ايذايو ته خدا سندن تهمتن کان موسى کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ موسى خدا وٽ عزت وارو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه ٿيو انهن وانگر جن ايذايو موسى کي پوءِ پاڪ ڪيو ان کي الله ان کان جو چيائون ۽ هو الله وٽ مان وارو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جن موسيٰ کي ايذايو پوءِ جيڪي چيائون تنهن کان الله ان کي پاڪ ڪيو ۽ اهو الله وٽ عزت وارو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن موسى کي ايذايو هيو پوءِ الله ان کي انهن ڳالهين کان بَـــري (يعني آجو) ڪيو جيڪي انهن چيون. ۽ اُهو (موسى) الله وٽ وڏي عزت وارو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اى آندو جَن اِيمان! سي اُن جھڙا نه ٿيو اَصل ئـِي، جن ري گناھ رَنجائيو، مُوسٰى مِهربان، پوءِ صاحِب تِنهن کي، صاف ڪيو، عيبن کان عيان، ۽ صاحب وٽ سُبحان، آهي اَڻهيارِين سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! انهن شخصن وانگر نه ٿيو، جن موسيٰ کي ڏکويو- پوءِ جيڪي چيائون، تنهن کان هن کي الله پاڪ ڪيو ۽ هو الله وٽ مان وارو هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! انهن وانگر نه ٿيو جن موسيٰ کي ستايو هو، پوءِ الله انهن جي ٺاهيل ڳالهين کان کيس آجو فرمايو ۽ هو ته الله وٽ عزت وارو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي، انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن ايذايو هو موسيٰ کي پوءِ پاڪ ڪيو الله انهن جي ٺايل ڳالهين کان جيڪي انهن چيو هو، ۽ اهو الله وٽ مانَ وارو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان اُنهن (يهودين) وانگر نه ٿيو جن موسى ($) کي سخت تڪليف ۾ وڌو هو. پوءِ الله تعالى موسى ($) کي انهن جي بھتان تراشين کان بچايو ۽ (موسى$ ) الله تعالى جي نظر ۾ وڏو عزت وارو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَقولوا قَولًا سَديدًا (آيت : 70) |
اي ايمان وارؤ الله کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مؤمنو! خدا کان ڊڄو ۽ جيڪا ڳالهه چئو سا سڌي سنئين ۽ پختي هجي (۽ حق ڏي وٺي ويندڙ هجي ۽ سچي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان صاف ۽ سڌي ڳالهه چئو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو! ۽ صحيح ڳالھ چئو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ڊڄو الله کان ۽ چئو ڳالھ سڌي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو! ۽ سڌي ڳالهه چئو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ صحيح سڌي ڳالهه چئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جَن مڃيو!، مالِڪ جو رکو خوف خيال، ۽ چئو چَڱِي ڳالھ جو، چوڻ چڱِئَ چال،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! الله کان ڊڄو ۽ واجبي ڳالهه چئو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ سڌي سنئين ڳالهه ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، ڊڄو الله کان ۽ چوندا ڪريو، اها ڳالهه جيڪا سچي هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو ۽ توهان (هميشه) صاف سٿري ڳالهه ڪندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُصلِح لَكُم أَعمٰلَكُم وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَمَن يُطِعِ اللَّهَ وَرَسولَهُ فَقَد فازَ فَوزًا عَظيمًا (آيت : 71) |
(ته) اوھان جا عمل اوھان لاءِ سُڌاري ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪندو تنھن بيشڪ وڏي مراد ماڻي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ائين ڪندؤ ته) هو اوهان جا عمل اوهان جي لاءِ سنواريندو ۽ درست ڪندو ۽ اوهان جون (اڳوڻيون) خطائون معاف ڪري ڇڏيندو، ۽ (هيءَ حقيقت آهي ته) جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو تنهن عظيم الشان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان جا عمل قبول ڪندو ۽ توهان لاءِ توهان جا گناه بخش ڪندو ۽ جيڪو شخص الله تعالى ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو پوءِ بيشڪ ان کي عظيم ڪاميابي حاصل ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سڌاري ۽ اوهان جا گناھ اوهان کي معاف ڪري ۽ جيڪو خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو سو بيشڪ وڏو ڪامياب ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڌاريندو اوهان لاءِ عمل اوهان جا ۽ بخشيندو اوهان کي گناھ اوهان جا ۽ جيڪو اطاعت ڪندو الله جي ۽ ان جي رسول جي پوءِ تحقيق ڪامياب ٿيو ڪاميابي وڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته (الله) اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سڌاري ۽ اوهان جا گناهه اوهان کي معاف ڪري. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو سو بيشڪ وڏو ڪامياب ٿيو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سُڌاريندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جا گناهه بخشيندو. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪري ٿو ته بيشڪ ان زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چوڻ چڱِئَ چال، ته سُڌاري سَچو ڌَڻي، اَوهان جا اَعمال، ۽ آن کي بوڇ اوهان جا، مَرهي مِهرنال، ۽ رَبَّ ۽ سَندسِ رَسُول جِي، جيڪو مُڃيندو ڳالھ، سو پَهتو نيڪ نِهال، وَڏِي سوڀ، سَڀاڳه کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته اوهان جا عمل سڌاري ۽ اوهان جا گناهه بخش ڪري- جيڪو الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪندو، تنهن بيشڪ وڏي مراد ماڻي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان جا عمل سڌاريندو ۽ توهان جا ڏوهه بخشيندو. جنهن الله ۽ سندس رسول جي تابعداري ڪئي، تنهن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سڌاريندو اهو توهان جي عملن کي ۽ معاف ڪندو توهان جا قصور (ڏوهه، گناهه)، ۽ جيڪو شخص اطاعت ڪندو الله ۽ سندس رسول جي، پوءِ بيشڪ انهيءَ ڪاميابي حاصل ڪئي وڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هوتوهان جي عملن کي سڌاريندو ۽ توهان جي گناهن کي معاف ڪندو ۽ جيڪو الله تعالى ۽ سندس رسول سڳوري جي پيروي ڪندو ته سمجهو ته هن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا عَرَضنَا الأَمانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالجِبالِ فَأَبَينَ أَن يَحمِلنَها وَأَشفَقنَ مِنها وَحَمَلَهَا الإِنسٰنُ إِنَّهُ كانَ ظَلومًا جَهولًا (آيت : 72) |
بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن کي امانت آڇي ته اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيائون ۽ کانئس ڊنا ۽ اُن کي انسان کنيو، بيشڪ اُھو تمام ظالم جاھل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي (اسان جي) امانت کڻڻ جي آڇ ڪئي، پر هنن انهيءَ امانت جي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان بار کڻڻ کان ڊڄي ويا (ته متان امانت جي پورائي نه ڪري سگهون ۽ خدا جي عذاب هيٺ اچون) پر انسان اهو امانت جو بار پنهنجي سر تي کنيو. هو بيشڪ بي انصاف ۽ جاهل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمينن ۽ جبلن تي امانت پيش ڪئي پوءِ انهن انهيءَ امانت کي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان پاڻ تي کنيو، بيشڪ اهو ظالم (۽) جاهل هو (اهو بار ان لاءِ کڻايو ويو)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسان (روز اول) پنهنجي امانت (اطاعت عبادت) کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان پيش ڪيو ته انهن ان جي بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ آدمي ان کي (بي ڌڙڪ) کنيو. بيشڪ انسان (پنهنجي حق ۾) وڏو ظالم (۽) نادان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اسان آڇي امانت آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن تي پوءِ انڪار ڪيائون هن جو، جو کڻن ان کي ۽ ڊڄڻ لڳا ان کان ۽ کنيو ان کي انسان بلاشڪ اهو آهي ظالم، جاهل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان امانت کي آندو. پوءِ انهن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو بيشڪ اهو وڏو ظالم نادان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان امانت کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن تي پيش ڪيو ته اهي ان (جي بار)کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو. بيشڪ اُهو (پنهنجي جان تي) وڏي زيادتي ڪندڙ (انجام کان) بي علم آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَمانت اُڀن کي، آڇِيسون عيان، ۽ زمين ۽ جبلن کي، جي جا ڏامَنجھ جھان، پوءِ اُٺائڻ کان اُن جي، ڪيائون ناھِ نِڌان، ۽ ڌَريا تِنهن کان ڏِيل ۾، ۽ اُٺايسِ اِنسان، ظالم مَنجھ زمان، آهي نِسورو نادان سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي امانت جي آڇ ڪئي، پر هنن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ هو انهي کان ڊنا، پر انسان ان کي کنيو، بيشڪ هوتمام ظالم ۽ اڻ ڄاڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انهيءَ امانت کي آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي آڏو پيش ڪيو ته اهي ان کي کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيا ۽ ڏڪي ويا، پر انسان ان کي کڻي ورتو، بيشڪ هو وڏو ظالم ۽ جاهل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (بيشڪ) اسان هي آڇي امانت (قرآن) آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جبلن کي (بار کڻڻ جي لاءِ) ته اهي تيار نه ٿيا ۽ ان کان ڊڄي ويا، پر اهو بار کنيو انسان، بيشڪ اهو ظالم نادان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان آسمانن، زمين ۽ جبلن کي امانت (يعني دنيا جي خلافت) جي آڇ (۽ پيشڪش) ڪئي هئي ته هنن اها ذميداري قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊڄي ويا. پر انسان (ان ذميداري کي) قبول ڪري ورتو. بيشڪ انسان ظالم به آهي ته جاهل به. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيُعَذِّبَ اللَّهُ المُنٰفِقينَ وَالمُنٰفِقٰتِ وَالمُشرِكينَ وَالمُشرِكٰتِ وَيَتوبَ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ وَالمُؤمِنٰتِ وَكانَ اللَّهُ غَفورًا رَحيمًا (آيت : 73) |
(ھيءَ آڇ ھن لاءِ آھي) ته الله منافقن ۽ منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ٻاجھ سان موٽي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) نتيجو هيءُ ٿيو جو (ڪي ماڻهو منافق ۽ مشرڪ ٿي پيا سو) الله تعاليٰ منافقن مردن ۽ عورتن کي ۽ مشرڪن مردن ۽ عورتن کي عذاب ڏيندو ۽ الله تعاليٰ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين ڏي (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪندو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته جيئن الله تعالى منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن تي عذاب ڪري ۽ الله تعالى مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن تي ٻاجھه فرمائي، ۽ الله تعالى گھڻو بخش ڪندڙ ٻاجھارو (آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ان جو) نتيجو هي ٿيو ته خدا منافق مردن ۽ منافق زالن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ زالن کي (سندن ڪرتوتن جي) سزا ڏيندو. پڻ ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن جي (تقصير امانت جي) توبه قبول فرمائيندو ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته عذاب ڪري الله منافقن کي ۽ منافقياڻين کي ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻين کي ۽ توبہ قبول ڪرڻ سان موٽي الله مؤمنن ۽ مؤمنياڻين تي ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته الله دغاباز مردن ۽ دغاباز زالن ۽ (الله سان) شريڪ ڪندڙ مڙسن ۽ شريڪ ڪندڙ زالن کي سزا ڏئي ۽ الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين (زالن) تي مهرباني ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته الله منافق مردن ۽ منافق عورتن ۽ مشرڪ مردن ۽ مشرڪ عورتن کي عذاب ڏئي ۽ الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن جي توبه قبول ڪري. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان کوٽن ۽ کوٽين کي، سزا ڏي سُبحان، پڻ مُشرڪن ۽ مُشرڪاڻين جي ڏِين ٻِينَ تي ڏان، ۽ مُؤمن مُؤمنياڻين کي، مَرهي مِهربان، ۽ بارِي بي گمان، آهي مَرهِيندڙ ۽ مِهرڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (هن لاءِ ته) الله منافق مردن خواهه عورتن ۽ مشرڪ مردن خواهه عورتن کي عذاب ڪري ۽ الله مؤمنن خواهه مؤمنياڻين جي توبه قبول ڪري، جو الله بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان امانت جي بار کي کڻڻ جو لازمي نتيجو آهي) ته جيئن الله منافقن توڙي منافقياڻين ۽ مشرڪن ۽ مشرڪياڻن کي سزا ڏئي ۽ مؤمنن ۽ مؤمنياڻين جي توبه قبول ڪري. الله ڏاڍو بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (((تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان امانت جي بار کڻڻ جو نتيجو هي آهي) ته سزا ڏئي الله انهن کي جيڪي آهن منافق مرد ۽ منافق عورتون ۽ مشرڪ مرد ۽ مشرڪ عورتن کي، ۽ توبهه قبول ڪري الله انهن جي جيڪي مؤمن مرد آهن ۽ مؤمن عورتون آهن ۽ بيشڪ الله معاف ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پوءِ اسان انسان کي اِها ذميداري ان ڪري ڏني ته) جيئن الله تعالى منافق مردن ۽ عورتن، مشرڪ مردن ۽ عورتن کي عذاب ڏي ۽ مؤمن مردن ۽ عورتن جي توبہ قبول فرمائي. الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |