توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف – لام – ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الۗمّۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف،لام،ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الم(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو مقصد، مطلب ۽ راز الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الـٓمّٓ کي، ڄاڻي ڄاڻڻهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف- لام- ميم (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ــ لام ــ ميم(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنزيلُ الكِتٰبِ لا رَيبَ فيهِ مِن رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 2) |
(ھن) ڪتاب جو لاھڻ جنھن ۾ ڪو شڪ ڪونھي جھانن جي پالڻھار وٽان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هيءُ ڪتاب (قرآن مجيد) جهانن جي پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي. انهيءَ ۾ ذرو به شڪ شبهو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رب العالمين جي طرفان قرآن ڪريم نازل ڪيل آهي جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪتاب (قرآن) جو نازل ڪرڻ ساري جهان جي پروردگار طرفان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (هن) ڪتاب جو نازل ڪرڻ جنهن ۾ ڪو به شڪ ناهي جهانن جي پالڻهار وٽان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪتاب جو نازل ڪرڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي، جهانن جي پاليندڙ جي طرفان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي جهانن جي پالڻهار طرفان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن ڪتاب قديم مان، هي اُتارا اَطهار، شَڪ نه شُبهو اُن ۾، پاران پِرٿڻِئَ پارُ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هيءُ ڪتاب، جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي، ان جو لاهڻ جهانن جي ڌڻيءَ وٽان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ بنا ڪنهن شڪ جي رب العالمين جي طرفان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نازل ٿيڻ هن ڪتاب جو بنا ڪنهن شڪ شبهي جي آهي طرفان پالڻهار جهانن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ سڀني جھانن جي پالڻھار جي طرف کان ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم يَقولونَ افتَرىٰهُ بَل هُوَ الحَقُّ مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَهتَدونَ (آيت : 3) |
چوندا آھن ڇا ته اُن (قرآن) کي پاڻون ٺاھيو اٿس، (نه!) بلڪ اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچو (آيل) آھي (ھِن لاءِ) ته اُنھيءَ قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آھي ته مانَ اُھي ھدايت لھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا ماڻهو چون ٿا ته هن (يعني حضورﷺ) ان (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو آهي (۽ چوي ٿو ته الله وٽان آيل آهي) حقيقت هي آهي ته قرآن مجيد حق آهي (حق ٿو ٻڌائي ۽ غالب پوڻ بعد ثابت ٿيندو ته،) بيشڪ اهو حق آهي ۽ تنهنجي پروردگار وٽان آهي. انهيءَ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ته انهيءَ (عرب) قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪري جن ڏي هن کان اڳي ڪوبه خبردار ڪندڙ (پيغمبر) ڪونه آيو آهي. (هاڻي انهيءَ لاءِ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو آهي) ته من هي (عرب) هدايت واري واٽ وٺن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي چون ٿا ته قرآن ڪريم کي رسولِ عربي بنايو آهي، بلڪ اهو توهان جي رب جي طرفان حق آهي ان لاءِ ته توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جنهن وٽ توهان کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي هدايت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ته اهي چون ٿا ته هن (رسول) اهو ڪوڙ ٺاهيو آهي (نه) بلڪ اهو تنهنجي پالڻهار جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون انهن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي (سڌي) راھ تي اچن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا چون ٿا ته پاڻ ٺاهيو اٿس ان کي بلڪ اهو حق آهي تنهنجي رب وٽان تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه آيو انهن وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ اوهان کان اڳي مَنَ اهي هدايت وارا ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا ته اهي چون ٿا ته اهو ڪوڙ ٺاهيو اٿس (سو اي پيغمبر! ائين نه آهي) بلڪ اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مَنَ اهي رستي تي اچن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي (ڪافر ۽ مشرڪ) چون ٿا ته ان کي ان (نبي ﷺ) هٿ سان ٺاهيو آهي؟ بلڪه اهو تنهنجي پالڻهار جي پاران حق آهي هن لاءِ تون ان قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو آهي من اُهي هدايت وارا ٿين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُٽلو چَونِ هِي ٺاهيو، مُرسل مَڻيادار، بَلڪ سَندئـِي سائـِينءَ کان، سوا آهي حق اِظهار، تان ڪاڙهي سَندِي تِنهن قوم کي، ڏِيِينِ خبر چار، جَن کي اِطلاعِي نه آيو، تُنهان اَ ڳ تڪرار، اِن آسري آڌار، ته وَرندا وهَين واٽ تي!.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو چون ٿا ته ”ان کي پاڻ ٺاهيو اٿس؟“ هر گز نه! اهو سچ آهي، جو تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ان لاءِ آيل آهي، ته انهي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيل آهي، ته من اهي سنيئن واٽ وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي چون ٿا ته ان (قرآن) کي هن (نبيءَ) پاڻ گهڙيو آهي؟ نه، بلڪه (اي نبي) اهو حق آهي تنهنجي رب وٽان، ته جيئن تون اهڙيءَ قوم کي ڊيڄارين، جنهن وٽ توکان اڳ ڪوبه خبردار ڪندڙ ڪونه آيو هو ته مــَـنَ هو هدايت لهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو چون ٿا ته ان شخص هي پاڻ ٺاهيو آهي، پر اهو حق آهي طرفان تنهنجي رب جي جيئن تون ڊيڄارين اهڙي قوم کي جنهن وٽ ڪوبه ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو آهي توکان اڳي، ته من اهي هدايت وٺن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو چون ٿا ته هن ڪتاب کي هن شخص خود ٺاهي الله تعالى ڏانھن منسوب ڪيو آهي؟ (بلڪل غلط ڳالهه آهي) اهو ته تنھنجي پالڻھار جي طرف کان بلڪل سچو آهي ته جيئن تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جنھن وٽ اڳ ۾ ڪوبه ڊيڄارڻ وارو نه آيو آهي. شايد هي ماڻهو سڌي رستي تي اچن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ الَّذى خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَما بَينَهُما فى سِتَّةِ أَيّامٍ ثُمَّ استَوىٰ عَلَى العَرشِ ما لَكُم مِن دونِهِ مِن وَلِىٍّ وَلا شَفيعٍ أَفَلا تَتَذَكَّرونَ (آيت : 4) |
الله اُھو آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي سوڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏانھن متوجه ٿيو، اُن کانسواءِ اوھان لاءِ نڪي ڪو سڄڻ ۽ نڪي ڪو پارت ڪندڙ آھي، پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي تنهن کي زماني جي ڇهن دورن ۾ خلقيو ۽ (جهانداري جي) تخت تي محڪم رهيو (يعني پوءِ به خلقيندو رهي ٿو ۽ پاڻ ئي جهان کي هلائيندو رهي ٿو، سو خبردار ٿيو ۽ ياد رکو ته) اوهان جي لاءِ سواءِ الله جي ٻيو ڪوبه سنڀاليندڙ يا سفارشي ڪونهي. ڇا توهان خيال ئي ڪونه ٿا هلايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمينن کي ۽ جيڪا (مخلوق) انهن جي وچ ۾ آهي (اها) ڇهن ڏينهن ۾ پيدا فرمائي، ان کان پوءِ پاڻ عرشِ عظيم تي رونقِ افروز ٿيو (جيئنڪ سندس شان وٽان آهي) اي مڪه جا ڪافر توهان لاءِ الله کانسواءِ ڪو مددگار ۽ سفارشي ناهي ڇا پوءِ توهان نصيحت نٿا وٺو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، وري عرش بنائڻ تي آماده ٿيو. ان کان سواءِ اوهان جو نه ڪو سرپرست آهي (۽) نه ڪو ئي سفارشيءَ. ته ڇا اوهين (تڏهين به) نصيحت ۽ عبرت حاصل نه ٿا ڪريو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله ئي آهي جنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي ڇهن ڏينهن ۾ ان کان پوءِ استوا فرمايائين عرش تي ناهي اوهان جي لاءِ ان کان سواءِ ڪو حمايتي ۽ نه ڪو سفارشي ڇا پوءِ نصيحت نه ٿا وٺو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري عرش تي قائم ٿيو. ان کانسواءِ اوهان جو نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارشي آهي. ڇا پوءِ به ڌيان نه ٿا ڪريو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ کي) ڇهه ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ عرش (يعني پنهنجي تختِ سلطنت) تي جلوه گر ٿيو. توهان جي لاءِ ان کان سواءِ نه ڪو مددگار آهي ۽ نه سفارشي آهي. ڇا پوءِ توهان نصيحت نه ٿا پِرايو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله آهي سو، جِنهن ڇَهَن ڏِينهنَ ۾ ڏاتار، اُڀ، زمينون جوڙيا، پڻ جيڪِي مَنجَھنِ جِنسار، تِنهان پوءِ تخت تي، قَراريو ڪَلتار، هرگز نه هيٺان اُن جي، ڪو آن لئي عَملدار، نه وسِيلو، واهر، پوءِ ڇونٿا پرائيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله اهو آهي- جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن جي وچ ۾ آهي، سو ڇهن ڏينهن ۾ بڻايو، پوءِ وري عرش ڏانهن ڌيان ڪيائين- اوهان لاءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪو به نڪي مددگار آهي، نڪي شفاعت ڪندڙ- پوءِ ڇو نٿا نصيحت وٺو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن سڀني شين کي جيڪي سندن وچ ۾ آهن، ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ تنهن کان پوءِ پاڻ عرش تي قائم ٿيو، هن کان سواءِ توهان جو نه ڪو مددگار آهي ۽ نه ڪو سندس آڏو سفارش ڪرڻ وارو، پوءِ به ڌيان نه ڌاريندؤ ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ئي اهو آهي جنهن پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ انهن جي وچ سڀني شين کي ڇهن ڏينهن ۾، پوءِ قائم ٿيو (پاڻ) عرش تي، ان کان سواءِ توهان لاءِ نه ڪو ڀرجهلو آهي نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارش ڪرڻ وارو ان جي آڏو، پوءِ توهان هوش ۾ نه ايندؤ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله تعالى ئي آهي جنھن آسمانن، زمين ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق کي ڇهن ڏينھن جي اندر پيدا فرمايو. پوءِ هو (زمين ۽ آسمان ۾ پيدا ڪيل مخلوق جي نگھباني ڪرڻ لاءِ) جلوهه افروز ٿيو (جو ڪير به ان جي نگھباني کي ظاهري طور تي نٿو ڏسي سگهي) ان کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪير به نه مددگار آهي ۽ نه ئي ڪو سفارش ڪندڙ آهي ،پوءِ به توهان نصيحت نٿا وٺو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُدَبِّرُ الأَمرَ مِنَ السَّماءِ إِلَى الأَرضِ ثُمَّ يَعرُجُ إِلَيهِ فى يَومٍ كانَ مِقدارُهُ أَلفَ سَنَةٍ مِمّا تَعُدّونَ (آيت : 5) |
آسمان کان زمين ڏانھن ڪم جو بندوبست ڪندو آھي، وري (اُھو بندوبست) اُن ڏينھن ۾ ڏانھس مٿاھون ويندو آھي جنھن ڏينھن جو اندازو ھزار ورھ جيترو انھيءَ ليکي مان آھي جو ڳڻيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) آسمان کان زمين تائين هر ڳالهه ۽ هر ڪم جو انتظام الله تعاليٰ ٿو ڪري. پوءِ سڀ معاملا انهيءَ ڏينهن سندس حضور ۾ پيش ٿيندا، جنهن ڏينهن جو مقدار توهان جي حساب ۽ شمار موجب هزار سالن جو هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو پاڻ هر ڪم جي تدبير آسمان کان زمين تائين فرمائي ٿو ان کان پوءِ هر تدبير سان ڪيل ڪم ان ڏانهن قيامت جي ڏينهن موٽندو جنهن جو مقدار توهان جي حساب موجب هزار (1000) سال آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آسمان کان وٺي زمين تائين هر ڳالھ جو بندوبست ڪري ٿو پوءِ اهو بندوبست ان ڏينهن جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزا ورهيه آهي، سندس بارگاھ ۾ پيش ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تدبير فرمائي ٿو امر آسمان کان زمين ڏانهن ان کان بعد ان ڏانهن ئي چڙهندو ان ڏينهن جو هوندو ان جو مقدار هزار سال ان مان جي ڳڻيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمان کان وٺي زمين تائين ڪم جو بندوبست ڪري ٿو. وري اهو (ڪم) ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهي ٿو جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزار ورهيه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آسمان کان زمين تائين (هر) ڪم جي تدبير ڪري ٿو پوءِ اهو (ڪم) هڪ اهڙي ڏينهن ۾ ان ڏانهن چڙهندو جنهن جو اندازو توهان جي ڳاڻيٽي جي هڪ هزار سالن جي برابر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حُڪم هَلائي اُڀ ڪنان، ڌَڻِي ڌرتئَ پارِ، وَرِي اُسري اُن ڏي، تِنهِين ڏِينهن تڪرار، جِنهن مُوجب ليکو لوڪ ۾، هُوندو سال هزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو آسمانن کان زمين تائين ڪم جو بندوبست ڪري ٿو، وري هو انهي ڏينهن ڏانهس چڙهندو، جنهن ڏينهن جو اندازو اوهان جي ڳاڻيٽي موجب هڪ هزار ورهين جيترو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمان کان وٺي ويندي زمين تائين، دنيا جا معاملا هلائي ٿو، پوءِ اهو سارو احوال هن وٽ پيش ٿئي ٿو، هڪڙي اهڙي ڏينهن ۾ جنهن جو مقدار توهان جي ڳاڻاٽي مطابق هڪ هزار سال آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو هلائيندو رهي ٿو آسمان کان زمين تائين دنيا جي معاملن کي ۽ ان جي روئداد مٿي سندس حضور ۾ وڃي ٿي، هڪ اهڙي ڏينهن، جنهن جو مقدار توهان وٽ هڪ هزار سال آهي شمار ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ئي آسمان کان وٺي زمين تائين سڀني معاملن کي هلائي ٿو. پوءِ انهن سڀني معاملن جو تفصيل هڪ اهڙي ڏينھن تي روبرو پيش ڪيو وڃي ٿو، جنھنجي ڳڻپ توهان وٽ هڪ هزار سالن جي برابر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ عٰلِمُ الغَيبِ وَالشَّهٰدَةِ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 6) |
اِھو آھي جو ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙو آهي اهو الله جو لڪل توڙي ظاهر شين جو ڄاڻندڙ آهي، وڏي قدرت ۽ شان وارو آهي ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو غيب ۽ حاضر کي ڄاڻندڙ، غالب ۽ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو ئي (تدبير ڪرڻ وارو) لڪل ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وار (سڀ تي) غالب مهربان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهوئي ڳجهه ۽ ظاهر ڄاڻندڙ غالب مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، زبردست، نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ڳُجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو آهي، غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڳُجھيون، پَڌريون ڳالهيون، سو ڄاڻي ڄاڻڻهار، سَٻر ۽ سَٻوجھ گھڻو، جنهن قادِر بَرقرار، سَڀ شئَ جِي ڌاروڌار، صورت کي سِيگاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو آهي ڳجهي ۽ پڌري جو ڄاڻندڙ، غالب، مهربان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي آهي سڀ ڪنهن لڪل توڙي پڌري جو ڄاڻڻ وارو، زبردست ۽ رحم ڪندڙ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي آهي ڄاڻندڙ هر لڪل توڙي ظاهر شيءِ جو، زبردست ۽ رحم وارو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهوئي هر لڪيل ۽ ظاهري شين کي ڄاڻندڙ زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى أَحسَنَ كُلَّ شَيءٍ خَلَقَهُ وَبَدَأَ خَلقَ الإِنسٰنِ مِن طينٍ (آيت : 7) |
جنھي جيڪا شيء پيدا ڪئي سا سڀڪا چڱيءَ طرح بڻائي ۽ ماڻھوءَ جي پيدائش کي مٽيءَ مان نئون شروع ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن شيءِ کي خلقيائين تنهن کي سهڻو ۽ چڱو بنايائين (توازن سان مناسب ۽ گهربل قوتون عطا ڪيائين) ۽ انسان کي شروعات ۾ (خسيس) گپ مان خلقيائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى اهو آهي جنهن هر شيءِ کي سهڻو خلقيو ۽ انسان جي خلقت جي ابتدا مٽيءَ مان ڪئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن جيڪا به شيءِ پيدا ڪئي سا سٺي بنائي، ۽ انسان جي ابتدائي خلقت مٽيءَ سان ڪئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو جنهن سهڻي بنائي هر شيءِ پيدا ڪيائين ان کي ۽ شروع فرمايائين انسان جي پيدائش مٽيءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن جيڪا به شئي پيدا ڪئي سا سٺي بنائي ۽ انسان جو پيدا ڪرڻ گاري مان شروع ڪيائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو آهي جنهن هر شيءِ کي حُسن ڏنو جنهن کي به پيدا ڪيائين ۽ انسان جي تخليق جي شروعات گاري مان ڪيائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوّل مِٽِئ مان، ماڻهوء جِي، جوڙِي جوڙ جبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن جيڪا به چيز خلقي، سان چڱيءَ طرح بنائي- ۽ ماڻهوءَ جي پيدائش جي شروعات مٽيءَ مان ڪئي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جا به شيءِ ٺاهي آهي ڏاڍي سهڻي ٺاهي آهي. هن انسان جي پيدا ڪرڻ جي شروعات ڳوٿل مٽيءَ مان ڪئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن سهڻي ٺاهي آهي هر شيءِ جيڪا به خلقي آهي ۽ شروعات ڪئي پيدا ڪرڻ انسان جي مٽيءَ جي گاري مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن هر شيءِ کي تمام سھڻي انداز ۾ بنايو ۽ انسان کي پھريائين مٽيءَ مان ٺاهيائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ جَعَلَ نَسلَهُ مِن سُلٰلَةٍ مِن ماءٍ مَهينٍ (آيت : 8) |
وري سندس اولاد بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙي مان بڻايائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ان جو نسل (۽ پيڙهيون) بُڇان جهڙي پاڻيءَ (منيءَ) مان پيدا ڪندو رهيو جو پاڻي (حقيقت ۾ انسان جي سڀني جزن جو) نچوڙ ۽ ست آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان جو اولاد هڪ نطفي مان پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندس اولاد (انساني جسم جي خلاصي) يعني (نطفه جهڙي) ذليل پاڻيءَ سان بنايائين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان بعد جاري رکيائين ان جي نسل کي هڪ بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري سدس اولاد کي (مني جي) خلاصي (يعني) بيقدر پاڻيءَ مان بنايائين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان جو نسل بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙ (يعني مَنيءَ) مان هلايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڦُڙي پاڻِئَ پٽڙي مان، ڪيو نسل سَندسِ نِروار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري سندس اولاد بيقدر پاڻيءَ جي نچوڙ مان ٺاهيائين- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان جو نسلي سلسلو اهڙي جوهر مان هلايائين، جيڪو حقير پاڻياٺ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هلايو ان جو نسل هڪ اهڙي جوهر مان جيڪو نهايت ئي حقير پاڻي جهڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان جي نسل کي پاڻي جي حقير نطفي جي ذريعي اڳتي وڌايائين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ سَوّىٰهُ وَنَفَخَ فيهِ مِن روحِهِ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمعَ وَالأَبصٰرَ وَالأَفـِٔدَةَ قَليلًا ما تَشكُرونَ (آيت : 9) |
وري کيس سئين لڱين ڪيائين ۽ منجھس پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، اوھين ٿورو شڪر ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله تعاليٰ انسان کي چڱي نموني ۾ درست ڪيو (۽ توازن سان عضوا ۽ پنج حواس ڏنائين) ۽ ان انسان ۾ پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيائين (يعني عقل علم ۽ ترقيءَ جي طاقت بخشيائين) ۽ اوهان جي لاءِ ڪن (حقيقتن جي ٻڌڻ لاءِ) ۽ اکيون (حقيقتن کي ڏسڻ لاءِ) ۽ دليون (حقيقتن کي سمجهڻ لاءِ ۽ نيڪ جذبا رکڻ لاءِ) مهيا ڪيائين (پر افسوس) توهان تمام ٿورڙي شڪرگذاري ٿا ڪيو (يعني الله جي انهن نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم ڪونه ٿا آڻيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ ان کي برابر ڪيو ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ الله تعالى توهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون پيدا ڪيون، توهان تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجي (طرفان) روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (تنهن هوندي به) اوهين تمام ٿورو شڪر ڪريو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ان کي ٺيڪ ڪيائين ۽ ڦوڪيائين ان ۾ پنهنجو روح ۽ ٺاهيائين اوهان ۾ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون ٿورو ٿا شڪر ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. اوهين ٿورو شڪرڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کي سنئين لڱين ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (پوءِ به) توهان ٿورو شڪر ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي تِنهن مِهر سان، ڪيو تمام نيار، ۽ رُوح سَندسِ مان ڦوڪيو، ساھ مَنجھسِ سَتار، ۽ تَن، مَن اَ کيون اوهان کي ڏِنان سڀ ڏاتار، اُنهن جا اِهي پار، ته ٿورا، ڀورا ڳائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري ان کي برابر ڪيائين، منجهس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪَن، اکيون ۽ دليون بنايائين_ اوهين ٿورو شڪر ڪندا آهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ان کي ٺاهي ٺـُـڪي ٺيڪ ڪري بيهاريائين ۽ منجهس پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ توهان کي ڪــَـن ڏنائين، اکيون ڏنائين، دليون ڏنائين، توهان ٿورو شڪر ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) وري ان ٺيڪ ڪيو لڱن کي ۽ ڦوڪيائين ان جي اندر پنهنجو روح، ۽ ڏنائين توهان کي ڪن ۽ اکيون ۽ دليون، پوءِ به گهٽ آهيو توهان ماڻهو شڪر گذار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هن جي شڪل شباهت ٺاهي ان ۾ پنھنجو روح ڦوڪيائين ۽ ان جي اندر ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪيائين ۽ سوچڻ لاءِ دل به بنايائين. (ايتريون نعمتون ڏيڻ کان پوءِ به) توهان ٿورا ئي ماڻهو شڪرگذار ٿيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا أَءِذا ضَلَلنا فِى الأَرضِ أَءِنّا لَفى خَلقٍ جَديدٍ بَل هُم بِلِقاءِ رَبِّهِم كٰفِرونَ (آيت : 10) |
۽ چون ٿا ته جڏھن زمين ۾ رلي ملي وياسون (تڏھن به) اسين وري نئين سر بڻباسين ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي پنھنجي پالڻھار جي ملڻ کان منڪر آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اهي بي شڪر ماڻهو) چون ٿا ته ڇا جڏهن اسان زمين ۾ ڍڪجي گم ٿي وينداسين تڏهن وري سچ پچ نئين سر پيدا ڪيا وينداسين؟ حقيقت هيءَ آهي ته اهي ماڻهو اها ڳالهه ئي نٿا مڃين ته ڪو (آخر) پنهنجي پروردگار جي اڳيان پيش ڪيا وينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي چون ٿا ڇا اسين جنهن وقت زمين ۾ ملي مِٽي ٿي وينداسين، ڇا بيشڪ اسين (ان وقت) نئين سِر دوباره پيدا ٿينداسين، بلڪ اهي پنهنجي رب جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چون ٿا ته ڇا! جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهين به اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو (قيامت کان نه) بلڪ اهي ماڻهو پنهنجي پروردگار جي (سامهون) حاضر ٿيڻ جا انڪاري آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇا جڏهن زمين ۾ گم ٿي وينداسون (تڏهن به) ڇا اسين البته نئين خلقت ۾ اٿنداسون بلڪ اهي پنهنجي رب سان ملڻ جا انڪار ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته ڇا جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهن به اسان کي نئين سر بنايو ويندو. بلڪ اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ کي نه ٿا مڃين(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا جڏهن اسان مِٽيءَ ۾ ملي گُم ٿي وينداسين، ته ڇا وري نئين سِر پيدا ٿينداسين“؟ بلڪه اُهي پنهنجي پالڻهار جي ملاقات جا انڪاري آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، ڪِ اَسِين مَٽجِي مِٽِئَ ۾، وِينداسون جنهن وار، ڇا، اَسِين اِينداسون وَرِي، نَئـِين جوڙ ۾ نِروار، سَندِن ڌَڻِي جي دِيدار کان، بلڪ آهِن بيزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو چون ٿا ته ”ڇا، جڏهن زمين ۾ ملاوت ٿي وياسون، تڏهن وري نئين سر بڻباسين؟“ بلڪ اهي ته سندن ڌڻيءَ جي ملاقات کان انڪار ڪندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته "جڏهن اسان مٽيءَ ۾ رلجي ملجي ويا هونداسون ته ڇا وري نئين سر پيدا ڪيا وينداسون؟" ڳالهه اصل اها آهي ته اهي پنهنجي رب سان ملڻ کي نٿا مڃين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا هي ماڻهو، جڏهن اسان ملي وينداسين مٽيءَ ۾، ته پوءِ ڇا اسان پيدا ڪيا وينداسين وري نئين سر؟ اصل ڳالهه اها آهي ته اهي پنهنجي رب جي ملاقات جا منڪر آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو چون ٿا ته جڏهن اسان مٽيءَ ۾ رَلجي مَلجي وينداسون ته ڇا اسان کي نئين سر پيدا ڪيو ويندو؟ بلڪه هي ماڻهو ته پنھنجي پالڻھار جي آڏو پيش ٿيڻ جا ئي انڪاري آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يَتَوَفّىٰكُم مَلَكُ المَوتِ الَّذى وُكِّلَ بِكُم ثُمَّ إِلىٰ رَبِّكُم تُرجَعونَ (آيت : 11) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪو موت جو فرشتو اوھان تي مقرّر ڪيل آھي سو اوھان جو روح ڪڍندو وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽائبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون کين ٻڌاءِ ته موت جو مَلَڪ جو توهان تي مقرر ڪيل آهي، سو توهان جا روح قبض ڪندو. پوءِ توهان پنهنجي پروردگار جي طرف موٽائي آندا ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان کي ملڪ الموت ماريندو جيڪو توهان لاءِ مقرر ڪيل آهي ان کان پوءِ توهان کي پنهنجي رب ڏانهن موٽڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمر کين) فرمائي ته جيڪو موت جو فرشتو اوهان تي مقرر ڪيل آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪندو. تنهن کان پوءِ اوهين (سڀ) پنهنجي پروردگار ڏي موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته روح ڪڍندو اوهان جو موت وارو ملائڪ جيڪو مقرر ڪيو ويو اوهان لاءِ ان کان بعد پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ! تون) چئو ته جيڪو موت جوفرشتو اوهان تي مقرر ڪيو ويو آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪري ٿو. وري اوهان کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”جيڪو موت جو فرشتو اوهان مٿان مقرر ڪيو ويو آهي اُهو توهان جو روح قبض ڪري ٿو پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽايا ويندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چَئو، مَلڪ الموت مارِيندو، آن کي آخِرڪار، اَوهان مَٿي آھِ جو، سونپِيَل سَڀ ڄمار، اَهنجي پَرور، پار موٽِي اوهِين موٽائـِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪو موت جو ملائڪ اوهان تي مقرر ٿيل آهي، سو اوهان جو روح ڪڍندو، وري اوهان کي اوهان جي ڌڻيءَ ڏي موٽائبو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوينِ ته، "موت جو اهو فرشتو جيڪو توهان تي مقرر ڪيل آهي، توهان کي سڄو سارو کڻي پنهنجي مــُـٺ ۾ ڪندو، پوءِ توهان پنهنجي رب ڏانهن موٽايا ويندؤ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کين چؤ ته، مقرر آهي توهان تي موت جو فرشتو، جيڪو پوري جو پورو توهان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺندو ۽ توهان پنهنجي رب ڏي موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته جيڪو موت وارو فرشتو توهان تي مقرر آهي اهوئي توهان جو روح قبضي ۾ وٺندو. پوءِ توهان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو تَرىٰ إِذِ المُجرِمونَ ناكِسوا رُءوسِهِم عِندَ رَبِّهِم رَبَّنا أَبصَرنا وَسَمِعنا فَارجِعنا نَعمَل صٰلِحًا إِنّا موقِنونَ (آيت : 12) |
۽ (اُنھي مھل) جيڪڏھن ڏسين جنھن مھل گنھگار پنھنجي پالڻھار جي سامھون پنھنجا ڪنڌ اونڌا ڪندڙ ھوندا (ته عجب ڪرين)، (۽ چوندا ته) اي اسانجا پالڻھار ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون ھاڻي اسان کي (دُنيا ۾) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن تون (اهو دردناڪ عذاب) ڏسين جڏهن گنهگار پنهنجي پروردگار جي اڳيان پنهنجا ڪنڌ کڻي هيٺ ڪندا ته ڪيتري نه عبرت حاصل ڪرين. (انهيءَ مهل اُهي گنهار دردناڪ آواز سان پڪاريندا ته) اي اسان جا پروردگار! هاڻي اسان سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو آهي (۽ هاڻي سڀ حقيقتون سمجهون ۽ مڃون ٿا) سو هاڻي اسان کي وري (دنيا ڏي) موٽاءِ ته اسان صالح عمل ڪيون. اسان هاڻي يقين سان (تنهنجي هدايتن کي) مڃيون ٿا. (پر پوءِ اها پشيماني ڪم نه ايندي اها دنيا گذري چڪي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪاش توهان ان وقت ڏسو ها جو اهي سندن رب جي اڳيان منهن جھڪائي بيٺا هوندا (۽ چوندا) اي اسان جا رب اسان ڏٺو ۽ اسان ٻُڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ڏانهن) موٽاءِ ته اسين نيڪ عمل ڪريون، بيشڪ اسين يقين رکندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي حبيب! تو کي ڏاڍو ارمان ٿيندو) جي تون ڏوهارين کي ڏسندين ته اهي (حساب جي وقت) پنهنجي پروردگار جي بارگاھ ۾ پنهنجا سر هيٺ ڪري بيٺا آهن ۽ (عرض ڪري رهيا آهن ته) پروردگار! اسان (چڱيءَ طرح) ڏسي ورتو ۽ ٻڌي ڇڏيو، تون اسان کي دنيا ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر موٽائي ته اسين نيڪ ڪم ڪريون. هينئر ته اسان کي (قيامت جو) چڱيءَ طرح يقين آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڏسندين جنهن مهل مجرم اونڌا ڪندڙ هوندا ڪنڌ پنهنجا پنهنجي رب وٽ اي اسان جا رب! ڏٺوسون ۽ ٻڌوسون پوءِ اسان کي موٽاءِ ته ڪنداسون ڀلا ڪم بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ! توکي عجب ٿيندو) جيڪڏهن تون (ان وقت) ڏسندين جنهن وقت گنهگار پنهنجي پاليندڙ وٽ پنهنجا مٿا هيٺ ڪندڙ هوندا (چوندا ته) اي اسان جا پاليندڙ! اسان ڏٺو ۽ اسان ٻڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ڏي) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون ڏسي وٺين (اهو منظر) جنهن وقت ڏوهاري ماڻهو پنهنجي پالڻهار اڳيان مٿا جهڪايل هوندا. (۽ چوندا ته): ”اي اسان جا مالڪ! اسان ڏٺو ۽ اسان ٻڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ۾) موٽاءِ ته اسان نيڪ عمل ڪيون، بيشڪ اسان يقين ڪندڙ آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِسِين ڏوهارين جو، هُوند تڏهن تون حال، هُوندا سَندنِ سائـِينءَ وَٽ، جڏهن اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، سوٺو سون ۽ سُئو سون، سانيمِ! سَڀ اَحوال، پوءِ وار اسان کي ته وَڃِي ڪريون، اَڇا ڪي اَعمال، بارِي رَبُّ! بَحال، اَڄ آهيون، پورِئَ پَڪ مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) عجب لڳيئي، جو تون اهو ڏسين، جڏهن گنهگار پنهنجا ڪنڌ سندن ڌڻيءَ اڳيان اونڌو ڪندڙ هوندا (۽ چوندا) ”اي اسان جا ڌڻي! اسان ڏٺو ۽ ٻڌو، هاڻي وري اسان کي دنيا ۾ موٽاءِ ته اسين چڱا ڪم ڪريون، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪر ته تون ڏسين جڏهن اهي ڏوهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو، پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ بيٺا هوندا (۽ چئي رهيا هوندا ته) "اي اسان جا رب! اسان چڱيءَ طرح ڏٺو ۽ ٻڌو، هاڻي اسان کي پوئتي موٽاءِ ته جيئن چڱا ڪم ڪريون، هاڻي اسان کي پورو پورو يقين ٿي ويو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪر تون ڏسين اهو وقت جڏهن اهي ڏوهاري جهڪائي پنهنجا ڪنڌ بيٺا هوندا پنهنجي رب آڏو، (چئي رهيا هوندا) اي اسان جا رب! اسان ڏسي ۽ ٻڌي ورتو هاڻي وري موڪل اسان کي جيئن نيڪ عمل ڪريون، اسان کي هاڻي يقين اچي ويو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪاش! جيڪڏهن تون اهو وقت ڏسين جڏهن هي گنهگار پنھنجي پالڻھار جي آڏو مٿا هيٺ ڪري بيٺا هوندا ۽ چوندا ته اي اسان جا پالڻھار! اسان چڱي طرح ڏسي ورتو ۽ چڱي طرح ٻڌو. تون اسان کي دنيا ۾ موٽاءِ ته اسان نيڪ عمل ڪريون. هاڻي اسان کي يقين اچي ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو شِئنا لَءاتَينا كُلَّ نَفسٍ هُدىٰها وَلٰكِن حَقَّ القَولُ مِنّى لَأَملَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الجِنَّةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 13) |
۽ جيڪڏھن گھُرون ھا ته سڀڪنھن شخص کي ھدايت ڪريون ھا پر مون وٽان (ھي) حُڪم ٺھرائجي چڪو آھي ته جِنّن ۽ ماڻھن (انھن ئي) مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هرهڪ شخص کي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها (جيئن ملائڪ فرمانبرداريءَ جي واٽ تي لڳايل آهن، پر اسان ائين نه چاهيو اسان انسان کي ٻئي واٽون ڏيکاري اختيار ڏنو ته وڻئي ته سڌي راهه وٺ ۽ وڻئي ته ڦڏي واٽ وٺي پاڻ کي تباهه ڪر) سو منهنجي هيءَ ڳالهه (بي فرمانن متعلق) سچي ثابت ٿيندي ته ما سڀني (بي فرمان) جنن ۽ ماڻهن سان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ته هر انسان کي هدايت عطا ڪريون، پر اسان جو (هيءُ) قول پورو ٿيڻو آهي جو آئون يقيناً جهنم کي جِنن ۽ انسانن سان ڀريندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (خدا فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته (دنيا ۾ ئي) هر شخص کي (زوريءَ) سڌي راھ تي آڻيون ها، پر منهنجي طرفان (ازل جي ڏينهن کان) هيءَ ڳالھ مقرر ٿيل آهي ته آءُ دوزخ کي جنن ۽ آدمين سان ڀري ڇڏيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن گهرون ها ته البته ڏيون ها هر نفس کي سندس هدايت ۽ پر پڪي ٿي چڪي آهي ڳالهه منهنجي طرفان ته البته ضرور ڀريندس جهنم جنن ۽ ماڻهن سمورن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (الله فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀڪنهن شخص کي (دنيا ۾ ) سندس رستو سمجهائي ڇڏيون ها پر منهنجي طرفان هيءَ ڳالهه ٺهرائجي چڪي آهي ته ضرور آءُ جهنم کي جنن ۽ ماڻهن سڀني مان گڏ ڀري ڇڏيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر شخص کي سندس هدايت (ازخود) ڏئي ڇڏيون ها ۽ پر منهنجي طرفان (هي) ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته آءٌ ضرور سڀ (ڪافر) جِنَن ۽ انسانن مان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان اَوّل کان گُھرو، هَرجِئَ لئي جيڪر!، ته عَطا ڪيونسِ اُن جِي، هِدايت هيڪر!، پر مون کان مَهندئـِي، فيصلو صَحِي ٿيو صادِر، ته جِنن ۽ ماڻهن سان، جي مُشرِڪ ۽ مُنڪر، ميڙي مَنجھ مَڱر، بِلڪُل ڀَرِيندسِ باھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين چاهيون ها، ته هر ڪنهن شخص کي سنئين واٽ لڳايون ها، پر مون وٽان اهو حڪم ٺهرائجي چڪو آهي، ته آءُ ضرور جهنم کي جنن ۽ انسانن سان گڏ ڀريندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (جواب ۾ فرمايو ويندو) "جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته اڳي ئي هرهڪ کي هدايت تي آڻي ڇڏيون ها، پر منهنجي اها ڳالهه پوري ٿي وئي، جيڪا مون چئي هئي ته مان جهنم کي جنن توڙي انسانن سڀني سان ڀري ڇڏيندس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جواب ۾ ارشاد ٿيندو) جي اسان گهرون ها ته اڳي ئي هر شخص کي اها ڪريون ها هدايت پر پوري ٿي وئي منهنجي اها ڳالهه جيڪا مون چئي هئي ته ڀريندس دوزخ کي جنن ۽ انسانن سان (سڀني کي گڏي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته سڀني کي هدايت وارو ڪري ڇڏيون ها پر ان کان اڳ مان (به) هڪ قول ڪري چڪو آهيان ته مان جھنم کي انسانن ۽ جنن سان ضرور ڀريندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَذوقوا بِما نَسيتُم لِقاءَ يَومِكُم هٰذا إِنّا نَسينٰكُم وَذوقوا عَذابَ الخُلدِ بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 14) |
پوءِ ھن ڏينھن جي ملڻ کي جو وساريو ھيؤ تنھن سببان عذاب چکو، بيشڪ اسان (به) اوھان کي وساريو ۽ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان ھميشگيءَ جو عذاب چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي گنهگارؤ) جنهن صورت ۾ توهان پنهنجي هن ڏينهن تي (اسان وٽ جزا ۽ سزا ملڻ لاءِ) حاضر ٿيڻ جي ڳالهه وساري ڇڏي هئي (۽ گناهن ۾ مشغول رهيا هئو) سو هاڻي (عذاب جو) مزو چکو. اسان به توهان کي (ڄاڻي ٻجهي) وساري ٿا ڇڏيون. ۽ توهان جو (پڇاڙيءَ تائين) بدعمل ڪندا رهيو تن جي بدلي ۾ دائمي عذاب جو مزو چکندا رهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان (عذاب جو) مزو چکو انهيءَ سببان جو توهان هن قيامت جي ڏينهن کي وساري ڇڏيو، بيشڪ اسان توهان کي وساري ڇڏيو ۽ توهان پنهنجي بداعمالي سببان هميشه وارو عذاب چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيئن ته اوهان اڄوڪي ڏينهن جي حاضري کي وساري ڇڏيو هو ته هاڻي ان جو مزو چکيو. اسان اوهان کي ڄاڻي واڻي وساري ڇڏيو. ۽ جهڙا جهڙا توهان جا ڪرتوت هئا (تن جي عوض) هاڻي هميشه جي عذابن جا مزا چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چکو ان سببان جو وساري اوهان هن ڏينهن جي حاضري بلاشڪ اسان به اوهان کي وساريو ۽ چکو هميشہ وارو عذاب ان سببان جيڪي ڪندا هيئو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي هن ڏينهن جي ملڻ کي جو اوهان وساريو هو تنهن جي ڪري عذاب (جو مزو) چکو. بيشڪ اسان (به) اوهان کي وساريو ۽ جيڪي اوهين ڪندا هوا تنهن جي ڪري هميشه جو عذاب چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ توهان مزو چکو جو توهان پنهنجي هن ڏينهن جي حاضري وساري ڇڏي هئي. بيشڪ اسان اوهان کي فراموش ڪري ڇڏيو ۽ هميشه جي عذاب جو مزو چکو انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ چَکو چڱِئَ چال سان، جِنهن مُوجب ڪالھ ڪُلال! ڏاڍي هِن ڏِينهن جو، وِساريان وِصال، اَسان به وساريو آن کي پوءِ چَکو جَھَنَّم جَنجال، جِيئَن ته ڪَندا هُئا ڪالھ، جَڏا ڪم جھان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (چئبن ته) ”هاڻ چکو عذاب، انهي ڪري، جو اوهان هن ڏينهن جي ملڻ کي وساريو هو، بيشڪ اسان به اوهان کي وساريو ۽ جيڪي به ڪندا هئا، تنهن سببان هميشه جو عذاب چکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هاڻي چکو مزو پنهنجي انهيءَ قصور جو، جو توهان هن ڏينهن جي ملاقات کي وساري ڇڏيو. اسان به هاڻي توهان کي ڌيان تان لاهي ڇڏيو آهي. چکو مزو سدائين رهڻ واري عذاب جو پنهنجن عملن جي بدلي ۾" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چکو مزو پنهنجي ان حرڪت جو، جو وساري ويٺؤ اڄوڪي ڏينهن جي هن ملاقات کي، اسان به توهان کي هاڻي وساري ڇڏيو آهي، ۽ چکو هميشه واري عذاب جو مزو پنهنجي ڪرتوتن جي سزا طور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! هاڻي عذاب جو مزو چکو جو توهان هن پيش ٿيڻ واري ڏينھن کي وساري ڇڏيو هو سو هاڻي اسان به توهان کي وساري ڇڏيو آهي. توهان پنھنجي عملن جي بدلي ۾ هميشه وارو عذاب چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما يُؤمِنُ بِـٔايٰتِنَا الَّذينَ إِذا ذُكِّروا بِها خَرّوا سُجَّدًا وَسَبَّحوا بِحَمدِ رَبِّهِم وَهُم لا يَستَكبِرونَ (آيت : 15) |
اسان جي آيتن تي رڳو اُھي ايمان آڻيندا جن کي اُنھن (آيتن) سان جڏھن نصيحت ڏبي آھي تڏھن سجدو ڪندڙ ٿي ڪِرندا آھن ۽ پنھنجي پالڻھار جي ساراھ پاڪائي سان بيان ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان جي آيتن تي سچو ايمان ته فقط انهن جو آهي جن کي جڏهن اهي آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون تڏهن هو سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا (سان سندن پاڪائي ۽ اعليٰ شان) بيان ڪن ٿا ۽ ڪڏهن به هٺ وڏائي نٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسان جي قرآن ڪريم تي فقط اهي ماڻهو ايمان رکن ٿا جو جڏهن انهن کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اهي سجدي ۾ ڪِري پَوَنِ ٿا ۽ پنهنجي رب جي تعريف سان گڏ تسبيح ڪن ٿا ۽ اهي تڪبر نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان جي آيتن تي ايمان رڳو اهي ماڻهو آڻين ٿا جو جڏهن کين اهي آيتون ياد ڏياريون ويون ته يڪدم سجدي ۾ ڪري پيا ۽ پنهنجي پروردگار جي حمد ۽ ثنا جي تسبيح پڙهڻ لڳا. پڻ اهي شخص وڏائي نه ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ايمان آڻين ٿا اسان جي آيتن تي رڳو اهي شخص جو جڏهن نصيحت ڪيا وڃن ٿا انهن سان ته ڪرن ٿا سجدو ڪندڙ ٿي ۽ تسبيح پڙهن ٿا پنهنجي رب جو حمد ڪندي ۽ اهي نه ٿا وڏائي ڪن .السجدة(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسان جي آيتن تي رڳو اهي ايمان آڻين ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي وڏائي نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان جي آيتن تي صرف اُهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اُهي سجدي ۾ ڪِري پون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃِين اُهي مُورهِين، اَسان جا اُهڃاڻ، جڏهن ياد ڏِجن اُنهن کي، ته ڪِرن سجدي ساڻ، ۽ سَندنِ سائـِين جِي، صِفت سان، ڳائـِن پاڪائي پاڻ، ۽ وَر وَر ڪن واکاڻ، ڪِين پَڏائڻ پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جي آيتن تي ته رڳو اهي ايمان آڻيندا، جن کي جڏهن انهن سان نصيحت ڪبي آهي، ته هو سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ سندن ڌڻيءَ جي واکاڻ پاڪائي سان بيان ڪندا آهن ۽ هو آڪڙ نه ڪندا آهن. (سجدو) (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسانجي آيتن تي ته اهي ماڻهو ٿا ايمان آڻين، جن کي جڏهن هي آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي رب جي ساراهه سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ وڏائي نٿا ڪن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ايمان آڻيندا آهن اسان جي آيتن تي اهي ماڻهو جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي هي آيتون ٻڌائي، ته سجدي ۾ ڪِري پوندا آهن ۽ پاڪائي بيان ڪندا آهن پنهنجي رب جي حمد سان گڏ ۽ اهي وڏائي نه ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان جي آيتن تي اهي ماڻهو ايمان آڻيندا آهن جن جو حال هي آهي ته جڏهن کين اسان جون آيتون ٻڌائي نصيحت ڪئي ويندي آهي ته هُو فوراً سجدي ۾ ڪري پوندا آهن ۽ پنھنجي پالڻھار جي تعريف سان گڏ پاڪيزگي بيان ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به غرور نه ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَتَجافىٰ جُنوبُهُم عَنِ المَضاجِعِ يَدعونَ رَبَّهُم خَوفًا وَطَمَعًا وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 16) |
سندن پاسا سمھڻ جي ھنڌ کان الڳ ٿي پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اُميد سان سڏيندا آھن، ۽ جيڪا کين روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (سچن مؤمنن) جا پاسا آرام جي بسترن کان الڳ ٿي وڃن ٿا. هو پنهنجي پروردگار کي خوف ۽ اميد جي حالت ۾ پڪاريندا رهن ٿا ۽ جيڪو رزق (عقل حڪمت وغيره) اسان کين ڏنو آهي تنهن کي (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) پنهنجا پاسا بسترن کان پري ڪن ٿا (۽) پنهنجي رب کي خوف ۽ طمع مان پڪارين ٿا، ۽ جيڪي اسان انهن کي ڏنو آهي انهيءَ مان خرچ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (رات جو به) سندن پاسا بسترن کان واقف نه ٿا ٿين پڻ (عذاب جي) خوف کان ۽ (رحمت جي) اميد تي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪن ٿا ۽ اسان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پري رهن ٿا پاسا انهن جا سمهڻ جي هنڌن کان پڪارين ٿا پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد سان ۽ ان مان جيڪو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سندن پاسا سمهڻ جي هنڌ کان پري ٿين ٿا، پنهنجي پاليندڙ کي ڊپ ۽ اميد سان سڏين ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جا پاسا سمهڻ جي جاين (بسترن) کان جدا رهن ٿا پنهنجي پالڻهار کي خوف ۽ اميد وچان سڏن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاسا سَندنِ پَٽ کان، رهن کَڙا مَنجھ رات، دانهِينِ سَندنِ ڌڻـئَ کي، خوف، طمع جي تات، ۽ جيڪا ڏِنِيسونِ ڏات، ڏِينِ ڏُکيَن کي تنهِن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجا پاسا بسترن کان جدا ڪري پنهنجي ڌڻيءَ کي ڊپ ۽ اميد سان سڏيندا آهن ۽ جيڪي کين ڏنو اٿئون ان مان (نيڪ ڪمن ۾) خرچيندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن پٺيون بسترن کان الڳ رهن ٿيون، پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد وچان سڏين ٿا، ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندن پٺيون بسترن کان الڳ رهنديون آهن، پڪاريندا آهن پنهنجي رب کي خوف ۽ اميد ۾ ڊڄندي ۽ جيڪو انهن کي رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن پُٺيون بسترن کان پري هونديون آهن (يعني سمهڻ تي سندن دل ئي نه چوندي آهي) پنھنجي پالڻھار کي خوف ۽ اميد سان ياد ڪندا آهن ۽ اسان کين جيڪو رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا تَعلَمُ نَفسٌ ما أُخفِىَ لَهُم مِن قُرَّةِ أَعيُنٍ جَزاءً بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 17) |
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انھن لاءِ لڪايو ويو آھي سو ڪو جيء نه ڄاڻندو آھي، اُھو بدلو ھنن جيڪي ڪمايو ھو تنھن سببان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪنهن به شخص کي خبر ناهي ته اسان (نيڪ) ماڻهن لاءِ ڪهڙا ڪهڙا اکين جا ٺار (۽ خوشي ڏيندڙ نعمتون) لڪائي تيار رکيون آهن. اهو آهي بدلو هنن جي (نيڪ) عملن جو جي هو ڪندا رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڪو ماڻهو نٿو ڄاڻي جيڪي نعمتون انهن لاءِ مخفي رکيون ويون آهن (اها) سندن عملن جي جزا آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪوشخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي (نيڪ) ڪم پيا ڪن تن جو کين بدلو ڏنو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس جيڪو لڪائي رکيو ويو آهي انهن جي لاءِ اکين جو ٺار بدلو هوندو ان جو جيڪو ڪيو هيائين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪو شخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي عمل پيا ڪن تن جو بدلو ڏنو ويندن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڪو به شخص نه ٿو ڄاڻي جيڪا اکين جي ٿڌاڻ انهن لاءِ لڪائي رکي وئي آهي، هي ان جو بدلو هوندو جيڪي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪو ماڻهو نه ڄاڻي مُورهِين، ته اڳتي اُنهِئَ هارِ، جو رکيو وِيو راز ۾، اولا اَ کِين ٺار، جي ڪيائون ڪم ڪار، عيوض اُجورو اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪو به شخص اهو نٿو ڄاڻي، جيڪي اکين جو ٺار سندن لاءِ لڪايل آهي اهو سندن ڪيل ڪمن جو بدلو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري جيڪي اکين جو ٺار سندن عملن جي اجوري طور انهن لاءِ لڪائي رکيو ويو آهي، تنهن جي ته ڪنهن به ساهواري کي ڪا خبر ئي ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جيڪو سندن عملن جو سامان لڪائي رکيو ويو آهي انهن جي اکين جو ٺار، ان جي ته ڪنهن به ساهواري کي خبر ئي نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن به ساهواري کي معلوم نه آهي ته سندس اعمال جي بدلي ۾ پردي پويان ڪهڙيون نه اکين ٺار نعمتون رکيون ويون آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَن كانَ مُؤمِنًا كَمَن كانَ فاسِقًا لا يَستَوۥنَ (آيت : 18) |
جيڪو مؤمن آھي سو بدڪار جي برابر آھي ڇا؟ (اُھي ٻئي ڪڏھن) برابر نه ٿيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا مؤمن به اهڙوئي آهي جهڙو ڪو فاسق (نافرمان ۽ گنهگار) آهي؟ (هرگز نه) هو ڪنهن به صورت ۾ برابر ناهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو ماڻهو جيڪو مؤمن آهي اهو ڪافر جهڙو ٿي سگهي ٿو؟! (اهي قطعاً) پاڻ ۾ برابر نٿا ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ڀلا جيڪو ايمان وارو آهي، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿيندو جيڪو بدڪار آهي هرگز نه! اهي ٻئي برابر نه ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو مؤمن آهي ان جهڙو آهي جيڪو فاسق آهي نه ٿا برابر ٿين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ڀلا پوءِ جيڪو ايمان وارو آهي سو نافرمان جهڙو آهي؟ اهي (ٻئي) برابر نه ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ڀلا پوءِ جيڪو ايمان وارو آهي سو ان جي مثل ٿي سگهي ٿو جيڪو نافرمان هجي، اُهي (ٻئي) برابر نه ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڇا، مُؤمن تِنهن مِثال ؟ جو هَلندڙ ٻاهِر حُڪمن کان، بَرابَر بَحال، ڪڏهن ٿِينداڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جيڪو مؤمن آهي، سو ڪو بدڪار جهڙو آهي ڇا؟ هر گز برابر نه ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ائين به ڪو ٿيڻو آهي ڇا، ته جيڪو مؤمن هجي سو ان شخص وانگر ٿي پوي، جيڪو نافرمان آهي؟ اهي ٻئي برابر نٿا ٿي سگهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهي ٿو ته مؤمن هجي جيڪو شخص سو ان وانگر ٿي وڃي جيڪو فاسق هجي، اهي ٻئي برابر ٿي نٿا سگهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا مؤمن ماڻهو نافرمان ماڻهوءَ جھڙو ٿي سگهي ٿو؟ (نه ) اهي ٻئي ڪڏهن به برابر نٿا ٿي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُم جَنّٰتُ المَأوىٰ نُزُلًا بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 19) |
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تِن لاءِ بھشت (جا باغ) مھماني طور رھڻ جو ھنڌ آھي اُنھي سببان جو (چڱا) ڪم ڪندا رھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو جيڪي ماڻهو سچو ايمان رکن ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن جي رهڻ لاءِ (عاليشان) باغ هوندا، جيڪي نيڪ عمل هو ڪندا رهيا هئا تن جي بدلي ۾ اها ئي مهماني کين نصيب ٿيندي (جو هو الله جي باغن ۾ الله جا مهمان ٿي رهندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر اهي ماڻهو جيڪي ايمان آڻن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا پوءِ انهن لاءِ جَنَّتُ المَـ وى آهي. (اها سندن) مهماني آهي انهيءَ سببان جو نيڪ عمل ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ ته رهڻ (سهڻ) جي (لاءِ بهشت جا) باغ آهن. هيءَ مهماني انهن ڪمن جو عوض آهي جيڪي اهي (دنيا ۾) ڪري چڪا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل پوءِ انهن جي لاءِ رهڻ جا بهشت آهن مهماني ٿي ان سببان جيڪي چڱا ڪم ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ مهمانيءَ طور رهڻ جا باغ آهن انهن ڪمن جي ڪري جيڪي پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيائون ته پوءِ انهن لاءِ هميشه رهڻ جا باغ آهن، (اها) مهمانداري آهي ان جي بدلي جيڪي (سٺا) عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر آندو جَن ايمان، پڻ چڱا ڪَيائون ڪَمڙا، پوءِ مَهندان مِهمانِي اُن کي، بهشت جا بُستان، جنهن مُوجب مَنجھ جھان، چڱا ڪندا هئا ڪمڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ رهڻ جو هنڌ باغ آهن، اها سندن ڪمن سبب مهماني آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا انهن لاءِ ته جنتن واريون رهڻ جون جايون آهن، مهمانيءَ طور سندن عملن جي بدلي ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا آهن، انهن جي لاءِ بهشت ۾ رهڻ واريون جايون آهن مهماني طور سندن عملن جي موٽ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن جي مھماني طور رهڻ واريون جايون جنتون آهن جيڪي کين اعمال جي بدلي ۾ ڏنيون وينديون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمَّا الَّذينَ فَسَقوا فَمَأوىٰهُمُ النّارُ كُلَّما أَرادوا أَن يَخرُجوا مِنها أُعيدوا فيها وَقيلَ لَهُم ذوقوا عَذابَ النّارِ الَّذى كُنتُم بِهِ تُكَذِّبونَ (آيت : 20) |
پر جن بڇڙائي ڪئي تن جي رھڻ جو ھنڌ دوزخ آھي، جنھن مھل منجھانئس نڪرڻ جو ارادو ڪندا (تنھن مھل) منجھس ورائي (پيا وجھبا) ۽ کين چئبو ته اُن باھ جو عذاب چکو جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھئؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن خدا جي نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ هوندي (سخت عذاب واري) باهه. جڏهن جڏهن هو ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا تڏهن هنن کي (زور سان) ان باهه ۾ موٽايو ويندو ۽ کين چيو ويندو ته انهيءَ باهه جي عذاب جو مزو چکو. جنهن کي توهان ڪونه مڃيندا هئو (۽ چوندا هئو ته نڪا قيامت ٿيندي نڪو اسان کي ڪو عذاب ملندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر اهي ماڻهو جيڪي ڪافر ٿيا پوءِ سندن جاءِ جهنم آهي، جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ کين موٽايو ويندو ۽ انهن کي چيو ويندو ته توهان جهنم جي عذاب جو مزو چکو جنهنکي توهان ڪوڙو سمجھندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ (رڳو) دوزخ آهي. اهي جڏهن به ان (دوزخ) مان نڪرڻ جو ارادو ڪندو ته ان ۾ موٽائي کين ڌڪيو ويندو. ۽ کين چيو ويندو ته دوزخ جي جنهن عذاب کي ڪوڙ سمجهندا هئا، هاڻي ان جو (عذاب) چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جيڪي فاسق بڻيا پوءِ انهن جي جاءِ جنم آهي جڏهن به ارادو ڪندا اهي ته نڪرن ان مان ته ورايا ويندا ان ۾ ۽ چيو ويندو انهن کي ته چکو اهو باهه جو عذاب جنهن کي ڪوڙو چوندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ باهه آهي جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ موٽايا ويندا ۽ کين چيو ويندو ته باهه جي سزا جو مزو چکو جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر اُهي ماڻهو جن نافرماني ڪئي ته پوءِ انهن جي رهڻ جي جاءِ باهه آهي. جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ وري واپس ڪيا ويندا ۽ انهن کي چيو ويندو ته: ”باهه جي سزا (جو مزو) چکو جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀر ڦِريا جي فرمان کان، آسڻ تَن جو آڳ، ڪُوڪُون ڪَن ڪَڍڻ لئي، جڏهن مَنجھان تِنهن ماڳ، ته اُٿلِي هَڻبا اُن ۾، ۽ چَئـِبُنِ ته چَکو لاڳ، سَندا باھِ ڀَڙاڳ، جنهن کي ڪُوڙو ڪُوٺِيندا هُئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن بُرا ڪم ڪيا، تن جي رهڻ جو هنڌ باهه آهي، جنهن به مهل ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا، ته وري به منجهس موٽائبا- ۽ چئبن ته، ”چکو باهه جو عذاب، جنهن کي اوهين ڪوڙ سمجهندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن نافرماني ڪئي، تن جو ٺڪاڻو جهنم آهي. جڏهن به ان مان نڪرڻ جي ڪندا ته ورائي اندر ڌڪيا ويندا ۽ چيو ويندن ته چکو مزو باهه واري عذاب جو، جنهن کي ڪوڙ ڀانئيندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي تن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي هو جڏهن به ارادو ڪندا ان مان نڪرڻ جو ته ڌڪيا ويندا ان ۾ ۽ چيو ويندو کين ته چکو هاڻي عذاب انهيءَ باهه جو جنهن کي توهان ڪوڙو ڀائيندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن نافرماني ڪئي ته انهن ماڻهن جي رهڻ واري جاءِ دوزخ آهي. جڏهن به اُهي ان مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته کين واپس ان ۾ پٺتي ڌڪيو ويندو ۽ چيو ويندو ته هاڻي ان باهه جو عذاب چکو جنھن کي توهان ڪوڙو ڀانئيندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَنُذيقَنَّهُم مِنَ العَذابِ الأَدنىٰ دونَ العَذابِ الأَكبَرِ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 21) |
۽ کين وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) ورن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن (فاسقن) کي (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳي هن ئي (دنيا جي) زندگيءَ جا عذاب ضرور چکائيندا سين انهيءَ لاءِ ته من هو (پشيمان ٿي خدا ڏي ۽ سڌي واٽ ڏي) موٽن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آخرت جي عذاب کان اڳ ۾ اسين ضرور انهن کي دنيا جو عذاب چکائينداسين ته من اهي موٽن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ضرور (قيامت جي) وڏي عذاب کان اڳ دنيا جي ڪجھ عذاب جو مزو چکائينداسون جو جلد ايندو هن لاءِ ته هاڻي به اهي ماڻهو (مون ڏي) رجوع ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور چکائينداسون انهن کي عذاب ويجهڙائيءَ وارو وڏي عذاب کان سواءِ من اهي موٽن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ضرور کين وڏي عذاب کان اڳي ويجهي عذاب مان (ڪجهه مزو) چکائينداسون. ته مَنَ اهي موٽن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ضرور کين (آخرت جي) وڏي عذاب کان اڳ ويجهڙي (دنياوي) عذاب (جو مزو) چکائينداسين مَنَ اُهي (نافرماني کان) موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اڳ ۾، وَڏي عَذاب کان، سَندو ننڍي سُور، مَزو وَٺائـِينداسونِ مُورِ، ته مانَ وَرن سي واٽ تي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين هنن کي وڏي عذاب کان سواءِ هلڪو عذاب به چکائينداسون، ته من اهي باز اچن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ وڏي عذاب کان اڳ هن دنيا ۾ ئي اسان کين (ڪنهن نه ڪنهن هلڪي) عذاب جو مزو چکائيندا رهنداسون ته مــَـنَ ائين ڪو مڙي وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ضرور چکائيندا رهنداسين انهن کي مزو ڪجهه ويجهي عذاب (ڪو نه ڪو ننڍي) عذاب جو اڳ ۾ ان وڏي عذاب کان (جيئن بغاوت واري روش کان) من اهي مُڙي وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کين وڏي عذاب ڏيڻ کان اڳ دنيا ۾ ننڍڙي عذاب جو ضرور مزو چکائينداسون ته شايد هو پنھنجي برن ڪمن کان باز اچن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّن ذُكِّرَ بِـٔايٰتِ رَبِّهِ ثُمَّ أَعرَضَ عَنها إِنّا مِنَ المُجرِمينَ مُنتَقِمونَ (آيت : 22) |
۽ اُن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي جنھن کي سندس پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏجي ته وري اُن کان مُنھن موڙي، بيشڪ اسين ڏوھارين کان بدلو وٺندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جنهن ماڻهو کي سندس پروردگار جون آيتون ٻڌايون وڃن ۽ پوءِ به هو منهن موڙي وڃي (۽ بدعمل ڪري) تنهن کان وڌيڪ ظالم (۽ گنهگار) ڪير ٿي ٿو سگهي؟ يقيناً اسان اهڙن گنهگارن کي (سندن بدعملن جو) پورو پورو بدلو ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ان کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جو ان کي قرآن ڪريم سان نصيحت ڪجي پوءِ به ان کان انڪار ڪري، بيشڪ اسين مجرمن کان انتقام وٺندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن شخص کي سندس پروردگار جون آيتون ياد ڏياريون وڃن ۽ اهو انهن کان منهن ڦيرائي تنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداسون ۽ ضرور وٺنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير آهي وڌيڪ ظالم ان کان جو نصيحت ڪيو ويو پنهنجي رب جي آيتن سان ان کان پوءِ منهن موڙيائين بيشڪ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺنداڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان وڏو ظالم ڪير آهي جنهن کي سندس پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي ويئي وري انهن کان منهن موڙيائين. بيشڪ اسين گنهگارن کان بدلو وٺندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کان وڏو ظالم ڪير آهي؟ جنهن کي سندس پروردگار جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي پوءِ ان کان منهن موڙي. بيشڪ اسان ڏوهارين کان بدلو وٺڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي ڪير اُن کان، وَڏو هاڃيڪار؟ جنهن کي، جڏهن ياد ڏِجن، سَندسِ پَرور جا پار، ته موڙئـِين مُنهن اُنهن ڪنان؛ اَسِين به آخِرڪار، وَٺن وارا ڪِنهن وار، بَدلو بَدڪارن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جنهن کي سندس ڌڻيءَ جي آيتن سان نصيحت ڪجي، ته هو وري انهن کان منهن موڙي؟ بيشڪ اسين ڏوهارين کان بدلو وٺندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان کان وڏو ظالم ٻيو ڪير ٿيندو، جنهن کي سندس رب جي آيتن وسيلي نصيحت ڪئي وڃي ۽ هو وري انهن کان منهن موڙي ڇڏي. اهڙن ڏوهارين کان ته اسان ضرور بدلو وٺي رهنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان کان وڏو ظالم ٻيو ڪير هوندو جنهن کي سندس رب جي آيتن وسيلي نصيحت ڪئي وڃي، ته هو ان کان منهن موڙي، بيشڪ اهڙن مجرمن کان بدلو ضرور وٺبو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم هوندو؟ جنهن کي پنھنجي پالڻھار جي آيتن جي ذريعي نصيحت ڪئي وڃي ۽ پوءِ به هو منھن موڙي ڇڏي. اسان اهڙن ڏوهارين کان ضرور بدلو وٺنداسون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ فَلا تَكُن فى مِريَةٍ مِن لِقائِهِ وَجَعَلنٰهُ هُدًى لِبَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 23) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون پوءِ تون اُن (قرآن) جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿج ۽ اُن موسىٰ کي بني اسرائيلن لاءِ ھدايت بڻايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان حضرت موسيٰ کي به (شريعت جو) ڪتاب ڏنو هو، سو تون به (اي پيغمبر!) اهڙي ڪتاب جي ملڻ بابت ڪو به شڪ نه آڻ (يعني توکي به قاعدا قانون ٻڌايا ويندا) ۽ اسان انهيءَ ڪتاب کي بني اسرائيلن جي لاءِ سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ڪيو هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو، پوءِ توهان ان جي مِلڻ ۾ ڪو شڪ نه ڪريو ۽ اسان ان (تورات) کي بني اسرائيل لاءِ هدايت ڪري موڪليو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) اسان ته موسى کي به (آسماني) ڪتاب (توريت) عطا ڪيو هو ته تون هن (ڪتاب) قرآن جو (خدا کان) ملڻ بابت شڪ ۾ (نه) پئو پڻ اسان ان (توريت کي بني اسرائيلن لاءِ رهنما مقرر ڪيو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنو اسان موسى کي ڪتاب پوءِ نه هج شڪ ۾ ان جي ملڻ ۾ ۽ ڪيوسون ان کي هدايت بني اسرائيل جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو.پوءِ (اي پيغمبر !) تون به قرآن جي ملڻ کان شڪ ۾ نه ٿيءُ. ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي بني اسرائيلن لاءِ هدايت ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو پوءِ تون ان (ڪتاب) جي ملڻ بابت ڪنهن شڪ ۾ نه هج ۽ اسان ان کي بني اسرائيل لاءِ هدايت بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسُون مُوسٰى مِير کي، قَلم بَند ڪِتاب، پوءِ سَندسِ مِلڻ ۾ مُورهِين، ڪو شَڪ نه رَک شتاب، ۽ ڪَيوسُونِس بَنِي اِسرائيل لئي، سُونهون برصَواب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، پوءِ تون ان جي ملڻ بابت شڪ نه ڪج ۽ اسان ان کي يهودين لاءِ هدايت بنايو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان اڳ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏئي چڪا آهيون، تنهنڪري انهيءَ شيءِ جي ملڻ ۾ توکي ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي، انهيءَ ڪتاب کي اسان بني اسرائيل لاءِ هدايت بڻايو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان ڏئي چڪا آهيون هن کان اڳي موسيٰ کي ڪتاب، تنهن ڪري تون ان تي شڪ نه ڪر ۽ اسان بڻايو هو ان کي هدايت بني اسرائيل جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنوسين (پوءِ اي نبيﷺ!) توکي ان ڪتاب (يعني تورات) جي ملڻ تي شڪ شبهو نه ٿيڻ گهرجي ۽ هن ڪتاب کي اسان بني اسرائيل لاءِ هدايت جو ذريعو بنايوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَعَلنا مِنهُم أَئِمَّةً يَهدونَ بِأَمرِنا لَمّا صَبَروا وَكانوا بِـٔايٰتِنا يوقِنونَ (آيت : 24) |
منجھانئن پيشوا ڪيا (ھوا) سون جي اسان جي حُڪم سان سڌو رستو ڏيکاريندا ھوا جڏھن جو (اُھي ڏکن تي) صبر ڪندا رھيا، ۽ اُھي اسان جي آيتن تي يقين رکندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان انهن (بني اسرائيلن) ۾ گهڻائي امام يعني ليڊر پيدا ڪيا جيڪي اسان جي حڪمن موجب (بني اسرائيلن کي) هدايت ڪندا رهيا، جيستائين ڪه هو صابر ۽ ثابت قدم رهيا ۽ اسان جي آيتن (يعني نشانين ۽ حڪمن) تي يقين رکندا هئا (پوءِ هو فرقا ٺاهي اختلاف ڪري ذليل ۽ تباهه ٿي ويا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن صبر ڪيو ته اسان انهن مان ڪجھه اڳواڻ بنايا جيڪي اسان جا حڪم ٻُڌائيندا هئا، ۽ اهي اسان جي آيتن تي يقين رکندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن (بني اسرائيلن مان اسان ڪن انسانن کي جيئن ته انهن (مصيبتن تي) صبر ڪيو هو پيشوا ڪيو جي اسان جي حڪم سان (ماڻهن کي) هدايت ڪندا هئا. پڻ (تنهن کان سواءِ) اسان جي آيتن جو دل سان يقين رکندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪياسون انهن مان اڳواڻ جيڪي اسان جي امر سان هدايت ڪن ٿا جڏهن صبر ڪيائون ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن مان اهڙا اڳواڻ پيدا ڪياسون جيڪي اسان جي حڪم سان رستو ڏيکاريندا هئا جڏهن (تڪليفن تي) صبر ڪيائون ۽ اهي اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن مان ڪي اڳواڻ بنايا جيڪي اسان جي حڪم سان رهنمائي ڪندا هئا جڏهن (آزمائشن تي) صبر ڪيائون. ۽ اُهي اسان جي آيتن تي يقين ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ نيڪِي ڏانهن نواب، اُنهن مان ڪيو سون ڪِن کي. سَنئين سُهائيندا هُئا، اَمر اَسان جي ساڻ، جڏهن سَٺائون سَختيون، ۽ اسان جا اُهڃاڻ، هُئا پَڪ ڄاڻندا پاڻ، يَڪدِل سڀ يَقِين سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان انهن مان اڳواڻ بنايا؛ جي اسان جي حڪم سان رستو ڏيکاريندا هئا، جڏهن هو صبر ڪندا هئا، ۽ هو اسان جي آيتن تي يقين رکندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن انهن صبر ڪيو ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا رهيا ته اسان منجهن اهڙا رهبر پيدا ڪيا، جيڪي اسان جي حڪم سان هدايت ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اسان انهن مان اهڙا بڻايا اڳواڻ جيڪي رهنمائي ڪندا هئا اسان جي حڪم سان، صبر ڪندا هئا ۽ اسان جي آيتن تي اهي يقين ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن بني اسرائيل صبر کان ڪم ورتو ۽ اسان جي آيتن تي يقين ڪندا رهيا ته اسان به انهن مان اهڙا اڳواڻ پيدا ڪياسون جيڪي اسان جي حڪم سان ئي کين رستو ڏيکاريندا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَفصِلُ بَينَهُم يَومَ القِيٰمَةِ فيما كانوا فيهِ يَختَلِفونَ (آيت : 25) |
بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ انھيءَ (ڳالھ) جو نبيرو ڪندو جنھن بابت جھڳڙو ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً تنهنجو پروردگار ئي آهي جو هنن جي وچ ۾ قيامت جي ڏينهن انهن ڳالهين متعلق فيصلو ڏيندو جن جي باري ۾ هو اختلاف ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان جو رب اهو آهي جيڪو قيامت جي ڏينهن انهن جي وچ ۾ فيصلو فرمائيندو جن ڪمن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر) بيشڪ جن ڳالهين بابت ماڻهو (دنيا ۾) هڪ ٻئي سان وڙهن ٿا قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار قطعي فيصلو ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ تنهنجو رب اهو فيصلو ڪندو انهن ۾ قيامت جي ڏينهن ان متعلق جو ان ۾ اختلاف ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ قيامت جي ڏينهن سندن وچ ۾ جنهن ڳالهه ۾ اهي اختلاف پيا ڪن تنهن ۾ فيصلو ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي انهن جي وچ ۾ قيامت واري ڏينهن انهن (ڳالهين) جو فيصلو ڪندو جن ۾ اُهي اختلاف ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَندو ڏِينهن قيام جي، سائـِين تُنهنجو صاف، ڪَن جين ۾ اِختلاف، اَڄ اَجايو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي قيامت ڏينهن سندن وچ ۾ انهي جو فيصلو ڪندو، جنهن ۾ جهڳڙندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ تنهنجو رب ئي قيامت جي ڏينهن انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن جي باري ۾ (بني اسرائيل) پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ تنهنجو رب ئي فيصلو ڪندو انهن جي وچ ۾ ڏينهن قيامت جي انهن ڳالهين جو جن بابت (بني اسرائيل) پاڻ ۾ اختلاف ٿي ڪيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن انهن سڀني ڳالهين جو فيصلو ڪندو، جن ڳالهين ۾ هي (بني اسرائيل) پاڻ ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَهدِ لَهُم كَم أَهلَكنا مِن قَبلِهِم مِنَ القُرونِ يَمشونَ فى مَسٰكِنِهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ أَفَلا يَسمَعونَ (آيت : 26) |
کين پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته کانئن اڳ ڪيترا (ئي) جُڳ ناس ڪياسون جن جي گھرن ۾ (اُھي) گھُمندا آھن، بيشڪ ھن (ڳالھ) ۾ وڏيون نشانيون آھن، پوءِ نه ٻڌندا آھن پا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هي ڳالهه هنن کي هدايت نٿي ڪري سگهي ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون قومون (سندن بدعملن جي ڪري) تباهه ڪري ڇڏيون؟ هي ماڻهو انهن قومن جي پراڻن گهرن ۾ گهمن ڦرن به ٿا (ته به ڏسن نٿا) انهيءَ ۾ بيشڪ وڏيون نشانيون آهن. پوءِ هو ٻڌن ئي نٿا ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا (ڪفارِ مڪه لاءِ) اها ڳالهه ظاهر نٿي ٿئي جو انهن کان اڳيون ڪيتريون امتون اسان هلاڪ ڪيون (اِهي) انهن جي گھرن وٽان لنگھن ٿا، بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن، ڇا پوءِ اهي نٿا ٻُڌن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا کين هن ڳالھ هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳي اسان ڪيتريون ئي امتون برباد ڪري ڇڏيون جن جي گهرن ۾ اهي گهمن ڦرن ٿا بيشڪ ان (ڳالھ ۾ وڏيون) نشانيون آهن. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه روشن ٿي انهن لاءِ هيءَ ڳالهه ته ڪيتريون هلاڪ ڪيون اسان انهن کان اڳي جماعتون جو هلن پيا انهن جي گهرن ۾ بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ڇا پوءِ نه ٿا ٻڌن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا کين هن ڳالهه هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳي اسان ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون جن جي گهرن ۾ اهي هلن ٿا. بيشڪ ان ۾ (وڏيون) نشانيون آهن. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ٻڌن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن کي هن ڳالهه هدايت نه ڪئي جو انهن کان اڳ اسان ڪيترين قومن کي هلاڪ ڪيو جن جي رهائش گاهن ۾ اُهي هلن گهمن ٿا. بيشڪ ان ۾ وڏيون نشانيون آهن. ڇا پوءِ اُهي نه ٿا ٻڌن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، حاصل نه ٿئي هِن مان، هدايت تَن هارِ؟ ته اِنهيان اَڳ جُڳ ڪيترا، هِڪ ٻئي پُٺيان هزار، ڪياسون قِسمين قَهر ۾، نِپٽ نگو نسار، هُئا سَندنِ حويلِينُ ۾، چَلندا سي چوڌار، اِن ۾ پَڌرا پار، پوءِ ڇو سُڻنِ، سَمجھنِ ڪِين ڪي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن تي پڌرو نه ٿيو آهي، ته هنن کان اڳ ڪيترائي جڳ ناس ڪياسون، جن جي گهرن ۾ هي گهمندا آهن؟ بيشڪ انهي ۾ وڏيون نشانيون آهن- پوءِ هو ڇو نٿا ٻڌن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا انهن ماڻهن کي (انهن تاريخي واقعن مان) ڪابه هدايت نه ملي آهي ته اسان کانئن اڳ ڪيتريون ئي قومون برباد ڪري چڪا آهيون، جن جي رهڻ وارين جاين ۾ اڄ اهي گهمن ٿا؟ ان ۾ وڏيون نشانيون آهن، پوءِ ڀلا اهي ٻڌن نٿا ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ڪابه هدايت انهن ماڻهن کي (انهن واقعن ۾ نه ملي آهي) ته اسان ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪيو آهي انهن کان اڳي، جن تي گهمن ڦرن ٿا اڄ انهن ماڳن تي، بيشڪ انهيءَ ۾ وڏيون نشانيون آهن انهن جي لاءِ، پوءِ ڇا اهي نٿا ٻڌن (ڪابه ڳالهه)؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هنن ماڻهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان (رسولن جي انڪار سبب) ڪيترن ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي ماڻهو ته انهن جي تباهه ٿيل جاين وٽان لنگهندا به رهن ٿا. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ وڏيون نشانيون آهن ڇا پوءِ به هي نٿا ٻڌن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا نَسوقُ الماءَ إِلَى الأَرضِ الجُرُزِ فَنُخرِجُ بِهِ زَرعًا تَأكُلُ مِنهُ أَنعٰمُهُم وَأَنفُسُهُم أَفَلا يُبصِرونَ (آيت : 27) |
نه ڏٺائون ڇا ته اسين اُٻڙٺ زمين ڏانھن پاڻي وھائيندا آھيون پوءِ اُن سان پوک ڄمائيندا آھيون جنھن مان سندن ڍور ۽ اُھي پاڻ کائيندا آھن، پوءِ نه ڏسندا آھن ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو نٿا ڏسن ڇا ته اسان خشڪ زمين تي مينهن موڪليون ٿا ۽ ان جي وسيلي پوکون پيدا ڪيون ٿا جن تي سندن ڍڳا ڍور ۽ اهي پاڻ گذران ڪن ٿا، ڇا هو غور سان نه ٿا ڏسن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهي نٿا ڏسن بيشڪ اسين ويران زمين ڏانهن پاڻيءَ کي هلايون ٿا، پوءِ اسين ان مان پوکون پيدا ڪريون ٿا جو ان مان انهن جا چؤپايا جانور ۽ اهي پاڻ کائن ٿا، ڇا پوءِ اهي نٿا ڏسن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن ان تي به غور نه ڪيو جو اسين ويران زمين ڏي پاڻي جاري ڪريون ٿا پوءِ ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ به کائين ٿا. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسين هلايون ٿا پاڻي سڪل زمين ڏانهن پوءِ ڪڍون ٿا ان سان پوک کائين ٿا ان مان انهن جا چوپايا ۽ پاڻ ڇا پوءِ نه ٿا ڏسن؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسين ويران زمين ڏي پاڻي آڻيون ٿا پوءِ ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ به کائين ٿا. ڇا پوءِ اهي نه ٿا ڏسن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان پاڻيءَ کي ويران زمين طرف وهائي وڃون ٿا، پوءِ اسان ان سان پوک ڄمايون ٿا جنهن مان سندن چوپايا ۽ اُهي پاڻ کائن ٿا. ڇا پوءِ اُهي نه ٿا ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، جانچيون ڪِين؟ ته جَر کي ٿا واهِيون پوٺن پار،پوءِ اُن سان پوک اُڀاريون، جنهن مان کائـِن اَن اَنبار، ڍڳا ڍور اُنهن جا، پڻ سَندنِ ٻَچا ٻار، پوءِ آخِر ڪِنهن آڌار، ڪِين ڏِسن سي قُدرتون؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن نه ڏٺو آهي، ته اسين ويران زمين ڏانهن پاڻي وهائيندا آهيون، پوءِ ان سان پوک اڀاڙيندا آهيون، جنهن مان سندن ڍور ۽ پاڻ کائيندا آهن- پوءِ نٿا ڏسن ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن اهو نه ڏٺو آهي ڇا ته اسان هڪ ويران زمين ڏانهن پاڻي وهائي آڻيون ٿا ۽ پوءِ انهيءَ زمين منجهان اها پوک ٿا اپايون، جنهن مان سندن ڍور ڍڳا به کائن ٿا ۽ اهي پاڻ به کائن ٿا، پوءِ ڀلا ڪجهه نظر ئي نٿو اچين ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا انهن ماڻهن اهو نظارو نه ڏٺو آهي ته اسان وهائي آڻيون ٿا پاڻي انهيءَ زمين ڏانهن جيڪا بنجر هوندي آهي، ۽ پوءِ پيدا ڪندا آهيون اهڙو فصل جنهن مان کائيندا آهن سندن جانور ۽ پاڻ به کائيندا آهن، ته ڇا کين ڪجهه به نظر نٿو اچي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو غور نٿا ڪن ته اسان غيرآباد زمين ڏي پاڻي ڪاهي اچون ٿا، پوءِ ان مان اسان سرسبز ۽ شاداب شيون اپايون ٿا، جنھن مان سندن جانورن کي به چارو ملي ٿو ۽ هي خود به کائين ٿا. ڇا پوءِ به هي نٿا ڏسن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَقولونَ مَتىٰ هٰذَا الفَتحُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 28) |
۽ چون ٿا ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو فيصلو ڪڏھن ٿيندو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته ٻڌايو ته اهو فيصلي جو ڏينهن ڪڏهن اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪفارِ مڪه چون ٿا ته هيءُ فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو چون ٿا ته اوهين جيڪڏهن سچا آهيو (ته قيامت ايندي) ته (نيٺ) اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چون ٿا ته ڪڏهن آهي هيءُ فيصلو جيڪڏهن آهيو سچا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چون ٿا ته اُها فتح ڪڏهن ٿيندي جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته: ”اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، صَحِي سَچا آهيو ته، ڪڏهن اُهو آچار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا، ته ”جيڪڏهن سچا آهيو ته (ٻڌايو ته) اهو فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو چون ٿا ته "اهو فيصلو ڀلا ڪڏهن ٿيندو، جيڪڏهن توهان سچا آهيو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا اهي ماڻهو ته، ڪڏهن ٿيندو اهو فيصلو، جي توهان (واقعي) سچا آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي چون ٿا ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته پوءِ (اسان جي باري ۾) فيصلو ڪڏهن ٿيندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يَومَ الفَتحِ لا يَنفَعُ الَّذينَ كَفَروا إيمٰنُهُم وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته فيصلي جي ڏينھن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو نه ڏيندو ۽ نڪي کين مُھلت ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون کين ٻڌائي ڇڏ ته (توهان جو انهيءَ ڏينهن لاءِ ترسيا ويٺا آهيو ته جيڪڏهن ايندو ته پوءِ ايمان آڻينداسين سو ياد رکو ته) انهيءَ فيصلي واري ڏينهن سندن (بعد ۾ آندل) ايمان فائدو ڪونه ڏيندو. انهن کي جي (ان فيصلي جي ڏينهن تائين) ڪفر جي واٽ تي رهندا، نڪي کين پوءِ مهلت ڏني ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته فيصلي جي ڏينهن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ کين ڪو نفعو نه ڏيندو، ۽ نه ئي انهن کي مهلت ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي (پيغمبر) تون چوين ته فيصلي جي ڏينهن مشرڪن کي سندن ايمان آڻڻ ڪجھ فائدو نه ڏيندو ۽ نه کين مهلت ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته فيصلي جي ڏينهن نه نفعو ڏيندو انهن کي جن ڪفر ڪيو سندن ايمان آڻڻ ۽ نه اهي مهلت ڏنا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر! تون) چئو ته فتح جي ڏينهن ڪافرن کي سندن ايمان فائدو نه ڏيندو ۽ نه ڪي مهلت ڏنل ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”فيصلي واري ڏينهن نه ڪافرن کي سندن ايمان فائدو ڏيندو ۽ نه ئي انهن کي مهلت ڏني ويندي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ڏِئي نه ڏِينهن آچار جي، تَن کي وَٽابو وار، اُنهن جو اِعتبار، مَڃڻ مَحشر ڏِينهن ۾. ۽ مُهلت مِلندِي ڪان ڪا، تَنِين کي تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته فيصلي جي ڏينهن ڪافرن کي سندن ايمان آڻڻ فائدو ڪو نه ڏيندو_ ۽ نڪي انهن کي مهلت ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته "فيصلي واري ڏينهن ايمان آڻڻ انهن ماڻهن کي ڪوبه فائدو نه ڏيندو جن ڪفر ڪيو آهي ۽ نه وري ڪا مهلت ئي ملندن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چوين (اي نبي!) ته، ڏينهن فيصلي جي ڪوبه فائدو نه ملندو کين جيڪي ڪافر آهن ۽ ايمان آندائون ۽ نه وري کين ڪا مهلت ئي ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته فيصلي واري ڏينھن ڪافرن کي ايمان آڻڻ مان ڪوبه فائدو نه ملندو ۽ نه ئي کين ڪا مھلت ملي سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَعرِض عَنهُم وَانتَظِر إِنَّهُم مُنتَظِرونَ (آيت : 30) |
پوءِ کائن مُنھن موڙ ۽ انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي (به) انتظار ڪڍندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو تون انهن کي ڇڏي ڏي ۽ ترس. هو به ترسيا ويٺا آهن. (پاڻهي ڏسندا ته توهان غالب رهندو ۽ هو مغلوب ٿي ويندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان انهن کان پاسو ڪريو ۽ توهان انتظار ڪريو بيشڪ اهي انتظار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته سندن ڳالهين جو خيال نه ڪر ۽ تون منتظر رھ! (نيٺ) اهي به ته انتظار ڪري رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ انظار ڪر بيشڪ اهي انتظار ڪندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ انتظار ڪر! بيشڪ اهي (به) انتظار ڪندڙ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون انهن کان منهن موڙ ۽ انتظار ڪر بيشڪ اُهي (به) انتظار ڪندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُنهن تن کان موڙ تون، ۽ ويٺو ڏِس ڪا وار، اُهي پڻ اِنتظار، ڪَڍندڙ ڏِينهن قِيام جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهن کان منهن موڙ ۽ ڏسندو رهه، بيشڪ هو به ڏسندا رهن ٿا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چڱو ڀلا کين سندن حال تي ڇڏي ڏي ۽ انتظار ڪر، اهي به انتظار ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ چڱو ڇڏي ڏي انهن ماڻهن کي سندن حال تي، تون انتظار ڪر، اهي به انتظار ۾ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن کي پنھنجي حال تي ڇڏي ڏي ۽ تون انتظار ڪر. بيشڪ هي ماڻهو به انتظار ۾ آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |