توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف – لام – ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الۗمّۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف، لام، ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الم (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو اصل مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ اَلٓـمٓ جِي، پَروَر کي پَرُوڙ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف_ لام_ م (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ــ لام ــ ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ الحَكيمِ (آيت : 2) |
ھي آيتون حِڪمت واري ڪتاب جون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي انهيءَ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن جو دانائي، عقل ۽ حڪمت سان ڀريو پيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اِهي قرآن حڪيم جون آيتون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هيءَ (سورت) حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي آيتون ڪتاب حڪمت واري جون آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي حُڪم ڪتاب قَدِيم جا، جو حِڪمت سان ڀَرپُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ڏاهپ ڀريل ڪتاب جون آيتون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي دانائيءَ واري ڪتاب جون آيتون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي آيتون آهن ان ڪتاب جون جيڪو حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي حڪمت واري ڪتاب جون آيتون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُدًى وَرَحمَةً لِلمُحسِنينَ (آيت : 3) |
(جو) ھدايت ۽ ٻاجھ انھن ڀلارن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو (قرآن مجيد) نيڪ ڪم ڪندڙن لاءِ واٽ ڏيکاريندڙ آهي ۽ وڏي رحمت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (جيڪي) نيڪوڪارن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو (سمورو) نيڪ ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن نيڪي ڪرڻ وارن لاءِ رهنمائي ۽ رحمت آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن لاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُونهپ سالِڪن لئي، پڻ رحمت رَبُّ، غفور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو چڱن ڪمن ڪندڙن لاءِ رستو ڏيکاريندڙ ۽ رحمت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هدايت ۽ رحمت آهن نيڪوڪارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هدايت ۽ رحمت آهن انهن ڀلارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (آيتون) نيڪوڪارن لاءِ رحمت ۽ هدايت جو ذريعو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُقيمونَ الصَّلوٰةَ وَيُؤتونَ الزَّكوٰةَ وَهُم بِالءاخِرَةِ هُم يوقِنونَ (آيت : 4) |
جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت جو ويساھ (به) رکندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نيڪ ڪم ڪندڙ محسن اُهي آهن) جيڪي نماز قائم رکن ٿا، زڪوات ڏيندا رهن ٿا ۽ پڻ آخرت ۾ يقين رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي پابندي سان نماز ادا ڪندا آهن ۽ زڪوات ڏيندا آهن ۽ اهي ئي شخص آخرت جو به يقين رکن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏين ٿا زڪواة ۽ اهي ئي آخرت تي يقين رکن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏين ٿا ۽ اهي آخرت تي يقين رکن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي يقين رکڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي پُورو پڙهن نماز کي، ۽ ڪَڍن زڪوٰة ضرور، پڻ مُحڪم رکن مُور، اُهي اِيمان آخِرت تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي نماز ٿا پڙهن، زڪوات ٿا ڏين ۽ اهي آخرت تي به يقين ٿا رکن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪواة ڏين ٿا ۽ آخرت تي پڪو ويساهه رکن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي قائم ڪن ٿا نماز ۽ ڏيندا رهن ٿا زڪواة ۽ اهي آخرت تي (پورو پورو) يقين رکن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا، زڪوات ادا ڪن ٿا ۽ اُهي آخرت تي يقين رکن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ عَلىٰ هُدًى مِن رَبِّهِم وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 5) |
اُھي پنھنجي پالڻھار جي سڌي رستي تي آھن ۽ اُھي ئي ڇوٽڪاري وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اُهي ئي پنهنجي پروردگار جي ڏيکاريل سڌيءَ واٽ تي هلندڙ آهن ۽ اهي ئي (دنيا ۽ اخرت ۾) ڪامياب ۽ سعادتمند رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي پنهنجي رب جي طرفان هدايت تي آهن ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي پنهنجي پروردگار جي هدايت تي هلن ٿا ۽ اهي ئي (قيامت ۾) پنهنجيون دلي مرادون پائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي هدايت تي آهن پنهنجي رب وٽان ۽ اهي ئي ڪامياب آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ان هدايت تي آهن جا سندن پاليندڙ جي طرفان آهي ۽ اُهي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو پنهنجي پالڻهار پاران هدايت تي آهن ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سي صَحِي سَنِئينءَ واٽ تي، سَندنِ کان سائـِين، سيئـِي سَدائين، سوڀارا سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي پنهنجي ڌڻيءَ جي ڏسيل سنئين رستي تي آهن ۽ اهي ئي ڇوٽڪارو حاصل ڪندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ئي ماڻهو پنهنجي رب واريءَ سنئينءَ واٽ تي آهن ۽ اهي ئي ڪاميابي ماڻڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙا ئي ماڻهو آهن هدايت تي پنهنجي رب جي طرفان ۽ اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪندڙ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙائي ماڻهو پنھنجي پالڻھار جي طرفان (ٻڌايل) سڌي رستي تي آهن ۽ اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَشتَرى لَهوَ الحَديثِ لِيُضِلَّ عَن سَبيلِ اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَيَتَّخِذَها هُزُوًا أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 6) |
۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا (بيهودا بيوقوف به) آهن جيڪي بيهوديون ڳالهيون ۽ افسانا خريد ڪن ٿا (يعني هتان هُتان هٿ ڪن ٿا) انهيءَ لاءِ ته (انهن جي ٻڌائڻ سان ماڻهن کي) خدا جي واٽ کان ٿيڙي گمراهه ڪري ڇڏين. هنن کي (حقيقي) علم آهي ئي ڪون. ۽ هو خدا جي ڏيکاريل واٽ (۽ خدا جي سچي تعليم) تي کل مسخري ڪندا ٿا رهن. انهن تي اهڙو عذاب ايندو جو کين خوار خراب ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪي ماڻهو اُهي آهن جيڪي اجاين ڳالهين جا ڪتاب خريد ڪن ٿا، ان لاءِ ته اُهي (ماڻهن کي) بنا علم جي الله جي راه کان گمراه ڪن ۽ انهيءَ کي مذاق ڪري وٺن ٿا، انهن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن ۾ ڪي (نضر بن الحرث پارا) اهڙا آهن جي بيهودا قصا (ڪهاڻيون) خريد ڪن ٿا هن لاءِ ته سواءِ سوچ سمجھ جي (ماڻهن کي) خدا جي (سڌي) راھ کان ٿيڙين ۽ خدا جي آيتن سان مسخريون ڪري اهڙن ئي ماڻهن لاءِ تمام خوار ڪرڻ وارو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو آهي جيڪو خريد ڪري ٿو بيهودي ڳالهه تانته گمراھ ڪري الله جي واٽ کان علم کان سواءِ ۽ وٺي ان کي ٺٺول ڪري اهي انهن جي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪن ماڻهن مان اهو آهي جو تماشي جي ڳالهين کي خريد ڪري ٿو. هن لاءِ ته (اهي ماڻهن کي ٻڌائي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي رستي کان گمراهه ڪري ۽ ان کي ٺٺولي ڪري وٺي. انهن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جيڪو تماشي جي ڳالهين کي خريد ڪري ٿو هن لاءِ ته بنا ڄاڻ جي (ماڻهن کي) الله جي راهه کان گمراهه ڪري. ۽ ان (راهه) کي مذاق بنائي. اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنجھيل ڪي ماڻهن مَنجھان، وِڪڻنِ راڳ رباب، تان سائـِينءَ جي سَنِئينءَ واٽ کان، ڀُلائـِينِ ڪِنهن باب، ۽ ٺاهينِ ٺيٺر اُن کي، کيلِينِ کيل خراب، اُنهن لئي عَذاب، جُٺ ڦِٺ جِھڙو آھِ ڪو .(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪو ماڻهو بيهودي ڳالهه وٺندو آهي، ته سواءِ ڄاڻ جي الله جي واٽ کان ڀُلائي، ۽ ان تي ٽوڪون ڪري- اهڙن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انسانن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو بيهودا داستان خريد ڪري ٿو آڻي ته جيئن ماڻهن کي الله جي رستي کان بنا علم واري ڳالهه وسيلي ڀٽڪائي ڇڏي ۽ حق جي دعوت کي ٽوڪ جو هنڌ بڻائي، اهڙن ماڻهن لاءِ سخت ذليل ڪندڙ عذاب آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪو اهڙو ماڻهو به آهي جيڪو خريد ڪري ٿو دل لڀائيندڙ ڪلام، جيئن گمراهه ڪري ماڻهن کي الله جي راهه کان بنا علم جي، ۽ (ان راهه جي دعوت کي) ڀوڳ مذاق بڻائي ڇڏي، اهڙن ماڻهن جي لاءِ عذاب آهي تمام ذليل ڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن مان ڪو اهڙو به ماڻهو آهي جيڪو فضول ڳالهين کي اهميت ڏيندو آهي ته جيئن (ان جي ذريعي) ماڻهن کي الله تعالى جي رستي کان بغير علم جي گمراهه ڪري ڇڏي ۽ حق جي دعوت کي مذاق ۾ اڏائي ڇڏي. اهڙن ماڻهن لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا تُتلىٰ عَلَيهِ ءايٰتُنا وَلّىٰ مُستَكبِرًا كَأَن لَم يَسمَعها كَأَنَّ فى أُذُنَيهِ وَقرًا فَبَشِّرهُ بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 7) |
۽ جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) ھٺيلو ٿي منھن ڦيرائيندو آھي ڄڻڪ اُنھن کي ٻڌوئي نه ھوائين ڄڻڪ سندس ٻنھي ڪنن ۾ گھٻرائي آھي، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي اسان جون آيتون ۽ حڪم ٻڌايا وڃن ٿا تڏهن وڏي آڪڙ سان پٺي ڏيئي هليا ٿا وڃن ڄڻ ته هنن اهي آيتون ٻڌيون ئي ڪونه. ۽ ڄڻ ته هنن جي ٻنهي ڪنن ۾ گند پيل آهي ۽ ڪن ٻوڙا اٿن. اهڙن ماڻهن کي (اي منهنجا پيغمبر!) وڏي دردناڪ عذاب جي اچڻ جي خبر ڏيئي ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت انهيءَ تي اسان جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ته تڪبر ڪري ٿو گوياڪ ان کي نه ٻُڌائين گوياڪ سندس ٻنهي ڪنن ۾ ٻوڙاڻ آهي، پوءِ توهان ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن سندن اڳيان اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي کان منهن ڦيري (اهڙي طرح) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته هن انهن آيتون کي ٻڌو ئي ڪين! ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي. ته (اي پيغمبر) تون کيس دردناڪ عذاب جي (هاڻي ئي) خوش خبري ٻڌائي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پڙهيون وڃن ٿيون ان تي اسان جون آيتون ته پٺي ڦيرائي هليو تڪبر ڪندڙ ٿي ڄڻ ته نه ٻڌائين انهن کي ڄڻ ته ان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي پوءِ ان کي دردناڪ عذاب جي بشارت ڏي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کيس اسان جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته هٺيلو ٿي پٺ ڦيري ٿو، ڄڻ ته اهي نه ٻڌائين ڄڻ ته سندس ڪنن ۾ ٻوڙا ئي آهي. پوءِ کيس دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ان تي اسان جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته وڏائي ڪندي ائين پُٺي ڦيري ٿو ڄڻڪ ان اُهي ٻڌيون ئي نه آهن، ڄڻڪ ان جي ڪنن ۾ ٻوڙائي آهي، پوءِ ان کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پَڙهجن اُن مَٿي، اسان جا اُهڃاڻ، ته پاتئـِين پير پوئـِتي، ٿِي پَڏائيندڙ پاڻ، ڪَر سو نه سُئائين، ڄَڻڪ اَٿسِ ، ٻِن ڪَنِين ٻوڙاڻ، پوءِ کيسِ کِير رَساڻ، سُورن وارٖي ساڙ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن هن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائبيون آهن، تڏهن آڪڙجي منهن ڦيرائيندو آهي، جو ڄڻ ته انهن کي ٻڌائين ئي ڪونه- يا ڄڻ ته سندس ڪن ٻوڙا آهن- پوءِ ان کي ڏکوئيندڙ عذاب جي مبارڪ ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کي جڏهن اسان جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ته وڏائي ڪندي پٺي ٿو ڏئي، ڄڻ ته انهن کي ٻڌو ئي نه اٿائين، ڄڻ ته ڪنن ۾ ٻوڙاڻ اٿس، چڱو ڏئي ڇڏيس خوشخبري دردناڪ عذاب جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن ٻڌايون وڃن ٿيون ان کي اسان جون آيتون، ته وڏي تڪبر سان منهن ڦيري ڇڏي ٿو، ڄڻ ته ٻڌو ئي ناهي ان کي، ڄڻ ته سندس ڪن ٻوڙا آهن، ٺيڪ آهي کيس هڪ عذاب جي خوشخبري ڏي اهو دردناڪ هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کيس اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته وڏائيءَ سان پُٺي ڦيري ڪن لاٽار ڪري ٿو ڄڻ ته هن ٻڌو ئي ناهي، ڄڻ ته سندس ڪن ئي ٻوڙا هجن. (بس!) تون اهڙي ماڻهوءَ کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُم جَنّٰتُ النَّعيمِ (آيت : 8) |
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت وارا باغ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقين ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو (حقيقتن تي) ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن جي لاءِ وڏين نعمتن ۽ خوشين وارا باغ تيار رکيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا انهن لاءِ بهشت جا باغ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل انهن جي لاءِ نعمتن وارا بهشت آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ نعمت جا باغ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ ڀلا عمل ڪيائون تن لاءِ نعمتن ڀريا باغ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيا، جي اِيمان ۾، پڻ چڱاڪيؤَن ڪم ڪار، اُنهن لئي باغ آرام جا، جَن ۾ ساڪِن سَڀ ڄَمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ نعمتن وارا باغ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ چڱا عمل ڪندا، انهن لاءِ نعمتن سان ڀريل جنتون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ايمان آڻن ۽ عمل سٺا ڪن، انهن جي لاءِ جنتون آهن نعمتن سان ڀريل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (باقي) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تن سڀني لاءِ نعمتن وارا باغ آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها وَعدَ اللَّهِ حَقًّا وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 9) |
منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، (اِھو) الله جو پڪو انجام ڏنل آھي، ۽ اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي نيڪ ماڻهو) انهن باغن ۾ هميشه رهندا. الله جو واعدو سچو آهي (۽ ضرور پورو ٿيندو) ۽ الله تعاليٰ سڀ طاقت ۽ قدرت رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هميشه انهيءَ ۾ رهندا، الله تعالى جو وعدو حق آهي ۽ اهو غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو اهي ان ۾ هميشه رهندا. اهو خدا جو پڪو وعدو آهي. ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندڙ انهن ۾ الله جو وعدو حق آهي ۽ اهوئي غالب حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن ۾ پيا رهندا. الله سچو وعدو ڪيو آهي ۽ اهو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهي) ان ۾ هميشه رهندا. الله جو وعدو سچو آهي. ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهِن قول ڪَرِيم جا، قائم برقرار، ۽ ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو سدائين انهن ۾ هوندا_ اهو الله جو پڪو انجام آهي، هو زبردست ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ۾ هو هميشه رهندا، اهو الله جو سچو وعدو آهي ۽ هو زبردست ۽ دانائيءَ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) رهندا سدائين انهن ۾، اهو وعدو الله جو سچو آهي، ۽ اهو زبردست حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ان ۾ هميشه رهندا، الله تعالى جو وعدو بلڪل سچو آهي ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ بِغَيرِ عَمَدٍ تَرَونَها وَأَلقىٰ فِى الأَرضِ رَوٰسِىَ أَن تَميدَ بِكُم وَبَثَّ فيها مِن كُلِّ دابَّةٍ وَأَنزَلنا مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 10) |
آسمانن کي ريءَ ٿنڀن جي بڻايائين جو کين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوھان کي ڌوڏي ۽ منجھس ھر جنس جا جانور پکيڙيائين، ۽ آسمان کان پاڻي وسايو سون پوءِ منجھس سٺا ھر جنس جا اوڀڙ ڄماياسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي ٺاهيو آهي. آهن ڪي اهڙا ٿنڀ جي توهان ڏسي سگهو؟ ۽ هن زمين تي جبلن کي مضبوط کوڙيو آهي انهيءَ لاءِ ته متان اوهان سان گڏ لڏي لمي وڃي. ۽ هن ان زمين تي هر قسم جا جانور پکيڙي ڇڏيا آهن. ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) آسمان مان مينهن وسايون ٿا ۽ (ان جي ريج سان) زمين تي هر قسم جا شاندار وڻ ٻوٽا (جوڙين ۾) ڄمايون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) آسمانن کي بنا ٿنڀي جي پيدا ڪيائين جيڪو توهان ڏسو پيا ۽ زمين تي جبل کوڙيائين ته متان توهان کي اها لوڏائي، ۽ زمين ۾ هر قسم جا جاندار پکيڙيا، ۽ اسان آسمان مان مينهن نازل ڪيو، پوءِ اسان انهيءَ مان هر قسم جا خوبصورت سلا پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن آسمانن کي سواءِ اهڙن ٿنڀن جي بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جو جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو (مينهن وسايو) پوءِ اسان ان ۾ هر قسم جا جوڙا پيدا ڪيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيائين آسمانن کي ٿنڀ کان سواءِ ڏسو پيا انهن کي ۽ رکيائين زمين ۾ جبل متان ڌٻي اوهان سان ۽ پکيڙيائين ان ۾ هر (قسم جا) جانور ۽ نازل ڪيوسون آسمان کان پاڻي پوءِ ڄمايوسون ان ۾ هر قسم جو سٺو جوڙو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آسمانن کي ٿنڀن کان سواءِ بنايائين جن کي اوهين ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين ته متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ سڀ ڪنهن قسم جا جانور پکيڙيائين ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو پوءِ اسان ان ۾ سڀ سٺا نمونا ڄمايا هيءَ الله جي پيدائش آهي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان آسمانن کي بنا ٿنڀن جي پيدا ڪيو جي اوهان کي نظر اچن ٿا ۽ ان زمين ۾ ڳرا جبل وڌا متان اوهان کي زمين لوڏي ۽ ان ۾ هر قسم جا جانور پکيڙيائين. ۽ اسان آسمان مان پاڻي لاٿو ۽ اسان ان ۾ هر قسم جا نفيس جوڙا ڄمايا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀن اُپائـِين، جَن ڏِسو ٿَنڀِين، ٿوڻِين ڌار، ۽ ٺاهي ٺوڪيا زَمين ۾، جَبل ربَّ، جبّار، تان اَهنجي، بوجي بار کان، چُري نه اڱر چار، ۽ پَدم پَکيڙئـِين اُن ۾، چوپايا چوڌار، ۽ اُتاريوسون اُڀ ڪنان، پاڻِي نارو نار، پوءِ اُڀاريوسون اُن سان، هر جوڙ جوهردار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي بنايو، جي ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل وڌائين، ته متان اوهان کي ڌوڏي ۽ منجهس هر جنس جا جانور پکيڙيائين_ ۽ اسان آسمان کان پاڻي لاٿو، پوءِ ان ۾ هر جنس جا سٺا اوڀڙا اڀاڙياسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) خلقيو اٿائين آسمانن کي بنا ٿنڀن جي، جو کڻي توهان ڏسي سگهو ۽ زمين ۾ کوڙيا اٿائين جبل ته متان اها توهان سوڌي پئي لوڏا لــَــما کائي ۽ هر قسم جا جانور ان ۾ پکيڙي ڇڏيا اٿس ۽ اسان آسمان مان پاڻي وسايو ۽ منجهس قسمين قسمين عمديون شيون اپايون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جنهن) خلقيو آهي آسمانن کي بنا ٿنڀن جي جن کي توهان ڏسو ٿا، ۽ هن کوڙي ڇڏيا زمين ۾ جبل، جيئن اها لڙهڪي نه وڃي توهان سميت، ۽ هن پکيڙي ڇڏيا آهن هر قسم جا نور، ۽ وسايوسين آسمان مان پاڻي، ۽ ڦٽايون ٿا ان ۾ طرحين طرحين جون وڻندڙ شيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن آسمانن کي بغير ٿنڀن جي بنايو آهي، جن کي توهان باقاعده ڏسو ٿا ۽ زمين ۾ جبل کوڙيائين ته جيئن زمين توهان کي لوڏا نه کارائي ۽ ان ۾ هر جنس جا جانور ڦھلائي ڇڏيا ۽ اسان آسمان مان پاڻي نازل ڪيوسين ۽ (ان جي ذريعي) زمين مان هر قسم جون بھترين شيون ڦُٽايوسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا خَلقُ اللَّهِ فَأَرونى ماذا خَلَقَ الَّذينَ مِن دونِهِ بَلِ الظّٰلِمونَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 11) |
اِھا الله جي بڻاوت آھي پوءِ مونکي ڏيکاريو ته جيڪي اُن (الله) کانسواءِ (ٻيا) آھن تن ڇا بڻايو آھي، بلڪ ظالم پڌريءَ ڀُل ۾ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اها آهي الله جي مخلوق. (اها آهي خالق جي جوڙ ۽ قدرت) هاڻي مونکي (يعني الله تعاليٰ کي) ڏيکاريو ته مون کان سواءِ جيڪي ٻيا آهن تن ڇا خلقيو آهي؟ (ڪجهه به نه)، حقيقت هيءَ آهي ته اهي ظالم (جيڪي ٻين کي مون سان شريڪ ٿا سمجهن سي) ظاهرظهور گمراهي ۽ غلطيءَ ۾ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءَ الله تعالى جي مخلوق آهي پوءِ توهان مون کي اها تخليق ڏيکاريو جيڪا توهان جي معبودن ڪئي آهي بلڪ ظالم صاف گمراهي ۾ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين چئو ته) اها ته خدا جي پيدائش آهي پوءِ (ڀلا) اوهين ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ جي (معبود) اوهان بنايا آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالھ هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيءَ الله جي مخلوق آهي پوءِ ڏيکاريو مون کي ته ڪهڙي شيءِ آهي جيڪا پيدا ڪئي انهن جيڪي ان کان سواءِ آهن بلڪ ظالم کليل گمراهيءَ ۾ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ مون کي ڏيکاريو ته جيڪي ان کانسواءِ (اوهان جا الله سان ٺهرايل شريڪ) آهن تن ڇا پيدا ڪيو؟ پر (ڳالهه هي آهي ته) ظالم پڌري گمراهيءَ ۾ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي الله جي پيدائش آهي پوءِ (اي مشرڪو!) مون کي ڏيکاريو جيڪو الله کان سواءِ ٻين پيدا ڪيو هجي؟ بلڪه ظالم ماڻهو پڌري گمراهي ۾ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي سَڀ اَلله جون، جوڙون ۽ جِنسار، پوءِ ڏيکاريو، ته ڏيہ مان، ڪا ٺاهيؤَن لِکه لَغار، تِنهن ٻاجُھون ٻِئا جيترا، ڀانيو ڀائيوار، هَرگز هاڃيڪار، مُنهن ٻولي مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها آهي الله جي بناوٽ، پوءِ ڏيکاريو ته جيڪي ان کان سواءِ آهن، تن ڇا بڻايو آهي؟ بلڪ ظالم صفا گمراهيءَ ۾ آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ته آهي الله جي جوڙيل جوڙ، هاڻي مونکي ڏيکاريو انهن ٻين ڇا پيدا ڪيو آهي، اصل ڳالهه اها آهي ته اهي ظالم ماڻهو پڌري گمراهيءَ ۾ پئجي ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها ته آهي خلقيل الله جي پوءِ ڀلا مون کي ڏيکاريو ته ڇا خلقيو آهي ٻين انهن کان سواءِ، اصل ۾ اهي ظالم گمراهي ۾ پيل آهن ظاهر ظهور(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي سڀ شيون ته الله تعالى جون پيدا ڪيل آهن (هاڻي) توهان مون کي ڏيکاريو ته توهان جي شريڪن ڇا پيدا ڪيو آهي؟ بلڪ هي ظالم ماڻهو کُلي گمراهي ۾ پيل آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد ءاتَينا لُقمٰنَ الحِكمَةَ أَنِ اشكُر لِلَّهِ وَمَن يَشكُر فَإِنَّما يَشكُرُ لِنَفسِهِ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ حَميدٌ (آيت : 12) |
۽ بيشڪ لُقمان کي حِڪمت ڏني سون (چيوسون) ته الله جو شُڪر ڪر، ۽ جيڪو شُڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي جيءَ (جي نفع) لاءِ شُڪر ڪندو، ۽ جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواھ ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي واقعو آهي ته اسان لقمان کي دانائي، عقل ۽ حڪمت ڏني هئي (خاص طرح هي) ته الله تعاليٰ جو شڪر بجا آڻيندو رهه. (۽ سندس ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻيندو رهه) جيڪو ماڻهو ان طرح شڪرگذاري ٿو ڪري سو درحقيقت پنهنجي فائدي لاءِ ٿو ائين ڪري (ان ۾ سندس ئي فائدو آهي، نه ڪه الله تعاليٰ جو، ڇو ته هو ڪنهن به ڳالهه جو محتاج ناهي) ۽ جيڪو خدا جي بي شڪري ڪري ٿو (۽ سندس نعمتون ضايع ٿو ڪري (سو به خدا جو ڪجهه به نقصان ڪونه ٿو ڪري ڇو ته) الله تعاليٰ يقيناً بي نياز بي پرواهه آهي ۽ ڪامل صفتن سان موصوف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي ته تون الله تعالى جو شڪر ادا ڪر، ۽ جيڪو ماڻهو شڪر ادا ڪري ٿو پوءِ اهو پنهنجي لاءِ شڪر ادا ڪري ٿو، ۽ جيڪو ماڻهو ناشڪري ڪري ٿو، پوءِ بيشڪ الله تعالى بي پرواهه ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت عطا ڪئي (۽ حڪم ڏنوسون ته) خدا جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته (سندس نقصان آهي) خدا ته (بهرحال) بي پرواھ (۽) لائق حمد وثنا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏني اسان لقمان کي حڪمت ته شڪر ڪر الله جو ۽ جيڪو به شڪر ڪري ٿو پوءِ رڳو پنهنجي جيءَ لاءِ شڪر ٿو ڪري ۽ جيڪو بي شڪري ٿو ڪري پوءِ بيشڪ الله شاهوڪار، ساراهيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت ڏني (۽ کيس چيوسون ته) الله جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو ته بيشڪ الله بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان لقمان کي حڪمت ڏني (۽ چيوسين) ته: ”الله جو شڪر ادا ڪر. ۽ جيڪو شڪر ڪري ٿو اُهو پنهنجي فائدي لاءِ شڪر ڪري ٿو، ۽ جيڪو ناشڪري ڪري ٿو پوءِ بيشڪ الله بي پرواهه (۽) ساراهيل آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حڪمت حضرت لقمان کي، بخشيون بسيار، ته ڳائي ڳڻ الله جا، ور ور ويرو تار، ۽ جو ڳائي، ته ڳائي پاڻ لئي، ۽ جو کائي نه مڃي خوار، ته غني اهي غفار، پڻ ساراهيل سڀ ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان لقمان کي ڏاهپ ڏني، ته الله جو شڪر ڪر ۽ جيڪو شڪر ڪندو، سو فقط پنهنجي پاڻ لاءِ ڪندو، جيڪو بي شڪري ڪندو ته بيشڪ الله بي پرواهه واکاڻيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان لقمان کي دانائي عطا ڪئي هئي ته الله جو شڪرگذار ٿيءُ. جيڪو شڪر ڪندو ته سندس شڪر ڪرڻ کيس ئي فائدو ڏيندو ۽ جيڪو ڪفر ڪندو ته حقيقت ۾ الله بي پرواهه ۽ پنهنجو پاڻ ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اسان ڏني هئي لقمان کي حڪمت ته شڪر گذار ٿئي الله جو، ۽ جيڪو به شڪر ڪندو ته بيشڪ اهو کيس ئي فائدو ڏيندو، ۽ جيڪو ڪفر ڪندو، ته حقيقت ۾ الله بي نياز ۽ ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان لقمان ($) کي دانائي عطا ڪئي ته جيئن هو الله تعالى جو شڪر ادا ڪري ۽ جيڪو شڪر ادا ڪندو آهي ته اهو شڪر سندس فائدي لاءِ ئي هوندو آهي ۽ جيڪو ناشڪري ڪندو ته بيشڪ الله تعالى بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَ لُقمٰنُ لِابنِهِ وَهُوَ يَعِظُهُ يٰبُنَىَّ لا تُشرِك بِاللَّهِ إِنَّ الشِّركَ لَظُلمٌ عَظيمٌ (آيت : 13) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن لُقمان پنھنجي پُٽ کي چيو ۽ اُنھيءَ کيس سمجھايو ٿي ته اي مُنھنجا پُٽڙا الله سان (ڪنھن کي) شريڪ نه ڪر، ڇوته شرڪ وڏي بي انصافي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو (لقمان جي حڪمت) هن پنهنجي پٽ کي نصيحتون ڪندي چيو ته، اي منهنجا پٽ الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجانءِ (يعني الله جي قانونن ۽ حڪمن جي خلاف ڪنهن جو به حڪم نه مڃجانءِ) يقيناً شرڪ تمام وڏو ظلم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (هن آيت جو مختصر تفسير هن ريت آهي ته جموع العلماءَ اڪرام چون ٿا ته (حضرت) لقمان دانشور ۽ عالم هو ۽ پيغمبر نه هو. از تفسير بيضاوي شريف) ۽ رسولِ عربي توهان ياد ڪريو جنهن وقت لقمان پنهنجي پٽ کي چيو ۽ ان انهيءَ کي نصيحت ڪئي ٿي ته اي منهنجا پٽ تون الله تعالى سان شرڪ نه ڪر، بيشڪ شرڪ عظيم ظلم آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي چيو، ته ”اي منهنجا پٽڙا! خدا سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي“(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو لقمان پنهنجي پٽ کي ۽ اهو نصيحت پيو ڪري ان کي ته اي پٽڙا منهنجا!ٰ نه شريڪ ڪر الله سان ( ڪا شيءِ) بلاشڪ شرڪ البته وڏو ظلم آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد رک) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي چيو کيس نصيحت ٿي ڪيائين ته “اي منهنجا پٽڙا! الله سان (ٻئي کي) شريڪ نه ڪج! بيشڪ شريڪ ڪرڻ وڏو ظلم آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي چيو ۽ اُهو کيس نصيحت ڪري رهيو هيو ته : ”اي منهنجا پُٽڙا! الله سان شرڪ نه ڪجانءِ. بيشڪ شرڪ تمام وڏو ظلم آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لُقمان سندسِ لال کي، وَراڻيو جنهن وير، ته پُٽڙا پنهنجي ربّ سان، گڏ نه ڪَمن ۾ ڪير؟ آهي وَڏو اَنڌير، ٻِئا ڪير به گڏڻ ڪَم ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن لقمان سندس پٽ کي نصيحت ڪندي چيو ”پٽڙا! تون الله سان ڪنهن کي به ڀائيوار نه سمجهج، بيشڪ الله سان ڪنهن کي ڀائيوار سمجهڻ تمام وڏو ظلم آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر جڏهن لقمان پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪئي ته "پٽـڙا الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجانءِ ، شرڪ وڏو ظلم اٿيئي!" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن چيو لقمان پنهنجي پٽ کي ۽ اهو کيس نصيحت پيو ڪري، اي پٽڙا! نه شريڪ ڪجانءِ ڪنهن کي الله سان، حقيقت ۾ شرڪ ظلم آهي تمام وڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن لقمان ($) پنھنجي پُٽ کي سمجهائيندي چيو ته اي منھنجا پٽڙا! الله تعالى سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪجانءِ. بيشڪ شرڪ ڪرڻ وڏي ۾ وڏو ظلم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حَمَلَتهُ أُمُّهُ وَهنًا عَلىٰ وَهنٍ وَفِصٰلُهُ فى عامَينِ أَنِ اشكُر لى وَلِوٰلِدَيكَ إِلَىَّ المَصيرُ (آيت : 14) |
۽ ماڻھوءَ کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيوسون، جو ماڻس تڪليف جي مٿان تڪليف سھي کيس (پنھنجي پيٽ ۾) کنيو ۽ ٻن ورھن ۾ سندس (بُبن جو) ڇڏائڻ آھي (حُڪم جو مطلب ھيءُ آھي) ته منھنجو ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪرانو ڪر (جو آخر) مون ڏانھن (ئي) موٽڻ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ وصيت ڪئي ته (ساڻن سهڻو سلوڪ رکو ۽ سندن خدمت ڪندا رهو) سندس ماءُ هنن کي تڪليفن پٺيان تڪليفون سهي پيٽ ۾ سانڍيو ۽ ٻه سال کيس پنهنجي ٿڃ پياريندي رهي، سو (اي انسان) منهنجي به شڪرگذاري ڪر ۽ پنهنجي والدين جي (خدمت گذاري به. ياد رک ته) آخر توکي مون وٽ موٽي اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انسان کي حڪم ڪيو آهي ته پيءُ ماءُ سان چڱائي ڪري، ان کي سندس ماءُ سختيون برداشت ڪري پنهنجي پيٽ ۾ کنيو ۽ ٻن سالن ۾ ان کي کير ڇڏايو. (اي انسان) تون منهنجو ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو شڪر ڪر، مون ڏانهن توکي موٽڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انسان کي ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوري مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾) رکيو ۽ سندس ٿڃ ٻن ورهين ۾ ڇڏائجي ٿي (پنهنجي ۽) سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ تاڪيد ڪيوسون ته منهنجو به شڪريو ادا ڪيو ۽ پنهنجي والدين جو (به. ۽ نيٺ سڀ کي) مون ڏي موٽي اچڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حڪم ڪيوسون انسان کي ان جي پيءُ ۽ ماءُ جي متعلق پيٽ ۾ کنيو ان کي ان جي ماءُ ڪمزوري تي ڪمزوريءَ جي باوجود ۽ کير ڇڏائڻ ان جو ٻن سالن ۾ آهي شڪر ڪر مون لاءِ ۽ پنهنجي والدين جي لاءِ مون ڏانهن ئي موٽڻ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ لاءِ حڪم ڪيو (ڇو ته) سندس ماءُ ان کي ڪمزوريءَ مٿان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ (پنهنجي پيٽ ۾ ) رکيو ۽ سندس ٿڄ ٻن ورهن ۾ ڇڏائجي ٿي (هي حڪم ڪيوسون) ته منهنجو ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حق مڃ، مون ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. (۱۴)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ جي باري ۾ نصيحت ڪئي، ان جي ماءُ کيس تڪليف مٿان تڪليف سهندي پيٽ ۾ کنيو ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ به ٻن سالن ۾ آهي (هي حڪم ڪيوسين ته: اي انسان!) ”تون منهنجو به شڪر ادا ڪر ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو به. (سڀني کي) مون ڏانهن ئي موٽي اچڻو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مِت ڏِنِي سُون ماڻهن کي، ماءُ، پِئُ سان مُور، ماڻسِ اُٺايو اُن کي، سُورن مَٿَي، سُور، ۽ ٽوڙڻ اُن جو ٻِن سالن ۾، جِيئن دُنيا جو دستور، ته مُون ۽ پَنهنجي ماءُ، پئُ جا، ڳائي ڳُڻ ضرور، هَلِي مَنجھ حُضور، آخِر مون ڏي اَچڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ بابت حڪم ڪيو، ماڻس کيس تڪليفن تي تڪليفون سهي کنيو ۽ ٻن ورهين ۾ سندس ٿڃ ڇُٽي_ تنهن ڪري تون منهنجو ۽ سندس ماءُ پيءُ جو شڪر ڪر، اوهان کي مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها حقيقت آهي ته اسان انسان کي پيءُ ماءُ جو حق سڃاڻڻ جو پاڻ ئي تاڪيد ڪيو آهي، سندس ماءُ تڪليف مٿان تڪليف سهي کيس پيٽ ۾ سانڍيو ۽ سندس ٿـڃ ڇڏائڻ ۾ ٻه سال لڳي ويا (تنهنڪري اسان کيس نصيحت ڪئي ته) منهنجو شڪرانو ادا ڪر ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ جو به شڪر ادا ڪر، مون ڏانهن ئي توکي موٽڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت ۾ اسان انسان کي پنهنجي والدين جو حق سڃاڻڻ جو تاڪيد ڪيو جو ڪمزوري سهي سندس ماءُ کيس پيٽ ۾ کنيو ۽ سندس ٿڃ ٻن سالن ۾ ڇڏائجي ٿي، (حڪم ڪيوسين) ته حق مڃو منهنجو ۽ پنهنجي والدين جو، آخر مون ڏي ئي موٽڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انسان کي پنھنجي ماءُ پيءُ جي باري ۾ (سھڻي سلوڪ ڪرڻ جو) تاڪيد ڪيو آهي. سندس ماءُ تڪليف مٿان تڪليف برداشت ڪري کيس پنھنجي پيٽ ۾ رکيو، پوءِ ٻن سالن تائين کيس کير پياريندي رهي ته جيئن هو الله تعالى ۽ پنھنجي ماءُ پيءُ جو شڪر گذار ٿئي. آخرڪار (سڀني کي) اسان ڏي ئي موٽڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن جٰهَداكَ عَلىٰ أَن تُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما وَصاحِبهُما فِى الدُّنيا مَعروفًا وَاتَّبِع سَبيلَ مَن أَنابَ إِلَىَّ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 15) |
۽ جيڪڏھن (اُھي) مون سان (ڪنھين کي) شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته سندن (انھي چوڻ جي) فرمانبرداري نه ڪر ۽ دُنيا ۾ ساڻن چڱي ريت سنگت ڪر، ۽ جنھن مون ڏانھن مُھاڙ ڪئي ھجي تنھنجي واٽ جي تابعداري ڪر، وري اوھان جو مون ڏانھن ورڻ آھي پوءِ جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور بار رکن ته مون سان ٻين کي شريڪ ڪر، جنهن ڳالهه بابت توکي علم ئي ڪونهي ته پوءِ انهيءَ ڳالهه ۾ سندن تابعداري نه ڪر (۽ تون فقط خدا جي حڪمن ۽ قانونن جي پابندي ڪندو رهه، پر اگرچه هو توکي شرڪ ڪرڻ لاءِ زور بار ٿا رکن ته به) تون دنيا ۾ چڱي سلوڪ سان ساڻن صحبت ڪندو رهه، پر طريقو انهن جو اختيار ڪر ۽ انهن جي واٽ تي لڳ جيڪي مون ڏانهن رجوع ٿين ٿا (۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا ۽ ياد رک ته) آخر پوءِ اوهان سڀني کي مون وٽ ئي اچڻو آهي. پوءِ مان اوهان کي ٻڌائيندس ته توهان (دنيا ۾) ڪهڙا عمل ڪيا هئا (۽ توهان کي انهن جو بدلو ڏينداسين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اهي ٻَئي تو تي زور رکن ته تون مون سان شرڪ ڪر جنهنجو توکي علم ناهي پوءِ تون انهن جي تابعداري نه ڪر ۽ دنيا ۾ ماءُ پيءُ سان نيڪي اختيار ڪر. ۽ توهان رسولِ عربي ۽ صحابه ڪرام جي تابعداري ڪريو جيڪي مون ڏانهن موٽيا، ان کان پوءِ توهان کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ آئون توهان کي توهان جي عملن جي خبر ڏيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تنهنجا ماءُ پيءُ تو تي زور ڪن ته مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي تو کي خبر به نه آهي ته سندن چيو نه مڃ پر دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رھ! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ جيڪي اوهين دنيا ۾ ڪريو ٿا سو اوهان کي ٻڌائيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪن توکي هن تي جو شريڪ ڪرين مون سان اها شيءِ جو ناهي توکي ان جو علم پوءِ نه فرمان مڃ انهن ٻنهي جو صحبت ۾ رهه انهن سان دنيا ۾ چڱائي سان ۽ تا بعداري ڪر ان جي واٽ جي جيڪو موٽيو مون ڏانهن ان کان پوءِ مون ڏانهن موٽڻ اوهان جو آهي پوءِ خبر ڏيندس اوهان کي ان جي جيڪي ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن توتي زور ڪن ته تون مون سان اهڙيءَ شئي کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جي توکي خبر نه آهي ته سندن چيو نه مڃ ۽ دنيا ۾ ساڻن چڱيءَ طرح رهه! ۽ جنهن مون ڏي رجوع ڪيو تنهن جي رستي جي تابعداري ڪر! وري مون ڏي ئي اوهان کي موٽي اچڻو آهي پوءِ جيڪي اوهين پيا ڪريو سو اوهان کي ٻڌائيندس(۱۵)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اُهي ٻئي تو تي دٻاءُ وجھن ته تون مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن (جي حقيقت) جو تو کي علم به نه آهي. ته تون سندن تابعداري نه ڪر ۽ دنيا (جي ڪمن) ۾ انهن سان چڱي طريقي سان ساٿ ڏي، ۽ ان ماڻهو جي واٽ جي پيروي ڪر جنهن مون ڏانهن رجوع ڪيو آهي. پوءِ مون ڏانهن ئي توهان کي موٽي اچڻو آهي، پوءِ آءٌ اوهان کي انهن ڪمن کان باخبر ڪندس جيڪي اوهان ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي توکي ڪن مَجبُور، ته ڪَرِين ڀيڙو ڪم ۾، مُون سان، مُرڳو اُن کي، جِنهن جِي، پَريان تون نه پَرُوڙ، اُنهن جو اُنهئَ ڳالھ ۾، چَيو مَڃ نه مُور، ۽ دُنيا ۾ دَستور، آڌار، اَدب جو، اُنهن سان. ۽ وَھ تنهنجِي واٽ تي، جو مُنهنجو تابِعدار، آهي ماڳ اَوهان جو، موٽِي مُنهنجي پار، پوءِ ڪريو جي ڪم ڪار، تن جون، کولي ڏِيندوسِيان خبرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جيڪڏهن هو توتي زور رکن ته مون سان اهڙي کي ڀائيوار سمجهه جنهن جي توکي ڪا به ڄاڻپ ڪانهي_ ته سندن اهو چيو نه مڃ، باقي دنيا ۾ سندن همراهي چڱيءَ ريت ڪر، ۽ تابعداري انهي جي واٽ جي ڪر جنهن مون ڏانهن مهاڙ ڪئي هجي_ وري اوهين مون ڏي موٽندا، پوءِ آءُ اوهان کي اوهان جي ڪمن جي سُڌ ڏيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن اهي توتي زور ڀرين ته مون سان ڪنهن اهڙي کي شريڪ ڪر، جنهن بابت توکي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي ته سندن ڳالهه اصل نه مڃ. دنيا ۾ ساڻن سٺو سلوڪ ڪندو رهه، پر پيروي ان شخص جي واٽ جي ڪر، جنهن مون ڏانهن رخ ڪري ڇڏيو آهي. نيٺ توهان سڀني کي مون ڏانهن ئي موٽڻو آهي، پوءِ تنهن وقت مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڇا ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن اهي توتي دٻاءُ وجهن ته شريڪ ڪر مون سان ڪنهن اهڙي کي، جنهن جي باري ۾ توکي ڪو علم ناهي، پوءِ نه مڃجان انهن جي ڳالهه ۽ ساڻن سلوڪ ڪندو رهه دنيا ۾ بهتر نموني جو، ۽ پيروي ان شخص جي راهه جي ڪر جنهن جو رُخ مون ڏي آهي، پوءِ مون ڏي ئي سڀني کي موٽڻو آهي، پوءِ ان وقت توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪهڙا عمل ڪندا رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور رکن ته تون الله تعالى سان گڏ اهڙن کي شريڪ ڪر جن جي باري ۾ تو وٽ ڪو دليل نه هجي ته اهڙي ڳالهه ۾ انهن جو ڪڏهن به چيو نه مڃجانءِ پر دنيا ۾ انهن سان سھڻي سلوڪ سان پيش اچجانءِ ۽ ان ماڻهوءَ جي پيروي ڪجانءِ جيڪو مون ڏي لاڙو رکندو هجي پوءِ توهان سڀني کي مون ڏانھن ئي موٽڻو آهي. توهان جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا مان توهان کي سڀ ڪجهه ٻڌائيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبُنَىَّ إِنَّها إِن تَكُ مِثقالَ حَبَّةٍ مِن خَردَلٍ فَتَكُن فى صَخرَةٍ أَو فِى السَّمٰوٰتِ أَو فِى الأَرضِ يَأتِ بِهَا اللَّهُ إِنَّ اللَّهَ لَطيفٌ خَبيرٌ (آيت : 16) |
(لُقمان ھيءَ به چيو ته) اي منھنجا پُٽڙا ڪابه (شيء) جيڪڏھن آھر جي داڻي جتري آھي پوءِ اُھا پھڻ ۾ ھجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ (ھجي) ته الله اُن کي آڻي حاضر ڪندو، ڇوته الله باريڪ بين خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (لقمان وڌيڪ چيو ته) اي منهنجا پٽ! يقين ڄاڻ ته اگرچه سرنهه جي داڻي جي تور جيتري ڪا شيء هجي ۽ هجي به ڪنهن وڏي پٿر جي وچ ۾ لڪل يا ڪٿي به آسمانن ۾ يا زمين ۾ هجي ته ان کي به الله تعاليٰ آڻي پيش ڪندو (يعني الله تعاليٰ تمام ننڍڙن خيالن، لفظن ۽ عملن جو به حساب وٺندو) بيشڪ الله تعاليٰ تمام اونهيون ڳالهيون به سمجهندڙ آهي ۽ سڀني ڳالهين جي خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (لقمان چيو) اي منهنجا پٽ جيڪڏهن رائي جي داڻي جيتري ڪا برائي هجي پوءِ اها جبل جي هيٺان هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمينن ۾ هجي الله تعالى ان کي آڻيندو، بيشڪ الله تعالى بيحد لطيف (باريڪ بين) ۽ خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ لقمان چيس ته) اي منهنجا پٽڙا جيڪڏهن ڪو به عمل (سٺو هجي يا بڇڙو) اهر جي ڌاڻي برابر هوندي ۽ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته خدا ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ خدا باريڪ بين خبر رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي پٽڙا منهنجا! بيشڪ اها جيڪڏهن هوندي وزن داڻي سرنهه جو پوءِ هوندي ڪنهن پٿر ۾ يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته آڻيندو ان کي الله بيشڪ الله باريڪ بين خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (۽ لقمان چيو ته) “اي منهنجا پٽڙا! جيڪڏهن (ڪاشئي) اهر جي داڻي جي برابر هوندي پوءِ اها ڪنهن پٿر (جي ڇپ) ۾ هجي يا آسمانن ۾ يا زمين ۾ ته الله ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله باريڪ بين پوري خبر رکندڙ آهي. (۱۶)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (لقمان چيو) ”اي منهنجا پُٽڙا! جيڪڏهن ڪا شيءِ اَهُر جي داڻي جي برابر هجي پوءِ اُها ڪنهن پهاڙي ۾ (لڪل) هجي يا آسمانن يا زمين ۾ هجي الله ان کي (به) آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله باريڪ بين خبروار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَچڙا! ٻُڌبَيان، ته قَدر ڪَڻي اُهر جو، جَبل، اُڀ، زَمِين ۾، هُجي مخفِي ڪنهن به مَڪان، ته آڻي ڪَڍندو اُن کي، مالِڪ مَنجھ مِيزان، مالِڪ مهربان، پڻ خُدا خَبردار گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ( ۽لقمان چيو) ”پٽڙا! جيڪڏهن ڪا اهر جي داڻي جيتري چيز پٿر ۾ هجي، خواهه آسمان يا زمين ۾، ته به الله ان کي آڻي سگهي ٿو_ بيشڪ الله ذرڙن کي ڏسندڙ ۽ خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ لقمان چيو) "پـٽـڙا ! ڪا شيءِ سرنهه جي داڻي جيتري به هجي ۽ ڪنهن جبل ۾ يا آسمانن توڙي زمين ۾ ڪٿي به لڪل هجي ته الله ان کي ڪڍي آڻيندو، بيشڪ الله باريڪ بين ۽ ڏاڍو باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ لقمان چيو) اي پٽڙا! ڪابه شيءِ ڀلي اَهُر جي داڻي جيتري (ڇو نه) هجي ۽ اها لڪل هجي ڀلي ڪنهن ٽَڪر (جبل) ۾ يا (اها) آسمانن ۾ يا (اها) زمين ۾ هجي، ڪڍي وٺندو ان کي الله، بيشڪ الله گَهري نظر وارو باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پٽڙا! جيڪڏهن سَرنهن جي داڻي جي برابر به ڪا شيءِ هوندي پوءِ اها چاهي جبل جي هيٺان هجي يا آسمانن ۾ هجي يا زمين جي اندر هجي ته به الله تعالى ان کي ٻاهر آڻي حاضر ڪندو. بيشڪ الله تعالى انتهائي باريڪ بين ۽ خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰبُنَىَّ أَقِمِ الصَّلوٰةَ وَأمُر بِالمَعروفِ وَانهَ عَنِ المُنكَرِ وَاصبِر عَلىٰ ما أَصابَكَ إِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 17) |
اي منھنجا پٽڙا نماز پڙھ ۽ چڱي ڪم جو حُڪم ڪر ۽ مدي (ڪم) کان منع ڪر ۽ توکي جيڪا اوکائي پھچي تنھن تي صبر ڪر، بيشڪ اھي (ڪم) ھمت وارن ڪمن مان آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا پٽ! تون نماز قائم رک (۽ الله تعاليٰ جي اڳيان جهڪي پؤ) ۽ نيڪين جو حڪم ڏيندو رهه ۽ برائين کان منع ڪندو رهه ۽ (انهيءَ ڪم ۾) توکي تڪليفون درپيش اچن ته به صبر سان ثابت قدم رهه. بيشڪ ائين ڪرڻ وڏي همت ۽ استقلال جو ڪم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا پٽ تون نماز قائم ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڪر ۽ برائيءَ کان روڪ ۽ توکي جيڪا تڪليف پهچي ان تي صبر ڪر، بيشڪ اهو همت وارن ڪمن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجا پٽڙا نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان (ماڻهن کي) روڪ ۽ جيڪا تڪليف تو کي رسي تنهن تي صبر ڪر. (ڇو ته) بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي پٽڙا منهنجا! قائم رک نماز ۽ امر ڪر چڱي ڪم جو ۽ روڪ بري ڪم کان ۽ صبر ڪر ان تي جيڪا پهتي توکي بيشڪ اها ڳالهه همت وارن ڪمن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پٽڙا! نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان روڪ ۽ جيڪا تڪليف توکي پهچي تنهن تي صبر ڪر. بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي. (۱۷)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پٽڙا! نماز قائم رک ۽ نيڪي جو حڪم ڪر ۽ بڇڙي ڪم کان روڪ ۽ جا تڪليف تو کي پهچي تنهن تي صبر ڪر. بيشڪ اهي وڏي همت جا ڪم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پُٽڙا! پَڙھ نِماز کي، پڻ چَڱِي چوندو رَھ، ۽ مَنع ڪر مَدِئ کان. جو سُور رَسئـِي ، سو سَہ، پَڪو اِهوئـِي پَہ، ڪَمَا حَقَّہٗ ڪَمن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پٽڙا! تون نماز پڙهندو رهه، چڱاين جو چوندو رهه، بُراين کان روڪ ڪر ۽ تڪليف رسڻ تي صبر ڪر، بيشڪ اهي همت جا ڪم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پٽـڙا! نماز قائم ڪر ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڏي، بديءَ کان روڪ ۽ جيڪا به مصيبت اچي پويئي ته ان تي صبر ڪر، اهي اٿيئي اُهي ڳالهيون جن جو ڏاڍو تاڪيد ڪيو ويو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي پٽڙا! قائم ڪر نماز ۽ حڪم ڪر نيڪيءَ جو ۽ منع ڪر برائيءَ کان ۽ صبر ڪر ان تي جيڪا مصيبت اچي، بيشڪ هي اهي ڳالهيون آهن جن جو گهڻو تاڪيد ڪيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پٽڙا! نماز قائم ڪر، نيڪي جي تلقين ڪندو رهه ، برائي کان روڪيندو رهه ۽ جيڪا تڪليف توکي پھچي ان تي صبر ڪندو رهه. بيشڪ هي سڀ ڪم وڏي همت وارا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُصَعِّر خَدَّكَ لِلنّاسِ وَلا تَمشِ فِى الأَرضِ مَرَحًا إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ كُلَّ مُختالٍ فَخورٍ (آيت : 18) |
۽ ماڻھن لاءِ پنھنجو ڳل (يعني منھن) چٻو نه ڪر ۽ زمين ۾ لاڏ سان نه گھُم، بيشڪ الله ھٺيلي وڏائي ڪندڙ کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ماڻهن سان مٽون ڦوڪي مغروريءَ سان ۽ شوخيءَ سا پيش نه اچ، ۽ زمين تي آڪڙ ڪري نه هل. بيشڪ الله تعاليٰ هٺيلن ۽ ٻٽاڪي ماڻهن کي پسند نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ماڻهن کان (تڪبر جي ڪري) منهن نه ڦير ۽ زمين تي آڪڙ سان نه هَلُ، بيشڪ الله تعالى آڪڙ سان هلندڙن ۽ فخر ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ خدا کي سڀ هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٽيڙو ڪر تون پنهنجو ڳل ماڻهن لاءِ ۽ نه هل زمين ۾ وڏائي ڪندڙ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي هر هٺيلي فخر ڪندڙ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجو ڳل ماڻهن کان نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هَلُ. بيشڪ الله کي سڀڪو هٺيلو پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي. (۱۸)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (غرور سان) پنهنجو ڳل (مُنهن) ماڻهن کان نه موڙ ۽ زمين ۾ آڪڙ سان نه هل. بيشڪ الله هر هٺيلي پاڻُ پڏائيندڙ کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهن کان مِٽ پَنهنجي، ڦير نَه، اي فَرزند! ۽ ٽِل نَه نَـخَري، ناز سان، ڌَرِتئَ تي دِلبند، پَرور ڪري نَه پَسند، ڪِنهن مُرڪندڙ مَغرُور کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ماڻهن اڳيان ڳلن ۾ سَرَ نه وجهه، نڪي زمين تي هَٺ سان هل، بيشڪ الله کي ڪو به هٺيلو وڏائي ڪندڙ نه وڻندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ماڻهن سان منهن ٻئي پاسي ڪري نه ڳالهائيندو ڪر ۽ نڪي زمين ۾ آڪڙجي هلندو ڪر، الله ڪنهن به پاڻ کي پڏائيندڙ ۽ ٻٽاڪون هڻندڙ کي پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڳالهاءِ منهن پاسيرو ڪري ماڻهن سان، ۽ نه هل زمين تي آڪڙ سان، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري ڪنهن پاڻ پسند ڪندڙ شخص فخر ڪندڙ کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون وڏائيءَ سان منھن ڦيري ماڻهن سان نه ڳالهاءِ ۽ زمين تي آڪڙجي نه هل. بيشڪ الله تعالى کي وڏائي خور ۽ پاڻ پڏائيندڙ ماڻهو پسند نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاقصِد فى مَشيِكَ وَاغضُض مِن صَوتِكَ إِنَّ أَنكَرَ الأَصوٰتِ لَصَوتُ الحَميرِ (آيت : 19) |
۽ پنھنجي گھمڻ ۾ وچولي چال ھل ۽ پنھنجو آواز ڍرو ڪر، ڇوته آوازن مان بڇڙو (آواز) گڏھ جي ھينگ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ پوري پني رفتار رک (نڪي گهڻي تڪڙ ڪر، نڪي تمام آهستي هل. سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ درميانو وچٿرو طريقو وٺ) ۽ (ڳالهائڻ ۾ به) پنهنجو آواز هيٺ رک (يعني واڪا ڪري شوخيءَ سان نه ڳالهاءِ اهو ٿيندو گڏهن وانگي هينگ ڪرڻ) يقيناً سڀني آوازن کان خراب آواز آهي گڏهه جي هينگ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون پنهنجي هلڻيءَ ۾ پورو پُنو هَلُ ۽ تون پنهنجو آواز آهستي ڪر، بيشڪ آوازن مان سڀ کان وڌيڪ خراب آواز گڏهه جو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هل ۽ پنهنجي آواز کي نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏھ جو آواز آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وچولو ٿي پنهنجي هلڻ ۽ هيٺاهون ٿي پنهنجي آواز ۾ بيشڪ آوازن مان گهڻو برو البته گڏهه جو آواز آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هَلُ ۽ پنهنجي آواز کي ڪجهه نرم ڪر! ڇو ته آوازن مان بڇڙي کان بڇڙو آواز گڏهه جو آواز آهي (۱۹)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿرائي اختيار ڪر، ۽ پنهنجي آواز کي ڪجهه نرم ڪر. بيشڪ سڀ کان برو آواز گڏهه جو آواز آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَل ، هَلڻ ۾ پَنهنجي، دَرميانو دِلبر، پڻ سَندئـِي اُتم آواز کي، نَرم ڪر نِينگر، آوازن ۾ اَبتر، آهي گور گڏھ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ وچٿري نموني هل، آواز کي هيٺاهون ڪر، بيشڪ گڏهه جو آواز سڀ کان بڇڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هلڻ ۾ وچٿرو ٿي هل ۽ پنهنجي آواز کي به جــَـهڪو رک، سڀني آوازن مان بڇڙي ۾ بڇڙو آواز گڏهه جو آواز آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وچٿرائيءَ جي چال هل ۽ جَهڪو رک پنهنجو آواز، بيشڪ بڇڙو آواز (سڀني آوازن ۾) آواز (هينگ) گڏهه جي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي هلڻ ۾ نرمي اختيار ڪر ۽ پنھنجي آواز کي هلڪو رک. بيشڪ آوازن مان بُري ۾ بُرو آواز گڏهن جو هوندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَوا أَنَّ اللَّهَ سَخَّرَ لَكُم ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَأَسبَغَ عَلَيكُم نِعَمَهُ ظٰهِرَةً وَباطِنَةً وَمِنَ النّاسِ مَن يُجٰدِلُ فِى اللَّهِ بِغَيرِ عِلمٍ وَلا هُدًى وَلا كِتٰبٍ مُنيرٍ (آيت : 20) |
نه ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان کي تابع ڪري ڏنو آھي ۽ پنھنجون پڌريون ۽ ڳجھون نعمتون اوھان تي ڀرپور ڪيائين، ۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جو اَڻ ڄاڻائي سان ۽ بنا ھدايت ۽ روشن ڪتاب ڌاران الله بابت جھڳڙو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان نٿا ڏسو ڇا ته الله تعاليٰ اهي سڀ شيون جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن اوهان کي (اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ) تابع ڪري ڏنيون آهن، ۽ توهان جي لاءِ ظاهري (يعني روح جي پرورش لاءِ روحاني) نعمتون (جهڙوڪ علم، عقل، وحي، شريف جذبا وغيره) بي انداز مهيا ڪري ڇڏيون آهن. (افسوس جو تنهن هوندي بي) ماڻهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي الله جي باري ۾ اجايا جهڳڙا ڪندا ٿا رهن، حالانڪ کين نه علم آهي، نه (عقل جي) هدايت اٿن، نڪي وري ڪو روشني ڏيندڙ ڪتاب اٿن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى توهان لاءِ اهي شيون مُسخر ڪيون جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن ۽ توهان تي پنهنجون ظاهري ۽ باطني نعمتون پوريون ڪيون، ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله تعالى بابت علم، هدايت ۽ روشن ڪتاب کانسواءِ جھڳڙو ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي خدا توهان جي تابع ڪيو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي بنا علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي خدا جي ڳالھ ۾ جهڳڙو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان نه ڏٺو ته بيشڪ الله مطيع ڪيائين اوهان جي لاءِ اهي جو آسمانن ۾ آهن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن ۽ ڀرپور ڪيائين اوهان تي پنهنجون نعمتون ظاهري ۽ باطني ۽ ماڻهن مان اهڙا به آهن جيڪي جهڳڙو ٿا ڪن الله ( جي باري) ۾ علم کان ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي الله اوهان جي ڪم ۾ لڳايو آهي ۽ پنهنجيون ظاهر ۽ ڳجهيون نعمتون اوهان تي پوريون ڪيائين. ۽ ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جي علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب کانسواءِ الله جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪن ٿا (۲۰)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته بيشڪ الله اوهان جي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيو آهي جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي، ۽ توهان تي پنهنجون نعمتون پوريون ڪري ڇڏيائين ظاهري ۽ باطني. ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا بنا علم جي ۽ بنا هدايت جي ۽ بنا روشن ڪتاب جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه ڏِٺان ؟ ته آن کي ڏِنان، جُھڪائي جَبَّار، آهِن جي اُڀن ۾ پڻ ڀون ۾ باغ بَهار، ۽ پلٽئين آن تي پَڌرا، صُورت جا سِينگار، پڻ اَندر ۾ اَسرار، ڪي خالِق خُوب کوليا. ۽ مُرڳو ڪي ماڻهن مان، پِئا دڙِينِ ڌَڻِئ جي باب، سوا سُونهپ ۽ سَمجھ جي ، ڪنهن نُورانِي ڪتاب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو نٿا ڏسن، ته جيڪي آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو الله اوهان جي تابع ڪيو آهي ۽ اوهان تي سندس ڳجهيون خواهه پڌريون ڀرپور نعمتون ڪيائين ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن، جي الله بابت سواءِ ڪنهن علم ۽ هدايت ۽ روشن ڪتاب جي بحث پيا ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان نٿا ڏسو ته الله، آسمانن ۽ زمين جون سموريون شيون توهان جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيون آهن ۽ پنهنجون پڌريون توڙي لڪل نعمتون توهان تي توڙ رسائي ڇڏيون اٿائين، تڏهن به ڪي ماڻهو الله جي باري ۾ جهڳڙا ٿا ڪن، سواءِ ان جي جو وٽن ڪو علم هجي يا ڪا هدايت يا ڪو روشني ڏيکاريندڙ ڪتاب هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان نٿا ڏسو ته بيشڪ الله تابع ڪيون آهن توهان جي لاءِ جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ شيون آهن ۽ مڪمل ڪيون آهن توهان تي پنهنجون نعمتون ظاهر آهن يا لڪل آهن؟ ۽ پوءِ به انسانن مان ڪي اهڙا به آهن جيڪي جهڳڙو ڪن ٿا الله جي باري ۾ بنا ڪنهن علم جي يا ڪنهن هدايت يا ڪتاب روشني ڏيندڙ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان نه ڏٺو آهي ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي الله تعالى توهان جي خدمت ۾ لڳائي ڇڏيو آهي ۽ توهان جي مٿان ظاهري ۽ لڪيل هر قسم جون نعمتون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. پر پوءِ به ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي بغيرعلم، بغيرهدايت ۽ بغيرروشن ڪتاب جي الله تعالى جي باري ۾ جهيڙو ڪري ويٺا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا قيلَ لَهُمُ اتَّبِعوا ما أَنزَلَ اللَّهُ قالوا بَل نَتَّبِعُ ما وَجَدنا عَلَيهِ ءاباءَنا أَوَلَو كانَ الشَّيطٰنُ يَدعوهُم إِلىٰ عَذابِ السَّعيرِ (آيت : 21) |
۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله نازل ڪيو تنھن جي تابعداري ڪريو (تڏھن) چوندا آھن (ته نه!) بلڪ اسان جنھن تي پنھنجا پيءُ ڏاڏا (ھلندا) ڏٺا تنھن جي تابعداري ڪنداسون، توڻيڪ شيطان دوزخ جي عذاب ڏانھن کين سڏي ٿو ته به (ان جي پيروي ڪندا ڇا) ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله تعاليٰ (وحي جي رستي) نازل ڪيو آهي، تنهن جي پيروي ڪيو، تڏهن هو چون ٿا ته، نه اسان ته انهيءَ واٽ تي هلنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلند ڏٺو. (ڪهڙا نه بي سمجهه آهن عقل به نٿا هلائين ته) جيڪڏهن شيطان کين (انهيءَ غلط واٽ تي هلائڻ سان) سخت ٻرندڙ باهه جي عذاب ڏانهن سڏيندو هجي ته به انهيءَ واٽ تي هلندا ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي جنهن وقت چيو وڃي ٿو ته توهان الله جي نازل ڪيل جي تابعداري ڪريو اهي چون ٿا بلڪ اسين ان جي تابعداري ڪنداسين جنهن تي اسان پنهنجي وڏن کي لڌو آهي، ڇا شيطان انهن کي دوزخ جي عذاب ڏانهن نٿو سڏي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جو ڪتاب خدا نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو ته چون ٿا ته نه! بلڪ اسين ان (ڳالھ) جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي پاتو. ڀلا توڙي جو شيطان سندن ابن ڏاڏن کي دوزخ جي عذاب ڏي سڏيندو رهيو هجي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن چيو وڃي ٿو انهن کي ته تابعداري ڪيو ان جي جيڪو نازل ڪيو الله ته چيائون بلڪ تابعداري ڪنداسون ان جي جو لڌوسون ان تي پنهنجن پيئرن کي جيتوڻيڪ هجي شيطان جو سڏي انهن کي دوزخ جي عذاب ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي الله نازل ڪيو آهي تنهن جي تابعداري ڪريو ته چون ٿا ته نه بلڪ ان جي تابعداري ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي لڌو. ڇا (انهن جي تابعداري ڪندا) توڙي جو شيطان انهن کي باهه جي عذاب ڏي سڏيندو رهيو هجي؟ (۲۱)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته ان (ڪتاب) جي تابعداري ڪيو جيڪو الله نازل ڪيو آهي ته چون ٿا ته: ”(نه) بلڪه اسان ان (طريقي) جي تابعداري ڪنداسين جنهن تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي لڌو“. توڙِي جو شيطان انهن کي دوزخ جي عذاب ڏي سڏيندو هجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چَئـِجينِ، ته اُن ڏي اَچو اي اَحباب!، جيڪِي اَلله اُتاريو؛ ته جوڙيو ڏِينِ جَواب، ته اَسِين اُٽلو اُن مٿي، هَلنداسون بي حجاب، پاتاسون پِئ پَنهنجا، جِنهن سُنت سر صواب، توڻي طرف عَذاب، سَڏي اِبليس اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن کي جڏهن چئبو آهي ته، ”الله جي موڪليل جي تابعداري ڪريو، ته چوندا آهن“ نه، بلڪ اسين ته ان جي پيروي ڪنداسون جنهن تي اسان پنهنجي وڏن کي ڏٺو.“ پوءِ کڻي شيطان کين دوزخ جي عذاب ڏانهن سڏيندو هجي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته پيروي ڪريو انهيءَ شيءِ (قرآن) جي، جيڪا الله نازل ڪئي آهي ته چون ٿا ته اسان ته انهيءَ ڳالهه جي پيروي ڪنداسون، جنهن تي اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏٺو آهي. ڇا اهي انهن جي ئي پيروي ڪندا توڻي جو شيطان کين ڀڙڪندڙ باهه ڏانهن ئي ڇونه سڏيندو هجي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته پيروي ڪريو ان شيءِ جي جيڪا نازل ڪئي آهي الله، ته چون ٿا ته، اسان ان شيءِ جي پيروي ڪنداسين جنهن تي ڏٺو آهي (هلندي) پنهنجي ابن ڏاڏن کي، ڇا اهي انهن جي ئي پيروي ڪندا پوءِ شيطان ڀلي سڏي انهن کي ان عذاب ڏي جيڪو ڀڙڪندڙ باهه جو هجي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪو ڪجهه الله تعالى نازل ڪيو آهي ان جي پيروي ڪريو ته ان جي جواب ۾ هُو چون ٿا ته بس! اسان ته پنھنجي ابن ڏاڏن جي ٻڌايل شين جي ئي پيروي ڪنداسون. ڇا ان صورت ۾ به توڙي جو شيطان کين باهه جي عذاب ڏي سڏي رهيو هجي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يُسلِم وَجهَهُ إِلَى اللَّهِ وَهُوَ مُحسِنٌ فَقَدِ استَمسَكَ بِالعُروَةِ الوُثقىٰ وَإِلَى اللَّهِ عٰقِبَةُ الأُمورِ (آيت : 22) |
۽ جنھن پنھنجي مھاڙ الله ڏانھن ڪئي ۽ اُھو چڱن ڪمن ڪرڻ وارو به آھي تنھن بيشڪ مُحڪم رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏانھن آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به خدا جي اڳيان فرمانبرداريءَ سان سر جهڪائي ۽ چڱا عمل ڪري ٿو تنهن درحقيقت هڪ نهايت مضبوط، ۽ ڀروسي جهڙي رسيءَ جو سهارو ورتو آهي (۽ ياد رکو ته) سڀني معاملن جي پڇاڙي ۽ فيصلو آخر الله وٽ ئي اچڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو پنهنجي وجود کي الله تعالى جي حوالي ڪيو ۽ اهو نيڪوڪار آهي پوءِ بيشڪ ان مضبوط رسيءَ کي پڪڙيو، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله تعالى ڏانهن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص خدا جي اڳيان سر جهڪائي ۽ اهو نيڪي ڪندڙ (به) آهي ته بيشڪ ان (ايمان جي) مضبوط رسي پڪڙي ۽ (نيٺ ته) سڀني ڪمن جي پڇاڙي خدا ڏي ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو جهڪائي ٿو پنهنجو منهن الله ڏانهن ۽ اهو نيڪو ڪار آهي پوءِ تحقيق جنبڙيو مضبوط ڪڙي سان ۽ الله ڏانهن ئي سڀني ڪمن جي انتها آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن پنهنجو منهن الله ڏي ڪيو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ (به) آهي ته ان مضبوط ڪڙو جهليو ۽ (سڀني) ڪمن جي پڇاڙي الله ڏي ئي آهي. (۲۲)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجو پاڻ الله جي حوالي ڪري ان حال ۾ جو اُهو احسان ڪندڙ هجي ته پوءِ بيشڪ اُهو مضبوط ڪڙي سان چنبڙي پيو. ۽ سڀ ڪمن جو انجام الله ڏانهن ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جنهن ربَّ ڏي رَکيو رَخ پَنهنجو، پڻ هُجي نيڪ نِبار،تِنهن پَڪڙيو ڏاڍِي ڏنڊ کي، هَٿن سان هيڪار، آخِر پَرور پار، ڪُل ڪمن جا فيصلا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن پنهنجو منهن الله ڏي جهڪايو ۽ چڱا ڪم به ڪيائين، انهي بيشڪ مضبوط رسيءَ کي جهليو_ ۽ سڀني ڪمن جو ڇيهه الله ڏي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ماڻهوءَ پنهنجو پاڻ الله جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ عملن جو به نيڪ هجي، تنهن حقيقت ۾ ڏاڍو ڀروسي جوڳو سهارو کڻي جهليو ۽ سڀني معاملن جو آخري فيصلو الله جي ئي هٿ ۾ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو (شخص) حوالي ڪري پاڻ کي الله جي ۽ اهو سٺو هجي عمل ۾، تنهن بيشڪ هڪ سٺو سهارو جهلي ورتو ڀروسي جوڳو، ۽ الله وٽ ئي آهي آخري فيصلو سڀني معاملن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن پنھنجو پاڻ کي الله تعالى جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اهو نيڪي ڪندڙ به آهي، حقيقت ۾ اُن هڪ مضبوط سھارو پڪڙي ورتو ۽ سڀني ڪمن جو فيصلو آخرڪار الله تعالى وٽ ئي ٿيندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن كَفَرَ فَلا يَحزُنكَ كُفرُهُ إِلَينا مَرجِعُهُم فَنُنَبِّئُهُم بِما عَمِلوا إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 23) |
۽ جيڪو ڪفر ڪري تنھن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري، کين اسان ڏانھن ورڻو آھي پوءِ جيڪي ڪيائون تنھن جي کين سُڌ ڏينداسون، ڇوته الله سينن وارو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪفر ۽ انڪار جي واٽ وٺي ته (اي پيغمبر!) سندس ڪفرجي ڪري تون غم نه ڪر انهن سڀني ماڻهن کي نيٺ اسان وٽ موٽي اچڻو آهي. پوءِ اسان کين چٽو ڪري ٻڌائينداسين ته، ڪهڙا ڪهڙا عمل هنن ڪيا هئا (۽ کين انهن موجب جزا ۽ سزا ڏينداسين) بيشڪ الله تعاليٰ دلين جا ڳجهه به ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري ٿو پوءِ توهان کي ان جي ڪفر جو ڏک نه ٿئي، انهن جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي پوءِ اسين کين سندن عملن بابت ضرور ٻُڌائينداسين، بيشڪ الله تعالى سينن جو علم ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمر) جيڪو ڪفر ڪري تنهن جو ڪفر تو کي غمگين نه ڪري. انهن سڀني کي ته (نيٺ) اسان ڏي ئي اچڻو آهي. پوءِ جيڪي (به) ڪيو هوندائون (تنهن جو نتيجو) کين ٻڌائينداسون. بيشڪ خدا دلين جي راز کان (به) چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڪفر ڪيو پوءِ نه ڏکوئي توکي ان جو ڪفر اسان ڏانهن انهن جو موٽڻ آهي پوءِ خبر ڏينداسون انهن کي انهن ڪمن جي جيڪي ڪيائون بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي سيني واريون ڳالهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبر !) جيڪو ڪفر ڪري ٿو تنهن جو ڪفر توکي غمگين نه ڪري. اسان ڏئي ئي انهن کي موٽي اچڻو آهي پوءِ جيڪي ڪيو هوندائون سو کين ٻڌائينداسون. بيشڪ الله سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (۲۳)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري ٿو ته پوءِ ان جو ڪفر تو کي غمگين نه بنائي. انهن (سڀني) جو موٽڻ اسان ڏانهن آهي پوءِ اسان انهن کي خبر ڏينداسين جيڪي انهن عمل ڪيا. بيشڪ الله سينن جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو ڦِريو، فِڪر تِنهنجو، توکي وِير! نه ٿئي وار، موٽڻ اوهان مِڙن جو، آهي اَسان پار، پوءِ سُڌ ڏِيندان سونِيان، تَن سَندِي ، ڪريو ٿا ڪم ڪار، صاحِب سَمجھڻهار، سَنديون سِينن ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڪفر ڪيو، ته ان جو ڪفر توکي ارمان ۾ نه وجهي- اسان ڏي ئي موٽڻو اٿن، پوءِ اسين کين سندن ڪمن جي سُڌ ڏينداسون- بيشڪ الله دلين جا حال ڄاڻي ٿو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي (اي نبي) جيڪو ڪفر ٿو ڪري ته سندس ڪفر توکي ڏک ۾ نه وجهي، انهن کي موٽي اچڻو ته اسان ڏانهن ئي آهي، پوءِ اسان کين ٻڌائينداسون ته هو ڇاڇا ڪري آيا آهن، بلاشڪ الله سينن جا لڪل راز به ڄاڻندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو ڪفر ڪري ٿو پوءِ ان جو اهو توکي غمگين نه ڪري ڪفر، اسان وٽ ئي موٽندا اهي سڀ، اسين ئي کين ٻڌائينداسين ته اهي ڇا ڇا ڪري آيا آهن، بيشڪ الله ڄاڻي ٿو سڀ ڳجهه سينن جا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو ڪفر ڪري ٿو سو ان جو ڪفر توکي ڏک ۾ نه وجهي،ڇوته انهن سڀني جو اسان ڏانھن ئي موٽڻ آهي. پوءِ هنن جيڪي به عمل ڪيا هوندا سي سڀ اسان کين ٻڌائينداسين. بيشڪ الله تعالى دلين جي رازن کي به ڄاڻيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نُمَتِّعُهُم قَليلًا ثُمَّ نَضطَرُّهُم إِلىٰ عَذابٍ غَليظٍ (آيت : 24) |
(دنيا ۾) کين ٿورو (وقت) آسودو ڪريون ٿا وري کين سخت عذاب ڏانھن ڇڪي نينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان انهن (منڪرن) کي ڪجهه وقت لاءِ وقتي موجون ماڻڻ ڏينداسين، پر پوءِ هنن کي سخت عذاب ڏانهن گهلي آڻينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين انهن کي ٿورو نفعو ڏئي ان کان پوءِ انهن کي سخت عذاب ڏانهن گرفتار ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسين کين ڪجھ (عرصو) آرام ڪرڻ ڏينداسون. پوءِ (وري) کين مجبور (۽ لاچار) ڪري سخت عذاب ڏي (ڇڪي) آڻينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نفعو ڏيون ٿا انهن کي ٿورو ان کان پوءِ مجبور ڪري آڻينداسون انهن کي سخت عذاب ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) کين ٿورو (وقت) فائدو پهچائينداسون وري کين سخت عذاب ڏي مجبور ڪنداسون. (۲۴)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان کين ٿورو (دنيا جو) فائدو پهچائينداسين پوءِ اسان انهن کي مجبور ڪري سخت عذاب ڏانهن آڻينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَٽو وَٺائـِينداسون اُنهن کي، ظاهِر مَنجھ ذَرِي، پوءِ وارِينداسون، وَرِي، اُنهن کي سخت عذاب ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کين ٿورڙو فائدو ڏينداسون، پوءِ وري کين سخت عذاب ڏي ڇڪي وينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان ٿوري وقت لاءِ انهن کي دنيا ۾ مزا ماڻڻ جو موقعو ڏيون ٿا، پوءِ کين بيوس بڻائي سخت عذاب ڏانهن گــِـهلي وينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان انهن کي موقعو ڏيون پيا ٿورڙو ئي مزا ماڻڻ جو، پوءِ کين بيوس ڪري گهلي وينداسين عذاب ڏي جيڪو تمام سخت آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن ماڻهن کي ٿوري وقت لاءِ خوشحالي ڏينداسين پوءِ کين سخت عذاب ڏانھن گھلينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 25) |
۽ جيڪڏھن کائن پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن بڻايو آھي ته ضرور چوندا ته الله، چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اي پيغمبر! جيڪڏهن تون انهن (منڪرن) کان پڇندين ته ڪنهن آسمانن کي ۽ زمين کي خلقيو آهي ته هو ضرور چوندا ته الله خلقيا آهن. پوءِ تون چئجانءِ الحمدلله! (شڪر جو ايترو ته قبول ٿا ڪيو پوءِ ڇو نٿا الله جي رحمت ڏسي سندس موڪليل وحي تي عمل ڪيو، پر افسوس) هنن مان گهڻا جاهل آهن (۽ عقل کان ڪم نٿا وٺن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان سوال ڪندا ته آسمانن ۽ زمينن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي، اهي ضرور چوندا ته الله، رسولِ عربي توهان فرمايو سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن، پر اڪثر انهن مان نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته الله! (ته پوءِ اي رسول) چوين ته الحمد لله! پر انهن مان گهڻا ماڻهو (ايترو به) نه ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ته البته ضرور چوندا الله فرماءِ ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ ثابت آهي بلڪ گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته ضرور چوندا ته الله (اي پيغمبرﷺ!) چئو ته سڀ تعريفون الله لاءِ آهن پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (۲۵)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو؟ ته ضرور چوندا ”الله“. چؤ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. بلڪه انهن مان گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي سامهون ڪَندِينِ سُوال، ته اُڀ، ڀون ڪِنهن اُپائيا، ته اَلله جَلَّ جَلالہ، چوندا اهڙِي چال، چَئو، آهي شُڪر اَلله جو، کُلي حقِيقَت حال، گھڻا ڳهلا ڳالھ، اُٽلو نه سَمجھن اِنهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ”آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن خلقيو آهي؟“ ته ضرور چوندا ”الله!“ چئو ته سڀ واکاڻ فقط الله کي جڳائي ٿي- بلڪ منجهانئن گهڻا اڻڄاڻ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن تون کانئن پڇين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ته ضرور چوندا ته "الله"! چؤ ته الحمدلله (ساراهه ته آهي ئي الله لاءِ ) پر انهن مان اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪر تون پڇين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيو آهي آسمانن ۽ زمين کي ته اهي ضرور چوندا الله، تون چؤ، الحمد لله! پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالٰي. تون چؤ ته سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن پر انهن مان گهڻا ماڻهو ڄاڻن ئي نٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ إِنَّ اللَّهَ هُوَ الغَنِىُّ الحَميدُ (آيت : 26) |
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله جو ئي آھي، بيشڪ الله اُھوئي بي پرواھ (ڏاڍو) ساراھيل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ڪافر ائين نه سمجهن ته الله تعاليٰ کي سندن ايمان يا انڪار جي ڪا گهرج يا پرواهه آهي) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله جو آهي. بيشڪ الله ئي آهي جو بي نياز بي پرواهه آهي ۽ اعليٰ صفتن سان موصوف آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى لاءِ آهي جيڪو ڪجھه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، بيشڪ الله تعالى ئي غني (۽) ساراهيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ خدا جو ئي آهي. بيشڪ خدا (هر ڳالھ کان) بي پرواھ (۽ هر حال ۾) لائق حمد و ثنا آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله جو ئي آهي جيڪو آسمان ۾ ۽ زمين ۾ آهي بيشڪ الله ئي شاهوڪار، ساراهه ڪيل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. بيشڪ الله بي پرواهه ساراهيل آهي. (۲۶)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو (سڀ) الله جو آهي. بيشڪ الله بي نياز ساراهيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي اُڀ، زمين ۾، آهي مِلڪ اَلله، بي پرواھ بادشاھ، ساراهِيل سَڀِين پَرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو الله جو ئي آهي- بيشڪ الله ته بيپرواهه ۽ واکاڻيل آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي الله جو آهي، بيشڪ الله بي پرواهه ۽ پنهنجو پاڻ ئي ساراهيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله جو ئي آهي سڀ ڪجهه جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، بيشڪ الله ئي بي نياز پاڻ ئي ساراهيل آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي سو سڀ الله تعالى جو آهي. بيشڪ الله تعالى وڏو بيپرواهه ۽ تعريف جي لائق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو أَنَّما فِى الأَرضِ مِن شَجَرَةٍ أَقلٰمٌ وَالبَحرُ يَمُدُّهُ مِن بَعدِهِ سَبعَةُ أَبحُرٍ ما نَفِدَت كَلِمٰتُ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ عَزيزٌ حَكيمٌ (آيت : 27) |
۽ جيڪي وڻ زمين ۾ آھن سي جيڪڏھن قلم ٿين ۽ سمنڊ (جو پاڻي) اُن جي مَسُ ٿئي اُن کانپوءِ ست سمنڊ (ٻيا به) ھجن ته الله (جي قدرت) جون ڳالھيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن ڌرتيءَ جا سڀ وڻ قلم هجن ۽ سڄوسمنڊ مس هجي ۽ اهڙا ٻيا به ست سمنڊ انهيءَ جي پٺيان مدد لاءِ موجود ٿين ته به الله جون ڳالهيون ۽ حڪمتون لکجي نه سگهبيون. (الله جو علم ۽ قدرتون بي انت آهن) بيشڪ الله تعاليٰ هر چيز تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن (بالفرض) اهي سڀئي وڻ جيڪي سڀني زمينن ۾ آهن انهن کي قلم بنائجي ۽ ستن سمنڊن کي مس بنائجي تڏهن به الله تعالى جي تعريف کُٽِي نٿي سگھي، بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون. (۽ مس ٿين ۽ خدا جي علم ۽ ان جون ڳالهيون لکڻ ۾ اچن) تڏهين به خدا جون ڳاليهون نه کٽنديون. بيشڪ خدا زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن تحقيق جيڪي زمين ۾ وڻ آهن قلم هجن ۽ سمنڊ ان جي مس هجن ها ان کان بعد ست سمنڊ ته نه کٽن ها الله جا فرمان بلاشڪ الله غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مس ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچي پون ته الله جون ڳالهيون (لکڻ ۾ ) نه کٽنديون. بيشڪ الله زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (۲۷)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن زمين ۾ جيڪي به وڻ آهن سي قلم ٿين ۽ سمنڊ (مَسُ ٿئي) ان (سمنڊ) کان پوءِ (ٻيا) ست سمنڊ ان ۾ وهي اچِي پَــوَن ته الله جون ڳالهيون (لکڻ سان) نه کُٽنديون. بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪر ڀُون ۾ جيترا، وَڻ ٽڻ هر وَلهار، ڪُل ٿِين قلم سي، مَس ڪارِي ڪارُونڀار، آڌار ڏِيسِ اُن پُٺيان، دَرياءَ سَت سَتّار، ته به ليکيا ٻَهر، نه لِکيا ويا، قادِر جا ڪم ڪار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ ملوڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن زمين جا سڀ وڻ قلم ٿين ۽ سڀ سمنڊ خواهه ان کان سواءِ ٻيا به ست سمنڊ گڏجي مس ٿين، ته به الله جون ڳالهيون نه کُٽنديون، بيشڪ الله غالب، ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين ۾ جيترا به وڻ آهن سي جيڪڏهن قلم ٿي پون ۽ سمنڊ (مس بڻجي پوي) جنهن کي ٻيا به ست سمنڊ مدد ڏين، تڏهن به الله جون ڳالهيون نه کٽنديون، بيشڪ الله زبردست ۽ حڪمت وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيترا به آهن زمين ۾ وڻ، جيڪڏهن اهي قلم ٿي پون ۽ سمنڊ (مس ٿي پوي) ان کان پوءِ ست ٻيا به سمنڊ مس مهيا ڪن تڏهن به کٽڻ جون ناهن الله جون ڳالهيون، بيشڪ الله زبردست حڪيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن زمين جا سڀ وڻ ڦري قلم بڻجي وڃن ۽ سڀ سمنڊ مس ٿي وڃن ۽ پوءِ ٻيا ست سمنڊ به ڦري مس ٿي وڃن تڏهن به الله تعالى جون ڳالهيون (لکڻ سان)ختم نه ٿينديون. بيشڪ الله تعالى زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما خَلقُكُم وَلا بَعثُكُم إِلّا كَنَفسٍ وٰحِدَةٍ إِنَّ اللَّهَ سَميعٌ بَصيرٌ (آيت : 28) |
اوھان (سڀني) جو خلقڻ ۽ اوھان جو وري جيارڻ رڳو ھڪڙيءَ ماڻھوءَ (جي خلقڻ ۽ وري جيارڻ) جھڙو آھي بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان سڀني کي پيدا ڪرڻ ۽ وري (مرڻ بعد) جيئاري کڙو ڪرڻ اهڙو ئي (اسان جي لاءِ آسان) آهي جهڙو هڪڙي شخص (کي پيدا ڪرڻ ۽ مرڻ بعد وري اٿارڻ) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجهه ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جو پيدا ڪرڻ ۽ توهان جو ٻِئي دفعي زنده ڪرڻ هڪ نفس (هڪ انسان) وانگر آهي، بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهان (سڀني) جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو (مرڻ کان پوءِ) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو جي پيدا ڪرڻ يا جيارڻ) جهڙو آهي بيشڪ خدا (اوهان سڀني جي) ٻڌي ٿو ۽ سڀ ڪجھ ڏسي رهيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي اوهان جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو اٿڻ مگر هڪ نفس وانگر بلاشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان (سڀني) جو پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جو (مرڻ کان پوءِ) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو (جي پيدا ڪرڻ ۽ جيارڻ) جهڙو آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (۲۸)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان (سڀني) ماڻهن جو پيدا ڪرڻ ۽ توهان جو (مرڻ بعد) جيارڻ رڳو هڪ ماڻهو (جي پيدا ڪرڻ ۽ جيارڻ) وانگر آهي. بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پهريون، پويون اُنهن جو،جوڙڻ نه جَجِھي ڳالھ، جوڙڻ جِندهيڪ جو، مگر آهي مِثال، هرگز هَر ڪِنهن حال، سُڻندڙ، ڏِسندڙ ڏيھ ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جو خلقڻ خواهه وري جيئارڻ ته فقط هڪ شخص کي پيدا ڪرڻ جهڙو آهي_ بيشڪ الله ٻُڌندڙ، ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان سڀني انسانن جو پيدا ڪرڻ ۽ ٻيهر جيئرو ڪرڻ ته (ان لاءِ ) بس ائين آهي، جيئن هڪڙي ساهواري کي (پيدا ڪرڻ ۽ وري جيئرو ڪرڻ) حقيقت هي آهي ته الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان سڀني انسانن جو پيدا ڪرڻ ۽ ته بس ائين آهي ان لاءِ جيئن ڪنهن هڪ شخص کي ٻيهر جيارڻ، بيشڪ الله سڀ ڪجهه ٻڏندڙ ۽ ڏسندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان انسانن کي پيدا ڪرڻ ۽ وري مرڻ کان پوءِ جيئرو ڪري اٿارڻ (اسان جي لاءِ) رڳو هڪ ڄڻي کي پيدا ڪرڻ ۽ ٻيھر جيئرو ڪرڻ جي برابر آهي. بيشڪ الله تعالى ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ اللَّهَ يولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَيولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ كُلٌّ يَجرى إِلىٰ أَجَلٍ مُسَمًّى وَأَنَّ اللَّهَ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 29) |
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته الله رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ کي نِوايائين، سڀڪو مقرر مُدت توڻي ھلندو آھي ۽ (نه ڏٺو اٿيئي ڇا) ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ڇڏي ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ڇڏي ۽ سج ۽ چنڊ کي پنهنجي (قانون ۽ حڪم جي) تابع رکيو اٿس. هرهڪ مقرر مدي تائين هلندو رهندو (پوءِ فنا ٿي ويندو) ۽ (ياد رکو ته جو الله سج ۽ چنڊ کي قانونن جو پابند رکي ٿو سو الله اوهان کي به اوهان جي بهتري لاءِ پنهنجا قانون ۽ حڪم ٻڌائي ٿو پوءِ جيڪڏهن انهن تي عمل نه ڪندؤ ته (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ اوهان جي سڀني عملن جي خبر رکي ٿو (۽ اوهان کي ضرور بدعملن جي سزا ڏيندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي مُسخر (تابعدار) بنايو، هر هڪ پنهنجي مقرر جاءِ تائين هلن ٿا ۽ بيشڪ الله تعالى توهان جي سڀني عملن کان خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تون نه ڏٺو آهي ته خدا رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو (ته رات وڌي ٿي) ۽ ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪري ٿو (ته ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ ان ئي (ڄڻ) سج چنڊ کي اوهان جي تابع ڪيو آهي هر هڪ مقرر (ڪيل) مدت تائين (ائين ئي) هلندو رهندو (ڇا تو هي به خيال نه ڪيو ته) جو ڪجھ اوهين ڪري رهيا آهيو خدا تنهن کان چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اوهان نه ڏٺو ته بلاشڪ الله داخل ڪري ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ڪري ٿو ڏينهن کي رات ۾ ۽ مطيع ڪيائين سج ۽ چنڊ کي سڀ هلن ٿا مقرر ڪيل مدت تائين ۽ بلاشڪ الله جيڪي ڪيو ٿا ان جي خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو. ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر کندڙ آهي. (۲۹)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايائين. هر هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو ۽ بيشڪ الله خبروار آهي جيڪي اوهان ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه ڌِٺئـِي؟ ته ڏاتار، رات ڳَنڍي ڏِينهن ۾، ۽ ڏِينهن رات ۾، قُدرت سان ڪلتار، ۽ ڪيائين سج ۽ چنڊ کي، سڀ تارا تابعدار، مُقرّر مُدّت سِين، چَلن، سي چوڌار، ۽ ڪريو جي ڪم ڪار، واحد واقف تن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو نه ڏٺو آهي ڇا، ته الله رات کي ڏينهن ۾ ٿو داخل ڪري ۽ ڏينهن کي رات ۾ ٿو داخل ڪري ۽ سج ۽ چنڊ کي ائين جڪڙيو اٿس، جو هر ڪو پنهنجي مقرر وقت تائين هلي ٿو، ۽ بيشڪ الله اوهان جي ڪمن جي خبر رکندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڏسين نٿو ڇا ته الله رات کي ڏينهن ۾ لپيٽيندي آڻي ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾؟ هن سج ۽ چنڊ کي تابع بڻائي ڇڏيو آهي، سڀئي هڪڙي مقرر وقت تائين هلندا رهن ٿا ۽ (ڇا توهان ڄاڻو نه ٿا) ته جيڪي به توهان ڪريو ٿا الله ان کان پوريءَ طرح باخبر آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون ڏسين نٿو ته بيشڪ الله پوئيندو ايندو آهي رات کي ڏينهن ۾ ۽ پوئيندو آهي ڏينهن کي رات ۾؟ ۽ تابع ڪيو اٿس سج ۽ چنڊ کي، سڀ هلندا پيا وڃن هڪ مقرر وقت تائين (ڇا تون نٿو ڄاڻين ته) جيڪي به ڪريو ٿا الله هر انهيءَ عمل کان باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ الله تعالى رات کي ڏينھن ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ڏينھن کي رات ۾ داخل ڪري ٿو؟ سج ۽ چنڊ کي (پنهنجي نظام ۾) پابند رکيو آهي. اِهي سڀ هڪ مقرر وقت تائين گردش ڪري رهيا آهن. جيڪو اوهين ڪريو ٿا بيشڪ الله تعالى ان کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّ اللَّهَ هُوَ الحَقُّ وَأَنَّ ما يَدعونَ مِن دونِهِ البٰطِلُ وَأَنَّ اللَّهَ هُوَ العَلِىُّ الكَبيرُ (آيت : 30) |
اِھي (ڪم) ھن ڪري آھن ته الله ئي برحق آھي ۽ ته اُن کانسواءِ جنھن به ٻي کي سڏيندا آھن سو ڪوڙ آھي ۽ ته الله ئي تمام مٿاھون وڏو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سج چنڊ وغيره کي قانونن هيٺ رکڻ وغيره) اهو سڀ هن ڪري آهي ته بيشڪ الله ئي آهي جو حق آهي (۽ حق کي غالب ۽ پائيدار ڪندو) پر الله کان سواءِ جن ٻين کي ماڻهو (شريڪ ٺهرائي) پڪارين ٿا سي باطل آهن (۽ فنا ٿي ويندا) ۽ هن ڪري به آهي جو بيشڪ الله ئي آهي جو سڀني کان مٿاهون ۽ سڀني کان وڏو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ان ڪري جو بيشڪ الله تعالى ئي حق آهي ۽ بيشڪ اهي ان کانسواءِ جن (بتن) جي عبادت ڪن ٿا (اهي) باطل آهن، ۽ بيشڪ الله تعالى ئي بلند (۽) وڏو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي (سڀ ڳالهيون) هن ڪري آهن جو الله ئي برحق آهي ۽ ان کان سواءِ جنهن (شيءِ) کي به سڏين ٿا سا باطل آهي، پڻ هن ۾ (به) شڪ (شبهو) نه آهي ته الله ئي عاليشان ۽ بلند مرتبي وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان جي ڪري جو يقينًا الله ئي حق آهي ۽ بلاشڪ جن کي ان کان سواءِ پوڄين ٿا باطل آهي ۽ بلاشڪ الله ئي مٿاهون، وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (ڪم) هن ڪري آهن جو الله ئي برحق آهي ۽ ان کان سواءِ جنهن (شئي) کي به سڏين ٿا سا باطل آهي، ۽ هن ڪري آهي ته الله بلند وڏو آهي. (۳۰)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو هن ڪري آهي جو بيشڪ الله ئي برحق آهي ۽ جن جي اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا سي باطل آهن ۽ هن ڪري آهي ته الله ئي بلند (۽) وڏو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِي سَڀ اُن جِي ثابتِي، ته اَلله آهي موجود، ۽ اُن ڌاران دانهِن جن کي ، سي ناس ۽ نبود، ۽ مَٿاهون مَعبود، وَڏِي ڏَوائـِئَ جو ڏڻي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري، جو الله ئي سچ آهي ۽ ان کان سواءِ جن ٻين کي ٿا پڪاريو، سي ڪوڙا آهن، بيشڪ الله ئي تمام مٿاهون ۽ وڏو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو سڀ ان ڪري آهي جو الله ئي حق آهي ۽ ان کي ڇڏي جن جن کي به اهي سڏين ٿا، سي سڀ ڪوڙ ئي ڪوڙ آهن ۽ (وري ان ڪري به جو) الله ئي مٿانهون ۽ وڏو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو سڀڪجهه ان ڪري آهي ته بيشڪ الله ئي حق آهي ۽ ان کي ڇڏي پڪارين ٿا اهي ماڻهو جن ٻين شين کي سي سڀ باطل آهن، ۽ بيشڪ الله ئي (سڀ کان) وڏو ۽ مٿانهون آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو سڀ ڪجهه ان ڪري آهي جو الله تعالى ئي حقيقي معبود آهي ۽ ان کي ڇڏي جيڪي ٻين کي سڏين ٿا سي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آهن. بيشڪ الله تعالى تمام مٿانھون ۽ وڏي شان وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّ الفُلكَ تَجرى فِى البَحرِ بِنِعمَتِ اللَّهِ لِيُرِيَكُم مِن ءايٰتِهِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِكُلِّ صَبّارٍ شَكورٍ (آيت : 31) |
نه ڏٺو اٿيئي ڇا ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ ترنديون آھن (ھن لاءِ) ته (الله) اوھان کي پنھنجين نشانين مان ڏيکاري، بيشڪ ھن ۾ سڀڪنھن وڏي صابر شاڪر لاءِ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان ڏسو نٿا ته الله ئي جي فضل سان جهاز سمنڊ ۾ ترندو وڃي ٿو. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ اوهان کي پنهنجون نشانيون ڏيکاري جيڪي ماڻهو دائما وڏا صابر آهن ۽ سخت اورچ ۽ ثابت قدم آهن ۽ ان سان گڏ شڪر ڪندڙ آهن (يعني الله جي نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻيندڙ آهن) تن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (يعني جهازن جي هلڻ ۾) يقيناً وڏيون نشانيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) تو نه ڏٺو ته بيشڪ سمنڊ ۾ الله تعالى جي نعمت سان ٻيڙي هلي ٿي، ان لاءِ ته توهان کي اهو پنهنجون ڪجھه نشانيون ڏيکاري، بيشڪ انهيءَ ۾ هر صبر ۽ شڪر ڪندڙن لاءِ يقيناً نشانيون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تون هن (ڳالھ) تي به غور نه ڪيو ته خدا جي فضل سان ئي ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلن ٿيون هن لاءِ ته (ڪاٺ ۾ اها طاقت ڏئي) اوهان کي (پنهنجي قدرت جون) نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ به سڀني صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارن جي لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا تو نه ڏٺو ته بيشڪ ٻيڙيون هلن ٿيون سمنڊ ۾ الله جي فضل سان تانته اوهان کي ڏيکاري پنهنجين نشانين مان بيشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن هر صبر ڪندڙ، شڪر ڪندڙ لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله جي فضل سان ٻيڙيون سمنڊ ۾ هلن ٿيون هن لاءِ ته اوهان کي ڪجهه نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ سڀڪنهن صبر ڪندڙ احسان مڃيندڙ لاءِ نشانيون آهن. (۳۱)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته ٻيڙيون سمنڊ ۾ الله جي نعمت سان هلن ٿيون هن لاءِ ته توهان کي پنهنجون ڪي نشانيون ڏيکاري. بيشڪ ان ۾ هر صبر ڪندڙ شڪر ڪندڙ لاءِ گھڻيون نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي ته؟ ڏات ڌَڻِئَ جي، ٻيڙا هَلن مَنجھ ٻار، ته آن کي سَندسِ آيتون، ڏيکاري ڏاتار، اُن ۾ پَڌراپار، صابِر، شُڪر گُذار لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا تو نه ڏٺو آهي، ته ٻيڙيون الله جي فضل سان سمنڊ ۾ هلن ٿيون، ته اوهان کي پنهنجي نشانين مان ڏيکاري_ بيشڪ، انهي ۾ هر ڪنهن وڏي صبر ڪندڙن ۽ شڪر ڪندڙ لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) ڏسين نٿو ڇا ته ٻيڙي سمنڊ ۾ الله جي فضل سان ئي هلي ٿي، ته جيئن هو توهان کي پنهنجيون ڪي نشانيون ڏيکاري؟ حقيقت ۾ ته ان ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، هر ان شخص لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارو هجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ڏسو نٿا ته بيشڪ ٻيڙي هلندي آهي سمنڊ ۾ الله جي فضل سان، ته جيئن توهان کي ڏيکاري پنهنجون نشانيون، حقيقت ۾ ان ۾ گهڻيون ئي نشانيون آهن ان شخص لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته الله تعالى جي مھرباني سان ٻيڙي سمنڊ ۾ هلي رهي آهي ته جيئن هو توهان کي پنهنجيون نشانيون ڏيکاري. بيشڪ انهن ڳالهين ۾ صبر ۽ شڪر ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا غَشِيَهُم مَوجٌ كَالظُّلَلِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ فَمِنهُم مُقتَصِدٌ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلّا كُلُّ خَتّارٍ كَفورٍ (آيت : 32) |
۽ جڏھن کين (درياءَ جي) لھر پاڇي وارن پھاڙن وانگر ويڙھيندي آھي (تڏھن) خاص الله کي نِلو ڏانھس مھاڙ ڪري سڏيندا آھن، پوءِ جنھن مھل کين ڀر ڏانھن بچارائي پھچائيندو آھي (تنھن مھل) منجھائن ڪي وچٿرا ھوندا آھن، سڀڪنھن انجام ڀڃندڙ بي شڪر کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر افسوس اڪثر ماڻهو صابر ۽ شاڪر ناهن) جڏهن (جهاز ۾ سفر ڪندي سمنڊ جون) لهرون هنن کي چبوتري وانگر ڍڪي ٿيون ڇڏين تڏهن هو سچي دل سان فقط الله کي پڪارين ٿا (ته اسان کي هن مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏي) پر پوءِ جڏهن الله تعاليٰ خشڪيءَ تي پهچائي ٿو تڏهن انهن مان ڪي (نيڪي ۽ برائي جي وچ ۾) منجهي بيهن ٿا (يعني ڪجهه قدر الله ڏي لاڙو رکي نيڪي ڪرڻ به پسند ڪن ٿا پر لالچن ۽ حرصن ۾ پئجي برائيون به ڪن ٿا) ۽ (ياد رکو ته) فقط اهي ماڻهو اسان جي آيتن کي نٿا مڃن جيڪي (بيوفائي جي ڪري) پنهنجا عهد پاڙيندڙ نه آهن ۽ بي شڪر آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت جبل جيڏيون ڇوليون انهن کي ڍڪين ٿيون ته (ان وقت) اهي سچي دل سان الله تعالى کي پڪارين ٿا. پوءِ الله تعالى جڏهن انهن کي زمين ڏانهن نجات ڏي ٿو پوءِ انهن مان ڪي وچٿرا آهن ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نٿا ڪن مگر هر غدار (۽) ناشڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن ڇانو ڪندڙ ڪڪر وانگر سندن مٿان موج اچي وڃي ٿي ته خدا کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا ۽ وري جڏهن کين خشڪي ڏي بچائي آڻي ٿو ته ڪو انهن مان وچٿرو هلي ٿو (ڪو پڪو ڪافي) ۽ اسان جي (قدرت جي) نشانين کان انڪار ته رڳو انجام ڀڄيندڙ، احسان نه مڃيندڙ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ڍڪيو انهن کي ڇوليءَ جبلن وانگر ته سڏين ٿا الله کي سچو ڪندڙ ان لاءِ دين کي پوءِ جڏهن ڇڏائي آندائين انهن کي سُڪيءَ ڏانهن پوءِ انهن مان ڪو وچٿرو آهي ۽ نه ٿو انڪار ڪري اسان جي آيتن جو مگر هر ڪوڙ هڻندڙ بي شڪر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڇانوَ ڪندڙ ڪڪرن وانگر سندن مٿان موج اچي وڃي ٿي ته الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا. پوءِ جڏهن کين خشڪيءَ ڏي بچائي آڻي ٿو، ته ڪو انهن مان وچٿرو هلي ٿو (الله کي ياد رکي ٿو) ۽ اسان جي آيتن جو سڀڪنهن انجام ڀڃيندڙ احسان نه مڃيندڙ کان سواءِ ٻيو ڪو انڪار نه ٿو ڪري. (۳۲)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن تي (سمنڊ جي) موج ڇٽين وانگر ڇانئجي وڃي ٿي ته الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏن ٿا، پوءِ جڏهن انهن کي بچائي خشڪيءَ ڏانهن آڻي ٿو ته انهن مان ڪجهه اعتدال (واري واٽ) تي هلن ٿا. ۽ اسان جي آيتن جو ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سواءِ هر وعدي ڀڃندڙ بي شڪري جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن جبل جِيئن اُنهن تي، چَڙِهي مِوج مِهراڻ، ته سڏيون سائـِينءَ هيڪ کي، رُڳو ڏِيندڙ اُن کي ڏان، پوءِ جڏهن ڇَڏائـِين ڇوليان، بَر ڏي بي گمان، ته آهي ڪو ڪو اُنهن مان، مُؤمن دَرِميان، ۽ اسان جي آيتنِيان، ناھِ ڪري پيو ڪانه، مگر سومَستان، جو بي وفا ۽ بي وَڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن هنن کي لهر، پاڇي وارن جبلن وانگر وڪوڙيندي آهي، تڏهن ته خاص الله کي فقط ڏانهس ئي مهاڙ ڪري سڏيندا آهن- پر پوءِ جڏهن هو کين سُڪيءَ ڏانهن بچائي پهچائيندو آهي، تڏهن وري منجهانئن ڪي وچٿرا هوندا آهن ۽ اسان جي نشانين جو انڪار فقط هر ڪو انجام ڀڃندڙ بي شڪر ئي ڪندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن (سمنڊ ۾) انهن ماڻهن تي ڇولي ڪڪرن وانگر ڇانئجي ويندي آهي ته اهي الله کي پڪارڻ لڳندا آهن، پنهنجي دين کي خاص انهيءَ لاءِ ئي ڪندي، پر جڏهن هو کين بچائي خشڪيءَ تي آڻي ٿو ته انهن مان ڪو وري وچٿرو ٿو بڻجي پوي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آهي پر اهو، جيڪو غدار ۽ ناشڪرو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن موج ڇانئجي ويندي آهي (سمنڊ ۾) ڇپر وانگر ته اهي سڏيندا آهن الله کي خالص ڪري ان کي پنهنجي دين جي لاءِ، پوءِ جڏهن هو کين بچائي خشڪي تي آڻيندو آهي ته انهن مان ڪو وچ وارو ٿيو پوي، ۽ انڪار نٿو ڪري اسان جي آيتن جو سواءِ هر ان شخص جي جيڪو غدار ۽ بي شڪرو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين سمنڊ جي ڇولي ڪارن ڪڪرن وانگر ڍڪي ٿي ته ان وقت هو دين کي الله تعالى جي لاءِ خالص ڪري صرف ان کي ئي سڏيندا آهن پوءِ جڏهن هو انهن کي خشڪي تي بچائي آڻيندو آهي ته انهن مان ڪن جو خلوص وارو جذبو ٿڌو ٿي ويندو آهي. اسان جي آيتن جو انڪار رڳو وعدي خلافي ڪندڙ ۽ ناشڪر گذار ماڻهو ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا النّاسُ اتَّقوا رَبَّكُم وَاخشَوا يَومًا لا يَجزى والِدٌ عَن وَلَدِهِ وَلا مَولودٌ هُوَ جازٍ عَن والِدِهِ شَيـًٔا إِنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ فَلا تَغُرَّنَّكُمُ الحَيوٰةُ الدُّنيا وَلا يَغُرَّنَّكُم بِاللَّهِ الغَرورُ (آيت : 33) |
اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو ۽ اُن ڏينھن کان (به) جنھن ۾ ڪو پيءُ پنھنجي پُٽ جي ڪم نه ايندو، ۽ نه پُٽ پنھنجي پيءُ جي ڪجھ ڪم ايندڙ ھوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آھي تنھنڪري نڪي اوھان کي دنيا جي حياتي ٺڳي، ۽ نڪي اوھان کي الله بابت ٺڳيندڙ (شيطان) ٺڳي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانو! پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ۽ انهيءَ (جزا ۽ سزا واري) ڏينهن جي اچڻ کان ڊڄو جنهن ڏينهن نڪي پيءُ پٽ کي ڪم ايندو، نڪي پٽ پيءُ کي (نڪي هڪڙو ٻئي لاءِ فديو ٿي انهيءَ کي بچائي سگهندو) بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي (ته هو نيڪي ڪندڙن کي ڪامران ڪندو ۽ برائي ڪندڙن کي ناڪام ڪندو). تنهن ڪري (خبردار ٿيو) ائين نه ٿئي جو دنيا جي زندگي (يعني وقتي خوشي يا فائدو) توهان کي ٺڳي (۽ بدعمل ڪرائي) ۽ ائين نه ٿئي جو دغا باز شيطان (اوهان کي ترت فائدو ڏيکاري) الله (جي فرمانبرداري) بابت برغلائي ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي انسانو توهان پنهنجي رب کان خوف ڪريو ۽ ان ڏينهن (قيامت) کان ڊڄو جڏهن والد پنهنجي اولاد کي بچائي نٿو سگھي ۽ نه اولاد پنهنجي والد تان ڪا شيءِ پري ڪري سگھي ٿو، بيشڪ الله تعالى جو وعدو حق آهي، پوءِ دنيا جي حياتي توهان کي مغرور نه بنائي، ۽ نه توهان الله تعالى سان غرور ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي انساو! خدا جو خوف ڪريو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو (جنهن ۾) ڪو پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪم نه ايندو. ۽ نڪو اولاد پنهنجي پيءُ کي ڪجھ ڪم ايندو بيشڪ خدا جو وعدو سچو آهي، پوءِ اوهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪو نه ڏئي، ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) ڌوڪو ڏئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي انسانؤ! پنهنجي رب کان ڊڄو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جو نه بدلو ڏيندو ڪو پيءُ پنهنجي اولاد جي پاران ۽ نه ڪو اولاد اهو بدلو ڏيندڙ آهي پنهنجي پيءُ جي طرفان ڪجهه به بلاشڪ الله جو واعدو سچو آهي پوءِ هر گز نه ٺڳي اوهان کي حياتي دنيا واري ۽ هر گز نه ڌوڪو ڏئي اوهان کي الله سان ڌوڪو ڏيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ماڻهو! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو (جنهن ۾ ) ڪوبه پيءُ پنهنجي اولاد کي ڪم نه ايندو ۽ نه ڪو اولاد پنهنجي پيءُ کي ڪجهه ڪم ايندو. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ اوهان کي دنيا جي حياتي ڌوڪو نه ڏي. ۽ نه اوهان کي ڌوڪو ڏيندڙ (شيطان) الله کان ڌوڪو ڏي. (۳۳)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ۾ ڪو پيءُ پنهنجي پُٽ پاران بدلو ڏئي نه سگهندو ۽ نه ڪو اهڙو پُٽ هوندو جيڪو پنهنجي پيءُ جي پاران ڪجهه بدلو ڏيڻ وارو هوندو. بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پوءِ توهان کي دنياوي زندگي دوکو نه ڏئي ۽ نه ئي دوکو ڏيندڙ (شيطان) توهان کي الله جي باري ۾ دوکي ۾ وجهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ماڻهئا!پَنهنجي مالِڪ کان، ڏِينهان رات ڏور، ۽ تنهن ڏاڍي ڏينهن جو، دِل ۾ ڊَپ ڌَريو، ته پِئُ پنهنجي پُٽ جو، کڻي نه بار ڀَرو، ۽ نه پُٽ سَندسِ پِئُ ۾، ضامِن پوي ذرو، آهي ٻول اَلله جو، خاطِر خواھ کَرو، هِئَ حَياتِي نه ٺَڳينِيان، جا سارِي سُور ٻَرو، ۽ ٺَڳي نَه ٺڳ ڳَرو، اَوهان کي اَلله کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي انسانو! پنهنجي ڌڻيءَ کان ڊڄو ۽ ان ڏينهن کان ڊڄو، جنهن ۾ ڪو به پيءُ سندس پٽ جي ڪم نه ايندو، نڪو پٽ سندس پيءُ جي ڪجهه ڪم ايندو- بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، تنهن ڪري اوهان کي دنيا جي حياتي ٺڳي ۽ نڪي اوهان کي الله بابت ڪو ٻيو ٺڳيندڙ ٺڳي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي انسانؤ! پنهنجي رب جي ناراضپي کان پاڻ بچايو ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن پيءُ پنهنجي پٽ جي ڪنهن به ڪم نه ايندو ۽ نه پٽ ئي ڪو پيءُ جي طرفان عيوضي ۾ ڪجهه ڀري ڏيڻ وارو هوندو، بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، تنهنڪري نڪي هيءَ دنيا ئي توهان کي ڪنهن دوکي ۾ وجهي ۽ نه وري دوکي باز (شيطان) ئي الله جي باري ۾ توهان کي دوکو ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي انسانو! بچو پنهنجي رب جي غضب کان ۽ ڊڄو ان ڏينهن کان نه ڀريندو عيوضو ڪوبه والد پنهنجي پٽ بدران ۽ نه (وري) پٽ ڪوبه عيوضو پنهنجي والد لاءِ ڀريندو، بيشڪ وعدو الله جو سچو آهي، پوءِ هي دوکي ۾ نه وجهي توهان کي حياتي دنيا جي، ۽ نه ڪو دوکي باز توهان کي الله جي باري ۾ دوکو ڏئي سگهي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي انسانو! پنھنجي پالڻھار جي پڪڙ کان بچو ۽ ان ڏينھن کان ڊڄو جنھن ڏينھن ڪوبه پيءُ پنھنجي اولاد کي ڪم نه ايندو ۽ نه ئي اولاد پنھنجي پيءُ کي ڪنھن ڪم ايندي. بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي. توهان کي دنيا جي زندگي ڌوڪي ۾ نه وجهي ۽ نه ئي ڌوڪي باز (شيطان) توهان کي الله تعالى جي باري ۾ ڪنھن ڌوڪي ۾ مبتلا ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ عِندَهُ عِلمُ السّاعَةِ وَيُنَزِّلُ الغَيثَ وَيَعلَمُ ما فِى الأَرحامِ وَما تَدرى نَفسٌ ماذا تَكسِبُ غَدًا وَما تَدرى نَفسٌ بِأَىِّ أَرضٍ تَموتُ إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ خَبيرٌ (آيت : 34) |
بيشڪ قيامت جي خبر الله ئي وٽ آھي، ۽ اُھوئي مينھن وسائيندو آھي، ۽ جيڪي ڳڀيراڻين ۾ آھي سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) سڀاڻي ڇا ڪندو، ۽ ڪوئي جيءُ نه ڄاڻندو آھي ته (پاڻ) ڪھڙي زمين تي مرندو، تحقيق الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي انسانو برغلائجي نه وڃو ۽ فقط الله جا ٻانها ٿيو جو سندس ئي فرمانبرداري اوهان کي ڪامران ڪندي. الله کي ئي سڀني ڳالهين جو علم آهي) يقيناً الله ئي آهي جنهن کي انهيءَ گهڙيءَ جو علم آهي (جنهن گهڙيءَ قطعي فيصلو ڪندو) اهوئي (برسات جو علم رکي ٿو ۽) مينهن آڻي ٿو. اهوئي ڄاڻي ٿو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ڇا آهي، (پٽ يا ڌيءَ ۽ ڪهڙي قسم جو آهي وغيره) ۽ ڪوبه شخص نٿو ڄاڻي ته سڀاڻي هو ڇا ڪندو، (پر خدا ڄاڻي ٿو ته هو ڇا ڪندو) ۽ ڪوبه شخص نٿو ڄاڻي ته ڪهڙي ملڪ ۾ هو مرندو (پر الله تعاليٰ اهو به ڄاڻي ٿو) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي، (تنهن ڪري توهان الله جي ڳالهين کي سچو سمجهي انهن تي عمل ڪري پنهنجو حال ۽ مستقبل روشن ڪريو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى وٽ قيامت جو علم آهي ۽ پاڻ مينهن وسائي ٿو ۽ پاڻ ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجھه پيٽن ۾ اندر آهي، ۽ انسان نٿو پروڙي ته اهو سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ انسان کي خبر ناهي ته اهو ڪهڙي زمين ۾ مرندو؟ بيشڪ الله تعالى ڄاڻندڙ خبردار آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ الله وٽ ئي قيامت (جي اچڻ) جو علم آهي ۽ اهو ئي جڏهن مناسب (موقعو ڏسي ٿو ته) مينهن وسائي ٿو. ۽ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ (نر يا مادي) آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو به شخص (ايترو به ته) نه ٿو ڄاڻي ته (اهو) سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ ڪو به شخص (هي به) نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي سرزمين ۾ مرندو! بيشڪ خدا (سڀني ڳالهين کان) آگاھ ۽ خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله ان واٽ ئي آهي قيامت جو علم ۽ وسائي ٿو مينهن ۽ ڄاڻي ٿو جيڪو ڳڀيرڻ ۾ آهي ۽ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس ته ڇا ڪندو صبحاڻي ۽ نه ٿو ڄاڻي ڪو نفس ته ڪهڙي زمين تي وفات ڪندو بيشڪ الله ڄاڻندڙ، خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ قيامت جي خبر الله کي ئي آهي. ۽ اهو مينهن وسائي ٿو. ۽ جيڪي ماءُ جي پيٽ ۾ آهي تنهن کي ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو به شخص نه ٿو ڄاڻي ته سڀاڻي ڇا ڪندو؟ ۽ ڪوبه شخص نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي زمين ۾ مرندو؟ بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آهي. (۳۴)(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله وٽ ئي (قيامت جي ) گھڙي جو علم آهي، ۽ اُهو مينهن وسائي ٿو، ۽ جيڪي رِحمن (يعني مائرن جي پيٽن) ۾ آهي سو ڄاڻي ٿو. ۽ ڪو شخص (ازخود) نه ٿو ڄاڻي ته سڀاڻي ڇا ڪندو. ۽ ڪو به شخص (ازخود) نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي زمين ۾ مرندو. بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي عِلم اَلله کي، قِيامت ڪِهڙي وار، ۽ اُتاري ٿو اُڀ ڪنان، مِينهن نارو نار، ۽ پاڻ ئـِي ڄاڻي پاڪ ڌَڻِي، ته ڳِھڻِين نَريا نار، ۽ نه سَمجي ڪو ته صُباح، ڪندو حاصِل ڪِهِڙي ڪار، ۽ ڄاڻي ڄَڻو ڪو نه ڪو، ته پُڄندسِ ڪِٿ ڄمار، سائـِين سَمجھڻهار، پڻ چوکو چوڪِيدارسو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ قيامت جي خبر الله وٽ آهي، هو ئي مينهن ٿو وسائي، جيڪي مادين جي پيٽ ۾ آهي، سو به ڄاڻي ٿو- ڪو به شخص نٿو ڄاڻي ته هو سڀاڻي ڇا ڪندو ۽ ڪو به شخص ڪو نه ٿو ڄاڻي، ته هو ڪهڙيءَ زمين تي مرندو، بيشڪ الله ڄاڻيندڙ، خبر رکندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ گهڙيءَ جو علم الله کي ئي آهي، اهو ئي مينهن وسائي ٿو، اهوئي ڄاڻي ٿو ته مائرن جي پيٽن ۾ ڇا آهي، ڪوبه ساهوارو نٿو ڄاڻي ته سڀاڻي هو ڪهڙي ڪمائي ڪندو ۽ نه ڪنهن شخص کي اها خبر آهي ته ڪهڙيءَ جاءِ تي کيس موت ايندو، الله ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڳالهه کان واقف آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله وٽ ئي علم آهي ان گهڙي (قيامت) جو، ۽ اهو ئي وسائي ٿو مينهن ۽ اهو ئي ڄاڻي ٿو ته مائرن جي پيٽ ۾ ڇا پيو نپجي، ۽ ڪوبه نٿو ڄاڻي ساهه وارو ته هو ڪهڙي ڪمائي ڪندو سڀاڻي، ۽ نه وري اها خبر آهي ڪنهن شخص کي ته ڪهڙي سرزمين تي مرندو، بيشڪ الله ئي ڄاڻندڙ ۽ باخبر آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى کي ئي قيامت جي اچڻ جو علم آهي. اهو ئي مينھن وسائي ٿو ۽ هو ڄاڻي ٿو ته ماءُ جي پيٽ ۾ ڇا آهي؟ ڪنھن به ساهواري کي اها خبر نه آهي ته هو سڀاڻي ڇا ڪمائيندو؟ ۽ ڪنھن به ساهواري کي اها خبر نه آهي ته هو زمين جي ڪهڙي حصي تي مرندو؟ بيشڪ الله تعالى وڏي علم وارو ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |