توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
الم (آيت : 1) |
الٓمّٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الف – لام – ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الۗمّۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الف،لام، ميم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الف، لام، ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَرٿ، “الٓمّٓ” جو سَمجھي هِڪ سُبحان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الف- لام- ميم. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ال۬مّ۬ (الف. لام. ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ا-ل-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الف ــ لام ــ ميم(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَحَسِبَ النّاسُ أَن يُترَكوا أَن يَقولوا ءامَنّا وَهُم لا يُفتَنونَ (آيت : 2) |
ماڻھن ڀانيو آھي ڇا ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته ايمان آندوسون اُھي ڇڏي ڏبا ۽ اُھي نه آزمائبا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي ماڻهو هيئن ٿا سمجهن ڇا ته جيڪڏهن هو رڳو هيترو (زبان سان) چوندا ته اسان ايمان آندو آهي ته پوءِ کين ائين ئي ڇڏيو ويندو (ته جيئن وڻين تيئن ڪن) ۽ کين آزمائش ۾ ڪونه وڌو ويندو. (نه نه! هنن جي ايمان جي آزمائش هنن جي عملن سان ٿيندي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا (ڪجھه) ماڻهو ايئن ڀائين ٿا ته فقط ايئن چوڻ سان کين ڇڏيو ويندو ته اسان ايمان آندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا ماڻهن (هي) خيال ڪيو آهي ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته اسان ايمان آندو، کين ڇڏيو ويندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو (ضرور کين آزمايو ويندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڀانيو آهي ماڻهن هيئن ته ڇڏيا ويندا جو چوَن ته ايمان آندو اسان ۽ اهي نه آزمايا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا ماڻهن (هي) خيال ڪيو آهي ته سندن (رڳو ايتري) چوڻ تي ته اسان ايمان آندو کين ڇڏيو ويندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا ماڻهن خيال ڪيو آهي ته انهن کي رڳو ايتري ڳالهه تي ڇڏي ڏنو ويندو جو چون ته: ”اسان ايمان آندو آهي“ ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ماڻهن رکيو مَن ۾، غَلط هِي گُمان؟ ته چَون رُڳو چَپن سان، ته آندوسون اِيمان، ۽ اُنهن کان اِمتحان، وَڌِيڪ وَٺبو ڪو نه ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، ماڻهن ڀانيو آهي ته هنن کي رڳو انهي چوڻ تي ڇڏي ڏبو، ته ”اسان ايمان آندو، ۽ کين آزمائبو ڪو نه؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا ماڻهن ائين سمجهيو آهي ته رڳو ايترو چوڻ سان ئي ڇڏي ڏنا ويندا ته "اسان ايمان آندو" ۽ کين آزمايو نه ويندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا ائين سمجهيو آهي ماڻهن ته کين رڳو ايترو چوڻ تي ڇڏيو ويندو ته اسان ايمان آندو ۽ انهن کي آزمايو نه ويندو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو اهو گمان ڪري ويٺا آهن ته انهن کي بغير آزمائڻ جي رڳو ايمان جي اقرار تي ڇڏيو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد فَتَنَّا الَّذينَ مِن قَبلِهِم فَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ صَدَقوا وَلَيَعلَمَنَّ الكٰذِبينَ (آيت : 3) |
۽ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن کي بيشڪ پرکيوسون پوءِ جيڪي سچا آھن تن کي الله ضرور ڌار ڪندو ۽ ڪُوڙن کي (به) ضرور ڌار ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، هنن کان اڳي جيڪي ماڻهوٿي گذريا آهن تن کي به اسان آزمائش ۾ وڌو هو سو (هنن ماڻهن کي به آزمائش ۾ وجهي) ضرور معلوم ڪري وٺنداسين (يعني ظاهر ڪري ڏيکارينداسين) ته ڪهڙا (پنهنجي ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهن ۽ ڪهڙا ڪوڙا آهن (۽ درحقيقت ايمان ڪونه آندو اٿن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان انهن کان اڳين ماڻهن جي انهن کان وڌيڪ آزمائش ڪئي پوءِ الله تعالى ڏسي ٿو ته ڪهڙا (انهن مان) سچا آهن ۽ ڪهڙا ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي کانئن اڳ هئا تن کي بيشڪ اسان آزمايو، سو جن (ايمان ظاهر ڪرڻ ۾) سچ ڳالهايو آهي تن کي خدا ضرور الڳ ڏسندو ۽ ڪوڙن کي به ضرور معلوم ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق پرکيوسون انهن کي جيڪي گذريا اڳي انهن کان پوءِ البته ضرور ڏسندو الله انهن کي جيڪي سچا ٿيا ۽ البته ضرور ڏسندو ڪوڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي کانئن اڳ هئا تن کي بيشڪ اسان آزمايو، سو جن (ايمان ظاهر ڪرڻ ۾ ) سچ ڳالهايو آهي تن کي الله ضرور ڄاڻندو (يعني ٻين کان جدا ڪندو) ۽ ڪوڙن کي به ضرور معلوم ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انهن ماڻهن کي (به) آزمايو هيو جيڪي انهن کان اڳي هئا پوءِ الله ضرور (آزمائش ذريعي) پڌرو ڪندو انهن ماڻهن کي جي (ايمان جي دعويٰ ۾) سچا آهن ۽ ڪوڙن کي به ضرور ظاهر ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن اُنهن کان اَڳيَنِ کي، آزمايوسون اِظهار، سَمجھي تان سَچن کي، پڻ ڪُوڙن کي ڪلتار (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اسان کانئن اڳين کي به پرکيو هو، پوءِ جيڪي سچا آهن، تن کي به الله ضرور جدا ڪندو ۽ ڪوڙن کي به جدا ڪندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حالانڪه اسان انهن سڀني ماڻهن جي آزمائش ڪري چڪا آهيون، جيڪي کانئن اڳ ٿي گذريا آهن. الله کي ته ضرور اهو ڏسڻو آهي ته سچا ڪير آهن ۽ ڪوڙا ڪير (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته پرکيو آهي انهن ماڻهن کي جيڪي کانئن اڳي گذري چڪا آهن. الله کي ته اهو ڏسڻو آهي ته انهن مان ڪير سچا آهن ۽ اهو به ڏسڻو آهي ته ڪير ڪوڙا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ته انهن کان اڳ سڀني گذري ويل ماڻهن جي آزمائش ڪري چڪا آهيون. الله تعالى کي ته اهو ضرور ظاهر ڪري ڏسڻو آهي ته ڪير سچا ماڻهو آهن ۽ ڪير ڪوڙا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَم حَسِبَ الَّذينَ يَعمَلونَ السَّيِّـٔاتِ أَن يَسبِقونا ساءَ ما يَحكُمونَ (آيت : 4) |
جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا تن ڀانيو آھي ڇا ته اسان کون اڳتي نڪري ويندا؟ جيڪو نبيرو ڪن ٿا سو بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ماڻهو برائيون (۽ گناهه) ڪن ٿا، سي هيئن ٿا سمجهن ڇا ته هو اسان جو اڳ وٺي سگهندا (يعني خدا جي تجويزن کي روڪي پاڻ ڪامياب ٿي ويندا) ڪهڙو نه غلط ۽ بڇڙو فيصلو ۽ راءِ هو چئي رهيا آهن. (هو ڪڏهن به خدا جي تجويزن کي روڪي نه سگهندا ۽ ضرور ڪنڌ ڀر ڪرندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا بُرا عمل ڪندڙ ايئن سمجھن ٿا ته اهي اسان جي گرفت کان بچي سگھندا، اهو سندن خراب فيصلو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا جيڪي بڇڙايو ڪن ٿا تن خيال ڪيو آهي ڇا ته اهي اسان کان (بچي) اڳي نڪري ويندا. (جيڪڏهن ائين آهي ته) اهي ماڻهو جو فيصلو ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خيال ڪن ٿا اهي جيڪي ڪن ٿا بڇڙا ڪم هي ته اڳتي نڪري ويندا اسان کان برو آهي اهو جيڪو فيصلو ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا تن خيال ڪيو آهي ڇا ته اهي اسان کان اڳي نڪري ويندا؟ جيڪو فيصلو ڪن ٿا سو (ڪهڙو نه) بڇڙو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا جيڪي ماڻهو برايون ڪن ٿا انهن اهو گمان ڪيو آهي ته اهي اسان (جي قبضي) کان اڳتي نڪري ويندا؟ ڏاڍو بڇڙو آهي جيڪو اهي فيصلو ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڀانيو تَن ڀورڙِين؟ جي ڪوجها ڪن ڪم ڪار، ته مَهٽِيندانِئون مُورهِين، ۽ بُڇڙو ٿيو بسيار، ڪوڙا جِنهن ڪُفر جو، ٿا حُڪم ڪن هيڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا بڇڙايون ڪندڙ شخص ائين ٿا ڀانئين، ته اسان کان نڪري ويندا؟ هو بلڪل بُرو فيصلو ٿا ڪن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا جيڪي ماڻهو بڇڙيون حرڪتون ڪن ٿا، انهن ائين سمجهيو آهي ته هو اسان کان گوءِ کڻي ويندا؟ نهايت غلط فيصلو آهي، جيڪو اهي ڪن ٿا! (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو هي سمجهي رهيا آهن ته اهي جيڪي بڇڙايون ڪن پيا اهي اسان کان گوءِ کڻي ويندا؟ اهو غلط فيصلو آهي جيڪو انهن ڪيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا بُرا ڪم ڪرڻ وارا اهو سمجهن ٿا ته هو اسان کان اڳتي نڪري ويندا؟ انهن جو اهو انتھائي برو فيصلو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَن كانَ يَرجوا لِقاءَ اللَّهِ فَإِنَّ أَجَلَ اللَّهِ لَءاتٍ وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 5) |
جيڪو الله جي ملڻ جي اميد رکندو آھي (سو سمجھي) ته بيشڪ الله جي ٺھرايل مُدت ضرور اچڻي آھي، ۽ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪو به شخص (ڄاڻي ٿو ۽) اميد رکي ٿو ته (آخر) الله سان ملڻو آهي (تنهن کي نيڪ عمل هڪدم شروع ڪري ڏيڻ گهرجن ۽ هر طرح خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ گهرجي) ڇو ته يقيناً الله جو (مقرر ڪيل) وقت ضرور اچڻو آهي ۽ (کيس ياد رکڻ گهرجي ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو الله تعالى سان ملڻ جي اميد رکي ٿو پوءِ بيشڪ الله تعالى جومقرر وقت ضرور ايندڙ آهي، ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شخص خدا سان ملڻ (قيامت جي اچڻ) جي اميد رکي ٿو سو (ياد رکي ته) خدا جي مقرر ڪيل مدت ضرور اچڻ واري آهي ۽ اهو (سڀني جي) ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو اميد رکي ٿو الله سان ملڻ جي پوءِ بيشڪ الله جي (ملاقات جو) وقت البته اچڻ وارو آهي ۽ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو الله جي ملڻ جي اميد رکي ٿو (سو اُن لاءِ تياري ڪري) ڇو ته الله جي (وعدي لاءِ) ٺهرايل مدت ضرور اچڻ واري آهي ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو ماڻهو الله جي ملاقات جي اميد رکي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت ضرور اچڻ وارو آهي. ۽ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو آهي رکندو آسرو، ڌَڻِئ جي دِيدار، پوءِ اَوس آهي اَچڻو، ٻَڌل ڏِينهن ڏتار، ۽ سُڻندڙ سو سَتار، پڻ مالِڪ محَرم حال جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو شخص الله سان ملاقات ڪرڻ جي اميد رکندو هجي، (سو سمجهي) ته بيشڪ الله جو مقرر ڪيل وقت ضرور ايندو- ۽ هو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي به الله سان ملڻ جي اميد آهي (ان کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته) الله جو مقرر ڪيل وقت اچڻ وارو ئي آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو چاهي ٿو ملڻ الله سان، ان کي اهو معلوم هئڻ گهرجي ته الله سان ملڻ جو وقت اچڻ وارو آهي، ۽ اهو (الله) سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪو ماڻهو الله تعالى سان ملڻ جي اميد رکي ٿو (ان کي سمجهڻ کپي ته) بيشڪ الله تعالى جو مقرر وقت (۽ وعدو) پورو ٿيڻ وارو آهي. بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏو ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن جٰهَدَ فَإِنَّما يُجٰهِدُ لِنَفسِهِ إِنَّ اللَّهَ لَغَنِىٌّ عَنِ العٰلَمينَ (آيت : 6) |
۽ جيڪو (الله جي دين لاءِ) ڪوشش ڪري سو رڳو پنھنجي لاءِ ئي ڪوشش ڪري ٿو، ڇوته الله جھانن کان بي پرواھ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (يقين رکڻ گهرجي ته) جيڪو به (حق جي راه ۾) بي انتها ڪوشش ۽ محنت ڪري ٿو سو درحقيقت پنهنجي ئي (فائدي) لاءِ ڪري ٿو، (نه خدا جي لاءِ) يقيناً الله تعاليٰ (سڄي ڪائنات، سڄي جهان ۽ سڀني ماڻهن جانورن ۽ شين وغيره) کان بي نياز ۽ بي احتياج آهي. (کيس نه ڪنهن جي پرواهه آهي ۽ نه هو ڪنهن جو محتاج آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن ماڻهو جهاد ڪئي پوءِ ان پنهنجي لاءِ جهاد ڪئي، بيشڪ الله تعالى جهانن وارن کان يقيناً بي نياز آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو شخص (عبادت ۾) ڪوشش ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. (ڇو ته) بيشڪ خدا ساري جهان وارن (جي عبادت) کان بي پرواھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪو ڪوشش ڪري ٿو پوءِ رڳو جهاد ڪري ٿو پنهنجي سر لاءِ بيشڪ الله البته بي پرواهه آهي جهانن کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو (خدا ڪارڻ) ڪوشش ڪري ٿو سو رڳو پاڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. ڇو ته الله جهان وارن کان بي پرواهه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪو ماڻهو (حق جي سربلندي لاءِ) ڪوشش ڪري ٿو سو رڳو پنهنجي (نفعي) لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. بيشڪ الله جهانن کان وڏو بي پرواهه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو لَڙي ٿو لِله، سولڙي پنهنجو پاڻ لئي، بي شڪ بي پرواھ، قادِر ڪُل جھان کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪو (ديني) ڪوشش ٿو ڪري، سو فقط پاڻ لاءِ ڪوشش ٿو ڪري_ بيشڪ الله جهانن کان بي پرواهه آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو شخص به ڪوشش ڪندو ته پنهنجي ڀلي لاءِ ئي ڪندو، بيشڪ الله سڀني جهان وارن کان بي نياز آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو به شخص جهاد ڪندو (دين جي لاءِ) ته اهو جهاد هو پنهنجي ڀلي لاءِ ئي ڪندو، بيشڪ الله بي نياز آهي دنيا جهان وارن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ماڻهو اسان جي راهه ۾ ڪوشش ڪندو ته اها ڪوشش سندس ئي فائدي لاءِ هوندي. بيشڪ الله تعالى تمام جھان وارن کان بي پرواهه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُكَفِّرَنَّ عَنهُم سَيِّـٔاتِهِم وَلَنَجزِيَنَّهُم أَحسَنَ الَّذى كانوا يَعمَلونَ (آيت : 7) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کان سندن مدايون ضرور ميٽيندا سون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن جو کين ڏاڍو چڱو بدلو ڏينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (سچو) ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جون بڇڙائيون ۽ بدڪاريون اسان ميٽائي ڇڏينداسين، ۽ جيڪي عمل هو ڪن ٿا تن مان بهترين عملن جي ڪري کين چڱو بدلو ڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسين ضرور انهن تان سندن ڪيل گناه ميٽي ڇڏينداسين ۽ اسين ضرور انهن کي سندن عملن کان وڌيڪ سهڻي جزا ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون بڇڙايون انهن کان پري ڪنداسون ۽ جيڪي ڪم پيا ڪن تنهن جو چڱي کان چڱو بدلو کين ضرور ڏينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي ٻانها جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل البته ضرور ميٽينداسون انهن کان بڇڙايون انهن جون ۽ البته ضرور بدلو ڏينداسون انهن کي تمام سهڻو ان جو جيڪي ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون بڇڙايون انهن کان پري ڪنداسون ۽ جيڪو چٽي کان چڱو ڪم پيا ڪن تنهن جو بدلو کين ضرور ڏينداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ته ضرور اسان انهن کان انهن جون مديون ميٽينداسين ۽ انهن جي سُٺن عملن جو انهن کي ضرور بدلو ڏينداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جن ايمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪمڙا، ميٽِينداسُون اُنهن جون بَديون بي گُمان، ۽ صفا سُهڻو اُنهن کي، اَسِين ڏينداسون ڏان، جيڪِي مَنجھ جَھان، ٿاڪن، تَن ڪمن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جون اسين مدايون ضرور ميٽينداسون ۽ کين سندن ڪمن جو سٺو بدلو ضرور ڏينداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ سهڻا عمل ڪندا، انهن جون برايون اسان کانئن ميٽي ڇڏينداسون ۽ کين سندن سهڻن عملن جو اجورو ڏينداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻيندا ۽ سندن عمل نيڪ هوندا، ته کانئن پري ڪنداسين سندن برايون ۽ کين بدلو ڏينداسين سٺو سندن عملن جو (جيڪي اهي ڪندا)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اسان اهڙن ماڻهن جي براين کي ضرور ميٽائي ڇڏينداسون ۽ کين عملن جو سھڻو بدلو ڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَصَّينَا الإِنسٰنَ بِوٰلِدَيهِ حُسنًا وَإِن جٰهَداكَ لِتُشرِكَ بى ما لَيسَ لَكَ بِهِ عِلمٌ فَلا تُطِعهُما إِلَىَّ مَرجِعُكُم فَأُنَبِّئُكُم بِما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 8) |
۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، ۽ (اي ماڻھو) جيڪڏھن (اُھي) مون سان ڪنھن کي شريڪ ڪرڻ جي توکي ڪوشش ڪن جنھن (جي حقيقت) جي توکي ڪا ڄاڻپ نه آھي ته اُنھن جو چيو نه مڃ، اوھان جو مون ڏانھن موٽڻ آھي تنھنڪري جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجي اوھان کي سُڌ ڏيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان هر انسان کي پنهنجي پيءُ ماءُ سان احسان ۽ چڱو سلوڪ ڪرڻ جي وصيت ڪئي آهي (اگرچه اهي مشرڪ هجن) پر جيڪڏهن اهي ٻئي ڪوشش ڪن ته تون مون (الله) سان ڪنهن ٻئي کي به شريڪ ڪرين (يعني منهنجي حڪمن جي ابتڙ ڪنهن ٻئي جو حڪم مڃين) جنهن ڳالهه جي باري ۾ توکي پورو علم ئي ڪونه آهي ته پوءِ انهن جي فرمانبرداري نه ڪر (ٻين اهڙين ڳالهين ۾ انهن جي تابعداري. بيشڪ جن ۾ خدا جي حڪمن جي انحرافي ڪانه ٿي ٿئي. ياد رکو ته) اوهان سڀني کي مون ڏي ئي موٽڻو آهي پوءِ (ان وقت) مان اوهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انسان کي حڪم ڪيو ته اهو پنهنجي پيءُ ماءُ سان نيڪي ڪري، ۽ جيڪڏهن اهي توکي زوري مجبور ڪري چون ته تون الله سان شرڪ ڪر، جنهن لاءِ تو وٽ ڪو علم ناهي، پوءِ تون انهن جي تابعداري نه ڪر، مون ڏانهن توهان جو موٽڻ آهي پوءِ آئون توهان کي توهان جي عمل بابت خبر ڏيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱو ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي ۽ (هي به ته) جيڪڏهن اهي ٻئي تو سان هن لاءِ جهڳڙو ڪن ته تون مون سان اهڙي شيءِ کي شريڪ ڪرين جنهن جي تو کي ڪا خبر نه آهي ته انهن جو چيو نه مڃ. (نيٺ هڪ ڏينهن) مون ڏي ئي اوهان کي موٽڻو آهي پوءِ جيڪي (دنيا ۾) پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حڪم ڪيوسون انسان کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان چڱائي جو ۽ جيڪڏهن ڪوشش ڪن توکي تانته شريڪ ڪرين مون سان اهو جو ناهي توکي ان جي ڄاڻ پوءِ نه چيو مڃ انهن ٻنهي جو مون ڏانهن آهي موٽڻ اوهان جو پوءِ خبر ڏيندس اوهان کي ان جي جيڪو ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن اهي ٻئي توسان هن لاءِ جهڳڙو ڪن ته تون مون سان اهڙيءَ شيءِ کي شريڪ ڪرين جنهنجي توکي ڪا خبر نه آهي ته انهن جو چيو نه مڃ. مون ڏي ئي اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ جيڪي پيا ڪريو تنهن جي اوهان کي خبر ڏيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان سهڻو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڪيو. ۽ جيڪڏهن اُهي ٻئي تو تي زور وجھن ته تون مون سان ان شيءِ کي شريڪ ڪر جنهن جو تو کي علم ناهي ته پوءِ انهن ٻنهين جي فرمانبرداري نه ڪر. مون ڏانهن اوهان جو موٽڻ آهي پوءِ آءٌ اوهان کي خبر ڏيندس جيڪي اوهان عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهوءَ کي، سَندسِ ماء، پِيء سان، ڏِنِي سون موچارِي مَت، ۽ جي چَونئـِي ته اُنهِيء چيز کي، ڀيڙو ڪر ڪِنهن ڀَت، قادِر ساڻ ڪَمن ۾، جِنهن جو اَصل نه توکي اَت، پوءِ نه مَڃيينِ مُورهِين، اِهڙِي ڳالھ ڳَت، مون ڏي، ماڳ اوهان جو، پوءِ اوهان کي اَلبت، ڏِيندسِ حَقِيقت، جيڪِي عمل ڪريو، اُنهن جِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي- پر جيڪڏهن هو توتي زور رکن، ته مون سان اهڙن کي ڀائيوار سمجهه، جن جي توکي ڪا خبر ڪانهي، ته پوءِ سندن چيو نه مڃج- اوهان سڀني کي مون ڏانهن موٽڻو آهي، پوءِ آءُ اوهان جي ڪمن جي اوهان کي سُڌ ڏيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان انسان کي هدايت ڪئي ته پنهنجي پيءُ ماءُ سان سهڻو هلي، پر جيڪڏهن هو توتي زور ڀرين ته تون مون سان ڪنهن اهڙي (معبود) کي شريڪ ڪر، جنهن کي تون (منهنجي شريڪ طور) نٿو ڄاڻين ته تون انهن جو چوڻ نه وٺ. مون ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽي اچڻو آهي. پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هدايت آهي اسان جي ته انسان پنهنجي والدين سان سهڻو سلوڪ ڪري، پر جيڪڏهن اهي زور ڀرين ته تون ڪنهن اهڙي (خدا) کي ڀائيوار مڃ، جنهن کي تون (منهنجي شريڪ طور نٿو ڄاڻين)، ته سندن اطاعت نه ڪر، توهان سڀني کي آخرڪار مون وٽ ئي اچڻو آهي. آئون توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڇا ڪندا رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انسان کي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان سھڻي سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ توکي مون سان گڏ اهڙن کي شريڪ ڪرڻ تي زور ڀرين جن جي باري ۾ توکي ڪابه خبر نه آهي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ اُنهن جو چيو نه مڃجانءِ. توهان سڀني کي مون ڏانھن ئي موٽڻو آهي، پوءِ مان توهان کي ٻڌائيندس ته توهان ڪھڙا ڪم ڪندا هئا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُدخِلَنَّهُم فِى الصّٰلِحينَ (آيت : 9) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي صالحن (جي ٽوليءَ) ۾ ضرور داخل ڪنداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو (سچو) ايمان ۽ يقين رکن ۽ نيڪ عمل به ڪن ٿا تن کي اسان صالحن جي سنگت ۾ داخل ڪنداسين. (يعني اهڙا ماڻهو پيغمبرن، صديقن، شهيدن ۽ صالح ٻانهن سان گڏ رهندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسين يقيناً انهن کي صالحين ۾ داخل ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي (قيامت ۾) ضرور نيڪ ماڻهن ۾ داخل ڪنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل البته ضرور داخل ڪنداسون انهن کي صالحن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ضرور چڱن ماڻهن (جي جماعت) ۾ داخل ڪنداسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ته اسان ضرور کين نيڪوڪارن ۾ شامل ڪنداسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آندو جَن اِيمان، پڻ چڱا ڪيائون ڪمڙا، تَن ڏِيندسِ ماڳ مَڪان، ڀيڙا ڀَلارن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، آءُ انهن کي ضرور نيڪن ۾ داخل ڪندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ سهڻا عمل ڪيا هوندائون، انهن کي اسان ضرور صالحن ۾ شامل ڪنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هوندو ۽ عمل نيڪ ڪيا هوندا، تن کي اسان ضرور داخل ڪنداسون صالحن (جي ٽولي) ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ته اسان انهن کي ضرور نيڪ ماڻهن ۾ شمار ڪنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمِنَ النّاسِ مَن يَقولُ ءامَنّا بِاللَّهِ فَإِذا أوذِىَ فِى اللَّهِ جَعَلَ فِتنَةَ النّاسِ كَعَذابِ اللَّهِ وَلَئِن جاءَ نَصرٌ مِن رَبِّكَ لَيَقولُنَّ إِنّا كُنّا مَعَكُم أَوَلَيسَ اللَّهُ بِأَعلَمَ بِما فى صُدورِ العٰلَمينَ (آيت : 10) |
۽ ماڻھن مان ڪي (اھڙا) آھن جي چوندا آھن ته الله تي ايمان آندو اٿون پوءِ جڏھن الله (جي واٽ) ۾ اُن کي ڪو ايذاءُ پھچايو ويندو آھي (تڏھن) ماڻھن جي ايذائڻ کي الله جي عذاب وانگر سمجھندو آھي، ۽ جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار وٽان ڪا مدد ايندي آھي ته چوندا آھن ته بيشڪ اسين اوھان ساڻ ھواسون، جيڪي جھان (وارن) جي دلين ۾ آھي سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (افسوس) ماڻهن ۾ ڪي اهڙا (ضعيف ايمان وارا يا منافق) به آهن جيڪي (ظاهري ته) چون ٿا ته، اسان ايمان آندو آهي پر جڏهن (خدا جي راهه ۾) ڪنهن تڪليف يا مصيبت هيٺ اچن ٿا تڏهن ماڻهن جي ظلم (کان جيڪا تڪليف کين پهچي ٿي تنهن) کي خدا جي عذاب وانگر ٿا سمجهن (يعني ان کي خدا جو عذاب ڪري ٿا سمجهن، حالانڪ اها سندن ايمان جي آزمائش ٿي وٺجي) ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار وٽان (اوهان مسلمانن لاءِ) ڪا مدد (۽ فتح) اچي ته پوءِ يقيناً (پنهنجن فائدن وٺڻ لاءِ) چوندا ته يقيناً اسان توهان (مسلمانن) سان شامل هئاسين، (نه اوهان جي دشمنن سان) ڇا (هو ايترو به نٿا ڄاڻن ته) الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو ته ماڻهن جي دلين ۾ ڇا آهي. (اهي منافق مسلمانن کي کڻي ٺڳي سگهن پر خدا سندن دلين جا خيال به ڄاڻي ٿو ۽ کين سندن بدخيالن ۽ بدعملن موجب ضورور سزا ڏيندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪي ماڻهو (منافق) اهي آهن جيڪي چون ٿا اسان الله تي ايمان آندو، پوءِ جنهن وقت کين الله جي راه ۾ ايذاءُ ڏنو وڃي ٿو ته اهي ماڻهن جي فتني کي الله جي عذاب وانگر ڀانئن ٿا، ۽ جيڪڏهن توهان وٽ توهان جي رب طرفان ڪا مدد پهچي ٿي ته اهي ضرور چوندا، بيشڪ اسين توهان سان گڏ آهيون، ڇا الله تعالى جهان وارن جي دلي ڳالهين کان چڱي طرح واقف ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان خدا تي ايمان آندو پوءِ جڏهن کين خدا جي باري ۾ ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ماڻهن جي ايذاءُ کي خدا جي عذاب برابر ڪري سمجهن ٿا. ۽ (اي رسول) جيڪڏهن (تو وٽ) تنهنجي پالڻهار جي مدد ايندي (۽ تو کي فتح ٿي) ته اهي ئي ماڻهو چوڻ لڳن ٿا ته اسين اوهان سان هئاسون. ڇا جيڪي ساري جهان وارن جي دلين ۾ آهي تنهن کي خدا وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي؟ (ضرور آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ماڻهن مان ڪو اهو آهي جيڪو چوي ٿو ايمان آندوسون الله تي پوءِ جڏهن ايذاءَ ڏنو ويو الله جي (واٽ) ۾ ته ڪيائين ماڻهن جي ايذاءَ کي الله جي عذاب وانگر ۽ البته جيڪڏهن ايندي مدد تنهنجي رب وٽان ته البته ضرور چوندا آهن بلاشڪ اسين هئاسون اوهان سان گڏ ڇا ناهي الله وڌيڪ ڄاڻندڙ ان کي جيڪو جهانن جي سينن ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ايمان آندو پوءِ جڏهن کين الله جي رستي ۾ ايذاءُ پهچايو وڃي ٿو ته ماڻهن جي ايذاءُ کي الله جي عذاب برابر ڪري سمجهن ٿا ۽ جيڪڏهن تنهنجي پاليندڙ جي طرفان ڪا مدد ايندي ته ضرور چوندا ته اسين اوهان سان هئاسون. ڇا جيڪي جهان وارن جي سينن ۾ آهي تنهن کي الله زياده ڄاڻندڙ نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي چون ٿا ته اسان الله تي ايمان آندو پوءِ جڏهن انهن کي الله (جي راهه) ۾ تڪليف ڏني وڃي ٿي ته اُهي ماڻهن جي آزمائش کي الله جي عذاب برابر ڪري سمجهن ٿا. ۽ جيڪڏهن تنهنجي پالڻهار پاران ڪا مدد پهچي ٿي ته چون ٿا ”اسان ته اوهان سان گڏ هياسين“. ڇا الله وڌيڪ ڄاڻندڙ نه آهي جيڪي جهانن (وارن) جي سيني ۾ آهي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪي مُنهان چون، ماڻهن مان، ته اسان مڃيو الله، جڏهن اِيذاء رسيو اُن کي، مَنجھ ربَّ جِي راھ، ته ماڻهن سندِي مار کي، ڀانئي ٿو بَدخواھ، برابر تِنهن باھ، جا اَلله جي غذاب جِي. ۽ مِلِي مُؤمنن کي، جِھڙئَ وٖير واهر، پاران پَرور تُنهنجي، ته ٻولِين پِيا ٻِيهار، هُئاسون اَسِين به، اوهان سان، ڀيڙا بَرقرار، ڇا، اَندرجي اَسرار، سي سائـِين سَمجھندڙ ناھِ ڪي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪي شخص اهڙا آهن جي چوندا آهن ته، ”اسان الله تي ويساهه آندو“- پر جڏهن الله جي راهه ۾ کين تڪليف ايندي آهي ته ماڻهن جي ايذاءَ کي به الله جي عذاب جهڙو پيا سمجهندا آهن ۽ جيڪڏهن تنهنجي ڌڻيءَ وٽان ڪا مدد پهچندي آهي، ته وري ضرور چوندا آهن ته ”بيشڪ اسين به اوهان سان گڏ هئاسون، ”ڇا، الله انهي کي ڪو نه ٿو ڄاڻي، جيڪو جهانن وارن جي دلين ۾ آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته اسان ايمان آندو الله تي، پر پوءِ جڏهن هو الله جي معاملي ۾ ستايو ويو ته هن ماڻهن جي وڌل آزمائش کي الله جي عذاب وانگر سمجهيو. هاڻ جيڪڏهن تنهنجي رب وٽان ڪا فتح نصيب ٿئي ته اهو ماڻهو چوندو ته "اسان ته توهان سان هئاسون". ڇا ساري جهان وارن جي اندر جي حالت الله کي معلوم ناهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪو ماڻهن مان اهڙو به آهي، جيڪو چوي ٿو ته اسان ايمان آندو الله تي، پر جڏهن اهو ستايو وڃي ٿو الله جي معاملي ۾ ته اهو ماڻهن جي وڌل آزمائش کي عذاب ٿو سمجهي الله جو، ۽ جڏهن ايندي آهي (فتح) مدد تنهنجي رب طرفان ته اهو ئي شخص چوندو آهي ته، اسان توهان سان گڏ هئاسين، ته ڇا الله کي معلوم ناهي چڱيءَ طرح سان دنيا وارن ماڻهن جي دلين جو حال؟ (القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن مان ڪي اهڙا به آهن جن جي دعوى آهي ته اسان الله تعالى تي ايمان آندو. پوءِ جڏهن اُنهن کي الله تعالى جي رستي ۾ تڪليف اچي ٿي ته ماڻهن جي طرفان ڏنل تڪليف کي الله تعالى جي عذاب وانگر سمجهن ٿا ۽ جڏهن تنھنجي پالڻھار جي طرفان ڪا مدد پھچي ٿي ته هو فوراً چون ٿا ته اسان ته توهان سان گڏ هئاسين. ڇا الله تعالى کي جھان وارن جي دلين جي حال جي چڱيءَ طرح خبر نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَيَعلَمَنَّ اللَّهُ الَّذينَ ءامَنوا وَلَيَعلَمَنَّ المُنٰفِقينَ (آيت : 11) |
۽ ته جن ايمان آندو آھي تن کي الله ڌار ڪندو آھي ۽ منافقن کي به ڌار ڪندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً خدا سچن مؤمنن کي ڄاڻي ٿو (ته هو سچا آهن ۽ کين پڌرو ڪري ڏيکاريندو) ۽ منافقن کي به ڄاڻي ٿو (ته هو ڪوڙا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى مؤمنن ۽ منافقن کي ضرور ظاهر فرمائيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ايمان قبول ڪيو خدا تن کي ضرور ڄاڻي ٿو ۽ منافقن کي به ضرور ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور ظاهر ڪندو انهن کي جن ايمان آندو ۽ البته ضرور ظاهر ڪندو منافقن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ضرور الله ايمان وارن کي معلوم ڪندو (ڌار ڪندو) ۽ ضرور منافقن کي به معلوم ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله ضرور انهن ماڻهن کي ظاهر ڪندو جن ايمان آندو ۽ ضرور منافقن کي به ظاهر ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَر سائـِين سَمجھي تن کي، آندو جَن اِيمان، ۽ سَمجھي پڻ سُبحان، لوڪان لِڪندڙن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله ضرور ايمان وارن کي به نکيڙيندو ۽ منافقن کي به نکيڙيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله ته اهو ضرور ڏسي رهندو ته ايمان آڻڻ وارا ڪير آهن ۽ ڪير منافق آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ضرور ڏسڻو ئي آهي الله کي ته، ڪير ايمان وارا آهن ۽ ڏسڻ هي به گهرندو ته منافق ڪير آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کي ته اهو ضرور ڏسڻو آهي ته ڪير ايمان وارو آهي ۽ ڪير منافق؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ الَّذينَ كَفَروا لِلَّذينَ ءامَنُوا اتَّبِعوا سَبيلَنا وَلنَحمِل خَطٰيٰكُم وَما هُم بِحٰمِلينَ مِن خَطٰيٰهُم مِن شَيءٍ إِنَّهُم لَكٰذِبونَ (آيت : 12) |
۽ ڪافر مؤمنن کي چون ٿا (اوھين) اسان جي واٽ جي تابعداري ڪريو ۽ (اسين) اوھان جون مدايون کڻنداسين، حالانڪ اُھي سندين مداين مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آھن، بيشڪ اُھي ڪُوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي سي مؤمنن کي چون ٿا ته، توهان به اسان جي واٽ وٺو ۽ اوهان جي خطائن (جا جيڪي نتيجا نڪرندا تن) جا بار اسان کڻنداسين پر هو ڪڏهن به هنن جي خطائن جو ڪجهه به بار نه کڻندا. يقيناً هو ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مؤمنن کي ڪافرن چيو ته توهان اسان جي رستي تي هلو ۽ اسين توهان جا گناه کڻنداسين، ۽ اهي ڪافر مؤمنن جَي گناهن مان ڪنهن شيءِ جو بار نه کڻندا، بيشڪ اهي يقيناً ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪافرن ايمان وارن کي چيو ته اسان جي طريقي تي هلو ۽ اسين (قيامت ۾) اوهان جا گناھ (پنهنجي صر تي) کڻنداسون. هوڏانهن اهي انهن جي گناهن مان ڪجھ به کڻڻ وارا نه آهن. بيشڪ اهي (بلڪل) ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جن ڪفر ڪيو انهن لاءِ جن ايمان آندو ته تابعداري ڪيو اسان جي واٽ جي ۽ تانته کڻون اسين گناهه اوهان جا حالانڪ ناهن اهي کڻندڙ گناهن انهن جي مان ڪا شيءِ بلاشڪ اهي البته ڪوڙا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪافرن ايمان وارن کي چيو ته اسان جي رستي تي هلو ۽ اسين اوهان جا گناهه کڻنداسون. هوڏانهن اهي انهن جي گناهن مان ڪجهه به کڻڻ وارا نه آهن. بيشڪ اهي ڪوڙا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته اوهان اسان جي واٽ جي پيروي ڪيو ته اسان اوهان جي گناهن (جا بار) کڻنداسين. حالانڪه اُهي انهن جي گناهن (جي بار) مان ڪا شيءِ به کڻڻ وارا نه آهن. بيشڪ اُهي ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَڃيو جَن مذڪور، تن کي ڪَهيو، جَن ڪُفر ڪيو، ته وَٺو واٽ اَسان جِي، ته اَهنجا عيب قُصور، کَڻون، کَڻندڙ ڪِين سي، سَندنِ مَديَنِ مان مُور، ظاهِر آهي ضرور، ته اُهي ڪُوڙا آهِن قول ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪافر مؤمنن کي چون ٿا ته ”اوهين اسان جي راهه تي هلو، ته اسين پڪ اوهان جون خطائون پاڻ تي کڻنداسون،“ هو سندن خطائن مان ڪجهه به کڻڻ وارا نه آهن، اُهي پڪ ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڪافر ايمان آڻڻ وارن کي چون ٿا ته توهان اسان جي طريقي جي پيروي ڪريو ته توهان جون خطائون اسان پاڻ تي کڻنداسون، حالانڪه انهن جي خطائن مان هو ڪابه شيءِ پاڻ تي کڻڻ وارا ناهن. بيشڪ اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا اهي ڪافر انهن ماڻهن کي جن ايمان آندو آهي ته، توهان پيروي ڪريو اسان جي ۽ توهان جا گناهه اسان پاڻ کڻنداسون، ۽ جڏهن ته انهن جا گناهه ڪير به پاڻ تي کڻڻ وارا نه آهن پنهنجي مٿان، اهي نسورو ڪوڙ ٿا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪافر ايمان وارن کي چون ٿا ته توهان اسان جي رستي جي پيروي ڪريو ته توهان جا گناهه اسان پاڻ تي کڻنداسين. حالانڪه انهن جي گناهن مان پنھنجي مٿان هو ڪجهه به نٿا کڻي سگهن. بيشڪ اِهي وڏا ڪوڙا ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَيَحمِلُنَّ أَثقالَهُم وَأَثقالًا مَعَ أَثقالِهِم وَلَيُسـَٔلُنَّ يَومَ القِيٰمَةِ عَمّا كانوا يَفتَرونَ (آيت : 13) |
۽ پنھنجن (گناھن جون) ڳٺڙيون ۽ (ٻيون ڪيئي) ڳٺڙيون پنھنجن گناھن سان ضرورکڻندا، ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا آھن تنھن بابت قيامت جي ڏينھن ضرور پڇيا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ هو پنهنجا بار به کڻندا ۽ پنهنجي بارن سان گڏ انهن ٻين جا بار به کڻندا (جن کي برغلائيندا هئا) ان کان سواءِ جيڪي جيڪي (اهڙا) ڪوڙا ٺاهه (دنيا ۾) ٺاهيندا هئا تن بابت به قيامت جي ڏينهن کانئن باز پرس ٿيندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي ضرور پنهنجي تابعدارن جا بار پنهنجي بارن سان گڏ کڻندا، ۽ ضرور قيامت جي ڏينهن انهن کان انهن ڪوڙن بابت پڇيو ويندو جيڪي پاڻ ٺاهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي پنهنجن (گناهن جا) بار ۽ پنهنجن بارن سان گڏ (جن کي گمراھ ڪيائون) تن جا بار (به) ضرور کڻندا. ۽ جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن بابت قيامت جي ڏينهن انهن کان ضرور پڇا ڳاڇا ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته ضرور کڻندا ڳرا (گناهه) پنهنجا ۽ ڳرا بار گڏ ڳرن بارن پنهنجي ۽ البته ضرور پڇا ڪيا ويندا قيامت جي ڏينهن ان جو جيڪي هٿ سان ٺاهنيدا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي پنهنجن (گناهن جا) بار ۽ پنهنجن بارن سان گڏ ٻيا بار (به) ضرور کڻندا. ۽ جيڪو ڪوڙ پيا گهڙين تنهن بابت قيامت جي ڏينهن انهن کان ضرور پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ضرور اُهي پنهنجا بار کڻندا ۽ پنهنجي بارن سان گڏ ٻيا بار ضرور کڻندا ۽ قيامت واري ڏينهن انهن کان ان بابت ضرور پڇيو ويندو جيڪي ڪوڙا بهتان ٻڌندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بار سَندنِ گَڏ، بار تَنِ، مَرکَڻنِ مَغرُور، ۽ ڪَن، جي ڪُوڙ فُتور، تَن جو پُڇبُنِ ڏِينهن قيام جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پر هو ضرور سندن گناهن جا بار به کڻندا ۽ سندن گناهن جي بار سان گڏ ٻيا به ڪيئن گناهن جا بار کڻندا ۽ قيامت ڏينهن ضرور کانئن ڪوڙن ٺاهن ٺاهڻ جو پڇاڻو وٺبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ها باقي هو پنهنجا (گناهن جا) بار به ضرور کڻندا ۽ پنهنجن بارن سان گڏ ٻيا ڪيترائي بار پڻ ۽ قيامت جي ڏينهن ضرور کانئن انهن ڪوڙن ٺاهن ٺاهڻ جي باري ۾ پڇاڻو ٿيندو، جيڪي هو ٺاهيندا رهيا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ها، اهي ته ضرور پنهنجا بار ته کڻندا پر ٻيا ڪيترا بار به کڻندا پاڻ تي، ۽ کانئن پڇاڻو به ٿيندو ڏينهن قيامت جي پڪ سان انهن بهتانن جو جيڪي اهي مڙهيندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) البته هو ضرور پنھنجا گناهه ۽ پنھنجي گناهن سان گڏ ٻيا گناهه به کڻندا ۽ انهن کان قيامت جي ڏينھن ڪوڙ هڻڻ جي باري ۾ ضرور پڇيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد أَرسَلنا نوحًا إِلىٰ قَومِهِ فَلَبِثَ فيهِم أَلفَ سَنَةٍ إِلّا خَمسينَ عامًا فَأَخَذَهُمُ الطّوفانُ وَهُم ظٰلِمونَ (آيت : 14) |
۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون ۽ پوءِ پنجاھ ورھ گھٽ (ھڪ) ھزار سال منجھن رھيو، پوءِ کين طوفان پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته، اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهن سان گڏ ساڍا نو سؤ سال حياتيءَ جا گذاريا (۽ کين سمجهاڻيون ڏنيون ته به هنن مان گهڻا منڪر رهيا ۽ ظلم ڪندا رهيا) سو طوفان هنن کي پڪڙي ورتو (۽ هو ٻڏي مئا) ڇو ته هو (پڇاڙي تائين) ظلم ڪندا رهيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان (حضرت) نوح کي سندس قوم ڏانهن پيغمبر ڪري موڪليو پوءِ پاڻ انهن ۾ ساڍا نَوَ سؤ (950) سال (هدايت ۾ مشغول) رهيا، پوءِ انهن تي طوفان اچي ڪڙڪيو ۽ اهي ظالم هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏي (پيغمبر بنائي) موڪليو ته اهو انهن ۾ پنجاھ ورهيه گهٽ هڪ هزار سان رهيو (۽ هدايت ڪندو رهين پر جڏهن نه مڃيئون) ته نيٺ انهن کي طوفان پڪڙيو ۽ اهي ظالم هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق موڪليو اسان نوح کي ان جي قوم ڏانهن پوءِ رهيو انهن ۾ هزار سال مگر پنجاهه سال پوءِ پڪڙيو انهن کي طوفان حالانڪ اهي ظلم ڪندر آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسان نوح () کي سندس قوم ڏي موڪليو پوءِ پنجاهه ورهه گهٽ هڪ هزار سال انهن ۾ رهيو پوءِ انهن کي طوفان پڪڙيو ۽ اهي ظالم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو پوءِ اُهو انهن ۾ پنجاهه گهٽ هڪ هزار سال رهيو. پوءِ انهن کي طوفان پڪڙيو ان حال ۾ جو اُهي ظالم هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُڪو سون نُوح نبيءَ کي، پَنهنجِي قوم پار، پوءِ رَهيو وَرھ تِنهن راڄ ۾، پَنجاھ گھٽ هَزار، پوءِ وَرتو طُوفان تَن کي، ۽ هُئائـِي هاڃِيڪار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان ”نوح“ کي سندس قوم ڏي موڪليو، پوءِ هو منجهن پنجاهه ورهين گهٽ هڪ هزار سال رهيو- پوءِ انهن کي ظالم هجڻ سبب طوفان اچي ورتو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ۽ هو پنجاهه گهٽ هزار سال منجهن رهيو. نيٺ طوفان اچي انهن کي ان حالت ۾ ورايو جو هو ظالم هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين نوح کي اسان سندس قوم ڏي جيڪو انهن ۾ رهيو هڪ هزار سال گهٽ پنجاهه جي، پوءِ آخرڪار انهن کي اچي ورايو طوفان ان حالت ۾، ڇاڪاڻ ته اهي ظالم هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان نوح ($) کي پنھنجي قوم ڏانھن موڪليو. هن ساڍا نو سؤ سال انهن سان گڏ گذاريا پر پوءِ اُنهن کي طوفان اچي پڪڙيو ڇوته اها ظالم قوم هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنجَينٰهُ وَأَصحٰبَ السَّفينَةِ وَجَعَلنٰها ءايَةً لِلعٰلَمينَ (آيت : 15) |
پوءِ کيس ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (ٻڏڻ کان) بچايوسون ۽ اُن (ٻيڙيءَ) کي جھان (وارن) لاءِ نشاني ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر اسان حضرت نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي (جيڪي ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا هئا) بچائي ورتو، ۽ اسان ان ٻيڙيءَ کي (جا جودي جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺي هئي) جهان جي سڀني ماڻهن لاءِ (عبرت جي) نشاني بنايو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت) نوح ۽ ٻيڙي ۾ سوار (سندس تابعدارن کي) اسان نجات ڏني ۽ اسان ان کي جهان وارن لاءِ نشاني بنائي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچايوسون ۽ اسان ان واقعي کي ساري خدائي جي لاءِ (پنهنجي قدرت جي) نشاني ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏايو اسان ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي ۽ بنايو اسان ان کي نشاني جهانن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچايوسون، ۽ ان (ٻيڙيءَ) کي جهان وارن لاءِ نشاني ڪئي سون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي ۽ ٻيڙي وارن کي بچايو ۽ ان (ٻيڙي) کي جهان وارن لاءِ نشاني بنايو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو ڪيوسون اُن کي، ۽ ٻِيا ٻيڙي وارايار، ۽ نِشاني نروار، ڪيوسونِ، ڪُل جھان لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن اسان ان کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچايو ۽ انهن کي جهانن وارن لاءِ نشاني بنايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان نوح کي ۽ ٻيڙيءَ وارن کي بچائي ورتو ۽ انهيءَ کي دنيا وارن لاءِ عبرت جي نشاني بنائي ڇڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بچايوسين ان کي ۽ انهن ٻيڙي وارن کي، ۽ بڻايوسين ان کي عبرت جي نشاني دنيا وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان اُن کي ۽ ٻيڙي ۾ سوار سڀني ماڻهن کي بچايوسين ۽ ان جي قوم کي جھان وارن لاءِ وڏي نشاني بڻائي ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِبرٰهيمَ إِذ قالَ لِقَومِهِ اعبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقوهُ ذٰلِكُم خَيرٌ لَكُم إِن كُنتُم تَعلَمونَ (آيت : 16) |
۽ ابراھيم کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اھو اوھان لاءِ ڀلو آھي جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان حضرت ابراهيم کي به پيغمبر ڪري موڪليو (ڏسو) هن پنهنجي قوم کي چيو ته، فقط الله جي ٻانهپ ڪيو ۽ فقط الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جيڪيڏهن توهان ڄاڻ رکو (۽ سمجهو سوچيو ته توهان کي يقين ٿيندو) ته انهيءَ ۾ اوهان جي لاءِ وڏي بهتري ۽ چڱائي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ياد ڪريو جنهن وقت (حضرت) ابراهيم پنهنجي قوم کي فرمايو ته توهان الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو اهو توهان لاءِ بهتر آهي جيڪڏهن توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ابراهيم کي (ياد ڪريو) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو اهو اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن سمجھ اٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ابراهيم (کي ياد ڪر) جڏهن چيائين پنهنجي قوم کي ته عبادت ڪيو الله جي ۽ ڊڄو ان کان اهو ڀلو آهي اوهان جي لاءِ جيڪڏهن اوهان ڄاڻ رکو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ابراهيم () کي (موڪليوسون) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو ته الله جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو. اهو اوهان لاءِ چڱو آهي جيڪڏهن سمجهه اٿوَ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ابراهيم کي (موڪليوسين) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”الله جي عبادت ڪيو ۽ ان کان ڊڄو. اُهو اوهان لاءِ ڀلو آهي جيڪڏهن توهان (حقيقت) ڄاڻو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ اِبراهِيم آزر، جڏهن ڪَهيو پَنهنجِي قوم کي، ته پُوڄيو پَرور هيڪڙو، ۽ ڀَئو ڀانيو اُنهِيء ڀَر، اِي اوهان لئي بِهتر، جي سَمجھيو پَنهنجي سُود کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم کي (به موڪليوسون) جڏهن سندس قوم کي چيائين ته ”الله جي بندگي ڪريو ۽ ان کان ڊڄو، جيڪڏهن ڪا ڄاڻ اٿوَ ته اهو ڪم اوهان لاءِ ڀلو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ابراهيم کي به موڪليوسون، جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته "الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ کانئس ڊڄو، اهو توهان لاءِ سڀ کان ڀلو آهي، جيڪڏهن توهان ڄاڻو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ابراهيم کي موڪليوسين جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته، بندگي ڪريو الله جي ۽ کانئس ڊڄو، اهو ئي توهان جي لاءِ سٺو آهي، جيڪر توهان (اها ڳالهه) سمجهي وٺو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ابراهيم ( $ ) کي موڪليو، جڏهن هُن پنھنجي قوم کي چيو ته الله تعالى جي عبادت ڪريو ۽ ان کان ڊڄو جيڪڏهن توهان ڄاڻو ته اهو توهان جي لاءِ بھتر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّما تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا وَتَخلُقونَ إِفكًا إِنَّ الَّذينَ تَعبُدونَ مِن دونِ اللَّهِ لا يَملِكونَ لَكُم رِزقًا فَابتَغوا عِندَ اللَّهِ الرِّزقَ وَاعبُدوهُ وَاشكُروا لَهُ إِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 17) |
اوھين ته الله کانسواءِ بُتن کي پوڄيندا آھيو ۽ اوھين (ڪوڙو) ٺاھ ٺاھيندا آھيو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي پوڄيندا آھيو سي ته اوھان کي روزي (ڏيڻ) جي (ڪي) مالڪ نه آھن تنھنڪري الله وٽان رزق طلب ڪريو ۽ سندس عبادت ڪريو ۽ سندس شڪرانو ڪريو، ڏانھس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (هيءَ ڳالهه ظاهر آهي ته) توهان الله کي ڇڏي بتن جي پوڄا ٿا ڪيو ۽ ڪوڙا ٺاهه ٿا ٺاهيو (اوهان جا خيال ۽ عقيدا بلڪل غلط آهن) خدا کي ڇڏي جن شين، بتن يا ماڻهن جي ٻانهپ ٿا ڪيو تن کي ڪابه طاقت ڪانهي جو اوهان کي رزق ڏيئي سگهن (يا ٻيون دل ۽ دماغ جون گهرجون پوريون ڪري سگهن) سو (توهان جاهل نه ٿيو) فقط الله وٽان رزق جي تلاش ڪيو ۽ فقط سندس حڪمن جي تابعداري ڪيو ۽ (هنن جي ڏنل نعمتن بابت) سندس ئي شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتن کي سندس هدايتن موجب چڱيءَ طرح ڪم آڻي پنهنجو ئي ڀلو ڪيو) (ياد رکو ته) توهان کي (آخر) ڏانهس ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان الله تعالى کانسواءِ بتن جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ توهان هٿرادو ڪوڙ ٺاهيو ٿا بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تعالى کانسواءِ بتن جي عبادت ڪن ٿا اهي توهان کي رزق ڏيئي نٿا سگھن، پوءِ توهان الله تعالى کان رزق طلب ڪريو ۽ ان جي عبادت ڪريو ۽ ان جو شڪرانو مڃو، ۽ توهان کي ان ڏانهن موٽايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين خدا کان سواءِ رڳو بتن کي پوڄيو ٿا ۽ ڪوڙ ٺاهيو ٿا. بيشڪ جن کي خدا کان سواءِ پوڄيو ٿا سي اوهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار (به) نه ٿا رکن، سو خدا وٽان روزي گهرو ۽ سندس شڪر ڪريو، (ڇو ته) هن ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تحقيق اوهان عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ بتن جي ۽ ٺاهيو ٿا ڪوڙ بيشڪ جن جي عبادت ڪيو ٿا الله کان سواءِ نه ٿا مالڪ ٿين اوهان جي لاءِ رزق جا پوءِ طلب ڪيو الله وٽان رزق ۽ ان جي عبادت ڪيو ۽ شڪر ڪيو ان جي لاءِ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين الله کان سواءِ رڳو بتن کي پوڄيو ٿا ۽ ڪوڙ ٺاهيو ٿا. بيشڪ جن کي الله کانسواءِ پوڄيو ٿا سي اوهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار نه ٿا رکن، سو الله وٽان روزي گهرو ۽ سندس عبادت ڪريو ۽ سندس شڪر ڪريو، ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان الله کي ڇڏي صرف بتن جي پوڄا ڪيو ٿا ۽ ڪوڙ ٺاهيو ٿا. بيشڪ جن جي توهان الله کان سواءِ پوڄا ڪيو ٿا اُهي توهان لاءِ رزق جا مالڪ نه آهن، پوءِ اوهان الله وٽان رزق طلب ڪيو ۽ ان جي پوڄا ڪيو ۽ ان جي واسطي شڪر بجا آڻيو. ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَوهِين ته الله ري، رُڳو پُوڄيو ٺلا ٿان، جُوٺيون جاٽون ڪيتريون، جوڙيو مَنجھ جھان، جاٽون ڪريو جَن جون، سوا ربَّ سُبحان، اُهي قُوَّت اوهان جي قُوت جِي، ڪوڏِي رکن ڪانه، پوءِ رَبّ وٽ روزِي ڳوليو، ۽ ڀيٽيوسِ بي گمان، ۽ مَڃيو اُنهِيءَ جا اِحسان، آخِر به اُن ڏي موٽندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين الله کي ڇڏي رڳو بُتن جي بندگي ٿا ڪريو ۽ ڪوڙو ٺاهه ٿا ٺاهيو، بيشڪ اوهين الله کي ڇڏي جن جي بندگي ٿا ڪريو، تن کي اوهان جي رزق ڏيڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، تنهن ڪري الله کان ئي رزق طلبيو ۽ اُن جي ئي بندگي ڪريو ۽ ان جو ئي شڪر ڪريو، اوهين اُن ڏي ئي موٽندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان الله کي ڇڏي جن کي پوڄيو ٿا، اهي ته رڳو بت آهن ۽ توهان پيا ٿا ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو. حقيقت ۾ الله کانسواءِ جن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا، انهن کي توهان کي رزق ڏيڻ جي ڪابه طاقت ڪانهي، الله کان رزق گهرو ۽ سندس ئي ٻانهپ ڪريو ۽ انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، انهيءَ ڏانهن ئي توهان کي موٽايو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت هيءَ آهي ته جن جي عبادت ڪريو ٿا هڪ خدا کي ڇڏي، اهي ته رڳو بت آهن ۽ توهان ته ڪوڙ پيا گهڙيو، حقيقت ۾ جن جي توهان پوڄا ڪريو پيا الله کي ڇڏي سي ته ڪوبه اختيار ئي نٿا رکن توهان کي رزق ڏيڻ جو، گُهرڻو اٿو ته الله کان رزق گهرو ۽ بندگي به انهيءَ جي ڪريو ۽ شڪر به انهيءَ جو ادا ڪريو، (ڇوته) ان ڏي ئي موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اوهان الله تعالى کي ڇڏي بتن جي پوڄا ڪريو ٿا ۽ توهان ڪوڙ هڻو ٿا. بيشڪ الله تعالى کي ڇڏي جن جي توهان پوڄا ڪريو ٿا اهي ته توهان کي روزي ڏيڻ جو اختيار ئي نٿا رکن. سو الله تعالى کان روزي گهرو، ان جي عبادت ڪريو ۽ ان جو ئي شڪر ادا ڪريو ڇوته ان ڏي ئي توهان جو موٽڻ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِن تُكَذِّبوا فَقَد كَذَّبَ أُمَمٌ مِن قَبلِكُم وَما عَلَى الرَّسولِ إِلَّا البَلٰغُ المُبينُ (آيت : 18) |
۽ جيڪڏھن ڪوڙو ڀانيو ٿا ته (ڇا ٿيو) بيشڪ اوھان کان اڳ (ڪيترين) اُمتن (پنھنجن پيغمبرن کي) ڪوڙو ڀانيو ھو، ۽ پيغمبر تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي رکيل) نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن توهان (الله جي پيغام کي) ڪوڙو سمجهي ٺڪرايو ٿا ۽ رد ڪيو ٿا (ته اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي) اوهان کان اڳي به ڪيترن ئي امتن (خدا جي پيغام کي) ڪوڙو ٺهرايو. رسول جو فرض ته فقط هيءُ آهي ته (خدا جو پيغام) چٽيءَ طرح ۽ کليو کلايو (ماڻهن کي) پهچائي (ٻڌائي ۽ سمجهائي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان مون کي ڪوڙو سمجھو ٿا پوءِ بيشڪ توهان کان اڳين امتن به (پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙو سمجھو، ۽ رسولِ عربيءَ تي ته فقط صاف تبليغ ڪرڻ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي مڪي وارو) جيڪڏهن توهان (منهنجي رسول کي) ڪوڙو ڪيو ته (ڪجھ پرواھ نه آهي) اوهان کان اڳ ڪيترين ئي امتن (پنهنجي پيغمبرن کي) ڪوڙ ڪيو. ۽ رسول جي ذمي ته رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن ڪوڙو چوندؤ پوءِ تحقيق ڪوڙو چيو امتن اوهان کان اڳي ۽ ناهي رسول تي مگر پيغام پهچائڻ پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن (مون کي) ڪوڙو ڪندو ته اوهان کان اڳ ڪيترين قومن (پيغمبرن کي) ڪوڙو ڪيو. ۽ رسول تي رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اوهان ڪوڙو چئو ٿا ته پوءِ بيشڪ اوهان کان اڳ ڪيترين قومن (رسولن کي) ڪوڙو چيو هيو. ۽ رسول تي ٻيو ڪجهه ناهي سواءِ پڌرو پيغام پهچائڻ جي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي اوهين ڪُوڙ ڪوٺيو، هِي موچارو مَذڪور، ته آن کان اَڳيَن اُمتن، پڻ ڪُوٺيو ڪُوڙ فُتور، ۽ ناهي مُرسل تي مُور، پَڌري پَٽ پيغام ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن اوهين ڪوڙو سمجهو، ته اوهان کان اڳين امتن به (سندن رسولن کي) ڪوڙو سمجهيو هو ۽ رسولن تي صاف حڪم ٻڌائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به رکيل ناهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن ڪوڙ ٿا سمجهو ته توهان کان اڳ به ته گهڻيون ئي قومون ڪوڙو چئي چڪيون آهن ۽ رسول تي پڌرو پيغام پهچائڻ کانسواءِ ٻي ڪا ذميواري ڪونهي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن ڪوڙو ٿا چئو، ته پوءِ ڪوڙو ته توهان کان اڳي ڪيترين قومن چيو آهي، ۽ ڪابه ذميواري رسولن تي ناهي سواءِ سڌي سنئين پيغام پهچائڻ جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن توهان (مون کي) ڪوڙو سمجهو ٿا ته اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. توهان کان پھريون قومون به (پنهنجي رسولن کي) ڪوڙو سمجهنديون هيون. (درحقيقت) رسول سڳوري کي صرف واضح پيغام پھچائڻ جي ذميداري ڏنل هوندي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا كَيفَ يُبدِئُ اللَّهُ الخَلقَ ثُمَّ يُعيدُهُ إِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسيرٌ (آيت : 19) |
نه ڏٺو اٿن ڇا ته الله خلق کي ڪھڙي طرح نئين سِر بنائيندو آھي؟ وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو، بيشڪ اِھو (ڪم) الله تي آسان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو نٿا ڏسن ڇا ته ڪيئن خدا شروعات ۾ شيون پيدا ڪري ٿو ۽ ڪيئن پوءِ به بار بار پيدا ڪندو رهي ٿو. يقيناً اهو ڪم الله تعاليٰ جي لاءِ بلڪل آسان آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن نه ڏٺو ته ڪهڙي طرح الله تعالى مخلوق کي پيدا ڪيو ان کان پوءِ ان کي موٽائيندو، بيشڪ ايئن ڪرڻ الله تعالى لاءِ آسان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ماڻهن هن تي غور ڪيو ته خدا ڪئين مخلوقات کي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو. هيءَ ته الله لاءِ سولي ڳالھ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته ڪهڙي طرح ٿو نئين سر بنائي الله مخلوق کي تنهن کان پوءِ ٻيهر وري ٺاهيندو ان کي بيشڪ اهو الله تي آسان آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته الله نئين سر ڪيئن پيدا ڪري ٿو وري ٻيهر پيدا ڪندو، بيشڪ اهو ڪم الله تي آسان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن ڪڏهن ڏٺو ناهي ته الله ڪهڙي طرح پيدائش جي شروعات ڪري ٿو پوءِ وري ان کي ورجائي ٿو. بيشڪ اهو (ڪم) الله تي آسان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا ڏِٺئون نَه ؟ ته ڏاتار ڪِيئَن، پهرين جوڙٖي جوڙ کي، موٽِي موٽائـِيندو اُن کي، قُدرت سان ڪلتار، قادِر تي ڪم ڪار، آهي اِي آسان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هو نٿا ڏسن ته ڪيئن الله اول خلق کي پيدا ڪيو، پوءِ وري به ان کي بنائيندو_ بيشڪ اها ڳالهه الله لاءِ بلڪل سولي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن ڏٺو ئي ناهي ڇا ته ڪيئن ٿو الله پهرين ڀيري خلق پيدا ڪري؟ پوءِ ٻيهر به ائين پيو ڪري؟ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهو (وري پيدا ڪرڻ) ته الله لاءِ پاڻ وڌيڪ سؤلو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن ڏٺو ئي ناهي ته ڪهڙي نئين طرح سان الله تخليق جي شروعات ڪندو آهي ۽ ٻيهر موٽائيندو آهي، بيشڪ موٽائڻ انهيءَ جو الله لاءِ وڌيڪ آسان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن نه ڏٺو آهي ته الله تعالى مخلوق کي پھريون ڀيرو پيدا ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٻيھر به پيدا ڪندو رهي ٿو؟ بيشڪ اهو ڪم الله تعالى جي لاءِ آسان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل سيروا فِى الأَرضِ فَانظُروا كَيفَ بَدَأَ الخَلقَ ثُمَّ اللَّهُ يُنشِئُ النَّشأَةَ الءاخِرَةَ إِنَّ اللَّهَ عَلىٰ كُلِّ شَيءٍ قَديرٌ (آيت : 20) |
(کين) چؤ ته مُلڪ ۾ گھمو پوءِ نظر ڪريو ته الله ڪئن نئين سِر خلق کي پيدا ڪيو وري اُن پيدا ڪيل کي الله ٻيھر پيدا ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تون ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي سير سفر ڪيو ۽ ڏسو ته ڪيئن الله تعاليٰ خلقت جي شروعات ڪئي (يعني ڪهڙيون ڪهڙيون شيون هوا، باهه، پاڻي، جبل، سمنڊ، درياهه، وغيره پيدا ڪيا)، پوءِ به (اهڙيءَ طرح) خدا تعاليٰ ٻيون خلقتون خلقيندو رهي ٿو ۽ خلقيندو، ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ کي هر چيز (پيدا ڪرڻ) جي طاقت ۽ قدرت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته توهان زمين ۾ سير ڪريو پوءِ توهان ڏسو ته الله تعالى ڪيئن مخلوق کي پيدا ڪيو؟ ان کان پوءِ ٻئي دفعي به (ايئن ئي) پاڻ پيدا ڪندو، بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قادر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول انهن کي) چئو ته ڪجھ زمين تي هلي ڏسو ته خدا ڪئين پهريان مخلوقات کي پيدا ڪيو (اهڙيءَ طرح) قيامت جي ڏينهن آخري پيدائش پيدا ڪندو، بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته گهمو زمين ۾ پوءِ ڏسو ته ڪهڙي طرح نئين سر پيدا ڪيائين مخلوق کي تنهن کان پوءِ الله پيدا ڪندو پيدا ڪرڻ ٻيو ڀيرو بيشڪ الله هرشيءِ تي قادر آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته زمين ۾ سير ڪريو پوءِ ڏسو ته ڪيئن نئين سر پيدا ڪيائين وري الله (قيامت جي ڏينهن اهڙيءَ طرح) ٻيهر پيدا ڪندو. بيشڪ الله سڀ ڪنهن شيءَ تي قدرت رکندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ زمين ۾ سير ڪيو پوءِ ڏسو ڪيئن پيدائش جو آغاز ڪيائين پوءِ الله ئي ٻي نئين پيدائش ڪندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي طاقت رکڻ وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، بَرِين، بَحرِين، ڀُون گُھمو، پوءِ ڪريو نظر نِهار، ته ڪنهن پَر پهرِين جوڙ کي، ٿو جوڙي جوڙڻهار، موٽِي ٻئي جھان کي. جوڙيندو جَبَّار، صاحب ربُّ، ستار، آهي قادِر هر ڪِنهن ڪم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ملڪ ۾ گهمي ڏسو، پوءِ نظر ڪريو ته ڪيئن الله خلق کي ڪينَ منجهان پيدا ڪيو، وري الله انهي پيدا ڪيل کي ٻئي دفعي پيدا ڪندو- بيشڪ الله هر چيز تي وس وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چوينِ ته زمين ۾ ڪجهه گهمو ڦرو ۽ ڏسو وائسو ته ڪيئن نه نئين ســِـر خلق جوڙي اٿائين، پوءِ ورائي ٻيهر به الله جيئاري اٿاريندو. بيشڪ الله هر شيءِ تي قادر آهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) هنن کي چؤ ته، گهمي ڦري ڏسو زمين ۾، پوءِ ڏسو ته هن (الله) ڪهڙيءَ طرح خلق جي شروعات ڪئي آهي، پوءِ اهو الله ئي ٻيهر حياتي بخشيندو، بيشڪ اهو الله ئي آهي جيڪو هر شيءِ تي قادر (وس وارو) آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته زمين ۾ گهمي ڦري ڏسو ته الله تعالى ڪيئن خلق کي پھريون ڀيرو پيدا ڪري ٿو؟ پوءِ وري ان کي (مارڻ کان پوءِ) ٻيھر پيدا ڪندو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُعَذِّبُ مَن يَشاءُ وَيَرحَمُ مَن يَشاءُ وَإِلَيهِ تُقلَبونَ (آيت : 21) |
جنھن کي وڻيس تنھن کي عذاب ڪري ۽ جنھن تي وڻيس رحم ڪري، ۽ (اوھين) ڏانھس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي عذاب ۾ گرفتار ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو تنهن تي رحم ڪري ٿو (۽ نه وساريو ته) اوهان کي هن ڏي ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهنکي چاهي ان کي عذاب ڪري ۽ جنهنکي چاهي ان تي رحم ڪري، ۽ توهان کي ان ڏانهن موٽڻو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي گهري تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن کي گهري تنهن تي رحم ڪري. ۽ ان ڏي ئي اوهان کي ڦيريو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عذاب ڪري ٿو جنهن کي گهري ۽ رحم ڪري ٿو جنهن تي گهري ۽ ان ڏانهن موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي گهري تنهن کي عذاب ڪري۽ جنهن کي گهري تنهن تي رحم ڪري. ۽ ان ڏي ئي اوهان کي ڦيريو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهو جنهن کي چاهي عذاب ڪري ۽ جنهن تي چاهي ٻاجهه ڪري ۽ توهان ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وَڻيسِ تِنهن کي ڏُک ڏئي، ۽ وڻيسِ سکه تنهِنين، ۽ ڏانهسِ ڏِينهن ڪنهِين، اَوهين مِڙئي موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري ۽ جنهن تي وڻيس تنهن تي رحم ڪري ۽ اوهان کي ڏانهس موٽائبو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي وڻيس سزا ڏئي ۽ جنهن تي گهري رحم ڪري. انهيءَ ڏانهن ئي توهان موٽايا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سزا ڏئي جنهن کي وڻيس ۽ رحم ڪري جنهن تي وڻيس، اهو ئي آهي جنهن ڏي سڀ موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُو جنھن کي چاهي عذاب ڪري ۽ جنھن تي چاهي رحم ڪري. توهان کي ان ڏانھن ئي موٽايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنتُم بِمُعجِزينَ فِى الأَرضِ وَلا فِى السَّماءِ وَما لَكُم مِن دونِ اللَّهِ مِن وَلِىٍّ وَلا نَصيرٍ (آيت : 22) |
۽ اوھين نڪي زمين ۾ ۽ نڪي آسمان ۾ عاجز ڪرڻ وارا آھيو، ۽ اوھان جو الله کانسواءِ نڪو سڄڻ ۽ نڪو مددگار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان الله تعاليٰ جي تجويزن کي نڪي زمين تي روڪي سگهو ٿا، نڪي آسمان ۾ روڪي سگهو ٿا ۽ (ياد رکو ته نافرمانيءَ جو نتيجو ضرور ڏسندو پوءِ) خدا کان سواءِ توهان جو ڪوبه ڪارساز يا مددگار ڪونه ٿيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان (ان کي) زمين ۽ آسمان ۾ عاجز ڪندڙ ناهيو ۽ توهان لاءِ الله تعالى کانسواءِ ڪوبه معاون ۽ مددگار ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهين نه زمين ۾ (خدا کي) عاجز ڪرڻ وارا آهيو ۽ نه آسمان ۾ ۽ خدا کان سواءِ نه ته اوهان جو ڪو سرپرست آهي ۽ نه مددگار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهيو اوهان عاجز ڪندڙ زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ ۽ ناهي اوهان لاءِ الله کان سواءِ ڪو خير خواھ ۽ نه ڪو مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهين نه زمين ۾ ۽ نه آسمان ۾ (الله تي) زور ٿيڻ وارا آهيو، ۽ اوهان جو الله کان سواءِ نه ڪو دوست آهي ۽ نه ڪو مددگار آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه توهان (الله کي) زمين ۾ عاجز ڪرڻ وارا آهيو ۽ نه ڪي آسمان ۾، ۽ نه ئي توهان لاءِ الله کان سواءِ ڪو دوست آهي ۽ نه مددگار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اوهِين نه اُڀ، نه زمين ۾ هرگز ڏِيندڙ هارِ، ۽ والِي ۽ واهر، اوهان جو نه اَلله ري.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهين نڪي (الله کان) زمين ۾ کٽي سگهندا، نڪي آسمانن ۾، ۽ الله کان سواءِ اوهان لاءِ نڪو دوست آهي، نڪو مددگار.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان نڪي زمين ۾ زور پوڻ وارا آهيو ۽ نه آسمان ۾ ۽ توهان لاءِ الله کان بچائڻ وارو ڪوبه واهر وسيلو ڪونهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه توهين (اهڙا آهيو) جو عاجز ڪرڻ وارا هجو زمين ۾، نه وري آسمان ۾، ۽ ڪير به اهڙو نه آهي جيڪو الله کان بچائڻ وارو ڪو مددگار آهي، نه وري سرپرست ئي آهي توهان لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان نه ته زمين ۾ ۽ نه ئي آسمان ۾ (ان کي) بي وس ڪري سگهو ٿا. توهان جي لاءِ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪير به حمايتي ۽ مددگار نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ كَفَروا بِـٔايٰتِ اللَّهِ وَلِقائِهِ أُولٰئِكَ يَئِسوا مِن رَحمَتى وَأُولٰئِكَ لَهُم عَذابٌ أَليمٌ (آيت : 23) |
۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس ملڻ جو انڪار ڪيو سي منھنجي ٻاجھ کان نا اُميد ٿيا آھن ۽ اُنھن لاءِ ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي آيتن ۽ حڪمن جا منڪر آهن، ۽ پڻ (قيامت جي ڏينهن) سندس روبرو حاضر ٿيڻ جا منڪر آهن سي منهنجي رحمت کان نااميد (۽ محروم) هوندا، ۽ انهن جي لاءِ سخت دردناڪ عذاب هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن الله تعالى جي آيتن جو ۽ ان جي ملاقات جو ڪفر ڪيو، اهي منهنجي رحمت مان نااميد ٿيا ۽ اِهي اُهي آهن جن لاءِ دردناڪ عذاب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن خدا جي آيتن ۽ (قيامت جي ڏينهن) سندس حاضر هئڻ کان انڪار ڪيو اهي منهنجيءَ رحمت کان نااميد ٿيا آهن. ۽ انهن لاءِ ئي دردناڪ عذاب آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪفر ڪيو الله جي آيتن جو ۽ انجي ملڻ جو اهي نا اميد ٿيا منهنجي رحمت کان ۽ اهي انهن لاءِ عذاب دردناڪ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن الله جي آيتن ۽ ان سان ملڻ جو انڪار ڪيو، اُهي منهنجي رحمت کان نااُميد ٿيا آهن، ۽ انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن الله جي آيتن ۽ ان جي ملاقات جو انڪار ڪيو اُهي منهنجي رحمت کان مايوس ٿي ويا ۽ اهي ماڻهو آهن جن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جي آيُنِيان ڦِريا، جي فُجار، پڻ مَحشر ۾ مِلڻ کان، ڪيؤَن اُنهِيء جي انڪار، اُهي مُنهنجي مِهر مَنجھان، ٿِيا نا اُميد نِبار، ۽ آهي اُنهن هارِ، سُورن ڀَريو ساڙڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن الله جي آيتن ۽ سندس روبرو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، سي منهنجي ٻاجهه کان نا اميد ٿيا آهن ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن الله جي آيتن جو ۽ ساڻس ملاقات جو انڪار ڪيو آهي، سي منهنجيءَ رحمت کان نااميد ٿي چڪا آهن ۽ انهن لاءِ دردناڪ سزا آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن انڪار ڪيو الله جي آيتن جو ۽ ساڻس ملاقات (قيامت) جو، سي ته مايوس آهن منهنجي رحمت کان، ۽ اهڙن ماڻهن جي لاءِ دردناڪ عذاب (سزا) آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن الله تعالى جي آيتن ۽ اُن سان ملاقات جو انڪار ڪيو، اُهي اصل ۾ منھنجي رحمت کان مايوس ماڻهو آهن ۽ اُنهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا اقتُلوهُ أَو حَرِّقوهُ فَأَنجىٰهُ اللَّهُ مِنَ النّارِ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايٰتٍ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 24) |
پوءِ ابراھيم جي قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ (ٻي) ڪانه ھئي ته اُن کي ڪُھو يا اُن کي ساڙيو پوءِ الله کيس باھ کان بچايو، بيشڪ ھن (احوال) ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر حضرت ابراهيم جي قوم وٽ (انهن مٿين سڀني سمجهاڻين جو) جواب ٻيو ڪوبه ڪونه هو. سواءِ هن جي جو هڪٻئي کي چيائون ته، اچو ته هن کي قتل ڪري ڇڏيون يا کيس باهه ۾ ساڙي ڇڏيون. پر الله تعاليٰ هن کي باهه منجهان بچائي ورتو. بيشڪ هن (واقعي) ۾ انهن ماڻهن لاءِ (وڏيون عبرت جون) نشانيون آهن جيڪي ايمان رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ ابراهيم جي قوم جو ڪو جواب نه هو مگر انهن چيو ٿي ته توهان ابراهيم کي قتل ڪريو يا ان کي باه ۾ ساڙيو، پوءِ الله تعالى ابراهيم کي باه مان نجات ڏني، بيشڪ اِنهيءَ ۾ اُنهيءَ قوم لاءِ نشانيون آهن جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ابراهيم جي قوم وٽ (انهن ڳالهين جو) هن کان سواءِ ٻيو جواب نه هو ته ان کي قتل ڪريو يا کيس ساڙي (خاڪ ڪري) ڇڏيو. (نيٺ انهن ائين ڪيو) پر خدا ان کي باھ کان بچايو. بيشڪ ايمان واريءَ قوم لاءِ هن واقعي ۾ (خدا جي قدرت جون) ڪيئي نشانيون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه هو جواب ان جي قوم جو مگر هي جو چيائون ته ان کي قتل ڪيو يا ان کي ساڙيو پوءِ ڇڏايو ان کي الله باهه کان بلاشڪ ان ۾ البته نشانيون آهن ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ابراهيم() جي قوم جو جواب هن چوڻ کانسواءِ ٻيو نه هو ته ان کي قتل ڪريو يا ان کي ساڙيو پوءِ ان کي الله باهه کان بچايو. بيشڪ ان ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ابراهيم جي قوم جو جواب هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه هيو جو چيائون: ”هن کي قتل ڪيو يا کيس ساڙي ڇڏيو“ آخر ڪار الله ان کي (نمرود جي) باهه کان بچايو. بيشڪ ان (قصي) ۾ ان قوم لاءِ نشانيون آهن جي ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جواب سَنديسِ، جماعت جو، هو نه هِنِيان ڌار، ته قتل ڪريو اُن کي، پڻ اُڪايوسِ اَپار، پوءِ آگي اُن کي، آگ ڪنان، ڪيو آجو اُنهِيء وار، اُن ۾ پَڌرا پار، سَچ سَمجھن، تِنهن ساٿ لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ابراهيم جي قوم جو جواب فقط اهو ئي هو ته ”هن کي قتل ڪريو يا ساڙيو“- پوءِ الله کيس باهه کان بچايو- بيشڪ انهي ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ ابراهيم جي قوم جو جواب ان کان سواءِ ٻيو ڪو نه هو ته چيائون ته "کيس قتل ڪريو يا ساڙي ڇڏيو". نيٺ الله کيس باهه کان بچائي ورتو. بيشڪ انهيءَ ۾ نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي ايمان آڻڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (ابراهيم جي) قوم جو جواب ان کان سواءِ ڪجهه نه هو، انهن چيو ته، قتل ڪريوس يا ساڙيوس، آخرڪار بچائي ورتو ان کي الله ان باهه کان، بيشڪ (انهن ڳالهين ۾) نشانيون آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ سندس قوم جو جواب رڳو اهو هو ته کيس قتل ڪريو يا باهه ۾ ساڙي ڇڏيوس. پوءِ الله تعالى کيس باهه (جي نقصان) کان بچايو. بيشڪ ان واقعي ۾ ايمان آڻيندڙ قوم لاءِ وڏيون نشانيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالَ إِنَّمَا اتَّخَذتُم مِن دونِ اللَّهِ أَوثٰنًا مَوَدَّةَ بَينِكُم فِى الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ يَومَ القِيٰمَةِ يَكفُرُ بَعضُكُم بِبَعضٍ وَيَلعَنُ بَعضُكُم بَعضًا وَمَأوىٰكُمُ النّارُ وَما لَكُم مِن نٰصِرينَ (آيت : 25) |
۽ (ابراھيم) چيو ته اوھان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن کي اختيار ڪيو آھي، وري قيامت جي ڏينھن اوھين ھڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ اوھان مان ھڪڙا ٻـين تي لعنت ڪندا، ۽ اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪوبه مددگار نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت ابراهيم (وري به کين) چيو ته، توهان جو الله تعاليٰ کي ڇڏي بتن کي (پوڄا لاءِ) ورتو آهي سو هن ڪري جو هن دنيا ۾ توهان هڪٻئي لاءِ محبت رکو ٿا پر قيامت جي ڏينهن (جڏهن پنهنجي ظلمن جو نتيجو ڏسندؤ تڏهن) اوهان هڪٻئي کان بيزار ٿيندؤ ۽ هڪٻئي تي لعنتون وجهندؤ ۽ توهان جو ٽڪاڻو دوزخ هوندو ۽ توهان جو ڪوبه مددگار ڪونه هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ابراهيم چيو توهان الله تعالى کانسواءِ بت بنايا آهن جن سان توهان جي دوستي دنيا جي حياتي ۾ آهي ان کان پوءِ قيامت جي ڏينهن توهان هڪ ٻئي جا انڪاري ٿيندا ۽ توهان هڪ ٻئي تي لعنت موڪليندا، ۽ توهان جي جاءِ جهنم آهي ۽ توهان لاءِ ڪير به مددگار ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ابراهيم (پنهنجي قوم کي) چيو ته اوهان ماڻهن خدا کي ڇڏي رڳو دنيا جي حياتيءَ ۾ پاڻ ۾ محبت ڪرڻ سبب بتن کي خدا بنايا آهن. وري قيامت جي ڏينهن اوهان مان هڪڙا ٻين جو انڪار ڪندا ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين تي لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي جاءِ دوزخ آهي ۽ اوهان جا ڪي به (تنهن وقت) مددگار نه هوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ فرمايائين ته تحقيق ورتو اوهان الله کان سواءِ بتن کي دوستيءَ (جو ذريعو) پاڻ ۾ دنيا جي حياتيءَ ۾ تنهن کانپوءِ قيامت جي ڏينهن انڪار ڪندا هڪڙا اوهان مان ٻين جو ۽ لعنت ڪندا هڪڙا اوهان مان ٻين کي ۽ جاءِ اوهان جي دوزخ آهي ۽ ناهن اوهان جا ڪي مددگار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ابراهيم () چيو ته اوهان دنيا جي حياتيءَ ۾ رڳو پاڻ ۾ دوستيءَ جي ڪري الله کانسواءِ بتن جا آستانا بنايا آهن، وري قيامت جي ڏينهن اوهان مان هڪڙا ٻين جو انڪار ڪندا ۽ اوهان مان هڪڙا ٻين تي لعنت ڪندا، ۽ اوهان جي جاءِ باهه آهي ۽ اوهان جا ڪي به مددگار نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ابراهيم) چيو: ”اوهان ته الله کي ڇڏي صرف بتن کي معبود بنايو آهي دنياوي زندگي ۾ هڪ ٻئي جي دوستي جي خاطر، پوءِ قيامت واري ڏينهن توهان مان هڪڙو ٻئي (جي دوستي) کان انڪار ڪندو ۽ توهان مان هڪڙو ٻئي تي لعنت ڪندو ۽ توهان جي جاءِ (جهنم جي) باهه هوندي ۽ توهان لاءِ ڪو به مددگار نه هوندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اوهان ته ڇڏي اَلله کي، ٺاهيون درگاهون ڌار، هِڪ ٻِئي سان هيج ڪري، مَنجھ نِپٽ نَنڍِي ڄَمار، ڦِرندا هيڪ ٻين کان، موٽِي مَحشر وار، لاشڪ ڏِيندا لَعنتون، هِڪ ٻئي کي هُت هزار، دوزخ اُنهن جو دار، ۽ نه اوهان جو آڌارڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابراهيم چيو ته ”اوهان الله کي ڇڏي، بُتن کي فقط دنيا جي حياتيءَ ۾ هڪ ٻئي ۾ دوستيءَ سبب اختيار ڪيو آهي، پر قيامت ڏينهن وري اوهان مان هڪڙو ٻئي جو انڪار ڪندو ۽ هڪڙو ٻئي تي لعنت وجهندو- اوهان جو ٺڪاڻو باهه آهي ۽ اوهان جو ڪو به مددگار ڪونهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان چين ته "توهان دنيا ۾ ته الله کي ڇڏي بتن کي پاڻ ۾ دلين ڳنڍڻ جو وسيلو بڻايو آهي، پر قيامت جي ڏينهن توهان هڪ ٻئي جو انڪار ڪندؤ ۽ هڪ ٻئي تي لعنت وجهندؤ ۽ توهان جي جاءِ باهه هوندي ۽ ڪوبه توهان جو مددگار نه هوندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان چيو، بيشڪ توهان ورتو آهي الله کي ڇڏي بتن کي پنهنجي وچ ۾ محبت جو وسيلو ڪري دنيا جي حياتيءَ ۾، پر ڏينهن قيامت جي توهان انڪار ڪندؤ هڪ ٻئي جو ۽ لعنت ڪندؤ (توهان) هڪ ٻئي تي، ۽ ٺڪاڻو توهان جو باهه هوندي، ۽ ڪوبه توهان جو مددگار نه هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (باهه مان با سلامت نڪرڻ کان پوءِ ابراهيم $ ) چيو ته (ٺيڪ آ) توهان دنيا ۾ هڪ ٻئي سان دوستي نڀاهڻ خاطر الله تعالى کي ڇڏي بتن کي معبود ٺاهيو آهي، پر قيامت جي ڏينھن توهان ئي خود هڪ ٻئي (سان تعلق) جو انڪار ڪندا ۽ هڪ ٻئي تي لعنت ڪندا رهندا. پوءِ باهه ئي توهان جو اصل ٺڪاڻو هوندي ۽ توهان جو ڪوبه مددگار نه هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَـٔامَنَ لَهُ لوطٌ وَقالَ إِنّى مُهاجِرٌ إِلىٰ رَبّى إِنَّهُ هُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 26) |
پوءِ ابراھيم تي لُوط ايمان آندو، ۽ (ابراھيم) چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وطن ڇڏڻ وارو آھيان، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (سندس ڀائٽئي) حضرت لوط مٿس ايمان آندو ۽ چيائين ته مان پنهنجي پروردگار جي طرف هجرت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ هو وڏي طاقت ۽ شان وارو آهي ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ لوط ان جي تصديق ڪئي ۽ ابراهيم چيو بيشڪ آئون پنهنجي رب ڏانهن هجرت ڪندڙ آهيان بيشڪ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن رڳو لوط، ابراهيم تي ايمان آندو. ۽ ابراهيم چين: آءُ ته پنهنجي پروردگار ڏي وطن ڇڏي وڃي رهيو آهيا. بيشڪ اهو ئي زبردست حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ايمان آندو ان تي لوط ۽ فرمايائين ته بلاشڪ مان هجرت ڪندڙ آهيان پنهنجي رب ڏانهن بيشڪ اهوئي غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ لوط () ان کي مڃيو. ۽ ابراهيم () چيو ته آءُ پنهنجي پاليندڙ ڏي وطن ڇڏي وڃي رهيو آهيان. بيشڪ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ لوط ان (ابراهيم) تي ايمان آندو. ۽ (ابراهيم) چيو آءٌ پنهنجي پالڻهار ڏانهن هجرت ڪرڻ وارو آهيان. بيشڪ اُهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ لاشڪ اُن تي لُوط نَبِي، آندو اِعتبار، چي، آئون آهيان لَڏڻو، سَندمِ سائـِينءَ پار، ڏاڍو سو ڏاتار، پڻ ڏاهو ڏيہ مَلوڪ سو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ مٿس لوط ويساهه آندو ۽ چيائين ”آءُ پنهنجي ڌڻيءَ جي راهه ۾ وطن ڇڏيندس_ بيشڪ هو غالب ڏاهپ وارو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت لوط مٿس (ابراهيم تي) ايمان آندو ۽ ابراهيم چيو، مان پنهنجي رب ڏانهن ٿو هجرت ڪريان، هو زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کيس مڃيو لوط، ۽ چيو (ابراهيم) بيشڪ آءٌ هجرت ڪريان ٿو پنهنجي رب ڏانهن، بيشڪ اهو ئي ڏاڍو آهي حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ ان وقت صرف لوط ($) ئي مٿس ايمان آندو ۽ ابراهيم ($) چيو ته مان الله تعالى جي رستي ۾ پنھنجو وطن ڇڏيان ٿو. بيشڪ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَوَهَبنا لَهُ إِسحٰقَ وَيَعقوبَ وَجَعَلنا فى ذُرِّيَّتِهِ النُّبُوَّةَ وَالكِتٰبَ وَءاتَينٰهُ أَجرَهُ فِى الدُّنيا وَإِنَّهُ فِى الءاخِرَةِ لَمِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
۽ اُن کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيوسون ۽ سندس اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب مقرر ڪيوسون ۽ کيس دنيا ۾ سندس اجر ڏنوسون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ (به) صالحن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان حضرت ابراهيم کي (پٽ) اسحاق ۽ (پوٽو) يعقوب عطا ڪيو ۽ سندس نسل (يعني پيڙهيءَ) ۾ نبوت ۽ ڪتاب جو سلسلو جاري رکيو. (حضرت يعقوب جي اولاد ۾ ته گهڻائي پيغمبر ٿيا جن کي خدائي ڪتاب به مليو پر حضرت اسماعيل جي اولاد مان آخري پيغمبر خاتم المرسلين حضرت محمدﷺ پيدا ٿيو جنهن تي قرآن مجيد نازل ٿيو) ۽ اسان حضرت ابراهيم کي هن ئي دنيا ۾ وڏو اجر (۽ ڪاميابي) ڏني. ۽ يقيناً آخرت ۾ به هو صالحن جي جماعت ۾ هوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب عطا ڪيا ۽ اسان ان جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب رکرايو ۽ اسان ان کي سندس اجر دنيا ۾ عطا ڪيو، ۽ بيشڪ اهو (ابراهيم) آخرت ۾ يقيناً صالحين مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ابراهيم کي اسحاق (جهڙو پٽ) ۽ يعقوب (جهڙو پوٽو) عطا ڪيو ۽ سندس نسل ۾ پيغمبر ۽ ڪتاب کي مقرر ڪيوسون ۽ اسان ابراهيم کي دنيا ۾ چڱو بدلو عطا ڪيو ۽ اهو ته آخرت ۾ (به) نيڪ ماڻهن مان آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عطا ڪيو اسان ان کي اسحاق ۽ يعقوب ۽ ڪئي اسان ان جي اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب ۽ ڏنوسون ان کي ان جو اجر دنيا ۾ ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ البته صالحن مان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کيس اسحاق () ۽ يعقوب () بخشي ڏنا. ۽ ان جي اولاد ۾ پيغمبري ۽ ڪتاب کي مقرر ڪيوسون ۽ ان کي دنيا ۾ (به) سندس اجرڏنوسون. ۽ بيشڪ اهو آخرت ۾ (به) چڱن ماڻهن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (عليهما السلام پُٽ ۽ پوٽو) بخشي ڏنا ۽ اسان سندس اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪيو ۽ اسان ان کي دنيا ۾ ئي ان جو بدلو ڏنو، ۽ بيشڪ اُهو آخرت ۾ نيڪوڪارن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اسحاق ۽ يَعقوب اُن کي، ٻَئـِي ڏِٺاسون ڏات، ۽ نُبُوَّت سَندسِ نَسل ۾، جا بلڪل ڀَلي ذَات، مُقرّر ڪئي سون مِهرسان، پڻ صَحِيفا سوغات، ۽ ڏِنوسونِس هِن ڏيھ ۾، سَندسِ پورهيو پات، پڻ نيڪان نيڪ صفات، اُهو آهي آخرت ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ يعقوب بخشيا، سندس اولاد ۾ نبوت ۽ ڪتاب مقرر ڪياسون، کيس دنيا ۾ به سندس اجر ڏنوسون ۽ بيشڪ هو آخرت ۾ به نيڪن مان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) عطا ڪيوسون ۽ سندس پيڙهيءَ ۾ نبوت ۽ ڪتاب رکي ڇڏياسون ۽ هن کي دنيا ۾ به سندس اجورو عطا ڪيو ۽ آخرت ۾ ته هو پڪ سان صالحن مان هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کيس عطا ڪيو اسحاق ۽ يعقوب (جهڙو اولاد) ۽ رکيوسين سلسلو سندس نسل ۾ نبوت ۽ ڪتاب جو ۽ عطا ڪيوسين کيس اجر نه فقط دنيا ۾، پر بيشڪ اهو آخرت ۾ به صالحن مان هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کيس اسحاق ۽ يعقوب (ؐ) عطا ڪياسون ۽ ان جي نسل ۾ ئي نبوت ۽ ڪتاب ڏيندا رهياسين ۽ اسان کيس دنيا ۾ سھڻو بدلو عطا ڪيو. بيشڪ آخرت ۾ ته هو ضرور نيڪوڪار ٻانهن ۾ شامل هوندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلوطًا إِذ قالَ لِقَومِهِ إِنَّكُم لَتَأتونَ الفٰحِشَةَ ما سَبَقَكُم بِها مِن أَحَدٍ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 28) |
۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اُھو بي حيائي جو ڪم ڪندا آھيو جو جھان وارن مان ڪنھن ھڪ (به) اھو اوھان کان اڳ نه ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت لوط کي به اسان (هڪڙي قوم ڏي) پيغمبر ڪري موڪليو. هن انهيءَ قوم جي ماڻهن کي چيو ته، توهان اهڙا بي شرميءَ جا ڪم ٿا ڪيو جهڙا توهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) لوط جنهن وقت پنهنجي قوم کي چيو بيشڪ توهان بدڪاري ڪريو ٿا، جيڪا توهان کان اڳ جهان وارن مان ڪنهن نه ڪئي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) لوط کي (ياد ڪر!) جڏهن ان پنهنجيءَ قوم کي چيو (هو) ته اوهين بيحيائي جو ڪم ڪريو ٿا، جو اوهان کان اڳي ساري خدائيءَ ۾ اهو (فعل) ڪنهن (به) نه ڪيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لوط کي (ياد ڪر) جڏهن فرمايائين پنهنجيءَ قوم کي ته بلاشڪ اوهان البته آڻيو ٿا اهڙي بيحيائي جو نه اڳي ڪئي اوهان کان ڪنهن هڪڙي جهانن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ لوط () کي (موڪليوسون) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين بي حيائيءَ جو ڪم ڪريو ٿا، جهان وارن مان ڪنهن به اوهان کان اڳي اهو (ڪم) نه ڪيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ لوط (کي موڪليوسين) جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو ته: ”اوهان وڏي بي حيائي ڪيو ٿا جا اوهان کان اڳ جهان وارن مان ڪنهن هڪ (قوم) به ڪونه ڪئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لُوط سَندسِ ساٿ کي، آکيو اَ کر اِهو، ته اَچو ٿا اَڀرائـِيءَ تي، ڇَڏي ننگ نِهو، جَملي جَھانن ۾، جُوٺو جِنهن جِھو، ڪونهِي هِڪ به ڪهِو، جِنهن اوهان کان اَڳي ڪيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ لوط کي (موڪليوسين) جڏهن سندس قوم کي چيائين ”اوهين ته اهڙو بيحيائيءَ جو ڪم پيا ڪريو، جو اوهان کان اڳ دنيا جي ڪنهن به شخص نه ڪيو آهي! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان لوط کي به (نبوت ڏئي) موڪليو. جڏهن هن پنهنجي قوم کي چيو ته "توهان ته اهڙي بيحيائيءَ جو ڪم ٿا ڪريو، جيڪو توهان کان اڳ دنيا وارن مان ڪنهن به نه ڪيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين لوط کي جڏهن هن چيو پنهنجي قوم کي، بيشڪ توهان اهو بي حيائي وارو ڪم ڪريو ٿا، جيڪو توهان کان اڳ ڪنهن به نه ڪيو آهي (هن رهندي) دنيا وارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ لوط ($) کي موڪليوسين. جڏهن هُن پنھنجي قوم کي چيو ته بيشڪ توهان اهڙو ته بي حيائيءَ وارو ڪم ڪريو ٿا جو توهان کان اڳ دنيا ۾ ڪنھن به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَئِنَّكُم لَتَأتونَ الرِّجالَ وَتَقطَعونَ السَّبيلَ وَتَأتونَ فى ناديكُمُ المُنكَرَ فَما كانَ جَوابَ قَومِهِ إِلّا أَن قالُوا ائتِنا بِعَذابِ اللَّهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 29) |
ڇا اوھين مڙسن ڏانھن (شھوت سان) ويندا آھيو ۽ واٽ تي ڦُر ڪندا آھيو، ۽ پنھنجن مجلسن ۾ بد ڪم ڪندا آھيو؟ پوءِ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کان سواءِ نه ھئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته الله جو عذاب اسان وٽ آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان (عورتن جي بجاءِ) مردن ڏي ٿا وڃو؟ ۽ پڻ رهزني ٿا ڪيو؟ (يعني واٽن تي ويهي مسافرن کي ٿا لٽيو ۽ ڦريو؟) ۽ پنهنجي مجلسن ۾ به اهو ساڳيو نفرت جهڙو ڪم ٿا ڪيو، پر سندس قوم جي ماڻهن وٽ (انهن سمجهاڻين متعلق) فقط هي ئي جواب هو جو کيس چيائون ته، جيڪڏهن تون سچو آهين (هن ڳالهه ۾ ته اسان تي عذاب ايندو) ته ڀلا آڻ اسان تي خدا جو عذاب!(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان مَردن وٽ وڃو ٿا ۽ صحيح رستو ڪٽيو ٿا، ۽ توهان پنهنجي خاص مجلسن ۾ خراب ڪم ڪريو ٿا، پوءِ سندس قوم جو جواب هي هو ته تون اسان وٽ الله جو عذاب آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهين (زالن کي ڇڏي شهوت رانيءَ لاءِ) مڙسن ڏي وڃو ٿا. ۽ اوهين پنهنجين محفلن ۾ بڇڙيون حرڪتون ڪريو ٿا؟ سو (انهن سڀني ڳالهين جو) لوط جي قوم وٽ هن کان سواءِ ڪو جواب نه هو جو اهي چوڻ لڳا ته، ڀلا جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اسان تي خدا جو عذاب ته آڻيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا بلاشڪ اوهان البته اچو ٿا مردن وٽ (شهوت پوري ڪرڻ لاءِ) ۽ ڦريون ڪيو ٿا واٽ ۾ ۽ ڪيو ٿا پنهنجي مجلس ۾ برائي پوءِ نه هو ان جي قوم جو جواب مگر هي جو چيائون ته آڻ اسان وٽ الله جو عذاب جيڪڏهن آهين سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين مڙسن ڏي (شهوت سان) وڃو ٿا؟ ۽ رستي تي ڦرلٽ ڪريو ٿا، ۽ پنهنجن مجلسن ۾ بڇڙو ڪم ڪريو ٿا. پوءِ سندس قوم جو جواب هن چوڻ کان سواءِ ٻيو نه هو ته جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي الله جو عذاب آڻ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا توهان (شهوت سان) مردن وٽ وڃو ٿا ۽ رستي تي ڦرمار ڪيو ٿا ۽ پنهنجي عام مجلسن ۾ (سر عام) بڇڙائي ڪيو ٿا“؟ پوءِ ان جي قوم جو جواب ان کان سواءِ ٻيو نه هيو جو چيائون ته : ”اسان تي الله جو عذاب آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، مُردارِي! مَردن تي، اَچو شُوم شِتاب؟ وِهو جَھلي واٽڙيون، خواهش ساڻ، خراب، ۽ اَچو اُنهن جِي مَجلِس ۾، جا بُڇڙِي هَر ڪِنهن باب، پوءِ سَندسِ ڪافِر قوم جو، هِن ري، هو نه جواب، ته اَسان تي اَلله جو ڀَلي آڻ عَذاب، صَحِي سَچ ٻولن مان، جي آهِين نيڪ نواب!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهين مَردن ڏي ٿا وڃو، واٽ ويندڙن کي ٿا ڦُريو ۽ اوهان پنهنجي محفلن ۾ ٿا بُڇڙا ڪم ڪريو؟“ انهي تي سندس قوم جو جواب فقط اهو هو، ته ”آڻ اسان تي الله جو عذاب، جي سچو آهين ته!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان مردن وٽ ٿا وڃو ۽ واٽ ويندڙن کي ٿا ڦريو ۽ پنهنجين مجلسن ۾ بڇڙا ڪم ٿا ڪريو؟" پوءِ ته سندس قوم وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه جواب ڪونه هو جو چيائون ته "آڻ ڀلا الله وارو عذاب، جيڪڏهن تون سچو آهين" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان جو حال هي آهي جو وڃو ٿا (بڇڙائي لاءِ) مَردن وٽ ۽ رهزني ڪريو ٿا ۽ پنهنجين مجلسن ۾ ڪريو ٿا بڇڙائي وارا برائي جا ڪم؟ پوءِ ڪوبه جواب ڪونه هو سندس قوم وٽ سواءِ ان جي ته، انهن چيو، ڀلا آڻي ڏيکار اهو عذاب الله جو (جنهن کان ڊيڄارين ٿو) تون جيڪڏهن سچو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان (عورتن کي ڇڏي) مردن سان قُرب ونڊيو ٿا ۽ رستن تي ويھي ڦرلُٽ ڪريو ٿا ۽ پنھنجي محفلن ۾ به بُرا ڪم ڪريو ٿا. پوءِ سندس قوم جو رڳو اهو جواب هو ته جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان جي مٿان الله تعالى جو عذاب آڻي ڏيکار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ انصُرنى عَلَى القَومِ المُفسِدينَ (آيت : 30) |
(لُوط) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي فسادين جي قوم تي مدد ڏي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت لوط دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار منهنجي هنن (ظالمن ۽) بگاڙو وجهندڙ ماڻهن جي خلاف مدد ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لوط عرض ڪيو اي منهنجا رب تون منهنجي مدد ڪر ان قوم تي جيڪي فسادي آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (تڏهن) لوط دعا گهري، پروردگار! هن فساد ڪندڙ قوم جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر (تنهن وقت کان عذاب جي تياري ٿي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائن ته اي منهنجا پالڻهار! مدد ڪر منهنجي فساد ڪندڙ قوم جي مٿان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط () چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! فساد ڪندڙ قوم تي منهنجي مدد ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (لوط) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! فساد ڦهلائيندڙ قوم جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيَمِ! سوڀ صواب، ڏِينمِ ڏوهارِي، قوم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي هن فسادين جي قوم تي مدد ڏي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط چيو: "اي منهنجا رب! هن فسادي قوم جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (لوط) چيو، اي منهنجا رب! مدد فرماءِ منهنجي انهن فسادي ماڻهن جي مقابلي ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لوط ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! هن فساد ڦھلائيندڙ قوم جي مقابلي ۾ منھنجي مدد فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا جاءَت رُسُلُنا إِبرٰهيمَ بِالبُشرىٰ قالوا إِنّا مُهلِكوا أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ إِنَّ أَهلَها كانوا ظٰلِمينَ (آيت : 31) |
۽ جنھن مھل اسان جي قاصدن ابراھيم وٽ خوشخبري آندي (تنھن مھل) چيائون ته اسين ھن ڳوٺ وارن کي ناس ڪرڻ وارا آھيون، ڇوته اُتي جي رھڻ وارا ظالم (ٿيا) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت لوط جي دعا قبول پيئي) سو جڏهن اسان جا قاصد (يعني ملائڪ) حضرت ابراهيم ڏي (پٽ ڄمڻ جي) خوشخبري کڻي آيا تڏهن انهن فرشتن (حضرت ابراهيم کي) چيو ته، اسان هن (حضرت لوط واري) شهر جي ماڻهن کي تباهه ڪرڻ آيا آهيون، ڇو ته اتي جا ماڻهو وڏا ظالم (۽ بي حيا) ٿي پيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان جي فرشتن ابراهيم وٽ مبارڪ آندي، انهن چيو بيشڪ اسين ان ڳوٺ وارن کي هلاڪ ڪندڙ آهيون، بيشڪ انهيءَ ڳوٺ جا رهندڙ ڪافر هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا ابراهيم وٽ (پوڙهائپ ۾ پٽ جي) خوش خبري کڻي آيا ته (ابراهيم کي) چيائون، اسين جلد ئي هن ڳوٺ جي رهڻ وارن کي برباد ڪرڻ وارا آهيون. (ڇو ته) هن ڳوٺ جي رهڻ وارا (تمام) سرڪش آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن آيا اسان جا قاصد ابراهيم وٽ بشارت سان ته چيائون بيشڪ اسين هلاڪ ڪندڙ آهيون هن ڳوٺ جي رهندڙن کي بيشڪ ان جا رهاڪو هئا ظلم ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (ملائڪ) ابراهيم () وٽ خوشخبري کڻي آيا تڏهن انهن چيو ته اسين هن ڳوٺ وارن کي برباد ڪرڻ وارا آهيون ڇو ته ان جا رهاڪو ظالم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (ملائڪ) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا، چيائون: ”اسان هن ڳوٺ وارن کي هلاڪ ڪرڻ وارا آهيون، بيشڪ اتان جا رهواسي ظالم آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان جا اِبراهِيم تي، جڏهن آيامَلڪ مُنِير، اِسحاق ۽ يعقوب جي، کڻِي خاص کِير، چي، گارِيندڙ هِن گام کي، اَسِين آهيون اي اَمِير!، هاڃيڪار حَقِير، جِنهن جا ساڪِن سڀَڪِنهن ڳالھ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن وقت اسان جي قاصدن ابراهيم وٽ مبارڪ آندي، تڏهن چيائون ”اسين هن ڳوٺ کي ناس ڪنداسون، جو اتي جا رهاڪو ظالم آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا ته انهن کيس چيو ته "اسان هن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ وارا آهيون، هن جا رهاڪو سخت ظالم بڻجي چڪا آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن پهتا اسان جا موڪليل (فرشتا) ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي، ته انهن کيس چيو، اسان هلاڪ ڪرڻ وارا آهيون هن وستيءَ جي رهاڪن کي، بيشڪ ان جا ماڻهو تمام وڏا ظالم بنجي چڪا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن ابراهيم ($) وٽ اسان جا فرشتا خوشخبري کڻي آيا ته (کيس اهو به) چيائون ته اسان فلاڻي شھر کي تباهه ڪرڻ آيا آهيون. بيشڪ ان شھر جا رهاڪو ظالم آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّ فيها لوطًا قالوا نَحنُ أَعلَمُ بِمَن فيها لَنُنَجِّيَنَّهُ وَأَهلَهُ إِلَّا امرَأَتَهُ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 32) |
(ابراھيم) چيو ته بيشڪ اُن ۾ لُوط آھي، چيائون ته جيڪو به منجھس آھي تنھن کي اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون، کيس ۽ سندس گھر جي ڀاتين کي ضرور بچائينداسون سواءِ سنديس زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم چيو ته، ان شهر ۾ ته حضرت لوط موجود آهي. فرشتن جواب ۾ چيو ته، ها اسان کي خبر آهي ته ان ۾ ڪير موجود آهي. اسان هن کي ۽ سندس ماڻهن کي سواءِ سندس زال جي (انهيءَ تباهيءَ کان) بچائينداسين. هوءَ پٺتي رهندڙن سان رهجي پوندي (۽ هنن سان گڏ تباهه ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو بيشڪ انهيءَ ڳوٺ ۾ لوط به آهي، فرشتن چيو اسين وڌيڪ ڄاڻو ٿا ان کي جيڪو ان ۾ آهي، اسين ضرور ان کي ۽ سندس اهل کي نجات ڏينداسين، مگر سندس گھر واري (عذاب ۾) پوئتي رهندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ٻڌي) ابراهيم چين ته ان ڳوٺ ۾ ته لوط (به) آهي. انهن فرشتن چيو ته جو به ان ۾ آهي تنهن کي اسين چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا. ان کي ۽ ان جي گهروارن کي اسين ضرور بچائينداسون سندس زال کان سواءِ جا باقي رهيلن مان ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته بيشڪ ان ۾ لوط آهي چيائون ته اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آهيون جيڪو ان ۾ آهي البته ضرور ڇڏائينداسون ان کي ۽ ان جي اهل کي مگر ان جي زال هوندي پوئتي رهندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم () چيو ته ان ۾ ته لوط () (به) آهي.انهن چيو ته جو به ان ۾ آهي تنهن کي اسين گهڻو ڄاڻندڙ آهيون. ان کي ۽ ان جي گهر وارن کي اسين ضرور بچائينداسون سندس زال کانسواءِ جا باقي رهيلن مان ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم ) چيو: ”بيشڪ ان (ڳوٺ) ۾ لوط (به) آهي“. چيائون: ”اسان چڱي طرح ڄاڻون ٿا ته ان ۾ ڪير (ڪير) آهي. اسان ان کي ۽ سندس گهروارن کي ضرور بچائينداسين سواءِ سندس گهرواريءَ جي، اُها پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو اِبراهِيم، ته آهي لُوط به اُن ۾، چي، اَسِين واقِف آهيون، جي ساڪِن مَنجھس سَلِيم، بيشڪ بَچائـِينداسُون اُن کي، پڻ سَندسِ اَهل عَظِيم، مگر عورت اُن جِي حُڪم ساڻ حَڪِيم، ساڀيڙِي بي تَعظِيم، پويِين پَساھ وارن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ته ”ان ۾ ته لوط به آهي!“ چيائون ”اسان کي ان جي رهاڪن جي پوري ڄاڻ آهي، اسين کيس ۽ سندس ڀاتين کي بچائينداسون، سواءِ سندس زال جي، اها پوئتي رهيلن مان ٿيندي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ابراهيم چيو: "ان ۾ ته لوط به آهي". انهن وراڻي ڏني، اسان چڱيءَ طرح ٿا ڄاڻون ته اتي ڪير ڪير آهي. کيس ۽ سندس گهر وارن کي بچائي وٺنداسون، سواءِ سندس زال جي، جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ابراهيم) چين، بيشڪ اتي ته لوط (موجود) آهي، انهن (فرشتن) وراڻيو، اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته اتي ڪير آهي، اسان کيس بچائينداسين ۽ سندس گهر وارن کي به سواءِ سندس زال جي، اها پوئتي ئي هوندي رهڻ وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراهيم ($) چيو ته اُن شھر ۾ لوط ($) به رهي ٿو. فرشتن چيو ته اسان کي سڀ معلوم آهي ته ان ۾ ڪير ڪير رهي ٿو؟ اسان سندس گهرواريءَ کي ڇڏي کيس ۽ باقي ٻين سڀني گهر وارن کي بچائينداسون. سندس گهر واري پوئتي رهجي ويندڙن سان گڏ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَمّا أَن جاءَت رُسُلُنا لوطًا سيءَ بِهِم وَضاقَ بِهِم ذَرعًا وَقالوا لا تَخَف وَلا تَحزَن إِنّا مُنَجّوكَ وَأَهلَكَ إِلَّا امرَأَتَكَ كانَت مِنَ الغٰبِرينَ (آيت : 33) |
۽ جنھن مھل اسان جا قاصد لُوط وٽ آيا تنھن مھل انھن جي (اچڻ) سببان ناراض ٿيو ۽ اُنھن جي (اچڻ) سببان دل تنگ ٿيو ۽ (اُنھن) چيو ته نڪي ڊڄ ۽ نڪي غم کاءُ، بيشڪ اسين توکي ۽ تنھنجي گھر جي ڀاتين کي بچائڻ وارا آھيون سواءِ تنھنجي زال جي جا باقي رھيلن مان ٿيندي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن اسان جا قاصد (يعني فرشتا) حضرت لوط وٽ ويا تڏهن هن کي انهن فرشتن بابت ڏاڍو خطرو ڏسڻ ۾ آيو ۽ سندس دل سوڙهي ٿيڻ لڳي. سو هنن کيس چيو ته، ڊڄ نه، نڪو ڪو غم ڪر. اسان ضرور توکي ۽ تنهنجي ماڻهن کي سواءِ تنهنجي زال جي، (ايندڙ عذاب کان) بچائي وٺنداسين. هوءَ پٺتي رهندڙ ماڻهن ۾ رهجي پوندي (۽ تباهه ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط وٽ آيا انهن جو اچڻ ان کي ڏکيو لڳو ۽ سندس دل انهن کان تنگ ٿي ۽ فرشتن چيو تون خوف نه ڪر ۽ تون غم نه ڪر، بيشڪ اسين توکي ۽ تنهنجي اهل کي نجات ڏينداسين مگر تنهنجي گھر واري (عذاب ۾) پوئتي رهندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل فرشتا لوط وٽ آيا ته کين ڏسي ناخوش ٿيو ۽ انهن جي (مهماني ڪرڻ) کان دل تنگ ٿيو ۽ کيس چيائون، نڪي ڊڄ ۽ نه ڪي غمگين ٿي. بيشڪ اسين تو کي ۽ تنهنجي گهروارن کي بچائينداسون پر تنهنجي زال (ڇو ته) اها باقي رهيلن مان ٿيندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن جو آيا قاصد اسان جا لوط وٽ ته ڏکوئيو انهن جي ڪري ۽ تنگ دل ٿيو انهن جي سببان ۽ چيائون ته نه ڊپ ڪر ۽ نه غمگين ٿي يقينًا اسين بچائيندڙ آهيون تنهنجا ۽ تنهنجي اهل جا تنهنجي گهرواريءَ کانسواءِ هوندي پوئتي رهندڙن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (ملائڪ) لوط وٽ آيا ته کين ڏسي ناخوش ٿيو ۽ انهن جي (اچڻ) ڪري دل تنگ ٿيس ۽ انهن چيس ته نڪي ڊڄ ۽ نه ڪي غمگين ٿي. بيشڪ اسين توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي بچائڻ وارا آهيون تنهنجي زال کان سواءِ جا باقي رهيلن مان ٿيندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اسان جا موڪليل (ملائڪ) لوط وٽ آيا ته انهن (جي اچڻ) سان ناخوش ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ تنگي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ (فرشتن) چيو: ”ڊپ نه ڪر ۽ نه غم ڪر. بيشڪ اسان تو کي ۽ تنهنجي گهر وارن کي بچائڻ وارا آهيون سواءِ تنهنجي زال جي اُها پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَلڪ مُرسل اَسان جا، وارد ٿِيا جِنهن وار، لڳِي لائـِق لُوط کي، تِنيان ڳڻَتِي ڳار، ۽ سِيني سوڙهو کائن ٿيو؛ ۽ ٻوليائون ٻِيهار، ته بِلڪل ڀَو نه ڀانءِ تون، نَڪِي وِجھل وِينجھار! ته آجو ڪندڙ آهيون، توکي اَسِين تڪرار، پڻ تُنهنجي آل عيال کي، تُنهنجي ديري ڌار، هوندي هاڃيڪار، پويِين پَساھ وارن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اسان جا قاصد لوط وٽ آيا، ته هو انهن جي اچڻ ڪري رنج ۽ دل تنگ ٿيڻ لڳو، تڏهن هنن چيس ”نڪي ڊپ ڪر، نڪي غمگين ٿيءُ، بيشڪ اسين توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي بچائينداسون، سواءِ تنهنجي زال جي، اها پوئتي رهيل ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اسان جا موڪليل (فرشتا) لوط وٽ پهتا ته هو سندن اچڻ تي ڏاڍو پريشان ٿي ويو ۽ منجهي پيو. انهن چيس ته "ڊڄ نه ۽ نڪي ڏک ۾ پؤ، اسان توکي ۽ تنهنجي گهروارن کي بچائي وٺنداسون، سواءِ تنهنجي زال جي جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پوءِ جڏهن پهتا اسان جا موڪليل (قاصد) لوط وٽ، ته اهو سخت پريشان ۽ تنگ دل ٿي گهٻرائجي ويو، ۽ انهن (فرشتن) چيو، ڊڄ نه ۽ نه وري ڪو ڏک ڪر، اسان بچائينداسين توکي ۽ تنهنجي گهر وارن کي سواءِ تنهنجي زال جي جيڪا هوندي پوئتي رهڻ وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا لوط ($) وٽ آيا ته انهن جي اچڻ تي هُو ڏاڍو پريشان ۽ دِل گير ٿي ويو. ان تي فرشتن چيس: تون نه ڊڄ ۽ نه ئي پريشان ٿيءُ. بيشڪ اسان توکي ۽ تنھنجي گهر وارن کي بچائينداسون، سواءِ تنھنجي گهر واريءَ جي، جيڪا پوئتي رهجي ويندڙن سان گڏ هوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا مُنزِلونَ عَلىٰ أَهلِ هٰذِهِ القَريَةِ رِجزًا مِنَ السَّماءِ بِما كانوا يَفسُقونَ (آيت : 34) |
بيشڪ اسين ھن ڳوٺ وارن تي ھڪ عذاب انھي سببان آسمان کان لاھڻ وارا آھيون جو بدڪار ٿيا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اسان ضرور هن شهر جي ماڻهن جي مٿان آسمان مان عذاب نازل ڪنداسين، ڇو ته هو بدڪارين ۾ ليڪو لنگهي بيٺا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ هن ڳوٺ وارن تي آسمان مان عذاب نازل ڪنداسين، انهيءَ سببان جو اهي گنهگار هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اسين هن ڳوٺ وارن تي سندن بدڪارين سبب هڪ آسماني عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين لاهيندڙ آهيون هن ڳوٺ جي رهندڙن تي عذاب آسمان کان ان سببان جو بي فرماني ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين هن ڳوٺ وارن تي آسمان مان هڪ عذاب لاهڻ وارا آهيون هن ڪري جو اُهي نافرماني پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان هن بستي وارن تي آسمان مان هڪ عذاب لاهڻ وارا آهيون ان ڪري جو اُهي نافرماني ڪندا رهيا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين آهيون اُن ڳوٺ تي، موڪلِيندڙ مُور، آفت ڪا اُڀ ڪنان، آڌِيءَ وقت، اَسور، جِيئَن، ٿا ڪَن فِسق فُجور، ڏِٺاوائـِٺا ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين ضرور هن ڳوٺ جي رهاڪن تي آسمان مان عذاب لاهينداسون، جو هو بدڪار آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن ڳوٺ جي رهاڪن تي آسمان مان عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون، انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري، جيڪا اهي پيا ڪندا رهيا آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تحقيق اسان نازل ڪرڻ وارا آهيون هن وستيءَ وارن تي عذاب آسمان تان، انهيءَ ڪري جو اهي گناهه (فسق) ڪندڙ هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هن شھر تي سندن بدڪارين جي ڪري آسمان مان عذاب نازل ڪرڻ وارا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَقَد تَرَكنا مِنها ءايَةً بَيِّنَةً لِقَومٍ يَعقِلونَ (آيت : 35) |
۽ بيشڪ اُن ڳوٺ جي پڌري نشاني سمجھندڙ قوم لاءِ ڇڏي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت لوط ۽ سندس ماڻهو انهن فرشتن جي چوڻ موجب راتو واهه شهر مان نڪري ويا. باقي ماڻهن تي پٿرن جو مينهن وسيو ۽ تباهه ٿي پيا. اها حقيقت اڄ تائين هرڪو پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي ٿو) هيءَ حقيقت آهي ته اسان ان واقعي مان هڪڙي چٽي نشاني (عبرت وٺڻ لاءِ) ڇڏي آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (حقيقت کي) سمجهن ٿا (۽ سمجهڻ چاهين ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ سندس ويراني جي هڪ خاص نشاني اسان ان قوم لاءِ ڇڏي آهي جيڪي عقلمند آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ يقنا اسان ان (ابتي ڪيل ڳوٺ) مان عقل وارن لاءِ (سبق حاصل ڪرڻ جي) هڪ پڌري ۽ کليل نشاني باقي رکي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڇڏي اسان ان مان روشن نشاني ان قوم جي لاءِ جيڪي عقل رکن ٿا.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ عقل واريءَ قوم (جي عبرت) لاءِ ان ڳوٺ جو پڌرو نشان ڇڏيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان ان ڳوٺ مان (اجڙيل گهرن کي) هڪ چِٽي نشاني طور عقلمند قوم لاءِ برقرار رکيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَوَس ڇَڏِي سُون اُن مان، نِشانِي نِروار، وَٺِن جي ويچار، ڪارن تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان سمجهندڙ قوم لاءِ ان ڳوٺ جي پڌري نشاني ڇڏي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان انهيءَ ڳوٺ جي هڪ پڌري نشاني ڇڏي ڏني آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڇڏي آهي ان وستيءَ جي نشاني پڌري طور تي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان اُن شھر جا چِٽا نشان باقي ڇڏيا آهن ته جيئن عقل رکڻ واري قوم (اُنهن کي ڏسي) عبرت حاصل ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِلىٰ مَديَنَ أَخاهُم شُعَيبًا فَقالَ يٰقَومِ اعبُدُوا اللَّهَ وَارجُوا اليَومَ الءاخِرَ وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 36) |
۽ مدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينھن جي اُميد رکو ۽ فسادي ٿي مُلڪ ۾ نه ڦِرو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مدين جي ماڻهن ڏي اسان سندن برادريءَ جي ماڻهو حضرت شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو (۽ سندس حڪمن تي هلو) ۽ آخرت جي ڏينهن (جي عذاب) کان ڊڄو ۽ ملڪ ۾ خرابيون ۽ بگاڙ نه ڪندا وتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مدين وارن ڏانهن اسان سندن ڀاءُ (حضرت) شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو، پوءِ ان چيو اي منهنجي قوم توهان الله جي عبادت ڪريو ۽ پوئين ڏينهن جي اميد رکو ۽ توهان زمين ۾ فسادي ٿِي نه ڦِرو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ (اسان) مدين جي رهڻ وارن ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي پيغمبر بنائي موڪليو ته ان (پنهنجي قوم کي) چيو: اي منهنجي قوم! خدا جي عبادت ڪريو ۽ قيامت جي ڏينهن جي اميد رکو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي فساد نه ڦهلايو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ مدين ڏانهن انهن جي ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسون) پوءِ فرمايائين ته اي منهنجي قوم! عبادت ڪيو الله جي ۽ اميد رکو قيامت جي ڏينهن جي ۽ نه ڦرو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مدين (وارن) ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي (موڪليوسون) پوءِ ان چيو ته اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو ۽ پڇاڙيءَ جي ڏينهن جي اميد رکو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مدين (وارن ڏي) انهن جي هم قبيله شعيب کي (موڪليوسين) پوءِ چيائين: ”اي منهنجي قوم! الله جي عبادت ڪيو ۽ پڇاڙي واري ڏينهن جي اميد رکو. ۽ زمين ۾ فسادي بنجي زيادتيون نه ڪندا وتو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ شُعيب شهر مَديَن ڏي، سَندنِ ڀاء ڀَلير، چي، پُوڄيو پاڪ ڌڻِيءَ کي، مُنهنجا مِٽ مَٿير! ۽ آخِر ڏِينهن جو آسرو، ڌاريو پَڪ دِلير!، ۽ بگاڙِيندڙ ٿِي ڀُون ۾، پٽئـِين نه پايو پير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مَدۡيَنَ وارن ڏانهن سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليوسون- چيائين ”اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪريو، قيامت جي اميد رکو! ملڪ ۾ بگيڙ وجهندڙ ٿي نه ڦِرو“- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مدين ڏانهن اسان سندن ڀاءُ شعيب کي موڪليو. ان چيو ته "اي منهنجي قوم وارؤ! الله جي بندگي ڪريو ۽ آخرت جا اميدوار بنجو ۽ زمين ۾ فسادي بنجي ڏاڍايون نه ڪندا وتو" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موڪليوسين مدين ڏي سندن ڀاءُ شعيب کي، پوءِ ان چيو، ”اي منهنجي قوم! عبادت ڪريو الله جي ۽ رکو اميد قيامت جي ڏينهن جي ۽ ڏاڍايون ڪندا نه ڦرو زمين ۾ فسادي بڻجي“(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مدين وارن ڏانھن اسان سندن ڀاءُ شعيب ($) کي موڪليوسين. هن چيو ته: اي منھنجي قوم! الله تعالى جي عبادت ڪريو، قيامت جي ڏينھن تي يقين رکو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦھلائيندا وتو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَتهُمُ الرَّجفَةُ فَأَصبَحوا فى دارِهِم جٰثِمينَ (آيت : 37) |
پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين زلزلي اچي ورتو پوءِ پنھنجن گھرن ۾ اونڌا ٿي (مري) پيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هنن حضرت شعيب کي ڪوڙو سمجهيو ۽ کيس نه مڃيو، سو هڪڙي اهڙي زبردست آواز هنن کي پڪڙ ڪئي (جهڙو ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري يا ڪڏهن ڪڏهن ڌرتي ڌٻڻ وقت ٿيندو آهي.) جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿي پئجي رهيا، (يعني مرده لاشا ٿي پيا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن شعيب کي ڪوڙو سمجھو پوءِ انهن کي اچي عذاب ورتو، پوءِ اهي صبح جي وقت پنهنجي گھرن ۾ هلاڪ ٿي ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته انهن (شعيب کي ڪوڙو ڪيو، ته انهن کي زلزلي اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ گوڏن ڀر (اونڌا) ڪريا پيا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ان کي ڪوڙو چيائون پوءِ ورتو انهن کي زلزلي پوءِ صبح ڪيائون گهرن پنهنجي ۾ گوڏن ڀر ڪرندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ انهن کي زلزلي اچي ورتو پوءِ اهي صبح جو پنهنجن گهرن ۾ گوڏن ڀر ڪريا پيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن ان (شعيب) کي ڪوڙو چيو پوءِ انهن کي زلزلي اچي ورتو پوءِ انهن پنهنجي گهرن ۾ گوڏن ڀر ڪريل حالت ۾ صبح ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيؤن اُن کي، تَڏهن وَرتِن تِنهِين وير، ڪِنهن زور آور زلزلي، ڪندڙ زَبر زير، پوءِ ٿِيا صُبح سَوير، جُھورِي سَندنِ جاين ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هنن کيس ڪوڙو سمجهيو_ تنهن ڪري کين ڌرتي ڌٻڻ اچي ورتو، پوءِ هو سندن گهرن ۾ اونڌا ٿي ڪري پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر انهن کيس ڪوڙو سڏيو، پوءِ هڪڙي سخت زلزلي اچي کين ورتو ۽ هو پنهنجن گهرن ۾ اونڌا ٿي ڪري پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ڪوڙو چيو انهن کيس پوءِ کين اچي ورتو سخت زلزلي، پوءِ اهي اونڌي منهن پيل رهجي ويا پنهنجي گهرن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر انهن اُن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ هڪ زلزلي کين اچي وڪڙ ۾ ورتو. پوءِ هو پنھنجي پنھنجي گهرن ۾ اونڌا مئل پيا هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَعادًا وَثَمودَا۟ وَقَد تَبَيَّنَ لَكُم مِن مَسٰكِنِهِم وَزَيَّنَ لَهُمُ الشَّيطٰنُ أَعمٰلَهُم فَصَدَّهُم عَنِ السَّبيلِ وَكانوا مُستَبصِرينَ (آيت : 38) |
۽ عاد ۽ ثمود کي (چٽ ڪيوسون) ۽ بيشڪ سندين ڪن جاين مان اوھان کي پڌرو ٿي چڪو آھي، ۽ شيطان اُنھن لاءِ سندن عمل سينگاريا ھوا پوءِ کين سِڌي واٽ کان جھليائين ۽ (اُھي) سمجھ وارا (به) ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ عاد ۽ ثمود جي قومن کي به (اسان تباهه ڪري ڇڏيو) ۽ اوهان کي هنن جا گهر به چٽائي چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ شيطان هنن جي (بد) عملن کي هنن جي نظر ۾ سهڻا ڪري ڏيکاريا ۽ هنن کي سڌي واٽ کان روڪي ڇڏيائين، اگرچه هو نهايت هوشيار ۽ هنرمند هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان عاد ۽ ثمود جي قوم کي هلاڪ ڪيو ۽ تحقيق توهان لاءِ انهن جون جايون ظاهر آهن، ۽ شيطان سندن بداعمالي کين سهڻي ڪري ڏيکاري، پوءِ شيطان انهن کي صحيح رستي تان روڪيو ۽ اهي عقلمند هئا (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪري سگھيا ٿي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ قوم عاد ۽ ثمود کي برباد ڪيوسون) ۽ (اي مڪي وارو) اوهان کي ته سندن (برباد ٿيل) گهر به (رستي سان ايندي ويندي) سجهن ٿا. ۽ شيطان سندن نظر ۾ انهن جا ڪرتوت چڱا ڪري ڏيکاريا هئا ۽ کين (سڌي) راھ تي (هلڻ کان) روڪي ڇڏيو هو. هوڏانهن اهي ماڻهو ڏاڍا هوشيار هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ عاد ۽ ثمود کي (هلاڪ ڪيائين) ۽ تحقيق ظاهر ٿيو اوهان لاءِ سندن جاين مان ۽ سينگاريا انهن لاءِ شيطان عمل انهن جا پوءِ روڪيائين انهن کي واٽ کان ۽ هئا سمجهه رکندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ عاد ۽ ثمود کي (برباد ڪيوسون) ۽ بيشڪ انهن جا ڪجهه گهر اوهان تي ظاهر ٿي چڪا آهن ۽ شيطان انهن لاءِ سندن عمل سينگاريا پوءِ انهن کي (سڌي) رستي کان روڪيائين، ۽ اهي (سڀ ڪجهه) سمجهي رهيا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ عاد ۽ ثمود کي (هلاڪ ڪيوسين) ۽ بيشڪ انهن جا ڪجهه (تباهه ٿيل) گهر توهان لاءِ (بطور عبرت) ظاهر ٿي چڪا آهن. ۽ شيطان انهن لاءِ سندن (بُرن) عملن کي خوشنما بنايو پوءِ انهن کي راهِ (حق) کان روڪيائين حالانڪه اُهي ڏسندڙ (۽ سمجهندڙ) هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون، عاد، ثَمود کي، هيڪاندو هلاڪ، ۽ اَڄ به اوهان لئي ثابِتيون، سَندنِ ٿاڻاٿاڪ، ۽ اِبلِيس سِينگاريا اُنهن لئي، اُنهن جا عمل ناپاڪ، ۽ هُئا چِٽِيء اََکه چالاڪ، پوءِ روڪئـِين اُنهن کي راھ کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ عاد ۽ ثمود قوم کي به ، جن جي ڪيترين ئي جاين جي اوهان کي پوري خبر آهي، هنن لاءِ شيطان سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا هئا، پوءِ هنن کي سنئين واٽ کان روڪيائين ۽ هو هئا به سمجهدار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ عاد ۽ ثمود کي به اسان تباهه ڪيو هو، سندن رهڻ جا هنڌ توهان جي آڏو پڌرا لڳا پيا آهن. ۽ سندن عملن کي شيطان انهن لاءِ ڏسڻ ۾ ڏاڍو سهڻو بڻائي ڇڏيو ۽ کين اصلي رستي کان لاڙي ڇڏيو، جيتوڻيڪ هو سڀ سمجهي رهيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ عاد وارن ۽ ثمود وارن (کي هلاڪ ڪيوسين) ۽ اهي توهان ڏسي چڪا آهيو هنڌ ۽ ماڳ جتي اهي رهيا ٿي، ۽ خوشنما بنايو انهن لاءِ شيطان سندن عملن کي پوءِ کين هٽايوسين سنئين راهه کان جڏهن ته اهي عقل ۽ سمجهه وارا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ عاد ۽ ثمود قوم کي به تباهه ڪيوسين ۽ انهن جا گهر (اڃا تائين به) توهان جي سامهون موجود آهن. شيطان کين سندن عملن کي سھڻو ڪري ڏيکاريو ۽ اُنهن کي سڌي راهه کان روڪي ڇڏيو. حالانڪه هو سمجهدار ماڻهو هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقٰرونَ وَفِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَلَقَد جاءَهُم موسىٰ بِالبَيِّنٰتِ فَاستَكبَروا فِى الأَرضِ وَما كانوا سٰبِقينَ (آيت : 39) |
۽ قارون ۽ فرعون ۽ ھامان کي (به چٽ ڪيوسون)، ۽ بيشڪ مُوسىٰ پڌرن معجزن سان وٽن آيو پوءِ مُلڪ ۾ وڏائي ڪيائون ۽ (اڳتي) وڌي ويندڙ نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ قارون، فرعون ۽ هامان (کي به اسان تباهه ڪري ڇڏيو) هنن ڏي حضرت موسيٰ چٽين نشانين سان آيو (۽ کين گهڻوئي سمجهايائين) پر هنن ملڪ ۾ تڪبر جي روش اختيار ڪئي پر هنن کي ڪهڙي مجال هئي جو اسان جي پڪڙ کان نڪري ڇٽي وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان، قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي هلاڪ ڪيو، ۽ بيشڪ انهن وٽ (حضرت) موسيٰ پنهنجي معجزن سميت آيو، پوءِ انهن زمين ۾ تڪبر ڪئي، ۽ اهي اسان جي عذاب کان بچي نه سگھيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اسان ئي) قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي به (برباد ڪيو) هوڏانهن وٽن موسى پڌرا ۽ کليل معجزا کڻي آيو تڏهن به اهي ماڻهو روءِ زمين تي سرڪشيءَ ڪندا پيا وتن ۽ اهي اسان کان (نڪري) اڳتي وڌي نه سگهيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي (به هلاڪ ڪيوسون) ۽ البته تحقيق آيو انهن وٽ موسى چٽن دلين سان پوءِ تڪبر ڪيائون زمين ۾ ۽ نه هئا اڳتي وڌندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي (برباد ڪيوسون). ۽ بيشڪ موسيٰ () انهن وٽ ظاهرشانيون آنديون پوءِ انهن زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ اهي (اسان کان) اڳي وڌڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان (کي برباد ڪيوسين). ۽ بيشڪ انهن وٽ موسى چِٽيون نشانيون کڻي آيو پوءِ انهن زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ اُهي اسان (جي پڪڙ) کان اڳتي وڌي وڃڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون چَٽ قارُون کي، پڻ فِرعون ۽ هامان، ۽ آينِ اُهڃاڻن سان، مُوسٰى مِهربان، پوءِ ڀُون ۾ ڀانيؤن پاڻ کي، رکيؤَن شوڪت شان، ۽ کَڻندڙ نه هُئا سي خان، اَ ڳرائـِي اَسان ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان کي به_ بيشڪ هنن وٽ موسيٰ! پڌرن معجزن ساڻ آيو_ پوءِ هنن ملڪ ۾ هٺ ڪيو، پر هو به اسان کان بچي نه سگهيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ قارون، فرعون ۽ هامان کي به اسان تباهه ڪيو. موسيٰ وٽن چٽيون نشانيون آنديون، پر هنن پاڻ کي زمين ۾ تمام وڏو ڀانيو، جيتوڻيڪ هو ڪو اڳ ڪڍي وڃڻ وارا نه هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ قارون ۽ فرعون ۽ هامان (کي هلاڪ ڪيوسين) ۽ آيو انهن وٽ موسيٰ کُليل نشانين سان، پر انهن پنهنجي وڏائي کي قائم رکيو زمين ۾، جڏهن ته اهي اڳيان وڌندڙ نه هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قارون، فرعون ۽ هامان کي به هلاڪ ڪري ڇڏيوسين ۽ انهن سڀني وٽ موسى ($) چٽيون نشانيون کڻي آيو هو پر تڏهن به انهن زمين ۾ غرور ڪيو. هو سڀ اسان کان ڀڄي وڃڻ وارا ته نه هئا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكُلًّا أَخَذنا بِذَنبِهِ فَمِنهُم مَن أَرسَلنا عَلَيهِ حاصِبًا وَمِنهُم مَن أَخَذَتهُ الصَّيحَةُ وَمِنهُم مَن خَسَفنا بِهِ الأَرضَ وَمِنهُم مَن أَغرَقنا وَما كانَ اللَّهُ لِيَظلِمَهُم وَلٰكِن كانوا أَنفُسَهُم يَظلِمونَ (آيت : 40) |
پوءِ سڀڪنھن کي سندس گناھ سببان پڪڙيوسون، پوءِ منجھانئن ڪن تي سخت آنڌي موڪلي سون، ۽ منجھانئن ڪن کي ڪڙڪي (اچي) ورتو، ۽ منجھانئن ڪن کي زمين ۾ ڳھايوسون، ۽ منجھانئن ڪن کي ٻوڙيوسون، ۽ ڪڏھن ٿيڻو نه ھو جو الله مٿن ظلم ڪري پر ھنن پنھنجو پاڻ تي ظلم ٿي ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان انهن سڀني کي سندن گناهن (۽ ظلمن) سببان پڪڙ ڪئي. ڪن ڏي اسان سخت طوفان (پٿرن جي برسات سان) موڪليو، ڪن کي دهشتناڪ آواز گهيري فنا ڪري ڇڏيو، ڪن کي اسان جي حڪم سان زمين ڳهي ويئي ۽ ڪن کي اسان ٻوڙي ماري ڇڏيو، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جو اهو وڙ نه هو (۽ نه آهي) ته هنن سان بي انصافي ڪري، حقيقت هيءَ آهي ته هنن پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي پاڻ تباهه ڪيو جيئن هاڻي زبردست قومون پاڻ کي پاڻ تباهه ڪري رهيون آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن سڀني کي اسان سندن گناهن سببان گرفتار ڪيو، پوءِ انهن مان ڪن تي اسان پٿريون وسايون، ۽ انهن مان ڪن کي اسان وڏن آوازن سان هلاڪ ڪيو، ۽ انهن مان ڪن کي اسان زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏيو، ۽ انهن مان ڪن کي اسان غرق ڪيو، ۽ الله تعالى انهن تي ظلم نه ڪيو پر اهي پنهنجي نفسن تي پاڻ ظلم ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اسان سڀني کي سندن گناھ جي سزا ۾ پڪڙيوسون. پوءِ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن تي پهڻن وسائڻ وارو واءُ موڪليوسون ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي سخت هڪل ورتو ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي زمين ۾ ڳهايوسون، ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي ٻوڙيوسون ۽ خدا ته مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اهي پاڻ تي پڻ ظلم ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ سڀني کي پڪڙيوسون سندن گناهه جي ڪري پوءِ انهن مان اهو آهي جو موڪلياسون ان تي پٿر ۽ انهن مان اهي آهن جو پڪڙيو انهن کي ڪڙڪي ۽ انهن مان اهي آهن جو ڳهايوسين انهن کي زمين ۾ ۽ انهن مان اهي به هئا جن کي غرق ڪيوسين ۽ نه ممڪن هو جو الله ظلم ڪري انهن تي ۽ پر نفسن پنهنجن تي ظلم ٿي ڪيائون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سڀ ڪنهن کي سندس گناهه جي ڪري پڪڙيوسون، پوءِ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن تي پهڻن وسائڻ وارو واه موڪليوسون، ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جي کي سخت هڪل ورتو، ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن کي زمين ۾ ڳهايوسون، ۽ انهن مان ڪي اهڙا آهن جن کي ٻوڙيوسون ۽ الله مٿن ظلم ڪرڻ وارو نه هو پر اُهي پاڻ تي پاڻ ظلم ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان (انهن مان) هر هڪ کي سندن گناهن سبب پڪڙيو، پوءِ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن تي اسان پٿر وسائڻ وارو طوفان موڪليو، ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي دهشتناڪ آواز اچي پڪڙيو، ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي اسان زمين ۾ دٻايو، ۽ انهن مان ڪي اهڙا هئا جن کي اسان (پاڻيءَ ۾) ٻوڙيو، ائين هرگز نه هيو جو الله انهن تي ظلم ڪري ۽ پر اُهي خود ئي پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ سوگھو ڪيوسون سڀن کي، ڪارڻ سَندنِ قُصور، پوءِ ڪن تي واء ڪَڪَرِيُن جو، موڪليوسُون مُور، ۽ ڪن کي ڪَڙڪي پَڪڙيو، دَهشت جنهن جِي دُور، ۽ ڪن کي ڌَرتيءَ دَٻِيو، ۽ ڪي ڪياسون غَرقُور، ۽ اَلله اِهڙو ناھِ، جو ڪِنهن سان، ڪري ڪَلور، مگر سي مَغرور، هُئاپاڻهِين ڪَندڙ پان سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سڀني کي سندن گناهن سبب پڪڙيوسون، منجهانئن ڪن تي سخت طوفان موڪليوسون، ڪن کي ڪڙڪي اچي ورتو، ڪن کي زمين ۾ ڳيهائي ڇڏيوسون ۽ ڪن کي ٻوڙي ڇڏيوسون- الله کي هر گز مٿن ظلم ڪرڻو نه هو، پر هو پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪندڙ هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان هرهڪ کي سندس گناهه جي بدلي ۾ کڻي پڪڙيو. پوءِ انهن مان ڪنهن تي اسان پٿر وسائڻ واري هوا موڪلي ۽ ڪنهن کي هڪڙي زبردست ڌَڌَڪي اچي ورتو ۽ وري ڪنهن کي اسان زمين ۾ ڳهائي ڇڏيو ۽ ڪنهن کي غرق ڪري ڇڏيوسون، الله انهن تي ظلم ڪرڻ وارو نه هو، پر هو پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري رهيا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سڀني کي پڪڙيوسين سندن گناهن جي ڪري، پوءِ ڪنهن تي ته موڪلي سين پٿر وسائيندڙ هوا ۽ انهن مان ڪنهن کي اچي ورتو زبردست ڪڙڪي ۽ ڪنهن کي غرق ڪريڇڏيوسين زمين ۾، ۽ ڪنهن کي (وري) ٻوڙي ڇڏيوسين، ۽ نه هو الله ظلم ڪرڻ وارو انهن تي، پر اهي ته پاڻ ئي پنهنجي مٿان ظلم ڪرڻ وارا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان هر ڪنھن کي پنھنجي پنھنجي گناهن ۾ پڪڙيو، انهن مان ڪن جي مٿان پٿرن جو مينھن وسايو، ڪن کي سخت رڙ جي آواز اچي پڪڙيو، ڪن کي اسان زمين ۾ ڳھائي ڇڏيو ۽ وري ڪن کي پاڻي ۾ غرق ڪري ڇڏيو. الله تعالى ڪنھن تي ذري جيترو به ظلم نه ڪندو آهي پر ماڻهو پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مَثَلُ الَّذينَ اتَّخَذوا مِن دونِ اللَّهِ أَولِياءَ كَمَثَلِ العَنكَبوتِ اتَّخَذَت بَيتًا وَإِنَّ أَوهَنَ البُيوتِ لَبَيتُ العَنكَبوتِ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 41) |
جن الله کانسواءِ ٻيا دوست ورتا آھن تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال وانگر آھي، جنھن گھر ٺاھيو، ۽ بيشڪ سڀني گھرن ۾ وڌيڪ ھيڻو ڪوريئڙي جو گھر آھي، جيڪڏھن (اھا ڳالھ) ڄاڻن ھا (ته ائين نه ڪن ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻين کي ڪارساز ۽ مددگار ڪري ورتو آهي (يعني خدا جي چڱن حڪمن جي خلاف شيطان جا يا ٻين جا خراب حڪم مڃين ٿا) انهن جو مثال هڪڙي (ضعيف) ڪوريئڙي سان ٿو لڳي، جنهن گهر ته ٺاهيو پر سڀني گهرن کان ضعيف گهر ڪوريئڙي جو آهي. (يعني سندن ڪارناما به ائين بيڪار ٿي ويندا جيئن ڪوريئڙي جو گهر اسان جي هٿ جي ڇنڊڪي سان فنا ٿي ٿو وڃي) ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن هو اها ڳالهه ڄاڻن (۽ سمجهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مثال انهن ماڻهن جو جن الله تعالى کانسواءِ بتن کي پنهنجو مددگار بنايو، انهن جو مثال ڪوريئڙي جهڙو آهي، جيڪو پنهنجو گھر تيار ڪري ٿو ۽ بيشڪ سڀ کان ڪمزور گھرن مان ڪوريئڙي جو گھر آهي، ڪاش اهي (ڪافر) ڄاڻن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن ماڻهن خدا کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنايو آهي تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال جهڙو آهي جنهن هڪ گهر ٺاهيو هوڏانهن (سڀني) گهرن مان زياده هيڻو گهر ڪوريئڙي جو آهي. جيڪر اهي (ايتري ڳالھ) ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مثال انهن جو جن ورتا الله کان سواءِ دوست ڪوريئڙي وانگر آهي جنهن گهر ٺاهيو ۽ بلاشڪ گهڻو ڪمزور گهرن ۾ البته ڪوريئڙي جو گهر آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن الله کانسواءِ ٻين کي دوست بنايو آهي تن جو مثال ڪوريئڙي جي مثال جهڙو آهي جنهن هڪ گهر ٺاهيو هوڏانهن (سڀني) گهرن مان زياده هيڻون ڪوريئڙي جو گهر آهي جيڪر اهي (ايتري ڳالهه) ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ماڻهن جو مثال جن الله کي ڇڏي ٻين (يعني بتن) کي ڪارساز بنايو آهي ڪوريئڙي وانگر آهي، جنهن هڪ گهر بنايو. ۽ بيشڪ سڀ گهرن کان ڪمزور ڪوريئڙي جو گهر آهي. هائو جي اُهي ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻِيءَ ڌاران جَن ڪيا، مَددگار مُقرّر، آهي حال اُنهن جو، اُن ڪورِيئڙي وانگر، جنهن پَنهنجو گھر جوڙيو، ۽ ڪوڙِيئڙي جو گھر، سَچ پَچ سَڀ گَھرن ۾، اَڀرو ۽ اَبتر، جانچِيندا جيڪر، هُونِ حَقِيقت حال کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪي شخص الله کي ڇڏي ٻين کي ٿا سائين سمجهن، تن جو مثال ڪوريئڙي وانگر آهي، جنهن گهر بنايو- مگر سڀني گهرن کان وڌيڪ هيڻو گهر ته پڪ سان ڪوريئڙي جو آهي، افسوس! جي هو ائين سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن الله کي ڇڏي ٻيا دوست بڻايا آهن، انهن جو مثال ڪوريئڙي وانگر آهي، جيڪو پنهنجو هڪ گهر ٺاهيندو آهي ۽ سڀني گهرن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪمزور گهر ڪوريئڙي جو گهر ئي هوندو آهي، جيڪر ڪجهه ڄاڻ هجين ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) مثال آهي انهن ماڻهن جو جن بڻايا ڇڏي الله کي ٻيا سرپرست جيئن مثال آهي ڪوريئڙي جو، جيڪو ٺاهيندو آهي پنهنجو گهر ۽ بيشڪ ڪمزور سڀني گهرن کان گهر ڪوريئڙي جو ئي آهي ڪاش اهي (ماڻهو) اهو ڄاڻي وٺن ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ماڻهو الله تعالى کي ڇڏي ٻين کي پنھنجو حمايتي ۽ مددگار ٺاهيندا آهن، انهن جو مثال ڪوريئڙي وانگر آهي جيڪو پنھنجي لاءِ گهر ٺاهيندو آهي. بيشڪ سڀني گهرن کان وڌيڪ ڪمزور گهر ڪوريئڙي جو هوندو آهي. ڪاش! هي ماڻهو (ان مثال مان) سمجهي سگهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ اللَّهَ يَعلَمُ ما يَدعونَ مِن دونِهِ مِن شَيءٍ وَهُوَ العَزيزُ الحَكيمُ (آيت : 42) |
بيشڪ جنھن شيء کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن سا جيڪا به ھجي تنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ الله تعاليٰ انهيءَ هرهڪ چيز کي ڄاڻي ٿو جنهن کي اهي (ڀليل ماڻهو معبود سمجهي) پڪارين ٿا ۽ (ياد رکو ته) هو وڏي قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ الله تعالى ڄاڻي ٿو جن شين جي اهي الله تعالى کانسواءِ عبادت ڪن ٿا. ۽ اهو ئي غالب حڪمت وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا کي ڇڏي اهي ماڻهو جنهن شيءِ کي سڏين ٿا تنهن کي بيشڪ خدا ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ الله ڄاڻي ٿو انهن کي جن کي پوڄيندا آهن ان کان سواءِ هر شيءِ کي ۽ اهو ئي غالب، حڪمت وارو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن به شيءَ کي الله کانسواءِ سڏين ٿا تنهن کي بيشڪ الله ڄاڻي ٿو. ۽ اهو ئي زبردست (۽) حڪمت وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ الله ڄاڻي ٿو جن جي به اُهي الله کي ڇڏي پوڄا ڪن ٿا. ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله ڄاڻي اُن ڳالھ کي، ته سواسِ، نه ڪَن سَڏ، ڪِنهن هُوندل شيء کي هَڏ، سو ڏاڍو ۽ ڏاهو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پڪ جنهن کي به هو الله کان سواءِ ٿا پڪارين، ان کي الله ڄاڻي ٿو ۽ هو زبردست ڏاهپ وارو آهي- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو الله کي ڇڏي جنهن کي به سڏين ٿا، الله ان کي ڄاڻي ٿو ۽ اهوئي زبردست ۽ داناءُ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ الله ئي ڄاڻي ٿو (چڱيءَ طرح) جيڪي ماڻهو سڏين ٿا ڇڏي (الله کي) ٻين جن شين کي، ۽ هو ته تمام زبردست حڪمت وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو الله تعالى کي ڇڏي جن کي به سڏين ٿا تن کي الله تعالى خوب ڄاڻي ٿو ۽ هو زبردست حڪمت وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتِلكَ الأَمثٰلُ نَضرِبُها لِلنّاسِ وَما يَعقِلُها إِلَّا العٰلِمونَ (آيت : 43) |
۽ اھي مثال آھن جن کي ماڻھن لاءِ بيان ڪندا آھيون، ۽ انھن کي ڄاڻندڙن کانسواءِ ڪو نه سمجھندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي مثال آهن جي اسان ماڻهن کي (سمجهائڻ لاءِ) ٻڌايون ٿا، پر اهي ماڻهو انهن مثالن کي سمجهي سگهن ٿا جيڪي علم وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي مثال ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا، ۽ نٿا سمجھن انهيءَ کي مگر عالم (ڄاڻندڙ)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان اهي مثال ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ بيان ڪريون ٿا ۽ انهن کي رڳو عالم ئي سمجهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي مثال بيان ڪيون ٿا اهي ماڻهن جي لاءِ ۽ نه ٿا سمجهن انهن کي مگر علم وارا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي مثال ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ۽ انهن کي علم وارا ئي سمجهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي مثال آهن جيڪي اسان ماڻهن (جي سمجهائڻ) لاءِ بيان ڪيون ٿا ۽ انهن کي علم وارا ئي سمجهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کوليو اِهي خُوب، ڏِيون ماڻهن لاءِ مَذڪُور، مگر نه سَمجھن مُور، عالِمن ري اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهي مثال آهن، جي اسين ماڻهن لاءِ بيان ٿا ڪريون_ انهن کي فقط ڄاڻپ وارا ئي پروڙيندا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي مثال اسان ماڻهن جي سمجهاڻي لاءِ ڏيون ٿا، پر انهن کي سمجهن فقط اهي ٿا، جن کي علم آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي آهن مثال جيڪي اسان بيان ڪريون ٿا ماڻهن جي لاءِ، ۽ پر اهي نٿا سمجهن سواءِ علم رکڻ وارن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهي سڀ مثال اسان ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ ئي بيان ڪريون ٿا پر انهن مثالن کي رڳو علم وارا ماڻهو ئي سمجهندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
خَلَقَ اللَّهُ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ بِالحَقِّ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً لِلمُؤمِنينَ (آيت : 44) |
الله آسمانن ۽ زمين کي (چڱيء) رِٿ سان خلقيو آھي، بيشڪ اِن (ڪم) ۾ مؤمنن لاءِ (وڏي) نشاني آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق سان (۽ نهايت عجيب و غريب قانون سان) خلقيو آهي. جيڪي ماڻهو ايمان رکندڙ آهن تن لاءِ انهيءَ ۾ وڏي نشاني رکيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى آسمانن ۽ زمينن کي حق سان پيدا ڪيو، بيشڪ مؤمنن لاءِ يقيناً انهيءَ ۾ نشاني آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا آسمان ۽ زمين کي (ٺيڪ ٺيڪ) حق سان پيدا ڪيو آهي بيشڪ ان (ڪم) ۾ ايمان وارن لاءِ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پيدا ڪيا الله آسمان ۽ زمين حق سان بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي مؤمنن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي. بيشڪ ان (ڪم) ۾ ايمان وارن لاءِ (وڏي) نشاني آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي. بيشڪ ان ۾ ايمان وارن لاءِ وڏي نشاني آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله اُڀ ، ڀُون جوڙيا، بَرحق بي گمان، اُن ۾ عام نِشان، مَڃِيندڙ لئي مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله آسمانن ۽ زمين کي چڱيءَ رٿ سان خلقيو آهي، بيشڪ انهي ۾ مؤمنن لاءِ وڏي نشاني آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو آهي، بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ايمان وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خلقيو (پيدا ڪيو آهي) الله آسمانن کي ۽ زمين کي حق سان، بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي ايمان وارن مؤمنن لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ آسمانن ۽ زمين کي الله تعالى برحق پيدا ڪيو آهي. بيشڪ ان ۾ ايمان آڻيندڙن لاءِ وڏي نشاني آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اتلُ ما أوحِىَ إِلَيكَ مِنَ الكِتٰبِ وَأَقِمِ الصَّلوٰةَ إِنَّ الصَّلوٰةَ تَنهىٰ عَنِ الفَحشاءِ وَالمُنكَرِ وَلَذِكرُ اللَّهِ أَكبَرُ وَاللَّهُ يَعلَمُ ما تَصنَعونَ (آيت : 45) |
(اي پيغمبر) ڪتان مان جيڪي توڏانھن وحي ڪيو ويو سو پڙھ ۽ نماز پڙھ، بيشڪ نماز بي حيائي ۽ مَدي ڪم (ڪرڻ) کان جھليندي آھي، بيشڪ الله جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) هيءُ ڪتاب جو توڏي وحي جي رستي موڪليو ويوآهي، سو پڙهه (۽ ٻين کي به پڙهي ٻڌاءِ) ۽ نماز قائم ڪر، (پاڻ به نماز جو پابند ٿي ۽ ٻين مسلمانن کي به جماعت سان نماز پڙهڻ جو حڪم ڪر) يقيناً نماز بي شرميءَ جي ڪمن کان ۽ ٻين برن ۽ بي انصافيءَ جي ڪمن کان روڪي ٿي، ۽ الله تعاليٰ جي يادگيري (هر وقت رکڻ ۽ سندس حڪمن تي هر حال ۾ هلڻ) سڀ کان وڏي ڳالهه آهي. ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ الله تعاليٰ کي معلوم آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان قرآن ڪريم پڙهو جيڪو توهان ڏانهن وحي ڪيو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪريو، بيشڪ نماز برن ڪمن ۽ خراب ڳالهين کان روڪي ٿي، ۽ الله تعالى جو ذڪر تمام وڏو آهي. ۽ الله تعالى ڄاڻي ٿو جيڪو عمل توهان ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) جيڪو ڪتاب تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي سو تلاوت ڪر ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ نماز بيحيائي ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿي. ۽ بيشڪ خدا جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو مرتبو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي خدا (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڙهه اهو جيڪو وحي ڪيو ويو تو ڏانهن ڪتاب مان ۽ قائم ڪر نماز بيشڪ نماز روڪي ٿي بيحيائيءَ ۽ برائيءَ کان ۽ البته الله جو ذڪر وڏو آهي ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪو اوهان ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبر !) جيڪو ڪتاب تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي سو پڙهه ۽ نماز قائم ڪر! بيشڪ نماز بيحيائي ۽ بڇڙي ڪم کان روڪي ٿي. ۽ بيشڪ الله جو ياد ڪرڻ سڀ کان وڏو آهي ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي الله ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي) پڙهه اُهو ڪتاب جيڪو تو ڏي وحي ڪيو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ نماز بي حيائي ۽ برائي کان روڪي ٿي. ۽ الله جو ذڪر سڀ کان وڏو آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو توهان جيڪي ڪم ڪيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توڏي ڪتاب ڪرِيم مان، اَچي جو اِلهام، هل تن حُڪمن اُتي، پڻ وقتن تي وريام! پَڙھ نمازون نِينهن مان، پڻ نماز نيڪ نام، جَھلي جوٺِئَ ڳالھ کان، پڻ مَديَن کان مُدام، ۽ آهي ذِڪر اَلله جو، تحقِيق وَڏو تمام، ۽ جيڪي ڪريو تان قيام، اَلله ڄاڻي اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو ڏانهن جيڪي قرآن مان وحي ڪيو ويو، سو پڙهه ۽ نماز پڙهندو رهه_ بيشڪ نماز بي حيائي ۽ بُرن ڪمن کان روڪ ڪندي آهي ۽ الله جو ذڪر سڀ کان وڏو آهي_ ۽ جيڪي اوهين ٿا ڪريو، سو الله ڄاڻي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) تلاوت ڪر هن ڪتاب جي، جيڪو توڏانهن وحيءَ جي ذريعي موڪليو ويو آهي ۽ نماز قائم ڪر، بيشڪ نماز بيحيائيءَ ۽ برن ڪمن کان روڪي ٿي ۽ الله جو ذڪر ته اڃان به وڏو آهي، الله ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪريو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) تلاوت ڪر توتي وحي ڪيل ڪتاب جي، ۽ قائم ڪر نماز، بيشڪ نماز روڪي ٿي بي حيائي جي ڪمن ۽ برائي کان، ۽ ذڪر ڪرڻ الله جو ان کان وڌيڪ آهي، ۽ الله ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه توهان ڪندا آهيو.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) ڪتاب مان جيڪو توڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو ان جي تلاوت ڪر ۽ نماز قائم ڪر، بيشڪ نماز بيحيائي ۽ برائي جي ڪمن کان روڪي ٿي ۽ الله تعالى جو ذڪر ئي سڀ کان وڏي شيءِ آهي ۽ جيڪو ڪجهه توهان ڪريو ٿا الله تعالى کي سڀ خبر آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُجٰدِلوا أَهلَ الكِتٰبِ إِلّا بِالَّتى هِىَ أَحسَنُ إِلَّا الَّذينَ ظَلَموا مِنهُم وَقولوا ءامَنّا بِالَّذى أُنزِلَ إِلَينا وَأُنزِلَ إِلَيكُم وَإِلٰهُنا وَإِلٰهُكُم وٰحِدٌ وَنَحنُ لَهُ مُسلِمونَ (آيت : 46) |
۽ ڪتاب وارن مان جن بي انصافي ڪئي تن کانسواءِ ٻـين سان ڏاڍي چڱي طريقي کانسواءِ تڪرار نه ڪريو ۽ چئو ته جيڪي اسان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي ۽ جيڪي اوھان ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي تنھن تي اسان ايمان آندو آھي ۽ اسان جو معبود ۽ اوھان جو معبُود ھڪ آھي ۽ اسين سندس فرمانبردار آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي مسلمانو) ڪتاب وارن سان بحث مباحثو نه ڪيو، پر (هنن کي سمجهائڻ لاءِ) اهڙو طريقو وٺو جو نهايت عمدو، سهڻو (۽ دل ڇڪيندڙ) هجي، پر جيڪڏهن انهن مان ڪي ظلم ڪندڙ هجن (يعني ٻين کي ناحق ايذائيندا هجن ته پوءِ انهن کي باز آڻڻ لاءِ بيشڪ مناسب اپاءَ وٺو) ۽ (ڪتاب وارن کي) چئو ته اسان انهيءَ (قرآن) تي به ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهن (ڪتابن) تي به ايمان آندو آهي جيڪي اوهان تي نازل ٿيا آهن. ۽ (اسان جو پڪو ايمان اهي ته) اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود ساڳيو ئي هڪ الله آهي. ۽ اسان سندس ئي فرمانبردار ٻانها آهيون. (اوهان به سندس فرمانبردار ٻانها ٿي رهو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهلِ ڪتاب سان توهان جھڳڙو نه ڪريو مگر سهڻي طريقي سان، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي انهن مان ظالم آهن ۽ توهان چئو ته اسان قرآن ڪريم تي ايمان آندو آهي ۽ توهان جي ڪتابن جي تصديق ڪريون ٿا، توهان جو ۽ اسان جو الله هڪ آهي ۽ اسين ان کي مڃيندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي ايمان وارو!) ڪتاب وارن سان مناظرو نه ڪندا ڪريو پر سٺي ۽ عمدي نموني ۾، مگر انهن مان جن اوهان تي ظلم ڪيو (تن سان رعايت نه ڪريو) ۽ صاف صاف چئي ڏيو ته جيڪو (ڪتاب) اسان ڏي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي اسان جو ايمان آهي ۽ اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي ۽ اسين سندس ئي فرمانبردار آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه جهيڙو ڪيو اهل ڪتاب سان مگر ان طريقي سان جو اهو تمام سهڻو آهي مگر اهي جن ظلم ڪيو انهن مان ۽ چئو ته ايمان آندوسون ان تي جيڪو نازل ڪيو ويو اسان ڏانهن ۽ نازل ڪيو ويو اوهان ڏانهن ۽ معبود اسان جو معبود اوهان جو هڪ آهي ۽ اسين ان جا فرمانبردار آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪتاب وارن مان جن ظلم ڪيو تن کانسواءِ ٻين ڪتابن وارن سان اوهين جهڳڙو نه ڪريو مگر تمام سهڻي رستي سان ۽ چئو ته جيڪي اسان ڏي نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي اوهان ڏي نازل ڪيو ويو آهي تنهن تي اسان ايمان آندو ۽ اسانجو معبود ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي ۽ اسين سندس ئي فرمانبردار آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪتاب وارن سان جهڳڙو نه ڪيو مگر اهڙي طريقي سان جو سهڻو آهي سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي انهن مان ظالم آهن ۽ (کين) چؤ ته: ”اسان ان (ڪتاب) تي ايمان آندو جيڪو اسان ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي ۽ جيڪو اوهان ڏانهن نازل ڪيو ويو آهي ۽ اسان جو معبود ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي ۽ اسان ان جا ئي فرمانبردار آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪريو نه، اَهل ڪتاب سان، مقالت مگر، چَئو اُنِهئَ چال سان، جا سُهِڻي سَربسر، مگر سي مُنڪر، جن پاڻِهين ڪيون پاڻ سان. ۽ چَئو، ته مَڃيائون، سي مِڙِئي، جي آگي کان، عَلام، اَسان ۽ اوهان ڏي، وِيا اُتاريا اَحڪام، اَسان ۽ اَوهان جو، مالِڪ هِڪ مُدام، تابِعدار تَمام ، اَسِين آهيون ئـِي اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڪتاب وارن سان سهڻي نموني ئي بحث ڪريو، سواءِ انهي جي، جي انهن مان ظالم هجن_ ۽ چئو ته ”اسان انهي (ڪتاب) تي ايمان آندو آهي، جو اسان ڏي لٿو ۽ (انهن ڪتابن تي به) جي اوهان ڏي لٿا_ اسان جو سائين ۽ اوهان جو سائين هڪڙو آهي_ ۽ اسين ان جا تابعدار آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهل ڪتاب سان بحث نه ڪريو پر سهڻي طريقي سان. سواءِ انهن ماڻهن جي، جيڪي منجهانئن ظالم هجن ۽ کين چئو ته "اسان ايمان آندو آهي، انهيءَ تي جيڪو اسان ڏانهن موڪليو ويو آهي ۽ ان تي به جيڪو توهان ڏانهن موڪليو ويو هو، اسان جو معبود ۽ توهان جو معبود هڪڙو ئي آهي ۽ اسان انهيءَ جا ئي مسلم (فرمانبردار) آهيون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪريو بحث اهلِ ڪتاب سان پر طريقي سهڻي سان سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي انهن مان ظالم هجن، ۽ چؤ انهن کي ته اسان ايمان آندو آهي ان شيءِ تي جا اسان ڏي موڪلي وئي آهي ۽ ان شيءِ تي به جيڪا توهان ڏي موڪلي وئي هئي، ۽ اسان جو معبود ۽ توهان جو معبود هڪ ئي آهي ۽ اسان ان جا ئي تابعدار آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهل ڪتاب (يھودين ۽ عيسائين) مان جن ظلم ڪيو آهي تن کان سواءِ باقي ٻين سان سھڻي طريقي سان بحث ڪريو ۽ کين چئو ته اسان ان تي ايمان آندو آهي جيڪو اسان تي نازل ٿيو آهي، ان تي به جيڪو اوهان تي نازل ٿيو آهي. اسان جو ۽ توهان جو معبود هڪ ئي آهي ۽ اسان سڀ ان جا ئي فرمانبردار آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَذٰلِكَ أَنزَلنا إِلَيكَ الكِتٰبَ فَالَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ يُؤمِنونَ بِهِ وَمِن هٰؤُلاءِ مَن يُؤمِنُ بِهِ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الكٰفِرونَ (آيت : 47) |
۽ (جھڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪياسون) اھڙي طرح اسان توڏانھن ڪتاب نازل ڪيو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن، ۽ انھن (عربن) مان ڪو (اھڙو) آھي جو اُن تي ايمان آڻيندو آھي، ۽ ڪافرن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توڏي اهڙيءَ طرح ڪتاب موڪليو آهي (جهڙيءَ طرح اهل ڪتاب ڏي موڪليو هوسين) پوءِ جن (اهل ڪتاب) کي اسان ڪتاب ڏنو سي هن (قرآن) ۾ به ايمان آڻين ٿا، ۽ هنن (عرب مشرڪن) مان به ڪي ان تي ايمان آڻي رهيا آهن. فقط اُهي ئي اسان جي آيتن ۽ حڪمن کان انڪار ڪري رهيا آهن، جن (خودغرضي، تڪبر، ضد ۽ دشمني سببان ڄاڻي ٻجهي) ڪفر جي واٽ ورتي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي اهڙي طرح اسان توهان ڏانهن قرآن ڪريم نازل فرمايو. پوءِ اهي ماڻهو جن کي اسان تورات ڏنو (انهن ما ڪجھه) قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا. ۽ انهن (مڪه وارن) مان به ڪجھه قرآن ڪريم تي ايمان آڻن ٿا. ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نٿا ڪن مگر ڪافر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) جهڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪيا هئاسون) اهڙي طرح اسان تو ڏي (هي) ڪتاب نازل ڪيو. پوءِ جن کي (اڳي) ڪتاب ڏنوهوسون سي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ هنن (عربن) مان به ڪي اهڙا آهن جي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ ڪافرن کان سواءِ ٻيو ڪو به اسان جي آيتن جو انڪار نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهڙي طرح نازل ڪيو اسان توڏانهن ڪتاب پوءِ اهي جو ڏنوسون انهن کي ڪتاب ايمان آڻين ٿا ان تي ۽ هنن مان اهو آهي جيڪو ايمان آڻي ٿو ان تي ۽ نه ٿا انڪار ڪن اسان جي آيتن جو مگر ڪافر .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ! جهڙي طرح اڳيان ڪتاب نازل ڪيا هئاسون) اهڙي طرح اسان توڏي (هي) ڪتاب نازل ڪيو. پوءِ جن کي (اڳي) ڪتاب ڏنو هوسون سي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ هنن (عربن) مان به ڪي اهڙا آهن جي ان تي ايمان آڻين ٿا. ۽ ڪافرن کانسواءِ ٻيو ڪوبه اسان جي آيتن جو انڪار نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (جهڙي طرح اڳ ڪتاب لاٿاسين) اهڙي طرح اسان تو ڏانهن ڪتاب نازل ڪيو. پوءِ اُهي ماڻهو جن کي اسان (اڳ ۾) ڪتاب ڏنو اُهي هن تي ايمان آڻن ٿا، ۽ انهن (مڪي وارن) مان به ڪي ان تي ايمان آڻن ٿا. ۽ اسان جي آيتن جو انڪارڪافرن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اِن پَر اُتاريوسون، تو مَٿي ڪامل! هِي قُرآن، پوءِ ڪيوسون عَطا ڪتاب جَن، سي اُتس رکن اِيمان، پڻ مَڃِينسِ ڪي هُنن منجھان، پڻ ڪَن اِنڪارِي ڪانه، قوم سوا ڪُفران، اسان جي اُهڃاڻن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان تو ڏانهن ڪتاب لاٿو، پوءِ جن کي ڪتاب ڏنوسون، سي انهي کي مڃيندا آهن ۽ هنن (عربن) مان به ڪو ان تي ايمان آڻيندو آهي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار فقط ڪافر ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي!) اسان ساڳئي نموني توڏانهن به ڪتاب نازل ڪيو آهي، تنهنڪري اهي ماڻهو جن کي اسان اڳ ڪتاب ڏنو هو، ان تي ايمان آڻن ٿا ۽ هنن ماڻهن مان به ڪيترائي مٿس ايمان آڻي رهيا آهن ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ته فقط ڪافر ئي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ۽ ساڳيءَ طرح اسان نازل ڪيو آهي تو ڏي ڪتاب، تنهن ڪري اهي ماڻهو جن کي ڏنو هو اڳ ۾ ڪتاب سي ايمان آڻين ٿا ان تي، ۽ انهن ماڻهن مان به ڪيترا ئي هن تي ايمان آڻي رهيا آهن، ۽ انهن مان اسان جي آيتن جو انڪار فقط ڪافر ئي ڪندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (جھڙي طرح گذريل ڪتاب نازل ڪيا هئا) اهڙي طرح اسان تنھنجي مٿان به ڪتاب نازل ڪيو آهي پوءِ جن کي اڳ ۾ ڪتاب ڏنو ويو هو سي به هن ڪتاب تي ايمان آڻين ٿا ۽ هنن (يعني مڪي جي) ماڻهن مان به ڪيترائي ماڻهو (هن ڪتاب تي) ايمان آڻي رهيا آهن. ڪافرن کان سواءِ اسان جي آيتن جو ٻيو ڪير به انڪار نٿو ڪري. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما كُنتَ تَتلوا مِن قَبلِهِ مِن كِتٰبٍ وَلا تَخُطُّهُ بِيَمينِكَ إِذًا لَارتابَ المُبطِلونَ (آيت : 48) |
۽ اُنھيءَ (قرآن جي لھڻ) کان اڳ ڪو ڪتاب نڪي تون پڙھندو ھئين ۽ نڪي اُھو پنھنجي سڄي ھٿ سان لکندو ھئين (جيڪڏھن لکين پڙھين ھا) ته اُنھيءَ مھل اُھي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هن (قرآن جي نازل ٿيڻ) کان اڳي نڪي تون پاڻ ڪوبه ڪتاب پڙهندو هئين، نڪي پنهنجي سڄي هٿ سان ان کي لکي ٿو سگهين. جيڪڏهن ائين هجي ها (يعني تون لکي پڙهي ڄاڻين ها يا شاعر هجين ها يا تقريرون ڪندڙ هجين ها) ته پوءِ اهي بڪواس ڪندڙ (ڪافر) شڪ آڻين ها (ته تون پاڻ ٿو قرآن ٺاهين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي قرآن ڪريم جي نزول کان اڳ ۾ توهان ڪو ڪتاب نه پڙهندا هئا ۽ نه پنهنجي هٿن سان ڪجھه لکندا هئا، ايئن هجي ها ته باطل پرست ضرور شڪ ڪن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي پيغمبر) قرآن کان اڳ تون ڪو ڪتاب نه پڙهندو هئين ۽ نه ان کي پنهنجي هٿ سان لکندو هئين (جيڪڏهن تون لکين پڙهين ها ته) ان وقت هي ڪوڙا ماڻهو ضرور (تنهنجي نبوت ۾) شڪ ۾ پون ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي تلاوت ڪيو تو اڳي ان کان ڪو ڪتاب ۽ نه ٿي لکيو تو ان کي پنهنجي سڄي هٿ سان ان وقت البته شڪ ڪن ها باطل چوندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) قرآن کان اڳ تون نه پڙهندو هئين ۽ نه ان کي پنهنجي هٿ سان لکندو هئين (جيڪڏهن تون لکين پڙهين ها ته) ان وقت ناحق تي بيٺل ماڻهو ضرور شڪ ۾ پون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) هن کان اڳ تون ڪو ڪتاب ڪو نه پڙهندو هئين ۽ نه ان کي پنهنجي هٿ سان لکندو هئين (اگر ائين هجي ها) ته ناحق وارا ماڻهو ضرور ان وقت شڪ ۾ پون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ لاشڪ لِک پَڙھ ڪا اَ ڳي، پَڙهندڙو نه هُئـِين پاڻ، ۽ لِکندو نه هُئينسِ لال! تون، سَندئـِي سَڄي ساڻ، هِي اَڻهُوندا اَڄاڻ، تڏهن ته گَڏيا گُمان ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون نڪي انهي کان اڳ ڪو ڪتاب پڙهندو هئين، نڪي اهو پنهنجي ساڄي هٿ سان لکندو هئين، تڏهن ته اهي ڪوڙا ضرور شڪ ۾ پون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) تون هن کان اڳ ڪوبه ڪتاب نڪي پڙهندو هئين ۽ نه پنهنجي هٿ سان ئي ڪو لکندو هئين، جيڪڏهن ائين هجي ها ته باطل جا پوڄاري شڪ ۾ پئجي وڃن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) ۽ نه تون ڪو ڪتاب پڙهندو هئين ان کان اڳ ۾ ۽ نه وري ڪو ڪتاب لکندو هئين پنهنجي هٿن سان، ائين هجي ها ته باطل پرست ماڻهو ضرور شڪ ڪن ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) هن ڪتاب کان اڳ تون ڪنھن به ڪتاب کي نه ته پڙهندو هئين ۽ نه ئي پنھنجي هٿ سان لکندو هئين. جيڪڏهن اها صلاحيت توهان وٽ موجود هجي ها ته هي ڪوڙا ماڻهو شڪ ۾ پئجي وڃن ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بَل هُوَ ءايٰتٌ بَيِّنٰتٌ فى صُدورِ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَما يَجحَدُ بِـٔايٰتِنا إِلَّا الظّٰلِمونَ (آيت : 49) |
بلڪ اُھو (قرآن) پڌريون آيتون (آھن) انھن جي سينن ۾ (محفوظ) آھي جن کي عِلم ڏنو ويو آھي، ۽ ظالمن کان سواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نه ڪندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته جن ماڻهن کي علم (۽ سمجهه) ڏني ويئي آهي تن جي دلين کي اهي چٽيون ۽ روشن آيتون (قرآن مجيد جون الله جي طرفان آيل) ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ۽ اسان جي (چٽين) آيتن کان فقط انهن کي انڪار آهي، جيڪي ظلم تي سندرو ٻڌي بيٺا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بلڪ اهي صاف آيتون آهن جيڪي عالمن ۽ حافظن جي سينن ۾ محفوظ آهن ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نٿا ڪن مگر ظالم(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جن شخصن کي خدا جي طرفان علم عطا ڪيو ويو آهي تن جي سينن ۾ اهو (قرآن) پڌريو آيتون آهن. ۽ سرڪش کان سواءِ اسان جي آيتن جو (ٻيو) ڪو به انڪار نٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلڪ اهي آيتون پڌريون آهن انهن جي سينن ۾ جيڪي ڏنا ويا علم ۽ نه ٿا انڪار ڪن اسان جي آيتن جو مگر ظالم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن کي علم ڏنو ويو آهي تن جي سينن ۾ اهو (قرآن) پڌريون آيتون آهي. ۽ ظالمن کانسواءِ (ٻيو) ڪو اسان جي آيتن جو انڪار نٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بلڪه اهو (قرآن) چِٽيون نشانيون انهن ماڻهن جي سينن ۾ (محفوظ) آهي جن کي علم ڏنو ويو آهي. ۽ اسان جي آيتن جو انڪار ظالمن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بَلڪ اِهي آيتون، نِشانيون نِروار، ثابِت تَن جي سِينن ۾، جَن کي ڏِني سَمجھ ستار، ۽ اَسان جي اُهڃاڻن، کان، اصل نه ڪن اِنڪار، تن داد نه ڏٖئين، ڌار، جي ظاهر آهن ظُلم تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بلڪ اهو پڌريون آيتون آهن، جوعلم مليل شخصن جي سينن ۾ آهي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار فقط ظالم ئي ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت ۾ اهي چٽيون نشانيون آهن، انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن کي علم ڏنو ويو آهي ۽ اسان جي آيتن جو انڪار نٿا ڪن پر اهي جيڪي ظالم آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ اهي آيتون (نشانيون) بلڪل پڌريون آهن انهن ماڻهن جي دلين ۾ جن کي بخشيو ويو آهي علم، ۽ نه وري انڪار ٿا ڪن اسان جي آيتن جو سواءِ اهي جيڪي ظالم آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بلڪه هي ته اهڙيون کليون نشانيون آهن جيڪي صرف علم وارن جي سينن ۾ محفوظ هونديون آهن. اسان جي آيتن جو انڪار ظالم ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقالوا لَولا أُنزِلَ عَلَيهِ ءايٰتٌ مِن رَبِّهِ قُل إِنَّمَا الءايٰتُ عِندَ اللَّهِ وَإِنَّما أَنا۠ نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 50) |
۽ چون ٿا ته سندس پالڻھار کان مٿس مُعجزا ڇونه نازل ڪيا ويا آھن؟ (کين) چؤ مُعجزا (ته رڳو منھنجي) الله وٽ آھن، ۽ آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (منڪر) چون ٿا ته، حضرت جن تي سندس پروردگار طرفان اهڙا معجزا ڇو نٿا نازل ٿين (جهڙا حضرت موسيٰ کي مليا هئا) (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، معجزا الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهن (۽ هو مون تي معجزا نازل ڪري سگهي ٿو، پر هوپنهنجي حڪمت پاڻ ٿو ڄاڻي) مان ته فقط چٽوئي چٽو خبردار ڪندڙ آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ چون ٿا ته رسولِ عربي تي سندس رب جي طرفان نشانيون ڇو نه ٿيون نازل ٿين. رسولِ عربي توهان فرمايو نشانيون ته الله تعالى وٽان هونديون آهن، ۽ آئون ته صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ڪافر عرب) چون ٿا ته هن (رسول!) تي سندس پروردگار جي طرفان معجزا ڇو ڪين نازل ٿيا (اي رسول! کين) چئو، معجزا ته خدا وٽ آهن ۽ آءُ رڳو (خدا جي عذاب کان) ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته ڇو نه نازل ڪيون ويون ان تي نشانيون ان جي رب جي طرفان فرماءِ ته نشانيون ته الله وٽ آهن ۽ آءُ ته صرف ڊيڄاريندڙ پڌرو آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڪي ماڻهو تنهنجي باري ۾ ) چون ٿا ته ان تي سندس پاليندڙ جي طرفان نشانيون ڇو نه لاٿيون ويون؟ (اي پيغمبرﷺ!) تون چئو ته نشانيون الله وٽ (الله جي اختيار ۾ ) آهن ۽ آءُ رڳو ظاهر ڊيڄاريندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”ان مٿان سندس پالڻهار طرفان نشانيون ڇونه لاٿيون ويون“؟ چؤ ته: ”نشانيون ته صرف الله وٽ ئي آهن. ۽ آءٌ صرف پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون، ته ڇو ڪِين، مَٿسِ لاٿو وِيو معجزو؟ مُعجزا مالِڪ وٽ، اُنهن کي چَئو اَمِين!، ۽ سَندو باھِ سِجِين، آئون خالِص آهيان خابرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چون ٿا ته سندس ڌڻيءَ کان مٿس معجزا ڇو نه لٿا؟“ چئو ته ” معجزا فقط الله جي اختيار ۾ آهن، ۽ آءُ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چون ٿا ته "ڇو نه لاٿيون ويون مٿس ڪي نشانيون سندس رب جي طرفان؟" چوين ته "نشانيون ته الله وٽ ئي آهن ۽ مان ته فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چون ٿا اهي ماڻهو، ڇو نه نازل ڪيون ويون آيتون ان شخص تي پنهنجي رب طرفان؟ چؤ، بيشڪ نشانيون ته آهن الله وٽ، ۽ بيشڪ آئون ته رڳو پڌرو خبردار ڪندڙ آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو چون ٿا ته هن شخص تي سندس پالڻھار جي طرفان (ظاهري) معجزا ڇو نه لاٿا ويا. تون چؤ ته بيشڪ معجزا ته الله تعالى جي هٿ ۾ آهن. مان ته رڳو صاف ڊيڄاريندڙ ٿي آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَكفِهِم أَنّا أَنزَلنا عَلَيكَ الكِتٰبَ يُتلىٰ عَلَيهِم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَرَحمَةً وَذِكرىٰ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 51) |
اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو جو کين پڙھي ٻڌائبو آھي سو کين ڪافي نه آھي ڇا، بيشڪ ھن ۾ مؤمنن جي قوم لاءِ ٻاجھ ۽ نصيحت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالهه ڪافي ناهي ڇا ته اسان توتي ڪتاب (قرآن مجيد) نازل ڪيو آهي جو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. (کين گهرجي ته ان جي تعليم تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ ڄاڻن ته) بيشڪ جن ماڻهن ۾ ايمان آهي تن لاءِ هيءُ قرآن سچ پچ وڏي رحمت آهي ۽ (اعليٰ درجي جي) نصيحت آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن لاءِ اهو ڪافي ناهي جو بيشڪ اسان توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايو جيڪو انهن تي پڙهيو وڃي ٿو. بيشڪ انهيءَ ۾ رحمت ۽ نصيحت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن لاءِ هي ڪافي نه آهي جو اسان تو تي ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي جو انهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ايماندار ماڻهن لاءِ ان ۾ (خدا جي) وڏي مهرباني ۽ (تمام چڱي) نصيحت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڪافي ٿيو انهن جي لاءِ ته بلاشڪ اسان نازل ڪيو اسان توتي ڪتاب جيڪو پڙهيو ٿو وڃي انهن تي بلاشڪ ان ۾ البته رحمت ۽ نصيحت آهي ان قوم جي لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي هيءَ ڪافي نه آهي ڇا ته اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو آهي جو انهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ان ۾ ان قوم لاءِ رحمت ۽ نصيحت آهي جي ايمان آڻين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن کي هي (نشاني) ڪافي نه آهي جو اسان تو تي ڪتاب نازل ڪيو جيڪو انهن کي پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ان (ڪتاب) ۾ وڏي ٻاجهه ۽ نصيحت آهي ان قوم لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ڪافي ناهي، تَن ڪاڻ؟ ته اَسان اُتاريو تو مٿي، مُصحف جِھڙو مُعجزو، ٿو پَڙهجي مَٿنِ پاڻ، جنهن ۾ رحمت ربَّ جِي، پڻ ياد ڏيارڻ ڏان، ۽ مَڃِين جي مَن ساڻ، ڪارڻ تنهِنين قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هنن لا ءِ اهو ڪافي ناهي، جو اسان توتي ڪتاب موڪليو، جو کين پڙهي ٻڌائبو آهي؟ بيشڪ انهي ۾ مؤمن قوم لاءِ رحمت ۽ نصيحت آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڀلا انهن لاءِ اها (نشاني) ڪافي ناهي ڇا ته اسان توتي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جيڪو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو؟ حقيقت ۾ ته هن ۾ رحمت ۽ نصيحت آهي، انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا ڪافي ناهي انهن ماڻهن لاءِ هي (نشاني) ته اسان نازل ڪيو آهي توتي ڪتاب جيڪو پڙهي کين ٻڌايو وڃي ٿو؟ بيشڪ ان ۾ رحمت ۽ نصيحت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ايمان آڻين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن لاءِ اهو ڪافي نه آهي ته اسان تنھنجي مٿان (بغير پڙهڻ لکڻ جي) هي ڪتاب نازل ڪيو آهي، جيڪو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو. بيشڪ ايمان آڻڻ وارن لاءِ ته هن ۾ رحمت به آهي ته نصيحت به . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قُل كَفىٰ بِاللَّهِ بَينى وَبَينَكُم شَهيدًا يَعلَمُ ما فِى السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَالَّذينَ ءامَنوا بِالبٰطِلِ وَكَفَروا بِاللَّهِ أُولٰئِكَ هُمُ الخٰسِرونَ (آيت : 52) |
(کين) چؤ ته الله منھنجي ۽ اوھان جي وچ ۾ شاھد بس آھي، جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو اُھو ڄاڻندو آھي، ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي ڇيئي وارا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي منهنجا پيغمبر تون ڪافرن کي) چئي ڏي ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي (۽ توهان پاڻ ڏسندؤ ته هو حق کي غالب ڪندو ۽ باطل کي فنا ڪندو) جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ هو چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي به ماڻهو باطل ۾ ايمان رکن ٿا (يعني الله تعاليٰ جي چڱن حڪمن کي ڇڏي ٻين جي نقصانڪار هدايتن تي عمل ڪن ٿا) ۽ الله (جا حڪم) نٿا مڃين سي ضرور نقصان هيٺ ايندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان فرمايو ته منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله تعالى گواه ڪافي آهي. (اهو) ڄاڻي ٿو جيڪو آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، ۽ اهي ماڻهو جيڪي ڪوڙ تي يقين رکن ٿا ۽ الله تعالى جو انڪار ڪن ٿا اهي ئي نقصان وارا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي پيغمبر! تون انهن کي) چئو ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهدي لاءِ خدا ڪافي آهي جيڪو سڀني آسمانن ۽ زمين جي ڳالهين کي ڄاڻي ٿو. ۽ جن ڪوڙ تي يقين ڪيو ۽ خدا جو انڪار ڪيو سي ئي نقصان وارا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته ڪافي آهي الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي ۽ جن ايمان آندو باطل تي ۽ انڪار ڪيائون الله جو اهي ئي نقصان وارا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ! تون انهن کي) چئو ته منهنجي وچ ۾ ۽ اوهان جي وچ ۾ الله شاهد بس آهي. جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي تنهن کي اهو ڄاڻي ٿو ۽ جن ڪوڙ تي يقين ڪيو ۽ الله جو انڪار ڪيو سي ئي نقصان وارا آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهديءَ لاءِ الله ئي ڪافي آهي، اهو ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي. ۽ جن ماڻهن باطل کي مڃيو، ۽ الله جو انڪار ڪيائون سي ئي نقصان وارا آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو، مون ۽ اَوهان جي وِچ ۾، سائي بس ستار، جيڪِي اُڀ، زمين ۾، سوڄاڻي ڄاڻڻهار، اُهي جَن اَڻهوندي تي، آندو اِعتبار، ۽ مالِڪ سَدا موجُود کان، ڦِري وِيا فُجار، آهن اُهي اِظهار، ڇِيهي وارا ڇيہ جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته الله مون ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد ڪافي آهي- جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، سو هو ڄاڻي ٿو ۽ جن ڪوڙ کي مڃيو ۽ الله کان انڪار ڪيو، اهڙا شخص ئي نقصان پائيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته "منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ الله جو شاهد هجڻ ڪافي آهي، هو ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن توڙي زمين ۾ آهي، جيڪي ماڻهو باطل کي مڃين ٿا ۽ الله سان ڪفر ڪن ٿا، اهي ئي نقصان ۾ پوندڙ آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) چؤ ته ڪافي آهي الله جي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ شاهدي، اهو ڄاڻي ٿو جيڪي ڪجهه آهي آسمانن ۽ زمين ۾، ۽ جيڪي ماڻهو مڃين ٿا باطل کي ۽ ڪفر ڪن ٿا الله سان، اهي ئي (ماڻهو) آهن ٽوٽي ۾ رهڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ صرف الله تعالى جي گواهي ڪافي آهي. جيڪو آسمانن ۽ زمين جي هر شيءِ کي ڄاڻي ٿو. خساري ۾ ته اهي ماڻهو آهن، جن ڪوڙ تي ايمان آندو ۽ الله تعالى جو انڪار ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَلَولا أَجَلٌ مُسَمًّى لَجاءَهُمُ العَذابُ وَلَيَأتِيَنَّهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 53) |
۽ توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، ۽ جيڪڏھن (اُن جي) مُدّت مُقرر ٿيل نه ھجي ھا ته کين عذاب ضرور پھچي ھا، ۽ (اھو) مٿن پڪ اوچتو ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (منڪر) توسان تڪڙ لائي ٿا ڏين ته آڻ اسان تي عذاب ۽ جلد آڻ (ته سمجهون ته تون سچو آهي، تون کين ٻڌاءِ ته ( جيڪڏهن ان لاءِ وقت مقرر ڪيل نه هجي ها ته بيشڪ انهن ماڻهن تي (سندن ظلمن سبب هڪدم) عذاب اچي وڃي ها (پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت سببان کين مهلت ٿو ڏئي ته من هدايت تي اچن. جيڪڏهن سڌيءَ واٽ تي نه ايندا ته پوءِ) هنن تي اهو عذاب اهڙو ته اوچتو اچي ويندو جو کين پتو ئي ڪونه پوندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اُهي) عذاب اچڻ لاءِ توهان سان تڪڙ ڪن ٿا، ۽ جيڪڏهن (عذاب لاءِ) وقت مقرر نه هجي ها ته انهن تي ضرور عذاب اچي ها. ۽ انهن تي يقيناً اوچتو (عذاب) ايندو ۽ اهي نٿا سمجھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) تو کان ماڻهو عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته (ڪڏهن جو) مٿن عذاب اچي وڃي ها ۽ (نيٺ ته هڪ نه هڪ ڏينهن) ضرور انهن تي عذاب اوچتو ايندو جو کين خبر به نه پوندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تڪڙو گهرن ٿا تو کان عذاب ۽ جيڪڏهن نه هجي ها مدو مقرر ته البته اچي ها انهن وٽ عذاب ۽ البته ضرور ايندو انهن وٽ اوچتو ۽ اهي نه ٿا سمجهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان عذاب جي جلد اچڻ جي گُهر ڪن ٿا. ۽ جيڪڏهن مقرر ڪيل وقت نه هجي ها ته مٿن عذاب اچي وڃي ها ۽ ضرور انهن تي عذاب اوچتو ايندو ۽ کين خبر به نه پوندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تو سان عذاب جي آڻڻ جي تڪڙ ڪن ٿا، ۽ اگر (عذاب جو) وقت مقرر نه هجي ها ته انهن تي عذاب اچي وڃي ها. ۽ انهن تي ضرور اوچتو عذاب ايندو ۽ انهن کي خبر به نه پوندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ توکان عذاب اَلله جو، تڪڙو گُھرن تڪرار، ۽ مُدت مُقرّر، جي نه هُئـِي، آيُنِ سِر آزار، اَوَس اِيندن اوچتو، واڪي ڪِهِين وار، بي خبر بَدڪار، هُوندا جِنهِين حال ۾. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکان عذاب لاءِ تڪڙ ٿا ڪن_ سو جيڪڏهن وقت مقرر نه هجي ها، ته مٿن ضرور عذاب اچي ها_ ۽ اهو مٿن ضرور اوچتو ايندو، جو هنن کي پروڙ به ڪانه هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ماڻهو توکان عذاب جلدي آڻڻ جي گهر ڪن ٿا، جيڪڏهن ڪو وقت مقرر ٿيل نه هجي ها ته مٿن (هيل تائين) عذاب اچي چڪو هجي ها ۽ پڪ سان (پنهنجي وقت تي) اهو اوچتو ئي اوچتو اچي ويندو، جو هنن کي پتو ئي نه پوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي تو کان گُهر ڪن ٿا سگهوئي عذاب جي، ۽ جيڪڏهن هڪ وقت مقرر ڪيل نه هجي ها ته اچي وڃي ها انهن تي عذاب، ۽ پڪ سان (پنهنجي وقت تي) اهو ته اوچتو ئي ايندو، ان حال ۾ جو کين خبر به نه هوندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو توهان کان (هروڀرو) جلدي عذاب اچڻ جي گُهر ڪن ٿا پر جيڪڏهن عذاب جو وقت پهريان مقرر نه هجي ها ته اهو ته (هن وقت تائين) مٿن اچي چڪو هجي ها. اهو عذاب ته مٿن اوچتو اهڙي وقت ايندو جو کين خبر ئي نه پوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَستَعجِلونَكَ بِالعَذابِ وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمُحيطَةٌ بِالكٰفِرينَ (آيت : 54) |
توکان عذاب تڪڙو گھرندا آھن، بيشڪ دوزخ ڪافرن کي (اُنھيءَ ڏينھن) وڪوڙيندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن منڪرن عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ مچائي ڏني آهي (هو سمجهن ٿا ته عذاب ايندو ئي ڪونه پر) يقيناً جهنم جو عذاب ڪافرن کي هر طرف کان وڪوڙي ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي) عذاب اچڻ لاءِ توهان سان تڪڙ ڪن ٿا، ۽ بيشڪ جهنم يقيناً ڪافرن کي گھيرو ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تو کان عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي تنهن ڏينهن ضرور گهيرو ڪندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تڪڙو گهرن ٿا توکان عذاب ۽ بيشڪ جهنم البته گهيرو ڪندڙ آهي ڪافرن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) توکان عذاب جي جلد اچڻ جي گهر ڪن ٿا ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي تنهن ڏينهن ضرور گهيرو ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تو سان عذاب آڻڻ جي تڪڙ ڪن ٿا. ۽ بيشڪ دوزخ ڪافرن کي گهيري وٺندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توکان عذاب اَلله جو تڪڙو گُھرن تڪرار، ۽ قابو ڦِريل ڪافِرِين، باهِيون برقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو توکان عذاب لاءِ تڪڙ ٿا ڪن ۽ بيشڪ جهنم ڪافرن کي وڪوڙيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توکان عذاب جلد آڻڻ جي گهر ٿا ڪن، حالانڪه جهنم انهن ڪافرن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي توکان مطالبو ڪن ٿا جلد ئي عذاب آڻڻ جو، ۽ بيشڪ دوزخ ته وڪوڙي چڪي آهي انهن ڪافرن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو توهان کان جلدي عذاب جي گُهر ڪن ٿا حالانڪه جھنم ته انهن ڪافرن کي گهيري ۾ آڻي چڪو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ يَغشىٰهُمُ العَذابُ مِن فَوقِهِم وَمِن تَحتِ أَرجُلِهِم وَيَقولُ ذوقوا ما كُنتُم تَعمَلونَ (آيت : 55) |
جنھن ڏينھن کين عذاب سندن مٿن کان ۽ سندن پيرن جي ھيٺ کان ويڙھيندو ۽ (الله) چوندو ته جيڪي ڪندا ھيؤ تنھنجو (مزو) چکو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ڏينهن عذاب سندن مٿان اچي توڙي سندن پيرن هيٺان نڪري، کين ڍڪي ڇڏيندو ۽ کين چيو ويندو ته، توهان جيڪي (بڇڙا) عمل ڪندا رهندا هيؤ تن (جي بدلي ۾ عذاب) جو ذائقو وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهيءَ ڏينهن عذاب انهن کي ڌِڪيندو، سندن مٿان ۽ سندن پيرن جي هيٺان ۽ (انهن کي عذاب وارو فرشتو) چوندو توهان پنهنجي عملن جي جزا چکو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن کين عذاب سندن مٿان ۽ سندن پيرن هيٺان ويڙهي ويندو ۽ (تڏهن خدا) فرمائيندو ته جيڪي ڪرتوت اوهين (دنيا ۾) ڪندا هئا تن جو مزو چکيو!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن ڏينهن ڍڪي ويندو انهن کي عذاب مٿان انهن جي ۽ هيٺان پيرن انهن جي ۽ فرمائيندو ته چکو اهو جيڪي ڪندا هيئو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن کين عذاب سندن مٿان ۽ سندن پيرن هيٺان ويڙهي ويندو ۽ (تڏهن الله ) چوندو ته جيڪي اوهين ڪندا هئا تنهن جو مزو چکو! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن ڏينهن انهن کي عذاب ويڙهي وٺندو انهن جي مٿان کان ۽ انهن جي پيرن جي هيٺان کان ۽ (الله) فرمائيندو: ”انهن ڪمن جو مزو چکو جيڪي توهان ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مَٿان هيٺان ڄِڀيون، ويڙهيِندَنِ جنهن وار، ۽ جي ڪندا هئا ڪم ڪار، چونداسون، ته سي چکو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي ڏينهن کين سندن مٿن کان ۽ پيرن هيٺان عذاب وڪوڙيندو ۽ (الله) چوندو ته ”چکو اهو، جيڪي اوهين ڪندا هئا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (پتو پوندن انهيءَ ڏينهن) جڏهن عذاب کين مٿان به وڪوڙي ويندو ته پيرن هيٺان به ۽ چوندو ته هاڻي چکو مزو انهن عملن جو جيڪي توهان ڪندا هيؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ کين خبر پوندي) ان ڏينهن جڏهن ويڙهي ويندو کين عذاب مٿان کان به ۽ (وري) کين هيٺان پيرن کان انهن کي، ۽ چوندو ته هاڻي چکو مزو انهن ڪرتوتن جو جيڪي توهان ڪندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن کين مٿان کان پيرن تائين عذاب وڪوڙي ڇڏيندو، ان ڏينهن الله تعالى کين چوندو ته پنھنجي عملن جو مزو چکو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يٰعِبادِىَ الَّذينَ ءامَنوا إِنَّ أَرضى وٰسِعَةٌ فَإِيّٰىَ فَاعبُدونِ (آيت : 56) |
اي منھنجا مؤمن ٻانھؤ بيشڪ منھنجي زمين ويڪري آھي تنھنڪري خاص منھنجي عبادت ڪريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اي منهنجا مسلمان بندؤ! يقين ڄاڻو ته منهنجي زمين ڪشادي آهي سو (جيڪڏهن هتي مڪي ۾ منهنجي حڪمن جي تعميل پوريءَ طرح ڪري نٿا سگهو ته ٻئي اهڙي ملڪ ۾ وڃو جتي پوريءَ طرح تعميل ڪري سگهو ۽) فقط منهنجي ٻانهپ ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا مؤمن بندا! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي پوءِ توهان (اخلاص سان) خاص منهنجي عبادت ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اي منهنجا ايمان وارا بندو! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي ۽ اوهين منهنجي ئي عبادت ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا اهي ٻانها! جن ايمان آندو بلاشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي پوءِ خاص منهنجي عبادت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا ايمان وارا ٻانها! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي پوءِ منهنجي ئي عبادت ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا ايمان وارا ٻانها! بيشڪ منهنجي ڌرتي ڪشادي آهي پوءِ منهنجي ئي عبادت ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻُڌو ٻانهان مُنهنجا!، آندو جَن اِيمان، ته مُلڪ ڪُشادو مُنهنجو، جُمله جڳه جھان، پوءِ اَمن سان اَمان، مُون کي پُوڄيو مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا مؤمن بندؤ! بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي، پوءِ فقط منهنجي ئي بندگي ڪريو_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجا بندؤ! جن ايمان آندو آهي، منهنجي ڌرتي ڏاڍي ڪشادي اَٿوَ، تنهنڪري توهان رڳو منهنجي ئي بندگي ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي منهنجا ٻانهؤ! جن ايمان آندو آهي، بيشڪ منهنجي زمين ڪشادي آهي، تنهن ڪري توهان منهنجي ئي بندگي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا مؤمن ٻانهو! (هجرت ڪري وڃو ڇو ته) منھنجي زمين وڏي ڪشادي آهي (بس! جتي به هجو) منھنجي بندگي ڪندا رهو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كُلُّ نَفسٍ ذائِقَةُ المَوتِ ثُمَّ إِلَينا تُرجَعونَ (آيت : 57) |
سڀڪو جيءُ موت جو مزو چکڻ وارو آھي، وري اسان ڏي موٽائبؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ ياد رکو ته) هرهڪ نفس کي ضرور موت جو ذائقو چکڻو آهي. پوءِ (آخر) اوهان کي اسان ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. (۽ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هر نفس کي موت جو مزو چکڻو آهي، ان کان پوءِ توهان کي اسان ڏانهن موٽايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سڀ ڪو نفس موت (جو مزو) چکڻ وارو آهي، پوءِ مون ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هر نفس موت چکندڙ آهي تنهن کان پوءِ اسان ڏانهن موٽايا ويند¬ؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سڀڪو نفس موت (جو مزو) چکڻ وارو آهي پوءِ مون ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هر نفس کي موت جو مزو چکڻو آهي، پوءِ اوهان اسان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر وانگِي وَٺندو، موت جو، مَزور مُقرّر، اَسان ڏي آخِر، موٽِي اَوهِين موٽائبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هر شخص موت کي چکندو، پوءِ اوهين اسان ڏي موٽائبا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هر ساهواري کي موت جو مزو چکڻو آهي، پوءِ توهان سڀئي اسان ڏانهن موٽائي آندا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هر ساهه واري کي مزو چکڻو آهي موت جو، پوءِ توهان سڀ اسان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هر ساهواري کي موت جو مزو چکڻو آهي پوءِ توهان سڀني کي اسان ڏي ئي موٽايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَنُبَوِّئَنَّهُم مِنَ الجَنَّةِ غُرَفًا تَجرى مِن تَحتِهَا الأَنهٰرُ خٰلِدينَ فيها نِعمَ أَجرُ العٰمِلينَ (آيت : 58) |
۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي ضرور بھشت جي ماڙين ۾ ٽِڪائينداسون جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجس سدائين رھڻ وارا آھن، (انھن چڱن) ڪمن ڪندڙن جي مزوري چڱي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مگر اهي ماڻهو جيڪي (تڪليفن هوندي به) ايمان تي محڪم رهن ٿا ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهن ٿا تن کي اسان جنت جي اونچين ماڙين ۾ رهائينداسين جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ اهي ان جنت ۾ هميشه رهندا. (ڏسو) نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ ڪهڙو نه سهڻو ۽ اعليٰ انعام تيار رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا، اسين ضرور انهن لاءِ بهشت ۾ محل تيار ڪنداسين، جنهن جي هيٺان نهرون وهنديون (اهي) انهيءَ ۾ هميشه هوندا. عمل ڪندڙن لاءِ بهترين اجر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي جنت جي ماڙين ۾ رهائينداسون، جن جي هيٺان واھ وهن ٿا جن ۾ هميشه رهندا. اهو انهن (نيڪ) ڪم ڪرڻ وارن جو چڱو بدلو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهي شخص جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل البته ضرور رهائينداسون انهن کي بهشت مان ماڙين ۾ جو وهن پيون هيٺان انهن جي نهرون هميشہ رهندڙ انهن ۾ چڱو آهي اجر عمل ڪندڙن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي جنت جي ماڙين ۾ رهائينداسون، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا انهن ۾ پيا رهندا. اهو (انهن) عمل ڪرڻ وارن جو بدلو چڱو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون، ته اسان انهن کي ضرور جنت جي مٿاهين ماڙين ۾ جاءِ ڏينداسين جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ هونديون، اُهي انهن ۾ هميشه رهندا. ڇا ته ڀلو بدلو آهي (چڱا) ڪم ڪرڻ وارن جو!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جَن آندو اِعتبار، پڻ چڱاڪيائون ڪَمڙا، جائـِي ڏِينداسونِ جايون، ماڙِيون مَڻياندار، جَن هيٺان هَلن ناليون، دائـِم دِلقرار، ڀَلو ٿيِو بِسيار، اَجر عامِلن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ايمان آندو۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي ضرور بهشت جي ماڙين ۾ ٽڪائينداسون، جن هيٺان نهرون وهنديون آهن، هو انهن ۾ هميشه رهندا_ چڱن ڪمن ڪندڙن کي چڱي مزوري آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي اسان جنت جي اوچين ماڙين ۾ رهائينداسون، جن جي هيٺان واهيون پيون وهنديون، اتي هو سدائين رهندا. ڪهڙو نه ڀلو اجر آهي عمل ڪرڻ وارن لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن ماڻهن آندو آهي ايمان ۽ عمل نيڪ ڪيا آهن، تن کي اسان رهائينداسين جنت جي بلند ماڙين ۾، انهن جي هيٺان وهنديون هونديون نهرون، اهي سدائين رهندا اتي، ڪهڙو نه سٺو اجر آهي عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اسان انهن کي جنت جي عاليشان بنگلن ۾ رهائينداسون جن جي هيٺان (مختلف قسمن جون) نهرون وهنديون، اهي ان ۾ هميشه رهندا، (نيڪ) عمل ڪرڻ وارن جو ڪيڏو نه بھترين اجرآهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ صَبَروا وَعَلىٰ رَبِّهِم يَتَوَكَّلونَ (آيت : 59) |
جن صبر ڪيو ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو اعليٰ انعام انهن نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ آهي) جيڪي (حق جي راهه ۾) تڪليفون صبر سان سهن ٿا ۽ ثابت قدم رهن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار تي پورو پورو ڀروسو رکن ٿا (نه ظالم حاڪمن ۽ سردارن تي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جيڪي صبر ڪن ٿا ۽ پنهنجي رب ڪريم تي توڪل ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جن دنيا ۾ (مصيبتن تي) صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جن صبر ڪيو ۽ پنهنجي رب تي توڪل ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جن صبر ڪيو ۽ پنهنجي پاليندڙ تي ڀروسو ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جن ماڻهن صبر ڪيو ۽ پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي، جَن آزار، سَڀ ڪجھ سَٺو سَچ مَٿان، ۽ بيشڪ ساروبار، رَکنِ پَنهنجي رَبَّ مٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن صبر ڪيو ۽ سندن ڌڻيءَ تي ڀروسو رکيائون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ماڻهن لاءِ جن صبر ڪيو آهي ۽ جيڪي پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن ماڻهن لاءِ جن صبر ڪيو آهي ۽ اهي جيڪي پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن صبر کان ڪم ورتو ۽ الله تعالى تي ڀروسو ڪندا رهيا (ته اهي سڀ نعمتون انهن جي لاءِ ئي آهن). (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكَأَيِّن مِن دابَّةٍ لا تَحمِلُ رِزقَهَا اللَّهُ يَرزُقُها وَإِيّاكُم وَهُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 60) |
۽ ڪيترائي جانور پنھنجي روزي ساڻ نه کڻندا آھن، الله تعالىٰ انھن کي ۽ اوھان کي روزي ڏيندو آھي، ۽ اُھو ئي ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (توهان رزق جي تنگيءَ کان ڊڄو ٿا، پر ڏسو نٿا ته) گهڻائي اهڙا ساهه وارا جيت ۽ جانور آهن جي پنهنجي غذا پاڻ سان ڪونه ٿا کنيون وتن. الله ئي انهن کي رزق ٿو ڏئي ۽ اوهان کي به ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪيترائي جاندار آهن جيڪي پنهنجي (ضعف سببان) پنهنجي رزق کي کڻي نٿا سگھن، الله تعالى انهن کي ۽ توهان کي رزق ڏئي ٿو، ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ زمين تي هلڻ وارا ڪيترائي آهن جي پنهنجي روزي پاڻ سان کنيو نه ٿا وتن الله ئي انهن کي ۽ اوهان کي روزي ڏئي ٿو، ۽ اهو وڏو ڏيڻ وارو (۽) ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا چوپايا جانور نه ٿا کڻن پاڻ سان رزق پنهنجو الله رزق ڏئي ٿو انهن کي ۽ اوهان کي ۽ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيترا جانور پنهنجي روزي ساڻ نه ٿا کڻن الله انهن کي ۽ اوهان کي روزي ڏي ٿو. ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪيترائي جانور آهن جيڪي پنهنجي روزي ساڻُ نه ٿا کڻن، الله انهن کي روزي ڏئي ٿو ۽ اوهان کي به (روزي ڏئي ٿو) ۽ اُهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چُرندڙ ڪَئـِين، چُوڻو پَنهنجو، نه کَڻنِ پاڻ، اَلله اُنهن ۽ آن کي ٿو، سَولِي ڏئي سانجاڻ، ۽ سُڻندڙ ۽ سُڄاڻ، صَحِي آهي ، سو ڌَڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪيترائي ساهوارا پنهنجو رزق نه کڻندا آهن، الله ئي انهن کي خواهه اوهان کي رزق ڏئي ٿو ۽ اهو ٻڌندڙ ڄاڻيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڪيترائي جانور آهن جيڪي پنهنجو رزق ساڻ کنيون نٿا وتن، الله انهن کي رزق رسائي ٿو ۽ توهان کي به اهوئي رزق ڏئي ٿو. هو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيترا ئي آهن جانور، جيڪي کڻي نٿا هلن پنهنجو رزق، الله انهن کي رزق ڏئي ٿو ۽ توهان جو رازق به اهو ئي آهي، اهو ئي سڀڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڪيترائي اهڙا جانور آهن جيڪي پنھنجي روزي گڏ ڪري نه رکندا آهن. الله تعالى انهن کي به ۽ توهان کي به روزي ڏئي ٿو ۽ هو خوب ٻڌندڙ ۽ وڏي علم وارو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضَ وَسَخَّرَ الشَّمسَ وَالقَمَرَ لَيَقولُنَّ اللَّهُ فَأَنّىٰ يُؤفَكونَ (آيت : 61) |
۽ جيڪڏھن کائن پُڇين ته ڪنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ (ڪنھن) سج ۽ چنڊ کي نِوايو آھي؟ ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڪيڏانھن ڦيرايا ويندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون هنن (منڪرن يا ضعيف ايمان وارن) کان پڇين ته ڪنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو آهي، ۽ ڪنهن سج ۽ چنڊ کي پنهنجي فرمان هيٺ رکيو آهي (جو هو خدائي قانون جا سورهن آنا پابند رهن ٿا) ته هو يقيناً جواب ۾ چوندا ته الله (ئي آهي جنهن هنن کي پيدا ڪيو آهي، جڏهن ته ايترو قبول به ڪن ٿا) ته پوءِ ڪيئن هو (حق کان) هٽي گمراهه ٿي ٿا وڃن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته آسمان ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن مسخر بنايو؟ اهي ضرور چوندا ته الله! پوءِ اهي توحيد کان ڪيئن ڦرن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن ڪم ۾ لڳايو ته ضرور چوندا ته الله! پوءِ ڪئين ابتا وڃن ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن پيدا ڪيا آسمان ۽ زمين ۽ مطيع ڪيائين سج ۽ چنڊ ته البته ضرور چوندا الله پوءِ ڪيڏانهن ڦيرايا وڃن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن ڪم ۾ لڳايو ته ضرور چوندا ته الله! پوءِ ڪيئن ابتا وڃن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟ ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن فرمان جو تابع ڪيو آهي؟ ته ضرور چوندا ته ”الله“، پوءِ ڪيئن الٽا ڦِرن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُڇَندِينِ پيدا ڪِنهن ڪيا، هِي زَبر، اُڀ، زَمين، ۽ ڪِنهن ڪيو سج ۽ چنڊ کي، توڙان تابِعِين، اَلله جَلَّ جَلالَہ، چوندا ساڻ يقِين، پوءِ ڪِنهن بيدِئَ ڏي، بيدِين، ڪِيئن ڦيريا وَڃن فريب سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن کانئن پڇين ته ”ڪنهن آسمان ۽ زمين کي خلقيو ۽ سج ۽ چنڊ کي (سندس قانون ۾) جڪڙي رکيو؟“ ته ضرور چوندا ”الله!“ پوءِ ڪيڏانهن پيا ڦيرائجن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪنهن تابع بنائي ڇڏيو آهي ته ضرور چوندا ته الله، پوءِ ڀلا ڪيڏانهن پيا ٿا ٺڳجن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين، ته ڪنهن خلقيا آهن آسمان ۽ زمين ۽ ڪنهن تابع ڪيو آهي سج ۽ چنڊ کي، ته ضرور چوندا الله، پوءِ اهي ڪٿان کان دوکو کائي رهيا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته آسمانن ۽ زمين کي ڪنھن پيدا ڪيو آهي، سج ۽ چنڊ کي ڪنھن هڪ نظام هيٺ قابو ڪري رکيو آهي؟ ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى. پوءِ به هو ڪاڏي اُبتا ڦري وڃن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
اللَّهُ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَهُ إِنَّ اللَّهَ بِكُلِّ شَيءٍ عَليمٌ (آيت : 62) |
الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھري تنھنجي روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ (جنھن لاءِ گھري ته تَنھنجي) گھٽ ڪندو آھي، ڇوته الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله ئي آهي جو پنهنجي بندن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ تنگ ڪري ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيء جو علم رکندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي (ان جو) رزق وڌائي ٿو ۽ گھٽائي ٿو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الله ئي پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو) تنهن جي تنگ ڪري ٿو. بيشڪ خدا سڀ ڪنهن شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله ڪشادو ٿو ڪري رزق ان جي لاءِ جنهن کي گهري پنهنجن ٻانهن مان ۽ تنگ ڪري ٿو ان جي لاءِ بلاشڪ الله هر شيءَ ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ گهري ٿو) تنهنجي تنگ ڪري ٿو. بيشڪ الله سڀڪنهن شئي کي ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ) تنگ ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُھري سَندسِ گولن مان، جنهِين لئي جبّار، ته ڏئيسِ گھڻو، ۽ جنهن لئي گُھري، ته ڏئيسِ تنگِي تڪرار، واحِد واقِف ڪار، هَر ڪِنهن شئ جي حال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله ئي سندس ٻانهن مان جنهن جو رزق وڻيس ڪشادو ڪري ٿو ۽ گهٽائي ٿو_ بيشڪ الله هر چيز کي ڄاڻيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله ئي آهي، جيڪو پنهنجن بندن مان جنهن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنهن جو چاهي تنگ ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ کي ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله ئي آهي جيڪو ڪشادو ڪري ٿو رزق، جنهن جو به گهري پنهنجي ٻانهن مان، ۽ تنگ ڪري ٿو (رزق) جنهن جو به چاهي، بيشڪ الله ئي هر شيءِ جو علم رکي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى پنھنجي ٻانهن مان جنھن جو چاهي رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ جنھن جو چاهي گهٽائي ٿو. بيشڪ الله تعالى هر شيءِ کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَئِن سَأَلتَهُم مَن نَزَّلَ مِنَ السَّماءِ ماءً فَأَحيا بِهِ الأَرضَ مِن بَعدِ مَوتِها لَيَقولُنَّ اللَّهُ قُلِ الحَمدُ لِلَّهِ بَل أَكثَرُهُم لا يَعقِلونَ (آيت : 63) |
۽ جيڪڏھن کائن پڇين ته ڪنھن آسمان کان پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي اُن جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيو ته ضرور چوندا ته الله، (اي پيغمبر کين) چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي، بلڪ منجھائن گھڻا نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين ته ڪير ٿو آسمان مان مينهن وسائي، ۽ پوءِ ان پاڻيءَ سان زمين کي سندس موت (يعني خشڪ هئڻ) بعد وري جيئرو ڪري (يعني سرسبز ڪري) ته پوءِ هو ضرور چوندا ته الله (ئي ائين ڪرڻ وارو آهي نه ڪو ٻيو. افسوس ته اها ڳالهه قبول ڪرڻ بعد به هو الله جي اعليٰ حڪمن ۽ قانونن جي تعميل نٿا ڪن، پر تون ته پنهنجي سر شڪر ڪر) چئو ته سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، (جنهن دنيائي نعمتون به عطا ڪيون آهن ۽ قرآن مجيد جي نعمت به عطا ڪئي اٿس) پر (افسوس جو) هنن مان اڪثر ماڻهو نٿا سمجهن (۽ پاڻ کي تباهه ٿا ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن توهان انهن کان پڇندا ته آسمان مان مِينهن ڪير ٿو نازل ڪري پوءِ انهيءَ سان غيرآباد زمين کي ڪير ٿو آباد ڪري؟ اهي ضرور چوندا ته الله! رسولِ عربي توهان فرمايو سڀئي تعريفون الله لاءِ آهن پر اڪثر انهن مان بيعقل آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمان مان پاڻي ڪير ٿو لاهي پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ (غير آباد هجڻ) کان پوءِ جياريو (آباد ڪيو) اٿس ته اهي ضرور چوندا ته الله! (اي رسول) تون چئو الحمد لله! پر انهن مان گهڻا (ايترو به) نه ٿا سمجهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته جيڪڏهن پڇندين انهن کان ته ڪنهن لاٿو آسمان کان پاڻي پوءِ آباد ڪيائين ان سان زمين ان جي برباد رهڻ کانپوءِ ته البته ضرور چوندا الله فرماءِ ته سڀ ساراھ الله جي لاءِ ثابت آهي بلڪ گهڻا انهن مان عقل نه ٿا رکن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته ڪنهن آسمان مان پاڻي لاٿو آهي پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريو اٿس ته ضرور چوندا ته الله! (اي پيغمبرﷺ! تون مٿن حجت پوري ٿيڻ تي) چئو ته سڀ تعريفون الله جي واسطي آهن پر انهن مان گهڻا نه ٿا سمجهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇندين ته آسمان مان پاڻي ڪنهن لاٿو آهي؟ پوءِ اُن سان زمين کي ان جي مري وڃڻ بعد زنده ڪيائين ته ضرور چوندا ته ”الله“. چؤ سڀ تعريفون الله لاءِ آهن. پر انهن مان گهڻا عقل نه ٿا رکن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُڇندينِ ته آخِر اُڀ ڪنان، ڪِنهن اُتاريو آب؟ جِنهن سان ڪيائين زمين کي، سائـِي ۽ سيراب، اوسر پُڃاڻا اُن جي، بيرانِي هر باب، اَللهَ جَلَّ جَلالہٗ؛ اِهي جَلدِي ڏِينِ جواب، چئو، آهي شُڪر اَلله جو!، وَه وَه!، وَڙ وَهاب، بَلڪ بي صواب، اَڪثر نه هَلنِ عقل تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن تون کانئن پڇين؛ ڪنهن آسمان کان پاڻي موڪليو، جنهن سان زمين کي سندس مرڻ کان پوءِ جياريو؟“ ته ضرور چوندا ”الله!“ چئو ته هر ڪا واکاڻ الله کي ئي جڳائي، بلڪ انهن مان گهڻا نٿا پروڙين.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جيڪڏهن تون پڇندينِ ته ڪنهن آسمان مان پاڻي وسايو ۽ ان جي وسيلي مئل زمين کي وري جيئاري کڙو ڪيو ته هو ضرور چوندا ته الله، چؤ الحمدلله، پر انهن مان گهڻا ماڻهو سمجهن نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇين ته ڪنهن وسايو آهي آسمان تان پاڻي ۽ پوءِ جياريو ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ؟ ته اهي ضرور چوندا الله، چؤ الحمدلله، پر گهڻا ماڻهو سمجهن ئي نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن تون انهن کان پڇا ڪندين ته ڪير آسمان مان پاڻي نازل ڪري غيرآباد زمين کي آباد ڪري ٿو ته هو ضرور چوندا ته الله تعالى. تون چؤ ته (بيشڪ) سڀ تعريفون الله تعالى جي لاءِ ئي آهن. پر گهڻا ماڻهو عقل کان ڪم نٿا وٺن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما هٰذِهِ الحَيوٰةُ الدُّنيا إِلّا لَهوٌ وَلَعِبٌ وَإِنَّ الدّارَ الءاخِرَةَ لَهِىَ الحَيَوانُ لَو كانوا يَعلَمونَ (آيت : 64) |
۽ ھيءَ دنيا جي حياتي ته تماشي ۽ راند کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي، ۽ بيشڪ آخرت جي حويلي ئي سدائين حياتيءَ واري آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا (ته آخرت کي دنيا کان وڌيڪ پسند ڪن ھا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) دنيا جي هيءَ زندگي رڳو کيل تماشو آهي، ۽ يقين رکو ته آخرت جي گهر واري (زندگي جا پوءِ اچڻي آهي سا) ئي سچي زندگي آهي. ماڻهو اها ڳالهه ڄاڻن ۽ سمجهن ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ دنيا جي حياتي ته فقط لهو ۽ لعب (راند روند) آهي، ۽ بيشڪ آخرت جو گھر ئي حقيقي زندگي آهي، ڪاش اهي ڄاڻن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هيءَ دنيا جي حياتي (ته رڳو) تماشي ۽ راند کان سواءِ (ٻيو) ڪجھ نه آهي. ۽ آخرت جو گهر ئي (سچي) حياتي آهي. جيڪڏهن سمجهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي هيءَ دنيا جي حياتي مگر تماشو ۽ راند ۽ بلاشڪ آخرت وارو گهر البته اهوئي (حقيقي) حياتيءَ وارو آهي جيڪڏهن ڄاڻن ها .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هيءَ دنيا جي حياتي تماشي ۽ راند کانسواءِ (ٻيو) ڪجهه نه آهي. ۽ آخرت جو گهر ئي (سچي) حياتي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هيءَ دنيا جي زندگي تماشي ۽ راند کان سواءِ ڪجهه نه آهي. ۽ بيشڪ آخرت جو گهر ئي (حقيقي) حياتي آهي. هائو جي ڄاڻن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هِئَ حياتِي نَنڍڙِي، رُڳو راند راڳ، جا ڪِيتاجِيَڻ جو، مَهندان ٻِئو ماڳ، سِرهي ٿِينِ سُجاڳ، هُوند حقيقت حال کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هي دنيا جي حياتي ته رڳو تماشو ۽ راند آهي ۽ بيشڪ آخرت جي حياتي ئي سچي حياتي آهي، جي هنن کي ڄاڻ هجي ها! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هيءَ دنيا واري حياتي ته ڪجهه به ناهي، بس رڳو هڪڙو کيل ۽ تماشو آهي، اصلي حياتيءَ وارو گهر ته آخرت وارو گهر آهي، جيڪر اهي ماڻهو ڄاڻن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي جيڪا حياتي آهي دنيا جي ڪجهه ناهي سواءِ راند ۽ دل جي وندر لاءِ، ۽ بيشڪ زندگيءَ جو اصلي گهر آهي ته آخرت جو ئي گهر آهي، جيڪر اهي ماڻهو ڄاڻن ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دنيا جي زندگي ته رڳو کيل تماشي وانگر آهي ۽ آخرت جي زندگي ئي حقيقي زندگي آهي (جنهن ۾ موت نه هوندو) ڪاش! انهن ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِذا رَكِبوا فِى الفُلكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخلِصينَ لَهُ الدّينَ فَلَمّا نَجّىٰهُم إِلَى البَرِّ إِذا هُم يُشرِكونَ (آيت : 65) |
پوءِ (اُھي) جڏھن ٻيڙين ۾ چڙھندا آھن (تڏھن) رڳو الله کي سندس اعتقاد رکي سڏيندا آھن، پوءِ جڏھن کين ڀر ڏانھن پھچائيندو (بچائي) آھي (تڏھن) اُتي جو اُتي (ھن ڪري) شرڪ ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر ماڻهو اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ دنيا جي شوق ۾ خدا کي وساري ٿا ڇڏين، ڏسو) جڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿا ٿين (۽ طوفان کين وڪوڙي ٿو وڃي) تڏهن ته سچيءَ دل سان (ٻين ديوتائن ۽ شيطاني حرصن کي ڇڏي) الله تعاليٰ کي پڪارڻ لڳن ٿا، پر پوءِ جڏهن اسان کين خشڪيءَ تي سلامت پهچايون ٿا تڏهن وري هڪدم شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا (يعني خدا جي حڪمن کي وساري نفساني خواهشن تي عمل ڪن ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جنهن وقت اهي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا ته الله تعالى کي خلوص سان پڪارين ٿا (۽) ان لاءِ عقيدو رکن ٿا. پوءِ جڏهن الله تعالى انهن کي خشڪي ڏانهن نجات ڏي ٿو ان وقت اهي شرڪ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا ته خدا کي تمام خلوص (دل) سان عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا، وري جڏهن کين خشڪي ڏي بچائي آڻجي ٿو ته يڪدم شرڪ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن سوار ٿين ٿا ٻيڙين ۾ ته دعا گهرن ٿا الله کان خالص ڪندڙ ان جي لاءِ دين پوءِ جڏهن انهن کي ڇڏائيندو آهي پٽ ڏانهن ته ان وقت اهي شرڪ ڪندا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن ڄاڻن ها. پوءِ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا ته الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ ٿي سڏين ٿا، پوءِ جڏهن انهن کي خشڪيءَ ڏي بچائي آڻي ٿو ته ان ئي وقت سندس شريڪ بنائين ٿا، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ٻيڙي ۾ سوار ٿين ٿا ته الله کي سندس خالص عبادت ڪندڙ بنجي سڏن ٿا. پوءِ جڏهن کين بچائي خشڪي ڏانهن آڻي ٿو ته ان وقت ئي اُهي شرڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن چڙهيا چوڏول ۾، گھيرِيُنِ ڪِنهن گَھمسان، ته سَڏيائون سُبحان کي، رڳو ڏِيندڙ، اُن کي ڏان، پوءِ جڏهن ڇَڏايو سون ڇولِيان، برڏي بي گُمان، اِجھو گَڏِينِ اُن سان، ٿورا ڪِنهِين ٿان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن هو ٻيڙين ۾ چڙهندا آهن، ته فقط الله ۾ ويساهه رکي کيس سڏيندا آهن- پر جڏهن هو کين سڪيءَ تي پهچائيندو آهي تڏهن وري هو ساڻس ٻيا ڀائيوار ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن اهي ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهن ٿا ته پنهنجي دين کي الله لاءِ خاص بنائي انهيءَ کان ئي دعا گهرن ٿا، پوءِ جڏهن هو کين بچائي سڪيءَ تي آڻي ٿو ته امالڪ ٿا شرڪ ڪرڻ لڳن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن چڙهندا آهن ٻيڙيءَ ۾ ته گهرندا آهن الله کان خاص ڪري پنهنجي دين کي، پوءِ جڏهن اهو کين بچائي آڻيندو آهي خشڪي تي ته اهي امالڪ شرڪ ڪرڻ لڳندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُهي ماڻهو جڏهن ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيندا آهن ته (طوفان کي ڏسي) دين کي الله تعاليٰ جي لاءِ خالص ڪري ان کي پُڪاريندا آهن پر جڏهن هو کين خشڪي ڏي بچائي آڻيندو آهي ته هو فوراً شرڪ ڪرڻ لڳندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لِيَكفُروا بِما ءاتَينٰهُم وَلِيَتَمَتَّعوا فَسَوفَ يَعلَمونَ (آيت : 66) |
ته جيڪي کين ڏنوسون تنھنجي بي شُڪري ڪن، ۽ ته خوش گذارين، پوءِ سگھوئي (حال جي حقيقت) ڄاڻندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهي ماڻهو جو شرڪ ٿا ڪن سو) هن لاءِ ته جيڪي نعمتون اسان کين ڏنيون آهن تن بابت ناشڪري ڪن (۽ انهن کي خراب طرح ڪم آڻين يا ضايع ڪري ڇڏين) ۽ عيش عشرتن ۾ محو ٿي وڃن. پر جلد ئي کين معلوم ٿي ويندو (ته سندن روش مان ڪهڙا خراب نتيجا نڪرندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته اسان جي ڏنل نعمتن جي ناشڪري ڪن ۽ ڀلي ته اهي نفعو وٺن، پوءِ (انهن کي) جلد خبر پوندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي (نعمتون) ڏنيون آهن تن جي نا شڪري ڪن ۽ مزا ماڻين. پوءِ جلد ئي (ان جو نتيجو) کين معلوم ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڀلي بي شڪري ڪن ان جي جيڪو اسان انهن کي ڏنو آهي ۽ ڀلي خوش رهن پوءِ سگهوئي ڄاڻندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي ڏنو تنهن جي بي شڪري ڪن ۽ مزا ماڻين. پوءِ (حقيقت حال کي) ڄاڻي وٺندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته جيڪي اسان انهن کي (ڇوٽڪارو) ڏنو ان جي ناشڪري ڪن ۽ (دنيا جا ناجائز) مزا وٺن، پوءِ جلدي ڄاڻي وٺندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تان تِهان ڦِرن، جوتَن مَٿي، اَسان ڪيو اِحسان، ۽ مَرَ ميڙاڪن مَستان، پوءِ سَمجِھي ويندا سِگھڙي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪي کين ڏنوسون، ان جي ناشڪري ڪن ۽ ته ڪجهه فائدو حاصل ڪن_ پوءِ جلد ئي خبر پوندن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تانته الله جي ڏنل ڇوٽڪاري تي سندس ناشڪري ڪن ۽ (دنيا جي حياتيءَ جا به) مزا ماڻين. چڱو، پوءِ جلد ئي خبر پوندن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيئن ناشڪري ڪن ڏنل نعمت جي، ۽ مزا ماڻين، پوءِ سگهوئي کين معلوم ٿي ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن هو الله تعالى جي ڪيل مھرباني جي ناشڪري ڪن. (ٺيڪ آ) مزا ڪري وٺو. کين جلد ئي خبر پئجي ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا أَنّا جَعَلنا حَرَمًا ءامِنًا وَيُتَخَطَّفُ النّاسُ مِن حَولِهِم أَفَبِالبٰطِلِ يُؤمِنونَ وَبِنِعمَةِ اللَّهِ يَكفُرونَ (آيت : 67) |
نه ڏٺائون ڇا ته اسان (مڪي جي) حرم کي امن جي جاءِ ڪئي؟ حالانڪ سندس آس پاس کان ماڻھو اُمالڪ کڄي ويندا آھن، پوءِ ڇا ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو نٿا ڏسن ڇا ته اسان مڪي شريف کي امن جي جاءِ ٺهرايو آهي، حالانڪ انهن مڪي جي ماڻهن جي چؤگرد جيڪي ماڻهو آهن تن کي (ڌاڙيل يا غُنيم) زوريءَ کڻي هليا ٿا وڃن. (انهيءَ نعمت هوندي به) هي (مڪي جا ماڻهو) باطل ۾ ايمان رکيون ويٺا آهن ڇا ۽ الله جو فضل نٿا مڃين ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن نه ڏٺو ته بيشڪ اسان (مڪه مڪرمه کي) پُر امن حرم بنايو ۽ چئني طرفن کان ماڻهو ان طرف ڇڪجي اچن ٿا، ڇا پوءِ (اهي) بتن تي ايمان آڻن ٿا ۽ رسولِ عربي جو انڪار ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن ان تي به غور نه ڪيو ته اسان حرم (مڪي) کي امن ۽ امان جو هنڌ بنايو آهي، هوڏانهن سندن آس پاس کان ماڻهو امالڪ کڄي وڃن ٿا. ته ڇا اهي ماڻهو ڪوڙن معبودن تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون ته بيشڪ اسان بنايو حرم امن وارو حالانڪ جهڙپيا وڃن ٿا ماڻهو چوڌاري انهن جي ڇا پوءِ باطل تي ايمان آڻين ٿا ۽ الله جي نعمت جو انڪار ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن نه ڏٺو ته اسان (مڪي کي) حرم امن وارو بنايو آهي هوڏانهن سندن آس پاس کان ماڻهو امالڪ کڄي وڃن ٿا. ڇا پوءِ هو ڪوڙ کي سچو سمجهن ٿا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اهي نه ٿا ڏسن ته اسان (مڪي کي) امن وارو حرمُ بنايو آهي حالانڪه ان جي آس پاس کان ماڻهو کنڀي کنيا وڃن ٿا. ڇا پوءِ (به) باطل تي ايمان رکن ٿا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُهو نه ڏِٺئون؟ ته اسان ڪيو، حَرم هَنڌ اَمان، ۽ اوسي پاسي اُن جي، اُٺائـِجن اِنسان، پوءِ اِهي ڇا، اَڻهوندي تي ، آڻِينِ ٿا اِيمان؟ ۽ ڦِرن بي فَرمان، اَلله جي اِنعام کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا هو نٿا ڏسن، ته اسان حرم کي امن وارو ڪيو، جو سندن آسپاس مان ته ماڻهو امالڪ کڄي ويندا آهن، پوءِ ڇا هو ڪوڙن ڌڻين کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت جو انڪار ٿا ڪن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اُهي نٿا ڏسن ته اسان هڪڙو امن وارو حرم بڻايو آهي، توڻي جو ان جي آسپاس ماڻهو کڄي وڃن ٿا؟ ڇا پوءِ به باطل کي مڃين ٿا ۽ الله جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ڏسن نٿا ته اسان بڻايو هڪ حرم امن وارو، جڏهن ته کڄي وڃن ٿا ماڻهو انهن جي اوسي پاسي کان، ڇا پوءِ به اهي ماڻهو باطل کي مڃن ٿا ۽ نعمت جيڪا الله جي آهي ان جي ناشڪري ڪن ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو نٿا ڏسن ته (مڪي جي) حرم کي اسان امن وارو علائقو بنائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ٻين علائقن مان ماڻهو کنڀجي وڃن ٿا. پوءِ به اُهي ڪوڙ تي ايمان آڻي الله تعالى جي نعمت جي ناشڪري ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَمَن أَظلَمُ مِمَّنِ افتَرىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَو كَذَّبَ بِالحَقِّ لَمّا جاءَهُ أَلَيسَ فى جَهَنَّمَ مَثوًى لِلكٰفِرينَ (آيت : 68) |
۽ اُن کان وڌيڪ ڪير ظالم آھي جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھي يا جڏھن وٽس حق آيو تڏھن اُن کي ڪوڙو ڄاڻي؟ ڪافرن جي جاءِ دوزخ ۾ نه آھي ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ شخص کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جيڪو الله تي ڪوڙا ٺاهه ٿو ٺاهي يا جڏهن حق جي ڳالهه کيس ٻڌائي وڃي ٿي تڏهن ان کي ڪوڙي ٺهرائي نٿو مڃي. ڇا اهڙن منڪرن جي لاءِ جهنم ۾ جاءِ ڪانهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ڪير ظالم آهي جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ مڙهي ٿو. يا جڏهن ان وٽ حق اچي ٿو ان کي ڪوڙو سمجھي ٿو. ڇا جهنم ۾ ڪافرن جو ٽڪاڻو ناهي؟ (يقيناً آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن خدا تي ڪوڙ گهڙيو يا ان وٽ ڪا سچي ڳالھ اچي تنهن کي ڪوڙو ڪيائين. (ته) ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم نه آهي؟ (ضرور آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪير وڌيڪ ظالم آهي ان کان جنهن ٺاهيو الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو چيائين حق کي جڏهن آيو ان وٽ ڇا ناهي جهنم ۾ جاءِ ڪافرن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جنهن الله تي ڪوڙ گهڙيو يا حق کي ڪوڙو ڪيو جڏهن حق وٽس آيو. ڇا ڪافرن جي رهڻ جي جاءِ جهنم ۾ نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کان زور ظالم ڪير آهي؟ جنهن الله تي ڪوڙو بهتان ٻڌو يا حق کي ڪوڙو چيائين جڏهن ان وٽ پهتو. ڇا ڪافرن جي جاءِ جهنم ۾ (مقرر) نه آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪير وڌيڪ اُن کان، آهي مَٿي اَنڌير؟ جِنهن ڪُوڙ رَبَّ، ڪَرِيم تي، ٻَڌا ٻَڌِي پير، يا ڪُوڙو ڪوٺئـِين سَچ کي، آيو وَٽسِ جِنهن وير، ڇا، ناهي صُبح سَوير، دوزخ ديرو ڪافِرِين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ان کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي، جيڪو الله تي ڪوڙو ٺاهه ٺاهي، يا وٽس حق اچڻ تي ان کي ڪوڙو سمجهي؟ ڇا، ڪافرن جو ٺڪاڻو جهنم ۾ ڪو نه آهي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ ظالم ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله تي ڪوڙ هڻي يا حق کي ڪوڙو سڏي، جڏهن اهو سندس آڏو اچي چڪو هجي؟ ڇا اهڙن ڪافرن جو ٺڪاڻو جهنم ئي ناهي؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪير ان شخص کان وڌيڪ ظالم هوندو جيڪو ٺاهي الله تي ڪوڙ يا ڪوڙو چوي حق کي، جڏهن ته اهو اچي چڪو ان جي سامهون؟ ڇا دوزخ جاءِ ناهي اهڙن ڪافرن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان وڌيڪ ٻيو ڪير ظالم ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو الله تعالى تي ڪوڙ گهڙي ۽ جڏهن حق ڳالهه وٽس اچي ته ان کي به ڪوڙو ڪري. ڇا اهڙن ڪافرن لاءِ جھنم جي جاءِ نه آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذينَ جٰهَدوا فينا لَنَهدِيَنَّهُم سُبُلَنا وَإِنَّ اللَّهَ لَمَعَ المُحسِنينَ (آيت : 69) |
۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور پنھنجون واٽون ڏيکارينداسون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ (يعني حق جي واٽ تي هلڻ لاءِ) هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا تن کي اسان پنهنجي (سڌين ۽ حقيقي) واٽن تي آڻينداسين، ۽ (ياد رکو ته) يقيناً الله تعاليٰ نيڪي ڪندڙن سان شامل آهي ۽ سندن مددگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي راه ۾ ڪوشش ڪن ٿا، اسين ضرور انهن کي پنهنجي راه ڏيکارينداسين، ۽ بيشڪ الله تعالى يقيناً نيڪوڪارن سان گڏ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن اسان جي راھ ۾ جهاد ڪيو تن کي ضرور اسين پنهنجي راھ جي هدايت ڪنداسون. ۽ بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن سان گڏ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جن ڪوشش ڪئي اسان جي واٽ ۾ البته ضرور ڏيکارينداسون انهن کي واٽون پنهنجون ۽ بيشڪ الله البته گڏ آهي نيڪن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن اسان جي رستي ۾ ڪوشش ڪئي تن کي ضرور اسين پنهنجا رستا ڏيکارينداسون ۽ بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن سان گڏ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان (جي راهه) ۾ ڪوششون ڪن ٿا ته اسان انهن کي ضرور پنهنجون واٽون ڏيکارينداسين، ۽ بيشڪ الله احسان ڪرڻ وارن سان گڏ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان لئي، دِل جانَ سان، ڪَيو جِھاد جَن، ته وَهيون واٽون پَنهنجون، توڙ ڏَسِينداسون تَن، ۽ اَلله ٻِيلِي اُن، جي چارئـِي پَهر چَڱِئَ ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي، انهن کي اسين ضرور پنهنجون واٽون ڏيکارينداسون_ بيشڪ الله چڱا ڪم ڪندڙن ساڻ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي ماڻهو اسان جي لاءِ پاڻ پتوڙيندا، انهن کي اسان پنهنجون راهون ڏيکارينداسون ۽ بيشڪ الله نيڪن جو ئي ساڻي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪي ماڻهو جهاد ڪندا اسان جي خاطر، تن کي اسان ضرور ڏيکارينداسين پنهنجون راهون، ۽ بيشڪ الله ڀلارن سان گڏ آهي.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي راهه ۾ ڪوشش ڪندا ته اسان کين ضرور سڌو رستو ڏيکارينداسون. بيشڪ الله تعالى نيڪوڪار ماڻهن سان ئي گڏ آهي.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |