توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الم (آيت : 1) |
الٓمَّٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف- لام- ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الۗـۗمَّ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف، لام، ميم،.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) المَّ. الله اهو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف لام ميم (هي حروف مقطعات آهن، هنن جي اصل معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ بهتر ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ا لٓمّٓ کي،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف- لام- ميم (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ال۬مّ۬ (الف ـ لام ـ ميم)(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الف لام ميم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف- لام- ميم(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ الحَىُّ القَيّومُ (آيت : 2) |
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (جو سدائين) جيئرو (جڳ جي) بيھڪ ڏيڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هوالحي (سدائين زنده) ۽ القيوم آهي (جنهن جي ئي وسيلي هر شيءِ قائم آهي ۽ پاڻ پنهنجي قيام لاءِ ڪنهن جو به محتاج ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى آهي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي اهو زنده ٻين کي قائم رکندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله اهو آهي جنهن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. اهو زندھ (۽) سموري جهان کي قائم رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سچو معبود ناهي، ڪو به عبادت جو لائق ان کان سواءِ (پاڻ) جيئرو (ٻين کي) قائم رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اهو) جيئرو (۽ هميشه) قائم رهندڙ آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله (اُهو آهي جو) ناهي ڪو ئي عبادت جي لائق سواءِ ان جي، هميشه زنده رهڻ وارو جهان جو نظام قائم رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڄاڻي ڄاڻڻهار، ڌڻِي، جنهن ڌاران، نه ٻِي، درگاه ۽ درٻار، سو سدائين جيرو ۽ قائم برقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ڌارن ڪو به بندگيءَ جو لائق نه آهي، اهو سدائين جيئرو سڀني کي قائم رکڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، اها سدائين زنده رهڻ واري دائم قائم هستي آهي، جيڪو ڪائنات جو انتظام سنڀاليو بيٺو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله کان سواءِ ڪو خدا ناهي. اها ابدي زنده هستي، نظامِ ڪائنات کي سنڀاليو اچي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي، اهو ئي سدائين زنده رهندڙ ۽ (سموري ڪائِنات کي) سنڀاليندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَزَّلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ بِالحَقِّ مُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَيهِ وَأَنزَلَ التَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 3) |
توتي (اُھو) ڪتاب سچ سان لاٿائين (جو) جيڪي (ڪتاب) کانئس اڳي آھن تن جو سچو ڪندڙ آھي ۽ توريت ۽ اِنجيل کي لاٿائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هن (الله تعاليٰ) توتي ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو آهي، جنهن ۾ حقيقت ۽ سچائي آهي ان کان اڳي جيڪي به ڪتاب نازل ٿي چڪا آهن تن جي تصديق ڪندڙ آهي. تورات ۽ انجيل نازل فرمايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايائين حق سان، جيڪو اڳين ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، ۽ الله تعالى توراة ۽ انجيل پهرين نازل فرمايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تو تي برحق (اهو) ڪتاب نازل ڪيائين جو، جيڪي (اڳيان آسماني ڪتاب) آهن تن کي سچو چوندڙ آهي، پڻ توريت ۽ انجيل کي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لاٿائين توتي ڪتاب سچو جيڪو تصديق ڪندڙ آهي ان کان اڳين (ڪتابن) جي ۽ لاٿائين توراة ۽ انجيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) توتي حق سان (اُهو) ڪتاب (قرآن) لاٿائين جو جيڪي (ڪتاب) ان جي اڳيان آهن تن کي سچو چوندڙ آهي ۽ تورات ۽ انجيل کي هن کان اڳي ماڻهن جي هدايت لاءِ لاٿائين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!)ان تو تي (هي) ڪتاب حق سان لاٿو آهي جيڪو اڳين ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ (الله ئي ) تورات ۽ انجيل نازل ڪيو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تو تي، جنهن ڪتاب ڪيو، نازل نُور نبار، اِنهيان اڳين جو پارکو، ڪڍندڙ غير غُبار، ۽ توريت ۽ انجيل کي، اُتاريو اڳوار، هادِي ماڻهن هارِ، پڻ صفائـِي سچ ڪوڙ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هُن سچائيءَ سان توتي ڪتاب لاٿو، جو اڳين ڪتابن کي سچو ڪري ٿو ۽ توريت ۽ انجيل کي به لاٿائين(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهيءَ ئي توتي هيءُ ڪتاب نازل ڪيو آهي، جنهن حق آندو آهي ۽ انهن ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪي اڳ آيا هئا. هن کان اڳ هو انسانن جي هدايت لاءِ تورات ۽ انجيل نازل ڪري چڪو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي نبي! هن توتي هي ڪتاب حق سان نازل ڪيو آهي ۽ انهن ڪتابن جي تصديق ڪري ٿو، جيڪي (اڳي) نازل ڪري چڪو آهي تورات ۽ انجيل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ان هستيءَ ئي گذريل امَّتن تي تورات ۽ انجيل نازل ڪيو هو ۽ هاڻي تنھنجي مٿان به هي برحق ڪتاب (يعني قرآن مجيد) نازل فرمايو آهي، جيڪو پھريان آيل ڪتابن کي سچو مڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن قَبلُ هُدًى لِلنّاسِ وَأَنزَلَ الفُرقانَ إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ لَهُم عَذابٌ شَديدٌ وَاللَّهُ عَزيزٌ ذُو انتِقامٍ (آيت : 4) |
اڳي ئي ماڻھن جي ھدايت لاءِ ۽ (سچ ۽ ڪُوڙ ۾) سنڌو وجھندڙ لاٿائين، جن الله جي آيتن جو اِنڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آھي، ۽ الله غالب بدلي وٺڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله تعاليٰ اڳين ماڻهن جي هدايت وانگر پڻ فرقان (يعني نيڪ ۽ بد ۽ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ واري سمجهه ۽ قوت) نازل ڪيو. جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ٿا ڪن (حق کي ڇڏي باطل سان شامل ٿا ٿين) انهن کي (سندن ڏانهن عملن جي عيوض) سخت عذاب ملڻو آهي ۽ الله تعاليٰ سڀني تي غالب آهي ۽ (گنهگارن کي) سزا ڏيڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ماڻهن جي هدايت لاءِ ۽ فرق ڪندڙ ڪتاب نازل فرمايو، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي آيتن جا انڪاري ٿيا انهن لاءِ سخت عذاب آهي، ۽ الله تعالى غالب بدلو وٺندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن کان اڳي ماڻهن جي هدايت لاءِ لاٿائين. ۽ حق ۽ باطل ۾ تميز ڪرڻ وارو ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڳ ۾ هدايت ڪري ماڻهن جي لاءِ ۽ لاٿائين (حق ۽ نا حق ۾) فرق ڪندڙ بيشڪ جن ڪفر ڪيو الله جي آيتن جو انهن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله غالب، بدلي وٺڻ وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرقان (به) لاٿائين. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اڳ به (ڪتاب لاٿائين) ماڻهن جي هدايت لاءِ ۽ (هاڻي به) حق ۽ باطل و چ ۾ فرق ڪندڙ (قرآن) لاٿائين. بيشڪ اُهي ماڻهو جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو انهن لاءِ زور سخت عذاب آهي. ۽ الله غالب آهي بدلو وٺڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيتن کان الله جي، ڪيو جن اِنڪار، سزا سخت تن لئي ، ٻارڻ ٻهون ٻِيهار؛ ۽ غالب ربُّ، غفار، پڻ پاڙو جھاڙَ پارڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ان کان اڳ ماڻهن جي هدايت لاءِ حق ۽ باطل جي ڪسوٽي به لاٿائين. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن لاءِ سخت عذاب آهي ۽ الله زبردست بدلي وٺڻ وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هن ئي اها ڪسوٽي لاٿي آهي (جنهن سان حق ۽ ناحق کي پرکي سگهجي). هاڻي جيڪي ماڻهو الله جي حڪمن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندا، انهن لاءِ پڪ ئي پڪ سخت سزا آهي. الله بيحد طاقت وارو ۽ برائيءَ جو بدلو وٺڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن کان پهرين انسانن جي هدايت لاءِ ۽ هن اها ڪسوٽي لاٿي (جيڪا حق ۽ باطل جو فرق ڏيکاري ٿي) هاڻي جيڪي ماڻهو الله جي حڪمن کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪن، انهن کي يقينًا سخت سزا ملندي، ۽ الله بي پناهه طاقت جو مالڪ برائيءَ جو بدلو ڏيڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پھرين انسانن جي هدايت لاءِ تورات ۽ انجيل هئا ۽ هاڻي قرآن مجيد سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڏيکارڻ لاءِ نازل ڪيو ويو آهي، سو هاڻي جيڪو به الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندو، ان لاءِ سخت عذاب آهي . الله تعالى انڪار ڪندڙن کان چڱيءَ طرح بدلو وٺڻ جي طاقت رکي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ لا يَخفىٰ عَلَيهِ شَيءٌ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ (آيت : 5) |
بيشڪ الله تي ڪائي شيء نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ ڳجھي رھندي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلاشبه الله تعاليٰ کان ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي اها شيءِ زمين ۾ هجي، توڙي آسمان ۾ (ته به الله تعاليٰ کي ان جو علم آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى کان ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي زمين ۾ ۽ نه آسمانن ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ الله کان ڪا به شيءِ ڳجهي نه آهي (نه) زمين ۾ نڪي آسمان ۾.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله نه ٿي ڳجهي رهي ان کان ڪا شيءِ (نه) زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله کان ڪابه شي نڪي زمين ۾ ۽ نه ڪي آسمان ۾ ڳجهي رهي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله تي ڪا به شيءِ ڳُجهي نه آهي زمين ۾ ۽ نه ڪِي آسمان ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله جَل جلالہٗ، نه لِڪي کانِس لغار، نه زمين، نه آسمان ۾؛ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله تي ڪا به شيءِ زمين توڙي آسمان ۾ لڪل نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زمين توڙي آسمان جي ڪابه شيءِ الله کان ڳجهي نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله کان ڳجهي نه آهي ڪابه شيءِ زمين ۽ آسمان ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ زمين ۽ آسمان جي ڪا به شيءِ الله تعالى کان لڪل نه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى يُصَوِّرُكُم فِى الأَرحامِ كَيفَ يَشاءُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 6) |
اُھو (الله) اھو آھي جيڪو (مائن) ڳڀيرڻن ۾ جئن گھرندو آھي (تئن) اوھان جي شڪل ٺاھيندو آھي، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي (اُھوئي) غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهوئي آهي جو جهڙيءَ طرح چاهي ٿو تهڙيءَ طرح ماءُ جي پيٽ ۾ اوهان جي صورت (جسم عضوا اکيون وغيره) بنائي ٿو. يقيناً هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. هو غالب ۽ طاقت وارو آهي، (جنهن جي حڪم سان سڀ ڪجهه ّهور ۾ اچي ٿو) ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (جو ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳي پيٽ ۾ ئي ان جا سڀ عضوا بنائي تيار ڪري ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جيڪو توهان جي تصوير ماءُ جي پيٽن ۾ جهڙي طرح چاهي پيدا فرمائي ٿو، ناهي ڪوبه معبود مگر اهو عزت حڪمت وارو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هو اهو آهي جو (مائن جي) ڳڀيرڻين ۾ جيئن گهري ٿو تئين اوهان جي شڪل ٺاهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) داناءَ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جو صورت ٿو ٺاهي اوهان جي (مائرن جي) ڳڀيرڻن ۾ جنهن نموني گهري، ناهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اُهو آهي جو (مائن جي) ڳڀيرڻين ۾ جيئن گهري ٿو تيئن اوهان جي شڪل ٺاهي ٿو. ان کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو (الله) ئي آهي جيڪو (مائرن جي) پيٽن ۾ اوهان جي صورت ٺاهي ٿو جيئن چاهي. ناهي ڪوئي عبادت جي لائق سواءِ ان جي (اُهو) غالب آهي حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿو سينگاري ستار، شِڪليون اَهنجون شِڪم ۾، گُھري جيئن غفّار، ڌڻي، نه اِنهيان ڌار، سو سَٻر ۽ سٻوجھ گهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهوئي اوهان کي ماءُ جي پيٽ ۾ جيئن وڻيس، تيئن شڪل ڏئي ٿو. ان زبردست حڪمت (۽ ڏاهپ) واري کانسواءِ ڪو به بندگيءَ جو لائق نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهوئي ته آهي، جيڪو توهان جي مائرن جي پيٽن ۾ توهان جون شڪليون جيئن وڻيس تيئن بڻائي ٿو. انهيءَ زبردست ۽ حڪمت واري کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ئي توهان جون صورتون توهان جي مائرن جي رحمن (پيٽ) ۾ جيئن گهري بڻائي ٿو، ڪوبه خدا ناهي ان زبردست حڪمت واري کان سواءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو مائرن جي ٻچيدانيءَ ۾ توهان جون صورتون، پنھنجي مرضيءَ مطابق ٺاهي ٿو، اهڙي زبردست حڪمت واري کان سواءِ، ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُوَ الَّذى أَنزَلَ عَلَيكَ الكِتٰبَ مِنهُ ءايٰتٌ مُحكَمٰتٌ هُنَّ أُمُّ الكِتٰبِ وَأُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ فَأَمَّا الَّذينَ فى قُلوبِهِم زَيغٌ فَيَتَّبِعونَ ما تَشٰبَهَ مِنهُ ابتِغاءَ الفِتنَةِ وَابتِغاءَ تَأويلِهِ وَما يَعلَمُ تَأويلَهُ إِلَّا اللَّهُ وَالرّٰسِخونَ فِى العِلمِ يَقولونَ ءامَنّا بِهِ كُلٌّ مِن عِندِ رَبِّنا وَما يَذَّكَّرُ إِلّا أُولُوا الأَلبٰبِ (آيت : 7) |
اُھو (الله) آھي جنھن توتي ڪتاب لاٿو جنھن مان ڪي آيتون مُحڪم آھن (يعني اُنھن جي معنىٰ صاف آھي) اُھي ڪتاب جو اصل آھن ۽ ٻيون متشابه آھن (يعني اُنھن جون معنائون گھڻيون ٿي سگھن ٿيون)، پوءِ جن دلين ۾ ڏنگائي آھي سي مَنجھانئس جيڪي مُتشابه آھن تن جي پُٺيان خرابي ڳولڻ ۽ سندس مراد ڳولڻ لاءِ لڳندا آھن، ۽ الله کانسواءِ اُن جي مُراد ڪوئي نه ڄاڻندو آھي، ۽ (جيڪي) علم ۾پڪا (آھن سي) چوندا آھن ته اُنھن کي مڃيوسُون اِھي مڙئي اسان جي پالڻھار وٽان آھن، ۽ ڌيان وارن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه نصيحت نه وٺندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر! اهوئي (حي ۽ قيوم) آهي، جنهن توتي ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو آهي. ان ۾ ڪي آيتون محڪم آهن (جن جي معنيٰ ظاهر ۽ چٽي آهي) اهي آيتون قرآن مجيد جو اصل ۽ بنياد آهن. ٻيون آهن متشابهات (جن جي معنيٰ اسان لاءِ چٽي ٿي نه ٿي سگهي). پوءِ جن ماڻهن جي دلين ۾ ڏنگائي ڦڏائي آهي، اهي (محڪم آيتن کي ڇڏي) انهن آيتن جي پٺيان پون ٿا جي الله جي ڪتاب ۾ متشابه آهن. هن غرض سان ته فتنو پيدا ڪن ۽ انهن جي حقيقت ڳولي لهن، پر انهن جي حقيقت الله کان سواءِ ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي، پر جيڪي ماڻهو علم ۾ پڪا آهن، اهي (متشابهات جي پوئنا نٿا پون اهي) چون ٿا ته، اسان انهن تي ايمان رکون ٿا، ڇو ته اهي سڀ اسان جي پروردگار جي طرف کان آيل آهن. حقيقت هيءَ آهي ته (حق جي تعليم مان) نصيحت اهي ٿا وٺن جي عقل ۽ سمجهه وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو ئي آهي جنهن توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايو انهيءَ جون ڪجهه آيتون صاف معنى رکن ٿيون اهي قرآن ڪريم جو بنياد آهن ۽ ٻيون آيتون متشابهات آهن، پر جن ماڻهن جي دل ۾ وَر آهي سي متشابهه آيتن جي پٺيان فتني ۽ پاڻ مرادو معنائون طلب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪن ٿا، ۽ الله تعالى کان سواءِ حقيقت ۾ ان جي مراد ڪير نٿو ڄاڻي ۽ يقيني علم وارا چون ٿا اسان انهن آيتن تي ايمان آندو، اهي سڀئي آيتون اسان جي رب وٽان آهن، ۽ نصيحت ته فقط عقلمند حاصل ڪن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هو اهو آهي جنهن تو تي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنى واريون) آيتون آهن، اهي (عمل ڪرڻ لاءِ) اصل (۽) ڪتاب جو (بنياد) آهن ۽ ٻيون آيتون متشابهات آهن (جن جون ڪيئي معنائون ٿي سگهن ٿيون) پوءِ جن (ماڻهن) جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، سي ڪتاب مان انهن متشابه آيتن جي پٺيان پيل آهن ته جيئن فساد برپا ڪن. ۽ ان خيال سان ته پنهنجي دلي مطلب مطابق تاويل ڪن. هوڏانهن خدا ۽ انهن انسانن کان سواءِ جي علم جي وڏي درجي تي فائز آهن، انهن جو اصلي مطلب ڪو به نٿو ڄاڻي، اهي انسان (هي به) چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو، هي سڀ (محڪم هجي يا متشابه) اسان جي پالڻهار جي طرف کان آهي. ۽ صاحبان لب (عقل مندن) کان سواءِ ڪو به ڌيان نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ئي آهي جو نازل ڪيائين تو تي ڪتاب ان مان ڪجهه آيتون محڪم آهن جو اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابهه آهن پوءِ پر اهي ماڻهو جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي پوءِ پيروي ٿا ڪن ان جي جو متشابهه ٿيو ان مان فتني قائم ڪرڻ ۽ ان جي تاويل طلب ڪرڻ جي لاءِ ۽ نه ٿو ڄاڻي ان جي تاويل کي ڪو به الله کان سواءِ ۽ پڪائي رکندڙ علم ۾ چون ٿا ته ايمان آندوسون ان تي هي سڀ اسان جي رب وٽان آهي ۽ نه ٿا نصيحت قبول ڪن مگر عقل وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو اهو آهي جنهن توتي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنيٰ واريون) آيتون آهن، اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابهات آهن (يعني انهن جي هڪ مقرر ڪيل معنيٰ نه آهي) پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي سي ڪتاب مان متشابهات جي پيروي ڪن ٿا فتني پکيڙڻ جي غرض سان ۽ ان جي (دل گهرئي) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ، هوڏانهن ان جي (خاص) مطلب کي الله کان سواءِ ڪونه ٿو ڄاڻي. ۽ مضبوط علم وارا چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو. سڀئي اسان جي پاليندڙ وٽان آهي. ۽ عقل وارن کان سواءِ ڪوبه ڌيان نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو ئي آهي جنهن تو تي ڪتاب نازل ڪيو. جنهن مان ڪي آيتون ”محڪم“ (يعني چِٽِي معنى واريون) آهن اُهي (احڪامِ) ڪتاب جو بنياد آهن ۽ ٻيون ”مُـتَــشَــابه“ (يعني ڪيئي قسمن جي معنائن واريون) آهن. پوءِ اُهي ماڻهو جن جي دلين ۾ ڦير آهي سي پوءِ متشابهه جي پويان پون ٿا. (صرف) فتني تلاش ڪرڻ خاطر ۽ پنهنجِي مطلبي معنى حاصل ڪرڻ خاطر حالانڪه ان جي اصل مراد الله کان سواءِ ڪو نه ٿو ڄاڻي. ۽ علم ۾ ڪامل پُختگي رکڻ وارا ته چون ٿا ”اسان اُن تي ايمان آندو اهي سڀ اسان جي پالڻهار وٽان آهن“. ۽ نصيحت ته صرف عقل وارا ئي پرائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن اُتاريو تو اُتي، ڪتاب سچو قرآن، ڪي چِٽيون آهن اُن ۾، آيتون عيان، سي قاعدو ڪتاب جو، ۽ ٻيون گڏيل ساڻ گمان، پوءِ، جي گمان گاڏيسون؛ تن تي هلن، سي حيران، مرض جن جي مَن ۾؛ تن جو تاويل گُھرن تعبان، فتني ۽ فساد جِي، نيت سان نادان، ۽ سوا ربَّ سبحان، ڪو اَرٿ نه ڄاڻي اُن جو. ۽ چون اَڪابر علم ۾، ته مڃو سون، سو مور، آهن اسان جي ربَّ ڪنان، مڙيئي مذڪور؛ ۽ پوري جن پرور، نه ساڱائينِ، تن سوا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهوئي آهي، جنهن توتي ڪتاب لاٿو. ان ۾ ڪي آيتون صاف معنيٰ واريون آهن، جي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون اڻ مقرر معنيٰ واريون. پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، سي ان مان گمراهي پکيڙڻ ۽ حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ اڻ مقرر ٿيل معنيٰ وارين آيتن پٺيان پون ٿا، جن جو مطلب الله کانسواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ڄاڻي پر مضبوط علم وارا ته چون ٿا ته ”اسان انهن تي ايمان آندو، سڀ ڪجهه اسان جي رب جي طرفان آهي ۽ سمجهائڻ سان عقل وارا ئي سمجهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! انهيءَ ئي الله ته هيءُ ڪتاب توتي نازل ڪيو آهي، جنهن ۾ ٻن قسمن جون آيتون آهن: هڪ محڪمات، جيڪي ڪتاب جو اصل بنياد آهن ۽ ٻيون متشابهات، جن ماڻهن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي، اهي ته فتني جي ڳولا ۾ هميشه متشابهات جي ڪڍ لڳل هوندا آهن ۽ انهن کي معنيٰ ڍڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، حالانڪه انهن جو صحيح مطلب الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي. ٻئي طرف جيڪي ماڻهو علم ۾ ڀــَـڙ آهن، اهي چون ٿا ته "اسان جو انهن تي ايمان آهي، اهي سڀ اسان جي رب جي پار کان ئي آهن" ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن شيءِ مان صحيح سبق فقط عقلمند ماڻهو ئي حاصل ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهو ئي خدا آهي جنهن نازل ڪيو آهي (توتي اي نبي!) هي ڪتاب، جنهن ۾ ٻن نمونن جون آيتون آهن هڪ محڪمات، جيڪي ڪتاب جو اصل بنياد آهن ۽ ٻيون متشابهات، جن ماڻهن جي دلين ۾ ٽيڏ آهي اهي هميشه فتني جي تلاش ۾ متشابهات جي پويان لڳل هوندا آهن ۽ معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جڏهن ته انهن جو حقيقي مفهوم ڪوبه نٿو ڄاڻي الله کان سواءِ،۽ برخلاف ان جي، جيڪي ماڻهو علم ۾ پختا آهن، اهي چون ٿا ته اسان جو انهن تي ايمان آهي، هي سڀ اسان جي رب جي طرفان ئي آهي۽ سچ هي آهي ته ڪنهن شيءِ مان صحيح سبق فقط عقل وارا ماڻهو ئي وٺن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان هستيءَ ئي تنھنجي مٿان هي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جنھن ۾ ٻن قسمن جون آيتون موجود آهن. هڪ محڪمات آيتون (جن جا حڪم چٽا بيان ٿيل آهن) جيڪي هن ڪتاب جو اصل ۽ بنياد آهن ۽ ٻيون متشابھات آيتون (جن جا حڪم واضح طريقي سان نه سمجهايا ويا آهن) سو هاڻي جن ماڻهن جي دلين ۾ شرارت آهي ته اهي فساد جي نيت سان ڏينھن رات انهن غير واضح آيتن (يعني متشابھات) جي پويان لڳا پيا هوندا آهن ۽ ويھي انهن آيتن جون من پسند معنائون ڳولهيندا آهن، حالانڪه اهڙين آيتن جي صحيح معنى ۽ مقصد الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڄاڻندو آهي. ها باقي علم ۾ ملڪو (يعني مھارت) رکڻ وارا ماڻهو انهن آيتن کي پڙهي چوندا آهن ته، اسان جو انهن آيتن تي ايمان آهي، سڀ آيتون الله تعالى جي طرفان نازل ڪيل آهن، حقيقت هي آهي ته عقل وارا ئي نصيحت حاصل ڪندا آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا لا تُزِغ قُلوبَنا بَعدَ إِذ هَدَيتَنا وَهَب لَنا مِن لَدُنكَ رَحمَةً إِنَّكَ أَنتَ الوَهّابُ (آيت : 8) |
اي اسان جا پالڻھار جڏھن تو اسان کي ھدايت ڪئي تنھن کان پوءِ اسان جي دلين کي ڏنگائي نه ڏي ۽ پاڻ وٽان اسان کي ٻاجھ عطا ڪر، ڇوته تون ئي بخشڻھار آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي عقل وارا هميشه هيئن چوندا آهن ته) اي اسان جا پروردگار اسان کي جو سنئين رستي تي لڳايو اٿئي سو ائين نه ڪجانءِ جو اسان جون دليون وري بگڙي پون ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر، يقناً تون ئي سڀني کان وڏو نعمتون ڏيندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب هدايت ڏيڻ کان پوءِ اسان جون دليون ڏنگيون نه فرماءِ ۽ اسان کي پنهنجي طرفان رحمت عطا فرماءِ، بيشڪ تون ئي گهڻو عطا ڪندڙ آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ دعا گهرن ٿا ته) اي اسان جا پالڻهار! جڏهن تون اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦير. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت بخش! بيشڪ تون ئي بخشڻ وارو آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا پالڻهار نه ڏنگيون ڪر اسان جون دليون ان کان پوءِ جو هدايت ڪيئي اسان کي ۽ عطا ڪر اسان کي پاڻ وٽان رحمت بيشڪ تون ئي زياده ڏيندڙ آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! جڏهن تو اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦير. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت بخش! بيشڪ تون ئي بخشڻ وارو آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (دعا گھرن ٿا ته) ”اي اسان جا پالڻهار! اسان جي دلين کي نه ڦيراءِ ان کان پوءِ جو تو اسان کي هدايت ڏني آهي، ۽ اسان کي پاڻ وٽان (خاص) رحمت عطا ڪر، بيشڪ تون وڏو عطائون ڪندڙ آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَن نه اسان جا موڙ، سانيم! سُهائـِي، جنهن پٺيان، ۽ پنهنجا توه ڪر توڙ، پَڪ، تون اَسانجو، پاڪ ڌڻي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! اسان کي سنئين رستي لڳائڻ کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦيراءِ پاڻ وٽان اسان کي رحمت عطا ڪر- بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه بخشڻ وارو آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي الله کان دعا گهرندا رهندا آهن ته "اي اسان جا رب! جڏهن تون اسان کي سنئين دڳ لائي چڪو آهين ته پوءِ اسان جي دلين کي ڪنهن ڏنگائيءَ ۾ نه وجهجانءِ ، اسان کي پنهنجي فيض جي گنج مان رحمت عطا ڪر جو تون ئي ته فيض عطا ڪندڙ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي الله کان دعا ڪن ٿا ته ”اي پروردگار! تون اسان جي دلين کي ڏنگائي کان بچاءِ، تون اسان کي سڌي راهه تي آڻي چڪو آهين، ته پوءِ اسان کي پنهنجي فيض جي خزانن مان رحمت عطا ڪر، بيشڪ تون سچو فياض آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (عقلمند ماڻهو ) الله تعالى کان دعا گهرندا آهن، ته اي اسان جا پالڻھار! اسان جي دلين کي هدايت اچڻ کان پوءِ شرارت ڏانھن نه موڙجانءِ، بلڪ اسان کي پنھنجي طرف کان رحمت عطا فرماءِ، بيشڪ تون وڏو عطا ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا إِنَّكَ جامِعُ النّاسِ لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ إِنَّ اللَّهَ لا يُخلِفُ الميعادَ (آيت : 9) |
اي اسان جا پالڻھار تون اُن ڏينھن ۾ ماڻھن کي گڏ ڪندڙ آھين جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي، ڇوته الله (پنھنجي) انجام کي نه ڦيرائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار اسان کي هن ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ته تون يقيناً هڪڙي ڏينهن سڀني ماڻهن کي جمع ڪرڻ وارو آهين. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب بيشڪ تون قيامت جي ڏينهن سڀني ماڻهن کي گڏ ڪندڙ آهين جنهن ۾ ڪو شڪ ناهي، بيشڪ الله تعالى جو وعدو نٿو مَٽجي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! تون اسان کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله (پنهنجو) انجام نٿو ڦيرائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ تون گڏ ڪندڙ آهين ماڻهن جو ان ڏينهن ۾ جو ناهي ڪو شڪ ان ۾ بيشڪ الله نه ٿو مخالفت ڪري وعدي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! تون اسان کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله (پنهنجو) انجام نه ٿو ڦيرائي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ تون سڀ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ وارو آهين هڪڙي ڏينهن لاءِ جنهن ۾ ڪو شڪ ئي نه آهي“. بيشڪ الله وعدي خلافي ڪونه ڪندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون ميڙيندڙ ماڻهين، مولا! محشر وار، جنهن ۾ وهم نه وار، واحد نه ڦيري واعدا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! تون ماڻهن کي ان ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن بابت ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله پنهنجي وعدي جي خلاف نٿو ڪري.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسان جا رب! بيشڪ تون سڀني ماڻهن کي هڪڙي ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، تون پنهنجي وعدي کان ڪڏهن به ڦرڻ وارو نه آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پروردگار! تون بيشڪ سڀني ماڻهن کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي، تون هرگز پنهنجي وعدي کان ڦرڻ وارو نه آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! ان ڏينھن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ نه آهي، جنھن ڏينھن تون سڀني انسانن کي پاڻ وٽ گڏ ڪرڻ وارو آهين. بيشڪ الله تعالى وعدي جي خلاف ورزي نه ڪندو آهي. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ هُم وَقودُ النّارِ (آيت : 10) |
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کان ڪڏھن نه سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله (جي عذاب) مان ڪجھ نه ٽاريندو، ۽ اِھي دوزخ جو ٻارڻ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (سچائي ۽ نيڪيءَ جي واٽ ڇڏي) ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ياد رکن ته) کين الله جي پڪڙ کان نڪي سندن دولت ڇڏائي سگهندي، نڪي اولاد (جي دنيا ۾ ته ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪن ٿا) اهي عذب جي باهه جو ٻارڻ ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي سندن مال ۽ اولاد الله تعالى جي عذاب کان بچائي نه سگهندو، ۽ اهي ئي دوزخ جو ٻارڻ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي سندن مال ۽ سندن اولاد الله جي عذاب کان ڪجھ به ڪم نه ايندا. ۽ اهي ئي دوزخ جي باھ جو ٻارڻ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو هرگز نه بچائي سگهندا انهن کي مال انهن جا ۽ نه اولاد انهن جو الله جي (عذاب کان) ڪجهه به ۽ اهي ئي باهه جو ٻارڻ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي نه سندن مال ۽ نه سندن اولاد الله جي عذاب کان ڪجهه به ڪم ايندا. ۽ اهي ئي باهه جو ٻارڻ آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو انهن جا مال ۽ انهن جا اولاد انهن تان الله (جي عذاب) کان ڪا شيءِ ٽاري نه سگهندا. ۽ اهي ئي دوزخ جو ٻارڻ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦريا، نه ڪيو، اُنهن کي، الله کان آزاد، سندن مال ۽ اولاد، اُهي بيشڪ ٻارڻ باه جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو، تن کي الله کان ڇڏائڻ لاءِ نڪي سندن مال ۽ نه سندن اولاد ڪجهه ڪم ايندا ۽ اهي ئي دوزخ جو ٻارڻ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، انهن کي الله جي مقابلي ۾ نڪي سندن مال ڪنهن ڪم ايندو ۽ نه اولاد. هو دوزخ جو ٻارڻ بڻبا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو آهي، انهن کي سندن مال ڪنهن ڪم نه ايندو ۽ نه سندن اولاد الله جي مقابلي ۾، ۽ اهي دوزخ جو ٻارڻ ٿي رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو، اهڙن ماڻهن کي سندن مال ۽ اولاد ڪنھن به قسم جي ڪم نه ايندا ۽ اهي ئي ماڻهو جَھنَّم جو ٻارڻ ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَدَأبِ ءالِ فِرعَونَ وَالَّذينَ مِن قَبلِهِم كَذَّبوا بِـٔايٰتِنا فَأَخَذَهُمُ اللَّهُ بِذُنوبِهِم وَاللَّهُ شَديدُ العِقابِ (آيت : 11) |
(اُنھن جو حال) فرعونين جي ۽ اُنھن جي حال جھڙو آھي جي کانئن اڳ ھؤا، (اُنھن) اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڀانيو، پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن جو به اهوئي رستو آهي جو فرعون جي جماعت جو هو ۽ انهن کان اڳوڻن ماڻهن جو هو، انهن الله تعاليٰ جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو، تنهن ڪري الله تعاليٰ سندن گناهن ۽ بدعملن جي ڪري کين به پڪڙ ڪندو. بيشڪ الله تعاليٰ گناهن جي سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيئنڪ فرعون وارا، ۽ انهن کان اڳ وارا ماڻهو هئا، انهن اسان جي آيتن کي نه مڃو، پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي عيوض پڪڙيو ۽ الله تعالى سخت عذاب ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعونن ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا، تن جي حال وانگر، انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. ۽ الله جي سزا سخت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (انهن جو حال) فرعونين ۽ انهن جهڙو آهي جيڪي کانئن اڳي هيا ڪوڙو چيائون اسان جي آيتن کي پوءِ پڪڙيو انهن کي الله انهن جي گناهن جي ڪري ۽ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعونين ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا، تن جي حال وانگر، انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. ۽ الله جي سزا سخت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جو انجام اهڙو ئي ٿيندو جيڪو قومِ فرعون ۽ جيڪي ماڻهو انهن کان اڳ هئا تن جو ٿيو. جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو چيو، پوءِ الله انهن کي انهن جي ڏوهن سبب پڪڙيو ۽ الله سخت عذاب ڏيندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فرعون جي فريق جيئن، پڻ اُنهيان اڳين جا پار، جن ڪوڙيون اسان جون، ڪوٺيون نِشانيون نروار، پوءِ سائين سندن ڏوهن ۾، تن کي، ورتو ڪنهن وار، ۽ صاحب ربُّ ستار، سزا ڏيڻ ۾، سخت گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيئن فرعونين ۽ کانئن اڳين جو دستور هو. هنن الله جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ الله سندن گناهن ڪري کين پڪڙ ڪئي ۽ الله سخت عذاب ڪندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن جي پڇاڙي اهڙي ٿيندي جهڙي فرعون جي ساٿين ۽ انهن کان اڳ وارن بي فرمانن جي ٿي هئي، جو انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سڏيو هو، نتيجو اهو ٿيو جو الله سندن گناهن سبب کين پڪڙيو ۽ اها ته حقيقت آهي ته الله سخت سزا ڏيندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي پڄاڻي اهڙي ئي ٿيندي جهڙي فرعون جي ساٿين ۽ ان کان اڳ بي فرمانن جي، جن الله جي آيتن کي ڪوڙو چيو، نتيجو هي نڪتو الله کين گناهن تي پڪڙيو ۽ سچ پچ الله سخت سزا ڏيڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن جو انجام فرعون جي ساٿِين ۽ ان کان اڳ گذريل ماڻهن جھڙو ٿِيندو، جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو. الله تعالى کين سندن گناهن جي ڪري پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعالى سخت سزا ڏيندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل لِلَّذينَ كَفَروا سَتُغلَبونَ وَتُحشَرونَ إِلىٰ جَهَنَّمَ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 12) |
(اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته سگھو ھيڻا ٿيندؤ ۽ دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي منهنجا) رسول) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئو ته توهان به مغلوب ٿيندؤ ۽ جهنم ڏانهن ڌڪجي ويندؤ. اهو ڪهڙو نه خراب هنڌ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان ڪافرن کي فرمايو جلدي توهان شڪست کائيندا ۽ جهنم ڏانهن گڏ ڪيا ويندا، ۽ بڇڙي جاءِ آهي ويهڻ جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڪافرن کي چئو ته توهان جي طاقت کي ٽوڙيو ويندو ۽ اوهان کي دوزخ ۾ گڏ ڪيو ويندو. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ انهن کي جو ڪفر ڪيائون ته جلدي مغلوب ڪيا ويندؤ ۽ اٿاريا ويندؤ جهنم ڏانهن ۽ اهو بڇڙو هنڌ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) ڪافرن کي چئو ته اوهان جي طاقت کي ٽوڙيو ويندو ۽ اوهان کي دوزخ ڏي گڏ ڪيو ويندو. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) انهن ماڻهن کي چؤ جن ڪفر ڪيو ته ڄاڻ توهان مغلوب ٿي ويندؤ ۽ دوزخ ڏانهن جمع ڪيا ويندؤ. ۽ اهو بڇڙو هنڌ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦريا، تن فرماءِ تون، ته هرگز کيندا هار، ۽ هلندا هاوِي پار، بي حد بڇرو، ماڳ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن کي چئو ته ”هاڻي اوهان تي غلبو ٿيندو، اوهين دوزخ ڏانهن هڪليا ويندؤ ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! جن ماڻهن تنهنجي دعوت کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، انهن کي ٻڌائي ڇڏ ته ڄاڻ آيو اهو وقت جڏهن توهان بي وس بڻايا ويندؤ ۽ جهنم ڏانهن هڪليا ويندؤ ۽ جهنم ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) جن ماڻهن تنهنجي دعوت کي قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي، کين چؤ توهان مغلوب ٿيندا ۽ جهنم ڏي هڪليا ويندا ۽ اهو برو ٺڪاڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) ڪافرن کي چؤ، ته توهان سگهو ئي شڪست کائيندا، پوءِ توهان کي جَھنَّم ڏانھن گھليو ويندو ۽ اها ڏاڍي خراب جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد كانَ لَكُم ءايَةٌ فى فِئَتَينِ التَقَتا فِئَةٌ تُقٰتِلُ فى سَبيلِ اللَّهِ وَأُخرىٰ كافِرَةٌ يَرَونَهُم مِثلَيهِم رَأىَ العَينِ وَاللَّهُ يُؤَيِّدُ بِنَصرِهِ مَن يَشاءُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَعِبرَةً لِأُولِى الأَبصٰرِ (آيت : 13) |
اُنھن ٻن ٽولين جي (پاڻ ۾) ويڙھ ڪرڻ ۾ اوھان لاءِ بيشڪ نشاني آھي، ھڪڙي ٽولي الله جي واٽ ۾ وڙھي ۽ ٻي (ڪافرن جي) ھئي (مسلمانن) کين پنھنجو ٻيڻو اکين جي ڏيٺ سان ڏٺو ٿي، ۽ الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) پنھنجيءَ مدد سان سگھ ڏيندو آھي، ڇوته اُن ۾ (سمجھ جي) اکين وارن لاءِ ضرور عبرت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ يقيناً اوهان لاءِ انهن ٻن لشڪرن ۾ (حق جي فتح جي) وڏي نشاني هئي جي (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا هئا. هڪ طرف اها (ننڍڙي) جماعت هئي جا الله جي راهه ۾ وڙهي رهي هئي. ٻي ٽولي حق جي منڪرن جي هئي جن کي مسلمان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا ته کانئن ٻيڻا آهن، (تنهن هوندي به حق جي منڪرن کي سخت شڪست آئي) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي مدد پهچائي ٿو. بيشڪ جن ماڻهن کي ڏسڻ جون اکيون آهن (۽ سمجهه اٿن) انهن لاءِ هن معاملي ۾ وڏي عبرت (۽ نصيحت) رکيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان لاءِ نشاني آهي ٻه ٽولا جيڪي هڪ ٻئي کي سامهون ٿيا، هڪ جماعت الله جي واٽ ۾ جنگ ڪئي ۽ ٻيا ڪافر هئا، مسلمانن ظاهر ۾ ڪافرن کي پاڻ کان ٻيڻو ٿي ڏٺو، ۽ الله جنهنکي گهري پنهنجي طاقت سان فتح ڏئي ٿو، بيشڪ انهيءَ ۾ عقلمندن لاءِ عبرت آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ توهان جي (سمجهڻ) لاءِ انهن ٻن (مخالف) گروهن ۾ جي (بدر جي جنگ ۾) هڪ ٻئي سان وڙهيا (رسول جي سچائي جي) تمام وڏي نشاني آهي جو هڪ گروھ ته خدا جي راھ ۾ جهاد ڪري رهيو هو ۽ ٻيو (گروھ) ڪافرن جو جن کي مسلمان پاڻ کان ٻيڻ جيترو (ظاهري طرح) اکين سان ٿي ڏٺو. (پر ٿورن کي ئي مدد ڏني) ۽ خدا پنهنجي مدد سان جنهن جي چاهي ٿو تائيد ڪندو آهي. بيشڪ اکين وارن لاءِ هن واقعي ۾ وڏي نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيي هئي اوها لاءِ نشاني ٻن جماعتن ۾ جيڪي سامهون ٿيون (بدر جي جنگ ۾) هڪ جماعت وڙهي ٿي الله جي واٽ ۾ ۽ ٻي (جماعت وارا) ڪافر هئا ڏسن پيا انهن کي ٻيڻو انهن کان اک جو ڏسڻ ۽ الله تائيد ٿو ڪري پنهنجي مدد سان جنگ کي گهري.يشڪ ان ۾ عبرت آهي سمجهدارن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ٻه جماعتون جيڪي هڪ ٻئي سان وڙهيون، تن ۾ اوهان لاءِ نشاني آهي. هڪ جماعت الله جي رستي ۾ جنگ ٿي ڪئي ۽ ٻي ڪافرن جي هئي. مسلمانن ڪافرن کي پنهنجي ٻيڻ جيترو (ظاهر طرح) اکين سان ٿي ڏٺو، ۽ الله پنهنجي مدد سان جنهن کي گهري تنهنکي طاقت ڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان لاءِ انهن ٻن جماعتن ۾ هڪ نشاني هئي جيڪي (ميدانِ بدر ۾) هڪ ٻئي ۾ لڙيون. هڪ جماعت الله جي رستي ۾ پئي لڙي ۽ ٻي جماعت ڪافر هئي ۽ اُهي کين (يعني مسلمانن کي) اکين سان پاڻ کان ٻيڻو ڏسن پيا. ۽ الله پنهنجي مدد سان جنهن کي چاهي طاقتور ڪري. بيشڪ ان (معرڪي) ۾ اکين وارن لاءِ وڏي عبرت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آن لئي ٻِن ٻارين ۾، نشاني نروار، هڪڙي ربَّ جي راه ۾، جنگ ڪري، جُونجھار، ۽ ٻِي ڦريل فوج، اکين سان، پئا ڏِسنسِ ٻِين ٻيهار، ۽ لله مدد ڏي اُن کي، جنهن کي، گُھري جبّار، اَ کيارن لئي اِظهار، آهي عبرت اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن ٻنهي مقابلي ڪندڙ فوجن ۾ اوهان لاءِ نشاني آهي:- هڪ فوج آهي جا الله جي راهه ۾ وڙهي ٿي ۽ ٻي فوج ڪافرن جي آهي، هو کين پڌري پٽ پاڻ کان ٻيڻو ڏسن ٿا ۽ الله پنهنجي مدد سان جنهن کي وڻيس زور وٺائي ٿو. بيشڪ انهيءَ ۾ ڏسندڙن لاءِ عبرت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن مان هڪڙو عبرت جو نشان هو، جيڪي (بدر ۾) هڪ ٻئي سان دوبدو ٿيا. هڪڙو ٽولو الله جي راه ۾ وڙهي رهيو هو ۽ ٻيو ٽولو ڪافر هو. ڏسڻ وارا انهن ئي کليل اکين سان ڏسي رهيا هئا ته ڪافر ٽولو مؤمن ٽولي کان ٻيڻو هو مگر (نتيجي ثابت ڪيو ته) الله پنهنجي فتح ۽ نصرت سان جنهن جي به وڻيس مدد ٿو ڪري. اکين وارن لاءِ ان ۾ وڏو سبق سمايل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن ۾ هڪ عبرت ڏيندڙ نشاني هئي، جيڪي (بدر ۾) هڪ ٻئي جي مدِ مقابل هئا. هڪ ٽولو الله جي راهه ۾ لڙي رهيو هو ۽ ٻيو ٽولو ڪافرن جو هو، ڏسڻ وارا ڏسي رهيا هئا ته ڪافر ٽولو مؤمن ٽولي کان ٻيڻو آهي، پر (نتيجي ثابت ڪيو ته) الله پنهنجي نصرت ۽ فتح سان جنهن کي گهري ٿو مدد ڏئي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکيون رکڻ وارن لاءِ وڏو سبق لڪل آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ توهان جي لاءِ انهن ٻن ٽولن ۾ عبرت جي نشاني هئي، جيڪي مقابلي لاءِ (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا هئا. انهن مان هڪ ٽولي الله تعالى جي راهه ۾ وڙهي رهي هئي ۽ ٻي ٽولي ڪافرن جي هئي. مسلمان، ڪافرن جي ٽوليءَ کي پاڻ کان ٻيڻو ڏسي رهيا هئا پر الله تعالى جنھن لاءِ گهرندو آهي، پنھنجي مدد جي وسيلي حمايت ڪندو آهي. بيشڪ ان واقعي (يعني ڪافرن جي شڪست ۽ مسلمانن جي فتح) ۾ اکيون کولڻ وارن لاءِ هڪ وڏو سبق آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
زُيِّنَ لِلنّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّساءِ وَالبَنينَ وَالقَنٰطيرِ المُقَنطَرَةِ مِنَ الذَّهَبِ وَالفِضَّةِ وَالخَيلِ المُسَوَّمَةِ وَالأَنعٰمِ وَالحَرثِ ذٰلِكَ مَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ المَـٔابِ (آيت : 14) |
ماڻھن لاءِ زالن ۽ پُٽن ۽ سونَ ۽ چانديءَ جي (وڏن وڏن) سٿيلن ڍيرن ۽ نشان ڪيلن گھوڙن ۽ ڍورن ۽ پوک جي سڌن جو پيار سينگاريو ويو آھي، اِھو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آھي، ۽ الله وٽ چڱو موٽڻ جو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انسان جي لاءِ مرد ۽ عورت جي لاڳاپي ۾، اولاد ۾، سون چاندي جي دولت ۾، چونڊ گهوڙن ۾، ڍورن ڍڳن ۾، پوکن ۽ باغن ۾ دل جي خوشي زينت آهي (فطرتاً توهان کي به انهن جي خواهش آهي ۽ ان ۾ گناه ڪونهي) پر هي سڀ دنيوي زندگيءَ جو متاع آهي ۽ بهتر مڪان ته الله تعاليٰ وٽ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ماڻهن لاءِ سينگاري وئي آهي پسنديده شين جي محبت، عورتون، پٽ ۽ گهڻي دولت ۽ سون ۽ چاندي ۽ نشان ڪيل گهوڙا ۽ چؤپايو مال ۽ پوکون، اهي شيون دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهن، ۽ الله تعالى وٽ بهترين موٽڻ جي جاءِ (بهشت) آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (دنيا ۾) ماڻهن کي سندن وڻندڙ شيون (جيئن) زالون ۽ پٽ ۽ سون ۽ چانديءَ جا گڏ ڪيل خزانا ۽ ڀلا گهوڙا ۽ ڍڳا ڍور ۽ پوک سهڻيون ڪري ڏيکاريل آهن. اهو (فقط فاني) دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ (هميشه) جو سٺو هنڌ ته خدا وٽ ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سينگاري وئي ماڻهن لاءِ محبت خواهشن جي عورتن ۽ پٽن ۽ گڏ ڪيلن (خزانن جي) ڍيرن جي سون ۽ چانديءَ ۽ گهوڙن نشان ڪيلن ۽ چوپائي مال ۽ پوک مان اهو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي ۽ الله وٽ ئي سهڻي جاءِ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) خواهشن جي محبت ماڻهن کي وڻندڙ ڪري ڏيکاري وئي آهي جيئن زالون ۽ پٽ ۽ سون ۽ چانديءَ جا گڏ ڪيل خزانا ۽ نشان ڪيل گهوڙا ۽ جانور ۽ پوک. اهو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ الله وٽ ئي چڱي موٽڻ جي جاءِ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ماڻهن لاءِ (جن) خواهشن جي چاهت سينگاري وئي آهي (تن ۾) زالون ۽ اولاد ۽ سون ۽ چاندي جا گڏ ڪيل ڍير ۽ نشان ٿيل گهوڙا ۽ مال (مويشي) ۽ پوکون (شامل آهن). اهو دنياوي زندگي جو سامان آهي ۽ الله وٽ بهترين موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صفا سنگارِي ويئي، محبت ماڻهن هارِ، زالن ۽ اولاد جِي، پڻ رُپي، سون اَنبار، ۽ گھوڙا ڍول، ڍور ڍڳا، پوکون، وِيء ولهار، اِي سڀ زينت ظاهرِي، نفعو ننڍِي ڄمار، ۽ آسڻ، آخرڪار، آهي، سائين وٽ سُهڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماڻهن لاءِ زالن، پٽن، سون ۽ چانديءَ جي ڪٺي ٿيل خزانن، سٺن نشانن وارن گهوڙن، ڍورن ۽ ٻنين لاءِ سڌ ڪرڻ کي سهڻو بنايو ويو آهي، پر اهي رڳو دنيا جي زندگيءَ جي فائدي لاءِ آهن ۽ الله وٽ ئي چڱي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن لاءِ نفس کي هرکائيندڙ، عورتون، اولاد، سون چانديءَ جا ڍڳ، چونڊ گهوڙا، چوپايو مال ۽ ٻنيون ڏسڻ ۾ ڏاڍا سهڻا بڻايا ويا آهن، مگر اهي سڀ دنيا جي چند ڏينهن جي حياتيءَ جو سامان آهن، اصل ۾ جيڪو رهڻ جو سٺو هنڌ آهي اهو ته الله وٽ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سهڻيون بنايل آهن ماڻهن جي نفس کي وڻندڙ شيون، جن ۾ عورتون ۽ اولاد ۽ گڏ ڪيل خزانن سان سون چانديءَ جا ڍير، ۽ چونڊ گهوڙا، ۽ نشاني ڪيل چوپايو مال ۽ زرعي زمينون، پر اهو سڀ چند ڏينهن جي زندگيءَ جو سامان آهي دنيا جو، حقيقت ۾ الله وٽ ئي بهتر جاءِ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جي لاءِ عورتن، اولاد، سون ۽ چانديءَ جي ڍيرن، بهترين گهوڙن، جانورن ۽ زرعي زمين ۾، نفس جي خواهش جي تمام گهڻي محبّت رکي وئي آهي، پر هي سڀ شيون دنيا جي ڪجهه ڏينهن جي زندگي گذارڻ جي لاءِ آهن جڏهن ته الله تعالى وٽ (ان کان ڪيترو ئي وڌيڪ ) بهترين جاءِ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَؤُنَبِّئُكُم بِخَيرٍ مِن ذٰلِكُم لِلَّذينَ اتَّقَوا عِندَ رَبِّهِم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَأَزوٰجٌ مُطَهَّرَةٌ وَرِضوٰنٌ مِنَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 15) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته آءٌ ان کان ڀليءَ (شيء) جي سڌ ڏيان؟ جن (شرڪ کان) پاڻ بچايو تن لاءِ سندن پالڻھار وٽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن ۽ پاڪ زالون ۽ (پڻ) الله جي پاران راضپو آھي، ۽ الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هنن کي چئو ته مان توهان کي ٻڌايان ته زندگيءَ جي انهن فائدن کان به بهتر اوهان جي لاءِ ڇا آهي؟ ياد رکو ته جي ماڻهو متقي آهن انهن جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ (دائمي نعمتن جا) باغ آهن جن وٽان نهرون وهي رهيون آهن (تنهن ڪري سڪندا ڪونه) هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا. پاڪ زالون هنن سان گڏ هونديون ۽ (سڀني کان وڌيڪ هي ڳالهه ته) الله جو راضپو هنن کي حاصل ٿيندو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جو حال ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ڇا آءٌ توهان کي انهن کان بهتر شيءِ جو ڏس ڏيان، پرهيزگارن لاءِ سندن رب وٽ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه بهشت ۾ رهندا ۽ پاڪ گهر واريون هونديون ۽ الله جو رضامندو هوندو، ۽ الله تعالى پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول کين) چئو ته ڇا! اوهان کي ان کان به ڀلي (شيءِ) جي خبر ڏيان؟ (چڱو ٻڌو!) جن ماڻهن پرهيزگاري اختيار ڪئي انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ بهشت جا اهي باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا (۽ اهي) انهيءَ ۾ هميشه رهندا. تنهن کان سواءِ انهن لاءِ پاڪ صاف زالون آهن پڻ خدا جي طرفان رضامندي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اوهان کي ٻڌايان؟ ڀلي شيءِ انهيءَ کان؟ انهن لاءِ جو متقي ٿيا سندن رب وٽ بهشت آهن وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ هوندا انهن ۾ ۽ زالون پاڪ ۽ راضپو آهي الله جي طرفان ۽ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول ! کين) چو ته ڇا اوهان کي ان کان به ڀليءَ (شيءِ) جي خبر ڏيان؟ پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا انهن ۾ پيا رهندا ۽ پاڪ زالون آهن ۽ الله جي طرفان رضامندي آهي. ۽ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڇا انهن سڀني کان اڃا بهترين شيءِ جي اوهان کي خبر ڏيان؟ جن ماڻهن تقويٰ اختيار ڪئي انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اهي ان ۾ هميشه رهندا ۽ (انهن لاءِ) پاڪيزه گهرواريون آهن، ۽ الله پاران رضامندو آهي. ۽ الله ٻانهن کي چڱي طرح ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، آن کي اِنهيان چڱِيء جِي، ڏِيان سُڌ سنڀار، تن لئي، ته پوتِي پاڪ رکيون؛ ته سائين وٽ ستار، باغ، ته هيٺيان جن هلن، ناليون مِٺيون نِبار، هونِ هميشه اُن ۾، داخل دلقرار، ۽ سُهڻيون، سُلڇڻيون، تنهن ۾، حورون، حرم تن هار، پڻ راضِيَپو رحمان جو؛ ۽ ڏِسندڙ آهي، ڏاتار، ٻانهن کي ٻِيهار، هُونِ به، جھڙي هال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چؤ ته ”ڇا، آءٌ اوهان کي ان کان بهتر ڳالهيون ٻڌايان؟“ (ٻڌو) نيڪن لاءِ پنهنجي رب وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، اُهي ان ۾ هميشه رهندا، انهن ۾ پاڪ زالون آهن ۽ الله جو راضپو- ۽ الله بندن کي ڏسندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوين ته مان توهان کي ٻڌايان ته انهيءَ کان به وڌيڪ ڀلي شيءِ ڪهڙي آهي؟ جيڪي ماڻهو تقويٰ اختيار ڪندا، انهن لاءِ سندن رب وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون، اتي هو هميشه واري زندگي گذاريندا، پاڪ زالن جو ساٿ هوندنِ ۽ الله جي رضا سان نوازيا ويندا، الله پنهنجن بندن جي هلت چلت تي نظر رکي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ: آءٌ توهان کي ٻڌايان ته ان کان وڌيڪ بهتر شيءِ ڪهڙي آهي؟ جيڪي ماڻهو تقويٰ جي راهه اختيار ڪن، انهن جي لاءِ سندن رب وٽ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهنديون رهنديون، اتي کين هميشه جي حياتي حاصل هوندي ۽ پاڪ زالون سندن ساٿياڻيون هونديون ۽ الله جي رضا کين حاصل هوندي، ۽ الله پنهنجي بندن جي روين تي گهري نظر رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) کين چؤ ته، اچو مان توهان کي (دنيا جي شين کان) وڌيڪ سٺيون شيون ٻڌايان، جيڪي پرهيزگار ماڻهن لاءِ انهن جي پالڻھار وٽ موجود آهن، انهن جي لاءِ اهڙا ته باغ آهن، جن جي هيٺان مختلف قسمن جون نھرون وهنديون، هي ماڻهو انهن باغن ۾ هميشه رهندا، انهن لاءِ پاڪيزه ڪردار واريون گهر واريون هونديون ۽ مٿن الله تعالى جي مھرباني به رهندي، تنھنڪري الله تعالى ٻانهن جي ڪردار تي گهري نظر رکندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَقولونَ رَبَّنا إِنَّنا ءامَنّا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 16) |
جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان توکي مڃيو آھي تنھنڪري اسان جا ڏوھ اسان کي بخش ۽ باہ جي عذاب کان اسان کي بچاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (متقي انسان اهي آهن) جي چون ٿا ته اي اسان جا پروردگار اسان توتي ايمان آندو آهي، پوءِ اسان جا گناه بخش ۽ جهنم جي عذاب کان اسان کي بچائجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو چون ٿا اي اسان جا رب اسان تنهنجي رسول جي تصديق ڪئي پوءِ تون اسان جا گناه بخش ڪر ۽ اسان کي جهنم جي عذاب کان پناه ۾ رک.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا پنهنجي انهن بندن کي چڱي طرح ڏسي رهيو آهي جيڪي هي دعائون گهرندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار! اسان ته (بنا دير جي) ايمان آندو آهي پوءِ اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي (ٻانها) جو چون ٿا ته اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان ايمان آندو پوءِ بخش ڪر اسان کي اسان جا گناهه ۽ بچاءِ اسان کي باهه جي عذاب کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ ! بيشڪ اسان ايمان آندو پوءِ اسان کي اسان جا گناهه معاف ڪر ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اِهي) اُهي آهن جيڪي چون ٿا: ”اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ اسان ايمان آندو پوءِ اسان جي ڏوهن جي بخشش فرماءِ ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي چون، ته مڃيو سون مور؛ پوءِ مولا! مَدايون ميٽين، ۽ ڏاتار! رکجَيون ڏور، بندِي خاني کان، باه جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي چون ٿا ته، ”اي اسان جا ڌڻي! اسان ايمان آندو تنهن ڪري اسان جا گناهه بخش ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي چون ٿا ته "اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو آهي، اسان جون خطائون بخش ۽ اسان کي دوزخ جي باهه کان بچاءِ " (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته، مالڪ! اسان ايمان آندو آهي، بخش ڪر اسان جون خطائون ۽ اسان کي دوزخ جي ٻارڻ کان بچاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي ئي (ڪردار وارا) ماڻهو چوندا آهن ته اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان (تنھِنجي مٿان) ايمان آندو، اسان جي پوين گناهن کي معاف فرماءِ ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الصّٰبِرينَ وَالصّٰدِقينَ وَالقٰنِتينَ وَالمُنفِقينَ وَالمُستَغفِرينَ بِالأَسحارِ (آيت : 17) |
اُھي صابر ۽ سَچا ۽ تابعداري ڪندڙ ۽ سخي ۽ پرڀاتين جو بخشش گھرندڙ آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (تڪليفن ۽ مصيبتن ۾) صبر ڪرڻ وارا، (قول ۽ عمل ۾) سچا، نياز نوڙت سان بندگي ڪندڙ، نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ وارا ۽ رات جي پوين گهڙين ۾ (جڏهن دنيائي ماڻهو مزي جي ننڊ ۾ الوٽ هوندا آهن) الله جي حضور ۾ نماز لاءِ اٿي بيهڻ وارا ۽ کانئس بخشش گهرڻ وارا آهن، (اهي آهن متقين جون خصلتون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) صبر ڪندڙ ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ نياز نوڙت ڪندڙ ۽ الله تعالى جي راه ۾ خرچ ڪندڙ ۽ رات جي پوئين حصي ۾ الله کان بخشش طلب ڪندڙ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهي ئي انسان آهن) صبر ڪرڻ وارا ۽ سچا ۽ فرمانبردار ۽ (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات ۾ (توبه ۽) استغفار ڪرڻ وارا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) صبر ڪندڙ ۽ سچ ڳالهائيندڙ ۽ عاجزي ڪندڙ خرچ ڪندڙ ۽ مغفرت طلب ڪندڙ پوئين رات جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي صبر ڪندڙ ۽ سچا ۽ فرمان بردار ۽ خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات ۾ معافي گهرندڙ آهن. الله شاهدي ڏني. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اُهي) صبر ڪرڻ وارا ۽ سچار ۽ ادب وارا ۽ (الله جي راهه ۾) خرچ ڪرڻ وارا ۽ رات جي پوئين حصن وقت (اٿي) گناهن جي معافي وٺڻ وارا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَهندڙ ۽ سچار، سخِي، تهدِل تابعدار، ۽ معافيون مڱڻهار، صُبحن ۾، سُبحان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي صبر ڪندڙ، سچا، فرمانبردار، (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات جو گناهه بخشائيندڙ آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو صبر ڪندڙ آهن، سچار آهن، فرمانبردار ۽ فياض آهن ۽ رات جي پوين پهرن ۾ استغفار ڪندڙ آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو صبر ڪرڻ وارا آهن، سچا آهن، فرمانبردار ۽ فياض آهن، ۽ رات جي آخري گهڙين ۾ بخشش جون دعائون گهرڻ وارا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي صبر ڪندڙ، سچا، فرمانبردار، الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندڙ ۽ رات جو اسر مھل، الله تعالى کان گناهن جي بخشش جون دعائون گهرندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
شَهِدَ اللَّهُ أَنَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ وَالمَلٰئِكَةُ وَأُولُوا العِلمِ قائِمًا بِالقِسطِ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 18) |
الله (ھي) گواھي ڏني آھي ته الله کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مَلائِڪ ۽ علم وارا (به) انصاف تي بيھڪ وارا ٿي (اِھا شاھدي ڏيندا آھن)، اُن کانسواءِ ڪوئي عبادت جو لائق نه آھي اُھو غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ هن ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي هو يگانو آهي ۽ (ڪائنات ۾) عدل سان انتظام رکڻ وارو آهي فرشتا به اها ئي شاهدي ٿا ڏين ۽ علم وارا (جي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن سي) به ساڳي شاهدي ٿا ڏين. بيشڪ هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. هو طاقت ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى بيان فرمايو بيشڪ ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو، ۽ الله جي وحدانيت جي شاهدي ملائڪن ۽ علم وارن حق تي ڏني، ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر اهو عزت (۽) حڪمت وارو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا پاڻ هن ڳالھ جي شاهدي ڏني آهي ته سندس ذات کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ سڀني فرشتن ۽ صاحب علم (انبياءِ ۽ اولياء) جيڪي عدل تي قائم آهن زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) شاهدي ڏني الله (هن ڳالهه جي ته) يقيناً ناهي ڪو معبود ان کان سواءِ ۽ ملائڪن ۽ علم وارن (به اها شاهدي ڏني آهي) عدل تي قائم ٿي.اهي ڪو سچو معبود ان کان سواءِ غالب، حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته سندس ذات کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ۽ ملائڪن ۽ علم وارن به (شاهدي ڏني) اهو ئي انصاف سان (جهان کي) هلائيندڙ آهي ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله شاهدي ڏني ته ”بيشڪ ان کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي“ ۽ ملائڪن ۽ علم وارن به انصاف تي قائم رهندي (اها شاهدي ڏني) ته ”ناهي ڪوبه عبادت جي لائق سواءِ ان جي، اهو غالب حڪمت وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِنِي ساک ستار، ته اُن ڌاران، درگاه ناهِ ڪا، مَلڪ ۽ مالڪ عِلم جا، قائم برقرا، عدل ۽ انصاف سان، ته درگاه، نه تِهان ڌار، غالب، سو غفار، پڻ ڏاڍو ڏاهو، ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله گواهي ڏني ته ”الله کانسواءِ ٻيو ڪو بندگيءَ جي لائق نه آهي“ ۽ ملائڪن ۽ علمن وارن به ته ”الله اهو ئي انصاف وارو حاڪم آهي، ان ڌاران ڪو عبادت جو لائق نه آهي، هو زبردست ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله پاڻ انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ ملائڪ ۽ سڀئي علم وارا پڻ سچائيءَ ۽ انصاف سان شاهدي ٿا ڏين ته انهيءَ زبردست ۽ حڪمت واريءَ هستيءَ کانسواءِ اصلي ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله خود شاهدي ڏني آهي انهيءَ ڳالهه جي ته ان کان سواءِ ڪو خدا ناهي ۽ (اها شاهدي) فرشتن ۽ سڀني علم وارن به ڏني آهي. هو انصاف تي قائم آهي، ان زبردست حڪيم کان سواءِ حقيقت ۾ ڪوبه خدا نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى پاڻ شاهدي ڏني آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، ملائڪن ۽ سڀني علم وارن به انصاف ڪندي اها ساڳئي شاهدي ڏني آهي ته ان زبردست حڪمت واري کان سواءِ ٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الدّينَ عِندَ اللَّهِ الإِسلٰمُ وَمَا اختَلَفَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ إِلّا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ العِلمُ بَغيًا بَينَهُم وَمَن يَكفُر بِـٔايٰتِ اللَّهِ فَإِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 19) |
بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي، ۽ جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن (اڳ) تڪرار نه ڪيو پر وٽن علم آيو تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ضد سببان (تڪرار ڪيائون)، ۽ جيڪو الله جي حڪمن کي نه مڃيندو ته بيشڪ الله (به) سگھو حساب وٺندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلاشبه اصلي دين الله وٽ فقط اسلام آهي ۽ هي جو اهل ڪتاب سچي علم ۽ وحي اچڻ بعد به اختلاف ڪيا آهن ۽ فرقا ٺاهيا آهن سو رڳو پاڻ ۾ ضد ۽ دشمني ڪرڻ ڪري. (حقيقت ۾ انهن وٽ هڪ ئي دين اسلام جو علم ۽ وحي آيل هو. فرقا پوءِ ٺاهيائون) ۽ ياد رکو ته جيڪڏهن هو الله تعاليٰ جي آيتن کان انڪار ٿو ڪري (۽ هدايت جي بدران گمراهي پسند ٿو ڪري) ته پوءِ الله به حساب وٺڻ ۾ ڍرو ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ پسنديده دين الله تعالى وٽ دينِ اسلام آهي، ۽ نه اختلاف ڪيو اهلِ ڪتاب وارن مگر علم اچڻ کان پوءِ پنهنجي حسد جي سببان، ۽ جيڪو انسان الله جي آيتن جو انڪار ڪري ٿو ته پوءِ بيشڪ الله جلد حساب وٺندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (سچو) دين ته خدا وٽ بيشڪ (بس اهو ئي) اسلام آهي ۽ اهل ڪتاب جو (هن دين حق سان) اختلاف ڪيو سو محض سندن شرارت ۽ (اصلي ڳالھ) معلوم ڪرڻ کان پوءِ (ئي ڪيو آهي) ۽ جنهن شخص خدا جي نشانين جو انڪار ڪيو ته (سمجهي ته) يقينن خدا (ان کان) تمام جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ دين الله وٽ اسلام ئي آهي ۽ نه اختلاف ڪيو انهن جيڪي ڏنا ويا ڪتاب مگر ان کان پوءِ جو آيو انهن وٽ (صحيح) علم_سببان حسد ڪرڻ جي پاڻ ۾ جيڪو انڪار ٿو ڪري الله جي آيتن جو پوءِ بيشڪ الله تڪڙو حساب ڪندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ (معتبر) دين الله وٽ اسلام آهي. ۽ ڪتاب وارن (اسلام قبول ڪرڻ ۾ ) وٽن علم پهچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ ضد جي ڪري اختلاف ڪيو. ۽ جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪندو ته الله جي طرفان حساب به جلد ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله وٽ دين صرف ”اسلام“ئي آهي، ۽ اهلِ ڪتاب جيڪو وٽن علم اچڻ کان پوءِ اختلاف ڪيو سو پاڻ ۾ ساڙ سببان ئي هيو. ۽ جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪندو ته بيشڪ الله حساب ۾ جلدي ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، ڌڻيءَ وٽ دين رڳو، سلامِتي صحِي، ۽ جن تي، ڪرم ڪتاب ٿيو، تن ٻولي ٻِي نه ڪَهِي، مگر ته آينِ جنهن پٺيان، واحد جو وَحِي، هڪ ٻئي وِچ هو ڏهِي، گادِي ۽ گذران لئي. ۽ آيتن تي، الله جي، نه رکندو، جو ويساھ، ته آهي پاڪ اَلله، پوءِ تِکو حرف حساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ دين الله وٽ اسلام ئي آهي ۽ ڪتاب وارا هڪ ٻئي جي ضد سبب، علم اچڻ کان پوءِ ئي، مخالف ٿيا. جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪندو، ته بيشڪ الله جلد حساب وٺندو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله وٽ دين فقط اسلام آهي، انهيءَ دين کان هٽي جيڪي مختلف طريقا انهن ماڻهن اختيار ڪيا هئا، جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو سو به تڏهن جڏهن جو وٽن علم به پهچي ويو هو، سو رڳو هڪ ٻئي سان ڏاڍائي ڪرڻ خاطر ئي ائين ڪيو هئائون ۽ جيڪو الله جي حڪمن ۽ هدايتن جي تابعداريءَ کان انڪار ڪندو، الله کي انهيءَ کان حساب وٺڻ ۾ ڪابه دير نه ٿي لڳي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله جي ويجهو دين فقط اسلام ئي آهي، انهيءَ دين کان هٽي جيڪي مختلف طريقا انهن ماڻهن اختيار ڪيا آهن جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، سندن ان طرزِ عمل جو سبب انهيءَ کان سواءِ نه هو علم اچڻ کان پوءِ به، ته انهن پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ۽ جيڪو به انڪار ڪري الله جي حڪمن ۽ هدايتن کان، الله کي ان کان حساب وٺڻ ۾ دير نٿي لڳي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى وٽ دين رڳو اسلام آهي، ان دين کان هٽي ڪري ( يھودين ۽ عيسائين) علم اچڻ کان پوءِ، پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي زيادتي ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختِيار ڪيا ۽ جيڪو به الله تعالى جي آيتن جو انڪار ڪندو، الله تعالى ان کان حساب وٺندي دير نه ڪندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن حاجّوكَ فَقُل أَسلَمتُ وَجهِىَ لِلَّهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ وَقُل لِلَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ وَالأُمِّيّۦنَ ءَأَسلَمتُم فَإِن أَسلَموا فَقَدِ اهتَدَوا وَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّما عَلَيكَ البَلٰغُ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِالعِبادِ (آيت : 20) |
پوءِ جيڪڏھن توسان جھيڙين ته چؤ پنھنجو مُنھن (يعني سر) مُون ۽ جنھن منھنجي تابعداري ڪئي تنھن الله لاءِ نِوايو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جن کي ڪتاب (توريت ۽ انجيل) ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙھيلن کي چؤ ته اسلام آندو اَٿوَ؟ (يا نه) پوءِ جيڪڏھن اسلام آڻين ته بيشڪ سِڌيءَ واٽ وارا ٿيا، ۽ جيڪڏھن ڦري وڃن ته توتي رڳو پيغام پُھچائڻ آھي، ۽الله ٻانھن کي ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو سان بحث جهڳڙو ڪن ته (اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته منهنجو ۽ منهنجي پيروي ڪندڙن جو طريقو ته هي آهي ته اسان الله تعاليٰ جي اڳيان اطاعت جو سر جهڪايو آهي (يعني اسان جي راه خدا پرستيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪانهي) ۽ اهل ڪتابه وارن ۽ عرب جي اڻ پڙهيل مشرڪن کان پڇ ته توهان به الله جي اڳيان جهڪو ٿايا نه؟ جيڪڏهن هو به جهڪن ته (سڄو جهڳڙو ختم ٿيو ۽) هنن هدايت جي واٽ ورتي پر جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ تنهنجو فرض آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ ۽ الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي حال کان غافل ناهي، هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اي حبيب ! جيڪڏهن اهي توهان سان حجت ڪن ته توهان انهن کي فرمايو اسان ۽ اسان جي تابعدارن الله لاءِ سِر جهڪايو آهي، اهلِ ڪتاب وارن ۽ اڻ پڙهيلن کي فرمايو ڇا توهان دين لاءِ سِر جهڪايو؟ پوءِ جيڪڏهن تسليم ڪيائون ته هدايت وارا ٿيا، ۽ جيڪڏهن نٿا مڃن ته توهان تي صرف پيغام پهچائڻ آهي، ۽ الله تعالى پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (اي رسول!) جيڪڏهن اهي تو سان (خواه مخواه) حجت ڪن ته چئو ته مون خدا جي اڳيان سر نوايو ۽ جيڪي ماڻهو منهنجا تابعدار آهن (انهن به) ۽ (اي رسول!) تون اهل ڪتاب ۽ جاهلن کي چئو ته توهان به اسلام آڻيو؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آندائون ته انهن سڌو رستو لڌو. ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته تو تي رڳو (پيغام) پهچائڻ آهي. ۽ خدا بندن کي ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن جهيڙو ڪن توسان پوءِ فرماءِ ته نِوايم پنهنجو منهن الله لاءِ ۽ انهن لاءِ جيڪي تابع ٿيا منهنجا ۽ فرماءِ انهن کي جو ڏنا ويا ڪتاب ۽ اڻ پڙهيلن کي ته ڇا اسلام قبول ڪيوَ؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام قبول ڪن ته پوءِ پڪ هدايت وارا ٿيا ۽ جيڪڏهن منهن ڦيرائن ته پوءِ تحقيق اوهان تي پيغام پهچائڻ آهي ۽ الله ڏسندڙ آهي ٻانهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (اي رسول) جيڪڏهن اهي توسان جهڳڙو ڪن ته تون چو ته مون پنهنجو منهن الله جي تابع ڪيو ۽ جنهن منهنجي تابعداري ڪئي (تنهن به) ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙهيلن کي چو ته ڇا اوهان اسلام آندو؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آندائون ته انهن سڌو رستو لڌو. ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته توتي رڳو (پيغام) پهچائڻ آهي ۽ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي) جيڪڏهن تو سان جهڳڙو ڪن ته چؤ: ”مون خود ۽ جنهن به منهنجي پيروي ڪئي تن به پنهنجو مُنهن الله جي حضور جهڪايو آهي“. ۽ اهلِ ڪتاب ۽ اڻ پڙهين کي چؤ ته: ”ڇا اوهان اسلام آڻيو ٿا“؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آڻن ته بيشڪ هدايت وارا ٿيا. ۽ جي منهن ڦيرن ته تنهنجي مٿان صرف حڪم پهچائڻ آهي ۽ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي توسان، ڪيون تڪرار، چئو، منهن منهنجو مورهين، جُھڪا نيمِ جبّار، پڻ جي وريا سندمِ واٽ تي. ۽ پڙهَينِ ۽ اَڻ پڙهيَنِ کي، ٻَهڳڻ! ٻول ٻيهار، ڪِ نميا؟، پوءِ جي نميا، ته پاتئون سئون پار، ۽ جي ڦريا، ته فائق! توتي، ري بيان، ٻئو نه بار، ۽ ڏسندڙ آهي ڏاتار، پورِي رِيت پُوڄاريـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن تو سان جهڳڙو ڪن ته چئو ته ”مون ۽ منهنجن پوئلڳن پنهنجو سر الله جي حڪم اڳيان جهڪايو آهي.“ ڪتاب وارن ۽ اڻ پڙهيلن کان پڇ ته ”ڇا اوهان به تابع ٿيئو؟“ جيڪڏهن منهن ڦيرين. ته تو تي رڳو حڪم رسائڻ آهي ۽ الله پنهنجن ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪڏهن اي نبي! اهي ماڻهو توسان جهڳڙو ڪن ته چوينِ ته "مان ۽ منهنجي پوئلڳن ته الله جي آڏو ڪنڌ نوائي ڇڏيو آهي". پوءِ اهل ڪتاب ۽ جيڪي اهل ڪتاب ناهن ٻنهي کان پــُـڇ ته "ڇا توهان به سندس فرمانبرداري ۽ ٻانهپ قبول ڪئي آهي؟" جيڪڏهن ڪئي اٿن ته پوءِ سنئون رستو لڌو اٿن ۽ جيڪڏهن منهن موڙيائون ته توتي فقط پيغام پهچائڻ جي ئي ذميواري هئي، اڳتي الله پاڻيهي پنهنجن ٻانهن جا معاملا ڏسندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي (اي نبي!) هي ماڻهو توسان جهيڙو ڪن ته کين چؤ ته مون ۽ منهنجي پوئلڳن الله جي آڏو سر جهڪايو آهي، پوءِ اهلِ ڪتاب ۽ غير اهلِ ڪتاب ٻنهي کان پڇ ته ڇا توهان به ان جي اطاعت ۽ بندگي قبول ڪئي؟ جيڪڏهن قبول ڪئي ته انهن يقينًا سڌو رستو ماڻي ورتو ۽ جي انهيءَ کان منهن موڙيو، ته پوءِ توتي فقط پيغام پهچائڻ جي ذميواري هئي، وڌيڪ الله پاڻ پنهنجي بندن جي معاملن کي ڏسڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان سان ڪنھن به معاملي ۾ جهڳڙو ڪن، ته کين چؤ ته مان ۽ منھنجي پيروڪارن ته الله تعالى جي اڳيان پنھنجوسر جهڪايو آهي، پوءِ انهن اهل ڪتاب (يھودين، عيسائين) ۽ اڻ پڙهيل (مشرڪن) کان پڇو، ته ڇا توهان به الله تعالى جي بندگي قبول ڪريو ٿا؟ جيڪڏهن بندگي قبول ڪن ته پوءِ بيشڪ کين به هدايت ملي وئي، پر جيڪڏهن هو منھن موڙين ته (اي نبي ﷺ!) توهان جي مٿان رڳو پيغام پھچائڻ جي ذميداري آهي، بيشڪ ٻانهن جي هڪ هڪ عمل تي الله تعالى جي نظر آهي. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ النَّبِيّۦنَ بِغَيرِ حَقٍّ وَيَقتُلونَ الَّذينَ يَأمُرونَ بِالقِسطِ مِنَ النّاسِ فَبَشِّرهُم بِعَذابٍ أَليمٍ (آيت : 21) |
بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نٿا مڃين ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿا ڪُھن ۽ ماڻھن مان جيڪي (کين) اِنصاف جو حُڪم ڪن ٿا تن کي ٿا ڪُھن پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي سُڌ ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ٿا ڪن ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ٿا ڪن ۽ انهن کي به قتل ٿا ڪن جيڪي حق ۽ عدل جو حڪم ٿا ڏين انهن کي (اي پيغمبر) ٻڌائي ڇڏ ته هنن لاءِ دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو ۽ نبين (سڳورن) کي بي گناه قتل ڪيو، ۽ جيڪي ماڻهو کين انصاف جو چوندا هئا انهن کي قتل ڪيائون، اهڙن ماڻهن کي توهان دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌايو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا. ۽ ماڻهن مان جيڪي انصاف ڪرڻ جو حڪم ڪن ٿا، تن کي به قتل ڪن ٿا، انهن کي دردناڪ عذاب جي خوش خبري ٻڌاءِ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي (ماڻهو) جو انڪار ٿا ڪن الله جي آيتن جو ۽ شهيد ٿا ڪن نبين کي ناحق ۽ شهيد ٿا ڪن انهن ماڻهن کي جو امر ٿا ڪن عدل جو پوءِ بشارت ڏي انهن کي دردناڪ عذاب جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا، ۽ ماڻهن مان جيڪي انصاف ڪرڻ جو حڪم ڪن ٿا، تن کي به قتل ڪن ٿا. انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي آيتن سان ڪفر ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا ۽ انهن ماڻهن کي قتل ڪن ٿا جيڪي انصاف جو حڪم ڏين ٿا، ته پوءِ انهن کي دردناڪ عذاب جي خبر ٻڌائي ڇڏ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله جي آيتن کان، ڦريا، جي بي فرمان، ۽ جي ناحق نبين کي، ڪُهن، پڻ ڪُهڻ، تن ڪفران، جي آدمين مان، عدل سان، فرمائينِ فرمان، پوءِ کِيرون ڏي، تن خان!، سورن واري ساڙ جون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص الله جي آيتن جو انڪار ڪن ٿا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا ۽ ماڻهن مان انصاف سان حڪم ڏيندڙن کي به قتل ڪن ٿا، ته انهن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله جا حڪم ۽ هدايتون مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ڪن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن کي مارڻ تي سندرو ٻڌن ٿا، جيڪي عدل ۽ انصاف جو حڪم ڏيڻ لاءِ ماڻهن مان اٿي کڙا ٿين ٿا، انهن کي دردناڪ سزا جي خوشخبري ڏئي ڇڏ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو الله جي حڪمن ۽ هدايتن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ سندس پيغمبرن کي ناحق قتل ڪن ٿا، ۽ اهڙن ماڻهن جي جان جا دشمن ٿي وڃن ٿا، جيڪي خلقِ خدا کي انصاف ۽ سچ جو حڪم ڏيڻ لاءِ اٿن، اهڙن ماڻهن کي خوشخبري ٻڌاءِ عذاب دردناڪ جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي حڪمن جو انڪار ڪن ٿا، نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪندا رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن کي قتل ڪن ٿا، جيڪي انصاف قائم ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا، اهڙن ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ الَّذينَ حَبِطَت أَعمٰلُهُم فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 22) |
اِھي (اُھي) آھن جن جي ڪمائي دُنيا ۽ آخرت ۾ ناس ٿي ويئي، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ئي ماڻهو آهن جن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا، نه دنيا ۾ ڪم آين نه آخرت ۾. ۽ ڪوبه هننجو مددگار ڪونه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو اُهي آهن جن جا چڱا ڪم دنيا ۽ آخرت ۾ ضايع ٿي ويا، ۽ انهن جو ڪوبه مددگار ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي اُهي (بد نصيب) ماڻهون آهن جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿيا. ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي آهن جو چٽ ٿيا عمل انهن جا دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ ناهن انهن جي لاءِ ڪي مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي اُهي آهن جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿيا. ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جا دنيا ۽ آخرت ۾ عمل چٽ ٿي ويا ۽ انهن جو ڪو مددگار نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) دنيا ۽ آخرت ۾، ويا ڪيريا، سندن ڪم ڪار، ۽ اَجھا ۽ آڌار، اُهکي ويل، نه اُنهن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ئي آهن، جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ چٽ ٿيا ۽ انهن جو ڪو مددگار نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اِهي اُهي ماڻهو آهن، جن جا عمل دنيا توڙي آخرت ۾ اڪارتا ويا ۽ واهر ڪرڻ وارو به ڪوئي نه هوندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جن جا ضايع ٿي ويا عمل دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾، ۽ انهن لاءِ ڪوبه مددگار ناهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي ئي ماڻهو آهن، جن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ ضايع ٿي ويا ۽ اهڙن ماڻهن جو ڪير مدد گار به نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ إِلَى الَّذينَ أوتوا نَصيبًا مِنَ الكِتٰبِ يُدعَونَ إِلىٰ كِتٰبِ اللَّهِ لِيَحكُمَ بَينَهُم ثُمَّ يَتَوَلّىٰ فَريقٌ مِنهُم وَهُم مُعرِضونَ (آيت : 23) |
(اي پيغمبر) جن کي ڪتاب مان ڪو ڀاڱو ڏنو ويو تن کي نه ڏٺو اَٿئي ڇا؟ (جو) الله جي ڪتاب ڏانھن (ھن لاءِ) سڏيا وڃن ٿا ته سندن وچ ۾ نبيرو ڪري پوءِ منجھانئن ھڪ ٽولي ڦري ويندي آھي ۽ اُھي مُنھن موڙيندڙ (به) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت نه ڏٺي جن کي خدائي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو مليو آهي. (يعني يهودين جا علماء) انهن کي خدا جي ڪتاب ڏانهن سڏيو ويو ته اهو ڪتاب انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري. تڏهن به انهن مان هڪڙيءَ ٽوليءَ منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ حقيقت هي آهي ته خود خدائي ڪتاب کان ئي هنن سڀني جو رخ ڦريل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو انهن يهودين کي جن کي تورات مان احڪام پهتا، انهن کي تورات تي عمل ڪرڻ لاءِ سڏيو وڃي ٿو انهي لاءِ ته انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪيو وڃي پوءِ هڪ گروه انهن مان انڪار ڪري ڦري وڃي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڇا تون انهن (يهودي عالمن) جي حال تي نظر نه ڪئي! جن کي ڪتاب (توريت جي فهم) جو هڪ حصو ڏنو ويو هو (هاڻي) انهن کي خدا جي ڪتاب ڏي سڏيو وڃي ٿو ته جيئن اهو (ڪتاب) سندن جهڳڙي جو فيصلو ڪري، تنهن هوندي به هنن مان هڪ گروھ منهن موڙي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺئي انهن ڏانهن جو ڏنا ويا ڪجهه حصو ڪتاب مان سڏيا ٿا وڃن الله جي ڪتاب ڏانهن تانته فيصلو ڪري انهن ۾ تنهن کان پوءِ ڦري ٿي هڪ جماعت انهن مان ۽ اهي منهن موڙيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو انهن ڏي نه ڏٺو جن کي ڪتاب (جي علم) جو هڪ حصو ڏنو ويو کين الله جي ڪتاب ڏي سڏيو وڃي ٿو ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري، پوءِ انهن مان هڪ جماعت منهن موڙي ڦري ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو انهن ماڻهن کي نه ڏٺو جن کي ڪتاب جو هڪ حصو ڏنو ويو (اُهي) الله جي ڪتاب ڏانهن سڏيا وڃن ٿا تان ته (ڪتاب) انهن جي وچ ۾ (جهڳڙن جو) فيصلو ڪري ته پوءِ انهن مان هڪ ٽولو مُنهن ڦيرائي ڇڏي ٿو ۽ اُهي منهن مَٽيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِ نه ڏٺئي، تن جي ڪار؟، جن مليو ڪجھ ڪتاب مان، جڏهن ڪوٺجينِ، قادرجي، پاڪ ڪتاب پار، تان ڪري، تن وچ فيصلو، ته ٻارِي ڪا ٻيهار، پيئي وري پوئتي، تنين مان تڪرار، ۽ آهنِ اِهي آوار، مُنهن موڙيندڙ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، تو انهن جي حالت نه ڏٺي، جن کي ڪتاب جو ڪجهه حصو مليو، اهي الله جي ڪتاب ڏانهن سڏجن ٿا ته سندن وچ ۾ فيصلو ڪري، ته انهن مان هڪ جماعت منهن ڦيري ٿي ۽ اهي آهن ئي منهن موڙيندڙ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا تو نه ڏٺو آهي ته جن ماڻهن کي ڪتاب جي علم مان ڪو حصو مليو آهي، انهن جو ڪهڙو حال آهي؟ انهن کي جڏهن الله جي ڪتاب ڏانهن سڏيو وڃي ٿو ته جيئن هو انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري، ته انهن مان هڪڙو ٽولو انهيءَ کان لنوائي ٿو، ۽ انهيءَ فيصلي ڏانهن اچڻ کان منهن موڙيو ڇڏي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو نه ڏٺو ته جن ماڻهن کي ڪتاب جي علم جو ڪجهه حصو مليو ته انهن جو حال ڪهڙو آهي؟ کين سڏيو وڃي ٿو جڏهن الله جي ڪتاب ڏانهن، جيئن اهو فيصلو ڪري انهن جي وچ ۾، ته انهن مان هڪ ٽولو ڪترائي ٿو ۽ انهيءَ فيصلي طرف اچڻ کان منهن ڦيري ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ڇا توهان انهن ماڻهن(يھودين ۽ عيسائين جي عالمن) کي نه ڏِٺو، جن کي ڪِتاب جي علم جو ٿورو حصو ڏنو ويو آهي، جڏهن انهن کي الله تعالى جي هن ڪتاب قرآن مجيد ڏانھن سڏيو وڃي ٿو، ته جيئن انهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪري، ته انهن مان هڪ ٽولي ڪن لاٽار ڪندي آهي، حقيقت هي آهي ته هو سڀ (قرآن مجيد جي حڪمن کان) منھن موڙيندڙ آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَن تَمَسَّنَا النّارُ إِلّا أَيّامًا مَعدودٰتٍ وَغَرَّهُم فى دينِهِم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 24) |
اِھو ھِن سببان آھي جو اُھي چون ٿا ته باھ ڪن ڳاڻوَن ڏينھن کانسواءِ اسان کي ڪڏھن نه ڇھندي، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا رھيا تنھن کين سندن دين ۾ ٺڳيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جي اها حالت هن ڪري ٿي آهي جو هو (بيوقوف سمجهن ٿا ته اسان الله جي پياري قوم آهيون) تنهن ڪري دوزخ جي باه اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي، ڇو ته اسان نجات يافته قوم آهيون) ۽ جي ڇهندي ته به ڪي ٿورا ڳڻيل ڏينهن (پوءِ صاف ۽ پاڪ ٿي جنت ۾ داخل ٿينداسين) هي جو (خدا تي) هٿراڌو ٺاهيل ڪوڙ ٿا هڻن تنهن ڪوڙ هنن کي دين جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي (۽ پاڻ کي پاڻ ٺڳي گمراه ڪري ڇڏيو اٿن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو انڪار ان سبب ڪن ٿا جو چون ٿا ته اسان کي هرگز نه وٺندي باه مگر چند ڏينهن، ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري دين ۾ دوکو کائن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو هن ڪري جو چون ٿا ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان سواءِ دوزخ جي باھ نه ڇهندي ۽ جيڪي ٺاھ پيا ٺاهين تن انهن کي سندن دين ۾ ٺڳيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان جي ڪري جو بلاشبہ انهن چيو ته اصل نه ڇهندي اسان کي باهه مگر ڏينهن ڳڻيل ۽ مغرور ڪيائين انهن کي انهن جي دين ۾ ان شيءِ جو هٿ ٿي ٺاهيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو هن ڪري جو چيائون ته اسان کي ڳڻيلن ڏينهن کان سواءِ باهه نه ڇهندي ۽ جيڪي ٺاهه پيا ٺاهين تن انهن کي سندن دين ۾ ٺڳيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو هن ڪري جو اهي يقيني طرح چون ٿا ته: ”اسان کي جهنم جي باهه نه ڇُهندي سواءِ ڳاڻيٽي جي چند ڏهاڙن جي“ ۽ انهن کي انهن جي دين ۾ ڌوڪو ڏنو جيڪي اهي ٺاهه ٺاهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو ان آڌار تي، ته چيائون منجھان چاه، ته ڳاڻ ڳڻين ڏينهَن ري، بلڪل نه ڇُهنديسون باھ، ۽ ٺڳينِ ٺَلهي ٺاھ، جو ٺاهينِ، سندن دين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو هن ڪري جو هو چون ٿا ته اسان کي دوزخ جي باهه ڪن ٿورن ڏينهن کان وڌيڪ هرگز نه ڇهندي ۽ جيڪي ڳالهيون هو گهڙين ٿا، تن کين پنهنجي دين بابت دوکو ڏنو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي اها هلت ان ڪري آهي جو هو چون ٿا ته "دوزخ جي باهه ته اسان کي ڇهندي به نه ۽ جيڪڏهن دوزخ جي سزا کڻي ملي ته به هوندي مس ڪي ڳاڻ ڳڻيا ڏينهن." سندن گهڙيل عقيدن کين پنهنجي دين جي معاملي ۾ ڏاڍين غلط فهمين ۾ وجهي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي اها هلت ان ڪري آهي جو چون ٿا ته، دوزخ جي باهه اسان کي ڇهندي به ڪانه، ۽ جي دوزخ جي سزا اسان کي ملي به، ته فقط چند ڏهاڙا. سندن هٿرادو عقيدن کين پنهنجي دين جي معاملي ۾ وڏين غلط فهمين ۾ وجهي ڇڏيو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سندن اهو رويو رڳو ان ڪري آهي، جو هو چون ٿا ته جَھنَّم جي باهه، اسان جي ويجهو به نه ايندي، جي آئِي به ته، ڪجهه ڏينهن لاءِ ، حقيقت ۾ انهن جي پنھنجي ئي هٿ ٺوڪيل يعني گهڙيل عقيدن، دين جي معاملي ۾ کين ڌوڪي ۾ وڌو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَيفَ إِذا جَمَعنٰهُم لِيَومٍ لا رَيبَ فيهِ وَوُفِّيَت كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 25) |
پوءِ ڪھڙو (حال ٿيندن) جڏھن کين اُھو ڏينھن جنھن ۾ ڪو شڪ نه آھي تنھن ۾ گڏ ڪنداسين، ۽ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو کيس پُورو بَدلو ڏبو ۽ اُنھن سان ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر انهيءَ وقت جو ڇا حال ٿيندو جڏهن قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي. اسان هنن کي پاڻ وٽ گڏ ڪنداسين، پوءِ هر نفس جيڪي جيڪي عمل ڪيا هوندا انهن جي مطابق کيس پورو پورو بدلو ملندو ۽ ڪنهن سان به ظلم ڪونه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ڪهڙي حال ۾ هوندا جڏهن اسان قيامت جي ڏينهن انهن کي گڏ ڪنداسين، جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي، ۽ هر انسان کي سندس عملن جي جزا ڏني ويندي ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ڪهڙو حال ٿيندن ان ڏينهن جڏهن کين گڏ ڪنداسون جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن جي بلڪل حق تلفي نه ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيئن (ٿيندو) جڏهن گڏ ڪنداسون انهن کي ان ڏينهن لاءِ جو ناهي شڪ ان ۾ ۽ پورو بدلو ڏنو ويندو سڀڪو نفس (ان عمل جو) جيڪي ڪيائين ۽ اهي ظلم ڪيا ويندا..(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪهڙو حال ٿيندن جڏهن کين ان ڏينهن گڏ ڪنداسون جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڇا حال هوندو! جڏهن اسان انهن کي گڏ ڪنداسين ان ڏينهن لاءِ جنهن جي (برپا ٿيڻ) ۾ ڪو شڪ ناهي ۽ هر جان کي ان جي ڪمائي جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن سان ظلم ڪو نه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪهڙا سندن پار، جڏهن ڪَٺي ڪنداسون اُنهن کي، ڏاڍي ڏينهن قيام لئي، جنهن ۾ وَهم نه وار، ۽ جنهن ماڻهون جيڪي ميڙيو، سو پورا ڏِبسِ پار، واجبِي وهنوار، ۽ مُور نه، ڪنهن جو ماربو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڪهڙو حال هوندو، جڏهن اسين کين اهڙي ڏينهن ڪٺو ڪنداسون، جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ۽ هر شخص پنهنجي ڪئي جو پورو بدلو پائيندو ۽ سندس حق چٽ نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر پوءِ سندن حالت ڇا بڻبي، جڏهن اسان کين ان ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ميڙي گڏ ڪنداسون ۽ ان ڏينهن هر ڪنهن کي سندس ڪمائيءَ جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر انهن جو ڇا ٿيندو، جڏهن اسان کين ان ڏينهن گڏ ڪنداسين، جنهن جو اچڻ يقيني آهي؟ انهيءَ ڏينهن هر شخص کي سندس ڪمائي جو بدلو مڪمل ڏنو ويندو، ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن سندن ڪھڙو حشر ٿيندو، جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ان ڏينھن هر ماڻهوءَ کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن تي به ذري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُلِ اللَّهُمَّ مٰلِكَ المُلكِ تُؤتِى المُلكَ مَن تَشاءُ وَتَنزِعُ المُلكَ مِمَّن تَشاءُ وَتُعِزُّ مَن تَشاءُ وَتُذِلُّ مَن تَشاءُ بِيَدِكَ الخَيرُ إِنَّكَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 26) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي الله مُلڪ جا مالِڪ جنھن کي گھرين تنھن کي بادشاھي ڏئين ۽ جنھن کان وڻيئي تنھن کان بادشاھي کسين، ۽ جنھن کي گھرين تنھن کي مانوارو ڪرين ۽ جنھن کي وڻيئي تنھن کي بي مانو ڪرين، تنھنجي ھٿ ۾ چڱائي آھي، ڇوته تون سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي پيغمبر!(تون پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪر ۽) چؤ ته اي منهنجا خدا، جهان جا مالڪ، جنهن کي وڻئي تنهن کي بادشاهي ڏئين ۽ جنهن کان وڻئي تنهن کان کسي وٺين، جنهن کي وڻئي تنهن کي عزت ڏئين ۽ جنهن کي وڻئي تنهن کي ذليل (خوار خراب) ڪرين. سڀ چڱائي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان عرض ڪريو اي الله تون مالِڪُ المُلڪ آهين جنهنکي چاهين بادشاهي ڏين ۽ جنهن کان چاهين بادشاهي واپس وٺين ۽ جنهنکي چاهين عزت ڏين ۽ جنهنکي چاهين ذِلَتَ ڏين، تنهنجي دستِ قدرت ۾ خير آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون ته هي دعا گهر ته اي خدا! ملڪ جا مالڪ جنهن کي گهرين ٿو بادشاهي ڏين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کان بادشاهي کسين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي عزت ڏين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي ذلت ڏين ٿو. تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي بيشڪ تون سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪر ته اي الله! اي مالڪ سڀني ملڪن جا! ڏين ٿو بادشاهي جنهن کي گهرين ٿو ۽ کسين ٿو بادشاهي جنهن کان گهرين ۽ عزت ٿو ڏين جنهن کي گهرين ۽ ذليل ٿو ڪرين جنهن کي گهرين تنهنجي (قدرتي) هٿ ۾ سڀ ڀلائي آهي بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) چو ته اي الله ! ملڪ جا مالڪ ! جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي بادشاهي ڏين ٿو. ۽ جنهن کان گهرين ٿو تنهن کان بادشاهي کسين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي عزت وارو ڪرين ٿو ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي خوار ڪرين ٿو. تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي. بيشڪ تون سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”اي الله! بادشاهي جا مالڪ! تون جنهن کي چاهين بادشاهي ڏين ۽ جنهن کان چاهين بادشاهي ڦري وٺين ۽ جنهن کي چاهين عزت ڏين ۽ جنهن کي چاهين ذلت ڏين. ڀلائي سڀ تنهنجي هٿ ۾ آهي. بيشڪ تون هر شيءِ تي سگهه رکڻ وارو آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سانيمِ رَبّ ستار! تون ئـِي، مالڪ مُلڪ جو، ڪنهن کي، ملڪ ڏيين، ڪِ کسيـين، اِي تُنهنجي اختيار، ۽ وڻي، تنهن وڏو ڪرين، ۽ وڻي ته ڪرين خوار، سُک سڀ تُنهنجي هٿ ۾، تون ڪُل مٿي ڪلتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ”اي منهنجا الله! ملڪ جا مالڪ! تون جنهن کي وڻيئي حڪومت ڏين ٿو ۽ جنهن کان وڻيئي حڪومت کسين ٿو. جنهن کي وڻيئي، تنهن کي عزت ڏين ۽ جنهن کي وڻيئي تنهن کي ذليل ڪرين، تنهنجي ئي هٿ ۾ سڀ ڀلائي آهي، بيشڪ تون هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ اي الله! ملڪ جا مالڪ، تون جنهن کي وڻيئي حڪومت ڏئين ۽ جنهن کان وڻيئي کسي وٺين، جنهن کي چاهين عزت بخشين، جنهن کي گهرين ذليل ڪري ڇڏين، ڀلائي تنهنجي هٿ ۾ آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ: (اي نبي!) خدايا! ملڪ جا مالڪ، تون جنهن کي چاهين حڪومت ڏين ۽ جنهن کان چاهين کسي وٺين ۽ جنهن کي گهرين عزت بخشين ۽ جنهن کي چاهين ذليل ڪرين، تنهنجي اختيار ۾ ڀلائي آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) تون (الله تعاليٰ جي دربار ۾) چؤ ته اي سموري جھان جا مالڪ! تون جنھن کي چاهين بادشاهي عطا ڪرِين، جنھن کان چاهين بادشاهِي کسي وٺين، جنھن کي چاهين عزّت عطا ڪرِين ۽ جنھن کي چاهين ذليل ڪري ڇڏين. ڀلائي تنھنجي ئي هٿ ۾ آهي، بيشڪ تون هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهين.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تولِجُ الَّيلَ فِى النَّهارِ وَتولِجُ النَّهارَ فِى الَّيلِ وَتُخرِجُ الحَىَّ مِنَ المَيِّتِ وَتُخرِجُ المَيِّتَ مِنَ الحَىِّ وَتَرزُقُ مَن تَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 27) |
رات کي (گھٽائي) ڏينھن آڻين ٿو ۽ ڏينھن کي (گھٽائي) رات ۾ آڻين ٿو، ۽ مُئي مان جِيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو، ۽ جنھن کي گھُرين تنھن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون ئي رات کي ڏينهن ۾ (رفته رفته) گم ٿو ڪرين ۽ ڏينهن کي رات ۾، جانورن کي بيجان شين مان ٻاهر ڪڍين ٿو ۽ بي جان شين کي جانورن مان ٻاهر آڻين ٿو ۽ جنهن کي چاهين ٿو تنهن کي (پنهنجي ڪرم جي خزاني مان) بي حساب رزق ڏئين ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪرين ٿو، ۽ مئل مان زنده کي ڪڍين ٿو ۽ زنده مان مئل کي ڪڍين ٿو، ۽ جنهنکي چاهين بغير حساب جي رزق ڏين ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون ئي رات کي (وڌائي) ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو (ته رات وڌي وڃي ٿي) ۽ تون ئي ڏينهن کي (وڌائي) رات ۾ داخل ڪرين ٿو (ته وري ڏينهن وڌي وڃي ٿو) ۽ تون ئي بي جان مان (بيضه، نطفه وغيره) ڪڍين ٿو ۽ تون ئي جنهن کي گهرين ٿو بيشمار رزق ڏئين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ٿو ڪرين رات (جي حصي) کي ڏينهن ۾ ۽ داخل ٿو ڪرين ڏينهن (جي حصي) کي رات ۾ ڪڍين ٿو جيئري کي مئل مان ۽ ڪڍين ٿو مئل کي جيئري مان ۽ رزق ٿو ڏين جنهن کي گهرين حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو، ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪرين ٿو، ۽ جيئري کي مئل مان ڪڍين ٿو، ۽ مئل کي جيئري مان ڪڍين ٿو. ۽ جنهن کي گهرين ٿو تنهن کي بيشمار رزق ڏئين ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪرين ٿو ۽ تون جيئري کي مئل مان ڪڍين ٿو ۽ تون مُردي کي جيئري مان ڪڍين ٿو ۽ تون جنهن کي چاهين ٿو اڻ ڳڻيو رزق عطا ڪرين ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) رات، ڏينهن ۾، رات ۾، ڏينهن، ڳنڍين ڏاتار!، جيرو مئي مان ۽ مُئو ڪڍين، جيري مان جبار!، ۽ جنهن کي گھرين غفّار!، بنا ليکي لاڳ ڏِيـين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون رات کي ڏينهن ۾ داخل ڪرين ٿو ۽ ڏينهن کي رات ۾ داخل ڪرين ٿو، تون جيئري کي مئل مان ڪڍين ٿو ۽ مئلن کي جيئري مان ڪڍين ٿو ۽ جنهن کي وڻيئي، ان کي بي حساب رزق ڏين ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) رات کي ڏينهن ۾ ٿو لپيٽيندو اچين ۽ ڏينهن کي رات ۾، مئل مان جيئرو جاڳندو ٿو ڪڍين ۽ جيئري جاڳندي مان مئل ۽ جنهن کي وڻيئي بنا حساب جي ٿو رزق ڏئين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوئيندو اچين ٿو رات کي ڏينهن ۾ ۽ پوئين ٿو ڏينهن کي رات ۾، ڪڍين ٿو جاندار کي بي جان مان ۽ ڪڍين ٿو بي جان کي جاندار مان، ۽ جنهن کي چاهين رزق عطا ڪرين ٿو بي حساب.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون رات کي ڏينھن ۾ ۽ ڏينھن کي راتِ ۾ ( انتهائي باريڪ بيني سان) داخل ڪرِين ٿو، جاندار شين مان بي جان شيون ۽ بي جان شين مان جاندار شيون ڪڍي ظاهر ڪرين ٿو ۽ تون جنھن کي چاهين اڻ کٽ رزق عطا ڪندو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَتَّخِذِ المُؤمِنونَ الكٰفِرينَ أَولِياءَ مِن دونِ المُؤمِنينَ وَمَن يَفعَل ذٰلِكَ فَلَيسَ مِنَ اللَّهِ فى شَيءٍ إِلّا أَن تَتَّقوا مِنهُم تُقىٰةً وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَإِلَى اللَّهِ المَصيرُ (آيت : 28) |
(گھُرجي ته) مُؤمن مُؤمنن کانسواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين، ۽ جيڪو اِئين ڪندو تنھن جو الله (جي دين) سان (ڪُجھ) واسطو نه آھي ھِن کانسواءِ ته اِنھن (ڪافرن) کان پاڻ بچائڻ لاءِ بچاءُ ڪريو، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ڏانھن موٽڻو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ايمان وارن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي جو مومنن کي ڇڏي حق جي منڪرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بڻائين، جيڪو ائين ڪري ٿو سو ياد رکي ته پوءِ هن کي الله تعاليٰ وٽان ڪابه مدد ڪانه ملندي، پر جيڪڏهن اهڙي حالت پيش اچي وڃي جو هنن جي شرارت کان پاڻ بچائڻو پوي ته پوءِ ان حالت ۾ ائين ڪري سگهو ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ به اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا کان) خبردار ڪري رهيو آهي ۽ آخر ته توهان کي الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مؤمن، ڪافرن کي پنهنجو دوست نه بنائين سواءِ مؤمنن جي، ۽ جيڪو مؤمن ڪافر سان دوستي رکندو انهيءَ جو الله جي دين سان ڪو واسطو ناهي مگر اهو جو الله کان خوف ڪريو توهان خوف ڪرڻ، ۽ الله تعالى توهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو، ۽ الله تعالى ڏانهن موٽڻ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مومن، مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي سرپرست نه بڻائين. ۽ جو ائين ڪندو ته ان جو خدا سان ڪو واسطو نه آهي پر (اهڙين تدبيرن سان) ڪنهن طرح انهن (جي شرارت) کان ڀڄڻ گهرو ٿا ته (خير) ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه بنائين مؤمن ڪافرن کي دوست مؤمنن کان سواءِ ۽ جيڪو اهو (ڪافرن سان دوستيءَ جو ڪم) ڪندو پوءِ ناهي (ان جو) الله سان ڪو تعلق مگر (هن حالت ۾) جو بچو انهن کان بچڻ ۽ ڊيڄاري ٿو اوهان کي الله پنهنجيءَ ذات کان ۽ الله ڏانهن موٽڻو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ايمان وارا ايمان وارن کان سواءِ ڪافرن کي دوست نه بڻائين ۽ جيڪو اهو (ڪم) ڪندو تنهن جو الله سان ڪو واسطو نه آهي. هن کان سواءِ جو اوهين انهن کان ڪنهن قسم جو ڊپ ڪريو ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏي ئي موٽڻو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) مؤمنن کي گهرجي ته مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بنائن ۽ جيڪو ائين ڪندو ته ان جو الله سان ڪو تعلق نه رهيو. سواءِ هن جي جو اوهان انهن (جي فتني) کان بچڻ چاهيو. ۽ الله اوهان کي پنهنجي ذات (جي قهر ۽ غضب) کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ڏانهن موٽڻو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مؤمن، مؤمنن ڌار، دوست نه ڌارين ڪافرين، ۽ ناه ڌڻي جي دين تي، جو ڪندو اِي ڪم ڪار، مگر پاسو پاڻ ڪريو، ڪنهن خوف خطري هار، ۽ خوف خاص پانهنجو، ڏِينيان ٿو ڏاتار؛ ۽ آخر پرور پار، هرگز آهي هلڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مومنن کي نه گهرجي ته مومنن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست ڪري وٺن ۽ جيڪو اهو ڪم ڪندو، ته ان کي الله سان لاڳاپو نه آهي. سواءِ اهڙيءَ حالت جي، جو اوهان انهن کان بچڻ گهرو. ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو ۽ الله ڏانهن ئي اوهان کي موٽڻو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مؤمنن کي کپي ته مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو ساٿي ۽ ڀرجهلو ڪنهن به صورت ۾ نه بڻائين، جيڪو ائين ڪندو ان جو الله سان ڪوبه واسطو ناهي. باقي اهو معاف اَٿو جو توهان انهن جي ظلم کان بچڻ لاءِ ظاهري طرح ائين ڪيو، مگر الله توهان کي پنهنجي ذات کان ڊيڄاري ٿو ۽ توهان کي ڏانهس ئي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه بنائين هرگز مؤمن ڪافرن کي پنهنجو رفيق مددگار ايمان وارن کي ڇڏي، جيڪو به ائين ڪندو ان جو الله سان ڪوبه تعلق ناهي. ها، هي معاف آهي ته توهان انهن جي ظلم کان بچڻ لاءِ ظاهري طور اهڙو نمونو اختيار ڪريو، پر پاڻ کان ڊيڄاري ٿو الله توهان کي، ۽ توهان کي ان ڏانهن ئي موٽڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمن ماڻهن کي گهرجي ته هو ايمان وارن کي ڇڏي ڪافرن کي دوست نه بڻائين، جيڪو ايئن ڪندو ته پوءِ ان جو الله تعالى سان ڪو به واسطو نه آهي. ها جيڪڏهن ان ڪافر جي ظلم کان بچڻ لاءِ (عارضي طرح اهو عمل ڪيو وڃي ته) ان جي اجازت آهي، (پر وري به) الله تعالى توهان کي پنھنجي پڪڙ کان خوف ڏياري ٿو ۽ هر شيءِ آخرڪار الله تعالى ڏانھن ئي موٽڻي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِن تُخفوا ما فى صُدورِكُم أَو تُبدوهُ يَعلَمهُ اللَّهُ وَيَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 29) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو جي لڪائيندؤ يا اُھو پڌرو ڪندؤ ته (به) اُن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سوبه) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو لڪايو، توڙي ظاهر ڪيو، هر حال ۾ الله تعاليٰ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، بلڪ جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سوبه ڄاڻي ٿو. الله تعاليٰ هر شيء تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان انهن کي فرمايو جيڪڏهن توهان ظاهر ڪريو يا لڪايو جيڪو توهان جي دلين ۾ آهي الله کي سڀ معلوم آهي، ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي جيڪڏهن اوهين لڪائيندو يا ان کي ظاهر ڪندو ته به خدا ان کي ڄاڻي ٿو ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪڏھن لڪائيندؤ اھا ڳالھه جيڪا اوھان جي سينن ۾ آھي يا ظاھر ڪندؤ اها ته ڄاڻي ٿو ان کي الله ۽ ڄاڻي ٿو جو ڪجھه آسمانن ۾ آھي ۽ جو ڪجھه زمين ۾ آھي ۽ الله ھر شيءِ تي قادر آھي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول ! کين) چو ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي تنهن کي جيڪڏهن اوهين لڪائيندو يا ان کي ظاهر ڪندو ته به الله ان کي ڄاڻي ٿو. ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تنهن کي به ڄاڻي ٿو. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”جيڪو اوهان جي سينن ۾ آهي ان کي جي لڪايو يا ان کي ظاهر ڪيو الله ان کي ڄاڻي ٿو. ۽ (اهو به) ڄاڻي ٿو جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مخفي پنهنجي من ۾ رکو، ڪِ ڪڍوسِ ٻهار، سائين سمجھي تنهن کي؛ پڻ سمجھي ٿو ستار، جيڪي آهِ اڀن ۾، پن ڀون ۾ بيشمار، ۽ هر ڪم مٿي ڪلتار، الله جل جلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪي اوهان جي سينن ۾ آهي ان کي لڪايو، خواهه ظاهر ڪريو ته به الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ان کي به ڄاڻي ٿو ۽ الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ماڻهن کي خبردار ڪر ته توهان جي اندر ۾ جيڪي ڪجهه به آهي، ان کي لڪايو توڙي پڌرو ڪريو، الله ته ان کي ڄاڻي ٿو. آسمانن ۽ زمين جي ڪابه شيءِ سندس علم کان ٻاهر نه آهي ۽ سندس اقتدار هر شيءِ تي ڇانيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) خبردار ڪري ڇڏ ماڻهن کي ته توهان جي دلين ۾ جيڪي ڪجهه آهي، ان کي توهان ڀلي لڪايو يا ظاهر ڪريو، ۽ (الله) بهرحال ان کي ڄاڻي ٿو، آسمانن ۽ زمين جي ڪابه شيءِ سندس علم کان ٻاهر نه آهي ۽ سندس ئي اقتدار هر شيءِ تي حاوي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) ماڻهن کي خبردار ڪري ڇڏيو، ته توهان پنھنجي دلين ۾ جيڪا به سوچ رکو ٿا، ان کي لڪايو يا ظاهر ڪريو، الله تعالى ان کان چڱيءَ طرح واقف آهي، هو ته آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَجِدُ كُلُّ نَفسٍ ما عَمِلَت مِن خَيرٍ مُحضَرًا وَما عَمِلَت مِن سوءٍ تَوَدُّ لَو أَنَّ بَينَها وَبَينَهُ أَمَدًا بَعيدًا وَيُحَذِّرُكُمُ اللَّهُ نَفسَهُ وَاللَّهُ رَءوفٌ بِالعِبادِ (آيت : 30) |
اُنھيءَ ڏينھن سڀڪو (ماڻھو) جيڪو چڱو ڪم ڪيائين ۽ جيڪو بڇڙو ڪم ڪيائين تنھن کي آڏو لھندو، (بڇڙي ڪم کي ڏسي) گھرندو ته جيڪر سندس ۽ اُن جي وچ ۾ گھڻي ڊيگھ ھجي ھا، ۽ الله پاڻ کان اوھان کي ڊيڄاريندو آھي، ۽ الله ٻانھن تي گھڻو مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ ڏينهن کي نه وساريو) جنهن ڏينهن هر هڪ انسان ڏسندو ته جيڪي نيڪ عمل هن دنيا ۾ ڪيا هئا سي سندس اڳيان موجود آهن. (يعني انهن جو اجر ملي رهيو آهي) ۽ جيڪي برا عمل ڪيا هئائين اهي به هن جي اڳيان آيا آهن، انهيءَ ڏينهن هو چاهيندو ته هاءِ! جيڪڏهن انهن برن عملن ۽ هن ڏينهن جي وچ ۾ وڏي مدت پئجي وڃي ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها! (پر مقرر وقت هٽي نه ٿو سگهي) الله تعاليٰ اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا بابت) خبردار ٿو ڪري (انهيءَ لاءِ ته سندس نافرمانيءَ کان بچو) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي بندن تي ڏاڍو مهربان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن هر انسان جنهن چڱو ڪم يا بڇڙو ڪم ڪيو هوندو اهو موجود ۽ حاضر ڏسندو، انسان اميد ڪندو ته جيڪڏهن عمل ۽ سندس وچ ۾ ڪو وڏو فاصلو هجي ها، ۽ الله توهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو، ۽ الله ٻانهن تي مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ڪو ماڻهو، جا ڪجھ نيڪي ڪئي اٿس، تنهن کي موجود ڏسندو ته خواهش ڪندو ته جيڪر سندس ۽ ان (بڇڙائيءَ) جي وچ ۾ پري جو فاصلو هجي ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ خدا (پنهنجن) بندن تي گهڻو شفيق (۽ مهربان) به آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينھن لھندو ھر نفس جيڪا به نيڪي ڪيائين حاضر ۽ جيڪا برائي ڪيائين پسند ڪندو ته جيڪر ان بري عمل ۽ سندس وچ ۾ (ھجي ھا) گھڻو (سنڌو) ۽ ڊيڄاري ٿو اوھان کي الله پنھنجيءَ ذات کان ۽ الله ٻانھن سان ٻاجھارو آھي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪو ماڻهو، جا ڪجهه نيڪي ڪئي اٿس ۽ جا ڪجهه بڇڙائي ڪئي اٿس، تنهن کي جنهن ڏينهن موجود ڏسندو ته خواهش ڪندو ته جيڪر سندس وچ ۽ ان (بڇڙائي) جي وچ ۾ پري جو فاصلو هجي، ۽ الله اوهان کي پاڻ کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ٻانهن تي گهڻو مهربان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن هر ساهه جيڪا به چڱائي ڪئي سا حاضر (موجود) لهندو.. ۽ جا به برائي ڪيائين سا به (موجود لهندو).. ته تمنا ڪندو ته هائو جي مون ۾ ۽ ان (ڏينهن) ۾ ڪو وڏو ويڇو هجي ها، ۽ الله اوهان کي پنهنجي ذات (جي قهر ۽ غضب) کان ڊيڄاري ٿو. ۽ الله ٻانهن تي گھڻو مهربان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن ڏينهن حاضر ڏسندو، جنهن کـٽيو ڪوئي خير، ۽ جنهن ڪو ڪوجھو ڪم ڪيو؛ ته وڻندس تنهين وير، دور پراهين دير، هجي هِن ۽ هُن جي وچ ۾. ۽ خوف خاص پنهنجو، ڏِينيان ٿو ڏاتار؛ ۽ بارِي بخشڻهار، بلڪل آهي، بندن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن هر هڪ ماڻهو پنهنجي ڪيل نيڪي کي پنهنجي اڳيان موجود ڏسندو ۽ ڪيل بڇڙائي کي به، تڏهن هو خواهش ڪندو ته ”هوند ان ڏينهن ۽ سندس وچ ۾ گهڻي دوري هجي!“ ۽ الله اوهان کي پنهنجي (پڪڙ) کان ڊيڄاري ٿو ۽ الله ٻانهن تي وڏو مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏينهن اچڻو آهي جڏهن هرڪو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڦل حاضر ٿيل ڏسندو، پوءِ کڻي ڪنهن ڀلائي ڪئي هوندي يا برائي، هر ماڻهو انهيءَ ڏينهن اها تمنا ڪندو ته جيڪر اهو ڏينهن کانئس اڃان گهڻو پري هجي ها. الله توهان کي پنهنجي ذات کان ڊيڄاري ٿو ۽ هو ته پنهنجي بندن جو ڏاڍو خير خواهه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي جڏهن هر نفس چاهي ڀلائي ڪئي هجي يا برائي، پنهنجي عمل جو ڦل آڏو ڏسندو، ۽ ان ڏينهن ماڻهو اها تمنا ڪندو ته ڪاش! اهو اڃا ان کان گهڻو پري هجي ها! ۽ ڊيڄاري ٿو توهان کي الله پنهنجو پاڻ کان ۽ اهو (الله) پنهنجي ٻانهن جو وڏو خيرخواهه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (توهان ان ڏينھن کي به ذهن ۾ رکو) جنھن ڏينھن هر ماڻهو پنھنجي نيڪ ۽ بري عمل جو نتيجو ڏسندو، پوءِ بري عمل جي نتيجي ۾ ويٺو سور پچائيندو ته ڪاش! اڄوڪو ڏينھن اڃا نه اچي ها، الله تعالى اهڙي طريقي سان به، توهان کي پنھنجي پڪڙ کان ڊيڄاري ٿو، الله تعالى ئي ته ٻانهن جو انتھائي ڀلائي چاهيندڙ آهي. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل إِن كُنتُم تُحِبّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعونى يُحبِبكُمُ اللَّهُ وَيَغفِر لَكُم ذُنوبَكُم وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 31) |
(اي پيغمبر) چؤ ته جي اوھين الله کي دوست رکندا آھيو ته منھنجي تابعداري ڪريو ته الله اوھان کي دوست رکندو ۽ اوھان جا گناھ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت رکو ٿا ته پوءِ منهنجي پيروي ڪيو. (يعني جيڪي الله جا حڪم توهان کي ٻڌايان ٿو تن جي تعميل ڪيو، جيڪڏهن ائين ڪندؤ) ته الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان جون خطائون معاف ڪندو، الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو اي انسانو ! جيڪڏهن توهان الله سان محبت چاهيو ٿا ته منهنجي فرمانبرداري ڪريو الله توهان سان محبت رکندو ۽ توهان جا گناه بخش ڪندو ۽ الله بخشيندڙ ٻاجهارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! انهن ماڻهن کي) چئو ته جيڪڏهن توهان خدا سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو ته الله (به) اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان کي اوهان جا گناھ معاف ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته جيڪڏھن محبت ٿا رکو الله سان ته پوءِ منھنجي تابعداري ڪيو ته محبت رکندو اوھان سان الله ۽ بخشيندو اوھان لاءِ اوھان جا گناھ ۽ الله بخشيندڙ، مھربان آھي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول) چو ته جيڪڏهن اوهين الله سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو ته الله (به) اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان کي اوهان جا گناهه معاف ڪندو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي! ) چؤ ته: ”اگر اوهان (واقعي) الله سان محبت رکو ٿا ته پوءِ منهنجي پيروي ڪيو ته الله اوهان سان محبت رکندو ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڏوهه معاف ڪندو ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، جي آهيو الله جا، حقيقت ۾ حُبدار، ته هلو سندمِ حڪمن تي، ته ڏينيان پاڻ پيار، پڻ مرهِينيا مِهر سان، ڏوهن مان، ڏاتار، ۽ بي شڪ بخشڻهار، پڻ مولا مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته جيڪڏهن اوهين الله سان محبت رکو ٿا، ته منهنجي پيروي ڪريو، الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان جا گناهه بخشيندو، الله بخشڻهار، مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته "جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت ڪريو ٿا ته منهنجي پيروي ڪريو ته الله توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناهه معاف ڪندو. هو ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ رحيم آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ماڻهن کي چؤ ته جي توهان محبت رکو ٿا الله سان ته منهنجي پيروي ڪريو، محبت ڪندو الله توهان سان ۽ معاف فرمائيندو توهان جي خطائن کي، ۽ الله وڏو معاف ڪندڙ رحيم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) ماڻهن کي چؤ، ته جيڪڏهن توهان واقعي الله تعالى سان محبَّت رکو ٿا، ته پوءِ منھنجي پيروي ڪريو، (منھنجي پيرويءَ جي ذريعي ئي) الله تعالى توهان سان محبت ڪندو ۽ توهان جا گناهه به معاف ڪندو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل أَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الكٰفِرينَ (آيت : 32) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ڦري ويا ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ۽ سندس رسول جي فرمابرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن هو پٺي ڏين ۽ منهن موڙين (يعني فرمانبرداري نه ڪن) ته پوءِ الله تعاليٰ به ڪفر ڪرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان فرمايو الله ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪريو، پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرين پوءِ بيشڪ الله تعالى ڪافرن تي عذاب ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئو ته الله ۽ رسولجي تابعداري ڪريو پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اطاعت ڪيو الله جي ۽ رسول جي پوءِ جيڪڏھن منھن موڙين پوءِ بيشڪ الله نه ٿو پسند ڪري ڪافرن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) چو ته الله ۽ رسول جي تابعداري ڪريو. پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته بيشڪ الله (به) ڪافرن کي دوست نه ٿو رکي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”الله جي ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪيو. پوءِ جي منهن موڙن ته الله ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو مڃيو رَبَّ ۽ رَسُول کي؛ پوءِ جي ڦريا، ته ٻول ٻيهار، ته پرور نه ڏي پيار، اصل اِنڪارين کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ”حڪم مڃيو الله جو ۽ رسول جو،“ پوءِ جيڪڏهن مُنهن موڙين، ته بيشڪ الله ڪافرن کي پسند نه ٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوينِ ته "الله ۽ رسول جي تابعداري ڪريو" پوءِ جيڪڏهن تنهنجي اها دعوت قبول نه ڪن ته پوءِ ته ائين ٿي ئي نٿو سگهي ته الله اهڙن ماڻهن سان ڪا محبت ڪري، جيڪي سندس ۽ سندس رسول جي تابعداريءَ کان انڪار ڪندا هجن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کي چؤ ته اطاعت ڪريو الله ۽ رسول جي، پوءِ جي اهي توهان جي دعوت قبول نه ڪن ته اهو ممڪن نه آهي ته الله اهڙن ڪافرن سان محبت ڪري، جيڪي رسول جا انڪاري هجن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي نبي ﷺ)انهن کي چؤ ته الله تعالى ۽ سندس رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو، پر جيڪڏهن هو منھن موڙين ته بيشڪ اهڙن نافرمانن سان الله تعالى ڪڏهن به محبت نه ڪندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰ ءادَمَ وَنوحًا وَءالَ إِبرٰهيمَ وَءالَ عِمرٰنَ عَلَى العٰلَمينَ (آيت : 33) |
بيشڪ الله آدم ۽ نُوح ۽ ابراھيم جي اولاد ۽ عِمران جي اولاد کي جھانن (وارن) تي سدورو ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته الله تعاليٰ آدم کي، نوح، کي ابراهيم کي ۽ عمران جي گهراڻي کي سڄي دنيا ۾ چونڊي وڌيڪ سرفراز ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله آدم ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ اولاد عمران جي کي انتخاب ڪيو جهان وارن مان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ الله، آدم ۽ نوح ۽ ابرهيم جي خاندان ۽ عمران جي خاندان کي سموري جهان کان برگزيده ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله برگريدو بنايو آدم ۽ نوح ۽ ابراھيم جي گھراڻي ۽ عمران جي گھراڻي کي جهانن تي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله آدم ۽ نوح ۽ ابراهيم جي اولاد ۽ عمران جي اولاد کي جهان وارن کان پسند ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله چونڊيو آدم کي ۽ نوح کي ۽ ابراهيم جي گهراڻي کي ۽ عمران جي گهراڻي کي سڀني جهانن کان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻي ڌُئو جهان ۾، آدم، نوح نِهال، پڻ ابراهيم جو آل، پڻ آل ڀَلو عِمران جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آدم، نوح ۽ ابراهيم جي گهراڻي ۽ عمران جي گهراڻي کي الله ساري جهان مان پسند ڪيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله آدم ۽ نوح ۽ آل ابراهيم ۽ آل عمران کي ساري جهان وارن تي ترجيح ڏيئي پنهنجي رسالت لاءِ چونڊيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله آدم ۽ نوح ۽ آل ابراهيم ۽ آل عمران کي اهميت ڏئي(پنهنجي رسالت لاءِ) دنيا وارن تي چونڊيو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى، آدم ۽ نوح (ؐ) آل ابراهيم ۽ آل عمران کي دنيا جي سڀني ماڻهن تي فضيلت ڏئي پنھنجو رسول چونڊيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذُرِّيَّةً بَعضُها مِن بَعضٍ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
جو پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جو نسل آھن، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو هڪڙو خاندان هو جنهن ۾ هڪڙا ٻين مان پيدا ٿيا ۽ الله تعاليٰ (دعائون) ٻڌندڙ ۽ (مصلحتن جو) ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو هڪڙو خاندان آهي، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هڪڙا انهن مان ٻين جي اولاد آهن ۽ خدا سڀ ڪنهن ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اولاد آھي بعض انھن مان بعض جو ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪڙا انهن مان ٻين جي اولاد آهن. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو هڪ ئي نسل آهي هڪڙا ٻين جو اولاد آهن. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهن اِهي وِياءُ، ڪي سڳورا ڪِن جو؛ ۽ قادر ڪِبريا، سڻندڙ ۽ سُڄان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي هڪ ٻئي جي اولاد آهن ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي هڪ ئي سلسلي جا ماڻهو هئا، جو انهن مان هڪڙا ٻين جو اولاد هئا. الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي هڪ سلسلي جا ماڻهو هئا هڪ ٻئي جي نسل مان، ۽ بيشڪ الله سڀڪجهه ٻڌي ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن مان ڪجهه هڪ ٻئي جي نسل سان تعلق به رکن ٿا، الله تعالى هر شيءِ ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَتِ امرَأَتُ عِمرٰنَ رَبِّ إِنّى نَذَرتُ لَكَ ما فى بَطنى مُحَرَّرًا فَتَقَبَّل مِنّى إِنَّكَ أَنتَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 35) |
جڏھن عِمران جي زال چيو ته اي مُنھنجا پالڻھار جيڪي مُنھنجي پيٽ ۾ آھي سو تولاءِ آجو ڪيل نذر ڪيم تنھنڪري مون کان قبول ڪر، ڇوته تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا ٿيو جو عمران جي زال دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار منهنجي پيٽ ۾ جيڪو ٻار آهي تنهن کي (دنيا جي ڌنڌن ۽ والدين جي خدمت کان) آزاد ڪري تنهنجي (ديول جي خدمت) لاءِ نذر ٿي ڪريان، سو تون منهنجي طرف کان هي نذر قبول فرماءِ. بيشڪ تون (دعائون) ٻڌندڙ (دل جو حال) ڄاڻندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن عمران جي گهر واري عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون نذر ڪيو آهي جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي خاص تنهنجي خدمت ۾ رهڻ لاءِ پوءِ مون کان تون قبول فرماءِ بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! اهو به وقت ياد ڪريو ته) جڏهن عمران جي زال (حنه) چيو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجي پيٽ ۾ جو (ٻار) آهي سو مون (دنيا جي ڪمن کان) آزاد ڪري تنهنجي نذر ڪريان ٿي تون منهنجي طرفان هي نذر قبول فرمائج! بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏھن عرض ڪيو زال عمران جي ته اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ مون نذر ڪيو تنھنجي لاءِ جو به منھنجي پيٽ ۾ آھي (سڀني ڪمن کان) آزاد ڪيل پوءِ قبول فرماءِ منھنجي طوفان بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن عمران جي زال چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! جيڪي منهنجي پيٽ ۾ آهي سو مون تولاءِ آزاد ڪيل نذر ڪيو. پوءِ مون کان قبول ڪر. بيشڪ تون ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ياد ڪر) جڏهن عمران جي گهروارِيءَ چيو: ”اي منهنجا پالڻهار بيشڪ جيڪي منهنجي پيٽ ۾ آهي ان کي (ٻين ذميدارين کان) آزاد ڪري خالص تنهنجي نذر ڪيان ٿي، سو تون مون پاران قبول ڪر. بيشڪ تون ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عورت، جڏهن عمران جِي، چيو اِهڙي چال، ته سانيمِ!، سندمِ، جو پيٽ ۾، سو نذر ٻڌمِ، تونال، پوءِ سڻـج سندمِ سُوال، تون سڻندڙ ۽ سُڄاڻ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪر، جڏهن عمران جي زال چيو ”اي منهنجا ڌڻي! جيڪي منهنجي پيٽ ۾ آهي، تنهن کي سڀ کان آزاد ڪري تنهنجي نذر ڪيم، سو تون مون کان قبول ڪر- بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هو ان وقت ٻڌي رهيو هو) جڏهن عمران جي زال چئي رهي هئي، "منهنجا رب ! مان ان ٻار کي جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي، تنهنجي نذر ڪريان ٿي، اهو تنهنجي ئي ڪم لاءِ وقف هوندو، منهنجي انهيءَ نذراني کي قبول ڪر، تون ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهين.“(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هو ان وقت به ٻڌي رهيو هو) جڏهن عمران جي عورت (زال) چئي رهي هئي ته ”پروردگار! تنهنجي نذر ڪريان ٿي آءٌ هي ٻار جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي، اهو تو لاءِ وقف هوندو، منهنجي اها پيشڪش قبول فرما، بيشڪ تون ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهين.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن عمران جي گهر واريءَ دعا گهري، ته اي منھنجا رَبَّ! منھنجي پيٽ ۾ جيڪو به ٻار آهي، ان کي تنھنجي لاءِ وقف ڪرڻ جي باس باسيان ٿي، تون منھنجي ان خواهش کي قبول فرماءِ. بيشڪ تون ٻڌندڙ ۽ خوب ڄاڻندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا وَضَعَتها قالَت رَبِّ إِنّى وَضَعتُها أُنثىٰ وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما وَضَعَت وَلَيسَ الذَّكَرُ كَالأُنثىٰ وَإِنّى سَمَّيتُها مَريَمَ وَإِنّى أُعيذُها بِكَ وَذُرِّيَّتَها مِنَ الشَّيطٰنِ الرَّجيمِ (آيت : 36) |
پوءِ جنھن مھل اُن کي ڄڻيائين تڏھن چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون ڌيءُ ڄڻي، ۽ جيڪي اُن (بي بيءَ) ڄڻيو تنھن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي، ۽ (چيائين ته) پُٽ ڌيءُ جھڙو نه آھي، ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ آءٌ اُن کي ۽ سندس نسل کي تڙيل شيطان (جي شر) کان تنھنجي پناھ ۾ سونپيان ٿي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءءِ جڏهن (پٽ جي بدران) ڌيءُ ڄڻيائين تڏهن چيائين ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي ته ڌيءُ ڄائي، (هاڻي مان ڇا ڪريان؟) الله تعاليٰ ته بهتر ڄاتو ٿي ته ڇا ڄائو. ڇوڪرو ڪو ڇوڪري وانگر ناهي (عمران جي زال الله تعاليٰ جي حضور ۾ عرض ڪيو ته) مان هن جو نالو مريم رکيو آهي ۽ مان کيس ۽ سندس اولاد کي تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي ته تڙيل شيطان (جي وسوسن) کان سلامت رهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن ان کي تولد ڪيائين عرض ڪيائين اي منهنجا رب مون ڇوڪرِي تولد ڪئي آهي، ۽ الله تعالى کي معلوم آهي جيڪا ولادت ٿي ۽ پٽ ڌيءَ جهڙو ناهي، ۽ بيشڪ مون ان جو نالو مريم رکيو ۽ بيشڪ آئون انهيءَ کي ۽ اُن جي اولاد کي تنهنجي پناه ۾ ڏئي، شيطان رجيم کان محفوظ ڪريان ٿي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ڌيءَ ڄڻيائين تڏهن چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! (هاڻي آءُ ڇا ڪريان؟) مون ته اها ڌيءُ ڄڻي آهي. ۽ جيڪي ان ڄڻيو تنهن کي الله وڌيڪ ڄاڻي ٿو. ۽ پٽ ڌيءُ جهڙو نه آهي. هوڏانهن (انهيءَ چوڻ جي ضرورت ڪهڙي؟) جا هن ڄڻي هئي ان (جي شان ۽ مرتبه) کان خدا خوب واقف هو. ۽ مون سندس نالو مريم رکيو ۽ بيشڪ آءُ ان کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناھ ۾ ڏيان ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏھن ڄڻيائين ان کي عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ ڄڻي مون ڌيءُ ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جيڪو ڄڻيائين ۽ ناھي نر (پٽ) ماديءَ (ڌيءُ) جھڙو بيشڪ مون نالو رکيو ان جو مريم ۽ بيشڪ مان تنھنجي پناھ ۾ ٿي ڏيان ان کي ان جي اولاد کي شيطان تڙيل کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ان کي ڄڻيائين تڏهن چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون اها ڌيءَ ڄڻي آهي. ۽ جيڪي ان ڄڻيو تنهن کي الله گهڻو ڄاڻندڙ آهي. ۽ پٽ ڌيءَ جهڙو نه آهي. ۽ بيشڪ مون ان جو نالو مريم رکيو ۽ بيشڪ آءُ ان کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ان کي ڄڻيائين ته چيائين: ”اي منهنجا مالڪ مون ته ڇوڪري ڄڻي آهي“. حالانڪه الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڄڻيائين. (۽ چيائين) ”پُٽ ڌيءُ جهڙو نه آهي ۽ بيشڪ مون ان جو نالو مريم رکيو ۽ آءُ ان (نياڻيءَ) کي ۽ ان جي اولاد کي تڙيل شيطان کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ڄائين اُن کي، چئو نِماڻِي نار، ته ڌڻيم! ڄايمِ ڌِئڙي؛ ۽ جيڪو ڄائين ٻار، سو سمجھندڙ ستار، ته نر ناهي، نار جِھو. ۽ نالسِ مون مريم رکيو، سونپيمِ تو ستار!، توڙان تڙيل شيطان کان، اُن کي ۽ اُن جو ٻار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اهو ڄڻيائين، چيائين ”منهنجا ڌڻي! مون ته ڇوڪري ڄڻي،“ ۽ جيڪي ڄڻيائين تَنهنجي الله کي خوب خبر آهي. ۽”پٽ ڌيءَ جهڙو نه آهي، مون ان جو نالو مريم رکيو ۽ آءٌ ان کي ۽ ان جي اولاد کي مردود شيطان کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن نياڻي ڄايس ته چيائين: "اي رب منهنجا! مون ته ڌيءُ ڄڻي آهي"، حالانڪه جيڪو ڄڻيو هئائين الله کي ته ان جي ڄاڻ هئي ۽ پٽ ڌيءُ جهڙو ته نه ٿيندو آهي. خير، "مون ان جو نالو مريم رکيو آهي ۽ مان کيس ۽ سندس اولاد کي شيطان تـڙيل جي فتني کان تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن اها ڪڪي ان جي گهر ڄائي ته ان چيو، ”مالڪ! مون وٽ ته ڄائي آهي ڇوڪري، جڏهن ته ان جي الله کي خبر هئي جو ڪجهه هن ڄڻيو هو، ۽ نه هوندو آهي ڇوڪرو ڇوڪريءَ وانگر، خير مون ته ان جو نالو مريم رکي ڇڏيو آهي ۽ آئون ان کي ۽ سندس اولاد کي تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي شيطان تڙيل جي فتني کان.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن کيس نياڻي پيدا ٿي، ته چيائين ته يا الله! مون کي ته نياڻي ڄائي آهي، حالانڪه الله تعالى کي ته خبر هئي جيڪو هن ڄڻيو هو. ڇوڪرو، ڇوڪريءَ وانگر نه هوندو آهي. (ٺيڪ آ) مون هن جو نالو مريم رکي ڇڏيو آهي، مان هن نياڻي ۽ سندس ايندڙ نسل کي شيطان مردود کان تنھنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَتَقَبَّلَها رَبُّها بِقَبولٍ حَسَنٍ وَأَنبَتَها نَباتًا حَسَنًا وَكَفَّلَها زَكَرِيّا كُلَّما دَخَلَ عَلَيها زَكَرِيَّا المِحرابَ وَجَدَ عِندَها رِزقًا قالَ يٰمَريَمُ أَنّىٰ لَكِ هٰذا قالَت هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يَرزُقُ مَن يَشاءُ بِغَيرِ حِسابٍ (آيت : 37) |
پوءِ اُن کي سندس پالڻھار چڱي قبولڻ سان قبوليو ۽ اُن کي چڱي پالڻ طرح پاليائين ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيائين، جڏھن ڪڏھن زڪريا مٿس حُجري ۾ لنگھندو ھو ته وٽس طعام (رکيل) لھندو ھو، (ھڪ وقت) چيائين ته اي مريم ھيءُ ڪٿان تولاءِ (آيو) آھي چيائين ته اِھو الله وٽان (آيو) آھي، چوته الله جنھن کي وڻيس (تنھن کي) اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ مريم کي سندس پروردگار سهڻي قبوليت سان قبول ڪيو ۽ سندس نيپاج ۽ پرورش اهڙي سهڻي ۽ سٺي ڪيائين جو پاڪائيءَ ۾ وڏي ٿي ۽ زڪريا کي (جو ديول جو مجاور هو) سندس سنڀاليندڙ ڪيائين. جڏهن به زڪريا وٽس محراب ۾ ويندو هو (جتي هوءَ عبادت ۾ مشغول هوندي هئي) تڏهن هن وٽ ڪجهه کائڻ جون شيون ڏسندو هو. تنهن تي کانئس پڇندو هو ته، اي مريم! توکي هي شيون ڪٿان مليون؟ هوءَ چوندي هئي ته، خدا وٽان ٿيون ملن. بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (بيبي) مريم کي سندس ربَ سهڻي طريقي سان قبول فرمايو ۽ ان کي سهڻي نموني سان پرورش فرمايائين ۽ زڪريا کي سندس نگهباني لاءِ مقرر ڪيائين، جڏهن به (حضرت) زڪريا (بيبي) مريم وٽ محراب ۾ ويندو هو ته وٽس بي موسمان ميوا لهندو هو، چيائين اي مريم! هي ميوا تو وٽ ڪٿان اچن ٿا، چيائين اهي الله تعالى وٽان اچن ٿا، بيشڪ الله تعالى جنهنکي چاهي بغير حساب جي رزق ڏئي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سندس پروردگار (ان جو نذر) مريم کي خوشي سان قبول فرمايو ۽ ان جي پالڻا چڱي طرح ڪئي ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيو. جڏهن به وٽس حجري ۾ زڪريا ايندو هو ته پڇندو هوس ته اي مريم هي (کاڌو) توهان وٽ ڪٿان (آيو) آهي؟ ته مريم چوندي هيس ته الله وٽان (آيو) آهي. بيشڪ خدا جنهن کي گهري بي حساب رزق ڏئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ قبول ڪئي اھا سندس پالڻھار سھڻي قبوليت سان ۽ وڌايائين ان کي وڌائڻ سھڻو ۽ سنڀاليندڙ ٿيو ان جو زڪريا جڏھن به داخل ٿيو ان وٽ زڪريا ان جي عبادت واري جاءِ ۾ ته لڌائين ان وٽ کاڌي جو شيون فرمايائين ته اي مريم! ڪٿان آيو آھي تولاءِ ھي؟ چيائين ته اھو الله وٽان آھي بيشڪ رزق ٿو ڏئي جنھن کي گھري حساب کان سواءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي سندس پاليندڙ چڱي قبولڻ سان قبول ڪيو ۽ ان کي چڱي وڌائڻ سان وڌايو. ۽ سندس سنڀاليندڙ زڪريا کي ڪيو. جڏهن به وٽس حجري ۾ زڪريا ايندو هو ته ان وٽ ڪونه ڪو کاڌو لهندو هو. ان چيو ته اي مريم! هي تو وٽ ڪٿان آيو آهي؟ چوڻ لڳي ته اهو الله وٽان آيو آهي. بيشڪ الله جنهن کي گهري تنهن کي بيشمار رزق ڏئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (مريم) کي سندس پالڻهار چڱي قبوليت ساڻ قبوليو ۽ چڱي طرح پالنا سان پالنا ڪيائين ۽ ان جي سارسنڀال زڪريا حوالي ڪيائين. جنهن مهل به زڪريا ان جي نماز پڙهڻ واري جاءِ ۾ ويندو هيو ته ان وٽ (نئون) رزق لهندو هيو. چيائين: ”اي مريم! هي (رزق) تو وٽ ڪٿان اچي ٿو“؟ چيائين: ”اهو الله وٽان آهي. بيشڪ الله جنهن کي چاهي ٿو اڻ ڳڻيو رزق عطا ڪري ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سانيسِ سُئي اُن جِي ، سُهڻو سڻڻ سَهوار، ۽ سهڻِي پرستار، اُڀاريسِ، اُڀرڻ سهڻو. ۽ زڪريا ٿيو اُن جو، صحِي سنڀاليدار، مٿسِ محراب ۾، وارد ٿيو جنهن وار، ته وٽس لَڌا وِينجھار، اَڻ لڀ ميوا مورهين. چي، مريم! ڪهڙي مالڪ جا، هي ميوا تولئي مور؟ چي، سندمِ سائينءَ پاڪ جون، هِي ڀلايون ڀرپور، جنهن کي گھري غفور، ته بنا ليکي لاڳ ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندس رب ان کي چڱيءَ طرح قبول ڪيو، چڱيءَ طرح وڏو ڪيائين ۽ ان کي زڪريا کي سونپيائين. جڏهن به زڪريا وٽس حجري ۾ ايندو هو، ته ان وٽ ڪجهه کاڌو ڏسندو هو، پڇندو هو ”اي مريم! هي تو وٽ ڪٿان آيو؟“ چيائين ”هي الله وٽان، بيشڪ الله جنهن کي وڻيس، بي حساب رزق ڏئي ٿو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ سندس رب انهيءَ ڇوڪريءَ کي خوشيءَ سان قبول فرمايو ۽ کيس ڏاڍي سٺي نينگري ڪري پالي وڏو ڪيو ۽ زڪريا کي سندس سنڀاليندڙ بڻايائين. زڪريا جڏهن به ان وٽ محراب ۾ ويندو هو ته وٽس ڪا نه ڪا کاڌي پيتي جي شيءِ ڏسندو هو. پڇندو هوس: مريم، هيءُ تو وٽ ڪٿان آيو؟ هوءَ وراڻي ڏيندي هئي: "الله وٽان آيو آهي. الله جنهن کي چاهي بنا حساب جي رزق ڏئي ٿو"(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار سندس رب ان نينگريءَ کي خوشيءَ سان قبول فرمايو ۽ ان کي تمام سٺي نينگريءَ بنائي وڏو ڪيو ۽ ان جو سرپرست بڻايو زڪريا کي. جڏهن ڪڏهن (هو) ويندو هو سندس محراب ۾ زڪريا ته ان وٽ ڏسندو هو کائڻ پيئڻ جو سامان ڪجهه نه ڪجهه، پڇندو هو، ”مريم! هي تو وٽ ڪٿان آيو؟“ هوءَ جواب ڏيندي هئي ته ”الله وٽان آيو آهي“، بيشڪ الله جنهن کي چاهيندو آهي رزق ڏيندو آهي بي حساب.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سندس پالڻھار وڏي خوشيءَ سان ان نياڻيءَ کي قبول فرمايو ۽ ان کي هڪ بھترين فرمانبردار نياڻي بنايو ۽ زڪريا (ؑ) کي ان جي سنڀالڻ جي ذميداري ڏني.(حضرت) زڪريا (ؑ) جڏهن به ان جي ڪمري ۾ ويندو هو، ته هميشه ان وٽ کائڻ پيئڻ جون شيون اڻ مندائتن ميون جي صورت ۾ڏسندو هو. هڪ ڏينھن هن مريم کان پڇي ورتو ته اي مريم! هي شيون تنھنجي لاءِ ڪٿان پيون اچن؟ هن چيو ته هي سڀ الله تعالى جي طرفان اچن ٿيون، بيشڪ الله تعالى جنھن کي چاهي بي حساب رزق عطا ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُنالِكَ دَعا زَكَرِيّا رَبَّهُ قالَ رَبِّ هَب لى مِن لَدُنكَ ذُرِّيَّةً طَيِّبَةً إِنَّكَ سَميعُ الدُّعاءِ (آيت : 38) |
اُتي زڪريا پنھنجي پالڻھار کي سڏيو، چيائين اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽان مون کي چڱو اولاد بخش، ڇو ته تون دُعا جو ٻڌندڙ آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اتي ئي زڪريا پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي پاڪ اولاد عطا ڪر (جو هن مريم وانگر نيڪ ۽ عابد هجي) بيشڪ تون دعائون ٻڌندڙ ۽ قبول ڪندڙ آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ جاءِ تي (حضرت) زڪريا پنهنجي رب کان دعا گهري، عرض ڪيائين اي منهنجا رب مون کي پُٽ جو اولاد عطا فرماءِ، بيشڪ تون دعا قبول ڪندڙ آهين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اها ماجرا ڏسي) ان وقت زڪريا پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته: اي منهنجا پاليندڙ! مون کي پاڻ وٽان ڪو چڱو اولاد عطا ڪر! بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اتيئي دعا گھري زڪريا پنھنجي رب کان، عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! عطا ڪر مون کي پاڻ وٽان اولاد پاڪ بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آھين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اتي زڪريا پنهنجي پاليندڙ کان دُعا گهري چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون کي پاڻ وٽان ڪو چڱو اولاد بخشش ڪر ! بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اتي ئي (ان وقت ئي) زڪريا پنهنجي پالڻهار کي سڏيو. چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي پاڻ وٽان پاڪيزه اولاد ڏي، بيشڪ تون دعا ٻڌندڙ آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو، سندس الله کي، اُتي زڪريا، ته ڏي پاڻـئون پاڪ وياءُ، تون صحي سُڻندڙ سَڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ تي زڪريا پنهنجي ڌڻيءَ کان دعا گهري، چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي پاڻ وٽان پاڪ اولاد بخش، بيشڪ تون دعا جو ٻڌندڙ آهين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڏسي زڪريا پنهنجي رب کي ٻاڏايو، چيائين: "رب منهنجا! پنهنجي قدرت سان مون کي به نيڪ اولاد عطا ڪر، تون ئي دعا ٻڌندڙ آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي حال ڏسي زڪريا پنهنجي رب کي، پڪاريو ”پروردگار! پنهنجي قدرت سان مون کي عطا ڪر نيڪ اولاد، بيشڪ تون دعا ٻڌڻ وارو آهين.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو منظر ڏسي) اتي جو اتي زڪريا (ؑ) پنھنجي پالڻھار کان دعا گهري ۽ دعا ۾ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي به (پنھنجي خصوصي مھربانيءَ سان) پاڪيزه اولاد عطا فرماءِ، بيشڪ تون ئي دعا قبول ڪندڙ آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَنادَتهُ المَلٰئِكَةُ وَهُوَ قائِمٌ يُصَلّى فِى المِحرابِ أَنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكَ بِيَحيىٰ مُصَدِّقًا بِكَلِمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَسَيِّدًا وَحَصورًا وَنَبِيًّا مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 39) |
پوءِ مَلائڪن سڏيس ۽ اُن مَسجد ۾ بيٺي نماز پڙھي ٿي (ملائڪن چيس ته) الله توکي يحيىٰ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ڏئي ٿو جو الله جي حُڪم (سان پيدا ٿيل عيسىٰ) جو سَچو ڪندڙ ۽ سردار ۽ جَتو سَتو ۽ صالحن مان پيغمبر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن زڪريا محراب ۾ بيهي نماز پڙهي رهيو هو، تڏهن ملائڪن کيس پڪاري چيو ته، الله تعاليٰ توکي يحيٰ جي پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ڏئي ٿو (يعني توکي پٽ ڄمندو جنهن جو نالو يحيٰ رکيو وڃي) هو (يحيٰ) خدا جي حڪم سان هڪ پيدا ٿيڻ واري (حضرت عيسيٰ) جي تصديق ڪندڙ، جماعت جو سردار، پارسا (ديندار) ۽ خدا جي صالح ٻانهن مان هڪڙو نبي ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جبريل (حضرت) زڪريا کي آواز ڏنو حالانڪ زڪريا پنهنجي جاءِ نماز تي بيهي نماز پڙهي رهيو هو، بيشڪ الله تعالى توهان کي (پٽ) يحيى جي مبارڪ ڏئي ٿو جيڪو (حضرت) عيسى جي تصديق ڪندو ۽ سردار ۽ عورتن کان پاسو ڪندڙ هوندو، ۽ خاص پيغمبرن مان هوندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اڃا زڪريا حجري ۾ بيٺي (اها) دعا گهري رهيو ئي هو ته کيس فرشتن آواز ڏنو ته خدا تو کي يحيى (جي پيدا ٿيڻ) جي خوش خبري ڏئي ٿو. جو ڪلمه الله (عيسى) جي تصديق ڪندو ۽ (ماڻهن جو) سردار هوندو ۽ عورتن ڏانهن رغبت نه ڪندو ۽ نيڪن مان هڪ نبي هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سڏيو ان کي ملائڪن ۽ اھو بيٺو نماز پڙھي عبادت واري جاءِ ۾ ته بيشڪ الله خوشخبري ٿو ڏئي توکي يحيى جي تصديق ڪندڙ الله (طرفان آيل) فرمان جي سردار ۽ عورتن کان بچندڙ ۽ نبي صالحن مان ھوندو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ملائڪن سڏيو ۽ هو (ان وقت) حجري جي اندر نماز ۾ بيٺو هو (چيائونس) ته الله توکي يحيٰ (جي ڄمڻ) جي خوشخبري ٻڌائي ٿو، جو الله جي هڪ حڪم (سان پيدا ٿيندڙ) کي سچو چوندڙ. ۽ سردار ۽ زالن کان بي رغبت ۽ نيڪن مان هڪ نبي هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ملائڪن ان کي آواز ڏنو ۽ (اڃا) اهو نماز واري جاءِ ۾ بيٺو نماز ئي پڙهي رهيو هيو، ته: ”بيشڪ اللهُ تو کي (پٽ) يحى جي خوشخبري ڏئي ٿو. جيڪو ”الله جي ڪلمي“ (يعني عيسى عليه السلام ) جي تصديق ڪندڙ هوندو ۽ سردار هوندو ۽ پاڪدامن (يعني سَتو جَتو) هوندو ۽ نيڪوڪار ٻانهن مان نبي هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مَلڪن کيس پوڪاريو، هو مسجد منجھ مُنير، ۽ بيٺو، سو نماز پرهي؛ ته خدا ڏيئـِي ٿو کِير، يَحْيٰ، جِئند جناب جِي، شاهد قول قدير، سيد، سِيل سُڌير، ۽ نبي، سو نيڪن منجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن هو حجري ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته ملائڪن سڏي چيس ”الله توکي يحيٰ جي خوشخبري ڏئي ٿو، جو الله جي هڪ حڪم جي گواهي ڏيندو ۽ سردار، ڪنوارو رهندڙ ۽ صالحن مان هڪ نبي هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جواب ۾ فرشتن سڏيس جڏهن هو محراب ۾ بيٺو نماز پڙهي رهيو هو ته "الله توکي يحيٰ جي خوشخبري ڏئي ٿو. هو الله جي طرفان هڪڙي فرمان جي تصديق ڪندڙ بڻجي ايندو. هن جو اڳواڻن ۽ بزرگن وارو انداز هوندو ۽ نفس تي نهايت ضابطو رکڻ وارو هوندو، نبي هوندو ۽ صالحن منجهان ليکيو ويندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ ملائڪن چيو، جڏهن ته هو نماز پڙهي رهيو هو محراب ۾ بيهي، ”بيشڪ الله توکي يحييٰ جي خوشخبري ڏئي ٿو، اهو تصديق ڪندڙ ٿي ايندو الله وٽان هڪ فرمان جي، ۽ ان ۾ سرداري ۽ بزرگي وارو شان هوندو ڪمال جو ضابطو هوندو، نبوت سان سرفراز صالحن مان هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ زڪريا (ؑ) ڪمري ۾ نماز پڙهي رهيو هو، ته ملائڪن کيس چيو ته بيشڪ الله تعالى توکي پٽ يحى جي خوشخبري ڏئي ٿو، هو الله تعالى جي فرمان (يعني (حضرت عيسى ؑ) جي تصديق ڪندڙ، سردار (وارو شان رکندڙ )، انتھائي پاڪدامن ۽ نيڪ ماڻهن مان هڪ نبي هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى غُلٰمٌ وَقَد بَلَغَنِىَ الكِبَرُ وَامرَأَتى عاقِرٌ قالَ كَذٰلِكَ اللَّهُ يَفعَلُ ما يَشاءُ (آيت : 40) |
چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي پُٽ ڪئن ٿيندو جو بيشڪ مُون کي ته پوڙھائي اچي رسي آھي ۽ مُنھنجي زال سَنڍ آھي، (ملائڪ) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙيءَ طرح ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) زڪريا اهو ٻڌي چيو ته، اي منهنجا رب! مون کي ڪيئن پٽ ڄمندو، مان ته ٺيٺ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي زال به ٻارن ڄڻڻ جي حالت کان لنگهيل آهي؟ الله تعاليٰ فرمايو ته، انهيءَ حالت ۾ به پٽ ڄمندو. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو سگهي، (ڪابه ڳالهه سندس طاقت کان ٻاهر ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي پُٽ ڪيئن تولد ٿيندو حالانڪ آئون عمر رسيده آهيان ۽ منهنجي گهر واري ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، جبريل فرمايو الله تعالى ايئن ڪري ٿو جيئن چاهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زڪريا به عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو، هوڏانهن مون کي ٻڍاپو پهچي چڪو آهي ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. (خدا) فرمايو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو، سو ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! ڪٿان ٿيندو مون کي پٽ ۽ تحقيق پھتي مون کي پوڙھائپ ۽ منھنجي زال سنڍ آھي (الله) فرمايو ته ائين ئي الله ڪري ٿو جيڪي گھري ٿو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو هوڏانهن مونکي ٻڍايو پهچي چڪو آهي ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. چيائين ته اهڙيءَ طرح الله جيڪي گهري ٿو، سو ڪري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي پُٽ ڪيئن ٿيندو! حالانڪه مون کي ته پيري پهچي وئي آهي ۽ منهنجي زال (به) سنڍ آهي“. جواب آيو: ”ائين ئي ٿيندو الله اهو ڪري ٿو جيئن چاهي ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ ربَّ ستار، ڪونڌر پيدا ٿئيمِ ڪِيئن؟، پِيرِي پهتِي مون کي، ۽ عورت سندمِ اَوَيار، چي، پرور اهڙي پار، جيڪي گھري، سو ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي ڌڻي! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو؟ جو آءٌ ٻڍو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زال سنڍ آهي!“ چيائين ”اهڙيءَ طرح، الله جيڪي وڻيس سو ڪري ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) زڪريا چيو: "منهنجا رب! مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو، مان ڏاڍو پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي زال به سَنڍ آهي". جواب مليس: "ائين ئي ٿيندو. الله ته جيڪي وڻيس سو ڪري ٿو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) زڪريا چيو، ”پروردگار! ڀلا مون کي ڪٿان پئدا ٿيندو ڇوڪرو؟ آءٌ ته ڏاڍو پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ منهنجي زال سَنڍ ٿي چڪي آهي“، جواب مليو، ”ائين ئي ٿيندو، الله سو ڪندو آهي جيڪي گهرندو آهي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان تي) زڪريا (ؑ) چيو ته اي منھنجا پالڻهار! آءٌ ته پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ منھنجي گهر واري به سنڍ آهي، مون کي پٽ ڪيئن ڄمندو؟ تنھن تي کيس چيو ويو ته ايئن ئي ٿيندو، الله تعالى جيئن چاهيندو آهي تيئن ڪندو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ اجعَل لى ءايَةً قالَ ءايَتُكَ أَلّا تُكَلِّمَ النّاسَ ثَلٰثَةَ أَيّامٍ إِلّا رَمزًا وَاذكُر رَبَّكَ كَثيرًا وَسَبِّح بِالعَشِىِّ وَالإِبكٰرِ (آيت : 41) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مُون کاءِ ڪا نشاني مُقرّر ڪر، (الله) فرمايو ته تنھنجي نشاني (ھيءَ) آھي ته ٽي ڏينھن اشاري کانسواءِ ماڻھن سان ڳالھائي نه سگھندين، ۽ پنھنجي پالڻھار کي گھڻو ياد ڪر ۽ صُبح جو ۽ سانجھيءَ جو ساراھِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته اي منهنجا رب! هن بابت منهنجي لاءِ ڪا نشاني ڏي؟ حڪم ٿيو ته، نشاني هي آهي ته ٽن ڏينهن تائين نه ڳالهاءِ، رڳو اشارا ڪم آڻ (يعني روزا رک جيئن ان زماني ۾ دستور هو) ۽ پنهنجي پروردگار کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح توڙي شام سندس حمدوثنا ڪرڻ ۾ مشغول رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) زڪريا عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي ڪا نشاني ڏي، الله فرمايو تنهنجي لاءِ نشاني هي آهي ته ٽي ڏينهن ڳالهائي نه سگهندين مگر اشارن سان، ۽ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح ۽ شام پنهنجي رب جي ساراهه ڪر.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) زڪريا عرض ڪيو ته پالڻهار! منهنجي (دلجاءِ) لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر. ارشاد ٿيو: تنهنجي نشاني هي آهي ته تون ٽي ڏينهن ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين، ۽ تون (انهيءَ شڪريه ۾) پنهنجي پروردگار کي گهڻو ياد ڪر، ۽ شام ۽ صبح جو (سندس) پاڪائي بيان ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته اي منھنجا پالڻھار! مقرر ڪر مون لاءِ ڪا نشاني (الله) فرمايو ته تولاءِ نشاني ھيءَ آھي جو نه ڳالھائي سگھندين ماڻھن سان ٽي ڏينھن اشاري کان سواءِ ياد ڪر پنھنجي رب کي گھڻو ۽ تسبيح پڙھ شام ۽ صبح جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر. چيائين ته تنهنجي نشاني هيءَ آهي ته تون ٽي ڏينهن اشاري کان سواءِ ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين، ۽ تون پنهنجي پاليندڙ کي گهڻو ياد ڪر، ۽ شام ۽ صبح جو پاڪائي بيان ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر“. فرمايائين: ”تنهنجي نشاني اِها آهي جو تون ٽي ڏينهن ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين سواءِ اشارن جي. ۽ پنهنجي پالڻهار کي گهڻو ياد ڪر ۽ شام ۽ صبح ان جي پاڪائي بيان ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ! سندم لئي، ڪر ڪا نشاني نروار، چي، نشاني تنهنجي، آهي اِي اظهار، ٽي ڏينهن نه ڪڇندِين، ماڻهن سان، ڪو اکر اشارن ڌار،تُنهنجي سائينءَ گھڻو سار، پڻ ساراه صبح ۽ شام ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجا ڌڻي! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر!“ چيائين ”تنهنجي نشاني هيءَ آهي، ته تون ٽن ڏينهن تائين ماڻهن سان اشاري کانسواءِ نه ڳالهائيندين ۽ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح ۽ شام سندس پاڪائي بيان ڪر-“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عرض ڪيائين: "منهنجا مالڪ! پوءِ ڀلا ڪا نشاني منهنجي لاءِ مقرر ڪر". فرمايائين: "نشاني اها آهي ته تون ٽي ڏينهن ماڻهن سان سواءِ اشارن جي ڳالهه ٻولهه نه ڪري سگهندين. انهيءَ عرصي ۾ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪجانءِ ۽ صبح شام سندس تسبيح ڪندو رهجانءِ " (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) عرض ڪيائين، ”مالڪ! پوءِ منهنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر فرماءِ“. فرمايو ويو: نشاني هيءَ آهي ته تون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين ٽن ڏينهن تائين اشارن کان سواءِ، انهيءَ عرصي ۾ پنهنجي رب کي گهڻو ياد ڪجانءِ ۽ صبح شام سندس تسبيح پڙهندو رهجانءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) زڪريا (ؑ) عرض ڪيو ته اي منھنجا پالڻھار! پوءِ ڀلا منھنجي لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر، فرمايائين تنھنجي لاءِ هي نشاني مقرر ڪئي وڃي ٿي ته تون ٽن ڏينھن تائين ڪنھن سان به (زبان سان) نه ڳالهائي سگهندين، سواءِ اشارن جي، هاڻي تون پنھنجي رب کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح شام تسبيح بيان ڪندو رهه. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ اصطَفىٰكِ وَطَهَّرَكِ وَاصطَفىٰكِ عَلىٰ نِساءِ العٰلَمينَ (آيت : 42) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن چيو ته اي مريم الله توکي سڳورو ڪيو ۽ توکي پاڪ ڪيائين ۽ توکي جھانن جي زالن تي سڳورو ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (جڏهن حضرت مريم وڏي ٿي تڏهن ڪنهن ڏينهن) فرشتن کيس اچي چيو ته، اي مريم! توکي الله تعاليٰ چونڊي سرفراز ڪيو آهي (براين جي گندگيءَ کان) پاڪ ڪيو آهي ۽ سڄي دنيا جي عورتن کان وڌيڪ ڀلارو ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن (بيبي) مريم کي جبريل چيو ته بيشڪ الله تعالى توکي انتخاب ڪيو آهي ۽ توکي پاڪ ڪيو آهي ۽ موجوده زماني جي سڀني عورتن کان توکي برگزيده ڪيو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اها ڳالھ ياد ڪريو) جڏهن فرشتن مريم کي چيو ته اي مريم! بيشڪ خدا تو کي برگزيده ڪيو. ۽ تو کي (تمام گناهن ۽ بڇڙاين کان) پاڪ صاف رکيو ۽ سموري جهان جي عورتن کان تو کي پسند ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪريو) جڏهن چيو ملائڪن ته اي مريم! بيشڪ الله برگزيدو بنايو توکي ۽ پاڪ ڪيو توکي ۽ چونڊيو آهي توکي جهانن جي عورتن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ملائڪن چيو ته اي مريم ! بيشڪ الله توکي پسند ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن مهل ملائڪن چيو ته: ”اي مريم! بيشڪ الله تو کي چونڊيو آهي ۽ توکي پاڪ ڪيو آهي ۽ توکي جهانن جي عورتن مٿان برگزيده بنايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن مَلڪن چيو، ته مريم ! توکي ڌُئو ڌڻي، ۽ توکي ڌڻي ڌُرڪنان، خلقيو پاڪ کڻِي ، ۽ واڌُو ڪِيئي وَڻِي، جويَن تي، جھان جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ياد ڪر، جڏهن ملائڪن چيو ”اي مريم! الله توکي پسند ڪيو آهي، پاڪ ڪيو آهي ۽ توکي جهان جي زالن مان چونڊيو اٿس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهو وقت آيو جڏهن ملائڪن مريم کي اچي چيو: "اي مريم!ّ الله توکي چونڊيل شخصيت بڻايو آهي ۽ توکي پاڪائي عطا ڪئي آهي ۽ ساري دنيا جي عورتن تي توکي ترجيح ڏيئي پنهنجي خدمت لاءِ چونڊيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ (اهو وقت آيو) جڏهن مريم کي فرشتن اچي چيو، ”اي مريم! بيشڪ الله توکي عزت وارو ڪيو ۽ پاڪائي عطا ڪئي ۽ پوري دنيا جي عورتن تي توکي اهميت ڏئي خدمت لاءِ چونڊيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن ملائڪن مريم کي چيو، ته بيشڪ الله تعالى توکي پاڪيزه شخصيت طور، پوري دنيا جي عورتن تي ترجيح ڏيئي چونڊيو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰمَريَمُ اقنُتى لِرَبِّكِ وَاسجُدى وَاركَعى مَعَ الرّٰكِعينَ (آيت : 43) |
اي مريم پنھنجي پالڻھار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رُڪُوع ڪندڙن سان گڏجي رُڪُوع ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي مريم! هاڻي تون پنهنجي پروردگار جي عبادت وڏي نياز ۽ نماڻائيءَ سان ڪر ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن سان گڏ تون به رڪوع ۽ سجدو ڪندي رهه.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مريم! پنهنجي رب جي سامهون ادب سان بيهه ۽ ان لاءِ سجدو ڪر ۽ جماعت سان نماز ادا ڪر.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي مريم! (انهيءَ شڪريه ۾) پنهنجي پروردگار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجده ڪر ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪندي رھ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي مريم! خلوص سان عبادت ڪر پنهنجي رب جي ۽ سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪر رڪوع ڪندڙن سان گڏ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي پاڪ ڪيو ۽ توکي (سڀني) قومن جي زالن کان پسند ڪيو. اي مريم ! تون پنهنجي پاليندڙ جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي مريم! تون پنهنجي پالڻهار جي فرمانبرداري ڪر ۽ سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪندڙن سان گڏ رڪوع ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃ پنهنجي مالڪ کي، مريم! موچارِي، ۽ ڪر سيوا سندس، سارِي، ۽ نـَم ڀيڙي نَمندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مريم! پنهنجي ڌڻي جي بندگي ڪر، سجدو ڪر ۽ رڪوع ڪندڙن سان رڪوع ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي مريم! رب جي حڪمن جي بندي بنجي رهه، کيس سجدا ڪندي رهه ۽ جيڪي بندا سندس آڏو جهڪن ٿا، انهن سان گڏ تون به جهڪندي ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي مريم! پنهنجي رب جي فرمان جي تابع بڻجي رهه، سندس آڏو سجدا ڪر ۽ رب کي جهڪندڙ بندن سان تون به جهڪ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي مريم! تون پنھنجي پالڻھار جي فرمانبردار ٿي رهه ۽ ان جي اڳيان سجدا ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان گڏ رڪوع ڪر (يعني جماعت سان نماز ادا ڪندي رهه).(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ مِن أَنباءِ الغَيبِ نوحيهِ إِلَيكَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يُلقونَ أَقلٰمَهُم أَيُّهُم يَكفُلُ مَريَمَ وَما كُنتَ لَدَيهِم إِذ يَختَصِمونَ (آيت : 44) |
اِھا ڳجھين خبرن مان آھي اُن کي توڏانھن وحي ڪيوسون، ۽ (تون) تڏھن وٽن نه ھئين جڏھن پنھنجا قلم (پُکن لاءِ واھيءَ ۾) وڌائون ٿي ته اُنھن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو، ۽ تڏھن به وٽن نه ھئين جڏھن تڪرار ڪندا رھيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي خبرون غيب جي خبرن منجهان آهن جي اسان توکي وحي جي وسيلي ٻڌايون ٿا، (نه ته توکي ڪيئن خبر پوي ها) تون ته انهيءَ وقت انهن ماڻهن وٽ ڪونه هئين، جڏهن (ديول جا مجاور) پنهنجا پنهنجا قلم اڇلائي رهيا هئا ته (ڪڻا وجهي فيصلو ڪن ته) ڪير مريم جو سنڀاليندڙ ٿئي. نڪي تون انهيءَ وقت موجود هئين جڏهن (مريم جي سنڀال ڪرڻ لاءِ) پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي غيب جون خبرون آهن جيڪي اسان وحي جي ذريعي رسولِ عربي کي ٻڌايون ٿا، ۽ بظاهر توهان انهن وٽ نه هئا جڏهن انهن قلمن سان ڪُڻو ٿي وڌو ته (بيبي) مريم جي پرورش ڪير ڪري، ۽ بظاهر توهان انهن وٽ موجود نه هئا جڏهن پاڻ ۾ تڪرار ڪيائون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هيءَ (خبر) غيب جي خبرن مان آهي جا اسين تو ڏي وحي ڪريون ٿا. (اي رسول) تون ته انهن (مريم جي سرپرستن) وٽ موجود نه هئين جڏهن انهن مقابلو ڪندي پنهنجا قلم دريا ۾ پُکي طور وڌائون ٿي ته انهن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (واقعو) غيب جي خبرن مان آهي وحي ٿا ڪيون اهو توڏانهن ۽ نه هيئن تون انهن وٽ جڏهن اڇلائين پيا پنهنجا قلم ته ڪهڙو انهن مان سنڀالي مريم کي ۽ نه هيئن تون انهن وٽ جڏهن جهيڙو پيا ڪن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) اها (حقيقت) غيب جي خبرن مان آهي جنهن جي اسين توڏي وحي ڪريون ٿا ۽ تون انهن وٽ نه هئين جڏهن پنهنجا قلم (ڪُڻا) وڌائون ٿي. ته انهن مان ڪير مريم کي سنڀاليندو. ۽ تون انهن وٽ نه هئين جڏهن پاڻ ۾ جهڳڙو ڪيائون ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!)اِها (ڳالهه) غيب جي خبرن مان آهي جا اسان تو ڏانهن وحي ڪيون ٿا. ۽ تون انهن وٽ (ان مهل) ڪونه هئين، جڏهن اُهي (ڪُڻن وجهڻ لاءِ) پنهنجا قلم اڇلائي رهيا هئا ته انهن مان ڪير مريم جي پالنا ڪندو ۽ تون انهن وٽ ان وقت به نه هئين جڏهن اهي پاڻ ۾ جهڳڙِي رهيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو ڳجھ جي، ڳالهين مان، توڏي وَحِي ڪريو ٿا وير!؛ ۽ جڏهن پُکا وِڌائون پنهنجا، تنهن مهل نه وٽن تون مير!، ته سانڍي ڪير سُڌير، مريم ماءُ، معصوم کي. ۽ نه هُئين وٽنِ تنهن حال ۾، جڏهن جھيڙو ڪيائون جال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي غيب جون خبرون آهن، جي اسان توڏانهن موڪليون ٿا، تون ته انهن وٽ نه هئين، جڏهن (پُکي وجهڻ لاءِ) قلم اڇلائي رهيا هئا، ته ڪير مريم کي پالي؟ نڪي تون وٽن هئين، جڏهن جهڳڙو ٿي ڪيائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! اهي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسان توکي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايون ٿا ۽ تون ته ان وقت اتي موجود نه هئين، جڏهن هيڪل جي مجاورن اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ته مريم جو سنڀاليندڙ ڪير ٿئي، پنهنجا پنهنجا قلم پئي اڇلايا، ۽ نڪي تون ان وقت موجود هئين، جڏهن انهن پاڻ ۾ جهڳڙو پئي ڪيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي غيب جون خبرون آهن (اي نبي!) جيڪي اسان وحي ذريعي توکي ٻڌايون پيا، نه ته تون اتي موجود ڪونه هئين، جڏهن هيڪل جا خادم پنهنجا قلم اڇلي رهيا هئا هي فيصلو ڪرڻ لاءِ ته مريم جو سرپرست ڪير هجي؟ نه تون اتي حاضر هئين جڏهن سندن وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) هي غيب جون خبرون آهن، جيڪي اسين توکي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايون ٿا، توهان ان وقت موجود نه هئا، جڏهن مريم کي سنڀالڻ لاءِ خادم ڪڻا وجهي رهيا هئا ۽ وري توهان ان وقت به موجود نه هئا، جڏهن هو پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَتِ المَلٰئِكَةُ يٰمَريَمُ إِنَّ اللَّهَ يُبَشِّرُكِ بِكَلِمَةٍ مِنهُ اسمُهُ المَسيحُ عيسَى ابنُ مَريَمَ وَجيهًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 45) |
جڏھن ملائڪن مريم کي چيو ته اي مريم الله پاڻ وٽان توکي ھڪ (خاص) حُڪم (سان پيدا ڪيل پٽ) جي خوشخبري ڏئي ٿو، سندس نالو عِيسىٰ پُٽ مريم جو مرتبي وارو دنيا ۽ آخرت ۾ ٿيندو ۽ ويجھن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا ٿيو جو فرشتن اچي چيو ته، اي مريم! بيشڪ الله تعاليٰ توکي پنهنجي ڪلام جي وسيلي (پٽ جي) خوشخبري ٿو ڏئي. هن جو نالو ٿيندو عيسيٰ مسيح ابن مريم. هو دنيا ۽ آخرت ۾ نيڪ بخت هوندو ۽ الله تعاليٰ جي خاص مقربن (ويجهڙن) مان هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن (حضرت) جبريل بيبي مريم کي عرض ڪيو بيشڪ الله تعالى توکي پاڻ وٽان پُٽ جي بشارت ڏئي ٿو، جنهن جو نالو مسيح (يعنى) عيسى پٽ مريم جو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن فرشتن (مريم کي) چيو ته اي مريم! بيشڪ خدا تو کي سندس حڪم (سان هڪ ٿيندڙ پٽ) جي خوش خبري ٻڌائي ٿو جنهن جو نالو عيسى مسيح پٽ مريم جو آهي جو دنيا ۽ آخرت ۾ (عزت) آبرو وارو ۽ الله جي مقربن مان هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو ملائڪن ته اي مريم! بيشڪ الله بشارت ٿو ڏئي توکي فرمان جي پاڻ وٽان جو نالو ان جو مسيح عيسى پٽ مريم جو آهي، مرتبي وارو دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ (الله تعالى جي) مقربن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ملائڪن چيو ته اي مريم ! بيشڪ الله توکي سندس حڪم (سان پيدا ٿيندڙ پٽ) جي خوشخبري ٻڌائي ٿو جنهن جو نالو مسيح عيسيٰ پٽ مريم جو آهي جو دنيا ۽ آخرت ۾ آبرو وارو ۽ ويجهن (ٻانهن) مان هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ملائڪن چيو ته: ”اي مريم بيشڪ الله توکي مبارڪ ٿو ڏئي پنهنجي طرفان هڪ ڪلمي جي، ان جو نالو مسيح عيسى پُٽ مريم آهي، جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ وڏي مرتبي وارو هوندو ۽ (الله جي) قرب وارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن ملڪن چيو ته مريم!، توکي جل جلال، ڏي ڪلمي جِي، پاڻ کان، بِشارت بحال، عيسىٰ پٽ مريم جو، نالو تنهن نِهال، دُنيا ۽ آخرت ۾، چڱو چڱِي چال، ۽ واصل ساڻ وِصال، حاضر حضورين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن ملائڪن چيو ”اي مريم! الله توکي پنهنجي حڪم سان (پٽ جي) خوشخبري ڏئي ٿو، ان جو نالو ”عيسيٰ مسيح پٽ مريم“ هوندو، جو دنيا ۽ آخرت ۾ رتبي وارو ۽ الله جي مقربن مان هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ملائڪن چيو: "اي مريم! الله توکي پنهنجي هڪ فرمان جي خوشخبري ڏئي ٿو، ان جو نالو مسيح عيسيٰ پٽ مريم هوندو، دنيا ۽ آخرت ۾ وڏيءَ عزت وارو هوندو. الله جي ويجهن ٻانهن مان ليکيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن چيو ملائڪن، اي مريم! بيشڪ الله توکي پنهنجي هڪ فرمان جي خوشخبري ڏئي ٿو ان جو نالو هوندو مسيح عيسيٰ پٽ مريم، (اهو) معزز هوندو دنيا ۽ آخرت ۾، ۽ الله جي پيارن ٻانهن ۾ شامل هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جـڏهن ملائڪن چيو ته اي مريم! بيشڪ الله تعالى توکي پنھنجي هڪ خاص فرمان ( يعني پٽ) جي خوشخبري ٻڌائي ٿو، ان جو نالو مسيح عيسى پٽ مريم هوندو، دنيا ۽ آخرت ۾ عِزَّت وارو ۽ الله تعالى جي خاص ٻانهن مان هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُكَلِّمُ النّاسَ فِى المَهدِ وَكَهلًا وَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 46) |
۽ پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ جوانيءَ ۾ ماڻھن سان ڳالھائيندو ۽ صالحن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو ننڍپڻ توڙي وڏي عمر ۾ ماڻهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندو ۽ خدا جي صالح ٻانهن مان هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو دنيا ۾وڏي مرتبي وارو ۽ آخرت ۾ خاص بندن مان آهي ۽ ماڻهن سان پينگهي ۾ ڪلام ڪندو ۽ پڪي عُمر ۾ دين جي تبليغ ڪندو ۽ پاڻ خاص بندن مان هوندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر جو ٿي (ٻنهين حالتن ۾ هڪ جهڙو) ڳالهائيندو ۽ نيڪن مان هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڳالهائيندو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ پڪيءَ عمر ۾ ۽ خاص ٻانهن مان هوندو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ اڌيڙ عمر جو ٿي ڳالهائيندو، ۽ نيڪن مان هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهو ماڻهن سان ماءُ جي هنج ۾ ۽ پڪي عمر ۾ (يڪسان طرح) ڳالهائيندو ۽ نيڪوڪارن مان هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پينگهي ۽ ڪَرڙ ۾، ڪندو ماڻهن سان مقال، ڀلارو بحال، صالحن سندي ساٿ مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ماءُ جي هنج ۽ وڏي عمر ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندو ۽ نيڪ بختن مان هوندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن سان پينگهي ۾ به ڳالهائيندو ۽ وڏيءَ عمر کي پهچي به، ۽ هو هڪ صالح شخص هوندو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هو ڳالهائيندو ماڻهن سان پينگهي ۾ ۽ وڏي عمر کي پهچي به، اهو مرد صالح هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو ماڻهن سان پينگهي کان وٺي وڏي عمر تائين هڪ ئي انداز ۾ ڳالهيون ڪندو رهندو ۽ هو نيڪ ماڻهن مان هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَت رَبِّ أَنّىٰ يَكونُ لى وَلَدٌ وَلَم يَمسَسنى بَشَرٌ قالَ كَذٰلِكِ اللَّهُ يَخلُقُ ما يَشاءُ إِذا قَضىٰ أَمرًا فَإِنَّما يَقولُ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 47) |
چيائين ته اي مُنھنجا پالڻھار مون کي ڪئن وياءُ ٿيندو؟ جو مون کي (ڪنھين) ماڻھوءَ نه ڇھيو آھي، (ملائڪن) چيو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو اھڙي طرح پيدا ڪندو آھي، جڏھن ڪو ڪم ڪندو آھي ته اُن لاءِ ڇڙو چوندو آھي ته ٿيءُ ته ٿي پوندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مريم (هي ٻڌي عجب ۾ اچي) چيو، اي منهنجا رب! مونکي ڪنهن مرد ڇهيو به نه آهي. الله تعاليٰ فرمايو ته (اهڙي طرح) الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. هو جڏهن ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو تڏهن ان بابت رڳو حڪم ڪري ٿو ته ’ٿي پئه، ته پوءِ اها شيءِ ظهور ۾ اچي وڃي ٿي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (بيبي) مريم عرض ڪيو اي منهنجا رب مون کي اولاد ڪيئن ٿيندو، مون کي ته ڪنهن انسان هٿ نه لاٿو آهي، فرمايائين الله ايئن ئي پيدا فرمائي ٿو جيڪو چاهي ، جڏهن ڪنهن ڪم جو حڪم فرمائي ٿو ته ان کي چوي ٿو ٿيءُ ته فوراً ٿي پوي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ٻڌي مريم، تعجب سان) چوڻ لڳي ته اي منهنجا رب! مون کي ڪٿان ٻار ٿيندو؟ مون کي ته ڪنهن ماڻهوءَ هٿ به نه لاتو آهي ارشاد ٿيو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ”ٿي“ ته اهو ٿي پوي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي رب منهنجا! ڪٿان ٿيندو مون لاءِ پٽ ۽ نه هٿ لاٿو مونکي ڪنهن انسان.رمايائين ته ائين الله پيدا ٿو ڪري جيڪي گهري.ڏهن ارادو ڪري ٿو ڪنهن امر جو ته پوءِ تحقيق فرمائي ٿو ان لاءِ ٿيءُ.ه پوءِ اهو ٿي پوي ٿو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ ! مون کي ڪٿان ٻار ٿيندو؟ مون کي ته ڪنهن به ماڻهوءَ هٿ نه لاتو آهي. (الله) فرمايو ته اهڙي طرح الله جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. جڏهن ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ٿو ته ان کي رڳو چوي ٿو ته ٿيءُ ته اهو ٿي پوي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (تڏهن مريم) چيو: ”اي منهنجا پروردگار! مون کي پُٽ ڪيئن ٿيندو؟ حالانڪه مون کي ڪنهن ماڻهو هٿ ئي نه لاتو آهي“. جواب مليو: ”ائين ئي ٿيندو الله جو چاهيندو آهي پيدا ڪندو آهي. جڏهن ڪنهن ڪم (ڪرڻ) جو جو فيصلو ڪندو آهي ته ان کي صرف هيئن چوندو آهي ته ”ٿي پؤ“ ته اهو ٿي پوندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين ڪهڙي چال، مولا! پٽ مون کي ٿئي؟ هٿ نه لائيمِ، جنهن حال ۾، ماڻهوءَ ڪنهن مجال، چي، اِنِ پر ڌڻيءَ کي، جيئن وڻي، جوڙون جوڙي جال؛ جڏهن به ڪوئي ڪم گُھري، جوڙڻ جل جلال، ته فرمائـِسِ فِى الْحَال “ ٿي”، ته پوءَ ٿِي پوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن چيو ”منهنجا ڌڻي! (مون کي پٽ ڪٿان ٿيندو! جو مون کي ڪنهن به آدمي هٿ نه لڳايو آهي!“ چيائين ”ائين الله پيدا ڪري ٿو، جيڪي وڻيس، جڏهن به ڪنهن ڪم جو ارادو ڪري ته رڳو چوي ٿو ”ٿي وڃ“، اهو ٿي پوي ٿو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ٻڌي مريم چيو، "رب منهنجا! مون کي ٻار ڪٿان ٿيندو، مون کي ته ڪنهن انسان هٿ ئي نه لاتو آهي". جواب مليس، "ائين ٿي رهندو، الله ته جيڪي وڻيس سو خلقي سگهي ٿو. هو جڏهن ڪنهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪندو آهي ته رڳو چوندو آهي ته، ٿي پئه ۽ اهو ٿي پوندو آهي.“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (هي ٻڌي) مريم چيو، ”پروردگار! مون کي ٻار ڪٿان ٿيندو؟ مون کي ڪنهن به شخص هٿ ناهي لاتو“، جواب مليو: ”ائين ٿيندو، الله جيڪي گهري ٿو پئدا ڪري ٿو، هو جڏهن به ڪنهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو فرمائي ٿو ته بس چوي ٿو ته ”ٿي پئو“ اهو ٿي پوندو آهي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو ٻڌي) مريم چيو ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي پٽ ڪيئن ڄمندو؟ مون کي ته (اڄ تائين) ڪنھن انسان هٿ به ناهي لاتو؟ جواب ۾ کيس چيو ويو ته ايئن ئي ٿيندو، الله تعالى جو چاهيندو آهي، پيدا ڪندو آهي، هو جڏهن به ڪنھن ڪم جو فيصلو ڪندو آهي، ته صرف چـوندو آهي ته“ٿي” ته اهو هڪدم “ٿي پوندو” آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيُعَلِّمُهُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَالتَّورىٰةَ وَالإِنجيلَ (آيت : 48) |
۽ کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مريم! الله تنهنجي انهيءَ پٽ کي) ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو ۽ پڻ تورات ۽ انجيل جو علم ڏيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى سيکاريندو ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مريم) خدا ان کي(سڀ) آسماني ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون ۽ (خاص ڪري) تورات ۽ انجيل سيکاريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڙهائيندو ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ توراة ۽ انجيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪتاب سيکاريندسِ، ۽ حڪمت، توريت ۽ انجيل، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو اُن کي ڪتاب، ڏاهپ، توريت ۽ انجيل سيکاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (فرشتن چيو) "۽ الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏيندو. تورات ۽ انجيل وارو علم سيکاريندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (فرشتن وڌيڪ چيو) ۽ الله تعليم ڏيندو ان کي ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ تورات ۽ انجيل جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ الله تعالى کيس ڪتاب، حڪمت، تورات ۽ انجيل جو علم سيکاريندو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَرَسولًا إِلىٰ بَنى إِسرٰءيلَ أَنّى قَد جِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم أَنّى أَخلُقُ لَكُم مِنَ الطّينِ كَهَيـَٔةِ الطَّيرِ فَأَنفُخُ فيهِ فَيَكونُ طَيرًا بِإِذنِ اللَّهِ وَأُبرِئُ الأَكمَهَ وَالأَبرَصَ وَأُحىِ المَوتىٰ بِإِذنِ اللَّهِ وَأُنَبِّئُكُم بِما تَأكُلونَ وَما تَدَّخِرونَ فى بُيوتِكُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لَكُم إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 49) |
۽ (اُن کي) بني اسرائيلن ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليندو، (عيسىٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) مون اوھان جي پالڻھار وٽان نشاني آندي آھي، ته آءٌ اوھان لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو (بوتو) بڻائيندس پوءِ منجھس ڦوڪيندس ته الله جي حُڪم سان پکي ٿيندو، ۽ (ماءُ ڄاول) اَنڌي ۽ ڪُوڙھي کي ڇُٽائيندس ۽ الله جي حُڪم سان مُئي کي جياريندس، ۽ جيڪي کائيندا آھيو ۽ جيڪي پنھنجن گھرن ۾ سانڀيندا آھيو سو اوھان کي ڏسيندس، جيڪڏھن اوھين مڃيندڙ آھيو ته اوھان لاءِ اُن ۾ نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ کيس بني اسرائيلن جي لاءِ رسول ڪري موڪليندو (هو کين چوندو) ته مان توهان جي پروردگار جي نشاني وٺي توهان ڏي آيو آهيان. مان توهان جي لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي صورت جهڙي شيءِ ٺاهي پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ته اها الله جي حڪم سان پکي ٿي پوندي ۽ الله جي حڪم سان انڌن ۽ ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيان ۽ مردن کي زنده ڪري ڇڏيان ۽ جيڪي جيڪي توهان کائو ٿا ۽ پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪري رکو ٿا اهو سڀ توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ جيڪڏهن سچ پچ توهان ايمان وارا آهيو ته پوءِ يقيناً هنن ڳالهين ۾ اوهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) عيسى بني اسرائيل ڏانهن رسول ڪري موڪليو ويندو. (حضرت) عيسى فرمايو بيشڪ آئون توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان هڪ نشاني آڻيان ٿو، تحقيق آئون توهان لاءِ مٽيءَ مان هڪ پکيءَ جي صورت تيار ڪريان ٿو پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته اها صورت پکي ٿي پوندي الله جي حڪم سان، ۽ آئون ماءُ جي پيٽان ڄاول نابين ۽ ڪوڙهه جي مريض کي شفا ڏيان ٿو ۽ الله جي حڪم سان مئل کي جيئرو ڪريان ٿو، ۽ توهان کي ٻڌايان ٿو جيڪو توهان کائو ٿا ۽ جيڪو توهان پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪريو ٿا، بيشڪ انهيءَ ۾ توهان لاءِ نشاني آهي جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (کيس) بني اسرائيلين ڏي رسول ڪري موڪليندو (هن دعوى سان) ته مون اوهان جي پالڻهار وٽان (پنهنجي نبوت جي) هيءَ نشاني آندي آهي ته آءُ اوهان لاءِ مٽي مان پکيءَ جي شڪل جهڙو (بوتو) ٺاهيان ٿو. پوءِ ان تي ڦوڪيان ٿو. پوءِ اهو الله جي حڪم سان پکي ٿيندو ۽ الله جي حڪم سان ماءَ ڄاول انڌي ۽ ڪوڙي کي چڱو ڀلو ڪريان ٿو ۽ مئل جيئرا ڪريان ٿو. ”جيڪي اوهان کائو ٿا ۽ جيڪي پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪريو ٿا آءُ (سڀ اوهان کي ٻڌائيندس جيڪڏهن اوهان ايماندار آهيو ته بيشڪ اوهان لاءِ انهي ڳالهين) ۾ (منهنجي قدرت جي وڏي) نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (موڪليندو ان کي) رسول ڪري بني اسرائيلن ڏانهن (چوندو ته) تحقيق مان آيس اوهان وٽ نشانيءَ سان اوهان جي رب وٽان بيشڪ مان ٺاهيان ٿو اوهان لاءِ گاري مان پکيءَ جي صورت وانگر.وءِ ڦوڪ ٿو ڏيان ان ۾ پوءِ ٿي ٿو پوي پکي الله جي اذن سان ۽ سڄو ٿو ڪيان ماءُ جي پيٽان انڌي ڄاول ۽ ڪوڙهه واري کي ۽ جيئرو ٿو ڪيان مئلن کي الله جي حڪم سان ۽ ٻڌايان ٿو اوهان کي جيڪي کائو ٿا ۽ جيڪي گڏ ڪري رکو ٿا پنهنجن گهرن ۾.يشڪ ان ۾ نشاني آهي اوهان لاءِ جيڪڏهن آهيو ايمان وارا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (کيس) بني اسرائيلن ڏي رسول ڪري موڪليندو (هن دعويٰ سان) ته آءُ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ وٽان (هيءَ) هڪ نشاني کڻي آيو آهيان ته آءُ اوهان لاءِ مٽيءَ مان پکي جي شڪل جهڙو (بوتو) بنايان ٿو، پوءِ ان ۾ ڦوڪيان ٿو، پوءِ اهو الله جي حڪم سان پکي ٿيندو، ۽ ماءُ ڄاول انڌي ۽ ڪوڙهيءَ کي چڱو ڀلو ڪريان ٿو ۽ الله جي حڪم سان مئل جيئرا ڪريان ٿو. ۽جيڪي اوهين کائو ٿا ۽ جيڪي پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪريو ٿا سو اوهان کي ٻڌايان ٿو. بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ هڪ نشاني آهي جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بني اسرائيل ڏانهن رسول هوندو“. (پوءِ جڏهن رسول بنجي آيو ته قوم کي چيائين)”آءُ اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار کان نشاني کڻي آيو آهيان. آءُ اوهان لاءِ مِٽيءَ منجهان پکي جي شڪل جو (پُتلو) ٺاهيان ٿو پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته اهو الله جي حڪم سان پکي ٿي پوي ٿو. ۽ آءُ مادر زاد انڌي کي ۽ ڪوڙهيي کي چڱو ڀلو ڪيان ٿو ۽ الله جي حڪم سان مُردي کي جياريان ٿو. ۽ اوهان کي ٻڌايان ٿو جيڪو اوهان پنهنجي گهرن ۾ کائو ٿا ۽ جيڪو گڏ ڪري رکو ٿا. بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ وڏي نشاني آهي اگر اوهان ايمان وارا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ طرف بني اِسْرائـِيْل، مرُسل مقرر مورهين. آندمِ اوهان لئي، ربَّ کان، نشاني نهال، خلقيان آن لئي، خاڪ مان، مورت پکي مثال، وري ڦوڪيان ان ۾، ته حڪم خدا جي نال، ڦِري ٿئي فِى الْحَال، ڍول پکي ڍولِير ڪو. ۽ انڌا ۽ ڪوڙھ جا، اَ گھا اُٿياريان، ۽ مُئا جياريان، اِذن ساڻ الله جي. جيڪي کائو تِنهنجِي، آن کي، خبر ڏيان خان!، پڻ جيڪي گھرن ۾ گڏ ڪريو، سَمر ۽ سامان؛ جي آهيو، منجھ ايمان، ته آن لئي عِبرت ان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بني اسرائيل ڏانهن رسول ڪري موڪليندو. (عيسيٰ وڏو ٿيو ۽ چيائين ته) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن، اوهان جي رب کان نشاني وٺي آيو آهيان ته اوهان لاءِ مٽيءَ مان پکي جهڙي شڪل بڻائي، پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته اهو الله جي حڪم سان اڏندڙ پکي ٿي ويندو، الله جي حڪم سان انڌي ۽ ڪوڙهيئي کي چڱو ڀلو ڪريان ٿو ۽ مئلن کي جيئرو ڪريان ٿو! ۽ جيڪي کائو ٿا خواهه پنهنجي گهرن ۾ ڪٺو ڪريو ٿا تنهن جي اوهان کي خبر ڏيان ٿو، بيشڪ ان ۾ اوهان لاءِ وڏي نشاني آهي، جيڪڏهن اوهين يقين رکو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بني اسرائيل ڏانهن پنهنجو رسول ڪري اماڻيندو". (۽ جڏهن هو رسول بڻجي بني اسرائيل وٽ آيو ته چيائين ته) "مان توهان جي رب وٽان توهان ڏي نشاني کڻي آيو آهيان، مان توهان جي آڏو مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جو بوتو بڻائي ان ۾ ڦوڪ ٿو ڏيان ته اهو الله جي حڪم سان پکي ٿي پوي ٿو. مان الله جي حڪم سان ڄائي ڄم جي انڌي کي سڄو ۽ ڪوڙهه واري کي چڱو ڀلو ٿو ڪريان ۽ سندس حڪم سان مئن کي جيئرو ٿو ڪريان، مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته توهان ڇا ٿا کائو ۽ پنهنجن گهرن ۾ ڇا گڏ ڪري رکيو اٿوَ، ان ۾ توهان جي لاءِ ڪافي نشاني آهي، جيڪڏهن توهان ايمان آڻڻ وارا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رسول مقرر ٿيندو بني اسرائيل ڏانهن (۽ اهو رسول طور) بني اسرائيل وٽ آيو ته ان چيو، ”آءٌ توهان جي رب جي طرفان توهان وٽ نشاني کڻي آيو آهيان، آءٌ توهان جي اڳيان مٽيءَ مان هڪ پکيءَ جو بوتو ٺاهيان ٿو ۽ ان ۾ ڦوڪ ڏيندس، اهو پکي ٿي وڃي ٿو حڪم الله جي سان، ۽ آءٌ مادر زاد انڌي ۽ ڪوڙهي کي ٺيڪ ڪريان ٿو، ۽ جيئرو ڪريان ٿو مئل کي الله جي حڪم سان، ۽ آءٌ ٻڌايان ٿو توهان کي ته ڇا کائيندا آهيو ۽ ڇا ذخيرو ڪري رکو ٿا پنهنجي گهرن ۾، انهيءَ ۾ توهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي جيڪڏهن توهان (واقعي) ايمان آڻڻ وارا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بني اسرائيل ڏي رسول ڪري موڪليندو.(هاڻي حضرت عيسى ؑ رسول جي حيثيت ۾ بني اسرائيل سان مخاطب آهي ته) بيشڪ مان توهان ڏانهن، توهان جي پالڻھار جي طرف کان نشاني آندي آهي، بيشڪ مان توهان جي سامهون مٽيءَ مان پکي ٺاهي، ان ۾ ڦوڪ ڏيان ٿو ته هو، الله تعالى جي حڪم سان سچو پچو پکي ٿي (اُڏري) ويندو، مان الله تعالى جي حڪم سان ڄائي ڄم کان نابين پيدا ٿيل ماڻهوءَ کي ۽ ڪوڙهه واري بيمار کي صحتمند به ڪريان ٿو ۽ مئل ماڻهوءَ کي به الله تعالى جي حڪم سان جيئرو ڪريان ٿو ۽ توهان گهرن ۾ جو ڪجهه کائو ٿا ۽ جو ڪجهه بچائي رکو ٿا، مان اهو سڀ توهان کي ٻڌائي سگهان ٿوجيڪڏهن توهان ايمان آڻڻ وارا آهيو ته بيشڪ (منهنجي) انهن ڳالهين ۾ توهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمُصَدِّقًا لِما بَينَ يَدَىَّ مِنَ التَّورىٰةِ وَلِأُحِلَّ لَكُم بَعضَ الَّذى حُرِّمَ عَلَيكُم وَجِئتُكُم بِـٔايَةٍ مِن رَبِّكُم فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 50) |
۽ جيڪو مون کان اڳ توريت (جو ڪتاب) آيل آھي تنھن جو سچو ڪندڙ آھيان ۽ جيڪي (شيون) اوھان تي حرام ڪيل آھن تن مان ڪي اوھان لاءِ حلال ڪندس ۽ اوھان جي پالڻھار وٽان اوھان لاءِ نشانيون آنديون اٿم، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ مُنھنجي تابعداري ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (مان انهيءَ لاءِ اوهان تي رسول ڪري موڪليو ويو آهان ته) تورات جيڪو منهنجي اڳيان موجود آهي تنهن جي تصديق ڪيان ۽ ڪي شيون جيڪي توهان تي حرام ٿي ويون آهن، انهن کي اوهان لاءِ حلال ڪيان ۽ ڏسو مان توهان جي پروردگار جي نشاني وٺي توهان ڏي آيو آهيان، (جنهن جي خبر پاڪ ڪتابن ۾ ڏنل آهي) انهيءَ لاءِ ته توهان الله جو خوف رکو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توارت جي تصديق ڪريان ٿو جيڪو مون کان اڳ ۾ آيل آهي انهيءَ لاءِ جو توهان لاءِ ڪي شيون حلال ڪريان جيڪي توهان تي حرام ڪيون ويون ۽ مون توهان وٽ پنهنجي رب جي طرفان نشاني آندي آهي، پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄي منهنجي فرمانبرداري ڪريو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ حڪومت منهنجي اڳيان تورات آهي، جنهن کي سچو چوندڙ ٿي (آيو آهيان) ۽ هن لاءِ ته جيڪي (شيون اوهان تي حرام ڪيل آهن تن مان ڪي اوهان لاءِ حلال ڪريان. ۽ آءُ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار وٽان (پنهنجي نبوت جي) نشاني کڻي آيو آهيان. پوءِ اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تصديق ڪندڙ ان (ڪتاب) جي جو مونکان اڳ ۾ (نازل ڪيل آهي) توراة جي ۽ تانته حلال ڪيان اوهان لاءِ بعض اهي شيون جو حرام ڪيون ويون اوهان تي (هن کان اڳ ۾) ۽ آندي مون اوهان وٽ نشاني اوهان جي رب وٽان پوءِ ڊڄو الله کان ۽ تابعداري ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو منهنجي اڳيان تورات آهي، تنهن کي سچو چوندڙ ٿي (آيو آهيان) ۽ هن لاءِ ته جيڪي (شيون) اوهان تي حرام ڪيل آهن تن مان ڪي اوهان لاءِ حلال ڪريان ۽آءٌ اوهان وٽ اوهان جي پاليندڙ وٽان هڪ نشاني کڻي آيو آهيان. پوءِ اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان جي تصديق ڪندڙ آهيان جيڪو مون کان اڳ تورات (آيل) آهي ۽ آءٌ اوهان لاءِ حلال ڪيان ٿو ڪي اهڙيون شيون جي اوهان تي حرام ڪيل هيون ۽ اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار جي نشاني کڻي آيو آهيان. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مون کان اڳ توريت کي، ڪندڙ صحِي، صفا، ۽ جنهن کان، منع ٿِيان، تنهن مان، ڪريان ڪجھ روا، ۽ آندمِ اُهنڃ اوهان لئي، اَهنجي ربّ وٽان؛ پوءِ رکو خوف خدا، ۽ هلو مُنهنجي حڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءٌ هن کان اڳئين ڪتاب توريت کي سچو ڪندڙ آهيان ۽ اوهان تي ڪي حرام ڪيل شيون حلال ڪريان ٿو ۽ اوهان وٽ پنهنجي ڌڻيءَ کان نشانيون وٺي آيو آهيان، سو الله کان ڊڄندا رهو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مان انهيءَ تعليم ۽ هدايت جو تصديق ڪندڙ ٿي آيو آهيان، جيڪا تورات مان هن وقت منهنجي سامهون موجود آهي ۽ ان لاءِ آيو آهيان ته توهان لاءِ ڪن انهن شين کي حلال بڻايان، جيڪي توهان تي حرام ڪيون ويون آهن، ڏسو مان توهان جي رب جي طرفان توهان وٽ نشاني کڻي آيو آهيان، تنهنڪري الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آءٌ ان تعليم ۽ هدايت جي تصديق ڪرڻ وارو آهيان جيڪي تورات ۾ هن وقت آهي اهي حلال ڪريان ٿو جيڪي توهان تي (اڳي) حرام ڪيون ويون آهن، ڏسو! آءٌ توهان وٽ نشاني کڻي آيو آهيان رب جي طرفان، تنهنڪري ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تورات مان جيڪا تعليم منھنجي سامهون موجود آهي، مان ان جي تصديق ڪرڻ لاءِ آيو آهيان ۽ توهان لاءِ ڪجهه اهڙِين شين کي حلال ڪرڻ آيو آهيان، جيڪي اوهان تي اڳ ۾ حرام ڪيون ويون هيون، ۽ (اهو ذهن ۾ رکو ته) مان توهان جي پالڻھار جي طرف کان اوهان وٽ خاص نشاني آندي آهي، تنھنڪري الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي فرمانبرداري ڪريو.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ رَبّى وَرَبُّكُم فَاعبُدوهُ هٰذا صِرٰطٌ مُستَقيمٌ (آيت : 51) |
بيشڪ الله مُنھنجو پالڻھار ۽ اوھان جو پالڻھار آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، اھا سنئين واٽ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار آهي تنهن ڪري فقط انهيءَ جي بندگي ڪريو. اهوئي دين جو سڌو رستو آهي. (انهيءَ خوشخبريءَ موجب حضرت عيسيٰ پيدا ٿيو ۽ هن بني اسرائيلن ۾ اهو واعظ ۽ نصيحت شروع ڪري ڏني).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى منهنجو ۽ توهان جو رب آهي پوءِ خاص اُن جي عبادت ڪريو، هيءُ سنئين راه آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا ئي منهنجو ۽ اوهان جو پالڻهار آهي پوءِ سندس عبادت ڪريو (ڇو ته) اهو ئي (نجات جو) سڌو رستو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ الله رب منهنجو ۽ رب اوهان جو آهي پوءِ عبادت ڪيو ان جي هيءَ واٽ سڌي آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي پوءِ سندس عبادت ڪريو. هيءَ سڌو رستو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله منهنجو پالڻهار آهي ۽ اوهان جو به (اُهو ئي) پالڻهار آهي پوءِ ان جي عبادت ڪيو. هيءَ سڌي راهه آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله مون ۽ اوهان جو، سائين آهي صحِي، پوءِ پوڄيو کيس پَهِي، سِڌِي سدائين واٽ اِيءَ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ الله منهنجو به ڌڻي آهي ۽ اوهان جو به ڌڻي آهي تنهنڪري ان جي بندگي ڪريو اهوئي سڌو رستو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله منهنجو به رب آهي ۽ توهان جو به رب آهي، ان ڪري توهان سندس ٻانهپ اختيار ڪريو، اهوئي سڌو رستو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله منهنجو رب به آهي ۽ توهان جو به رب، تنهن ڪري توهان ان جي بندگي ڪريو، اهوئي سڌو رستو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى ئي منھنجو ۽ توهان سڀني جو حقيقي پالڻھار آهي، ان جي ئي بندگي ڪريو ڇوته اهو ئي سڌو رستو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا أَحَسَّ عيسىٰ مِنهُمُ الكُفرَ قالَ مَن أَنصارى إِلَى اللَّهِ قالَ الحَوارِيّونَ نَحنُ أَنصارُ اللَّهِ ءامَنّا بِاللَّهِ وَاشهَد بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 52) |
پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حضرت عيسيٰ بني اسرائيلن ۾ (سندس دعوت جي خلاف) ڪفر محسوس ڪيو تڏهن پڪاري چيائين ته، ڪير آهي جو الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿيندو؟ تنهن تي حوارين (جن مٿس سچو ايمان آندو هو) چيو ته، اسان الله جي ڪم ۾ مددگار رهنداسين. اسان مٿس ايمان ٿا آڻيون ۽ (اي حق ڏانهن سڏيندڙ) تون شاهد رهه ته، اسان سندس فرمانبرداريءَ ۾ سر جهڪائيندڙ آهيون. (حواري بلڪل ٿورا ۽ مسڪين حال هئا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن عيسى انهن مان ڪفر کي معلوم ڪيو چيائين الله تعالى جي دين لاءِ منهنجا مددگار ڪير آهن، حوارين عرض ڪيو اسان الله جي دين جا مددگار آهيون، اسان الله تي ايمان آندو آهي ۽ توهان شاهدي ڏيو ته اسان مسلمان آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن عيسى (ايترو سمجهائڻ کان پوءِ به) سندن ڪفر (تي ضد) ڏٺو ته (نيٺ) چيائين ته ڪير اهڙو آهي جو خدا ڏي ٿي منهنجو مددگار بڻجي! (اهو ٻڌي) حوارين چيو ته اسين خدا جا طرفدار آهيون ۽ اسان خدا تي ايمان آندو ۽ تون شاهد هج ته اسين فرمانبردار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن محسوس ڪيو عيسى انهن کان ڪفر – فرمايائين ته ڪير آهن مددگار منهنجا الله جي (واٽ ۾) چيو حوارين ته اسين مددگار الله (جي دين) جا آهيون ايمان آندوسون الله تي ۽ شاهد رهه ته بيشڪ اسين مسلمان آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن عيسيٰ انهن جو ڪفر معلوم ڪيو تڏهن چيائين ته الله جي رستي ۾ منهنجا ڪير مددگار آهن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي رستي) جا مددگار آهيون. اسان الله تي ايمان آندو ۽ تون شاهد هج ته اسين فرمانبردار آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن عيسى انهن جو ڪفر محسوس ڪيو ته چيائين: ”الله ڏانهن منهنجو مددگار ڪير آهي“؟ مخلص ساٿين چيوته: ”اسين الله جا مددگار آهيون. اسان الله تي ايمان آندو. ۽ تون شاهد ٿيءُ ته اسان مسلمان آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن پروڙيو اُنهن کان، عيسٰى صفا اِنڪار، چي، آهي ڪير، ڪريم ڏي، مُنهنجو مددگار؟ اُتو حوارين، ته اسين ساٿِي ربّ، ستار؛ مَڃيوسون مولا پاڪَ کي؛ پوءِ ساکِي ٿي سرڪار!، ته تهدِل تابعدار، اسين اُنهيءَ جا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن عيسيٰ انهن ۾ ڪفر سمجهيو، ته چيائين ”الله جي راهه ۾ ڪو منهنجي مدد ڪندو؟“ حوارين چيو ”اسين الله جا مددگار آهيون، اسان الله تي يقين ڪيو. تون گواهه رهه، ته اسين فرمانبردار آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن عيسيٰ محسوس ڪيو ته بني اسرائيل ته ڪفر ۽ انڪار تي ئي بيٺا آهن ته چيائين: "ڪير ٿو الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿئي؟" حوارين جواب ڏنو، "اسان آهيون الله جا مددگار، اسان الله تي ايمان آندو، شاهد ٿجانءِ ته اسان مسلم (الله جي آڏو تابعداريءَ ۾ سر نوائڻ وارا) آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن محسوس ڪيو عيسيٰ ته (بني اسرائيل) ڪفر ۽ انڪار تي قائم آهن، ته ان چيو، ”ڪير الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿئي ٿو؟“ جواب ڏنو حوارين، ”اسين مددگار آهيون الله جا، اسان ايمان آندو الله تي ۽ شاهد رهجان ته اسين مسلم (الله آڏو سر جهڪائيندڙ) آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن عيسى (ؑ) ماڻهن جي اندر، ڪفر جو رويَّو محسوس ڪيو ته هڪدم پڪاري چيائين، ته الله تعالى جي راهه ۾ منھنجو ڪير مددگار ٿيندو؟ ان تي حوارين ( يعني شاگردن) جواب ڏنو ته الله تعالى جي راهه ۾ اسان مددگار آهيون، اسان الله تعالى تي ايمان آندو ۽ تون شاهد رهه ته بيشڪ اسان (سچا) مسلمان آهيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا ءامَنّا بِما أَنزَلتَ وَاتَّبَعنَا الرَّسولَ فَاكتُبنا مَعَ الشّٰهِدينَ (آيت : 53) |
(چيائون) اي اسانجا پالڻھار جيڪي تو لاٿو سو مڃيوسون ۽ پيغمبر جي تابعداري ڪئي سون تنھنڪري اسانکي شاھدن ۾ لک.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هنن هي به چيو ته) اي اسان جا پروردگار! جيڪي تو نازل ڪيو آهي تنهن تي اسان جو ايمان آهي ۽ اسان تنهنجي رسول جي پيروي ڪئي آهي، پوءِ تون اسان کي به انهن ماڻهن ۾ شمار ڪر جي حق جي شاهدي ڏيڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب اسان ايمان آندو آهي انهيءَ تي جيڪو تو نازل فرمايو آهي ۽ (حضرت) عيسى جي تابعداري ڪئي سين پوءِ اسان کي تصديق ڪندڙن مان لک.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ انهن خدا جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ته) اي اسان جا پالڻهار! جيڪي تو نازل ڪيو تنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان (تنهنجي) رسول (عيسى) جي پيروي اختيار ڪئي پوءِ تون اسان کي (پنهنجي رسول جي) شاهدن مان لک.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! ايمان آندوسون ان تي جو نازل ڪيو تو تابعداري ڪئي سون رسول جي، پوءِ لک تون اسان کي (حق جي) شاهدي ڏيندڙ سان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! جيڪي تو نازل ڪيو تنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسان رسول جي تابعداري ڪئي پوءِ تون اسان کي شاهدي ڏيندڙن سان گڏ لک. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا مالڪ! جيڪو تو نازل ڪيو اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسان رسول جي پيروي ڪئي پوءِ اسان کي (حق تي) شاهدي ڏيندڙن ۾ لکي ڇڏ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻيم! اُتارئـِي، اُن مَٿي، آندوسون ايمان، ۽ ورتي سون راه رسول جِي، بيشڪ بي گمان، پوءِ ساکين گڏ سبحان، لِک اسان کي لوح ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان جا ڌڻي! جيڪو تو موڪليو اسان ان تي يقين رکيو ۽ اسان رسول جي پيروي ڪئي، تنهن ڪري اسان کي به گواهي ڏيندڙن ۾ شمار ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اسان جا رب! جيڪو فرمان تو نازل ڪيو آهي، اسان ان کي مڃيوسون ۽ رسول جي تابعداري قبول ڪئي، اسان جو نالو به شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي پالڻهار! جيڪو فرمان تو نازل فرمايو، اسان ان کي مڃيو ۽ پيروي قبول ڪئي رسول جي، اسان جو نالو شاهدن ۾ لکي ڇڏ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حوارين چيو ته اي اسان جا پالڻھار! اسان تنھنجي آيل فرمان تي ايمان آندو ۽ رسول جي پيروي قبول ڪئي، هاڻي تون اسان جو نالو شاهدي ڏيڻ وارن ۾ لکي ڇڏ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَكَروا وَمَكَرَ اللَّهُ وَاللَّهُ خَيرُ المٰكِرينَ (آيت : 54) |
۽ ((يھودين) رٿ رٿي ۽ الله به (ڳجھي) رٿ رٿي، ۽ الله چڱو (ڳجھي) رٿ رٿيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ پوءِ يهودين حضرت عيسيٰ جي خلاف) مڪر ڪيا (يعني مخفي ۽ باريڪ طريقا مخالفت جا ڪم ۾ آندا) ۽ خدا به اهڙائي طريقا ڪم آندا (يعني مسيح جي حفاظت لاءِ لڪل وسيلا پيدا ڪيا) ۽ بيشڪ (الله تعاليٰ ڪنهن کي بچائڻ گهري ته) مخفي طريقا ڪم آڻڻ ۾ کانئس بهتر ڪوبه ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن فريب ڪيو ۽ الله تعالى تدبير ڪئي ۽ الله تعالى بهترين تدبير ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (يهودين عيسى سان) مڪاري ڪئي ۽ خدا به رٿ رٿي ۽ خدا سڀ کان چڱو تدبير ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڳجهي رٿ ڪيائون (حضرت عيسى عليہ الصلـٰوة والسلام جي شهيد ڪرڻ لاءِ) ۽ ڳجهي رٿ ڪئي الله (حضرت عيسى عليہ الصلـٰوة والسلام جي بچائڻ لاءِ) ۽ الله ڀلو ڳجهي رٿ ڪندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن (ڪافرن) رٿ رٿي ۽ الله به رٿ رٿي. ۽ الله سڀ رٿ رٿيندڙن کان چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن (عيسيٰ کي قتل ڪرڻ جي) سازش ڪئي ۽ الله (ان جي بچائڻ جي) تدبير ڪئي ۽ الله بهترين تدبير ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ هُنن به سِٽائون سِٽيون، سِٽيون پڻ سُبحان، ۽ بارِي بي گمان، سُهڻو سِٽيندڙن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن (يهودين) رٿ رٿي ۽ الله به ڳجهي رٿ رٿي، الله جو داؤ ته سڀني کان بهتر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ بني اسرائيل (مسيح جي خلاف) رٿون رٿڻ لڳا. موٽ ۾ الله به ڳجهي رٿ رٿي ۽ اهڙين رٿن رٿڻ ۾ الله سڀني کان زور آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سٽون سٽيون بني اسرائيل (مسيح جي خلاف) ، جواب ۾ الله به سِٽ سِٽي ۽ اهڙين سٽن ۾ الله سڀ کان اڳڀرو آهي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ بني اسرائيل (حضرت عيسى ؑ جي خلاف) هڪ ڳجهو منصوبو جوڙيو جڏهن ته الله تعالى به (حضرت عيسى ؑ کي سرخرو ڪرڻ لاءِ) هڪ منصوبو ٺاهيو. ۽ الله تعاليٰ ئي بھتر منصوبا ٺاهڻ وارو آهي. (ع) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ اللَّهُ يٰعيسىٰ إِنّى مُتَوَفّيكَ وَرافِعُكَ إِلَىَّ وَمُطَهِّرُكَ مِنَ الَّذينَ كَفَروا وَجاعِلُ الَّذينَ اتَّبَعوكَ فَوقَ الَّذينَ كَفَروا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ ثُمَّ إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأَحكُمُ بَينَكُم فيما كُنتُم فيهِ تَختَلِفونَ (آيت : 55) |
(ياد ڪر) جڏھن الله چيو ته اي عيسىٰ آءٌ توکي ماريندڙ ۽ پاڻ ڏانھن مٿاھون ڪندڙ آھيان ۽ جن ڪُفر ڪيو تن (جي بھتانن) کان توکي پاڪ ڪندڙ آھيان ۽ جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي قيامت تائين ڪافرن تي مٿاھون (غالب) ڪندڙ آھيان، وري مون ڏانھن اوھان جو موٽڻ آھي پوءِ اوھان جي وچ ۾ جنھن ڳالھ بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو (تنھن بابت) نبيرو ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو الله تعاليٰ فرمايو ته، اي عيسيٰ! مان تنهنجا ڏينهن پورا ڪندس، توکي پنهنجي طرف کڻي وٺندس، تنهنجي منڪرن (جي تهمتن) کان توکي پاڪ ڪندس ۽ جن ماڻهن تنهنجي پيروي ڪئي آهي تن کي قيامت تائين تنهنجي منڪرن کان بلند ۽ بالا رکندس ۽ آخر سڀني کي منهنجي ئي طرف موٽڻو آهي، پوءِ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندس جن ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن الله تعالى فرمايو اي عيسى آئون توکي پوري عمر ڏيندس ۽ توکي پاڻ ڏانهن کڻائيندس ۽ توکي ڪافرن کان پاڪ بنائيندس ۽ تنهنجن تابعدارن کي قيامت تائين تنهنجن انڪار ڪندڙن تي غالب ڪندس، انهيءَ کان پوءِ توهان جو مون ڏانهن موٽڻ ٿيندو پوءِ آئون توهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندس جن ڳالهين ۾ اختلاف ڪندا هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو وقت به ياد ڪريو) جڏهن عيسى کي خدا فرمايو ته اي عيسى آءُ ضرور تنهنجي (زمين جي سڪونت) جي مدت پوري ڪندس ۽ تو کي پاڻ ڏي کڻندس ۽ ڪافرن (جي گندگي) کان تو کي پاڪ رکندس ۽ جن ماڻهن تنهنجي پيروي ڪئي انهن کي قيامت تائين ڪافرن تي غالب رکندس. پوءِ اوهان سڀني کي موٽي مون وٽ اچڻو آهي ته (ان ڏينهن) جن ڳالهين ۾ توهين (دنيا ۾) وڙهندا هئا (انهن جو) توهان ۾ فيصلو ڪندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن فرمايو الله اي عيسى يقيناً مان پوريءَ عمر تائين پهچائيندڙ آهيان توکي ۽ مٿي کڻندڙ آهيان توکي پاڻ ڏانهن ۽ پاڪ ڪندڙ آهيان توکي انهن جي (تهمتن) کان جن ڪفر ڪيو ۽ ڪندڙ آهيان انهن جو جن تابعداري ڪئي تنهنجي مٿان انهن جي جو ڪفر ڪيائون ڏينهن قيامت تائين، ان کان پوءِ مون ڏانهن موٽڻ آهي اوهان جو(ان وقت) فيصلو ڪندس اوهان جي وچ ۾، انهن (ڳالهين) جو جن ۾ اختلاف ٿي ڪيُوَ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن الله چيو ته اي عيسيٰ ! بيشڪ آءٌ توکي وفات ڏيڻ وارو ۽ توکي پاڻ ڏي کڻڻ وارو ۽ جن ڪفر ڪيو تن کان توکي پاڪ ڪرڻ وارو ۽ جيڪي تنهنجا تابعدار ٿيا تن کي قيامت جي ڏينهن تائين ڪافرن جي مٿان (غالب) ڪرڻ وارو آهيان. وري اوهان کي مون ڏي موٽڻو آهي پوءِ جنهن ۾ اوهين اختلاف پيا ڪريو تنهن ۾ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن وقت الله فرمايو: ”اي عيسى! آءٌ توکي پوري عمر تائين پهچائيندڙ ۽ پاڻ ڏانهن (آسمان تي) کڻندڙ آهيان ۽ توکي ڪافرن کان نجات ڏيندڙ آهيان ۽ تنهنجي پيروڪارن کي قيامت واري ڏينهن تائين ڪافرن مٿان غالب ڪندڙ آهيان. پوءِ اوهان جو موٽڻ مون ڏانهن آهي پوءِ آءٌ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪندس جن ڳالهين ۾ جهڳڙو ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چيو جيار، ته عيسٰى! اُلڪو ڪر نه تون، موت تُنهنجو، هٿ مُنهنجي، ۽ توکي پنهنجي پار، چاڙهڻ وارو چوٽيـين، ۽ ڦِريا جي فُجار، پڪ رکندڙ پاڪ تن کان؛ جي تنهنجا تابعدار، اُتم ڪندڙ اُنهن کي، مٿي ڪُل ڪُفّار، تائين ڏينهن قيام جي؛ پڻ آهي آخرڪار، مون ڏي اوهان کي موٽڻو، پوءِ ڪندس برقرار، اوهان وچ آچار، جنهن ۾ جھڳڙو پاڻ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن الله فرمايو ”اي عيسيٰ آءٌ توکي وفات ڏيندس ۽ توکي پاڻ ڏانهن کڻندس ۽ توکي ڪافرن کان پاڪ ڪندس ۽ جيڪي تنهنجا تابعدار آهن، انهن کي ڪافرن جي مٿان قيامت تائين رکندس، پوءِ اوهان سڀني کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ اوهان جي وچ ۾ ڳالهين جو فيصلو ڪندس، جن ۾ اوهين اختلاف ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اها الله جي ڳجهي تدبير ئي هئي) جڏهن چيائين، "اي عيسيٰ هاڻي مان توکي واپس گهرائي وٺندس ۽ توکي پاڻ ڏانهن کڻي وٺندس ۽ جن تنهنجو انڪار ڪيو آهي انهن کان (يعني انهن سان گڏ گندي ماحول ۾ رهڻ کان) توکي پاڪ ڪندس ۽ تنهنجي تابعداري ڪرڻ وارن کي قيامت تائين انهن ماڻهن تي مٿانهون رکندس، جن تنهنجو انڪار ڪيو آهي. پوءِ توهان مڙني کي نيٺ مون وٽ اچڻو آهي، ان وقت مان انهن ڳالهين جو فيصلو ڪري ڇڏيندس، جن بابت توهان ۾ اختلاف پيدا ٿيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ان چيو ته (اها الله جي لڪل تدبير هئي) ”اي عيسيٰ! هاڻي آءٌ توکي واپس وٺندس ۽ توکي پاڻ ڏي کڻندس ۽ جن انڪار ڪيو آهي ۽ توکي پاڪ ڪندس سندن صحبت کان ۽ انهن جي گندي ماحول کان) ۽ پنهنجي پيروي ڪرڻ کي انهن ماڻهن تي بالادست رکندس جن تنهنجو انڪار ڪيو آهي، قيامت تائين پوءِ توهان سڀني کي نيٺ مون وٽ اچڻو آهي، ان وقت آءٌ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندس جن ۾ توهان جو اختلاف ٿيو هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جـڏهن الله تعالى فرمايو ته اي عيسى! بيشڪ مان توکي (عارضي طور) گهرائڻ وارو آهيان،(جسماني طور) توکي پاڻ ڏانھن کڻي وٺندس، توکي ڪفر جو رويو رکڻ وارن جي گندي ماحول مان ڪڍي پاڪ ڪندس ۽ تنھنجي پيروڪارن کي قيامت تائين انڪار ڪرڻ وارن تي برترِي ڏيندس، پوءِ توهان سڀ مون ڏانھن ئي موٽندا، مان ئي اوهان جي ڳالهين جو فيصلو ڪندس، جن جي باري ۾ توهان دنيا ۾ اختلاف ڪندا هئا.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَمَّا الَّذينَ كَفَروا فَأُعَذِّبُهُم عَذابًا شَديدًا فِى الدُّنيا وَالءاخِرَةِ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 56) |
پوءِ (اُنھن مان) جن ڪُفر ڪيو تن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ بلڪل سخت سزا ڏيندس، ۽ اُنھن جو ڪو واھرو نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي دنيا توڙي آخرت ۾ سخت عذاب ڪندس ۽ (الله جي عذاب کان بچائڻ ۾) ڪوبه هنن جو مددگار ڪونه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جن ماڻهن ڪفر ڪيو آئون انهن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب ڪندس، ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه هوندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جن ڪفر ڪيو تن کي دنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب ڏيندس ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه هوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جن ڪفر ڪيو پوءِ عذاب ڪندس انهن کي، عذاب سخت دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ ناهن انهن جا ڪي مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جن ڪفر ڪيو تن کي دُنيا ۽ آخرت ۾ سخت عذاب ڏيندس ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جن ڪفر ڪيو انهن کي تمام سخت عذاب ڪندس دنيا ۽ آخرت (ٻنهين) ۾ ۽ انهن لاءِ ڪو واهرُو نه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي ڦريا تن کي، منجھ هِن ۽ هُن ڄمار، ڏاڍِي ڏيندس، اُنهن کي، سزا سخت اَپار، ۽ هرگز سندن هارِ، واهر، وَسيلو ناھ ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جن شخصن ڪفر ڪيو، انهن کي دنيا ۽ آخرت ۾ عذاب ڏيندس ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ڪفر ۽ انڪار واري روش اختيار ڪئي آهي، تن کي دنيا توڙي آخرت ٻنهي ۾ سخت سزا ڏيندس ۽ ڪوبه سندن مدگار نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن ڪفر ۽ انڪار جي هلت اختيار ڪئي آهي، انهن کي سخت سزا ڏيندس دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾، ۽ اهي نه لهندا ڪوبه مددگار.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو مان کين دنيا ۽ آخرت ۾سخت عذاب ڏيندس ۽ ڪير به سندن مددگار نه هوندو .(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَيُوَفّيهِم أُجورَهُم وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 57) |
۽ (اُنھن مان) جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (الله) سندن پورھيو پُورو ڏيندو، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (ان جي ابتڙ) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪيا اٿن، ان کي انهن جو پورو پورو اجر ملندو ۽ الله تعالي! ظلم ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا پوءِ الله تعالى انهن کي سندن پورو ثواب ڏيندو، ۽ الله تعالى ظالمن کي پسند نٿو فرمائي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن عيوضا پورا ڏيندو. ۽ الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون چڱا ڪم.وءِ پورا پورا ڏيندو انهن کي اجر انهن جا، ۽ الله نٿو محبت رکي ظالمن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن عيوضا پورا ڏيندو. ۽ الله ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ته انهن کي (الله) سندن اجورا پورا عطا ڪندو. ۽ الله ظالمن سان هرگز محبت ڪو نه ٿو ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر آندو جن ايمان، ۽ ڪيون نيڪ ڪمايون، پوءِ اُنهن جا، اَجر اُنهن کي، ساري ڏي سُبحان؛ ڏي، ڏاڍن کي ڪانه، مولا محبت مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي سندن حق پورو ڏيندس، ۽ الله بي انصافن کي پسند نه ٿو ڪري.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ايمان آڻڻ ۽ نيڪ عمل ڪرڻ واري واٽ ورتي آهي، تن کي سندن اجر پوري جو پورو ملندو ۽ (ڄاڻي ڇڏيو ته) الله ظالمن سان ڪڏهن به محبت نه ڪندو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ نيڪ عملن جو رويو اختيار ڪيو تن کي انهن جو مڪمل اجر ڏيندس ۽ چڱيءَ طرح ڄاڻي وٺو ته الله ظالمن سان هرگز محبت نٿو ڪري.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، انهن کي الله تعالى پورو پورو اجر عطا ڪندو، الله تعالى ظالمن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ نَتلوهُ عَلَيكَ مِنَ الءايٰتِ وَالذِّكرِ الحَكيمِ (آيت : 58) |
اھو (قصّو) جو توتي پڙھون ٿا سو نشانين ۽ حِڪمت واري ڪتاب مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) اهي الله تعاليٰ جون آيتون ۽ وڏي حڪمت وارا حڪم ۽ پيغام آهن جي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي واقعات جيڪي اسين توهان تي بيان ڪريون ٿا قرآن ڪريم جي آيتن مان آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) هي جو اسين تنهنجي اڳيان بيان ڪري رهيا آهيون (خدا جي قدرت جون) نشانيون ۽ حڪمت ڀريا تذڪرا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو (قصو) پڙهون ٿا ان کي اوهان تي آيتن ۽ نصيحت حڪمت واريءَ مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) هي آيتون ۽ حڪمت وارو بيان توکي پڙهي ٻڌايون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي جيڪو اسان تو کي پڙهي ٿا ٻڌايون سو آيتن مان آهي، ۽ حڪمت واري نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اُهڃاڻن، مان، پڙهون توتي پاڻ، پڻ صحِي صحِي سُهڃاڻ، يقيني ياداشت مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين توکي هي آيتون ۽ ڏاهپ ڀريو ذڪر پڙهي ٻڌايون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! هي آيتون ۽ حڪمت ڀريل بيان آهن، جيڪي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) هي آيتون جيڪي اسان ٻڌائي رهيا آهيون توکي، اهي حڪمت سان ڀريل ڳالهيون آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) هي آيتون ۽ حڪمت ڀريون ڳالهيون هيون، جيڪي اسين توکي ٻڌائي رهيا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ مَثَلَ عيسىٰ عِندَ اللَّهِ كَمَثَلِ ءادَمَ خَلَقَهُ مِن تُرابٍ ثُمَّ قالَ لَهُ كُن فَيَكونُ (آيت : 59) |
الله وٽ عيسىٰ (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جھڙوئي آھي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان بڻايائين وري اُن چيائين ته ٿي پؤ ته ٿي پيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله وٽ حضرت عيسيٰ جو مثال ائين آهي جيئن حضرت آدم جو، جنهن کي الله تعاليٰ مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ حڪم ڪيائين ته ٿيءِ ته پوءِ (جيئن الله تعاليٰ جو ارادو هو تيئن) ٿي پيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى وٽ (حضرت) عيسى جي پيدائش (حضرت) آدم جي تخليق وانگر آهي، الله تعالى (حضرت) آدم کي مٽيءَ مان پيدا فرمايو، وري فرمايائين ته جلدي ٿيءُ ته پوءِ ٿي پيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا وٽ ته جهڙي عيسى جي حالت تهڙي ئي آدم جي حالت جو ان کي مٽيءَ جو پتلو بڻائي چيائين ته ”ٿيءُ!“ته (يڪدم ئي) اهو (انسان) ٿي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مثال عيسى جو الله وٽ مثال آدم (عليہ السلام) جي آهي.يدا ڪيائين ان کي مٽيءَ مان ان کان پوءِ فرمايائين ان کي ٿيءُ ته پوءِ ٿي پيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ عيسيٰ جو مثال الله وٽ آدم جي مثال جهڙو آهي. ان (آدم) کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري کيس چيائين ته ٿيءُ ته ٿي پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ عيسى جو مثال الله وٽ آدم وانگر آهي. جنهن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيائين پوءِ ان کي فرمايائين: ”ٿي پوءُ !“ ته ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي عيسٰىؑ جو، آدمؑ جيئن، مالڪ وٽ مِثال، جنهن کي مٽيءَ مان مورهين، بنايئين بحال، پوءِ چيائينس اهڙي چال. “ٿِي”، ته پوءِ ٿِي پوي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، الله وٽ عيسيٰ جو مثال آدم وانگر آهي، ان کي مٽي مان بڻايائين، پوءِ ان کي فرمايائين ته ”ٿي وڃ“ ۽ اهو ٿي پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله جي نظر ۾ عيسيٰ جو مثال آدم وانگر آهي، جو الله کيس مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ حڪم ڪيائينس ته: "ٿيءُ" ۽ اهو ٿي پيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ عيسيٰ جو مثال الله وٽ آدم وانگر آهي جو الله آدم کي مٽيءَ مان پئدا ڪيو ۽ (ان کي) حڪم ڏنائين ته ”ٿي پؤ“ ۽ هو ٿي پيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ عيسى (ؑ) جي پيدائش جو مثال، الله تعالى وٽ آدم (ؑ) جي پيدائش وانگر آهي، جو کيس مٽيءَ مان پيدا ڪيو، ۽ ان کي حڪم ڏنائين ته هاڻي (آدم) “ٿي” ته هو (آدم) “ٿي پيو”. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الحَقُّ مِن رَبِّكَ فَلا تَكُن مِنَ المُمتَرينَ (آيت : 60) |
(اِھا ڳالھ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ بابت جيڪي توکي چيو ويو آهي سو) تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق آهي. تنهن ڪري متان شڪ آڻيندڙن منجهان ٿئين. (عيسائي حضرت عيسيٰ کي خدا ڪري مڃن ٿا، پر هو انسان هو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) اها ڳالهه تنهنجي رب جي طرفان حق آهي ۽ تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿيءُ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! اها آهي) سچي ڳالھ (جا) تنهنجي پروردگار جي طرفان (ٻڌائي وئي) آهي پوءِ تون شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (هيءُ) حق آهي (اي ٻڌندڙ) تنهنجي رب جي طرفان پوءِ نه هج شڪ ڪندڙن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها سچي حقيقت تنهنجي پاليندڙ وٽان آهي پوءِ تون شڪ ڪندڙن مان نه ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (اصل) حقيقت آهي جا تنهنجي پالڻهار پاران آهي سو تون شڪ ڪندڙن مان نه هج.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ثابت تنهنجي سائينءَ کان، سڀ ڪجھ آهي سچ، جن جي قلبن ۾ ڪَچ، تن منجھان، نه ٿِي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها ڳالهه حق آهي، جا تنهنجي رب کان آهي، تنهن ڪري شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهائي آهي اصل حقيقت جيڪا تنهنجي رب طرفان ٻڌائي پئي وڃي ۽ تون انهن ماڻهن مان نه ٿجانءِ، جيڪي انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ ٿا ڪن. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي حقيقت آهي جيڪا تنهنجي رب طرفان توکي ٻڌائي پئي وڃي ۽ تون شڪ ڪندڙ ماڻهن ۾ شامل نه ٿي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ)! توهان ڪڏهن به شڪ ڪندڙن مان نه ٿجو، اصل حقيقت اها ئي آهي جيڪا توهان جي پالڻھار تو هان کي ٻڌائي ڇڏي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن حاجَّكَ فيهِ مِن بَعدِ ما جاءَكَ مِنَ العِلمِ فَقُل تَعالَوا نَدعُ أَبناءَنا وَأَبناءَكُم وَنِساءَنا وَنِساءَكُم وَأَنفُسَنا وَأَنفُسَكُم ثُمَّ نَبتَهِل فَنَجعَل لَعنَتَ اللَّهِ عَلَى الكٰذِبينَ (آيت : 61) |
پوءِ اُن پڄاڻا جو تو وٽ ڄاڻپ آئي جيڪو توسان اِن بابت جھڳڙو ڪري ته چؤ ته اچو ته (اسين) پنھنجن پُٽن ۽ اوھان جي پُٽن ۽ پنھنجين زالن ۽ اوھان جي زالن ۽ پاڻ کي ۽ اوھان کي سڏيون، پوءِ زاريءَ سان دُعا گھرون پوءِ الله جي لَعنت ڪُوڙن تي ڪريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪي (عيسائي) توسان هن باري ۾ جهڳڙو ڪن هن کان پوءِ به جڏهن ته علم ۽ يقين تو وٽ اچي چڪو آهي، ته پوءِ انهن کي چئو ته، (مونکي حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ جو علم اچي چڪو آهي، پر جيڪڏهن توهان کي سندس خدا هئڻ جو يقين آهي ته) اچو (هيئن فيصلو ڪريون). اسان ٻئي ڌريون (ميدان ۾ نڪرون ۽) پنهنجي پنهنجي پٽن ۽ عورتن کي سڏيون ۽ اسان پاڻ به شريڪ ٿيون. پوءِ عجز ۽ نياز سان خدا جي حضور ۾ التجا ڪريون ته، (اسان ٻنهي ڌرين مان جنهن جي دعويٰ ڪوڙي هجي تن) ڪوڙن تي خدا جي لعنت هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اي حبيب ! علم اچڻ کان پوءِ جيڪو توهان سان (حضرت) عيسى جي باري ۾ حجت ڪري پوءِ توهان انهن کي فرمايو اچو ته اسين پنهنجن پُٽن کي ۽ توهان جي پٽن کي سڏيون ۽ اسين پنهنجين گهر وارين کي ۽ توهان پنهنجين زالن کي سڏيو ۽ اسين ۽ توهان گڏ ٿيون، پوءِ اسان مباهلو (مناظرو) ڪري ڪوڙن تي الله جي لعنت موڪليون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪي تو سان ان ۾ هن کان پوءِ (به) جهڳڙو ڪن جو تو وٽ علم (قرآن) پهتو ته کين چئو ته (چڱو ميدان ۾) اچو ته اسين پنهنجن پٽن کي آڻيون توهان پنهنجن پٽن کي ۽ اسين پنهنجن زالن کي آڻيون توهين پنهنجين زالن کي۽ اسين پنهنجن نفسن (جان جگرن) کي سڏيون ۽ اوهان پنهنجي نفسن کي وري زاريءَ سان دعا گهرون ۽ ڪوڙن تي خدا جي لعنت ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪو جهيڙو ڪري تو سان ان (باري) ۾ ان کان پوءِ جو آيو تو وٽ (يقيني) علم پوءِ فرماءِ ته اچو ته سڏيون پنهنجن پٽن ۽ اوهان جي پٽن کي ۽ پنهنجي زالن ۽ اوهان جي زالن کي ۽ پنهنجي سرن ۽ اوهان جي سرن کي.ن کان پوءِ عاجزي سان عرض ڪيون پوءِ موڪليون الله جي لعنت ڪوڙن تي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي توسان ان ۾ هن کان پوءِ (به) جهڳڙو ڪن جو تو وٽ علم پهتو ته (کين) چو ته اچو ته اسين پنهنجن پٽن ۽ اوهان جي پٽن ۽ پنهنجين زالن ۽ اوهان جي زالن ۽ پنهنجي نفسن ۽ اوهان جي نفسن کي (گڏ ڪرڻ لاءِ) سڏيون. وري زاريءَ سان دعا گهرون پوءِ ڪوڙن تي الله جي لعنت ڪريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي) تو وٽ علم اچي وڃڻ کان پوءِ به جيڪو ان (عيسى) جي باري ۾ توسان جهڳڙو ڪري ته چؤ: ”اچو (ته گڏجي) سڏيون اسان جي پُٽن ۽ اوهان جي پُٽن کي ۽ اسان جي زالن ۽ اوهان جي زالن کي ۽ اسان جي جانين ۽ اوهان جي جانين کي پوءِ مباهلو ڪيون (يعني زاريءَ سان دعا گھرون) پوءِ ڪوڙن مٿان الله جي لعنت وجهون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جو تو سان، ان ۾ حجت هليو هيڪار، جنهن بعد ڀلا! آيئـِي، صحِي سماچار، پوءِ چئو، ته اَچو ميدان ۾، ڪوٺيون ڪُل قطار، اسين پنهنجا، اوهين پنهنجا، وِيا، وَنيون، ٻار، تان پِٽيون، تن کي، پاڻ مان، جي ناحق تي نڪار، پوءِ ڌڻيء جِي ڌِڪار، مُقرر ڪوڙن تي ڪريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان خبر جي اچڻ کان پوءِ، جيڪو توسان ان بابت جهڳڙو ڪري، انهن کي چئو ته ”اچو ته اسين پنهنجي پٽن ۽ زالن کي سڏيون، اوهين پنهنجي پٽن ۽ زالن کي سڏيو. اسين پاڻ به حاضر ٿي الله کي ٻاڏايون ۽ ڪوڙن تي الله جي لعنت وجهون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو علم تو وٽ اچي وڃڻ کان پوءِ هاڻي جي ڪو توسان انهيءَ باري ۾ جهڳڙو ڪري ته اي نبي! چويس ته "اچو، اسان ۽ توهان پاڻ به اچون ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي به وٺي اچون ۽ الله کان دعا گهرون ته جيڪو ڪوڙو هجي، انهيءَ تي الله جي لعنت پوي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي جيڪو به توسان جهڳڙو ڪري هن علم اچڻ کان پوءِ، ته (اي نبي!) انهن کي چؤ ”اچو ته پنهنجن ٻارن ٻچن کي به وٺي اچون ۽ اسين ۽ اسين ۽ توهين پاڻ به اچون پوءِ خدا کان دعا گهرون، ته ان تي الله جي لعنت هجي جيڪو ڪوڙو هجي.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) هي سڀ حقيقتون بيان ڪرڻ کانپوءِ به، جيڪڏهن عيسائي توهان سان تڪرار ڪن ته کين چئلينج ڏي ( يعني مقابلي لاءِ هڪل ڪر)، ته اچو اسان ۽ توهان (ٻئي) پنهنجن پنهنجن پٽن ۽ عورتن کي وٺي (هڪ هنڌ) گڏ ڪيون پوءِ الله تعالى کان دعا گهرون، ته يا الله! اسان مان جيڪو ڪوڙو هجي ان تي لعنت ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰذا لَهُوَ القَصَصُ الحَقُّ وَما مِن إِلٰهٍ إِلَّا اللَّهُ وَإِنَّ اللَّهَ لَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 62) |
اِھو قِصو ضرور سَچّو آھي، ۽ الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، ۽ الله ئي غالب حِڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي جو بيان ڪيو ويو سو بلاشڪ حق جو بيان آهي ۽ ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ هڪ الله جي ۽ يقيناً اهوئي آهي جو سڀ طاقت رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو سچو واقعو آهي، ۽ ناهي ڪو عبادت جي لائق مگر الله تعالى، ۽ بيشڪ الله تعالى غالب حڪمت وارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) هي سڀ قصا آهن. ۽ الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ۽ بيشڪ الله ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ هيءُ البته اهو قصو سچو آهي ۽ نه آهي ڪو عبادت جو لائق سواءِ هڪ الله جي ۽ بيشڪ الله، غالب حڪمت وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو ئي سچو بيان آهي. ۽ الله کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. ۽ بيشڪ الله ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ هي سچا واقعا آهن ۽ الله کان سواءِ ڪوئي معبود ناهي. ۽ بيشڪ الله ئي غالب آهي حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاشڪ آهي، شرط هِي واجبي وهنوار، اصل ناهي، اوهان لئي، ڪا درگاه ڌڻيءَ ڌار،۽ صاحب ربُّ ستار، سو سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهو ئي سچو قصو آهي ۽ الله کان سواءِ ڪو به بندگي جي لائق نه آهي، بيشڪ الله ئي زبردست ڏاهپ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي بالڪل صحيح واقعا آهن ۽ حقيقت اها آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه خدا ڪونهي ۽ اها الله جي ئي هستي آهي، جنهن جي طاقت سڀني کان زور آهي ۽ جنهن جي حڪمت سان پيو ٿو دنيا جو چرخو هلي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هي بلڪل صحيح واقعا آهن ۽ حقيقت آهن ته الله کان سواءِ ڪو خدا نه آهي ۽ بيشڪ اها الله جي هستي جنهن جي طاقت سڀ کان مٿانهين ۽ حڪمت واري آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هي ڳالهيون بلڪل صحيح آهن، الله تعالى کان سواءِٻيو ڪير به عبادت جي لائق نه آهي، بيشڪ الله تعالى ئي زبردست حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن تَوَلَّوا فَإِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِالمُفسِدينَ (آيت : 63) |
پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته بيشڪ الله به فسادين کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن اهي (عيسائي مباهله واروفيصلو به) قبول نه ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ يقيباً مفسد (خرابيون ڪندڙن) جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن ايمان نه آڻن ته پوءِ بيشڪ الله فسادين کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن (انهيءَ کان به) منهن ڦيرين ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) خدا فسادي ماڻهن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ڦرن پوءِ بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي فساد ڪندڙن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيرين ته پوءِ بيشڪ الله فسادين کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جي منهن ڦيرن ته بيشڪ الله فسادين کي ڄاڻڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ، جي مُنهن موڙيؤن، ٿيا پُٺيرا، پڪ، ته بِگاڙن کان بيشڪ، پورو واقف پاڻ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن ان کي قبول نه ڪن، ته الله کي فساد ڪرڻ وارن جي خبر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن اهي ماڻهو (انهيءَ شرط سان مقابلي ۾ اچڻ کان) منهن موڙيندا (ته سندن فسادي هجڻ ظاهر ٿي پوندو) پوءِ الله ته فساد برپا ڪندڙن جي حالت کان واقف ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جي هي ماڻهو (مقابلي کان) بچن، ته سندن فسادي هئڻ ظاهر ٿيندو ۽ الله انهن کان واقف آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪڏهن هي عيسائي مقابِلي کان منھن موڙين ته (پوءِ اهي ئي فساد ڦھلائيندڙ آهن) بيشڪ الله تعالى فساد ڦهلائيندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ تَعالَوا إِلىٰ كَلِمَةٍ سَواءٍ بَينَنا وَبَينَكُم أَلّا نَعبُدَ إِلَّا اللَّهَ وَلا نُشرِكَ بِهِ شَيـًٔا وَلا يَتَّخِذَ بَعضُنا بَعضًا أَربابًا مِن دونِ اللَّهِ فَإِن تَوَلَّوا فَقولُوا اشهَدوا بِأَنّا مُسلِمونَ (آيت : 64) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ھڪ ڳالھ ڏانھن اچو جا اسان ۽ اوھان جي وچ ۾ ھڪ جھڙي آھي ته الله کانسواءِ ڪنھن جي عبادت نه ڪريون ۽ نڪي ساڻس ڪنھن شيء کي شريڪ ڪريون ۽ نڪي اسان مان ڪو ڪنھن کي (به) الله ڌاران پالڻھار ڪري مڃي، پوءِ جيڪڏھن ڦرن ته چؤ ته شاھد ھُجو ته اسين پڪ مُسلمان آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون (يهودين ۽ عيسائين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب (اختلاف واريون ڳالهيون ڇڏي ڀلا) هن ڳالهه تي اچو جا توهان ۽ اسان وٽ هڪجهڙي قبول پيل آهي، ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيون ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايون ۽ اسان مان هڪڙو انسان ڪنهن ٻِئي انسان سان اهڙي هلت نه هلي جو گويا خدا کي ڇڏي ان کي پنهنجو رب بڻايو اٿس. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪرڻ کان به) ڦري وڃن ته پوءِ توهان (مسلمان) کين چئي ڏيو ته شاهد رهو ته (توهان ئي انڪاري آهيو) اسان ته خدا جي اڳيان سر جهڪائڻ وارا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب جا اهڙي ڪلمي جي طرف اچو جيڪو اسان ۽ توهان ۾ برابر آهي ته نه عبادت ڪريون اسين مگر الله تعالى جي ۽ الله سان اسين ڪنهن کي شريڪ نه ڪريون ۽ اسان ۾ ڪو هڪ ٻئي کي رب نه بنائي الله تعالى کان سواءِ، پوءِ جيڪڏهن اهي نه مڃن ته توهان فرمايو ته اوهان شاهد رهو تحقيق اسين مسلمان آهيون.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون (هنن کي) چئو اي اهل ڪتاب توهان ڪنهن اهڙي (اتفاق جهڙي) ڳالھ تي اچو جا توهان ۽ اسان جي وچ تي هڪ جهڙي آهي (اهو هي عقيدو) ته خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت نه ڪريون ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ڪريون ۽ خدا کان سواءِ اسان مان ڪو به ڪنهن کي پنهنجو پروردگار نه بنائي. پوءِ جيڪڏهن (ان کان به) منهن موڙين ته تون (کين) چئو ته اوهين شاهد رهو ته اسين (خدا جا) فرمانبردار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ اي اهل ڪتاب! اچو اهڙي ڪلمي ڏانهن جو برابر آهي اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ ته نه عبادت ڪيون مگر الله جي ۽ نه شريڪ ڪيون ان سان ڪا شيءِ ۽ نه وٺي بعض اسان جو بعض کي رب ڪري سواءِ الله جي.وءِ جيڪڏهن منهن مٽين پوءِ چئو ته شاهدي ڏيو (اي اهل ڪتاب) ته بيشڪ اسان آهيون مسلمان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چو ته اي ڪتاب وارو ! (هن) هڪ ڳالهه ڏي اچو جا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ برابر (مڃيل) آهي ته الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪريون ۽ نه ان سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ ڪريون ۽ نه اسان مان ڪي الله کانسواءِ ٻين کي پنهنجا پاليندڙ ڪري وٺن. پوءِ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته پوءِ اوهان (کين) چو ته اوهين شاهد رهو ته اسين فرمانبردار آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: ”اي اهلِ ڪتاب! اچو اهڙي ڳالهه ڏانهن جيڪا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ هڪ جهڙي آهي (سا هيءَ) ته اسان الله کان سواءِ ڪنهن جي پوڄا نه ڪنداسين ۽ ان سان ڪنهن شيءِ کي شريڪ نه ڪنداسين ۽ اسان مان هڪڙو ٻئي کي الله کان سواءِ پالڻهار ڪري نه وٺندو“. پوءِ جي منهن ڦيرن ته چؤ: ” توهان هن ڳالهه جا شاهد رهو ته اسان مسلمان آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اَچو اهل ڪتاب جا! پاڪ ڪلمي پار، جو اسان ۽ اوهان وِچ ۾، هڪ جھڙو حق شمار، ۽ ڪنهن شيء کي، نه ڪريو، اُن سان، ڀيڙو ڀائيوار، ۽ هڪ ٻئي کي، نه بنايون پاڻ مان، ري پرور، پالڻهار، پوءِ جي ڦِريا، ته چئو، ته هُجو، ساکي وٽ ستار، ته تهدِل تابعدار، اسين اُن جا آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اوهين ان کان پوءِ به ڦري ويا، جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت اوهان تي نه هجي ها ته هوند تباهه ٿي وڃو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي چؤ! "اي اهل ڪتاب! اچو هڪ اهڙيءَ ڳالهه ڏانهن جيڪا اسان جي ۽ توهان جي وچ ۾ ساڳئي آهي، اها ڳالهه ته اسان الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريون، ساڻس ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون ۽ اسان مان ڪوبه الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجو رب نه بڻائي". انهيءَ دعوت کي قبول ڪرڻ کان جيڪڏهن هو منهن موڙين ته کولي چوين ته شاهد ٿجو، اسان ته مسلم (رڳو الله جي ٻانهپ ۽ تابعداري ڪرڻ وارا) آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ: ”اي اهلِ ڪتاب! اچو هڪ اهڙي ڳالهه ڏانهن جيڪا برابر آهي اسان ۽ توهان جي وچ ۾، اها ته اسان ڪنهن جي به بندگي نه ڪريون سواءِ الله جي، ۽ ان سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪريون ۽ اسان ڪنهن کي پنهنجو رب نه بنايون سواءِ الله جي“، انهيءَ دعوت قبولڻ کان جي هو منهن موڙين ته صاف چئي ڇڏ ته شاهد رهو، اسان ته مسلم (خدا جي بندگي ۽ اطاعت ڪندڙ) آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) اهل ڪتاب کي چؤ ته، اچو ته اسان پاڻ ۾ هڪ اهڙي ڳالهه تي اتفاق ڪريون، جيڪا اسان ۽ توهان ٻنهي جي وچ ۾ هڪ جھڙي آهي، اها هي آهي ته اسين سڀ الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي به عبادت نه ڪرِيون ۽ ان سان گڏ ڪنھن کي به شريڪ نه ڪرِيون ۽ اسان مان ڪير به الله تعالى کان سواءِ، ڪنھن به ٻِئي کي پالڻھارنه مڃي پر پوءِ جيڪڏهن هو ان ڳالهه کان منھن موڙين، ته کين صاف چئِي ڇڏيو ته توهان شاهد رهجو، ته اسان رڳو هڪ الله کي ئي مڃڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تُحاجّونَ فى إِبرٰهيمَ وَما أُنزِلَتِ التَّورىٰةُ وَالإِنجيلُ إِلّا مِن بَعدِهِ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 65) |
اي ڪتاب وارؤ ابراھيم بابت ڇالاءِ جھڳڙو ڪريو ٿا؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لاٿا ويا پر کانئس پوءِ، پوءِ اوھين نه سمجھندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اهل ڪتاب! توهان حضرت ابراهيم بنسبت جو جهڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ (ته هن جو طريقو يهودين جو طريقو هو يا نصرانيت جو طريقو هو) حالانڪ تورات ۽ انجيل (جن جي نالي ۾ اهي جماعتون يهودين ۽ عيسائين جون ٺهيون سي) حضرت ابراهيم کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا. (پوءِ جنهن گروه بنديءَ جو انهي وقت وجود ئي ڪونه هو، تنهن جو پيروي ڪندڙ هو ڪيئن ٿي سگهي ٿو) ڇا توهان (اهڙي سولي ڳالهه به) سمجهي نٿا سگهو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اهل ڪتاب جا (حضرت) ابراهيم جي باري ۾ ڇا لاءِ جهڳڙو ڪريو ٿا ۽ تورات ۽ انجيل ته ابراهيم کان پوءِ نازل ٿيا، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجهو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اهل ڪتاب! توهان ابراهيم جي باري ۾ ڇا لاءِ جهڳڙو ڪريو ٿا (جو کيس ڪو نصراني ٿو سڏي ته ڪو يهودي) هوڏانهن توريت ۽ انجيل (جن کان يهودين ۽ نصارن جي شروعات ٿي ٿي) اهي هن کان پوءِ ته نازل ٿيا، ته ڇا توهان (ايترو به) نه ٿا سمجهو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اهل ڪتاب ڇو ٿا جهيڙو ڪيو ابراهيم (جي باري) ۾ حالانڪ نه نازل ڪيو ويو توراة ۽ انجيل مگر ان کان پوءِ ڇا پوءِ نٿا سمجهو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ڪتاب وارو ! اوهين ابراهيم جي باري ۾ ڇا لاءِ جهڳڙو ڪريو ٿا. ۽ تورات ۽ انجيل ته ان کان پوءِ نازل ڪيا ويا آهن. ڇا پوءِ اوهين نه ٿا سمجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اهلِ ڪتاب! اوهان ابراهيم جي باري ۾ ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو ۽ تورات ۽ انجيل ته ان کان پوءِ ئي لاٿا ويا هئا. ڇا اوهان کي (ايترو به ) عقل نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهل ڪتاب! ابرهيم ۾، حق ڇڪيو ڇا ڪاڻ؟ ۽ توريت ۽ انجيل نه لَٿا، مگر اُن پڃاڻ؛ پوءِ ڪوه؟ نه پروڙيو پاڻ، ڳِهلا! اِنهئ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي انهن جي به خبر آهي جي اوهان منجهان ڇنڇر بابت حد کان اڪري ويا. جڏهن اسان حڪم ڪين ته ”ذليل باندر ٿي وڃو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اهل ڪتاب! توهان ابراهيم جي باري ۾ اسان سان ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو؟ تورات ۽ انجيل ته ابراهيم کان پوءِ ئي نازل ٿيا آهن، پوءِ ايترو به نٿا سمجهو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اهلِ ڪتاب! ڇو ٿا جهڳڙو ڪريو توهان ابراهيم جي دين بابت اسان سان؟ نازل ٿيا آهن تورات ۽ انجيل ته (ابراهيم کان) بعد ۾، پوءِ توهان اها ڳالهه به نٿا سمجهو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اهل ڪتاب! ابراهيم (ؑ) جي باري ۾ توهان مون سان ڇو ٿا تڪرار ڪريو؟ توهان ايترو به نٿا سوچيو ته تورات ۽ انجيل ابراهيم (ؑ) کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰأَنتُم هٰؤُلاءِ حٰجَجتُم فيما لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحاجّونَ فيما لَيسَ لَكُم بِهِ عِلمٌ وَاللَّهُ يَعلَمُ وَأَنتُم لا تَعلَمونَ (آيت : 66) |
(اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻپ آھي ئي نه تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو توهان اهي ماڻهو آهيو، جن انهن ڳالهين متعلق ئي جهڳڙا ڪيا جن بابت (اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه) علم هو، پر هن ڳالهه بابت ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو جنهن بابت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اهل ڪتاب جا توهان اُهي آهيو جيڪي جهڳڙو ڪريو ٿا نبي آخر زمان متعلق جنهن جو توهان کي علم آهي پوءِ ڇا لاءِ اُن بابت جهڳڙو ڪريو ٿا جنهن جو توهان کي علم ناهي، ۽ الله تعالى (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو ۽ توهان نٿا ڄاڻو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هوشيار ٿيو! توهان اهي (احمق) ماڻهو آهيو جو جنهن جي اوهان کي ڄاڻ هئي تنهن ۾ (ته) توهان جهڳڙو ڪيو (خير) ۽ جنهن جي اوهان کي خبر نه آهي تنهن ۾ ڇو ٿا جهڳڙو ڪريو ۽ (حال ته) خدا ٿو ڄاڻي ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ٻڌو! اوهان اهي ماڻهو آهيو جو بحث ڪيُوَ انهن ڳالهين ۾ جو اوهان کي ان جو ڪجهه نه ڪجهه علم آهي.وءِ ڇو ٿا بحث ڪيو ان ۾ جو نه آهي اوهان کي ان جو به ڪو علم. الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهان نه ٿا ڄاڻو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هوشيار ٿيو ! اوهين اهي آهيو جو جنهن جي اوهان کي ڄاڻ آهي تنهن ۾ (ته) اوهان جهڳڙو ڪيو آهي پوءِ جنهن جي اوهان کي ڄاڻ نه آهي تنهن ۾ ڇو ٿا جهڳڙو ڪريو، هوڏانهن الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نه ٿا ڄاڻو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي يهوديو!) اوهان اُهي آهيو جو اوهان انهن ڳالهين ۾ (خوب) بحث ڪيو جنهن جو اوهان کي (ڪجهه نه ڪجهه) علم هيو. مگر ان ڳالهين ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪيو جنهن جو اوهان وٽ (ڪجهه به) علم ناهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو اوهان نه ٿا ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي اوهان، اُن سان، بحث ڪيان تنهن باب، جنهن جو علم نه اوهان کي، ۽ جنهن جِي نه سُڌصواب، حُجتُون هلايون اُن ۾، ڪهڙي ساڻ حساب، ۽ واحد ربَّ، وهاب، ڄاڻي، نه ڄاڻو ڪُجھ اوهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان ان واقعي کي اڳين ۽ پوين لاءِ عبرت بڻايو ۽ خدا ترسن لاءِ نصيحت. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي جن ڳالهين جو علم آهي، انهن بابت ته خوب بحث ڪري چڪا آهيو. هاڻي انهن معاملن بابت ڇا لاءِ ٿا بحث ڪريو، جن بابت توهان کي ڪا ڄاڻ ئي ڪانهي، الله ئي ٿو ڄاڻي توهان نٿا ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ماڻهو جيڪو علم رکو ٿا، ان ۾ گهڻو بحث ڪري چڪا، هاڻي انهن معاملن ۾ ڇو ٿا بحث ڪريو جن جو توهان وٽ ڪوبه علم ڪونهي، ۽ بيشڪ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي جن شين جو علم هو، انهن ۾ ته اوهان خوب تڪرار ڪيا پر انهن ڳالهين ۾ ڇو ٿا تڪرار ڪريو، جن جي باري ۾ اوهان کي ڪو به علم نه آهي؟ بيشڪ الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو پر توهان کي ڪا به خبر نه آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ إِبرٰهيمُ يَهودِيًّا وَلا نَصرانِيًّا وَلٰكِن كانَ حَنيفًا مُسلِمًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 67) |
ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم نڪي يهودي هو، نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروه بندي جو پيروي ڪندڙ هو) بلڪ (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردر ٻانهو هو. يقيناً هو مشرڪين منجهان نه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) ابراهيم يهودي ۽ نصارو نه هو پر حق ڏانهن لڙندڙ مسلمان هو، ۽ مشرڪن مان نه هو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم نه يهودي هو ۽ نه نصراني، پر هڪ طرفو فرمانبردار (باطل مذهبن کان بلڪل بيزار) هو. ۽ مشرڪن مان (به) نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه هو ابراهيم يهودي ۽ نه نصارو ۽ پر حق تي هلندڙ باطل کان منهن مٽيندڙ فرمانبردار ۽ نه هو مشرڪن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم نه يهودي هو ۽ نه نصراني، پر هڪ طرفو فرمانبردار (باطل مذهبن کان بالڪل بيزار) هو. ۽ شرڪ ڪندڙن مان نه هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ابراهيم نه يهودي هيو نه نصارو هيو بلڪه هر باطل کان جدا رهڻ وارو مسلمان هيو. ۽ مشرڪن مان نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اصل ابراهيم نه هئو، يهودِي، نه نصارو، ۽ پاسي، هرناپاس کان، حق تي هلڻ وارو، ۽ ڪونهي قرارو، پَرجي پُوڄارين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ياد ڪريو، جڏهن موسيٰ سندس قوم کي چيو ته ”الله اوهان کي ڳئون ڪهڻ جو حڪم ڏئي ٿو-“ چوڻ لڳا ته ”ڇا تون اسان سان مسخري ٿو ڪرين؟“ چيائين: ”مون کي شل الله جاهل ٿيڻ کان بچائي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم ته نڪي يهودي هو ۽ نه عيسائي، بلڪه هو ته ٻيا سڀ در ڇڏي مسلم بڻجي ويل هو ۽ هو ڪڏهن به مشرڪن مان نه هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نه هو ابراهيم يهودي ۽ نه هو عيسائي (نصراني)، پر اهو هڪ سچو مسلمان هو، ۽ اهو هرگز مشرڪن مان نه هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراهيم (ؑ) نه يھودي هو ۽ نه عيسائي هو، هو سنئون سڌو پڪو توحيد پرست مسلمان هو، شرڪ سان ته سندس ڪو واسطو ئي نه هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ أَولَى النّاسِ بِإِبرٰهيمَ لَلَّذينَ اتَّبَعوهُ وَهٰذَا النَّبِىُّ وَالَّذينَ ءامَنوا وَاللَّهُ وَلِىُّ المُؤمِنينَ (آيت : 68) |
ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حقيقتاً حضرت ابراهيم کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي (حضرت صلي الله عليه وسلم) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيا آهن ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي، جيڪي سچو ايمان رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ سڀني ماڻهن کان (حضرت) ابراهيم کي ويجها اهي ماڻهو آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ هيءُ رسولِ عربي ۽ جن ماڻهن ايمان آندو، ۽ الله تعالى مؤمنن جو مددگار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ماڻهن مان ابراهيم کي زياده ويجها اهي آهن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ پڻ هن پيغمبر ۽ ايمان وارن کي (به) آهي. ۽ مومنن جو خدا مالڪ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ وڌيڪ ويجها ماڻهن مان ابراهيم سان البته اهي آهن جو تابع ٿيا ان جا ۽ هي نبي ۽ جن (هن نبي تي) ايمان آندو ۽ الله مددگار آهي مؤمنن جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ماڻهن مان ابراهيم کي زياده ويجها اهي آهن جن سندس تابعداري ڪئي. ۽ هيءَ نبي ۽ ايمان وارا ۽ الله ايمان وارن جو دوست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ سڀ ماڻهن مان ابراهيم کي ويجها (حقدار) اُهي هئا جن سندس پيروي ڪئي ۽ هي نبي (ﷺ) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو. ۽ الله مؤمنن جو مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوڏا ابراهيم کي، جي ٿِيَس تابعدار، پڻ هِي مُرسل مورهين، ۽ جن آندو اعتبار، ۽ مولا مددگار، مؤمنن جو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته اها ڪهڙِي قسم جي آهي“؟ چيائين ”هو چوي ٿو ته اها ڳئون نه پوڙهي هجي، نه وهڙي، وچٿري هجي، هاڻ حڪم ڪيل ڪم ڪريو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم سان واسطيدار هجڻ جو سڀني کان وڌيڪ حق جي ڪنهن کي آهي ته انهن کي ئي آهي، جن سندس پيروي ڪئي ۽ هينئر هيءُ نبي ۽ سندس مڃڻ وارا انهيءَ ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن. الله ته فقط انهن جو حامي ۽ مددگار آهي جيڪي مؤمن آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ نسبت رکڻ جو ابراهيم سان حق سڀ کان وڌيڪ انهن جو آهي جن ان جي پيروي ڪئي ۽ هينئر هي نبي ۽ ان جي مڃڻ وارا ان جا وڌيڪ حقدار آهن، الله انهن جو مددگار آهي جيڪي ايمان رکن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ابراهيم (ؑ) جي فرمانبرداري ڪندڙ ئي ان جي ويجهو آهن ۽ هي نبي (حضرت محمّد ﷺ) ۽ ايمان آڻيندڙ ئي، سڀ کان وڌيڪ ان جي ويجهو هجڻ جا حقدار آهن، الله تعالى ايمان آڻڻ وارن جو حامي ۽ مددگار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَدَّت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَو يُضِلّونَكُم وَما يُضِلّونَ إِلّا أَنفُسَهُم وَما يَشعُرونَ (آيت : 69) |
ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي گھرندي آھي ته جيڪر اوھان کي ڀُلائين، ۽ اُھي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ڀلائيندا آھن ۽ نه پروڙيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي ايمان وارؤ) اهل ڪتاب ۾ هڪڙي ٽولي اهڙي آهي جا چاهي ٿي ته اوهان کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏي پر ياد رکو ته، هو توهان کي گمراه ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان توهان کي نه پر خود پاڻ کي گمراهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن، اگرچه (جهل ۽ نفسانيت سببان) اها ڳالهه نٿا ڏسن ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهل ڪتاب مان هڪ گروه دل سان چاهي ٿو ته ڪنهن طريقي سان توهان کي گمراه ڪن، ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي گمراه ڪن ٿا ۽ نٿا سمجهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو) ڪتاب وارن مان هڪ جماعت اوهان کي گمراھ ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هوڏانهن اهي پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراھ نه ٿا ڪن ۽ ان کي سمجهن (به) نه ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دل سان گهريو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان ته (ڪنهن طريقي سان) گمراهه ڪن اوهان کي ۽ نه ٿا گمراهه ڪن مگر پنهنجو پاڻ کي ۽ نٿا سمجهن، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪتاب وارن مان هڪ جماعت اوهان کي گمراهه ڪرڻ جي خواهش ڪئي. هوڏانهن اهي پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي گمراهه نه ٿا ڪن ۽ نه ٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهلِ ڪتاب جي هڪ جماعت چاهي ٿي ته هائو جي اوهان کي گمراهه ڪري سگهن. حالانڪه اُهي پنهنجو پاڻ کي ئي گمراهه ڪن ٿا ۽ انهن کي (ان ڳالهه جي) سمجھه نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اصل اهل ڪتاب مان، وڻيو ڪنهن وڳر، ته مُنجھائينيان مورهين؛ نه مُنجھائن مگر، سندن جان جگر، ۽ پاڻ پروڙين ڪين ٿا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پنهنجي رب کان سوال گهر ته اسان لاءِ چٽائي ڪري ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي؟“ چيائين ”الله چوي ٿو، ته ان ڳئون جو رنگ اهڙو ڳوڙهو هيڊو هجي، جو ڏسندڙن کي وڻي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي ايمان آڻڻ وارؤ) اهل ڪتاب مان هڪ ٽولو چاهي ٿو ته ڪنهن طرح توهان کي سنئينءَ واٽ کان ٿـيڙي ڇڏي حالانڪه حقيقت ۾ هو پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به گمراهيءَ ۾ نه وجهي رهيا آهن پر کين ان ڳالهه جي سمجهه ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي ايمان وارؤ!) اهلِ ڪتاب مان هڪ ٽولو چاهي ٿو ته ڪنهن طرح توهان کي سڌي واٽ تان موڙي، پر حقيقت ۾ اهي گمراهي ۾ پاڻ کي ئي وجهي رهيا آهن پر کين ان جو شعور ڪونهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي ايمان وارؤ، خبردار رهو!) يھودين مان هڪ گروهه توهان کي، گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي، حقيقت ۾ هو پنھنجو پاڻ کي وڌيڪ گمراهيءَ ڏانھن وٺي وڃي رهيو آهي، پر کيس ان ڳالهه جي سمجهه ئي نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَأَنتُم تَشهَدونَ (آيت : 70) |
اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇالاءِ نه ٿا مڃو؟ ۽ حالانڪ اوھين شاھدي ڏيو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اهل ڪتاب! ڇو ٿا الله جي آيتن کان انڪار ڪيو، جڏهن ته اهي نشانيون ظاهر ظهور ڏسي رهيا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اهل ڪتاب جا الله تعالى جي آيتن جو ڇا لاءِ انڪار ڪريو ٿا؟ حالانڪ توهان ڄاڻو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ڪتاب وارو!اوهان خدا جي آيتن جو انڪار ڇو ٿا ڪريو؟ حالانڪه توهان به شاهد بڻجي سگهو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اهل ڪتاب ڇو ٿا انڪار ڪيو آيتن الله جي جو.الانڪه اوهان پاڻ شاهدي ٿا ڏيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ڪتاب وارو ! ڄاڻ هوندي به الله جي آيتن جو انڪار ڇو ٿا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ڪتاب وارؤ! الله جي آيتن جو انڪار ڇو ٿا ڪيو؟ حالانڪه اوهان خود شاهد آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آيتن کان الله جي، ڇو اَلو اهل ڪتابَ!، ۽ شاهد برصواب، جڏهن اوهين اُن تي آهيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پنهنجي رب کان سوال ڪر، ته هو اسان کي کولي ٻڌائي ته اها ڪهڙي هجي؟ ڇو ته اسان لاءِ اهڙي ڳئون جو سڃاپڻ مشڪل ٿي پيو آهي ۽ الله گهريو ته اسين ڳولهي لهنداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اهل ڪتاب!ڇو ٿا الله جي آيتن جو انڪار ڪريو، حالانڪه توهان پاڻ ئي ٿا پيا شاهدي ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اهلِ ڪتاب! ڇو ٿا انڪار ڪريو الله جي آيتن جو، جڏهن ته توهان پاڻ انهن جو مشاهدو ڪيو آهيو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اهل ڪتاب! توهان الله تعالى جي آيتن کي، حق سمجهي ڪري به ڏسي وائسي ڇو ٿا انڪار ڪريو؟(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَلبِسونَ الحَقَّ بِالبٰطِلِ وَتَكتُمونَ الحَقَّ وَأَنتُم تَعلَمونَ (آيت : 71) |
اي ڪتاب وارؤ ڇالاءِ سچ کي ڪُوڙ سان ملائيندا آھيو ۽ سچ کي لڪائيندا آھيو؟ ھن ھوندي (به) جو اوھين ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اهل ڪتاب! ڇو حق کي باطل جي لباس سان ڍڪي مشتبه ڪري ٿا ڇڏيو ۽ حق کي لڪايو ٿا اگرچه توهان کي خبر به آهي ته حقيقت ڇا آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اهلِ ڪتاب جا ڇا لاءِ حق کي ناحق سان گڏيو ٿا ۽ رسولِ عربيءَ جي تعريف لڪايو ٿا حالانڪ توهان ڄاڻو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ڪتاب وارو! سچ کي ڪوڙ سان ڇو ٿا ملايو ۽ ڄاڻ هوندي به سچ کي ڄاڻي واڻي ڇو ٿا لڪايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اهل ڪتاب ڇو ٿا ملايو حق کي باطل سان ۽ لڪايو ٿا حق حالانڪه اوهان ڄاڻو ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ڪتاب وارو ! سچ کي ڪوڙ سان ڇو ٿا ملايو ۽ سچ کي ڄاڻي واڻي ڇو ٿا لڪايو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اهلِ ڪتاب! حق کي باطل ۾ ڇو ٿا ملايو ۽ حق کي لڪايو ٿا حالانڪه اوهان ڄاڻو به ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪِتابيو! ڪوه لِڪايو، حق کي، ناحق ساڻ؟، ۽ جڏهن پَروڙ پئا پاڻ، ته حق لِڪايو پِئا لوڪ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هو چوي ٿو ته اها اهڙي ڳئون هجي، جا نه ڪم ۾ رڌل هجي ۽ نه هر کيڙيندي هجي، نه ٻني کي پاڻي پياريندڙ هجي، چڱي ڀلي بي داغ هجي، “ چيائون ”هاڻ تو ٺيڪ ڏسيو آهي.“ پوءِ ايئن ڪرڻ تي دل نه هين ته به ان کي ڪٺائون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي اهل ڪتاب، ڇو ٿا حق تي باطل جو پوش چاڙهي حق کي شڪي بڻايو ۽ ڇو ٿا پيا ڄاڻي واڻي حق کي لڪايو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اهلِ ڪتاب! ڇو چاڙهي رهيا آهيو رنگ حق تي ناحق جو ۽ اهو شڪي بڻايو ٿا، ۽ ڇو ڄاڻي ٻجهي حق لڪايو ٿا جڏهن ته توهان اهو ڄاڻو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اهل ڪتاب! توهان ڇو ٿا ڪوڙ جو رنگ ڏيئي، سچ کي شڪ وارو بڻايو ۽ (وري) ڄاڻي واڻي سچ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا؟ (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَت طائِفَةٌ مِن أَهلِ الكِتٰبِ ءامِنوا بِالَّذى أُنزِلَ عَلَى الَّذينَ ءامَنوا وَجهَ النَّهارِ وَاكفُروا ءاخِرَهُ لَعَلَّهُم يَرجِعونَ (آيت : 72) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪا ٽولي (پاڻ ۾) چوي ٿي ته جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته مانَ اُھي ڦري وڃن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهل ڪتاب ۾ هڪڙي ٽولي آهي جا چوي ٿي ته (مسلمانن کي گمراه ڪرڻ لاءِ) هيئن ڪيو جو صبح جي وقت هنن جي ڪتاب تي ايمان آڻيو ۽ شام جي وقت وري انڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح ممڪن آهي ته هو (ماڻهن کي اسلام کان ڦرندي ڏسي پاڻ به) ڦري وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ يهودين جي هڪ گروه (پاڻ ۾) چيو ته قرآن ڪريم تي صبح جو ايمان آڻيو ۽ شام جو اسلام کان ڦِري وڃو انهي لاءِ ته مَن مسلمان پنهنجي دين کان ڦِري وڃن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪتاب وارن مان هڪڙن چيو ته جيڪي ايمان وارن تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ڏينهن جي اڳياڙيءَ ۾ ايمان آڻيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو ته من مسلمان (ان تدبير سان پنهنجي دين کان) موٽن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو هڪ جماعت اهل ڪتاب مان ته ايمان آڻيو ان تي جو لاٿو ويو مؤمنن تي ڏينهن جي پهرئين حصي ۾، ۽ انڪار ڪيو ان جي پوئين حصي ۾ من اهي ڦري وڃن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪتاب وارن مان هڪ جماعت چيو ته جيڪي ايمان وارن تي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي ڏينهن جي اڳياڙيءَ ۾ ايمان آڻيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو، مَنَ اهي موٽن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهلِ ڪتاب جي هڪ ٽولي (ماڻهن کي) چوي ٿي ته ايمان آڻيو ان تي جيڪو ايمان وارن تي (قرآن) نازل ڪيو ويو آهي، ڏينهن جي اڳياڙي ۾ ان کي مڃو ۽ ڏينهن جي پڇاڙيءَ ۾ ان جو انڪار ڪيو ته من اُهي به ڦري وڃن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آ کِي اهل ڪتاب مان، ڪنهن ٽولِي اِها ٽَل، ته جيڪي اُتريون اُنهن تي، جن مڃيو مُرسل مل، سو مڃيو مُنڍ ڏينهن ۾ ۽ ڦِرو پوڃاڙِي پل، ته اِهڙي سين اَٽڪل، موٽن مسلمانِي ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن مان هڪ ٽولي چيو ته ”مومنن تي جيڪي نازل ٿيو آهي، ان تي صبح جو ايمان آڻيو ۽ شام جو ان جا منڪر ٿي وڃو ته شايد مسلمان به ڦري پون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهل ڪتاب مان هڪڙو ٽولو چوي ٿو ته هن نبيءَ جي مڃڻ وارن تي جيڪو نازل ٿيو آهي ان تي صبح جو ايمان آڻي شام جو انڪار ڪريو ته مــَـنَ ائين ڪو اهي ماڻهو پنهنجي ايمان کان ڦري وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهلِ ڪتاب مان هڪ ٽولو چوي ٿو ته (هن نبيءَ) جي مڃڻ وارن تي جيڪي ڪجهه نازل ٿيو آهي، ان تي ايمان آڻيو صبح جو ۽ وري شام جو ان کان انڪار ڪريو، شايد انهيءَ ترڪيب سان هي ماڻهو ايمان کان ڦري وڃن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن اهل ڪتاب مان هڪ ٽولو ( يعني يھودي) اهڙو آهي، جيڪو ماڻهن کي چالاڪي سيکاري ٿو، ته توهان في الحال ايمان آڻيو پوءِ ايمان کان ڦري وڃو، ايئن ڪرڻ سان شايد مسلمان (به) پنھنجي ايمان تان ڦري وڃن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُؤمِنوا إِلّا لِمَن تَبِعَ دينَكُم قُل إِنَّ الهُدىٰ هُدَى اللَّهِ أَن يُؤتىٰ أَحَدٌ مِثلَ ما أوتيتُم أَو يُحاجّوكُم عِندَ رَبِّكُم قُل إِنَّ الفَضلَ بِيَدِ اللَّهِ يُؤتيهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ وٰسِعٌ عَليمٌ (آيت : 73) |
۽ جيڪو اوھان جي دين جي تابعداري ڪري تنھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه مڃيو، چئو ته ھدايت الله واري ھدايت آھي ۽ چون ٿا ته ھيءَ به نه مڃيو ته جھڙو (دين) اوھان کي ڏنو ويو آھي تھڙو دين اُنھن کي ڏنو ويندو يا اوھان جي پالڻھار وٽ اوھان کي الزام ڏيندا، چؤ ته ڀلائي الله جي ھٿ ۾ آھي، جنھن کي وڻيس تنھن کي اُھا ڏيندو آھي، ۽ الله (مھربانيءَ ۾) ڪشادگيءَ وارو ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هو پاڻ ۾ چون ٿا) ته خبردار انهن ماڻهن کان سواءِ جي توهان جي دين جي پيروي ڪندڙ آهن، ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃو (اگرچه اها چڱي ڳالهه هجي) تون (اي پيغمبر) انهن ماڻهن کي چئي ڏي ته سچي هدايت ته اها آهي جا الله جي هدايت آهي (اها ڪنهن خاص ٽوليءَ يا خاندان جي ميراث ناهي) (۽ هو هڪٻئي کي چون ٿا ته، هيءَ ڳالهه به نه مڃو) ته جهڙو دين اوهان کي ڏنو ويو آهي اهڙو ڪنهن ٻئي انسان کي به مليو هجي يا هي ته توهان جي پروردگار جي حضور ۾ اوهان جي خلاف ڪنهن جي به حجت هلي سگهي ٿي. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته، بيشڪ فضل ۽ ڪرم ته الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ جنهن کي چاهي تنهن تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪري. هو وڏي وسعت رکڻ وارو ۽ سڀني (لائقن ۽ نالائقن کي) ڄاڻڻ وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (پاڻ ۾ چيائون) نه مڃو توهان مگر جيڪو توهان جي دين جي موافق هجي، اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ الله تعالى جي هدايت اسلام آهي، ۽ چون ٿا ته اسان مان هڪڙي کي مِلي جيڪا ڀلائي توهان مسلمانن کي مِلِي آهي يا مسلمان يهودين سان حُجت ڪن پنهنجي رب وٽ، اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ ڀلائي الله وٽ آهي جنهنکي چاهي عطا ڪندو آهي، ۽ الله تعالى احسان ڪندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو توهان جي دين جي پيروي ڪري ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ڳالھ تي اعتبار نه ڪريو (اي رسول!) تون چوين ته خدا جي هدايت ته (سچي) هدايت آهي (يهودي پاڻ ۾ اهو به چون ٿا ته) ان کي به (نه مڃجو) جو جهڙو (سٺو هين) اوهان کي ڏنو ويو آهي تهڙو ڪنهن ٻئي کي ڏنو وڃي يا توهان سان ڪو شخص خدا وٽ جهڳڙو ڪري (اي رسول! تون کين) چئو ته (اهو ڪهڙو نه خام خيال آهي) فضل ۽ (ڪرم) خدا جي هٿ ۾ آهي اهو جنهن کي گهري ته ڏي ۽ خدا گهڻو ڏيندڙ، (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه مڃيو (ڪنهن جي ڳالهه) مگر ان جي جو تابع ٿيو اوهان جي دين جو.رماءِ ته بيشڪ الله جي هدايت ئي هدايت آهي (چون ٿا ته هيءُ به نه مڃيو) جو ڏنو وڃي ڪو به اهڙو (دين) جهڙو اوهان کي ڏنو ويو آهي يا بحث ڪن اوهان سان اوهان جي رب وٽ، فرماءِ بيشڪ ڀلائي الله جي ئي هٿ ۾ آهي.ئي ٿو اها جنهن کي گهري ۽ الله وسعت وارو علم وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو اوهان جي دين جو تابعدار ٿئي تنهن کانسواءِ ٻي جي ڳالهه نه مڃيو. (اي رسول !) چئو ته حقيقي رهنمائي الله جي رهنمائي آهي. (چيائون ته هيءَ ڳالهه متان مڃيو) ته جهڙو دين اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو ٻئي ڪنهن کي به نه ڏنو ويندو يا هي اوهان تي اوهان جي پاليندڙ وٽ حجت قائم ڪندا. (اي رسول !) چو ته ڀلائي الله جي هٿ ۾ آهي جنهن کي گهري تنهن کي اها ڏئي ٿو الله گهڻو ڏيندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن جي ڳالهه نه مڃو سواءِ ان جي جيڪو اوهان جي دين جي پيروي ڪري. چؤ ته: ”بيشڪ هدايت ته الله جي ئي هدايت آهي“. (۽ هي به چون ٿا ته ان ڳالهه جو يقين به نه ڪيو جو) ڪنهن کي ان جهڙي شيءِ ڏني ويندي جا اوهان کي ڏني وئي آهي، يا هي ته ڪو اوهان جي پالڻهار جي اڳيان اوهان جي خلاف حجت آڻي سگھندو“. چؤ ته بيشڪ فضلُ الله جي هٿ ۾ آهي. اهو جنهن کي چاهي ڏئي. ۽ الله وڏي ڪشادگي وارو ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اصل ٻي اڳوان تي، نه آڻيو اوهين ايمان، مگر اوهان جي، مذهب جو، جو تابع ٿيو تعبان، جي سُونهپ، سُونهپ صاحب جِي، ڌاريو هي ڌيان، جيئن مليا، تنهن مثال ملي، ڪنهن مُرسل مهربان، يادڙي اوهان سان، ڌڻي وٽ؛ کولي چئو تون خان! ته ڀال ڀلي جي هٿ ۾، وَڻيس تنهن ڏي ڏانَ، ۽ سُنهارو سُبحان، سُڌاريندڙ ۽ سُڌ ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي دين تي هلڻ وارن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃيو. چئو ته سنئين واٽ اهائي آهي جا الله ڏسي“ (هو چون ٿا) ته ”اها ڳالهه به نه مڃيو ته ڪنهن ٻئي کي به اهڙو ئي دين ملي سگهي ٿو. جهڙو اوهان کي مليو، يا هيءُ، ته اوهان جي رب وٽ اوهان بابت ٻئي ڪنهن جي حجت به هلي سگهي ٿي.“ چئو ته ”سڀ ڀلائي الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏئي، الله وڏي مهربانيءَ وارو خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري پاڻ ۾ چون ٿا ته پنهنجي مذهب واري کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃو، اي نبي! چوين ته "حقيقت ۾ هدايت ته آهي ئي الله واري هدايت ۽ اها انهيءَ جي ئي ڏات آهي، جو ڪنهن کي اهوئي ڏنو وڃي، جيڪو ڪنهن وقت توهان کي ڏنو ويو هو، يا وري ٻين کي توهانجي رب آڏو پيش ڪرڻ لاءِ توهان جي خلاف ڪو مضبوط دليل ملي وڃي". اي نبي! چوين ته "فضل ۽ مرتبو ته الله جي هٿ ۾ آهي، جنهن کي وڻيس عطا ڪري، هو ڪشادي نظر وارو آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڻ هي پاڻ ۾ چون ٿا ته، پنهنجي مذهب وارن کان سواءِ ڪنهن جي ڳالهه نه مڃو، اي نبي! کين چؤ ته ”اصل ۾ هدايت آهي الله جي ۽ هي ان جي عنايت ته ڪنهن کي اهو ڪجهه ڏجي جو ڪڏهن توهان کي ڏنل هو، يا هي ته ٻين کي رب جي حضور پيش ڪرڻ لاءِ توهان جي خلاف حجت ملي وڃي، انهن کي چؤ اي نبي! فضل ۽ شرف الله جي اختيار ۾ آهي، جنهن کي چاهي عطا ڪري. ۽ الله وڏي نظر وارو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن پاڻ ۾ ملندا آهن ته چوندا آهن، ته پنھنجي دين واري کان سواءِ توهان ٻئي ڪنھن جي ڳالهه هرگز به نه مڃجو، (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته بيشڪ اصل هدايت ته الله تعالى جي طرفان آيل ئي هدايت آهي، ( وري پاڻ ۾ هي ماڻهو هڪ ٻئي کي چـوڻ لڳا ته، ڪڏهن به هن ڳالهه جو اعتبار نه ڪجو) جو ٻئي ڪنھن کي اهڙو دين ڏنو ويندو، جھڙو توهان کي ڏنو ويو آهي. هي (مسلمان) قيامت واري ڏينھن اوهان جي پالڻھار وٽ توهان جي خلاف هڪ مضبوط دليل پيش ڪندا. (اي نبي ﷺ!) انهن کي چؤ ته بيشڪ مھرباني ڪرڻ صرف الله تعالى جي هٿ ۾ آهي، هو جنھن کي چاهي تنھن سان مھرباني ڪندو آهي، بيشڪ هو وڏي ڪشادگيءَ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَختَصُّ بِرَحمَتِهِ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ ذُو الفَضلِ العَظيمِ (آيت : 74) |
جنھن کي وڻيس تنھنکي پنھنجي ٻاجھه سان خاص ڪندو آھي، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي رحمت (وحي) جي نزول لاءِ چونڊي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ تمام وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو پنهنجي نبوت سان جنهنکي چاهي سرفراز ڪري ٿو، ۽ الله تمام گهڻو احسان ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) منهنجي چاهي ته پنهنجي رحمت لاءِ خاص ڪري ٿو ڇڏي ۽ خدا وڏو فضل (۽ ڪرم) وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خاص ٿو ڪري پنهنجيءَ رحمت سان جنهن کي گهري ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي مهربانيءَ سان جنهن کي گهري تنهن کي خاص ڪري ٿو ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو جنهن کي چاهي ٿو پنهنجي رحمت سان خاص ڪري ٿو ۽ الله وڏي فضل (فرمائڻ) وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻي ڌُڻي وڻيس تنهن، ٻاجھ سندس ساڻ، ۽ آهي پرور پاڻ، وڏا ڀال ڀلائـِڻون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جنهن تي وڻيس خاص مهرباني ڪندو آهي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجي رحمت لاءِ جنهن کي چاهي مخصوص ڪري ڇڏي ٿو ۽ سندس فضل تمام وڏو آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو پنهنجي رحمت جي باري ۾، جنهن کي گهري خاص ڪري ٿو ۽ الله جو فضل تمام وڏو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو جنھن لاءِ چاهيندو آهي، تنھن کي پنھنجي خاص رحمت عطا ڪندو آهي، الله تعالى ئي وڏو مھربان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِن أَهلِ الكِتٰبِ مَن إِن تَأمَنهُ بِقِنطارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيكَ وَمِنهُم مَن إِن تَأمَنهُ بِدينارٍ لا يُؤَدِّهِ إِلَيكَ إِلّا ما دُمتَ عَلَيهِ قائِمًا ذٰلِكَ بِأَنَّهُم قالوا لَيسَ عَلَينا فِى الأُمِّيّۦنَ سَبيلٌ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 75) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ مُھر امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏئڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهل ڪتاب مان ڪي ته اهڙا ايماندار آهن جو جيڪڏهن سون چانديءَ جو وڏو ڍير انهن وٽ امانت رکو ته هو امانت باسلامت موٽائي ڏيندا. پر انهن ۾ اهڙا به آهن جن وٽ رڳو هڪ رپيو امانت رکو ته به ڪڏهن واپس نه ڪندا، جيستائين ڪه هميشه هنن جي مٿان بيهي (سخت طلبي ڪندا) رهو، اهو هن ڪري ٿيو آهي جو هو سمجهن ٿا ته اميين (اڻ پڙهيل يعني عربن) سان وهنوار ڪندي (ڪهڙي به بي ايماني ڪريون ته) اسان کي پڪڙ ڪانه ٿيندي. هو ڄاڻي ٻجهي الله تعاليٰ تي اهو ڪوڙ ٿا هڻن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪي يهودي اهڙا آهن جو جيڪڏهن انهن وٽ گهڻو مال امانت رکيو وڃي ته توهان کي واپس ڪندا، ۽ ڪي اهڙا به آهن جو جيڪڏهن وٽن هڪ دينار امانت رکي وڃي ته به موٽائي نه ڏيندا جيستائين توهان سندن مٿي تي چڙهي نه بيهو، اها خيانت انهي سببان ڪن ٿا جو چون ٿا ته اسان تي اڻ پڙهيلن (جي مال کائڻ) ۾ گناه ناهي، ۽ الله تعالى تي سمجهڻ کان پوءِ به ڪوڙ چون ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن مال جا پرمارت رکندين ته اهو تو کي موٽائي ڏيندا ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن اشرفي به امانت رکندين ته (اها) به جيستائين تون انهن جي مٿان بيٺو نه هوندين ته تو کي موٽائي نه ڏيندا. اها (بد معاملگي) هن ڪري آهي جو سندن اهو چوڻ آهي ته (عرب جي) جاهلن ( جو حق مارڻ) ۾ اسان تي ڪا به (الزام جي) راھ آهي ئي ڪا نه. ۽ اهي ڄاڻي واڻي خدا تي ڪوڙ (جو طوفان) ٻڌن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهل ڪتاب مان ڪو اهڙو ديانتدار ٻانهو آهي جو جيڪڏهن امانت رکندين ان وٽ ڍير (سون چانديءَ جو) ته ادا ڪري ڏيندو اهو توکي ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جو جيڪڏهن امانت رکندين ان وٽ هڪ دينار ته نه ادا ڪندو ان کي تو ڏانهن مگر جيستائين بيٺو رهندين ان تي اهو ان جي ڪري آهي جو بيشڪ انهن چيو ته ناهي اسان تي اڻ پڙهيلن ۾ ڪا وٺ پڪڙ ۽ چون ٿا الله تي ڪوڙ حالانڪه اهي ڄاڻن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن مال جو ڍير امانت رکندين ته اهو توکي موٽائي ڏيندا. ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جن وٽ جيڪڏهن هڪ اشرفي امانت رکندين ته (اها) به توکي موٽائي نه ڏيندا. مگر جيستائين تون انهن جي مٿان بيٺو نه رهندين، اهو هن ڪري جو انهن چيو ته اسان تي اڻ پڙهيلن جي باري ۾ ڪو گناهه نه آهي. ۽ اهي ڄاڻي واڻي الله تي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهلِ ڪتاب مان ڪي اهڙا آهن جو اگر خزاني جو ڍير انهن وٽ امانت رکين ته تو کي موٽائي ڏيندا، ۽ انهن مان ڪي اهڙا به آهن جو جيڪڏهن انهن وٽ هڪ دينار به امانت رکين ته اهي تو کي ادا نه ڪندا. ها مگر جيستائين انهن جي مٿان بيٺو رهين. اهو هن ڪري جو چون ٿا ته: ”اڻ پڙهيلن (جي مال کائڻ) ۾ اسان تي ڪو گناهه ڪونهي“ ۽ الله مٿان ڪوڙ مڙهن ٿا حالانڪه اهي ڄاڻن به ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهو اِن آڌارتي، ته چيو تن چَٽن، ته ناهي منجھ ڄَٽن، اصل اسان جو واسطو. ڪن وٽ اهل ڪتاب مان، کڻِي رکين تون کوڙ، ته به توکي ڏيندڙ توڙ، ساري سلامت، سو صحِي. ۽ ڪنهن وٽ رکين رُپيو، اُن مان نه ڪندو ادا، مگر مٿس سدا، جاسين حاضر هوندين پاڻ تون. ۽ چون ٿا الله تي، اُهي مُفتي، مُفت ڪوڙ، ۽ هوڏانهن اُهي هُوڙه، پيا سمجھن، سندن ڪوڙ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا آهن، جو جيڪڏهن تون وٽن مال جو ڍير امانت رکين ته توکي موٽائي ڏين ۽ ڪي اهي به آهن، جو جيڪڏهن تون وٽن هڪ اشرفي به امانت رکين، ته به توکي موٽائي نه ڏين، جيسين تون مٿن کڙو ٿي نه بيهين! ڇا لاءِ ته هو چون ٿا ته ”اڻ پڙهيلن ۾ ايئن ڪرڻ سان اسان کي ڪو گناهه نٿو ٿئي“ ۽ هو الله تي ڄاڻي ٻجهي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهل ڪتاب مان ڪو ته اهڙو آهي جو جيڪڏهن تون مٿس اعتماد ڪري دولت جو ڍڳ به حوالي ڪندين ته به هو تنهنجو مال واپس ادا ڪندو ۽ ڪنهن جي حالت وري اها آهي، جو جيڪڏهن تون هڪڙو دينار به امانت رکينس ته واپس نه ڪندو، سواءِ ان جي جو تون سندس سر تي سوار ٿي بيهين. انهن جي انهيءَ اخلاقي حالت جو سبب اهو آهي ته هو چون ٿا ته "اُمين" (غير يهودين) جي معاملي ۾ اسان کي ڪوبه حساب ڏيڻو ناهي" ۽ اها ڳالهه پاڻ گهڙي الله تي ٿا هڻن، توڻي جو ڄاڻن ٿا (ته الله اهڙي ڪابه ڳالهه نه چئي آهي) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪو اهڙو به آهي اهلِ ڪتاب مان جو جيڪڏهن تون ان تي ڀروسو ڪري مال ۽ دولت جو ڍير به ڏين ته هو توکي ادا ڪري ڇڏيندو ۽ ڪنهن جو حال هي آهي ته جيڪڏهن تون هڪ دينار جي معاملي ۾ ان تي ڀروسو ڪرين ته اهو ادا نه ڪندو. ها، جيستائين تون ان جي سر تي سوار ٿي نه بيهين، انهن جي انهيءَ اخلاقي حالت جو سبب هي آهي ته هو چوندا آهن (غير يهودي) امين جي باري ۾ اسان تي ڪا پڪڙ نه آهي، ۽ اها ڳالهه صرف الله ڏانهن منسوب ڪن ٿا ڪوڙ آهي، جڏهن ته کين معلوم آهي (ته الله نه فرمائي آهي)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهل ڪتاب مان ڪي ماڻهو اهڙا ته امانتدار آهن، جو جيڪڏهن توهان انهن وٽ مال ۽ دولت جو ڍير به امانت طور رکائيندا ته هو توهان کي واپس موٽائي ڏيندا. وري انهن مان ئي ڪي اهڙا به آهن، جو جيڪڏهن توهان انهن وٽ هڪ دينار ( يعني رپيو) به رکائيندا، ته هو توهان کي اهو هڪ دينار به رلائي رلائي واپس ڏيندا، اهو ان ڪري آهي جو هو چوندا آهن ته، غير يھودي ماڻهن جو مال کائڻ اسان لاءِ جائز آهي، ان ڳالهه تي (الله تعاليٰ جي طرفان) اسان کان ڪا به پڪڙ نه ٿيندي، هي ماڻهو ڄاڻي واڻي الله تعالىتي ڪوڙ هڻن ٿا، کين چڱيءَ طرح معلوم آهي ته الله تعالى اهڙو حڪم نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلىٰ مَن أَوفىٰ بِعَهدِهِ وَاتَّقىٰ فَإِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَّقينَ (آيت : 76) |
ھائو جنھن پنھنجو انجام پاڙيو ۽ ڊنو ته بيشڪ الله ڊڄندڙن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ها (هنن کي ضرور پڪڙ ٿيندي، ڇو ته خدا جو قانون آهي ته) جيڪو به پنهنجو قول سچائيءَ سان پاڙيندو ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ اگرچه غير مذهب وارن سان هجي) پرهيزگار رهندو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي پرهيزگار آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ها جن وعدو پورو ڪيو (رسولِ عربي تي ايمان آندو) ۽ الله جو خوف ڪيو پوءِ بيشڪ الله خوف ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جنهن پنهنجو انجام پورو ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ته بيشڪ الله پرهيزگارن کي دوست رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هائو جنهن پورو ڪيو پنهنجو وعدو ۽ پرهيزگار ٿيو پوءِ بيشڪ الله محبت ٿو رکي پرهيزگارن سان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جنهن پنهنجو انجام پورو ڪيو ۽ پرهيزگار ٿيو ته بيشڪ الله پرهيزگارن کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو جنهن پنهنجو وعدو پاڙيو ۽ پرهيزگاري ڪيائين ته پوءِ بيشڪ الله پرهيزگارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هائو، پنهنجو اَنجام، جنهن پاريو، ۽ پرهيز ڪئـِي، ته مولا پڻ مُدام، ڏي محبت مُتقين کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ها، جيڪو پنهنجو انجام پورو ڪندو ۽ نيڪ هوندو (ان تي پڪڙ نه آهي) بيشڪ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا ڇونه حساب ڏيندا؟ جيڪو به پنهنجي قول کي پاڙيندو ۽ پاڻ کي گناهن کان بچائيندو، اهو الله جو پيارو ٿيندو، ڇو جو الله پرهيزگارن کي پسند ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ڇو انهن کان پڇا نه ٿيندي؟ جيڪو به پنهنجو عهد پورو ڪندو، برائي کان بچندو، الله پسند ڪري ٿو پرهيزگارن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڀلا) انهن جي پڪڙ ڇو نه ٿيندي؟ جيڪو پنھنجو ڪيل وعدو پورو ڪري ۽ تقوى جو رستو اختيار ڪري، ته بيشڪ الله تعالى اهڙن پرهيزگار ماڻهن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ يَشتَرونَ بِعَهدِ اللَّهِ وَأَيمٰنِهِم ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لا خَلٰقَ لَهُم فِى الءاخِرَةِ وَلا يُكَلِّمُهُمُ اللَّهُ وَلا يَنظُرُ إِلَيهِم يَومَ القِيٰمَةِ وَلا يُزَكّيهِم وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 77) |
جيڪي الله سان ڪيل انجامن ۽ پنھنجن قسمن جي عوض ٿورو مُلھ وٺندا آھن اِھي (اُھي) آھن جن کي آخرت ۾ ڪو بھرو نه آھي ۽ نڪي قيامت جي ڏينھن الله ساڻن ڳالھائيندو ۽ نڪي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ نڪي کين (گناھن کان) پاڪ ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ياد رکو ته، اهي ماڻهو جيڪي دنيائي خيس قيمت واري فائدي لاءِ الله تعاليٰ سان ڪيل عهد (نيڪ عمليءَ ايمانداري جو) ۽ خود پنهنجا کنيل قسم وڪڻي ڇڏين ٿا (۽ ايمانداري جي عيوض بي ايماني ڪن ٿا) انهن کي آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه ٿيندو، نڪي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن هنن سان ڳالهائيندو، نڪي هنن ڏي نهاريندو، نڪي هنن کي گناهن جي گندگيءَ کان پاڪ ڪندو (بلڪه) هنن کي سخت عذاب ڏنو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن الله تعالى جي وعدي کي پورو نه ڪيو ۽ پنهنجن قسمن جي عيوض ٿورو مُلهه وٺن ٿا، انهن جو آخرت ۾ ڪو حصو ناهي ۽ الله تعالى انهن سان نه ڳالهائيندو ۽ نه قيامت جي ڏينهن انهن ڏانهن ڏسندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي الله سان پنهنجا عهد اقرار ۽ (قسم) اقسام جي عيوض ٿورو (دنياوي) فائدو وٺن ٿا تن لاءِ آخرت ۾ ڪجھ به حصو نه آهي ۽ نه انهن سان ڪو خدا ڳالهائيندو. ۽ نه انهن ڏي قيامت جي ڏينهن نظر (رحمت) ئي ڪندو ۽ نه انهن کي (گناهن جي گندگين کان) پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ماڻهو جو خريد ٿا ڪن الله جي وعدي ۽ پنهنجي قسمن سان ملهه ٿورو اهو ناهي ڪو حصو انهن جي لاءِ آخرت ۾ ۽ نه ڳالهائيندو انهن سان الله ۽ نه ڏسندو انهن ڏانهن قيامت جي ڏينهن ۽ نه پاڪ ڪندو انهن کي ۽ انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي الله سان ڪيل انجام ۽ پنهنجن قسمن جي بدلي ۾ ٿورو مُلهه وٺن ٿا تن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه به حصو نه آهي ۽ نه انهن سان الله ڳالهائيندو. ۽ نه انهن ڏي قيامت جي ڏينهن ڏسندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي الله سان ڪيل پيمان ۽ پنهنجن قسمن جي عيوض ٿورڙو مُلهه وٺن ٿا. اُهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي ۽ قيامت واري ڏينهن نه الله انهن سان ڳالهائيندو ۽ نه انهن طرف نگاهِ (ڪرم) ڪندو ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي وڪڻن وعدا ربَّ جا، ۽ سندن قسم قرار، قيمت قَدر قليل تي، اُهي سي آوار، نه پَتِي ڪا، پر لوڪ ۾، هرگز اُنهن هار، ۽ ڪلام نه ڪندو تن سان، قادر ربُّ، قهار، ۽ نه ڪندو ڏينهن قيام جي، تن ڏي نظر، نهار، ۽ نه صاف ڪندنِ ستار، ۽ اُنهن لئي، سزا سخت ڳَرِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله جي قول قرار ۽ پنهنجي قسمن کي ٿوري ملهه تي وڪڻن ٿا. اهڙن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه به نه آهي، نڪي الله انهن سان ڳالهائيندو، نه قيامت ڏينهن انهن ڏانهن نهاريندو، نه انهن کي پاڪ ڪندو ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جيڪي ماڻهو الله سان ڪيل قول ۽ پنهنجن کنيل قَسمن کي ٿورڙيءَ قيمت تي وڪڻي ڇڏين ٿا ته انهن لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو ڪونهي، الله قيامت جي ڏينهن نڪي انهن سان ڳالهائيندو ۽ نه انهن ڏانهن نظر ڪندو ۽ نه وري کين پاڪ ڪندو، بلڪه انهن لاءِ ڏاڍي دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) باقي جيڪي ماڻهو الله جي عهد ۽ پنهنجي قسمن کي ٿورڙي قيمت تي وڪڻن ٿا، ته انهن لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي، انهن سان ته آخرت جي ڏينهن نه ڳالهائيندو الله ۽ نه وري انهن ڏانهن ڏسندو قيامت جي ڏينهن، ۽ نه انهن کي پاڪ ڪندو، انهن لاءِ ته سخت دردناڪ سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى سان ڪيل واعدن ۽ پنھنجي کنيل قسمن کي ٿورڙي قيمت تي وڪڻن ٿا، تن لاءِ آخرت ۾ ڪو به حصو نه آهي، الله تعالى قيامت جي ڏينھن اهڙن ماڻهن سان نه ڳالهائيندو، نه ئي مٿن رحم جي نظر ڪندو ۽ نه ئي کين گناهن کان پاڪ ڪندو. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي تڪليف ڏيندڙ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ مِنهُم لَفَريقًا يَلوۥنَ أَلسِنَتَهُم بِالكِتٰبِ لِتَحسَبوهُ مِنَ الكِتٰبِ وَما هُوَ مِنَ الكِتٰبِ وَيَقولونَ هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَما هُوَ مِن عِندِ اللَّهِ وَيَقولونَ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 78) |
۽ منجھائن ھڪ ٽولي آھي جا ڪتاب (پڙھڻ) ۾ پنھنجين زبانن کي ھن لاءِ وچڙائيندي آھي ته ان کي اوھين ڪتاب مان ڀانيو ۽ (حقيقت ڪري) اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (پڻ) چوندا آھن ته اُھو الله وٽان آھي ۽ (حقيقت ڪري) اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻڻ ھوندي به الله تي ڪُوڙ چوندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهل ڪتاب ۾ (انهن جي عالمن جي) هڪ ٽولي آهي جا الله جو ڪتاب پڙهندي ان ۾ مروڙ سروڙ ڪري (۽ ان جو مطلب ڦيرائي) ٿا ڇڏين. انهيءَ لاءِ ته توهان ائين سمجهو ته جيڪي هو ٻڌائي رهيا آهن، سو الله جي ڪتاب مان آهي. حالانڪ اهو الله جي ڪتاب مان هرگز ناهي ۽ هو ماڻهن کي چون ٿا ته هي الله جي طرف کان آهي، حالانڪ اهو الله جي طرف کان ناهي، هو الله تي ڪوڙ ٿا هڻن ۽ ڄاڻن به ٿا ته ڪوڙ ٿا هڻون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ يهودين مان هڪ اهڙو گروه آهي جيڪو تورات مان رسولِ عربيءَ جي تعريف لڪائي ٿو انهي سببان جو توهان سمجهو ته ايئن تورات ۾ آهي، حالانڪ ايئن تورات ۾ ناهي، ۽ چون ٿا ته اهو الله تعالى جي طرفان آهي حالانڪ اهو الله تعالى جي طرفان ناهي ۽ الله تعالى تي سمجهڻ کان پوءِ به ڪوڙ چون ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهل ڪتاب مان ضرور اهڙا به آهن جيڪي ڪتاب توريت سان پنهنجي زبانن کي مروڙي (ڪجھ جو ڪجھ) پڙهي وڃن ٿا هن لاءِ ته اوهين ان کي ڪتاب مان خيال ڪريو هوڏانهن اهو ڪتاب مان نه آهي ۽ چون ٿا ته اهو خدا جي طرفان آهي هوڏانهن اهو خدا جي طرفان نه آهي. ۽ اهي ڄاڻي واڻي ڪوڙ مڙهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ انهن مان هڪڙي جماعت اهڙي آهي جو پنهنجون زبانون مروڙي پڙهن ٿا (الله جي) ڪتاب ۾ تانته سمجهو ان کي (اصل) ڪتاب مان ۽ ناهي اهو (اصل) ڪتاب مان ۽ چون ٿا ته اهو الله وٽان آهي ۽ ناهي اهو الله وٽان ۽ هڻن ٿا الله تي ڪوڙ ۽ اهي ڄاڻن ٿا (ته اهو ڪوڙ آهي) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن مان هڪ جماعت آهي جيڪي پنهنجين زبانن کي مروڙي ڪتاب سان وچڙائين ٿا هن لاءِ ته اوهين ان کي ڪتاب مان خيال ڪريو هوڏانهن اهو ڪتاب مان نه آهي. ۽ چون ٿا ته اهو الله جي طرفان آهي هوڏانهن اهو الله جي طرفان نه آهي. ۽ اهي ڄاڻي واڻي الله تي ڪوڙ چون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ انهن مان هڪ ٽولو اهڙو به آهي جيڪي زبانون موڙي ڪتاب پڙهن ٿا هن لاءِ ته (انهن جي هير ڦير) کي (به) اوهان ڪتاب مان سمجهو حالانڪه اهو ڪتاب مان نه آهي، ۽ چون ٿا ته اهو الله وٽان آهي حالانڪ اهو الله وٽان نه آهي، ۽ اهي الله مٿان ڄاڻي واڻي ڪوڙ مڙهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪا ٽولي اُنهن مان ڪتاب ۾، وٽِين سندن زبان، ته ڪيڻسِ پاڪ ڪتاب مان، ڀانيو بي گمان، ۽ بلڪل ناهِ بيان، سو قادر جي ڪتاب مان. ۽ چون اِنپرچَٽ، ته آهي هِي الله وٽان، ۽ ناهي اِهو الله وَٽان، ٻَڌن خدا تي زَٽ، ۽ سي وِلها سندن وَٽ، سمجھن پيا سرِير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منجهائن هڪ ٽولو اهڙو به آهي جو ڪتاب کي زبان مروڙي پڙهي ٿو ته تون ان کي ڪتاب مان سمجهين، مگر حقيقت ۾ اها ڳالهه ڪتاب مان نه آهي ۽ هو چون ٿا ته ”اها ڳالهه به الله وٽان آهي“ پر اها الله وٽان نه آهي ۽ هو ڄاڻي ٻجهي الله تي ڪوڙ ڳالهائين ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي ڪتاب پڙهندي ائين ٿا زبان وچڙائين، جو تون ڀائيندين ته جيڪي پڙهن پيا اهو ڪتاب مان ئي آهي، هوڏانهن اهو ڪتاب مان نه هوندو آهي، هو چون ٿا ته اهو جيڪي اسان پڙهون پيا اهو الله جي طرفان آهي، حالانڪه اهو الله جي طرفان نه هوندو آهي. هو ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالهه ٿا الله تي هڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي زبان کي ڦيرائين ٿا ڪتاب پڙهندي، توهان سمجهندؤ ته جو ڪجهه هو پڙهن ٿا اهو ڪتاب ۾ آهي، ۽ ناهي اها ڪتاب جي لکت، ۽ هو چون ٿا ته هي جو ڪجهه پڙهي رهيا آهيون، اهو الله جي طرفان آهي، جڏهن ته اهو الله جي طرفان نه هوندو آهي، هو ڄاڻي واڻي ڪوڙي ڳالهه الله ڏانهن منسوب ڪندا آهن (۽ اهي خود اهو ڄاڻن ٿا).(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ انهن يھودين مان ڪي اهڙا به آهن، جيڪي ڪتاب کي پڙهندي پنھنجي زبانن کي اهڙا ته ور وڪڙ ڏئي لانڍ سان پڙهندا آهن، جو توهان حيران ٿي ويندا ته هي تورات ڪتاب مان ڪجهه پڙهي رهيا آهن، پر اها تورات ڪتاب جي ڪا به آيت نه هوندي آهي، وري چوندا آهن ته اسان جيڪو پڙهون ٿا، اهو الله تعالى جي طرف کان ئي نازل ٿيل آهي، حالانڪه اهو الله تعالى جي طرفان نازل ٿيل نه هوندو آهي، هي ڄاڻي واڻي الله تعالى تي ڪوڙ ھڻن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤتِيَهُ اللَّهُ الكِتٰبَ وَالحُكمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقولَ لِلنّاسِ كونوا عِبادًا لى مِن دونِ اللَّهِ وَلٰكِن كونوا رَبّٰنِيّۦنَ بِما كُنتُم تُعَلِّمونَ الكِتٰبَ وَبِما كُنتُم تَدرُسونَ (آيت : 79) |
ڪنھن به ماڻھوءَ کي نه جڳائيندو آھي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر (چوندو ته) رب جا (سچا ٻانھان) ٿيو انھيءَ ڪري جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڻ انھيءَ ڪري جو پڙھو ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڪنهن به انسان کي ائين نٿو جڳائي ته الله تعاليٰ هن کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ پوءِ ماڻهن کي چوي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا ٻانها ٿيو. (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا حڪم مڃو)، بلڪ گهرجي ته رباني انسان ٿيو (يعني ماڻهن کي حق جي واٽ ڏيکاريو ۽ سندن مربي ٿيو، يعني سندن مددگاري ڪري کين چڱي درجي تي رسايو) اهو هن ڪري جو توهان الله جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ مشغول رهو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪنهن انسان کي اهو حق ناهي جو الله تعالى ان کي ڪتاب ۽ علم و فهم ۽ نبوت عطا ڪري انهيءَ کان پوءِ اهو ماڻهن کي چوي ته الله کان سواءِ منهنجي عبادت ڪريو ۽ پر اهو چوندو ته ديندار ٿيو انهيءَ سببان جو توهان ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ توهان ڪتاب جو درس ڏيو ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڪنهن به ماڻهو جو هيءُ ڪم نه آهي ته الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ اهو ماڻهن کي چوندو وتي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو، پر (چوندو ته) الله وارا ٿيو! هن ڪري ته اوهين ڪتاب پيا سيکاريو ۽ اوهين (هميشه پيا پڙهو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه آهي (مناسب) ڪنهن انسان لاءِ جو ڏئي ان کي الله ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت ان کان پوءِ چوي ماڻهن کي ته هجو منهنجا ٻانها الله کان سواءِ ۽ پر (چوندن) ته هجو الله وارا ان جي ڪري جو پڙهائيندا ٿي رهيئو ڪتاب ۽ ان جي ڪري جو پاڻ به پڙهيُوَ ٿي، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڪنهن به ماڻهوءَ جو هي ڪم نه آهي ته الله ان کي ڪتاب ۽ حڪم ۽ پيغمبري ڏي (۽ پوءِ) وري (هو) ماڻهن کي چوي ته الله کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو، پر (چوندو ته) الله وارا ٿيو! هن ڪري ته اوهين ڪتاب پيا سيکاريو ۽ اوهين (ان کي) پيا پڙهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڪنهن ماڻهو کي نه ٿو جڳائي جو الله ان کي ڪتاب ۽ حڪمت ۽ نبوت ڏئي پوءِ اهو ماڻهن کي چوي ته الله کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿي وڃو ۽ پر (اهو ته چوندو) توهان الله وارا بنجي وڃو (اها هن ڪتاب جي تعليم آهي) جنهن ڪتاب کي توهان سيکاريو ٿا ۽ هن ڪري جو اوهان خود ان کي پڙهو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪنهن ماڻهؤَ روانه مور، ته قادر کيس ڪتاب ڏي. صحي ڏيس سمجھاڻي، ۽ نبوت نور، موٽي ماڻهن ۾ ڪري، دعوٰى هن دستور، ته پُوڄاري پرور سوا، مُنهنجاٿيو مجبور، پر خاص خدا وارا ٿيو، موجب تنهن مذڪور، حڪمناما حضور، جيئن پڙهو، ۽ پڙهائيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪنهن به انسان جو اهو وڙ ناهي، جو الله کيس ڪتاب، ڏاهپ ۽ نبوت ڏئي ۽ هو وري ماڻهن کي چوي ته ”الله کانسواءِ منهنجا ٻانها ٿي رهو،“ مگر (هو ته ايئن ئي چوندو ته) ”الله وارا ٿي رهو. ڇو ته اوهين ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ اوهين پاڻ به ان کي پڙهندا رهو ٿا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به انسان لاءِ اهو روا نه آهي ته الله ته کيس ڪتاب ۽ حڪم ۽ نبوت عطا ڪري ۽ هو ماڻهن کي چوي ته الله جي بدران توهان منهنجا بندا ٿيو. هو ته اهوئي چوندو ته سچا رباني بنجي وڃو، جيئن انهيءَ ڪتاب جي تعليم جي تقاضا آهي، جنهن کي توهان پڙهو ۽ پڙهايو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪنهن انسان جو اهو ڪم نه آهي جو الله ته ان کي ڪتاب، ۽ حڪم ۽ نبوت عطا ڪري ۽ هو چوي ماڻهن کي ته توهان منهنجا بندا ٿي وڃو بجاءِ الله جي، پر هو ائين چوندو ته سچا ديندار بنجو، جيئن هن ڪتاب جي تعليم جي تقاضا آهي جنهن کي توهان پڙهو ۽ پڙهايو ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ٿي ئي نٿو سگهي جو الله تعالى ڪنھن ماڻهوءَ کي، ڪتاب، حڪمت ۽ نبوَّت عطا ڪري پوءِ هو ماڻهن کي چوندو وتي ته توهان سڀ، الله تعالى جي بجاءِ منھنجي عبادت ڪريو حالانڪه اهڙو ماڻهو ته هي ڳالهه چوندو، ته الله تعالى جا سچا ٻانها ٿي وڃو، ڇو ته هي ڪتاب جيڪو اوهان پڙهو ۽ پڙهايو ٿا، اهو ته اها ئي تعليم سيکاري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَأمُرَكُم أَن تَتَّخِذُوا المَلٰئِكَةَ وَالنَّبِيّۦنَ أَربابًا أَيَأمُرُكُم بِالكُفرِ بَعدَ إِذ أَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 80) |
۽ ملائڪن ۽ پيغمبرن کي پالڻھار ڪري مڃڻ جو اوھان کي حڪم نه ڪندو، جڏھن اوھين خُدا جا فرمانبردار ٿيا ھجو ته پوءِ اوھان کي ڇو ڪُفر جو حُڪم ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو (رباني انسان يا نبي) ڪڏهن به اوهان کي اهو حڪم نه ڏيندو ته ملائڪن کي ۽ نبين کي پنهنجو رب بنايو، (يعني جهڙيءَ طرح رب جي اڳيان جهڪو ٿا تهڙيءَ طرح هنن جي اڳيان جهڪو). ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هو اوهان کي ڪفر ڪرڻ جو حڪم ڏئي؟ حلانڪه توهان مسلم (يعني خدا جي فرمان جا تابعدار) ٿي چڪا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نه (رسول) توهان کي اهو حڪم ڏيندو ته ملائڪن ۽ پيغمبرن کي الله ڪري مڃو، ڇا توهان کي ڪفر جو حڪم ڏيندو انهيءَ کان پوءِ جو توهان مسلمان ٿي ويا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نڪي (اهڙو ماڻهو) اوهان کي هي حڪم ڪندو ته ملائڪن ۽ نبين کي پنهنجو پالڻهار ڪري وٺو. ڀلا (ڪڏهن ائين به ٿي سگهي ٿو ته) توهان جي مسلمان هجڻ کان پوءِ اوهان کي ڪفر جو حڪم ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه امر ڪندو اوهان کي ته بنايو فرشتن ۽ نبين کي پالڻهار.اوهان پاڻ سوچيو ته) ڇا حڪم ڪندو اوهان کي ڪفر جو ان کان پوءِ جو اوهان مسلمان آهيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي (اهڙو ماڻهو) اوهان کي هي حڪم ڪندو ته ملائڪن ۽ نبين کي پنهنجو پاليندڙ ڪري وٺو. ڇا اوهان کي ڪفر جو حڪم ڪندو هن کان پوءِ به جو اوهين (الله جا) فرمانبردار ٿي چڪا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهو نبي) اوهان کي اهو حڪم به نه ڪندو جو اوهان ملائڪن ۽ نبين کي رب ڪري مڃو. ڇا (اهو ممڪن آهي جو ڪو نبي) توهان کي ڪفر جو حڪم ڪري ان کان پوءِ جو جڏهن توهان مسلمان به هجو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه چوندان اِهڙي چال، ته ملڪن ۽ نبين کي، پالڻهار پنهنجا، بَنايو بَطال!، امر اوهان کي، ڪِيئن ڪندو نافرماني نال؟ جنهن بعد هُجو بحال، سچا مؤمن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو اوهانکي حڪم نه ڪندو ته ”فرشتن ۽ نبين کي به رب ڪري سمجهو.“ ڇا، هو اوهان کي مسلمان ٿيڻ کانپوءِ ڪفر سيکاريندو؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته توهان کي ڪڏهن به نه چوندو ته فرشتن کي يا نبين کي پنهنجو رب بنايو. ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪو نبي توهان کي ڪفر جو حڪم ڪري، جڏهن جو توهان مسلم هجو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو توهان کي هرگز نه چوندو ته بنايو ملائڪن يا پيغمبرن کي پنهنجو رب، ڇا هي ممڪن آهي ته هڪ نبي توهان کي ڪفر جو حڪم ڏئي، جڏهن ته توهان مسلمان آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙو ماڻهو توهان کي ڪڏهن به هي حڪم نه ڏيندو، ته اوهان ملائڪن ۽ نبين کي الله تعالى جي مقابلي ۾ پالڻھار مڃو، ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته نبي جي ذات ٿي ڪري مسلمانن کي ڪفر جو حڪم ڏئي؟(ع) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ النَّبِيّۦنَ لَما ءاتَيتُكُم مِن كِتٰبٍ وَحِكمَةٍ ثُمَّ جاءَكُم رَسولٌ مُصَدِّقٌ لِما مَعَكُم لَتُؤمِنُنَّ بِهِ وَلَتَنصُرُنَّهُ قالَ ءَأَقرَرتُم وَأَخَذتُم عَلىٰ ذٰلِكُم إِصرى قالوا أَقرَرنا قالَ فَاشهَدوا وَأَنا۠ مَعَكُم مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 81) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله (سڀني) پيغمبرن کان انجام ورتو ته جيڪي ڪتاب ۽ حڪمت اوھان کي ڏيان تنھن کانپوءِ ھڪ پيغمبر جيڪو (علم) اوھان وٽ آھي تنھنجو سچو ڪندڙ اوھان وٽ اچي ته کيس ضرور مڃجو ۽ کيس ضرور مدد ڏجو، (الله) چيو ته اوھين اقرار ڪري چڪؤ ۽ اُن تي مُنھنجي (حُڪم جي) بار کي کنيوَ، چيائون ته اقرار ڪيوسون، (الله) چيو ته اوھين شاھد ھجو، ۽ آءٌ (به) اوھان سان گڏ شاھد آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته، اسان نبين جي باري ۾ (بني اسرائيلن کان) عهد ورتو هو ته اسان توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا فرمائي آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو رسول انهيءَ ڪتاب جي تصديق ڪندي توهان وٽ اچي جو ڪتاب اڳئي توهان وٽ آيل آهي، ته توهان ان رسول تي ايمان اڻيو ۽ سندس مدد ڪيو. (الله تعاليٰ) فرمايو ته ڇا، توهان هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ٿا ۽ ان جو ذمو کڻو ٿا؟ انهن چيو هو ته، هائو! اسان اقرار ڪيون ٿا. (تنهن تي الله تعاليٰ) فرمايو ته انهيءَ تي شاهد ٿيو ۽ مان پاڻ به اوهان سان گڏ انهيءَ تي شاهد آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن الله تعالى پيغمبرن کان وعدو ورتو ته جنهن وقت آئون توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪريان، انهيءَ کان پوءِ توهان وٽ رسولِ عربي تشريف فرما ٿئي جيڪو توهان جن ڪتابن جي تصديق ڪري ته توهان ضرور ضرور انهي تي ايمان آڻيو ۽ ضرور ضرور انهيءَ جي مدد ڪجو، الله فرمايو ڇا توهان اقرار ڪيو ۽ انهيءَ تي منهنجي پڪي وعدي جو بار کنيو، (رسولن) عرض ڪيو اسان اقرار ڪريون ٿا، الله تعالى فرمايو توهان هڪ ٻئي تي شاهد ٿيو ۽ آئون به توهان سان گڏ شاهد آهيان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! اهو وقت به ياد ڏيار) جڏهن خدا نبين جو اقرار ورتو ته جو ڪتاب ۽ حڪمت اوهان کي ڏيان ان کان پوءِ اوهان وٽ رسول اچي ۽ جو ڪتاب اوهان وٽ آهي ان جي تصديق ڪري ته (ڏسجو!) توهان ضرور ان تي ايمان آڻيندوء ۽ ضرور ان جي مدد ڪندوءَ. (۽) خدا فرمايو ته ڇا اوهان اقرار ڪيو ۽ ان (شرط) تي منهنجو عهد قبول ڪيو؟ چيائون ته اسان اقرار ڪيو. ارشاد ٿيو (ته چڱو) اوهين اڄ (جي قول ۽ اقرار جا) پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي شاهد رهو ۽ آءُ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ورتو الله عهد نبين کان ته جيڪڏهن ڏيان اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ان کان پوءِ اچي اوهان وٽ رسول تصديق ڪندڙ ان جي جو اوهان سان گڏ آهي ته البته ضرور ايمان آڻيندؤ ان تي ۽ البته ضرور مدد ڪندؤ ان جي، فرمايائين ته ڇا اقرار ڪيُوَ ۽ ورتُوَ ان تي منهنجو ڳرو ذمو چيائون ته اقرار ڪيوسون فرمايائين ته پوءِ شاهد رهو ۽ مان به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن الله نبين جو انجام ورتو. ته جو ڪتاب ۽ حڪمت اوهان کي ڏيان وري جو ڪجهه (علم) اوهان سان هجي تنهن کي سچو چوندڙ رسول اوهان وٽ اچي ته ان تي ضرور ايمان آڻيندؤ ۽ ان جي ضرور مدد ڪندؤ. (الله) چيو ته ڇا اوهان اقرار ڪيو ۽ ان (شرط) تي منهنجو عهد قبول ڪيو؟ چيائون ته اسان اقرار ڪيو (الله) چيو ته پوءِ (هڪ ٻئي تي) شاهد رهو ۽ آءُ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن الله سڀ نبين کان پختو عهد ورتو ته: ”جڏهن آءُ اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏيان پوءِ اوهان وٽ اهو رسول (ﷺ )اچي جيڪو ان (ڪتابن) جي تصديق ڪندڙ هجي جيڪي اوهان وٽ هجن. ته توهان ضرور ان تي ايمان آڻيندؤ ۽ ضرور ان جي مدد ڪندؤ“. فرمايائين: ”ڇا اوهان ان جو اقرار ڪيو؟ ۽ اوهان ان تي منهنجي ڳري عهد جو بار کنيو“؟ سڀني چيو: ”اسان اقرار ڪيو“. فرمايائين: ”ته پوءِ اوهان شاهد ٿيو ۽ آءٌ به اوهان سان گڏ شاهدن مان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ورتو جڏهن نبين کان، الله اِهو انجام، ته ڪَيمِ ڪتاب ۽ حڪمت جو، اَوهان تي اِنعام، آيان پوءِ ان پٺيان، ڪو نبي نيڪ نام، سچو ڪندڙ اُن کي، جي اوهان گڏ اِلهام، ته مڃينداسِ مُدام، ۽ ڏينداسِ مدد مورهين. چي، مَڃيان ۽ منهنجو کيان، برسر اُن تي بار، چي، مڃيوسين مورهين، چي، پوءِ ڏِجا ساک سچار!، آئون پڻ اوهان سان، ساکين ۾، ڀيڙو برقرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪريو اي يهوديو!) جڏهن الله نبين بابت اوهان کان پڪو انجام ورتو هو ۽ اوهان کي ڪتاب ۽ ڏاهپ ڏني هئائين ته ”جڏهن اوهان وٽ ڪو رسول اچي، جو اوهان جي ڪتاب جي تصديق ڪندڙ هجي، ته اوهين ان تي ضرور ايمان آڻيندؤ، ۽ ان جي مدد ڪندؤ“ فرمايائين ته ”ڇا، اوهان اقرار ڪيو؟ ۽ ان شرط تي منهنجو عهد قبول ڪيو؟ چيائون اسان اقرار ڪيو.“ فرمايائين ته ”اوهان گواهه رهو ۽ آءٌ به اوهان سان گڏ هڪ گواهه آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو، جڏهن الله پيغمبرن کان وعدو ورتو هو ته، "اڄ مون توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سان نوازيو آهي، سڀاڻي جيڪڏهن ڪو ٻيو رسول توهان وٽ انهيءَ تعليم جي تصديق ڪندڙ ٿي اچي، جيڪا اڳيئي توهان وٽ موجود هجي ته توهان کي ان تي ايمان آڻڻو پوندو ۽ سندس مدد ڪرڻي پوندي". اهو فرمائي الله پــُـڇيو: "ڇا توهان انهيءَ جو اقرار ڪريو ٿا ۽ انهيءَ باري ۾ منهنجي طرفان وِڌلَ قول پاڙڻ جي ذميواريءَ جو بار کڻو ٿا؟" چيائون: "هائو اسان اقرار ڪريون ٿا". الله فرمايو: "چڱو توهان به شاهد ٿجو ۽ مان به توهان سان گڏ شاهد آهيان" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ياد ڪر جڏهن الله وعدو ورتو هو پيغمبرن کان ته ”اڄ مون توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت سان نوازيو آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو نبي انهيءَ تعليم جي تصديق ڪندڙ اچي، جا اڳي توهان وٽ موجود آهي، ته توهان ان تي ايمان آڻيندؤ ۽ ان جي مدد ڪندؤ.“ هن ارشاد بعد الله کانئن پڇيو، ”ڇا توهان اقرار ڪريو ٿا ۽ منهنجي طرفان ان عهد جي ذميواري کڻو ٿا؟“ هنن چيو، ”ها اسين اقرار ڪريون ٿا“، الله فرمايو، ”توهان شاهد رهو ۽ آءٌ به توهان سان گڏ شاهد آهيان.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن الله تعالى (عالم ارواح ۾) سڀني نبين سڳورن کان هي وعدو ورتو هو ته، “جڏهن به مان توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا ڪريان، ان کان پوءِ توهان وٽ ڪو ٻيو رسول، ان ڪتاب جي تصديق ڪندي اچي، ته توهان ان تي ضرور ايمان آڻيندا ۽ ان جي مدد (به) ضرور ڪندا”، ڇا توهان منھنجي طرفان ڏنل وعدي نڀائڻ جي ذميداري کڻڻ جو اقرار ڪريو ٿا؟ انهن سڀني چيو هو ته هائو! اسان سڀئي اهو اقرار ڪرِيون ٿا، پوءِ الله تعالى فرمايو ته شاهد رهجو ۽ مان به توهان سان گڏ شاهدن مان آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَن تَوَلّىٰ بَعدَ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 82) |
پوءِ جيڪي ھن پڃاڻان ڦرندا سي ئي بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري هاڻي جيڪو به اهڙي عهد اقرار ڪرڻ بعد ڦري ويندو (۽ الله جي رسول کي نه مڃيندو) پوءِ يقيناً اهڙا ماڻهو فاسق آهن (يعني حق پرستيءَ کان ٻاهر نڪري ويا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (انهن نبين جي امتين مان) جنهن به وعدي کانپوءِ وعدي خلافي ڪئي، پوءِ اهي ئي بي دين آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪي به ان کان پوءِ ڦرندا ته اهي بدڪار آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪو ڦري ويو ان کان پوءِ پوءِ اهيئي فاسق آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪي به هن کان پوءِ ڦرندا ته اهي بدڪار آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هن کان پوءِ جيڪو به ڦريو ته پوءِ اُهي ئي بي فرمان آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تِنهان پوءِ تڪرار، جنهن ڦيريو ڪَنڌ، ڪاڍوڙ سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو هن کان پوءِ ڦري ويندو ته پوءِ اهڙا ماڻهو نافرمان آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان پوءِ جيڪي پنهنجي قول کان ڦري ويا اهي ئي فاسق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ جيڪو انهيءَ عهد تان ڦرندو، اهو ئي فاسق آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪي ان وعدي جي خلاف ورزي ڪندا، بيشڪ اهي ئي گناهگار ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَغَيرَ دينِ اللَّهِ يَبغونَ وَلَهُ أَسلَمَ مَن فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ طَوعًا وَكَرهًا وَإِلَيهِ يُرجَعونَ (آيت : 83) |
الله جي دين کانسواءِ ڇو ٻيو (دين) طلبيندا آھن ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھن تن سرھو توڙي ارھو ٿي کيس مڃيو آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي ماڻهو ائين ٿا چاهين ڇا ته الله جو دين ڇڏي ٻي ڪا واٽ ڳولي ڪڍن؟ حالانڪ زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي به ساهه وارا ۽ بي جان شيون آهن، سڀ خوشي ناخوشيءَ سندن ئي قانون ۽ حڪمت جا تابعدار آهن (سڄي ڪائنات خدائي قانونن تي هلندڙ آهي) ۽ آخر سڀني کي خدا ڏي ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله جي دين کان سواءِ ٻيو دين چاهين ٿا ۽ (توهان فرمايو) انهيءَ جي دربار ۾ سر جُهڪائن ٿا جيڪي آسمانن ۽ زمينن ۾ آهن خوشيءَ سان ۽ مجبوريءَ سان ۽ انهيءَ ڏانهن سڀئي موٽايا ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته ڇا اهي ماڻهو خدا جي دين کان سواءِ (ڪو ٻيو دين) ڳولين ٿا، هوڏانهن جي (فرشته) آسمانن ۾ آهن ۽ جي (ماڻهو وغيره) زمين ۾ آهن سي خوشيءَ ۽ مجبوري سان سندس فرمانبردار ٿيا آهن ۽ آخر ان ڏي ئي موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ الله جي دين کان سواءِ (ٻيو دين) ٿا طلب ڪن ۽ ان لاءِ سر جهڪايو انهن جو آسمانن ۽ زمين ۾ آهن خوشيءَ سان ۽ مجبوريءَ سان ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ الله جي دين کان سواءِ (ٻيو دين) گهرن ٿا هوڏانهن جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، سي خوشيءَ ۽ مجبوريءَ سان سندس فرمانبردار ٿيا آهن ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته ڇا الله جي دين کان سواءِ ڪو ٻيو دين ٿا ڳولن؟ حالانڪه جو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سڀني الله لاءِ ڪنڌ جهڪايو آهي خوشيءَ سان يا لاچاري سان ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪِ گُھرو گس وٺڻ ٻِيو، دين ڌڻي جي ڌار؟ ۽ هوڏانهن اُڀ زمين ۾، جي رهن راڄ ستار، خوشِي، ناخوشِئ سان، ٿيا تِنهنجا تابعدار، ۽ اَوس اُنهئَ پار، اَوهين مڙئ موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، الله جي دين کان سواءِ ڪو ٻيو دين ڳولين ٿا؟ جيڪي آسمان ۽ زمين ۾ آهن، سي ته سڀ خوشي يا ناخوشي سان سندس حڪم هيٺ آهن، سڀ انهن ڏانهن ئي موٽندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا هاڻي اهي ماڻهو الله جي فرمانبرداريءَ جو طريقو (الله جو دين) ڇڏي ڪنهن ٻئي طريقي جي ڪڍ آهن؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جون سموريون شيون رضا خوشيءَ سان يا لاچار الله جون ئي فرمانبردار (مسلم) آهن ۽ ڏانهس ئي سڀني کي موٽي هلڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي ماڻهو الله جي اطاعت جو طريقو (دين الله) ڇڏي ڪو ٻيو طريقو گهرن ٿا؟ جڏهن ته آسمان ۽ زمين جون سڀ شيون خوشيءَ يا ناخوشي، سڀ الله جي فرمان جون تابع آهن ۽ ان ڏي سڀني کي موٽڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو الله تعالى جي (پسنديده) دين کان سواءِ ٻيو ڪو دين چاهين ٿا؟ حالانڪه آسمانن ۽ زمين جون سڀ شيون چاهيندي يا نه چاهيندي، ان الله جي حڪم جون ئي فرمانبردار آهن ۽ سڀني کي ان جي طرف ئي موٽي هلڻو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل ءامَنّا بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ عَلَينا وَما أُنزِلَ عَلىٰ إِبرٰهيمَ وَإِسمٰعيلَ وَإِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَالأَسباطِ وَما أوتِىَ موسىٰ وَعيسىٰ وَالنَّبِيّونَ مِن رَبِّهِم لا نُفَرِّقُ بَينَ أَحَدٍ مِنهُم وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 84) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اسان الله کي ۽ جيڪي اسان تي لاٿو ويو آھي تنھن کي ۽ جيڪي ابراھيم ۽ اسماعيل ۽ اسحٰق ۽ يعقوب ۽ (اُن جي) اولاد تي لاٿو ويو ۽ جيڪي موسٰي ۽ عيسٰي ۽ (ٻين) پيغمبرن کي سندن پالڻھار کان ڏنو ويو تنھن کي مڃيون ٿا، اُنھن مان ڪنھن ھڪ ۾ فرق نه ٿا ڀانيون، ۽ اسان اُن (الله) کي مڃيندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ جيڪي اسان تي نازل ڪيو ويوآهي ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيو تنهن تي به ايمان رکون ٿا ۽ پڻ جيڪي به موسيٰ عيسيٰ ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي طرف کان مليو آهي، تنهن تي به اسان جو ايمان آهي اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي ٻين کان جدا نٿا ڪيون (يعني سڀني کي ٿا مڃون) ۽ اسان خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو ته اسان الله تعالى ۽ قرآن ڪريم ۽ جيڪو (حضرت) ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ سندن اولاد تي نازل ڪيو ويو انهن سڀني تي ايمان آندو ۽ اسان ايمان آندو توراة ۽ انجيل تي ۽ جيڪو ٻين نبين کي سندن رب کان مليو، اسين (مسلمان) نبين جي نبوت ۾ فرق نٿا ڪريون، ۽ اسين الله جي اڳيان سِر جهڪايون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! انهن ماڻهو کي) چئو ته اسان ته خدا تي ايمان آندو ۽ جو ڪتاب اسان تي نازل ٿيو ۽ جيڪي صحيفه ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيا ۽ موسى ۽ عيسى ۽ ٻين پيغمبرن کي (جي ڪتاب) سندن پروردگار جي طرفان عنايت ٿيا (سڀ تي ايمان آندوسين) اسين ته انهن مان ڪنهن هڪ ۾ به فرق نٿا ڪريون. ۽ اسان ته ان (خدا واحد) جا فرمانبردار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ! ايمان آندو سون الله تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو اسان تي ۽ ان تي جو نازل ڪيو ويو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب (عليہم السلام) ۽ ان جي اولاد تي ۽ ان تي جو ڏنو ويو موسى ۽ عيسى ۽ پيغمبير پنهنجي رب طرفان نه ٿا جدائي ڪيون ڪنهن هڪڙي ۾ انهن مان ۽ اسين ان جي لاءِ فرمانبردار آهيون.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون چؤ ته اسان الله تي ايمان آندو ۽ ان تي به جو اسان تي نازل ڪيو ويو ۽ جو ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ڪيو ويو ۽ جو موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ (ٻين) نبين کي سندن پاليندڙ وٽان ڏنو ويو. اسين انهن مان ڪنهن ۾ فرق نه ٿا ڪريون ۽ اسين سندس فرمانبردار آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”اسان الله تي ايمان آندو ۽ جيڪي اسان تي نازل ڪيو ويو ۽ جيڪي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ (انهن جي) اولاد تي نازل ڪيو ويو ۽ جيڪي موسى ۽ عيسى ۽ نبين کي انهن جي رب پاران ڏنو ويو. اسان انهن (رسولن) مان ڪنهن ۾ به فرق نه ٿا ڪيون ۽ اسان ان جا فرمانبردار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، ته مڃيو سون الله کي، پڻ جو اُتريو اسان پار، ۽ جي اُتريا ابراهيم تي، اُتارا، اِظهار، اسماعيل، اسحاق، يعقوب تي ۽ پوٽن، ڏهٽن پار، ۽ موسٰى، عيسٰى کي، جو مليو ۽ ٻئا نبي نامدار، سندنِ سائينءَ پاڪ کان، تن مان ڪريون نه، ڪنهن کي ڌار، ۽ هرگز اِن هڪ هار، اسين سدا سَلامي آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ”اسان الله تي ايمان آندو ۽ ان تي به، جيڪي اسان تي نازل ٿيو ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ٿيو ۽ ان تي به جيڪي موسيٰ، عيسيٰ ۽ سڀني نبين کي سندن رب کان مليو. اسين انهن مان ڪنهن هڪڙي ۾ به فرق نٿا ڪريون ۽ اسين سندس ئي فرمانبردار آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چؤ ته "اسان الله کي مڃون ٿا، انهيءَ تعليم کي مڃون ٿا، جيڪا اسان تي نازل ڪيل آهي ۽ انهيءَ تعليم کي به مڃون ٿا جيڪا ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿي هئي ۽ انهن هدايتن تي به ايمان آڻيون ٿا، جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ ٻين نبين کي سندن رب وٽان ڏنيون ويون هيون، اسان انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪريون ۽ اسان الله جا تابعدار (مسلم) آهيون" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) ته اسان الله کي مڃيون ٿا ۽ ان جي تعليم کي جيڪا اسان تي نازل ڪئي وئي آهي، ان تعليمات کي به مڃيون ٿا جيڪي ابراهيم ۽ اسماعيل ۽ اسحاق ۽ يعقوب ۽ اولاد يعقوب تي نازل ٿيون ۽ انهن تي به ايمان رکون ٿا جيڪي موسيٰ ۽ عيسيٰ ۽ ٻين پيغمبرن کي سندن رب جي طرفان ڏنيون ويون، اسان فرق نٿا ڪريون انهن جي وچ ۾ ۽ اسان الله جي فرمان جا تابع (مسلم) آهيون.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ)! توهان چؤ ته اسان الله تعالى تي ايمان آندو، اسان ان تعليم کي مڃون ٿا جيڪي اسان جي مٿان، ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ، يعقوب (ؓ) ۽ ان جي اولاد تي ان جي رب جي طرف کان نازل ڪئي وئي هئي، ۽ جيڪا تعليم موسى، عيسى ۽ ٻين نبِين سڳورن کي به ڏني وئي هئي اسان ان کي به مڃون ٿا، اسان انهن مان ڪنھن به هڪ تعليم جي وچ ۾ فرق نٿا ڪريون ۽ اسين صرف ان (الله پاڪ ) جا ئي فرمانبردار آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن يَبتَغِ غَيرَ الإِسلٰمِ دينًا فَلَن يُقبَلَ مِنهُ وَهُوَ فِى الءاخِرَةِ مِنَ الخٰسِرينَ (آيت : 85) |
۽ جيڪو اسلام ڌاران ٻيو دين طلبيندو تنھن کان اُھو ڪڏھن نه قبول ڪبو، ۽ اُھو آخرت ۾ ڇيئي وارن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪو به دين اسلام کان سواءِ (جو سڀني نبين جي تصديق ۽ پيرويءَ جو دين آهي) ٻئي ڪنهن دين جي طلب رکندو ته اهو دين ڪڏهن به قبول نه پوندو ۽ آخرت ۾ هو انهن ماڻهن ۾ هوندو جي تباهه ۽ نامراد ٿيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪو ماڻهو اسلام کي ڇڏي ٻئي دين جي طلب ڪري ٿو اهو هرگز ان کان قبول نه ڪيو ويندو، ۽ اهو آخرت ۾ نقصان وارن مان هوندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي دين جي خواهش ڪندو ته سندس اهو دين ڪڏهين به قبول نه ڪيو ويندو ۽ هو آخرت ۾ نقصان پائڻ وارن مان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڳولي ٿو اسلام کان سواءِ (ٻيو ڪو) دين پوءِ هرگز قبول نه ڪيو ويندو ان کان ۽ اهو آخرت ۾ نقصان وارن مان هوندو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ٻيو ڪوبه دين گهرندو ته ان کان اهو قبول نه ڪيو ويندو. ۽ اهو آخرت ۾ نقصان پائڻ وارن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو اسلام کان سواءِ ڪو ٻيو دين تلاش ڪندو ته ان کان اهو هرگز قبول ڪونه ڪيو ويندو، ۽ اهو آخرت ۾ خساري وارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سچي سلامتِيءَ ري، جو ڌاريندو ٻِئو دين، ڌڻي اُن کان، دين سو، ڪڏهن قبوليندو ڪِين، ۽ هاريَنِ مان حَزِين، اُهي آهن، آخرت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو اسلام کانسواءِ ٻيو دين ڳوليندو، ته اهو ان کان هرگز قبول نه ڪبو ۽ آخرت ۾ نقصان پائيندڙن مان هوندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو به ماڻهو انهيءَ فرمانبرداريءَ (اسلام) کانسواءِ ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ گهرندو ته سندس اهو طريقو ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو ۽ آخرت ۾ به هو وڏي خساري ۾ پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان فرمانبرداري (اسلام) کان سواءِ جيڪو به شخص ڪو ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ گهري، ان جو اهو طريقو هرگز قبول نه ڪيو ويندو ۽ اهو آخرت ۾ ناڪام ۽ نامراد رهندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو دين اسلام کان هٽي ڪري، ٻيو ڪو دين چاهيندو ته سندس اهو دين ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو ۽ اهڙو ماڻهو آخرت ۾ بدنصيبن ۾ شامل هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَيفَ يَهدِى اللَّهُ قَومًا كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم وَشَهِدوا أَنَّ الرَّسولَ حَقٌّ وَجاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَاللَّهُ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 86) |
الله اُن قوم کي ڪئن ھدايت ڪندو جي پنھنجي اِيمان آڻڻ کانپوءِ ڪافر ٿيا ۽ (پھريائين) اقرار ڪيائون ته پيغمبر سچو آھي ۽ وٽن معجزا (به) آيا، ۽ الله ظالم ٽولي کي ھدايت نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ ڪيئن اهڙي قوم کي ڪاميابيءَ جي راهه ڏيکاريندو جن ايمان آڻي وري ڪفر جي واٽ ورتي، حالانڪ هنن شاهدي به ڏني هئي ته، الله جو رسول برحق آهي ۽ (حقيقت جا) چٽا دليل وٽن اچي ويا هئا. (الله جو قانون آهي) ته هو ظلم ڪرڻ وارن لاءِ (سعادت جي) راهه نٿو کولي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڪهڙيءَ طرح الله هدايت ڏيندو اُن قوم کي جنهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو ۽ شاهدي ڏنائون ته بيشڪ رسولِ عربي سچو آهي ۽ انهن وٽ چٽا معجزا اچي چڪا هئا، ۽ الله تعالى ظالمن کي هدايت نٿو ڏئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا اهڙن ماڻهن کي خدا ڪئين هدايت ڪندو جن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو هوڏانهن اهي اقرار ڪري چڪا هئا ته پيغمبر (آخر الزمان) برحق آهي ۽ انهن ڏانهن ظاهر ۽ روشن معجزا به اچي چڪا هئا ۽ خدا اهڙي ضدي قوم وارن ماڻهن کي هدايت نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪيئن هدايت ڪندو الله ان قوم کي جو ڪفر ڪيائون ايمان آڻڻ کان پوءِ ۽ شاهدي ڏنائون ته بيشڪ رسول سچو آهي ۽ آيون انهن وٽ کليل نشانيون ۽ الله نٿو هدايت ڪري ظالم قوم کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهڙيءَ قوم کي ڪيئن هدايت ڪندو، جيڪي پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ انهن هيءَ به شاهدي ڏني هئي ته رسول حق آهي ۽ انهن وٽ ظاهر نشانيون آيون هيون. ۽ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله اهڙي قوم کي ڪيئن هدايت ڪندو جن ايمان آڻڻ بعد ڪفر ڪيو! ۽ اُهي شاهدي به ڏئي چڪا هئا ته بلاشڪ (هي) رسول سچو آهي ۽ انهن وٽ چِٽيون نشانيون اچي چڪيون آهن. ۽ الله ظالمن جي قوم کي هدايت نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سَئين تِنهن ساٿ کي، ڏَسي ڪِيئن ڏاتار، ته سندن مڃڻ پڃاڻا مورهين، ڪيائون انڪار، ۽ ساک ڏِنائون، آھِ سچو، مُرسل مڻيادار، ۽ آيو ٻِيون اُنهن کي، نِشانيون نروار، ۽ پرور سَئون پار، نه ڏَسي ڏاڍِي ذات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن قوم ايمان کانپوءِ ڪفر ڪيو ۽ گواهي به ڏنائون ته رسول سچو آهي ۽ وٽن پڌريون نشانيون به آيون، ان کي الله ڪيئن رستي لڳائيندو! جو الله ظالمن کي رستي نٿو لڳائي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ڪيئن ٿي ٿو سگهي ته الله اهڙن ماڻهن کي هدايت نصيب ڪري،جن ايمان جي نعمت ملڻ کانپوءِ وري ڪفر اختيار ڪيو،حالانڪه هو پاڻ اها شاهدي ڏئي چڪا آهن ته اهو رسول برحق آهي ۽ وٽن چٽيون نشانيون پڻ اچي چڪيون آهن. الله ظالمن کي ته هدايت نه ڏيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته هدايت بخشي الله انهن ماڻهن کي جن وري ڪفر اختيار ڪيو ايمان جي نعمت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ۽ اهي شاهدي ڏئي چڪا آهن پاڻ ان ڳالهه جي ته هي رسول حق تي آهي ۽ وٽن روشن نشانيون اچي چڪيون آهن، ۽ الله هدايت نه ڏيندو آهي ظالمن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى اهڙن ماڻهن کي ڪيئن هدايت بخشيندو، جن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر جو رستو اختيار ڪيو؟ حالانڪه هو پھريائين ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي چڪا آهن ته بيشڪ رسول برحق آهي ۽ وٽن معجزا به آيا، سو اهڙن ظالمن کي الله تعالى ڪڏهن به هدايت نه بخشيندوآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم أَنَّ عَلَيهِم لَعنَةَ اللَّهِ وَالمَلٰئِكَةِ وَالنّاسِ أَجمَعينَ (آيت : 87) |
اِھي اُھي آھن جن تي سزا (ھيءَ) آھي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ مڙني ماڻھن جي لَعنت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن کي (انهن جي ظلم ۽ شرارت جو) جيڪو بدلو ملندو اهو هي آهي جو انهن تي الله جي، فرشتن جي، انسانن جي ۽ سڀني جي لعنت پئجي رهي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن جو بدلو اهو آهي ته بيشڪ انهن جي مٿان الله تعالى ۽ ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙن ماڻهن جي سزا هي آهي ته انهن تي خدا ۽ فرشتن ۽ (سموري جهان جي) سڀني انسانن جي ڦٽڪار آهي ۽ اهي هميشه انهيءَ ڦٽڪار ۾ پيا رهندا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي سزا انهن جي (هيءَ آهي ته) تحقيق انهن تي لعنت آهي الله جي ۽ ملائڪن جي ۽ سڀني ماڻهن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جي جزا هيءَ آهي ته مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن سڀني جي لعنت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙن ماڻهن جي سزا هي آهي جو انهن تي الله جي ۽ ملائڪن ۽ سڀ ماڻهن جي لعنت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَجر به اُنهن جو، اُنهن مٿي؛ ڌڻيءَ جِي ڌِڪار، پڻ مِڙنين مَلڪن ۽ ماڻهن جِي، برسر مٿڻ ڀُلڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙن ماڻهن جي سزا اها آهي ته مٿن الله، فرشتن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت هجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سندن ظلم جو صحيح بدلو اهوئي آهي، جو مٿن الله ۽ ملائڪن ۽ سڀني انسانن جي لعنت ٿيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي ظلم جو صحيح بدلو اهو ئي آهي ته ڦٽڪار آهي انهن تي الله ۽ ملائڪن ۽ انسانن مڙني جي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن جو بدلو هي آهي ته مٿن بيشڪ الله تعالى، ملائڪن ۽ سڀني ماڻهن جي لعنت پوندي رهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خٰلِدينَ فيها لا يُخَفَّفُ عَنهُمُ العَذابُ وَلا هُم يُنظَرونَ (آيت : 88) |
اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن، کانئن عذاب ھلڪو نه ڪبو ۽ نه اُنھن کي مُھلت ڏبي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ حالت ۾ هميشه گرفتار رهندا، نڪي هنن جو عذاب هلڪو ڪيو ويندو، نڪي هنن کي مهلت ڏني ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي هميشہ انهيءَ ۾ رهندا، نه انهن تي عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نه انهن تان عذاب گهٽ ٿيندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هميشہ رهندا ان ۾ نه هلڪو ڪيو ويندو انهن کان عذاب ۽ نه مهلت ڏنا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان (لعنت) ۾ پيا رهندا، نه انهن تان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (لعنت) ۾ هميشه رهندا نه انهن کان عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه انهن کي مهلت ڏني ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هونِ هميشه اُن ۾، ۽ اُنهن تان آزار، لاهِبو نه لَغار، ۽ نه ڏانهنِ، ڏِٺو ئـِي وڃي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ هميشه رهندا نه انهن کان عذاب هلڪو ڪبو ۽ نه انهن کي مهلت ڏبي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ حالت ۾ هو هميشه رهندا، نه سندن سزا ۾ ڪا هلڪائي ٿيندي ۽ نڪي کين ڪا مهلت ڏني ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهيءَ حالت ۾ اهي هميشه رهندا، نه ڪمي ٿيندي انهن جي سزا ۾ ۽ نه انهن کي ڪا مهلت ئي ڏني ويندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي هميشه ان لعنت واري حالت ۾ رهندا، نه ئي مٿن عذاب هلڪو ڪيو ويندو ۽ نه ئي کين ڪابه مھلت ڏني ويندي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ تابوا مِن بَعدِ ذٰلِكَ وَأَصلَحوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 89) |
پر جن اُن کانپوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون، ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن انهيءَ حالت کان پوءِ به توبهه ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون (يعني جيڪي ماڻهو بدعمل ڇڏي نيڪ عملي جي راه اختيار ڪندا تن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان اڳيان گناهه معاف ڪندو ۽ آئنده لاءِ لعنت واري حالت مان ڪڍي رحمت ۾ داخل ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪي ماڻهو ڪفر کان پوءِ توبہ ڪري ۽ چڱا ڪم ڪيائون پوءِ بيشڪ الله تعالى بخش ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (هاءُ!) جن ماڻهن انکان پوءِ توبه ڪئي ۽ پنهنجيءَ (خرابي جو) اصلاح ڪيو ته پوءِ خدا معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جن توبہ ڪئي ان کان پوءِ ۽ (پنهنجي) اصلاح ڪيائون پوءِ بيشڪ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پنهنجن ڪمن کي) سڌاريو ته پوءِ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن ماڻهن جي جن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ اصلاح ڪيائون ته پوءِ بلاشڪ الله بخشڻهار وڏي ٻاجهه ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر انهيان پوءِ موٽيا، ۽ صحِي سُڌاريؤَن پاڻ، پوءِ صاحب سُرت سُڄاڻ، مرهيندڙ ۽ مِهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ها، ان کانپوءِ جن توبهه ڪئي ۽ نيڪ ڪم ڪيا، ته بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ها باقي اهي ماڻهو بچي سگهندا، جيڪي پوءِ تائب ٿي توبهه ڪري پاڻ کي سڌاريندا، الله ته بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته اهي ماڻهو بچي ويندا جيڪي انهيءَ کان پوءِ توبهه ڪري پنهنجي اصلاح ڪن، الله بخشش ڪرڻ وارو رحم ڪندڙ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر اهي ماڻهو جن پنھنجي برن عملن کان توبہ ڪئي ۽ پنھنجو پاڻ کي سڌاريائون، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا بَعدَ إيمٰنِهِم ثُمَّ ازدادوا كُفرًا لَن تُقبَلَ تَوبَتُهُم وَأُولٰئِكَ هُمُ الضّالّونَ (آيت : 90) |
جن پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ ڪُفر ڪيو وري ڪُفر ۾ وڌيا تن جي توبه ڪڏھن قبول نه ڪبي، ۽ اُھي ئي ڀليل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن ايمان کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيو ۽ پنهنجي ڪفر (جي شرارتن) ۾ وڌندا رهيا ته پوءِ اهڙن ماڻهن جي پشيماني قبول ڪانه پوندي. (ڇو ته سچي توبهه انهن کي نصيب ئي نه ٿيندي) ۽ اهي ئي ماڻهو آهن جي سچ پچ گمراه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو انهيءَ کان پوءِ ڪفر ۾ وڌيڪ زياده ٿيا، هر گز انهن جي توبہ قبول نه ڪئي ويندي، ۽ اهي ئي گمراه آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا، وري (روز بروز) ڪفر ۾ وڌندا ويا ته انهن جي توبه ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي ۽ اهي ئي ماڻهو (چوٽي جي درجي جا) گمراھ آهن. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ۾ وڌيا هرگز نه قبول ڪئي ويندي توبہ انهن جي ۽ اهي ئي گمراهه آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا، وري ڪفر ۾ وڌيا، تن جي توبه قبول نه ڪئي ويندي ۽ اهي ئي گمراهه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آڻڻ بعد ڪفر ڪيو پوءِ ڪفر ۾ وڌي ويا ته انهن جي توبه ڪونه قبول ڪئي ويندي ۽ اُهي ئي گمراهه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦِريا، سندنِ مڃڻ پُٺيان، ۽ وَڌيا منجھ انڪار، توبه نه تن جِي ڪار؛ ۽ اُهي موڙهل آهن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا ۽ ڪفر ۾ وڌندا ئي رهيا، ته انهن جي توبهه قبول نه پوندي ۽ اُهي ئي گمراهه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيو ۽ وري پنهنجي ڪفر ۾ ويا وڌندا، انهن جي توبهه هرگز قبول نه ٿيندي. اهڙا ماڻهو ته پڪا گمراهه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ايمان آڻڻ کان پوءِ ۽ اڃا به وڌندا ويا پنهنجي ڪفر ۾، انهن جي هرگز قبول نه ڪئي ويندي توبهه، ۽ اهڙا ماڻهو ته پڪا گمراهه آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪفر ڪيو ۽ ان ڪفر ۾ رهندو اڳتي وڌندا رهيا، هاڻي ته انهن جي توبہ به قبول نه ٿيندي اهڙا ماڻهو پڪا گمراهه آهن.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا وَماتوا وَهُم كُفّارٌ فَلَن يُقبَلَ مِن أَحَدِهِم مِلءُ الأَرضِ ذَهَبًا وَلَوِ افتَدىٰ بِهِ أُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ وَما لَهُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 91) |
جن ڪُفر ڪيو ۽ اُھي ڪافر ٿي مُئا تن مان ڪو ھڪڙو اگرچه سڄيءَ زمين جيترو سونُ (پنھنجن گناھن جي) عوض ڏئي ته به اُھو اُن کان قبول نه ڪبو، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي ۽ اُنھن جو ڪو واھرو ڪونھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪفر تي قائم رهيا تن مان ڪوبه (قيامت جي ڏينهن) سڄي ڌرتي جيترو سون فديي طور ڏئي ته به اهو فديو قبول نه پوندو (۽ هن کي پنهنجي بدعملن جي ڪري) سخت عذاب ٿيندو ۽ ڪوبه (عذاب کان بچائڻ ۾) هنن جو مددگار ڪونه هوندو. (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪفر تي سندن موت ٿيو پوءِ هرگز نه قبول ڪيو ويندو انهن مان ڪنهن هڪڙي کان زمين جيترو سُونَ جيتوڻيڪ پنهنجي آزادي لاءِ پيش ڪري، انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن جو ڪوبه مددگار ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ڪافر ٿي مئا تن مان ڪنهن کان به زمين جيترو ڀرپور سون به جند ڇڏائڻ لاءِ قبول نه ڪيو ويندو. اهي، هي ماڻهو آهن جن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ مري ويا ان حال ۾ جو اهي ڪافر آهن پوءِ هر گز نه قبول ڪيو ويندو ڪنهن هڪ جو به انهن مان زمين جي ڀرڻ جيترو سون جيتوڻيڪ فديو ڏنائين ان سان (جان ڇڏائڻ لاءِ) اهو انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ نه آهن انهن جا ڪي مددگار.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جيڪي ڪافر ٿيا ۽ ڪافر ٿي مئا تن مان ڪنهن کان به زمين جيترو ڀر سُونُ قبول نه ڪيو ويندو جيتوڻيڪ اهو پنهنجي بدلي ۾ ڏي. انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلاشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويا ته انهن مان هڪڙو اگر سڄي زمين جي ڀرلائي جيترو سون به عيوض ۾ ڏئي ته به ان کان اهو قبول ڪونه ڪيو ويندو. اُهي ئي آهن جن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڦريا، سندن مڃڻ پُٺيان، ۽ مُئا مُنڪر مور، اصل انهن مان، ڪنهن هِڪ ڪنان، مور نه ڪجي منظور، زمين ڀريل سون سان، بخشي، جي ڀرپور، سزا سندنِ لئي سُور، ۽ واھر، نه وسيلا اُنهن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو، ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويا، انهن کان ڪو به بدلو هرگز نه وٺبو، کڻي زمين سون سان ڀري ڇو نه ڏين. انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ڪو به مددگار نه آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڪ ڄاڻو ته جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي دم ڏنائون، انهن مان ڪو جيڪڏهن پاڻ کي سزا کان بچائڻ لاءِ سڄي زمين جيترو سون عيوض ۾ ڏئي ته به اهو قبول نه ڪيو ويندس، اهڙن ماڻهن لاءِ دردناڪ سزا تيار ٿي پئي آهي ۽ کين ڪوبه مددگار نه ملندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقين رکو جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو۽ انهيءَ ڪفر جي حالت ۾ ئي جان ڏني، انهن مان جيڪڏهن ڪو پاڻ کي سزا کان بچائڻ لاءِ ساري زمين سون جي ڀري به فديي ۾ ڏئي ته اهو قبول نه ڪيو ويندو، اهڙن ماڻهن جي لاءِ لاءِ دردناڪ سزا تيار آهي ۽ اهي ڪوبه پنهنجي لاءِ مددگار نه ڏسندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا، هو قيامت جي ڏينھن جان بچائڻ لاءِ سموري زمين جيترو سون به، فديي ۾ ڏيندا ته به اهو فديو انهن کان هرگز قبول نه ڪيو ويندو، اهڙن ماڻهن لاءِ انتهائي تڪليف ڏيندڙ عذاب آهي ۽ انهن جو ڪير به مددگار نه هوندو. (ع)(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّىٰ تُنفِقوا مِمّا تُحِبّونَ وَما تُنفِقوا مِن شَيءٍ فَإِنَّ اللَّهَ بِهِ عَليمٌ (آيت : 92) |
چڱائيءَ کي ايسين ڪڏھن نه پھچندؤ جيسين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو، ۽ جيڪا شيء (الله لڳ خرچيو سا ڀَلي ھئڻ گھرجي) ڇوته الله اُن کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان نيڪيءَ جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو، جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي. جيڪي جيڪي توهان (خدا جي راه ۾) خرچ ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان هرگز نيڪيءَ کي پهچي نه سگهندا جيستائين پنهنجي پسنديده شيءِ الله جي راه ۾ خرچ نه ڪندا ۽ توهان جيڪي ڪجهه خرچ ڪريو ٿا پوءِ بيشڪ الله تعالى کي سموري ڄاڻ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (انسانو!) اوهان ڀلائي کي ڪڏهن به نه پهچندو جيستائين پنهنجي پسند ڪيل شيءِ خرچ نه ڪندو. ۽ جا به شيءِ خرچ ڪندو تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هر گز نه پهچندئو نيڪيءَ کي تانجو خرچ ڪيو (الله جي واٽ ۾) ان مان جو ٿا پياري رکو ۽ جيڪا به خرچ ٿا ڪيو ڪا شيءِ پوءِ بيشڪ الله اها ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان ڀلائيءَ کي ڪڏهن به نه پهچندؤ جيستائين پنهنجي پسند ڪيل شيءِ مان خرچ نه ڪندؤ. ۽ جا به شيءِ خرچ ڪندؤ تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان هرگز نيڪيءَ کي پهچي نه سگھندئو جيستائين پنهنجي پيارين شين مان (الله جي راهه ۾) خرچ نه ڪندئو، ۽ اوهان جا شيءِ خرچ ڪيو ٿا ته بيشڪ الله ان کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نيڪِي مور نه ماڻيو، تان خرچيو خُدا ڪاڻ، اُن مان، گھڻو جنهن کي، پيار ڪريو ٿا پاڻ، ۽ صاحب تنهن کان، سُڄاڻ، جيڪي خرچيو خير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين تيسين سچا نيڪ هرگز نه آهيو، جيسين اوهان جي پنهنجي پيارين چيزن مان (الله جي راهه ۾) خرچ نه ڪريو، ۽ جيڪي به خرچ ڪندؤ، سو الله کي معلوم آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان تيستائين نيڪيءَ کي نٿا پهچي سگهو جيستائين (الله جي واٽ ۾) پنهنجون اهي شيون خرچ نه ڪريو، جيڪي توهان کي پياريون آهن ۽ جيڪي به توهان خرچ ڪندؤ الله ان کان بي خبر نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان نيڪيءَ کي پهچي نٿا سگهو جيتر پنهنجون شيون (الله جي راهه ۾) خرچ نه ڪندا، جن کي توهين پيارو رکو ٿا ۽ جيڪي توهين خرچ ڪندؤ بيشڪ الله ان کان بي خبر نه هوندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان نيڪيءَ (جي اصل معيار ) تائين هرگز نٿا پھچي سگهو، جيستائين پنھنجي پسنديده شيءِ الله تعالى جي راهه ۾ خرچ نه ڪريو، توهان جيڪو به الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندا بيشڪ الله تعالى ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ الطَّعامِ كانَ حِلًّا لِبَنى إِسرٰءيلَ إِلّا ما حَرَّمَ إِسرٰءيلُ عَلىٰ نَفسِهِ مِن قَبلِ أَن تُنَزَّلَ التَّورىٰةُ قُل فَأتوا بِالتَّورىٰةِ فَاتلوها إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 93) |
سڀ (ڪنھن قسم جو) طعام بني اسرائيلن لاءِ حلال ھو پر جيڪي يعقوب پاڻ تي حرام ڪيو ھو سو توريت جي لھڻ کان اڳ ھو، (اي پيغمبر) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته توريت آڻيو پوءِ اُھو پڙھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) کائڻ جون سڀ شيون بني اسرائيلن لاءِ حلال هيون، سواءِ انهن شين جي جيڪي تورات جي نازل ٿيڻ کان به اڳي بني اسرائيل پاڻ تي پاڻ حرام ٺهرايون هيون (انهن شين کي خدا حرام ڪونه ڪيو هو. اي پيغمبر! جيڪڏهن هن باري ۾ يهودي توسان بحث ڪن ته کين) چئو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي خيال ۾ سچا آهيو ته تورات کڻي اچو ۽ ان کي کولي پڙهو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀئي طعام بني اسرائيل کي حلال هئا مگر اهو جيڪو (حضرت) يعقوب تورات نازل ٿيڻ کان اڳ ۾ پاڻ تي حرام ڪيو، (اي حبيب) توهان فرمايو تورات کڻي پڙهو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ڪو کاڌو اسرائيلين لاءِ حلال هو مگر جنهن کي يعقوب پاڻ تي تورات جي لهڻ جي اڳ کان حرام ڪيو هو. (اي رسول! انهن يهودين کي) چئو ته جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو (ته چڱو) تورات کڻي اچو ۽ ان کي (اسان جي اڳيان) پڙهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀ کاڌي جون شيون هيون حلال بني اسرائيل جي لاءِ مگر اهو جو حرام ڪيو اسرائيل پنهنجو پاڻ تي ان کان اڳي جو نازل ڪيو ويو توراة.رماءِ پوءِ آڻيو توراة پوءِ پڙهو اهو جيڪڏهن آهيو سچا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀ ڪو کاڌو بني اسرائيلن لاءِ حلال هو پر جنهن کي يعقوب پاڻ تي تورات جي لهڻ کان اڳ حرام ڪيو هو. (يهودين کي) چؤ ته پوءِ تورات آڻيو پوءِ ان کي پڙهو جيڪڏهن سچا آهيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر کاڌو بني اسرائيل لاءِ حلال هيو سواءِ ان جي جيڪو اسرائيل (يعني يعقوب) پاڻ تي حرام ڪيو تورات جي نازل ٿيڻ کان اڳ. چؤ ته پوءِ تورات (جي ڪا عبارت) کڻي اچو پوءِ ان کي پڙهو اگر اوهان سچا آهيو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اسرئيل جي اولاد تي هئا، حلال سڀ طعام، مگر پاڻهين پاڻ تي، جو اسرائيل ڪيو حرام، تِنها اڳ، ته توريت ٿيئي، اُنهن تي انعام، آڻيو اڳيان توريت کي، پوءِ پڙهو تُرت تمام، جي ڪاتب! منجھ ڪلام، صفا سچ تي آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) کائڻ جون سڀ شيون يهودين لاءِ حلال هيون، سواءِ انهن جي، جيڪي اسرائيل (يعقوب) پاڻ تي توريت جي نازل ٿيڻ کان اڳ حرام ڪيون هيون، انهن کي چئو ته ”جيڪڏهن اوهين (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو، ته توريت آڻي ان کي پڙهو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) کائڻ واريون اهي سموريون شيون (جيڪي شريعت محمديءَ ۾ حلال آهن) بني اسرائيل لاءِ به حلال هيون، باقي ڪي شيون اهڙيون به هيون، جيڪي تورات جي نازل ٿيڻ کان اڳ اسرائيل (حضرت يعقوب) پاڻ تي پاڻ ئي حرام ڪري ڇڏيون هيون. کين چؤ ته، "جيڪڏهن توهان (پنهنجي اعتراض ۾) سچا آهيو ته کڻي اچو تورات ۽ اچي ان کي پڙهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) کائڻ جون اهي سڀ شيون (جيڪي شريعت محمدي ۾ حلال آهن) بني اسرائيل لاءِ به حلال هيون، پر ڪي اهڙيون شيون حرام هيون اسرائيل (حضرت يعقوب) پنهنجي مٿان حرام ڪيون هيون. تورات جي نازل ٿيڻ کان پهرين، انهن کي چئو، ته آڻيو تورات ۽ پيش ڪريو ان جي ڪا لکت جيڪڏهن توهان (پنهنجي اعتراض ۾) سچا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسلام ۾ کاڌي پيتي جون سڀ شيون بني اسرائيل لاءِ به حلال هيون، پر ڪجهه شيون اهڙيون هيون جيڪي اسرائيل (يعني حضرت) يعقوب ( ؑ) تورات نازل ٿيڻ کان گهڻو اڳ پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيون هيون، (اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته (اي بني اسرائيل!) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ تورات کڻي اچو ،ان کي پڙهو ۽ اهڙي آيت ڏيکاريو جيڪا انهن شين کي حرام ڪندي هجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَمَنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ الكَذِبَ مِن بَعدِ ذٰلِكَ فَأُولٰئِكَ هُمُ الظّٰلِمونَ (آيت : 94) |
پوءِ جيڪي ھن کانپوءِ الله تي ڪوڙ ٺاھيندا سي ئي ظالم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪي هن (اعلان) بعد به (ساڳئي خيال تي قائم رهندا) ۽ الله تعاليٰ تي بهتان ٻڌندا، اهي ئي ظالم (گنهگار) آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ کان پوءِ جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي دليلن اچڻ بعد پوءِ اُهو ئي ظالم آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کان بعد ۾ جو ڪوئي خدا تي ڪوڙ بدوڙ هڻي ته (سمجهو ته) اهي ئي ماڻهو ظالم (هٺيلا) آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جنهن بهتان هنيو الله تي ڪوڙو ان کان پوءِ اهي ظالم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جن هن کانپوءِ الله تي ڪوڙ گهڙيو، سي ئي ظالم آهن. (اي رسول) چؤ ته الله سچ چيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان پوءِ جيڪو ماڻهو به الله تي ڪوڙي ڳالهه مڙهي ته پوءَ اُهي ئي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِن کانپوءِ، الله تي، جنهن ٻَڌا ڪارا ڪُوڙ، هاڃو ڪندڙ هُوڙھ، مورک آهن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪو ان کان پوءِ به الله تي ڪوڙ گهڙيندو ته اهڙا ماڻهو ظالم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کانپوءِ به جيڪي ماڻهو پنهنجيون گهڙيل ڪوڙيون ڳالهيون الله تي هڻندا ته اهي ئي اصل ۾ ظالم آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ به جيڪي ماڻهو الله ڏانهن پنهنجي ٺاهيل ڪوڙين ڳالهين کي منسوب ڪن ٿا اهي ئي حقيقت ۾ ظالم آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڳالهه کان پوءِ به جيڪڏهن ڪير الله تعالى تي ڪوڙ هڻندو رهي، ته اهي ئي پڪا ظالم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل صَدَقَ اللَّهُ فَاتَّبِعوا مِلَّةَ إِبرٰهيمَ حَنيفًا وَما كانَ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 95) |
(اي پيغمبر) چؤ ته الله سچ چيو آھي، پوءِ ابراھيم حنيف (ھڪ طرفي) جي دين جي تابعداري ڪريو، ۽ (ابراھيم) مشرڪن مان نه ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته الله تعاليٰ حق جي ڳالهه ٻڌائي آهي. (توهان بني اسرائيلن کي جيڪڏهن سچائي قبول ڪرڻي آهي ته) توهان حضرت ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪيو (جنهن جي مان دعوت ڏئي رهيو آهيان). اهو طريقو آهي غير کي ڇڏي فقط الله جو ٿي رهڻ، ۽ يقيناً حضرت ابراهيم مشرڪن منجهان نه هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو الله سچ فرمايو، پوءِ توهان دينِ ابراهيمي تي هلو جيڪو هر باطل کان جدا آهي، ۽ ابراهيم مشرڪن مان نه هو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ( اي رسول!) چئو ته خدا سچ فرمايو ته هاڻي اوهين ملت ابراهيم (اسلام) جي پيروي ڪريو (جو باطل کان هٽي هلندو هو) ۽ مشرڪن مان نه هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چئو ته سچ فرمايو الله پوءِ تابعداري ڪيو ابراهيم جي ملت جي حق تي هلندڙ باطل کان منهن موڙيندڙ ۽ نه هو مشرڪن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ابراهيم جي دين جي تابعداري ڪريو جو هڪ طرفو (باطل مذهبن کان بالڪل بيزار) هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ الله سچ فرمايو. پوءِ اوهان ابراهيم جي دين جي تابعداري ڪيو جيڪو حق پرست هيو. ۽ مشرڪن مان نه هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، سچ صفا سائينءَ چيو، پوءِ تابع رَهو توڙ، شريعت ابراهيم جا، جنهن کي، قوم چيو ڪا ڍوڙ، هڪ مالڪ ڏي مُنهن موڙ، ۽ منجھان مشرڪن ڪين هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون چئو ته ”الله سچ فرمايو آهي، ان ڪري ابراهيم جي دين جي تابعداري ڪريو، جو هڪ رخو هو ۽ الله کان سواءِ ٻين جي بندگي ڪندڙ نه هو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ: الله جيڪو به فرمايو آهي، سچ فرمايو آهي. توهان ٻيا دَرَ ڇڏي ابراهيم جي ئي طريقي تي هلو ۽ ابراهيم ڪڏهن به شرڪ ڪندڙن مان نه هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ (اي نبي!) سچ فرمايو آهي (الله جو ڪجهه فرمايو آهي) پوءِ تو کي هڪ مَنو ٿي ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪرڻ گهرجي ۽ ابراهيم شرڪ ڪرڻ وارن مان نه هو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ)! توهان کين چؤ ته الله تعالى سچ فرمايو آهي، توهان سڀ سنوان سڌا ٿي ابراهيم (ؑ) جي طريقي جي پيروي ڪريو، جيڪو توحيد پرست هو ۽ هو ڪڏهن به مشرڪن مان نه هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ أَوَّلَ بَيتٍ وُضِعَ لِلنّاسِ لَلَّذى بِبَكَّةَ مُبارَكًا وَهُدًى لِلعٰلَمينَ (آيت : 96) |
(عبادت جو) پھريون گھرُ جو ماڻھن لاءِ بڻايو ويو سو اُھو ئي آھي جو مَڪي ۾ برڪت وارو ۽ جڳ لاءِ ھدايت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً پهريون پهريون گهر(عبادتگاهه) جو انسانن جي لاءِ ٺاهيو ويو، اهو اهوئي آهي جو مڪي معظم ۾ آهي، جو گهڻي برڪت وارو ۽ سڀني انسانن جي لاءِ هدايت جو مرڪز آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ سڀ کان پهريون گهر جيڪو عبادت لاءِ مقرر ڪيو ويو مڪي شريف ۾ برڪت وارو آهي ۽ سڀني جهانن وارن لاءِ هدايت آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻهن جي عبادت لاءِ جو گهر سڀ کان اول بنايو ويو اهو ته يقينن اهو (ڪعبه) آهي جو مڪي ۾ آهي، وڏو (خير ۽) برڪت وارو آهي ۽ سموري جهان وارن جو رهنما.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پهريون گهر جو رکيو ويو ماڻهن جي (عبادت) لاءِ اهوئي آهي جو مڪي ۾ آهي برڪت ڀريو ۽ هدايت آهي جهانن جي لاءِ، .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مشرڪن مان نه هو. بيشڪ پهريون گهر جيڪو ماڻهن لاءِ (عبادتگاه) مقرر ڪيو ويو آهي، سو اهوئي آهي جو مڪي ۾ برڪت وارو ۽ جهان وارن لاءِ هدايت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ سڀ کان پهريون گهر جيڪو ماڻهن لاءِ (الله جي عبادت) واسطي جوڙيو ويو سو اهو ئي آهي جيڪو مڪي ۾ آهي جو برڪتن وارو آهي ۽ جهانن لاءِ هدايت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پهريون پاڪ گھر، جو ٿيو، ماڻهن لئي مقرر، جو مڪي مبارڪ ۾، برڪت ڀريو بهتر، آهي عالمن لئي، هدايت هيڪر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ پهريون (عبادت جو) گهر، جو ماڻهن لاءِ ٺهيو، سو ”بڪي“ (مڪي) ۾ آهي. اهو جهان جي ماڻهن لاءِ برڪت ڀريو ۽ هدايت (جو هنڌ) آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ سڀ کان پهرين عبادت جي جاءِ جيڪا انسانن لاءِ جوڙي وئي، اُها اِها ئي آهي، جيڪا مڪي ۾ آهي. ان کي برڪت وارو ڪيو ويو ۽ ساري جهان لاءِ هدايت جو مرڪز بڻايو ويو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ سڀ کان پهرين عبادت گاهه جيڪا انسانن لاءِ تعمير ٿي، اها ئي آهي جيڪا مڪي ۾ آهي. ان کي برڪت وارو ڪيو ويو پوري جهان لاءِ هدايت جو مرڪز بنائي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ماڻهن جي لاءِ الله تعالى جي عبادت جو پھريون گهر، جيڪو مقرر ڪيو ويو سو مڪي پاڪ ۾ آهي، جيڪا برڪت واري جاءِ ۽ سموري جھان وارن لاءِ هدايت جو مرڪز آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فيهِ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ مَقامُ إِبرٰهيمَ وَمَن دَخَلَهُ كانَ ءامِنًا وَلِلَّهِ عَلَى النّاسِ حِجُّ البَيتِ مَنِ استَطاعَ إِلَيهِ سَبيلًا وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ اللَّهَ غَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 97) |
جنھن ۾ پڌريون نشانيون آھن (ھڪڙي) مقام ابراھيم آھي (جو اُن ۾ ابراھيم جي پيرن جو نشان آھي)، ۽ جيڪو اُتي داخل ٿيو سو امن وارو آھي، ۽ الله لاءِ خانه ڪعبه جو حج اُنھن ماڻھن تي لازم آھي جنھن کي ڏانھس واٽ وڃڻ جي سگھه آھي، ۽ جنھن انڪار ڪيو (ته الله کي پرواہ نه آھي) ڇو ته الله جھانن کان بي پرواہ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان ۾ حق جون چٽيون نشانيون موجود آهن، (جن ان مان هڪ آهي اها) جاءِ جتي حضرت ابراهيم بيهي نماز پڙهي هئي. (مقام ابراهيم اڄ تائين موجود ۽ مشهور آهي. ٻي نشاني هيءَ آهي ته) جيڪو به ان جي حدن ۾ داخل ٿيو سو امن امان ۾ رهيو ۽ (هي به نشاني آهي ته) الله جي طرف کان ماڻهن لاءِ هي ڳالهه به ضروري مقرر ڪئي ويئي ته جيڪو به ان تائين پهچڻ جي طاقت سنڀاري سو ان گهر جو حج ڪري، پوءِ جيڪو به (هن حقيقت مڃڻ کان) انڪار ڪندو (سو پاڻ کي ئي گمراه ڪري خساري هيٺ آڻيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سڄي دنيا کان بي نياز ۽ بي پرواه آهي. (ڪنهن جي به عبادت وغيره جو محتاج ناهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ۾ ظاهر نشانيون آهن (حضرت) ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ، ۽ جيڪو انسان اُن ۾ داخل ٿيو امن وارو آهي، ۽ الله تعالى لاءِ ماڻهن تي حج بيت الله جو آهي جيڪو ماڻهو انهي واٽ جي توفيق رکي، ۽ جيڪو انڪار ڪري ٿو پوءِ بيشڪ الله تعالى سڀني جهان وارن کان بي پرواهه آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ (عزت ۽ حرمت جون) ڪيتريون ئي ظاهر ۽ روشن نشانيون آهن (انهن مان) مقام ابراهيم آهي (جتي سندس قدمن مان پٿر تي نشان آهن) ۽ جو هن گهر ۾ داخل ٿيو امن ۾ اچي ويو. ۽ ماڻهن تي واجب آهي ته فقط خدا لاءِ خانه ڪعبه جو حج ڪن، جن کي به اوستائين پهچڻ جي طاقت هجي. ۽ جنهن طاقت هوندي به حج کان انڪار ڪيو ته (ياد رهي ته) خدا ساري جهان کان بي پرواھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ۾ نشانيون چٽيون آهن (انهن مان هڪ) مقام ابراهيم آهي ۽ جيڪو داخل ٿيو ان ۾ هوندو امن وارو ۽ الله جي لاءِ (فرض) آهي ماڻهن تي حج بيت (الله)جو جيڪو سگهه رکي ٿو ان ڏانهن واٽ وڃڻ جي ۽ جنهن انڪار ڪيو پوءِ بيشڪ الله بي نياز آهي جهانن کان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان ۾ ظاهر نشانيون آهن جيئن مقام ابراهيم، ۽ جيڪو ان ۾ داخل ٿيو سو امن وارو ٿيو. ۽ الله جي واسطي بيت الله جو حج ڪرڻ ماڻهن تي (لازم) آهي جنهن کي به ان ڏي وڃڻ لاءِ رستي جي خرچ جي طاقت هجي ۽ جنهن انڪار ڪيو ته پوءِ بيشڪ الله جهان جي ماڻهن کان بي پرواه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ۾ چِٽيون نشانيون آهن (جن مان هڪ) ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ (مقامِ عبادت) آهي ۽ جو به ان ۾ داخل ٿيو اهو امن وارو آهي. ۽ الله جي لاءِ ماڻهن مٿان (فرض آهي) هن گهر جو حج ادا ڪرڻ جنهن کي به ان ڏانهن واٽ وڃڻ جي سگهه آهي. ۽ جنهن به انڪار ڪيو ته بيشڪ الله جهانن کان بي پرواهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) صفا صفا سمجھاڻيون، آهن اِن اندر، اُن ۾ ابراهيم جو، مَقام مُنوّر، ۽ جو گِهڙيو منجھ تنهن گھر، اَمن وارو آهي سو. ۽ ماڻهن مَٿي، اُن گھر ڏي، پرور ڪارڻ پنڌ، سندِي رستي رَند، جو پُهچ ساري پاڻ ۾. ۽ پوءِ، جو ڦِريو فرمان کان، ته صاحب ربُّ سُڄاڻ، بي پرواه آهي پاڻ، جُمله جَڳ جھان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ۾ پڌريون نشانيون آهن، (جيئن) مقام ابراهيم. ۽ جيڪو ان ۾ داخل ٿيندو، سو امن ۾ رهندو. ۽ ماڻهن مان انهن تي الله جي گهر جو حج فرض آهي، جيڪي اتي پهچڻ جي سگهه رکن ٿا ۽ جيڪو انڪار ڪندو، ته الله کي جهان جي ماڻهن جي پرواهه نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منجهس پڌريون نشانيون آهن. ابراهيم جي عبادت ڪرڻ واري جاءِ آهي ۽ اها اهڙي آهي، جو جيڪو به ان ۾ داخل ٿيو ان کي امن ملي ويو. ماڻهن تي الله جو اهو حق آهي ته جنهن کي به انهيءَ گهر تائين پهچڻ جي طاقت هجي، اهو ان جو حج ڪري ۽ جيڪو انهيءَ حڪم تي هلڻ کان انڪار ڪندو ته ان کي معلوم هئڻ گهرجي ته الله کي سڄي جهان مان ڪنهن جي به ڪاڻ ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ۾ چٽيون نشانيون آهن، ابراهيم جي عبادت جي جاءِ آهي ۽ جيڪو ان ۾ داخل ٿيو امن وارو ٿي ويو ۽ ماڻهن تي الله جو هي حق آهي ته جيڪو هن گهر تائين پهچڻ جي طاقت رکي، اهو ان جو حج ڪري ۽ جيڪو ان حڪم جي پيروي کان انڪار ڪري، ته ان کي معلوم هجي ته الله دنيا وارن کان بي نياز آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان گهر ۾ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، اتي ابراهيم (ؑ) جي (نماز پڙهڻ لاءِ) بيھڻ واري جاءِ (اڄ تائين موجود) آهي . جيڪو ان گهر ۾ داخل ٿيندو کيس امن نصيب ٿيندو. الله تعالى جو انسانن تي اهو حق آهي، ته جيڪو شخص به ان گهر تائين پھچڻ جي (جسماني ۽ مالي) طاقت رکي، ته هو ضرور هن گهر جو حج ڪري، پر جيڪڏهن ڪير طاقت هوندي به حج ڪرڻ کان انڪار ڪري، ته کيس اهو سمجهڻ کپي ته بيشڪ الله تعالى سڀني جھان وارن کان بي پرواهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَاللَّهُ شَهيدٌ عَلىٰ ما تَعمَلونَ (آيت : 98) |
(اي پيغمبر کين) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ الله جي آيتن کي ڇونه ٿا مڃيو؟ ۽ (حقيقت ڪري) جيڪي ڪندا آھيو تنھن تي الله حاضر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر انهن کي) چئو ته اي اهل ڪتاب! توهان (ڄاڻي ٻجهي) الله تعاليٰ جي آيتن کان انڪار ڇو ٿا ڪيو؟ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا تنهن کي الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهل ڪتاب جا الله جون آيتون ڇو نٿا مڃو؟ ۽ توهان جا عمل الله تعالى جي سامهون موجود آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! تون چوين ته ڪتاب وارو! اوهين خدا جي آيتن جا ڇو منڪر ٿيندا وڃو ٿا حالانڪه جو ڪم ڪار اوهان ڪريو ٿا خدا کي ان جي پوري (پوري) خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته اي اهل ڪتاب ڇو ٿا انڪار ڪيو الله جي آيتن جو ۽ الله شاهد آهي ان جو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ ! اوهين الله جي آيتن جي ڇو انڪار ڪريو ٿا، هوڏانهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن تي الله شاهد آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: اي ڪتاب وارؤ! اوهان الله جي آيتن جو ڇو ٿا انڪار ڪيو! ۽ الله اوهان جي عملن جو شاهد آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اي اهل ڪتاب جا! ڪوه ڪريو انڪار؟ آيتن کان الله جي؛ ۽ صاحب رب، ستار، ڪريو، جي ڪم ڪار، هر دم حاضر اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چؤ اي ڪتاب وارؤ! ڇو الله جي آيتن جو انڪار ڪريو ٿا؟ جيڪي ڪم ڪريو ٿا، الله انهن کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ: اي اهل ڪتاب! توهان ڇو ٿا الله جون ڳالهيون مڃڻ کان انڪار ڪريو؟ جيڪي به حرڪتون توهان ڪريو پيا، الله سڀ ڪجهه ڏسي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، اي اهلِ ڪتاب! توهان ڇو ٿا انڪار ڪريو الله جي آيتن جو؟ الله شاهد آهي جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو، الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان الله تعالى جي آيتن جو ڇو ٿا انڪار ڪريو؟ حالانڪه اوهان جو هر عمل الله تعالى جي نظر ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل يٰأَهلَ الكِتٰبِ لِمَ تَصُدّونَ عَن سَبيلِ اللَّهِ مَن ءامَنَ تَبغونَها عِوَجًا وَأَنتُم شُهَداءُ وَمَا اللَّهُ بِغٰفِلٍ عَمّا تَعمَلونَ (آيت : 99) |
(اي پيغمبر) چؤ ته اي ڪتاب وارؤ جيڪو ايمان آڻي تنھن کي الله جي واٽ کان اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھُري ڇو ٿا جھليو؟ ھن ھوندي به جو اوھين ڄاڻندڙ آھيو، ۽ جيڪي (اوھين) ڪندا آھيو تنھن کان الله بي خبر نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اهل ڪتاب! توهان ايمان آڻيندڙن کي خدا جي راه کان ڇو ٿا روڪيو ۽ کين ڏنگي ڦڏي واٽ وٺائڻ ڇو ٿا چاهيو؟ حالانڪ توهان (حقيقت) ڏسي رهيا آهو. (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا، تن بنسبت الله تعاليٰ غافل ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان فرمايو اي اهلِ ڪتاب جا توهان ڇو الله جي دين کان روڪيو ٿا انهي کي جيڪو ايمان آڻي انهي کي ڦيرائڻ چاهيو ٿا حالانڪ توهان کي سڀ معلوم آهي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان بيخبر ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) چوين ته اي ڪتاب وارو! ڄاڻي واڻي اوهين خدا جي (سڌي) راھ ۾ (ناحق) هٿرادو عيب ڳولي ايمان وارن کي ان کان ڇو ٿا جهليو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا بي خبر نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ اي اهل ڪتاب! ڇو ٿا روڪيو الله جي واٽ کان ان کي جو ايمان آندائين.طلب ڪيو ٿا ان کي ڏنگو ۽ اوهان شاهد آهيو ۽ نه آهي الله بي خبر ان کان جو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چئو ته اي ڪتاب وارو ! جنهن ايمان آندو تنهن کي الله جي رستي کان ڇوٿا روڪيو؟ هن طرح جو اُن (رستي) ۾ هٿراڌو عيب ڳوليو ٿا هوڏانهن اوهان کي پوري خبر آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان الله بي خبر نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ: اي ڪتاب وارؤ! اوهان الله جي راهه کان ڇو ٿا روڪيو؟ جنهن ايمان آندو توهان ان جي راهه ۾ ٽيڙاڻ ڳوليو ٿا حالانڪه (ان جي حق تي هجڻ جا) اوهان خود شاهد آهيو. ۽ الله انهن (عملن) کان بي خبر ناهي جيڪي اوهان ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، اي اهل ڪتاب جا!، ڪنان ربّ جي راه، ڇو آڏو ڦرو اُن کي، آندو جنهن ويساه؟ وِنگي وَسيلن سان، گُھرو، سا گمراه!، اوهين شاهِد آهيو، جنهن حالت ۾ همراه!، ۽ غافل ناهِ الله، جيڪي ڪريو، اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته اي ڪتاب وارؤ! ڇو اوهان کي سڀ خبر هوندي به، ايمان واري کي ڇو ٿا الله جي راهه کان روڪيو ۽ هن لاءِ ڏنگي واٽ طلبيو؟ الله اوهان جي ڪمن کان بي خبر نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چؤ: اي اهل ڪتاب! توهان کي ڇا ٿيو آهي، جو جيڪو الله جي ڳالهه مڃي ٿو، ان کي به ٿا الله جي راهه کان روڪيو ۽ چاهيو ٿا ته اهو ڏِنگي واٽ وٺي، حالانڪه توهان پاڻ (ان جي سنئينءَ واٽ هئڻ جا) شاهد آهيو. توهان جي ڪرتوتن کان الله غافل نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چؤ، اي اهلِ ڪتاب! توهان جي هي ڪهڙي روش آهي ته جيڪو الله جي ڳالهه مڃي ٿو ته ان کي به توهان الله جي راهه کان منع ڪريو ٿا اهو به گهرو ٿا ته اهو ڏنگي راهه هلي (جڏهن توهان خود ان سڌي راهه جا) شاهد آهيو. الله توهان جي حرڪتن کان غافل نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ)! چؤ ته اي اهل ڪتاب! توهان ايمان واري کي الله تعالى جي راهه کان ڇو ٿا روڪيو؟ اوهان چاهيو ٿا ته هي ايمان وارو غلط راهه تي هلي، حالانڪه توهان پاڻ شاهد آهيو ته اهو ماڻهو سچو آهي. اوهان جي انهن حرڪتن کان الله تعالى غافل نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعوا فَريقًا مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ يَرُدّوكُم بَعدَ إيمٰنِكُم كٰفِرينَ (آيت : 100) |
اي ايمان وارؤ جيڪڏھن ڪتاب وارن مان ڪنھن به ٽوليءَ جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اوھان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ اوھان کي ڪافر ڪري ڦيرائيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان اهل ڪتاب مان ڪنهن ٽوليءَ جي ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته اهي اوهان کي حق جي راه تان ڦيرائي ڇڏيندا ۽ ايمان آڻڻ بعد وري ڪفر ۾ پئجي ويندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان ڪجهه اهلِ ڪتاب وارن جي چوڻ تي هليا ته اُهي توهان کي مؤمن ٿيڻ کان پوءِ ڪفر تي آڻي پهچائيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهين ڪتاب وارن مان ڪنهن به فرقه جي فرمانبرداري ڪندو ته(ياد رکو!) ته اهي اوهان کي ڪافر بڻائيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن تابعداري ڪندؤ ٽولي جي انهن مان جو ڏنا ويا ڪتاب ته موٽائيندا اوهان کي پڄاڻان ايمان آڻڻ اوهان جي ڪافر ڪري .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! جيڪڏهن اوهين ڪتاب وارن مان ڪنهن به جماعت جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اهي اوهان جي ايمان آڻڻ کان پوءِ (به) اوهان کي ڪافر بنائيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اگر اوهان اهلِ ڪتاب جي ڪنهن به ٽولي جي فرمانبرداري ڪندؤ ته اُهي اوهان کي اوهان جي ايمان آڻڻ بعد ڪفر ڏانهن موٽائيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو، جن مذڪور!، اوهين اهل ڪتاب مان، ڪندا ڪنهن ٽوليءَ جون، مَتيون، جي منظور، ته موٽائيندان مور، مَڃڻ پٺيان، مُنڪر ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جيڪڏهن اوهين ڪتاب وارن مان هڪ ٽولي جو چيو مڃيندؤ، ته هو اوهان کي ايمان مان ڪڍي ڪافر بڻائي ڇڏيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان انهن اهل ڪتاب مان ڪنهن به ٽولي جي ڳالهه مڃي ته هو توهان کي ايمان کان ڦيرائي ڪفر ڏانهن موٽائيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي، توهان اهلِ ڪتاب مان، جي هڪ ٽولي جي ڳالهه مڃي ته اهي توهان کي ڦيرائي ويندا، ايمان مان ڪڍي وري ڪفر ڏي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان اهل ڪتاب جي ڪنھن به هڪ ٽولي جي ڳالهه مڃي ورتي، ته هو توهان کي ايمان مان ڪڍي، واپس ڪفر واري رستي ڏانھن وٺي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَيفَ تَكفُرونَ وَأَنتُم تُتلىٰ عَلَيكُم ءايٰتُ اللَّهِ وَفيكُم رَسولُهُ وَمَن يَعتَصِم بِاللَّهِ فَقَد هُدِىَ إِلىٰ صِرٰطٍ مُستَقيمٍ (آيت : 101) |
۽ (اوھين) ھن ھوندي ڪئن ڪافر ٿا ٿيو؟ جو الله جون آيتون اوھان تي پڙھجن ٿيون ۽ سندس پيغمبر اوھان ۾ آھي، ۽ جيڪو الله (جي دين) کي چنبڙي پٺندو تنھن کي بيشڪ سڌيءَ واٽ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو توهان وري ڪفر ڏي موٽي وڃو، جڏهن ته الله جون آيتون اوهان کي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ سندس رسول (اوهان جي رهنمائيءَ لاءِ) اوهان ۾ موجود آهي ۽ ياد رکو ته جيڪو مضبوطيءَ سان الله تعاليٰ ۾ پڪو ايمان رکي ٿو تنهن کي يقيناً سڌيءَ واٽ تي هڻ جي هدايت ملي ويئي. (ان جي ٿڙڪي وڃڻ جو انديشو ڪونهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ڪيئن انڪار ڪريو ٿا حالانڪ توهان تي قرآن ڪريم پڙهيو وڃي ٿو ۽ توهان ۾ رسولِ عربي تشريف فرما آهي ۽ جنهن ماڻهوءَ الله تعالى جو سهارو ورتو پوءِ بيشڪ اهو سنئين رستي تي هلايو ويو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين ڪئين ڪافر ٿيندو هوڏانهن اوهان جي اڳيان (رات ڏينهن) آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ اوهان ۾ سندس رسول (محمد) به (موجود) آهي. ۽ جي شخص خدا سان لوء لائيندو اهو ته ضرور سڌي رستي تي آندو ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيئن ٿا ڪفر ڪيو ۽ اوهان اهي آهيو جو پڙهيون وڃن ٿيون اوهان تي آيتون الله جون ۽ اوهان ۾ ان جو رسول تشريف فرما آهي ۽ جيڪو چنبڙندو الله جي (دين کي) پوءِ تحقيق هدايت ڪيو ويو سڌيءَ واٽ ڏانهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين ڪيئن ڪافر ٿيندؤ هوڏانهن اوهان تي الله جون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ۽ اوهان ۾ سندس رسول آهي. ۽ جيڪو الله (جي دين) کي مضبوط جهليندو تنهن کي بيشڪ سڌو رستو ڏيکاريو ويو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان ڪيئن ڪفر ڪندؤ؟ حالانڪه اوهان مٿان الله جون آيتون تلاوت ڪيون وڃن ٿيون ۽ اوهان ۾ ان جو رسول موجود آهي. ۽ جيڪو الله (جي دين) کي مضبوط پڪڙي ته بيشڪ ان کي ئي سڌي واٽ ڏانهن هدايت ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪُفر ڪندا ڪِنهن پر، جڏهن آيتون الله جون، پڙهجن اوهان تي، ۽ اوهان ۾، اُن جو پيغمبر؛ ۽ جِنهن جَھلِي ڀَلي جِي ڀر، سو سونهون ٿيو، سئينءَ واٽ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان جي اڳيان الله جون آيتون پڙهجن ٿيون ۽ اوهان ۾ سندس رسول به آهي، ته پوءِ اوهين ڪيئن ڪفر ڪندؤ؟ ۽ جنهن الله کي محڪم جهليو، تنهن کي برابر سنئين واٽ ملي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان لاءِ ڪفر ڏانهن وڃڻ جو هاڻي ڪهڙو سبب آهي، جڏهن ته توهان کي الله جون آيتون ٻڌايون ٿيون وڃن ۽ توهان ۾ سندس رسول موجود آهي؟ جيڪو الله جو دامن سوگهو جهليندو، اهو ضرور سنئين واٽ لهندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان جي لاءِ هاڻي ڪفر ۾ وڃڻ جو ڪهڙو موقعو آهي جڏهن ته توهان کي الله جون آيتون ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ توهان ۾ ان جو رسول موجود آهي، جيڪو الله جو دامن مضبوطيءَ سان جهليندو سو ضرور سڌي راهه ماڻيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر توهان ڪفر واري رستي ڏانهن ڪيئن ويندا اوهان کي ته الله تعالى جون آيتون پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ الله تعالى جو رسول خود توهان ۾ موجود آهي؟ اوهان مان جيڪو الله تعالى تي پڪو ايمان رکندو ته ان کي ڄڻ سڌي رستي جيِ هدايت نصيب ٿي وئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ حَقَّ تُقاتِهِ وَلا تَموتُنَّ إِلّا وَأَنتُم مُسلِمونَ (آيت : 102) |
اي مؤمنؤ الله کان (اِئين) ڊڄو جئن کانئس ڊڄڻ جو حق آھي ۽ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! الله کان ڊڄو، اهڙو ڊڃو جهڙو سچ پچ ڊڄڻ چئجي ۽ دنيا مان رحلت ڪري وڃو تنهن کان اڳي پڪا مسلمان ۽ خدا جي فرمانبرداريءَ تي ثابت قدم ٿي وڃو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو الله تعالى کان ڊڄو جيئنڪ انهيءَ کان ڊڄڻ جو صحيح حق آهي ۽ توهان هرگز نه مرو مگر مسلمان ٿي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! خدا کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ اوهين (دين) اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي دين (باطل) تي نه مرجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! ڊڄو الله کان جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ نه مرو مگر ان حال ۾ جو اوهان مسلمان آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! الله کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ نه مرو مگر فرمانبردار ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي، ۽ توهان نه مرو مگر ان حال ۾ جو اوهان مسلمان هجو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مالڪ کان، جيئن ڏَرجي، تئين ڏرو، مورهين ڪين مَرو، مگر مُسلمان ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! الله جي (نافرماني) کان ايترو ڊڄو، جيترو ڊڄڻ گهرجي ۽ اوهين مسلمان ٿي مرجو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! الله کان ائين ڊڄو، جهڙو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ توهان تي موت نه اچي مگر ان حالت ۾ ته توهان مسلمان هجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! الله کان ڊڄو جهڙو ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ توهان تي موت نه اچي پر ان حالت ۾ جو توهان مسلم هجو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! الله تعالى کان ڊڄو جيئن ان کان ڊڄڻ جو حق آهي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين الله تعالى جي فرمانبرداريءَ ۾ ئي رهجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاعتَصِموا بِحَبلِ اللَّهِ جَميعًا وَلا تَفَرَّقوا وَاذكُروا نِعمَتَ اللَّهِ عَلَيكُم إِذ كُنتُم أَعداءً فَأَلَّفَ بَينَ قُلوبِكُم فَأَصبَحتُم بِنِعمَتِهِ إِخوٰنًا وَكُنتُم عَلىٰ شَفا حُفرَةٍ مِنَ النّارِ فَأَنقَذَكُم مِنها كَذٰلِكَ يُبَيِّنُ اللَّهُ لَكُم ءايٰتِهِ لَعَلَّكُم تَهتَدونَ (آيت : 103) |
۽ الله جي رسيءَ (يعني قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌاروڌار نه ٿيو، ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جو جڏھن پاڻ ۾ ويري ھيؤ پوءِ اوھان جي دلين ۾ ميلاپ وڌائين پوءِ سندس فضل سان ھڪ ٻئي جا ڦري ڀائر ٿيؤ، ۽ اوھين دوزخ جي کڏ جي ڀَر تي ھيؤ پوءِ اوھان کي کانئس ڇڏايائين، اھڙيءَ طرح الله اوھان لاءِ پنھنجيون نشانيون بيان ڪندو آھي ته مانَ اوھين ھدايت لھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مومنؤ!) سڀ ملي هڪ ٿي الله جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي اوهان تي اها نعمت ياد رکو جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ هڪٻئي جا دشمن هئو، پر (هاڻي) الله تعاليٰ اوهان جون دليون محبت ۾ ڳنڍي ڇڏيون آهن ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي ويا آهيو. توهان جي حالت ته هي هئي جو توهان باهه سان ڀريل اونهيءَ کڏ جي ڪناري تي بيٺا هئو (ذرو به پير ترڪيو ته ڌو باهه ۾). پر الله تعاليٰ توهان کي ان کان بچائي وتو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون (حڪم ۽ نشانيون) چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته من توهان (سعادت جي) راه وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي رسيءَ کي گڏجي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾جدا نه ٿيو، ۽ الله تعالى جي نعمت پاڻ تي ياد ڪريو جڏهن توهان ۾ (اسلام کان اڳ) عداوت هئي پوءِ توهان جن دلين کي مِلائي ڇڏيائين پوءِ الله تعالى جي نعمت سان توهان پاڻ ۾ ڀائر ٿي پيا، ۽ (جهالت جي دور ۾) توهان جهنم جي کڏ جي ڪناري تي هئا، پوءِ الله تعالى توهان کي انهي مان بچايو، الله توهان تي ايئن پنهنجون آيتون بيان فرمائي ٿو ته مَن توهان هدايت وارا ٿيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي مضبوط جهليو ۽ ڌار ڌار نه ٿيو. ۽ پاڻ تي خدا جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهين (هڪ ٻئي جا دشمن هئا. پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين. پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا، ۽ اوهين (ڄڻ ته) باھ جي هڪ بٺي (دوزخ) جي ڪناري تي (بيٺا) هئا ۽ ڪرڻ تي هئا ته خدا اوهان کي بچائي ورتو اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجا کليل حڪم بيان فرمائي ٿو (ته) من هدايت وارا ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مضبوطيءَ سان وٺو الله جي رسيءَ کي سڀئي ۽ نه جدا جدا ٿيو ۽ ياد ڪيو الله جي نعمت جيڪا اوهان تي آهي جڏهن دشمن هيؤ پوءِ محبت پيدا ڪيائين اوهان جي دلين ۾ پوءِ ٿي پيؤ ان نعمت سان ڀائر ۽ هُيَؤ ڪناري باهه جي تي پوءِ ڇڏايائين اوهان کي ان کان ائين ٿو کولي بيان ڪري الله اوهان لاءِ پنهنجون آيتون تانته هدايت وارا ٿيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي مضبوط جهليو ۽ ڌار ڌار نه ٿيو. ۽ پاڻ تي الله جي نعمت کي ياد ڪريو جڏهن اوهين (هڪ ٻئي جا) دشمن هئا پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين. پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا. ۽ اوهين باه جي هڪ کڏ جي ڪناري تي هئا، پوءِ اوها نکي ان کان بچايائين. اهڙيءَ طرح الله اوهان لاءِ پنهنجيون آيتون بيان ڪري ٿو (ته) مَن هدايت وارا ٿيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان سڀئي گڏجي الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ ڇڙوڇڙ نه ٿيو، ۽ پاڻ مٿان الله جي ان نعمت کي ياد ڪيو جڏهن اوهان هڪ ٻئي جا دشمن هيا پوءِ اوهان جي دلين ۾ الفت پيدا ڪيائين پوءِ اوهان ان جي نعمت جي سبب هڪ ٻئي جا ڀاءُ بنجي پيئو، ۽ اوهان جهنم جي کڏ جي ڪناري تي (پهچي چڪا) هيئو پوءِ اوهان کي ان کان بچايائين. اهڙي طرح الله اوهان لاءِ پنهنجون نشانيون کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن اوهان هدايت وارا ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جھليو رَسِي ربّ جِي، هيڪاندا هموار، ۽ نه ٿيو ٽِڙي پاڻ ۾، ٽوليون ٽوليون ڌار، ۽ ساريون سائينءَ جِي پاڻ تي، نعمت رِي نروار، ته ويرِي هئا، وير ڪنهن، پوءِ قلب ڳنڍيان ڪلتار، پوءِ ڀال سندس سان ڀار، صبح سويرو ٿِي پيا. ۽ اصل هئا اوڏڙا، ڀر ۾ کوري باه، پوءِ ڪڍئين اوهان کي، اُن مان ڏيئـِي پاڻ پناه، کولي اِيئن اوهان تي، پنهنجو اٰيتون اللهَ، تان سِڌِي سَنواٽِي راه، مؤمن مانَ ماڻيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀئي گڏجي الله جي رسي کي مضبوط جهليو، ڇڙوڇڙ نه ٿيو ۽ الله جي ان نعمت کي به ياد ڪريو جا هن اوهان جي دلين ڳنڍڻ سان اوهان تي ڪئي، جڏهن اوهين هڪٻئي جا دشمن هئا، پوءِ سندس ان نعمت جي ڪري اوهين پاڻ ۾ ڀائر ٿي پيا ۽ اصل ۾ اوهين باهه جي کڏ جي ڪناري تي هئا، پوءِ هن اوهان کي ان کان بچايو. اهڙي ريت الله پنهنجين آيتن کي کولي بيان ڪندو آهي، ته اوهان سنئين واٽ لهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سڀئي گڏجي الله جي رسيءَ کي قابو ڪري جهليو ۽ تفرقي بازيءَ ۾ نه پئو، الله جي انهيءَ احسان کي ياد ڪريو، جيڪو هن توهان تي ڪيو آهي. توهان هڪ ٻئي جا دشمن هيؤ، هن توهان جون دليون پاڻ ۾ ڳنڍيون ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان توهان پاڻ ۾ ڀائر بڻجي ويؤ، توهان باهه سان ڀريل کڏ جي ڪناري تي بيٺا هيؤ، الله توهان کي ان کان بچائي ورتو، اهڙيءَ ريت الله پنهنجيون نشانيون توهان جي آڏو پڌريون ٿو ڪري ته مــَـنَ انهن مان توهان کي پنهنجي فلاح وارو سڌو رستو هٿ اچي وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مضبوطيءَ سان جهليو الله جي رسيءَ کي سڀئي گڏجي ۽ ڇڙوڇڙ نه ٿيو، ۽ ياد ڪريو الله جي انهيءَ نعمت کي جيڪا ان توهان تي ڪئي جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا، ان توهان جي دلين کي جوڙيو ۽ سندس ڪرم سان بڻجي ويا توهان پاڻ ۾ ڀائر، ۽ توهان بيٺا هئا باهه جي هڪ ڀريل کڏ جي ڪناري تي، الله توهان کي ان کان بچائي ورتو، اهڙيءَ طرح الله پنهنجون نشانيون توهان جي آڏو روشن ڪري ٿو، شايد انهن مان توهان کي سڌي راهه ملي وڃي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان سڀ گڏجي الله تعالى جي رسي (يعني دين اسلام) کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾ ٽولا ٽولا نه ٿيو ۽ (اختلاف پيدا نه ڪريو) الله تعالى جي ان نعمت کي به ياد ڪريو، جڏهن توهان هڪ ٻئي جا دشمن هئا، هن توهان جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ محبت ويھاري، پوءِ ان جي مھربانيءَ سان ئي اوهان ڦري ڀائر ٿي ويا. توهان ته دشمنيءَ جي ڪري باهه جي کڏ تي پهچي چڪا هئا، هن اوهان کي اسلام ذريعي ان کڏ ۾ ڪرڻ کان بچايو، الله تعالى اهڙي طريقي سان توهان لاءِ پنهنجون نشانيون بيان ڪري ٿو، ته جيئن اوهان هدايت واري رستي تي اچي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلتَكُن مِنكُم أُمَّةٌ يَدعونَ إِلَى الخَيرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَأُولٰئِكَ هُمُ المُفلِحونَ (آيت : 104) |
۽ اوھان ۾ اھڙي ٽولي ھئڻ گھرجي جي چڱائيءَ ڏانھن سڏين ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪن ۽ مَدن ڪمن کان جھلين، ۽ اھي ئي ڇٽل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڏسو تمام ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته توهان ۾ هڪ جماعت (هرهڪ ڳوٺ ۽ هرهڪ محلي ۾) اهڙي هجي جا نيڪيءَ جي راه جي دعوت ڏيندڙ هجي، نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ براين کان روڪي يقيناً اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا (دنيا ۾ توڙي آخرت ۾).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ۾ هڪ جماعت اهڙي هجڻ گهرجي جيڪا خير ۽ چڱن ڪمن لاءِ سڏي ۽ بڇڙن ڪمن کان منع ڪري، ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان مان هڪ جماعت اهڙن (ماڻهن جو به) ته هئڻ گهرجي، جيڪي (ماڻهن کي) ڀلائي ڏي سڏين ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين. ۽ اهي ئي (آخرت ۾) ڪامياب آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڀلي ته هجي اوهان مان هڪ جماعت جوسڏين چڱائيءَ ڏانهن ۽ امر ڪن نيڪيءَ جو ۽ روڪين برائيءَ کان ۽ اهي ئي ڪامياب ٿيندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ناوهان مان هڪ جماعت اهڙي هئڻ کپي جي ڀلائي ڏي سڏين ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان ۾ ضرور هڪ جماعت اهڙي هجڻ گهرجي جيڪي چڱائي ڏانهن سڏن ۽ نيڪين جو امر ڪن ۽ براين کان روڪن. ۽ (جي ائين ڪندا ته) اُهي ئي ڪامياب آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهان مان سچو ساٿ کپي، جو سڏي سکر پار، ۽ چوي چڱاين جو، ۽ بندي ڪنان بدڪار، ۽ اُهي ڪنان آزار، آهن سدا آزاد سي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان ۾ هڪ اهڙي جماعت به هجي، جا نيڪ ڪمن ڏانهن سڏي، چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي، بڇڙاين کان جهلي. ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ۾ ڪي ماڻهو ته ضرور اهڙا هئڻ گهرجن، جيڪي نيڪيءَ ڏانهن سڏين، ڀلائيءَ جو حڪم ڪن ۽ براين کان روڪيندا رهن، جيڪي ماڻهو اهي ڪم ڪندا، اهي ئي ڇوٽڪارو ماڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان ۾ ضرور ڪي ماڻهو اهڙا به هجن جيڪي سڏين نيڪيءَ ڏانهن، ڀلائيءَ جو حڪم ڏين ۽ روڪيندا رهن برائين کان، جيڪي به ماڻهو اهو ڪم ڪندا اهي ئي ڪاميابي ماڻيندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان هڪ جماعت اهڙي هجڻ گهرجي، جيڪا نيڪيءَ ڏانھن سڏي، ڀلائيءَ جي ڪمن جو حڪم ڏئي ۽ برائيءَ جي ڪمن کان روڪي، اها ئي ڪامياب جماعت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَكونوا كَالَّذينَ تَفَرَّقوا وَاختَلَفوا مِن بَعدِ ما جاءَهُمُ البَيِّنٰتُ وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 105) |
۽ اوھين اُنھن جھڙا نه ٿيو جي فرقو فرقو ٿي ويا ۽ وٽن معجزا آيا اُن کانپوءِ بهتڪرار ڪيائون، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مؤمنو! متان انهن ماڻهن (يهودين) وانگر ٿيو جي (خدا جي دين تي هڪ ٿي رهڻ بدران) جدا جدا ٿيا ۽ اگرچه وٽن (الهي ڪتابن جا) روشن دليل اچي چڪا هئا، تڏهن به هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيائون. يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ وڏو سخت عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ماڻهن جهڙا نه هجو جيڪي پاڻ ۾ جدا جدا ٿيا ۽ چٽن دليلن اچڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ اختلاف ڪيائون، اهي ئي آهن جن لاءِ وڏو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جهڙا نه ٿيو جيڪي (هڪ ٻئي کان) جدا ٿيا ۽ پاڻ ۾ ڦوٽ وڌائون ان کان پوءِ به جو وٽن ظاهر حڪم آيا ۽ اهڙن لاءِ ئي (تمام) سخت عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هجو انهن وانگر جو جدا جدا ٿيا ۽ اختلاف ڪيائون ان کان پوءِ جو آيا انهن وٽ روشن دليل ۽ اهي انهن لاءِ آهي عذاب وڏو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جهڙ انه ٿيو جيڪي (هڪ ٻئي کان) جدا ٿيا ۽ (پاڻ ۾ ) اختلاف ڪيائون هن کان پوءِ به جو وٽن ظاهر حڪم آيا ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جي ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ چٽا دليل اچڻ بعد به اختلاف ۾ پئجي ويا. ۽ اُهي ماڻهو ئي آهن جن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهين نه ٿيو اُنهن جيئن، جي ٽوليون ٿيا ٽِڙي، جنهن بعد آينِ آيتون، وِڏوڙا ورِي، ۽ سزا سخت ڳرِي، اَڳتي آهي، اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو، جي ڇڙوڇڙ ٿيا. صاف حڪمن جي اچڻ کان پوءِ به اختلاف ڪيائون ۽ اهڙن لاءِ وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) متان انهن ماڻهن وانگر ٿيو جيڪي فـــِـرقا فرقا ٿي ويا ۽ چٽيون صاف هدايتون ملڻ کان پوءِ وري اختلافن ۾ پئجي ويا، اهڙن ئي ماڻهن لاءِ يقيناً وڏو عذاب آهي. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪڏهن به انهن ماڻهن وانگر نه ٿجؤ جيڪي فرقن ۾ ورهائجي ويا، ۽ چٽين ۽ واضح هدايتن ملڻ بعد به وري ٽولن ۾ ورڇجي ويا، جن به اها راهه اختيار ڪئي، اهي (ان ڏينهن) سخت سزا ڀوڳيندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان انهن ماڻهن وانگر نه ٿجو، جيڪي واضح هدايت اچڻ کان پوءِ به پاڻ ۾ا ختلاف ڪري فرقن ۾ ورهائجي ويا، اهڙن ماڻهن لاءِ وڏو عذاب تيار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ تَبيَضُّ وُجوهٌ وَتَسوَدُّ وُجوهٌ فَأَمَّا الَّذينَ اسوَدَّت وُجوهُهُم أَكَفَرتُم بَعدَ إيمٰنِكُم فَذوقُوا العَذابَ بِما كُنتُم تَكفُرونَ (آيت : 106) |
اُنھيءَ ڏينھن جو ڪي مُنھن اڇا ٿيندا ۽ ڪي مُنھن ڪارا ٿيندا، پوءِ جن جا مُنھن ڪارا ٿيندا (چيو ويندن ته) اوھين پنھنجي اِيمان (آڻڻ) کانپوءِ ڇو ڪافر ٿيؤ؟ پوءِ اُنھيءَ سببان جو اوھين ڪافر ٿيا ھيؤ عذاب (جو مزو) چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن ڪيترائي چهرا نور سان چمڪندا ۽ ڪيترائي ڪارا ٿي ويندا (يعني نيڪ ماڻهو نعمتن ۾ هوندا ۽ بدڪار مصيبتن ۽ عذاب ۾ گرفتار هوندا) پوءِ جن ماڻهن جا چهرا ڪارا ٿي ويندا انهن کي انهيءَ ڏينهن چيو ويندو ته، ڇا توهان ايمان آڻي پوءِ وري ڪفر جي واٽ ورتي؟ چڱو هاڻي (پنهنجي ڪفر جي بدعملن جي عيوض ۾) عذاب جو مزو چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن ڪجهه ماڻهن جا منهن روشن هوندا ۽ ڪجهه ماڻهن جا منهن ڪارا هوندا، پر اهي جن جا منهن ڪارا هوندا (انهن کي چيو ويندو) ڇا ايمان آڻڻ کان پوءِ توهان ڪفر ڪيو پوءِ ڪفر جي سببان هاڻي توهان عذاب چکو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ان ڏينهن کان ڊڄو) جنهن ڏينهن ڪي منهن اڇا ٿيندا ۽ ڪي منهن ڪارا ٿيندا. پوءِ جن (ماڻهن) جا منهن ڪارا هوندا (تن کي چيو ويندو ته) (اڙي) ڇا! توهين ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا؟ چڱو ته (چکيو هاڻي) پنهنجي ڪفر جي سزا ۾ عذاب (جا مزا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن اڇا ٿيندا ڪجهه منهن ۽ ڪارا ٿيندا ڪجهه منهن پوءِ پر اهي شخص جو ڪارا ٿيندا منهن انهن جا (چيو ويندن ته) ڇا ڪفر ڪيُوَ؟ ايمان آڻڻ کان پوءِ – پوءِ چکو عذاب (جو مزو) انهيءَ سببان جو ڪفر ٿي ڪيُوَ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن ڪي منهن اڇا ٿيندا ۽ڪي منهن ڪارا ٿيندا. پوءِ جن جا منهن ڪارا ٿيا (تن کي چيو ويندو ته) ڇا اوهين پنهنجي ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿيا؟ پوءِ پنهنجي ڪفر ڪرڻ ڪري عذاب چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان (قيامت واري) ڏينهن ڪي مُنهن سفيد (چمڪدار) ۽ ڪي مُنهن ڪارا هوندا، پوءِ اُهي ماڻهو جن جا مُنهن ڪارا ٿي ويندا (کين چيو ويندو) ڇا اوهان ايمان آڻڻ بعد ڪفر ڪيو هيو! ته پوءِ چکو عذاب (جو مزو) هن ڪري جو اوهان ڪفر ڪندا هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏُ کيو ڏينهن جنهن ۾، ڪي مُنهن مُنور نُور، ۽ ڪي مُنهنڙا ميرا مور، ڪارا ڪَڙهيل باه ۾. پر پوءِ مُنهن جن جا، ٿيا ڪارا ڪارُونڀار، ڪيئن اوهان جي، ايمان پٺيان، اوهان ڪيو انڪار؟ جو ڦرندا هئا فُجار، چکو عَذَاب اُن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان (قيامت جي) ڏينهن ڪي منهن روشن هوندا ۽ ڪي منهن ڪاراٽيل هوندا، جن جا منهن ڪارا هوندا تن کي چئبو ته ”ڇا اوهان ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي ويا هئا؟ تنهن ڪري ان ڪفر جي بدلي، جو اوهين ڪندا هئا، عذاب چکو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ڪي منهن سرخرو هوندا ۽ ڪي منهن دانگي مليل هوندا. جن جا منهن ڪاراٺيل هوندا (انهن کي چيو ويندو ته) ڇا ايمان جي نعمت ملڻ کان پوءِ به توهان ڪفر واري هلت اختيار ڪئي؟ ته پوءِ هاڻي انهيءَ نعمت جي مڃوتي نه ڪرڻ ڪري عذاب جو مزو چکو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان ڏيهن ڪي روشن چهرا (سرخرو هوندا) ۽ ڪن جا منهن ڪارا هوندا. جن ماڻهن جا منهن ڪارا هوندا، کين چيو ويندو توهان ڪافراڻي راهه اختيار ڪئي ايمان جي نعمت بعد چڱو هاڻي ان ڪفرانِ نعمت جي بدلي ۾ عذاب جو مزو وٺو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قيامت واري ڏينھن ڪي منھن ٻھڪندڙ هوندا ۽ ڪي منھن (پريشانيءَ ۾) ڪاراٽيل هوندا، پوءِ جن جا منھن ڪاراٽيل هوندا تن کي چيو ويندو، ته ايمان آڻڻ کان پوءِ به توهان ڪفر ڪيو هوسو هاڻي ان ڪفر جي بدلي ۾ (جھنم جي) عذاب جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمَّا الَّذينَ ابيَضَّت وُجوهُهُم فَفى رَحمَةِ اللَّهِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 107) |
۽ جن جا منھن اڇا ھوندا سي الله جي رحمت ھيٺ رھندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن جا چهرا چمڪندا، اهي الله جي رحمت جي ڇانو ۾ هوندا ۽ هميشه الله جي رحمت هيٺ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر اهي (ماڻهو) جن جا مُنهن روشن هوندا اُهي الله تعالى جي رحمت ۾ آهن، اهي انهيءَ ۾ هميشه رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن چهرن تي نور وسندو هوندو اهي ته خدا جي رحمت (بهشت) ۾ هوندا (۽) ان ۾ سدائين رهندا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر اهي (شخص) جو اڇا ٿيا منهن انهن جا پوءِ الله جي رحمت ۾ رهندا اهي ان ۾ هميشہ هوندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن جا منهن اڇا ٿيا، سي الله جي رحمت ۾ ٿيندا. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن جا چهرا سفيد (روشن) هوندا ته اُهي الله جي رحمت ۾ هوندا. اُهي ان (حال) ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر منهن مُنور جن جا، سي منجھ رحمت ربَّ سائين. ساڪن سدائين، انهيء باغ بهشت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر جن ماڻهن جا منهن روشن هوندا، سي الله جي رحمت ۾ هوندا ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن جا منهن چمڪندا هوندا انهن کي الله جي رحمت جي دامن ۾ جڳهه ملندي ۽ هو سدائين اتي ئي رهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باقي رهيا اهي ماڻهو جن جا چهرا روشن هوندا، ته انهن کي جڳهه ملندي الله جي رحمت ۾، ۽ اهي هميشه انهيءَ حالت ۾ رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن جا منھن ٻھڪندڙ هوندا، سي الله تعالى جي رحمت ۾ هوندا، هو ان ۾ هميشه رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ ءايٰتُ اللَّهِ نَتلوها عَلَيكَ بِالحَقِّ وَمَا اللَّهُ يُريدُ ظُلمًا لِلعٰلَمينَ (آيت : 108) |
(اي پيغمبر) اِھي الله جون آيتون آھن جي (اسين) توتي سچيءَ طرح پڙھون ٿا، ۽ الله جھانن لاءِ ظُلم ڪرڻ نه گھرندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي منهنجا پيغمبر!) اهي الله جون آيتون (نشانيون ۽ حڪم) آهن جي اسان حق سان توکي ٻڌائي رهيا آهيو ۽ الله تعاليٰ دنيا جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ نٿو چاهي (بلڪ سچي حڪمت ٿو سيکاري ۽ مفيد حڪم ٿو ڏئي ته انهن جي تعميل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ خوشحال ۽ ڪامياب ٿين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي الله تعالى جون آيتون آهن جيڪي اسان رسولِ عربيءَ تي حق سان تلاوت ڪريون ٿا، ۽ الله تعالى جهانن وارن تي ظلم نٿو چاهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) اهي خدا جون آيتون آهن جي اسين تو کي برابر پڙهي ٻڌايون ٿا. ۽ خدا ساري جهان جي ماڻهن مان ڪنهن تي (به) ظلم ڪرڻ نٿو گهري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي آيتون الله جون آهن پڙهون ٿا اهي اوهان جي اڳيان حق سان ۽ ناهي الله جو (شان) جو ارادو ڪري ظلم جو جهانن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي الله جون آيتون آهن اهي اسين توکي برابر برابر پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ الله جهان (خلقت) تي ظلم ڪرڻ نٿو گهري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي الله جون آيتون آهن جن کي اسان تو تي حق سان پڙهون ٿا. ۽ الله جهانن (وارن تي) ڪنهن به ظلم جو ارادو نه ٿو رکي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهي آيتون الله جون، پڙهونِ، مَٿي تو مُور؛ ۽ نه گھري ڪرڻ ڪَلُور، پرور پِرٿڻين سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله جا حڪم آهن جي اسين توکي پورا پورا پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ الله جهان جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ نٿو گهري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي الله جا حڪم آهن، جيڪي اسان توکي کولي جيئن جو تيئن ٻڌايون ٿا، ڇو جو الله جو دنيا وارن تي ظلم ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي فرمودا الله جا آهن جيڪي اسان توهان کي ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته الله دنيا وارن تي ظلم ڪرڻ جو ارادو نٿو رکي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ)! هي الله تعالى جون آيتون آهن، جيڪي اسان توکي ٺيڪ ٺيڪ پڙهي ٻڌايون ٿا ۽ الله تعالى ڪڏهن به جھان وارن تي ظلم ڪرڻ نه چاهيندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ وَإِلَى اللَّهِ تُرجَعُ الأُمورُ (آيت : 109) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، ۽ (سڀ) ڪم الله ڏانھن موٽايا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سوڳ سڀ الله ئي جو آهي ۽ سڀ ڳالهيون آخر الله تعاليٰ ڏي موٽڻ واريون آهن (۽ هوئي مناسب فيصلا ڪندو ۽ جزا ۽ سزا ڏيندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ آهي جيڪو ڪجهه آسمان ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ سڀئي ڪم الله تعالى ڏانهن موٽايا ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو (ئي) آهي. ۽ (آخر) سڀ ڪم خدا ڏي موٽا ويندا. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ خاص الله جو آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ الله ڏانهن موٽايا وينداسڀ ڪم.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي آسمانن ۾ ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. ۽ (سڀ) ڪم الله ڏي موٽايا وڃن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جي مِلڪ آهي جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي. ۽ جو ڪجھه زمين ۾ آهي ۽ سڀ ڪم الله ڏانهن موٽايا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪي اُڀ زمين ۾، سڀ آهن، الله هار، ۽ آخر پرور پار، موٽن، سڀ مُعاملا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي به آسمانن خواهه زمين ۾ آهي، سو سڀ الله جو آهي ۽ ان ڏانهن ئي سڀ ڪم موٽندڙ آهن.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي سمورين شين جو مالڪ الله آهي ۽ سڀ معاملا الله جي ئي بارگاهه ۾ پيش ٿيندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ئي آسمانن ۽ زمينن جي مڙني شين جو مالڪ آهي، ۽ الله جي ئي حضور ۾ سڀ معاملا پيش ٿين ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي، سو سڀ الله تعالى جو ئي آهي ۽ آخرڪار سڀئي معاملا الله تعالى ڏانھن ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُنتُم خَيرَ أُمَّةٍ أُخرِجَت لِلنّاسِ تَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَتَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَتُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَلَو ءامَنَ أَهلُ الكِتٰبِ لَكانَ خَيرًا لَهُم مِنهُمُ المُؤمِنونَ وَأَكثَرُهُمُ الفٰسِقونَ (آيت : 110) |
اوھين اھڙي ڀَلي اُمت ماڻھن لاءِ پيدا ٿيل آھيو جو چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھيو ۽ مدن ڪمن کان جھليندا آھيو ۽ الله کي مڃيندا آھيو، ۽ جيڪڏھن ڪتاب وارا ايمان آڻين ھا ته ضرور کين ڀَلو ھُجي ھا، منجھانئن ڪي مؤمن آھن ۽ منجھانئن گھڻا بي دين آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مسلمانو) توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو، جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهو ۽ توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ براين کان روڪڻ وارا آهيو ۽ الله تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهيو ۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب به (مخالفت جي عيوض) ايمان آڻين ها ته سندن لاءِ وڏو فائدو ۽ چڱائي ٿئي ها (۽ هوئي جهان جي سڌاري جو ڪم ڪن ها) انهن ۾ اهڙا به آهن جي ايمان وارا آهن، پر وڏو تعداد انهن ماڻهن جو آهي جي بي فرمان ۽ حق جي راه کان ٻاهر ويندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (رسولِ عربيءَ جي) امت سڀني امتن کان ڀلي آهي جيڪي ظاهر ٿيون ماڻهن مان، توهان چڱائي جو حڪم ڏيو ٿا ۽ برائيءَ کان منع ڪريو ٿا ۽ الله تعالى تي توهان ايمان رکو ٿا، ۽ جيڪڏهن اهلِ ڪتاب جا ايمان آڻن ها ته انهن لاءِ بهتر هو، انهن مان ڪجهه مؤمن آهن ۽ گهڻا انهن مان ڪافر آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين ڪهڙو نه سٺو ٽولو آهيو! جو اوهين، ماڻهن کي هدايت ڪرڻ لاءِ (هادي بڻائي) پيدا ڪيا ويا آهيو. اوهين (يقينن ماڻهن کي) چڱن ڪمن جو ته حڪم ڪريو ٿا ۽ بڇڙن ڪمن کان کين منع ڪيو ٿا، ۽ خدا تي (پورو پورو) ايمان رکو ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا به ايمان آڻن ها ته سندن حق ۾ سٺو هو. انهن مان ڪجھ ته ايماندار آهن ۽ گهڻا بدڪار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) آهيو اوهان ڀلي امت جوظاهر ڪئي ويئي ماڻهن جي (ڀلائي ۽ هدايت) لاءِ حڪم ٿا ڪيو نيڪيءَ جو ۽ روڪيو ٿا برائيءَ کان ۽ ايمان ٿا آڻيو الله تي ۽ جيڪڏهن ايمان آڻين ها اهل ڪتاب ته هجي ها ڀلو انهن جي لاءِ ڪي انهن مان ايمان وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان فاسق آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي ايمان وارؤ) اوهين چڱي اُمت آهيو، جنهن کي ماڻهن لاءِ ظاهر ڪيو ويو آهي چڱي ڪم جو حڪم ڪريو ٿا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ته انهن لاءِ چڱو هو. ڪي انهن مان ايمان وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان ڀلي امت آهيو جا ماڻهن لاءِ ظاهر ڪئي وئي آهي جو اوهان نيڪين جو امر ڪيو ٿا ۽ براين کان منع ڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان رکو ٿا. ۽ اگر ڪتاب وارا ايمان آڻن ها ته اهو انهن لاءِ ڀلو هيو. انهن مان ڪي ايمان وارا به آهن پر انهن مان گهڻا نافرمان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهين اُمت آهيو، ڀلِي بيگمان، ماڻهن ڪارڻ ڪئـِي ويئي، ظاهر منجھ زمان، ته چئو چڱائـِي ۽ روڪيو، مَٺيان مُسلمان، ۽ آڻيو ٿا ايمان، سٻَاجھي سُبحان تي. ۽ جي اهل ڪتاب مڃيو، ته سٺو سندنِ ڪاڻ، ۽ ڪي منجھنِ مڃيندڙ آڻ، ۽ ٻَهون ٻاهر اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين سڀ کان ڀلي امت آهيو، جا هن لاءِ بنائي ويئي آهي ته ماڻهن کي چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏيو. بڇڙاين کان روڪيو ۽ الله تي ايمان رکو ٿا. جيڪڏهن ڪتاب وارا به ايمان آڻين، ته انهن لاءِ چڱو آهي، مگر ڪي انهن مان مومن آهن ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي دنيا جو اهو سڀني کان ڀلو ٽولو توهان ئي آهيو، جن کي انسانن جي هدايت ۽ سڌاري لاءِ ميدان ۾ آندو ويو آهي. توهان نيڪيءَ جو حڪم ڪريو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا ۽ توهان جو الله تي ايمان آهي. اهي اهل ڪتاب جيڪر ايمان آڻين ها ته انهن لاءِ ڏاڍو ڀلو هو. توڻي جو منجهانئن ڪي ماڻهو ايماندار به آهن پر سندن اڪثر ماڻهو نافرمان آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي توهان ئي بهترين ٽولو انسانن جي هدايت ۽ اصلاح جي لاءِ دنيا جي ميدان ۾ آهيو، نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا، ۽ ايمان رکو ٿا الله تي، ۽ هي اهلِ ڪتاب ايمان آڻين ها ته سندن حق ۾ بهتر هو، جڏهن ته انهن ۾ ڪي ايمان وارا آهن پر گهڻا ئي نافرمان آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان بھترين امت آهيو، جنھن کي ماڻهن جي سڌاري لاءِ چونڊي اڳتي آندو ويو آهي، اوهان نيڪي ڪرڻ جو حڪم ڪريو ٿا، برن ڪمن کان روڪيو ٿا ۽ الله تعالى تي پڪو ايمان رکو ٿا. اهل ڪتاب جيڪڏهن ايمان آڻين ها ته اهو سندن لاءِ ئي بھتر هو، انهن مان ڪجهه ماڻهو ايمان وارا آهن جڏهن ته اڪثر ماڻهو نافرمان آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَن يَضُرّوكُم إِلّا أَذًى وَإِن يُقٰتِلوكُم يُوَلّوكُمُ الأَدبارَ ثُمَّ لا يُنصَرونَ (آيت : 111) |
(اِھي زباني) اِيذاءُ کانسواءِ اوھان کي ڪڏھن ڏکوئي نه سگھندا، ۽ جيڪڏھن اوھان سان وڙھندا ته اوھان کي پُٺي ڏيئي ڀڄندا، وري مدد نه ڏبن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو (اهل ڪتاب ڪيتري به اوهان جي مخالفت ڪن ته به) ٿوري ايذاءَ پهچائڻ کان سواءِ توهان کي ڪو وڏو ضرر پهچائي ڪونه سگهندا ۽ جيڪڏهن هو توهان سان لڙائي ڪندا ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ ڪڏهن به فتحمند نه ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي اوهان کي ڪو نقصان نه پهچائيندا مگر زباني تڪليف ۽ جيڪڏهن توهان سان مقابلو ڪندا ته ڀڄي ويندا، انهيءَ کان پوءِ فاتح نه ٿيندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) هي ماڻهو معمولي ايذاءُ کان سواءِ اوهان کي ڪڏهين به نقصان پهچائي نه سگهندا ۽ جيڪڏهن اوهان سان وڙهندا ته کين توهان ڏي پٺي ئي ڪرڻي پوندين ۽ پوءِ انهن کي ڪٿان به مدد ڪانه ملندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اصل نه نقصان ڏئي سگهندا اوهان کي سواءِ (زباني) ايذاءَ جي ۽ جيڪڏهن جنگ ڪندا اوهان سان ته ڦيرائي ڏيندا اوهان کي پٺيون ان کان پوءِ نه مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) زباني ايذاءَ کان سواءِ اوهان کي ايذاءُ نه پهچائيندا. ۽ جيڪڏهن اوهان سان جنگ ڪندا ته اوهان ڏي پٺيون ڪندا وري (ڪٿان به) مدد نه ملندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي اوهان کي هرگز نقصان پهچائي نه سگھندا سواءِ (زباني) ايذائڻ جي. ۽ جي اوهان سان جنگ ڪندا ته توهان کي پٺي ڏئي (ڀڄي) ويندا پوءِ انهن جي مدد به نه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه پُهچائيندا نقصان ري زيان زبان جي، ۽ جي وِڙهندا، ته وَرندا، سي پانهون پهلوان، موٽِي تن کي ڪا نه، مدد مِلندي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي اوهان کي (زباني) ايذاءَ کان سواءِ ڪو به نقصان هرگز نه ڏيئي سگهندا ۽ جيڪڏهن اوهان سان وڙهندا ته اوهان کي پٺ ڏيئي ڀڄندا، پوءِ کين مدد نه ملندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي توهان کي ڪوبه نقصان پهچائي نه سگهندا، وڌ ۾ وڌ کڻي ٿورڙو ستائيندا، جيڪڏهن توهان سان وڙهندا ته پٺي ڏيئي ڀڄندا. پوءِ وري اهڙا بي وس ٿي پوندا، جو ڪٿان ڪا مدد ئي نه ملندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي توهان جو ڪجهه بگاڙي نٿا سگهن، سواءِ ڪجهه ايذائڻ جي ۽ جيڪڏهن توهان سان لڙندا ته مقابلي ۾ پٺي ڏيکاريندا، پوءِ اهڙو ته لاچار ٿيندا جو کين ڪٿان به ڪا مدد ڪانه ملندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي توهان کي ڪڏهن به نقصان نٿا پھچائي سگهن، (رڳو شرارتن ذريعي ) ڪجهه وقت لاءِ ستائي سگهن ٿا، پر جيڪڏهن اوهان سان وڙهڻ ايندا ته پٺي ڏئي پويان پير ڪندا، پوءِ انهن جي مدد ڪير به نه ڪري سگهندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ضُرِبَت عَلَيهِمُ الذِّلَّةُ أَينَ ما ثُقِفوا إِلّا بِحَبلٍ مِنَ اللَّهِ وَحَبلٍ مِنَ النّاسِ وَباءو بِغَضَبٍ مِنَ اللَّهِ وَضُرِبَت عَلَيهِمُ المَسكَنَةُ ذٰلِكَ بِأَنَّهُم كانوا يَكفُرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَيَقتُلونَ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ ذٰلِكَ بِما عَصَوا وَكانوا يَعتَدونَ (آيت : 112) |
الله جي ذمي ۽ ماڻھن جي پناھ کانسواءِ جتي لڌا ويندا اُتي مٿن خواري ھنئي ويئي آھي ۽ الله جي ڏمر ھيٺ وري وريا ۽ مٿن محتاجي ھنئي ويئي آھي، اِھا (سزا) ھن سببان آھي جو الله جي آيتن کي نه ٿي مڃيائون ۽ پيغمبرن کي ناحق ٿي ڪُٺائون، اِھي (عادتون) اِنھيءَ سبب آھن جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگھندڙ ھئا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (يهودين) تي جتي به هجن ذلت ۽ خواري ٿي وسي. سواءِ هن (حالت) جي جو خدا جي عهد يا انسانن جي عهد سان کين پناه ملي هجي. (ٻين جي رحم تي زندگي بسر ڪرڻ به درحقيقت وڏي ذلت آهي) خدا جو غضب پاڻ تي آندائون ۽ محتاجي ۽ بدحالي ۾ گرفتار ٿيا. اهو هن ڪري ٿيو جو هو الله جي آيتن (نشانين ۽ حڪمن) کان انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اها (حالت) هن ڪري ٿين جو هو نافرماني ۽ سرڪشي ڪرڻ لڳا هئا ۽ (شرارتن ۾) حدون لتاڙي چڪا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن تي جنهن به جاءِ تي هوندا، خواري مقرر ڪئي ويندي آهي مگر الله تعالى تي ايمان آڻڻ يا مسلمانن جي پناه ۾ رهن ۽ اهي الله تعالى جي غضب جا لائق ٿيا ۽ انهن تي محتاجي مقرر ڪئي وئي، اهو انهي سببان جو بيشڪ اهي الله جي آيتن جو ڪُفر ڪندا هئا ۽ رسولن کي بيگناهه شهيد ڪندا هئا، انهيءَ جو سبب بي فرماني ۽ حد کان زيادتي ڪرڻ هئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا جي ذمي ۽ ماڻهن جي ذمي کان سواءِ جتي به لڌا ويندا، اتي مٿن خواري وڌي وئي آهي ۽ خدا جي غضب سان موٽيا آهن. ۽ مٿن محتاجي (بد حالي) وڌي وئي آهي. اهو هن ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا آهن ۽ ناحق نبين کي قتل ڪندا رهيا آهن، ڇو ته انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي حد کان لنگهي ويندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هنئي ويئي انهن تي ذلت (خواري) جتي به لڌا ويا مگر الله جي عهد سان يا ماڻهن جي عهد سان ۽ حقدار ٿيا الله جي غضب جا ۽ هنئي وئي انهن تي محتاجي اهو ان جي ڪري جو بيشڪ اهي ڪفر ڪندا هئا آيتن جو ۽ شهيد ڪندا هئا نبين کي ناحق اهو ان جي ڪري جو بي فرماني ڪيائون ۽ حد کان لنگهندا هئا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي ذمي ۽ ماڻهن جي ذمي کان سواءِ جتي به لڌا ويندا، اتي مٿن خواري وڌي وئي آهي، ۽ الله جي غضب سان موٽيا آهن، ۽ مٿن محتاجي (بدحالي) وڌي وئي آهي. اهو هن ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا آهن ۽ ناحق نبين کي قتل ڪندا رهيا آهن اهو هن ڪري جو انهن نافرماني ڪئي ۽ اهي حد کان لنگهي ويندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن مٿان ذلت مڙهي وئي (هر جاءِ تي) جِتي به اهي لڌا ويا سواءِ (ڪٿي) الله جي پناهه جي ۽ (ڪٿي) ماڻهن جي پناهه جي. ۽ اهي الله جي ڏمر ۾ گھيرجي ويا ۽ انهن تي محتاجي مڙهي وئي. اها (سزا) هن ڪري جو اهي الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اهو هن ڪري (به) جو اهي بي فرمان ٿيا ۽ حدون اورانگهيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لڳِي مٿنِ، جتي به لڌا، تابعداري تمام، سوا سام سائين جي، ۽ سَندِي ماڻهن سام، ۽ ڏمر ۾ ڌاتار جي، موٽِي ڪيؤن مَقام، ۽ مٿي تن مُدام، مَڙهائـِي مَڙهِي ويئـِي. سو ڇو ته مڃيؤَن نه مورهين، آيتون الله، ۽ ناحق نبين کي هُئا قَتل ڪندا گمراه، ڪيائون گناه، ۽ حدون ٽوڙيندائـِي هئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جتي به هجن اتي مٿن ذلت وڌي ويئي آهي، سواءِ هن جي، جو الله جي ذمي ۾ رهن، يا ماڻهن جي ذمي ۾، انهن کي الله جو غصو ورائي ويو ۽ مٿن مسڪينيءَ کي لاڳو ڪيو ويو، ڇا لاءِ ته هو الله جي آيتن جو انڪار ڪندا هئا ۽ ناحق نبين کي قتل ڪندا هئا. اها (سزا) هن ڪري، جو اهي نافرماني ڪندا هئا ۽ حد کان نڪري ويا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي جتي به ڏٺا ويا مٿن ذلت جو چهبڪ وسيو، پر جي الله جي پناهه يا ماڻهن جو سهارو وٺڻ سان ڪو بچاءُ ٿين ته اها ٻي ڳالهه آهي، اهي الله جي غضب ۾ وڪوڙجي ويا آهن، مٿن سڃائي ۽ ڏتـڙيل حالت مڙهجي وئي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو آهي، جو الله جي آيتن سان ڪفر پئي ڪيائون ۽ نبين کي ناحق قتل ڪيائون. اهو سڀ ڪجهه سندن نافرمانين ۽ حد کان لنگهي وڃڻ جو نتيجو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي جتي به رهيا انهن تي ذلت جي مار پئي ڪٿي ته اها مهابي الله جي يا ڪٿي ته وري انسانن جي طرفان پناه ه ملي وئي ته اها ٻي ڳالهه آهي. هي غضب الله جي هيٺ گهيرجي ويا آهن. ۽ انهن تي محتاجي زيردستي ٿاڦي وئي آهي. هي سڀ انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو هي الله جي آيتن جو ڪفر ڪندا رهيا، ۽ قتل ڪيو پيغمبرن کي بغير حق جي، ۽ اهو سڀ انهن جي نافرمانين ۽ زيادتين جو نتيجو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (يھودي) دنيا جي ڌرتيءَ تي، الله تعالى جي مھربانيءَ ۽ ماڻهن جي ڏنل پناهه کان سواءِ جتي به رهندا ته، مٿن ذلت جي ڦٽڪار پوندي رهندي، ڇو ته هي الله تعالى جي ڏمر هيٺ اچي ويا آهن ۽ انهن جي مٿان محتاجي لکجي چڪي آهي، انهن سان اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي، جو هو الله تعالى جي آيتن جو هميشه انڪار ڪندا رهيا ۽ نبين سڳورن کي ناحق قتل ڪندا رهيا. اهو حشر سندين نافرمانين جي ڪري ٿيو آهي، درحقيقت هو حد کان ٽپي ويا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسوا سَواءً مِن أَهلِ الكِتٰبِ أُمَّةٌ قائِمَةٌ يَتلونَ ءايٰتِ اللَّهِ ءاناءَ الَّيلِ وَهُم يَسجُدونَ (آيت : 113) |
اِھي (سڀ) ھڪ جھڙا نه آھن، ڪتاب وارن مان ھڪڙي اھڙي سڌي ٽولي آھي جو الله جون آيتون رات جي وقتن ۾ پڙھندا آھن ۽ اُھي نماز (به) پڙھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ايئن به) ناهي ته سڀ اهل ڪتاب هڪ جهڙا آهن انهن مان هڪڙي ٽولي اهڙن ماڻهن جي آهي جي هدايت جي واٽ تي قائم آهن، هو رات جو اٿي الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ سندس اڳيان سجدو ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀئي پاڻ ۾ برابر ناهن، اهلِ ڪتاب وارن مان ڪجهه اُهي آهن جيڪي حق تي قائم آهن، اهي الله تعالى جون آيتون رات جي وقت ۾ پڙهن ٿا ۽ اهي سجدا ڪن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هي سڀئي ماڻهو به سڀ جا سڀ هڪ جهڙا نه آهن (پر) اهل ڪتاب مان ڪجھ ماڻهو ته اهڙا به آهن جو (خدا جي دين تي) اهڙي طرح ثابت قدم آهن جي رات جي وقتن ۾ الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ اهي برابر سجدا ڪندا رهندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهن (سڀئي) برابر اهل ڪتاب مان هڪ جماعت (حق تي) قائم آهي تلاوت ٿا ڪن آيتون الله جون رات جي وقتن ۾ ۽ اهي سجدا ٿا ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي (سڀ) هڪ جهڙا نه آهن. ڪتاب وارن مان هڪ (حق تي) بيٺل جماعت آهي جي رات جي وقتن ۾ الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ اهي سجدو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سڀ هڪ جهڙا نه آهن. اهلِ ڪتاب مان ڪا جماعت (حق تي) قائم آهي. اُهي رات جي گهڙين ۾ الله جي آيتن جي تلاوت ڪن ٿا ۽ اُهي سجدا ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهن اهل ڪتاب جا، هڪ جھڙا سڀ همراه، قائم ڪاري رات ۾، اُمت اُن منجھاه، پڙهن پاسا رات جا، آيتون الله، سي صاحب جِي، ساراه ۾، نمن نيڪ نگاه، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سڀ اهل ڪتاب هڪ جهڙا نه آهن، انهن مان هڪ ٽولو سنئين واٽ تي قائم آهي. راتين جو الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ سجدا ڪندا رهن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر سڀئي اهل ڪتاب هڪجهڙا نه آهن، انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن، جيڪي سڌي واٽ تي قائم آهن ۽ رات جو الله جون آيتون پڙهندا آهن ۽ سندس آڏو سجدا پيا ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر سڀ (اهلِ ڪتاب) هڪ جهڙا نه آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي سڌي راهه تي قائم آهن، الله جون آيتون راتين جو پڙهن ٿا ۽ ان جي آڏو سجدي ۾ وڃن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهل ڪتاب وري سڀ هڪجھڙا به نه آهن، انهن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي حق تي قائم آهن ۽ رات جو اٿي الله تعالى جي آيتن جي تلاوت ڪندڙ ۽ الله تعالى جي اڳيان سجدن ۾ ڪريل هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُؤمِنونَ بِاللَّهِ وَاليَومِ الءاخِرِ وَيَأمُرونَ بِالمَعروفِ وَيَنهَونَ عَنِ المُنكَرِ وَيُسٰرِعونَ فِى الخَيرٰتِ وَأُولٰئِكَ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 114) |
الله ۽ قيامت جي ڏينھن کي مڃيندا آھن ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪندا آھن ۽ مَدن ڪمن کان جھليندا آھن ۽ چڱاين (يعني دين مڃڻ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن، ۽ اِھي ڀلارن مان آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي (سچو) ايمان رکن ٿا، نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ براين کان روڪين ٿا، چڱاين ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تڪڙا قدم کڻن ٿا ۽ سچ پچ صالح ٻانهن منجهان آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى ۽ قيامت تي ايمان آڻن ٿا ۽ چڱائي جو حڪم ڏين ٿا ۽ برائيءَ کان منع ڪن ٿا ۽ نيڪيءَ جي ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا، ۽ اهي نيڪوڪارن مان آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ چڱن ڪمن جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڃڙين ڳالهين کان منع ڪن ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا. اهي ئي انسان صالحن مان آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ايمان ٿا آڻين الله تي ۽ ڏينهن قيامت تي ۽ امر ٿا ڪن نيڪيءَ جو ۽ روڪين ٿا برائيءَ کان ۽ جلدي ٿا ڪن نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ۽ اهي صالحن مان آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا. ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا. ۽ اهي چڱن مان آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي الله تي ۽ قيامت واري ڏينهن تي ايمان آڻن ٿا ۽ نيڪين جو حڪم ڪن ٿا ۽ براين کان منع ڪن ٿا ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ تڪڙ ڪن ٿا. ۽ اُهي نيڪوڪارن مان آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله ۽ آخرت ڏينهن ۾، وڏو رکن ويساه، ۽ چون چڱاين جو، ۽ جَھلينِ، کان گناه، ۽ ڪوشش نيڪ ڪمن ۾، وٺِن وِهلو واه! ۽ هونداهميشاه، صالحن جي ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا. چڱين ڳالهين جو حڪم ڪن ٿا، بڇڙاين کان منع ڪن ٿا. نيڪين ۾ جلدي ڪندڙ آهن ۽ اهي نيڪن مان آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان اٿن، نيڪيءَ جو حڪم ڪن ٿا، برائين کان روڪين ٿا ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وک وڌائيندا رهن ٿا. اهي صالح ماڻهو آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ايمان رکن ٿا الله ۽ ڏينهن آخرت جي تي، ۽ نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ روڪين ٿا برائين کان ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ سرگرم رهن ٿا، ۽ اهي ماڻهو صالحن مان آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي الله تعالى ۽ قيامت واري ڏينهن تي پڪو ايمان آڻيندا آهن، نيڪيءَجوحڪم ڪندا آهن، برائيءَ کان روڪيندا آهن ۽ ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳتي اڳتي هوندا آهن، (انهن يھودين مان) هي نيڪ ۽ صالح ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَفعَلوا مِن خَيرٍ فَلَن يُكفَروهُ وَاللَّهُ عَليمٌ بِالمُتَّقينَ (آيت : 115) |
۽ جيڪا ڪا به چڱائي ڪندا آھن تنھن جي بي قدري پٽيءَ نه ڪبي، ۽ الله پرھيزگارن کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سو ياد رکو ته) اهي ماڻهو نيڪ عملن مان جيڪي ڪجهه ڪن ٿا تنهنجو قدر ڪيو ويندو (هنن کي نيڪ عملي جو اجر ضرور ملندو) ۽ جيڪي ماڻهو متقي آهن (يعني خدا جو خوف رکي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن، اگرچه يهودي عيسائي وغيره هجن) تن جي حال کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي جيڪا نيڪي ڪن ٿا پوءِ قطعاً اُها ميٽائي نه ويندي، ۽ الله تعالى پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪا به چڱائي ڪندا تنهن جي انهن سان بيقدري نه ڪئي ويندي ۽ خدا پرهيزگارن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي ڪن ٿا نيڪي پوءِ اصل نه بي قدري ڪيا ويندا ان جي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي پرهيزگارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪا به چڱائي ڪندا تنهن جي انهن سان بيقدري نه ڪئي ويندي ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي جا به نيڪي ڪندا ته هرگز ان جي ناقدري نه ڪئي ويندي. ۽ الله پرهيزگارن کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڪن ڀلايون ڀال، سي ماريون نه وِينديون مورهين، ۽ واقف چڱِي چال، مالڪ، مُتقين کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪا به نيڪي ڪندا ان جي هرگز بي قدري نه ٿيندي ۽ الله نيڪن کي ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪا نيڪي به اهي ڪندا، ان جي اجر کان محروم نه ٿيندا. الله ته پرهيزگارن کي خوب ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪا به نيڪي هي ڪندا، ان جي ناقدري نه ڪئي ويندي ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو پرهيزگار ماڻهن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي جيڪي به نيڪيءَ جا ڪم ڪندا، تن جي بي قدري نه ڪئي ويندي، الله تعالى پرهيزگار ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ كَفَروا لَن تُغنِىَ عَنهُم أَموٰلُهُم وَلا أَولٰدُهُم مِنَ اللَّهِ شَيـًٔا وَأُولٰئِكَ أَصحٰبُ النّارِ هُم فيها خٰلِدونَ (آيت : 116) |
جن اِنڪار ڪيو تن کان نڪي سندن مال سندن اولاد الله جو ڪُجھ (عذاب) ٽاري سگھندا، ۽ اُھي دوزخي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ نافرمانيءَ جي راهه اختيار ڪئي تن کي سندن مال متاع ۽ آل اولاد، خدا جي عذاب کان بچائي ڪونه سگهندا. اهي دوزخ ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ڪيو هرگز انهن کي سندن دولت ۽ اولاد الله تعالى جي عذاب کان بچائي نه سگهندا، ۽ اهي جهنمي آهن، اهي جهنم ۾ هميشه رهندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو تن کي خدا (جي عذاب) کان بچائڻ ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڪجھ به ڪم نه ايندا ۽ اهي دوزخي آهن هميشه ان ۾ پيا رهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي شخص جو ڪفر ڪيائون هر گز نه دفع ڪندا انهن کان انهن جا مال ۽ نه انهن جو اولاد الله جي عذاب کان ڪا شيءِ ۽ اهي جهنمي آهن.هي ان ۾ هميشہ هوندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي الله (جي عذاب) کان سندن مال ۽ سندن اولاد ڪجهه به ڪم نه ايندا، ۽ اهي دوزخي آهن. اهي ان ۾ پيا رهندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو ته انهن جا مال ۽ انهن جا اولاد انهن تان الله جي (عذاب مان) ڪا شيءِ به ٽاري نه سگھندا. ۽ اهي ئي جهنمي آهن، اهي ان ۾ هميشه رهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦِريا،جي فرمان کان، ته سندنِ، مال وِيا، ڪجھ ڇڏائن ڪين ڪي، ڪنان ڪِبريا، اُهي نارِي منجھ نِيا، هونِ هميشه اُن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن شخصن ڪفر ڪيو، تن کي نڪي سندن مال ۽ نڪي سندن اولاد الله وٽان ڪجهه بچائيندو- ۽ اهي دوزخي آهن، ان ۾ هميشه رهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جن ڪفر جي روش اختيار ڪئي ته الله جي مقابلي ۾ نڪي سندن مال ۽ دولت کين ڪنهن ڪم ايندي ۽ نه اولاد، هو ته باهه ۾ پوڻ وارا آهن ۽ هميشه باهه ۾ ئي پيا هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي ته ڪنهن ڪم اچي سگهندو نه سندن مال ۽ نه وري اولاد الله جي مقابلي ۾، ۽ اهي ماڻهو ته باهه ۾ وڃڻ وارا آهن. هميشه اتي ئي رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ڪفر وارو رستو اختيار ڪيو ته انهن جو مال ۽ اولاد الله تعالى جي عذاب کان ڪڏهن به کين بچائي نٿو سگهي، هي جھنمي آهن هميشه ان ۾ رهندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ ما يُنفِقونَ فى هٰذِهِ الحَيوٰةِ الدُّنيا كَمَثَلِ ريحٍ فيها صِرٌّ أَصابَت حَرثَ قَومٍ ظَلَموا أَنفُسَهُم فَأَهلَكَتهُ وَما ظَلَمَهُمُ اللَّهُ وَلٰكِن أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 117) |
ھن دنيا جي حياتيءَ ۾ جيڪي (رياءُ لاءِ) خرچيندا آھن تنھن جو مثال اُنھيءَ واءُ جي مثال وانگر آھي جنھن ۾ پارو ھجي جو اُن ٽوليءَ جي پوکه کي پھچي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ اُن (سندن پوکه) کي ناس ڪري، ۽ الله ساڻن ظلم نه ڪيو آھي پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) دنيا جي هن زندگيءَ ۾ هي ماڻهو جيڪي خرچ ڪن ٿا ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو ان هوا جو لڳڻ جنهن ۾ پارو هجي. انهيءَ پاري واريءَ هوا انهن ماڻهن جي کيتيءَ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيو، جن ماڻهن (تڪليفون ڪري پوک ته پوکي پر) هڪٻئي تي ظلم ڪيا ۽ گناهن جا ڪم ڪيا. (سي تباه ٿي ويا) الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪونه ڪيو پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پاڻ تي ظلم ڪيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ماڻهن (ڪافرن) جو مثال جيڪي هن دنيا جي حياتي ۾ خرچ ڪن ٿا، اُنهيءَ هوا وانگر آهي جنهن ۾ پارو هجي (اها هوا) ظالم قوم جي پوک کي پهچي پوءِ انهيءَ کي هلاڪ ڪري، ۽ الله تعالى انهن سان ظلم نه ڪيو پر اهي پاڻ پنهنجن نفسن تي ظلم ڪن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو ڪجھ (خلاف شرع) هن دنيا جي (فاني) حياتي ۾ خرچ ڪن ٿا تنهن جو مثال هڪ اهڙي هوا جي مثال جهڙو آهي جنهن ۾ (تمام) سخت ٿڌ هجي جو اهڙن ماڻهن جي کيتيءَ کي وڃي لڳي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ ان کي برباد ڪري ڇڏيائين. ۽ خدا هنن تي ظلم نه ڪيو آهي پر اهي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال تن جو جيڪي خرچ ڪن ٿا هن حياتيءَ ۽ دنيا واريءَ ۾ مثل هوا جي آهي جنهن ۾سخت پارو آهي جو پهتو پوک قوم جي کي جن ظلم ڪيو پنهنجن سرن تي پوءِ ان کي هلاڪ ڪيائين ۽ نه ظلم ڪيائين انهن سان الله ۽ پر پنهنجن سرن تي پاڻ ظلم ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو ڪجهه هن دنيا جي حياتيءَ ۾ خرچ ڪن ٿا تنهن جو مثال هڪ هوا جي مثال جهڙو آهي، جنهن ۾ سخت ٿڌ هجي جو اهڙي قوم جي کيتيءَ کي وڃي لڳي جن پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ ان کي برباد ڪري ڇڏيائين ۽ الله انهن تي ظلم نه ڪيو پر اُهي پاڻ تي ظلم ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي هن دنيا جي زندگي ۾ (رياء ڪاري ۾) خرچ ڪن ٿا، انهن جو مثال هوا وانگر آهي جنهن ۾ پارو هجي اهڙي قوم جي پوک کي پهچي جن پنهنجي جانين سان ظلم ڪيو پوءِ ان کي برباد ڪري ڇڏي. ۽ الله انهن سان ڪو ظلم ڪونه ڪيو ۽ پر اُهي خود پنهنجو پاڻ مٿان ظلم ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي هِن جهان ۾، خرچين خام خيال، جنهن ۾ پارو پار جو، سو اُنهيءَ واءَ مثال، پوءِ اُن پَهر جي، پوک تان، جن جاڙُون ڪيون جال، ڦِرِي وڃي فِى الحال، پوءِ صفا ساڙي سُڃ ڪري. ۽ الله جل جلالہ، ظلم نه ڪري ڪنهن ساڻ، پر پاڻهين ڪن ٿا پاڻ، جاڙون پنهنجي جِيء سان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جيڪي به هن دنيا جي حياتي ۾ ڪن ٿا سو هڪ اهڙي هوا جي مثال آهي، جنهن ۾ پارو هجي ۽ اهو انهيءَ قوم جي پوک کي لڳي ناس ڪري ڇڏي، جنهن پاڻ تي ظلم ڪيو هجي. ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو آهي، مگر پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو اٿن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه هو هن دنيا واري حياتيءَ ۾ خرچ ڪن ٿا، ان جو مثال ان هوا وانگر آهي، جنهن ۾ برف جهڙي ٿڌ هجي ۽ اها انهن ماڻهن جي پوک تي گــُـهلي جن پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو آهي ۽ ان کي ناس ڪري ڇڏي. الله ته مٿن ڪو ظلم نه ڪيو آهي پر حقيقت ۾ هو پنهنجي مٿان پاڻ ظلم ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو پنهنجي هن دنيا واري زندگيءَ ۾ جو ڪجهه خرچ ڪري رهيا آهن، ان جو مثال ان هوا وانگر آهي جنهن ۾ پارو هجي ۽ انهن ماڻهن جي پوک تي پوي جن ظلم ڪيو آهي پنهنجي پاڻ تي، ۽ ان کي برباد ڪري ڇڏي، الله انهن تي ظلم نه ڪيو پر حقيقت ۾ هي پنهنجي مٿان پاڻ ظلم ڪري رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو دنيا جي زندگيءَ ۾ جيڪو به خرچ ڪن ٿا، ان جو مثال سخت سرديءَ ۾ پاري واري تيز هوا وانگر آهي، جڏهن اها هوا ظلم ڪندڙن جي فصل مٿان هلي، ته سموري فصل کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيائين، الله تعالى مٿن ظلم نٿو ڪري، بلڪ هو پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَتَّخِذوا بِطانَةً مِن دونِكُم لا يَألونَكُم خَبالًا وَدّوا ما عَنِتُّم قَد بَدَتِ البَغضاءُ مِن أَفوٰهِهِم وَما تُخفى صُدورُهُم أَكبَرُ قَد بَيَّنّا لَكُمُ الءايٰتِ إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 118) |
اي اِيمان وارؤ پنھنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين (قومن) کي ڳجھو دوست ڪري نه مڃيو (جو) اوھان جي خرابي ڪرڻ ۾ ڪا گھٽتائي نه ڪندا آھن، اوھان جي ڏکه کي دوست رکيائون، بيشڪ سندن واتن مان دشمني پڌري ٿي آھي، ۽ جيڪي (ضد) سندن سينن لڪايو آھي سو تمام وڏو آھي، بيشڪ اسان اوھان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آھن جيڪڏھن سمجھندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! پنهنجن ماڻهن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو همراز ۽ حال محرم نه بنايو، (نڪي ٻين تي ڀروسو ۽ اعتماد رکو). هنن ماڻهن جو (يعني دشمنن جو) حال هيءُ آهي جو توهان جي خلاف فتنه انگيزيءَ ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارا ناهن. جنهن ڳالهه ۾ اوهان کي نقصان پهچي سا هنن کي وڻي ٿي. هنن جي دشمني هنن جي ڳالهين مان ئي ظاهر آهي پر جيڪي هو دلين ۾ لڪائين ٿا سو ان کان به وڌيڪ آهي. جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به عقل آهي (ته ڏسي سگهندؤ) ته اسان توهان جي لاءِ پنهنجون نشانيون چٽيون ڪري ڇڏيون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! ڌارين کي پنهنجو رازدار نه بنايو، اهي توهان جي بدخواهيءَ ۾ ڪمي نه ڪندا، انهن جي تمنا اها آهي ته توهان کي سخت تڪليف پهچي، بيشڪ سندن واتن مان دشمني ظاهر ٿي، ۽ سندن سينن ۾ اڃان وڌيڪ دشمني آهي، بيشڪ اسان توهان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪڏهن توهان کي عقل آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! پنهنجن (مومنن) کان سواءِ (ٻئي ڪنهن کي) پنهنجو حال محرم نه بڻايو (ڇو ته) اهي غير ماڻهو اوهان کي نقصان پهچائڻ ۾ گهٽتائي نٿا ڪن. (پر) اوهين جيترو به تڪليف ۾ پوندوءَ اوترو ئي اهي خوش ٿيندا. دشمني ته انهن جي واتن مان ٽمي ٿي. پڻ جو (حسد ۽ ساڙ) انهن جي دلين ۾ ڀريل آهي اهو ان کان گهڻو ڪجھ آهي اسان اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن جيڪڏهن اوهين عقل رکو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه وٺو ڳجها دوست پنهنجن کان سواءِ (ٻين کي) نه گهٽتائي ڪندا اوهان کي نقصان پهچائڻ ۾ پسند ٿا ڪن اها شيءِ جو تڪليف ڏئي اوهان کي تحقيق ظاهر ٿي دشمني انهن جي واتن مان، ۽ جيڪي لڪائي ٿا رکن سينا انهن جا تمام وڏي (دشمني) آهي تحقيق بيان ڪيوسون اوهان لاءِ آيتون جيڪڏهن سمجهدار آهيو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! پنهنجن (مسلمانن) کا ن سواءِ (ٻي ڪنهن کي) پنهنجو حال محرم نه بنايو، اهي اوهان کي نقصان پهچائڻ ۾ گهٽتائي نه ٿا ڪن. انهن اوهان جي تڪليف ۾ پوڻ کي پسند ڪيو آهي. سندن واتن مان دشمني ظاهر ٿي آهي ۽ جيڪي سندن سينا لڪائين ٿا، سو تمام وڏو آهي. اسان اوهان لاءِ نشانيون بيان ڪيون آهن، جيڪڏهن اوهين عقل رکو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان پنهنجن کان سواءِ ٻين کي رازدار نه بنايو اهي اوهان جي برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ڪو نه ڇڏيندا. اهي اوهان کي سخت تڪليف پهچڻ جي خواهش رکن ٿا، بيشڪ انهن جي واتن (يعني زبانن) مان بُغض ظاهر ٿي چڪو آهي ۽ جيڪا (دشمني) انهن جي سينن ۾ لڪل آهي اها تمام وڏي آهي. بيشڪ اسان اوهان لاءِ نشانيون پڌريون ڪري ڇڏيون آهن اگر اوهان سمجھو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي جن مڃيو!، سي مَنجھ نه ڳَنڍيو، پَرسين، پاڻاڌار، اَهنجي ڦِٽاڻِي ڦوٽ ۾، نه گھٽائين گِنوار، ۽ پسند ڪيون، جا پُهتيان، تڪليف ڪا تڪرار، وير سندنِ واتن مان، ٻَهون ٿيو ٻَهار، ۽ جو ڇُپائينِ سندن ڇاتيون، وڏو سو ويچار، کوليون سون خوب، اوهان لئي، نشانيون نروار، اِن آسري آڌار، ته پڙهي، مانَ پروڙيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! پنهنجن کي ڇڏي ٻين کي دوست نه بڻايو. اهي اوهان جي خرابيءَ ۾ ڪا گهٽتائي نٿا ڪن، اوهان جي نقصان ۾ خوش آهن. سندن زبان مان به دشمني پڌري ٿي چڪي آهي پر جيڪي سندن سينن ۾ آهي، سو ته ان کان به وڌيڪ آهي. جيڪڏهن اوهان کي سمجهه آهي ته اسان اوهان تي سمجهه جون ڳالهيون پڌريون ڪيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان آڻڻ وارؤ! پنهنجن (مسلمانن) کانسواءِ ٻين کي پنهنجو رازدان نه بڻايو جو هو توهان کي تباهيءَ ۾ وجهڻ واري ڪنهن به موقعي مان فائدو وٺڻ ۾ ڪين ٿا گهٽائين. توهان کي جنهن ڳالهه کان نقصان ٿو پهچي اهائي کين ڏاڍي پسند آهي، سندن اندر وارو بغض سندن واتن مان پيو ٿو بــَـکي ۽ جيڪو اندر ۾ سانڍيو اٿن، اهو ته اڃان به سخت آهي. اسان توهان کي صاف چٽيون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، جيڪڏهن توهان کي عقل آهي (ته انهن سان واسطو رکڻ ۾ احتياط ڪندؤ) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! پنهنجي جماعت جي ماڻهن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو رازدار نه بنايو، نٿا مڙن هو توهان جي خرابيءَ جي ڪنهن به موقعي مان فائدي وٺڻ مان، توهان کي جنهن شيءِ مان نقصان پهچي، اها ئي انهن کي محبوب آهي. سندن بغض سندن واتن مان ٻاهر اچي ٿو دلين جو جيڪو سينن ۾ لڪايل اٿن، اهو ان کان وڌيڪ آهي. اسان توهان کي صاف هدايتون ڏنيون، جي توهان کي عقل آهي ( ته ساڻن تعلق رکڻ ۾ احتياط ڪريو)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان پنھنجي مؤمن ڀائرن کان سواءِ، ٻئي ڪنھن کي به پنھنجو گهاٽو دوست نه بڻايو، توهان جي ڪمزوريءَ مان هو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندا آهن ۽ اوهان کي پهتل نقصان تي خوش ٿيندا آهن. انهن جي دلين جو ساڙ سندن چهرن تي صاف ظاهر آهي ۽ وري جيڪو ساڙ دلين ۾ لِڪائي ويٺا آهن، اهو ته ان کان به وڌيڪ (خطرناڪ) آهي، اسان توهان کي انهن جا پار پتا کولي سمجهائي ڇڏيا آهن، هاڻي انهن کان بچڻ عقل وارن جو ئي ڪم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰأَنتُم أُولاءِ تُحِبّونَهُم وَلا يُحِبّونَكُم وَتُؤمِنونَ بِالكِتٰبِ كُلِّهِ وَإِذا لَقوكُم قالوا ءامَنّا وَإِذا خَلَوا عَضّوا عَلَيكُمُ الأَنامِلَ مِنَ الغَيظِ قُل موتوا بِغَيظِكُم إِنَّ اللَّهَ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 119) |
اوھين اُھي آھيو جو اُنھن کي دوست رکندا آھيو ۽ اُھي اوھان کي دوست نه رکندا آھن ۽ اوھين الله جي سڄي ڪتاب کي مڃيندا آھيو، ۽ جڏھن اوھان کي مِلن ٿا (تڏھن) چون ٿا ته مڃيوسين، ۽ جڏھن ھيڪلا ٿين ٿا (تڏھن) اوھان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چٻين ٿا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اوھين) پنھنجيءَ ڪاوڙ سببان مرو، ڇوته الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو توهان جو حال ته هي آهي جو توهان هنن (دشمنن) سان حب ۽ دوستي ٿا رکو پر هنن جو حال هي آهي جو توهان کي (هڪ گهڙيءَ لاءِ) حب نٿا ڪن. توهان الله تعاليٰ جي سڀني ڪتابن تي ايمان آڻيو ٿا (هنن جي ڪتابن جي به عزت ڪيو ٿا پر هنن جي حالت ابتڙ آهي) هو جڏهن اوهان سان ملن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندو آهي، پر جڏهن اوهان کان پري اڪيلا ٿين ٿا تڏهن توهان جي خلاف ڪاوڙجي جوش ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳن ٿا. (غور ڪيو ته اهڙن دشمنن کي ڪيئن همراز بنائڻ جائز ٿي سگهي ٿو. اي پيغمبر! تون انهن دشمنن کي) چئو ته، (رڳو ڏند نه ڪرٽيو پر) ڪاوڙ جي جوش ۾ پاڻ کي ماري وجهو (ته به جيڪي ٿيڻو هوندو سوئي ٿيندو) ۽ ياد رکو ته جيڪي سينن ۾ لڪل آهي سو به الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خبردار ! اي مؤمنو توهان انهن سان محبت رکو ٿا حالانڪ اُهي توهان سان محبت نٿا رکن ۽ توهان (انهن جي) سڀني ڪتابن تي ايمان آڻيو ٿا، ۽ اهي جڏهن توهان سان ملن ٿا چون ٿا اسان ايمان آندو، ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته ڪاوڙ کان آڱريون چٻاڙين ٿا، اي حبيب ! توهان فرمايو پنهنجي ڪاوڙ ۾ مرو، بيشڪ الله تعالى سينن جي علم کي ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين اهي (سادا) ماڻهو آهيو جو انهن کي دوست ٿا رکو ۽ اهي اوهان کي ذرو به نٿا گهرن ۽ اوهين ته سڄي ڪتاب تي ايمان رکو ٿا ۽ اهي (اهڙا) نه آهن. پر جڏهن اهي اوهان سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته اوهان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چڪ پائين ٿا. (کين چئو) ته پنهنجي ڪاوڙ جي ڪري (سڙي) مرو! بيشڪ خدا دلين جا ڳجھ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهين اهي آهيو جو محبت ٿا رکو انهن سان ۽ نه ٿا محبت رکن اهي اوهان سان ۽ ايمان ٿا آڻيو ڪتابن سڀني تي ۽ جنهن وقت ملن ٿا اوهان سان ته چون ٿا ته ايمان آندوسون ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته چڪين ٿا اوهان تي آڱريون ڪاوڙ جي ڪري فرماءِ ته مري پئو پنهنجي ڪاوڙ جي ڪري بيشڪ الله ڄاڻندڙ آهي سينن وارين ڳالهين کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين اهي آهيو جو انهن کي دوست رکو ٿا ۽ اهي اوهان کي دوست نه ٿا رکن ۽ اوهين سڄي ڪتاب تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ جڏهن اهي اوهان سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان ايمان آندو ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته اوهان تي ڪاوڙ کان آڱرين کي چڪ پائين ٿا. (کين) چو ته پنهنجي ڪاوڙ جي ڪري مرو ! بيشڪ الله دل جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهين اُهي آهيو جو انهن سان محبت رکو ٿا ۽ اُهي اوهان سان محبت نه ٿا رکن حالانڪه اوهان سڀ ڪتابن تي ايمان رکو ٿا، ۽ جڏهن اهي اوهان سان ملن ٿا ته چون ٿا: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته توهان تي ڪاوڙ ڪندي آڱريون چٻاڙن ٿا. چؤ ته: ”پنهنجي ڪاوڙ ۾ (سڙي) مرو“. بيشڪ الله سينن جي (ڳجهين) ڳالهين کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِهي، اوهين ڀانيو انهن کي، ۽ هو نه ڀائـِينيان ڀار، ۽ اوهين ڪُل ڪتاب تي، آڻيو اعتبار، ۽ جڏهن اوهان کي مليا، وراڻيؤَن تنهن وار، ته مڃيوسون مورهين؛ ۽ جڏهن ڇيلا ڇِنا ڌار، ته ڪاوڙ مان ڪُفار، پئا ڇَٻِين، اوهان ته آڱريون. چئو، پنهنجِي چِر ۾، مَرو وڃِي مَردود!، واحد ربُّ، وَدُود، سمجھندڙ، سيني واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ساڻن محبت ڪريو ٿا جو اوهين سڀني ڪتابن کي مڃيو ٿا پر هو اوهان سان محبت ڪو نه ٿا ڪن. هو جڏهن اوهان کي ملن ٿا، چون ٿا ته ”اسين مسلمان آهيون“ ۽ جڏهن اڪيلا ٿين ٿا ته ڪاوڙ کان اوهان تي آڱريون چٻين ٿا. چئو ته ”مرو انهيءَ ڪاوڙ ۾“ بيشڪ الله دلين جي ڳالهه کي به خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ته انهن سان محبت ٿا ڪريو مگر هو توهان سان محبت نٿا ڪن، حالانڪه توهان ته سڀني آسماني ڪتابن کي مڃيو ٿا. جڏهن هو توهان سان ملن ٿا ته چون ٿا ته اسان به (توهان جي رسول ۽ توهان جي ڪتاب کي) مڃيو آهي پر جڏهن جدا ٿين ٿا ته توهان جي خلاف سندن بغض ۽ ساڙ جي حالت اها آهي، جو پنهنجن آڱرين کي چـَـڪ ٿا پائين، چوين ته پنهنجي ڪاوڙ ۾ پاڻ ئي سڙي مرو. الله ته سينن جا ڳجهه به ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ته انهن سان محبت ڪريو ٿا پر هو توهان سان محبت نٿا ڪن، جڏهن ته توهان مڃيو ٿا سڀني (آسماني) ڪتابن کي، ۽ جڏهن هو توهان سان ملن ٿا ته چون ٿا، اسان به ايمان آندو آهي (توهان جي رسول ۽ ڪتابن تي)، پر جڏهن الڳ ٿين ٿا ته چڙ ۽ ڪاوڙ جو هي حال اٿن جو آڱريون چٻاڙن ٿا، کين چؤ پنهنجي غصي ۾ پاڻ جلي مرو، بيشڪ الله دلين ۾ لڪل رازن کي به ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان اهي آهيو جو اهڙن ماڻهن سان محبت رکو ٿا، جن کي توهان سان ڪا به محبت نه آهي، حالانڪه توهان سڀني آسماني ڪتابن کي مڃيو ٿا، جيڪڏهن هي توهان سان ملندا ته چوندا، ته اسان به توهان جي رسول ۽ قرآن تي ايمان آندو آهي، پر جڏهن اوهان کان ڌار ٿي وڃن ٿا ته توهان جي مٿان ڪاوڙ ۾ پنھنجي آڱرينِ کي چڪ پائين ٿا. (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته توهان پنھنجي ڪاوڙ ۾ئي وڃي ٻڏي مرو، بيشڪ الله تعالى (توهان جي) دلين جي رازن کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن تَمسَسكُم حَسَنَةٌ تَسُؤهُم وَإِن تُصِبكُم سَيِّئَةٌ يَفرَحوا بِها وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا لا يَضُرُّكُم كَيدُهُم شَيـًٔا إِنَّ اللَّهَ بِما يَعمَلونَ مُحيطٌ (آيت : 120) |
(اي مؤمنؤ) جيڪڏھن اوھان کي ڪا چڱائي پھچندي آھي ته کين ڏکوئيندي آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي ڪو ڏکه پھچندو آھي ته اُن سببان سرھا ٿيندا آھن، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگاري ڪريو ته سندن مڪر اوھان کي ڪجھ به نه ڏکوئيندو، ڇوته جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيرو ڪندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي مومنؤ!) توهان کي چڱائي رسي ٿي ته هنن کي ڏک ٿو ٿئي ۽ توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته هو ان تي خوشيون ٿا ڪن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ به) صبر ڪندو (يعني خدا جا حڪم بجا آڻيندا رهندؤ) ته پوءِ هنن (دشمنن جا) فريب ۽ حيلا اوهان کي ڪجهه به ضرر نه پهچائيندا. جيڪي به هو ڪن ٿا تنهن کي الله جي قدرت گهيريون بيٺي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان کي ڀلائي پهچي ٿي ته انهن کي ڏکي لڳي ٿي، ۽ جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته انهيءَ تي خوش ٿين ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان صبر ۽ خوفِ خدا ڪيو ته انهن جون اٽڪلون توهان کي نقصان نه پهچائينديون، بيشڪ انهن جا سڀئي عمل الله تعالى جي گهيري ۾ آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ايمان وارو!) جيڪڏهن اوهان کي ڪا ڀلائي پهچندي ته اها انهن کي ڳوري لڳندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو ڏک پهچندو ته ان جي ڪري هو خوش ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن صبر ڪندوءَ ۽ پرهيزگار ٿيندو ته سندن مڪر اوهان کي ڪو به نقصان نه پهچائيندو. ڇو ته جيڪي اهي ڪن ٿا تن جي چالاڪين تي خدا حاوي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن پهچي ٿي اوهان کي ڀلائي نه بري ٿي لڳي انهن کي ۽ جيڪڏهن پهچي ٿي اوهان کي تڪليف ته خوش ٿا ٿين ان تي ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ (الله کان) ڊڄندؤ ته نه نقصان ڏيندو اوهان کي مڪر انهن جو ڪجهه به بيشڪ الله ان جو جيڪي ڪن ٿا گهيرو ڪندڙ آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهان کي ڪا ڀلائي پهچندي ته اها انهن کي رنج ڪندي ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪو ڏک پهچندو ته ان جي ڪري خوش ٿيندا. ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته سندن مڪر اوهان کي ڪوبه نقصان نه پهچائيندو، ڇو ته جيڪي اهي ڪن ٿا تنهن کي الله گهيرو ڪندڙ (ڄاڻندڙ) آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر اوهان کي ڪا ڀلائي پهچي ته انهن کي بُري لڳي ٿي ۽ جي اوهان کي رنج پهچي ته ان تي خوش ٿين ٿا. ۽ جي اوهان صبر ڪندا رهو ۽ تقوى اختيار ڪيو ته انهن جو فريب اوهان کي ڪنهن شيءِ جو به نقصان نه ڏيندو. بيشڪ جو ڪجهه اُهي ڪن ٿا الله ان کي گهيرو ڪندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي صحِي اوهان کي، سُک، رسي، ته رنج اُن ۾، ۽ جي رسي اوهان کي ڏُ ک، ته کيل خوشيون ڪن اُن تي، ۽ جي سَهندا ۽ سيل رکو، ته ڪڏهن اوهان کي ڪانه، رسائين رِٿون اُنهن جون، ذرِي ضرر، زِيان، سٻاجھو سُبحان، جيڪي ڪن، ڪونڊو اُن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کي فائدو رسي ٿو، ته انهن کي اها ڳالهه بڇڙي لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن اوهان کي تڪليف پهچي ٿي ته ان تي خوش ٿين ٿا مگر جيڪڏهن اوهين صبر ڪندا ۽ نيڪ ٿيندا، ته انهن جون ڳجهيون رٿون اوهان کي نقصان نه پهچائينديون. بيشڪ جيڪي هو ڪن ٿا تنهن مٿان الله جو قبضو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جو ڪو ڀلو ٿئي ٿو ته انهن کي برو ٿو لڳي ۽ توهان تي ڪا مصيبت ٿي اچي ته ڏاڍا خوش ٿا ٿين، پر سندن ڪابه سٽيل ســِـٽ توهان جي خلاف ڪارگر ٿي نه سگهندي، پر شرط اهو آهي ته توهان صبر کان ڪم وٺو ۽ الله کان ڊڄي ڪم ڪندا رهو. جيڪو ڪجهه اهي ڪن ٿا الله ان کي گهيرو ڪندڙ (ڄاڻندڙ) آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن ٿئي ٿو توهان جو ڀلو ته انهن کي تڪليف پهچي ٿي ۽ جي توهان تي اچي ٿي ڪا مصيبت ته خوش ٿين ٿا، پر سندن ڪابه تدبير توهان جي خلاف ڪامياب نه ٿيندي، جي صبر ڪندا رهو ۽ الله کان ڊڄندي ڪم ڪندا رهو، ته بيشڪ الله ان تي حاوي آهي جيڪي ڪجهه هو ڪري رهيا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان کي ڪا ڀلائي نصيب ٿئي ٿي، ته کين اها بري لڳي ٿي ۽ جيڪڏهن اوهان کي ڪا تڪليف پھچي ٿي، ته ان تي هو وڏا خوش ٿين ٿا، اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان صبر ۽ پرهيزگاريءَ وارو رستو اختيار ڪندا، ته سندن ڪا به سازش اوهان کي ڪنھن به قسم جو نقصان نٿي پهچائي سگهي، بيشڪ انهن جو هر عمل الله تعالى جي گهيري ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ غَدَوتَ مِن أَهلِكَ تُبَوِّئُ المُؤمِنينَ مَقٰعِدَ لِلقِتالِ وَاللَّهُ سَميعٌ عَليمٌ (آيت : 121) |
(اي پيغمبر ياد ڪر)جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون صبح جو سويل پنهجي گهر مان نڪتو هئين ۽ (احد جي ميدان ۾) لڙائي جي لاءِ مؤمنن کي مورچن ۾ وهاري رهيو هئين ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن توهان پنهنجي گهر کان صبح جي وقت ٻاهر آيا، مؤمنن لاءِ توهان جنگ جا مرڪز مقرر ڪيا پئي، ۽ الله تعالى ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) هڪ وقت اهو به هو جڏهن تون ٻار ٻچن سان صبح جو پنهنجي گهر مان نڪتين ۽ مومنن کي جنگ جي مورچن ۾ لاٿو ٿي. ۽ الله (سڀ ڪجھ) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر اي محبوب) جڏهن صبح جو روانو ٿئين پنهنجي گهر مان وهارين پيو مؤمنن کي جنگ وارن مورچن تي ۽ الله ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون صبح جي وقت پنهنجي گهر مان نڪتين، تو ايمان وارن کي جنگ جي مورچن ۾ لاٿو ٿي. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن تون (غزوه احد وقت)صبح سوير گهر وارن وٽان نڪتين ته مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي ويهارين. ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پره جو پنهنجي پَهر کان، جڏهن جُنبي هلين جوان، پئو بهارين جنگ لئي، مؤمن منجھ ميدان، ۽ سڻندڙ، سو سبحان، سمجھندڙ سڀ ڳالھ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن تون پنهنجي گهر مان نڪري مومنن کي لڙائي جون جايون ڏيکارڻ لڳئين ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي! مسلمانن آڏو اهو واقعو بيان ڪر) جڏهن تون صبح سوير ئي پنهنجي گهر کان نڪري پيو هئين ۽ (احد جي ميدان ۾) مسلمانن کي جنگ لاءِ پئي هتي هـُـتي بيهاريئي. الله سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ هو ڏاڍو باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن تون صبح سويري گهران نڪتو هئين (اي رسول! مسلمانن جي آڏو ان جو ذڪر ڪر) ۽ (احد ميدان ۾) کين جنگ لاءِ الڳ هنڌن تي بيهاريو. الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ اهو ڏينهن به ياد ڪريو) جڏهن توهان صبح جو سوير پنھنجي گهر(يعني مديني) مان نڪري، احد جي ميدان ۾ مؤمنن کي جنگ لاءِ مختلف جڳھن تي مقرر ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏيئي رهيا هئا، بيشڪ الله تعالى سڀ ڪجهه ٻڌي ٿو ۽ هر شيءِ کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ هَمَّت طائِفَتانِ مِنكُم أَن تَفشَلا وَاللَّهُ وَلِيُّهُما وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 122) |
(ياد ڪر) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڇا ٿيو جو) اوهان مان (يعني مسلمانن مان) ٻن ٽولين ارادو ڪيو ته همت هاري ڇڏين (۽ موٽي وڃن) حالانڪ الله تعاليٰ سندن مددگار هو. ايمان وارن کي ته گهرجي ته (هر حال ۾) الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جڏهن توهان مان ٻن گروهن جو ارادو سُستي ڪرڻ جو ٿيو، ۽ الله تعالى ٻنهي گروهن جو مددگار آهي، ۽ مؤمنن کي الله تعالى تي توڪل هجڻ گهرجي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي ان وقت جي ڳالھ آهي جڏهن اوهان مان ٻن گروهن بي همٿ ٿيڻ جو ارادو ڪيو. پوءِ (تيار ٿيا) ڇو ته خدا ته انهن جو سرپرست هو ۽ مومنن کي خدا تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن ارادو ڪيو ٻن جماعتن اوهان مان ته سست ٿين ۽ الله مددگار آهي انهن ٻنهين جو ۽ الله تي پوءِ ڀلي توڪل ڪن ايمان وارا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اوهان مان ٻن جماعتن بي همت ٿيڻ جو ارادو ڪيو، ۽ الله ٻنهي جو مددگار هو. ۽ ايمان وارا الله تي توڪل ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اوهان مان ٻن ٽولن بي همتي ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو حالانڪه الله انهن ٻنهين جو مددگار هيو. ۽ مؤمنن کي الله مٿان ڀروسو ڪرڻ گهرجي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻن ٻارين اوهان مان، ويهڻ گھريو جنهن وار، ۽ آهي ان ٻنهي جو، سائين سنڀاليدار، ۽ گھرجي ته رکن بار، مؤمن مولا پاڪ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن اوهان مان ٻن ٽولن ارادو ڪيو ته همت هاري وجهن، مگر الله انهن جو مددگار هو ۽ مومنن کي ته الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو! جڏهن توهان مان ٻه ٽولا بزدلي ڏيکارڻ وارا هئا. حالانڪه الله سندن مدد لاءِ موجود هو ۽ مؤمنن کي ته الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ کپي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو، جڏهن توهان مان ٻه ٽولا بزدلي ڏيکارڻ تي آماده ٿي ويا هئا، جڏهن ته الله انهن جي مدد لاءِ موجود هو ۽ الله تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي مؤمنن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهو به ذهن ۾ رکو) جڏهن توهان سان شامل ٻن ٽولن (بنو سلمه ۽ بنو حارثه) بزدلي ڏيکارڻ جو ارادو ڪيو هو، حالانڪه الله تعالى انهن ٻنهي جو به مددگار هو ۽ مؤمنن کي ته الله تعالى تي ئي ڀروسو رکڻ کپي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد نَصَرَكُمُ اللَّهُ بِبَدرٍ وَأَنتُم أَذِلَّةٌ فَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 123) |
۽ بيشڪ الله اوھان کي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين بي زور ھيؤ بدر ۾ سوڀ ڏني، پوءِ الله کان ڊڄو مانَ اوھين شڪر ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ياد رکو) ته بيشڪ الله تعاليٰ بدر جي جنگ ۾ اوهان کي فتح ڏني هئي اگرچه توهان تمام ڪريل حالت ۾ هئا. تنهن ڪري توهان خدا کان ڊڄو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته توهان سندس نعمتن جو قدر ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ الله تعالى توهان جي بدر ۾ مدد ڪئي جڏهن توهان بي سر و سامان هئا، پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ته مَن شڪر گذار ٿيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يشڪ خدا جنگ بَدر ۾ اوهان جي مدد ڪئي، توڙي جو اوهان، دشمنن جي ڀيٽ ۾ بي حقيقت هئا تڏهن به الله اوهان کي فتح ڏني ته پوءِ اوهان خدا جو خوف ڪندا ڪيو ته جيئن (سندس) شڪر گذار بڻجو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق مدد ڪئي اوهان الله جي بدر ۾ ۽ اوهان ڪمزور هئا پوءِ ڊڄو الله کان تانته اوهان شڪر گذار رهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ الله اوهان کي بدر ۾ فتح ڏني ۽ اوهين ڪمزور هئا. پوءِ الله کان ڊڄو مَن اوهين شڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ الله بدر ۾ اوهان جي مدد ڪئي حالانڪه اوهان بي سرو سامان هئا پوءِ الله کان ڊڄو تان ته اوهان شڪر گذار ٿي وڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بي شڪ آن کي بدر ۾، الله ڏني آڌار، هئا اوهين جنهن حال ۾، تمام ضعيفَ زار، پوءِ ڏرو ڀر ڏاتار، تان ڳايون ڳڻ ڳالهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ، جڏهن اوهين بدر جي جنگ وقت ڪمزور هئا تڏهن به الله اوهان جي مدد ڪئي. تنهن ڪري الله کان ڊڄندا رهو ته جيئن اوهين شڪر گذار ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آخر انهيءَ کان اڳ بدر جي جنگ ۾ به ته الله توهان جي مدد ڪري چڪو هو، توڻي جو تڏهن ته توهان ڏاڍا ڪمزور هيؤ، تنهنڪري توهان کي گهرجي ته الله جي ناشڪريءَ کان بچو، اميد ته هاڻي توهان شڪرگذار بڻبؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخر ان کان پهرين به الله توهان جي مدد جنگِ بدر ۾ ڪري چڪو هو، ان وقت توهان ڪمزور هئا. توهان کي گهرجي ته الله جي ناشڪريءَ کان بچو، اميد ته هاڻي شڪرگذار رهندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ته توهان جي هن کان اڳ بدر جي ميدان ۾ مدد ڪري چڪو هو، اوهان ان وقت بلڪل ڪمزور هئا، سو الله تعالى کان ئي ڊڄندا رهو ته جيئن توهان جي اندر شڪرگذاري پيدا ٿئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ تَقولُ لِلمُؤمِنينَ أَلَن يَكفِيَكُم أَن يُمِدَّكُم رَبُّكُم بِثَلٰثَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُنزَلينَ (آيت : 124) |
(اي پيغمبر اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون (جنگ جي ميدان ۾) مؤمنن کي چئي رهيو هئين ته ڇا اواهان جي لاءِ هي ڪافي ناهي ته الله (ٽي هزار دشمن جي مقابلي ۾) ٽي هزار فرشتا موڪلي اوهان جي مدد ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! جڏهن توهان مؤمنن کي فرمايو ٿي ڇا توهان لاءِ ڪافي ناهي جو توهان جو رب توهان لاءِ ٽي هزار ملائڪ موڪلي مدد فرمائي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) تون ان وقت مومنن کي چوين پيو ته ڇا توهان لاءِ هي ڪافي نه آهي ته اوهان جو پاليندڙ ٽي هزار فرشته آسمان کان موڪلي اوهان جي مدد ڪري!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چوڻ لڳو هيئن مؤمنن کي ته ڇا نه ٿي ڪافي ٿئي اوهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جو مدد ڪري اوهان جي رب اوهان جو ٽن هزارن ملائڪن (آسمان مان) لاٿلن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن تو ايمان وارن کي چيو ٿي ته ڇا اوهان کي ڪافي نه آهي ته اوهان جو پاليندڙ اوهان کي ٽن هزارن لاٿل ملائڪن سان مددڪري . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي ياد ڪر) جنهن مهل تون ايمان وارن کي چئي رهيو هئين: ”ڇا اوهان لاءِ اهو ڪافي ناهي جو اوهان جو رب اوهان جي مدد ڪري ٽي هزار لاٿل ملائڪن جي ذريعي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جنهن مهل چيئـِي مؤمنين، ڇا بس نه اوهان هار، ته آن کي، اَهنجو ربُّ ڏي، اُهکي ۾ آڌار، ملڪ ٽي هزار، اُتاريل اَڀن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪر) جڏهن تون مومنن کي چوڻ لڳين، ته ”ڇا اوهان کي اها ڳالهه ڪافي نه آهي، ته اوهان جو رب اوهان کي آسمان مان لهندڙ ٽن هزارن فرشتن جي مدد ڏئي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! ياد ڪر جڏهن تون مؤمنن کي چئي رهيو هئين ته "ڇا توهان لاءِ اها ڳالهه ڪافي ناهي ته الله ٽي هزار ملائڪ لاهي توهان جي مدد ڪري؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪر اي نبي! جڏهن مؤمنن کي چئي رهيو هئين ”ڇا توهان جي لاءِ اها ڳالهه ڪافي نه آهي ته الله ٽي هزار ملائڪ موڪلي توهان جي مدد ڪري؟“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) جڏهن توهان مؤمنن کي (سندن حوصلو وڌائڻ لاءِ) چئي رهيا هئا ته ڇا توهان جي لاءِ اهو ڪافي نه آهي، ته الله تعالى (ميدان جنگ ۾) ٽي هزار ملائڪ لاهي، اوهان جي مدد ڪري؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلىٰ إِن تَصبِروا وَتَتَّقوا وَيَأتوكُم مِن فَورِهِم هٰذا يُمدِدكُم رَبُّكُم بِخَمسَةِ ءالٰفٍ مِنَ المَلٰئِكَةِ مُسَوِّمينَ (آيت : 125) |
ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پاڻھار پنجن ھزارن ملائڪن نشان ڪيلن سان اوھان کي مدد ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ها بيشڪ! جيڪڏهن توهان صبر ۽ ثابت قدمي ڏيکاريو ۽ تقويٰ جي راهه اختيار ڪيو ۽ دشمن انهيءَ دم توهان تي تڪڙا ڪاهي پون ته اوهان جو پروردگار (رڳو ٽن هزارن ملائڪن سان نه پر) پنج هزار نشان رکندڙ ملائڪن سان اوهان جي مدد ڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ها! ڇو نه، جيڪڏهن توهان صبر ڪيو ۽ خوفِ خدا ڪيو ۽ ڪافر توهان تي ان وقت ۾ حملو ڪن ته هاڻي توهان جو رب توهان جي پنج هزار ملائڪ نشان وارا موڪلي مدد فرمائيندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هاءُ جيڪڏهن مستقل رهندوءَ ۽ (رسول جي مخالفت کان) بچو ۽ ڪافر پنهنجي (جوش ۾) به اوهان تي چڙهي به آيا ته اوهان جو پالڻهار اهڙن پنج هزار فرشتن سان اوهان جي مدد ڪندو جي جنگ جو نشان لڳايل محڪم هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هائو جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ پرهيز ڪندؤ ۽ ايندا اوهان وٽ هڪدم هتي ته مدد ڪندو اوهان جي رب اوهان جو پنجن هزارن ملائڪن سان جي نشان رکندڙ (گهوڙن) وارا هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هائو، جيڪڏهن مستقل رهندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ۽ اهي (ڪافر) اوهان تي هڪدم (چڙهي) اچن ته اوهان جو پاليندڙ اوهان کي پنجن هزارن ملائڪن نشان لڳائيندڙن سان مدد ڪندو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هائو جي اوهان صبر ڪندا رهو ۽ پرهيزگاري ڪيو ۽ جيڪڏهن هڪدم اُهي (ڪافر) توهان تي اچي ڪڙڪن ته توهان جو رب توهان جي مدد ڪندو پنج هزار صاحبِ نشان ملائڪن جي ذريعي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هائو، جي سهندا سختيون ۽ رکندا سِيل سچار! ته ايندن سندن سيگھ مان، هِي پڻ ٻول ٻيهار، ڏيندان مدد مهل تي، اَهنجو پالڻ هار، مَلڪ پنج هزار، نالي ۽ نشان سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هائو! جيڪڏهن اوهين ثابت قدم رهندؤ ۽ نيڪ ٿيندؤ ته کڻي هي (ڪافر) اوهان تي هڪدم اچي ڪڙڪندا، ته اوهان جو رب به اوهان کي پنجن هزارن نشاندار گهوڙن وارن فرشتن سان مدد ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ، جيڪڏهن توهان صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄي هلندؤ ته جنهن مهل دشمن توهان تي چڙهي ايندا، انهيءَ مهل توهان جو رب (ٽن هزارن نه) پنج هزار نشان لڳل ملائڪن سان توهان جي مدد ڪندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جي توهان صبر ڪريو ۽ الله کان ڊڄندي ڪم ڪريو ته جنهن وقت دشمن توهان تي چڙهائي ڪندو ته ان وقت توهان جو رب (ٽي هزار نه) پنج هزار نشان لڳل ملائڪن سان توهان جي مدد ڪندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يقيناً، جيڪڏهن توهان صبر ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا، ته اوهان جو پالڻھار دشمن جي اوچتو حملي ڪرڻ وقت، (ٽي هزار نه، پر) پنج هزار مخصوص ڪيل ملائڪن جي ذريعي توهان جي مدد ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما جَعَلَهُ اللَّهُ إِلّا بُشرىٰ لَكُم وَلِتَطمَئِنَّ قُلوبُكُم بِهِ وَمَا النَّصرُ إِلّا مِن عِندِ اللَّهِ العَزيزِ الحَكيمِ (آيت : 126) |
۽ الله اُن (مدد) کي رڳو اوھان جي خوشخبريءَ لاءِ ڪيو آھي ۽ ھن لاءِ ته اوھان جون دليون اُن سان (ڀَلي ته) آرام وٺن، ۽ الله غالب حڪمت واري جي پار کانسواءِ ڪا مدد (ملڻي) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته هي ڳالهه جا چئي ويئي سا فقط هن لاءِ ته توهان جي لاءِ (فتح جي) خوشخبري ٿئي ۽ توهان جي دلين کي ان جي وسيلي تسلي ۽ ڏڍ اچي. مدد ۽ فتح فقط الله وٽان ملي ٿي جو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مدد الله تعالى نه ڪئي مگر توهان جي خوشيءَ لاءِ ۽ ڀلي ته توهان جا سينا انهي سان مطمئن ٿين، ۽ ناهي مدد مگر الله غالب ۽ حڪمت واري جي طرفان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا اهو (امداد) فقط توهان جي خوشيءِ لاءِ ڪيو آهي ۽ جيئن توهان جي دل کي ٽيڪ ٿئي ۽ (هي ظاهر آهي) ته مدد جڏهين به ٿي ته خدا جي طرفان ئي ٿي جو سڀ تي غالب ۽ حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه بنايو ان کي الله مگر خوشخبري اوهان جي لاءِ ۽ تانته قرار وٺن اوهان جون دليون ان سان ۽ ناهي مدد مگر الله غالب حڪمت واري وٽان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ان (مدد) کي رڳو اوهان لاءِ خوشخبري ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته ان سان اوهان جي دلين کي تسلي ٿئي ۽ فتح رڳو الله جي طرفان آهي جو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ان (مدد) کي اوهان لاءِ خوشخبري ئي بنايو آهي ۽ هن لاءِ ته اوهان جون دليون ان سان مطمئن ٿي وڃن. ۽ مدد ته صرف الله وٽان ئي هوندي آهي، جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مقرر نه ڪئـِي مورهين، مدد اِها مختيار، مگر مبارڪِي آن لئي، ۽ ٿينيان قلب قرار، مدد، نه مولا ڌار، سو سٻر ۽ سٻوجھ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها ڳالهه الله تعاليٰ رڳو اوهان کي خوشخبري ڏيڻ ۽ ان سان اوهان جي قلبن کي بيفڪري ٿيڻ لاءِ بيان ڪئي آهي. پر مدد ته رڳو الله زبردست ڏاهپ واري وٽان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ڳالهه الله توهان کي ان لاءِ ٻڌائي آهي ته توهان خوش ٿيو ۽ توهان جي دلين کي آٿت ملي. فتح ۽ نصرت جيڪا به آهي الله جي طرفان آهي، جيڪو وڏيءَ طاقت وارو ۽ دانا بينا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها ڳالهه انهيءَ لاءِ الله توهان کي ٻڌائي آهي ته توهان خوش ٿي وڃو ۽ توهان جون دليون مطمئن ٿين، جيڪا فتح ۽ نصرت ڪجهه به آهي اها الله جي طرفان آهي، اهو وڏي طاقت وارو، دانا بينا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ( اها ڳالهه وقت کان اڳي) ان ڪري ٻڌائي ڇڏي، ته جيئن توهان خوش به ٿي وڃو ۽ ان خوشخبريءَ سان اوهان جون دليون مطمئن به ٿي وڃن. ( ياد رکو ته) مدد الله تعالى جي طرف کان ئي هوندي آهي، جيڪو زبردست حڪمت وارو آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَقطَعَ طَرَفًا مِنَ الَّذينَ كَفَروا أَو يَكبِتَهُم فَيَنقَلِبوا خائِبينَ (آيت : 127) |
(۽) ھن لاءِ ته ھڪڙو پاسو (يعني ڀاڱو) ڪافرن جو ڇني ڇڏي يا کين ھيڻو ڪري ڇڏي ته بي نصيب ٿي ڦِرن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ هن لاءِ ته ڪافرن جي طاقت جو ڪجهه حصو وڍي بيڪار ڪيو وڃي يا هنن کي اهڙو ذليل ۽ خوار ڪيو وڃي جو هو مراد حاصل ڪرڻ کان سواءِ پٺئين پير موٽي هليا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ لاءِ جو ڪافرن جي هڪ حصي کي هلاڪ ڪري يا انهن کي ذليل ڪري پوءِ نقصان وارا ٿي موٽن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اها مدد ڪئي به ته) ان لاءِ ته ڪافرن جي هڪ ٽولي کي گهٽ ڪري ڇڏي يا کين اهڙو وائڙو ڪري جو (پنهنجي منهن) نا مراد ٿي پنهنجي (پنهنجي) گهر هليا وڃن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تانته هلاڪ ڪري هڪ جماعت کي ڪافرن مان يا ذليل ڪري انهن کي پوءِ موٽن بي نصيب ٿي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اها مدد هن لاءِ ڪيائين) ته جيئن ڪافرن مان ڪن کي هلاڪ ڪري يا انهن کي خوار ڪري، پوءِ اهي بي نصيب ٿي ڦرن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته جيئن ڪافرن جي هڪ ٽولي کي هلاڪ ڪري يا انهن کي ذليل ڪري پوءِ اُهي ناڪام ٿي (پوئين پير) موٽن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان ڪپي طرف تن جو، ڪفر ڪيو جن، ۽ ڪري توائـِي تن، تان ورن وِلهاوَٿاڻ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن لاءِ، ته ڪافرن جو ڪو حصو ناس ڪري، يا کين ذليل ڪري ته هو محروم ٿي موٽي وڃن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اها مدد هو توهان کي ان ڪري ڏيندو) ته جيئن ڪفر تي هلڻ وارن جو هڪڙو بازو وڍي ڇڏي يا کين اهڙي ذليل شڪست ڏئي جو هو پنهنجي مقصد ۾ ناڪام ٿي پويان پير ڪري وڃن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اها مدد هو انهيءَ لاءِ ڏيندو) جيئن ڪفر جي راهه تي هلندڙن جو ڪٽي ڇڏي هڪ بازو يا اهڙي شڪست ڏئي جو نامرادي سان پٺتي هٽن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (۽ اها مدد توهان کي ان ڪري ڏني ويندي) ته جيئن ڪافرن جي طاقت جو هڪ حصو ختم ٿي وڃي، يا انهن کي اهڙي ذليل شڪست ڏئي جو، ھو بغير مقصد حاصل ڪرڻ جي واپس هليا وڃن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَيسَ لَكَ مِنَ الأَمرِ شَيءٌ أَو يَتوبَ عَلَيهِم أَو يُعَذِّبَهُم فَإِنَّهُم ظٰلِمونَ (آيت : 128) |
(اي پيغمبر) اُن ڪم ۾ تنھنجو ڪو واسطو نه آھي (خداءِ) يا مٿن ٻاجھ سان موٽندو يا کين عذاب ڪندو ڇو ته اُھي ظالم آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هن معاملن ۾ (يعني حق جي دشمنن کي بخشڻ يا نه بخشڻ ۾) توکي ڪوئي دخل ڪونهي. (تنهنجو ڪم آهي ماڻهن کي حق جي دعوت ڏيڻ ۽ ڪنهن به حالت ۾ مايوس نه ٿيڻ) هي الله جي هٿ آهي ته جنهن کي وڻيس تنهن کي معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي، ڇو ته، يقيناً هو ظالم آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان جي هٿ ۾ اها ڳالهه ناهي يا انهن کي توبه جي توفيق ڏئي يا انهن تي عذاب ڪري پوءِ بيشڪ اهي ظالم آهن.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تنهنجو ته هن ۾ ڪجھ وس نه آهي، چاهي خدا انهن جي توبه قبول فرمائي يا کين سزا ڏئي ڇو ته اهي ظالم ته ضرور آهن ئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي تنهنجو ان ڪم ۾ ڪو دخل يا (ٻاجهه سان) موٽي انهن تي يا عذاب ڪري انهن کي پوءِ بيشڪ اهي ظالم آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول !) تنهنجو (ان ڳالهه) ۾ ڪو اختيار نه آهي يا ته الله مٿن مهرباني ڪري يا انهن کي عذاب ڪري ڇو ته اهي ظالم آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڪم ۾ (اي نبي) تنهنجو ڪو واسطو نه آهي (الله) يا انهن کي توبه جي توفيق ڏئي يا انهن کي سزا ڏئي ڇو ته بيشڪ اُهي ظالم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکي ڪجھ نه اختيار؛ وڻيس وري تن مٿي، يا اُنهن کي، ڏي آزار، جو آهن، اُهي انڌير تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) توکي ڪو اختيار نه آهي خواه الله انهن کي توبهه (جي توفيق) ڏئي، يا انهن کي عذاب ڪري، بيشڪ اُهي ظالم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي!) فيصلي جي اختيارن ۾ تنهنجو ڪوبه دخل ڪونهي. الله کي ئي اختيار آهي ته معاف ڪرينِ يا سزا ڏئين، ڇو ته هو ظالم آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تنهنجو ڪوبه حصو ناهي فيصلي جي اختيارن ۾، الله کي اختيار آهي ته اهو انهن کي معاف ڪري يا سزا ڏئي ڇو ته اهي ظالم آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) فيصلن ڪرڻ جو اختيار توهان کي نه پر الله تعالى کي آهي، هو چاهي ته ڪافرن کي معاف ڪري ۽ چاهي ته کين عذاب ڪري ڇو ته هو ظالم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَما فِى الأَرضِ يَغفِرُ لِمَن يَشاءُ وَيُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَاللَّهُ غَفورٌ رَحيمٌ (آيت : 129) |
۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي (سو خاص) الله جو آھي، جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي بخشيندو آھي ۽ جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي عذاب ڪندو آھي، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو سڀ ڪجهه الله جو آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري (ڪوبه کيس روڪي نٿو سگهي ۽ ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جو آهي جيڪو ڪجهه آسمان ۽ زمين ۾ آهي، جنهنکي چاهي بخش ڪري ۽ جنهنکي چاهي عذاب ڪري، ۽ الله تعالى بخش ڪندڙ ٻاجهارو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي سڀ خدا جو ئي آهي جنهن کي گهري ته سزا ڏئي ۽ خدا وڏو بخشڻهار ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جو ئي آهي جيڪوآسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمين ۾ آهي بخش ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ عذاب ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جو آهي. جنهن کي گهري تنهن کي معاف ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري تنهن کي عذاب ڪري ٿو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله جو ئي آهي جو ڪجهه آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ آهي. اهو جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي عذاب ڪري. ۽ الله بخشڻهار نهايت ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪي اڀ، زمين ۾، سڀ واحد لاءِ، وهاب، وَڻيس مرهي اُن کي، ۽ وڻي، ته ڏينِ عذاب، ۽ پرور پاڪ جناب، مرهيندڙ ۽ مهر ڀريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي. جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي، جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ الله بخشيندڙ مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه به آهي، ان جو مالڪ الله آهي. جنهن کي وڻيس بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي وڻيس عذاب ڏئي. الله ته معاف ڪندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ئي مالڪ آهي جيڪي ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، جنهن کي گهري بخشي ڇڏي، جنهن کي گهري عذاب ڏئي، الله معاف ڪرڻ وارو رحيم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جون سڀ شيون الله تعالى جون آهن، هو جنھن کي چاهي معاف ڪري ۽ جنھن کي چاهي عذاب ڏي، الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَأكُلُوا الرِّبوٰا۟ أَضعٰفًا مُضٰعَفَةً وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 130) |
اي ايمان وارؤ (اوھين) وياج ٻيڻو چؤڻو نه کائو، ۽ الله کان ڊڄو مانَ اوھين ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مومنؤ! وياج نه کائو جو (مور ۾ گڏجي ٿو ته اصل رقم) ٻيڻي چوڻي ٿي وڃي ٿي. الله کان ڊڄو (۽ سندس نافرمانيءَ کان بچو) انهيءَ لاءِ توهان ڪامياب ٿيو (۽ نعمتون حاصل ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان وياج کي ڪيترا دفعا زياده ڪري نه کائو، ۽ الله تعالى کان ڊڄو اِنهي اميد تي جو توهان کي ڪاميابي ٿئي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! (پنهنجي اصل مال وڌائڻ لاءِ) چاڙهي وڌائي وياج نه کائو ۽ خدا کان ڊڄو ته جيئن اوهين ڇوٽڪارو لهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه کائو وياج ٻيڻو چوڻو ۽ ڊڄو الله کان تانته اوهان ڪامياب ٿيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! وياج ٻيڻو چئوڻو نه کائو ! ۽ الله کان ڊڄو ! مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! وياج ٻيڻو چؤڻو ڪري نه کائو ۽ الله کان ڊڄو تان ته ڇوٽڪارو ماڻيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه کائو ، ڊٻل وِياج ڪري، ۽ ڏَرو ڀر ڏاتار، اِن آسري آڌار، ته سدا رهو سَنرا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! ٻيڻو چؤڻو وياج نه کائو! الله کان ڊڄندا رهو، ته اوهين ڪامياب ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! اهو وڌندڙ ۽ تمام مٿي چڙهندو ويندڙ وياج کائڻ ڇڏي ڏيو ۽ الله کان ڊڄو، اميد ته توهان فلاح ماڻيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو، جن ايمان آندو آهي! ڇڏي ڏيو وڌندڙ ۽ مٿي چڙهندڙ وياج کائڻ ۽ الله کان ڊڄو، اميد ته توهان ڪامياب ويندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان وياج ۽ وياج مٿان وياج نه کائو ۽ الله تعالى کان ڊڄو ته جيئن توهان ڪامياب ٿي وڃو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقُوا النّارَ الَّتى أُعِدَّت لِلكٰفِرينَ (آيت : 131) |
۽ اُن باھ کان ڊڄو جا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ باهه جي عذاب کان ڊڄو (۽ ان کان بچڻ لاءِ احتياط رکو) جا باهه ڪافرن جي لاءِ تيار رکي ويئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهي باه کان ڊڄو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان باھ کان پاڻ کي بچايو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان باهه کان جيڪا تيار ڪئي ويئي آهي ڪافرن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان باهه کان بچو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڊڄو ان باهه کان جا ڪافرن ڪاڻ تيار ڪئي وئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پاڻ بچايو باه کان، جا جُڙِي ڪاڻ ڪُفار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهيءَ باهه کان بچو، جا منڪرن لاءِ تيار ٿي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ باهه کان پاڻ بچايو جيڪا ڪافرن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان باهه کان بچو جيڪا تيار ڪئي وئي آهي ڪافرن جي لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڊڄو ان باهه کان (يعني پنھنجو پاڻ کي ان باهه کان بچايو) جيڪا (خاص) ڪافرن لاءِ تيار ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَطيعُوا اللَّهَ وَالرَّسولَ لَعَلَّكُم تُرحَمونَ (آيت : 132) |
۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو، انهيءَ لاءِ ته الله جي رحمت جي لائق ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى ۽ رسولِ عربي جي تابعداري ڪريو بيشڪ توهان تي رحم ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو ته جيئن اوهان تي رحم ڪيو وڃي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمانبرداري ڪيو الله ۽ رسول جي تانته اوهان رحم ڪيا وڃو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو مَن اوهان تي رحم ڪيو وڃي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرمانبرداري ڪيو الله جي ۽ رسول جي ته جيئن توهان تي رحم ڪيو وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ربَّ ۽ سندس رسول جا، ٿيو تهدل تابعدار، ان آسري آڌار، ته مرهيا وڃو مِهر سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله ۽ رسول جو حڪم مڃيو ته اوهان تي رحم ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله ۽ رسول جي تابعداري ڪريو، اميد ته توهان تي رحم ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اطاعت ڪريو الله ۽ رسول جي، توهان تي رحم ڪيو ويندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ۽ (سندس) رسول (ﷺ) جي فرمانبرداري ڪريو، ته جيئن توهان جي مٿان رحم ڪيو وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَسارِعوا إِلىٰ مَغفِرَةٍ مِن رَبِّكُم وَجَنَّةٍ عَرضُهَا السَّمٰوٰتُ وَالأَرضُ أُعِدَّت لِلمُتَّقينَ (آيت : 133) |
۽ (اوھين) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ اُنھيءَ بھشت ڏانھن اڳرائي ڪريو جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آھي اُنھن پرھيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پنهنجي پروردگار جي مغفرت (بخشائش) ڏانهن تڪڙا ڊوڙو ۽ پڻ انهيءَ جنت ڏانهن ڊوڙو جنهن جي پکيڙ ايڏي آهي جيڏي آسمانن ۽ زمينن جي (يعني سڄي ڪائنات جي) ۽ جا جنت متقي انسانن لاءِ تيار رکي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى جي بخشش طرف جلدي ڪريو ۽ بهشت جنهن جي ويڪر آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي (جيڪو) پرهيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي پالڻهار جي بخشش ۽ اهڙي جنت ڏي جلدي ڪريو جنهن جي (رڳو) ويڪراڻ ئي آسمانن ۽ زمينن جيتري آهي، جيڪا انهن پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊوڙو بخشش ڏانهن پنهنجي رب جي طرفان ۽ بهشت ڏانهن جنهن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيتري آهي.يار ڪئي ويئي آهي پرهيزگارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي پاليندڙ جي بخشش ۽ اهڙي جنت ڏي جلدي ڪريو جنهن جي ويڪرائي آسمانن ۽ زمين جيتري آهي، جيڪا پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تڪڙ ڪيو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ڏانهن ۽ جنت ڏانهن جنهن جي ڪشادگي آسمانن ۽ زمين جيتري آهي، جيڪا پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هلو هلو هيڪر، پنهنجي مالڪ جي مرَه ڏي، پڻ جنت ڏانهن؛ جنهن جِي، ڀويون، اُڀ ويڪر، ڪِرِي وارن ڪَرِ، توڙان، ساتيار ٿِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجي رب جي بخشش ڏانهن ڊوڙو ۽ انهيءَ جنت ڏانهن (به) جنهن جي ويڪر آسمان ۽ زمين جيتري آهي، اها نيڪن لاءِ تيار ٿيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڊوڙندا هلو انهيءَ واٽ تي جيڪا توهان جي رب جي بخشش ۽ انهيءَ جنت ڏانهن ٿي وڃي، جنهن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جيڏي آهي ۽ اها انهن الله کان ڊڄندڙن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڊوڙندا هلو ان راهه تي جيڪا توهان جي رب جي بخشش ۽ ان جنت ڏانهن وڃي ٿي جنهن جي وسعت آسمانن ۽ زمين جيتري آهي ۽ اها انهن خدا ترس ماڻهن لاءِ تيار ڪيل آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار جي بخشش ۽ جنت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃو، جنھن جي ويڪر آسمانن ۽ زمين جي برابر آهي، اها جنت خاص ڪري پرهيزگارن لاءِ تيار ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُنفِقونَ فِى السَّرّاءِ وَالضَّرّاءِ وَالكٰظِمينَ الغَيظَ وَالعافينَ عَنِ النّاسِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 134) |
جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي متقي اهي انسان آهن جيڪي آسودگي توڙي سڃائي جي حالت ۾ (خدا جي راهه ۾) مال خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کي ضابطي هيٺ رکن ٿا ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪري ڇڏين ٿا. (اهي نيڪ عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ نيڪ عمل ڪندڙن سان محبت ٿو رکي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راه ۾ هوند ۽ اڻ هوند ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ (طاقت جي باوجود) ڪاوڙ کي کائيندڙ آهن، ۽ ماڻهن کي بخش ڪندڙ آهن، ۽ الله تعالى نيڪوڪارن سان محبت رکي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي آسودگي ۽ تنگيءَ ۾ به (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معافي ڏيندڙ آهن. ۽ خدا ڀلائي ڪندڙن سان الفت رکي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي خرچ ٿا ڪن خوشيءَ ۾ ۽ تڪليف ۾ ۽ کائيندڙ ڪاوڙ کي ۽ معاف ڪندڙ ماڻهن کي ۽ الله محبت ٿو رکي احسان ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي سک ۽ ڏک ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ڪاوڙ کائيندڙ ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ آهن. ۽ الله ڀلائي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو آهن جيڪي خرچ ڪن ٿا ڪشادگي ۽ تنگي (ٻنهين حالتن ۾) ۽ ڪاوڙ کائيندڙ آهن ۽ ماڻهن کي معاف ڪندڙ آهن. ۽ الله نيڪي ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جي سُک، ڏُ ک ۾، لهن سار سنڀار، ۽ ڪاوڙ کِيندڙ، ۽ ماڻهن کي، ڪندڙ معاف مَيار، ۽ پرور ڪري پيار، ڀال ڀلائيندڙن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي سک خواهه ڏک ۾ (نيڪ ڪمن ۾) خرچ ڪن ٿا، ڪاوڙ کي کائين ٿا، ماڻهن کي معاف ڪن ٿا ۽ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي هر حالت ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا، کڻي حالت سکي هجين يا ڏکي ۽ جيڪي ڪاوڙ مارين ٿا ۽ ٻين جا قصور معاف ٿا ڪري ڇڏين، اهڙا نيڪ ماڻهو الله کي ڏاڍا پسند آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي هر حال ۾ پنهنجا مال خرچ ڪن ٿا چاهي بد حال هجن چاهي خوش حال، ۽ جيڪي غصي کي پيئن ٿا ۽ معاف ڪن ٿا قصور ماڻهن جا، اهڙا ئي نيڪ ماڻهو بي حد پسند آهن الله کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي هوند يا اڻ هوند ۾ به الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪندا رهن ٿا، (پنهنجي) ڪاوڙ کي پي ويندا آهن ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪندا آهن، الله تعالى کي اهڙا ئي نيڪ ماڻهو پسند آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ إِذا فَعَلوا فٰحِشَةً أَو ظَلَموا أَنفُسَهُم ذَكَرُوا اللَّهَ فَاستَغفَروا لِذُنوبِهِم وَمَن يَغفِرُ الذُّنوبَ إِلَّا اللَّهُ وَلَم يُصِرّوا عَلىٰ ما فَعَلوا وَهُم يَعلَمونَ (آيت : 135) |
۽ اُھي جڏھن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪندا آھن يا پاڻ تي ظلم ڪندا آھن (تڏھن) الله کي ياد ڪندا آھن ۽ پنھنجن گناھن جي بخشش گھرندا آھن، ۽ الله کانسواءِ ڪير گناہ بخشيندو؟ ۽ جيڪي ڪيائون تنھن تي ڄاڻي ٻجھي ھميشگي نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اُهي متقي انسان اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪو سخت خراب ڪم ڪري ٿا ويهن يا ڪو گناه جو ڪم ڪري پنهنجي جانين کي مصيبت ۾ وجهن ٿا تڏهن هڪدم خدا جي يادگيري ڪن ٿا (۽ پنهنجي ضمير جي ملامت محسوس ڪن ٿا) ۽ خدا کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ جيڪي گناه جا ڪم هنن کان ٿي ويا آهن تن تي ڄاڻي ٻجهي قائم نٿا رهن. (بلڪ گناهن کان باز اچن ٿا) ۽ خدا کان سواءِ ڪير آهي جو گناه بخشي ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ماڻهو جڏهن ڪا زيادتي ڪن ٿا يا پنهنجن نفسن تي ظلم ڪن ٿا (ته) الله کي ياد ڪري پوءِ جلد پنهنجن گناهن جي معافي وٺن ٿا، ۽ الله تعالى کان سواءِ گناه ڪير بخشي ٿو، ۽ پنهنجن غلط ڪمن تي هميشگي نٿا ڪن ۽ اهي ڄاڻن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو جڏهن (اوچتو) ڪا بدڪاري ڪري وهن ٿا يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ته خدا کي ياد ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ خدا کان سواءِ گناهن جي بخشڻ وارو ٻيو ڪير آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو (قصور) اهي اوچتو ڪندا ته ڄاڻي واڻي ان تي هَٺِ نه ڪندا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي جو جڏهن ڪن ٿا برائي يا ظلم ٿا ڪن پنهنجن نفسن تي ته ياد ٿا ڪن الله کي پوءِ بخشش ٿا گهرن پنهنجن گناهن جي ۽ ڪير ٿو بخشي گناهه الله کانسواءِ ۽ نه ٿا هميشگي ڪن ان (گناهه) تي جو ڪيائون ۽ اهي ڄاڻن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي جڏهن ڪو بي حيائيءَ جو ڪم ڪن ٿا يا پاڻ تي ظلم ڪن ٿا ته الله کي ياد ڪن ٿا پوءِ پنهنجن گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ الله کان سواءِ ڪير گناه معاف ڪندو. ۽ جيڪي ڪيائون تنهن تي ڄاڻي واڻي اڙيا به نه ٿا رهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جيڪي جڏهن ڪا برائي ڪري ويهندا آهن يا پنهنجي جانين سان ظلم ڪري ويهندا آهن ته الله جو ذڪر ڪندا آهن پوءِ پنهنجي گناهن جي معافي طلب ڪندا آهن، ۽ ڪير آهي جو گناهه معاف ڪري سواءِ الله جي. ۽ جيڪا (خطا) ڪيائون ان تي ڄاڻي واڻي هميشگي نه ڪندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهي، جن جڏهن جڏو ڪم ڪيو، يا جاڙون، سندنِ جئي ساڻ، وري سائينءَ ساريون، پوءِ سندنِ قصور ڪاڻ، دِلئون پنهنجي ڌڻيءَ کان، معافي پِنيائون پاڻ، ۽ سٻاجھي سائينءَ سوا، ٻيو ڪير بخشي ڪاڻ، ۽ جا ڪيائون، نه قائم رهيا، برسر تنهن بُڇاڻ، ۽ سمجھن ٿا سُڄاڻ، هُونِ، جنهن حال ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي، جڏهن ڪو پڌرو گناهه ڪري وجهن ٿا، يا پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪن ٿا، ته الله کي ياد ڪن ٿا ۽ پنهنجي گناهن لاءِ بخشش گهرن ٿا ۽ الله کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جو گناهه بخشي؟ ۽ جيڪي ڪن ٿا، ان تي ڄاڻي ٻجهي اڙجي نٿا بيهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي اهڙا آهن جو جيڪڏهن ڪو بڇڙو ڪم کانئن ٿي پوي ٿو يا ڪو گناهه ڪري پنهنجي مٿان ظلم ڪري ٿا ويهن ته اتي ئي الله کين ياد اچي وڃي ٿو ۽ کانئس پنهنجي گناهن جي معافي ٿا گهرن ڇو جو الله کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جو گناهه معاف ڪري سگهي؟ ۽ هو ڪڏهن به ڄاڻي واڻي پنهنجي ڪئي تي ضد ڪري نٿا بيهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن جو حال هي آهي جو انهن کان ڪو فحش ڪم ٿي وڃي يا گناهه سان ڪو ظلم پاڻ تي ڪن، ته يڪدم الله کين ياد اچي ٿو ۽ ان کان هو پنهنجي قصورن جي معافي گهرن ٿا، ڇوته ٻيو ڪير آهي جيڪو گناهه معاف ڪري سگهي الله کان سواءِ؟ ۽ هو ڏسي وائسي اصرار نٿا ڪن پنهنجي ڪِئي تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ انهن نيڪ ماڻهن کان جڏهن به ڪو ڪسو ڪم ٿي ويندو آهي، يا پاڻ تي ڪو ظلم ڪري ويھندا آهن، ته هڪدم الله تعالى کي ياد ڪندا آهن ۽ پنھنجي گناهن جي معافي گهرندا آهن، الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير آهي، جو ڪنھن جي گناهن کي معاف ڪري؟ جيڪو گناهه انهن کان ٿي چڪو آهي، ته پوءِ هو وري ڄاڻي واڻي ٻيهر ان جي ويجهو به نه ويندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أُولٰئِكَ جَزاؤُهُم مَغفِرَةٌ مِن رَبِّهِم وَجَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها وَنِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 136) |
اُنھن جو اَجر سندن پالڻھار وٽان بخشش ۽ بھشت آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھن سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ ڪمائيندڙن جو اَجر چَڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن ئي جي واسطي انهن جي پوردگار جي طرفان معافي ۽ بخشش جو اجر آهي ۽ (دائمي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهي هميشه انهن باغن ۾ رهندا ۽ (ڏسو ته) ڪهڙو نه عمدو اجر آهي جو نيڪ عمل ڪندڙن کي ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن ماڻهن جي جزا بخشش آهي سندن رب جي طرفان ۽ جنتون آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون هميشه انهي ۾ رهندا، ۽ عمل ڪندڙن جو بهترين اجر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙن ئي ماڻهن جي جزا سندن پروردگار جي طرف کان بخشش آهي ۽ اهي باغات آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا جي ان ۾ سدائين رهندا. ۽ چڱي چال هلڻ وارن جي (به) ڪهڙي نه سٺي مزدوري آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي بدلو انهن جو بخشش آهي سندن رب وٽان ۽ بهشت آهن جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ ڀلو اجر آهي عمل ڪندڙن جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن جي جزا سندن پاليندڙ وٽان معافي ۽ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اهو ڪم ڪندڙن جو سٺو بدلو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي ماڻهو آهن جن جو بدلو انهن جي پالڻهار پاران بخشش آهي ۽ باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. ۽ (نيڪ)عمل ڪرڻ وارن جو بهترين بدلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) معافي سندنِ مالڪ کان، اُنهن جو پورهيو پار، ۽ باغ بهشتِي، ناليون، جن هيٺ هلن هر وار، هونِ هميشه اُن ۾، سَرها سڀ ڄمار، ۽ اَجر عجب اَسرار، آهي عالمن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهن لاءِ سندن رب کان بخشش جي جزا ۽ باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، هو انهن ۾ هميشه رهندا ۽ اهو ڪم ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه چڱو اجر آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙن ماڻهن جو اجورو سندن رب وٽ اهو آهي جو هو کين معاف ڪري ڇڏيندو ۽ اهڙن باغن ۾ کين داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ هو اتي هميشه رهندا. ڪهڙو نه ڀلو آهي بدلو نيڪ عملن ڪرڻ وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙن ماڻهن جي جزا سندن رب وٽ هيءَ آهي جو هو کين معاف ڪري ۽ اهڙن باغن ۾ کين داخل ڪري، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون ۽ هو اتي هميشه رهندا. ڪهڙو نه سهڻو بدلو آهي نيڪ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي پالڻھار طرفان اهڙن ماڻهن لاءِ بخشش جي صورت ۾ بدلو آهي ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو، جنھن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نھرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه رهندا، نيڪ ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ڪھڙو نه بھترين بدلو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَد خَلَت مِن قَبلِكُم سُنَنٌ فَسيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ المُكَذِّبينَ (آيت : 137) |
بيشڪ اوھان کان اڳ ڪيترا واقعا گذريا آھن پوءِ (اوھين) ملڪ ۾ گھمو ڦرو پوءِ نھاريو ته نه مڃيندڙن جي پڇاڙي ڪئن ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ ڏسو ته) توهان کان اڳي به دنيا ۾ (قومن جي ترقي ۽ تنزل جون) واٽون ۽ قانون ظاهر ٿي چڪا آهن (جن چڱا عمل ڪيا تن ترقي ڪري نعمتون ماڻيون ۽ جن بدعمل ڪيا تن تي مصيبتون نازل ٿيون) پوءِ توهان دنيا جو سير ڪري پنهنجي اکين سان (کنڊر ۽ نشان) ڏسو ۽ معلوم ڪريو ته جن خدا جي حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ابتڙ عمل ڪيائون) تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي (۽ بدعملن جي بدلي ۾ ڪهڙيون نه مصيبتون ڏسي برباد ٿي ويا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تحقيق توهان کان پهريائين امتون گذريون آهن، پوءِ توهان زمين ۾ سير ڪري ڏسو (ته) ڪهڙي پڇاڙي آهي ڪوڙ ڳالهائيندڙن جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اوهان کي اڳي (ڪيترائي) واقعا ٿي گذريا آهن، پوءِ ٿورو روءِ زمين تي گهمي ڦري ڏسو ته (پنهنجي پنهنجي وقتجي پيغمبرن کي) ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪئين ٿي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق گذريا اوهان کان اڳ ۾ طريقا پوءِ گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي پڇاڙي ڪوڙو چوندڙن جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهان کان اڳي (ڪيترا) واقعا گذريا آهن، پوءِ زمين ۾ گهمو ڦرو پوءِ ڏسو ته ڪيئن ڪوڙي ڪندڙن جي پڇاڙي هئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان کان اڳ ڪيترائي دور گذري چڪا آهن سو زمين ۾ سير ڪيو پوءِ ڏسو ته (احڪام الاهي کي) ڪوڙو چوڻ وارن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اوهان کان اڳ گذريون، نيشانيون نروار، پوءِ گھمو گھمو زمين ۾، نرتًا ڪريو نِهار، نه ڪنهن پَر، پويان پار، ڪوڙن ڪافرن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان کان اڳ ڪئين واقعا ٿي چڪا آهن. تنهنڪري زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته (نبين کي) ڪوڙو سمجهندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کان اڳ گهڻائي دور گذري چڪا آهن. زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڇا ٿي جن (الله جي حڪمن ۽ هدايتن کي) ڪوڙو پئي سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان کان پهرين ڪيترا ئي دور گذري چڪا آهن، گهمي ڦري ڏسو زمين ۾، ته انهن ماڻهن جي ڇا پڇاڙي ٿي جن (الله جي حڪمت ۽(هدايت کي) ڪوڙو چيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کان اڳ ڪيترين ئي قومن جا انجام ظاهر ٿي چڪا آهن پوءِ اوهان زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو، ته الله تعالى جي حڪمن کي ڪوڙو ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هٰذا بَيانٌ لِلنّاسِ وَهُدًى وَمَوعِظَةٌ لِلمُتَّقينَ (آيت : 138) |
ھيءُ ماڻھن لاءِ بيان آھي ۽ پرھيزگارن لاءِ ھدايت ۽ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ماڻهن جي (بصيرت) لاءِ هڪ چٽو بيان آهي ۽ متقي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءَ (قرآن) ماڻهن لاءِ بيان آهي ۽ هدايت ۽ نصيحت آهي پرهيزگارن لاءِ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي جيڪو ڪجھ اسان چيو سو) عام ماڻهن لاءِ ته فقط بيان آهي (پر) (خدا کان) ڊڄندڙن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هيءُ بيان آهي ماڻهن جي لاءِ ۽ هدايت ۽ نصيحت آهي پرهيزگارن لاءِ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هي ماڻهن لاءِ بيان آهي ۽ پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (قرآن) ماڻهن لاءِ بيان آهي ۽ پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هي ماڻهن لئي مذڪور، پڻ هدايت حق جي، پڻ ظاهر آهي ضرور، نصيحت نيڪن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي ماڻهن جي سمجهڻ لاءِ بيان آهي ۽ خدا ترسن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ماڻهن لاءِ هڪڙي صاف ۽ چٽي تنبيهه آهي ۽ جيڪي الله کان ڊڄندا هوندا، انهن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ماڻهن جي لاءِ هڪ پڌري تنبيهه آهي ۽ پرهيزگارن جي لاءِ هدايت ۽ نصيحت.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (ڪتاب) ماڻهن لاءِ صاف ۽ چِٽي تنبِيھه آهي ۽ ان ۾ ئي پرهيزگارن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَهِنوا وَلا تَحزَنوا وَأَنتُمُ الأَعلَونَ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
۽ نڪي سُست ٿيو ۽ نڪي غمگين ٿيو ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته (رڳو) اوھين غالب (ٿيڻ وارا) آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو مشڪلاتن ۽ شڪست جي حالت ۾ به) همت نه هاريو، نڪي غمگين ٿيو. جيڪڏهن توهان سچا مومن آهيو ته سڀني کان مٿانهان هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان همت نه هاريو ۽ ڏک نه ڪريو ۽ توهان غالب ٿيندا جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) ڪاهل نه ٿيو ۽ (هن اتفاقي هار جنگ احد کان) غمگين نه ٿيو (ڇو ته) جيڪڏهن اوهين سچا مومن آهيو ته اوهان ئي غالب رهندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه سست ٿيو ۽ نه غم ڪيو ۽ اوهان ئي غالب آهيو جيڪڏهن آهيو مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه سست ٿيو. ۽ نه غمگين ٿيو، ۽ اوهان بلند آهيو جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه سست ٿيو ۽ نه غمگين ٿيو اوهان ئي غالب آهيو اگر اوهان (سچا) مؤمن آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ماندا ٿيو مورهين، ۽ نه کائو، ڳڻتِي ڪنهن ڳالھ، بالم اوهين بحال، جي وسهڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نڪي سست ٿيو، نڪي غم کائو. اوهين ئي غالب رهندؤ، جيڪڏهن اوهان ۾ پورو ايمان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) دل نه لاهيو، ڏک نه ڪريو توهان ئي سوڀارا رهندؤ، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دل نه لاهيو ۽ نه غم ڪريو، توهان ئي غالب رهندؤ جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان نه سست ٿيو ۽ نه پريشان ٿيو، مؤمن آهيو ته توهان ئي غالب ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَمسَسكُم قَرحٌ فَقَد مَسَّ القَومَ قَرحٌ مِثلُهُ وَتِلكَ الأَيّامُ نُداوِلُها بَينَ النّاسِ وَلِيَعلَمَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَتَّخِذَ مِنكُم شُهَداءَ وَاللَّهُ لا يُحِبُّ الظّٰلِمينَ (آيت : 140) |
جيڪڏھن اوھان کي (اُحُد ۾) ڪو گھاءُ پھتو آھي ته بيشڪ اُن جھڙو گھاءُ ڪافرن کي (بَدۡر ۾) پُھتو ھو، ۽ ھيءُ اھڙا واقعا آھن جو (اسين) اُنھن ماڻھن جي وچ ۾ ڦيرائيندا آھيون (ته نصيحت وٺن)، ۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي نِکيڙي ۽ اوھان مان ڪن کي شھيد ڪري، ۽ الله ظالمن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن توهان کي (احد جي لڙائيءَ ۾) زخم لڳو آهي ته (غمگين ۽ ملول نه ٿيو) پوءِ تحقيق ٻي ڌر کي به اهڙو زخم رسيو آهي. اهي (فتح شڪست جا) موقعا اسان انسانن ۾ هيڏي هوڏي ڦيرائي رهيا آهيون (توهان همت نه هاريو جو هن حادثي ۾ گهڻيون ئي مصلحتون رکيل آهن) ۽ (اهو سڀ هن لاءِ ٿيو ته هن ڳالهه جي) آزمائش ٿئي ته ڪير سچا مومن آهن (۽ ڪير سچا نه آهن) ۽ هن لاءِ ته توهان مان ڪن کي (واقعن جي نتيجن جو) شاهد (ڏسندڙ ۽ سمجهندڙ) ڪجي. الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن کي نٿو پسند ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن توهان کي ڪا تڪليف پهتي آهي پوءِ بيشڪ انهي قوم کي به توهان جيتري تڪليف پهتي آهي، ۽ اهي ڏينهن اسين ماڻهن جي وچ ۾ ڦيرايون ٿا، انهي لاءِ ته الله تعالى ظاهر ڪري مؤمنن کي ۽ توهان مان ڪن ماڻهن کي شهادت عطا فرمائي، ۽ الله تعالى ظالمن کي دوست نٿو رکي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اوهان کي (احد ۾) زخم پهتو ته ڪافرن کي (به ته بدر ۾) ان جهڙو زخم پهتو آهي. (تڏهن به اهي بي همت نه ٿيا) اهي زماني جا اتفاق آهن جي اسين ماڻهن ۾ واري واري سان ڦيرائيندا آيا آهيون ۽ (اها اتفاق هار ان لاءِ هئي) ته سچي ايمان وارن کي (ظاهري مسلمانن کان الڳ) ڏسي ۽ توهان مان ڪن کي شهادت جي درجي تي فائز ڪري. ۽ خدا (رسول جي حڪم کان) سرڪشيءَ ڪرڻ وارن کي دوست نٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن پهتو اوهان کي زخم پوءِ تحقيق پهتو قوم کي زخم ان جهڙو ۽ اهي ڏينهن ڦيرايون ٿا انهن کي ماڻهن ۾ ۽ تانته جدا ڪري الله ايمان وارن کي ۽ وٺي اوهان مان شهيد ۽ الله نه ٿو پسند ڪري ظالمن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اوهان کي (احد ۾ ) زخم پهتو آهي ته ڪافرن کي (به بدر ۾ ) ان جهڙو زخم پهتو آهي. ۽ انهن ڏينهن کي ماڻهن جي وچ ۾ ڦيرائيندا رهون ٿا. ۽ هن لاءِ ته الله ايمان وارن کي ڄاڻي. ۽ اوهان مان ڪن کي شهيد بنائي. ۽ الله ظالمن کي دوست نه ٿو رکي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر اوهان کي ڪو زخم رسيو آهي ته بيشڪ ان جهڙو زخم انهن (ڪافرن) کي به پهچي چڪو آهي. ۽ اها ڏينهَنِ جي (وارا ڦيرِي آهي) جنهن کي اسين ماڻهن جي وچ ۾ واري سان بدلايون ٿا. ۽ اهو هن لاءِ ته جيئن الله ايمان وارن جي سُڃاڻ ڪرائي ۽ اوهان مان ڪن کي شهيد بنائي وٺي. ۽ الله ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اوهان کي ڌَڪ لڳو، ته ڌڪ اِنهيء دستور، لڳو ڪافر قوم کي، منجھ بدر جنگ ضرور، ۽ اُهي دَور دنيا جا، وِچ ماڻهن ڦيريون مور، تان الله سمجھي اُنهن کي، مڃيون جن مذڪور، ۽ اوهان مان، شاهد ڪري، رکي ربُّ غفور، ۽ جن جِي ڪِرت ڪَلور، سي پرور پسند ڪين ڪري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کي زخم رسيا آهن ته دشمن قوم کي به اهڙا ئي زخم رسيا آهن. اهي وقت جا وارا ڦيرا آهن، جي اسين ماڻهن ۾ بدليندا رهندا آهيون، هن لاءِ ته الله اوهان مان (سچن) مومنن کي پڌرو ڪري ۽ اوهان مان ڪن کي شهيد ڪري. الله ظالمن کي پسند نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن وقت جيڪڏهن توهان کي چوٽ آئي آهي ته هن کان اڳ اهڙي ئي چوٽ توهان جي مخالف ڌر کي به ته آئي هئي. اهي ته زماني جا لاها چاڙها آهن، جيڪي اسان هڪڙن ماڻهن کان ٻين ڏانهن پيا ڦيرايون گهيرايون. توهان تي اهو وقت ان ڪري آندو ويو هو جو الله اهو ڏسڻ پئي گهريو ته توهان مان سچا مؤمن ڪهڙا آهن ۽ انهن ماڻهن کي چونڊي الڳ ڪرڻ پئي گهريائين جيڪي سچ پچ (سچائيءَ جا) شاهد بڻجن. ڇو ته ظالم ماڻهو ته الله کي پسند ئي ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن وقت جي توهان کي چوٽ لڳي آهي ته هن کان پهرين توهان جي مخالف ڌر کي به اهڙي چوٽ لڳل آهي، ۽ هي ته زماني جون لاهيون چاڙهيون آهن، جن کي ماڻهن ۾ گهمائيندا رهون ٿا. الله سچائيءَ جي شاهدن کي ڏسڻ گهري ٿو ته ههڙي وقت ۾ سچا مؤمن ڪير آهن، ڇاڪاڻ ته الله کي پسند نه آهن ظالم ماڻهو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (احد جي جنگ ۾) جيڪڏهن توهان کي ٿوري گهڻي تڪليف اچي وئي، ته ان کان پھريائين (بدر جي جنگ ۾) ڪافرن کي به وڏي تڪليف اچي چڪي آهي. هي زماني جا لاها چاڙها آهن، جيڪي اسان هڪڙن ماڻهن کان ٻين ڏانھن ڦيرائيندا رهون ٿا، توهان تي هي وقت ان ڪري آيو آهي، ته جيئن الله تعالى ظاهر ڪري ته توهان مان پڪا مؤمن ڪير آهن؟ ۽ تن کي چونڊي الڳ ڪري ۽ اوهان مان ڪِن کي شھادت جو درجو عطا ڪري، الله تعالى ظالمن کي پسند ئي نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِيُمَحِّصَ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَيَمحَقَ الكٰفِرينَ (آيت : 141) |
۽ ھن لاءِ ته الله مؤمنن کي کرو ڪري ۽ ڪافرن کي ناس ڪري.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هن حادثي ۾ هي به) مصلحت هئي ته الله مومنن کي (ڪن ڪمزورين کان) پاڪ ڪري ۽ حق جي منڪرن کي (ڪمزورين کان پاڪ ٿيل طاقتور مومنن هٿان) آخر برباد ڪري ڇڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهي لاءِ جو مؤمنن کي گناهن کان پاڪ ڪري ۽ ڪافرن کي هَلاڪ ڪري.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پڻ هي (به منظور هو) ته سچن ايماندارن کي ثابت قدمي ڪري (ظاهر ڪري) الڳ ڪري ۽ بيفرمانن (ڀڄڻ وارن) کي برباد ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تانته نروار ڪري الله ايمان وارن کي ۽ مٽائي ڇڏي ڪافرن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن لاءِ ته الله ايمان وارن کي پاڪ ڪري. ۽ ڪافرن کي برباد ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن لاءِ ته (آزمائش جي ذريعي) الله مؤمنن کي نِروارُ ڪري ۽ ڪافرن کي ميٽائي ڇڏي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ صفا ڪري تن کي، آندو جن ويساه، ۽ توائي، تباه، ڪري ڪفارن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن لاءِ به، ته مومنن کي پاڪ صاف ڪري ۽ ڪافرن کي ميٽي ڇڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله انهيءَ پرک وسيلي ائين پئي گهريو ته مؤمنن کي الڳ ڪري ڪافرن کي ڪا چٿ ڪڍي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهيءَ آزمائش جي ذريعي الله مؤمنن کي جدا ڪري ڪافرن کي هلاڪ ڪرڻ گهريو ٿي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي واقعو ان ڪري به ٿيو آهي) ته جيئن الله تعالى مؤمنن کي (گناهن کان) پاڪ ڪري ۽ ڪافرن کي برباد ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم حَسِبتُم أَن تَدخُلُوا الجَنَّةَ وَلَمّا يَعلَمِ اللَّهُ الَّذينَ جٰهَدوا مِنكُم وَيَعلَمَ الصّٰبِرينَ (آيت : 142) |
اوھان بھشت ۾ گِھڙڻ جو گمان ڪيو آھي ڇا؟ ھن ھوندي جو الله اڃا اوھان مان مجاھدن کي نه نِکيڙيو آھي ۽ نڪي صابرن کي نِکيڙيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو) توهان ائين ٿا سمجهو ڇا ته (خالي ايمان جي دعوي ڪري) جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ (۽ ايمان ۽ عمل جي آزمائش ئي ڪانه ٿيندي؟) (اڃا ته اهڙو موقعو ئي) ڪونه آيو آهي جنهن سان الله تعاليٰ اوهان کي آزمائي ظاهر ڪري ڏيکاري ته ڪهڙا ماڻهو حق جي راه ۾ پوري پوري ڪوشش ڪندڙ آهن ۽ ڪهڙا مشڪلاتن ۾ به ثابت قدم رهڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهي گمان ۾ توهان آهيو جو جنت ۾ داخل ٿي ويندا ۽ الله تعالى اڃان توهان مان غازين جو امتحان نه ورتو آهي ۽ نه صبر وارن جي آزمائش ڪئي آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) ڇا اوهين سمجهو ٿا ته اوهين سڀ بهشت ۾ هليا ويندو؟ ۽ ڇا توهان مان خدا انهن ماڻهن کي به نه سڃاتو جن جهاد ڪيو ۽ نه ثابت قدم رهڻ وارن کي ئي سمجهيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا سمجهو ٿا ته داخل ٿيندؤ بهشت ۾ ۽ اڃان نه نروار ڪيو الله انهن کي جو جهاد ڪيائون اوهان مان ۽ نه نروار ڪيائين صبر ڪندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جنت ۾ داخل ٿيڻ جو خيال ڪيو اٿوَ ڇا؟ هوڏانهن الله اڃان اوهان مان مجاهدن کي جدا نه ڪيو آهي ۽ نه صبر ڪندڙن کي جدا ڪيو اٿس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان سمجهو ٿا ته (ائين ئي) بهشت ۾ داخل ٿي ويندؤ! حالانڪه الله اڃا اوهان مان انهن ماڻهن کي پرکيو ئي نه آهي جن جهاد ڪيو ۽ نه ئي صبر وارن کي آزمايو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ وِهلو ڀانيان واه!، ته گھڙندا باغ بهشت ۾، ۽ اڃااوهان مان، جي لڙيا، منجھ ربُّ جي راه ۾، نه ڄانتان، اُهي الله، ۽ نه سَمجھين صابرن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان ڀانيو ٿا، ته اوهين ايئن ئي جنت ۾ داخل ٿي ويندا ۽ اڃان الله اوهان مان مجاهدن ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي پڌرو ئي نه ڪيو آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ائين کڻي سمجهيو آهي ڇا ته ائين ئي وڃي بهشت ۾ پوندؤ حالانڪه الله ته اڃان اهو ڏٺو ئي نه آهي ته توهان مان ڪير آهن، جيڪي سندس واٽ ۾ ساهه صدقي ڪرڻ وارا آهن ۽ ان خاطر صبر ڪرڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته جنت ۾ ائين ئي هليا ويندؤ، جڏهن ته الله اڃا اهو ڏٺو ئي ناهي ته توهان مان ڪير اهي ماڻهو آهن، جيڪي سندس راهه ۾ جانيون ڏيڻ وارا ۽ سندس لاءِ صبر ڪرڻ وارا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي مؤمنو! ڇا توهان اهو سمجهي ڇڏيو آهي ته اوهان جنت ۾ ايئن ئي داخل ٿيندا، حالانڪه الله تعالى اڃا ظاهر ئي نه ڪيو آهي، ته ڪير ان جي راهه ۾ جانيون قربان ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهڻ وارا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد كُنتُم تَمَنَّونَ المَوتَ مِن قَبلِ أَن تَلقَوهُ فَقَد رَأَيتُموهُ وَأَنتُم تَنظُرونَ (آيت : 143) |
۽ بيشڪ اوھين موت کي اُن جي ملڻ کان اڳ گھُرندا ھيؤ، پوءِ بيشڪ ان کي ڏٺوَ ۽ اوھين نھاريندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هي حقيقت آهي ته جيستائين توهان کي موت جي سامهون اچڻو ڪونه پيو هو تيستائين حق جي راه ۾ مرڻ جي خواهش رکندا هئو (۽ ضد ڪيو هو ته مديني کان ٻاهر نڪري دشمن جو مقابلو ڪريون) پر پوءِ جڏهن موت توهان جي سامهون اچي ويو تڏهن ڏسندي ڏسندي بيهي رهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان ته شهادت جي سَڌِ ڪئي ٿي ان جي اچڻ کان اڳ ۾، پوءِ بيشڪ توهان ان کي ڏٺو اکين سان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان ته موت جي اچڻ کان اڳ ئي (جنگ ۾) مرڻ جي آرزو ڪندا هئا پوءِ هاڻي ته توهان ان کي پنهنجين اکين سان ڏٺو ۽ توهان هينئر به ڏسي رهيا آهيو (پوءِ جنگ کان ڇو ٿا لهرايو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق خواهش ٿي ڪيَوَ موت جي ان کان اڳ ۾ جو ملاقات ڪيو ان سان پوءِ تحقيق ڏٺُوَ ان کي ۽ اوهان نهاريو پيا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اوهان ته مرڻ جي خواهش ان جي ملڻ کان اڳي پي ڪئي، پوءِ اوهان ان کي ڏٺو ۽ اوهين (ايڏي) نهاري رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اوهان موت سان ملاقي ٿيڻ کان اڳ ان جي تمنا پئي ڪئي، سو هاڻي اوهان ان کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسي ورتو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موت گھرندا مهندا هئا، ته ملو اوهين ان ساڻ، سو حاضر ڏٺان هاڻ، ۽ پئا نيڻن سان نهاريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان ته ان کي ملڻ کان اڳ موت جي خواهش به ڪئي ٿي، سو هاڻي اوهان ان کي ڏٺو ۽ اهو اوهان جي اکين آڏو هو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان ته پئي موت جي تمنا ڪئي پر اهو تڏهن هو جڏهن موت آڏو نه آيو هيوَ. چڱو، هاڻي ته آڏو اچي ويو اَٿوَ ۽ پيا ٿا اکين سان ڏسوسِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ته تمنائون ڪيون موت جون، پر هي ان وقت جي ڳالهه هئي جڏهن موت آڏو نه هو، ڏسو هاڻي اهو توهان جي سامهون اچي ويو ۽ توهان ان کي اکين سان ڏٺو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ته ان وقت (الله تعاليٰ جي راه ۾) موت جي تمنا ڪري رهيا هئا، جڏهن ته موت کي سامھون ڏٺو ئي ڪونه هو، هاڻي موت توهان جي سامھون آيو آهي، (جنھن کي) اوهان پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيو (سو اڳتي وڌو ۽ ڪافرن سان مقابلو ڪريو). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما مُحَمَّدٌ إِلّا رَسولٌ قَد خَلَت مِن قَبلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِي۟ن ماتَ أَو قُتِلَ انقَلَبتُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم وَمَن يَنقَلِب عَلىٰ عَقِبَيهِ فَلَن يَضُرَّ اللَّهَ شَيـًٔا وَسَيَجزِى اللَّهُ الشّٰكِرينَ (آيت : 144) |
۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت) محمد (ﷺ الله ناهي) فقط الله جو رسول آهي، کانئس اڳي به الله جا رسول ٿي گذريا هن، (جيڪي حق جي دعوت ڏيئي دنيا مان هليا ويا) پوءِ جيڪڏهن هو (حضرت محمدﷺ) هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري (هڪ ڏينهن نيٺ ته رحلت ڪرڻ وارو آهي) يا لڙائيءَ ۾ شهيد ٿئي ته پوءِ توهان حق جي راه کان پٺئن پير ڦري ويندؤ ڇا؟ جيڪوحق جي واٽ کان پٺئين پير ڦري ويندو اهو (پنهنجوئي نقصان ڪندو) خدا جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو. جي ماڻهو شڪر گذار آهن (يعني حق جي نعمتن جو قدر ڪندڙ آهن) تن کي الله تعاليٰ ان شڪر گذاريءَ جو اجر عطا فرمائيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ محمدِ عربي (صلي الله عليه وسلم) (الله تعالى جا پيارا) رسول آهن انهن کان اڳ ۾ ڪيترا رسول گذريا آهن، ڇا پوءِ جيڪڏهن اُهي (بالفرض) وصال فرمائن يا شهيد ٿين ته توهان پنهنجن پيرن تي (واپس) موٽندا، ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجن پيرن تي واپس موٽندو ته هرگز الله جو نقصان نه ڪري سگهندو، ۽ جلدي الله تعالى شڪر ڪندڙن کي ثواب ڏيندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ محمد ته فقط رسول آهي (خدا ته نه آهي) ان کان اڳ ۾ به ڪيترائي رسول گذريا آهن پوءِ ڇا جيڪڏهن (محمد) پنهنجي موت سان مري وڃي يا ماريو وڃي ته اوهين پوين پيرن تي (پنهنجي اباڻي ڪفر ڏي) موٽي ويندو؟ ۽ جيڪو پوين پيرن ڦرندو (به) ته (ياد رکو!) اهو خدا جو ڪڏهن به ڪجھ بگاڙي نه سگهندو ۽ جلد ئي خدا شڪر ڪرڻ وارن کي سٺو بدلو ڏيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي محمّد (ﷺ) مگر رسول تحقيق گذريا ان کان اڳ ۾ رسول ڇا پوءِ جيڪڏهن انتقال ڪري يا شهيد ڪيو وڃي ته ڦري ويندؤ پوئين پيرين؟ ۽ جيڪو ڦرندو پوئين پيرين پوءِ اصل نه نقصان ڏئي سگهندو الله کي ڪجهه به ۽ سگهوئي اجر ڏيندو الله شڪر ڪندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ محمد رسول ئي آهي. ان کان اڳي رسول گذريا آهن. ڇا پوءِ جيڪڏهن (اهو) مري يا قتل ٿئي ته اوهين پنهنجن کڙين ڀر (پوئتي) ڦرندؤ. ۽ جيڪو پنهنجن کڙين ڀر (پوئتي) ڦرندو ته اهو الله کي ڪجهه به نقصان نه پهچائيندو. ۽ الله شڪر ڪندڙن کي بدلو ڏيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ محمد (ﷺ به ته) هڪ رسول ئي آهي. بيشڪ ان کان اڳ به رسولَ گذري چڪا آهن. ڇا پوءِ اگر اهو وفات ڪري وڃي يا شهادت ماڻي ته ڇا اوهان پوئين پير ڦِري ويندا؟ ۽ جيڪو پوئين پير ڦِري ويندو سو الله کي ڪنهن شيءِ جو نقصان نه پهچائيندو. ۽ الله سگھوئي شڪرگذارن کي اجر عطا ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُحمّد، ناھ مگر، هڪ رسول ربَّ جو، اِن کان اڳي گذريا، پارس پيغمبر، ڇا مُئو، ڪِ ماريو ويو، ته کِسڪندا کُڙين ڀر؟ ۽ جو کُڙين ڀر کِسڪندو، ته پرور کي ڪنهن پر، مورک نه رسائي مورهين، ذري ڀر ضرر، ۽ ڀاڙا ڏي ڀر ڀر، قدر قدردانن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) محمد (ﷺ) ته فقط الله جو هڪ رسول آهي، کانئس اڳ به رسول گذري چڪا آهن. پوءِ جيڪڏهن هو وفات ڪري يا شهيد ٿي وڃي ته ڇا، اوهين پوئين پير ڦري ويندؤ؟ ۽ جيڪو پوئين پير ڦرندو ته الله کي هرگز ڪو به نقصان نه پهچندو ۽ الله جلد ئي شڪرگذارن کي بدلو ڏيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) محمد ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ته هو هڪڙو رسول آهي، کانئس اڳ ڪيترائي رسول ٿي گذريا آهن، پوءِ ڀلا جيڪڏهن هو وفات ڪري وڃي يا قتل ٿي وڃي ته ڇا توهان کــُـڙين تي ڦري ويندؤ؟ ياد رکو! جيڪو پويان پير ڪندو اهو الله جو ته ڪو نقصان نه ڪندو. باقي جيڪي الله جا شڪر ڪندڙ ٻانها ٿي رهندا، انهن کي هو ضرور اجر ڏيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ محمد ڪجهه ناهي انهيءَ کان سواءِ فقط هڪ رسول آهي، گذري چڪا آهن ان کان پهرين ٻيا رسول، پوءِ ڇا جيڪڏهن هو مري وڃي، يا قتل ڪيو وڃي ته توهان ماڻهو پٺتي ڦري ويندؤ ۽ ياد رکو، جيڪو ابتو ڦري ويندو سو ڪجهه نقصان نه ڪندو الله جو، البته جيڪي الله جا شڪر گذار بندا ٿي رهندا، الله انهن کي ان جي جزا ڏيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) محمد (ﷺ) ته الله تعالى جو هڪ رسول ئي آهي، ان کان اڳ ٻيا به رسول ٿي گذريا آهن، پوءِ جيڪڏهن هو گذاري وڃي يا شھيد ٿي وڃي ته ڇا توهان پوئتي پير ڪندا؟ ياد رکو!جيڪو الٽو ڦري ويندو ته اهو الله تعالى کي ڪو به نقصان نٿو پھچائي سگهي، باقي الله تعالى عنقريب شڪر ادا ڪندڙن کي (بھترين) اجر ڏيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لِنَفسٍ أَن تَموتَ إِلّا بِإِذنِ اللَّهِ كِتٰبًا مُؤَجَّلًا وَمَن يُرِد ثَوابَ الدُّنيا نُؤتِهِ مِنها وَمَن يُرِد ثَوابَ الءاخِرَةِ نُؤتِهِ مِنها وَسَنَجزِى الشّٰكِرينَ (آيت : 145) |
۽ الله جي ٺھرايل وقت لکيل حُڪم کانسواءِ ڪنھن کي مرڻو نه آھي، ۽ جيڪو دنيا جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ جيڪو آخرت جو ثواب گھرندو تنھن کي اُن مان ڏينداسون، ۽ شاڪرن کي (چڱو) ثواب ستت ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) خدا جي حڪم کان سواءِ ڪوبه مري نٿو وڃي. هر انسان جي لاءِ هڪ خاص وقت مقرر ڪيل آهي، (موت جي خوف کان توهان جا قدم ڇو پوئتي هٽڻ گهرجن) ءِ جيڪو به ماڻهو دنيا جو فائدو چاهي ٿو تنهن کي اهو ملندو. اسان (حق جي نعمتن جي) ڪندڙن کي (هنن جي نيڪ عملي جو) اجر ضرور ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪوبه نفس، الله تعالى جي حڪم کان سواءِ مري نٿو سگهي، سڀنيءَ جو مقرر ٿيل آهي، ۽ جيڪو ماڻهو دنيا جو انعام چاهي ٿو اسين انهيءَ کي انهيءَ مان ڏيون ٿا، ۽ جيڪو ماڻهو آخرت جو انعام چاهي ٿو اسين انهيءَ کي انهي مان عطا ڪريون ٿا، ۽ شڪر ڪندڙن کي اسين جلدي ثواب ڏينداسين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سواءِ خدا جي حڪم جي ڪو به ماڻهو مري نٿو سگهي. مقرر ڪيل وقت تائين هر هڪ جو موت لکيل آهي. ۽ جو شخص (پنهنجي ڪئي جو) بدلو دنيا ۾ گهري ٿو ته اسان ان مان ڏيون ٿا ۽ جيڪو آخرت لاءَ گهري ته کيس ان مان ڏبو ۽ (ايمان جي نعمت) شڪر ڪرڻ وارن کي تمام جلد نيڪ جزا ڏينداسين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي وس ڪنهن نفس جي جو مري الله جي اذن کان سواءِ لکيل مقرر ٿيل ۽ جيڪو ارادو ڪندو دنيا ۾ ثواب جو ته ڏينداسون ان کي انهيءَ مان ۽ جيڪوارادو ڪندو آخرت ۾ ثواب جو ته ڏينداسون ان کي انهيءَ مان ۽ جلد بدلو ڏينداسون شڪر ڪندڙن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله جي حڪم کان سواءِ ڪنهن کي مرڻو نه آهي ان جو وقت مقرر لکيو اٿس. ۽ جيڪو دنيا جو بدلوگهرندو ته اسين ان کي ان مان ڏينداسون. ۽ جيڪو آخرت جو بدلو گهرندو ته ان کي ان مان ڏينداسون. ۽ اسين شڪر ڪندڙن کي بدلو ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن جان کي مرڻو نه آهي سواءِ الله جي حڪم جي (هر ڪنهن جي موت جو) وقت لکيل آهي. ۽ جيڪو دنيا جو بدلو گهرندو ته ان کي ان مان ڏينداسين. ۽ جيڪو آخرت جو بدلو گهرندو ان کي ان مان ڏينداسين ۽ سگھوئي شڪرگذارن کي بدلو ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪونهي ڪنهن جي ڪاڻ، ته ربَّ جي، حڪم ري مري، لکيل ليکي ساڻ، مدت مقرر مورهين. ۽ درجا دنيا ۾ گُھري، تنهن کي، تنهن مان، ڏيون ڏان، ۽ جو گُھري اجر آخرت، ته منجھانس ڏيونس مان، ۽ ڏيندو سِگهو سُبحان، ڀاڙا ڀال ڀائيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪو به شخص الله جي حڪم کان سواءِ نٿو مري، ان لاءِ هڪ مقرر وقت آهي. جيڪو دنيا جو بدلو گهرندو، ان کي اهو ئي ڏينداسون ۽ جيڪو آخرت جو بدلو گهرندو، ان کي اهوئي ڏينداسون ۽ اسين شڪر ڪندڙن کي جلد بدلو ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪوبه ساهوارو الله جي حڪم کان سواءِ مري نٿو سگهي. موت جو وقت ته لکيل آهي. جيڪو ماڻهو دنيا جي اجوري خاطر ڪم ڪندو، ان کي اسان دنيا مان ئي ڏينداسون ۽ جيڪو آخرت جي ثواب لاءِ ڪم ڪندو، ان کي آخرت جو ثواب ملندو ۽ شڪر ڪندڙن کي اسان سندن اجورو ضرور ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوبه روح وارو مري نٿو سگهي سواءِ حڪم الله جي، موت جو وقت ته لکيل آهي، جيڪو ماڻهو ثواب جي ارادي سان دنيا ۾ ڪم ڪندو، ان کي دنيا ۾ ئي ملندو ۽ جيڪو ڪم ڪندو ثواب آخرت جي لاءِ اهو آخرت جو حاصل ڪندو، شڪر ڪندڙن کي ان جي جزا ضرور ملندي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪوبه ساهوارو الله تعالى جي حڪم کان سواءِ نٿو مري سگهي، سڀني جو هڪ مقرر وقت لکيل آهي، جيڪو ماڻهو دنيا ۾ ئي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو، ته ان کي اسان دنيا ۾ ئي اجر ڏينداسين ۽ جيڪو آخرت جي ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو، ته ان کي آخرت ۾ ئي اجر ڏينداسين، شڪر ادا ڪندڙن کي ته اسين سگهو ئي اجر عطا ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَأَيِّن مِن نَبِىٍّ قٰتَلَ مَعَهُ رِبِّيّونَ كَثيرٌ فَما وَهَنوا لِما أَصابَهُم فى سَبيلِ اللَّهِ وَما ضَعُفوا وَمَا استَكانوا وَاللَّهُ يُحِبُّ الصّٰبِرينَ (آيت : 146) |
۽ پيغمبرن مان گھڻا (ڪافرن سان) وڙھيا ساڻن گھڻا خداءِ وارا ھئا، پوءِ جيڪي الله جي واٽ ۾ کين پھتو تنھن سببان نڪي سُست ٿيا ۽ نڪي ھيڻا ٿيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون، ۽ الله صابرن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) ڪيترائي نبي سڳورا ٿي گذريا آهن جن لڙايون ڪيون ۽ هنن سان شامل ٿي ڪيترن ئي رباني نيڪ ماڻهن به جنگيون ڪيون. پر ائين نه ٿيو جو خدا جي راه ۾ جيڪي سختيون هنن کي پيش آيون تن جي سبب کان بي همت ٿيا ۽ نه ائين ٿيو جو ڪمزوري ڏيکاريون، نه ڪي (دشمن جي اڳيان) عاجزي ۽ بيوسي ظاهر ڪيائون. الله تعاليٰ ته انهن کي حب ٿو ڪري (جي سخت مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به) ثابت قدم رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪيترن نبين سان گڏ سندن گهڻين جماعتن جهاد ڪيو، پوءِ نه سُست ٿيا انهن تڪليفن کان جيڪي انهن کي الله جي راه ۾ پهتيون ۽ نه (جهاد ۾) سُست ٿيا ۽ نه دٻجي ويا، ۽ الله تعالى صبر ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (مسلمانو!) رڳو اوهين نه پر) اهڙا پيغمبر ڪيترائي گذريا آهن جن سان ڪيترن ئي خدا وارن (خدا جي راھ ۾) جهاد ڪيو ۽ وري انهن کي الله جي راھ ۾ اهي مصيبتون پيون پر نه ته انهن همت هاري ۽ نه ڊنا ۽ نه (دشمن اڳيان) ليلائڻ لڳا ۽ ثابت قدم رهڻ وارن کي خدا دوست ٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا نبي جنگ ڪئي انهن سان گڏ الله وارن گهڻن پوءِ نه همت هاريائون ان تڪليف جي ڪري جو پهتي انهن کي الله جي واٽ ۾ ۽ نه ڪمزور ٿيا ۽ نه سست ٿيا ۽ الله محبت رکي ٿو صبر ڪندڙن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيترا نبي جن سان گڏ گهڻن الله وارن (ڪافرن سان) جنگ ڪئي، پوءِ الله جي رستي ۾ جيڪا کين تڪليف پهتي تنهن جي ڪري نه سست ٿيا ۽ نه ضعيف ٿيا ۽ نه دٻجي ويا. ۽ الله صبرڪندڙن کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪيترائي نبيءَ اهڙا ٿيا جن سان گڏجي گهڻن ئي الله وارن جهاد ڪيو. پوءِ انهن همت نه هارِي انهن مصيبتن سبب جيڪي انهن کي الله جي راهه ۾ آيون ۽ نه ڪمزور ٿيا ۽ نه جُهڪيا. ۽ الله صبر ڪرڻ وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَيئن نبي ڪيترا، لڙيا جنگيون جُونجھار، الله لوڪ انهن سان، گهڻا گڏ سوار، پوءِ جو رسينِ ربَّ جي راه ۾، تنهين کان تڪرار، نه ليڙا ٿيا، نه لُڙهيا، ۽ نه لِيلايون لغار، ۽ پاڻـئون ڏي پيار، صاحب صابرن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪئين نبي ٿيا آهن، جن سان خدا وارا، گڏجي وڙهيا آهن، پوءِ کين الله جي راهه ۾ تڪليفون پهچڻ تي نه هنن همت هاري، نه سست ٿيا. نڪي ڊڄي ويا ۽ الله ثابت قدم رهندڙن کي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن کان اڳ ڪيترائي نبي اهڙا ٿي گذريا آهن، جن سان گڏجي گهڻن ئي الله وارن جنگ ڪئي. الله جي واٽ ۾ جيڪي مصيبتون مٿن آيون انهن تي دل شڪستا نه ٿيا، نڪي ڪا ڪمزوري ڏيکاريائون ۽ نه وري (باطل جي آڏو) سر نوايائون. اهڙن ئي صبر ڪندڙن کي الله ڏاڍو پسند ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن کان پهرين اهڙا نبي گذريا، جن سان ملي خدا پرستن گڏجي جنگ لڙي، انهن کي ڪيتريون ئي مصيبتون الله جي راهه ۾ ڏسڻيون پيون پر اهي دل لاهي نه ويٺا، (باطل اڳيان) جهڪيا نه، الله پسند ڪري ٿو اهڙن ئي صبر ڪندڙن کي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪيترا ئي اهڙا نبي سڳورا ٿي گذريا آهن، جن سان گڏ ملي ڪري الله تعالى جي نيڪ ٻانهن جنگ وڙهي، الله تعالى جي راهه ۾ انهن تي جيڪي مصيبتون يا تڪليفون آيون، انهن ڪڏهن به حوصلو نه هاريو، نه ئي هيڻائي ڏيکاري ۽ نه ئي باطل جي اڳيان جهڪيا، الله تعالى اهڙن ئي ثابت قدم رهڻ وارن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ قَولَهُم إِلّا أَن قالوا رَبَّنَا اغفِر لَنا ذُنوبَنا وَإِسرافَنا فى أَمرِنا وَثَبِّت أَقدامَنا وَانصُرنا عَلَى القَومِ الكٰفِرينَ (آيت : 147) |
۽ سندن چوڻ (ھن) چوڻ کانسواءِ نه ھو ته اي اسان جا پالڻھار اسان کي اسان جاگناہ (بخش) ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي بيجا ھلت بخش ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافرن جي ٽوليءَ تي فتح ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (سختين ۽ مصيبتن ۾ به) هنن جي زبان منجهان هن کان سواءِ ڪو لفظ نه نڪرندو هو ته، اي خدا اسان جا گناه معاف ڪر، اسان کان اسان جي ڪمن ۾ جيڪي زيادتيون ٿي ويون هجن سي درگذر ڪري ڇڏ. اسان جا قدم حق جي راه ۾ ڄمائي رک ۽ حق جي منڪر قوم تي اسان کي فتح ڏي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن ڪجهه به نه چيو سواءِ ان دعا جي ته اي اسان جا رب اسان جا گناه بخش ڪر ۽ اسان جون زيادتيون بخش ڪر جيڪي اسان ڪمن ۾ ڪيون آهن ۽ اسان جا قدم مضبوط ڪر ۽ اسان کي ڪافرن جي قوم تي مدد فرماءِ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ مزي جي ڳالھ ته) انهن جو چوڻ هي هو ته دعائون گهرڻ لڳا ته اي اسان جا پاليندڙ اسان جا گناھ ۽ اسان جي ڪمن ۾ زيادتين کي معاف فرماءِ ۽ دشمن جي مقابلي ۾ اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي گروھ تي اسان کي فتح ڏي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هو چوڻ انهن جو مگر هيءُ جو چيائون ته اي اسان جا پالڻهار! بخش ڪر اسان کي گناهه اسان جا ۽ زيادتي اسان جي اسان جي ڪم ۾ ۽ ثابت رک قدم اسان جا ۽ مدد ڪر اسان جي قوم ڪافرن جيءَ تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن چوڻ کان سواءِ (ٻي) سندن ڳالهه نه هئي ته اي اسان جا پاليندڙ ! اسان کي اسان جا گناه ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان جي زيادتي معاف ڪر ۽ اسان جا پير ثابت رک ۽ اسان کي ڪافر قوم تي فتح ڏي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جو چوڻ ٻيو ڪجهه نه هيو سواءِ (هن التجا) جي جو چيائون: ”اي اسان جا مالڪ! اسان جا گناهه بخش ۽ اسان جي ڪمن ۾ اسان کان ٿيل زيادتين کي معاف ڪر ۽ اسان جا پير پختا ڪر ۽ ڪافرن جي قوم مٿان اسان جي مدد فرماءِ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻولي نه هئـِي ٻي ڪا، اُنهن جِي، اِنهيان ڌار، ته ميٽ مدايون اسان جون، سانيم، ربَّ ستار!، پڻ اُوڻايون اسان جون، پنهنجي ڪم ۾ ڪلتار!، پُختا پير اسان جا، باري! تون بِيهار، ۽ وِهلو ڪج وَهَار، قادر! قوم ڪُفّار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن فقط اهوئي ٿي چيو ته ”اي اسان جا رب! اسان جا گناهه ۽ اسان جون غلطيون بخش ڪر. اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جي دعا بس اهائي هئي ته: "اي اسان جا رب! اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي معاف ڪر، اسان کي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جي دعا بس اها ئي هئي ته ”اي اسان جا رب! معاف ڪر اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي، اسان پنهنجي ڪمن ۾ جيترو تنهنجي حدن کي اورانگهيو اهي معاف فرماءِ، اسان جا قدم ڄماءِ ۽ مدد ڪر ڪافرن جي مقابلي ۾.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن نيڪ ٻانهن جي هي دعا هوندي آهي ته ”اي اسان جا پالڻھار! اسان جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي درگذر فرماءِ، اسان جي عمل ۾ ٿيل زيادتين کي معاف فرماءِ، اسان کي حق تي ثابت قدم رک ۽ ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَـٔاتىٰهُمُ اللَّهُ ثَوابَ الدُّنيا وَحُسنَ ثَوابِ الءاخِرَةِ وَاللَّهُ يُحِبُّ المُحسِنينَ (آيت : 148) |
پوءِ الله کين دنيا جو ثواب ۽ آخرت جو چڱو ثواب ڏنو، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ته هنن جي ايمان ۽ عمل جي اها اعليٰ حالت هئي تڏهن (الله تعاليٰ هنن کي دنيا جو به فائدو ڏنو (جو هو فتحمند ٿا، حاڪم ٿيا ۽ آسوده حال ٿيا) ۽ آخرت جوگهڻو وڏو ۽ سٺو فائدو به ڏنو (جو دائمي نعمتن جا حقدار ٿيا) ۽ بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي ئي محبت ڪري ٿو جي نيڪ ڪم ڪندڙ آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى انهن کي دنيا جو ثواب عطا فرمايو ۽ بهترين انعام آخرت جو، ۽ الله تعالى نيڪو ڪارن سان محبت رکي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا کين دنيا ۾ بدلو (ڏنو) ۽ آخرت ۾ سٺو بدلو عنايت ڪيو. ۽ خدا نيڪي ڪندڙن کي دوست رکندو ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڏنو انهن کي الله ثواب دنيا جو ۽ سهڻو ثواب آخرت جو ۽ الله محبت ٿو رکي احسان ڪندڙسان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کين دنيا جو بدلو ۽ آخرت جو سٺو بدلو ڏنو. ۽ الله نيڪي ڪندڙن کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله انهن کي دنيا جو به ثواب ڏنو ۽ آخرت جو به ڀلو ثواب ڏنو ۽ الله نيڪي ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ الله ڏنو انهن کي، درجو دنيا ڌار، ۽ اجر آخرت جو، سهڻو، سو سَهوار، ۽ پرور ڏي پِيار، ڀال ڀلائيندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله انهن کي دنيا جو ثواب ڏنو، آخرت جو بهتر ثواب به ڏنو ۽ الله نيڪن کي پسند ڪري ٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو الله انهن کي دنيا جو ثواب به ڏنو ۽ ان کان وڌيڪ سٺو آخرت جو ثواب به عطا ڪيو. الله کي اهڙا ئي نيڪ عمل ڪندڙ ماڻهو وڻندا آهن" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار عطا ڪيو الله انهن کي دنيا جو ثواب ۽ ان کان به سهڻو ثواب آخرت جو ڏنو، الله کي ته اهڙا ئي نيڪ عمل ماڻهو وڻن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ آخر ڪار الله تعالى اهڙن ماڻهن کي دنيا جو ثواب به ڏنو ۽ آخرت ۾ ان کان به وڌيڪ بھتر ثواب عطا ڪندو. الله تعالى ته نيڪ ماڻهن کي ئي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا إِن تُطيعُوا الَّذينَ كَفَروا يَرُدّوكُم عَلىٰ أَعقٰبِكُم فَتَنقَلِبوا خٰسِرينَ (آيت : 149) |
اي اِيمان وارؤ جيڪڏھن اوھين ڪافرن جو چيو مڃيندؤ ته اوھان کي اوھان جي کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦيرائيندا پوءِ اوھين ڦِري ڇيئي وارا ٿيندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مؤمنو! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي لڳندؤ (جي توهان کي دشمن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊيڄارين ٿا) ته (پوءِ ياد رکو ته) هو اوهان کي حق جي راهه کان پوئين پير ڦيرائي ڇڏيندا ۽ اوهان (سعادت جي واٽ ڇڏي) نقصان ۽ تباهي هيٺ ايندؤ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي هليا ته اُهي توهان کي پوين پيرن تي موٽائي ڇڏيندا پوءِ توهان نقصان وارا ٿي موٽندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! جيڪڏهن اوهان ڪافرن جي پيروي ڪئي ته (ياد رکو ته) اهي توهان کي پوين پيرن تي (ڪفر ڏي) ڦيري وٺي ويندا پوءِ اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن ڳالهه مڃيندؤ ڪافرن جي ته موٽائيندا اوهان کي پوئين پيرين.وءِ ٿي پوندو نقصان وارا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! جيڪڏهن اوهين ڪافرن جو چيو مڃيندو ته اهي اوهان کي اوهان جي کڙين ڀر پوئتي ڦيريندا. پوءِ اوهين ڦري نقصان وارا ٿي پوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اگر اوهان انهن ماڻهن جي فرمانبرداري ڪندؤ جن ڪفر ڪيوته اهي اوهان کي کُـــڙين ڀر پوئتي (ڪفر طرف) موٽائيندا پوءِ اوهان نقصان وارن مان ٿي پوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان! سي، جي هلندا تن پٺيان، جي ڦريا، ته ڦيرائيندان ورِي، کُڙين ڀر خان!، پوءِ هارين مان حيران، موٽندا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! جيڪڏهن ڪافرن جو چيو وٺندؤ ته اوهان کي پوئين پيرن هٽائيندا ۽ پوءِ اوهين نقصان پائيندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان انهن ماڻهن جي چئي تي هلندؤ، جن ڪفر ڪيو آهي ته هو توهان کي پوئين پير ڦيرائي ويندا ۽ توهان وڃي ٽوٽي ۾ پوندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! جي توهان انهن ماڻهن جي اشارن تي هلندا جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي آهي، ته اهي توهان کي پوئتي ڦيرائي ويندا پوءِ توهان نامراد ٿي ويندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي هلندا، ته هو اوهان کي حق جي راهه کان موڙي ويندا پوءِ توهان ڦري وڏي نقصان وارا ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَلِ اللَّهُ مَولىٰكُم وَهُوَ خَيرُ النّٰصِرينَ (آيت : 150) |
بلڪ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو چڱو مدد ڏيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (دشمنن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊڄي جنگ ڪرڻ کان متان هٽو) توهان جو نگهبان ۽ محافظ الله آهي ۽ هو بهترين مدد ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ الله تعالى توهان جو مددگار آهي، ۽ اهو بهترين مددگار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اوهان ڪنهن جي مدد جا محتاج نه آهيو) بلڪه خدا توهان جو سرپرست آهي ۽ اهو سڀني مددگارن کان بهتر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ الله مددگار اوهان جو آهي اهو ڀلو مدد ڪندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بلڪ الله اوهان جو مددگار آهي۽ هو سڀني مددگارن کان چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه (حقيقت هي آهي ته) الله اوهان جو ڪارساز آهي ۽ اهو ڀلو مددگار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) الله آهي اُٽلندو، اوهان جو آڌار، ۽ ڪرارو ڪلتار، مڙن مددگارن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ الله اوهان جو مددگار آهي ۽ اهو سڀني کان بهتر مددگار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن جون ڳالهيون غلط آهن) حقيقت اها آهي ته الله توهان جو ڀرجهلو ۽ واهرو آهي ۽ هو بهترين مدد ڪرڻ وارو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ الله ئي توهان جو حامي۽ مددگار آهي، ۽ اهو بهترين مدد ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ئي توهان جو حامي آهي جيڪو توهان جو بھترين مددگار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
سَنُلقى فى قُلوبِ الَّذينَ كَفَرُوا الرُّعبَ بِما أَشرَكوا بِاللَّهِ ما لَم يُنَزِّل بِهِ سُلطٰنًا وَمَأوىٰهُمُ النّارُ وَبِئسَ مَثوَى الظّٰلِمينَ (آيت : 151) |
ڪافرن جي دلين ۾ ھن سببان سگھو دھشت وجھنداسون جو الله سان اھڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪيائون جنھن لاءِ الله ڪا سَنَد نه لاٿي آھي، ۽ سندن جاءِ باہ آھي، ۽ (اُھو) ظالمن جو ھنڌ بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جلدئي اسان حق جي منڪرن جي دلين ۾ اوهان جي هيبت وجهنداسين، ائين هن ڪري ٿيندو جو هنن الله سان ٻين هستين کي شريڪ ٺهرايو آهي جن لاءِ الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. انهن جي جاءِ آخر دوزخ آهي، ظالمن جي آخري جاءِ (دوزخ) ڪهڙي نه خراب آهي.!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اسين جلدي ڪافرن جي دلين ۾ رعب وجهنداسين ڇو ته انهن الله تعالى سان شرڪ ڪيو جنهن لاءِ الله تعالى ڪا حجت نازل نه فرمائي، ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي، ۽ ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي ڪافرن جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اوهين گهٻرايو نه) اسين جلد اوهان جو رعب ڪافرن جي دلن ۾ وجهنداسون ان ڪري جو انهن الله سان شريڪ بڻايو (به ته) ان شيءِ (بت) کي جنهن کي خدا ڪنهن قسم جي حڪومت ڪين ڏني. ۽ (آخر ڪار) انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ ظالمن لاءِ (ڪهڙي نه) بڇڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سگهو ئي وجهنداسون ڪافرن جي دلين ۾ هيبت انهيءَ سببان جو شريڪ ڪيائون الله سان اها شيءِ جو نه لاٿائين ان جو ڪو دليل ۽ جاءِ انهن جي دوزخ آهي ۽ بڇڙي آهي جاءِ ظالمن جي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اسين ڪافرن جي دلين ۾ دهشت وجهنداسون هن ڪري جو انهن الله سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيو جنهن جي الله ڪا سند نه لاٿي آهي ۽ انهن جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ اها ظالمن جي رهڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اسان جلدي انهن ماڻهن جي دلين ۾ رعب وجھنداسين جن ڪفر ڪيو اهو هن ڪري جو انهن الله سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪيو جنهن تي الله ڪو دليل نه لاٿو آهي ۽ انهن جي جاءِ جهنم آهي. ۽ ظالمن جو ٽڪاڻو تمام بڇڙو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڦِريا جي فرمان کان، تن جي هِنين ۾ هاڻ، سگھو سٽينداسون خوف ڪو، ان سبب، ته سائين ساڻ، ڀيڙا ڪيون جن باب ۾، نه اُتارئين، اُهڃاڻ، ۽ باھِ اُنهن جو ڀاڻ، ۽ ڏُ کيو ماڳ ڏکوئيندڙين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ترت ڪافرن جي دلين ۾ هيبت وجهنداسون، ڇا لاءِ ته هو الله جا شريڪ مقرر ڪن ٿا، جن لاءِ وٽن ڪا سند آيل نه آهي، انهن جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اها ظالمن لاءِ بڇڙي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سگهوئي ائين ٿيندو جو اسان حق جو انڪار ڪندڙن جي دلين ۾ رعب ويهارينداسون، ڇو جو انهن اهڙن کي کڻي الله سان خدائيءَ ۾ ڀائيوار بڻايو آهي، جن جي ڀائيوار هجڻ بابت الله ڪابه سَـنَـدَ نازل نه ڪئي آهي. انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ اهو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي، جيڪو ظالمن کي نصيب ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو وقت جلد ايندو جڏهن اسان ويهارينداسين حق جي منڪرن جي دلين تي رعب، ڇاڪاڻ ته انهن (ڪيترا ئي) شريڪ بڻايا آهن الله سان سندس خدائي ۾، جن جي شريڪ هئڻ لاءِ الله ڪا سَنَد نازل نه ڪئي آهي ۽ انهن جو آخري ٺڪاڻو جهنم آهي، انتهائي برو جيڪو ظالمن کي نصيب ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان سگهو ئي ڪافرن جي دلين ۾ رعب ويھارينداسين، ڇاڪاڻ جو انهن الله تعالى سان بغير ڪنھن دليل جي شرڪ ڪيو آهي، انهن جي جاءِ جھنم آهي ۽ ظالمن جي لاءِ اها بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد صَدَقَكُمُ اللَّهُ وَعدَهُ إِذ تَحُسّونَهُم بِإِذنِهِ حَتّىٰ إِذا فَشِلتُم وَتَنٰزَعتُم فِى الأَمرِ وَعَصَيتُم مِن بَعدِ ما أَرىٰكُم ما تُحِبّونَ مِنكُم مَن يُريدُ الدُّنيا وَمِنكُم مَن يُريدُ الءاخِرَةَ ثُمَّ صَرَفَكُم عَنهُم لِيَبتَلِيَكُم وَلَقَد عَفا عَنكُم وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَلَى المُؤمِنينَ (آيت : 152) |
۽ بيشڪ الله اوھان سان پنھنجو وعدو سچو ڪيو آھي جڏھن ته اُنھن (ڪافرن) کي ايستائين سندس حُڪم سان ڪُٺوَ، جيستائين بي ھمت ٿيؤ ۽ ڪم (پوري ڪرڻ) ۾ تڪرار ڪيوَ ۽ جيڪي دوست رکندا ھيؤ سو اوھان کي ڏيکاريائين تنھن کانپوءِ بي فرماني ڪيوَ، اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو دُنيا کي گھرندو آھي ۽ اوھان مان ڪو (اھڙو) آھي جو آخرت کي گھرندو آھي، وري اوھان کي اُنھن کان ھن لاءِ ڦيرايائين ته اوھان کي پرکي، ۽ بيشڪ اوھان کي معافي ڏنائين، ۽ الله مؤمنن تي فضل ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي مدد ۽ فتح جو واعدو اوهان کي سچو ڪري ڏيکاريو، جڏهن توهان سندس حڪم سان دشمنن کي (خدا جي ميدان ۾) ماري ماري ڀڄائي رهيا هئو (فتح توهان جي هئي) پر جڏهن اسان توهان کي (فتح جو جلوو) ڏيکاريو جو توهان کي تمام گهڻو وڻي ٿو تڏهن توهان پاڻ ڪمزوري ڏيکاري ۽ جنگ جي باري ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪرڻ لڳؤ، (هڪڙي تير اندازن جي ٽوليءَ چيو ته هاڻي مورچي تي بيهڻ ضروري ڪونهي، ٻئي چيو ته ضروري آهي) ۽ آخر (پنهنجي سردار الله جي رسول جي حڪم جي) نافرماني ڪئي. اوهان ۾ ڪي اهڙا هئا جي دنيا جا طالب هئا (دولت جي مال جي پٺيان پيا) ۽ ڪي اهڙا هئا جي آخرت جا طالب هئا (جنگ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ شهيد ٿيا) پوءِ اسان به اوهان جو رخ دشمن جي طرف کان ڦيرائي ڇڏيو، انهيءَ ته اوهان کي (هن حادثي سان) آزمايون (اهڙيءَ طرح توهان جي فتح بعد اوهان کي شڪست آئي). پر يقيناً الله تعاليٰ توهان جو قصور معاف ڪيو ۽ بيشڪ الله تعاليٰ جو مومنن تي وڏو فضل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ تحقيق الله تعالى توهان کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو جنهن وقت توهان الله جي حڪم سان ڪافرن کي قتل ٿي ڪيو، ايستائين جو توهان جنگ کان پاسو ڪيو ۽ توهان حڪم ۾ اختلاف ڪيو ۽ نافرماني ڪئي انهي کان پوءِ توهان کي ڏيکاريائين توهان جي پسنديده ڳالهه، توهان مان ڪنهن دنيا چاهي ٿي ۽ توهان مان ڪنهن آخرت چاهي ٿي، انهيءَ کان پوءِ توهان جو مُنهن انهن کان ڦيرائي ڇڏيائين جو توهان کي آزمائي ۽ بيشڪ تحقيق توهان کي معاف ڪري ڇڏيائين، ۽ الله تعالى مؤمنن تي احسان ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ خدا (جنگ احد ۾ به) پنهنجي (فتح جو) واعدو سچو ڪري ڏيکاريو هو. اوهان ان جي حڪم سان (پهرين حملي ۾ ئي) انهن(ڪافرن) کي قتل تي قتل ڪري رهيا هئا ايستائين جو اوهان جي دل کي وڻندڙ ڳالھ (فتح) توهان کي ڏيکاري هئي تنهن کان پوءِ به اوهان (غنيمت جو مال ڏسي) بزدلي ڏيکاري ۽رسول جي حڪم (مورچي تي ڄمي رهڻ) ۾ پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري ۽ (رسول جي) نافرماني ڪئي. اوهان مان ڪجھ ته دنيا جا طالب آهن (جو غنيمت جي مال تي ڪري پيا) ۽ ڪجھ آخرت جا طالب (جن رسول تي پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي) پوءِ (بزدليءَ ڪري) توهان کي (ڪافرن کان) ڦيريائين ۽ اوهين انهن کان ڀڳا. ان مان خدا کي توهان جو (ايمان، اخلاص) آزمائڻ منظور هو ۽ (ان هوندي به) خدا ته وڏو فضل ۽ ڪرم ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق سچو ڪيو الله اوهان سان وعدو پنهنجو جڏهن ڪهو پيا انهن کي ان جي اذن سان تانجو جڏهن سست ٿيئو ۽ جهيڙو ڪيُوَ حڪم ۾ ۽ نافرماني ڪيَوَ ان کان پوءِ جو ڏيکاريائين اوهان کي اها ڳالهه جو پسند ٿا ڪيو اوهان مان ڪي اهي آهن جو ارادو ٿا ڪن دنيا جو ۽ اوهان مان اهي آهن جو ارادو ٿا ڪن آخرت جو تنهن کان پوءِ ڦيرايائين اوهان کي انهن کان تانته آزمائي اوهان کي ۽ البته تحقيق معاف ڪري ڇڏيائين اوهان کان ۽ الله ڀلائي ڪندڙ آهي مؤمنن تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ الله اوهان سان پنهنجي وعدي کي سچو ڪيو جڏهن اوهان سندس حڪم سان ڪافرن کي ڪٺو ٿي ايستائين جو اوهين بي همت ٿيا ۽ (پنهنجي) ڪم ۾ هڪ ٻئي سان اوهان اختلاف ڪيو ۽ نافرماني ڪئي، هن کان پوءِ به جو اوهان کي اهو ڪجهه ڏيکاريائين جنهن کي اوهان پسند ٿي ڪيو. اوهان مان ڪنهن دنيا ٿي گهري ۽ اوهان مان ڪنهن آخرت ٿي گهري. وري اوهان کي انهن کان ڦيرايائين (اوهين انهن کان ڀڳا) هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي. ۽ بيشڪ ان اوهان کي معاف ڪيو. ۽ الله ايمان وارن تي فضل ڪرڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ الله اوهان کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو جڏهن اوهان ان جي حڪم سان انهن (ڪافرن) کي قتل پئي ڪيو، ايستائين جو جڏهن اوهان ڪمزوري ڏيکاري ۽ پاڻ ۾ (رسول الله ﷺ جي امر بابت) جهڳڙو ڪرڻ لڳا ۽ اوهان نافرماني ڪئي ان کان پوءِ جو اوهان کي اهو (مالِ غنيمت) ڏيکاريائين جيڪو اوهان چاهيو پيا. اوهان مان ڪو دنيا جو خواهشمند هيو ۽ اوهان مان ڪو آخرت جو خواهشمند هيو. پوءِ اوهان کي انهن کان (مغلوب بنائي) ڦيرايائين هن لاءِ جو اوهان کي آزمائي. ۽ بيشڪ (وري به الله) اوهان کي معاف ڪيو. ۽ الله مؤمنن مٿان فضل فرمائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ واحد اوهان سان واعدو، پاريو پنهنجو پاڻ، پئا قتل ڪريو انهن کي، اُن جي اِذن ساڻ، تان نسورو نِبسَت ٿيا، ۽ ڪم ۾ ڪيان ڇِڪتان، ۽ هليا ٻاهر حڪم کان، پاڻهين اُن پُڄاڻ، هُيان حُب جنهن ساڻ، سو ڏيکاريانءِ ڏيہ ڌڻي. ڪي اوهان مان دنيا گُهرن، ڪي گُھرن ٻيو جھان، پوءِ موڙئين اوهان کي، اُنهن ڪنان، ته وٺنيان امتحان، ۽ بيشڪ اوهان کي، بخشيو مالڪ مهربان، ۽ سِر مؤمنن مَنان، بيشڪ آهي ڀال ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله پنهنجي وعدي کي سچو ڪيو، جڏهن اوهان انهن کي سندس حڪم سان قتل ڪرڻ لڳؤ، ايتري تائين، جو اوهين همت هاري ويٺا ۽ ڪم بابت پاڻ ۾ جهڳڙو ڪيوَ، جنهن ڳالهه کي اوهان پسند ڪيو ٿي ان جي ڏيکارڻ کانپوءِ به اوهان نافرماني ڪئي. ڪنهن اوهان مان دنيا ٿي گهري، ته ڪن اوهان مان آخرت ٿي گهري، پوءِ اوهان کي معاف ڪري چڪو ۽ الله جو مومنن تي فضل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله (حمايت ۽ مدد جو) جيڪو وعدو توهان سان ڪيو هو، تنهن کي هن پوريءَ ريت پاڙيو، منڍ ۾ ته سندس حڪم سان توهان ئي پئي انهن کي قتل ڪيو، پر پوءِ جڏهن توهان ڪمزوري ڏيکاري ۽ پنهنجي ڪم ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيوَ ۽ جيئن ئي الله توهان کي اها شيءِ ڏيکاري جنهن جي محبت ۾ توهان ڦاٿل هيؤ (يعني مال غنيمت) ته توهان پنهنجي سردار جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري ويٺؤ، ڇو جو توهان مان ڪي ماڻهو دنيا جا طالبو هئا ته ڪي آخرت جا طلبيندڙ به هئا. ته پوءِ الله توهان کي ڪافرن جي مقابلي ۾ پٺي ڏيندڙ ڪيو ته جيئن توهان جي پرک لهي. سچي ڳالهه اها اٿوَ ته وري به الله توهان کي بخشي ئي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته مؤمنن تي الله جي وڏي مهربانيءَ واري نظر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (تائيد ۽ مدد جو) جيڪو وعدو الله توهان سان ڪيو هو، اهو پورو ٿيو. اول توهان ان جي ئي حڪم سان انهن کي قتل ڪري رهيا هئا، پر جڏهن توهان ڪمزوري ڏيکاري، پنهنجي ڪم ۾ اختلاف ڪيو، جيئن ئي الله توهان کي اها شيءِ ڏيکاري، جنهن جي محبت ۾ توهان گرفتار هئا (يعني مالِ غنيمت)، توهان پنهنجي سردار جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئ ، ڪي دنيا جا طالب هئا ۽ ڪن آخرت جي خواهش رکي ٿي، تڏهن ئي ته الله توهان کي ڪافرن جي مقابلي ۾ ناڪام ڪيو، جيئن توهان جي آزمائش ڪري ۽ معاف ڪري توهان کي، ڇاڪاڻ ته الله مؤمنن تي عنايت جي نظر رکي ٿو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى توهان سان (جنگ احد ۾) پنهنجو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو، جڏهن اوهان ان جي حڪم سان ڪافرن کي قتل ڪري رهيا هئا، ايستائين جو توهان همت هاري ڏنل حڪم ۾ اختلاف ڪري ويٺا، الله تعالى اوهان کي اها شيءِ ڏيکاري هئي جنھن جي محبت توهان جي دلين ۾ موجود هئي، پوءِ توهان مان ڪن ماڻهن جي دنيا حاصل ڪرڻ جي خواهش هئي ۽ وري ڪن ماڻهن جي تمنا آخرت حاصل ڪرڻ جي هئي. پوءِ الله تعالى توهان جي حالت کي ڦيرائي ڇڏيو (يعني شڪست ڏني) ته جيئن اوهان جي آزمائش ڪري، پوءِ الله تعالى توهان کي معاف به ڪري ڇڏيو، ڇو ته الله تعالى مؤمنن تي وڏي مھربَاني ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ تُصعِدونَ وَلا تَلوۥنَ عَلىٰ أَحَدٍ وَالرَّسولُ يَدعوكُم فى أُخرىٰكُم فَأَثٰبَكُم غَمًّا بِغَمٍّ لِكَيلا تَحزَنوا عَلىٰ ما فاتَكُم وَلا ما أَصٰبَكُم وَاللَّهُ خَبيرٌ بِما تَعمَلونَ (آيت : 153) |
جڏھن اوھين پري ٿي ڀَڳؤ ۽ ڪنھن ھڪ تي (ڪنڌ ڦيري) نه ٿي واجھايوَ ۽ پيغمبر اوھان کي اوھان جي پُٺيان سڏيندو رھيو پوءِ (خداءِ) اوھان کي ڏک تي ڏک جو بدلو ڏنو (اِھو) ھن لاءِ ته جيڪي اوھان کان ٿي ويو نڪي تنھن تي ۽ جيڪي اوھان کي پھتو نڪي تنھن تي غمگين ٿيو، ۽ جيڪي اوھان ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو وقت به ياد ڪيو) جڏهن (جنگ مان ڀڄي) مٿاهين ڏانهن چڙهي رهيا هيؤ ۽ (حراس ۾ ايتري قدر گرفتار ٿي ويا جو) رڳو هڪٻئي ڏي منهن ڦيرائي نهاريو به ڪين ٿي ۽ الله جو رسول اوهان کي پٺيان پڪاري رهيو هو. (سو جڏهن توهان جو حال اهو هو) تڏهن الله به اوهان کي غم پٺيان غم ڏنو. انهيءَ لاءِ ته (هن حادثي مان عبرت وٺو ۽ آئينده) نڪي انهي لاءِ غم ڪيو، جيڪي اوهان جي هٿن مان هليو ويو هجي، نڪي انهيءَ مصيبت تي غم ڪيو جا اوهان جي مٿان ڪڙڪي. جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا تنهنجي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ياد ڪريو جڏهن توهان پري ٿي هليا ويا ۽ پٺ ورائي ڪنهن نه ٿي ڏٺو ۽ رسولِ عربي توهان کي پويان سڏيو ٿي پوءِ توهان کي (رسولِ عربيءَ جي بي فرماني جي ڪري) ڏکن جي مٿان ڏک رسيا، انهي لاءِ توهان مالِ غنيمت جي وڃڻ تي ڏک نه ڪريو ۽ جيڪا توهان کي تڪليف پهتي، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو! اوهين ان وقت کي ياد ڪري شرمائجو!) جڏهن اوهان (بدحواس ٿي) ڀڄندا جبل تي چڙهندي ٿي ويا ۽ هوڏانهن رسول اوهان جي پٺيان (بيٺو) اوهان کي سڏي رهيو هو پر اوهين (سر جي خوف کان) ڪنهن ڏي به ڪنڌ موڙي نٿي ڏٺو. پوءِ (جيئن ته اوهان رسول کي رنج پهچايو ته) خدا به اوهان کي (ان) رنج جي سزا ۾ (هار جو) رنج ڏنو جيئن جڏهن به ڪا شيءِ اوهان جي هٿن مان وڃي يا ڪا مصيبت پوي ته اوهين ڏک نه ڪريو ۽ صبر ڪرڻ سکو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا خدا ان کان با خبر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چڙهندا ٿي ويئو ۽ نه ٿي پوئتي نهاريُوَ ڪنهن هڪ ڏي ۽ رسولﷺسڏي پيو اوهان کي پويان اوهان جي پوءِ پهچايائين اوهان کي ڏک سان گڏ ڏک تانته نه ڏک ڪيو ان تي جو هٿن مان ويو اوهان کان ۽ نه ان جو جو پهتو اوهان کي ۽ الله خبر رکندڙ آهي ان جي جو ڪيو ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اوهين پري ڀڄندا ٿي ويا ۽ ڪنهن ڏي به ڪنڌ موڙي نه ٿي ڏٺوَ ۽ رسول اوهان کي اوهان جي پٺيان سڏيو ٿي، پوءِ اوهان کي غم سان گڏ (ٻيو) غم ڏنائين. هن لاءِ ته ان تي افسوس نه ڪريو جيڪا اوهان کان (هٿن مان) نڪري وئي ۽ نه ان تي جيڪا (تڪليف) اوهان کي پهتي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله پوري خبر رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن توهان ڊوڙندا پئي ويئو ۽ ڪنهن کي مُنهن ورائي نه ٿي ڏٺوَ ۽ رسول (ﷺ) اوهان کي پوئين (ثابت قدم بيٺل) جماعت ۾ سڏي رهيو هيو. پوءِ اوهان کي غم مٿان غم ڏنائين ته جيئن (سبق پرايو ته) ان تي ڏک نه ڪيو جا شيءِ هٿان هلي وئي ۽ نه ان تي جا (مصيبت) اوهان کي پهتي ۽ الله خبروار آهي اوهان جيڪي عمل ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن چڙهو پئا چوٽئين، ۽ نه ڪنهن تي ڪريو ور، ۽ پيغمبر اَهنجي پُٺ ۾، پيو سڏِينيان سرور، پوءِ اوهان کي پهتو، گنگهر ساڻ گنگھر، تان جيڪي وَٽايان وِيو، اُلڪو نه ڪريو اُن سر، نه جيڪي پهتا پاڻ کي؛ ۽ ربَّ تعالىٰ رهبر، بلڪل باخبر، جيڪي ڪريو، تن ڪمن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (ياد ڪريو) جڏهن اوهين ڀڳا ٿي ويا ۽ ڪنهن هڪ ڏانهن ڪنڌ ڦيري نه ڏٺؤ ۽ رسول اوهان کي پٺيان سڏيو ٿي، پوءِ اوهان کي ڏک تي ڏک ڏنائين، ان لاءِ ته جيڪي اوهان کان ٿي چڪو ۽ جيڪي اوهان کي پيش آيو. ان تي غم نه ڪريو ۽ الله اوهان جي عملن کان خبردار آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن توهان ڀڳا پئي ويؤ، پٺ ورائي ڪنهن ڏي ڏسڻ جو به توهان ۾ هوش نه هو ۽ رسول توهان جي پٺيان توهان کي سڏيندو رهيو، تڏهن توهان جي انهيءَ هلت جو بدلو الله توهان کي اهو ڏنو جو توهان کي ڏک مٿان ڏک ڏنائين، تان ته اڳتي لاءِ توهان کي اها سيکت ملي ته جيڪي به هٿان وڃايو يا جيڪا به مصيبت پلئه پايو، تنهن تي ڏک نه ڪريو. الله توهان جي سڀني عملن کان باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ياد ڪريو جڏهن توهان ڀڳا پئي ويا، ڪنهن ڏانهن مڙي ڏسڻ جو به هوش ڪونه هو، ۽ رسول توهان کي پويان پڪاري رهيو هو، ان وقت توهان جي اهڙي هلت جو بدلو الله توهان کي اهو ڏنو جو توهان کي رنج ۽ غم ڏئي، جيئن آئنده لاءِ توهان کي اهو سبق ملي ته جيڪي توهان جي هٿن مان وڃي يا مصيبت اچي ته ان تي ملول نه ٿيو ۽ الله توهان جي سڀني عملن کان باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اهي لمحا به ياد ڪريو) جڏهن اوهان ڀڄي جبل تي چڙهو پيا ۽ ڪنھن هڪ ڏي به پوئتي نه پيا ڏسو (ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟) ۽ رسول (ﷺ) توهان کي پويان سڏي رهيو هو، پوءِ الله تعالى اوهان کي هن روش جو اهڙو بدلو ڏنو، جو توهان جي اندر ڳڻتين مٿان ڳڻتيون پيدا ڪري ڇڏيائين، ته جيئن آئندهه اوهان ڪنھن به شيءِ جي وڃڻ ۽ ڪنھن مصيبت جي اچڻ تي پريشان نه ٿيو، توهان جيڪو به ڪم ڪريو ٿا الله تعالى ان کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَنزَلَ عَلَيكُم مِن بَعدِ الغَمِّ أَمَنَةً نُعاسًا يَغشىٰ طائِفَةً مِنكُم وَطائِفَةٌ قَد أَهَمَّتهُم أَنفُسُهُم يَظُنّونَ بِاللَّهِ غَيرَ الحَقِّ ظَنَّ الجٰهِلِيَّةِ يَقولونَ هَل لَنا مِنَ الأَمرِ مِن شَيءٍ قُل إِنَّ الأَمرَ كُلَّهُ لِلَّهِ يُخفونَ فى أَنفُسِهِم ما لا يُبدونَ لَكَ يَقولونَ لَو كانَ لَنا مِنَ الأَمرِ شَيءٌ ما قُتِلنا هٰهُنا قُل لَو كُنتُم فى بُيوتِكُم لَبَرَزَ الَّذينَ كُتِبَ عَلَيهِمُ القَتلُ إِلىٰ مَضاجِعِهِم وَلِيَبتَلِىَ اللَّهُ ما فى صُدورِكُم وَلِيُمَحِّصَ ما فى قُلوبِكُم وَاللَّهُ عَليمٌ بِذاتِ الصُّدورِ (آيت : 154) |
وري ڏک کانپوءِ اوھان تي آرام (جا) اوجھراڪي (ھئي) لاٿائين جو اوھان مان ھڪ ٽوليءَ کي ڍڪيندي رھي ۽ ٻي ٽولي ھئي جنھن کي سندن نفسن غمگين ڪيو ھو ناحق جاھليت جو گمان الله تي ڀانيائون ٿي، چيائون ٿي ته اسان لاءِ اِنھيءَ ڪم مان ڇا ڪجھ (ٿيڻو) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ اختيار الله جو ئي آھي، جيڪي توتي پڌرو نه ڪندا آھن سو پنھنجين دلين ۾ لڪائيندا آھن، چوندا آھن ته جيڪڏھن اسان جي وس ۾ ڪجھ به ڪم ھجي ھا ته اسين ھِتِ نه ڪُسون ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين پنھنجن گھرن ۾ ھجو ھا ته جن ڪُسڻ لکيل ھو سي ضرور پنھنجي ڪوس جي جاين ڏانھن نڪرن ھا، ۽ (ھن لاءِ) ته جيڪي اوھان جي سينن ۾ آھي سو الله پرکي ۽ جيڪي اوھان جي دلين ۾ آھي سو کرو ڪري، ۽ الله سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ الله تعاليٰ غم بعد اوهان مان هڪ جماعت تي بي خوفي جي ننڊ آندي (يعني دلين کي تسلي ۽ آرام اچي ويو) پر ٻي ٽولي اوهان ۾ اهڙي هئي جن کي انهيءَ وقت به رڳو پنهنجي سر جي اچي لڳي ۽ الله تعاليٰ بابت جاهليت جي زماني وارا غلط ۽ بيجا وهم ۽ گمان ڪرڻ لڳا، اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته هن معاملي ۾ اسان کي ڪو اختيار هو ڇا؟ (يعني اسان جي راه تي عمل ٿئي ها ته اهڙي حالت نه بڻجي ها. هنن کي) چئو ته (نه رڳو هي معاملو) پر سڀئي ڳالهيون الله ئي جي اختيار ۾ آهن. (پر الله تعاليٰ جو قانون آهي ته جهڙا عمل ۽ سبب تهڙا نتيجا نڪرن ٿا) (حقيقت هي آهي ته) جيڪي هنن ماڻهن جي دلين ۾ آهي سو توکان لڪائين ٿا. (هنن جي ائين چوڻ جو اصل مطلب هي آهي) هو چون ٿا ته جيڪڏهن هن معاملي ۾ اسان جي لاءِ فتح هجي ها ته هن طرح هتي اسان جي ماڻهن جو اهڙو قتل نه ٿئي ها. (اي پيغمبر! انهن کي) چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي گهرن ۾ ويٺا هجو ها ته به جن کي قتل ٿيڻو هو سي ضرور گَهرن مان نڪرن ها ۽ پنهنجي مارجڻ جي جاءِ تي پهچي وڃن ها ۽ هي (سڀ) انهيءِ لاءِ ٿيو ته جيڪي توهان جي دلين ۾ لڪل آهي، تنهنجي لاءِ الله تعاليٰ اوهان کي آزمائش ۾ وجهي ۽ جيڪي (خراب خيال)اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿيا هئا اهي ڪڍي ڇڏي ۽ جيڪي دلين ۾ لڪل آهي سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ کان پوءِ توهان تي ڏکن کان پوءِ آرام واري ننڊ نازل فرمائي جنهن توهان مان هڪ (سچي) جماعت کي گهيري ۾ ورتو، ۽ (منافقن جي) جماعت کي پنهنجن سِرن جي لڳي، الله تعالى تي بي جا گمان ڪيائون ٿي جاهليت وارو گمان، انهن چيو ٿي انهي ڪم ۾ ڪجهه اسان جو به اختيار آهي، اي حبيب ! توهان فرمايو سڀ اختيار الله تعالى وٽ آهن، (اهي) پنهنجين دلين ۾ لڪائن ٿا ۽ توهان لاءِ ظاهر نٿا ڪن، (اهي) چون ٿا جيڪڏهن اسان جي هٿ ۾ اختيار هجي ها ته اسين هتي نه مَرون ها، اي حبيب ! توهان فرمايو توهان جيڪڏهن پنهنجن گهرن ۾ هجو ها تڏهن به جن جو موت لکيل هو پنهنجن قتل جي جاين تي نڪري اچن ها، انهيءَ لاءِ جو الله تعالى آزمائي جيڪو توهان جي دلين ۾ آهي ۽ ظاهر فرمائي ٿو جيڪو توهان جي دلين ۾ آهي ۽ الله تعالى دلين جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا ان رنج کان پوءِ اوهان تي اطمينان جي حالت طاري ڪئي جو اوهان مان هڪ ٽولي کي (سچا ايماندار هئا) تمام گهري ننڊ آئي ۽ هڪ گروھ (جن کي ان وقت ڀڄڻ جي شرم کان) جان جي لڳل هئي خدا سان (اجايون) جاهليت واريون بدگمانيون ڪرڻ لڳا (۽) چوڻ لڳا ته ڀلا ڇا! هي (فتح) ڪجھ به اسان جي اختيار ۾ آهي؟ (اي رسول!) چئو ته هر ڳالھ جو اختيار خدا کي ئي آهي ( زبان سان نه ٿا چون) پر هي پنهنجن دلن ۾ اهڙيون ڳالهيون لڪايون ويٺا آهن جي تو سان ظاهر نٿا ڪن (هاڻي ٻڌو!) چون ٿا ته ان ڳالھ (فتح) ۾ جي اسان جو ڪجھ به اختيار هجي ها ته اسين هتي ماريا ئي نه وڃون ها (اي رسول انهن کي) چئو ته اوهين جيڪڏهن پنهنجن گهرن ۾ رهو ها ته به جن جي تقدير ۾ وڙهي مرڻ لکيل هو ته اهي (پنهنجن گهرن مان) نڪري پنهنجي مرڻ جي جاءِ تي ضرور اچن ها ۽ (هي ان لاءِ ڪيو ويو) ته جيئن جو ڪجھ توهان جي دلين ۾ آهي ان جو خدا امتحان وٺي پڻ ماڻهو به ڏسن) ۽ هي ته جو ڪجھ اوهان جي دلين ۾ آهي ان کي صاف ڪري ڇڏي ۽ خدا ته دلين جا راز چڱي طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ لاٿائين اوهان تي غم کان پوءِ امن اوجهراڻي ڍڪي پئي هڪ جماعت کي اوهان مان ۽ هڪ جماعت (اهڙي آهي) جو تحقيق فڪر ۾ وڌائين انهن کي جانين انهن جي گمان پيا ڪن الله جي باري ۾ ناحق جاهليت وارو گمان چون پيا ته ڇا اسان لاءِ امر مان ڪا شيءِ آهي فرماءِ ته بيشڪ امر سڀ الله جي لاءِ آهي لڪائين پيا پنهنجي اندر ۾ اهو جو نه ٿا ظاهر ڪن تولاءِ چون ٿا ته جيڪڏهن هجي ها اسان جي هٿ ۾امر مان ڪا شيءِ ته نه ڪٺا وڃون ها هتي فرماءِ ته جيڪڏهن هجو ها پنهنجن گهرن ۾ ته به البته ٻاهر نڪرن ها اهي جو لکيو ويو انهن تي ڪسڻ پنهنجن ڪرڻ وارين جاين ڏانهن ۽ تانته آزمائي الله ان کي جو اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ صاف ڪري جيڪو اوهان جي دلين ۾ آهي ۽ الله ڄاڻندڙ آهي سينن وارين ڳالهين کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري اوهان تي غم کان پوءِ امن لاٿائين جو (ننڊ جي ڪري) اوجهرڻ هو، جنهن اوهان مان هڪ جماعت تي غلبو ڪيو ٿي، ۽ ٻي جماعت کي پنهنجي جان جو فڪر هو. الله سان ناحق جاهليت جو گمان ٿي ڪيائون. چيائون ٿي ته اسان کي هن ڪم جو ڪجهه اختيار آهي ڇا؟ (اي رسول ! کين) چو ته سڀ اختيار الله کي ئي آهي. پنهنجن دلين ۾ اها ڳالهه لڪائين ٿا، جيڪا تو سان ظاهر نه ٿا ڪن. چون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي وس ۾ ڪجهه به ڪم هجي ها ته اسين هتي نه ڪُسجون ها. (کين) چؤ ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن گهرن ۾ هجو ها ته جن تي ڪُسجڻ لکيل هو سي ضرور پنهنجي ڪُسجڻ جي جاين ڏي ڪرن ها ۽ هن لاءِ ته جيڪي اوهان جي سينن ۾ آهي تنهن کي الله آزمائي ۽ هن لاءِ ته جيڪي اوهان جي دلين ۾ آهي، تنهن کي صاف ڪري ۽ الله سينن جو ڳجهه ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ غم بعد اوهان تي امن نازل ڪيائين (اها سڪون ڏياريندڙ) ڳهر (يعني هلڪي ننڊ) هئي، جا اوهان مان هڪ جماعت تي ڇانئجي وئي، ۽ هڪ جماعت (منافقن جي هئي) جن کي پنهنجي جانين جو فڪر لڳل هيو. جيڪي الله ۾ ناحق گمان ڪري رهيا هئا (جيڪي فقط) جاهليت جا گمان هئا. چوڻ لڳا: ”ڇا هن ڪم ۾ اسان جو ڪنهن شيءِ جو (وس اختيار) آهي“؟ (اي نبي !) تون چؤ ته: ”بيشڪ حڪم سڀ الله جي هٿ ۾ آهي“. اهي پنهنجي دلين ۾ اُهي ڳالهيون لڪائن ٿا جيڪي تو تي ظاهر نه ٿا ڪن. چون ٿا ته: ”هن ڪم ۾ اگر اسان جو ڪو اختيار هجي ها ته هتي هينئن قتل نه ٿيون ها“. چؤ ته: ”اگر اوهان پنهنجي گهرن ۾ به هجو ها ته جن جو مارجي وڃڻ لکجي چڪو آهي سي ضرور پنهنجي قتل گاهن ڏانهن نڪري اچن ها“. ۽ اهو هن لاءِ ته الله اوهان کي آزمائي جيڪي ڪجهه اوهان جي سينن ۾ آهي ۽ صاف ڪري جيڪي (وسوسا) اوهان جي دلين ۾ آهن. ۽ الله سينن جا راز ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاٿئين اوهان تي، لوڙھ پٺيان، ورِي قلب قرار، توهان مان تڪرار، ڪنهن جوڙِيءَ جُھوٽن جَھليو. ۽ ڪنهن جوڙي، سندن جانين جو، اوسيڙو ارمان، ڌاران حق، ڌڻي ۾، غلط ڪن گمان، ڀائڻ بي وقوفيءَ جو، چون ساڻ زبان، ته فتح جو فرمان، اسان لئي آھِ ڪو؟ چئو امر سڀ الله جو، ۽ لڪائن پئا لال! جو چٽو نه چون توکي، چون اهڙِي چال، جي هئو حق اسان نال، ته هت نه مارياسون مورهين. چئو، جي هوندا گھرن ۾ بند، ته به لکيو قتل جنهن مٿي، پُهچندن پاٿارين تي، هاڪاري تنهن هنڌ، ۽ تان جو اوهان جي اندر ۾، تِنهنجي لهي خبر خداوند، ڪڍي اَهنجي قلبن ۾، جيڪي غير گند، ۽ ڌڻي دانش مَند، سمجھندڙ سيني واريون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ انهيءَ تنگيءَ کان پوءِ اوهان کي ڳهر سان امن ڏنائين، جنهن اوهان مان هڪ ٽولي کي ويڙهيو ٿي ۽ هڪ ٽولي کي پنهنجي جان جو فڪر هو، جن الله بابت ناحق جاهليت وارا خيال ڪيا ٿي. چيائون ٿي ته ”ڇا، ڪجهه اسان جي به هٿ وس آهي؟“ چئو ته”سڀ ڪم الله جي هٿ ۾ آهن.“ هو پنهنجي اندر ۾ جيڪي لڪائين ٿا سو توتي ظاهر نٿا ڪن. چون ٿا ته جيڪڏهن ڪجهه اسان جي هٿ هجي ها ته اسين هن جاءِ تي نه ماريا وڃون ها“ چئو ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن گهرن ۾ هجو ها، ته به جن جي نصيب ۾ ڪسڻ لکيل هو، سي پنهنجي ڪسڻ واري جاءِ تي نڪري اچن ها. جيڪي اوهان جي اندر ۾ هو، تنهن کي الله کي پرکڻو هو. جيڪي اوهان جي دلين ۾ هو، تنهن کي صاف ڪرڻو هو ۽ الله ته دلين جي ڀيد کي خوب ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ڏک کان پوءِ وري الله توهان جي ڪن ماڻهن تي اهڙي اطمينان واري حالت وڌي جو هنن کي گهل (پنڪي) وٺي وئي. پر وري هڪڙو ٻيو ٽولو جنهن جي لاءِ ساري اهميت پنهنجي ذات جي ئي هئي، الله جي باري ۾ قسمين قسمين جا جاهليت وارا گمان ڪرڻ لڳا، جيڪي بلڪل حق جي خلاف هئا. اهي ماڻهو هاڻي چون ٿا ته "انهيءَ ڪم جي هلائڻ ۾ اسان جو به ڪو حصو آهي؟" چوينِ ته (ڪنهن جو به ڪو حصو ناهي) انهيءَ ڪم جا سمورا اختيار الله جي هٿ آهن، حقيقت ۾ اهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ جيڪا ڳالهه لڪايو ويٺا آهن سا توتي ظاهر نٿا ڪن. مطلب اهو اٿن ته "جيڪڏهن (اڳواڻيءَ وارن) اختيارن ۾ اسان جو به ڪو حصو هجي ها ته اتي نه ماريا وڃون ها". انهن کي چؤ ته، جيڪڏهن توهان پنهنجن گهرن ۾ به هجو ها ته به جن جو موت لکيل هو، اهي پاڻيهي پنهنجي قتل وارن هنڌن ڏانهن اچي نڪرن ها. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو تان ته جيڪي جو توهان جي سينن ۾ سانڍيل آهي، الله ان کي آزمائي ۽ جيڪو کوٽُ توهان جي دلين ۾ آهي، انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڇڏي. الله دلين جا حال چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله انهيءَ غم کان پوءِ وري توهان مان ڪن ماڻهن تي اهڙي اطمينان واري حالت طاري ڪئي جو اهي اوجهراڪيون کائڻ لڳا، پر هڪ ٻيو ٽولو جنهن وٽ سڄي اهميت فقط سندن مفاد کي هئي، اهي الله متعلق سراسر حق جي ابتڙ جاهلاڻا شڪ ڪرڻ لڳا، هي ماڻهو هاڻي چون ٿا ته، هن ڪم کي هلائڻ ۾ اسان جو به ڪو حصو آهي، انهن کي چؤ (اي نبي! ڪنهن جو به حصو ناهي) بيشڪ اختيار سڀ الله جي هٿ ۾ آهن، اصل ۾ هي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ جيڪا ڳالهه لڪايو ويٺا آهن، انهن کي تنهنجي آڏو ظاهر نٿا ڪن، سندن مطلب هي آهي ته ”جي اڳواڻي جي اختيارن ۾ اسان جو به ڪجهه حصو هجي ها ته اسان هت ماريا نه وڃون ها“، انهن کي چؤ ته، ”جي توهان پنهنجي گهرن ۾ به هجو ها ته جن ماڻهن جو موت لکيل هو، اهي پنهنجي قتل گاهن ڏانهن نڪري اچن ها“ ۽ هي معاملو جيڪو پيش آيو، اهو ان لاءِ هو ته الله انهيءَ راز کي آزمائي جيڪو توهان جي سينن ۾ هو ۽ جيڪا کوٽ توهان جي دلين ۾ آهي، ۽ الله چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو دلين جا راز.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ڳڻتين کان پوءِ الله تعالى توهان مان هڪ ٽولي تي، اهڙي ته سڪون واري ڪيفيت طاري ڪئي، جو هو ننڊ جون پنڪيون کائڻ لڳا، وري ٻي ٽولي جنھن کي رڳو پنھنجي سر جي لڳي پئي هئي، سا جاهلن وانگر الله تعالى تي گمان ڪرڻ جو اظهار ڪرڻ لڳي، هو چوڻ لڳا ته ڇا اسان کي به هن معاملي ۾ ڪو اختيار حاصل آهي؟ (اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته اختيار سڀ جا سڀ الله تعالى جي هٿ ۾ ئي آهن. در اصل هي ماڻهو پنھنجي اندر جي ڳالهه لڪائي ويٺا آهن، ان ڳالهه کي توهان جي اڳيان ظاهر ئي نٿا ڪن، انهن جي دل جي لڪيل ڳالهه هي آهي، ته جيڪڏهن اسان کي ڪجهه اختيار ملن ها ته اسان هتي نه ماريا وڃون ها. (اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته جيڪڏهن توهان پنھنجي گهرن ۾ به هجو ها، تڏهن به مرڻ واري جاءِ تي هليا اچو ها، هي سڀ ڪجهه ان ڪري ٿيو، ته جيئن الله تعالى توهان جي سينن ۾ لڪيل رازن جي آزمائش ڪري ۽ اوهان جي دلين ۾ موجود وسوسن کي ختم ڪري، الله تعالى ئي سينن جي رازن کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ تَوَلَّوا مِنكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ إِنَّمَا استَزَلَّهُمُ الشَّيطٰنُ بِبَعضِ ما كَسَبوا وَلَقَد عَفَا اللَّهُ عَنهُم إِنَّ اللَّهَ غَفورٌ حَليمٌ (آيت : 155) |
اوھان مان جن اُنھيءَ ڏينھن مُنھن موڙيو جو ٻه ٽوليون (ھڪ ٻئي جي) سامھون ٿيون ته اُنھن کي شيطان سندن ڪجھ ڪِئي جي شامت کان سواءِ نه ٿيڙيو، ۽ بيشڪ الله اُنھن کي معافي ڏني، ڇوته الله بخشڻھار بُردبار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اوهان مان جن ماڻهن انهيءَ ڏينهن لڙائي ۾ پٺي ڏني هئي، جنهن ڏينهن ٻنهي لشڪرن هڪ ٻئي جو مقابلو ڪيو هو، تن جي انهيءَ غلطيءَ جو سبب هيءُ هو جو جيڪي خطائون هنن ڪيون هيون تنهن مان ڪن خطائن سبب شيطان هنن جا قدم منجهائي ڇڏيا. (ائين نه هو ته هن جي ايمان ۾ خلل هو) الله تعاليٰ هنن جي غلطي معاف ڪئي. يقيناً الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ تحمل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جيڪي ماڻهو توهان مان ڦِري ويا، جنهن ڏينهن ٻه فوجون مِليون ٿي، شيطان انهن کي رسولِ عربيءَ جي مخالفت سبب لغزش ڏني، ۽ بيشڪ تحقيق الله تعالى انهن کي معاف فرمايو، بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ تنهن ڏينهن (احد ۾) ٻه جماعتون (هڪ ٻئي تي) سامهون ٿيون ان ڏينهن ئي ماڻهو اوهان (مسلمانن) مان ڀڳا، (ان جو سبب هي هو ته) سندن ڪن گناهن (رسول جي مخالفت) سبب شيطان کين ٿيڙيو ۽ سندن پير اکاڙيا پر (ان وقت ته) خدا ضرور انهن کان درگذر ڪيو. بيشڪ خدا وڏو بخشهڻار بردبار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي (ماڻهون) جو پٺي ڏئي هليا ويا اوهان مان جنهن ڏينهن وڙهيون ٻه جماعتون تحقيق ٿيڙيو انهن کي شيطان (سندن) بعضي گناهن جي ڪري جو ڪيائون ۽ البت تحقيق معاف ڪيو الله انهن کي بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اوهان مان جن ان ڏينهن منهن موڙيو جڏهن ٻه جماعتون (هڪ ٻئي جي) سامهون ٿيون تن کي رڳو شيطا ن سندن ڪن ڪمن (جي شامت) ڪري ٿيڙيو. ۽ بيشڪ الله کين معاف ڪيو آهي. بيشڪ الله گهڻو بخشيندڙ بردبار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اوهان مان اُهي ماڻهو جيڪي ان ڏينهن ڀڳا جنهن ڏينهن ٻه فوجون مُنهن مقابل ٿيون انهن کي صرف شيطان ٿيڙيو انهن جي ڪن ڪردارن سبب. ۽ بيشڪ الله انهن کي معاف ڪيو. بيشڪ الله بخشڻهار بردبار آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪي اوهان مان موٽيا، منجھان جنگ جوان، جنهن ڏينهن، ٻه ٽوليون ٽڪريون ، ٿيڙيو تن شيطان، جو ڪيون، تنهن قصور کان، پو مَرهينِ مهربان، عفو ڪندڙ عصيان، خاوند کانڌِير گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهان مان جيڪي شخص ٻن فوجن جي مقابلي ڪرڻ واري ڏينهن هٽي ويا، انهن کي رڳو شيطان ئي سندن ڪن ڪيتن سبب ٿيڙيو، الله انهن کي معاف ڪيو. بيشڪ الله بخشيندڙ بردبار آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان مان جيڪي ماڻهو مقابلي واري ڏينهن پٺي ڏئي ڀڳا هئا، انهن جي انهيءَ ڪوتاهيءَ جو سبب اهو هو جو شيطان انهن جي ڪن ڪمزورين سبب سندن پير لوڏي وڌا، الله ته کين معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ الله ڏاڍو معاف ڪندڙ ۽ بردبار آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ توهان مان جن ماڻهن مقابلي واري ڏينهن پٺي ڦيري هئي، انهن جي هيڻائيءَ جو سبب هي هو ته انهن جي ڪن ڪمزورين سبب شيطان سندن قدمن کي لوڏي وڌو هو، الله انهن کي معاف ڪري ڇڏيو، بيشڪ الله وڏو معاف ڪندڙ بُردبار آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان مان جيڪي ماڻهو احد واري جنگ ۾ پٺي ڏيئي ڀڳا هئا، انهن جي ڀڄڻ جو سبب اهو هو جو، ڪجهه ڪمزورين جي ڪري شيطان کين ورغلايو پر الله تعالى انهن سڀني کي درگذر ڪري ڇڏيو، بيشڪ الله تعالى وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو برداشت ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنوا لا تَكونوا كَالَّذينَ كَفَروا وَقالوا لِإِخوٰنِهِم إِذا ضَرَبوا فِى الأَرضِ أَو كانوا غُزًّى لَو كانوا عِندَنا ما ماتوا وَما قُتِلوا لِيَجعَلَ اللَّهُ ذٰلِكَ حَسرَةً فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ يُحيۦ وَيُميتُ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ بَصيرٌ (آيت : 156) |
اي ايمان وارؤ اُنھن ڪافرن وانگر نه ٿيو جي پنھنجن ڀائرن لاءِ جڏھن اُھي ملڪ ۾ مسافري ڪن يا لڙائي ڪندڙ ھجن (تڏھن) چون ٿا ته جيڪڏھن اسان وٽ ھجن ھا ته نه مرن ھا ۽ نڪي ڪُسن ھا، ته الله اُھو اَرمان سندن دلين ۾ ڪري، ۽ الله جياريندو ۽ ماريندو آھي، ۽ جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن وانگر نه ٿيو جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ جڏهن سندن ڀائر ڪنهن سفر تي وڃن ٿا يا لڙائي ڪن ٿا ۽ اهي مري يا مارجي وڃن ٿا ته پوءِ اهي چوڻ لڳن ٿا ته جيڪڏهن هو اسان وٽ هجن ها ته نڪي مرن ها، نڪي مارجن ها. (خدا پرستن جي دلين ۾ اهڙا غلط خيال خطرا نه ٿا اچن ۽ هي ڳالهه جا توهان کي چئي وئي سا هن لاءِ ته) انهيءَ ڳالهه کي (يعني اوهان جي بي خوفي ۽ ايمان جي مضبوطيءَ کي) الله تعاليٰ ڪافرن جي دلين لاءِ حسرت ۽ ارمان بڻائي (ته ڪنهن به حالت ۾ اوهان کي بي همت نه ڪري سگهن. ياد رکو ته) الله ئي زندهه رکندڙ ۽ ماريندڙ آهي ۽ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو! انهن ماڻهن وانگر نه ٿيو جن ڪفر ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن لاءِ چيو جڏهن سفر ڪيائون زمين ۾ يا جهاد ڪيائون ته جيڪڏهن اسان وٽ هجو ها ته نه مرو ها ۽ نه قتل ٿيو ها، انهيءَ لاءِ جو الله تعالى اها (ڳالهه) انهن جي دلين ۾ افسوس ڪري رکي، ۽ الله تعالى جياري ۽ ماري ٿو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کي ڏسندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي ايمان وارو! اوهين انهن جهڙا نه ٿيو جي ڪافر ٿي ويا ۽ جي ڀائر انهن جا پرديس ۾ ويا يا جهاد ڪرڻ ويا آهن (۽ اتي مري ويا) ته انهن لاءِ چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه ماريا وڃن ها (۽ اهو ان ڪري آهي ته) جيئن خدا (هن خيال کي) سندن دلين ۾ افسوس ڪو (سبب) بڻائي ۽ (ائين ته) خدا ئي جياري ۽ ماري ٿو. پڻ جو ڪجھ اوهين ڪريو ٿا سو الله ڏسي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! نه هجو انهن وانگر جو ڪفر ڪيائون ۽ چيائون پنهنجن ڀائرن کي جڏهن سفر ڪيائون زمين ۾ يا بڻيا مجاهد ته جيڪڏهن هجن ها اسان وٽ ته نه مرن ها ۽ نه ڪٺا وڃن ها تانته ڪري الله ان کي افسوس انهن جي دلين ۾ ۽ الله جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايما ن وارؤ ! انهن جهڙا نه ٿيو، جن ڪفر ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن جي حق ۾ چيائون، جڏهن اهي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا يا جنگ ڪندڙ ٿين ٿا ته جيڪڏهن اهي اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه ڪُسجن ها، هن لاءِ ته الله ان (گمان) کي سندن دلين ۾ افسوس بنائي ۽ الله جياري ۽ ماري ٿو. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا سو الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن ماڻهن وانگر نه بنجو جن ڪفر ڪيو ۽ پنهنجي انهن ڀائرن جيڪي جڏهن سفر ۾ هئا يا جهاد ۾ هئا (۽ اتي مري ويا ته انهن) بابت چيائون اگر اُهي اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه قتل ڪيا وڃن ها!تان جو الله انهن جي ان (گمان کي) انهن جي دلين ۾ حسرت جو سبب بنائي ٿو. ۽ (حقيقت ۾) الله ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو. ۽ الله جيڪي اوهان عمل ڪيو ٿا ڏسندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي مڃيو جن مذڪور،! سي اُنهن جھڙا اصل نه ٿيو، جن چيو سندن ڀائرين، جڏهن ديس هليا ڪنهن، دُور، يا نِڪتا جُنگ جَنگ تي، هوند اسان وٽ اهگور، هئا، ته نه مُئا مور، پڻ ڪُٺائـِي ڪِين ويا. تان ڌڻي سندن دلين ۾، ڪري اُنهن کي ارمان، ۽ ماري، جياري، اُهو مالڪ مهربان، جيڪي منجھ جھان، ڪن، سو ڏسندڙ ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! اوهين انهن ڪافرن وانگر نه ٿيو، جي سندن سفر ۾ نڪتل يا لڙائي ڪندڙ ڀائرن بابت چون ٿا ته ”جيڪڏهن اسان وٽ هجن ها ته نڪي مرن ها، نڪي قتل ٿين ها“ ته الله سندن دلين ۾ ان ڳالهه کي افسوس (جو سبب) بڻائي. الله ئي جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ الله اوهان جا سڀ ڪم ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! ڪافرن واريون ڳالهيون نه ڪريو. جن جا عزيز قريب جڏهن سفر تي وڃن ٿا يا جنگ ۾ شريڪ ٿين ٿا (۽ کين اتي ڪو حادثو پيش اچي ٿو) ته چون ٿا ته جيڪڏهن هو اسان وٽ هجن ها ته نه مرن ها ۽ نه مارجن ها. الله اهڙي قسم جي ڳالهين کي سندن دلين منجهه وڏيءَ حسرت ۽ ارمان جو سبب ٿو بڻائي، نه ته ڀلا مارڻ جيئارڻ وارو ته الله ئي آهي ۽ توهان جي سڀني حرڪتن تي هــُـو ئي نظر رکندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو جن ايمان آندو آهي! اهڙيون ڳالهيون نه ڪريو جيڪي ڪافرن جهڙيون آهن، انهن جا عزيز ۽ ويجها ماڻهو جڏهن ڪنهن سفر تي وڃن ٿا (۽ اتي ڪنهن حادثي جو شڪار ٿين ٿا)، ته چون ٿا ”جي هو اسان وٽ هجن ها ته ماريا نه وڃن ها ۽ نه قتل ئي ٿين ها“ اهڙي قسم جي ڳالهين کي الله سندن دلين ۾ حسرت ۽ غم جو سبب بنائي ٿو، ۽ اصل ۾ جيارڻ ۽ مارڻ وارو ته الله ئي آهي، ۽ الله ئي توهان جي سڄي چرپر جو نگران آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! توهان ڪافرن واري سوچ نه رکندا ڪريو جيڪي چوندا آهن ته “اسان جا جيڪي ڀائر سفر ۾ مري وڃن ٿا يا جنگ ۾ مارجي وڃن ٿا، جيڪڏهن اسان وٽ موجود هجن ها، ته نه مرن ها ۽ نه ئي جنگ ۾ ماريا وڃن ها،” هو اها سوچ ان ڪري رکندا آهن ته جيئن الله تعالى سندن سوچ کي، انهن جي دلين جي حسرت جو سبب بنائي، مارڻ ۽ جيارڻ وارو ته الله تعالى آهي، توهان جو هر عمل الله تعالى جي نظر ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن قُتِلتُم فى سَبيلِ اللَّهِ أَو مُتُّم لَمَغفِرَةٌ مِنَ اللَّهِ وَرَحمَةٌ خَيرٌ مِمّا يَجمَعونَ (آيت : 157) |
۽ جيڪڏھن اوھين الله جي واٽ ۾ ڪُسي پيؤ يا مري پيؤ ته جيڪي گڏ ڪندا آھن تنھن کان الله جي بخشش ۽ ٻاجھ (بلڪل) ڀلي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان الله جي راهه ۾ مارجي ويو يا پنهنجي موت مري ويو ته پوءِ الله تعاليٰ وٽان جيڪا رحمت ۽ بخشش اوهان کي ملندي سا انهن سڀني شين کان گهڻو بهتر آهي جي ماڻهو ميڙي گڏ ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ جيڪڏهن توهان الله جي راه ۾ قتل ٿي وڃو ها يا مري وڃو ها ته (بيشڪ) الله تعالى جي بخشش ۽ رحمت انهن جي دولت کان بهتر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين خدا جي راھ ۾ ماريا وڃو يا (پنهنجي موت) مرو ته بيشڪ خدا جي بخشش ۽ مهرباني انهيءَ (مال ۽ دولت) کان جنهن کي اوهين گڏ ڪريو ٿا، گهڻي چڱي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن ڪٺا ويئو الله جي واٽ ۾ يا مري پيئو ته البته بخشش الله وٽان ۽ مهرباني ڀلي آهي ان کان جو گڏ ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين الله جي رستي ۾ ڪُسجي پيا يا مري ويا ته الله جي بخشش ۽ مهرباني ان کان گهڻي چڱي آهي، جيڪي اهي گڏ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان الله جي راهه ۾ قتل ڪيا وڃو يا مري وڃو ته الله جي پاران بخشش ۽ رحمت (جا اوهان جي حصي ۾ ايندي) اها ان (سڀ شين)کان بهتر آهي، جيڪي اهي گڏ ڪري رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڪُٺا ربَّ جي راه ۾، يا مُئا، ته مِهر ۽ معافي، قادر کان ڪافي، ميڙِيِن، تنهين مال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين الله جي راهه ۾ مارجو يا مرو، ته الله جي بخشش ۽ رحمت ان کان بهتر آهي جيڪي اوهين ڪٺو ڪريو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪڏهن توهان الله جي راهه ۾ ماريا ويندؤ يا مرندؤ ته الله جي جيڪا بخشش ۽ رحمت اوهان کي ملندي اها انهن سڀني شين کان وڌيڪ سٺي آهي، جيڪي اهي ماڻهو گڏ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن توهان قتل ٿي وڃو الله جي راهه ۾ يا مري وڃو ته رحمتِ خداوندي ۽ بخشش توهان جي حصي ۾ ايندي، اها هر شيءِ کان بهتر آهي جيڪي هي ماڻهو گڏ ڪن ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان الله تعالى جي راهه ۾ ماريا وڃو يا مري وڃو، ته الله تعالى جي بخشش ۽ رحمت انهن ڪافرن جي مال ۽ دولت کان گهڻو بھتر آهي، جيڪا هو گڏ ڪندا رهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن مُتُّم أَو قُتِلتُم لَإِلَى اللَّهِ تُحشَرونَ (آيت : 158) |
۽ جيڪڏھن (اوھين) مري وڃو يا ڪُسي پئو ته ضرور الله ڏانھن گڏ ڪيا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) توهان پنهنجي موت مري وڃو يا مارجي وڃو هر حال ۾ آخر اوهان کي الله وٽ آڻي گڏ ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ جيڪڏهن توهان مري وڃو ها يا قتل ٿي وڃو ها ته توهان کي الله ڏانهن گڏ ڪيو وڃي ها.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اوهين مري ويا يا ڪسجي پيا (ته نيٺ) خدا ڏي ئي (قبرن مان) اٿاريا ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن مري پيئو يا ڪٺا ويئو ته البته الله ڏانهن اٿاريا ويندؤ.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اوهين مري ويا يا ڪسجي پيا ته ضرور الله ڏي گڏ ڪيا ويندؤ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اگر اوهان مري وڃو يا قتل ڪيا وڃو ته ضرور الله ڏانهن گڏ ڪيا ويندئو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي مُئا، اوهين ماڳ تي، يا ماريا منجھ ميدان، ته سَڀئي ڏُونهن سُبحان، ميڙيا ويندا مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهين مرو يا مارجو، ته به الله وٽ اوهين سڀ ڪٺا ٿيندؤ.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کڻي توهان مئو يا مارجي ويؤ ته به هر حالت ۾ توهان سڀني کي ميڙجي سيڙجي هلڻو ته الله ڏانهن ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جي توهان مري وڃو يا ماريا وڃو، بهرحال توهان سڀني کي الله ڏي ئي گڏجي وڃڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان مري وڃو يا ماريا وڃو، بھرحال اوهان سڀني کي الله تعالى جي سامھون حاضر ٿيڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَبِما رَحمَةٍ مِنَ اللَّهِ لِنتَ لَهُم وَلَو كُنتَ فَظًّا غَليظَ القَلبِ لَانفَضّوا مِن حَولِكَ فَاعفُ عَنهُم وَاستَغفِر لَهُم وَشاوِرهُم فِى الأَمرِ فَإِذا عَزَمتَ فَتَوَكَّل عَلَى اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ المُتَوَكِّلينَ (آيت : 159) |
پوءِ (اي پيغمبر) الله جي ٻاجھ سببان اُنھن لاءِ نرم ٿيو آھين، ۽ جيڪڏھن ڪاوڙيل سخت سخت دل ھجين ھا ته ضرور تنھنجي آسپاس کان ڀڄي اُٿن ھا، پوءِ کين معافي ڏي ۽ اُنھن لاءِ بخشش گھُر ۽ ساڻن ڪم ۾ صلاح ڪر، پوءِ جڏھن تون پڪو اِرادو ڪرين تڏھن الله تي ڀروسو ڪر، ڇوته الله ڀروسي ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي الله جي رحمت آهي جو تون هنن ماڻهن سان هيتري قدر نرم ۽ مهربان آهين، جيڪڏهن تون سخت مزاج ۽ سنگدل هجين ها ته ماڻهو تو وٽان ڀڄي هليا وڃن ها (پر تنهنجي نرميءَ ۽ محبت جي ڪري هنن جي دلين کي ڪشش ٿئي ٿي ۽ وڏي شوق ۽ محبت سان تو وٽ اچي وهن ٿا) پوءِ انهن جا قصورمعاف ڪري ڇڏ ۽ الله کان به انهن لاءِ مغفرت گهر ۽ پڻ وڏن معاملن ۾ هنن سان مشورو ڪر. پوءِ جڏهن ڪو فيصلو ڪري پڪو ارادو ڪيو ته خدا تي ڀروسو رکو (۽ ان ڪم تي ثابت قدم رهو) بيشڪ الله تعاليٰ انهن سان محبت ٿو رکي جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله تعالى جي رحمت سببان اي حبيب ! توهان نرم دل آهيو، ۽ جيڪڏهن توهان تيز طبيعت سخت دل جا هجو ها ته اهي ضرور توهان جي چوڌاري پريشان ٿين ها، پوءِ توهان انهن کي معاف ڪريو ۽ انهن لاءِ سفارش ڪريو ۽ انهن (صحابه اڪرام) سان اهم ڪمن ۾ مشورو ڪريو، پوءِ ڪنهن ڳالهه جو پڪو ارادو ڪريو ته پوءِ الله تعالى تي توڪل ڪريو، بيشڪ الله توڪل ڪندڙن سان محبت رکي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته اي رسول هي به) خدا جي هڪ مهرباني آهي جو تو (جهڙو) نرم دل (سردار) انهن کي مليو پر جيڪڏهن تون بدمزاج ۽ سخت دل هجين ها ته اهي ماڻهو (خدا ڄاڻي ڪڏهن جو) تنهنجي آس پاس کان ٽڙي پکڙي وڃن ها. پوءِ تون (هينئر به) انهن کان درگذر ڪر ۽ هنن لاءِ مغفرت جي دعا گهر ۽ (اڳين دستور جيان ظاهرا) انهن کان ڪم ڪار ۾ صلاح مشورو ڪندو ڪر (پر) ان هوندي به جڏهن ڪم جو پڪو ارادو ڪرين ته خدا تي ئي ڀروسو رک (ڇو ته) جي ماڻهو خدا تي ڀروسو رکن ٿا ته خدا هنن کي ضرور دوست ٿو رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ (صرف) الله جي رحمت جي ڪري نرم ٿئين انهن لاءِ ۽ جيڪڏهن هجين ها تيز طبع سخت دل ته ٽڙي پکڙي وڃن ها چوڌاري توکان.وءِ معاف ڪر انهن کي ۽ بخشش گهر انهن جي لاءِ ۽ مشورو ڪندو ڪر انهن سان ڪم ڪار ۾ پوءِ جڏهن پڪو ارادو ڪيئي ته پوءِ توڪل ڪر الله تي يقينا الله پسند ٿو ڪري توڪل ڪندڙن کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو الله جي مهربانيءَ سان ئي تون انهن لاءِ نرم ٿئين. ۽ جيڪڏهن تون سخت مزاج سخت دل هجين ها ته تنهنجي آس پاس کان ٽڙي پکڙي وڃن ها. پوءِ تون انهن کي معاف ڪر ۽ انهن لاءِ معافي گهر ۽ انهن کان ڪم ۾ صلاح وٺ. پوءِ جڏهن تون پڪو ارادو ڪرين ته الله تي توڪل ڪر ! بيشڪ الله توڪل ڪندڙ کي دوست رکي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي نبي!) الله جي پاران رحمت سبب تون انهن لاءِ نرم ٿي پئين، ۽ جي تون تُند مزاج ۽ سخت دل هجين ها ته تنهنجي آس پاس کان اُهي ٽڙپکڙ ٿي وڃن ها. پوءِ انهن کي معاف ڪر ۽ انهن لاءِ بخشش طلب ڪر ۽ ڪمن ۾ انهن سان مشورو ڪر، پوءِ جڏهن پختو ارادو ڪرين ته پوءِ الله تي ڀروسو رک. بيشڪ الله ڀروسي رکڻ وارن سان محبت رکي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿئـِين سُنئالو، سندن لئي، ربَّ جي رحمت ساڻ، ۽ پاسن کان نه پَلٽـئـِي، جي هُئين سخت سڄاڻ! پوءِ معاف ڪرينِ ۽ مِهر گُھر ڪامل! اُنهن ڪاڻ، ۽ رايو منجھ رِهاڻ، وَٺ اُنهن کان، ڪم ڪار ۾. پوءِ پَھ پڪو ڪئـِي، ته رک بارِئَ مٿي بار، باري بخشڻهار، ڀانئي ڀاڙِيندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي نبي) اها الله جي ئي رحمت آهي، جو تون انهن لاءِ نرم دل آهين پر جيڪڏهن تون شوخ سخت دل وارو هجين ها، ته توکان ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ها، تنهن ڪري انهن کي معاف ڪر. انهن لاءِ بخشش گهر ۽ انهن کان ڪمن ۾ صلاح وٺ. پوءِ جڏهن (صلاح بعد) ڪنهن ڪم جو پڪو ارادو ڪرين، تڏهن الله تي ڀروسو رک، بيشڪ الله ڀروسي رکندڙن کي ئي پسند ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي!) اها ته الله جي وڏي رحمت آهي، جو تون انهن ماڻهن لاءِ ڏاڍو نرم ٿي پيو آهين، نه ته جيڪڏهن تون سخت مزاج ۽ سخت دل وارو هجين ها ته اهي سڀئي تنهنجو پاسو ئي ڇڏي هليا وڃن ها. انهن جا قصور معاف ڪر، انهن جي حق ۾ بخشش جي دعا گهر ۽ دين جي معاملن ۾ انهن سان به صلاح مشورو ڪندو ڪر. پوءِ جڏهن تون ڪنهن ڳالهه جو پڪو ارادو ڪري ڇڏين ته پوءِ الله تي ڀروسو رک. الله کي اهي ماڻهو ڏاڍا پسند آهن، جيڪي سندس ئي ڀروسي تي هلن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي پيغمبر!) هيءَ وڏي رحمت ئي آهي الله جي جو تون انهن ماڻهن لاءِ ڏاڍو نرم مزاج آهين، جي تون تيز طبيعت يا سنگدل هجين ها ته هي تنهنجي چوڌاري (جيڪي ماڻهو آهن) ڀڄي وڃن ها، معاف ڪر انهن جا قصور، انهن جي حق ۾ بخشش جي دعا گهر ۽ دين جي ڪمن ۾ سندن مشورا شامل رک، پوءِ جي توهان جو ارادو ڪنهن راءِ تي مضبوط ٿي وڃي ته ڀروسو رکو الله تي، بيشڪ اهڙن ئي ماڻهن کي الله پسند ڪري ٿو جيڪي ان تي ڀروسو ڪندا آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ)! اها خاص الله تعالى جي رحمت ئي آهي، جنھن جي ڪري تون انهن سان نرميءَ وارو رويّو رکين ٿو، پر جيڪڏهن تون شوخ طبيعت ۽ سخت دل هجين ها، ته هي سڀ توکان پري ٿي وڃن ها، انهن جا قصور معاف ڪري ڇڏيو، انهن جي حق ۾ الله تعالى کان بخشش جي دعا گهرو ۽ اهم معاملات ۾ انهن سان مشورو ڪندا ڪريو، جڏهن (مشوري سان) ڪنھن ڳالهه جو فيصلو ٿي وڃي ۽ پڪو ارادو ڪيو، ته پوءِ الله تعالى تي ڀروسو رکو. بيشڪ الله تعالى ڀروسو رکندڙن کي پسند ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن يَنصُركُمُ اللَّهُ فَلا غالِبَ لَكُم وَإِن يَخذُلكُم فَمَن ذَا الَّذى يَنصُرُكُم مِن بَعدِهِ وَعَلَى اللَّهِ فَليَتَوَكَّلِ المُؤمِنونَ (آيت : 160) |
جيڪڏھن الله اوھان کي مدد ڏيندو ته اوھان تي ڪو غالب (ٿيڻو) نه آھي، ۽ جيڪڏھن اوھان کي مدد نه ڏيندو ته اُن کانپوءِ ڪير اوھان کي مدد ڏيندو؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو) جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ته ڪوبه توهان تي غالب نه پوندو ۽ جيڪڏهن هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو ته پوءِ ڪير آهي جو هن جي ڇڏي ڏيڻ بعد اوهان جي مدد ڪري سگهندو؟ تنهن ڪري مومنن کي گهرجي ته فقط الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن (۽ حق جي راهه تي ثابت قدم رهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن الله توهان جي مدد فرمائي ٿو ته پوءِ ڪوبه توهان تي غالب نه آهي، ۽ جيڪڏهن توهان جي مدد نه ڪري ته اهڙو ڪير آهي جو اُن کان پوءِ توهان جي مدد ڪري، ۽ الله تعالى تي مؤمنن کي ڀروسو هجڻ گهرجي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو! ياد رکو ته) جيڪڏهن خدا توهان جي مدد ڪئي ته ڪو به اوهان تي غالب اچي نٿو سگهي ته پوءِ ڪير اهڙو آهي جو ان کان پوءِ توهان جي مدد لاءِ تيار ٿئي ۽ مومنن کي گهرجي ته فقط خدا تي ئي ڀروسو رکن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن مدد ڪندو اوهان جي الله ته پوءِ ناهي ڪو به غلبو ڪندڙ اوهان تي ۽ جيڪڏهن خوار ڪندو اوهان کي ته پوءِ ڪير آهي اهو جو مدد ڪندو اوهان جي ان کان پوءِ ۽ الله تي پوءِ ڀلي ڀروسو ڪن ايمان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن الله اوهان جي مدد ڪندو ته اوهان تي ڪوبه غالب ٿيڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن اوهان جي مدد نه ڪندو ته ان کان پوءِ ڪير اوهان جي مدد ڪندو. ۽ ايمان وارن کي جڳائي ته پوءِ الله تي ئي ڀروسو ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اگر الله اوهان جي مدد ڪري ته ڪوبه اوهان تي غالب اچي نه سگهندو ۽ اگر اوهان کي بي سهارو ڇڏي ته ڪير آهي جو ان کان پوءِ اوهان جي مدد ڪري؟ ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي ڀروسو رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي ڏيندان، ڏَڍ ڏاتار، ته ڏاڍو نه اوهان کان ڏيه ۾، ۽ جي ڪندان خوار، ته ڪير ٻيو، تنهن بعد ورٖي وَهار، ۽ پوءِ بارِي مٿي بار، مؤمن رکن مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن الله اوهان جي مدد ڪندو، ته اوهان تي ڪو به غالب نه ٿيندو، پر جي هو اوهان جي مدد نه ڪندو ته ٻيو ڪير آهي، جو ان کان پوءِ اوهان جي مدد ڪري؟ ۽ الله تي ئي مومنن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله توهان جي مدد ڪرڻ وارو هجي ته پوءِ ڪنهن کي به طاقت ناهي جو توهان تي غالب ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن هو توهان کي ڇڏي ڏئي ته پوءِ کانئس بعد ٻيو ڪير آهي جو توهان جي مدد ڪري سگهندو؟ جيڪي سچا مؤمن آهن تن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهرجي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن توهان جي مدد ۾ الله هوندو ته پوءِ ڪابه طاقت توهان تي غالب نه ايندي، ۽ جي هو توهان کي ڇڏي ڏئي، ته پوءِ ڪير آهي جيڪو توهان جي مدد ڪري سگهي ٿو ان کان سواءِ، انهن کي (مڪمل) ڀروسو ڪرڻ گهرجي الله تي ئي جيڪي سچا مؤمن آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي مدد هوندي توهان کي ڪير به شڪست نٿو ڏيئي سگهي ۽ جيڪڏهن هو پنھنجي مدد تان هٿ کڻي، ته ان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جيڪو اوهان جي مدد ڪري سگهي؟ مؤمنن کي رڳو الله تعالى تي ئي ڀروسو رکڻ گهرجي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كانَ لِنَبِىٍّ أَن يَغُلَّ وَمَن يَغلُل يَأتِ بِما غَلَّ يَومَ القِيٰمَةِ ثُمَّ تُوَفّىٰ كُلُّ نَفسٍ ما كَسَبَت وَهُم لا يُظلَمونَ (آيت : 161) |
۽ ڪنھين پيغمبر کي (غنيمت جي مال ۾) خيانت ڪرڻ نه جڳائي، ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شيء خيانت ڪيائين تنھن سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ سڀڪنھن ماڻھوءَ جيڪي ڪمايو تنھن جو پورو بدلو کيس ڏنو ويندو ۽ اُنھن تي ظلم نه ڪبو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو خدا جي) ڪنهن به نبيءَ کان هيءَ ڳالهه ٿي نٿي سگهي جو (نبوت جي فرضن ادا ڪرڻ ۾) ڪنهن به طرح جي خيانت ڪري.جيڪو به پنهنجي فرض اداين ۾ خيانت ٿو ڪري سو اها خيانت قيامت جي ڏينهن پاڻ سان کڻي ايندو. پوءِ هرهڪ نفس کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ملندو، ڪنهن سان به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪنهن نبي کي مناسب ناهي جو ڪجهه لڪائي رکي، ۽ جيڪڏهن ڪا شيءِ لڪائيندو ته اهو قيامت جي ڏينهن اها لڪل شيءِ کڻي حاضر ٿيندو، پوءِ هر ماڻهو کي سندس ڪمائي جي پوري جزا ڏني ويندي ۽ انهن سان ظلم نه ڪيو ويندو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اوهان جو گمان بلڪل غلط آهي) ڪنهن به نبي جو (هرگز) هي شان نه آهي جو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو جا شيءِ جي خيانت آهي، قيامت جي ڏينهن اها ئي شيءِ (بلڪل ساڳي خدا جي بارگاھ ۾) آڻيندو. پوءِ سڀ ڪنهن شخص کي سندس ڪمائي جو پورو (پورو) بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن جي ڪنهن طرح به حق تلفي نه ڪئي ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي (شان) ڪنهن به نبي جو (هيءَ ڳالهه) جو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو ته آڻيندو اها شيءِ جيڪي خيانت ڪئي هوندائين قيامت جي ڏينهن ان کان پوءِ پورو بدلو ڏنو ويندو هر هڪ نفس جيڪي به ڪمايو هوندائين ۽ اهي ظلم نه ڪيا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (غنيمت جي مال ۾ ) خيانت ڪرڻ نبيءَ جو ڪم نه آهي ۽ جيڪو خيانت ڪندو سو جيڪا شيءِ خيانت ڪيائين تنهن کي قيامت جي ڏينهن آڻيندو. وري سڀڪنهن شخص کي ان جي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪنهن نبيءَ بابت اهو گمان به ممڪن نه آهي ته اهو ڪجهه لڪائيندو. ۽ جنهن به ڪجهه لڪايو ته قيامت واري ڏينهن آڻيندو جيڪي لڪايائين. پوءِ هر هڪ جيءَ کي ان جو پورو بدلو ڏنو ويندو جيڪي ڪمايائين ۽انهن تي ظلم ڪونه ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ناهي نبي ڪاڻ، ته گھوٻِي غنيمت ۾ هڻي، ۽ جو هڻندو، ته ڏينهن قيام جي، ايندو اُنهي ساڻ، ورِي جنهن وانِگي، جو ڪيو، سو پورو ڏِبس پاڻ، ۽ رتي نه رکبِي ڪاڻ، اُنهن سان انصاف ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نبيءَ جو اهو وڙ ڪونهي، جو ڪپت ڪري، جيڪو ڪپت ڪندو اهو ان ڪپت ڪيل شيءِ سميت قيامت ڏينهن ايندو. پوءِ هر هڪ کي سندس ڪمائي جو پورو بدلو ڏبو ۽ مٿن ڪو ظلم نه ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪنهن به نبيءَ جو اهو ڪم ناهي جو هو خيانت ڪري، ۽ جيڪو خيانت ڪندو ته اهو پنهنجي خيانت سوڌو قيامت جي ڏينهن اچي حاضر ٿيندو، پوءِ هر ڪنهن کي سندس ڪمائيءَ جو پورو پورو اجورو ملندو ۽ ڪنهن تي به ڪو ظلم نه ٿيندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪنهن به نبيءَ جو هي ڪم ٿي نٿو سگهي ته اهو خيانت ڪري ۽ جيڪو خيانت ڪندو اهو پنهنجي خيانت سميت قيامت جي ڏينهن حاضر ٿيندو، پوءِ هر ساهه واري کي پنهنجي ڪمائيءَ جو پورو بدلو ملي ويندو ۽ ڪنهن تي به ظلم نه ٿيندو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنھن به نبي سڳوري جو اهو شان ئي نه آهي، ته هو ڪنھن به معاملي ۾ خيانت ڪري، جيڪڏهن ڪو خيانت ڪندو ته هو پنھنجي خيانت سميت قيامت جي ڏينھن ايندو، پوءِ هرهڪ کي پنھنجي عملن جو پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ڪنھن تي به ذري جيترو ظلم نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَمَنِ اتَّبَعَ رِضوٰنَ اللَّهِ كَمَن باءَ بِسَخَطٍ مِنَ اللَّهِ وَمَأوىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئسَ المَصيرُ (آيت : 162) |
جيڪو الله جي رضامنديءَ جي پٺيان لڳو سو اُن جھڙو آھي ڇا؟ جيڪو الله جي ڪاوڙ ھيٺ ڦري آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) ورڻ جو ھنڌ بُڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا جنهن ماڻهو الله جي راضپي واري راهه اختيار ڪئي آهي (۽ اهي ڪم ڪري ٿو جي الله کي پسند آهن) سو انهيءَ ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو جو (پنهنجي بدعملن سان) الله جو غضب پاڻ تي آڻي ٿو ۽ جنهن جو ٽڪاڻو جهنم جهڙو برو ٽڪاڻو آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا اهو ماڻهو جيڪو (خوفِ خدا کان) الله جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو الله جي ناراضپي ڏانهن موٽيو ۽ انهيءَ جي جاءِ جهنم آهي ۽ بڇڙي جاءِ آهي موٽڻ جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جو شخص خدا جي خوشنوديءَ جو پابند ٿيو ته اهو ان شخص جي برابر ٿي سگهي ٿو جو خدا جي غضب ۾ گرفتار هجي ۽ جنهن جي رهڻ جي جاءِ جهنم هجي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جيڪو تابعدار ٿيو الله جي رضا جو ان وانگر آهي جو موٽيو الله جي ڪاوڙ سان ۽ جاء ان جي جهنم آهي ۽ اها بري آ موٽڻ جي جاء اهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ جنهن الله جي رضامنديءَ جي تابعداري ڪئي سو ان جهڙو آهي جو الله جي ڪاوڙ سان موٽيو. ۽ سندس ٽڪاڻو دوزخ آهي ۽ اها موٽي وڃڻ جي جاءِ بڇڙي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جيڪو ماڻهو الله جي رضا جو تابع ٿيو ان ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو جنهن الله جو ڏمر پاڻ تي کنيو ۽ ان جي جاءِ جهنم آهي. ۽ اها بُري موٽڻ جي جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ربَّ جي رضا تي هليو، اهوڪِ اُنهئ جو مٽ؟ جنهن ڏمري ڏي ڏاتار جي، وري کاڌو وَٽ، ۽ ڀاڻو تنهن ڀَنڀٽ، ۽ مَٺو موٽڻ ماڳ ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو الله جي مرضي جو تابع آهي، اهو ان جهڙو ٿيندو ڇا، جو الله جي غصي هيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آهي ۽ اها ڪهڙي نه بڇڙي جاءِ آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ائين ڀلا ڪيئن ٿي ٿو سگهي ته جيڪو ماڻهو هميشه الله جي رضا تي هلڻ وارو هجي سو انهيءَ ماڻهو جيان هلت هلي، جيڪو الله جي غضب ۾ وڪوڙجي ويو ۽ جنهن جو آخري ماڳ جهنم ٿيندو، جيڪو ڏاڍو خراب ٺڪاڻو آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو شخص الله جي رضا تي هلڻ وارو هجي، اهو ان شخص وانگر ڪري جيڪو الله جي غضب هيٺ آيل هجي ۽ سندس آخري ٺڪاڻو جهنم هجي! ۽ اهو بدترين ٺڪاڻو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا اهڙو ماڻهو جيڪو الله تعالى جي مرضيءَ تي هلندو رهيو، ان ماڻهوءَ وانگر هوندو جيڪو الله تعالى جي ڪاوڙ هيٺ آيل آهي، جنھن جو آخري ٺڪاڻو جھنم آهي ۽ اها بدترين جڳھه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هُم دَرَجٰتٌ عِندَ اللَّهِ وَاللَّهُ بَصيرٌ بِما يَعمَلونَ (آيت : 163) |
اُھي الله وٽ (وڏن) درجن وارا آھن، ۽ جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (نه نه ائين هرگز ٿي نٿو سگهي) الله وٽ ماڻهن جا (جدا جدا) درجا آهن ۽ جيڪي عمل هو ڪن ٿا سي الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله وٽ انهن جا جدا جدا درجا آهن ۽ الله انهن جا عمل ڏسي رهيو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ماڻهو خدا وٽ جدا جدا درجن جا آهن ۽ جيڪي ڪم اهي ڪن ٿا خدا ان کي ڏسندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) (مختلف) درجن وارا آهن الله وٽ ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي ڪن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي الله وٽ جدا جدا درجن وارا آهن. ۽ جيڪي اهي ڪن ٿا سو الله ڏسندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي الله وٽ درجي بدرجي آهن. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي عمل ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اهي آهن الله وٽ، درجا درجا ڌار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، سي ڏسندڙ آهي ڏيہ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي الله وٽ ڌار ڌار درجا رکن ٿا، جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي الله ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله وٽ ٻنهي قسمن جي ماڻهن جي وچ ۾ تمام گهڻو فرق آهي ۽ الله سڀني جي عملن تي نظر رکي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻنهي قسمن جي ماڻهن ۾ وڏو فرق آهي الله وٽ، ۽ الله نظر رکي ٿو سڀني جي اعمال تي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جي مرضيءَ تي هلڻ وارن ۽ الله تعالى جي ڪاوڙ هيٺ آيل ماڻهن ۾ درجي بندي جي لحاظ سان وڏو فرق رکيل آهي، الله تعالى انهن سڀني جي عملن کي چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد مَنَّ اللَّهُ عَلَى المُؤمِنينَ إِذ بَعَثَ فيهِم رَسولًا مِن أَنفُسِهِم يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِهِ وَيُزَكّيهِم وَيُعَلِّمُهُمُ الكِتٰبَ وَالحِكمَةَ وَإِن كانوا مِن قَبلُ لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 164) |
بيشڪ الله مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آھي جڏھن ته انھن ۾ سندن قوم مان پيغمبر موڪليائين جو کين سندس آيتون پڙھي ٻڌائيندو آھي ۽ کين پاڪ ڪندو آھي ۽ کين ڪتاب ۽ دانائي سيکاريندو آھي، بيشڪ ھن کان اڳ پڌريءَ ڀل ۾ (ڀليل) ھؤا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله تعاليٰ مومنن تي وڏو احسان ڪيو آهي. جو هنن ۾ هڪڙو رسول موڪليو اٿس جو هنن منجهان ئي آهي، هو کين الله جون آيتون ٻڌائي ٿو، (براين کان) کين پاڪ ڪري ٿو ۽ ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو، حالانڪ هن کان اڳي هو ظاهر ظهور گمراهي ۾ ڦاٿل هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى (وڏو) احسان فرمايو آهي مؤمنن تي جو انهن مان انهن ۾ رسولِ عربي موڪليو اٿس جيڪو انهن تي الله جون آيتون پڙهي ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي قرآن ۽ حديث سيکاري ٿو، ۽ بيشڪ اِهي انهيءَ کان اڳ ۾ ظاهر گمراهي ۾ هئا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ خدا ايمان وارن تي وڏو احسان ڪيو آهي جو انهن ۾ سندن (خاندان) مان هڪ رسول موڪليو جو کين خدا جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو. ۽ سندن (طبيعت) کي پاڪيزه ڪري ٿو ۽ کين خدا جو ڪتاب ۽ عقل جون ڳالهيون سيکاري ٿو. هوڏانهن اهي ماڻهو (رسول جي بعثت کان) اڳ ۾ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البتہ تحقيق ٿورو ڪيو الله ايمان وارن تي جو موڪليائين انهن ۾ شاندار رسول انهن مان پڙهي ٿو انهن تي آيتون ان جون ۽ پاڪ ٿو ڪري انهن کي ۽ پڙهائي ٿو انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت توڙي جو هئا (ان کان) اڳ ۾ البت کليءَ گمراهيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله ايمان وارن تي احسان ڪيو آهي جڏهن ته انهن مان (هڪ) رسول انهن ۾ موڪليائين جو انهن کي سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو، ۽ انهن کي ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو. ۽ بيشڪ اهي هن کان اڳ پڌري گمراهيءَ ۾ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) البته تحقيق الله مؤمنن مٿان احسان ڪيو آهي جڏهن انهن ۾ انهن مان ئي هڪ رسول موڪليائين جيڪو انهن تي ان جون آيتون تلاوت ڪري ٿو ۽ انهن کي پاڪ ڪري ٿو ۽ انهن کي ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو ۽ توڙي جو ان کان اڳ اُهي پڌري گمراهي ۾ هيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مولا مؤمن تي، بيشڪ ڪيو ڀال ، جڏهن منجھن مُڪائين، اُنهن مان، نبي نيڪ نهال، پڙهي اُن جون آيتون، برسر مٿنِ بحال، ۽ اُجاري ٿو اُنهن کي، پڻ پاڙهينِ چڱيء چال، ڪتاب ربَّ ڪريم جو، پڻ ڪيڏو عقل ڪمال، ۽ توڻي بنه بَطال، هئا، مَهند پَڌرِي مُنجھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ الله مومنن تي احسان ڪيو آهي. جو انهن ۾ منجهائن هڪ رسول موڪليائين، جو کين سندس آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ۽ پاڪ ڪري ٿو ۽ (خدا جو) ڪتاب ۽ دانائي سيکاري ٿو، بيشڪ هن کان اڳ هو پڌريءَ گمراهيءَ ۾ هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ مؤمنن تي ته الله تمام وڏو فضل ڪيو آهي، جو انهن ۾ خود انهن مان ئي هڪ اهڙو نبي کڙو ڪيو اٿائين، جيڪو کين سندس آيتون ٻڌائي ٿو، سندن زندگين کي سنواري ٿو ۽ کين ڪتاب ۽ دانائيءَ جي ٿو تعليم ڏئي، نه ته هن کان اڳ ته اهي ئي ماڻهو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ الله اهلِ ايمان تي وڏو احسان ڪيو آهي جو موڪليو آهي انهن جي وچ ۾ هڪ اهڙي پيغمبر کي، جيڪو انهن کي سندس آيتون ٻڌائي ٿو، انهن جي زندگين کي سنواري ٿو ۽ انهن کي تعليم ڏئي ٿو ڪتاب ۽ دانائيءَ جي، ۽ جڏهن ته اهي ماڻهو ان کان پهرين پڌرين گمراهين ۾ پيل هئا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ الله تعالى مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آهي، جو خود انهن مان ئي هڪ رسول مقرر ڪيو، جيڪو کين آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، انهن جي زندگي سڌاري ٿو ۽ هو (خود عمل ڪري) کين ڪتاب ۽ حڪمت جي تعليم ڏئي ٿو، ان کان اڳ هو پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَمّا أَصٰبَتكُم مُصيبَةٌ قَد أَصَبتُم مِثلَيها قُلتُم أَنّىٰ هٰذا قُل هُوَ مِن عِندِ أَنفُسِكُم إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 165) |
۽ جڏھن اوھانکي (جنگ اُحد ۾) ڏک پھتو توڻيڪ (پنھنجن دشمنن کي) اُن جو ٻيڻو (ڏُک بَدۡر ۾) پھچايو ھيو ته به چيوَ ٿي ته ھي (مصيبت) ڪٿان (پھتي) آھي، (اي پيغمبر) چؤ ته اُھا اوھان کي پاڻ وٽان (پھتي) آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن (احد جي جنگ ۾) اوهان تي مصيبت اچي ڪڙڪي، انهيءَ کان ٻيڻي مصيبت ته اوهان جي هٿان (بدر ۾) اوهان جي دشمنن تي پيئي هئي، تڏهن توهان چئي ڏنو ته هيءَ مصيبت اسان تي ڪٿان آئي؟ (اي پيغمبر! کين چئو ته) اها مصيبت خود توهان جي هٿئون توهان تي ڪڙڪي (جيڪڏهن توهان همت نه هاريو ها ۽ خدا ۽ رسول جي پوري فرمانبرداري ڪيو ها ته هرگز هي مصيبت نه ڏسو ها) ياد رکو ته الله تعاليٰ هر شيِء تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا (پوءِ) جڏهن توهان کي مصيبت پهتي انهيءَ کان ٻيڻي تڪليف ته توهان انهن (ڪافرن) کي پهچائي چڪا آهيو، توهان چيو اها تڪليف ڪٿان آئي، اي حبيب ! توهان فرمايو اها توهان جي طرفان آهي، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مسلمانو! ڇا جڏهن اوهان کي (جنگ احد ۾) اهڙي مصيبت پهتي جنهن کان ٻيڻي (مصيبت بدر ۾ دشمنن کي) پهچائي چڪا آهيو ته اوهان چيو ته هيءَ ڪٿان (آئي) آهي؟ (اي رسول کين) چئو اها ته خود توهان جي طرف کان آهي (نه رسول جي) مخالفت ڪريو ها ۽ نه سزا ٿئيو ها. بيشڪ خدا هر شيءِ تي قادر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا جڏهن پهتي اوهان کي ڪا مصيبت جو تحقيق پهچايو ٻيڻي ان کان ته چئو ٿا ته ڪٿان آئي آهي هيءَ فرماءِ ته اها اوهان جي نفسن کان آهي بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جڏهن اوهان کي (جنگ احد ۾ ) اهڙي مصيبت پهتي جنهن کان ٻيڻي (مصيبت بدر ۾ دشمن کي) پهچائي چڪا آهيو ته اوهان چيو ته هيءَ ڪٿان (آئي) آهي؟(اي رسول ! کين) چو ته اها اوهان جي نفسن کان آهي. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شي تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جڏهن اوهان کي (احد جنگ ۾) مصيبت پهتي ته چئو ٿا ته هي (مصيبت) ڪٿان آئي؟(حالانڪه) بيشڪ اوهان ان کان ٻيڻي (بدر ۾ دشمنن کي) پهچائي چڪا آهيو. (اي نبي) چؤ ته اُها اوهان جي پنهنجي آندل آهي. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن رسيو اوهان کي رنج ڪو، ٻه ڀيرا ان مثال، رساڻيو رنج اوهان، ۽ چيان اهڙي چال، هِي ڪٿان؟ چئو اوهان پاڻ کان، شامتِ اعمال، الله جلّ جلال، قادر هر ڪنهن ڪم مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهان تي اهڙي مصيبت پئي، جنهن کان ٻيڻي اوهان هنن کي پهچائي هئي. تڏهن وري ٿا چئو ته ”هيءِ ڪٿان آئي؟“ چئو ته ”اها اوهان کي پاڻ کان ئي پهتي،“ بيشڪ الله هر هڪ ڳالهه تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اها توهان جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو اڃان توهان تي مصيبت آئي ته چوڻ لڳؤ ته اها وري ڪٿان آئي؟ حالانڪه (جنگِ بدر ۾) ان کان ٻيڻي مصيبت توهان جي هٿان (مخالف ڌر تي) پئجي چڪي آهي. اي نبي! چوين ته اها مصيبت توهان جي پنهنجي آندل آهي، الله هر شيءِ تي قادر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي توهان جو ڇا حال آهي توهان تي مصيبت آئي جڏهن ته(جنگ بدر ۾) ان کان ٻيڻي توهان جي هٿان (مخالفن تي) آئي، ته توهان چوڻ لڳا ته ڪٿان آئي؟ (اي نبي) چؤ انهن کي ته، اها مصيبت توهان جي پنهنجي آندل آهي، بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان (جنگ احد ۾) آيل تڪليف کي ڏسي چئو ٿا ته هي تڪليف ڪٿان آئي؟ (حالانڪه جنگ بدر ۾ ته) توهان ڪافرن کي ٻيڻي تڪليف پھچائي هئي. (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته هي تڪليف توهان جي ئي پيدا ڪيل آهي. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي وس وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَصٰبَكُم يَومَ التَقَى الجَمعانِ فَبِإِذنِ اللَّهِ وَلِيَعلَمَ المُؤمِنينَ (آيت : 166) |
۽ اُنھيءَ ڏينھن جو ٻه ٽوليون پاڻ ۾ سامھون ٿيون (تنھن ڏينھن) جيڪي اوھانکي پھتو سو الله جي حُڪم سان ھو ۽ ھن لاءِ ته مؤمنن کي نِکيڙي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪا مصيبت اوهان تي انهيءَ ڏينهن آئي جنهن ڏينهن (احد ۾) ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيوسا مصيبت الله جي حڪم سان آئي (جيئن فتح ۽ شڪست لاءِ سندس قانون ٺهرايل آهن ۽ اها مصيبت انهيءِ لاء آئي) ته ظاهر ٿي پوي ته سچي ايمان وارا ڪهڙا آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اها مصيبت جيڪا توهان تي آئي جنهن ڏينهن ٻه فوجون پاڻ ۾ مليون اها الله جي حڪم سان هئي انهيءَ لاءِ جو مؤمنن،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن ٻه جماعتون (لشڪر هڪ ٻئي جي) سامهون ٿيون (ان ڏينهن) اوهان تي جا مصيبت پئي سا (اوهان جي شرارت سبب) خدا جي اذن سان (آئي) ۽ ان لاءِ ته خدا سچي ايمان وارن کي ڏسي ته (ڪهڙا ڪهڙا آهن).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪا (تڪليف) پهتي اوهان کي ان ڏيهن جو وڙهيون ٻه جماعتون پوءِ الله جي اذن سان (پهتي هئي) ۽ تانته نروار ڪري ايمان وارن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن ٻه جماعتون (هڪ ٻئي جي) سامهون ٿيون (ان ڏينهن) جو اوهان کي پهتو سو سڀ الله جي حڪم سان هو ۽ هن لاءِ ته ايمان وارن کي جدا ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان کي جا تڪليف ان ڏينهن پهتي جنهن ڏينهن ٻه لشڪر منهن مقابل ٿيا هئا ته اُها الله جي حڪم سان هئي ته جيئن مؤمنن جي سڃاڻپ ڪرائي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو رسيان، جڏهن ٻه ٽوليون، مليون منجھ ميدان، پوءِ اِذن ساڻ الله جي؛ تان سمجھي، تن سبحان، آندو جن ايمان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي اوهان کي ٻنهي فوجن جي مقابلي وقت پهتو، سو سڀ الله جي حڪم سان هو، ۽ هن لاءِ ته الله مومنن کي پرکي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو نقصان جنگ واري ڏينهن توهان کي رسيو، اهو الله جي حڪم سان هو ۽ ان ڪري هو ته الله ڏسي ته توهان مان مؤمن ڪير آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو نقصان توهان کي لڙائي واري ڏينهن پهتو هو اهو الله جي حڪم سان هو جيئن الله ڏسي ته توهان مان مؤمن ڪير آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنگ ۾ توهان کي جيڪو به نقصان پهتو، اهو الله تعالى جي حڪم سان پھتو، ته جيئن هو ظاهر ڪري ته پڪي ايمان وارا ڪير آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِيَعلَمَ الَّذينَ نافَقوا وَقيلَ لَهُم تَعالَوا قٰتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَوِ ادفَعوا قالوا لَو نَعلَمُ قِتالًا لَاتَّبَعنٰكُم هُم لِلكُفرِ يَومَئِذٍ أَقرَبُ مِنهُم لِلإيمٰنِ يَقولونَ بِأَفوٰهِهِم ما لَيسَ فى قُلوبِهِم وَاللَّهُ أَعلَمُ بِما يَكتُمونَ (آيت : 167) |
۽ منافقن کي به نِکيڙي، ۽ کين چيو ويو ته اچو الله جي واٽ ۾ وڙھو يا (ڪافرن کي) جواب ڪريو، چيائون ته جيڪڏھن اسان کي ڪنھن جنگ ٿيڻ جي خبر ھجي ھا ته ضرور اوھان سان ھجون ھا، اُھي اُن ڏينھن پاڻ اِيمان کان ڪفر ڏي بلڪل ويجھو ھؤا، پنھنجن واتن سان اُھي (ڳالھيون) چوندا آھن جيڪي سندين دلين ۾ نه آھن، ۽ جيڪي لڪائيندا آھن سو الله بلڪل ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ منافق ڪهڙا آهن (سچ پچ منافق هن موقعي تي پوريءَ طرح ظاهر ٿي پيا) ۽ (جڏهن) کين چيو ويو ته اچو، الله جي راه ۾ (ٻاهر نڪري) جنگ ڪيو يا (مديني ۾ رهي) دشمنن جي حملي کي روڪيو. (تڏهن) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته لڙائي ضرور لڳندي ته اسان (پاڻ کي تيار ڪيون ها ۽) توهان سان ضرور شامل ٿيون ها (اهو ڪوڙو بهانو هو). (يقين ڪيو ته جنهن وقت هنن ائين چيو) تنهن وقت هو ايمان کي اهڙا ويجها نه هئا جهڙا ڪفر کي ويجها هئا. اهي ماڻهو جيڪي زبان سان چون ٿا سو درحقيقت هنن جي دلين ۾ ناهي، جيڪي هو دلين ۾ لڪائين ٿا سو الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مناقن کي سڃاڻپ ٿئي، ۽ انهن کي چيو ويو اچو الله جي راه ۾ وڙهو يا دشمنن کي دفع ڪريو، چيائون جيڪڏهن جنگ جي خبر هجي ها ته ضرور توهان جو ساٿ ڏيون ها، اهي انهي ڏينهن ايمان جي بنسبت ڪفر کي ويجها هئا، زبان سان چيائون ٿي جيڪا ڳالهه انهن جي دل ۾ نه هئي، ۽ الله تعالى کي معلوم آهي جيڪو اهي لڪائن ٿا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منافقن کي به ڏسي ته (ڪير آهن)۽ منافقن کي به چيو ويو ته اچو (۽ اچي) خدا جي راھ ۾ جهاد ڪريو يا (اهو نه سهي، پنهنجي دشمن کي ته) هٽايو. ته چوڻ لڳا (هاءِ ڪهڙي ڳالھ ڪريون) جيڪڏهن اسين جنگ ڪرڻ ڄاڻيون ها ته ضرور توهان جو ساٿ ڏيون ها. اهي ان ڏينهن به نسبت ايمان جي، ڪفر کي گهڻو ويجهي هئا. پنهنجن واتن سان اهو چون ٿا جا ڳالھ سندن دلين ۾ (ذرو به) نه آهي ۽ جيڪي اهي لڪائين ٿا تنهن کي خدا بهتر ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تانت نروار ڪري انهن کي جو منافق ٿيا ۽ چيو ويو انهن کي ته اچو جنگ ڪيو الله جي واٽ ۾ يا دشمن کي دفع ڪيو چيائون ته جيڪڏهن ڄاڻون ها جنگ ڪرڻ ته البته تابعداري ڪيون ها اوهان جي.هي ڪفر کي انهيءَ ڏينهن وڌيڪ ويجها آهن انهن کان ايمان ڏانهن چون ٿا پنهنجن واتن سان جيڪو ناهي سندن دلين ۾ ۽ الله وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي لڪائين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن لاءِ ته انهن کي جدا ڪري جيڪي منافق ٿيا ۽ انهن کي چيو ويو ته اچو الله جي رستي ۾ جنگ ڪريو يا (دشمن کي پنهنجي وطن کان) دفع ڪريو. چيائون ته جيڪڏهن اسين جنگ ڪرڻ ڄاڻون ها ته ضرور اوهان سان گڏ هلون ها. اهي ان ڏينهن ايمان کان ڪفر جي بالڪل ويجهو هئا، پنهنجي واتن سان اهو چون ٿا جو سندن دلين ۾ نه آهي ۽ جيڪي اهي لڪائين ٿا تنهن کي الله زياده ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيئن انهن ماڻهن جي به سڃاڻپ ڪرائي جن منافقت ڪئي، ۽ جڏهن انهن کي چيو ويو ته: ”اچو! الله جي راهه ۾ جنگ ڪيو يا (دشمن جي حملي جو) دفاع ڪيو“. ته چيائون: ”جي اسان کي جنگ ٿيڻ جي خبر هجي ها ته اوهان جو ساٿ ڏيون ها“. اُهي ان ڏينهن ايمان کان ڪفر جي وڌيڪ ويجهو هئا. پنهنجي واتن سان اُهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي سندن دلين ۾ نه آهن. ۽ الله زور ڄاڻندڙ آهي جيڪي (دلين ۾)لڪائن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڪوڙ جن جي قلب ۾. چي، لڙو ربَّ جي راه ۾، يا ڌِڪيو دشمن دُور، چي حاضر هلياسون اوهان سان، جي ڄاڻون جنگ ضرور، اُن ڏينهن اوڏا ڪفر کي هئا، مڃڻ ڪنان مور، چون پيا چپن سان، جو من ۾ نه، سندن مذڪور، ۽ پرور کي پَرور، جو لڪائن پيا لوڪ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن کي به پڌرو ڪري، جي منافق آهن. جڏهن انهن کي چيو ويو ته ”اچي خدا جي رستي ۾ وڙهو يا حملي کي روڪيو.“ ته چوڻ لڳا: ”جيڪڏهن اسين سمجهون ته لڙائي لڳندي ته جيڪر ضرور اوهان سان هجون. اهي ان ڏينهن ايمان کان ڪفر کي وڌيڪ ويجها هئا، هو زبان سان اهو ٿا چون جو سندن دلين ۾ ناهي ۽ جيڪي هو لڪائين ٿا انهيءَ کان الله خوب واقف آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منافق ڪير آهن. اهي منافق جو جڏهن کين چيو ويو ته "اچو الله جي راهه ۾ اچي جنگ ڪريو يا گهٽ ۾ گهٽ (پنهنجي شهر جو ئي) بچاءُ ڪريو" ته چوڻ لڳا ته "جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته جنگ لڳندي ته اسان ضرور توهان سان هلون ها". اها ڳالهه جڏهن پئي چيائون ته ان وقت هو ايمان جي ڀيٽ ۾ ڪفر کي وڌيڪ ويجها هئا. هو پنهنجن واتن سان اهي ڳالهيون ٿا ڪن جيڪي سندن دلين منجهه ناهن ۽ جيڪي هو دلين ۾ لڪائن ٿا، الله ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ڄاڻي ته منافق ڪير آهي ۽ اهي منافق جن کي جڏهن چيو ويو ته اچو ۽ جنگ ڪريو الله جي راهه ۾ يا (پنهنجي شهر جو) دفاع ڪريو، ته چوڻ لڳا ”جي اسان کي معلوم هجي ها ته اڄ جنگ ٿيندي ته توهان سان گڏ هلون ها“، اها ڳالهه جڏهن هو ڪري رهيا هئا ته ان وقت اهي ڪفر کي وڌيڪ ويجها هئا بنسبت ايمان جي، اهي پنهنجي زبانن سان اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي نه هونديون آهن سندن دلين ۾، ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي اهي دلين ۾ لڪائين ٿا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو به ظاهر ڪري ته منافق ڪير آهن؟ جڏهن کين چيو ويو ته الله تعالى جي راهه ۾ وڙهڻ لاءِ هلو، يا ڀلا هتي رهي ڪري شهر جي بچاءُ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ته ان تي هو چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان کي جنگ جي باري ۾ معلوم هجي ها ته ضرور توهان سان گڏ هلون ها، اها ڳالهه ڪرڻ وقت هو ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر ڏي وڌيڪ ويجها هئا، اها سندن زباني دعويٰ آهي سندن دلين ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي. الله تعالى کي خوب معلوم آهي جيڪو ڪجهه هو لڪائين ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ قالوا لِإِخوٰنِهِم وَقَعَدوا لَو أَطاعونا ما قُتِلوا قُل فَادرَءوا عَن أَنفُسِكُمُ المَوتَ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 168) |
(ته) اِھي اُھي آھن جن پنھنجن ڀائرن کي چيو ۽ ويٺا رھيا ته جيڪڏھن (اُھي) اسان جو چيو مڃن ھا ته نه ڪُسن ھا، (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو پاڻ ته گهرن ۾ ويهي رهيا پر پنهنجي ڀائرن جي باري ۾ (جي جنگ ۾ مارجي ويا) چون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي چوڻ تي لڳن ها ته ڪڏهن به نه مارجي وڃن ها. (اي پيغمبر تون کين) چئو ته جيڪڏهن توهان سچ پچ (پنهنجي هن خيال ۾) سچا آهيو ته جڏهن موت توهان جي مٿان اچي پوي تڏهن پاڻ تان موت ٽاري ڇڏيو (۽ پنهنجي چالاڪين ۽ دور انديشن سان هميشه زندهه رهو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن پنهنجن ڀائرن متعلق چيو ۽ انهيءَ وقت جڏهن جنگ کان ويٺا جيڪڏهن اسان جو چوڻ وٺن ها ته نه مرن ها، اي حبيب ! توهان فرمايو توهان پنهنجو موت ٽاري ڏيکاريو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهي ماڻهو آهن) جي (پاڻ ته مزي سان گهر) ۾ هئا ۽ پنهنجي (شهيد) ڀائرن لاءِ چوڻ لڳا ته افسوس! جيڪڏهن اهي اسان جو چيو مڃين ها ته نه ڪسجن ها. (اي رسول) انهن کي چئو ته (چڱو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پاڻ کان موت کي ٽاريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو چيائون پنهنجن ڀائرن لاءِ ۽ ويهي رهيا ته جيڪڏهن مڃين ها اسان کي ته نه ڪٺا وڃن ها فرماءِ ته پوءِ ٽارجو پاڻ کان موت جيڪڏهن آهيو سچا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن پنهنجن ڀائرن جي باري ۾ چيو ۽ پاڻ (جنگ کان) ويٺا رهيا ته جيڪڏهن اهي اسان جو چيو مڃين ها ته نه ڪُسجن ها. (کين) چئو ته پوءِ پاڻ کان موت کي دفع ڪريو، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جي خود ته (گهرن ۾) ويهي رهيا ۽ پنهنجي ڀائرن بابت چيائون ته جي اسان جو چيو مڃن ها ته نه ماريا وڃن ها!چؤ ته اوهان پاڻ کان موت (ته) ٽاري ڏيکاريو جي اوهان سچا آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن چيو سندن ڀائرين، ۽ ويٺاگھر وهلور، جي مَڃيونِيون، ته نه ماريا ويا، چئو، موت ٽاريو مور، پنهنجي جانِين تان ضرور، جي آهيو صفا سچ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي ويهي رهندڙ شخص پنهنجي (جنگ ۾ وڙهندڙ) ڀائرن بابت چون ٿا ته ”جيڪڏهن هو اسان جو چيو مڃين ها ته قتل نه ٿين ها.“ چئو ته ”جيڪڏهن سچا آهيو، ته پاڻ کان موت کي ٽاري ڏيکاريو!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ ته ويٺا رهيا ۽ سندن ڀائر جيڪي وڙهڻ ويا ۽ مارجي ويا، انهن جي باري ۾ چيائون ته جيڪڏهن هو اسان جي ڳالهه مڃين ها ته نه مارجن ها. چوين ته جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته پوءِ توهان جو پنهنجو موت جڏهن اچي ته اهو ٽاري ڏيکارجو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ ته ويٺا رهيا ۽ سندن ڀائر جيڪي وڙهڻ ويا ۽ ماريا ويا، انهن لاءِ چيو، جي اهي اسان جي ڳالهه مڃين ها ته ماريا نه وڃن ها، کين چؤ ته ”جي توهان پنهنجي قول ۾ سچا آهيو ته جڏهن توهان جو موت اچي ته اهو ٽاري ڏيکارجو.“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اهي ماڻهو آهن جيڪي خود ته ويھي رهيا، وري پنھنجي مارجي ويل ڀائرن جي لاءِ چوڻ لڳا، ته جيڪڏهن هو اسان جو چيو مڃين ها ته نه ماريا وڃن ها.(اي نبي ﷺ)! کين چؤ ته ڀلا جيڪڏهن توهان ان ڳالهه ۾ سچا آهيو ته پنھنجي موت کي ته ٽاري ڏيکارجو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَحسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلوا فى سَبيلِ اللَّهِ أَموٰتًا بَل أَحياءٌ عِندَ رَبِّهِم يُرزَقونَ (آيت : 169) |
۽ جيڪي الله جي واٽ ۾ ڪُٺا ويا تن کي مئل پٽيءَ نه ڀانءِ، بلڪ (اُھي) جيئرا آھن (۽) پنھنجي پالڻھار وٽ روزي ڏنل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جيڪي ماڻهو خدا جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، تن بابت ائين نه سمجهه ته هو مري ويا، نه نه هو جيئرا آهن ۽ پنهنجي پروردگار وٽ پنهنجي روزي حاصل ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راه ۾ شهيد ڪيا ويا انهن کي مئل نه سمجهو، بلڪ اهي پنهنجي رب وٽ زنده آهن، ۽ کين رزق ڏنو وڃي ٿو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي خدا جي راھ ۾ شهيد ڪيا ويا آهن انهن کي ڪڏهن به مئل نه سمجهو، بلڪ اهي جيئرا (جاڳندا موجود) آهن، پنهنجي پروردگار وٽ (اهي طرح طرح جي) روزي حاصل ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه سمجهه انهن کي جو ڪٺا ويا الله جي واٽ ۾ مئل بلڪ جيئرا آهن پنهنجي رب وٽ رزق ڏنا ٿا وڃن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي الله جي رستي ۾ ڪُٺا ويا آهن تن کي مُئل نه سمجهه بلڪ اهي جيئرا آهن سندن پاليندڙ وٽ انهن کي رزق ڏنو وڃي ٿو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ڪيا ويا انهن کي مُئل گمان به نه ڪجو. بلڪه اهي جيئرا آهن پنهنجي پالڻهار وٽ انهن کي رزق ڏنو وڃي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُئانه ڀانيو مُور، جي ڪٺاربَّ جي راه ۾، آهن سندنِ الله وٽ، زنده بلڪ ضرور، آمان، اَنب، انگور، ميوا کائن موج سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص خدا جي راهه ۾ مارجي ويا آهن. انهن کي هرگز مئل نه سمجهو، بلڪ اهي جيئرا آهن، کين پنهنجي رب وٽ رزق ملي رهيو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، انهن کي مئل نه سمجهو، اهي ته حقيقت ۾ جيئرا آهن، پنهنجي رب وٽ رزق حاصل ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) جيڪي ماڻهو قتل ٿيا آهن الله جي راهه ۾، انهن کي مرده نه سمجهو، حقيقت ۾ اهي زنده آهن پنهنجي رب وٽ رزق پيا حاصل ڪن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان اهو نه سمجهو ته جيڪي ماڻهو الله تعالى جي راهه ۾ شھيد ٿي ويا اهي مئل آهن، نه بلڪ اهي زنده آهن ۽ کين الله تعالى وٽ (باقاعده) رزق ڏنو وڃي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَرِحينَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ وَيَستَبشِرونَ بِالَّذينَ لَم يَلحَقوا بِهِم مِن خَلفِهِم أَلّا خَوفٌ عَلَيهِم وَلا هُم يَحزَنونَ (آيت : 170) |
جيڪي الله اُنھن کي پنھنجي فضل سان ڏنو آھي تنھن (حال) سان خوش ٿيندڙ آھن ۽ جيڪي سندن پٺيان آھن تن مان جيڪي ساڻن نه گڏيا آھن اُنھن لاءِ ھن ڪري خوش ٿيندا آھن ته کين ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن تي فرحتن ۽ خوشين ۾ آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن جي پٺيان (دنيا ۾) رهجي ويا آهن ۽ اڃا ساڻن نه وڃي مليا آهن، تن بابت به خوشيون ٿا ڪن جو (ڄاڻن ٿا ته) انهن لاءِ به نڪي ڪو خوف آهي، نڪا غمگيني آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) خوش آهن جيڪي الله تعالى انهن کي پنهنجي فضل سان عطا ڪيو آهي، ۽ خوش ٿين ٿا انهن مؤمنن تي جيڪي اڃان انهن سان نه مليا آهن پوين مان، انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکوئبا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا جيڪي فضل ۽ ڪرم انهن تي ڪيا آهن ان (جي خوشيءِ) ڪري ٻهڪن ٿا ۽ جيڪي انهن کان اڃا پٺتي رهيل آهن. ۽ انهن ۾ شامل نه ٿيا انهن لاءِ هي (خيال ڪري) خوشيون ڪن ٿا ته (اهي به شهيد ٿين ته) انهن تي نه ڪنهن قسم جو خوف ٿيندو ۽ نه غمگين ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خوشيون ڪندڙ آهن، انهن نعمتن تي جو ڏنيون انهن کي الله پنهنجي فضل سان ۽ خوش ٿا ٿين انهن بابت جو نه مليا انهن سان انهن کان پوءِ هن لاءِ ته ناهي ڪو خوف انهن تي ۽ نه اهي ڏک ڪندا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله کين پنهنجي فضل سان ڏنو آهي تنهن جي ڪري خوش آهن ۽ جيڪي سندن پويان (اڃا تائين) کين نه مليا آهن انهن جي ڪري خوش ٿين ٿا، هن لاءِ ته نه مٿن ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهي خوش آهن ان (نعمتن) تي جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان ڏنيون آهن، ۽ اهي خوشيون ڪن ٿا انهن ماڻهن بابت جيڪي انهن جي پوين مان آهن اڃا ساڻن نه مليا آهن، هن ڳالهه تي ته انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي ڏکارا ٿيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) خوش تنهن تي، خدا، جو بخشيَنِ، منجھان پنهنجي ڀال، ۽ پويَنِ مُنجِينِ مبارڪون، جي اڃا نه مِليا، تن نال، ته نه کينِ خوف خيال، ۽ نه ڳڻتِي ڪنهِين ڳالھ جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي الله انهن کي پنهنجي فضل سان بخشيو آهي، ان تي خوش آهي ۽ جيڪي پٺتي رهجي ويا آهن (شهيد ٿي) انهن سان نه گڏيا آهن، اُن بابت خوشي ڪري رهيا آهن ته نڪي انهن تي ڪو خوف هوندو ۽ نه اُهي غم ڏسندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ڪجهه الله پنهنجي فضل مان کين ڏنو آهي، ان تي ڏاڍا خوش آهن، دلجاءِ اٿن ته جيڪي ايمان وارا سندن پويان دنيا ۾ رهجي ويا آهن ۽ اڃان وٽن نه پهتا آهن، انهن لاءِ به ڪنهن خوف ۽ غم جي ڪا ڳالهه ڪانهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ڪجهه پنهنجي فضل سان الله انهن کي ڏنو آهي، ان تي اهي خوش آهن ۽ اهي بشارتون موڪلين ٿا انهن لاءِ جيڪي ناهن مليا انهن سان جيڪي انهن جي پويان آهن، پوءِ ڪوبه خوف نه هوندو انهن تي ۽ نه وري اهي غمگين ئي رهندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى پنھنجي مھربانيءَ سان کين جيڪو ڪجهه عطا ڪيو آهي، هو ان تي ڏاڍو خوش ٿيا ويٺا آهن ۽ ان ڳالهه تي به وڏا مطمئن آهن، ته اسان جا ساٿي جيڪي غازي آهن ۽ اڃا اسان وٽ هتي نه پھتا آهن، تن لاءِ به (دنيا ۾) نه ڪو خوف آهي ۽ نه ئي انهن لاءِ ڪا ڳڻتي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَستَبشِرونَ بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ وَأَنَّ اللَّهَ لا يُضيعُ أَجرَ المُؤمِنينَ (آيت : 171) |
الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿيندا آھن ۽ الله مؤمنن جو اجر نه وڃائيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو الله تعاليٰ جي نعمتن ۽ فضل تي ڏاڍو خوش آهن ۽ پڻ هن ڳالهه تي ته بيشڪ الله تعاليٰ ايمان وارن (جي عملن) جو اجر ضايع نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي خوشيون ملهائن ٿا الله جي نعمت ۽ مهرباني جون، ۽ بيشڪ الله تعالى مؤمنن جو اجر ضايع نٿو ڪري.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا جي نعمت ۽ سندس فضل (۽ ڪرم) پڻ هن ڳالھ جي خوشخبري ”خدا مومنن جي ثواب کي نٿو وڃائي“ نهال ٿي رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) خوش ٿا ٿين الله جي نعمت ۽ ڀلائيءَ تي ۽ بيشڪ الله نه ٿو ضايع ڪري اجر ايمان وارن جو.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله جي نعمت ۽ فضل سان خوش ٿين ٿا ۽ هن ڳالهه سان ته الله ايمان وارن جو اجر ضايع نٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ خوشيون ملهائن ٿا الله پاران نعمت ۽ فضل جي ملڻ تي ۽ (ان ڳالهه معلوم ٿيڻ تي ته) بيشڪ الله ايمان وارن جو اجر ضايع ڪونه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کِيرون ڏين خُوشحال، سُک ۽ ڀَلي جي ڀال جون، ۽ پورهيو نه ڪري پيمال، مولا مؤمنن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) خدا تعاليٰ جي نعمت ۽ فضل ڪري خوش ٿي رهيا آهن ۽ بيشڪ الله مومنن جي اجر کي چٽ نٿو ڪري.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو الله جي انعام ۽ سندس فضل تي ڏاڍا خوش ۽ سرها آهن ۽ کين معلوم ٿي چڪو آهي ته الله مؤمنن جا اجر ضايع نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هو خوش ٿين ٿا نعمتون الله جون ڏسي ۽ ان جو فضل ۽ بيشڪ الله نٿو ضايع ڪري اجر مؤمنن جو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو الله تعالى جي نعمت ۽ ان جي مھربانيءَ تي خوشيون ملهائي رهيا آهن، هاڻي کين خبر پئجِي وئي ته بيشڪ الله تعالى ڪڏهن به مؤمنن جو اجر ضايع نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ استَجابوا لِلَّهِ وَالرَّسولِ مِن بَعدِ ما أَصابَهُمُ القَرحُ لِلَّذينَ أَحسَنوا مِنهُم وَاتَّقَوا أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 172) |
جن پاڻ کي ڦٽ پھچڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جو حُڪم قبول ڪيو، انھن مان جن چڱائي ڪئي ۽ ڊنا تن لاءِ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن الله ۽ سندس رسول جي سڏ تي لبيڪ چئي (۽ جنگ لاءِ وري تيار ٿيا) جيتوڻيڪ (هڪ سال اڳي احد وارو) زخم کائي چڪا هئا تن بابت ياد رکو ته انهن مان جيڪي به چڱا عمل ڪندڙ ۽ متقي (پرهيزگار) آهن تن جي لاءِ تمام وڏو اجر تيار رکيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (مؤمن) جيڪي الله ۽ الله جي رسول جي سڏڻ تي تڪليفن اچڻ کان پوءِ به حاضر ٿيا، انهن مان نيڪوڪارن ۽ پرهيزگارن لاءِ وڏو ثواب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جنگ احد ۾) جن ماڻهن ڌڪ کائڻ کان پوءِ به، خدا ۽ رسول جو چوڻ مڃيو انهن مان جن ماڻهن نيڪي ڪئي ۽ پرهيزگاري ڪئي (سڀني لاءِ نه، فقط) انهن لاءِ وڏو ثواب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو حڪم مڃيائون الله جو ۽ رسول جو ان کان پوءِ جو پهتو انهن کي زخم انهن لاءِ جو نيڪ ٿيا انهن مان ۽ پرهيزگار ٿيا اجر وڏو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن الله ۽ رسول جو حڪم قبول ڪيو هن کان پوءِ به جو کين زخم پهتا، انهن مان چڱائي ڪئي ۽ اهي پرهيزگار ٿيا تن لاءِ وڏو اجر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن زخم پهچڻ کان پوءِ به الله ۽ ان جي رسول جي سڏ کي قبول ڪيو انهن مان اُهي ماڻهو جن چڱائي ڪئي ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي، تن لاءِ زبردست اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن مڃيو ربَّ ۽ رسول کي، جنهن بعد لڳن ڌَڪ، ان لئي ته ڀال ڀلايون، ۽ پرهيز ڪيائون پڪ، ڀاڙا وڏا بيشڪ اڳتي آهن اُنهن لئي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن شخصن زخمن کائڻ هوندي به خدا ۽ رسول جي حڪم کي قبول ڪيو، تن مان نيڪن ۽ خدا ترسن لاءِ وڏو ثواب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اهڙن مؤمنن جي اجرن کي) جن زخم سهڻ کان پوءِ به الله ۽ رسول جي سڏ تي لبيڪ چيو، انهن مان جيڪي ماڻهو نيڪ عمل ڪندڙ آهن ۽ متقي آهن، انهن لاءِ ته تمام وڏو اجر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جن حڪم مڃيو الله ۽ رسول جو ان کان پوءِ جو کين پهتا زخم، انهن لاءِ جن احسان ڪيو انهن مان ۽ تقويٰ اختيار ڪئي، انهن لاءِ وڏو اجر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن مؤمنن ڌڪ کائڻ کان پوءِ به (ٻيهر جنگ لاءِ) الله تعالى ۽ رسول (ﷺ) جي پڪار تي لَبَّيڪ چيو، انهن مان نيڪوڪارن ۽ پرهيزگارن جي لاءِ وڏو اجر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ قالَ لَهُمُ النّاسُ إِنَّ النّاسَ قَد جَمَعوا لَكُم فَاخشَوهُم فَزادَهُم إيمٰنًا وَقالوا حَسبُنَا اللَّهُ وَنِعمَ الوَكيلُ (آيت : 173) |
جن کي ماڻھن چيو ته (ڪافرن) ماڻھن اوھان لاءِ لشڪر گڏ ڪيو آھي تنھن ڪري کانئن ڊڄو پوءِ (اُن چوڻ) ھٿون اُنھن جو ايمان وڌايو ۽ چيائون ته اسان کي الله ڪافي آھي ۽ (اُھو) چڱو وڪيل (ڀرجھلو) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي اهي ماڻهو آهن جن کي ڪن چيو ته توهان سان (جنگ ڪرڻ لاءِ) دشمن وڏو لشڪر گڏ ڪيو آهي تنهن ڪري خوف رکجو (۽ ٻاهر نڪري ساڻن مقابلي ڪرڻ لاءِ نه وڃجو) پر (اها ڳالهه ٻڌڻ تي ڊڄي وڃڻ بدران) هنن جو ايمان اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ هو (بي خوف ٿي) چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ الله ڪافي آهي ۽ جنهن جو ڪارساز الله پاڻ هجي تنهنجو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي (مؤمن) جن کي مشرڪن چيو بيشڪ ماڻهو توهان جي مقابلي لاءِ گڏ ٿيا آهن، پوءِ توهان انهن کان ڊڄو ته انهن جو ايمان اڃان زياده ٿيو، ۽ چيائون الله تعالى اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو ئي بهترين ڪار ساز آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي اهي آهن جو جڏهن انهن کي ماڻهو (اچي) چوڻ لڳا ته (دشمن) ماڻهن توهان جي (مقابلي) لاءِ (وڏو لشڪر) ڪٺو ڪيو آهي، پوءِ انهن کان ڊڄو (ته خوف بجاءِ) سندن ايمان اڃا به وڌي ويو ۽ چوڻ لڳا (هوندو!) خدا اسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اهو ڪهڙو نه عمدو ڪارساز آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي شخص جو چيو انهن کي ماڻهن ته بيشڪ ماڻهو تحقيق گڏ ٿيا اوهان لاءِ پوءِ ڊڄو انهن کان پوءِ وڌايائين انهن کي (ان ڳالهه) ايمان ۽ چيائون ته ڪافي آهي اسان جي لاءِ الله ۽ اهوڀلو ڪارساز آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن کي ماڻهن چيو ته بيشڪ ماڻهن (ڪافرن) اوهان لاءِ (لشڪر) گڏ ڪيو آهي، سو انهن کان ڊڄو. پوءِ (ان چوڻ) انهن جو ايمان وڌايو، ۽ چيائين ته الله اسان کي ڪافي آهي ۽ هو چڱو ڪارساز آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن کي ماڻهن چيو ته : ”(دشمن فوج جا ماڻهو) اوهان جي مقابلي لاءِ گڏ ٿي چڪا آهن سو انهن کان ڊڄو“. ته (ان ڳالهه) انهن جي ايمان کي اڃا وڌائي ڇڏيو ۽ چيائون ته اسان لاءِ الله ڪافي آهي ۽ اهو ڀلو ڪارساز آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن کي، چيو ماڻهين، ته ماڻهو منجھ ميدان، اوهان لئي، اڄ مِڙيا، پوءِ خوف رکونِ خان!، پوءِ واڌ ڪيائين ڪانه، اُنهن ۾ ايمان ري. ۽ چيائون، ته الله، آهي بس، اسان لئي، ۽ واهرو سو وه واه!، سُهڻو سنڀاليدار سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کي جڏهن ماڻهن چيو، ته ”بيشڪ، اوهان سان مقابلي لاءِ گهڻي ئي ماڻهو ڪٺا ٿيا آهن، ان ڪري کانئن ڊڄو ”ته هنن جو ايمان پاڻ وڌيو ۽ چوڻ لڳا ته ”الله اسان کي ڪافي آهي ۽ اهو چڱو ئي ڪارساز آهي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن کي ماڻهن چيو ته "توهان جي خلاف وڏا لشڪر گڏ ٿي ويا آهن انهن کان ڊڄو"، ته اهو ٻڌي سندن ايمان اڃان به وڌي ويو ۽ انهن موٽ ۾ چيو ته "اسان لاءِ ته الله ڪافي آهي ۽ هــُـو ئي بهترين ڪارساز آهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو جن چيو انهن منجهان ته بيشڪ انهن ئي گڏ ڪيو (لشڪر) توهان جي (مقابلي) لاءِ، پوءِ ڊڄو ان کان، ته ان ڳالهه وڌائي ڇڏيو سندن ايمان، ۽ هنن چيو ته ڪافي آهي اسان جي لاءِ الله ۽ اهو ئي ڀلو آهي ڪارساز(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙن ماڻهن کي ڪن ماڻهن چيو ته، توهان جي خلاف دشمن هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو آهي سو ان لشڪر کان ڊڄو، اهو ٻڌي سندن ايمان اڃا به وڌي ويو ۽ چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ الله تعالى جي ذات ڪافي آهي ۽ هو بھترين طريقي سان معاملا حل ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَانقَلَبوا بِنِعمَةٍ مِنَ اللَّهِ وَفَضلٍ لَم يَمسَسهُم سوءٌ وَاتَّبَعوا رِضوٰنَ اللَّهِ وَاللَّهُ ذو فَضلٍ عَظيمٍ (آيت : 174) |
پوءِ (اُھي مسلمان) الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا کين ڪا سختي نه پھتي ۽ الله جي راضپي پٺيان لڳا، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ (ڇا ٿيو جو مسلمان بي خوف ٿي مقابلي لاءِ نڪتا ۽) الله جي نعمت ۽ فضل سان مالامال ٿي واپس آيا. ڪوبه ايذاءِ کين ڇهي به نه سگهيو. هنن الله جي راضپي واري راهه ۾ قدم کنيو (اهو الله جو فضل هو) ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله جي نعمت ۽ مهربانيءَ سان موٽيا (۽) انهن کي ڪا تڪليف نه پهتي، ۽ الله تعالى جي رضامندي تي هليا، ۽ الله تعالى تمام وڏو مهربان آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (هي ته) همت ڪري ويا پر (جنگ نه لڳي ته)اهي، خدا جي نعمت ۽ فضل سان (پنهنجي گهر) موٽي آيا ۽ انهن کي ڪا برائي نه رسي ۽ خدا جي خوشنوديءَ جا پابند رهيا ۽ خدا وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موٽيا (ائين چوڻ سان) الله جي نعمت ۽ ڀلائيءَ سان نه پهتي انهن کي ڪا تڪليف ۽ تابعداري ڪيائون الله جي رضامندي جي ۽ الله وڏي فضل وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهي الله جي نعمت ۽ فضل سان موٽيا، انهن کي ڪا برائي نه پهتي ۽ الله جي رضامنديءَ پٺيان لڳا. ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. اهو (جنگ کان روڪيندڙ) شيطان اٿوَ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (آخرڪار) اهي الله جي پاران نعمت ۽ فضل سان موٽيا، انهن کي ڪا برائي ڪانه پهتي ۽ الله جي رضا جي تابعداري ڪيائون. ۽ الله زبردست فضل فرمائڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وريا سلامت، سائينءَ جي سک ۽ ڀال نال، ڪوئـِي ڏک، ڏاکڙو، نه لڳن مُور مجال، ۽ ربَّ جي رضامندي پٺيان، لڳا لائق لال، ۽ بيشڪ وڏي ڀال، الله جلّ جلالہٗ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهي الله جي نعمت ۽ فضل سان (خوش ٿي) موٽي آيا، کين ڪو به نقصان نه پهتو ۽ خدا جي مرضيءَ جا تابع رهيا ۽ الله وڏي فضل جو مالڪ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ هو الله جي نعمت ۽ فضل سان گڏ موٽي آيا، کين ڪو نقصان به نه پهتو ۽ الله جي رضا تي هلڻ جو شرف به حاصل ٿين ۽ الله ڏاڍو فضل ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آخرڪار هو موٽيا الله جي نعمت ۽ فضل سان، انهن کي ڪنهن قسم جو نقصان به نه پهتو، ۽ انهن کي الله جي رضا تي هلڻ جو شرف به مليو، الله وڏو فضل ڪرڻ وارو آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرڪار هو الله تعالى جي مھربانيءَ سان خير سان واپس (مديني) پهتا، کين ڪنھن به قسم جي تڪليف نه آئي، ڇاڪاڻ جو انهن الله تعالى جي رضا جي تابعداري ڪئي هئي، الله تعالى وڏي مھرباني ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما ذٰلِكُمُ الشَّيطٰنُ يُخَوِّفُ أَولِياءَهُ فَلا تَخافوهُم وَخافونِ إِن كُنتُم مُؤمِنينَ (آيت : 175) |
(اُھو اوھان کي جنگ کان جھليندڙ) شيطان کان سواءِ ٻيو نه آھي جو پنھنجن دوستن کي ڊيڄاريندو آھي، جيڪڏھن (اوھين) مؤمن آھيو ته اُنھن (ڪافرن) کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ هيءِ جو دشمنن جي ڇاڙتي توهان کي وڏي لشڪر جي ڪوڙي خبر ٻڌائي ڊيڄارڻ ٿي چاهو) اهو شيطان هو جنهن پنهنجي ساٿين بابت توهان کي ڊيڄارڻ ٿي چاهيو، پر جيڪڏهن توهان سچ پچ سچا مومن آهيو ته شيطان جي ساٿين کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو شيطان ته ڪافرن کي ڊيڄاري ٿو، پوءِ شيطان کان توهان نه ڊڄو ۽ توهان مون رب کان خوف ڪريو جيڪڏهن سچا مؤمن آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو (خبر ڏيڻ وارو) شيطان هو جو فقط پنهنجي دوستن کي (رسول جي ساٿ ڏيڻ کان) ڊيڄاري ٿو. پوءِ ان کان نه ڊڄو جيڪڏهن اوهين مومن آهيو ته مون کان ئي ڊڄندا رهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو شيطان آهي جيڪو ڊيڄاري ٿو پنهنجن دوستن کي پوءِ نه ڊڄو انهن کان ۽ ڊڄو مون کان جيڪڏهن آهيو ايمان وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هو پنهنجن دوستن کان اوهان کي) ڊيڄاري ٿو، پوءِ اوهين انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ڊڄو جيڪڏهن اوهين مومن آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اهو (غلط خبرون ڦهلائڻ وارو) صرف شيطان ئي آهي جيڪو پنهنجي دوستن کان ڊيڄاري ٿو. سو اوهان انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو جيڪڏهن اوهان (سچا) مؤمن آهيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي، اُهو شيطان، وجھي ڇرڪ سندس ڇاڙتين، پوءِ دل ۾، ڌاريو ڪو نه ڪو، خوف اُنهيءَ جو خان! ۽ جي اوهان ۾ ايمان، نه مون کان، ڊِڄو مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو شيطان ئي آهي، جو پنهنجن دوستن کان ڊيڄاري ٿو، جيڪڏهن اوهين (پڪا) مومن آهيو ته انهن کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄندا رهو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي ته توهان کي پتو پئجي ويو ته اهو اصل ۾ شيطان ئي هو جيڪو پنهنجي ساٿين جو اجايو ڀؤ ڏياري رهيو هو، تنهنڪري اڳتي توهان انسانن کان نه ڊڄجو، مون کان ئي ڊڄجو، جيڪڏهن توهان مؤمن آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هاڻي توهان کي معلوم ٿيو ته اهو اصل ۾ شيطان هو جيڪو ڊيڄاري رهيو هو پنهنجي دوستن کي، ان ڪري آئنده انهن کان نه بلڪه مون کان ڊڄو جي توهان صاحبِ ايمان آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ته شيطان هو جيڪو پنھنجي ساٿين ذريعي (توهان کي) ڊيڄاري رهيو هو، (آئنده) اوهان انهن کان ڊڄو ئي نه، جيڪڏهن توهان پڪا مؤمن آهيو ته مون کان ئي ڊڄندا رهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَحزُنكَ الَّذينَ يُسٰرِعونَ فِى الكُفرِ إِنَّهُم لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا يُريدُ اللَّهُ أَلّا يَجعَلَ لَهُم حَظًّا فِى الءاخِرَةِ وَلَهُم عَذابٌ عَظيمٌ (آيت : 176) |
۽ (اي پيغمبر) جيڪي ڪفر (جي سوڀ) ۾ اڳرائي ڪندا آھن سي توکي غمگين نه ڪن، ڇو ته اُھي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، الله گھرندو آھي ته اُنھن کي آخرت ۾ ڪجھ بھرو نه ڏي، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ تي ڊوڙي رهيا آهن (انهن جي حالت ڏسي) غم نه ڪريو. يقين ڪريو ته هو خدا (جي ڪمن کي) هرگز نقصان پهچائي نه سگهندا. (هو پاڻ پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهن) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته آخرت ۾ هنن جي لاءِ (هنن مان) ڪجهه به حصو نه رکي ۽ هنن جي لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي حبيب ! توهان انهن ماڻهن جو ڏک نه ڪريو جيڪي ڪفر ۾ تڪڙ ڪن ٿا، بيشڪ اهي الله کي ڪو نقصان نه پهچائيندا، الله تعالى جو ارادو آهي ته انهن کي آخرت ۾ ثواب جو ڀاڱو نه ڏئي، ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي (اي رسول!) ماڻهو ڪفر جي مدد ۾ پيش قدمي ڪن ٿا انهي ڪري تون غم نه ڪر، ڇو ته اهي خدا کي ڪجھ به ضرر پهچائي نه ٿا سگهن (بلڪ) خدا جي مرضي آهي ته آخرت ۾ انهن جو ڪجھ به حصو نه هجي. ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه غم ۾ وجهن توکي اهي جو ڊڪ ڊوڙ ٿا ڪن ڪفر ۾ بيشڪ اهي هرگز نه نقصان ڏيندا الله کي ڪجهه به ارادو ٿو ڪري الله ته نه ڪري انهن لاءِ ڪو ڀاڱو آخرت ۾ ۽ انهن جي لاءِ وڏو عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي رسول !) توکي اهي غمگين نه ڪن جيڪي ڪفر ۾ جلدي ڪن ٿا، ڇو ته اهي الله (جي دين) کي ڪجهه به نقصان نه پهچائي سگهندا. الله گهري ٿو ته انهن کي آخرت ۾ ڪجهه به فائدو نه ڏئي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي!) تو کي ڏکارو نه ڪن اُهي ماڻهو جيڪي ڪفر ۾ تڪڙ ڪن ٿا. بيشڪ اُهي الله (جي دين) کي ڪنهن چيز جو نقصان هرگز نه پهچائي نه سگھندا. الله چاهي ٿو ته آخرت (جي نعمتن) ۾ انهن جو ڪو حصو نه رکي ۽ انهن لاءِ تمام وڏو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه گڏِينِئي گوندر، جي اُٻهرا انڪار ۾، نه رساڻين ربَّ کي، ذري ڀر ضرر، الله ارادو ٿو ڪري، ته آخرت اَندر، بلڪل ڀاڳ اُنهن جو، مالڪ نه ڪري مقرر، ۽ وڏو ڪو ويتر، آهي عذاب اُنهن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي شخص ڪفر جي ڪمن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪن ٿا، اهي توکي غم ۾ نه وجهن، اُهي الله جو ڪجهه به نقصان نٿا ڪري سگهن. خدا گهري ٿوته اُنهن لاءِ آخرت ۾ ڪجهه حصو نه هجي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي!) جيڪي ماڻهو اڄ ڪفر جي راهه ۾ ڏاڍي ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن، تن جون حرڪتون توکي دلگير نه ڪن، هو الله جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندا. الله ٿو گهري ته انهن لاءِ آخرت ۾ ڪوبه حصو نه رکي، ويتر انهن لاءِ تمام وڏي سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن جون سرگرميون توکي ڏک ۾ نه وجهن، جيڪي ماڻهو اڄ وڏي ڊڪ ڊوڙ ڪن پيا ڪفر جي راهه ۾، هي الله جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، الله جو هي ارادو آهي ته انهن جي لاءِ ڪوبه حصو نه رکي آخرت ۾، ۽ انهن کي نيٺ ته سخت سزا ملڻ واري آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ) انهن ماڻهن جو ڪوبه غم نه ڪر، جيڪي ڪفر جي راهه ۾ وڏي محنت ڪري رهيا آهن، هو الله تعالى جو ڪجهه به بگاڙي نٿا سگهن، الله تعالى چاهي ٿو ته ڪفر جي ڪري انهن جو آخرت ۾ ڪو به حصو نه هجي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب تيار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ الَّذينَ اشتَرَوُا الكُفرَ بِالإيمٰنِ لَن يَضُرُّوا اللَّهَ شَيـًٔا وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 177) |
جن اِيمان جي بدران ڪفر ڳڌو سي الله کي ڪجھ به نقصان نه لائيندا، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عڊاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن ايمان وڪڻي ڪفر خريد ڪيو آهي سي الله (جي ڪمن) کي ڪجهه به ضرر نه پهچائي سگهندا ۽ هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار رکيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان جي عيوض ڪفر کي خريد ڪيو بيشڪ اهي الله کي ڪو نقصان نه پهچائيندا، ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان جي عيوض ڪفر خريد ڪيو، اهي خدا جو هرگز ڪجھ به بگاڙي نٿا سگهن (بلڪ پنهنجو پاڻ) ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ جن خريد ڪيو ڪفر ايمان جي بدلي هرگز نه نقصان ڏيندا اهي الله کي ڪجهه به ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جن ايمان جي بدلي ۾ ڪفر خريد ڪيو (يعني پسند ڪيو) اهي الله (جي دين) کي ڪجهه به نقصان نه پهچائي سگهندا ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان جي بدلي ڪفر خريد ڪيو اُهي الله کي هرگز ڪنهن چيز جو نقصان ڪونه پهچائيندا ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِڪڻِي جن ايمان کي، ڪيو ڪفر خريد، ذرو نه ضرر ڏِين سي، هادئَ کي حميد، ۽ سزا سخت شدِيد، مقرر تن لئي مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن ايمان جي بدلي ڪفر خريد ڪيو، اهي الله جو ڪجهه به نقصان نٿا ڪري سگهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو ايمان کي ڇڏي ڪفر جا خريدار ٿيا آهن، اهي ڪو الله جو ته نقصان نٿا ڪن. انهن لاءِ ته دردناڪ عذاب تيار ٿيو پيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ جيڪي ماڻهو ڪفر جا خريدار ٿيا آهن ايمان کي ڇڏي، اهي يقينًا الله جو ڪوبه نقصان نه پيا ڪن، انهن جي لاءِ تيار آهي عذاب دردناڪ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ جن ماڻهن ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر خريد ڪيو، ته اهڙا شخص الله تعالى کي ڪو به نقصان نٿا پھچائي سگهن ۽ انهن جي لاءِ وڏي تڪليف وارو عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ كَفَروا أَنَّما نُملى لَهُم خَيرٌ لِأَنفُسِهِم إِنَّما نُملى لَهُم لِيَزدادوا إِثمًا وَلَهُم عَذابٌ مُهينٌ (آيت : 178) |
۽ ڪافر (ھيءُ) نه ڀانئن ته کين اسان جي مُھلت ڏيڻ اُنھن لاءِ ڀلي آھي، اُنھن کي ھن کانسواءِ ڍر نه ڏني سون ته گناھ ۾ وڌن، ۽ انھن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان جو ڪافرن کي (زندگي ۽ مال متاع ۾) مهلت ٿا ڏيون تنهن مان ائين نه سمجهن ته (ان مهلت ۾) هنن لاءِ چڱائي آهي. اسان هنن کي انهيءَ لاءِ مهلت ٿا ڏيون ته (جيڪڏهن بدعملين کان باز نه اچن ته) پنهنجي گناهن ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو ڪن ۽ آخر هنن کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب ملندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافر هرگز انهي گمان ۾ نه رهن جو اسان انهن کي جيڪا مهلت ڏني آهي، سا انهن لاءِ چڱي آهي، اسان ته انهيءَ لاءِ انهن کي ڍر ڏني آهي ته اهي گناه گهڻا ڪن، ۽ انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو اهي ڪڏهين به اهو خيال نه ڪن ته اسان جو انهن کي جا مهلت ۽ مال جي فراغت ۽ دولت ڏني آهي ته اها ڪا سندن حق ۾ بهتر آهي ته (نه نه!) اسين رڳو انهن کي هن لاءِ اها ڍر ڏيون ٿا ته جيئن گناهن ۾ وڌن ۽ (آخر ته) انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه سمجهن ڪافر ته تحقيق جيڪا مهلت ٿا ڏيون انهن کي ڀلي آهي انهن جي سرن لاءِ تحقيق مهلت ٿا ڏيون انهن کي تانته وڌن گناهن ۾ ۽ انهن لاءِ خورا ڪندڙ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافر هيءُ خيال نه ڪن ته جيڪا ڍر کين ڏيون ٿا، سا انهن لاءِ بهتر آهي. اسين رڳو انهن کي هن لاءِ ڍر ڏيون ٿا ته گناهه ۾ وڌن. ۽ انهن لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافر اهو گمان هرگز نه ڪن ته اسان انهن کي جا مهلت ڏئي رهيا آهيون سا انهن جي لاءِ ڪا ڀلي آهي.اسان ته مهلت صرف ان لاءِ ٿا ڏيون ته جيئن گناهه گهڻا ڪن ۽ انهن لاءِ خواري وارو عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جن ڪفر ڪيو، پاڻ لئي، نه ڀائينِ، سي بهتر، جيڪي انهن کي ڏينهن ڏيون، نه ڏيون ڏينهن مگر، گھڻا گناهن جا، بار کڻن برسر، ۽ انهن لئي آخر، جٺ جھڙو جُڙيل جَنجال ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر اهو خيال نه ڪن ته اسان انهن کي جيڪا مهلت ڏيندا رهون ٿا، سا سندن حق ۾ ڪا چڱي آهي (نه) اسين ته رڳو انهن کي هن لاءِ مهلت ڏيون ٿا، ته هو گناهن ۾ وڌندا رهن. انهن لاءِ ذليل ڪندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ڍَرَ جيڪا اسان کين ڏيون پيا، ان کي اهي ڪافر پنهنجي لاءِ ڪا سٺي ڳالهه نه سمجهن، اسان کين ان ڪري ٿا ڍَرَ ڏيون ته جيئن اهي وڃن گناهه جو بار وڌائيندا، پوءِ انهن لاءِ سخت ذليل ڪندڙ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي ڍر پاڻ لاءِ بهتر نه سمجهن ڪافر، جيڪا کين ڏئي رهيا آهيون ان کي هي بيشڪ اها ڍر اصل ۾ انهيءَ ڪري ڏئي رهيا آهيون ته چڱيءَ طرح گناهن جو بار کڻن، پوءِ انهن لاٰءِ سخت ذليل ڪرڻ واري سزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ڪافر ڪڏهن به ان خوشفھميءَ ۾ نه رهن، ته اسان کين جيڪا ڍر ڏيون ٿا، سا انهن جي لاءِ ڪا ڀلائيءَ واري آهي. بيشڪ اسان ته ڍر ان ڪري ڏيون ٿا ته جيئن هو خوب گناهه ڪمائي وٺن. اهڙن ماڻهن لاءِ ئي ته ذليل ڪندڙ عذاب رکيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما كانَ اللَّهُ لِيَذَرَ المُؤمِنينَ عَلىٰ ما أَنتُم عَلَيهِ حَتّىٰ يَميزَ الخَبيثَ مِنَ الطَّيِّبِ وَما كانَ اللَّهُ لِيُطلِعَكُم عَلَى الغَيبِ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَجتَبى مِن رُسُلِهِ مَن يَشاءُ فَـٔامِنوا بِاللَّهِ وَرُسُلِهِ وَإِن تُؤمِنوا وَتَتَّقوا فَلَكُم أَجرٌ عَظيمٌ (آيت : 179) |
(اي منافقؤ) الله کي نه جڳائيندو آھي ته جنھن تي اوھين آھيو تنھن تي مؤمنن کي (به) ڇڏي ڏي تان جو پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري، ۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو اوھان کي ڳُجھ تي واقف ڪري پر الله پنھنجن پيغمبرن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي چونڊيندو آھي، پوءِ الله ۽ سندس پيغمبرن کي مڃيو، ۽ جيڪڏھن (اوھين) مڃيندؤ ۽ ڊڄندؤ ته اوھان لاءِ وڏو اجر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين ٿي نٿو سگهي ته الله تعاليٰ ايمان وارن کي انهي ئي حالت ۾ ڇڏي ڏئي جنهن حالت ۾ توهان هاڻي آهيو. الله تعاليٰ ضرور ائين ڪندو جو پليتن (منافقن) کي پاڪن (مومنن) کان الڳ ڪري ڏيکاريندو (ته آئينده لاءِ سڃاڻپ ٿئي) ۽ خدا جي سنت اها ناهي ته (هن باري ۾) غيب جي خبر ڏيئي ڇڏي (يعني منافقن جا نالا ٻڌائي) پر بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسولن مان جن کي وڻيس تنهن کي هن ڳالهه لاءِ چونڊي ٿو (يعني جيڪي الله تعاليٰ هن باري ۾ چاهيندو سو پنهنجي رسول ﷺ کي ٻڌائيندو) پوءِ (اي منافقو توهان جي سڌاري لاءِ هي آخري مهلت آهي) الله تي ۽ سندس رسول تي سچو ايمان رکو. جيڪڏهن توهان (هاڻي به) ايمان آڻيندؤ ۽ گناهن ۽ بدعملن کان پري رهندؤ ته توهان جي لاءِ وڏو اجر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى مسلمانن کي انهي حال تي ڇڏڻ مناسب نٿو سمجهي جنهن تي توهان آهيو ايستائين جو پليد کي پاڪ کان جدا نه ڪري، الله تعالى جو شان ناهي جو (عام ماڻهن کي) علم غيب جو ڏئي ۽ ها! الله تعالى منتخب فرمائي ٿو پنهنجن رسولن مان جنهنکي چاهي، پوءِ توهان الله تعالى ۽ ان جي رسولن تي ايمان آڻيو، ۽ جيڪڏهن توهان ايمان آندو ۽ پرهيزگار ٿيا ته پوءِ توهان لاءِ وڏو ثواب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (منافقو!) خدا اهڙو نه آهي جو بري ڀلي جي تميز ڪرڻ کان سواءِ جنهن حالت ۾ اوهين آهيو انهيءَ حالت تي مومنن کي به ڇڏي ڏئي ۽ خدا اهڙو به نه آهي جو توهان کي غيب جون ڳالهيون ٻڌائي. مگر (هاءُ)خدا پنهنجن رسولن مان جنهن کي گهري ته (غيب ٻڌائڻ لاءِ) چونڊي ٿو. پوءِ خدا ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن اوهين ايمان آڻيندو ۽ پرهيزگاري ڪندو ته اوهان لاءِ وڏو اجر آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه آهي الله (جي شان جي لائق) تانته ڇڏي ڏئي مؤمنن کي ان (حال ) تي جو اوهان ان تي آهيو تانجو جدا ڪري پليد کي پاڪ کان ۽ نه آهي الله (جو شان) تانته خبر ڏئي اوهان کي غيب جي ۽ پر الله برگزيدو بنائي ٿو پنهنجن رسولن مان جنهنکي گهري پوءِ ايمان آڻيو الله تي ۽ ان جي رسولن تي ۽ جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته پوءِ اوهان لاءِ ثواب وڏو آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله اهڙو نه آهي جو ايمان وارن کي ان (حال) تي ڇڏي جنهن تي اوهين (هاڻي) آهيو، ايتري تائين جو ناپاڪ کي پاڪ کان جدا (نه) ڪري. ۽ الله اهڙو نه آهي جو اوهان کي ڳجهه جي خبر ڏئي پر الله پنهنجن رسولن مان جنهن کي گهري تنهن کي چونڊي ٿو، پوءِ الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ پرهيزگاري ڪندؤ ته اوهان لاءِ وڏو اجر آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله مؤمنن کي ان حال تي هرگز ڪونه ڇڏيندو جنهن تي اوهان آهيو جيستائين ناپاڪ کي پاڪ کان جدا نه ڪري. ۽ الله جو اهو شان نه آهي جو اوهان (مان ڄڻي وڻي) کي غيب جو علم ڏئِي ڇڏي ۽ پر الله پنهنجي رسولن مان جنهن کي چاهي (علمِ غيب جي عطا لاءِ) چونڊيندو آهي. پوءِ الله ۽ ان جي رسولن تي ايمان آڻيو ۽ جيڪڏهن اوهان ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگاري ڪندا ته اوهان لاءِ زبردست اجر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مالڪ نه ڇڏي مؤمنين، هرگز مٿي تنهن حال، جنهن تي اوهين آهيو، تان چِٽو چڱِيءَ چال، ڪري پاڪ، پليد کان، اَلله جَلّ جلال، ۽ مٿي ڳجھ جي ڳالھ، آگاه نه ڪري اوهان کي. ۽ پنهنجي پيغمبرن مان پر، ڌڻي وڻيس، تنهن ڌُڻي، پوءِ مڃيو ربُّ رهبر، ۽ مرسل اُن جا مورهين. ۽ جي آڻيندا ايمان، ۽ رکندا خوف خدا جو، ته اُجورو احسان، آهي اوهان لئي وڏو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ايئن نه ڪندو، جو مومنن کي ان حال ۾ ڇڏي ڏي، جنهن ۾ اوهين آهيو، جيسين ناپاڪ کي پاڪ کان نه نکيڙي ۽ نڪي الله ايئن ڪندو، جو اوهان کي غيب کان واقف ڪري، مگر الله پنهنجي رسولن مان جنهن کي وڻيس انهن کي چونڊيندو آهي تنهنڪري الله ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو. جيڪڏهن ايمان آڻيندؤ ۽ نيڪ ٿيندؤ ته اوهان کي وڏو اجر ملندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله مؤمنن کي انهيءَ حالت ۾ ڪڏهن به نه ڇڏيندو جنهن ۾ توهان هن وقت آهيو. هو پاڪ ماڻهن کي پليتن کان ضرور الڳ ڪندو پر الله جو طريقو اهو نه آهي ته توهان کي غيب جي باري ۾ اطلاع ڏئي ڇڏي (غيب جون ڳالهيون ٻڌائڻ لاءِ ته) هو پنهنجن رسولن مان جنهن کي وڻيس چونڊي وٺي ٿو. تنهنڪري (غيب جي باري ۾) الله ۽ سندس رسول تي ايمان رکو. جيڪڏهن توهان ايمان وارو ۽ الله کان ڊڄڻ وارو طريقو اختيار ڪندؤ ته توهان کي تمام وڏو اجر ملندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪڏهن به الله انهيءَ حالت ۾ مؤمنن کي نه ڇڏيندو، جنهن ۾ توهان هن وقت آهيو، هو ضرور ناپاڪ ماڻهن کان پاڪ ماڻهن کي الڳ ڪندو، پر اهو طريقو نه آهي الله جو ته توهان کي غيب کان واقف ڪري، پر الله پنهنجي رسولن مان جنهن کي گُهري، ان کي (غيبي ڪمن لاءِ) چونڊي وٺندو آهي. ته پوءِ ايمان رکو الله ۽ سندس رسولن تي ۽ جيڪڏهن توهان خدا ترسيءَ جي راهه تي هلندا رهيا ته توهان کي ملندو وڏو اجر.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ڪڏهن به مؤمنن کي ان حالت ۾ رهڻ نه ڏيندو، جو منافق به ايمان جي ظاهري دعوى سان انهن ۾ شامل رهن، هو پاڪ ماڻهن کي ناپاڪ ماڻهن کان ڌار ڪري ڇڏيندو، الله تعالى توهان کي اها ڳجهه جي خبر نه ٻڌائيندو، بلڪ الله تعالى پنھنجي رسولن مان جنھن کي چاهي ان کي ڳجهه جون خبرون ٻڌائڻ لاءِ چونڊيندو آهي. اوهان صرف الله تعالى ۽ ان جي سڀني رسولن تي ايمان آڻيو، جيڪڏهن توهان ايمان آڻيندا ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا ته پوءِ اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا يَحسَبَنَّ الَّذينَ يَبخَلونَ بِما ءاتىٰهُمُ اللَّهُ مِن فَضلِهِ هُوَ خَيرًا لَهُم بَل هُوَ شَرٌّ لَهُم سَيُطَوَّقونَ ما بَخِلوا بِهِ يَومَ القِيٰمَةِ وَلِلَّهِ ميرٰثُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ بِما تَعمَلونَ خَبيرٌ (آيت : 180) |
۽ جيڪي الله پنھنجي فضل سان کين ڏنو آھي تنھن ۾ جيڪي بخل ڪن سي (اِئين) پٽيءَ نه ڀانئين ته اُھو (بُخل) کين ڪو چڱو آھي، بلڪ اُھو اُنھن لاءِ بڇڙو آھي، جنھن شيء جو بخل ڪيائون سا قيامت جي ڏينھن ڳٽ ڪري وجھبين، ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان رزق ڏنو آهي ۽ هو اهو مال خرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسائي ڪن ٿا سي ائين نه سمجهن ته ائين ڪرڻ سان هنن کي ڪا چڱائي رسندي. (نه نه) بلڪ ان مان هنن لاءِ وڏي برائي آهي. جلد قيامت جي ڏينهن اهو مال متاع جنهن کي گڏ ڪري روڪي رکڻ لاءِ ڪنجوسائي ڪن ٿا، تنهن مان (عذابن جو) ڳٽ ٺاهي هنن جي ڳچين ۾ وڌو ويندو ۽ ياد رکو ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سڀ الله جي ميراث آهي ۽ اوهان جيڪي به ڪيو ٿا، تنهنجي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بخيل گمان نه ڪن ته جيڪو الله تعالى پنهنجي مهرباني سان انهن کي ڏنو آهي اهو انهن لاءِ ڀلو آهي، بلڪ اهو انهن لاءِ خراب آهي عنقريب قيامت جي ڏينهن جيڪو بخل ڪيائون اهو سندن ڳچيءَ ۾ پوندو، ۽ الله تعالى وارث آهي آسمانن جو ۽ زمينن جو، ۽ الله تعالى توهان جي عملن کان خبردار آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن کي خدا پنهنجي فضل (۽ ڪرم) سان ڪجھ ڏنو آهي (۽ وري) بخل ڪن ٿا اهي ڪڏهن به اهو خيال نه ڪن ته اهو (بخل) ڪو انهن لاءِ چڱو آهي. بلڪ اهو انهن لاءِ بڇڙو آهي. (ڇو ته) جنهن (مال) ۾ بخل ڪيائون سو قيامت جي ڏينهن ڳٽِ ڪري وجهبَن. ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث (خاص) خدا جي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان خدا خبردار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه سمجهن اهي شخص جو بخيلي ٿا ڪن ان سان جو ڏنو انهن کي الله پنهنجي فضل سان ته اهو ڀلو آهي انهن لاءِ بلڪ اهو برو آهي انهن جي لاءِ جلد ئي ڳٽ بنائي وڌا ويندا اهو (مال) جو بخيلي ڪيائون ان سان قيامت جي ڏينهن ۽ الله جي لاءِ آهي ورثو آسمان ۽ زمين جو ۽ الله جيڪي ڪيو ٿا (ان جي) خبر رکندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي ان ۾ بخل ڪن ٿا جو الله انهن کي پنهنجي فضل مان ڏنو آهي، سي هيءُ خيال نه ڪن ته اهو (بخل) انهن لاءِ چڱو آهي، بلڪ اهو انهن لاءِ بڇڙو آهي .جنهن (مال) ۾ بخل ڪيائون سو قيامت جي ڏينهن ڳٽ ڪري وجهبن ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث (خاص) الله جي آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جيڪي الله جي ڏنل فضل (مال ۽ دولت) ۾ بخل ڪن ٿا اُهي هرگز اهو گمان نه ڪن ته اهو بخل ڪو انهن لاءِ ڀلو آهي! بلڪه اهو انهن لاءِ بُرو آهي. جلد قيامت واري ڏينهن اهو بخل وارو مال انهن جي ڳچيءَ جو ڳٽ بنايو ويندو. ۽ آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي آهي. ۽ الله اوهان جي عملن کان باخبر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سو ڀلو نه ڀائينِ، پاڻ لئي، جي ميري رکن مال، جو ڀلي پنهنجي ڀال مان، بخشيو کين بحال، بلڪ اُنهن لئي بُڇڙو؛ جو نه ڏِين، اُنهئ نال، ڏينهن قيامت ڪالھ، وِجھينِ ڳَٽ ڳچين ۾. ۽ آهن اُڀ، زمين جا، وَرثا واحد هار، ۽ جيڪي ڪن ڪم ڪار، آگو آگاه اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص ان مال ۾ بخيلي ڪن ٿا جيڪو الله کين پنهنجي فضل سان ڏنو آهي، سي ان (بخل) کي پاڻ لاءِ چڱو نه سمجهن، بلڪ اهو انهن لاءِ بڇڙو آهي، قيامت جي ڏينهن اهو مال کين ڳٽ ڪري وجهبو، جنهن بابت هو بخل ڪري رهيا آهن. ۽ آسمانن ۽ زمين جو وارث الله ئي آهي ۽ الله کي اوهان جي عملن جي پوري خبر آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي الله پنهنجي فضل سان نوازيو آهي، پوءِ به هو ڪنجوسائي ڪن ٿا. اهي ائين نه سمجهن ته اها ڪنجوسائي ڪا انهن لاءِ چڱي آهي، نه نه، اها انهن لاءِ ڏاڍي بري آهي. جيڪي ڪجهه هو پنهنجي ڪنجوسائيءَ سان ميڙي رهيا آهن، سو ئي قيامت جي ڏينهن سندن ڳچيءَ جو ڳٽ بڻايو ويندو. آسمانن ۽ زمين جي ميراث الله جي ئي لاءِ آهي ۽ توهان جيڪي ڪجهه ڪريو پيا الله ان کان باخبر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه رهن اهي ان خيال ۾ جن ماڻهن کي الله پنهنجي فضل سان نوازيو آهي پر اهي بخل کان ڪم وٺن ٿا ته اها ڪنجوسي انهن لاءِ چڱي آهي. نه، پر اها ته انهن لاءِ بنهه بري آهي، هو جيڪي ڪجهه پنهنجي ڪنجوسائپ سان ڪري رهيا آهن، اهو قيامت جي ڏينهن انهن لاءِ ڳچيءَ جو طوق ٿيندو، الله جي لاءِ آسمانن ۽ زمين جي ميراث آهي ۽ الله توهان جي هر عمل کان چڱيءَ طرح باخبر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪنجوسي ڪرڻ وارا ماڻهو اهو نه سمجهن ته الله تعالى جيڪو ڪجهه کين پنھنجي مھربانيءَ سان ڏنو آهي، ان ۾ هو ڪنجوسي ڪري ڪو ڀلو ڪم ڪن ٿا، اها ڪنجوسي سندن لاءِ انتھائي بري آهي، هي ماڻهو جيڪو به ميڙي گڏ ڪري رکن ٿا، اهو قيامت جي ڏينھن سندن ڳچين جو ڳٽ بنايو ويندو، آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ الله تعالى جي ملڪيت آهي، توهان جيڪو به ڪريو ٿا، الله تعالى ان کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَقَد سَمِعَ اللَّهُ قَولَ الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ فَقيرٌ وَنَحنُ أَغنِياءُ سَنَكتُبُ ما قالوا وَقَتلَهُمُ الأَنبِياءَ بِغَيرِ حَقٍّ وَنَقولُ ذوقوا عَذابَ الحَريقِ (آيت : 181) |
بيشڪ الله اُنھن جو چوڻ ٻڌو جن چيو ته الله سڃو آھي ۽ اَسين شاھوڪار آھيون، جيڪي چيائون سو لکنداسون ۽ اُنھن جو پيغمبرن کي ناحق ڪھڻ به ۽ (آخرت ۾) چونداسون ته ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله تعاليٰ انهن ماڻهن (منافقن) جو قول ٻڌو آهي، جن چيو ته الله محتاج آهي ۽ اسان دولتمند آهيون (جو هر هر اسان کان سندس نالي تي لڙائي وغيره لاءِ مال گهريو وڃي ٿو) اسان جلد سندس اهو قول لکي ڇڏينداسين (يعني هي جو الله جي انهيءَ حڪم تي مسخريون ٿا ڪن ته، ”خدا جي راه ۾ خرچ ڪيو“، سو جلد کين محتاج ۽ تباه ڪنداسين) ۽ پڻ سندن هي عمل لکي ڇڏينداسين جو ناحق نبين کي قتل ڪندا هئا، پوءِ (جڏهن هن قول ۽ عمل جو بدلو پيش ايندن تڏهن) چونداسين ته هاڻي جهنم جي عذاب جو مزو چکو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ٻُڌو چوڻ انهن ماڻهن جو جن چيو ته بيشڪ الله تعالى فقير آهي ۽ اسين شاهوڪار آهيون، اسين جلدي لکڻ جو حڪم ڪنداسين جيڪو انهن چيو، انهن نبين کي ناحق شهيد ڪيو، ۽ اسين (انهن) کي آخرت ۾ چونداسين چکو توهان باه جي عذاب کي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جي ماڻهو (يهودي) چون ٿا ته خدا ڪنگال آهي اسين وڏا مالدار آهيون خدا انهن جي اها بڪواس ٻڌي انهن جو ڪجھ ڪيو ان کي ۽ انهن جو پيغمبر کي ناحق قتل ڪرڻ اسين لکندا وڃون ٿا ۽ (اڄ ته جو به جيءَ ۾ اچين سو چون پر قيامت جي ڏينهن) اسين چونداسين ته (چڱو ته وٺو پنهنجين شرارتن جي عوض ۾) ساڙڻ واري جو عذاب جو مزو چکيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته تحقيق ٻڌو الله چوڻ انهن جو جو چيائون ته بيشڪ الله محتاج آهي ۽ اسين شاهوڪار آهيون جلدي لکنداسون جيڪو چيائون ۽ قتل ڪرڻ انهن جي طرفان نبين کي ناحق ۽ چونداسون ته چکو عذاب ساڙيندڙ باهه جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ الله انهن جي ڳالهه ٻڌي جن چيو ته الله سُڃو آهي ۽ اسين شاهوڪار آهيون جيڪي انهن چيو سو ۽ انهن جو نبين کي ناحق قتل ڪرڻ به اسين لکنداسون ۽ چونداسون ته ٻرندڙ باهه جو عذاب چکو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) البته تحقيق الله انهن ماڻهن جي ڳالهه ٻڌي جن چيو ته: ”الله محتاج آهي ۽ اسان شاهوڪار آهيون“. سگھوئي اسان لکنداسين جيڪي ڪجھه چيائون. ۽ انهن جو نبين کي ناحق قتل ڪرڻ به (لکي رکنداسين) ۽ (ائين) چونداسين ته: ”ساڙيندڙ (باهه جو) عذاب چکو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُئـِي ڳالھ ستار، اُنهن جِي، جن آکيو، ته خُدا خود آھِ کُـٽل، ۽ اسين دُنيادار، ساري لکندا سون صحي، جو ٻوليائون ٻِيهار، پڻ قتل ڪرڻ نبـين کي، انهن جو، عيوض ڌار، حڪم ڪنداسون هيڪار، ته چکو سزا ساڙ جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله انهن جو چوڻ ٻڌو، جي چون ٿا ته ”الله غريب آهي ۽ اسين شاهوڪار آهيون“ جيڪي چون ٿا ان کي به اسين لکون ٿا ۽ هنن جو پيغمبرن کي ناحق قتل ڪرڻ به ۽ (قيامت ڏينهن) کين چونداسون ته ساڙيندڙ باهه جو عذاب چکو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله انهن ماڻهن جا چيل لفظ ٻڌا، جيڪي چون ٿا ته الله سـُـڃو آهي ۽ اسان شاهوڪار آهيون، انهن جون اهي ڳالهيون به اسان لکي ڇڏينداسون ۽ اڳي جيڪو نبين کي ناحق پئي قتل ڪيو اٿن سو به سندن اعمالنامي ۾ لکيل آهي. (جڏهن فيصلي جو وقت اچي ويو ته) اسان کين چونداسين ته چڱو هاڻي جهنم جي عذاب جو مزو چکو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻڌي ورتو الله انهن ماڻهن جو قول جيڪي چون ٿا ته حقيقت ۾ الله فقير آهي ۽ اسين شاهوڪار (غني) آهيون، لکي ورتيون سين انهن جون ڳالهيون ۽ انهيءَ کان اڳ اهي نبين کي قتل ڪندا رهيا ناحق، ۽ اهو به سندن اعمالنامي ۾ درج آهي، فيصلي جي وقت چونداسين ته اچو، جهنم جي عذاب جو مزو چکو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى انهن (يھودين) جي ڳالهه ٻڌي ورتي، جن چيو ته الله تعالى محتاج آهي ۽ اسين مالدار آهيون، انهن جيڪو ڪجهه چيو، اهو ۽ نبين سڳورن جا ناحق قتل اسان سندن کاتي ۾ لکي ڇڏينداسين، پوءِ فيصلي واري ڏينھن اسان کين چـونداسين ته جھنم جي عذاب جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذٰلِكَ بِما قَدَّمَت أَيديكُم وَأَنَّ اللَّهَ لَيسَ بِظَلّامٍ لِلعَبيدِ (آيت : 182) |
اھا (سزا) اِنھيءَ سببان آھي جو اوھان جي ھٿن اڳ موڪليو آھي ۽ (ھن سببان) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪري اڳتي موڪليو آهي تنهنجو ئي اهو نتيجو آهي، الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اها سزا آهي جيڪي توهان عمل ڪيا آهن ۽ بيشڪ الله تعالى ٻانهن تي ظلم ڪندڙ ناهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هي انهن ڪرتوتن جو بدلو اٿو جيڪو اوهان جي هٿن (آخرت جو توشو بڻائي) اڳي ئي موڪليو آهي. نه ته خدا ته ڪڏهن به پنهنجي (بندن) تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو ان جي ڪري آهي جو اڳ ۾ موڪليو هٿن اوهان جي ۽ بيشڪ الله ناهي ظلم ڪندڙ ٻانهن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهو (بدلو) انهن (ڪمن) جي ڪري آهي جن کي اوهان جي هٿن اڳي موڪليو ۽ هن ڪري ته الله ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي انهن عملن جو بدلو آهي جيڪي اوهان جا هٿ اڳتي موڪلي چڪا آهن ۽ بيشڪ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اها سزا اِن ڪري، ته ٻَڌِي بار ڀَرو، اَهنجي هٿن اُماڻيو، کَـٽيو اڳ کَرو، ۽ ظالم ناهِ ذرو، ٻانهن تي، ٻاجھ ڌڻي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها (سزا) اوهان جي هٿن جي ڪمائي جي آهي، جا اڳ موڪليندا رهيؤ ۽ خدا پنهنجن ٻانهن تي بلڪل ظلم نٿو ڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو توهان جي پنهنجي هٿن جو ڪيو ڪرتيو آهي. الله ڪڏهن به پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اها توهان جي هٿن جي ڪمائي آهي ۽ بيشڪ (ڪڏهن به) الله پنهنجن بندن جي لاءِ ظالم نه آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان دنيا ۾ جيڪا پنھنجي هٿن سان ڪمائي ڪئي هئي، هي ان جو نتيجو آهي، بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ قالوا إِنَّ اللَّهَ عَهِدَ إِلَينا أَلّا نُؤمِنَ لِرَسولٍ حَتّىٰ يَأتِيَنا بِقُربانٍ تَأكُلُهُ النّارُ قُل قَد جاءَكُم رُسُلٌ مِن قَبلى بِالبَيِّنٰتِ وَبِالَّذى قُلتُم فَلِمَ قَتَلتُموهُم إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 183) |
جيڪي چون ٿا ته الله اسان سان انجام ڪيو آھي ته ڪنھن پيغمبر تي ايستائين ايمان نه آڻيون جيستائين (ھو اھڙي) قرباني اسان وٽ (نه) آڻي جو اُن (قربانيءَ) کي باہ کائي، (اي پيغمبر کين) چئو ته بيشڪ مون کان اڳ ڪيترن پيغمبرن مُعجزا ۽ (ٻيو) جيڪي چيوَ سو اوھان وٽ آندو پوءِ جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اُنھن (پيغمبرن) کي ڇالاءِ ڪٺوَ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ماڻهو (يهودي) چون ٿا ته الله اسان کان عهد ورتو آهي ته اسان ڪنهن به رسول تي ايمان نه آڻيون جيستائين هو اسان وٽ اهڙي قرباني نه آڻي جنهن کي باهه کائي وڃي، تون کين چيو ته مون کان اڳي الله جا ڪيترائي رسول سچائيءَ جي روشن دليلن سان اوهان ڏي آيا ۽ انهيءَ ڳالهه سان آيا جا چئي رهيا آهيو (يعني باه ۾ ساڙڻ واري قرباني سان آيا) پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي قول ۾ سچا آهيو ته ڇو توهان (انهن تي ايمان آڻڻ بدران) هنن کي قتل ڪندا رهيؤ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي جيڪي چون ٿا ته الله تعالى سان اسان وعدو ڪري ڇڏيو آهي ته اسين ڪنهن رسول تي ايمان نه آڻينداسين جيستائين اهڙِي قرباني جو حڪم نه آڻي جنهنکي باه نه کائي، اي حبيب ! توهان فرمايو بيشڪ توهان وٽ مون کان اڳ ۾ معجزن سان رسول آيا ۽ اهو حڪم کڻي آيا جيڪو توهان چئو ٿا پوءِ توهان انهن رسولن کي ڇو شهيد ڪيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هي اهي ماڻهو آهن) جي چون ٿا ته خدا ته اسان سان عهد ڪيو آهي ته جيستائين ڪو به (رسول) اسان کي هي (معجزو) نه ڏيکاري جو اهو قرباني ڪري ۽ ان کي (آسماني) باھ اچي کائي وڃي تيستائين اسين ايمان نه آڻينداسون (اي رسول تون چوين ته ڀلا هي ٻڌايو) ڪيئي پيغمبر مون کان اڳ اوهان وٽ ظاهر ۽ روشن معجزا ۽ جنهن ڳالھ جي اوهان (هن وقت فرمائش ڪئي آهي اها به) لاءِ آندي پوءِ جيڪڏهن اوهين (پنهنجي ڳالھ ۾) سچا آهيو ته اوهان انهن کي ڇو قتل ڪيو؟.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي (ماڻهو) جو چيائون ته بيشڪ الله وعدو ڏنو آهي اسان کي ته نه ايمان آڻيون ڪنهن به رسول تي تانجو آڻي اسان وٽ اهڙي قرباني جو کائي وڃي ان کي باهه فرماءِ ته! تحقيق آيا اوهان وٽ رسول مون کان اڳ چٽن دليلن ۽ ان (دليل) سان جو چيُوَ پوءِ ڇو ٿي شهيد ڪيُوَ انهن کي جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن چيو ته الله اسان کي تاڪيد ڪيو آهي ته اسين ڪنهن رسول تي ايمان نه آڻيون جيستائين اسان وٽ اهڙي قرباني نه آڻي جنهن کي باهه کائي (کين) چؤ ته اوهان وٽ مون کان اڳ ڪيترائي رسول ظاهر نشانيون ۽ جيڪي اوهان چيو سو به کڻي آيا، پوءِ ڇو اوهان انهن کي قتل ڪيو جيڪڏهن اوهين سچا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن چيو ته: ”الله اسان سان معاهدو ڪيو آهي ته ڪنهن به رسول تي تيستائين ايمان نه آڻيون جيستائين اسان تي اهڙي قرباني آڻي جنهن کي باهه کائي وڃي“. چؤ: ”بيشڪ اوهان وٽ مون کان اڳ به رسول چِٽا دليل کڻي آيا هئا ۽ اُها شيءِ به (کڻي آيا) جيڪا توهان چئو ٿا پوءِ اوهان انهن (نبين) کي قتل ڇو ڪيو؟ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جن چيو، الله اسان سان، ٻوليو ٻاجھ ڀري، ته نه مڃيون ڪنهن مرسل کي، تان قرباني ڪري، اچيس باه ڀَري، پوءِ صفا ساڙي ناس ڪري. چئو اَوس آيان اڳ ۾، مُرسل مڻياندار، آيتن سان، ۽ اُن سان، ٻوليان جو ٻيهار، جي آهيو صِحي سچار، ته پوءِ ڪوه ڪُٺان اُنهن کي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص چون ٿا ته ”الله اسان کان واعدو ورتو آهي ته جيسين ڪو رسول اسان وٽ اهڙو نياز نه آڻي، جنهن کي باهه کائي، تيسين اسين ايمان نه آڻينداسون. چئو ته اوهان وٽ مون کان اڳ ڪيئي رسول پڌريون نشانيون وٺي آيا ۽ جيڪي اوهين طلبيو ٿا، سو به آندائون، جيڪڏهن اوهين سچا آهيو، ته پوءِ انهن کي ڇو قتل ڪيوَ؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو چون ٿا ته "الله اسان کي تاڪيد ڪيو آهي ته اسان ڪنهن کي به تيستائين رسول ڪري نه مڃيون، جيستائين هو اسان جي سامهون اهڙي قرباني نه ڪري جنهن کي (غيب کان اچي) باهه کائي وڃي". چوين ته "توهان وٽ مون کان اڳ ڪيترائي رسول اچي چڪا آهن، جن گهڻيون ئي پڌريون نشانيون آنديون هيون ۽ اها نشاني به آندي هئي، جنهن جي ڳالهه توهان ڪريو ٿا، پوءِ جيڪڏهن (ايمان آڻڻ لاءِ اهو شرط پيش ڪرڻ ۾) توهان سچا آهيو ته انهن رسولن کي ڇو قتل ڪيوَ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو چون ٿا ته بيشڪ ”الله اسان کي هدايت ڪئي آهي ته اسين ڪنهن کي رسول ڪري نه مڃون، جيتر هو اسان جي آڏو اهڙي قرباني نه ڪري جنهن کي (غيب کان) باهه اچي کائي وڃي.“ کين چؤ، توهان وٽ ڪيترا رسول مون کان اڳ چٽين نشانين سان آيا هئا، جنهن جو توهان ذڪر ڪريو ٿا، ته پوءِ توهان انهن کي قتل ڇو ڪيو؟ جي توهان (ايمان آڻڻ ۾) سچا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يھودي چون ٿا ته بيشڪ الله تعالى اسان کي هدايت ڪئي آهي، ته اسين ڪنھن به رسول کي نه مڃينداسين جيستائين هو اسان جي سامھون قرباني نه ڪري ۽ پوءِ آسمان مان باهه اچي ان قربانيءَ کي نه ساڙي ڇڏي، (اي نبي ﷺ) کين چؤ ته توهان وٽ مون کان اڳ به ڪيترائي نبِي سڳورا واضح نشانيون کڻي آيا ۽ انهن نبين سڳورن ۾ قرباني ڪرڻ وارا نبِي به هئا، جن جو توهان ذڪر خير ڪندا رهو ٿا پوءِ جيڪڏهن اوهان سچا آهيو ته توهان انهن نبين سڳورن کي ڇو قتل ڪيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن كَذَّبوكَ فَقَد كُذِّبَ رُسُلٌ مِن قَبلِكَ جاءو بِالبَيِّنٰتِ وَالزُّبُرِ وَالكِتٰبِ المُنيرِ (آيت : 184) |
پوءِ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانيائون ته بيشڪ توکان اڳ ڪيترا پيغمبر ڪوڙا ڀانيا ويا ھؤا (جن) ڪيتريون حجتون ۽ ڪيترا صحيفا ۽ نوراني ڪتاب (وٽن) آندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هي ماڻهو جيڪڏهن توکي ڪوڙو چئي رهيا آهن (ته رڳو توسان اها روش نه ورتي اٿن) توهان کان اڳي ڪيترائي رسول وٽن آيا جن کي ساڳيءَ طرح ڪوڙو ڪوٺي سندن منڪر ٿيا. اگرچه اهي رسول چٽن دليلن ۽ (حڪمت وارن خدائي) ڪتابن ۽ (شريعت جي) روشن حڪمن سان وٽن آيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن توهان جي تڪذيب ڪن ٿا پوءِ بيشڪ انهن رسولن جي تڪذيب ڪئي وئي جيڪي توهان کان اڳ ۾ معجزا ۽ آسماني ڪتاب ۽ تورات ۽ انجيل کڻي آيا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) پوءِ جيڪڏهن تو کي اڃا به ڪوڙو چون ته (تون رنج نه ڪر) ڇو ته تو کان اڳي به ڪيترن ئي پيغمبرن ظاهر معجزا ۽ صحيفا ۽ نوراني ڪتاب آندا (پر) تڏهن به انهن ماڻهن هنن کي ڪوڙو چيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن ڪوڙو ٿا چون توکي پوءِ تحقيق ڪوڙا سڏيا ويا رسول توکان اڳ آيا چٽن دليلن ۽ صحيفن ۽ روشن ڪتاب سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن توکي ڪوڙو ڪن ته توکان اڳي به رسولن کي ڪوڙو ڪيو ويو آهي جي ظاهر نشانيون ۽صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اگر اهي توکي ڪوڙو چون ٿا ته بيشڪ توکان اڳين رسولن کي به ڪوڙو چيو ويو هيو جيڪي چِٽا دليل ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي توکي، ڪوڙو ڪوٺيون، ته ڪوڙا ڪوٺيون ڪالھ، مُرسل توکان مَهند ڀرا، آين نشانين نال، پُڻ نُسخا نور نِهال، پڻ صحِي صاف ڪتاب سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اهي توکي ڪوڙو ٿا ڪن ته، توکان اڳ گهڻن ئي رسولن کي ڪوڙو ڪري چڪا آهن، جن روشن نشانيون ۽ صحيفا ۽ روشن ڪتاب (به) آندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي اي نبي! جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي ڪوڙو سڏين ٿا ته ڪيترائي رسول توکان اڳ ڪوڙا سڏجي چڪا آهن، جن صاف چٽيون نشانيون ۽ صحيفا ۽ هدايت ڏيندڙ ڪتاب آندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي محمد!) جي هي ماڻهو توکي ڪوڙو چون ٿا ته تو کان پهرين به ڪيترا ئي رسول ڪوڙا ڪيا ويا جن چٽيون نشانيون، صحيفا ۽ روشني بخشيندڙ ڪتاب آندا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) جيڪڏهن هي ماڻهو توهان کي ڪوڙو ڪن ٿا، ته اوهان کان اڳ هي ڪيترن رسولن کي به ڪوڙو ڪري چڪا آهن، جيڪي انهن وٽ صاف نشانيون، صحيفا ۽ روشن ڪتاب کڻي آيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ وَإِنَّما تُوَفَّونَ أُجورَكُم يَومَ القِيٰمَةِ فَمَن زُحزِحَ عَنِ النّارِ وَأُدخِلَ الجَنَّةَ فَقَد فازَ وَمَا الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا مَتٰعُ الغُرورِ (آيت : 185) |
سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکندڙ آھي، ۽ ھن کان سواءِ (ٻيوڪجھ ڪرڻو) نه آھي جو اوھان کي قيامت جي ڏينھن پورو اجر ڏبو، پوءِ جنھن کي باہ کان پري ڪيو ويو ۽ بھشت ۾ گھيڙيو ويو سو بيشڪ مراد کي پھتو، ۽ دنيا جي حياتي ٺڳيءَ جي سامان کانسواءِ نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مسلمانو! ياد رکو ته) هر هڪ نفس کي آخر موت جو مزوچکڻو آهي ۽ اوهان جي عملن جو بدلو اوهان کي قيامت جي ڏينهن پورو پورو ملندو. انهيءَ ڏينهن جيڪو به دوزخ جي باه کان بچايو ويندو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويندو انهيءَ ئي ڪاميابي ۽ نعمتون حاصل ڪيون. ياد رکو ته هن دنيا جي زندگي (عيش عشرت جو سامان) فقط فريب جو سامان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هر نفس کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، توهان کي ته توهان جو ثواب قيامت جي ڏينهن پورو پورو ملندو، پوءِ جيڪو انسان جهنم کان پري ڪيو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو پوءِ بيشڪ اهو ڪامياب ٿيو ۽ ناهي دنيا جي حياتي مگر وڏائيءَ جو سامان.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ڪو نفس (هڪ نه هڪ ڏينهن) موت جو مزو چکيندو ۽ اوهين قيامت جي ڏينهن (پنهنجي ڪئي) جو پورو پورو بدلو پائيندو پوءِ جيڪو جهنم کان پري ڪيو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو اهو ئي ڪامياب ٿيو. ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي کانسواءِ ڪجھ نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هر جاندار موت چکندڙ آهي ۽ تحقيق پورو بدلو ڏنا ويندؤ پنهنجن اجرن جو قيامت جي ڏينهن پوءِ جيڪو پري ڪيو ويو باهه کان ۽ داخل ڪيو ويو بهشت ۾ پوءِ تحقيق ڪامياب ٿيو ۽ ناهي حياتي دنيا جي مگر ڌوڪي جو سامان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀڪو نفس موت جو مزو چکندڙ آهي۽ رڳو قيامت جي ڏينهن اوهان کي پورا بدلا ڏنا ويندا. پوءِ جنهن کي باهه کان پري ڪيو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو سو ڪامياب ٿيو ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر ساهه واري کي موت چکڻو آهي. ۽ بيشڪ قيامت واري ڏينهن اوهان کي پورا اجورا ڏنا ويندا. پوءِ جيڪو باهه کان بچائي جنت ۾ داخل ڪيو ويو ته اهو بلاشڪ ڪامياب ٿي ويو. ۽ دنيا جي زندگي ٻيو ڪجھه به ناهي سواءِ دوکي جي سامان جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر هڪ تَن تمام، چکڻو مزو موت جو، ۽ ڏبان ڏينهن قيام، پورو پنهنجو پورهيو. جو بَچيو ڪنان باهِ، ۽ مليس جاءِ جنت ۾، تنهن مرادون ماڻيون، ڪئي سڀ ڪجھ سوڀ صباح، ۽ ري ٺڳي ۽ ٺاه، نفعو نه ننڍِي ڄمار ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر شخص کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ اوهان کي قيامت جي ڏينهن پورو پورو بدلو ڏبو، پوءِ جيڪو دوزخ جي باهه کان هٽايو ويو ۽ بهشت ۾ داخل ٿيو، بيشڪ ان مراد حاصل ڪئي ۽ دنيا جي حياتي ته رڳو دوکي جو سامان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر شخص کي نيٺ مرڻو آهي ۽ توهان سڀئي پنهنجا پورا پورا اجر قيامت جي ڏينهن حاصل ڪرڻ وارا آهيو. حقيقت ۾ اهو ڪامياب آهي جيڪو دوزخ جي باهه کان بچي وڃي ۽ بهشت ۾ داخل ڪيو وڃي. باقي هيءَ دنيا ته رڳو دوکي جو سامان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر ڪنهن شخص کي نيٺ موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ بيشڪ هرڪو پنهنجو پنهنجو اجورو ڏينهن قيامت جي ماڻيندو. اصل ۾ ڪامياب اهو آهي جيڪو دوزخ جي باهه کان اتي بچي ۽ جنت ۾ داخل ڪيو وڃي، ۽ رهي هيءَ دنيا جي حياتي ته اها ظاهر ظهور دوکي واري شيءِ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بس!) هر زندهه شيءِ کي موت جو مزو چکڻو آهي ۽ توهان سڀني کي قيامت جي ڏينھن پورو پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ جيڪو شخص باهه کان بچايو ويو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويو بس! اهو ئي ڪامياب ٿي ويو، دنيا جي زندگي ته رڳو ظاهري ڌوڪي جي شيءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَتُبلَوُنَّ فى أَموٰلِكُم وَأَنفُسِكُم وَلَتَسمَعُنَّ مِنَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ مِن قَبلِكُم وَمِنَ الَّذينَ أَشرَكوا أَذًى كَثيرًا وَإِن تَصبِروا وَتَتَّقوا فَإِنَّ ذٰلِكَ مِن عَزمِ الأُمورِ (آيت : 186) |
(اوھين) پنھنجن مالن ۽ پنھنجين جانين ۾ ضرور پرکبو، ۽ جن کي اوھان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آھي تن کان ۽ مشرڪن کان گھڻيون گاريون ضرور ٻڌندؤ، ۽ جيڪڏھن صبر ڪندؤ ۽ الله کان ڊڄندؤ ته اِھا (عادت) ھمت جي ڪمن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً توهان پنهنجي مال ملڪيت ۽ جانين جي باري ۾ آزمائش ۾ وڌا ويندو ۽ يقيناً اهل ڪتاب ۽ عرب مشرڪن کان گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌندؤ جي ٻڌي توهان کي ڏک ٿيندو. پر جيڪڏهن توهان صبر اختيار ڪندؤ (۽ مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به حق جي راهه تي ثابت قدم رهندؤ) ۽ تقويٰ کي نه ڇڏيندؤ (يعني حق جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان بچندؤ) ته پوءِ بيشڪ وڏن اهم ڪمن ۾ هيءَ وڏي عزم ۽ همت جي ڳالهه ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ ضرور توهان جي آزمائش ٿيندي توهان جي مالن ۽ جانن سان، ۽ بيشڪ ضرور توهان اڳين اهلِ ڪتاب وارن کان ۽ مشرڪن کان زياده سخت گفتگو ٻڌندا، ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو ۽ خوفِ خدا رکيو پوءِ بيشڪ اهو وڏي همت جو ڪم آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مسلمانو!) اوهان کي اوهان جي مالن ۽ اوهان جي جانن ۾ ضرور آزمايو ويندو. ۽ جن کي اوهان کان اڳ خدا جو ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودي ۽ نصارن کي) تن کان ۽ مشرڪن کان گهڻي بدگوئي ٻڌندو ۽ جيڪڏهن اوهين انهن جي برين ڳالهين تي صبر ڪندو ۽ پرهيزگاري ڪندا رهندو ته (پوءِ) بيشڪ اهو وڏي همت جو ڪم آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) البته ضرور آزمايا ويندؤ پنهنجن مالن ۽ پنهنجن سرن ۾ ۽ البته ضرور ٻڌندؤ انهن کان جو ڏنا ويا ڪتاب اوهان کان اڳ ۾ ۽ انهن کان جو شرڪ ڪيائون ايذاءُ ڪندڙ ڳالهيون گهڻيون ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ پرهيزگاري ڪندؤ ته پوءِ بيشڪ اها (ڳالهه) پڪن امرن مان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي اوهان جي مالن ۽ اوهان جي نفسن ۾ ضرور آزمايو ويندو. ۽ جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو آهي، تن کان ۽ مشرڪن کان گهڻي بدگوئي ٻڌندؤ. ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ پرهيزگار ٿيندؤ ته بيشڪ اهو همٿ جي ڪمن مان آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مؤمنو!)ضرور اوهان جي آزمائش ڪئي ويندي اوهان جي مالن ۽ اوهان جي جانين ۾. ۽ ضرور توهان ٻڌندؤ گھڻيون ايذائيندڙ ڳالهيون (يعني طعنا مهڻا) انهن ماڻهن کان جن کي اوهان کان اڳ ڪتاب ڏنو ويو هيو ۽ انهن ماڻهن کان جن شرڪ ڪيو. ۽ جي اوهان صبر ۽ پرهيزگاري ڪندا رهو ته اهو وڏي همت جي ڪمن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَرکباپنهنجي مال ۾، ۽ جِيَن ۾ ضرور، ۽ ٻُڌندا اُنهن کان، اوهان، جن مهند مليو مذڪو، گھڻيون گند ڳالهيون، ۽ تن کان، جي مشرڪ آهن مور، پوءِ جي پليندا پاڻ کي، ۽ سهندا سختيون سُور، پوءِ ڌُريان اِي دستور، ڪنهن پَہ پڪي پَرياڻ جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي مومنو!) اوهين پنهنجن مالن ۽ جانين ۾ ضرور آزمائبؤ ۽ اوهين ڪتاب وارن ۽ مشرڪن کان گهڻي ئي ايذاءَ ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌندؤ . پوءِ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ۽ خدا ترس ٿيندؤ، ته اهي وڏي همت جا ڪم آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مسلمانو، توهان تي مال ۽ جان ٻنهي جون آزمائشون اچڻيون آهن ۽ توهان اهلِ ڪتاب ۽ مشرڪن کان گهڻيون ئي ڏکوئيندڙ ڳالهيون ٻڌندؤ. جيڪڏهن توهان انهن سڀني حالتن ۾ صبر ڪيو ۽ الله کان ڊڄڻ وارا ٿي رهندؤ ته اهو ڏاڍو همت وارو ڪم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مسلمانؤ! ضرور آزمايو ويندو توهان کي مال ۽ جان ٻنهي قربانين سان ۽ ٻڌندا توهان اهل ڪتاب ۽ مشرڪن کان گهڻيون ڏکوئيندڙ ڳالهيون، جيڪڏهن انهن مڙني حالتن ۾ توهان صبر ۽ خدا ترسيءَ جي راهه تي قائم رهندؤ ته اهو وڏي حوصلي وارو ڪم آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي مؤمنو! توهان جي مٿان مال ۽ جانين ٻنهي جي آزمائش ايندي رهندي ۽ اوهان اهل ڪتاب ۽ مشرڪن جي واتان گهڻيون ئي تڪليف ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌندا، پوءِ جيڪڏهن صبر کان ڪم وٺندا ۽ پرهيزگاري اختيار ڪندا ته بيشڪ اهو وڏي دليريءَ وارو ڪم آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ أَخَذَ اللَّهُ ميثٰقَ الَّذينَ أوتُوا الكِتٰبَ لَتُبَيِّنُنَّهُ لِلنّاسِ وَلا تَكتُمونَهُ فَنَبَذوهُ وَراءَ ظُهورِهِم وَاشتَرَوا بِهِ ثَمَنًا قَليلًا فَبِئسَ ما يَشتَرونَ (آيت : 187) |
۽ (ياد ڪر) جڏھن الله ڪتاب وارن کان ھن لاءِ (پڪو) انجام ورتو ته اُن (ڪتاب) کي ماڻھن لاءِ بيان ڪجو ۽ اُن کي نه لڪائجو، پوءِ اُن (انجام) کي پنھنجين پٺين پوئتان اُڇلايائون ۽ اُن جي عيوض ٿورو مُلھ ڳڌائون، پوءِ جيڪي ڳنھندا آھن سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ اهل ڪتاب کان عهد ورتو هو ته اهو ڪتاب (۽ ان جا حڪم) ماڻهن کي چٽا ڪري ٻڌائجو ۽ هرگز نه لڪائجو. پر هنن (اهو عهد پورو نه ڪيو) ۽ الله جي ڪتاب کي پٺئين پاسي اڇلائي ڇڏيائون (يعني خسيس وقتي فائدي لاءِ دائمي وڏا فائدا وڃائي ڇڏيائون) پوءِ ڪهڙي نه خراب اها قيمت آهي جا (حق فروشي جي بدلي ۾) حاصل ڪيائون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! توهان ياد ڪريو جڏهن الله تعالى اهلِ ڪتاب وارن کان پڪو وعدو ورتو ته توهان ضرور ضرور (رسولِ عربي جي نبوت) ماڻهن لاءِ بيان ڪندا ۽ انهيءَ ڳالهه کي نه لڪائيندا پوءِ انهن انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي پٺيءَ جي پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ انهيءَ جي عيوض ٿورڙو مُلهه ورتائون، پوءِ ڪهڙي نه بڇڙي خريداري آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول! هنن کي اهو وقت به ياد ڏياريو! جڏهن خدا هنن اهل ڪتاب کان انجام ورتو هو ته اوهين ان کي (خدا جي ڪتاب کي) سڀني ماڻهن لاءِ صاف صاف بيان ڪجو ۽ (خبردار) ڪا به ڳالھ هن جي لڪائجو نه! پر هنن (ذرو به خيال نه ڪيو) ۽ ان ڳالھ کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ ان جي عوض ۾ (بلڪل) معمولي قيمت ورتائون. پوءِ اهو ڪهڙو نه بڇڙو (سودو) آهي جيڪو هي خريد ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن ورتو الله وعدو انهن کان جو ڏنا ويا ڪتاب ته البته ضرور بيان ڪندؤ ان کي ماڻهن جي لاءِ ۽ نه لڪائيندؤ ان کي پوءِ اڇلايائون ان کي پويان پٺين پنهنجي ۽ خريد ڪيائون ان جي عوض ملهه ٿورو پوءِ بڇڙو آهي جيڪو خريد ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن الله انهن کان انجام ورتو جن کي ڪتاب ڏنو ويو ته اوهين ماڻهن کي اهو (سڄو ڪتاب) ضرور بيان ڪري ٻڌائيندؤ. ۽ ان کي نه لڪائيندؤ. پوءِ انهن اهو (انجام) پنهنجي پٺين پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ ان جي بدلي ٿورو ملهه ورتائون. پوءِ اهو بڇڙو آهي جو بدلي ۾ وٺن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ياد ڪر جڏهن الله پڪو عهد ورتو هيو انهن کان جن کي ڪتاب ڏنو ويو ته توهان ضرور ماڻهن کي چِٽو پڌرو ٻڌائيندؤ ۽ ان کي نه لڪائيندؤ. پوءِ انهن ان (عهد) کي پُٺِين پويان اڇلايو ۽ ان جي عيوض ٿورڙو مُلهه ورتائون. پوءِ ڪهڙي نه بڇڙي خريداري آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن آگي، اُنهن سان، ٻوليو، مليو جن ڪتاب، ته کولينداسِ خَلق ۾، صحي برصواب، ۽ بلڪل ڪنهين باب، نه لڪائينداسِ لوڪ کان. پوءِ اُڇلايون ان کي، پُٺيان سندن پُٺ، ۽ ورتـؤن عيوض ان جي، مُلھ ٿورو، ڪو مُٺ، پوءِ جِنسي آهي جُٺ، جو ورتـئون، مال مُلھ تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن خدا ڪتاب وارن کان اقرار ورتو، ته اهو ماڻهن کي کولي ٻڌائجو ۽ لڪائجو نه، ته انهن وري ان کي سندن پٺن پٺيان اڇلائي ڇڏيو، ان جي بدلي ٿورو ملهه ورتائون. جيڪي به هو وٺن ٿا، سو بڇڙو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن اهل ڪتاب کي اهو پڪو واعدو به ياد ڏيار، جيڪو الله کانئن ورتو هو ته توهان کي ڪتاب جي تعليم کي پکيڙڻو پوندو، ان کي لڪائـڻو ناهي، مگر انهن ڪتاب کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿورڙيءَ قيمت تي ان کي وڪڻي ڇڏيائون، ڪهڙو نه بڇڙو سودو آهي، جيڪو اهي ڪن پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن اهل ڪتاب کي ورتل الله جو اهو وعدو به ياد ڏياريو ته توهان ڪتاب جي تعليم کي عام ڪندؤ ماڻهن ۾، نه رکندؤ ان کي لڪائي، پر انهن ڪتاب کي پٺيءَ پويان اڇلي ڇڏيو ۽ ان کي وڪڻي ڇڏيائون ٿوري قيمت تي، ڪيڏو نه برو ڪاروبار آهي جيڪو هي ڪن پيا.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن الله تعالى اهل ڪتاب کان هي وعدو ورتو ته توهان ڪتاب جي تعليم کي ماڻهن جي اندر پکيڙيندا ۽ لڪائي نه رکندا ته انهن پنهنجي ڪيل وعدي کي پوئتي اڇلائي ڇڏيو ۽ ٿوري قيمت تي وڪڻي ڇڏيو، ڪيڏي نه اها بدترين قيمت آهي جيڪا هو وٺن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا تَحسَبَنَّ الَّذينَ يَفرَحونَ بِما أَتَوا وَيُحِبّونَ أَن يُحمَدوا بِما لَم يَفعَلوا فَلا تَحسَبَنَّهُم بِمَفازَةٍ مِنَ العَذابِ وَلَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 188) |
(اي پيغمبر تون) اُنھن کي چڱو نه ڀانءِ جيڪي پنھنجي ڪئي تي خوش ٿيندا آھن ۽ جيڪي نه ڪيائون تنھن تي پنھنجي ساراھڻ کي دوست رکندا آھن پوءِ تون اُنھن کي عذاب کان ڇٽل نه ڀانءِ، ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن تي خوش ٿي رهيا آهن ۽ پسند ٿا ڪن ته انهن ڪمن لاءِ سندن ساراه ٿئي جي ڪڏهن ڪيا ئي ڪونه اٿن تن به نسبت ائين هرگز نه سمجهو ته ايندڙ عذاب کان بچي ويندا. بلڪل نه، يقيناً هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي هرگز خوش نه ٿين پنهنجن ڪيل ڪمن تي ۽ چاهن ٿا ته بنا ڪم ڪرڻ جي انهن جي تعريف ڪئي وڃي، پوءِ هرگز انهن کي عذاب کان پري نه سمجهو، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) تون انهن کي خيال ۾ نه آڻج، جو اهي پنهنجي چالاڪين تي سيٽجن ٿا ۽ ڪيو ڪرتيو ڪجھ به نه آهن (پر اهي رڳو) ساراھ جا طالبو آهن. پوءِ تون ڪڏهن خيال ۾ به نه آڻج ته ڪو انهن کي عذاب کان ڇوٽڪارو آهي. پر انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هرگز نه سمجهه انهن کي جو خوش ٿا ٿين ان تي جو ڪيائون ۽ پسند ٿا ڪن ته تعريف ڪيا وڃن ان ڪم تي جو نه ڪيائون پوءِ هرگز نه سمجهه انهن کي ڇٽل عذاب کان ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي رسول) تون انهن کي (عذاب کان ڇٽل) خيال نه ڪر جيڪي پنهنجي ڪئي تي خوش ٿين ٿا ۽ پسند ڪن ٿا ته سندن تعريف ڪئي وڃي انهن (عملن) تي جيڪي نه ڪيائون، سو تون انهن کي عذاب کان ڇٽل نه سمجهه. ۽انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان انهن ماڻهن کي سٺو نه سمجھو جيڪي پنهنجي ڪرتوتن تي خوش ٿين ٿا ۽ چاهن ٿا ته انهن جي نه ڪيل ڪمن تي به سندن ساراهه ڪئي وڃي انهن کي هرگز عذاب کان محفوظ نه سمجھو. ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَ ڀانئينِ، جن بخشيو، تنهن تي ڪن وهواه!، ۽ ڪم نه ڪيائون، تنهن تي، سِڪن، ته ٿيــينِ ساراه، ته ڀانئينِ، سزا سخت کان، ڪنهن پاسي، منجھ پناه، ۽ سندن لاءِ صباح، سُورن ڀريو ساڙڪو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص پنهنجي ڪيل ڪمن تي خوش ٿين ٿا ۽ جيڪي نه ڪيو اٿن، ان لاءِ پنهنجي تعريف ٻڌڻ پسند ڪن ٿا، تن بابت اوهين هرگز ائين نه سمجهجو ته هو عذاب کان ڇٽي ويندا، پر انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون انهن ماڻهن کي عذاب کان بچي ويل نه سمجهه، جيڪي پنهنجي ڪرتوتن تي ڏاڍا خوش آهن ۽ چاهين ٿا ته کين اهڙن ڪمن تي ساراهيو وڃي جيڪي ڪيا ئي نه اٿن، حقيقت ۾ انهن لاءِ دردناڪ سزا تيار ٿي پئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو گمان نه ڪن ته اهي عذاب کان محفوظ آهن، جيڪي چاهين ٿا ته تعريف ٿئي سندن ڪرتوتن جي جيڪي حقيقت ۾ انهن ڪيا ئي ناهن. اهي نه بچندا عذاب کان، انهن لاءِ ته دردناڪ سزا تيار آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو پنھنجي ڪرتوتن تي خوش ٿي رهيا آهن ۽ جيڪي ڪارناما انهن سر انجام ئي نه ڏنا آهن، انهن تي به هروڀرو پنھنجي تعريف ٻڌڻ پسند ڪندا آهن، توهان انهن جي باري ۾ اهو گمان نه ڪريو، ته هو عذاب کان بچِي ويندا، انهن جي لاءِ ته تڪليف وارو عذاب تيار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلِلَّهِ مُلكُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاللَّهُ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 189) |
۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ الله سڀڪنھن شيءِ تي وسوارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي ته) آسمان ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي (نه سندن) ۽ الله ئي هر شيء تي قادر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي، ۽ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت (رڳو) الله جي آهي. ۽ الله ئي هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الله جي لاءِ آهي بادشاهي آسمانن ۽ زمين جي ۽ الله هر شيءِ تي قادر آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله جي آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله لاءِ ئي آهي. ۽ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آهي اُڀ، زمين جو مُلڪ مالڪ ڪاڻ، ۽ صاحب سُرت سُڄاڻ، قادر هر ڪنهن ڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله جي ئي آهي ۽ الله هر هڪ شيءِ تي وس وارو آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جو مالڪ الله آهي ۽ سندس قدرت هر شيءِ تي ڇانئيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ الله ئي مالڪ آهي آسمانن زمين جو ۽ الله جي ئي قدرت هر شيءِ تي حاوي آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي الله تعالى جي ئي آهي ۽ الله تعالى هر شيءِ تي طاقت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَاختِلٰفِ الَّيلِ وَالنَّهارِ لَءايٰتٍ لِأُولِى الأَلبٰبِ (آيت : 190) |
آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت (۾) ۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦير گھير ۾ اُنھن سمجھ وارن لاءِ ضرور نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ آسمان ۽ زمين جي خلقت ۾ ۽ رات ڏينهن جي هڪٻئي پٺيان اچڻ ۾ سمجهه وارن لاءِ (حق جي سڃاڻپ جون) وڏيون نشانيون موجود آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آسمانن ۽ زمينن جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي (پاڻ ۾) تبديل ٿيڻ ۾ يقيناً قدرت جون وڏيون نشانيون آهن عقلمندن لاءِ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل وارن لاءِ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جي ۾ ۽ ڦرڻ رات ۽ ڏينهن جي ۾ البته نشانيون آهن سمجهدارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي ٺاهڻ ۽ رات ۽ ڏينهن جي ڦير گهير ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي مَٽِجَڻَ ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀون، اُڀ بنائڻ ۾، منجھ ڦيري ڏينهن ۽ رات، آهن عاقلن لئي، آيتون اِثبات، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيداش ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ عقل وارن لاءِ نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) آسمانن ۽ زمين جي پيدا ٿيڻ ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي واري واري سان اچڻ ۾ انهن عقلمند ماڻهن لاءِ گهڻيون ئي نشانيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ پئدا ٿيڻ آسمانن ۽ زمين جو ۽ واري سان رات ۽ ڏينهن جي اچڻ ۾ هوش وارن جي لاءِ گهڻيون نشانيون آهن.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪرڻ ۽ رات ۽ ڏينھن جي اچڻ وڃڻ (يعني ڦير گهير) ۾ عقلمند ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يَذكُرونَ اللَّهَ قِيٰمًا وَقُعودًا وَعَلىٰ جُنوبِهِم وَيَتَفَكَّرونَ فى خَلقِ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ رَبَّنا ما خَلَقتَ هٰذا بٰطِلًا سُبحٰنَكَ فَقِنا عَذابَ النّارِ (آيت : 191) |
جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنھنجن پاسن ڀر الله کي ياد ڪندا آھن ۽ آسمانن ۽ زمين جي بڻاوت ۾ فڪر ڪندا آھن، (۽ چوندا آھن ته) اي اسانجا پالڻھار ھنن کي بي رٿو نه بڻايو اَٿيئي، توکي پاڪ ڄاڻون ٿا تنھنڪري اسان کي باہ جي عذاب کان بچاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن سمجهه وارن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن) جي بيهندي، وهندي، ليٽندي هر وقت الله کي ياد رکن ٿا ۽ آسمان ۽ زمين جي خلقت تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا (انهيءَ غور ۽ فڪر جو نتيجو اهو ٿئي ٿو جو هنن تي حقيقتن جي سڃاڻپ جو دروازو کلي پوي ٿو ۽ هو بي اختيار چئي ٿا ڏين ته) اي اسان جا پررودگار! هي سڀ جيڪو پيدا ڪيو اٿيئي سو هرگز بيڪار ۽ اجايونه آهي (ضرور ڪو مقصد ۽ حڪمت رکيل آهي) بيشڪ تون پاڪ آهين (ان ڳالهه کان جو بيڪار ڪم تنهنجي هٿان ٿين) اي خدا اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچائجانءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اُهي ماڻهو جيڪي الله تعالى جو ذڪر ڪن ٿا بيهڻ وقت ۽ ويهڻ وقت ۽ پاسي تي سمهڻ وقت ۽ اُهي آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ غور ڪن ٿا (۽ چون ٿا) اي اسان جا رب نه پيدا ڪيو تو هِن مخلوق کي بيڪار ڪري، اسين تنهنجي پاڪائي بيان ڪريون ٿا پوءِ تون اسان کي جهنم جي عذاب کان بچاءِ.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي الله کي اٿندي وهندي پاسا بدلائيندي (مطلب ته هر حال ۾) ياد ڪن ٿا پڻ آسمانن ۽ زمينن جي بناوٽ ۾ غور ۽ فڪر ڪن ٿا ۽ (وجد ۾ اچي) چون ٿا ته خداوندا! تو هنن کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي، تون (بيڪار ڳالهين کان) پاڪ صاف آهين. پوءِ تون اسان کي دوزخ جي باھ کان بچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪي ياد ٿا ڪن الله کي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پنهنجن پاسن تي ۽ فڪر ٿا ڪن پيدا ڪرڻ آسمانن ۽ زمين جي ۾ ته اي اسان جا رب! نه پيدا ڪيُئي هن کي اجايو پاڪائي ٿا ڪيون تنهنجي پوءِ بچاءِ اسان کي عذاب باهه جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي الله کي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پاسن ڀر ياد ڪن ٿا ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ فڪر ڪن ٿا (۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پاليندڙ ! تو هي بي فائدي پيدا نه ڪيو آهي، تون پاڪ آهين پوءِ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اِهي اُهي آهن جيڪي بيٺي ۽ ويٺي ۽ پاسن ڀر الله جو ذڪر ڪن ٿا ۽ آسمانن ۽ زمين جي تخليق ۾ فڪر ڪن ٿا (چون ٿا ته) ”اي اسان جا پالڻهار تو هي سڀ ڪجهه بي حڪمت نه بنايو آهي. تنهنجي ذات کي پاڪائي آهي پوءِ اسان کي جهنم جي عذاب کان بچاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي بيٺي، ويٺي ، پاسن ڀَر، ڪن ربَّ تعالىٰ جِي تات، ۽ منجھ جوڙڻ اڀ، زمين جي، ڪن خُوب خيالات، هِي مُفت نه جوڙئي مورهين، لَوَنْ اِهائـِي لات، پڪ تون پاڪ ذات!، اسان بچائج باهِ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي الله کي بيٺي، ويٺي ۽ پاسن ڀرليٽي ياد ڪن ٿا، ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ غور ڪن ٿا ۽ (چون ٿا) ”اي اسانجا ڌڻي! تو هن (مخلوق) کي بي فائدو پيدا نه ڪيو آهي. تون پاڪ آهين اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي اٿندي ويهندي ۽ ليٽيل هوندي هر حالت ۾ الله کي ياد ڪن ٿا ۽ آسمانن ۽ زمين جي اڏاوت تي سوچ ويچار ڪن ٿا. (هو بي اختيار چئي ڏين ٿا ته) "پالڻهار، هيءُ سڀ ڪجهه تو اجايو نه ٺاهيو آهي. تون پاڪ آهين، ان کان جو ڪو اجايو ڪم ڪندين. سو اي رب! اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪي ماڻهو ياد ڪندا رهن ٿا الله کي اٿي ۽ ويٺي ۽ ليٽي هر ڪنهن حال ۾، غور ۽ فڪر ڪن ٿا تخليق (جوڙجڪ) آسمانن ۽ زمين تي،(چون ٿا) پروردگار! هي سڀ ڪجهه تو بي مقصد نه بڻايو آهي، تون پاڪ آهين اجائي عمل کان، پوءِ (اي رب!) اسان کي دوزخ جي ٻارڻ کان بچاءِ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي (عقلمند) ماڻهو اٿندي ويھندي ۽ سمهندي هر حال ۾ الله تعالى کي ياد ڪندا آهن ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش تي غور و فڪر ڪندا آهن ۽ پوءِ پڪاري چوندا آهن، ته اي اسان جا پالڻھار! هي جيڪو ڪجهه تو ٺاهيو آهي، اهو هرگز بيڪار نه آهي، تنھنجي ئي ذات پاڪ آهي، بس! اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا إِنَّكَ مَن تُدخِلِ النّارَ فَقَد أَخزَيتَهُ وَما لِلظّٰلِمينَ مِن أَنصارٍ (آيت : 192) |
اي اسانجا پالڻھار جنھن کي تو باہ ۾ گھيڙيو تنھن کي بيشڪ خوار ڪيئي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار! جنهن کي تون دوزخ ۾ وجهندين سو بيشڪ وڏي خواري خرابيءَ ۾ پيو (ان ڏينهن) ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب بيشڪ تو جنهنکي جهنم ۾ داخل ڪيو پوءِ انهيءَ کي بيشڪ تو خوار ڪيو ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پالڻهار! (جنهن کي تو دوزخ ۾ وڌو ته پڪ تو ان کي خوار (خراب) ڪيو. ۽ ظلم ڪرڻ وارن جو ڪو به مددگار نه آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! بيشڪ تو جنهن کي به داخل ڪيئي باهه ۾ پوءِ تحقيق خوار ڪيئي ان کي ۽ ناهن ظالمن جا ڪي مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! بيشڪ تون جنهن کي باهه ۾ داخل ڪندين ته تو ان کي خوار ڪيو. ۽ ظالمن جا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا پالڻهار! بيشڪ تو جنهن کي جهنم ۾ داخل ڪيو ته بلاشڪ تو ان کي خوار ڪيو. ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ناهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بي شڪ وِڌئـِي باه ۾، جنهن کي ربَّ، جبار!، تنهن کي خوب طرح خوراڪئي ۽ هاڃيڪارن هار، وسيلو وَهار، مهندا ناھِ مورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسانجا ڌڻي! جنهن کي تو دوزخ ۾ وڌو. تنهن کي تو (برابر) خوار ڪيو، ۽ ظالمن جو ڪو به مددگار نه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو جنهن کي دوزخ ۾ وڌو، تنهن کي حقيقت ۾ وڏي خواريءَ ۽ ذلت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ وري اهڙن ظالمن جو ته ڪو مددگار به نه هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي اسان جا رب! تو جنهن کي وڌو باهه ۾، حقيقت ۾ ان کي وڏي ذلت ۽ رسوائي ۾ وڌو، پوءِ اهڙن ظالمن جي لاءِ ناهي ڪوبه مددگار.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! جنھن کي به تون جھنم جي باهه ۾ داخل ڪيو، ڄڻ ته تو ان کي ذلت ۽ رسوائيءَ ۾ وجهي ڇڏيو ۽ اهڙن ظالمن جو ڪير به مددگار نه هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا إِنَّنا سَمِعنا مُنادِيًا يُنادى لِلإيمٰنِ أَن ءامِنوا بِرَبِّكُم فَـٔامَنّا رَبَّنا فَاغفِر لَنا ذُنوبَنا وَكَفِّر عَنّا سَيِّـٔاتِنا وَتَوَفَّنا مَعَ الأَبرارِ (آيت : 193) |
اي اسانجا پالڻھار اسان سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو جو ايمان ڏانھن سڏيندو آھي ته پنھنجي پالڻھار تي ايمان آڻيو پوءِ مڃيوسون، اي اسانجا پالڻھار اسان کي اسانجا گناہ بخش ۽ اسان کان اسان جون مدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ مار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار! اسان سڏ ڪندڙ (رسولﷺ) جو سڏ ٻڌو جو ايمان جي طرف سڏي رهيو هو. (هو چئي رهيو هو ته (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو. پروردگار! اسان جا گناه بخش، اسان جون بڇڙايون اسان مان ڪڍي ڇڏ ۽ اسان کي انهن سان گڏ مار (۽ موت بعد انهن جي سنگت ۾ رهاءِ) جي پرهيزگار ۽ نيڪ هجن. (يعني اسان کي نيڪ ڪر ته نيڪن ۾ شمار ٿيون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب بيشڪ اسان رسولِ عربيءَ جو اعلان ٻڌو جيڪو ايمان ڏانهن پُڪاري ٿو ته توهان پنهنجي رب تي ايمان آڻيو ۽ پوءِ اسان ايمان آندو، اي اسان جا رب پوءِ تون اسان جا گناه بخش ڪر ۽ اسان جون بُرايون اسان تان ميٽي ڇڏ ۽ اسان جو موت نيڪ ماڻهن سان ڪر.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا رب! (جڏهن اسان هڪ آواز ڏيڻ واري (پيغمبر) کي ٻڌو جو هو ايمان جي لاءِ هئين سڏي رهيو هو ته: پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو، سو اسان ايمان آندو. اي اسان جا پالڻهار! پوءِ تون اسان کي اسان جا گناھ معاف ڪر ۽ اسان جون بڇڙايون اسان کان پري ڪر ۽ اسان کي ابرارن سان گڏ (دنيا مان) اٿار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! بيشڪ اسان ٻڌو سون سڏيندڙ کان جو سڏي پيو ايمان آڻڻ جي لاءِ ته ايمان آڻيو پنهنجي رب تي پوءِ ايمان آندوسون اي اسان جا رب! پوءِ بخش ڪر اسان کي گناهه اسان جا ۽ ميٽي ڇڏ اسان کان برايون اسان جون ۽ وفات ڪراءِ اسان کي نيڪن سان گڏ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! بيشڪ اسان هڪ سڏيندڙ کي ايمان لاءِ سڏ ڪندي ٻڌو ته پنهنجي پاليندڙ تي ايما ن آڻيو، سو اسان ايمان آندو. اي اسان جا پاليندڙ ! پوءِ اسان کي اسان جا گناهه معاف ڪر ۽ اسان جون بڇڙايون اسان کان پري ڪر ۽ اسان کي نيڪي ڪندڙن سان گڏ موت ڏي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا مالڪ! بيشڪ اسان هڪ سَڏِيندڙَ کان ٻُڌو جنهن ايمان لاءِ سڏ ڏنو ته پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو پوءِ اسان به ايمان آندو. اي اسان جا پالڻهار! پوءِ اسان لاءِ اسان جا گناهه بخش ڪر ۽ اسان جون ميرايون ميٽ ۽ اسان کي نيڪ ماڻهن جي سنگت ۾ موت عطا ڪر.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سانيم! سُئون سُون سڏيندڙ جو، پَڙهو ۽ پُڪار، جو سڏي مڃڻ ڏي، ته مڃيو پنهنجو پالڻهار، پوءِ مڃيو سون مورهين، سانيم! ربَّ ستار، بخش اسان جون بديون، پڻ ميٽِين عيب اَپار، ۽ نيڪن ساڻ نِبار، پرور پورا ڏينهن ڪرين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! اسان ايمان ڏي سڏيندڙ جي سڏ کي ٻڌو ته ”پنهنجي رب تي آيمان آڻيو“ سو اسان ايمان آندو. اي اسان جا ڌڻي! اسان جا گناهه معاف ڪر ۽ اسان جي بڇڙاين کي اسان کا ميٽي ڇڏ ۽ اسان کي نيڪن سان گڏ موت ڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جا مالڪ! اسان هڪڙي سڏيندڙ کي ٻڌو ،جيڪو ايمان ڏانهن سڏي رهيو هو ۽ چيائين پئي ته پنهنجي رب کي مڃيو. اسان سندس چيو مڃيو، تنهنڪري، اي اسان جا مالڪ! جيڪي قصور اسان کان ٿيا آهن سي معاف ڪر، جيڪي برايون اسان ۾ آهن، انهن کي اسان کان دور ڪري ڇڏ ۽ اسان جو خاتمو نيڪ ماڻهن سان گڏ ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي مالڪ! اسان هڪ پڪارڻ واري کي ٻڌو جيڪو سڏي رهيو هو ايمان ڏي، ۽ چوي پيو ته مڃو پنهنجي رب کي، پوءِ اسان ايمان آندو، اي اسان جا آقا! اسان کي معاف ڪر اسان جا ڏوهه جيڪي برائيون اسان ۾ آهن اهي دور ڪر ۽ اسان جو انت آڻ نيڪ ماڻهن سان.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! بيشڪ اسان سڏيندڙ جي آواز کي ٻڌو، جيڪو ايمان لاءِ سڏي رهيو هو ۽ چئي رهيو هو ته، پنھنجي پالڻھار جي مٿان ايمان آڻيو پوءِ اسان ايمان آندوسين. اي اسان جا پالڻھار! اسان جي گناهن کي بخش ڪر ، اسان جي برائين کي ميٽائي ڇڏ ۽ اسان کي نيڪ ماڻهن سان گڏ موت ڏجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبَّنا وَءاتِنا ما وَعَدتَنا عَلىٰ رُسُلِكَ وَلا تُخزِنا يَومَ القِيٰمَةِ إِنَّكَ لا تُخلِفُ الميعادَ (آيت : 194) |
اي اسانجا پالڻھار اسان کي پنھنجن پيغمبرن (جي زبان) سان جيڪي انجام ڏنو اٿيئي سو پار ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪج، ڇوته تون وعدي خلافي نه ڪندو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي اسان جا پروردگار! اسان کي اهو سڀ ڪجهه عطا فرماءِ جنهن جو وعدو اسان سان پنهنجي رسولن جي معرفت ڪيو هو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي ذليل ۽ خوار نه ڪجانءِ. بيشڪ تون ڪڏهن به پنهنجي وعدي جي خلاف نٿو وڃين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي اسان جا رب اسان کي اهو عطا فرماءِ جيڪو تو اسان سان وعدو فرمايو آهي رسولن جي معرفت ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪر، بيشڪ تون وعده خلافي نٿو فرمائين.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي اسان جا پاليندڙ! ۽ اسان کي اهو ڪجھ ڏي جو تو رسولن جي معرفت اسان سان واعدو ڪيو ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪج! بيشڪ تون ته واعدي خلافي ڪندو ئي نه آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي اسان جا رب! ۽ ڏي اسان کي جيڪو وعدو ڪيو هئي اسان سان پنهنجن رسولن جي هٿان ۽ نه خوار ڪر اسان کي قيامت جي ڏينهن بيشڪ تون نه ٿو مخالفت ڪرين وعدي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي اسان جا پاليندڙ ! ۽ اسان کي اهو ڪجهه ڏي جو تو رسولن جي معرفت اسان سان وعدو ڪيو ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪج. بيشڪ تون وعدي خلافي نه ٿو ڪرين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي اسان جا مالڪ! اسان کي اُهو ڏي جنهن جو تو پنهنجي رسولن جي معرفت اسان سان وعدو ڪيو آهي ۽ قيامت واري ڏينهن اسان کي خوار نه ڪجانءِ. بيشڪ تون وعدي خلافي ڪونه ڪندو آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پنهنجي پيغمبرن هٿان، سانيم! ربَّ ستار، جي اسان سان انجام ڪئـِي، ڏاتيون سي ڏيار، ڪج نه ڏينهن قيام جي، اسان کي خوار، پنهنجا قول قرار ڪڏهن ڦيريين ڪين تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي اسان جا ڌڻي! جنهن جو تو اسان کي پنهنجن رسولن هٿان وعدو ڏنو آهي، سو اسان کي ڏي ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن خوار نه ڪجانءِ، بيشڪ تون وعدي جي خلاف نه ٿو ڪرين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي رب! جنهن جو وعدو تو پنهنجي رسولن معرفت ڪيو آهي، سو اسان کي عطا ڪر ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي خوار نه ڪجانءِ ، بيشڪ تون پنهنجي وعدي جي خلاف ورزي ڪرڻ وارو نه آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خداوندا! اهي پورا ڪر تو جيڪي وعدا ڪيا آهن پنهنجن رسولن جي ذريعي، ۽ اسان کي خواري ۾ نه وجهه قيامت واري ڏينهن، بيشڪ تون نه آهين وعدي خلاف.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي اسان جا پالڻھار! پنھنجي رسولن جي ذريعي، تو جيڪي اسان سان وعدا ڪيا آهن، انهن کي پورو فرماءِ ۽ قيامت جي ڏينھن اسان کي خوار نه ڪجانءِ، بيشڪ تون ڪڏهن به وعدي خلافي نه ڪندو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاستَجابَ لَهُم رَبُّهُم أَنّى لا أُضيعُ عَمَلَ عٰمِلٍ مِنكُم مِن ذَكَرٍ أَو أُنثىٰ بَعضُكُم مِن بَعضٍ فَالَّذينَ هاجَروا وَأُخرِجوا مِن دِيٰرِهِم وَأوذوا فى سَبيلى وَقٰتَلوا وَقُتِلوا لَأُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَأُدخِلَنَّهُم جَنّٰتٍ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ ثَوابًا مِن عِندِ اللَّهِ وَاللَّهُ عِندَهُ حُسنُ الثَّوابِ (آيت : 195) |
پوءِ سندن پالڻھار اُنھن جي دعا قبول ڪئي ته آءٌ اوھان مان عمل ڪندڙ مڙس يا زال جو عمل نه وڃائيندس، اوھان مان ڪي ڪن مان (پيدا ٿيل) آھن (يعني سڀ ھڪ جنس آھيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنھنجن گھرن مان ڪڍيا ويا ۽ مُنھنجي واٽ ۾ ڏکويا ويا ۽ وڙھيا ۽ ڪُٺا ويا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندس ۽ اُنھن کي (بھشت جي اھڙن) باغن ۾ ضرور داخل ڪندس جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، (اِھو) بدلو الله وٽان آھي، ۽ الله وٽ چڱو بدلو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هنن جي پروردگار هنن جون دعائون قبول ڪيون ۽ فرمايائين ته بيشڪ آءٌ ڪنهن به عمل ڪندڙ جو عمل ضايع نٿو ڪٿان، مرد هجي توڙي عورت. توهان سڀ هڪٻئي جي جنس آهيو (عملن جي نتيجن جو قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي) پوءِ جن (خدا جي راهه ۾) هجرت ڪئي، پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا، منهنجي راه وٺڻ جي ڪري ايذايا ويا ۽ حق جي راهه ۾ لڙايون ڪيائون ۽ قتل ٿيا تن جون خطائون هنن مان يقيناً ميساري ڇڏيندس ۽ کين (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون. هي الله جي طرف کان (هنن جي نيڪ عملن جو) اجر ۽ انعام هوندو ۽ الله ئي آهي جو بهترين اجر ۽ انعام ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن جي دعا سندن رب قبول فرمائي، بيشڪ الله تعالى ضايع نٿو فرمائي نيڪي، نيڪي ڪندڙ جي. توهان مان مرد هجي يا عورت، مرد ۽ عورت ثواب ۾ برابر آهن. پوءِ انهن ماڻهن جن هجرت ڪئي ۽ پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا ۽ الله جي واٽ ۾ تڪليف ڏنا ويا ۽ جهاد ڪيائون ۽ شهيد ٿيا، آئون ضرور ضرور انهن جا گناه ميٽي ڇڏيندس ۽ ضرور ضرور انهن کي باغن ۾ داخل ڪندس جنهن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، الله تعالى جي طرفان گهڻو ثواب ڏنو ويندو ۽ الله تعالى وٽ بهترين ثواب آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سندن پروردگار انهن جي دعا قبول ڪئي (۽ فرمايائين ته) آءُ اوهان مان ڪنهن به عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نه وڃائيندس. اوهين هڪ ٻئي (جي جنس) مان آهيو. (يعني اوهين مرد هجي يا زال مون وٽ سڀ برابر آهيو). پوءِ جن ماڻهن (اسان لاءِ) وطن ڇڏيو ۽ پنهنجي ماڳن مان ڪڍيا ويا ۽ اسان جي راھ ۾ ڏکويا ويا ۽ (ڪافرن سان) جنگ ڪيائون ۽ شهيد ٿيا ته آءُ ضرور سندن براين کي درگذر ڪندس ۽ انهن کي ضرور بهشت جي باغن ۾ داخل ڪندس. جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اهو بدلو خدا جو (اهڙو ئي آهي جو ان) وٽ ته سٺو بدلو ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ قبول ڪيائين انهن جي لاءِ رب سندن (دعا) ته بيشڪ مان نه ٿو ضايع ڪيان عمل ڪنهن به عمل ڪندڙ جو اوهان مان مرد هجي يا عورت هڪ ٻئي مان آهيو پوءِ اهي شخص جو هجرت ڪيائون ۽ ڪڍيا ويا گهرن پنهنجن مان ۽ ايذايا ويا منهنجيءَ واٽ ۾ ۽ وڙهيا ۽ ڪٺا ويا البته ضرور ميٽي ڇڏيندس انهن کان برايون انهن جون ۽ البت ضرور داخل ڪندس انهن کي بهشتن ۾ جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون ثواب هوندو الله وٽان ۽ الله وٽ سهڻو ثواب آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سندن پاليندڙ انهن جي دعا قبول ڪئي ته آءُ اوهان مان ڪنهن به عمل ڪندڙ مرد يا زال جو عمل نه وڃائيندس. اوهان مان هڪڙا ٻين مان آهن (يعني اوهين مون وٽ سڀ برابر آهيو) پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا ۽ منهنجي رستي ۾ ڏکويا ويا ۽ جنگ ڪيائون ۽ قتل ڪيا ويا تن جون بڇڙايون انهن کان پري ڪندس ۽ انهن کي ضرور اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهو بدلو الله جي طرفان آهي . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سندن پالڻهار انهن جي التجا اگهائي (۽ فرمايائين ته) ”پڪ سان آءُ اوهان مان ڪنهن محنت ڪرڻ واري جي محنت نه وڃائيندو آهيان، مرد هجي يا عورت. اوهان هڪ ٻئي مان آهيو. پوءِ اُهي ماڻهو جن هجرت ڪئي ۽ پنهنجي گهرن مان ڪڍيا ويا ۽ منهنجي راهه ۾ ايذايا ويا ۽ جنگ ڪيائون ۽ قتل ڪيا ويا ته آءٌ ضرور انهن جون مدايون ميٽي ڇڏيندس ۽ ضرور انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون. اِهو ثواب الله وٽان آهي. ۽ الله وٽ ئي سهڻو ثواب آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ قبوليو ڪلتار، ته ڪنهن پورهيت، پورهيو نه وڃايان، نر هجي، يا نار، ڪي اوهان جا، ڪن مان. پوءِ جي هليا ڏيہ ڏور، ۽ ويا ڪڍيا سندن ڪکن مان، ۽ ويا رنجايا، سندس راه ۾، ۽ مُقابلي ۾ مور، ڪٺئون ۽ ڪُٺا ويا، ته ڪاٽيندوسينِ قصور، ۽ باغن منجھ بهشت جي، داخل ڪندس ضرور، جن هيٺان هلن ناليون، ڀريون تَريون ڀرپور، صورت منجھ ثواب، جي، پاران پاڪ حُضور، رازق ربُّ غفور، سانگ به اُنهئ وٽ سُهڻو. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندن رب انهن جي دعا قبول ڪئي، ته آءٌ اوهان مان ڪنهن به مرد خواهه زال عمل ڪندڙ جي عمل کي چٽ ٿيڻ نٿو ڏيان، جو اوهين پاڻ ۾ هڪ آهيو. پوءِ جن وطن ڇڏيو ۽ پنهنجن گهرن مان ڪڍيا ويا ۽ منهنجي رستي ۾ ستايا ويا ۽ وڙهيا ۽ قتل ٿيا، ته آءٌ ضرور سندن گناهن کي کانئن ميٽيندس ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. (اهو ) الله وٽان بدلو آهي ۽ الله وٽ ئي چڱو بدلو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (موٽ ۾) سندن رب فرمايو: "مان توهان مان ڪنهن جو به عمل ضايع ڪرڻ وارو نه آهيان، پوءِ اهو کڻي مرد هجي يا عورت، توهان سڀئي پاڻ ۾ (هڪ ٻئي جا هم جنس) آهيو. پوءِ جن ماڻهن منهنجي ڪري پنهنجا وطن ڇڏيا ۽ منهنجي راهه ۾ پنهنجن گهرن مان تـڙيا ويا ۽ ڏاڍا ستايا ويا ۽ منهنجي راهه ۾ وڙهيا ۽ ماريا ويا، تن جا سڀ قصور مان معاف ڪندس ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون. اهو اٿن ڀلو اجورو الله وٽان ۽ بهترين اجورو ته الله وٽ ئي هوندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جواب ۾ سندن رب فرمايو ”بيشڪ آئون ڪنهن جو عمل ضايع ڪرڻ وارو نه آهيان، پوءِ توهان مان ڪو مرد هجي يا عورت، توهان سڀ هڪ ٻئي جا هم جنس آهيو، تنهن ڪري جن ماڻهن هجرت ڪئي منهنجي خاطر وطن ڇڏيا، گهرن مان منهنجي راهه ۾ ۽ مون لاءِ لڙيا ۽ ماريا ويا انهن جا سڀ قصور آئون معاف ڪندس ۽ انهن کي داخل ڪندس اهڙن باغن ۾، جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون، اها ئي جزا آهي انهن جي لاءِ الله وٽ، ۽ الله وٽ ئي بهترين جزا آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سندن پالڻھار انهن مردن ۽ عورتن جي دعائن کي قبول فرمايو، ۽ چيو ته مان توهان جي ڪنھن به (نيڪ) عمل کي ضايع نه ڪندس، ڇو جو توهان هڪ ٻئي مان ئي پيدا ٿيل آهيو، پوءِ جن ماڻهن هجرت ڪئي، پنھنجي گهرن مان ڪڍيا ويا، منھنجي محبت ۾ تڪليف ڪاٽي، منھنجي راه ۾ وڙهيا ۽ مارجي ويا ته مان سندن سڀني برائين کي مٽائي ڇڏيندس ۽ کين اهڙن باغن ۾ داخل ڪندس، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، اهو الله تعالى جي طرف کان بدلو آهي، بھترين بدلو ته الله تعالى وٽ ئي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يَغُرَّنَّكَ تَقَلُّبُ الَّذينَ كَفَروا فِى البِلٰدِ (آيت : 196) |
(اي پيغمبر) ملڪن ۾ ڪافرن جي اَچ وڃ توکي نه ٺڳي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي انهن جو ملڪ ۾ (تجمل ۽ وڏائي سان) هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ توکي دوکي ۾ نه وجهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) هرگز ڌوڪي ۾ نه وجهي توکي ڪافرن جو گهمڻ شهرن ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول!) ڪافرن جو شهر، شهر سان مزي گهمڻ (ڦرڻ) تو کي ڌوڪي ۾ نه وجهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ڌوڪي ۾ وجهي توکي ڦرڻ ڪافرن جو شهرن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله وٽ سٺو بدلو آهي. توکي ڪافرن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ ڌوڪي ۾ نه وجهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي مخاطب!) ڪافرن جو (دنيا جي) شهرن ۾ (عياشي سان) اچڻ وڃڻ تو کي دوکي ۾ نه وجهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ٺڳـئـِي ٺاٺ اُنهن جو، شهرن اندر شاه!، جي ڦريا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪافرن جي، شهرن ۾ اچ وڃ کان دوکو نه کاءُ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! دنيا جي ملڪن ۾ الله جي نافرمان ماڻهن جو اهو هلڻ چلڻ توکي ڪنهن دوکي ۾ نه وجهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) توکي ڪنهن ڌوڪي ۾ نه وجهي نافرمان ماڻهن جو گهمڻ دنيا جي ملڪن ۾.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) دنيا ۾ ڪافرن جو هيڏي هوڏي (تڪبر، غرور ۽ بي فڪريءَ سان) گهمڻ ڦرڻ توهان کي ڌوڪي ۾ نه وجهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَتٰعٌ قَليلٌ ثُمَّ مَأوىٰهُم جَهَنَّمُ وَبِئسَ المِهادُ (آيت : 197) |
اِھو فائدو ٿورو آھي، وري سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ (اُھو) بڇڙو ھنڌ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهو ٿورڙو دنيائي فائدو آهي. آخر انهن جو ٽڪاڻو جهنم آهي. اهو ڪهڙو نه برو ٽڪاڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهنجي ترقي ۾ نفعو ٿورو آهي، انهيءَ کان پوءِ انهن جي جاءِ جهنم آهي ۽ (اها) تمام بڇڙي آهي جاءِ رهڻ جي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو) ٻٽي ڏينهن جو فائدو اٿن. ۽ (آخر ته) سندن جاءِ جهنم ئي آهي ۽ اهو ڪهڙو نه بڇڙو هنڌ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فائدو ٿورو آهي تنهن کان پوءِ جاءِ سندن دوزخ آهي ۽ بڃڙو ٺڪاڻو آهي اهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اهو) ٿورو فائدو آهي، وري سندن ٽڪاڻو دوزخ آهي. ۽ اهو بڇڙو هنڌ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو ٿورڙو سامانِ (عيش)آهي پوءِ انهن جو ٽڪاڻو جهنم آهي. ۽ نهايت بُري جاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿورو فائدو، پوءِ ڀاڻو تن جو باهِ، ۽ آهي سو آڙاه، بلڪل بُڇڙو بِسترو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اهو) ٿورو عيش آهي، پوءِ سندن جاءِ دوزخ آهي ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو رڳو ٿورڙن ڏينهن واري زندگيءَ جو چٽڪو آهي، پوءِ اهي سڀئي جهنم ۾ وڃي پوندا، جيڪو ڏاڍو بڇڙو ٺڪاڻو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي چند ڏينهن جو ٿورو لطف آهي، پوءِ اهي سڀ وڌا ويندا جهنم ۾، جيڪا رهڻ جي بدترين جاءِ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن جو اهو گهمڻ ڦرڻ ٿورن ڏينهن لاءِ آهي، پوءِ سندن رهڻ جي جاءِ جھنم آهي جيڪا تمام بري جاءِ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لٰكِنِ الَّذينَ اتَّقَوا رَبَّهُم لَهُم جَنّٰتٌ تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نُزُلًا مِن عِندِ اللَّهِ وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ لِلأَبرارِ (آيت : 198) |
پر جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊنا تن لاءِ باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن اِھا مھماني الله وٽان آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلارن لاءِ چڱو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جن ماڻهن خدا جو خوف رکيو (۽ نيڪ عمل ڪيا) تن جي لاءِ (ابدي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه ان (ابدي خوشين جي) حالت ۾ رهندا. هيءُ هنن لاءِ الله تعاليٰ جي طرف کان مهماني ٿيندي. جيڪي الله تعاليٰ وٽ آهي سو نيڪ عمل ڪندڙن لاءءِ وڏي چڱائي ۽ نعمت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پر اُهي ماڻهو جيڪي پنهنجي رب کان خوف ڪن ٿا انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون اهي هميشه هميشه انهي ۾ رهندا الله تعالى جي طرفان مهمان ٿي، ۽ جيڪو الله تعالى وٽ آهي اهو نيڪو ڪارن لاءِ سڀ کان ڀلو آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن لاءِ (بهشت جا) باغ آهن جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي سدائين انهيءَ ۾ رهندا. اها خدا جي طرفان (سندن) مهماني آهي ۽ جو (مال اسباب) خدا وٽ آهي سو نيڪ ماڻهن لاءِ (دنيا کان) گهڻو چڱو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پر اهي شخص جو ڊڄن ٿا رب پنهنجي کان انهن لاءِ بهشت آهن جو وهن ٿيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندا انهن ۾ مهماني ٿي الله وٽان ۽ جيڪو به الله وٽ آهي ڀلو آهي نيڪن لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جيڪي پنهنجي پاليندڙ کان ڊنا تن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا. اها الله جي طرفان مهماني آهي. ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو نيڪ ماڻهن لاءِ گهڻو چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پر اُهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پالڻهار کان ڊنا انهن لاءِ باغ آهن جن جي هيـٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه رهندڙ هوندا اها الله پاران مهماني آهي. ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو نيڪوڪارن لاءِ زور ڀلو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جن بچايو پاڻ، پنهنجي پرور پاڪ کان، بي شڪ باغ بهشت جا، آهن اُنهن ڪاڻ، جن هيٺان هلن ناليون، سدا مَنجھن سُک ساڻ، مِهمانيون مالڪ کان، راحت منجھ رِهاڻ، ۽ جو صاحب وٽ سُڄاڻ، سو خاصو، خاص بندن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر جيڪي پنهنجي رب کان ڊڄندا رهيا تن لاءِ الله وٽان مهماني، باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون ۽ انهن ۾ هميشه رهندا. جيڪي الله وٽ آهي، سو نيڪن لاءِ بهتر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان جي ابتـڙ جيڪي ماڻهو پنهنجي رب کان ڊڄندي زندگي گذارين ٿا، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان نهرون پيون وهنديون. انهن باغن ۾ هو سدائين رهندا. الله جي طرفان اهو دعوت جو سامان آهي انهن لاءِ ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، نيڪ ماڻهن لاءِ اهوئي سڀ کان ڀلو آهي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو حياتي بسر ڪن ٿا پنهنجي رب کان ڊڄندي، انهن لاءِ اهڙا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون، انهن ۾ اهي هميشه رهندا، الله جي طرفان انهن لاءِ اهو مهماني جو سامان آهي ۽ جيڪو الله وٽ آهي نيڪ ماڻهن لاءِ بهتر آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪي ماڻهو پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا رهيا، تن لاءِ اهڙا باغ آهن، جن جي هيٺان (مختلف قسم جون) نھرون وهنديون، هو ان ۾ هميشه لاءِ رهندا، اها مهمان نوازي الله تعالى جي طرفان آهي، جيڪو ڪجهه الله تعالى وٽ آهي، اهو نيڪوڪارن لاءِ بھتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ مِن أَهلِ الكِتٰبِ لَمَن يُؤمِنُ بِاللَّهِ وَما أُنزِلَ إِلَيكُم وَما أُنزِلَ إِلَيهِم خٰشِعينَ لِلَّهِ لا يَشتَرونَ بِـٔايٰتِ اللَّهِ ثَمَنًا قَليلًا أُولٰئِكَ لَهُم أَجرُهُم عِندَ رَبِّهِم إِنَّ اللَّهَ سَريعُ الحِسابِ (آيت : 199) |
۽ ڪتاب وارن مان ڪي اُھي آھن جيڪي الله کي ۽ جيڪي توڏانھن (قرآن) لاٿو ويو تنھن کي ۽ جيڪي (توريت) اُنھن ڏانھن لاٿو ويو تنھن کي الله جي عاجزي ڪندڙ ٿي مڃيندا آھن الله جي آيتن کي ٿوري مُلھ سان نه وڪڻندا آھن، اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ سندن پالڻھار وٽ سندن اجر آھي، ڇوته الله سگھو حساب وٺندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ اهل ڪتاب ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي مٿن نازل ٿيو آهي تنهن تي به هنن جو ايمان آهي ۽ سندن دليون الله جي اڳيان جهڪيل آهن، اهي ائين نٿا ڪن جو خدا جون آيتون خسيس قيمت تي وڪڻي ڇڏين. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان اجر ملندو. يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۽ (بدلو ڏيڻ) ۾ سست رفتار ناهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ ڪي اهلِ ڪتاب اهي آهن جيڪي الله تعالى تي ۽ قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا ۽ تورات ۽ انجيل جي تصديق ڪن ٿا، اهي الله تعالى کان ڊڄن ٿا، نٿا وٺن رسولِ عربيءَ جي تعريف لڪائڻ جي عيوض ٿورڙي ملهه کي، اِهي نيڪو ڪار اُهي آهن جن لاءِ سندن رب وٽ وڏو ثواب آهي، بيشڪ الله تعالى جلد حساب ڪندڙ آهي.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهي به آهن،جي خدا تي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو ۽ جيڪي انهن ڏي نازل ڪيو ويو تنهن تي الله جي عاجزي ڪندي ايمان آڻين ٿا. ۽ خدا جي آيتن جي عوض معمولي قيمت (فاني دنيا جو فائدو) نٿا وٺن. اهڙن (ئي انسانن) لاءِ سندن پروردگار وٽ چڱو بدلو آهي. بيشڪ خدا جلد حساب وٺڻ وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ڪتاب وارن مان (ڪي اهي آهن) جو البته ايمان ٿا آڻين الله تي ۽ ان تي جو لاٿو ويو اوهان ڏانهن ۽ ان تي جو لاٿو ويو انهن ڏانهن عاجزي ڪندڙ الله جي لاءِ نه ٿا خريد ڪن عوض آيتن الله جي ملهه ٿورو اهي انهن جي لاءِ آهي ثواب انهن جو رب انهن جي وٽ بيشڪ الله تڪڙو آهي حساب وٺڻ جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهي آهن جي الله تي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو ۽ جيڪي انهن ڏي نازل ڪيو ويو تنهن تي الله جي عاجزي ڪندي ايمان آڻين ٿا. الله جي آيتن جي بدلي ٿورو ملهه نه ٿا وٺن، انهن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ سندن اجر آهي. بيشڪ الله جي طرفان جلد حساب ٿيڻ وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي الله تي ايمان آڻن ٿا ۽ جيڪو (قرآن) اوهان ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو انهن طرف نازل ڪيو ويو هيو (ان تي ايمان رکن ٿا) اهي الله جي حضور نوڙت ڪندڙ آهن. اهي الله جون آيتون ٿورڙي مُلهه ۾ ڪونه وڪڻندا آهن. اُهي ئي آهن جن جو اجر سندن پالڻهار وٽ آهي. بيشڪ الله حساب ۾ جلدي ڪرڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي آڻين اهل ڪتاب مان، اللهَ تي ايمان، پُڻ اوهان ڏي ۽ اُنهن ڏي، جي نازل ٿيا فرمان، جھڪندڙ ذات جبار کي، پُڻ حُڪمن تان، حَنان، وِڪڻِي وَٿ ٿوري، وٺن قيمت ڪانه، اُنهن لئي، اجر اُنهن جا، سائينءَ وٽ، سُبحان، بارِي بي گمان، تِکو حرف حساب ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ڪتاب وارن مان ڪي اهڙا به آهن، جي الله تي ۽ اوهان ڏي آيل ۽ انهن ڏانهن موڪليل تي ايمان آڻين ٿا، الله جي اڳيان عاجزي ڪندڙ آهن ۽ الله جي آيتن جي بدلي ۾ ڪجهه به نه ٿا وٺن. انهن جو اجر الله وٽ آهي ۽ الله جلد حساب وٺندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهل ڪتاب مان به ڪي ماڻهو آهن، جيڪي الله کي مڃين ٿا، انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻين ٿا، جيڪو تو ڏانهن موڪليل آهي ۽ انهيءَ ڪتاب تي به ايمان اٿن، جيڪو هن کان اڳ خود انهن ڏانهن موڪليو ويو هو، الله جي آڏو جـُـهڪيل آهن ۽ الله جي آيتن کي ٿورڙيءَ قيمت تي نٿا وڪڻن، سندن اجر الله وٽ آهي ۽ الله حساب ڇڏائڻ ۾ دير نه لائيندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪي ماڻهو اهڙا آهن اهل ڪتاب مان جيڪي الله کي مڃن ٿا، انهيءَ ڪتاب کي به مڃن ٿا جيڪو تو ڏي موڪليو آهي ۽ ان ڪتاب تي ايمان رکن ٿا، جيڪو هن کان پهرين کين موڪليو هو، الله جي آڏو جهڪيل رهن ٿا، الله جي آيتن کي ٿوري قيمت تي وڪڻن نٿا، انهن جو اجر آهي سندن رب وٽ، بيشڪ الله حساب چڪائڻ ۾ دير نٿو لڳائي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اهل ڪتاب مان ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي الله تعالى تي ايمان رکن ٿا، قرآن شريف ۽ اڳ ۾ نازل ٿيل ڪتابن تي به ايمان رکن ٿا، هو هر وقت الله تعالى جي اڳيان عاجزي ڪندڙ آهن، الله تعالى جي آيتن کي ٿورڙيءَ قيمت تي نٿا وڪڻن،اهڙن ماڻهن جو بدلو سندن پالڻھار وٽ آهي، بيشڪ الله تعالى جلدي حساب ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰأَيُّهَا الَّذينَ ءامَنُوا اصبِروا وَصابِروا وَرابِطوا وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُم تُفلِحونَ (آيت : 200) |
اي ايمان وارؤ صبر ڪريو ۽ (جھاد لاءِ) بيھڪ وارا ٿيو ۽ مُحڪم رھو، ۽ الله کان ڊڄو ته مانَ اوھين ڇٽو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي ايمان وارو! (جيڪڏهن ڪاميابي چاهو ٿا ته هنن سڀني ڳالهين جو جوهر هي آهي ته) صبر ڪيو، هڪٻئي کي صبر ڪرڻ جي ترغيب ڏيو، هڪٻئي سان ڳنڍجي هڪ ٿي وڃو ۽ (هر حال ۾) خدا کان ڊڄندا رهو ته (پنهنجي مقصد ۾) ڪامياب ٿيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي مؤمنو توهان صبر ڪريو ۽ (دشمنن اڳيان) صبر جو مظاهرو ڪريو ۽ پنهنجن سرحدن جي نگهباني ڪريو، ۽ الله تعالى کان خوف ڪريو بيشڪ توهان ڪامياب ٿي ويندا.(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايمان وارو! (گهڻين تڪليفن کي) سهو ۽ ٻين کي سهڻ سيکاريو (جهاد لاءِ) سندرو ٻڌو ۽ فقط خدا کان ڊڄو ته جيئن دلي مرادون لهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي ايمان وارؤ! صبر ڪيو ۽ مضبوط رهو ۽ مقابلي ۾ ڳنڍيا پيا هجو ۽ ڊڄو الله کان تانته اوهان ڪاميابي ماڻيو .ع (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي ايمان وارؤ ! صبر ڪريو ۽ مقابلي ۾ مضبوط رهو ۽ (ان جي تياريءَ ۾ ) لڳا رهو ۽ الله کان ڊڄو مَنَ اوهين ڪامياب ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي ايمان وارؤ! صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهو ۽ جهاد لاءِ تيار رهو ۽ الله کان ڊڄندا رهو ته توهان ڪاميابي ماڻيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي آندو جن ايمان!، سَهو ۽ سَهسائيو، ۽ سڀ سنڀاليو سرحدون، ڊڄو خدا کان خان!، ته من مرادون مانَ، حاصل ڪريو حضور مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي مومنو! ثابت قدم رهو، مقابلي ۾ مضبوط رهو. هڪٻئي سان ٻڌجي وڃو ۽ الله (جي نافرماني) کان ڊڄو ته ڪامياب ٿيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي ايمان وارؤ! صبر کان ڪم وٺو، باطل جي پوئلڳن جي مقابلي ۾ ثابت قدم رهو. حق جي خدمت لاءِ تيار رهو ۽ الله کان ڊڄندا رهو اميد ته فلاح ماڻيندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي لوڪو! جن ايمان آندو آهي! صبر کان ڪم وٺو، باطل جي پوڄارين جي مقابلي ۾ جواني ڏيکاريو، حق جي خدمت لاءِ تيار رهو، الله کان ڊڄو، اميد ته ڪامياب رهندؤ.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي ايمان وارؤ! ثابت قدم رهو، هڪ ٻئي کي مضبوط ڪريو، پاڻ ۾رابطي ۾ رهو ۽ الله تعالى کان ئي ڊڄندا رهو، توهان ئي ڪامياب ٿيندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |