توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
طسم (آيت : 1) |
طٰسٓمّٓ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) طا- سين- ميم(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) طٰسۗمّۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) طسم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) طا-س-م .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) طسم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) طا سين ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو اصل راز الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طٰسٓمٓ جو، مالِڪ ڄاڻي مام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) طٰسٓمٓ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﰒ (طا ـ سين ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ط-س-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) طا ــ سين ــ ميم(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) طا سين ميم (حقيقي معنيٰ الله ۽ رسول صلي الله عليه وآلہٖ وسلم ئي بهتر ڄاڻن ٿا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) طٓسٓمٓ(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) هي قرآن مجيد جون آيتون آهن جو (سڀني ڳالهين کي) چٽو ڪندڙ ڪتاب آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اِهي قرآن مبين جون آيتون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي آيتون ڪتاب روشن جون آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اهي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي ڪارنامو ڪِتاب جو، کُلِيَل خاص عام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي چٽي ڪتاب جون آيتون آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اِهي ڪتابِ مبين جون آيتون آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
نَتلوا عَلَيكَ مِن نَبَإِ موسىٰ وَفِرعَونَ بِالحَقِّ لِقَومٍ يُؤمِنونَ (آيت : 3) |
(اي پيغمبر) مُوسىٰ ۽ فرعون جو ڪُجھ احوال مؤمن ماڻھن (جي ٻڌائڻ) لاءِ توکي سچيءَ طرح پڙھي ٻڌايون ٿا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اسان حضرت موسيٰ ۽ فرعون جا سچا سچا احوال توکي انهن ماڻهن جي لاءِ ٻڌايون ٿا جن ايمان آندو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اسين (هاڻي) توهان تي موسيٰ ۽ فرعون جي ڳالهه حق سان ان قوم لاءِ پڙهون ٿا جيڪي ايمان رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (جن ۾) اسين تو کي موسى ۽ فرعون جو ڪجھ احوال، ايمان وارن ماڻهن جي فائدي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ٻڌايون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پڙهون ٿا اوهان تي خبر سچي موسى ۽ فرعون جي ايمان واري قوم لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اسين توکي موسيٰ (عہ) ۽ فرعون جو ڪجهه احوال مڃڻ واريءَ قوم لاءِ پورو پورو پڙهي ٻڌايون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) اسان تو کي موسى ۽ فرعون جو صحيح واقعو پڙهي ٻڌايون ٿا ان قوم (جي فائدي) لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى ۽ فِرعون جِي، حقيقت هَمام، سَچِي ثابتـِيءَ سان، توتي پَڙهون تمام، وِسهن، جي وَريام، ڪارڻ تِنهن قوم جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسين توکي مؤمن ٽوليءَ لاءِ سچيءَ طرح ڪجهه موسيٰ ۽ فرعون جون خبرون ٻڌايون ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان توکي (اي نبي ﷺ) موسيٰ ۽ فرعون جو ڪجهه احوال پورو پورو ٻڌايون ٿا، انهن ماڻهن جي فائدي لاءِ جيڪي ايمان آڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان ظاهر ڪريون ٿا توتي پورو پورو احوال موسيٰ ۽ فرعون جو سچو پچو انهن ماڻهن لاءِ فائديمند آهي جيڪي ايمان وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي) اسان توکي ايمان آڻيندڙن لاءِ موسى ($) ۽ فرعون جو بلڪل صحيح واقعو ٻڌايون ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (اي حبيب مڪرم!) اسان توهان تي موسيٰ (عليه السلام) ۽ فرعون جي حقيقت تي مشتمل حال مان انهن ماڻهن جي لاءِ ڪجهه پڙهي ٻڌايون ٿا جيڪي ايمان رکن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اسين، توکي موسى ۽ فرعون جون ڪجهه خبرون انهن ماڻهن جي لاءِ پڙهي ٻڌايون ٿا جيڪي مؤمن آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ فِرعَونَ عَلا فِى الأَرضِ وَجَعَلَ أَهلَها شِيَعًا يَستَضعِفُ طائِفَةً مِنهُم يُذَبِّحُ أَبناءَهُم وَيَستَحيۦ نِساءَهُم إِنَّهُ كانَ مِنَ المُفسِدينَ (آيت : 4) |
بيشڪ فرعون مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ھئي ۽ ان جي رھڻ وارن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو ھوائين منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي ھيڻو ڪيو ھوائين جو سندن پُٽ ڪُھندو ھو ۽ سندن ڌيئرون جيئريون ڇڏيندو ھو، بيشڪ اُھو فسادين مان ھو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (ٻڌو) فرعون بادشاهه (مصر جي) ملڪ ۾ تڪبر ۽ سرڪشيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ۽ ان ملڪ جي ماڻهن کي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيائين، جن مان هڪ ٽوليءَ کي (يعني بني اسرائيلن کي) دٻائي هيڻي حالت ۾ رکيائين، انهن جي پٽن کي مارائي ڇڏيندو هو ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو. يقيناً هو وڏو فتني باز ۽ بگاڙ ڪندڙ هو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ فرعون زمين (مصر) ۾ تڪبر ڪيو، ۽ پنهنجي اهل کي شيعو (هڪ گروه) بنايو جنهن انهن مان هڪ جماعت (بني اسرائيل) کي ڪمزور بنايو ٿي، انهن جي پٽن کي ذبح ڪيو ٿي ۽ انهن جي نياڻين کي زنده ڇڏيو ٿي، بيشڪ اهو (فرعون) فسادين مان هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ فرعون (مصر جي) زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهڻ وارن کي ڪيئي ٽولا (گروھ) ڪري ڇڏيو هئائين، جن مان هڪ گروھ (بني اسرائيلن) کي ڪمزور ڪري ڇڏيائين ٿي، سندن پٽن کي ڪٺائين ٿي۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيائين ٿي. بيشڪ اهو فسادين مان هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ فرعون غلبو حاصل ڪيو زمين ۾ ۽ بنايائين رهاڪن ان جي کي ٽولا ٽولا هيڻو پيو ڪري هڪ جماعت کي ان مان ڪهي پيو سندن پٽن کي ۽ جيئريون ڇڏي پيو سندن عورتون بي شڪ اهو هو فساد ڪندڙن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ فرعون زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهڻ وارن کي (جدا جدا) ٽوليون ڪري ڇڏيائين، انهن مان هڪ جماعت کي ڪمزور ڪري رکيائين ٿي، سندن پٽن کي ڪٺائين ٿي ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيائين ٿي. بيشڪ اهو فسادين مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ فرعون زمينِ (مصر) ۾ وڏائي ڪئي ۽ اتان جي رهواسين کي ان ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو انهن مان هڪ جماعت (يعني بني اسرائيل) کي ڪمزور ڪري انهن جي پُٽن کي ڪُٺائين پئي ۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيائين پئي. بيشڪ اُهو فساد برپا ڪرڻ وارن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون فرش زمين تي، بَنيو بالم خان، ۽ سَندسِ ساڪِنن کي، ڪيو فِرقا بي فرمان، ڪي اُوچ ڪيائين اُنهن مان، ڪنهِن ٻارِيءَ ڪيائـِين ٻان، پِيو ڪُهي ڪُونڌر اُن جا، ۽ ڏي جويُن سَندنِ جِيدان، بي شڪ بي گمان، هو ڦِريَل ڦيٽوڙن مان. 484(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ فرعون ملڪ ۾ آڪڙ ڪئي هئي ۽ سندس رهاڪن کي ٽوليون ٽوليون بنايو هئائين، جو منجهان هڪ ٽوليءَ کي هيڻو ڪيو هئائين، جو سندن پٽن کي ڪُهندو هو، ۽ ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندو هو، بيشڪ اهو فسادي هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) حقيقت اها آهي ته فرعون زمين ۾ ڏاڍي سرڪشي ڪئي ۽ ان جي رهاڪن کي ٽولا ٽولا ڪري ڇڏيو هئائين. انهن مان هڪڙي ٽولي کي هو ذليل ڪندو هو، سندن پٽن کي قتل ڪندو هو ۽ سندن نياڻين کي جيئرو رهڻ ڏيندو هو. سچ ته هو فساد ڦهلائيندڙن مان هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ فرعون وڏائي ڪئي زمين (مصر) ۾ ۽ ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيائين اتان جي باشندن کي، هڪ ٽولي کي هو ذليل ڪندو هو، ان جي ڇوڪرن کي قتل ڪندو هو ۽ زنده رکندو هو ڇوڪرين کي، بيشڪ اهو فسادين مان هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ فرعون زمين ۾ (اسان جي خلاف) بغاوت ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنھنجي رعيت ۾ الڳ الڳ ٽولا بنائي ڇڏيا هئا. وري هڪ ٽولي کي ته انتھائي ڪمزور ڪري (قيدي به بڻائي) ڇڏيو هو، انهن جي پٽن کي ذبح ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ نياڻين کي جيئرو ڇڏي ڏيندو هو. بيشڪ هو فساد ڦھلائيندڙن مان هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ فرعون زمين ۾ سرڪش ۽ متڪبّر (يعني آمرِ مطلق) ٿي ويو هو ۽ ان پنهنجي (ملڪ جي) رهاڪن کي (مختلف) فرقن (۽ ٽولن) ۾ ورهائي ڇڏيو هو ان انهن مان هڪ ٽولي (يعني بني اسرائيل جي عوام) کي ڪمزور ڪري ڇڏيو هو جو انهن جي ڇوڪرن کي (انهن جي مستقبل جي طاقت چٿڻ جي لاءِ) ذبح ڪري ڪندو ۽ انهن جي عورتن کي جيئرو ڇڏي ڏيندو هو (ته جيئن مردن کان سواءِ انهن جو انگ وڌي ۽ انهن جي اخلاقي ڇڙواڳي ۾ اضافو ٿئي)، بيشڪ اُهو فسادي ماڻهن مان هو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اها حقيقت آهي ته فرعون، زمين ۾ وڏي سرڪشي ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي رهواسين ۾ ڦيٽو وجهي، کين ٽولا ٽولا ڪري ڇڏيائين. منجهانئن هڪڙن کي ايتري قدر ڪمزور رکيائين جو هو انهن جي ڇوڪرن کي ڪُهي ڇڏيندو هيو ۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيندو هيو(ته جيئن انهن جي عفت ۽ ناموس کي ڇيهون ڪندو رهي) لاشڪ، هو (ڌرتيءَ جي) فسادين منجهان تمام وڏو فسادي هيو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَنُريدُ أَن نَمُنَّ عَلَى الَّذينَ استُضعِفوا فِى الأَرضِ وَنَجعَلَهُم أَئِمَّةً وَنَجعَلَهُمُ الوٰرِثينَ (آيت : 5) |
۽ گھُريوسون ته جن کي مُلڪ ۾ ھيڻو ڪيو ويو تن تي اِحسان ڪريون ۽ کين سردار بڻايون ۽ کين وارث ڪريون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان چاهيو ٿي ته جن کي ملڪ ۾ دٻائي هيڻو ڪيو ٿي ويو، تن تي پنهنجو فضل ڪيون ۽ کين ماڻهن جا امام (يعني ليڊريا پيشوا) ڪيون ۽ کين ئي وارث ڪيون (يعني زمين تي ڪنهن ملڪ يا ملڪن جا حاڪم بنايون.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اسان فرمايو ته اسان انهن ماڻهن تي احسان ڪريون جيڪي زمين ۾ضعيف هئا ۽ اسان انهن کي امام بنايون ۽ اسان انهن کي وارث بنايون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين ته هي چاهيون ٿا ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ تن کي پيشوا بنايون ۽ انهن کي ان (زمين) جو مالڪ ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ارادو ڪيون پيا ته احسان ڪيون انهن تي جيڪي ضعيف بنايا ويا زمين ۾ ۽ بنايون انهن کي اڳواڻ ۽ بنايون انهن کي وارث .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان گهريو ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ انهن کي اڳواڻ بنايون ۽ انهن کي وارث ڪريون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان چاهيو ته انهن ماڻهن تي احسان ڪيون جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪري رکيو ويو آهي ۽ انهن کي اڳواڻ بنايون ۽ انهن کي (مُلڪ جو) وارث بنايون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسِين گُھرون ٿا ته ڪريون، اُن اَڀرن تي اِنعام، ڀُون تي بنايو جَن وِيو، گولو ذات غلام، ۽ اُنهن کي ڪريون اِمام، پڻ وارث وَلهارن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان ارادو ڪيو، ته انهن تي احسان ڪريون جن کي ملڪ ۾ هيڻو بنايو ويو هو_ جو انهن کي سردار بنايون ۽ کين (فرعونين) جو وارث بنايون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ارادو ڪيو ته انهن ماڻهن تي مهرباني ڪريون، جن کي زمين ۾ هيڻو ڪري رکيو ويو هو ۽ کين اڳواڻ بڻايون ۽ کين ئي جاءِ نشين بنايون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چاهيو ٿي اسان ته مهرباني ڪريون انهن تي جيڪي ماڻهو ذليل ڪري رکيا ويا هئا زمين ۾ ۽ انهن کي بڻايون اڳواڻ ۽ اهي ئي بڻجي وڃن انهن جا وارث(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ارادو ڪيو ته انهن ماڻهن تي مھرباني ڪريون جن کي سرزمين (مصر) ۾ ڪمزور ڪري دٻايو ويو آهي ۽ انهن کي اڳواڻ بڻايون ۽ کين (فرعونين جو ئي) جاءِ نشين بنائي ڇڏيون.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان چاهيون ٿا ته اسان اهڙن ماڻهن تي احسان ڪريون جيڪي زمين ۾ (حقن ۽ آزادي کان محروم ۽ ظلم و استحصال جي ڪري) ڪمزور ڪيا ويا هئا ۽ انهن کي (مظلوم قوم جا) رهبر ۽ اڳواڻ بڻايون ۽ انهن کي (ملڪي تخت جو) وارث بڻايون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (ان جي باوجود) اسان اهو فيصلو ڪيو ته جيڪا قوم ڌرتيءَ تي سڀ کان وڌيڪ نِٻل (۽ ڪمزور) ڪئي وئي آهي ان تي احسان ڪيئون- ان ئي قوم (جي ماڻهن) کي سرداري بخشيون ۽ کين سلطنت جو وارث ڪيئون- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَنُمَكِّنَ لَهُم فِى الأَرضِ وَنُرِىَ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما مِنهُم ما كانوا يَحذَرونَ (آيت : 6) |
۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالھ) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ ملڪ ۾ انهن جا پير ڄمايون ۽ انهن کي طاقتور ڪيون، ۽ فرعون، (سندس وزير) هامان ۽ سندن لشڪرن کي انهن (بني اسرائيلن) جي هٿان اُهي ئي ڳالهيون پيش آڻيون جن کان بچڻ لاءِ سڀ حيلا هلائي رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسين انهن کي زمين ۾ مضبوط بنايون ۽ اسان فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر کي انهن مان اهو ڏيکاريو جنهن کان اهي خوف ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن کي زمين تي پوري قدرت عطا ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ ٻنهين جي لشڪرن کي انهن کي ڪمزورن جي هٿن سان اها ڳالھ ڏيکاريون جنهن کان اهي شخص ڊڄندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ طاقت ڏيون اسين انهن کي زمين ۾ ۽ ڏيکاريون فرعون ۽ هامان ۽ انهن جي لشڪرن کي انهن مان اها (سزا) جنهن کان ڊڄندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جو زمين ۾ دٻدٻو ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي انهن (ضعيفن) کان اها ڳالهه ڏيکاريون جنهن کان ڊنا ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي زمين ۾ اقتدار ڏيون ۽ فرعون ۽ هامان کي ۽ انهن ٻنهين جي لشڪرن کي انهن کان اهو (انجام) ڏيکاريون جنهن کان اهي ڊڄندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَٺايونِ زور زمين تي، ڏيئـِي ماڳه مَڪان؛ فِرعون ۽ هامام کي، پڻ جي فوجون مَنجھ فَرمان، جِنهنجو اَندر رکنِ اَرمان، سو ڏيکاريونِ ڏيہ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين ملڪ ۾ حڪومت ڏيون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان ڊڄندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ زمين ۾ کين اقتدار عطا ڪريون ۽ ان نموني فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي اهائي شيءِ ڏيکاري ڇڏيون، جنهن جو کين ڊپ هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن کي ئي اقتدار سان نوازيون زمين ۾ ۽ کين اهو ئي ڪجهه ڏيکاريون فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن بابت، جنهن جو کين وڏو ڊپ هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان کين زمين ۾ حڪمراني عطا ڪيون ۽ فرعون، هامان ۽ سندن لشڪرن کي اها ئي شيءِ ڏيکاريون جنھن جو کين ڀؤ هو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان انهن کي ملڪ ۾ حڪومت ۽ اقتدار بخشيون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهي جي فوجن کي اُهو (انقلاب) ڏيکاريون جنهن کان اُهي ڊنا ٿي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ڌرتيءَ تي انهن ڪمزور بڻايلن جي حڪومت قائم ڪرايون. فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهي جي لشڪرن کي انهن بني اسرائيل هٿان اهو (انقلاب) ڏيکاريون، جنهن کان اهي ڊڄندا هئا (۽ هزارين ٻچا ڪهي ڦٽي ڪيائين).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَوحَينا إِلىٰ أُمِّ موسىٰ أَن أَرضِعيهِ فَإِذا خِفتِ عَلَيهِ فَأَلقيهِ فِى اليَمِّ وَلا تَخافى وَلا تَحزَنى إِنّا رادّوهُ إِلَيكِ وَجاعِلوهُ مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 7) |
۽ مُوسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون ته اُن کي کِير پيار، جڏھن ھن جي لاءِ ڊڄين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇوته اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سو (اسان ڇا ڪيو جو) حضرت موسيٰ جي والده کي وحي موڪليوسين ته تون پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي ٿڃ پياريندي رهه. پوءِ جڏهن ان بابت توکي خطرو ڏسڻ ۾ اچي (ته فرعون جي ماڻهن کي خبر پوڻ تي آهي ۽ هو تنهنجي پٽ کي مارائي ڇڏيندا) تڏهن ٻچڙي کي (پيتيءَ ۾ وجهي نيل درياهه جي) پاڻيءَ ۾ لوڙهي ڇڏجانءِ، ۽ ڪوبه خوف نه رکجانءِ، نڪي ڪو غم ڪجانءِ. يقيناً اهو ٻچڙو توکي موٽائي ڏينداسين ۽ کيس (وڏي هوندي) پنهنجو رسول ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان موسيٰ جي والده ڏانهن الهام ڪيو ته تون ان (موسيٰ) کي کير پيار، پوءِ جنهن وقت توکي ان جو خوف ٿئي، پوءِ تون ان کي نيل درياءَ ۾ اُڇلاءِ ۽ تون (ڪو) خوف ۽ ڏک نه ڪر، اسين ان (موسيٰ) کي تو ڏانهن واپس ڪنداسين، ۽ اسين ان کي رسولن مان ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى جي ماءُ ڏي وحي موڪليو ته تون ان کي کير پيار! پوءِ جڏهن تو کي ان جو ڊپ ٿئي ته ان کي (صندوق ۾ رکي) دريا ۾ اڇلاءِ ۽ ڊپ نه ڪج ۽ نه غمگين ٿج. بيشڪ اسين ان کي تو ڏي موٽائينداسون ۽ ان کي (پنهنجو) رسول بنائينداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ الهام ڪيو اسان موسى جي ماءُ کي هي ته کير پيار ان کي پوءِ جڏهن ڊپ ڪرين ان تي پوءِ لوڙهي ڇڏ ان کي درياءَ ۾ ۽ نه خوف ڪر ۽ نه غم ڪر بيشڪ اسين موٽائيندڙ آهيون ان کي توڏانهن ۽ ڪندڙ آهيون ان کي پيغمبرن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان موسيٰ (عہ) جي ماءُ کي الهام ڪيو ته تون ان کي کير پيار! پوءِ جڏهن توکي ان جو ڊپ ٿئي ته ان کي درياءَ ۾ اڇلاءِ ۽ نه ڊپ ڪج ۽ نه غمگين ٿج بيشڪ اسين ان کي توڏي موٽائڻ وارا آهيون ۽ ان کي رسولن مان ڪرڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان موسى جي ماءُ جي دل ۾ اها ڳالهه وِڌي ته: ”ان کي کير پياريندي رهه، پوءِ جڏهن تو کي (ان جي قتل جو) انديشو ٿئي ته پوءِ ان کي درياءَ ۾ اُڇلاءِ ۽ نه ڪو خوف ڪر ۽ نه غم ڪر، بيشڪ اسان ان کي تو ڏانهن موٽائڻ وارا آهيون ۽ اسان ان کي رسولن مان بنائڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَسان پوءِ اِلهام ڪيو، مُوسٰى جي مادر، ته پالِينسِ، پوءِ جي، خوف ڪو، سَمجِھين تِنهين سِر، پوءِ داخِل ڪرِينس دَرياء ۾ ۽ نه ڊِڄ، نه اُلڪو ڪر، ۽ وري واپَسِ توڏي، ڪَنداسون ڪُونڌر، ۽ مُرسل مُقرر، آهيون ڪندڙ اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان موسيٰ جي ماءُ کي حڪم ڪيو ته، ”کيس ٿڃ پيار- پوءِ جڏهن تون هن بابت ڊڄين، تڏهن کيس درياءَ ۾ اڇلج ۽ نڪي ڊڄج، نڪي غمگين ٿج، بيشڪ اسين ان کي تو ڏانهن ئي موٽائينداسون ۽ کيس رسول بنائينداسون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ جي ماءُ ڏي وحي ڪيو ته "هن کي ٿـڃ ڌاراءِ ، پوءِ جڏهن توکي ان جي جان جو خطرو ٿئي ته کڻي درياءَ ۾ وجهي ڇڏيس ۽ ڪوبه خوف نه ڪر ۽ نڪي ڏک ڪر، اسان ورائي کيس توڏانهن ئي آڻينداسون ۽ کيس پيغمبرن ۾ شامل ڪنداسون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان اشارو ڪيو موسيٰ جي ماءُ کي ته ان کي کير پيار، پوءِ جڏهن توکي ان جي جان جو خطرو ٿئي ته ان کي دريا جي حوالي ڪر، ۽ نه ڪر ڪو خوف يا غم، اسان هن کي تو وٽ ئي موٽائي آڻينداسين، ۽ ان کي شامل ڪنداسين پيغمبرن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) جي ماءُ کي الهام ڪيو ته تون هُن ٻار کي کير پيار. پوءِ جڏهن توکي ڀؤ ٿئي ته هن ٻار کي درياءَ ۾ وجهي ڇڏجانءِ. (وجهڻ کان پوءِ) تون ڪوبه ڀؤ ۽ رنج نه ڪجانءِ. بيشڪ هن ٻار کي توڏانهن ئي موٽائينداسون ۽ کيس (اڳتي هلي) رسولن مان هڪ رسول بڻائينداسون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان موسيٰ (عليه السلام) جي امڙ جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي ته تون ان کي کير پياريندي رهه پوءِ جڏهن توکي ان تي (قتل ڪئي وڃڻ جو) ڊپ ٿئي ته ان کي درياءُ ۾ وجهي ڇڏ ۽ نه تون (انهيءَ صورتحال کان) خوف ڪر ۽ نه غمگين ٿئي بيشڪ اسان ان کي تو ڏانهن واپس موٽائڻ وارا آهيون ۽ انهن کي رسولن ۾ (شامل) ڪرڻ وارا آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان موسى جي ماءُ جي دل ۾ اها ڳالهه وجهي ڇڏي ته کيس ٿڃ پيار ۽ جيڪڏهن (فرعون جي ظلم کان) ان جي جان جو خوف ٿيئي ته کيس درياهه ۾ لوڙهي ڇڏ ۽ ڪنهن به قسم جو ڪو خوف يا الڪو نه ڪر اسان تنهنجي لختِ جگر کي تنهنجي هنج ۾ واپس ورائينداسون ۽ کيس پنهنجو رسول بڻائينداسون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَالتَقَطَهُ ءالُ فِرعَونَ لِيَكونَ لَهُم عَدُوًّا وَحَزَنًا إِنَّ فِرعَونَ وَهٰمٰنَ وَجُنودَهُما كانوا خٰطِـٔينَ (آيت : 8) |
پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي جھٽيو ته (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، ڇوته فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (جڏهن والده موسيٰ کي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيو تڏهن) پوءِ فرعون جي ماڻهن (جن پيتي لڙهندي ڏٺي) ان کي کڻي ورتو، انهيءَ لاءِ نه ته هو (آخر) هنن جي مخالفت ڪري ۽ سندس غمن ۽ تڪليفن جو باعث ٿئي (پر فرعون جي ماڻهن کي ان وقت ڪهڙي خبر ته هو ڪو سندن مخالفت ڪندو ۽ تڪليفن جو باعث ٿيندو) انهيءَ ۾ شڪ ئي ڪونهي ته فرعون هامان ۽ سندن لشڪر خطاڪار ۽ گنهگار هئا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ ان (موسيٰ) کي فرعون جي گھر وارن لڌو، نتيجو اهو نڪتو ته اهو سندن دشمن ۽ ڏک جو سبب بنيو. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر گنهگار هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (مطلب ته موسى جي ماءُ کيس درياءَ ۾ وهائي ڇڏيو ته اها صندوق وهندي وهندي وڃي فرعون جي محل کي لڳي ته) فرعون جي ماڻهن ان کي کڻي ورتو ته (هڪ ڏينهن اهو ئي) سندن دشمن ۽ انهن جي غم جو سبب ٿئي.بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ لڌو ان کي فرعون جي گهراڻي وارن تانته هجي انهن لاءِ دشمن ۽ ڏک (جو سبب) بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪر هئا خطا ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي فرعون جي گهر وارن لڌو، هن لاءِ ته سندن دشمن ۽ غم جو سبب ٿئي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آخرڪار ان کي فرعون جي گهر وارن (درياءَ مان) لڌو هن لاءِ ته انهن لاءِ دشمن ۽ غم (جو سبب) بنجي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهين جا لشڪر خطا ڪار هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ فِرعون وارن اُن کي، لَڌو ڪَنڌِيءَ ڪنار، تان هُجي آخر اُنهن لئي، ويرِي ۽ وِيچار، فِرعون ۽ هامان پڻ، سَندنِ فوج فُجار، اُهي خطاڪار، مُنڪر هُئا مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ فرعون وارن کيس جهٽيو، ته هو انهن لاءِ (نيٺ) دشمن ۽ ڏک بنجي_ بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندس لشڪر خطاڪار هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ فرعون جي گهروارن کيس (درياءَ مان) کڻي ورتو، ته جيئن هو سندن دشمن ۽ انهن لاءِ ڏک جو سبب بڻجي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر (پنهنجي رٿ ۾) نهايت ڀــُـلل هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڪڍي ورتو ان کي (دريا مان) فرعون جي گهر وارن، جيئن اهو انهن جو ئي دشمن ٿئي ۽ سبب بڻجي سندن ڏک ۽ رنج جو، بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر (پنهنجي تدبيرن ۾) خطا ڪندڙ (ناڪام) هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (درياءَ ۾ وجهڻ کان پوءِ آخرڪار) ان ٻار کي فرعون جي گهر وارن ڪڍي ورتو ته جيئن اِهو ٻار اڳتي هلي ڪري اُنهن جو دشمن ثابت ٿئي ۽ انهن لاءِ ڏک جو سبب ٿئي. بيشڪ فرعون، هامان ۽ انهن جا لشڪر وڏا ڏوهاري هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ فرعون جي گهروارن ان کي (درياءُ مان) کڻي ورتو ته جيئن اُهي (الله جي مرضي سان) انهن جي لاءِ دشمن ۽ غم (جو سبب) ثابت ٿين. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ انهن ٻنهي جون فوجون سڀ ڏوهاري هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ آلِ فرعون کيس درياهه مان ڪڍي ورتو (۽ موسيٰ کي انهن پاليو نپايو) ته جيئن اڳتي هلي (الله جي مشيت جي مطابق) سندن ويري ۽ (سندن لاءِ) رنج جو باعث بڻجي. بي شڪ، فرعون ۽ هامان ۽ انهن جو لشڪر غلط هيو (جو دشمن کي پنهنجي گهرجي اندر نپائي رهيو هيو). (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَتِ امرَأَتُ فِرعَونَ قُرَّتُ عَينٍ لى وَلَكَ لا تَقتُلوهُ عَسىٰ أَن يَنفَعَنا أَو نَتَّخِذَهُ وَلَدًا وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 9) |
۽ فرعون جي زال چيو ته (ھيءُ ڇوڪر) منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نه ڪُھو، مانَ اسان کي نفعو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نه ڄاڻندا ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون جي زال (جا شايد نيڪ عورت هئي) فرعون کي چيو ته، هيءُ (سهڻو ٻچڙو) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي متان قتل ڪرائين. ممڪن آهي ته اسان کي هن مان گهڻو ئي فيض ۽ فائدو پهچندو گود جو پٽ ڪنداسين (شايد کين پٽ ڪونه هو) پر هنن کي خبر بلڪل ڪانه هئي (ته ان ڪم جو آخر نتيجو ڪهڙو نڪرندو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ فرعون جي گھر واري (بيبي آسيه) چيو هيءُ (موسيٰ) منهنجي ۽ تنهنجي اکين جو ٺار ٿيندو، ان کي قتل نه ڪريو، شايد (اهو) اسان کي نفعو ڏي يا اسين ان کي پٽ بنايون، ۽ اهي نه ٿي سمجھيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ جڏهن موسى محل ۾ آندو ويو) ته فرعون جي زال(آسيه پنهنجي مڙس کي) چوڻ لڳي ته (هيءُ ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي (ٻنهي جي) اکين جو ٺار آهي، ان کي نه ڪهو، من اسان جي ڪم اچي يا ان کي پٽ بنايون. هوڏانهن (سندس هٿان برباد ٿيڻ جي) کين خبر ڪين هئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو زال فرعون جي ٺار اکين جو آهي مون لاءِ ۽ تو لاءِ، نه قتل ڪيو ان کي ويجهو آهي جو نفعو ڏئي اسان کي يا بنايون ان کي پٽ ۽ اهي نٿا سمجهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون جي زال چيو ته (هيءَ ٻار) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي نه ڪهو، مَنَ اسان جي ڪم اچي يا ان کي پٽ بنايون، هوڏانهن انهن نه ٿي سمجهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون جي زال چيو ته : ”(هي ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي قتل نه ڪيو، من هي اسان کي نفعو پهچائي يا اسان ان کي پُٽيلو کڻي بنايون“ ۽ اُهي (انجام کان) بي خبر هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيو بِيبِي فِرعون جي، هِي آهي اکيَنِ جو ٺار، مُون ۽ تُنهنجي واسطي، مُور نَه ماريو، سو ٻار، اُميد ته اسان کي، جَلد سو، ڏِيندو نفعو نِروار، يا پاليُونسِ پُٽ ڪري، پر پَوينِ نه سُڌ سَنڀار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون جي زال چيو، ته ”هي مون ۽ تولاءِ اکين جو ٺار آهي، هن کي نه ماريو، شايد هي اسان کي فائدو ڏئي، يا اسين کيس پُٽ بنايون،_ ۽ هنن کي سندس پروڙ ڪا نه هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون جي زال (کيس) چيو: ”هيءُ منهنجي ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي، هن کي قتل نه ڪر، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪو نفعو ڏئي يا اسان کڻي پٽ بڻايونس“. ۽ هو (نتيجي کان) بي خبر هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو زال فرعون کي ته هي (ٻار) اکين جو ٺار آهي تنهنجي ۽ منهنجي لاءِ، ان کي قتل نه ڪريو، ٿي سگهي ٿو ته اهو اسان جي لاءِ فائديمند ٿئي ۽ هن کي پنهنجو پٽيلو ڪريون ۽ هي ان ڳالهه کان بي خبر هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون جي گهر واري چيو ته هي ٻار منھنجي ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. هن کي قتل نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو ته اهو ٻار اڳتي هلي ڪري اسان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي يا اسان پُٽ ڪري پالنا ڪيونس. پر کين (اصل انجام جي ته) خبر ئي نه هئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ فرعون جي زال (موسيٰ عليه السلام کي ڏسي) چيو ته (هي ٻار) منهنجي ۽ تنهنجي اکين جو ٺار آهي. هن کي قتل نه ڪر، شايد هي اسان کي فائدو پهچائي يا اسان هن کي پٽ بڻايون ۽ اُهو (ان تجويز جي نتيجي کان) بي خبر هو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) فرعون جي زال (کيس) چيو؛ هي (ٻالڪ) منهنجي ۽ تنهنجي نيڻن جو ٺار آهي، ان کي قتل نه ڪر. ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ڪو فائدو رسائي يا کڻي اسان کيس پنهنجو پُٽيلو بڻايون جڏهن ته فرعون وارا (انجام کان) بي خبر هيا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَصبَحَ فُؤادُ أُمِّ موسىٰ فٰرِغًا إِن كادَت لَتُبدى بِهِ لَولا أَن رَبَطنا عَلىٰ قَلبِها لِتَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 10) |
۽ مُوسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، بيشڪ ان ڳالھ کي ستت ئي پڌرو ڪري ھا جيڪڏھن سندس دل تي اسين بندش نه ڪريون ھا ھِن لاءِ ته وسھندڙن مان ٿئي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (هوڏي وري) حضرت موسيٰ جي والده جي دل (جدائي کان) بي قرار ٿي پيئي ۽ اهو راز ظاهر ڪرڻ تي هئي. پر اسان سندس دل کي مضبوط رکيو انهيءَ لاءِ ته هوءَ ايمان تي قائم رهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ صبح جي وقت موسيٰ جي ماءُ جي دل ۾ بي قراري پيدا ٿي، بيشڪ ويجھو هو جو اُها اِهو راز ظاهر ڪري ها جيڪڏهن اسين سندس دل مضبوط نه ڪريون ها، ان لاءِ ته اها يقين ڪندڙن مان ٿي پئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هيڏانهن هيءُ حال هو) ۽ (هوڏانهن) موسى جي ماءُ جي دل اهڙي ته بي قرار هئي جو جيڪڏهن اسين ان جي دل مضبوط نه ڪريون ها ته اها موسى جو حال ظاهر ڪري وهي ها (پڻ ان لاءِ اسان کين توفيق ڏني) ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي جو) يقين رکي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبح ڪئي موسى جي ماءُ جي دل بي قرار ٿي ويجهي هئي جو البته ظاهر ڪري ان کي جيڪڏهن نه هجي ها هيءَ (ڳالهه) جو ڳنڍ ڏني اسان دل ان جي تي تانته هجي مؤمنن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ (عہ) جي ماءُ جي دل بيقرار ٿي. اها ان (بي قراريءَ) کي ظاهر ڪرڻ تي هئي جيڪڏهن اسين ان جي دل کي هن لاءِ صبر جي توفيق نه ڏيون ها ته (اسان جي وعدي کي) مڃڻ وارن مان ٿئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى جي ماءُ جي دل (صبر کان) خالي ٿي پئي. اُها ان (موسيٰ جي راز) کي ظاهر ڪرڻ تي هئي جيڪڏهن اسان ان جي دل کي مضبوط نه ڪيون ها هن لاءِ ته اُها (موسى جي موٽائڻ واري رب جي وعدي تي) يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى جي ماءُ جو، ٿيو قلب بي قرار، قابو نَه ڪريون قلب تِنهن، ته ڪريس ها اِظهار، اِن آسري آڌار، ته هُجي مَڃِيندڙم مان مُورِهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موسيٰ جي ماءُ جي دل اچي بيقرار ٿي_ هوءَ انهي ڳالهه کي پڌرو ڪرڻ تي هئي، جي اسين سندس دل تي بندش نه ڪريو ن ها، ان لاءِ ته وسهندڙ ٿئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هوڏانهن موسيٰ جي ماءُ جي دل بي چين پئي ٿي، هوءَ راز کولي ويهي ها جيڪڏهن اسان سندس دل کي ٽيڪ نه ڏيون ها، ته جيئن هوءَ (اسان جي وعدي تي) ايمان آڻڻ وارن مان ٿئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هوڏانهن دل موسيٰ جي ماءُ جي بي قرار هئي، اها ان جي پڌرو ڪري ويهي ها (ڳالهه) جيڪڏهن اسان کيس آٿت نه ڏيون ها سندس دل کي، جيئن اها ٿئي اسان جي وعدي تي ايمان آڻڻ وارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻئي طرف موسى ($) جي ماءُ وڏي بيقراري ۾ هئي، جيڪڏهن اسان سندس همت نه وڌايون ها ته هوءَ پنھنجي بيقراري جو سبب ظاهر ڪر ي ويھي ها (اسان ان جي همت وڌائي ته) جيئن هوءَ يقين ڪرڻ وارن مان ٿئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ موسيٰ (عليه السلام) جي امڙ جي دل (صبر کان) خالي ٿي ويئي، قريب هو جو اُها (پنهنجي بي قراري جي ڪري) ان راز کي ظاهر ڪري ويهي ها جيڪڏهن اسان سندس دل تي صبر ۽ سڪون جي سگھ نه لاهيون ها ته جيئن اُها (الله جي وعدي تي) يقين رکڻ وارن مان رهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (هوڏانهن) موسى جي ماءُ جي دل بي قرار ٿي پئي، جيڪڏهن اسان ان جي دل کي آٿت نه ڏيئون ها ته هوءَ اهو راز کولڻ تي هئي (۽ ائين ان ڪري ڪيوسون) ته جيئن هوءَ يقين ڪندڙن مان ٿئي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَت لِأُختِهِ قُصّيهِ فَبَصُرَت بِهِ عَن جُنُبٍ وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 11) |
۽ مُوسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين ته سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نه ٿي ڄاتو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت موسيٰ جي والده سندس (وڏي) ڀيڻ کي چيو ته، موسيٰ جي پٺيان (پر ٿورو پرڀرو) لڳي وڃ (جيئن اهي ماڻهو جيڪي پيتي کنيون ٿا وڃن تن کي ڪو شڪ نه پوي) اها ڀيڻ (سندن پٺيان هلندي ويئي ۽) ان ڏي نهاريندي رهي اهڙيءَ طرح جو ڄڻ ته ان سان ڪو واسطو ئي ڪونهيس، ۽ هنن ماڻهن کي خبر ئي ڪانه پئي (ته ڪو سندس ڀيڻ اسان ڏي نهاري رهي آهي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) موسيٰ جي والده، (حضرت) موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته موسيٰ جي خبرچار معلوم ڪر، پوءِ ان موسيٰ کي پري کان ڏٺو ۽ اهي بي خبر هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى جي ماءُ (دريا ۾ اڇلڻ وقت) سندس ڀيڻ (ڪلثوم) کي چيو ته ان جي پويان لڳي وڃ، پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن ماڻهن کي خبر به نه پئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائين ڀيڻ ان جي کي ته پير کڻ ان جو پوءِ ڏٺائين ٿي ان کي پري کان ۽ اهي نه پيا سمجهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ (عہ) جي ڀيڻ کي چيائين ته ان جي پويان لڳي وڃ پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن کي خبر به نه پئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (موسى جي ماءُ) سندس ڀيڻ (يعني موسيٰ جي ڀيڻ) کي چيو ته: ”ان جي پٺيان لڳي وڃ“، پوءِ اُها ان کي پري هڪ پاسي کان ڏسندي رَهِي ۽ انهن کي ان (حقيقت) جي خبر به نه پئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائين سَندسِ ڀيڻ کي ته لهِينسِ خبر چار، پوءِ پَري کان ڏِسندِي رَهِي، ڪَنڌِيءَ ڀَرڪِنار، جِنهن جِي سار سَنڀار، هرگز نه هُئي هُنِن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن موسيٰ جي ڀيڻ کي چيو ته، ”سندس پير کڻ،“ پوءِ هوءَ پري کان کيس ڏسندي رهي ۽ هنن کي پروڙ ڪا نه هئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ”ان (موسيٰ) جي ڀيڻ کي چيو ته ڪڍ لڳي وڃيس. سو هوءَ پاسو وٺيو کيس ائين ڏسندي رهي جو (دشمنن کي) پتو ئي نه پيو“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيوسين ان جي ڀيڻ کي ته ان جي پويان وڃ، پوءِ اها پري کان ان کي ڏسندي رهي، اهڙيءَ طرح جو (دشمنن کي) ان جو پتو ئي نه پيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ماءُ (پنهنجي ڌيءَ) موسى $ جي ڀيڻ کي چيو ته تون هن جي پويان وڃ ۽ اهڙي طريقي سان ان کي اوٽائتي ڏسندي رهه جو ماڻهن کي خبر ئي نه پوي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (موسيٰ عليه السلام جي امڙ) ان جي ڀيڻ کي چيو ته (ان جو حال معلوم ڪرڻ جي لاءِ) ان جي پويان وڃ پوءِ اُها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ اُهي ماڻهو (بلڪل) بي خبر هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) موسيٰ جي ماءُ موسى جي ڀيڻ کي چيو؛ هُن جي پويان پويان وڃ-ته ڀيڻ ڪناري کان موسى کي ان انداز سان ڏسندي رهي ته جيئن هنن (يعني فرعون جي ماڻهن) کي ان جي (پويان اچڻ جي) کُڙڪ نه پوي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَحَرَّمنا عَلَيهِ المَراضِعَ مِن قَبلُ فَقالَت هَل أَدُلُّكُم عَلىٰ أَهلِ بَيتٍ يَكفُلونَهُ لَكُم وَهُم لَهُ نٰصِحونَ (آيت : 12) |
۽ (ڀيڻس جي پھچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون پوءِ ڀيڻس چيو ته (آءٌ) اوھان کي اھڙو گھراڻو ڏسيان جو (اُھي) اوھان جي پاران اُن جي سنڀال ڪن؟ ۽ اُھي اُن جا گھڻ گھرا ھجن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان اهڙي رٿ ڪئي جو پهريائين موسيٰ ڪنهن جي به ٿڃ نه پيتي (يعني ڪنهن جو به ببو نه ورتو تنهن تي ماڻهو حيران ٿي هيڏي هوڏي تلاش ڪرڻ لڳا. جڏهن سندن نظر ان ڀيڻ تي پئي تڏهن انهيءَ ڀيڻ کين) چيو ته، مان اوهان کي هڪڙي اهڙي گهر جا ماڻهو ڏيکاريان ڇا؟ جيڪي اوهان جي لاءِ انهيءَ ٻچڙي کي نپائين ۽ هن کي پيار ڪندڙ ۽ هن جا خيرخواهه ٿين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان پهرين کان موسيٰ تي دَائِيُنِ جو کير پيئڻ ممنوع ڪري ڇڏيو، پوءِ (سندس ڀيڻ) چيو ڇا آئون توهان کي اهڙي گھر وارن جو ڏس نه ڏيان جيڪي انهي ٻار کي سنڀالن ۽ اهي انهيءَ لاءِ خيرخواه هجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى تي شروع کان ٻين داين (جي ٿڃ) کي حرام ڪري ڇڏيو هو (جو ڪنهين جو ڌانوڻ نه ڌايو) تڏهن موسى جي ڀيڻ چيو ته ڇا آءُ اوهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي هن جي اوهان لاءِ سنڀال ڪن ۽ اهي ان جا خير خواھ به هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ حرام ڪيو اسان ان تي داين (جي کير) کي اڳ ۾ پوءِ چيائين ڇا ڏس ڏيان اوهان کي اهڙي گهراڻي جو جيڪي سنڀالين ان کي اوهان جي لاءِ ۽ اهي ان جي لاءِ خير خواهه آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (ڀيڻس جي پهچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون پوءِ ڀيڻس چيو ته آءُ اوهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي ان جي اوهان لاءِ سنڀال ڪن ۽ اهي ان جا خير خواهه به هجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان اڳي ئي ان (موسى) تي کير پيارڻ واريُن (جون ڇاتيون)حرام ڪري ڇڏيون هيون پوءِ (موسى جي ڀيڻ) چيو: ”ڇا آءٌ اوهان کي اهڙو گهراڻو ٻڌايان جيڪي ان جِي اوهان لاءِ پرورش ڪن ۽ اُهي ان جا خير خواه (به) هجن“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَ ڳي روڪيو سون اُن تي، ٻيَن داين جو کِير، پوءِ ڀيڻسِ چيو، ڪِ آءٌ ڏَسيان؟ سائـِڻ سا سُڌير، جا سانڍي هِن صَغِير، پوءِ آهِن اُن جا گھڻگھرا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هُن (جي وٽن اچڻ) کان اڳ مٿس داين جو کير حرام ڪري ڇڏيوسون_ پوءِ هن اچي چَيُن ”آءُ اوهان کي اهڙا گهر وارا ڏسيان، جي سندس سنڀال ڪن ۽ اهي سندس گهڻگهرا هجن؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ته ان تي اڳيئي ٿـڃ ڌارائڻ وارين جون ڇاتيون حرام ڪري ڇڏيون هيون. (اهو ڏسي) انهيءَ ڇوڪريءَ کين چيو ته ”مان اهڙي گهر جو ڏس ڏيانوَ، جيڪي توهان جي خاطر سندس پالنا ڪن ۽ سندس خيرخواهي سان سنڀال ڪن؟“ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حرام ڪري ڇڏيو اسان (کير پياريندڙ) داين جو کير ان تي اڳ ۾ ئي، هن ڇوڪريءَ کين (ڏسي) چيو، آئون توهان کي اهڙو گهراڻو ٻڌايان جنهن جا ڀاتي ان جي پالنا جو ذمو کڻن ۽ اهي هن کي پاڻ وٽ رکن خيرخواهي سان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇوڪريءَ جي اچڻ کان اڳ) اسان اُن ٻار جي اندر سڀني عورتن جي ٿَڃ ڌائڻ (يعني کير پيئڻ) کان نفرت وجهي ڇڏي هئي. (پوءِ ڇوڪري آئي) ۽ چيائين ته ڇا مان توهان کي اهڙا گهر وارا نه ٻڌايان جيڪي هن ٻار جي سھڻي طريقي ۽ وڏي خيرخواهي سان پالنا ۽ سنڀال ڪندا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان اڳيئي موسيٰ (عليه السلام) تي دائين جو کير حرام ڪري ڇڏيو هو پوءِ (موسيٰ عليه السلام جي ڀيڻ) چيو: ڇا مان توهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي توهان جي لاءِ هن (ٻار) جي پالتا ڪن ۽ اُهي هن جا گهڻگهرا (به) هجن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان ته اڳواٽ ئي (ماءُ کانسواءِ ٻين) ٿڃ پياريندڙن جو کير موسى تي حرام ڪري ڇڏيو هيو، (نيٺ جڏهن موسى ڪنهن جي ٿڃ نه ورتي ته) اتي موسى جي ڀيڻ چيو؛ ڇا، مان توهان کي اهڙي گهراڻي جو ڏس ڏيان جيڪي توهان جي لاءِ هن ٻالڪ جي پالنا ڪن ۽ اهي هن (ٻالڪ) جا خير خواهه به هجن! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَرَدَدنٰهُ إِلىٰ أُمِّهِ كَى تَقَرَّ عَينُها وَلا تَحزَنَ وَلِتَعلَمَ أَنَّ وَعدَ اللَّهِ حَقٌّ وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 13) |
پوءِ کيس سندس ماءُ ڏانھن وري پھچايوسين ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ (ھيء به) ڄاڻي ته بيشڪ الله جو انجام سچو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (هنن ماڻهن اها ڳالهه قبول ڪئي، ڇوڪريءَ اهو گهر ڏيکاريو ۽ فرعون جي زال حضرت موسيٰ جي والده کي سندس دائي مقرر ڪيو) اهڙيءَ طرح اسان ٻچڙي کي سندس ماءُ ڏي موٽايو، انهيءَ لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غم نه ڪري ۽ پڪ سان ڄاڻي ته بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي. پر اڪثر ماڻهو نٿا ڄاڻن (ته ظاهري تڪليف ۾ به ڪا چڱائي رکيل آهي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ اسان موسيٰ کي ان جي ماءُ ڏانهن موٽايو ان لاءِ ته سندس نيڻ ٺَرَن ۽ پاڻ ڏک نه ڪري ۽ کيس معلوم ٿئي ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو سچو آهي، پر اڪثر ماڻهو انهن مان نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته (ان ترڪيب سان) اسان موسى کي سندس ماءُ ڏي وري آندو هن لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻي ته بيشڪ خداجو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موٽايوسون ان کي سندس ماءُ ڏانهن تانته ٺري اک ان جي ۽ نه غمگين ٿئي ۽ تانته ڄاڻي ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پر گهڻا انهن مان نٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان ان کي سندس ماءُ ڏي موٽايو هن لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻي ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اسان کيس سندس ماءُ ڏانهن موٽايو ته جيئن ان جي اک ٿڌي رهي ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته يقين ڪري ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ موٽايو سُونسِ ماڻسِ ڏي، ته ٺَرنسِ نيڻ نار، ۽ نه ڳڻتِي ڪري ڳَڀور جِي، ۽ سَمجھي سَماچار، ته آهِن سَڀ اَلله جا، سَچا قول قرار، پر نه رکن سُڌ سَنڀار، مَنجھائـِڻ گھڻا مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان طرح کيس سندس ماءُ ڏي موٽايوسون، ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ خبر پويس، ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ ريت اسان موسيٰ کي سندس ماءُ وٽ موٽائي آندو، ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ هوءَ غم نه ڪري ۽ ڄاڻي وٺي ته الله جو وعدو سچو هو، پر گهڻن ماڻهن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ نه آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ان جي ماءُ وٽ موسيٰ کي موٽايو جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ اها غمگين به نه ٿئي ۽ اها اهو به ڄاڻي ته بيشڪ وعدو الله جو سچو آهي، پر گهڻا ئي ماڻهو (اهڙا آهن) جيڪي ان ڳالهه کي نٿا ڄاڻن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اهڙي طريقي سان اسان ان ٻار کي پنھنجي ماءُ جي طرف موٽايوسين ته جيئن سندس اکيون ٺرن ۽ ڳڻتي نه ڪري ۽ کيس اها خبر پوي ته بيشڪ الله تعالى جو وعدو برحق آهي پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اسان موسيٰ (عليه السلام) کي (ائين) سندن امر وٽ موٽايوسين ته جيئن ان جي اک ٿڌي رهي ۽ اُها غمگين نه ٿئي ۽ ته جيئن اُها (يقين سان) ڄاڻي ته الله جو وعدو سچو آهي پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ان ريت، اسان موسى کي ان جي ماءُ وٽ واپس پهچائي ڇڏيو ته جيئن ماءُ جا نيڻ ٺرن ۽ هوءَ دلگير نه ٿئي ۽ اهو به يقين ڪري وٺي ته الله جو واعدو برحق آهي، پر گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن نه ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَمّا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَاستَوىٰ ءاتَينٰهُ حُكمًا وَعِلمًا وَكَذٰلِكَ نَجزِى المُحسِنينَ (آيت : 14) |
۽ جنھن مھل پنھنجي جوانيءَ کي پھتو ۽ پختو ٿيو (تنھن مھل) کيس دانائي ۽ عِلم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن حضرت موسيٰ جوان ٿيو، ۽ طاقتور ٿيو تڏهن اسان کيس حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. (اسان جو اهو قانون آهي جو) نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح نيڪ بدلو ڏيندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن (حضرت موسيٰ) پنهنجي جواني کي پهتو ۽ سندس سمجھه مڪمل ٿي، اسان ان کي نبوت ۽ علم عطا ڪيو ۽ اهڙي طرح اسين نيڪوڪارن کي جزا ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن موسى پنهنجيءَ جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو تڏهن اسان ان کي حڪمت ۽ علم عطا ڪيو. ۽ نيڪي ڪندڙن کي اسان اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهتو پنهنجي جوانيءَ کي ۽ پختو ٿيو ته ڏني سون ان کي حڪمت ۽ علم، ۽ اهڙي طرح بدلو ڏيندا آهيون ڀلارن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن موسيٰ (عه) پنهنجيءَ جواني کي پهتو ۽ پختو ٿيو تڏهن اسان ان کي حڪمت ۽ علم ڏنو. ۽ اهڙي طرح نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن (موسى ) پنهنجي پُورَجوانيءَ کي پهتو ۽ توانا ٿي ويو تڏهن اسان کيس حُڪم ۽ علم ڏنو. ۽ اسان اهڙي طرح نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن پهتو پَنهنجي زور کي، ٿيو طاقتمند تمام، بيشڪ بخشيو سون اُن کي، عِلم ۽ اَحڪام، ۽ اِنهِيءَ مِثال مُدام، ڀَلن ساڻ ڀَلايون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن وقت هو جوان پختو ٿيو، تڏهن اسان کيس دانائي ۽ علم ڏنو ۽ اهڙيءَ طرح اسين ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن موسيٰ پنهنجي جوانيءَ کي پهتو ۽ پختو ٿيو ته اسان کيس فيصلي ڪرڻ جي لياقت ۽ علم عطا ڪيو. اسان نيڪ ماڻهن کي اهڙا ئي اجورا ڏيندا آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن (موسيٰ) پوري جواني کي پهتو ۽ سندس پالنا پوري ٿي ته اسان کيس عطا ڪيو حڪم ۽ علم، اسان اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون نيڪ ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن موسى ($) ڦوهه جواني کي پھتو ۽ ذميداري محسوس ڪرڻ لڳو ته اسان کيس حڪمت ۽ علم عطا ڪيوسين. اهڙي طرح ئي اسان نيڪوڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن موسيٰ (عليه السلام) پنهنجي جواني کي پهتا ۽ اعتدال (جي عمر) تي آيا ته اسان کين حڪمِ (نبوت) ۽ علم و دانش سان نوازيو، ۽ اسان نيڪن کي اهڙي طرح صلو ڏيندا آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن موسى پنهنجي جوڀن کي پهتو ته اسان کيس ڏاهپ ۽ علم عطا ڪيو ۽ اسان نيڪوڪارن کي اهڙوئي صلو ڏيندا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَدَخَلَ المَدينَةَ عَلىٰ حينِ غَفلَةٍ مِن أَهلِها فَوَجَدَ فيها رَجُلَينِ يَقتَتِلانِ هٰذا مِن شيعَتِهِ وَهٰذا مِن عَدُوِّهِ فَاستَغٰثَهُ الَّذى مِن شيعَتِهِ عَلَى الَّذى مِن عَدُوِّهِ فَوَكَزَهُ موسىٰ فَقَضىٰ عَلَيهِ قالَ هٰذا مِن عَمَلِ الشَّيطٰنِ إِنَّهُ عَدُوٌّ مُضِلٌّ مُبينٌ (آيت : 15) |
۽ (موسى) شھر ۾ اُتي جي رھاڪن جي غفلت جي وقت داخل ٿيو پوءِ اتي ٻه مڙس پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺائين، ھي (ھڪڙو) سندس قوم مان ھو ۽ ھي (ٻيو) سندس ويريءَ (فرعون جي قوم) مان ھو، پوءِ جيڪو سندس قوم مان ھو تنھن اُنھيءَ تي ھمراھي گھري جيڪو سندس ويريء (جي قوم) مان ھو پوءِ مُوسىٰ ان کي مُڪ ھنئي ۽ اُن کي پورو ڪيائين، چيائين ته ھي شيطان جي ڪم مان آھي، بيشڪ اُھو پڌرو گمراھ ڪندڙ ويري آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ (هڪڙي ڏينهن) حضرت موسيٰ اهڙي وقت (محلات مان نڪري) شهر ۾ هليو ويو جهن وقت شهر جا ماڻهو (ننڊ ۾) غافل هئا. اتي شهر ۾ ٻن ماڻهن کي وڙهندو ڏٺائين. جن مان هڪڙو ته سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ ٻيو سندس دشمن (قوم يعني مصري ماڻهن) مان هو. پوءِ (ڇا ٿيو جو) جيڪو ماڻهو سندس قوم مان هو تنهن انهيءَ ماڻهو جي خلاف جيڪو سندس دشمن قوم مان هو. کانئس مدد گهري. تنهن تي حضرت موسيٰ انهيءَ (مصري ماڻهوءَ) کي ٺونشو (يعني مُڪ) هڻي ڪڍي، ۽ هن کي ماري وڌائين، پوءِ (ارمان ۽ پريشاني ۾ پئجي) چيائين ته هي ته شيطاني ڪم ٿي پيو. بيشڪ شيطان (انسان جو) دشمن آهي ۽ ظاهرظهور گمراهه ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت موسيٰ) ان وقت شهر ۾ داخل ٿيو جڏهن اتي جا رهاڪو ٻِنپهرن جي ننڊ ۾ هئا. پوءِ پاڻ ان شهر ۾ ٻن ماڻهن کي وڙهندي ڏٺو، (انهن مان هڪ) سندس گروه جو هو ۽ ٻيو سندس دشمنن مان هو، پوءِ سندس گروه واري موسيٰ کان پنهنجي دشمن لاءِ مدد گھري، پوءِ موسيٰ ان کي ٺونشو هنيو پوءِ سندس ڪم پورو ڪيائين، موسيٰ چيو هي شيطاني ڪم آهي، بيشڪ اهو دشمن ۽ صاف گمراه ڪندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪ ڏينهن اوچتو موسى شهر ۾ اهڙي وقت آيو جو اتي جا ماڻهو (ننڊ جي) غفلت ۾ پيا هئا ته اتي ٻه مرد پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين، هيءُ (هڪڙو ته) سندس قوم (بني اسرائيلن) مان هو ۽ هيءُ (ٻيو) سندس دشمن قوم جو (قبطي) هو. پوءِ جيڪو سندس قوم مان هو تنهن موسى کان ان سان وڙهڻ لاءِ مدد گهري جيڪو سندس دشمن مان هو،پوءِ موسى ان (دشمن) کي مڪ هنئين ۽ ان کي ماري وڌائين. موسى (تنهن وقت) فرمايو ته هي سندن وڙهڻ ۽ جهڳڙو (ڪرڻ) شيطاني ڪم هو. بيشڪ اهو گمراھ ڪندڙ پڌرو دشمن آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ داخل ٿيو شهر ۾ ان جي رهاڪن جي غافل هجڻ وقت پوءِ لڌائين ان ۾ ٻن مڙسن کي (جيڪي) وڙهن پيا هي ٽولي ان جي مان هو ۽ هي ان جي دشمن (جي قوم) مان هو پوءِ مدد گهري ان کان انهيءَ جيڪوسندس ٽولي مان هو انهيءَ تي جيڪو سندس دشمن (جي قوم) مان هو.وءِ مُڪ هنئي ان کي موسى پوءِ پورو ڪيائين ان کي چيائين ته هي شيطان جي ڪم مان آهي بيشڪ اهو دشمن گمراهه ڪندڙ چٽو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (هڪ ڏينهن) جنهن وقت اتي جا رهڻ وارا بي خبر هئا، تنهن وقت شهر ۾ داخل ٿيو پوءِ اتي مڙس پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين. هيءَ (هڪڙو) سندس جماعت (بني اسرائيل) مان هو ۽ هيءَ (ٻيو) سندس دشمنن مان هو. پوءِ جيڪو سندس جماعت مان هو تنهن موسيٰ () کان ان سان وڙهڻ لاءِ مدد گهري جيڪو سندس دشمنن مان هو پوءِ موسيٰ () ان کي هڪ مُڪ هئين ۽ ان کي ماري وڌائين. چيائين ته هيءَ شيطان جي ڪم مان آهي. بيشڪ اهو گمراهه ڪندڙ پڌرو دشمن آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هڪ ڏينهن موسى) شهر ۾ داخل ٿيو جنهن وقت شهر وارا غفلت (جي ننڊ) ۾ هئا ته ان ۾ ٻن مردن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين هي (هڪڙو) سندس جماعت (بني اسرائيل) مان هيو ۽ هي (ٻيو) سندس دشمنن (قومِ فرعون) مان هيو، پوءِ جيڪو سندس جماعت مان هيو تنهن کيس مدد لاءِ پڪاريو ان جي خلاف جيڪو سندس دشمنن مان هيو پوءِ موسى ان کي مُڪ هنئي پوءِ ان جو ڪم پورو ڪيائين. چيائين: ”هي شيطان جو عمل آهي. بيشڪ اُهو گمراهه ڪندڙ پڌرو دشمن آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ گِھڙيو اَندر گام، مُوسٰى اِهڙِيءَ مَهل تي، ته سَندسِ ساڪِن نِنڊ ۾، هُئا اَندر آرام، پوِ ٻه مَرد مَنجھس مَنجھند جو، وِڙهندا ڏِٺا وَريام، هِي هُنجي قوم مان، ۽ هُو خَصم سَندسِ مان، خام، هو جو سَندسِ ساٿ مان، گُھريَسِ مَدد گگدام، بَرسِر تِنهن بَدنام، جو دُشمن سَندسِ جي ڌُرمان. پوءِ مُوسٰى هَنيسِ مُٺ ڪو، پوءِ مارِيائـِينس مُور، چي، هِي عَمل اِبلِيس جو، ڪَيُمِ ڪو ڪلور، جو ظاهِر آهي ضَرور، وِرسائـِيندڙ واٽ کان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هو شهر ۾ سندس رهاڪن جي بي خبريءَ وقت گهڙيو، ته اتي ٻه شخص وڙهندا ڏٺائين، هي هڪڙو هو سندس قوم مان ۽ ٻيو سندس دشمنن جي قوم مان_ پوءِ سندس قوم واري کيس سندس دشمنن جي قوم واري بابت فرياد ڪيو، انهي تي موسيٰ اچي هن کي مُڪ هنئي ۽ پورو ڪري ڇڏيائينس، (پوءِ) چيائين ”هيءُ ته شيطان جو ڪم آهي، بيشڪ اهو صفا گمراهه ڪندڙ دشمن آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (هڪ ڏينهن) هو شهر ۾ اهڙي وقت داخل ٿيو، جڏهن شهر وارا غفلت ۾ پيا هئا. هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ٿا. هڪڙو سندس قوم جو هو ۽ ٻيو سندس دشمن قوم مان هو. سندس قوم واري ماڻهوءَ کيس دشمن جي خلاف مدد لاءِ سڏيو. موسيٰ ان کي هڪڙو ٺؤنشو هنيو ۽ ان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين (ائين ٿي پوڻ کان پوءِ ) موسيٰ چيو: ”اهو شيطان جو ڪم آهي، هو سخت دشمن ۽ کليو کلايو گمراهه ڪندڙ آهي“. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ داخل ٿيو (هڪ ڏينهن) شهر ۾ اهڙي وقت جڏهن غفلت ۾ هئا ان جا شهري، هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو انهن مان وڙهي رهيا آهن هڪ هن جي قوم (بني اسرائيل) مان هو ۽ ٻيو هو دشمن قوم مان، پوءِ پڪاريو هن کي سندس قوم واري کي خلاف دشمن قوم واري جي، پوءِ ٺونشو هنيو موسيٰ هن کي ته ان جو ڪم ئي پورو ٿي ويو، (اها حرڪت ٿيندي ئي) موسيٰ چيو، هي ته شيطان جو ڪم آهي، بيشڪ اهو دشمن ۽ پڌرو گمراهه ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪڙي ڏينھن موسى ($) شھر ۾ اهڙي وقت اچي داخل ٿيو جو اُتان جا شھري غفلت جي ننڊ ۾ ستا پيا هئا. هن ڏٺو ته ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن (ويجهو اچي) ڏٺائين ته انهن مان هڪڙو منھنجي قوم (يعني بني اسرائيل) جو ماڻهو آهي ۽ ٻيو دشمن قوم (يعني فرعون جي قوم) جو آهي. سندس قوم واري ماڻهوءَ کيس ٻئي ماڻهوءَ جي خلاف مدد لاءِ سڏيو. پوءِ موسى ($)ٺونشو هڻي ان جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ (فورًا دل ۾) چيائين ته هي ته (مون کان) هڪ شيطاني ڪم ٿي ويو. بيشڪ شيطان ته وڏو دشمن ۽ پڪو گمراهه ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ موسيٰ (عليه السلام) (مصر جي) شهر ۾ داخل ٿيا ان حال ۾ ته شهر جا رهواسي (ننڊ ۾) غافل پيا هئا. ته هن ان ۾ ٻن مردن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين هي (هڪ) ته ان جي (پنهنجي) جماعت (بني اسرائيل) مان هو ۽ هي (ٻيو) ان جي دشمنن (فرعون جي قوم) مان هو پوءِ ان شخص جيڪو انهن جي جماعت مان هو کانئن ان شخص جي خلاف مدد گهريائين جيڪو سندن دشمنن مان هو پوءِ موسيٰ (عليه السلام) ان کي مُڪ هنئي ته ان جو ڪم ڪري ڇڏيائين (پوءِ) فرمائڻ لڳا هي شيطان جو ڪم آهي (جيڪو مون کان سرزد ٿيو آهي)، بيشڪ اهو پڌرو برغلائيندڙ دشمن آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن سڀ ماڻهو غافل هيا ته موسى شهر ۾ آيو ۽ اتي ٻن ماڻهن کي ڏٺائين- جيڪي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا. انهن منجهان هڪڙو ماڻهو سندس قوم جو هيو. ۽ ٻيو سندس دشمن گروهه مان هيو. موسى کي ڏسي ان جي قوم جي ماڻهوءَ دشمن جي ظلم تي وٺي دانهن ڪئي، موسى دشمن کي هڪ، (هنڌائتو ۽ زوردار) ٺونشو هنيو ته همراهه پورو ٿي ويو. موسى دل ۾ چيو: (مار!) هي ته شيطاني ڪم ٿي پيو. بيشڪ ! شيطان انسان جو پڌرو ويري آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ رَبِّ إِنّى ظَلَمتُ نَفسى فَاغفِر لى فَغَفَرَ لَهُ إِنَّهُ هُوَ الغَفورُ الرَّحيمُ (آيت : 16) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو تنھنڪري مون کي بخش پوءِ کيس بخشيائين، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (پوءِ خدا جي درگاهه ۾ ٻاڏائي حضرت موسيٰ ) عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار مون پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي. تون مون کي بخش. سو خدا کيس بخشي ڇڏيو. بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون پنهنجي نفس تي زيادتي ڪئي آهي پوءِ تون مون کي بخش ڪر پوءِ الله تعالى کيس بخش فرمايو، بيشڪ اهو ئي بخشيندڙ ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته: اي منهنجا پالڻهار! مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو (جو هن شهر ۾ آيس) پوءِ تون مون کي (دشمن کان) پوشيده رک! مطلب ته خدا کيس پوشيده رکيو. بيشڪ اهو وڏو ڍڪڻهار نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون ظلم ڪيو پنهنجو پاڻ تي پوءِ بخش ڪر مونکي پوءِ بخش ڪيائين بيشڪ اهو ئي بخشڻهار، مهربان آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ تون مونکي معاف ڪر! پوءِ (الله) ان کي معاف ڪيو. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون پنهنجو پاڻ تي زيادتي ڪئي سو تون مون کي معاف ڪر“. پوءِ (الله) ان کي معاف ڪيو. بيشڪ اُهو وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيم ربَّ، سُبحان!، مون پاڻهي ڪئـِي پاڻ سان، مرهينمِ مِهرسان، پوءِ مَرهِيُسِ مِهربان، آهي بي گمان، اِهو مَرهِيندڙ، مِهر ڀَريو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو، هاڻي مون کي بخش ڪر“- پوءِ هن کيس بخش ڪيو- بيشڪ، اهو ئي بخشيندڙ، مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ چوڻ لڳو: "اي منهنجا رب! مان پاڻ تي ڏاڍو ظلم ڪري ويٺو آهيان، مون کي معاف ڪر". پوءِ الله کيس معاف ڪيو، هو ته ڏاڍو بخشڻهار ۽ رحم ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هو چوڻ لڳو، اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪيو، پوءِ مون کي بخش ڪر، پوءِ الله کيس بخش ڪيو، اهو (تمام وڏو) بخش ڪندڙ ۽ رحيم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون پنھنجو پاڻ تي ظلم ڪري وڌو آهي. بس! تون مون کي معاف فرماءِ. الله تعالى کيس معاف فرمايو. بيشڪ هو وڏو معاف ڪندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (موسيٰ عليه السلام) عرض ڪرڻ لڳا: اي منهنجا رب! بيشڪ مون پنهنجي جان تي ظلم ڪيو پوءِ تون مون کي معاف فرماءِ پوءِ ان کيس معاف فرمايو، بيشڪ اهو وڏو بخشيندڙ نهايت مهربان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) موسى عرض ڪيو؛ اي منهنجا رب! مون پنهنجي پاڻُ تي ظلم ڪيو، تنهنڪري مون کي بخش ڪر. پوءِ الله کيس معاف ڪري ڇڏيو، بي شڪ! الله وڏو بخشڻهار نهايت مهربان آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ رَبِّ بِما أَنعَمتَ عَلَىَّ فَلَن أَكونَ ظَهيرًا لِلمُجرِمينَ (آيت : 17) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو مون تي فضل ڪيو اٿئي تنھن سببان ڏوھارين جو مددگار ڪڏھن نه ٿيندس.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (خدا کان بخشش ملڻ تي حضرت موسيٰ) عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! تو جو مون تي هيءَ احسان ڪيو آهي سو مان (آئندهه) ڪڏهن به گنهگارن جو مددگار نه ٿيندس.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب تو مون تي نعمت ڪئي آهي پوءِ آئون هرگز مجرمن جو مددگار نه ٿيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى عرض ڪيو ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪتو مون تي جيڪو فضل ڪيو تنهن ڪري ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! ان سببان جو نعمت ڪئي تو مونتي پوءِ هر گز نه ٿيندس مان ڏوهارين جي مددگارن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) (موسيٰ!) چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ تو مون تي جيڪو فضل ڪيو تنهن ڪري ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! تو جا مون تي نعمت ڪئي آهي انڪري آءٌ ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ! جِنهن سبب ڪَيُئـِه، مون تي ڪرم ڪلتار! هُوندسِ ڪو نه حِمايتِي، پوءِ ڏوهين جو ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تو جيڪو مون تي فضل ڪيو آهي، تنهن ڪري آءُ به ڏوهارين جو مددگار ڪڏهن نه ٿيندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ به عهد ڪيو ته "اي منهنجا رب! اهو احسان جو تو مون تي ڪيو آهي، سو هاڻي مان به وري ڪنهن به صورت ۾ ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (موسيٰ وعدو ڪيو ته) منهنجا رب! هي احسان جو تو مون تي ڪيو آهي، ان کان پوءِ هاڻي آئون ڪڏهن مددگار نه ٿيندس ڏوهارين جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (وڌيڪ) چيائين ته: اي منھنجا پالڻھار! تو جيڪا مون تي مھرباني ڪئي آهي، سو هاڻي مان ڪڏهن به ڏوهاري قسم جي ماڻهن جو مدد گار نه ٿيندس. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (وڌيڪ) عرض ڪرڻ لڳو: اي منهنجا پالڻهار! ان سببان جو تو مون تي (پنهنجي معافي جي ذريعي) احسان فرمايو آهي هاڻي آئون هرگز ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) موسى عرض ڪيو؛ اي منهنجا رب! جيئن ته تون مون تي ٻاجهه ڪئي آهي تنهنڪري مان آئنده ڪڏهن به مجرمن جو مددگار نه ٿيندس. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَصبَحَ فِى المَدينَةِ خائِفًا يَتَرَقَّبُ فَإِذَا الَّذِى استَنصَرَهُ بِالأَمسِ يَستَصرِخُهُ قالَ لَهُ موسىٰ إِنَّكَ لَغَوِىٌّ مُبينٌ (آيت : 18) |
پوءِ صُبح تائين شھر ۾ ڊڄندڙ منتظر رھيو ته اوچتو جنھن کانئس مدد گھري ھئي تنھن کانئس (وري) مدد گھري، مُوسىٰ کيس چيو ته تون پڌرو بي راھو آھين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ ڊپ (۽ پريشانيءَ جي حالت) ۾ ئي صبح ڪري ڇڏيو. (وري به ڇا ٿيو جو) اوچتو ئي اوچتو ساڳئي ماڻهو جنهن اڳئين ڏينهن سندس مدد گهري هئي انهيءَ سندس مدد لاءِ واڪو ڪيو. حضرت موسيٰ کيس چئي ڏنو ته، تون ته ظاهرظهور جهيڙاڪار ۽ گمراهه ماڻهو ٿو ڏسجين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ شهر ۾ صبح تائين ڊپ سان انتظار ڪيو، پوءِ موسيٰ اوچتو ان ماڻهو کي ڏٺو ته دانهون ڪري رهيو هو جنهن کانئس ڪالهه مدد ورتي هئي، موسيٰ ان کي چيو بيشڪ تون يقيناً صاف گمراه آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته (رات جيئن تئين گذري) صبح جو ڪجھ اميد ڪجھ خوف جي حالت ۾ موسى شهر ۾ ويو ته ڏٺائين ته اهو ئي شخص جنهن ڪالھ ان کان مدد گهري هئي سو ان کي مدد لاءِ پيو سڏي. موسى ان کي چيو ته بيشڪ تون پڌرو گمراھ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ صبح ڪيائين شهر ۾ ڊڄندڙ انتظار پيو ڪري پوءِ اوچتو اهو شخص جنهن مدد ورتي هئي ان کان، ڪالهه مدد پيو گهري ان کان (ٻيو ڀيرو) چيو ان کي موسى بيشڪ تون البته گمراهه کليل آهين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ شهر ۾ ڊڄندي انتظار ڪڍندي صبح ٿيس ته اوچتو جنهن ڪالهه ان کان مدد گهري هئي سو ان کي مدد لاءِ پيو سڏي. موسيٰ () ان کي چيو ته بيشڪ تون پڌرو گمراهه آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (موسى) ان شهر ۾ ڊڄندي انتظار ڪندي صبح ڪيو (هاڻي ڇا ٿيندو؟)پوءِ اوچتو اُهو ئي ماڻهو جنهن کانئس ڪالهه مدد گهري هئي کيس مدد لاءِ سڏيائين. (موسى) کيس چيو: ”بيشڪ تون پڌرو گمراهه آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڳَـڻتيون کِيندڙ ڳوٺ ۾، ٿيو وِهاڻِيءَ وار، ڪالهوڻي قِصاص جو، پِيو ڪڍي اِنتظار، تان ڪالھ جِنهن ڪُو ڪاريسِ، سو وَريو گُھري وَاهر، ٻهڳڻ چيو ٻِيهار، تون بِلڪُل ڀُليل پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ صبح تائين شهر ۾ ڊڄندڙ منتظر ٿي رهيو، ته اوچتو جنهن شخص ڪالهه کانئس مدد گهري هئي، تنهن وري به مدد گهريس_ ته موسيٰ چيس ”تحقيق تون صفا بي راهه آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻئي ڏينهن هو صبح سوير ئي ڊڄندو ۽ هر طرف کان خطرو جاچيندو شهر ۾ پئي ويو ته اوچتو ڇا ٿو ڏسي ته اهوئي شخص جنهن اڳئين ڏينهن کيس مدد لاءِ سڏيو هو، اڄ به کيس وڏي واڪي پيو سڏي. موسيٰ چيس: "تون ته ڪو ڏاڍو ڦڏئي ماڻهو آهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ٻئي ڏينهن هو شهر ۾ ڊڄندو ۽ هر طرف کان خطرو جاچيندو ويو ته ڇا ڏسي اهو شخص جنهن ڪلهه کيس پڪاريو هو اڄ وري هن کي پيو پڪاري. موسيٰ ان کي چيو بيشڪ تون وڏو تڙيل ماڻهو ٿو لڳين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ٻئي ڏينهن صبح جو (ڪالهوڪو) حال احوال وٺڻ لاءِ شھر ۾ ڊڄندي ڊڄندي داخل ٿيو ته وري اوچتو ساڳئي ماڻهوءَ کيس ٻيهر مدد لاءِ سڏيو، جنھن کيس ڪالهه سڏيو هو. موسى ($)چيو ته (يار!) تون ته ڪو وڏو ڦڏائي ماڻهو ٿو لڳين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ موسيٰ (عليه السلام) ان شهر ۾ ڊڄندي صبح ڪيو انهيءَ انتظار ۾ (ته هاڻي ڇا ٿيندو؟) ته اوچتو اهو ئي شخص جنهن کانئن گذريل ڏينهن مدد گهري هئي کين (ٻيهر) مدد جي لاءِ سڏي رهيو آهي ته موسيٰ (عليه السلام) کيس چيو: بيشڪ تون پڌرو گمراهه آهين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هاڻي موسى، شهر ۾ خوف وچان لڪندو ٿي رهيو. اتفاق سان وري اهوئي ساڳيو همراهه جنهن ڪالهه کانئس مدد طلبي هئي، تنهن اڄ وري دانهن ڪئي، موسى چيو؛ تون وڏو ڪو گمراهه ماڻهو آهين. (ماڻهن سان وڙهندو ٿو رهين ۽ مون کي وتين ڦاسائيندو).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا أَن أَرادَ أَن يَبطِشَ بِالَّذى هُوَ عَدُوٌّ لَهُما قالَ يٰموسىٰ أَتُريدُ أَن تَقتُلَنى كَما قَتَلتَ نَفسًا بِالأَمسِ إِن تُريدُ إِلّا أَن تَكونَ جَبّارًا فِى الأَرضِ وَما تُريدُ أَن تَكونَ مِنَ المُصلِحينَ (آيت : 19) |
پوءِ جيڪو ٻنھي جو ويري ھو تنھن ڏانھن (موسى) جنھن مھل ھٿ ڊگھيرڻ جو ارادو ڪيو (تنھن مھل فرياد ڪندڙ مُوسىٰ کي پاڻ تي سنبريل ڏسي) چيو ته اي مُوسىٰ جئن ڪالھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ڪُٺئي تئن مون کي (به) ڪُھڻ جو ارادو ڪرين ٿو ڇا؟ مُلڪ ۾ زبردست ٿيڻ کانسواءِ تنھنجو ٻيو ڪو ارادو نه آھي تون سُڌاريندڙن مان ھُجڻ نه ٿو گھُرين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (مصري ماڻهو) کي جهلڻ (۽ پري ڪرڻ) چاهيو جو ٻنهي جو دشمن هو، تڏهن ان (اسرائيلي) ماڻهوءَ (پنهنجي ڀؤ کان) چئي ڏنو ته، اي موسي! ڇا تون مون کي به اهڙيءَ طرح مارڻ ٿو چاهين، جهڙي طرح ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو هيئي؟ تون ته فقط هي ٿو چاهين ته سڄي ملڪ ۾ سڀني تي ڏاڍو ۽ زبردست ٿي رهان ۽ تون نٿو چاهين ته صلح ۽ سڌارو ڪندڙ ٿيان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن موسيٰ ان ماڻهو کي پڪڙڻ جو ارادو ڪيو جيڪو انهن ٻنهيءَ جو دشمن هو (سندس گروه واري) چيو اي موسيٰ ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪرين ٿو جيئنڪ ڪالهه تو هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو هو، تون ته زمين ۾ ڏاڍائي ڪندڙ آهين، ۽ تون اصلاح جو ارادو نٿو رکين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ جڏهن موسى گهريو ته ان شخص تي جيڪو ٻنهي جو دشمن هو (ڇڏائڻ لاءِ) هٿ ڊگهيري ته قبطي چوڻ لڳو ته: اي موسى! جيئن تو ڪالھ هڪ ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيو (تئين) مون کي به مارڻ گهرين ٿو؟ تون رڳو زمين ۾ زبردست ٿيڻ گهرين ٿو ۽ صلح ڪرائڻ وارن مان ٿيڻ نه ٿو گهرين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين هي ته وٺي ان کي جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن آهي ته چيائين اي موسى! ڇا ارادو ٿو ڪرين ته قتل ڪرين مون کي جيئن قتل ڪيئي هڪ شخص کي ڪالهه نه ٿو ارادو ڪرين مگر هي ته هجين زبردستي ڪندڙ زمين ۾ ۽ نٿو ارادو ڪرين ته هجين سڌاريندڙن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪو ٻنهي جو دشمن هو تنهن تي جڏهن هٿ ڊگهيرڻ گهريائين تڏهن ان (اسرائيلي پاڻ تي موسيٰ کي حملو ڪندڙ سمجهي) چيو ته اي موسيٰ! ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ گهرين ٿو جيئن ڪالهه تو هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو؟ تون رڳو زمين ۾ زبردست ٿيڻ گهرين ٿو ۽ صلح ڪرائڻ وارن مان ٿيڻ نه ٿو گهرين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين ته ان کي پڪڙي جيڪو انهن ٻنهين جو دشمن هيو، (ته ان غلط فهميءَ مان) چيو اي موسى: ”ڇا اڄ تون مون کي مارڻ چاهين ٿو؟ جيئن تو ڪالهه هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو هيو، تون صرف اُهو چاهين ٿو ته تون زمين ۾ ڏاڍو مڙس هجين ۽ نه ٿو چاهين ته تون (ڪو) صلح ڪرڻ وارن مان هجين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀوءَ جڏهن ڀَلي ڀانيو، ته ڪري اُنهِيءَ تي اُلير، جو دُشمن ٻِن جو دِين ۾، ته وراڻيو تنهن وير، ڇا مُوسٰى مارڻ مُون گُھرِين، جِيئن ڪالھ ڪُٺِيء ڪير؟ ٿِيئڻ ڏاڍو ڏيھ ۾، ڀانِئين ٿو ڀَلير!، مُور نه گُھرِين مَٿير!، ته صَحِي سانتِيڪن مان ٿئـِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن ارادو ڪيائين ته ٻنهي جي دشمنن ڏي هٿ ڊگهاري، ته الٽو هن موسيٰ کي چيو ته ”ڇا، مون کي به ائين مارڻ جو ارادو اٿئي_ جيئن هڪ شخص کي ڪالهه ماريئي؟ توکي ته زمين ۾ ظلم ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ اهو ته ارادو ئي نه اٿيئي، ته ڪو سڌاريندڙ ٿين!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن موسيٰ ارادو ڪيو ته دشمن قوم جي ماڻهوءَ تي حملو ڪري ته هن دانهن ڪندي چيو: اي موسيٰ! اڄ تون مونکي به ائين قتل ڪندين ڇا، جيئن ڪالهه هڪڙي ماڻهوءَ کي ماري چڪو آهين؟ تون هن ملڪ ۾ ڏاڍو مڙس ٿيڻ چاهين ٿو، سڌارو آڻيندڙ بڻجڻ نٿو چاهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن هن ارادو ڪيو ان تي هٿ ڊگهيرڻ جو (حملو ڪرڻ) جيڪو دشمن قوم مان ٻنهي جو، ان (دانهن ڪندي) چيو ته اي موسيٰ! ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ گُهرين ٿو جيئن تو قتل ڪيو هڪ ماڻهو کي ڪالهه؟ تون رڳو گُهرين ٿو هتي ڏاڍو مڙس ٿيڻ زمين ۾، ۽ ائين نٿو چاهين ته ٿيلن صلح ڪرائڻ وارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موسى ($) اُن ماڻهوءَ تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن هو. (هيڏانهن) وري سندس قوم جي ماڻهوءَ اهو سمجهو ته اڄ موسى ($) مون تي حملو ڪري ٿو ته هن رڙ ڪندي چيو ته اي موسى! جيئن تو ڪالهه هڪ ماڻهوءَ کي ماري وڌو هو، اڄ وري مون کي ٿو مارڻ چاهين ۽ هن علائقي ۾ تون صلح ڪرائڻ جي بجاءِ ڏاڍو مڙس ٿيڻ ٿو چاهين؟ (ايئن ڪالهوڪي قتل جي خبر ماڻهن کي پئجي وئي.) (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سو جڏهن ان ارادو ڪيو ته ان شخص کي پڪڙي جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن آهي ته اُهو چوڻ لڳو: اي موسيٰ! ڇا تون مون کي (به) قتل ڪرڻ چاهين ٿو جيئن تو ڪالهه هڪ شخص کي قتل ڪري ڇڏيو هو. تون صرف اهو ئي چاهين ٿو ته ملڪ ۾ وڏو جابر بڻجي وڃين ۽ تون اهو نٿو چاهين ته سڌارو ڪندڙن مان ٿئين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ جڏهن موسى ان (قبطيءَ) تي حملو ڪرڻ چاهيو، جيڪو انهن ٻنهي جو دشمن هيو ته ان (فرياديءَ ڊڄي) چيو؛ موسى ! ڇا جيئن تو ڪالهه هڪ همراهه کي ماري وڌو هيو اڄ مون کي به پورو ڪرڻ ٿو چاهين؟ تون ڌرتيءَ تي ظالم بڻجي ٿو رهڻ چاهين؟، امن دوست ٿي رهڻ توکي پسند ناهي؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَجاءَ رَجُلٌ مِن أَقصَا المَدينَةِ يَسعىٰ قالَ يٰموسىٰ إِنَّ المَلَأَ يَأتَمِرونَ بِكَ لِيَقتُلوكَ فَاخرُج إِنّى لَكَ مِنَ النّٰصِحينَ (آيت : 20) |
۽ ھڪ مڙس شھر جي پرين پاسي کان ڊوڙندو آيو، چيائين ته اي مُوسىٰ بيشڪ (ھتون جا) سردار تولاءِ رٿ ڪن ٿا ته توکي ڪُھن تنھنڪري نيڪري وڃ بيشڪ آءٌ تولاءِ خير گھرندڙن مان آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهيءَ وقت) شهر جي ٻئي پاسي کان هڪڙو (مصري) شخص ڊوڙندو آيو ۽ اچي چيائين ته، اي موسيٰ يقيناً (شهر جا) سردار تنهنجي باري ۾ مشورو ڪري رهيا آهن ته توکي (مصريءَ ماڻهو جي خون جي بدلي ۾) قتل ڪيو وڃي. تنهن ڪري (تڪڙو ٿي شهر مان) نڪري هليو وڃ. يقيناً مان تنهنجو خيرخواهه آهيان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ شهر جي پاسي کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو، اهو چوڻ لڳو اي موسيٰ بيشڪ مقتول جا وارث توهان کي قتل ڪرڻ جو مشورو ڪري رهيا آهن، توهان (فوراً) نڪري وڃو بيشڪ آئون توهان کي نصيحت ڪندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هڪ مرد شهر جي پوئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ (موسى کي) چوڻ لڳو اي موسى (پڪ ڄاڻ ته شهر جا) وڏا وڏا ماڻهو تنهنجي باري ۾ پاڻ ۾ صلاح ڪري رهيا آهن ته تو کي قتل ڪن سو تون (شهر مان) نڪري وڃ! آءُ تنهنجي خير خواهن مان آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ آيو هڪ مڙس پرئين پاسي شهر جي کان ڊوڙي پيو چيائين ته اي موسى! بيشڪ سردار رٿ ڪن پيا تانته قتل ڪن توکي پوءِ نڪري وڃ بيشڪ مان تو لاءِ خير خواهن مان آهيان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هڪ مڙس شهر جي پرئين پاسي کان ڊوڙندو آيو اُن چيو ته اي موسيٰ! سردار تنهنجي باري ۾ پاڻ ۾ مشورو ڪن ٿا ته توکي قتل ڪن سو تون (شهر مان) نڪري وڃ! بيشڪ آءُ تنهنجي خير خواهن مان آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هڪ ماڻهو شهر جي آخري ڇيڙي کان ڊوڙندو آيو، چيائين: ”اي موسى! يقينًا سردار تنهنجي قتل جي باري ۾ مشورا ڪري رهيا آهن، سو تون هتان نڪري وڃ، بيشڪ آءٌ تو لاءِ خيرخواهن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪو ڍوليو آيو ڊوڙندو، شهر مَٿي کان شير، چي، مُوسٰى! تولئي مارڪو، ڪن صلاحون سَوير، ته ڪن قتل توکي، پوءِ نِڪر، نَه ڪَر دير، آءٌ تو خاطِر خير، گھڻگھرن مان آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هڪ شخص شهر جي پرئين طرف کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ”اي موسيٰ! تولاءِ سردارن جي پڪي رٿ آهي، ته توکي مارين، ان ڪري تون هتان هليو وڃ، آءُ پڪ تنهنجو خير خواهه آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان کانپوءِ هڪڙو ماڻهو شهر جي پرئين پاسي کان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين: "اي موسيٰ! سردار تنهنجي قتل جون پاڻ ۾ صلاحون پيا ڪن، هتان هليو وڃ، مان تنهنجو خيرخواه آهيان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو پرينءَ ڀر مان شهر جي ۽ چيائين، اي موسيٰ! سردارن ۾ تنهنجي لاءِ صلاحون پيون ٿين قتل ڪرڻ جون، تون هتان نڪري وڃ، آئون تنهنجي خيرخواهن مان آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ شھر جي آخري ڪنڊ مان هڪ ماڻهو ڊوڙندو آيو ۽ چيائين ته: اي موسى! سردار تنھنجي قتل لاءِ مشورو ڪري رهيا آهن، سو تون هتان نڪري هليو وڃ. بيشڪ مان تنھنجو خيرخواهه آهيان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ شهر جي آخري ڇيڙي کان هڪ شخص ڊوڙندو آيو ان چيو: اي موسيٰ! (فرعون جي قوم جا) سردار توهان جي باري ۾ مشورو ڪري رهيا آهن ته اُهي توهان کي قتل ڪن سو توهان (هتان کان) نڪري وڃو بيشڪ آئون توهان جي خيرخواهن مان آهيان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (جڏهن قتل جي خبر فرعون کي پهتي ته هن پلاند لاءِ مشوروڪرڻ ڪاڻ ڪامورا گڏ ڪيا-هوڏانهن) شهر جي پاسي مان هڪ همراهه ڊوڙندو آيو، چيائين ته؛ اي موسى ! سلطنت جا ڪامورا تنهنجي قتل بابت رٿابندي ڪري رهيا آهن، هاڻي تون هتان نڪري وڃ، مان تنهنج خير گهرندڙ آهيان توکي خير خواهيءَ جو مشورو ٿو ڏيان. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَخَرَجَ مِنها خائِفًا يَتَرَقَّبُ قالَ رَبِّ نَجِّنى مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 21) |
پوءِ (مُوسى) ڊڄندو انتظار ڪڍندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ حضرت موسيٰ خوف منجهان هيڏي هوڏي نهاريندو شهر مان نڪري هليو ويو ۽ دعا گهريائين ته، اي منهنجا پروردگار مون کي هنن ظالم ماڻهن کان بچائجانءِ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ خوف جي حالت ۾ (حضرت) موسيٰ اُتان انتظار سان نڪتو، عرض ڪيائين اي منهنجا رب تون مون کي ظالم قوم مان نجات عطا ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ موسى اتان اميد ۽ خوف ۾ نڪتو ۽ (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيائين ته پالڻهار! مون کي ظالم ماڻهن کان بچاءِ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نڪتو ان مان ڊڄندڙ انتظار ڪندي چيائين ته اي منهنجا پالڻهار! ڇڏاءِ مون کي قوم ظالم کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ موسيٰ! اتان ڊڄندو انتظار ڪڍندو نڪتو چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ظالم قوم کان بچاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو (موسى) اتان ڊڄندو انتظار ڪندو نڪتو (ته هاڻي ڇا ٿيندو؟) چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي ظالم قوم کان نجات عطا ڪر“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ نِڪتو ڊڄندڙ اُن منجھان، پِئو ڪڍي اِنتظار، چي، ڏاڍن کان ڏاتار!، مُون کي ڇُٽائـِين مُون ڌڻِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هو منجهانئس ڊڄندي بچندي نڪتو، چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي ظالم قوم کان بچائج!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها خبر ٻڌي موسيٰ ڊڄندو هيڏي هوڏي واجهائيندو اتان نڪري پيو ۽ دعا گهريائين ته "اي منهنجا رب ! مونکي ظالمن کان بچاءِ ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اها خبر ٻڌي موسيٰ ڊڄندو لڪندو نڪتو ۽ هن دعا ڪئي ته منهنجا رب! مون کي بچاءِ هن قوم مان جيڪا ظالم آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو ڊڄندي ۽ پاڻ بچائيندي شھر کان نڪري هليو ويو ۽ دعا گهريائين ته اي منھنجا پالڻھار! مون کي ظالمن کان بچاءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) سو موسيٰ(عليه السلام) اتان کان ڊڄندي (مدد الاهي جو) انتظار ڪندي نڪري پيا عرض ڪيائون: اي پالڻهار! مون کي ظالم قوم کان نجات عطا فرماءِ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) موسى، ڊپ جي حالت ۾ شهر مان نڪري ويو ۽ خدا جي درٻار ۾ دعا گهريائين ته؛ اي منهنجا رب! مون کي ظالمن (جي چنبي) مان نجات ڏي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَمّا تَوَجَّهَ تِلقاءَ مَديَنَ قالَ عَسىٰ رَبّى أَن يَهدِيَنى سَواءَ السَّبيلِ (آيت : 22) |
۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين ته اُميد اٿم ته منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن حضرت موسيٰ مدين (ملڪ) ڏانهن رخ رکيو تڏهن چيائين ته اميد اٿم ته منهنجو پروردگار مون کي سڌيءَ واٽ تي لڳائيندو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (حضرت) موسيٰ جڏهن مدين (ڳوٺ) ڏانهن روانو ٿيو، پوءِ چيائين مون کي منهنجو رب جلد سڌو رستو ڏيکاريندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن مدين (شهر) ڏي رخ ڪيائين ۽ (رستو نه ڄاڻندو هو) ته پنهنجو پاڻ چيائين ته مون کي اميد آهي ته منهنجو پروردگار مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن منهن ڪيائين مدين ڏانهن ته چيائين ويجهو آهي منهنجو رب جو هدايت ڪري مون کي سڌي واٽ ڏانهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن مدين (شهر) جي طرف منهن ڪيائين تڏهن چيائين ته اميد آهي ته منهنجو پاليندڙ مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اهو (مصر مان نڪري) مَدين (شهر) ڏانهن مُنهن ڪري هليو (ته) چيائين: ”اميد آهي ته عنقريب منهنجو پروردگار مون کي سڌي رستي جي هدايت ڪندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن اَڀويون اُن ڪيو، مُنهن مَدْيَنْ پار، وَراڻِين تِنهن وار، ته سانيمِ سُهائي مانَ سَنئين!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن مدين شهر طرف مهاڙ ڪيائين ته چيائين ”اميد اٿم ته منهنجو ڌڻي مون کي سنئين واٽ لڳائيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مصر مان نڪري موسيٰ مدين ڏي منهن رکيو ته چيائين: "اميد ته منهنجو رب مونکي سنئين واٽ ڏيکاريندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن منهن ڪيو (مصر مان نڪري) مدين (شهر) ڏانهن هن چيو، مون کي اميد آهي ته منهنجو رب مون کي ڏيکاريندو سڌي راهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (موسى $ ) جڏهن مصر مان نڪري مدين ڏي وڃڻ لاءِ رُخ ڪيو ته: چيائين ته اميد آهي ته منھنجو پالڻھار مون کي صحيح رستي جي ڄاڻ ڏيندو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن اُهي مدين ڏانهن رخ ڪري هليا (ته) چوڻ لڳا: اميد آهي منهنجو رب مون کي (منزل مقصود تائين پهچائڻ جي لاءِ) سنئين واٽ ڏيکاريندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن موسى، مصر مان نڪري مَديَن ڏانهن روانو ٿيو ته چيائين ته؛ خدا مون کي ضرور سنئين دڳ لائيندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَمّا وَرَدَ ماءَ مَديَنَ وَجَدَ عَلَيهِ أُمَّةً مِنَ النّاسِ يَسقونَ وَوَجَدَ مِن دونِهِمُ امرَأَتَينِ تَذودانِ قالَ ما خَطبُكُما قالَتا لا نَسقى حَتّىٰ يُصدِرَ الرِّعاءُ وَأَبونا شَيخٌ كَبيرٌ (آيت : 23) |
۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين، ۽ اُنھن کانسواءِ ٻه زالون (به پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھليندي ڏٺائين، (مُوسى) چيو ته اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي؟ چيائون ته (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نه پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نه) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن هو مدين جي پاڻيءَ (جي کوهه يا چشمي) وٽ پهتو تڏهن اتي ماڻهن جي هڪ ٽولي ڏٺائين جيڪي (ڌڻن کي) پاڻي پياري رهيا هئا ۽ پڻ انهن کان جدا (ٿورو پرڀرو) ٻه (نوجوان) عورتون ڏٺائين جيڪي ٻڪرين کي روڪي جهليون بيٺيون هيون. حضرت موسيٰ انهن عورتن کان پڇيو ته، توهان سان ڪهڙي حالت آهي (۽ ڇا جي لاءِ انتظار ۾ بيٺيون آهيو؟) هنن جواب ڏنو ته، اسان تيستائين (پنهنجي ٻڪرين کي) پاڻي پياري نه ٿيون سگهون جيستائين ٻيا ريڍار ۽ ٻڪرار (پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي پياري) ٻڪريون ڪاهي هليا نٿا وڃن. (اسان ضعيف عورتون آهيون. اسان کي ڪو ڀاءِ به ڪونهي) ۽ اسان جو بابا هڪڙو تمام پوڙهو ماڻهو آهي (تنهن ڪري هو گهر ۾ ٿو رهي ۽ ٻڪرين جو ڪم ڪري نٿو سگهي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ پاڻ جڏهن مدين جي پاڻي (کوهه) وٽ پهتو ته اتي گھڻا ماڻهو پاڻي ڀري رهيا هئا. ۽ انهن کان علاوه (حضرت) موسيٰ کي ٻه عورتون مليون، جن پنهنجون ٻڪريون پري ڪري بيهاريون، موسيٰ چيو توهان پاڻي ڇو نه ٿيون پياريو، عورتن چيو اسين پاڻي نه پيارينديونسين جيستائين ڌراڙ نٿا پيارين، ۽ اسان جو والد پيرسن آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اٺ ڏينهن فاقو ڪندو هليو) جڏهن مدين شهر جي کوھ تي (جيڪو شهر کان ٻاهر هو) پهتو ته اتي کوھ تي ماڻهن جي ڀيڙ ڏٺائين جو اهي (پنهنجي مال کي) پاڻي پياري رهيا آهن ۽ انهن (ماڻهن) کان هڪ پاسي ٻه زالون (حضرت شعيب جون ڌيئرون) ڏٺائين ته اهي (پنهنجين ٻڪرين کي جدا) جهليون بيٺيون آهن.موسى (انهن کان) پڇيو ته اوهان جو مطلب ڇا آهي؟ انهن چيو ته جيستائين ڌنار (پنهنجا جانور) موٽائي وٺي وڃن، تيسين نه پيارينديوسون ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پهتو مدين جي پاڻيءَ تي ته لڌائين ان تي ٽولي ماڻهن جي پاڻي پيارين پيا ۽ لڌائين انهن کان سواءِ ٻه عورتون ڌڻ کي روڪين پيون چيائين ته ڪهڙو آهي ڪم اوهان جو؟ چيائون ته نه پاڻي پيارينديون آهيون اسين تان جو موٽن ڌنار ۽ پيءُ اسان جو ٻڍڙو وڏي عمر وارو آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن مدين شهر جي پاڻيءَ تي پهتو ته اتي ماڻهن جي هڪ جماعت ڏٺائين انهن (پنهنجن جانورن کي) پاڻي ٿي پياريو. ۽ انهن (ماڻهن) کان هڪ پاسي ٻه زالون ڏٺائين جن (پنهنجي ڌڻ کي پاڻيءَ کان) جهلي بيهاريو ٿي. موسيٰ (زالن کي) چيو ته اوهان جو مطلب ڇا آهي انهن چيو ته جيستائين ڌنار (پنهنجا جانور) موٽائي وٺي وڃن تيسين نه پيارينديوسين ۽ اسانجو پيءُ وڏو ٻڍو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن مدين جي پاڻي (جي کوهه) تي پهتو ته اتي ماڻهن جو هجوم ڏٺائين جي (پنهنجي جانورن کي) پاڻي پياري رهيا هئا، ۽ انهن کان پري ٻه عورتون ڏٺائين جن (پنهنجي ٻڪرين کي پاڻي کان) جهلي بيهاريو هيو، (موسى) چيو: ”اوهان ٻنهين جي ڇا پريشاني آهي“؟ انهن چيو: ”اسان (پنهنجي ٻڪرين کي) پاڻي نه ٿيون پياري سگهون جيستائين ڌنار (پنهنجا جانور) موٽائي وٺي وڃن، ۽ اسان جو ابو عمر رسيده بزرگ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَٿي کوھ مَدْيَنْ جي، وارِد ٿيو جِنهن وار، ته مَٿسِ ماڻهن مان ڌِٺئـِين، ڪي ٽوليون ڌَڻ، ڌَرار، وَلر واري سان پَنهنجا، پِيا پِيارِين پَهنوار، بِيٺل ڏِٺائـِين ڀَر ۾، ٻه عورتون اِنهيان ڌار، تَڙن کان تڪرار، پِيون روڪِين رِڍون پَنهنجيون، چي، عُذر ڪِهڙو اوهان کي، ٻوليائون ٻِيهار، پهرين اَسِين نه پِياريون، تان موٽن ڌَڻ ڌنار، باقي بَرقرار، اَسِين پوءِ پِياريون. ۽ پوڙهو پِيء اَسان جو، وَڏو مَنجھ ڄمار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن مدين جي کوهه تي پهتو، ته اتي ماڻهن جي هڪ ٽولي پاڻي پياريندي ڏٺائين ۽ انهن کان ٻن عورتن کي پنهنجي ڌڻ کي روڪيندي به ڏٺائين، پڇيائين ”اوهين ائين ڇو ٿيون ڪريو؟“ چيائون ”جيسين ٻيا ڌڻ موٽي نه وڃن، تيسين اسين پاڻي نٿيون پياري سگهون_ جو اسان جو پيءُ ٻڍڙو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن مدين جي کوه وٽ پهتو ته ڏٺائين ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجن مالن کي پاڻي پيا پيئارين ۽ انهن کان پرڀرو ٻه عورتون پنهنجي مال کي جهلين پيون، موسيٰ انهن عورتن کان پڇيو: "توهان جو ڇا مسئلو آهي؟“ انهن چيو: "اسان پنهنجي مال کي تيستائين پاڻي نٿيون پيئاري سگهون، جيستائين اهي ڌنار پنهنجو مال نه ڪڍي وڃن ۽ اسان جو پيءُ ڏاڍو پوڙهو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن اهو پهتو مدين جي کوهه تي، هن ڏٺو ته ڪيترا ئي ماڻهو آهن جيڪي مال کي پاڻي پياري رهيا آهن ۽ هن ڏٺو ته هنن کان ٻه عورتون پنهنجي مال کي روڪي بيٺيون آهن، موسيٰ کانئن پڇيو، توهان کي ڪهڙي پريشاني آهي؟ هنن چيو، اسان پنهنجي مال کي پاڻي نٿيون پياري سگهون جيترا هي ڌنار پنهنجو مال ڪڍي نه وڃن ۽ اسان جو پيءُ تمام پوڙهو ماڻهو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن هو مدين جي هڪ کوهه وٽ پھتو ته ڏٺائين ته ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم (پنهنجي جانورن کي) پاڻي پياري رهيو آهي ۽ ٻن عورتن کي ڏٺائين ته اُهي پنھنجي جانورن کي ٿورو پرڀرو روڪي بيٺيون آهن. (ان تي موسى $ ) کين چيو ته: توهان سان ڇا مسئلو آهي؟ ٻنهي چيو ته اسين ايستائين پاڻي نٿيون پياري سگهون جيستائين هي سڀ ڌنار پنھنجو پنھنجو ڌڻ واپس نه وٺي وڃن. (اسان ڪمزور آهيون) اسان جو پيءُ به ويچارو تمام پوڙهو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن اُهي مدين جي پاڻي (جي کوهه) وٽ پهتا ته اُتي ماڻهن جو هجوم ڏٺائون جيڪي (پنهنجي جانورن کي) پاڻي پياري رهيا هئا ۽ انهن کان الڳ هڪ پاسي ٻه عورتون ڏٺائون جيڪي (پنهنجي ٻڪرين کي) روڪيو بيٺيون هيون (موسيٰ عليه السلام) فرمايو توهان ٻئي هن حال ۾ ڇو (بيٺيون) آهيو؟ ٻئي چوڻ لڳيون ته اسان (پنهنجي ٻڪرين کي) پاڻي نٿيون پياري سگهون تانجو ڌنار (پنهنجي جانورن کي) واپس وٺي وڃن ۽ اسان جا والد وڏي عمر جا بزرگ آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن مدين جي کوهه وٽ پهتو ته ان کوهه تي ماڻهن جو هڪ انبوهه ڏٺائين جن (پنهنجن ڌڻن کي) پاڻي ٿي پياريو ۽ انهن جي هڪ پاسي ٻه عورتون ڏٺائين جيڪي پنهنجي ڌڻ کي روڪيون بيٺيون هيون. موسى، انهن عورتن کان پڇيو؛ توهان سان ڇا مسئلو آهي؟ انهن وراڻيو؛ اسان تيستائين پنهنجن جانورن کي پاڻي نه ٿيون پيئاري سگهئون جيستائين ڌنار پنهنجي ڌڻ کي پاڻي پيئاري (کوهه تان ڌڻ کي) وٺي هليا نه وڃن جڏهن ته اسان جو پيءُ جُهور پوڙهو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَسَقىٰ لَهُما ثُمَّ تَوَلّىٰ إِلَى الظِّلِّ فَقالَ رَبِّ إِنّى لِما أَنزَلتَ إِلَىَّ مِن خَيرٍ فَقيرٌ (آيت : 24) |
پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين وري (رھڻ لاءِ) پاڇي ڏانھن ڦِريو پوءِ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪليءِ تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي حضرت موسيٰ کي مٿن رحم اچي ويو ۽ مردن جو ظلم ڏسي حيران ٿيو جو هر روز اول پاڻ پاڻي پياريندا هئا ۽ سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ويچاريون اهي ٻه عورتون پاڻي پيئارينديون هيون) سو هن انهن عورتن جي ٻڪرين کي پاڻي پيئاريو پوءِ (ڪنهن وڻ جي) ڇانو ڏي هٽي هليو ويو. ۽ خدا کان سوال گهريائين ته، اي منهنجا پروردگار! جيڪا به ڀلائي ۽ نعمت (هن وقت) مون تي ڪرين تنهن لاءِ مان بيشڪ سخت حاجتمند آهيان (جو نه اٿم سمر، نڪو اٿم ڪو گهر).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ (حضرت) موسيٰ انهن کي پاڻي پياريو، ان کان پوءِ پاڻ ڇَانوَ ۾ وڃي ويٺو، پوءِ دعا گھريائين ته اي منهنجا رب بيشڪ آئون تنهنجي موڪليل نعمتن جي اڳيان فقير آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن موسى انهن (ٻڪرين کي ٻوڪي سان پاڻي ڇڪي) پياريو. پوءِ اتان هٽي ڇانو ۾ اچي ويٺو (جيئن ته ڏاڍي بک هيس) عرض ڪيائين خداوندا! (هن وقت) جا نعمت تون مون ڏي موڪلين آءُ ان لاءِ (ڏاڍو) محتاج آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پاڻي پياريائين انهن ٻنهي (جي ڌڻ) کي تنهن کان پوءِ ڦري آيو پاڇي ڏانهن پوءِ عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مان ان لاءِ جيڪا لاٿي تو مون ڏانهن ڀلائي محتاج آهيان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن جي ڌڻ کي پاڻي پياريائين (ان کان) پوءِ ڇانوَ ڏي هٽيو پوءِ چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! جيڪا نعمت تو مون ڏي لاٿي آهي تنهن لاءِ آءُ محتاج آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن ٻنهين (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين پوءِ (وڻ جي) پاڇولي ڏانهن آيو پوءِ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار بيشڪ آءٌ هر ان ڀلائي جو محتاج آهيان جا تون مون ڏي نازل ڪرين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻِي ڪڍيائـِين، پاڻ پوءِ، تِنين لئي تڪرار، لالڻ لاڙو پوءِ ڪيو، ڪِنهن پرڇائـِين پار، چي، اُتم اُتارئـِي خير مان، جيڪِي سَندمِ جبار، حاجتمند هيڪار، آءٌ اُنهِيء جو آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي هن سندن ڌڻ کي پياريو_ پوءِ وڃي پاڇو جهليائين ۽ چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون کي ڏاڍي ضرورت آهي، جو تون مون ڏي ڪا چڱائي موڪلين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ٻڌي موسيٰ سندن ڍورن کي پاڻي پيئاريو، پوءِ وڃي ڇانوَ ّواري هنڌ ويٺو ۽ چيائين: "اي منهنجا پروردگار! جيڪا به ڀلائي تون مون ڏي موڪليندين، مان ان جو سخت محتاج آهيان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ٻڌي موسيٰ سندن مال کي پاڻي پياريو پوءِ وڃي ويٺو هڪ ڇانوَ واري هنڌ ۽ چيائين، منهنجا پالڻهار! جيڪا به نازل ڪرين مون تي ڀلائي، آئون (بهرحال) ان جو محتاج آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (موسى $ ) اُنهن جي جانورن کي کوهه تي وٺي وڃي پاڻي پياري آيو ۽ پوءِ وڃي هڪ وڻ جي ڇانو جي هيٺ ويھي چيائين ته اي منھنجا پالڻھار! (هن وقت ۽ هن حال ۾) تنھنجي طرفان جيڪا به مون تي ڀلائي ٿيندي مان ان جو انتھائي ضرورتمند آهيان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ هُن ٻنهي (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريو پوءِ ڇانوَ واري پاسي موٽي ويا ۽ عرض ڪيائين: اي رب! آئون هر ان ڀلائي جو جيڪا تون منهنجي طرف لاهين محتاج آهيان.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اهو ٻڌي) موسى انهن عورتن جي ڌڻ کي پاڻي پياريو. پوءِ اتان هٽي ڇانوري ۾ ٿي ويٺو ۽ دعا گهريائين؛ اي منهنجا پالڻهار! جيڪو به خير تون مون تي لاهين- مان تنهن جو فقير (ضرورت مند) آهيان. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَجاءَتهُ إِحدىٰهُما تَمشى عَلَى استِحياءٍ قالَت إِنَّ أَبى يَدعوكَ لِيَجزِيَكَ أَجرَ ما سَقَيتَ لَنا فَلَمّا جاءَهُ وَقَصَّ عَلَيهِ القَصَصَ قالَ لا تَخَف نَجَوتَ مِنَ القَومِ الظّٰلِمينَ (آيت : 25) |
پوءِ منجھائن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين ته منھنجو پيءُ توکي ھن لاءِ سڏي ٿو ته جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھنجي مزوري توکي ڏي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين (تنھن مھل شعيب) چيو ته نه ڊڄ، (ھاڻي) ظالم قوم کان ڇُٽين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (خدا سندس دعا ٻڌي، جلد ئي) پوءِ انهن (نوجوان عورتن) مان هڪڙي شرم ۽ حيا سان هلندي وٽس آئي ۽ چوڻ لڳي ته، منهنجي بابا توکي دعوت ڏئي گهرايو آهي. انهيءَ لاءِ ته تو جو اسان جي لاءِ اسان جي ٻڪرين کي پاڻي پيئاريو تنهن جو توکي ڪو عيوضو ڏئي. پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهيءَ (پير مرد) وٽ آيو ۽ کيس پنهنجو سڄو قصو (ڄمڻ کان وٺي مصر ڇڏي مدين ۾ پهچڻ تائين) ٻڌايائين تڏهن پير مرد چيو ته، (هاڻي) ڪوبه خوف نه ڪر، ظالم ماڻهن کان بچي آيو آهين (۽ هاڻي هتي هنن کان سلامت آهين.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ٻن عورتن مان هڪ ڪمال درجي جي حيا سان هلي آئي، ان چيو بيشڪ منهنجو پيءُ توهان کي ان لاءِ سڏي ٿو ته توهان کي اسان جي پاڻي پيارڻ جو اجورو ڏي. پوءِ جڏهن (حضرت) موسيٰ اتي پهتو ۽ سمورو قصو ان کي ٻُڌايو، عورتن جي والد چيو تون خوف نه ڪر، اسين توکي ظالمن جي قوم مان نجات ڏيون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ايتري ۾ انهن مان هڪ عورت ان وٽ شرم سان هلندي آئي (۽ موسى کي) چوڻ لڳي ته منهنجو پيءُ تو کي سڏي ٿو هن لاءِ ته اسان جي واسطي جو (ڌڻ کي) پاڻي پياريو آهي تنهن جي تو کي مزدوري ڏئي. پوءِ جڏهن موسى شعيب وٽ آيو ۽ ان کي احوال ٻڌائين تڏهن ان چيس ته نه ڊڄ! تون ظالم قوم کان بچي آئين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ آئي ان وٽ هڪڙي انهن مان هلي پئي حياءَ سان چيائين ته بلاشڪ منهنجو پيءُ سڏي پيو توکي تانته ڏئي توکي اجورو ان جو جيڪو پاڻي پياريو تو اسان (جي ڌڻ) کي پوءِ جڏهن آيو ان وٽ ۽ بيان ڪيائين ان سان سڀ ڳالهيون ته فرمايائين نه ڊپ ڪر ڇٽين تون قوم ظالم کان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ٻنهين مان هڪ ان وٽ شرم سان هلندي آئي. ان چيو ته منهنجو پيءُ توکي سڏي ٿو هن لاءِ ته اسان جي واسطي جو تو (ڌڻ کي) پاڻي پياريو آهي تنهن جي توکي مزدوري ڏئي. پوءِ جڏهن موسيٰ ان وٽ آيو ۽ ان کي احوال ٻڌايائين تڏهن ان چيو ته نه ڊڄ! تون ظالم قوم کان بچي آئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ وٽس انهن ٻنهين مان هڪ (ڇوڪرِي) شرم ۽ حياء سان هلندي آئي، چيائين: ”بيشڪ منهنجو پيءُ توکي سڏي ٿو هن لاءِ ته توکي مزدوري ڏئي جو تو اسان لاءِ (ڌڻ کي) پاڻي پياريو آهي“. پوءِ جڏهن (موسى) ان (ڇوڪرين جي پيءُ شعيب) وٽ آيو ۽ ان سان گذريل واقعا بيان ڪيائين (ان) چيو ته: ”نه ڊڄ، تون ظالم قوم کان نجات حاصل ڪئي آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آئـِي اُنهِيء ڏي هيڪڙِي، هَلندِي حيا ساڻ، چي، مُنهنجو بابو توکي، ٿو ڪوٺي اِنهِيء ڪاڻ، جو پاڻِي ڪڍيئـِي پاڻ، تِنهنجو پُورو ڏِينئـِي پورهيو. پوءِ جڏهن اُن وَٽ آيو، ۽ سَڄِي سُڻائـِينسِ ڳالھ، ڌارمَ خوف خَطرو، چيائـِين اِهڙِي چال، لاشڪ ڇُٽِين تون لال!، جَفا ڪار جماعت کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ منجهانئن هڪڙي شرمائي هلندي وٽس آئي، چيائين ”بابو ٿو توکي سڏي، ته توکي اسان جي ڌڻ کي پاڻي پيارڻ جي مزدوري ڏئي.“ پوءِ جنهن مهل هن وٽ آيو ۽ سڄو قصو ٻڌايائين، تڏهن هن چيس ”ڊپ نه ڪر، هاڻي ظالم قوم کان ڇوٽڪارو ڀانءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ٿوري دير کانپوءِ ) انهن ٻنهي مان هڪڙي لـڄ ڪندي هلندي وٽس آئي ۽ چيائين: "ابو توکي سڏي ٿو، تانته تو جيڪو اسان جي خاطر ڌڻ کي پاڻي پيئاريو آهي، ان جو توکي اجورو ڏئي". موسيٰ جڏهن وٽس پهتو ۽ کيس پنهنجو سارو قصو ٻڌايائين ته ان چيس: ڪوبه ڊپ نه ڪر، هاڻي تون ظالمن کان بچي وئين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (۽ ويرم ئي نه گذري) انهن ٻن عورتن مان هڪڙي شرم ۽ حيا سان هلندي هن وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي، منهنجو پيءُ توهان کي سڏي ٿو، جيئن توهان کي بدلو ڏئي ان جو جيڪو توهان پاڻي پياريو آهي اسان جي مال کي. جڏهن موسيٰ ان وٽ پهتو ۽ پنهنجو سارو قصو ان کي ٻڌايو ته ان چيو، تون ڪوبه ڊپ نه ڪر، هاڻي تون بچي ويو آهين ظالمن کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اُنهن مان هڪ عورت اُن وٽ وڏي حيا واري انداز ۾ آئي ۽ چيو ته: منھنجو پيءُ توهان کي سڏي ٿو ته جيئن هو توهان کي اسان جي جانورن کي پاڻي پيارڻ واري ڀلائي جو اجر ڏي. پوءِ جڏهن موسى ($) هُن وٽ آيو ۽ ( پنهنجو) سمورو واقعو تفصيل سان ٻڌايو ته اُن شخص چيس ته تون نه ڊڄ، تون ظالم قوم کان بچي نڪري آيو آهين.(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ (ٿوري دير کانپوءِ) وٽس انهن ٻنهي مان هڪ (ڇوڪري) آئي جيڪا شرم و حيا (واري انداز) ۾ هلي رهي هئي. ان چيو: منهنجا والد توهان کي سڏين پيا ته جيئن اُهي توهان کي انهيءَ (محنت) جو معاوضو ڏين جيڪو توهان اسان جي لاءِ (ٻڪرين کي) پاڻي پياريو آهي. پوءِ جڏهن موسيٰ (عليه السلام) انهن (ڇوڪرين جي والد شعيب عليه السلام) وٽ آيا ۽ ساڻس (گذريل) واقعا بيان ڪيائون ته ان چيس: توهان ڊپ نه ڪريو توهان ظالم قوم کان نجات پاتي آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ايتري ۾ موسى وٽ ٻنهي (عورتن) منجهان هڪ عورت، شرم ۽ حياءَ سان هلندي آئي، چوڻ لڳي؛ منهنجو پيءُ توکي سڏي ٿو ته جيئن توکي ان جي مزدوري ڏي جيڪو تون اسان جي ڌڻ کي پيئاريو آهي. جڏهن موسى (انهن عورتن جي پيءُ يعني حضرت شعيب) وٽ مدين (شهر) ۾ آيو ۽ ان سان پنهنجا قصا اوريائين ته ان (همت ڏيارس ۽) چيس؛ ڊڄ نه، تون ظالم قوم (جي چنبي) مان نجات ماڻي چڪين! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَت إِحدىٰهُما يٰأَبَتِ استَـٔجِرهُ إِنَّ خَيرَ مَنِ استَـٔجَرتَ القَوِىُّ الأَمينُ (آيت : 26) |
منجھائن ھڪ چيو ته اي ابا ھن کي مزور ڪري رک، ڇوته ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو معتبر ھجي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن (نوجوان عورتن) مان هڪڙيءَ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪيو ته منهنجا پيار بابا! هن (مرد) کي ڪنهن اجوري سان ملازم ڪري رک. ملازم ڪري رکڻ لاءِ بهترين ماڻهو تنهنجي لاءِ يقيناً اهو آهي جيڪو طاقتور ۽ ايماندار آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ٻنهي عورتن مان هڪ چيو ته اي منهنجا والد تون ان کي پگھار تي رک، بيشڪ اهو، جنهنکي تون پگھار تي رکندين سو نهايت طاقتور ۽ امين آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ايتري ۾) انهن ٻنهين مان هڪ نينگر (پيءُ کي) چيو اي بابا! هن کي نوڪر رک! ڇو ته چڱو ماڻهو جنهن کي نوڪر رکڻ گهرين ٿو سو طاقتور (۽) امانتدار هجي (۽ هن ۾ اهي ٻئي ڳالهيون آهن)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو هڪڙيءَ انهن مان اي منهنجا پيءُ! اجوري تي رک ان کي بيشڪ ڀلو اهو جو اجوري تي رکين تون ان کي قوت وارو امانتدار آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن ٻنهين زالن مان هڪ چيو ته اي منهنجا پيءٌ! ان کي نوڪر رک! ڇو ته چڱو ماڻهو جنهن کي نوڪر رکڻ گهرين ٿو سو طاقتور (۽) امانتدار هجي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن ٻنهين (نياڻين) مان هڪ چيو ته: ”اي منهنجا والد! ان کي (پاڻ وٽ) مزدوري تي رک، بيشڪ بهترين ماڻهو جنهن کي مزدوري تي رکڻ چاهين اهو آهي جو طاقتور امانتدار هجي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِڪ بِيبِي چيو ته بابا!، بِيهارِينسِ بُيَهار، جيڪو بُهيار بِهاريئـِي، ڀَلو برقرار، طاقتمند تڪرار، اِيمان دار اَمانتِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇوڪرين مان هڪڙيءَ چيو ته، ”بابا! هن کي پگهاردار ڪري رک، ڇو ته جيڪو پگهاردار سگهارو ۽ اعتبار جوڳو هجي، اهو تنهنجي نوڪريءَ لاءِ سٺو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ٻنهي عورتن مان هڪڙيءَ پيءُ کي چيو: "ابا ! هن ماڻهوءَ کي نوڪر ڪري رک، تو لاءِ سڀ کان ڀلو ماڻهو جنهن کي تون نوڪر رکين اهو ٿي سگهي ٿو، جيڪو سگهارو ۽ ايماندار هجي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻنهي عورتن مان هڪ پنهنجي پيءُ کي چيو، اي بابا سائين! هن شخص کي نوڪري ۾ رکو، سُٺو ماڻهو اهو جنهن کي توهان نوڪري ۾ رکو اهو سگهو ۽ امانتدار هجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن ٻن ڇوڪرين مان هڪ چيو ته بابا! هِن کي ملازم ڪري رک. ڇوته بھترين ملازم اهو هوندو آهي جيڪو طاقت ور به هجي ۽ ايماندار به هجي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) انهن مان هڪ (ڇوڪري) چيو: اي (منهنجا) والد گرامي! هن کي (پاڻ وٽ مزدوري) تي رکو بيشڪ بهترين شخص جنهن کي توهان مزدوري تي رکو اهو ئي آهي جيڪو طاقتور امانتدار هجي (۽ هي ان ذميواري جا اهل آهن).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) انهن ٻنهي عورتن منجهان هڪڙيءَ پنهنجي پيءُ کي چيو؛ بابا سائين! هن شخص کي پنهنجو ملازم رکي ڇڏ- ڀلو ماڻهو جنهن کي تون نوڪر رکين، سو اهو شخص آهي جيڪو طاقتور ۽ امانتدار هجي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ إِنّى أُريدُ أَن أُنكِحَكَ إِحدَى ابنَتَىَّ هٰتَينِ عَلىٰ أَن تَأجُرَنى ثَمٰنِىَ حِجَجٍ فَإِن أَتمَمتَ عَشرًا فَمِن عِندِكَ وَما أُريدُ أَن أَشُقَّ عَلَيكَ سَتَجِدُنى إِن شاءَ اللَّهُ مِنَ الصّٰلِحينَ (آيت : 27) |
(شعيب) چيو ته منھنجو ارادو آھي ته ھنن پنھنجن ٻن ڌيئن مان ھڪ ھن شرط تي توکي پرڻايان ته اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھ ڏھ (ورھ) پورا ڪندين ته اُھو تنھنجي پار کان (احسان) آھي ۽ آءٌ توتي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي خير گھرن مان ڏسندين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (پوڙهي پنهنجي ڌيءُ جو عرض قبول ڪيو، حضرت موسيٰ کيس نهايت پسند پيو سو ڪي ڏينهن گذرڻ بعد کيس) چيائين ته مان چاهيان ٿو ته، توکي هنن ٻن ڌيئرن مان هڪڙي پرڻائي ڏيان هن شرط تي ته تون اٺ سال (هتي رهي) منهنجو ڪم ڪار ڪندو رهين، پر جيڪڏهن تون ڏهه سال پورا ڪرين ته تنهنجو احسان سمجهبو، پر مان نٿو چاهيان ته توکي تنگ ڪيان ۽ تڪليف ۾ وجهان. انشاءَ الله تون پاڻ ڏسندين ته مان نيڪ ماڻهو آهيان (۽ تو سان چڱو سلوڪ ڪندس).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (ٻن عورتن جي والد) چيو ته بيشڪ منهنجو هي ارادو آهي ته آئون تنهنجو نڪاح پنهنجي ٻنهي نياڻين مان هڪ سان ان شرط تي ڪريان ته تون مون وٽ اَٺَ (8) سال ٻڪريون چاريندين، پوءِ جيڪڏهن تو ڏَهَه (10) سال پورا ڪيا پوءِ اهي تنهنجي طرفان ٿيندا، ۽ منهنجو اهو ارادو ناهي ته آئون توکي تڪليف ۾ وجھان، عنقريب تون مون کي انشاءَالله صالحن مان لهندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شعيب (موسى کي) چيو ته آءُ تنهنجي شادي پنهنجي هنن ٻن ڌيئرن مان هڪ سان ڪرائڻ گهران ٿو هن شرط تي ته تون منهنجي اٺ سال نوڪري ڪندين، ۽ جيڪڏهن تون ڏھ سال پورا ڪندين ته تنهنجو احسان، ۽ آءُ تو تي تڪليف رکڻ نٿو گهران. جيڪڏهن خدا گهريو ته تون مون کي نيڪن مان ڏسندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته بيشڪ مون ارادو ڪيو آهي ته نڪاح ۾ ڪري ڏيان توکي هڪڙي نياڻي پنهنجين هنن ٻن مان هن شرط تي ته اجوري تي رهين مون وٽ اٺ سال پوءِ جيڪڏهن پورا ڪيئي ڏهه سال پوءِ پاڻ وٽان ۽ نه ٿو ارادو ڪيان مان ته سختي ڪيان توتي جلد لهندي مون کي جيڪڏهن الله گهريو صالحن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته آءُ تنهنجي شادي پنهنجي هنن ٻن ڌيئرن مان هڪ سان ڪرائڻ گهران ٿو هن شرط تي ته تون منهنجي اٺ سال نوڪري ڪندين، پوءِ جيڪڏهن تون ڏهه سال پورا ڪندين ته تنهنجي طرفان (ڀلائي) آهي. ۽ آءُ توتي تڪليف رکڻ نه ٿو گهران. جيڪڏهن الله گهريو ته تون مون کي نيڪن مان ڏسندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (شعيب) چيو: ”آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجي هن ٻن ڌيئرن مان هڪ سان تنهنجو نڪاح ڪيان هن شرط (مهر) تي جو تون اٺ سال مون وٽ مزدوري ڪرين، پوءِ جيڪڏهن تو ڏهه سال پورا ڪيا ته تنهنجي پاران (احسان) هوندا ۽ آءٌ نه ٿو چاهيان ته تو تي سختي ڪيان. الله گهريو ته سگهوئي تون مون کي صالحن مان لهندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائـِين اِهڙِي چال، ته آئون ايرادو ٿو ڪريان، ته هِن مُنهنجي ٻِن ڌِين مان، هِڪ نِياڻِيءَ نال، شادِي ڪريان تُنهنجِي، شرط ته اَٺ سال، مال چارِيندِين مُنهنجو، جي پُورِي ڪَئـِي ڳالھ، ڀَلا! تُنهنجو ڀال، جي اَٺن کي، تون ڏھ ڪرين. ۽ آءٌ اَصل نه گُھران، ته ڏسِيين ڏُ کيو ڪم ڪار، چَڱو ڏِسنديِم چڱن مان، جي گھريو ربَّ غفّار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجو ارادو آهي ته آءُ توکي هنن ٻن مان هڪڙي پرڻايان، هن شرط تي ته تون اَٺ ورهيه مون وٽ نوڪري ڪرين، پوءِ جي ڏهه پورا ڪرين، ته اها تنهنجي (مهرباني)_ منهنجو ارادو توتي ڪا اوکائي ڪرڻ جو نه آهي، جيڪڏهن الله گهريو، ته تون مون کي نيڪ ڏسندين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هُنَ (موسيٰ کي) چيو: "مان چاهيان ٿو ته پنهنجي انهن ٻن ڌيئرن مان هڪڙيءَ جو نڪاح توسان ڪيان، ان شرط سان ته تون اٺ سال منهنجو نوڪر ٿي رهين ۽ جيڪڏهن ڏهه سال پورا ڪندين ته اهو تنهنجي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. مان توتي ڪا سختي ڪرڻ نٿو گهران، تون انشاءَ الله مون کي نيڪ ماڻهو لهندين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سندس پيءُ (موسيٰ کي) چيو، منهنجو ارادو آهي ته نڪاح ڪرايان تنهنجو هنن مان ڪنهن هڪ ڌيءَ سان، پر شرط هي آهي ته تون مون وٽ نوڪري ڪندين اٺن سالن تائين، جيڪڏهن ڏهه سال پورا ڪرين مون وٽ ته اها تنهنجي مرضي آهي، آئون توتي سختي ڪرڻ نٿو گهران. تون مون کي ڏسندين اِن شاءَ الله نيڪ ماڻهن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن شخص (موسى ($ کي) چيو ته مان چاهيان ٿو ته اُنهن ٻنهي ڇوڪرين مان هڪ جو توسان نڪاح ڪريان، پر شرط اهو آهي ته تون مون وٽ اَٺ سال ملازمت ڪر. پر جيڪڏهن ڏهه سال پورا ڪندين ته اهو تنھنجي مرضيءَ تي ٻڌل آهي. بھرحال مان توهان تي وڌيڪ بار وجهڻ نٿو چاهيان. جيڪڏهن الله تعالى گهريو ته تون مون کي نيڪ ماڻهن مان ڏسندين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ان (موسيٰ عليه السلام کي) چيو: آئون چاهيان ٿو ته پنهنجي انهن ٻنهي ڇوڪرين مان هڪ جو نڪاح توهان سان ڪريان انهيءَ (مهر) تي ته توهان اٺن سالن تائين مون وٽ مزدوري تي ڪم ڪريو پوءِ جيڪڏهن توهان ڏهه (سال) پورا ڪيا ته توهان جي پاران (احسان) هوندو ۽ آئون توهان تي مشقت نٿو وجهڻ چاهيان، جيڪڏهن الله چاهيو ته توهان مون کي نيڪن مان لهندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (ان جي پيءُ موسى کي) چيو؛ مان چاهيان ٿو ته پنهنجين هنن ٻن نياڻين منجهان هڪ سان تنهنجو ان شرط سان نڪاح ڪريان ته تون اٺ سال منهنجي ملازمت ڪرين ۽ جيڪڏهن تون ڏهه سال پورا ڪرين ته اها تنهنجي مرضي آهي ۽ مان توکي تڪليف ۾ وجهڻ نه ٿو چاهيان. تون مون کي انشاءَ الله جلد صالح ماڻهن مان لهندين.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ ذٰلِكَ بَينى وَبَينَكَ أَيَّمَا الأَجَلَينِ قَضَيتُ فَلا عُدوٰنَ عَلَىَّ وَاللَّهُ عَلىٰ ما نَقولُ وَكيلٌ (آيت : 28) |
(مُوسى) چيو ته منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، انھن ٻنھي مدتن مان ڪا پورائي ڪريان ته مون تي ڪو زور نه ھوندو، ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (بس) آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ جواب ۾ چيو ته (مان خوشيءَ سان قبول ٿو ڪيان) توهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ اهو اقرار ۽ قبوليت ٿي چڪي. انهن ٻن مدن مان جيڪو به پورو ڪيان ته مون تي ڪا ميار يا رنجش نه رهي. ۽ جيڪي اسان هن وقت پاڻ ۾ ٺاهه ڪري رهيا آهيون تنهن تي الله تعاليٰ شاهد آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو اهو (وعدو) منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ آهي، جهڙن ٻن وقتن مان مون هڪ پورو ڪيو، پوءِ مون تي ڪا مَيار ناهي، ۽ الله تعالى اسان جي وعدي تي شاهد آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيس ته اهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ (انجام) آهي. انهن ٻنهي مدتن مان ڪا به پوري ڪريان ته مون تي ڪا به زيادتي نه ٿئي، ۽ جيڪي اسين چئون ٿا تنهن تي خدا شاهد آهي. (مطلب ته موسى جو ننڊي نينگر سان نڪاح ٿيو ۽ رهڻ لڳو).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته اهو منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ (انجام) آهي جهڙو به ٻنهي مُدن مان پورو ڪيم پوءِ ناهي ڪا زيادتي مون تي ۽ الله ان تي جيڪو چئون ٿا ڪارساز آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اهو منهنجي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ (انجام) آهي.انهن ٻنهين مدتن مان ڪابه پوري ڪريان ته مون تي ڪا به زيادتي نه ٿئي. ۽ جيڪي اسين چئون ٿا تنهن تي الله شاهد آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو ته: ”اِهو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ (معاهدو) طئي ٿيو. انهن ٻنهين مُدتن مان ڪابه پوري ڪيان ته پوءِ مون تي ڪابه زيادتي نه ٿيندي. ۽ ان (ڳالهه) تي جيڪي اسان چئون ٿا الله نگهبان آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تو ۽ مُنهنجي وِچ ۾، اِهي قول قرار، ڪهڙو به ٻول ٻِن مان، نِئـِي پُڄايمِ پار، وَڌِيڪ بوجوبار، پوءِ مون تي نه آهي مُورهِين. اَلله شاهِد اُن مٿي، جيڪِي چئون ٿا پاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اهو ٿيو مون ۽ تنهنجي وچ ۾ وعدو، ٻنهي مان جيڪا مدت مون پوري ڪئي، ته مون کي ڪو به زور نه رهندو ۽ جيڪي اسين ٿا چئون، ان تي الله شاهد آهي.“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنو: "اها ڳالهه منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ طئي ٿي وئي. انهن ٻنهي مدتن مان جيڪا به پوري ڪيم، ان کانپوءِ مون سان ڪابه بي واجبي ٿيڻ نه کپي ۽ جيڪو قول اقرار اسان ڪريون ٿا، الله ان کي ڏسندڙ آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، اها ڳالهه منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ طئي ٿي، انهن مان جيڪا به مدت پوري ٿي پوءِ مون تي زيادتي نه ٿيندي، ۽ جيڪو قول ٿيو آهي ان تي الله اسان جو شاهد آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته اها منھنجي ۽ توهان جي وچ ۾ پڪي ڳالهه ٿي وئي. (بھرحال) انهن ٻنهي مدتن مان جيڪا به مُدت مان پوري ڪريان ان کان پوءِ مون تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ اسان جي طئي ٿيل ڳالهين تي الله تعالى گواهه آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) موسيٰ (عليه السلام) چيو: هي (معاهدو) منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ (طئي) ٿي ويو، ٻنهي مان جيڪا مدت به آئون پوري ڪريان پوءِ مون تي ڪو زور نه هوندو، ۽ الله ان (ڳالهه) تي جيڪا اسان چئون ٿا نگهبان آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) موسى چيو؛ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ اهو طئه ٿي چڪو ته انهن ٻنهي مدتن منجهان مان جيڪو به طئه ڪريان ته، ان کان پوءِ مون تي ڪابه واڌ نه ٿيندي ۽ جيڪي ڪجهه اسان چئي رهيا آهيون- الله ان جو وڪيل آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا قَضىٰ موسَى الأَجَلَ وَسارَ بِأَهلِهِ ءانَسَ مِن جانِبِ الطّورِ نارًا قالَ لِأَهلِهِ امكُثوا إِنّى ءانَستُ نارًا لَعَلّى ءاتيكُم مِنها بِخَبَرٍ أَو جَذوَةٍ مِنَ النّارِ لَعَلَّكُم تَصطَلونَ (آيت : 29) |
پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ (اھا) مُدّت پوري ڪئي ۽ پنھنجي گھر وارن کي وٺي ھليو (تنھن مھل وچ رستي ۾ ڪوہ) طور جي پاسي ڏانھن باھ ڏٺائين، پنھنجي گھر وارن کي چيائين ته ترسو بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي اُميد اٿم ته اُتاھون ڪا خبر يا ڪو باھ جو ٽانڊو اوھان وٽ آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (حضرت موسيٰ پير مرد جي ڌيءُ سان شادي ڪئي) پوءِ جڏهن (اتي رهڻ جو) مدو پورو ڪيائين ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن سميت سفر تي نڪتو تڏهن (واٽ ويندي) طور جبل جي هڪڙي پاسي باهه ڏٺائين. پنهنجي ٻارن ٻچن کي چيائين ته مون هڪڙي باهه ڏٺي آهي. توهان هتي بيهو ته (مان اوڏاهين وڃي) اتان ڪا خبر لهي (رستو وغيره پڇي) اوهان ڏي موٽي اچان يا باهه مان ڪو ٽانڊو کڻي اچان ته توهان (باهه ٻاري) سيءُ لاهيو ۽ تئه وٺو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن (حضرت) موسيٰ مقرر مدو پورو ڪيو ۽ پنهنجي گھر وارن کي (مصر ڏانهن) سفر ڪرايو ته طور سينا جبل طرف باه کي ڏٺائين، موسيٰ پنهنجي گھر وارن کي چيو ته توهان اتي ويهو، بيشڪ مون باه ڏٺي آهي شايد آئون توهان لاءِ اتان (رستي جي) ڪا خبر آڻيان يا باه مان ٽانڊو آڻيان ته من توهان سردي کان بچي سگھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ موسى پنهنجي (ڏهن ورهين جي) مدت پوري ڪئي ۽ گهرواريءَ کي وٺي هليو ته (ڪاري رات ۽ سيارو ۽ رستو ڀلجي ويو، پڻ بي بي صفوران کي ويم جا سور ٿيا ته ايتري ۾) طور جبل ڏي باھ ٻرندي ڏسڻ ۾ آيس ته گهروارن کي چيائين ته اوهين ترسو مون هڪ باھ ڏٺي آهي، من اتان اوهان وٽ ڪا خبر يا باھ جو ٽانڊو آڻيان ته من اوهين پاڻ سيڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن پورو ڪيو موسى (مقرر ڪيل) مدو ۽ وٺي هليو اهل پنهنجي کي ته ڏٺائين طور جي پاسي ڏانهن باھ ته فرمايائين پنهنجي اهل کي ته ترسو مون ڏٺي آهي باھ شايد مان آڻيان اوهان وٽ اتاهين ڪا خبر يا ٽانڊو باھ مان تانته اوهان پاڻ سيڪيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن موسيٰ اها مدت پوري ڪئي ۽ پنهنجي گهر وارن کي وٺي هليو ته جبل طور جي پاسي کان هڪ باهه ڏٺائين، پنهنجي گهر وارن کي چيائين ته ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي مَنَ اتان اوهان وٽ ڪا خبر يا باهه جو ٽانڊو آڻيان ته مَنَ اوهين پاڻ سيڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن موسى اُها مدت پوري ڪئي ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي وٺي هليو (ته) طُور جبل جي طرف کان هڪ باهه ڏٺائين، پنهنجي گهرواري کي چيائين: ”توهان ترسو مون هڪ باهه ڏٺي آهي شايد اتان توهان لاءِ ڪا خبر آڻيان يا باهه جو ٽانڊو آڻيان ته جيئن توهان پاڻُ سيڪِيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن مُدت پُورِي ڪئـِي، مُوسٰى مَت سُڄاڻ، ته آل عيال ساڻ، راتو واھ رَميو. سُوٺائـِين سَنجا ڪا، سامَهِين سَڄي طُور، پَنهنجي آل عيال کي، چيو نَبِي نُور، اَوهِين تَرسو اِتهِين، مُون باھِ ڏِٺِي ڪا ڏُور، اُميد ته اوهان لئي آڻيان، ڪا خاصِي خبر ضرور، يا چڻنگ مَنجھانسِ مُور، ته سيڪي بُت سِيءَ لاهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن مهل موسيٰ وقت پورو ڪيو ۽ پنهنجي گهر وارن کي رات جو وٺي هليو، ته طور جبل طرف باهه ڏٺائين_ سندن گهر وارن کي چيائين ته، ”ترسو، جو مون باهه ڏٺي آهي، اميد ته اتان ڪا خبر يا باهه مان ڪو ٽانڊو اوهان وٽ آڻيندس، ته من اوهين پاڻ سيڪيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن موسيٰ مــُـدو پورو ڪيو ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن کي ساڻ وٺي پئي ويو، ته طور جي پاسي کان کيس باهه نظر آئي، پنهنجي گهروارن کي چيائين ته "ترسو، مان باهه ڏٺي آهي، منَ اتان ڪو ڏس پتو لهي اچان يا ان باهه مان ڪو ٽانڊو ئي کڻي اچان ته توهان ڪجهه پاڻ سيڪي وٺو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن پوري ڪئي مدت موسيٰ ۽ وٺي هليو پنهنجي گهر وارن کي ته ڏٺائين طور (جبل) جي پاسي باهه، هن پنهنجي گهر وارن کي چيو، ترسو، بيشڪ مون ڏٺي آهي باهه، شايد آئون آڻيان ڪا خبر يا وري ڪو ٽانڊو کڻي اچان ان باهه مان، جنهن سان توهين پاڻ کي سيڪي سگهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن موسى ($) مدت پوري ڪئي ته پنھنجي گهر وارن کي وٺي هليو ته (رستي ۾) کيس طور جبل ڏانھن باهه نظر آئي. پنھنجي گهر وارن کي چيائين ته توهان هتي ترسو مون باهه ڏٺي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اتان (صحيح رستي جي) خبر پئجي وڃي يا توهان جي لاءِ ڪو ٽانڊو کڻي اچان ته جيئن توهان هٿ (وغيره) سيڪيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن موسيٰ (عليه السلام) مقرر ڪيل مدت پوري ڪئي ۽ پنهنجي گهرواري کي وٺي نڪتا (ته) انهن طور جي پاسي کان هڪ باهه ڏٺي (اهو حسن مطلق جو شعلو هو جنهن جي طرف سندن طبيعت مانوس ٿي ويئي) ان پنهنجي گهرواري کي فرمايو: تون (هتي) ترس مون باهه ڏٺي آهي. شايد آئون تنهنجي لاءِ ان (باهه) کان ڪجهه (ان جي) خبر آڻيان (جنهن جي تلاش ۾ مدتن کان پريشان آهيان) يا (ساڙيندڙ) باهه جي ڪا چڻنگ (آڻيان) ته جيئن توهان (به) تپي پئو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جڏهن موسى ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪٽنب کي وٺي اتان هليو ته طور (پهاڙ) جي ڀڪ ۾ باهه (ٽمڪندي) ڏٺائين. موسيٰ پنهنجي زال کي چيو؛ تون هتي ترس، مون باهه ڏٺي آهي شايد اتاهون اوهان وٽ (دڳ جي) ڪا خبر وٺي اچان يا ٽانڊو آڻيان ته جيئن توکي سيڪو وٺڻ جي ڪم اچي (۽ تون سرديءَ کان بچي سگهين).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا أَتىٰها نودِىَ مِن شٰطِئِ الوادِ الأَيمَنِ فِى البُقعَةِ المُبٰرَكَةِ مِنَ الشَّجَرَةِ أَن يٰموسىٰ إِنّى أَنَا اللَّهُ رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 30) |
پوءِ جڏھن اُنھيءَ (باھ) وٽ آيو (تڏھن) ميدان جي سڄي ڀر کان مُبارڪ جاءِ ۽ وڻ مان سڏيو ويو ته اي مُوسىٰ بيشڪ آءٌ جھانن جو پالڻھار آھيان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ باهه واري هنڌ پهتو، تڏهن ماٿريءَ جي ساڄي ڪناري کان ان برڪت واري جاءِ تي وڻ منجهان آواز آيو ته، اي موسيٰ! مان اهو الله آهيان جو سڄي جهان جو پروردگار آهيان.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن پاڻ باه وٽ پهتو ته کيس واديءَ جي سڄي پاسي، مبارڪ سر زمين ۾، مقدس وڻ مان پڪاريو ويو اي موسيٰ بيشڪ آئون ئي الله رب العالمين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن باھ وٽ پهتو ته ان کي ميدان جي سڄي ڪناري کان برڪت واري جاءِ ۾ وڻ مان آواز آيو ته اي موسى! آءُ اي جهانن جو پاليندڙ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته سڏيو ويو واديءَ جي سڄي پاسي کان برڪت واري جاءِ ڏانهن وڻ مان ته اي موسى بيشڪ مان سچو معبود آهيان رب جهانن جو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن باهه وٽ پهتو ته ان کي ميدان جي سڄي ڪناري کان برڪت واري جاءِ ۾ وڻ مان سڏيو ويو ته اي موسيٰ! آءُ ئي الله جهانن جو پاليندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اتي (باهه وٽ) پهتو ته واديءَ (طور) جي ساڄي طرفان با برڪت مقام ۾ (واقع) وڻ مان کيس سڏيو ويو ته: ”اي موسى! آءٌ ئي الله آهيان ! جهانن جو پالڻهار“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُن تي آيو، ته پَڌرِي ٿِيَسِ پُڪار، ساوڙ نَئي جي ڪَپ ڪنان، ڪَنڌِيءَ ڀَرڪِنار، بِلڪُل ڀَلِي ڀيڻيءَ تي، جِتي چَمن کُليا چوڌار، ته آءٌ اَلله آهيان، اي مُوسٰى مَڻيادار! پَرور پالڻهار، جُمله جَھانن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن ان وٽ آيو، ته ميدان جي سڄي طرف کان ڀلاريءَ جاءِ تي وڻ مان کيس آواز آيو ته، ”اي موسيٰ! بيشڪ آءُ جهانن جو ڌڻي الله آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي پهتو ته ميدان جي ساڄي پاسي کان برڪت ڀرئي پڌر ۾ هڪ وڻ وٽان سڏ ٿيس ته "اي موسيٰ! مان ئي آهيان الله، ساري جهان وارن جو مالڪ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن (هو) اتي پهتو ته سڏيو ويو ميدان جي ساڄي ڪناري کان برڪت واري جاءِ مان (آواز آيو) وڻ مان اي موسيٰ! بيشڪ آئون ئي الله جهانن جو پالڻهار آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو جڏهن باهه وٽ پھتو ته اتي ميدان جي ساڄي ڪناري برڪت واري جاءِ تي لڳل هڪ وڻ مان اسان کيس سڏيوته اي موسى! بيشڪ مان ئي خود الله آهيان سمورن جھانن جو پالڻھار!(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جڏهن موسيٰ (عليه السلام) اتي پهتا ته وادي (طور) جي ساڄي پاسي کان برڪت واري مقام ۾ (واقع) هڪ وڻ مان آواز ڏنو ويو ته اي موسيٰ! بيشڪ آئون ئي الله آهيان (جيڪو) تمام جهانن جو پروردگار (آهيان).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ جڏهن موسيٰ ان باهه وٽ پهتو ته واديءَ اَيمَن جي ڪناري تي برڪت واري جاءِ ۾ هڪ وڻ مان رباني صدا آيس ته؛ اي موسى ! (اها باهه ناهي جنهن لاءِ تون ڊوڙيو آهين، بلڪه اِهو) مان آهيان- الله! سڄي جهان جو پالڻهار. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَن أَلقِ عَصاكَ فَلَمّا رَءاها تَهتَزُّ كَأَنَّها جانٌّ وَلّىٰ مُدبِرًا وَلَم يُعَقِّب يٰموسىٰ أَقبِل وَلا تَخَف إِنَّكَ مِنَ الءامِنينَ (آيت : 31) |
۽ تون پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺيرو ٿي منھن موڙيائين ۽ پوئتي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي موسىٰ اوري اچ ۽ نه ڊڄ، جو بيشڪ تون امن وارن مان آھين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي موسيٰ!) پنهنجي لٺ اڇلاءِ، (لٺ اڇلايائين ته نانگ ٿي پيئي) پوءِ جڏهن ان کي اهڙيءَ طرح چرندو ڏٺائين جو ڄڻ ته وڏي بلا آهي، تڏهن پٺي ڏيئي وٺي ڀڳو ۽ هڪ قدم به پوئتي نه موٽيو. (تنهن تي اسان کيس فرمايو ته) اي موسيٰ (موٽي) وڌي اچ ۽ ڊڄ نه، ڇو ته تون هتي امن امان هيٺ بلڪل سلامت آهين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ تون پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ، پوءِ جڏهن موسيٰ ڏٺو ته اها چُري ٿي گوياڪ اِها هڪ وڏو نانگ هئي، موسيٰ پُٺي ڏئي روانو ٿيو ۽ پويان وري نه ڏٺائين، الله تعالى فرمايو اي موسيٰ تون سامهون ٿي ۽ خوف نه ڪر، بيشڪ تون امن وارو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون پنهنجي لٺ اڇل! پوءِ جڏهن (اڇليائين ته) ان کي اهڙي طرح چرندو (۽ هلندو) ڏٺائين ڄڻ اها (جيئري) ازدها آهي ته پٺ ڏيئي ڦريو ۽ پوئتي (منهن موڙي به) نه ڏٺائين. (ته اسان فرمايس ته) اي موسى اڳي اچ ۽ نه ڊڄ! تون هر طرح امن امان ۾ آهين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اڇلاءِ تون لٺ پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي ته چري ٿي ڄڻ ته اها نانگ آهي ته منهن موڙيائين پٺي ڏيندڙ ۽ نه پوئتي موٽيو اي موسى! سامهون اچ نه ڊپ ڪر بيشڪ تون امن وارن مان آهين .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون پنهنجي لٺ اڇل، پوءِ جڏهن ان کي چُرندو ڏٺائين ڄڻ ته اها نانگ آهي ته پٺ ڏيئي ڦريو ۽ پوئتي (منهن موڙي به) نه ڏٺائين (چيوسون ته) اي موسيٰ! اڳي اچ ۽ نه ڊڄ! بيشڪ توکي ڪنهن قسم جو ڊپ نه آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (هي به کيس چيو ويو ته:) ”تون پنهنجي لٺ کي اڇلاءِ. پوءِ جڏهن ان کي چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُهو نانگ آهي ته پُٺ ورائي ڊوڙڻ لڳو، ۽ پوئتي نه پئي ڏٺائين. (آواز آيو): ”اي موسى! اڳتي اچ ۽ نه ڊڄ. بيشڪ تون امن وارن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُڇَل لَٺ تُنهنجِي، پوءِ، وٽبِي ڏِٺائـِين جِنهن وار، ڪَرڪارو نانگ ڪَنڌار، وريو پُٺِيرو پوئتي. ۽ پير نه پاتئـِين پوئتي، چي، مِهتر مُوسٰى! وَر، خَطرو، خوف نه ڪر، تون اَمانِيَن مان آهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون پنهنجي لٺ اڇل! ”پوءِ جنهن مهل ان کي ڏٺائين ته ڄڻ نانگ وانگر ٿي چري ته پٺيرو ٿي منهن ڦيرايائين۽ پوئتي نه موٽيو_ (چيوسون) ”اي موسيٰ اوري اچ ۽ ڊپ نه ڪر، بيشڪ تون امن مليل آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (حڪم ڏنو ويس ته) اڇلاءِ پنهنجي لٺ، جيئن ئي موسيٰ ڏٺو ته اها لٺ نانگ وانگر ٿي وئي ته هو پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوئتي نه ڏٺائين، (فرمايو ويس) "موسيٰ موٽي اچ ۽ ڊڄ نه، تون بلڪل محفوظ آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اڇل پنهنجي لٺ کي، پوءِ جڏهن ڏٺائين ان کي چُرندي ور پئي کائي نانگ وانگر، ته ڦِريو پٺ ڏئي (منهن موڙي) ۽ پوئتي نه ڏٺائين، (فرمايو ويو) اي موسيٰ! موٽي اچ ڊپ نه ڪر، بيشڪ تون بلڪل محفوظ آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون پنھنجي لٺ (زمين تي) اڇلاءِ ته هُن فوراً لٺ کي ڏٺو ته هو ور وڪڙ کائيندي نانگ هو. پوءِ هو پويان پير ڪري وٺي ڀڳو ۽ پوئتي نهاريائين به نه. (اسان کيس چيو ته) اي موسى! واپس اچ ۽ ڊڄ نه. بيشڪ تون محفوظ آهين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اهو ته پنهنجي لٺ (زمين تي) اڇلاءِ پوءِ جڏهن موسيٰ (عليه السلام) ان کي ڏٺو ته اُها تيز لهرائيندي وٽ سٽ کائيندي چُرپُر پئي ڪري ڄڻ اُها نانگ آهي، ته پٺ ڦيري روانا ٿيا ۽ پوئتي مڙي به نه ڏٺائون، (ندا آئي) اي موسيٰ! سامهون اچ ۽ ڊپ نه ڪر، بيشڪ تون امن لڌل ماڻهن مان آهين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اي موسى! پنهنجي لٺ اڇل، جڏهن موسى لٺ کي ڏٺو ته اها نانگ جيان چرپر ڪري رهي هئي. هو ڊنو ۽ پٺي ڏئي وٺي ڀڳو ۽ پٺتي نه واجهايائين. (الله چيس؛) اي موسى ! اڳتي وڌ، (ڇاڪاڻ جو توکي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ئي اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو آهي) ۽ ڊڄ نه، تون هميشه امن ۾ رهندين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
اسلُك يَدَكَ فى جَيبِكَ تَخرُج بَيضاءَ مِن غَيرِ سوءٍ وَاضمُم إِلَيكَ جَناحَكَ مِنَ الرَّهبِ فَذٰنِكَ بُرهٰنانِ مِن رَبِّكَ إِلىٰ فِرعَونَ وَمَلَإِي۟هِ إِنَّهُم كانوا قَومًا فٰسِقينَ (آيت : 32) |
پنھنجو ھٿ گريبان ۾ گھيڙ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن گڏ پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي موسيٰ هاڻ وري) پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهه (پوءِ ڇا ٿيندو جو) اهو هٿ بنا ڪنهن داغ يا خرابيءَ جي چنڊ وانگي چمڪندي ٻاهر ايندو ۽ خوف لاهڻ لاءِ پنهنجو هٿ وري پنهنجي پاسي کي لڳائي ڇڏ. اهي ٻه نشانيون يا معجزا تنهنجي رب جي طرفان فرعون ۽ سندس سردارن (کي سمجهائڻ) لاءِ آهن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هو بيحد بي فرمان بدڪار ماڻهو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) تون پنهنجي ساڄي هٿ کي پنهنجي جيب (گريبان) ۾ داخل ڪر، اهو بنا ڪنهن بيماري جي سفيد ۽ روشن ٿي نڪرندو، ۽ خوف ختم ڪرڻ لاءِ تون پنهنجو هٿ سيني تي رک، پوءِ اهي ٻه معجزا تنهنجي رب جي طرفان فرعون ۽ سندس لشڪر لاءِ آهن، بيشڪ اها گنهگار قوم هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چڱو! پوءِ هي ته) پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجھ ته ڪنهن به عيب کان سواءِ سفيد چمڪندڙ ٿي نڪري ۽ پنهنجيون ٻانهون خوف کان پاڻ ڏي ملاءِ. (ته جيئن خوف وڃي) مطلب ته (عصا ۽ يد بيضا) اهي ٻه دليل فرعون ۽ سندس (درباري) سردارن ڏي تنهنجي پروردگار جي طرفان آهن. بيشڪ اهي بدڪار ماڻهو هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) داخل ڪر هٿ پنهنجو گريبان پنهنجي ۾ ته نڪرندو چمڪندڙ بي عيب ٿي ۽ ڳنڊ پاڻ ڏانهن ٻانهن پنهنجي ڊپ کان پوءِ اهي ٻئي حجتون آهن تنهنجي رب جي طرفان ۽ ان جي لشڪر جي ڏانهن بيشڪ اهي هئا قوم فاسق .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته ڪنهن به عيب کانسواءِ سفيد ٿي نڪري ۽ پنهنجيون ٻانهون خوف کان پاڻ ڏي ملاءِ. پوءِ اهي ٻه دليل فرعون ۽ سندس سردارن ڏي تنهنجي پاليندڙ جي طرفان آهن. بيشڪ اهي نافرمان قوم هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه ته بغير ڪنهن عيب (يا بيماري) جي سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو. ۽ خوف کان (بچڻ لاءِ) پنهنجون ٻانهون پنهنجي (سيني) طرف ملاءِ پوءِ اُهي ٻئي دليل آهن تنهنجي پالڻهار پاران فرعون ۽ ان جي سردارن ڏانهن. بيشڪ اُهي نافرمان قوم آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَنهنجِي گريبان ۾، وِجھ تون هَٿ وينجھار!، نُورانِي نِڪرندو، ڪِنهن مَرض مَٺائـِي ڌار، ۽ هَٿ هِينئي تي ڌار، سونڪي ۽ سراف کان. پوءِ اِهي تُنهنجي آگي ڪنان، ٻَئـِي نِشانيون نُور، فِرعون ۽ سَندسِ فوج ڏي، مُعجزا مَشهور، اُهي موڳا آهن مُور، ڪاڍوڙن جِي قوم ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهه، ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ ڊپ (وڃائڻ) لاءِ سندس ٻانهن کي پاڻ ڏانهن گڏ پوءِ اهي ٻئي حجتون تنهنجي ڌڻيءَ وٽان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن آهن- بيشڪ اهي بدڪار قوم آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجو هٿ گريبان ۾ وجهه، چمڪندڙ ٿي نڪرندو بنا ڪنهن عيب جي ۽ خوف کان بچڻ لاءِ پنهنجي ٻانهن ڀڪوڙي ڇڏ، اهي ٻئي چٽيون نشانيون اٿيئي تنهنجي رب وٽان، فرعون ۽ سندس درٻارين جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ ، اهي ڏاڍا نافرمان ماڻهو آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پنهنجو هٿ ڪڇ ۾ وجهه ڪڍ ته چمڪندڙ ٿي نڪرندو بنا ڪنهن تڪليف جي ۽ پنهنجون ٻانهون پاڻ ۾ ڀڪوڙي ڇڏ خوف کان، پوءِ اهي کڻي وڃ ٻئي نشانيون پنهنجي رب جي طرفان فرعون ۽ سندس سردارن ڏي، بيشڪ اهي وڏا بي چيا ماڻهو آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ پنھنجي هٿ کي بغل ۾ وجهه، هاڻي هو بغير ڪنھن تڪليف جي روشن ٿي نڪرندو ۽ خوف کان بچڻ لاءِ تون پنھنجي ٻنهي ٻَانهُن کي پاڻ ۾ زور سان ملاءِ. تنھنجي پالڻھار جي طرفان فرعون ۽ سندس سردارن لاءِ هي ٻه نشانيون اٿئي. بيشڪ اُهي وڏا نافرمان ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پنهنجو هٿ پنهنجي گريبان ۾ وجهه اُهو بنا ڪنهن عيب جي اڇو چمڪدار ٿي نڪرندو ۽ خوف (دور ڪرڻ جي مقصد) سان پنهنجي ٻانهن پنهنجي (سيني جي) طرف ڀيڪوڙي ڇڏ، پوءِ تنهنجي رب جي طرفان هي ٻه دليل فرعون ۽ ان جي درٻارين جي طرف (موڪلڻ ۽ مشاهدو ڪرائڻ جي لاءِ) آهن، بيشڪ اُهي نافرمان ماڻهو آهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پنهنجي گريبان ۾ هٿ وجهي ڏس، اهو اندران چمڪندي نڪرندو ۽ ان مان توکي ڪوئي طبعي نقصان ڪونه رسندو. جڏهن ڊپ محسوس ڪرين ته پنهنجين ٻانهن کي پاڻ ڏانهن ڪري ملائي وٺ. (اهي) تنهنجي رب جي پاران فرعون ۽ ان جي قوم جي لاءِ ٻه نشانيون آهن. اِهي فرعون وارا اُهي ماڻهو آهن جن خدائي عدالت جو قانون ٽوڙي ڇڏيو ۽ الله جي اطاعت مان نڪري چڪا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ رَبِّ إِنّى قَتَلتُ مِنهُم نَفسًا فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 33) |
چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منجھائن ھڪ شخص کي مون ماريو آھي تنھنڪري آءٌ پنھنجي مارجڻ کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ چيو ته اي منهنجا رب! مون انهن ماڻهن مان هڪڙي شخص کي قتل ڪري وڌو هو. سو مون کي ڊپ آهي ته هو مون کي قتل ڪري ڇڏيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون انهن مان هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو آهي، پوءِ مون کي ڊپ آهي ته متان اهي مون کي قتل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى عرض ڪيو ته منهنجا پالڻهار! بيشڪ انهن مان هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل نه ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بلاشڪ مون قتل ڪيو انهن مان هڪ شخص کي پوءِ دڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اي منهنجا پاليندڙ بيشڪ مون انهن مان هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مونکي قتل ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اي منهنجا مالڪ! مون انهن مان هڪ شخص کي قتل ڪيو هيو سو آءٌ ڊڄان ٿو ته اُهي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيَمِ ربَّ، سَتار! مون ماريو ماڻهو اُنهن مَنجھان، پوءِ پو ڀانيانٿو ته ڪن مون، خُون ڪنان خار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي منهنجا ڌڻي! مون هنن مان هڪ شخص کي ماريو آهي، سو ڊڄان ٿو ته، مون کي ماري وجهن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ عرض ڪيو ته "اي منهنجا پالڻهار! مان ته سندن هڪ ماڻهو ماريو آهي، ڊڄان ٿو ته هو مون کي ماري ڇڏيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ عرض ڪيو، رب سائين! بيشڪ آئون قتل ڪري چڪو آهيان سندن ماڻهو، ڊڄان ٿو ته اهي مون کي ماري ڇڏيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون انهن جي هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو هو. سو مون کي ڀؤ آهي ته هُو مون کي (بدلي ۾) ڪٿي قتل نه ڪري وجهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (موسيٰ عليه السلام) عرض ڪيو: اي پالڻهار! مون انهن مان هڪ شخص کي قتل ڪيو هو سو آئون ڊڄان ٿو ته اُهي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) موسى چيو؛ يا رب! مون انهن جي قوم جو هڪ ماڻهو ماري وڌو هيو، مان ڊڄان ٿو ته (پيغام پهچائڻ کان اڳئي) ان جي پلاند ۾ هو مون کي نه ماري وجهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَخى هٰرونُ هُوَ أَفصَحُ مِنّى لِسانًا فَأَرسِلهُ مَعِىَ رِدءًا يُصَدِّقُنى إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 34) |
۽ منھنجو ڀاءُ ھارون مون کان زبان جي ڪري وڌيڪ چٽو ڳالھائيندڙ آھي تنھنڪري اُن کي مون سان مدد ڏيندڙ ڪري موڪل ته منھنجي تصديق ڪري ڇوته آءٌ پنھنجي ڪوڙي ٿيڻ کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي رب منهنجا) منهنجو ڀاءِ هارون مون کان وڌيڪ سٺو ڳالهائڻو آهي. سو مون سان گڏ هن کي به (پيغمبر ڪري) موڪل ته منهنجو مددگار ٿئي ۽ منهنجي ڳالهه کي ٽيڪو ڏئي (۽ تائيد ڪري) ڇو ته مون کي خوف آهي ته اهي (بدڪار) مون کي ڪوڙو سمجهي منهنجي ڳالهه نه مڃيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون آهي اهو مون کان وڌيڪ صاف ڳالهائيندڙ آهي پوءِ تون ان کي منهنجو مددگار ڪري موڪل ته اهو منهنجي تصديق ڪري، بيشڪ مون کي خوف آهي اهي مون کي ڪوڙو سمجھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منهنجي ڀاءُ هارون جي زبان مون کان زياده چٽي آهي سو تون ان کي مون سان مددگار ڪري موڪل ته منهنجي تصديق ڪري، آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون اهو وڌيڪ چٽو آهي مون کان زبان جي لحاظ سان پوءِ پيغمبر بنائي موڪل ان کي مون سان گڏ مدد ڪندڙ تصديق ڪري منهنجي بيشڪ مان ڊڄان ٿو ته ڪوڙو چون مون کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي ڀاءُ هارون جي زبان مون کان زياده چٽي آهي سو تون ان کي مون سان مددگار ڪري موڪل ته منهنجي تصديق ڪري، آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون اُهو مون کان وڌيڪ چِٽي زبان وارو آهي سو ان کي مون سان گڏ مددگار بنائي موڪل ته منهنجي تصديق ڪري، بلاشڪ آءٌ هن ڳالهه کان (به) ڊڄان ٿو ته اهي مون کي ڪوڙو چوندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مون کان چِٽو چوڻ ۾، هارُون آهي هوشيار، پوءِ مون سان موڪل اُن کي، ٻِيلِي ڪر ٻِيهار، سَچي ساک مُنهنجي ڏئي، گوهر مَنجھ گُفتار، آءٌ ڏَران ٿو ڏاتار!، ته متان ڪُوڙ ڪن مونکي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون مون کان وڌيڪ چٽو ڳالهائيندڙ آهي، تنهن ڪري ان کي مون ساڻ مدد ڏيندڙ ڪري موڪل، جو منهنجي سچائي بيان ڪري، ڇو ته آءُ ڊڄان ٿو ته هو مون کي ڪوڙو چوندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون مون کان وڌيڪ ڳالهائڻو آهي، هن کي مون سان گڏ ٻانهن ٻيلي ڪري موڪل، تانته منهنجي ڳالهه جي تصديق ڪري. مان ته ڊڄان ٿو ته هو مون کي ڪوڙو ڀانئيندا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون وڌيڪ چِٽو آهي مون کان زبان ۾، تنهن ڪري ان کي موڪل منهنجو مددگار ڪري جيئن اهو منهنجي تائيد ڪري، مون کي شڪ آهي ته اهي مون کي ڪوڙو ڀائيندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجو ڀاءُ هارون مون کان وڌيڪ فصاحت سان ڳالهائڻ وارو آهي سو ان کي مون سان مددگار طور موڪل ته جيئن هو منھنجي تصديق ڪري. مان ڊڄان ٿو ته (مون اڪيلي کي ته) هو ڪوڙو ڪري ڇڏيندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ منهنجو ڀاءُ هارون (عليه السلام)، اُهو زبان ۾ مون کان وڌيڪ فصيح آهن سو ان کي مون سان گڏ مددگار بڻائي موڪل ته اُهو منهنجي تصديق ڪري سگهي آئون ان ڳالهه کان (به) ڊڄان ٿو ته (اُهي) مون کي ڪوڙو چوندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) منهنجو ڀاءُ هارون، مون کان وڌيڪ فصيح الِلّسان آهي، ان کي منهنجو حامي ڪري مون سان ساڻ ڪريج ته هو منهنجي تصديق ڪري. مان ڊڄان ٿو ته هو مون کي ڪوڙو چئي ردّ نه ڪري ڇڏين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخيكَ وَنَجعَلُ لَكُما سُلطٰنًا فَلا يَصِلونَ إِلَيكُما بِـٔايٰتِنا أَنتُما وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الغٰلِبونَ (آيت : 35) |
(الله) چيو ته سِگھو تنھنجا بازو تنھنجي ڀاءُ سان مُحڪم ڪنداسون ۽ اوھان کي غلبو ڏينداسون پوءِ (اُھي) اوھان ڏانھن (ايذاءَ لاءِ) پھچي نه سگھندا، ۽ اسانجي پڌرن معجزن سببان، اوھين ٻئي ۽ جيڪي اوھان جي پُٺيان لڳا سي غالب رھندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ (تنهن تي حضرت موسيٰ کي) فرمايو ته، اسان تنهنجي ڀاءُ (کي تو سان ٻانهن ٻيلي ڪرڻ) سان تنهنجا بازو مضبوط ڪنداسين ۽ توهان ٻنهي کي سند ۽ اختيار ڏينداسين هو توهان کي ڇهي به نه سگهندا (يعني توهان جو وار به ونگو نه ڪري سگهندا). توهان ٻئي ۽ توهان جي پيروي ڪندڙ اسان جي نشانين ۽ معجزن جي وسيلي غالب رهندؤ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو آئون جلد تنهنجي ڀاءُ سان توکي مضبوط بنائيندس ۽ توهان ٻنهي کي حجت عطا ڪندس پوءِ اهي اسان جي نشانين سببان توهان تائين پهچي نه سگھندا، توهان ۽ توهان جا پيروي ڪندڙ غالب ٿيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا فرمايو ته اسين تنهنجو بازو تنهنجي ڀاءُ سان مضبوط ڪنداسون ۽ اوهان کي غلبو ڏينداسون (ته) پوءِ اوهان ٻنهي تائين اهي پهچي نه سگهندا، اسان جي معجزن ڪري، اوهين ٻئي ۽ جيڪي اوهان جا تابع ٿيا غالب ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته جلد مضبوط ڪنداسين ٻانهن تنهنجي، تنهنجي ڀاءُ سان ۽ ڪنداسون اوهان جي لاءِ غلبو پوءِ نه پهچي سگهندا اوهان ڏانهن اوهان ٻئي ۽ جيڪي تابع ٿيا اوهان جا غالب آهيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته اسين تنهنجو بازو تنهنجي ڀاءُ سان مضبوط ڪنداسون ۽ اوهان کي غلبو ڏينداسون پوءِ اوهان ٻنهين تائين اهي پهچي نه سگهندا، اسان جي آيتن جي ڪري اوهين ٻئي ۽ جيڪي اوهان جا تابع ٿيا غالب ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”سگهو ئي اسان تنهنجي ٻانهن تنهنجي ڀاءُ جي ذريعي مضبوط ڪنداسين ۽ اسان اوهان ٻنهين کي غلبو ڏينداسين جو اُهي اوهان ٻنهين تائين پهچي نه سگهندا .. اسان جي نشانين سبب .. اوهان ٻئي ۽ جنهن به اوهان جي پيروي ڪئي غالب رهندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ٻانھ ٻِيلي تُنهنجو، بِلڪُل ڪنداسون ڀاء، ۽ مُقرّر ڪنداسون مُلڪ ۾، طاقت توهان لاءِ، پوءِ اوهان کي اَصل ئـِي، هو نه سگھنِ هَٿ لاءِ، اَوهين ۽ تابع اَهنجامُنهنجي حُڪمن سان هَرجاءِ، دُرست ڪريو دِلجاءِ، ته سڀ سوڀارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جلدي ئي تنهنجون ٻانهون تنهنجي ڀاءُ سان مضبوط ڪنداسون ۽ اوهان کي پنهنجي معجزن سان غلبو ڏينداسون، جو اوهان تي پُڙي نه سگهندا_ اوهين ۽ اوهان جا پوئلڳ ئي غالب رهندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "اسان تنهنجي ڀاءُ وسيلي تنهنجا هٿ مضبوط ڪنداسون ۽ توهان ٻنهي جو اهڙو ڌاڪو ڄمائينداسون، جو هو توهان جو وار به ونگو نه ڪري سگهندا. اسانجي نشانين جي زور تي سوڀ توهان جي ۽ توهان جي پوئلڳن جي ئي ٿيندي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو، اسان مضبوط ڪنداسين تنهنجا هٿ تنهنجي ڀاءُ سان ۽ ڏينداسين اهڙو غلبو توهان ٻنهي کي، جو اهي توهان جو وار به وِنگو نه ڪري سگهندا. اسان جي نشانين جي زور تي توهان کي ئي پوئلڳن سميت غلبو رهندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (الله رب العزت) فرمايو ته (ٺيڪ آ) اسان توکي تنھنجي ڀاءُ جي ذريعي مضبوط ڪنداسين ۽ توهان ٻنهي کي اهڙو غلبو ڏينداسين جو هو ماڻهو توهان تائين پھچي ئي نه سگهندا. اسان جي نشانين هوندي توهان ٻئي ۽ توهان جا پيروڪار ئي غالب رهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ارشاد فرمايائين: اسان تنهنجي ٻانهن تنهنجي ڀاءُ جي ذريعي مضبوط ڪنداسين. ۽ اسان توهان ٻنهي جي لاءِ (ماڻهن جي دلين ۾ ۽ توهان جي ڪوششن ۾) دٻدٻو ۽ غلبو پيدا ڪري ٿا ڇڏيون. پوءِ اُهي اسان جي نشانين جي ڪري توهان تائين (تڪليف پهچائڻ جي لاءِ) نه پهچي سگهندا، توهان ٻئي ۽ جيڪي ماڻهو توهان جي پيروي ڪندا غالب رهندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (الله چيو): اسان تنهنجي ڀاءُ جي ذريعي تنهنجا ڏورا مضبوط ڪري ڇڏينداسون ۽ توهان ٻنهي کي پنهنجي معجزن جي برڪت سان اهڙو غلبو عطا ڪنداسين جو اهي ماڻهو توهان ڏانهن پهچي به نه سگهندا، صرف توهان کي ۽ توهان جي ساٿين کي ئي غلبو حاصل هوندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا جاءَهُم موسىٰ بِـٔايٰتِنا بَيِّنٰتٍ قالوا ما هٰذا إِلّا سِحرٌ مُفتَرًى وَما سَمِعنا بِهٰذا فى ءابائِنَا الأَوَّلينَ (آيت : 36) |
پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي پڌرن معجزن سان وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيء رڳو ٺاھوڪو جادو آھي ۽ اِھا ڳالھ پنھنجن پھرين پيءُ ڏاڏن ۾ نه ٻُڌي سون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن حضرت موسيٰ انهن ڏانهن (يعني فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن) اسان جي چٽين نشانين سان آيو تڏهن هنن چيو ته، هي ڪجهه نه آهي، هي ته رڳو هٿرادو ٺهيل جادوءَ جو کيل آهي. ۽ اسان اهي ڳالهيون (توحيد، رسالت ۽ وحي جون) ته پنهنجي اڳوڻن ابن ڏاڏن کان ڪڏهن به ڪونه ٻڌيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن وٽ (حضرت) موسيٰ اسان جي واضح نشانين سا تشريف فرما ٿيو (فرعونين) چيو ناهي هي مگر هٿرادو جادوگر ۽ اسان پنهنجي اڳين وڏن ۾ اهڙو ماڻهو نه ٻُڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) الغرض، جڏهن موسى وٽن اسان جا معجزا کڻي آيو جيڪي ظاهر هئا (تڏهن به) چيائون ته هيءَ رڳو هٿرادو جادو آهي، ۽ اها ڳالھ ته اسان پنهنجن ابن ڏاڏن ۾ (به) نه ٻڌي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ موسى اسان جي روشن نشانين سان ته چيائون ناهي هي مگر جادو ٺاهيل ۽ نه ٻڌو اسان هي پنهنجن ابن ڏاڏن پهرين ۾ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن موسيٰ وٽن اسان جون آيتون کڻي آيو جيڪي چٽيون هيون (تڏهن به) چيائون ته هيءَ رڳو هٿراڌو جادو آهي، ۽ اها ڳالهه اسان پنهنجن اڳين ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن موسى انهن وٽ اسان جون چِٽيون نشانيون کڻي آيو چيائون ته: ”هي من گهڙت جادو کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ۽ اسان اِها ڳالهه پنهنجي اڳين ابن ڏاڏن ۾ (ڪڏهن به) نه ٻڌي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن مُوسٰى مُعجزا، آيُنِ کَڻِي اِظهار، آکيون، ته اَصل نه آهي، هِي جادو جُڙتو ڌار، ۽ اَسان جي پِيَنِ پهرين ۾، جي وَڏا هُئا وِينجھار، اِهڙِي پِرت پَچار، ڪانه ٻُڌِيسون ڪَڏِهن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن موسيٰ وٽن اسان جي چٽين نشانين سان آيو، ته چيائون ”هي ته رڳو هٿرادو جادو آهي ۽ اسان ههڙي ڳالهه پنهنجن اڳين وڏن کان ڪانه ٻُڌي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن موسيٰ اسان جون چٽيون نشانيون کڻي وٽن پهتو ته انهن چيو ته "اهو ته رڳو هٿراڌو جادو آهي ۽ اهي ڳالهيون ته اسان پنهنجي ابي ڏاڏي جي زماني ۾ ڪڏهن ٻڌيون ئي ناهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن انهن وٽ پهتو موسيٰ اسان جون نشانيون چٽيون کڻي ته انهن چيو، اهو ڇاهي، سواءِ بناوٽي جادو جي ڪجهه به نه آهي ۽ اهي ڳالهيون ٻڌيون ئي ناهن اسان پنهنجي ابن ڏاڏن جي زماني کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن موسى ($) اُنهن وٽ اسان جون واضح نشانيون کڻي آيو ته انهن چيو ته اهو توهان جو هٿ جو ٺاهيل جادو آهي. اسان ته اهي ڳالهيون ابن ڏاڏن جي دؤر ۾ ٻڌيون ئي ڪونه هيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن موسيٰ (عليه السلام) انهن وٽ اسان جون پڌريون ۽ روشن نشانيون کڻي آيا ته اُهي ماڻهو چوڻ لڳا ته هي ته هٿرادو جادو کانسواءِ (ڪجهه) نه آهي. ۽ اسان اِهي ڳالهيون پنهنجي اڳين ابن ۽ ڏاڏن ۾ (ڪڏهن به) نه ٻڌيون هيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ جڏهن موسى، وٽن اسان جون پڌريون نشانيون کڻي ويو ته انهن چيس؛ هي ته نسورو جادو آهي (جيڪو الله ڏانهن غلط منسوب ڪيو ويو آهي) ۽ اهڙي ڳالهه ته اسان پنهنجي پهرين وڏن ۾ به ڪڏهن ڪانه ٻڌي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَ موسىٰ رَبّى أَعلَمُ بِمَن جاءَ بِالهُدىٰ مِن عِندِهِ وَمَن تَكونُ لَهُ عٰقِبَةُ الدّارِ إِنَّهُ لا يُفلِحُ الظّٰلِمونَ (آيت : 37) |
۽ مُوسىٰ چيو ته منھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي وڌيڪ ڄاڻندو آھي جنھن وٽانئس ھدايت آندي آھي ۽ جنھن لاءِ (آخرت ۾) موچاري عاقبت جو گھر آھي، بيشڪ ظالم نه ڇُٽندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) حضرت موسيٰ فرمايو ته، (توهان مڃو يا نه مڃو پر) منهنجو رب انهيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪو وٽانئس هدايت (۽ حڪم ۽ پيغام) کڻي آيو آهي ۽ جنهن جي لاءِ عاقبت جو (چڱو) گهر آهي. (يعني جنهن جي پڇاڙي چڱي ٿيندي) ۽ هيءُ به يقين آهي ته ظالم ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ موسيٰ چيو منهنجو رب وڌيڪ ڄاڻي ٿو جيڪو ٻانهو ان وٽان هدايت آڻي ٿو ۽ اهو وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته چڱي آخرت ڪنهنجي ٿيندي، بيشڪ ظالم ڪامياب نٿا ٿين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ موسى چيو ته، منهنجو پروردگار ان شخص کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو جنهن وٽس هدايت آندي، ۽ ان کي به جنهن لاءِ (آخرت جو گهر آهن، هي ڳالھ يقيني آهي ته ظالم ڪامياب نه ٿيندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو موسى رب منهنجو وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ان کي جنهن آندي هدايت ان وٽان ۽ ان کي جو هوندو ان لاءِ چڱي پڇاڙيءَ جو گهر بيشڪ نه ڪامياب ٿيندا ظالم .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ () چيو ته منهنجو پاليندڙ ان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جنهن وٽانس هدايت آندي، ۽ ان کي به جنهن جي (هن) جهان ۾ چٽي پڇاڙي ٿيندي. هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته ظالم ڪامياب نه ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ موسى چيو ته: ”منهنجو پالڻهار ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جيڪو ان وٽان هدايت کڻي آيو آهي ۽ ان کي به جنهن لاءِ آخرت جو گهر هوندو. بيشڪ ظالم ماڻهو ڪاميابي ڪونه ماڻيندا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى چَيو ته مُون ڌَڻِي، آهي صَحِي سَمجھدار، ته آنِدي ڪِنهن اُن وَتان، سُونهپ پريئـِين پار، اُهو ڪِهڙو آهي، جنهن لئي، پَڇاڙِيءَ پَت ڪار؟ ظالمِ زيان ڪار، ڪڏهِين ڇُٽندا ڪِين ڪِي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موسيٰ چيو ”منهنجو ڌڻي انهي کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جنهن وٽانئس هدايت آندي آهي ۽ جنهن لاءِ موچاريءَ پڇاڙيءَ جو گهر آهي_ پڪ آهي ته ظالمن کي ڇوٽڪارو حاصل نه ٿيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنو: "منهنجو رب ته انهيءَ شخص کي چڱيءَ طرح ٿو سڃاڻي، جيڪو وٽانئس هدايت کڻي آيو آهي ۽ اهوئي ٿو بهتر ڄاڻي ته پڇاڙي ڪنهن جي موچاري ٿيڻي آهي. اصل ڳالهه اها آهي ته ظالم ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جواب ۾ چيو موسيٰ، منهنجو پالڻهار ته ان شخص جي حال کي جنهن هدايت آندي آهي ان جي طرفان ۽ اهو ئي چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته آخري نتيجو ڪنهن جو چڱو ٿيندو، بيشڪ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ظالم(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ موسى ($) چيو ته منھنجو پالڻھار ئي ان ماڻهوءَ جي حال کان خوب واقف آهي جيڪو ان جي طرفان ئي هدايت کڻي آيو آهي ۽ اُن کي ئي وڌيڪ خبر آهي ته پڇاڙي ڪنھن جي چڱي ٿيندي؟ بيشڪ ظالم ماڻهو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ موسيٰ (عليه السلام) چيو: منهنجو رب ان کي خوب ڄاڻي ٿو جيڪو ان وٽان هدايت وٺي آيو آهي ۽ ان کي (به) جنهن جي لاءِ آخرت جي گهر جو انجام (بهتر) هوندو، بيشڪ ظالم ڇوٽڪارو نه لهندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ موسى چيو؛ (لوڪو! مون کي ٺڪرائڻ جي تڪڙ نه ڪريو) خدا ڀليءَ ڀَت ڄاڻي ٿو ته ڪير وٽانئس سچائي کڻي آيو آهي ۽ آخرڪار ڪنهن جي حق ۾ نتيجو نڪرڻو آهي. يقيناً خدا ناحق تي هلندڙ ماڻهن کي ڪڏهن به ڪامياب ناهي ڪندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَ فِرعَونُ يٰأَيُّهَا المَلَأُ ما عَلِمتُ لَكُم مِن إِلٰهٍ غَيرى فَأَوقِد لى يٰهٰمٰنُ عَلَى الطّينِ فَاجعَل لى صَرحًا لَعَلّى أَطَّلِعُ إِلىٰ إِلٰهِ موسىٰ وَإِنّى لَأَظُنُّهُ مِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 38) |
۽ فِرعون چيو ته اي سردارؤ مون اوھان لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪو ٻيو معبود نه ڄاتو آھي، پوءِ اي ھامان مون لاءِ سرن جو (کورو) ٻار پوءِ مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مان موسىٰ جي معبُود ڏانھن چڙھان ۽ آءٌ بيشڪ کيس ڪُوڙن مان ڀانيان ٿو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون چيو ته، اي سردارؤ! مان ته ڄاڻان ٿو ته مون کان سواءِ توهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. اي هامان! تون منهنجي لاءِ مٽيءَ جي سرن کي کوري ۾ پچاراءِ ۽ پوءِ هڪ وڏي مٿاهين محلات تيار ڪراءِ ته مان مٿي چڙهي موسيٰ جي معبود کي ڏسان، اگرچه مون کي ته پنهنجي سر يقين آهي ته هو ڪوڙو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ فرعون چيو اي منهنجا درباريو مون کي معلوم آهي ته مون کانسواءِ توهان جو ڪو معبود ناهي، پوءِ اي هامان تون مون لاءِ گاري مان پڪيون سرون پچاءِ پوءِ تون ان مان منهنجي لاءِ هڪ بلند مُنارو تعمير ڪر جيئن آئون موسيٰ جي معبود کي ڏسي سگھان ۽ بيشڪ مون کي يقين آهي ته اهو ڪوڙن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اهو ٻڌي) فرعون چيو، اي منهنجي دربار جا سردارو! مون کي پاڻ (پنهنجي سر) کان سواءِ اوهان جو ڪو به پروردگار معلوم نه آهي. سو اي هامان! (وزير) تون منهنجي لاءِ سرن جي کوري کي ٻار (۽) پوءِ مون لاءِ هڪ مضبوط محلات بناءِ! من آءُ موسى جي خدا کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ ان کي ڪوڙن مان خيال ڪريان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو فرعون اي سردارؤ! نه ڄاتو مون اوهان لاءِ ڪو معبود پاڻ کان سواءِ پوءِ ٻار مون لاءِ اي هامان! مٽيءَ جي مٿان پوءِ ٺاهه مون لاءِ ماڙي تانته چڙهي وڃان مان موسى جي معبود ڏانهن ۽ بيشڪ مان البته ڀايان ٿو ان کي ڪوڙن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ فرعون چيو ته اي سردارو! مونکي پاڻ کان سواءِ اوهان جو ڪو حاڪم معلوم نه آهي، سو اي هامان! مون لاءِ سرن جي کوري کي ٻار پوءِ مون لاءِ هڪ محلات بناءِ! مَنَ آءُ موسيٰ () جي معبود کي نهاري ڏسان ۽ بيشڪ آءُ ان کي ڪوڙن مان خيال ڪريان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون چيو ته: ”اي درباريو! آءٌ اوهان لاءِ پاڻ کان سواءِ ٻيو ڪو معبود نه ٿو ڄاڻان، سو اي هامان منهنجي لاءِ مٽي (جي سِرن کي) باهه تي پچاءِ، پوءِ مون لاءِ هڪ اونچي عمارت بناءِ من آءٌ (ان تي چڙهي) موسى جي معبود کي ڏسي سگهان ۽ بيشڪ آءٌ ان کي ڪوڙن مان گمان ڪيان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ فِرعون اُتي فَرمايو، اي دَرٻارِي دِيوان! مُون ڌاران، ڌڻي اَهنجو، نه ڀانيان بي گُمان، مِٽيء مَٿي مَچ ٻارڪو، هِڪدم اي هامان!، اَڏ اُڏام کَٽلڙِي، مون لئي ڪو مَڪان، مالِڪ مُوسٰى جو، چَڙهِي مَٿاهون مانَ! ۽ جُوٺن، مان جھان، بِلڪُل ڀانيان اُن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ فرعون چيو ”اي سردارو! مون کي ته اوهان لاءِ پاڻ کان سواءِ ٻيو سائين ڪو نه ٿو سُجهي_ پوءِ اي هامان! مون لاءِ کورو پچاءِ، پوءِ مون لاءِ هڪڙي ماڙي ٺاهه، ته آءُ اميد ته موسيٰ جي سائينءَ ڏي چڙهندس ۽ آءُ پڪ هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ فرعون چيو ته "اي درٻار وارؤ! مان ته پاڻ کان سواءِ توهان جي ٻئي ڪنهن خدا کي سڃاڻان ئي نٿو. هامان، تون سرون پچرائي منهنجي لاءِ ڪا اوچي ماڙي ٺهراءِ ته ان تي چڙهي مــَـن ڪو موسيٰ جي الله کي ڏسي سگهان، مان ته هن کي ڪوڙو ٿو سمجهان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ فرعون چيو، اي درٻار وارؤ (معزز ساٿيو)! آئون ته نٿو ڄاڻان پاڻ کان سواءِ توهان جو خدا ڪنهن کي به (ڪڏهن به)، تون اوچو محل بناءِ اي هامان! سرون پچرائي منهنجي لاءِ، شايد ان تي چڙهي آئون ڏسي سگهان موسيٰ جي خدا کي، ۽ سچ پچ ته منهنجي خيال ۾ اهو بلڪل ڪوڙو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته اي سردارو! مان ته پاڻ کان سواءِ توهان جو ٻيو ڪو معبود نٿو سمجهان. اي هامان! تون باهه ۾ سِرُون پچائي تيار ڪر ۽ منھنجي لاءِ هڪ وڏي ماڙي ٺاهه ته جيئن مان ان تي چڙهي موسى جي معبود کي ڏسي وٺان. مان ته کيس ڪوڙو ٿو سمجهان. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ فرعون چيو: اي درٻاريو! آئون توهان جي لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪوبه معبود نٿو ڄاڻان. اي هامان! منهنجي لاءِ مٽي کي باهه ڏيئي (ڪجهه سرون پچاءِ)، پوءِ منهنجي لاءِ (انهن مان) هڪ اوچي ماڙي تيار ڪر، شايد آئون (ان تي چڙهي) موسيٰ جي خدا تائين رسائي حاصل ڪري سگهان، ۽ آئون ته ان کي ڪوڙ ڳالهائيندڙن مان گمان ڪريان ٿو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ فرعون پنهنجن درٻارين کي چيو؛ مان نه ٿو سمجهان ته توهان جو مون کانسواءِ به ڪو خدا آهي، تنهنڪري اي (مُلان-) هامان! تون منهنجي لاءِ سرون پچرائي هڪ ماڙي ٺهرائي وٺ، (ته ان تي چڙهي) ممڪن آهي مان موسى جي خدا کي ڏسي سگهان ۽ مان ته کيس ڪوڙو ٿو سمجهان! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَاستَكبَرَ هُوَ وَجُنودُهُ فِى الأَرضِ بِغَيرِ الحَقِّ وَظَنّوا أَنَّهُم إِلَينا لا يُرجَعونَ (آيت : 39) |
۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪر ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون ته اُھي اسان ڏانھن نه موٽائبا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ فرعون ۽ سندس لشڪرن ملڪ ۾ ناحق تڪبر ۽ سرڪشي ڪئي ۽ سمجهيائون ٿي ته هو ڪڏهن به اسان وٽ (سزا لاءِ) رجوع ڪونه ڪندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ فرعون ۽ سندس لشڪر ناحق زمين ۾ تڪبر ڪئي ۽ کين گمان هو ته بيشڪ اهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ فرعون ۽ سندس لشڪرن زمين ۾ ناحق (اجائي) وڏائي ڪئي ۽ انهن ماڻهن سمجهيو هو ته اهي ڪڏهن به اسان ڏي موٽايا نه ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تڪبر ڪيو ان ۽ ان جي لشڪر زمين ۾ هرو ڀرو ۽ گمان ڪيائون ته بيشڪ اهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اُن ۽سندس لشڪرن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ خيال ڪيائون ته انهن کي اسان ڏي نه موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ فرعون ۽ ان جي لشڪرن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ گمان ڪيائون ته اُهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُهو ۽ لَشڪر اُن جا، پِيا خُودِيءَ مَنجھ خُوار، ڀُون ۾ بيواجبِي، ڪيؤن تَڪبّر تڪرار، ۽ ڀانيانئون بيڪار، مُور نَه اَسان ڏي موٽيندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن ۽ سندس لشڪر ملڪ ۾ ناحق هٺ ڪيو ۽ ڀانيائون ته هو اسان ڏانهن پڪ سان نه موٽائبا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن ۽ سندس لشڪرن زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ ڀانئيائون پئي ته اسان ڏانهن موٽائي آندا ئي نه ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وڏائي ڏيکاري هن ۽ سندس لشڪر زمين ۾ بنا ڪنهن حق جي ۽ ائين ڀانيو ته کين اسان ڏي موٽڻو ئي ناهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هُن خود ۽ سندس لشڪر زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ اهو سمجهو ته کين اسان جي طرف ڪڏهن موٽڻو ئي ناهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان (فرعون) پاڻ ۽ سندس فوجن ملڪ ۾ ناحق وڏائي ۽ سرڪشي ڪئي ۽ اهو گمان ڪري ويٺا ته اُهي اسان ڏانهن نه موٽايا ويندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) فرعون ۽ ان جي درٻارين، زمين ۾ ناحق هٺُ ڪيو ۽ سمجهي ويٺا ته کين اسان ڏانهن ڪڏهن به ورڻو نه آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَخَذنٰهُ وَجُنودَهُ فَنَبَذنٰهُم فِى اليَمِّ فَانظُر كَيفَ كانَ عٰقِبَةُ الظّٰلِمينَ (آيت : 40) |
پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري اسان کيس ۽ سندس لشڪرن جي پڪڙ ڪئي ۽ انهن کي سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو. سو ڏسو ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ اسان فرعون ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو پوءِ اسان انهن کي درياءَ ۾ اڇلايو، پوءِ ڏسو ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿئي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسين ۽ انهن کي درياءُ ۾اڇلايوسون سو ڏس ظالمن جي پڇاڙي ڪئين بڇڙي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڪڙيوسون ان کي ۽ ان جي لشڪر کي پوءِ اڇلايوسون ان کي سمنڊ ۾ پوءِ ڏس ته ڪهڙي طرح هئي پڇاڙي ظالمن جي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيو سون پوءِ انهن کي درياءَ ۾ اڇلايوسون. سو ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اسان ان کي ۽ سندس لشڪرن کي (عذاب ۾) پڪڙيو پوءِ اسان کين سمنڊ ۾ اڇلايو، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پَڪڙيوسون اُن کي، پڻ سَندسِ سِپاھ، پوءِ اُڇليوسون اُنهن کي، اُونهي مَنجھ اوڙاھ، پوءِ هو، ڪِيئن همراه!، ڏِس، ڏاڍن پويون ڏينهڙو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اسان کين ۽ سندن لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ اڇليو، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي ٿي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ اڇلايوسون. هاڻي ڏسي ڇڏ ته انهن ظالمن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ اسان کيس ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ اڇلي ڇڏيوسين سمنڊ ۾، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي ٿي انهن ظالمن جي پڄاڻي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان ان کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ اڇلايو. ڏسو ته ظالمن جو ڪهڙو انجام ٿيو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اسان ان کي ۽ سندس فوجن کي (عذاب ۾) سوگهو ڪري ورتو ۽ کين درياءُ ۾ اڇلايوسين ته توهان ڏسو ته ظالمن جو انجام ڪهڙو (عبرتناڪ) ٿيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) آخرڪار اسان کيس ۽ سندس ڪامورن کي پڪڙيو ۽ سمنڊ ۾ لوڙهي ڇڏيو، سو ڏسو ته- ظالمن جو ڪهڙو حشر ٿيو! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَجَعَلنٰهُم أَئِمَّةً يَدعونَ إِلَى النّارِ وَيَومَ القِيٰمَةِ لا يُنصَرونَ (آيت : 41) |
۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن) کي باھ ڏانھن سڏيندا ھوا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نه ڏبين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن (ظالمن) کي اهڙو ليڊر بنايو جو (ماڻهن کي) دوزخ جي طرف سڏيندا هئا (يعني ماڻهن کي غلط طريقي تي هلائي دوزخ لاءِ تيار ڪندا هئا) پر قيامت جي ڏينهن (سخت عذاب ۾ پوندا ۽) هنن کي ڪابه مدد ڪانه ملندي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن کي جهنمين جو اڳواڻ بنايو جيڪي انهن کي باه ڏانهن سڏن ٿا، ۽ قيامت جي ڏينهن انهن جي مدد نه ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان انهن کي (گمراهن جو) پيشوا ڪيو جو (ماڻهن کي) دوزخ ڏي سڏيندا رهن ٿا. ۽ قيامت ۾ (اهڙا بي وس هوندا جو) کين (ڪنهن قسم جي) مدد نه ڏني ويندي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بنايوسين انهن کي اڳواڻ سڏين پيا باھ ڏانهن ۽ قيامت جي ڏينهن نه مدد ڪيا ويندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان انهن کي اهڙا اڳواڻ ڪيو جو باهه ڏي سڏيندا رهيا. ۽ قيامت جي ڏينهن انهن کي مدد نه ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کين (دوزخين جو) سرواڻ بنايو جو اُهي دوزخ ڏانهن سڏيندا هئا، ۽ قيامت واري ڏينهن انهن جي مدد نه ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪيوسون، اُنهن امام، ٿي سَڏيون سِڌو باھ ڏي، ۽ ڏاڍي ڏِينهن قِيام، مدد ماڻِيندا ڪانه ڪا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان هنن کي باهه ڏانهن سڏيندڙ اڳواڻ بنايا ۽ قيامت ڏينهن کين ڪا مدد نه ملندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان کين جهنم ڏانهن سڏڻ وارا اڳواڻ بنائي ڇڏيو ۽ قيامت جي ڏينهن هو ڪٿان به ڪا مدد وٺي نه سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان کيس بڻايو اڳواڻ (هڪ) سڏيندڙ (جهنم ڏي) ۽ قيامت جي ڏينهن ته کيس ڪٿان به مدد نه ملندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن کي (دوزخين جو) اڳواڻ بڻايوسين جو اُهي ماڻهن کي (جھنم جي) باهه ڏي سڏيندا هئا ۽ قيامت جي ڏينھن انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان انهن کي (دوزخين جو) اڳواڻ بڻائي ڇڏيو جو اُهي (ماڻهن کي) دوزخ ڏانهن سڏيندا هئا ۽ قيامت جي ڏينهن انهن جي ڪابه مدد نه ڪئي ويندي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان کين دوزخ ڏانهن سڏيندڙن جو اڳواڻ بڻايو ۽ قيامت ڏهاڙي سندن ڪٿان به ڪا واهر ڪانه ٿيندي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَتبَعنٰهُم فى هٰذِهِ الدُّنيا لَعنَةً وَيَومَ القِيٰمَةِ هُم مِنَ المَقبوحينَ (آيت : 42) |
۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون، ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هن دنيا ۾ اسان هنن جي پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي، ۽ قيامت جي ڏينهن به هو انهن ۾ هوندا جيڪي نفرت ۽ ڌڪار جي لائق آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن جي پويان هن دنيا جي حياتي ۾ لعنت موڪلي آهي، ۽ قيامت جي ڏينهن اهي تَڙيلن مان هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن دنيا ۾ سندن پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي آهي ۽ قيامت جي ڏينهن سندن شڪليون بگاڙيون وينديون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پويان لڳائي سون انهن جي هن دنيا ۾ لعنت ۽ قيامت جي ڏينهن اهي بڇڙن مان هوندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هن دنيا ۾ سندن پٺيان لعنت لڳائي سون ۽ قيامت جي ڏينهن اهي تڙيلن مان ٿيندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هن دنيا ۾ انهن جي پٺيان لعنت لڳائي ڇڏي، ۽ قيامت واري ڏينهن اُهي بدحال ماڻهن مان هوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لَعنت لائـِيسونِ پُٺ ۾، دُنيا مُنجھ دَوام، ۽ تَڙيَلنِ مان تمام، مهندان مَحشر ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان هن دنيا ۾ سندن پوئتان لعنت لاتي ۽ قيامت ڏينهن به اهي بڇڙن مان هوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان هن دنيا ۾ لعنت سندن ڪڍ لڳائي ڇڏي ۽ قيامت جي ڏينهن هو بڇڙن مان هوندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان لڳائي ڇڏي انهن جي پٺيان دنيا ۾ لعنت ۽ ڏينهن قيامت جي ته اهي هوندا ورتل وڏي برائيءَ ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان هنن جي مٿان دنيا جي زندگي ۾ لعنت مسلط ڪري ڇڏي ۽ قيامت جي ڏينھن اهي بدترين ماڻهن مان هوندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان انهن جي پٺيان هن دنيا ۾ (به) لعنت لڳائي سين ۽ قيامت جي ڏينهن (به) اُهي بدحال ماڻهن ۾ (شمار) ٿيندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان هن دنيا ۾ سندن پويان ڦٽڪار لائي ڇڏي ۽ قيامت ڏهاڙي، هو بدحالن منجهان هوندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد ءاتَينا موسَى الكِتٰبَ مِن بَعدِ ما أَهلَكنَا القُرونَ الأولىٰ بَصائِرَ لِلنّاسِ وَهُدًى وَرَحمَةً لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 43) |
۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان اڳوڻين امتن کي تباهه ڪرڻ بعد حضرت موسيٰ کي اهڙو ڪتاب (دين ۽ شريعت جو) ڏنو جو (ماڻهن لاءِ) بصيرت ۽ روشني هو ۽ جو سڌي واٽ ڏيکاريندڙ ۽ سراسر رحمت هو. (اهو ڪتاب انهيءَ لاءِ موڪليو ويو) ته ماڻهو نصيحت حاصل ڪن (۽ نيڪ عمل ڪري خوشحال ٿين).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان موسيٰ کي تورات عطا ڪيو ان کان پوءِ جو اسان پهريان ماڻهو هلاڪ ڪيا (اهو تورات) ماڻهن لاءِ حجت ۽ هدايت ۽ رحمت هو (ان لاءِ ته) مَن اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اڳين امتن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ موسى کي ڪتاب (توريت) عطا ڪيوسون جيڪي ماڻهن لاءِ سمورو بصيرت ۽ هدايت ۽ رحمت هو ته من اهي عبرت ۽ نصيحت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق ڏنوسون موسى کي ڪتاب ان کان پوءِ جو هلاڪ ڪيون سون قومون پهريون چٽا دليل ماڻهن جي لاءِ ۽ هدايت ۽ رحمت تانته اهي نصيت وٺن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اڳين جماعتن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ بيشڪ موسيٰ کي ڪتاب ڏنوسون جو ماڻهن لاءِ (سمجهه پيدا ڪرڻ واريون) ڳالهيون ۽ هدايت ۽ رحمت هو ته مَنَ اهي ياد رکن(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بلاشڪ پهرين قومن کي هلاڪ ڪرڻ کان پوءِ اسان موسى کي ڪتاب ڏنو جيڪو ماڻهن لاءِ اکيون کولڻ وارو ۽ هدايت ۽ رحمت هيو ته جيئن اُهي نصيحت پرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِنوسون مُوسٰى کي، تِهان پوءِ تورات، جِھان پوءِ، جَھانَ اڳيان، ماري ڪياسُون مات، اکيون اِنسانن لئي، پڻ ڏَس سِڌو ۽ ڏات، سَنِيها سوغات، سُڻِي سَمجھنِ، مانَ ڪي!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان پهرين جڳن کي ناس ڪرڻ کان پوءِ موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، جو ماڻهن لاءِ چٽو دليل ۽ واٽ ڏيکاريندڙ ۽ رحمت هو، ته مَن اهي نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) گذريل نسلن کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، ماڻهن لاءِ حقيقتون کوليندڙ ۽ هدايت ۽ رحمت بڻائي، تانته مــَـن ڪا نصيحت پرائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان عطا ڪيو موسيٰ کي ڪتاب ناس ڪرڻ کان پوءِ اڳين نسلن کي جو اهو ماڻهن جي لاءِ چٽو دليل ۽ هدايت ۽ رحمت هو، جيئن ان مان سبق حاصل ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) گذريل قومن کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ اسان موسى ($) کي ڪتاب ڏنوسين. اهو ڪتاب ماڻهن کي سمجهائيندڙ، هدايت ۽ رحمت بخشيندڙ هو ته جيئن ماڻهو نصيحت وٺن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ بيشڪ اسان انهيءَ (صورتحال) کان پوءِ جو اسان اڳين (نافرمان) قومن کي تباهه ڪري چڪا هئاسين موسيٰ (عليه السلام) کي ڪتاب عطا ڪيو جيڪو ماڻهن جي لاءِ بصيرت (جو خزانو) ۽ هدايت ۽ رحمت هئي، ته جئين اُهي نصيحت قبول ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ بي شڪ ! اسان پهرين قومن کي تباهه ڪرڻ کانپوءِ موسى کي ڪتاب ڏنو هيو جنهن ۾ ٺوس دليل ۽ هدايت ۽ رحمت هئي ته جيئن اهي ماڻهو نصيحت ماڻين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الغَربِىِّ إِذ قَضَينا إِلىٰ موسَى الأَمرَ وَما كُنتَ مِنَ الشّٰهِدينَ (آيت : 44) |
۽ (اي پيغمبر تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نه ھئين جڏھن مُوسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرن مان ھُئين.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) جڏهن اسان موسيٰ کي (نبوت ۽) حڪم ڏنو تڏهن تون (طويٰ ماٿري جي) اولهه طرف (جتي اهو واقعو ٿيو هو) موجود ڪونه هئين نڪي تو پنهنجي اکين سان اهو واقعو ڏٺو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اي رسولِ عربي توهان طور سينا تي مغرب جي پاسي نه هئا، جنهن وقت اسان موسيٰ سان گفتگو فرمائي ۽ توهان (ان وقت) حاضر نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) جڏهن اسان موسى تائين پنهنجو حڪم پهچايو ته تون نه (جبل جبل جي) الهندي پاسي هئين (جتي کيس رسالت ملي هئي) ۽ نه تون انهن ڳالهين کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ وارن مان هئين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هئين تون الهندي پاسي کان جڏهن موڪليوسون موسى ڏانهن امر ۽ نه هئين تون شاهدن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن اسان موسيٰ تائين حڪم پهچايو ته تون نه (طور جبل جي) الهندي پاسي هئين (جتي ان کي رسالت ملي هئي) ۽ نه تون اتي حاضرن مان هئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون (جبل طور جي) الهندي طرف (موجود) نه هئين جڏهن اسان موسى (کي رسالت جو معاملو سپرد ڪرڻ) جو فيصلو ڪيو ۽ نه تون اتي حاضرن مان هئين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هرگز هُئـِين ڪِين تون، اُن دَم اولھ پار، مُڪاسون مُوسٰى ڏي، جِنهين دَم جُھار، نَه وَرْنَہ! تِنهن وار، هُئين تون حاضِرن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون ان وقت اولهندي طرف ڪو نه هئين، جڏهن موسيٰ ڏانهن حڪم موڪليوسون ۽ نڪي تون حاضر هئين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) تون ان وقت الهندي ڪنڊ وٽ موجود نه هئين، جنهن وقت اسان موسيٰ کي شريعت جا احڪام عطا ڪيا هئا ۽ نڪي تون شاهدن مان هئين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اي نبي!) تون ان وقت موجود ڪونه هئين الهندي ڪنڊ ۾ جڏهن اسان عطا ڪيو موسيٰ کي هي شريعت جو فرمان ۽ نه وري تون ڪو شامل هئين شاهدن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) جڏهن اسان موسى ($) کي پنھنجو حڪم عطا ڪيو ته تون ان وقت طُور (جبل) جي اولهندي پاسي موجود ڪونه هئين ۽ نه ئي تون ڪو شاهدن مان هئين. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان (ان وقت طور جي) الهندي پاسي (ته موجود) ڪونه هئا جڏهن اسان موسيٰ (عليه السلام) ڏانهن (رسالت جو) حڪم موڪليو هو، ۽ نه (ئي) توهان (انهن ستر ڄڻن ۾ شامل هئا جيڪي موسيٰ عليه السلام جي وحي جي) شاهدي ڏيڻ وارن مان هئا (پوءِ هي سڄو بيان غيب جي خبر ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟)(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اي پيغمبر!) تون (طور جي) اولهائين پاسي ۾ ان وقت موجود نه هئين جڏهن اسان موسى کي شريعت جو پروانو عطا ڪيو ۽ نه ڪي وري تون اتي موجود شاهدن ۾ شامل هئين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلٰكِنّا أَنشَأنا قُرونًا فَتَطاوَلَ عَلَيهِمُ العُمُرُ وَما كُنتَ ثاوِيًا فى أَهلِ مَديَنَ تَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَلٰكِنّا كُنّا مُرسِلينَ (آيت : 45) |
پر ڪيترائي جُڳ (مُوسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) بلڪ اسان (حضرت موسيٰ جي زماني ۽ تنهنجي زماني جي وچ ۾) گهڻيون ئي پيڙهيون پيدا ڪيون ۽ انهن جي گذري وڃڻ کان پوءِ به زمانا گذري چڪا آهن. تون مدين جي ماڻهن ۾ رهيو ئي ڪونه هئين جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ها. پر حقيقت هيءَ آهي ته اسان رسول موڪليندا رهيا آهيون (۽ توکي به رسول ڪري موڪليو اٿئون ۽ اگرچه تون طور جبل وٽ ڪونه هئين نڪي ٻيا اڳوڻا واقعا توڏٺا ته به وحيءَ جي رستي توکي اهي خبرون ٻڌايون ٿا).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) در حقيقت (ان کان پوءِ) اسان گھڻيون اُمتون پيدا ڪيون، پوءِ انهن تي گھڻو زمانو گذري ويو، ۽ توهان شعيب جي قوم ۾ رهندڙ نه هئا (جو اسان انهن تي پنهنجون آيتون پڙهيون ٿي، پر اسان توهان کي پيغمبر ڪري موڪليو (۽ توهان کي انهن جو علم عطا ڪيوسين)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر اسان (موسى) کان پوءِ ڪيتريون ئي امتون پيدا ڪيون، پوءِ انهن تي ڊگهو زمانو گذري ويو، ۽ نه تون مدين وارن ۾ رهندڙ هئين جو تو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي پئي ٻڌايون، پر اسين ته (توکي) پيغمبر بنائي موڪلڻ وارا هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پر اسان پيدا ڪيون قومون پوءِ ڊگهو ٿيو انهن تي عرصو نه هئين تون ٽڪندڙ مدين ۾ پڙهين پيو انهن تي اسان جون آيتون ۽ پر اسين هئاسين موڪليندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پر اسان (موسيٰ کانپوءِ) ڪيتريون جماعتون پيدا ڪيون پوءِ انهن تي ڊگهو زمانو گذري ويو، ۽ نه تون مدين وارن ۾ رهندڙ هئين جو تو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي پئي ٻڌايون، پر اسين (پيغمبر) موڪليندا رهيا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پر (ان کان پوءِ به) اسان ڪيتريون جماعتون پيدا ڪيون پوءِ انهن تي ڊگهو عرصو گذري ويو، ۽ نه تون مَديَن وارن ۾ رهندڙ هئين جو تون انهن تي اسان جون آيتون پڙهين ها ۽ پر اسان ئي (توکي) رسول بنائي موڪلڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَر جوڙيا سون جُڳه گھڻا، پوءِ ڊِگِھي ٿِينَ ڄَمار، ۽ نه هُئـِين مُقيم تون، مَدْيَنْ ۾ مَهندار! ٿو پڙهِين اَسان جون اُنهن مَٿي، نِيشانيون نِروار، پر آهيون آئـِي وار، موڪلِيدڙ مُرسلِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مگر ڪيترائي جُڳ پيدا ڪياسون، پوءِ مٿن ڊگهي مدت گذري ۽ نڪي تون مدين وارن منجهه رهندڙ هئين، جو کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين، مگر اسين رسولن کي موڪليندا رهياسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلڪه ان کانپوءِ (تنهنجي زماني تائين ته) اسان ڪيترائي نسل کڙا ڪري چڪا آهيون ۽ مٿن ڪو زمانو گذري چڪو آهي. تون مدين وارن ۾ به ته ڪونه رهندو هئين جو کين اسان جون آيتون ٻڌائيندو هجين ها، پر (ان زماني جون اهي خبرون) موڪلڻ وارا ته اسان ئي آهيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر ان کان پوءِ (تنهنجي زماني تائين) اسان ڪيترا ئي نسل پيدا ڪري چڪا آهيون ۽ انهن تي ڪيترو ئي زمانو گذريو آهي ۽ نه وري تون موجود هئين مدين وارن ۾، جو انهن کي ٻڌائين ها اسان جون آيتون (ان وقت جون خبرون) موڪلڻ وارا اسين آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کان پوءِ اسان ڪيترائي نسل پيدا ڪيا ۽ انهن کي به گهڻو زمانو گذري ويو ۽ نه ئي تون مدين وارن ۾ رهندڙ هئين جو تون کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين ها. پر اسان انهن ڏانھن برابر رسول موڪليندا رهيا آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پر اسان (موسيٰ عليه السلام کانپوءِ هڪٻئي پٺيان) ڪيئي قومون پيدا فرمايون پوءِ انهن تي ڊگهو عرصو گذري ويو ۽ نه (ئي) توهان (موسيٰ ۽ شعيب عليهما السلام وانگر) مدين وارن ۾ مقيم هئا جو توهان انهن تي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائيندا هجو پر اسان ئي (توهان کي غيب جون خبرن سان سرفراز فرمائي) مبعوث فرمائڻ وارا آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بلڪه ان کانپوءِ اسان کوڙ نسل پيدا ڪري چڪا آهيون ۽ مٿن کوڙ زمانا گذري چڪا آهن. ۽ نه ڪي وري تون مَدين وارن ۾ ٽڪيل هئين جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائين، بلڪه اسان ئي (توکي) رسول (بڻائي) موڪليندڙ آهيون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما كُنتَ بِجانِبِ الطّورِ إِذ نادَينا وَلٰكِن رَحمَةً مِن رَبِّكَ لِتُنذِرَ قَومًا ما أَتىٰهُم مِن نَذيرٍ مِن قَبلِكَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 46) |
۽ نڪي (تون ڪوہ) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ توتي (ھن لاءِ ٿيل) آھي ته تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) نڪي تون انهيءَ وقت طور جبل جي پاسي ۾ هئين جڏهن اسان موسيٰ کي سڏ ڪيو هو، پر (اها) تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو توکي وحي جي رستي اڳوڻن پيغمبرن ۽ ماڻهن جا احوال ٻڌايا اٿئون) انهيءَ لاءِ ته تون (اهي قصا عبرت وٺڻ لاءِ هنن ماڻهن کي ٻڌائين) هنن (قريش) قوم جي ماڻهن کي خبردار ڪرين جن ڏي توکان اڳي ڪوبه خبردار ڪندڙ (رسول) ڪونه آيو آهي (سو کين اهي قصا ٻڌاءِ ۽ خبردار ڪر) ته من نصيحت حاصل ڪن (۽ نيڪ عمل ڪن).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان طور سينا جي ڪناري تي نه هئا جنهن وقت اسان (موسيٰ کي) پڪاريو پر توهان جي رب جي اها رحمت هئي (جو ان توهان کي علم عطا ڪيو) ان لاءِ ته توهان ان قوم کي ڊيڄاريو جن وٽ توهان کان اڳ ڪو پيغمبر نه آيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه تون (جبل) طور جي پاسي ۾ هئين جڏهن اسان (موسى کي) سڏيو هو پر تنهنجي پالڻهار جي مهربانيءَ سان (تو وٽ وحي آيو) هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو به (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريندڙ نه آيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هئين تون طور جي پاسي ۾ جڏهن سڏيو اسان ۽ پر رحمت تنهنجي رب جي طرفان تانته ڊيڄارين ان قوم کي جو نه آيو انهن وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ توکان اڳي تانته اهي نصيحت قبول ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه تون (جبل) طور جي پاسي ۾ هئين جڏهن اسان (موسيٰ کي ) سڏيو پر تنهنجي پاليندڙ جي مهربانيءَ سان (تو وٽ وحي آيو) هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مَنَ اهي نصيحت وٺن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه تون طور (جبل) جي ڪناري (موجود) هئين جڏهن اسان (موسى کي) سڏيو ۽ پر تنهنجي پروردگار جي پاران رحمت آهي جو (توکي هي غيبي خبرون ڏنيون ويون ته) تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو آهي ته جيئن اُهي نصيحت پرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پاڻِي ڪڍيائـِين، پاڻ پوءِ، تِنين لئي تڪرار، لالڻ لاڙو پوءِ ڪيو، ڪِنهن پرڇائـِين پار، چي، اُتم اُتارئـِي خير مان، جيڪِي سَندمِ جبار، حاجتمند هيڪار، آءٌ اُنهِيء جو آهيان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون طور جبل جي پاسي به ڪو نه هئين، جڏهن موسيٰ کي سڏيوسون، مگر تنهنجي ڌڻيءَ جي ٻاجهه توتي ٿيل آهي، ته تون انهي قوم کي ڊيڄارين، جن وٽ توکان اڳ ڪو به ڊيڄاريندڙ نه آيو، ته من هو نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تون طور (جبل) جي ڀــَـرِ ۾ به ڪونه هئين، جڏهن اسان (موسيٰ کي پهرئين ڀيري) سڏيو هو، پر اها تنهنجي رب جي رحمت ئي آهي (جو توکي اهو سڀ ڪجهه ڄاڻايو پيو وڃي) تانته تون انهن ماڻهن کي خبردار ڪرين جن وٽ توکان اڳ ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه آيو آهي، ته مَنَ ائين ڪو هوش ڌارين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ موجود ڪونه هئين تون طور جي هيٺان، جڏهن اسان سڏيو هو (موسيٰ کي) پر اها رحمت آهي تنهنجي رب جي جيئن خبردار ڪرين انهن ماڻهن کي جن وٽ ڪوبه خبردار ڪرڻ وارو ڪونه آيو آهي توکان اڳي، جيئن اهي هوش ۾ اچن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون طُور جبل وٽ به ڪو نه هئين، جڏهن اسان (موسى $ ) کي سڏيو هو. پر هي سڀ الله تعالى جي رحمت ئي آهي (جو تو وٽ اهي واقعا پُھتا آهن) ته جيئن تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪير به ڊيڄاريندڙ نه آيو آهي. شايد هو نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ نه (ئي) توهان طور جي ڪناري (ان وقت موجود) هئا جڏهن اسان (موسيٰ عليه السلامکي) سڏيو مگر (توهان کي انهن سڀني غيب جي احوالن تي آگاهه فرمائڻ) توهان جي رب جي پاران (خصوصي) رحمت آهي. ته جيئن توهان (انهن واقعن کان باخبر ٿي) ان قوم کي (عذاب الاهي کان) ڊيڄاريو جن وٽ توهان کان اڳي ڪوبه ڊيڄاريندڙ نه آيو، ته جيئن اُهي نصيحت قبول ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ نه ڪي تون طور جي ڀر ۾ موجود هئين جڏهن اسان موسى کي ندا ڏني! پر اها تنهنجي رب جي رحمت آهي (جو توکي نبي بڻايو ويو) ته جيئن تون انهن ماڻهن کي ڊيڄارين جن وٽ توکان پهريان ڪوئي ڊيڄارڻ وارو ناهي آيو، ته من اهي ماڻهو نصيحت ماڻين. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَولا أَن تُصيبَهُم مُصيبَةٌ بِما قَدَّمَت أَيديهِم فَيَقولوا رَبَّنا لَولا أَرسَلتَ إِلَينا رَسولًا فَنَتَّبِعَ ءايٰتِكَ وَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 47) |
۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته سندن ھٿن جيڪي اڳي موڪليو آھي تنھنجي سبب اُنھن تي جڏھن مُصيبت پھچي تڏھن (متان) چون ته اي اسان جا پالڻھار اسان ڏانھن ڪو پيغمبر ڇونه موڪليئي ته تنھنجن آيتن جا تابعدار بڻجون ھا ۽ مؤمنن مان ھجون ھا (ته توکي نه موڪليون ھا).(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن ائين نه هجي ها (جو اسان توکي هنن قريشن ڏانهن پيغمبر ڪري نه موڪليون ها) ۽ ڪا مصيبت هنن تي سندن ئي بدعملن سبب اچي ڪڙڪي ها ته پوءِ هو چون ها ته اي اسان جا پروردگار ڇو نه اسان ڏي ڪو رسول موڪليو؟ (جيڪڏهن ڪو رسول موڪلين ها) ته پوءِ اسان تنهنجي حڪمن جي پيروي ڪيون ها ۽ (ايمان وارا) مؤمن ٿيون ها.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن مڪي وارن تي سندن بداعمالي سببان ڪو عذاب پهچي ها پوءِ (ضرور) چون ها ته اي اسان جا رب تو اسان ڏانهن ڇو نه ڪو پيغمبر موڪليو پوءِ اسين تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ها ۽ اسين مؤمنن مان هجون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو جڏهن مٿن سندن اڳلن ڪرتوتن جي ڪري ڪا مصيبت پوي ها چون ها ته اي اسان جا پالڻهار! تو اسان ڏي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته اسين تنهنجي ڳالهين تي هلون ها ۽ ايمان وارن مان ٿيون ها (ته اسين تو کي نه موڪليون ها).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نه هجي ها هي جو پهچي ها انهن کي مصيبت ان سببان جو اڳي ڪري موڪليو هٿن انهن جي پوءِ چون ته اي اسان جا پالڻهار! ڇو نه موڪليو تو اسان ڏانهن ڪو پيغمبر پوءِ تابعداري ڪيون ها تنهنجين آيتن جي ۽ هجون ها مؤمنن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها جو جن (ڪرتوتن) کي سندن هٿن اڳي موڪليو آهي تن جي ڪري مٿن ڪا مصيبت اچي، پوءِ چون ته اي اسان جا پاليندڙ! تو اسان ڏي ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته اسين تنهنجي ڳالهين تي هلون ها ۽ ايمان وارن مان ٿيون ها (ته انهن لاءِ رسول نه به موڪليون ها) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اهو هن لاءِ ڪيوسين جو ) ڪٿي ائين نه ٿئي جو انهن جي هٿن جي ڪمايل (ڪرتوتن) سبب انهن تي ڪا مصيبت پهچي ته پوءِ هيئن نه چوڻ لڳن: ”اي اسان جا پالڻهار! تو اسان ڏانهن ڪو رسول ڇو نه موڪليو جو اسان تنهنجي آيتن جي تابعداري ڪيون ها ۽ اسان ايمان وارن مان ٿيون ها“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇو نہ جڏھن اُنھن تي، اَچي ڪو آزار، جيڪِي سَندنِ ھَٿن ڪيو، ڪارڻ تِنھن ڪم ڪار، پوءِ آکِين تہ اَسان جا، سائِين رَبَّ، سَتَّار!، ڇو نہ اسان ڏي موڪلئِي، مُرسل ڪو مَھندار!، پوءِ ھُجون تُنھنجي حُڪمن جا، تِھدِل تابِعدار، ۽ قلب ساڻ قرار، ٿيون مَڃِندڙن مَنجھان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن ائين نه هجي ها، جو سندن هٿن جي ڪرتوتن سبب جڏهن مٿن مصيبت پوي، تڏهن چون ”اي اسان جا ڌڻي! ڇو نه اسان ڏي ڪو رسول موڪليئي، ته تنهنجي حڪمن جا تابعدار بنجون ها ۽ مؤمن ٿيون ها.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ اهو اسان ان ڪري ڪيو آهي ته) متان سندن پنهنجن ڪرتوتن جي ڪري جڏهن ڪا مصيبت اچي پوينِ ته هيئن چون ته "اي پالڻهار! تو ڇو نه اسان ڏي به ڪو رسول موڪليو، ته جيڪر اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ مؤمن بڻجون ها". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اهو اسان ان لاءِ ڪيو ته) ڪٿي ائين نه ٿئي جو اچي ڪڙڪي مٿن ڪا مصيبت سندن ڪيل ڪرتوتن جي ڪري، ته اهي چون اي پالڻهار! تو ڇو نه موڪليو اسان ڏانهن ڪو رسول، جو پيروي ڪريون ها اسان تنهنجي آيتن جي ۽ ايمان وارن مان هجون ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪڏهن (اسان توکي انهن ماڻهن ڏانھن نه موڪليون ها ته) سندن ڪرتوتن جي ڪري (قيامت جي ڏينهن) مٿن جيڪا مصيبت اچي ها، اُن وقت هو چون ها ته اي اسان جا پالڻھار! تون اسان ڏي ڪو رسول سڳورو ڇونه موڪليو هو ته جيئن اسان تنھنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ اسان ايمان وارن مان ٿي وڃون ها؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (اسان ڪوبه رسول نه موڪليون ها) جيڪڏهن اها ڳالهه نه هجي ها ته جڏهن انهن کي ڪا مصيبت پهچي انهن برن عملن جي ڪري جيڪي انهن پاڻ ڪيا ته اُهي اهو نه چوڻ لڳن ته اي اسان جا رب! تو اسان ڏانهن ڪو رسول ڇو نه موڪليو ته جيئن اسان تنهنجي آيتن جي پيروي ڪريون ها ۽ اسان ايمان وارن مان ٿي وڃون ها.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪڏهن (اسين رسول نه موڪليئون ها) ته جڏهن به کين سندن ڪرتوتن سببان ڪا مصيبت پهچي ها ته چوڻ لڳن ها: اي اسان جا رب! تو اسان ڏانهن رسول ڇونه موڪليو ته اسان تنهنجن حڪمن جي پيروڪاري ڪريون ها ۽ ايمان آڻيندڙن ۾ شامل ٿي وڃئون ها؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَلَمّا جاءَهُمُ الحَقُّ مِن عِندِنا قالوا لَولا أوتِىَ مِثلَ ما أوتِىَ موسىٰ أَوَلَم يَكفُروا بِما أوتِىَ موسىٰ مِن قَبلُ قالوا سِحرانِ تَظٰهَرا وَقالوا إِنّا بِكُلٍّ كٰفِرونَ (آيت : 48) |
پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو (تنھن مھل) چوڻ لڳا ته جھڙو (معجزو) مُوسىٰ کي ڏنو ويو تھڙو ھن پيغمبر کي ڇونه ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي مُوسىٰ کي ڏنو ويو تنھن جو انڪار نه ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا ته (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا ته اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر (هاڻي) جڏهن ته اسان جي طرف کان هنن وٽ حق (جو پيغام) اچي ويو آهي تڏهن چوڻ لڳا آهن ته جهڙا معجزا حضرت موسيٰ کي ڏنا ويا هئا تهڙا هنن کي ڇو نه ڏنا ويا آهن. جيڪي اڳي حضرت موسيٰ کي ڏنو ويو هو، تنهن کي هنن (قريشن) ڪوڙو ٺهرائي رد نه ڪيو آهي ڇا؟ هو ته (کليو کلايو) چوندا آهن ته اهي ٻئي (تورات ۽ قرآن) جادوءَ جا ڪرشما آهن جي ٻئي هڪ ٻئي کي ٽيڪو ٿا ڏين (۽ هڪٻئي جي تائيد ٿا ڪن) ۽ هو ائين به چوندا آهن ته اسان کي اهڙين سڀني ڳالهين کان انڪار آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان رسولِ عربي تشريف فرما ٿيو ته انهن چيو ڇو نه ان کي اهو ڏنو ويو جيڪو (حضرت) موسيٰ کي ڏنو ويو، ڇا انهن ان کان اڳ موسيٰ جي ڏنل (تورات) جو انڪار نه ڪيو هو؟ انهن چيو اهي ٻَئي جادو (قرآن ڪريم ۽ تورات) پاڻ ۾ متفق ٿيا آهن، ۽ انهن چيو بيشڪ اسين ٻنهي جا انڪاري آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اسان جي بارگاھ مان انهن وٽ (دين) حق پهتو ته چوڻ لڳا ته جهڙا (معجزا) موسى کي عطا ٿيا. تهڙا ئي هن رسول (محمد) کي ڇو نه ڏنا ويا. ته ڇا! جي معجزا هن کان اڳ موسى کي عطا ٿيل هئا تن کان انهن ماڻهن انڪار نه ڪيو هو؟ ڪافرن ته هيئن به چئي ڏنو ته اهي ٻئي (توريت ۽ قرآن) جادو آهن جيڪي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا مددگار ٿي ويا آهن ۽ هي به چئي ڏنائون ته اسين ٻنهي کي نه ٿا مڃون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيو انهن وٽ حق اسان وٽان ته چيائون ڇو نه ڏنو ويو مثال ان جي جيڪو ڏنو ويو موسى ڇا نه ڪفر ڪيائون ان جو جيڪو ڏنو ويو موسى اڳ ۾ چيائون ته ٻه جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ چيائون ته اسين سڀني جا انڪار ڪندڙ آهيون .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اسان وٽان انهن کي صحيح ڳالهه پهتي تڏهن چيائون ته جهڙو موسيٰ کي ڏنو ويو هو تهڙو هن کي ڇو نه ڏنو ويو؟ ڇا جيڪي موسيٰ کي هن کان اڳ ڏنو ويو تنهن جو انڪار نه ڪيائون؟ چيائون ته (تورات ۽ قرآن) ٻئي جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي موافق آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن اسان وٽان انهن کي حق جي ڳالهه پهتي ته چيائون: ”هن (رسول) کي اهو ڇو نه ڏنو ويو جيڪو موسيٰ کي ڏنو ويو هيو“. ڇا انهن ان جو انڪار نه ڪيو هيو جيڪو هن کان اڳ موسى کي ڏنو ويو هيو، چيائون ته : ”ٻئي (تورات ۽ قرآن) جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا“۽ چيائون: ”اسان (انهن) سڀني جا انڪاري آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَسان کان، حَق اُنھن تي، وارد ٿيو جنھن وار، چي، ڇو نہ مُوسيٰ جِيئن مِليَسِ، نشانيون نروار؟، ڇا، جيڪا مُوسيٰ کي مليو، تِنھن کان، اڳ نہ ڪيون انڪار؟، چي، جادوگر جُونجھار، ٻَئِي ھِڪ ٻئي جا مَددگار، چي، ھَمَہ کان ھيڪار، اَسِين اِنڪاري آھيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن مهل وٽن اسان وٽان حق آيو، تڏهن وري چوڻ لڳا ”هن رسول کي اهڙو معجزو ڇو نه ڏنو ويو، جهڙو موسيٰ کي مليل هو.“ پر ڇا، هنن انهي جو به انڪار نه ڪيو هو، جيڪي موسيٰ کي اڳ مليل هو؟ وري چون ٿا ”(توريت ۽ قرآن) ٻئي هڪجهڙا جادو آهن“ ۽ چون ٿا ”اسين ته سڀني جا منڪر آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جڏهن اسان وٽان حق وٽن اچي ويو ته اهي چوڻ لڳا ته "هن کي به اهو سڀ ڪجهه ڇونه ڏنو ويو، جيڪو موسيٰ کي ڏنو ويو هو". ڇا ڀلا اهي ماڻهو انهيءَ جو انڪار نه ڪري چڪا آهن، جيڪو اڳي موسيٰ کي ڏنو ويو هو؟ انهن چيو هو ته (توريت ۽ قرآن) ٻئي هڪجهڙا جادو آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا". ۽ چيائون ته "اسان ڪنهن کي به نٿا مڃيون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جڏهن اچي ويو انهن وٽ حق اسان وٽان ته اهي چوڻ لڳا، ڇو نه ڏنو ويو انهن کي اهو ڪجهه جيڪو ڏنو ويو هو موسيٰ کي؟ ڇا اهي ماڻهو انڪار نه ڪري چڪا آهن جيڪو ڏنو ويو هو موسيٰ کي ان کان اڳي؟ انهن چيو، ٻئي جادوگر آهن جو هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ چيائون، اسان ته ڪنهن کي به نٿا مڃون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جي طرفان حق ڳالهه اچي وئي ته چوڻ لڳا ته هن (نبي) کي اهو ڪجهه ڇو نه ڏنو ويو جيڪو موسى ($) کي ڏنو ويو هو؟ جيڪو موسى ($) کي اڳ تورات ڏنو ويو هو، ڇا انهن ماڻهن ان جو انڪار نه ڪيو آهي؟ انهن ته اهو به چيو آهي ته هي ٻئي ڪتاب (يعني قرآن ۽ تورات) هڪ جھڙا جادو آهن (۽) اهي (ٻئي ڪتاب) هڪ ٻئي جا ڀرجهلو آهن. ۽ اسان انهن سڀني جو انڪار ڪريون ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جڏهن وٽن اسان جي بارگاهه مان حق اچي پهتو (ته) اُهي چوڻ لڳا ته هن (رسول) کي انهن (نشانين) جهڙيون (نشانيون) ڇونه ڏنيون ويون جيڪي موسيٰ (عليه السلام) کي ڏنيون ويون هيون؟ ڇا هنن اُنهن (نشانين) جو انڪار نه ڪيو هو جيڪي اِن کان اڳ ۾ موسيٰ (عليه السلام) کي ڏنيون ويون هيون؟ اُهي چوڻ لڳا ته ٻئي (قرآن ۽ تورات) جادو آهن (جيڪي) هڪٻئي جي تائيد ۽ موافقت ڪن ٿا، ۽ انهن چيو ته اسان (انهن) سڀني جا منڪر آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) هاڻي وري جڏهن وٽن اسان جي پاران حق پهتو آهي ته چوڻ لڳا آهن ته جهڙو ڪتاب موسى کي ڏنو ويو هيو اهڙو ئي ڪتاب پيغمبر کي ڇو نه ڏنو ويو؟ ڇا، جيڪو ڪتاب موسى کي ڏنو ويو هيو اهي ماڻهو هن کان اڳ ان جو انڪار نه ڪري چڪا آهن؟ انهن چيو هيو ته؛ ٻئي (ڀائر يعني موسيٰ ۽ هارون) جادوگر آهن جيڪي هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا ۽ (پڻ) چيو هئائون ته اسان ڪنهن کي نه ٿا مڃئون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل فَأتوا بِكِتٰبٍ مِن عِندِ اللَّهِ هُوَ أَهدىٰ مِنهُما أَتَّبِعهُ إِن كُنتُم صٰدِقينَ (آيت : 49) |
(کين) چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي ته اُن جي تابعداري ڪريان.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون کين) چئو ته، ڀلا توهان ئي الله تعاليٰ وٽان ڪو اهڙو ڪتاب آڻيو جيڪو انهن ٻنهي (تورات ۽ قرآن) کان بهتر هدايت ڏيندڙ هجي ته مان ان جي پيروي ڪيان. (آڻيو اهڙو ڪتاب) جيڪڏهن توهان (پنهنجي دعويٰ ۾) سچا آهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن کي چئو ته توهان الله تعالى وٽان ڪو اهڙو ڪتاب آڻيو جيڪو قرآن ڪريم ۽ تورات کان وڌيڪ هدايت ڏيندڙ هجي ته آئون انجي تابعداري ڪريان جيڪڏهن توهان سچا آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! تون کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته خدا وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته پوءِ آڻيو ڪتاب الله وٽان جيڪو وڌيڪ هدايت وارو آهي انهن ٻنهي کان ته ان جي اتباع ڪيان جيڪڏهن آهيو سچا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيائون ته اسين ٻنهين کي نه ٿا مڃيون. چؤ ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انهن ٻنهين کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي ته ان تي هلان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ته: ”الله وٽان ڪو ٻيو ڪتاب آڻيو جيڪو انهن ٻنهين کان وڌيڪ هدايت ڏيڻ وارو هجي ته آءٌ ان جي پيروي ڪيان، اگر توهان سچا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو نَبِي نواب!، تہ آڻيو ڪو اَللہ وَٽان، ھِدايت وارو، ھِن ٻِن کان، ڪَثر ڪو ڪتاب، تہ آءٌ بَجا آڻيا، حُڪم سَندسِ ھر باب، آھيو اي اَحباب!، جي صَحِي سَچ ٻولن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته، ”جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته اوهان الله وٽان اهڙو ڪو ڪتاب آڻيو، جو ٻنهي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ هجي، ته آءُ ان جي تابعداري ڪريان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (اي نبي) چوين ته "چڱو، پوءِ آڻيو ڪو الله وٽان اهڙو ڪتاب، جيڪو انهن ٻنهي کان وڌيڪ هدايت ڏيندڙ هجي، جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مان به ان جي پيروي ڪريان". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) انهن کي چؤ، چڱو ڀلا ڪو ڪتاب آڻيو طرفان الله جي، جيڪو وڌيڪ هدايت ڏيندڙ هجي ته آئون ان جي پيروي ڪندس، جيڪر توهان سچا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) چؤ ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته پوءِ الله تعالى جي طرفان ڪو اهڙو ڪتاب آڻيو جيڪو انهن ٻنهي کان وڌيڪ صحيح هجي ته پوءِ مان ان کي (سچو) مڃيندس. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) توهان فرمايو ته توهان الله جي بارگاهه مان ڪو (ٻيو) ڪتاب وٺي اچو جيڪو انهن ٻنهي کان وڌيڪ هدايت وارو هجي (ته) آئون ان جي پيروي ڪندس جيڪڏهن توهان (پنهنجي الزامن ۾) سچا آهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي نبي!) کين چئه ته؛ جيڪڏهن توهين سچا آهيو ته الله وٽان ڪو اهڙو ڪتاب کڻي اچو جيڪو هدايت ڪرڻ ۾ انهن ٻنهي ڪتابن (يعني قرآن ۽ تورات) کان بهتر هجي ته مان ان جي پيروڪاري ڪندس. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَإِن لَم يَستَجيبوا لَكَ فَاعلَم أَنَّما يَتَّبِعونَ أَهواءَهُم وَمَن أَضَلُّ مِمَّنِ اتَّبَعَ هَوىٰهُ بِغَيرِ هُدًى مِنَ اللَّهِ إِنَّ اللَّهَ لا يَهدِى القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 50) |
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اُھي رڳو پنھنجن سَڌن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجي سَڌ تي ھلي تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي، بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پوءِ به جيڪڏهن هو تنهنجي ڳالهه نه مڃين ته يقين ڄاڻو ته هو رڳو پنهنجي (نفساني) خواهشن جي پيروي ڪري رهيا آهن، ۽ ڪير وڌيڪ گمراهه ٿي سگهي ٿو انهيءَ شخص کان جو الله وٽان مليل هدايت کي ڇڏي پنهنجي نفساني خواهش جي پيروي ٿو ڪري؟ بيشڪ الله تعاليٰ ظالم ماڻهن کي سڌيءَ واٽ تي نٿو لڳائي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ اهي جيڪڏهن توهان جو چوڻ پورو ڪري نه سگھن ته پوءِ توهان سمجھو ته اهي پنهنجي سڌن جي تابعداري ڪن ٿا. ۽ ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير گمراه آهي جيڪو الله تعالى جي هدايت کانسواءِ پنهنجي سڌ جي تابعداري ڪري ٿو، بيشڪ الله تعالى ظالمن جي قوم کي هدايت نٿو ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته اهي رڳو پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا ۽ جيڪو خدا جي رستي ڏيکارڻ کان سواءِ پنهنجي خواهش تي هلي ٿو تنهن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آهي؟ بيشڪ خدا ظالم قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پو جيڪڏهن نه قبول ڪن توکي پوءِ يقين ڄاڻ ته بلاشڪ تابعداري ڪن ٿا پنهنجين سڌن جي ۽ ڪير وڌيڪ گمراهه آهي ان کان جيڪو تابع ٿيو پنهنجي خواهشن جو سواءِ هدايت (حاصل ڪرڻ) جي الله کان، بيشڪ الله نه ٿو هدايت ڪري قوم ظالم کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اهي رڳو پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنهنجي خواهش تي هلي ٿو تنهن کان وڌيڪ گمراهه ڪير آهي؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ٿو ڏيکاري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن ته پوءِ ڄاڻ اُهي رڳو پنهنجي سڌن جي پيروي ڪن ٿا. ۽ ان کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير هوندو جيڪو الله جي طرفان هدايت کي ڇڏي پنهنجي سڌن جي پيروي ڪري. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِينئِي، جي نہ جواب، پوءِ سَمجِھي وَٺ سُپرين! تہ سَندنِ سَڌن پُٺيان، ڪاھِين ٿا ڪَذاب، ۽ ڪَثر ڪير اُن ڪنان، ڀُليل ھَر ڪِنھن باب؟، جو ھَليو سَندسِ سَڌن تي، بِنا ڪِنھن ڪتاب، آيَل آسمان کان، والِي، کان وَھاب، سائِين راھ صَواب، ڏَسي نَہ ظالِم ذات کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه قبول نه ڪن، ته پوءِ سمجهه، ته هورڳو سندن سڌن تي ٿا هلن_ ۽ ان کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪهڙو آهي، جو سواءِ الله جي ڪنهن رستي ڏيکارڻ جي، پنهنجي سڌ جي پيروي ڪري؟ بيشڪ الله ظالم قوم کي سڌو رستو نه ڏيکاريندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جيڪڏهن هو تنهنجي اها گهر پوري نٿا ڪن ته پوءِ سمجهي ڇڏ ته اهي رڳو پنهنجن خواهشن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان ماڻهوءَ کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير هوندو، جيڪو الله جي هدايت کان سواءِ فقط پنهنجن خواهشن جي پيروي ڪري ؟ الله اهڙن ظالمن کي ڪڏهن به هدايت نصيب نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اهي تنهنجو مطالبو پورو نٿا ڪن ته سمجهي ڇڏ ته اصل ۾ اهي پنهنجين خواهشن جي پيروي ڪن ٿا، ۽ ڪير ان کان وڌيڪ ڀٽڪيل هوندو جيڪو پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪري سواءِ هدايت الله جي؟ بيشڪ الله اهڙن ئي ماڻهن کي هدايت نٿو ڪري جيڪي ظالم آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن هو توکي ان جو جواب نه ڏين ته بس! سمجهي وڃ ته بيشڪ هو پنھنجي خواهشن جي پيروي ڪن ٿا ۽ ان کان وڌيڪ ڪير گمراهه ٿي سگهي ٿو جيڪو الله تعالى جي هدايت کان سواءِ پنھنجي خواهشن جي پيروي ڪري؟ بيشڪ الله تعالى ظالم قوم کي ڪڏهن به هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ جيڪڏهن اُهي توهان جو ارشاد قبول نه ڪن توهان ڄاڻي ڇڏيو (ته انهن جي لاءِ ڪابه حجت باقي نه رهي آهي) اُهي رڳو پنهنجي خواهشن جي پيروي ڪن ٿا، ۽ ان ماڻهو کان وڌيڪ گمراهه ڪير ٿي سگهي ٿو جيڪو الله جي طرفان هدايت کي ڇڏي پنهنجي خواهش جي پيروي ڪري. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نٿو فرمائي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) پوءِ جيڪڏهن هو تنهنجو اهو فيصلو قبول نه ڪن ته سمجهي ڇڏجانءِ ته اهي ماڻهو صرف پنهنجين خواهشن جا پيروڪار آهن ۽ ان شخص کان وڌيڪ ٻيو ڪير گمراهه ٿي سگهي ٿو جيڪو الله جي پاران ڪنهن رهنمائيءَ کانسواءِ پنهنجي خواهش جي پيروڪاري ڪري؟ بيشڪ، الله اهڙن ظالمن کي هدايت نه ڏيندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلَقَد وَصَّلنا لَهُمُ القَولَ لَعَلَّهُم يَتَذَكَّرونَ (آيت : 51) |
۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته هاڻي اسان هنن (قريشن) کي پنهنجو ڪلام (۽ حڪم احڪام) پهچايا آهن، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت وٺن. (۽ چڱا عمل ڪن).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسان قرآن ڪريم کي مسلسل نازل ڪيو ته من اهي نصيحت حاصل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ اسين ماڻهن لاءِ ڪلام لڳو لڳ موڪليندا آيا آهيون ته من اهي نصيحت حاصل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ البته تحقيق لاڳيتو موڪليو اسان انهن لاءِ قول تانته اهي نصيحت حاصل ڪن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين ماڻهن لاءِ ڪلام لڳو لڳ موڪليندا آيا آهيون ته مَنَ اهي نصيحت وٺن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان انهن لاءِ لڳاتار فرمان موڪليندا رهيا آهيون ته جيئن اُهي نصيحت پرائن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڳالھيون ڳَنڍيوسون اُنھن لئي، تہ مَت وَٺنِ ڪامان!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اسان سندن لاءِ قرآن کي لڳو لڳ موڪليو، ته من نصيحت وٺن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (نصيحت جي) ڳالهه اسان لاڳيتو کين پهچائي چڪا آهيون، تانته هو غفلت مان سجاڳ ٿين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نصيحت جي ڳالهه ته اسان انهن کي پهچائي چڪا آهيون جيئن اهي غفلت مان سجاڳ ٿين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان انهن ماڻهن کي هي ڪلام لڳاتار پھچايوسين ته جيئن هو نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ حقيقت ۾ اسان انهن جي لاءِ لاڳيتو (قرآن جا) فرمان موڪليندا رهياسين ته جيئن اُهي نصيحت قبول ڪن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان نصيحت جون ڳالهيون لاڳيتيون وٽن پهچائي چڪا آهيون ته جيئن هو نصيحت حاصل ڪن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
الَّذينَ ءاتَينٰهُمُ الكِتٰبَ مِن قَبلِهِ هُم بِهِ يُؤمِنونَ (آيت : 52) |
جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتان ڏنو اٿون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جن ماڻهن (بني اسرائيلن وغيره) ڏي اسان اڳي ئي ڪتاب موڪليو هو (۽ جي ان ڪتاب تي سچيءَ دل سان عمل ڪندا هئا) سي هن قرآن تي به ايمان آڻي رهيا آهن (ڇو ته اهي قرآن جي حقانيت آسانيءَ سان سمجهي سگهن ٿا).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو جن کي اسان قرآن ڪريم کان اڳ ۾ ڪتاب عطا ڪيو، اهي ان تي ايمان رکن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي اسان هن کان اڳ ڪتاب عطا ڪيو آهي سي قرآن کي مڃين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جو ڏنوسون انهن کي ڪتاب ان کان اڳي ان تي ايمان آڻين ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جن کي اسان قرآن کان اڳ ڪتاب ڏنو آهي، سي قرآن کي مڃين ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن کي اسان هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو هيو اُهي هن (قرآن) تي به ايمان رکن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪياسون ڪِتاب جَن تي، اِنھڳان اَڳ اِحسان، آڻِين ٿا اِيمان، اِھي اِن ڪتاب تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن کي اسان هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب ڏنو آهي، سي مٿس ويساهه ٿا رکن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن ماڻهن کي هن کان اڳ اسان ڪتاب ڏنو هو، اهي هن (قرآن) تي ايمان آڻن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جن ماڻهن کي ڏنو هو اسان ڪتاب ان کان اڳي، اهي هن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جن ماڻهن کي اسان هن (قرآن) کان اڳ ڪتاب (يعني انجيل) ڏنو هو، اُهي ته هن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جن ماڻهن کي اسان هن کان اڳ ۾ ڪتاب عطا ڪيو هو اُهي (انهيءَ هدايت جي تسلسل ۾) هن (قرآن) تي (به) ايمان رکن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن ماڻهن کي هن کان اڳ اسان ڪتاب ڏنو هيو، اهي هن (قرآن) تي ايمان آڻين ٿا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا يُتلىٰ عَلَيهِم قالوا ءامَنّا بِهِ إِنَّهُ الحَقُّ مِن رَبِّنا إِنّا كُنّا مِن قَبلِهِ مُسلِمينَ (آيت : 53) |
۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي (تڏھن) چوندا آھن ته اُن تي ايمان آندوسون بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھواسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو تڏهن هو (هڪدم) چئي ٿا ڏين ته اسان ان تي ايمان آندو آهي. بيشڪ اهو اسان جي پروردگار وٽان آيل آهي ۽ حق آهي. اسان ته هن کان اڳ ئي مسلمان هئاسين (۽ خدا جا فرمانبردار ٻانها هئاسين.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن انهن جي سامهون قرآن ڪريم پڙهيو وڃي ٿو اهي چون ٿا اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اهو اسان جي رب جي طرفان حق آهي، بيشڪ اسين ان کان پهرئين تسليم ڪندڙ هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اهو اسان جي پالڻار جي طرفان سچو آهي بيشڪ اسين قرآن جي (نازل ٿيڻ کان) اڳي ئي فرمانبردار هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن تلاوت ڪيو ٿو وڃي انهن تي ته چيائون ايمان آندو اسان ان تي بلاشڪ اهو حق آهي اسان جي رب وٽان بلاشڪ اسين هئاسين ان کان اڳي مسلمان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اهو اسان جي پاليندڙ جي طرفان سچو آهي بيشڪ اسين (قرآن جي نازل ٿيڻ) کان اڳ ئي فرمانبردار هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن انهن کي قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا: ”اسان ان تي ايمان آندو بيشڪ اُهو حق آهي اسان جي پالڻهار جي پاران بيشڪ اسان ان کان اڳ ۾ ئي فرمانبردار هئاسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پَڙهجي اُنهن مٿي، چي، آندوسون ايمان، آهي اَسان جي رَبَّ ڪنان، بَرحق بي گمان، اَسِين اڳه اِيمان، هُئاسون آڻِيندڙ اُن مَٿي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن کين (قرآن) پڙهي ٻُڌائجي ٿو، ته چوندا آهن ”اسان کيس مڃيو، بيشڪ هو اسان جي ڌڻيءَ وٽان سچ آهي، اسين ته ان کان اڳ ئي مسلمان هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن اهو کين پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا ته "اسان ان تي ايمان آندو، اهو برابر حق آهي اسان جي رب وٽان، اسان ته اڳيئي مسلم آهيون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن هي انهن تي پڙهيو وڃي ٿو ته چون ٿا، اسان هن تي ايمان آندو هي واقعي حق آهي اسان جي رب جي طرفان، اسان ته اڳي ئي مسلمان آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن کين (سندن سامهون) قرآن جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون وڃن ٿيون ته هو چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو آهي. بيشڪ اسان جي پالڻھار جي طرفان اهوئي حق آهي. اسان ته شروع کان (ئي) مسلمان آهيون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن انهن کي (قرآن) پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته اُهي چون ٿا اسان هن تي ايمان آندو بيشڪ هي اسان جي رب جي طرفان حق آهي، حقيقت ۾ ته اسان هن کان اڳ ۾ ئي مسلمان (يعني فرمانبردار) ٿي چڪا هئاسين.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن کين قرآن پڙهي ٻڌايو وڃي ٿو ته چون ٿا ته: “اسين ان تي ايمان آندو اهو واقعي اسان جي رب جي پاران حق آهي اسان ته ان کان اڳ ئي (رب جي سمورن حڪمن کي) مڃيندڙ هئاسون.”(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أُولٰئِكَ يُؤتَونَ أَجرَهُم مَرَّتَينِ بِما صَبَروا وَيَدرَءونَ بِالحَسَنَةِ السَّيِّئَةَ وَمِمّا رَزَقنٰهُم يُنفِقونَ (آيت : 54) |
اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻه ڀيرا ڏبو انھي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائي سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿون تنھن مان خرچيندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) انهن ماڻهن کي ٻيڻو اجر ملندو، ڇو ته هو حق تي محڪم رهيا (پنهنجي قوم جي دشمني سر تي کڻي به قرآن تي ايمان آندائون ۽ سختيون صبر سان سٺائون) ۽ هو برائي کي نيڪيءَ سان دور ڪري ٿا ڇڏين ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه خدا جي راه ۾) خرچ ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن کي سندن ٻيڻو ثواب عطا ڪيو ويندو، انهيءَ ڪري جو انهن صبر ڪيو ۽ انهن برائي کي ڀلائي سان دفع ڪيو ۽ جيڪي ڪجھه اسان انهن کي ڏنو ان مان خرچ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ئي اهي شخص آهن جن کي سندن ثابت قدميءَ جي ڪري سندن اجر ٻيڻو ڏنو ۽ اهي ڀلائي سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا ۽ جيڪي انهن کي اسان رزق ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راھ ۾) خرچ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي ڏنا ويندا اجورو پنهنجو ٻه ڀيرا ان جي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ دفع ڪن ٿا چڱائي سان برائي ۽ ان مان جيڪو رزق ڏنوسون انهن کي خرچ ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي سندن ثابت قدميءَ جي ڪري سندن اجر ٻيڻو ڏنو ويندو ۽ اهي ڀلائي سان بڇڙائي کي ٽارين ٿا ۽ جيڪو انهن کي اسان رزق ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي اُهي ماڻهو آهن جن کي سندن اجر ٻه ڀيرا ڏنو ويندو ان ڪري جو صبر ڪيائون اُهي بدي کي نيڪي سان ٽارن ٿا ۽ جيڪو اسان کين رزق ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻَه ڀيرا بيشڪ اُنهن کي، ڏِبو سَندنِ ثواب، جنهن سبب سَٺائون سِر تي، اِيذا، اهنج عذاب، ۽ خراب جو، خُوب سان، جوڙيو ڏِين جَواب، ۽ ڏُکيَن ڏِين اُن مَنجھان، جيڪِي اَسان ڏِنَنِ اَسباب، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي شخص آهن، جن کي سندن اجر ٻه دفعا ڏبو، جو صبر ڪيائون، هو چڱائيءَ سان مدائي کي ٽارين ٿا ۽ کين جيڪي ڏنو اٿئون ان مان خرچ ڪن ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي اهي ماڻهو آهن، جن کي سندن اجر ٻه دفعا ڏنو ويندو، انهيءَ ثابت قدميءَ جي عيوض جيڪا انهن ڏيکاري آهي. هو برائيءَ کي ڀلائيءَ سان ٽاري ڇڏين ٿا ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان مان ئي خرچ ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي اهي ماڻهو آهن جن کي ڏنو ويندو انهن جو اجر ٻه ڀيرا ان صبر جي ڪري جيڪو انهن ڏيکاريو ۽ اهي ٽارين ٿا ڀلائي سان برائي کي ۽ جيڪو رزق اسان انهن کي ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي اُهي ماڻهو آهن جن کي ثابت قدم رهڻ جي ڪري ٻيڻو اجر ڏنو ويندو. هي ماڻهو برائي کي ڀلائي سان ٽارين ٿا ۽ اسان کين جيڪو به رزق ڏنو آهي هُو ان مان (الله تعالى جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) هي اُهي ماڻهو آهن جن کي سندن اجر ٻه ڀيرا ڏنو ويندو انڪري جو انهن صبر ڪيو ۽ اُهي برائي کي ڀلائي سان ٽارين ٿا ۽ ان عطا مان جيڪا اسان کين ڏني خرچ ڪن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي سندن صبر ۽ استقامت جي ڪري ٻيڻو اجر ڏنو ويندو ۽ هو برائيءَ کي ڀلائيءَ سان ٽاري ڇڏيندا آهن ۽ اسان جيڪي ڪجهه کين ڏنو آهي تنهن منجهان خرچ ڪندا آهن- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَإِذا سَمِعُوا اللَّغوَ أَعرَضوا عَنهُ وَقالوا لَنا أَعمٰلُنا وَلَكُم أَعمٰلُكُم سَلٰمٌ عَلَيكُم لا نَبتَغِى الجٰهِلينَ (آيت : 55) |
۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جا ڪم اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا ڪم اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، اسين جاھلن (جي سنگت) کي نه ٿا گھرون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهي (مؤمن) جڏهن (ڪنهن ماڻهوءَ جي واتان) بيهوديون ڳالهيون ٻڌن ٿا تڏهن ان کان (مان شان ۽ فضيلت جي نموني ۾ ۽ نه آڪڙ يا نفرت سان) پاسو ڪري هليا وڃن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان پنهنجن عملن جو نتيجو ڏسنداسين ۽ اوهان پنهنجن عملن جو نتيجو ڏسندؤ (هرهڪ انسان پنهنجي عملن لاءِ ذميوار آهي. چڱا عمل ڪندو ته پاڻ فائدو ماڻيندو ۽ برا عمل ڪندو ته پاڻ کي نقصان رسائيندو) توهان تي سلامتي هجي. اسان جاهلن جي صحبت کان پري رهڻ پسند ٿا ڪيون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهي جڏهن بيهوده ڳالهيون ٻُڌن ٿا ته ان کان مُنهن ڦيرائن ٿا ۽ اهي چون ٿا اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان لاءِ توهان جا عمل آهن، اسان جي طرفان توهان کي امن آهي، اسين جاهلن سان دوستي نٿا چاهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (ڪا) بيهودي ڳالھ ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪرتوت آهن. (بس پري کان ئي) اوهان تي سلام هجي ۽ اسان کي جاهل نه گهرجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن ٻڌن ٿا بيهودي ڳالھ ته منهن موڙين ٿا ان کان ۽ چيائون ته اسان لاءِ عمل اسان جا آهن ۽ اوهان لاءِ عمل اوهان جا آهن سلام آهي اوهان تي نه ٿا گهرون اسين جاهلن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن بيهودي ڳالهه ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن. اوهان تي سلام هجي اسان کي جاهل نه گهرجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن اهي ڪا بيهودي گفتار ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙن ٿا ۽ چون ٿا ته : ”اسان لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا عمل آهن، توهان تي سلامتي هجي اسان جاهلن جو طريقو نه ٿا چاهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن ٻُڌئون ڳالھ خراب، ته مُنهن موڙيون اُن ڪنان. چي، اَهنجا ڪم اوهان لئي، ۽ اسان جا، اسان ڪاڻ، سَلام اَوهان تي پاڻ، اَسِين نَه اَٻوجھن کي گُھرون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو جڏهن ڪا بيهودي ڳالهه ٻڌندا آهن ته ان کان منهن موڙيندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم_ اوهان تي سلام هجي، اسين جاهلن کي نٿا چاهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ڪا بيهودي ڳالهه ٻڌائون ته ائين چئي پاسو ڪري هليا ويا ته "اسان جا عمل اسان لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان لاءِ ، توهان تي سلام هجي، اسان جاهلن واري هلت نٿا هلڻ گهرون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن انهن ٻڌي (ڪا) بيهودي ڳالهه ته پاسيرا ٿي ويا هي چئي ته، اسان جا عمل اسان جي لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان جي لاءِ، سلام هجي توهان تي اسين نٿا اختيار ڪري سگهون جاهلن وارو طريقو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن اُهي ڪا بيھودي ڳالهه ٻڌندا آهن ته فوراً پنهنجو منھن ڦيري ڇڏيندا آهن ۽ چوندا آهن ته اسان جو عمل اسان سان آهي ۽ توهان جو عمل توهان سان آهي. (بھرحال) توهان تي سلامتي هجي، اسان جو جاهل ماڻهن سان ڪو به واسطو ڪونهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جڏهن اُهي ڪا اجائي ڳالهه ٻڌن ٿا ته ان کان منهن موڙي ٿا ڇڏين ۽ چون ٿا ته اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ توهان جي لاءِ توهان جا عمل، توهان تي سلامتي هجي اسان جاهلن (جي فڪر ۽ عمل) کي (اپنائڻ) نٿا چاهيون (ڄڻ انهن جي برائي جي عيوض اسان پنهنجي سٺائي ڇو ڇڏيون).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جڏهن ڪا بيهودي ڳالهه ٻڌندا آهن ته ان کان منهن موڙي ڇڏيندا آهن ۽ چوندا آهن؛ اسان جا عمل اسان جي لاءِ ۽ توهان جا عمل توهان جي لاءِ، توهان تي سلام هجي- اسان بي سمجهن سان سنگت نه ٿا رکڻ چاهيئون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّكَ لا تَهدى مَن أَحبَبتَ وَلٰكِنَّ اللَّهَ يَهدى مَن يَشاءُ وَهُوَ أَعلَمُ بِالمُهتَدينَ (آيت : 56) |
(اي پيغمبر) بيشڪ تون جنھن کي گھرين تنھن کي ھدايت ڪري نه ٿو سگھين پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ اُھو ھدايت وارن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر!) ائين ٿي نٿو سگهي جو جنهن ماڻهوءَ سان تون حب رکندڙ هجين تنهن کي تون هدايت تي آڻين پر الله ئي آهي جو جنهن کي وڻيس تنهن کي سڌيءَ واٽ تي لڳائي. ۽ اهو الله ئي ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ماڻهو سڌيءَ راهه تي اچڻ وارا آهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ توهان (پنهنجي طرفان) پنهنجي پسند ڪيل کي هدايت نٿا ڏيو، پر الله تعالى جنهنکي چاهي هدايت ڏي ٿو، ۽ اهو هدايت وارن کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) بيشڪ جنهن کي تون پسدن ڪرين ٿو تنهن کي تون رستو نه ٿو ڏيکاري سگهين پر جنهن کي خدا گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو ۽ اهو ئي سڌي راھ تي ايندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ تون نه ٿو هدايت ڪرين جنهن کي گهرين ۽ پر الله هدايت ٿو ڪري جنهن کي گهري ۽ اهو ئي وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي هدايت وارن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جنهن کي تون پسند ڪرين ٿو تنهن کي تون رستو نه ٿو ڏيکاري سگهين پر جنهن کي الله گهري تنهن کي رستو ڏيکاري ٿو ۽ اهو ئي رستي تي ايندڙن کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ تون جنهن کي چاهين (ازخود) هدايت ڪري نه ٿو سگھين ۽ پر الله جنهن کي چاهي هدايت ڪري ٿو، ۽ اُهو ئي هدايت يافتن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اي تُنهنجي نَه اِختيار، ته وات وَڻي ، تِنهن لائـِين، پروڻيسِ تِنهن کي واٽ سَنئـِين، ڏَسي ٿو ڏاتار، ۽ سَمجھندڙ سَتار، صَحِي سَواٽن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (اي رسول) بيشڪ تون جنهن کي پيار ڪرين، تنهن کي هدايت ڪري نٿو سگهين، پر الله ئي جنهن کي گهري ان کي هدايت ڪري ٿو ۽ اهو هدايت وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! تون جنهن کي گهرين تنهن کي هدايت نٿو ڏئي سگهين، پر الله جنهن کي گهري هدايت ڏئي ٿو ۽ هو انهن ماڻهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، جيڪي هدايت تي هلڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ تون هدايت نٿو ڏئي سگهين جنهن کي گهرين پر جنهن کي الله گهرندو آهي ان کي هدايت ڏئي ٿو ۽ اهو ئي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جيڪي هدايت قبولڻ وارا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!)تون ڪنھن کي به هدايت نٿو ڏيئي سگهين سواءِ ان جي جنھن کي الله تعالى هدايت ڏيڻ گهري ۽ اهو ئي هدايت حاصل ڪندڙن کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) حقيقت اها آهي ته جنهن کي توهان (هدايت جي واٽ تي آڻڻ) چاهيو ٿا ان کي هدايت جي واٽ تي توهان پاڻ نٿا آڻيو بلڪه جنهن کي الله گهري ٿو (توهان جي ذريعي) هدايت جي واٽ تي هلائي ٿو، ۽ اُهو هدايت جي واٽ لهڻ وارن کان خوب واقف آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (اي نبي!) تون جنهن کي چاهين، ان کي هدايت نه ٿو ڏئي سگهين باقي الله جنهن کي چاهيندو آهي، ان کي هدايت ڪندو آهي ۽ هو هدايت ماڻيندڙن کي خوب ڄاڻي ٿو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالوا إِن نَتَّبِعِ الهُدىٰ مَعَكَ نُتَخَطَّف مِن أَرضِنا أَوَلَم نُمَكِّن لَهُم حَرَمًا ءامِنًا يُجبىٰ إِلَيهِ ثَمَرٰتُ كُلِّ شَيءٍ رِزقًا مِن لَدُنّا وَلٰكِنَّ أَكثَرَهُم لا يَعلَمونَ (آيت : 57) |
۽ (ڪي) چوندا آھن ته جيڪڏھن توساڻ ھدايت جي تابعداري ڪنداسون ته پنھنجي مُلڪ مان تڙجي وينداسون، کين حرم ۾ امن سان نه ٽڪاياسون ڇا؟ جو اُن ڏانھن سڀڪنھن جنس جو ميوو پاڻ وٽان روزيءَ طرح پھچائبو آھي پر اُنھن مان گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر ڪي ضعيف دل وارا بي وقوف ماڻهو توکي) چون ٿا ته، جيڪڏهن اسان توسان شامل ٿي (تنهنجي ڏيکاريل) هدايت جي پيروي ڪنداسين ته اسان کي پنهنجي زمين (يعني گهر ۽ شهر) مان ئي پڪڙي کنيو ويندو. (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) ڇا اسان کين (مڪي جي) حرم ۾ امن امان جي جڳهه نه ڏني آهي؟ جتي هر قسم جا ميوا (اناج ڀاڄيون وغيره هر طرف کان) کڄي ڇڪجي اچن ٿا. اهو اسان جي طرف کان رزق آهي پر انهن مان گهڻا اها ڳالهه نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ (مڪه وارن) چيو جيڪڏهن اسين توهان سان گڏ هدايت تي هلياسين، (اسان کي انديشو آهي) ته عرب وارا اسان کي مڪه مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا، ڇا انهن کي اسان امن واري حرم ۾ جڳهه نه ڏني جتي هر قسم جا ميوا ڇِڪِجِي اچن ٿا جيڪي اسان جي طرفان کائڻ لاءِ کين ملن ٿا، پر انهن مان اڪثر نٿا ڄاڻن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪن (مڪي وارن) چيو ته جيڪڏهن اسين تو سان گڏ هدايت تي هلنداسون ته پنهنجي ملڪ مان تڙجي وينداسون (اهو ڇا ٿا بڪن) ڇا اسان انهن کي امن واري حرم مڪه ۾ نه ٽڪايو جنهن ڏي اسان جي طرفان هر قسم جا ميوا رزق لاءِ پهچايا وڃن ٿا پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيائون ته جيڪڏهن تابعداري ڪنداسون هدايت جي توسان گڏ ته جهڙپيا وينداسون زمين پنهنجيءَ مان ڇا نه طاقت سان رهايو اسان انهن کي حرم امن واري ۾ پهچايا وڃن ٿا ان ڏانهن ميوا هر شيءِ جا رزق ٿي اسان وٽان ۽ پر گهڻا انهن مان نه ٿا ڄاڻن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪن (مڪي وارن) چيو ته جيڪڏهن اسين توسان گڏ هدايت تي هلنداسون ته پنهنجي ملڪ مان تڙجي وينداسون. ڇا اسان انهن کي امن واري حرم ۾ نه ٽڪايو؟ جنهن ڏي اسان جي طرفان رزق هر قسم جا ميوا پهچايا وڃن ٿا پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چون ٿا ته : ”جيڪڏهن اسان تو سان گڏ هدايت جي پيروي ڪنداسين ته اسان پنهنجي ڌرتي مان کنڀجي وينداسين“. ڇا اسان انهن کي امن واري حرم (مڪه مڪرمه) ۾ آباد نه ڪيو جتي اسان وٽان (ڏنل) هر جنس جا ميوا رزق طور پهچايا وڃن ٿا ۽ پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چيائون، ته چڱِيءَ راھ ۾، جي تابع ٿياسون توساڻ، ته پَٽِين کڄَنداسون پاڻ، بِيشڪ پَنهنجِي ڀُون مان. ڇاهَنڌ نه ڏِٺوسونِ حرم ۾، اَمن ساڻ اَمان؟ چُونڊجِي چوڌاري کان، ميوا هَر مَڪان، ڪارڻ قُوت گُذران، اَچن اَسان کان، اُن ڏي. پر گھڻا بي گُمان، تَوجَّه نه ڏِين، تن مان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چون ٿا ته، ”جيڪڏهن اسين توسان هدايت جي تابعداري ڪنداسون ته پنهنجي ملڪ مان لوڌجي وينداسون“_ ڇا اسان کين حرم ۾ امن سان نه ٽڪايو آهي، جو هن ڏي اسان وٽان هر ڪنهن جنس جو ميوو رزق طور پهچائبو آهي؟ مگر منجهانئن گهڻا نه ڄاڻندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي چون ٿا ته "جيڪڏهن اسان توسان گڏ انهيءَ هدايت تي هلياسون ته پنهنجي زمين مان ڪڍي ڦٽو ڪيا وينداسون". ڇا اها حقيقت نه آهي ته اسان هڪڙي امن واري حرم کي سندن رهڻ جي جاءِ بنايوسون، جنهن ڏانهن هر قسم جا ميوا ڇڪجي اچن ٿا اسان وٽان رزق طور؟ پر انهن مان اڪثر ماڻهو ڄاڻن نٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي چوندا آهن، جي پيروي ڪريون ان هدايت جي تو سان گڏ، ته تڙيا وينداسين پنهنجي سرزمين تان، ڇا ائين درست ناهي جو اسان ٽڪڻ جو هنڌ امن وارو حرم انهن لاءِ بڻايو جنهن ڏانهن هر طرح جو ميوو پهچندو رهي ٿو رزق اسان جي طرفان، پر انهن مان گهڻا ماڻهو اهو ڄاڻن ئي نٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڪافرن مان ڪمزور دل وارا) چون ٿا ته جيڪڏهن اسان توهان سان گڏ هدايت وارو رستو ورتو ته اسان پنھنجي ئي سرزمين مان کنڀجي وينداسين. پر ڇا اسان حرم پاڪ کي پُرامن بنائي انهن جي لاءِ رهڻ جي جاءِ نه بنايو آهي؟ جو ان حرم پاڪ ڏي (دنيا جي هر طرف کان) اسان جي طرفان رزق طور مختلف قسمن جا ميوا پھچن ٿا؟ پر گهڻا ماڻهو ان ڳالهه کي سمجهن ئي نٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (قدر نه سڃاڻيندڙ) چون ٿا ته جيڪڏهن اسان توهان سان گڏ هدايت جي پيروي ڪريون ته اسان پنهنجي ملڪ مان جهٽجي وينداسين. ڇا اسان کين (هن) امن واري حرم (مڪي جو شهر جيڪو توهان جو ئي وطن آهي) ۾ نه آباد ڪيو جتي اسان جي طرفان رزق طور تي (دنيا جي هر پاسي کان) هر جنس جا ميوا پهچايا وڃن ٿا، پر انهن مان گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن (ته اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي صدقي ٿي رهيو آهي).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (اهي مڪي وارا) چون ٿا؛ جيڪڏهن اسان توسان گڏجي هدايت جا پيروڪار ٿينداسون ته (سمورو عرب اسان جو دشمن ٿي پوندو ۽) اسان پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏنا وينداسون. (ياد رکو اِهي انهن جي واهياب بڪواس آهي) ڇا اسان کين حرم ۾ امن سان نه رهايو، جتي هر ملڪ جو ثمر ڇڪجي ايندو آهي؟ جتي اسان جي پاران کين رزق رسندو آهي پر گهڻا ماڻهو اها حقيقت نه ٿا ڄاڻن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَكَم أَهلَكنا مِن قَريَةٍ بَطِرَت مَعيشَتَها فَتِلكَ مَسٰكِنُهُم لَم تُسكَن مِن بَعدِهِم إِلّا قَليلًا وَكُنّا نَحنُ الوٰرِثينَ (آيت : 58) |
۽ ڳوٺن مان ڪيترائي ويران ڪياسون جي پنھنجي گذران ۾ حد کان لنگھيا ھوا، پوءِ اُھي سندين رھڻ جون جايون آھن اُنھن کانپوءِ ڪن ٿورڙن (وقتن) کانسواءِ (اُتي) رھيوئي ڪونه آھي، ۽ آخر اسين (ئي) وارث ھواسون.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ ڪيترا نه شهر اسان نابود ڪري ڇڏيا جن جا ماڻهو پنهنجي عيش عشرت جي سامان ۽ مال متاع تي ناز ۽ فخر ڪندا هئا (۽ بدعمل ڪندا هئا) سو (ڏسو) اهي اٿو هنن جا گهر جي هنن کان پوءِ سواءِ ڪن ٿورن گهرن جي ويران پيا آهن ۽ اسان ئي انهن جا وارث ٿياسين.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اسان ڪيترائي ڳوٺ هلاڪ ڪيا جيڪي پنهنجي عيش جي زماني ۾ تڪبر ڪندا هئا، پوءِ اهي سندن گھر هئا جو انهن کان پوءِ انهن ۾ ڪو نه ٽڪيو مگر تمام ٿورا (ماڻهو)، ۽ اسين ئي وارث آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا. جيڪي پنهنجي (عيش جي) گذارن ۾ تمام وڏائي سان (زندگي) گذاريندا هئا ته (ڏسو ته) هي سندن (برباد ڪيل) گهر آهن جي ان کان پوءِ وري آباد نه ٿيا پر تمام ٿورا. ۽ (نيٺ) اسان ئي انهن جي (مال ۽ سامان جا) وارث ٿياسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيترا هلاڪ ڪياسون ڳوٺ جيڪي حد کان لنگهيا گذران پنهنجي ۾ پوءِ اهي جايون انهن جون آهن جو نه رهائش ڪيون ويون انهن کان پوءِ مگر ٿورو وقت ۽ هئاسين اسين وارث .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا جيڪي پنهنجي گذران ۾ حد کان لنگهي ويا. پوءِ اهي سندن رهڻ جون جايون آهن انهن کان پوءِ ڪن ٿورن وقتن کانسواءِ اُتي رهيو ئي ڪونه آهي ۽ (انهن جا) اسين ئي وارث هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪيتريون ئي بستيون برباد ڪري ڇڏيون جي پنهنجي خوشحالي تي سرڪش ٿي ويون، پوءِ هي سندن (اُجڙيل)گهر آهن جي انهن کان پوءِ ڪڏهن آباد ئي نه ٿيا سواءِ ٿورن جي. ۽ اسان ئي (سڀني جا) وارث آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ناس ڪياسون ڳوٺ ڪَئـِين، جَن ۾ سَندن گُذران، سِينگاريو، سُڌاريو وِيو، سَمرسِين، سامان، پوءِ اِهي آهن اُنهن جا، ماڙِيون ماڳه مَڪان، تَن پُڃاڻا تَن ۾، قوم رهِي ڪا ڪا نه، مگر مُدت ٿورڙِي، ڪي مُسافِر مِهمان، ۽ وارث جڳه جھان، اَسِين آخر آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪيترائي اهڙا ڳوٺ ناس ڪياسون جي سندن گذران ۾ حد کان لنگهيا هئا، پوءِ هي سندن گهر آهن ، جن ۾ هنن کان پوءِ ڪو ٿوروئي رهيو آهي_ ۽ نيٺ اسين ئي وارث هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون آباديون اسان برباد ڪري چڪا آهيون، جن پنهنجي خوشحاليءَ تي وڏائي ڪئي هئي، سو ڏسي وٺو، اهي آهن انهن جون جايون، جن منجهه کانئن پوءِ ڪو ورلي رهيو آهي ۽ نيٺ اسان ئي وڃي وارث بڻياسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪيتريون ئي تباهه ڪري چڪاسين وسنديون جن جي ماڻهن تڪبر ڪيو پنهنجي معيشت ۽ گذران تي، پوءِ ڏسو ته انهن جا ٺڪاڻا ائين پيا آهن، انهن کان پوءِ اتي ڪير رهيو آهي پر ٿورو ئي وقت، ۽ آخرڪار اسان ئي سندن وارث ٿي رهياسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان ڪيترن ئي شھرن کي صرف ان ڪري تباهه ڪيوسين جو اُهي پنھنجي خوشحال زندگي تي فخر ڪرڻ لڳا هئا پر اڄ انهن جا محل خالي پيل آهن. ان کان پوءِ انهن جي محلات ۾ ماڻهو ٿورو ئي وقت رهيا. نيٺ انهن محلات جا وارث اسان ئي ٿياسون. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان ڪيترين ئي (اهڙين) وسندين کي برباد ڪري ڇڏيو جيڪي پنهنجي خوشحال معيشت تي هٺ، ناشڪري ڪري رهيون هيون ته هي انهن جا (تباهه ٿيل) گهر آهن جيڪي کانئن پوءِ ڪڏهن آباد ئي نه ٿيا مگر تمام ٿورو، ۽ (نيٺ) اسان ئي وارث، مالڪ آهيون.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان اجاڙي ڇڏيا آهن جيڪي گذر سفر جي سامان سان مالامال هيا. اهي اجڙيل کنڊرات انهن ئي ماڻهن جا گهر آهن جيڪي ٿورن کان سواءِ وري آباد ٿي نه سگهيا ۽ آخرڪار انهن جي مال ملڪيت جا اسان ئي وارث ٿياسون. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما كانَ رَبُّكَ مُهلِكَ القُرىٰ حَتّىٰ يَبعَثَ فى أُمِّها رَسولًا يَتلوا عَلَيهِم ءايٰتِنا وَما كُنّا مُهلِكِى القُرىٰ إِلّا وَأَهلُها ظٰلِمونَ (آيت : 59) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر) تنهنجو پروردگار اهڙو ناهي جو بستيون ۽ شهر برباد ڪري ڇڏي، جستائين پهريائين انهن جي مرڪزي شهر ۾ هڪڙو رسول نه موڪلي. جو اسان جا حڪم کين پڙهي ٻڌائي (۽ پوءِ به هو انهن حڪمن جي پيروي نه ڪن) ۽ اسان ڪڏهن به شهر کي برباد نٿا ڪيون، سواءَ هن حالت جي جو انهن جا ماڻهو ظلم ڪندڙ (۽ خدا جي نافرماني ڪندڙ) هجن.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جو رب ڳوٺاڻن کي هلاڪ ڪندڙ ناهي ايستائين جو ان (مڪه مڪرمه) ۾ رسولِ عربي کي موڪليو جيڪو انهن تي اسان جون آيتون پڙهي ٿو، ۽ اسين ڳوٺاڻن کي هلاڪ ڪندڙ ناهيون، مگر جڏهن ان ۾ رهندڙ ظالم هجن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجو پالڻهار ڳوٺن کي (تيسين) برباد ڪرڻ وارو نه آهي جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ (صدر مقام) ۾ ڪو رسول نه موڪلي جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ اسين ڳوٺن کي برباد ڪندائي نه آهيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رهڻ وارا ظالم هجن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهي تنهنجو رب هلاڪ ڪندڙ ڳوٺن کي تان جو موڪلي مرڪزي شهر انهن ۾ پيغمبر جو پڙهي انهن تي آيتون اسان جون ۽ ناهيون اسين هلاڪ ڪندڙ ڳوٺن جا مگر ان حال ۾ جو انهن جا رهاڪو ظلم ڪندڙ آهن .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي (تيسين) برباد ڪرڻ وارو نه آهي جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ ۾ ڪو رسول نه موڪلي جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي. ۽ اسين ڳوٺن کي برباد ڪرڻ وارا نه آهيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رهڻ وارا ظالم هجن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهار ڳوٺن کي (تيستائين) هلاڪ ڪرڻ وارو نه آهي جيستائين انهن جي مرڪزي شهر ۾ ڪو رسول نه موڪلي جيڪو انهن تي اسان جون آيتون تلاوت ڪري، ۽ اسان ڳوٺن کي هلاڪ ڪرڻ وارا نه آهيون مگر ان حال ۾ جو اتان جا رهواسي ظالم هجن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِين سَندئـِي، ڪِنهن ڳوٺ کي، ناهي ڪَندڙ ناس، تان مُرسل موڪلي اُن مان، وَڏِيءَ وَسندِي پاس، ۽ آيتون اِلماس، پَڙهي اَسان جون اُنهن مَٿي. ۽ ناس ڪندڙ ناهيون، ڪو ديرو اِنهيان ڌار، ته هُئا هاڃيڪار، سَٻر ساڪِن اُن جا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجو ڌڻي تيستائين ڳوٺن کي ناس نه ڪندو آهي، جيستائين منجهانئن وڏي (شهر) ۾ ڪو رسول نه موڪلي، جو اسان جو آيتون کين پڙهي ٻڌائي ۽ اسين ڳوٺن کي فقط تڏهن ئي ناس ڪندا آهيون، جڏهن سندن رهاڪو ظالم هوندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ تنهنجو رب ته آبادين کي تباهه ڪرڻ وارو نه هو، جيستائين هو سندن مرڪز ۾ ڪو رسول نه موڪلي ڏئي، جيڪو کين اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ پڻ اسان آبادين کي تيستائين برباد ڪرڻ وارا نه هئاسون، جيستائين سندن رهاڪو ظالم نه بنجن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ايستائين تنهنجو رب تباهه ڪرڻ وارو ڪونه هو وسندين کي جيستائين نه موڪليو انهن جي مرڪز ۾ ڪنهن رسول کي، جيڪو کين ٻڌائي پيو اسان جون آيتون، ۽ نه وري اسان تباهه ڪندڙ هئاسين ڳوٺن کي جيستائين انهن جا باسي ظالم نٿي ٿيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى ڪڏهن به ڪنھن شهر کي ان وقت تائين تباهه نه ڪندو آهي جيستائين اُن جي وڏي شھر ۾ ڪو رسول نه موڪلي. جيڪو انهن کي اسان جون آيتون تلاوت ڪري ٻڌائي ۽ اسان انهن شھرن کي به تباهه نه ڪندا آهيون جيستائين هو ظلم جي ڪمن ۾ حد کان وڌيڪ لنگهي نه وڃن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان جو رب ڳوٺن کي تباهه ڪرڻ وارو نه آهي ايستائين جو اُهو ان جي وڏي مرڪزي شهر (Capital) ۾ پيغمبر موڪلي جيڪو مٿن اسان جون آيتون تلاوت ڪري ۽ اسان ڳوٺن کي تباهه ڪرڻ وارا نه آهيون مگر ان حال ۾ ته اتان جا رهڻ وارا ظالم هجن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (ياد رکو توهان جي پالڻهار جو قانون اهو آهي ته) هو ڪڏهن به ماڻهن جي آبادين کي (عملن جي پاداش ۾) برباد نه ڪندو آهي- جيستائين انهن جي مرڪزي ڳوٺ ۾ ڪو پيغمبر نه موڪلي ۽ جيستائين اهو پيغمبر خدا جون آيتون پڙهي نه ٻڌائي. ۽ اسان ڳوٺ ويران ڪندڙ ناهيون سواءِ انهن ڳوٺن جي جن جا رهواسي ظالم هوندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما أوتيتُم مِن شَيءٍ فَمَتٰعُ الحَيوٰةِ الدُّنيا وَزينَتُها وَما عِندَ اللَّهِ خَيرٌ وَأَبقىٰ أَفَلا تَعقِلونَ (آيت : 60) |
۽ ھر ھڪ جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇونه سمجھ رکندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به شيون (مال رزق) اوهان کي ڏنيون ويون آهن، سي فقط هن دنيا جي زندگيءَ جو سامان آهي ۽ ان جو زيب زينت آهي. (هيءَ زندگي گهڙيءَ جو جهٽڪو آهي.) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي الله وٽ آهي (يعني روحاني خوشيون ۽ مرڻ بعد جنت جون نعمتون) گهڻو بهتر ۽ گهڻو جٽاءِ ڪندڙ (يعني دائمي) آهي. ڇا توهان ايترو به نٿا سمجهو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي جيڪا شيءِ عطا ڪئي وڃي ٿي پوءِ (اها) دنيا جي حياتي جو سامان ۽ زينت آهي، ۽ جيڪو الله تعالى وٽ آهي اهو بهتر ۽ زياده بقا وارو آهي، ڇا پوءِ توهان نٿا سمجھو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جو ڪجھ اوهان کي ڏنو ويو آهي سو (فقط فاني) دنيا جي حياتي جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي، جيڪي الله وٽ آهي سو گهڻو چڱو ۽ جٽادار آهي، ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪي ڏنا ويا آهيو اوهان هر شيءِ مان پوءِ دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي ۽ جيڪي الله وٽ آهي ڀلو ۽ بقادار آهي ڇا پوءِ نه ٿا عقل رکو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جو ڪجهه اوهان کي ڏنو ويو آهي سو (فقط) دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي، ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو گهڻو چڱو ۽ جٽادار آهي ڇا پوءِ عقل کان ڪم نه ٿا وٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توهان کي جا به شيءِ ڏني وئي سا فقط دنياوي زندگي جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي، ۽ جيڪي الله وٽ آهي سو ڀلو ۽ بقادار آهي. ڇا توهان (پوءِ به) نه ٿا سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جيڪِي ڏِنو وِيو اوهان کي، سَمر ۽ سامان، سو نفعو ننڍِيءَ ڄَمار جو، ۽ جَھلڪو مَنجھ جھان، ۽ بِهتر بَقادار سي، باغ ۽ بُستان، جي صاحِب وَٽ سُبحان، پَڙهِي ڇو نه پَرُوڙيو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اوهان کي جيڪي به شيون ڏنل آهن، سي سڀ دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ سندس سينگار آهن ۽ جيڪي الله وٽ آهي، سو ڀلو ۽ سدائين رهندڙ آهي_ پوءِ ڇو نٿا پروڙيو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي جيڪي ڪجهه ڏنو ويو آهي، سو ته رڳو دنيا واريءَ زندگيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، سو ان کان گهڻو ڀلو آهي ۽ وڌيڪ پائدار آهي. پوءِ ڀلا توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو ڇا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توهان ماڻهن کي ڏنو ويو آهي جيڪي ڪجهه، اهو فقط دنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جي سونهن آهي، ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي، اهو ان کان وڌيڪ سٺو ۽ باقي رهڻ وارو آهي، پوءِ ڇا توهان عقل کان ڪم نٿا وٺو؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ماڻهن کي جيڪو ڪجهه ڏنو ويو آهي اهو ته رڳو دنيا جي زندگي جو سامان ۽ ان جي سونهن آهي ۽ جيڪو ڪجهه الله تعالى وٽ آهي اهوئي بھتر آهي ۽ هميشه رهڻ وارو آهي. پوءِ توهان عقل کان ڪم ڇو نٿا وٺو؟(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪا شيءِ به توهان کي عطا ڪئي ويئي آهي سو (اُها) دنيا جي زندگي جو سامان ۽ ان جو ۽ سينگار آهي. پر جيڪا شيءِ (هاڻي) الله وٽ آهي اُها (ان کان) وڌيڪ ڀلي ۽ دائمي آهي. ڇا توهان (ان حقيقت کي) نٿا سمجهو؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪو ڪجهه توهان کي ڏنو ويو آهي ته اهو رڳو دنياوي زندگيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آهي ۽ جيڪي ڪجهه الله وٽ آهي اهو ان کان گهڻو بهتر ۽ جٽادار آهي ڇا توهين عقل کان ڪم نه ٿا وٺو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
أَفَمَن وَعَدنٰهُ وَعدًا حَسَنًا فَهُوَ لٰقيهِ كَمَن مَتَّعنٰهُ مَتٰعَ الحَيوٰةِ الدُّنيا ثُمَّ هُوَ يَومَ القِيٰمَةِ مِنَ المُحضَرينَ (آيت : 61) |
ڀلا جنھن کي چڱو انعام ڏنوسون اُھو ھو لھڻ وارو آھي سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جنھن کي دنيا جي سامان سان آسودو ڪيوسون وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ڇا اهو شخص جنهن سان اسان (ڪاميابي ۽ سعادت جو) نيڪ واعدو ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ (واعدي واري ڪاميابي ۽ سعادت) حاصل به ڪندو سو انهيءَ شخص جهڙو آهي جنهن کي اسان دنيائي زندگيءَ جو مال متاع ڏنو (تنهن هوندي به بي شڪر ٿي نافرماني ۽ بدعمل ڪيائين) پوءِ هو قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن جي قطار ۾ هوندو جيڪي (سزا ملڻ لاءِ) حاضر ڪيا ويندا؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اهو (مؤمن) جنهن سان اسان بهشت جو وعدو ڪيو پوءِ اهو کيس ضرور ملندو، ان (مؤمن) جو مثال ان ڪافر جهڙو آهي جنهنکي دنيا جي سامان مان نفعو ڏنوسين ان کان پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن (حساب لاءِ) حاضر ڪيلن مان هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڀلا اهو شخص جنهن سان (بهشت جو) اسان چڱو وعدو ڪيو آهي ۽ اهو ان کي حاصل ڪندو، ان ماڻهوءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو جنهن کي اسان دنياوي حياتيءَ جا (ڪي ڏينهن) فائدي جا عطا ڪيا آهن ۽ پوءِ قيامت جي ڏينهن (جوابدار ٿي اسان وٽ) حاضر ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ جنهن کي وعدو ڏنو اسان وعدو سهڻو پوءِ اهو ملندڙ ان جو آهي ان وانگر آهي جو نفعو ڏنوسون ان کي دنيا جي حياتيءَ جي سامان جو تنهن کان پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن حاضر ڪيلن مان هجي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ڀلا جنهن سان چڱو وعدو ڪيوسون پوءِ اهو ان کي ڏسڻ وارو (به) آهي سو اُن جهڙو آهي ڇا جنهن کي (فقط) دنيا جي حياتيءَ جو فائدو پهچايوسون وري قيامت جي ڏينهن (عذاب ۾ ) حاضر ڪيلن مان ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا جنهن ماڻهو سان اسان سُهڻو وعدو ڪيو پوءِ اهو ان کي ملڻ وارو به آهي سو ان ماڻهو وانگر آهي ڇا جنهن کي اسان دنياوي زندگي جو سامان ڏنو پوءِ اُهو قيامت واري ڏينهن (سزا لاءِ پيش ٿيندڙن سان گڏ) حاضر ڪيلن مان ٿي وڃي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ٻول ٻَڌاسون جِنهن سان سُهڻا سراسر، جيڪِي باغ بهشت ۾، ماڻيندو مُيَسَّر، پوءِ اِهو اِنعام ۾، آهي اُن وانگر؟، جنهن کي ڏِناسُون ڏِينهن ٻَه ٽي، وَٽابا ويتر، ڏُ کـئي ڏينهن قِيام جي، سو موٽِي مَنجھ محَشر، ٻَرندڙ آگه اَندر، هُوندو حاضرن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڀلا جنهن شخص کي سٺو انجام ڏنو اٿئون، جو هن کي ملندو، اهو انهي جهڙو آهي ڇا، جنهن کي دنيا جي حياتيءَ جي سامان سان آسودو ڪيوسون، پوءِ وري اهو قيامت ڏينهن جوابدار بنجي اچي؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهو ماڻهو جنهن سان اسان سهڻو وعدو ڪيو هجي ۽ هو ان کي ماڻڻ وارو به هجي، اهو ڪڏهن انهيءَ شخص وانگر ٿي سگهي ٿو، جنهن کي اسان فقط دنيا جي زندگيءَ جو ساز و سامان ڏنو هجي ۽ پوءِ قيامت جي ڏينهن هو سزا لاءِ پيش ڪيو وڃڻو هجي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڀلا اهو شخص جنهن سان اسان وعدو ڪيو هجي سٺو پوءِ اهو ان کي حاصل ڪرڻ وارو به هجي سو ان وانگر ٿي سگهي ٿو جنهن کي اسان سامان ڏنو هجي رڳو دنيا جي حياتيءَ جو ۽ پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن پيش ٿيڻ وارو هجي سزا جي لاءِ؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ماڻهوءَ سان اسان (جنت جو) سھڻو وعدو ڪيو هجي پوءِ اهو ان کي حاصل به ڪري ته ڇا اهو ان ماڻهو جھڙو ٿي سگهي ٿو جنھن کي اسان رڳو دنيا جي حياتي جي سامان سان خوشحال ڪيو هجي؟ ۽ قيامت جي ڏينھن هو عذاب لاءِ پيش ٿئي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ڇا اُهو شخص جنهن سان اسان (آخرت جو) ڪو سٺو وعدو فرمايو هجي پوءِ هو ان کي ماڻيندڙ ٿي پوي، ان (بد نصيب) وانگر ٿي سگهي ٿو جنهن کي اسان دنيا جي زندگي جي سامان سان نوازيو هجي پوءِ اُهو (نعمت جي ناشڪري جي ڪري) قيامت جي ڏينهن (عذاب جي لاءِ) حاضر ڪيلن مان ٿي پوي؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ڇا ڀلا اهو ماڻهو، جنهن سان اسان سهڻو واعدو ڪري ڇڏيو هجي ۽ ان سان ڪيل واعدو پورو به ٿيو هجي سو ان شخص وانگر ٿي سگهي ٿو- جنهن کي رڳو دنيوي زندگيءَ جو ساز سامان ڏئي ڇڏيو هجئون ۽ پوءِ اهو قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن منجهان ٿئي جيڪي (مجرم جي حيثيت سان اسان جي) سامهون آندا وڃن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 62) |
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو ته مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جَھڙو) ڀائيندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن خدا انهن (نافرمان ماڻهن) کي سڏي پڇندو ته ڪٿي آهن اوهان جا اهي معبود (بت، نفساني خواهشون يا چالاڪ يا زبردست ماڻهو) جن کي توهان منهنجا شريڪ سمجهندا هئو؟(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) قيامت جي ڏينهن الله تعالى انهن کي پڪاريندو پوءِ فرمائيندو منهنجا اهي شريڪ ڪٿي آهن جنهن لاءِ توهان جو گمان هو (ته اهي منهنجا شريڪ آهن)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن خدا انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندن ته جن کي اوهان اسان جو شريڪ خيال ڪندا هئا، اهي (اڄ) ڪٿي آهن؟ (مطلب ته اهي بنايل شريڪ به سڏايا ويندا).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي پوءِ فرمائيندو ته ڪٿي آهن شريڪ منهنجا جيڪي اوهان گمان ڪندا هيئو (احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو ته اهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن (جي شريڪ ٿيڻ) جي اوهين دعويٰ ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو ۽ پوءِ چوندو ته: ”اُهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) ڀائيندا هيئو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِبُنِ، پَڙهو جنهن ڏينهن ۾، چَئبُنِ اِهڙِيءَ چال، ڪٿي، سي ڀائـِينداهُئا، جن کي جوڙيوال؟، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن الله کين سڏي چوندو ”ڪٿي آهن اهي شخص، جن کي اوهين منهنجو ڀائيوار پيا ڀائيندا هئا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (نه وسارين اهي ماڻهو) انهيءَ ڏينهن کي جڏهن هو (الله) کين سڏيندو ۽ پڇندو، "ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن جي توهان دعويٰ ڪندا هيؤ؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (نه وسارين اهي ماڻهو) ان ڏينهن کي جڏهن اهو کين پڪاريندو، ڪٿي آهن اهي منهنجا شريڪ، جن کي توهان (مون جهڙو) ڀائيندا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن الله تعالى کين سڏيندو ۽ چوندو ته ڪٿي آهن اُهي جن کي توهان منھنجو شريڪ سمجهندا هئا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندو ته منهنجا اُهي شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) خيال ڪندا هئا؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جنهن ڏينهن تي الله، انهن (ڪافرن) کي سڏي فرمائيندو؛ ڪٿي آهن اهي ماڻهو جن بابت توهين ڀانئيندا هيئو ته اهي منهنجا شريڪ آهن؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ الَّذينَ حَقَّ عَلَيهِمُ القَولُ رَبَّنا هٰؤُلاءِ الَّذينَ أَغوَينا أَغوَينٰهُم كَما غَوَينا تَبَرَّأنا إِلَيكَ ما كانوا إِيّانا يَعبُدونَ (آيت : 63) |
(ان ڏينھن) جن تي عذاب (جو حُڪم) لازم ٿي چڪو ھوندو سي چوندا ته اي اسانجا پالڻھار ھي اُھي آھن جن کي گمراھ ڪيوسون، جھڙو پاڻ گمراھ ٿياسون تھڙو کين (به) گمراھ ڪيوسون، (ھاڻي سڀني کان) تنھنجي آڏو بيزار ٿيون ٿا، اُھي اسان کي نه پوڄيندا ھوا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهي ماڻهو جيڪي خدا جي عذاب جا حقدار ثابت ٿيندا (يعني جن تي خدا جي عذاب وارو قول سچو ثابت ٿيندو) سي (انهيءَ ڏينهن) چوندا ته اي اسان جا پروردگار! هي آهن اهي جن کي گمراهه ڪيوسين، جيئن اسان پاڻ به گهمراهه هئاسين، تيئن هنن کي به گمراهه ڪيوسين. اسان تنهنجي حضور ۾ هنن کان بيزار ۽ دستبردار ٿيون ٿا. (سچ هي آهي ته) هو اسان جي ٻانهپ نه ڪندا هئا، (پر پنهنجي جهل ۽ نفساني خواهشن جي پٺيان لڳي اسان جي انهيءَ قول تي هلندا هئا جو کين وڻندو هو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهي ماڻهو چوندا جن تي عذابِ الاهي ثابت ٿي چڪو هوندو، اي اسان جا رب هيءُ اُهي آهن جن کي اسان گمراه ڪيو، اسان برابر انهن کي گمراه ڪيو پر اهي پنهنجي مرضي سان گمراه ٿيا، اسين انهن کان بيزار ٿي تو ڏانهن موٽون ٿا، اهي اسان جي عبادت نه ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن ڏينهن اهي جن تي (سزا جي) ڳالھ لازم ٿي چڪي هوندي سي چوندا ته اي اسان جا پالڻهار هي اهي ئي آهن جن کي اسان گمراھ ڪيو، جيئن پاڻ گمراھ ٿياسون تئين اسان انهن کي گمراھ ڪيو (هاڻي) اسين تنهنجي اڳيان سڀني کان بيزار ٿيون ٿا، اهي (خاص) اسان کي ئي پوڄيندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چوندا اهي جو لازم ٿيو انهن تي فرمان اي اسان جا پالڻهار! هي اهي آهن جن کي گمراھ ڪيوسون انهن کي جيئن گمراھ ٿياسون بيزار ٿياسون تو وٽ اسان جي عبادت نه ڪندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) تنهن ڏينهن اهي جن تي (سزا جي) ڳالهه لازم ٿي چڪي هوندي سي چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ هي اُهي آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو جيئن پاڻ گمراهه ٿياسون تيئن اسان انهن کي گمراهه ڪيو. (هاڻي) اسين تنهنجي اڳيان (سڀني کان) بيزار ٿيون ٿا.اهي (خاص) اسان کي ئي نه پوڄيندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ماڻهو جن تي (عذاب جو) فرمان ثابت ٿي چڪو هوندو سي چوندا: ” اي اسان جا پالڻهار! هي ماڻهو آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو هيو، اسان کين (ائين) گمراهه ڪيو هيو جيئن اسان (خود) گمراهه ٿياسين، اسان انهن کان بيزار ٿيندي تو ڏانهن متوجهه ٿيون ٿا، اُهي صرف اسان جي پوڄا ڪونه ڪندا هئا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قول قراريو جَن تي، تن قبولِي اِها ڳالھ، هِي سي، ڀُلايوسون جَن کي، ڀَلا بي مثال!، ڀُلايوسونِ جيئن، اَسِين ڀُلياسون بحال، توڏي وَرياسون، تن کان، ڦِرياسون فِى الحال، ڪِين ڪَندا هُئا ڪالھ، پُوڄاپاٺ اسان جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جن تي عذاب جو حڪم لازم ٿيل هوندو، سي چوندا ”اي اسان جا ڌڻي! هي اهي آهن جن کي گمراهه ڪيوسون، جيئن پاڻ گمراهه ٿياسون تيئن هنن کي به گمراهه ڪيوسون_ تو وٽ کانئن بيزار ٿا ٿيون، هو هر گز اسان جي بندگي نه ڪندا هئا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جن تي اها ڳالهه لاڳو ٿيندي، اهي چوندا: "اي اسان جا رب! بيشڪ اهي ئي اٿيئي اُهي ماڻهو، جن کي اسان گمراهه ڪيو هو، انهن کي اسان ائين ئي گمراهه ڪيو، جيئن اسان پاڻ گمراهه ٿي وياسون. اسان تنهنجي آڏو لاتعلق هجڻ جو اظهار ڪريون ٿا، اهي اسان جي ته عبادت ڪندا ئي نه هئا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (جن تي اها ڳالهه لاڳو ٿيندي) اهي چوندا بيشڪ هي ئي اهي ماڻهو آهن اي اسان جا پالڻهار! جن کي اسان گمراهه ڪيو هو. انهن کي اسان ائين گمراهه ڪيو هو جيئن اسان پاڻ گمراهه ٿياسين، بيزاري ظاهر ڪريون ٿا تنهنجي آڏو، اهي نه ڪندا هئا اسان جي بندگي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن جيڪي ماڻهو سزا يافته هوندا، سي اعتراف ڪندا ته اي اسان جا پالڻھار! واقعي اِهي ئي ماڻهو آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو هو جيئن اسان پاڻ گمراهه هئاسين. انهن کي به اهڙي طريقي سان گمراهه ڪري ڇڏيو(هينئر) تنھنجي سامهون اسان انهن کان بيزاري جو اظهار ڪريون ٿا، هو اسان جي هرگز عبادت نه ڪندا هئا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهي ماڻهو جن تي (عذاب جو) فرمان ثابت ٿي چڪو چوندا: اي اسان جا رب! هي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو هو اسان هنن کي (ائين) گمراهه ڪيو جيئن اسان (پاڻ) گمراهه ٿيا هئاسين، اسان انهن کان بيزاري ظاهر ڪريون ٿا تو ڏانهن متوجهه ٿيون ٿا ۽ اُهي (حقيقت ۾) اسان جي پوڄا نه ڪندا هئا (بلڪه پنهنجي نفساني خواهشن جا پوڄاري هئا).(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جن تي الله (جي عذاب) جو فرمان ثابت ٿي چڪو سي چوندا ته؛ اي اسان جا پالڻهار ! اهي اهڙا ماڻهو آهن جن کي اسان گمراهه ڪيو هيو. اسان کين اهڙيءَ ريت گمراهه ڪيو هيو جيئن اسان پاڻ گمراهه هئاسون. اسان تنهنجي آڏو بيزاريءَ جو اظهار ڪريون ٿا، اهي ماڻهو اسان جي پوڄا نه ڪندا هيا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقيلَ ادعوا شُرَكاءَكُم فَدَعَوهُم فَلَم يَستَجيبوا لَهُم وَرَأَوُا العَذابَ لَو أَنَّهُم كانوا يَهتَدونَ (آيت : 64) |
۽ چيو ويندو ته پنھنجن شريڪن کي سڏيو پوءِ کين سڏيندا ته اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا ته) جيڪر دنيا ۾ ھدايت وارا ھجون ھا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (مشرڪن کي) چيو ويندو ته (هاڻي) سڏيو پنهنجي انهن معبودن کي جن کي خدا سان شريڪ ڪندا هئو (۽ کين عرض ڪيو ته اوهان جي سفارش ڪن ۽ اوهان کي عذاب کان بچائين) تنهن تي اهي پنهنجي معبودن کي سڏيندا پر اهي کين جواب ئي ڪونه ڏيندا ۽ هو عذاب کي پنهنجي اکين اڳيان ڏسندا. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو هدايت وارو سڌو رستو وٺن ها.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) انهن کي چيو ويندو ته توهان پنهنجي شريڪن کي سڏيو پوءِ اهي انهن کي سڏيندا، پوءِ اهي کين جواب نه ڏيندا ۽ اهي (سخت) عذاب ڏسندا، ڪاش! اهي هدايت وارا ٿين ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ چيو ويندو ته ڀلا پنهنجن (انهن) شريڪن کي (جن کي اوهين خدا سمجهندا هئا) سڏيو ته اهي کين جواب به نه ڏيندا (پڻ پنهنجين اکين سان) عذاب کي ڏسندا. (۽ خواهش ڪندا ته) جيڪر اهي (دنيا ۾) هدايت وارا ٿين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ويندو سڏيو شريڪن پنهنجن کي پوءِ سڏيندا انهن کي پوءِ نه جواب ڏيندا انهن کي ۽ ڏسندا عذاب جيڪڏهن تحقيق اهي هدايت وارا هجن ها .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ چيو ويندو ته اوهين پنهنجن (الله سان) شريڪ ڪيلن کي سڏيو سو اهي انهن کي سڏيندا پوءِ اهي انهن کي جواب نه ڏيندا ۽ هي عذاب ڏسندا (۽ خواهش ڪندا ته) جيڪر اهي هدايت وارا ٿين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ چيو ويندو ته: ”پنهنجي شريڪن کي سڏيو“ پوءِ انهن کي سڏيندا ته اُهي کين جواب نه ڏيندا ۽ عذاب کي ڏسندا (ته چوندا) ”هائو جي اُهي هدايت وارا ٿين ها“!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چي، سَڏيو اَهنجي سائـِيَنِ کي، پوءِ واڪيائون تِنهن وار، پوءِ جُڙيُنِ ڪو نه جواب ڪو، ۽ جڏهن اکيُنِ ڏِٺئون آزار، هُوند ٿِي هوشيار، وَٺنِ هاڪا واٽ سَنئـِين!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ چئبن ته ”هاڻي پنهنجن سائين کي سڏيو“، پوءِ کين سڏيندا، ته هو کين ورندي ڪا نه ڏيندا ۽ عذاب کي ڏسندا ( ته چوندا) هاءِ! جيڪڏهن پاڻ سنيئن واٽ تي هلن ها!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ انهن کي چيو ويندو ته سڏيو هاڻي پنهنجن شريڪن کي. هو کين سڏيندا پر اهي کين ورندي نه ڏيندا ۽ هو وڃي عذاب ڏسندا. جيڪر هو هدايت تي هلن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هاڻي انهن کي چيو ويندو ته، سڏيو پنهنجن انهن (ٺاهيل) شريڪن کي پوءِ اهي کين سڏيندا پر اهي کين ڪو جواب نه ڏيندا، ۽ جڏهن اهي ڏسندا عذاب (ته چوندا) جيڪر اهي (دنيا ۾) هدايت اختيار ڪرڻ وارا هجن ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ کين چيو ويندو ته پنھنجي شريڪن کي سڏيو. پوءِ هو اُنهن کي سڏيندا پر هو انهن کي ڪوبه جواب نه ڏيندا ۽ عذاب کي ڏسي چوندا ته ڪاش! هو هدايت وارو رستو وٺن ها. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (انهن کي) چيو ويندو توهان پنهنجي (هٿ جي ٺاهيل) شريڪن کي سڏيو سو اُهي انهن کي سڏيندا پوءِ اُهي (شريڪ) انهن کي ڪوبه جواب نه ڏيندا ۽ اُهي ماڻهو عذاب کي ڏسندا ڪاش! اُهي (دنيا ۾) هدايت جي واٽ لهي چڪا هجن ها.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ کين چيو ويندو؛ توهين پنهنجن شريڪن کي (مدد جي لاءِ) پڪاريو. هو پڪارڻ لڳندا، پر (سندن جُڙتو معبود) کين ڪا به وراڻي نه ڏيندا ۽ اهي مشرڪ ماڻهو عذاب ڏسي وٺندا. (ته سَڌا ڪندا) ڪاش ! اهي (دنيا ۾) هدايت ماڻين ها. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ ماذا أَجَبتُمُ المُرسَلينَ (آيت : 65) |
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏيندو پوءِ چوندو ته اوھان پيغمبرن کي ڪھڙي ورندي ڏني.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ ڏينهن خدا (منڪرن کي) سڏي چوندو ته توهان (منهنجي موڪليل) رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ (۽ ڪيتري قدر سندن نصيحتن تي عمل ڪيو؟)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) الله تعالى قيامت جي ڏينهن انهن کي سڏيندو، پوءِ پاڻ فرمائيندو ته توهان رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ اهو ڏينهن ياد ڪريو) جنهن ڏينهن خدا ماڻهن کي سڏيندو ۽ پڇندو ته اوهان پيغمبرن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي پوءِ چوندو ته ڪهڙو جواب ڏنو اوهان مرسلن کي؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو ته اوهان پيغمبرن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو ته: ”توهان رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو هيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِبُنِ پڙهو جنهن ڏِينهن، پوءِ چَئبُنِ اِهڙِي چال، ته جَيَرِي جواب مُرسَلِين، ڪِهڙو ڏِنان ڪالھ؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن الله کين سڏيندو پوءِ چوندو ته ”اوهان رسولن کي ڪهڙو جواب ڏنو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ (نه وسارين اهي ماڻهو) اهو ڏينهن جڏهن هو (الله) کين سڏيندو ۽ پڇندو ته "جيڪي رسول موڪليا ويا هئا، انهن کي توهان ڪهڙي ورندي ڏني هئي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (اهي ماڻهو نه وسارين) جڏهن اهو ڏينهن کين سڏي ۽ پڇندو، توهان ڪهڙو جواب ڏنو هو موڪليل رسولن کي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن الله تعالى کين سڏيندو ۽ چوندو ته توهان رسول سڳورن کي ڪھڙو جواب ڏنو هو؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو ته اُهو فرمائيندو: توهان پيغمبرن کي ڪهڙو جواب ڏنو هو؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ان ڏينهن الله، انهن ڪافرن کي سڏي چوندو ته: توهان پيغمبرن کي ڪهڙي موٽ ڏني هئي- (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَعَمِيَت عَلَيهِمُ الأَنباءُ يَومَئِذٍ فَهُم لا يَتَساءَلونَ (آيت : 66) |
پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون پوءِ اُھي پاڻ ۾ (به) نه پڇندا.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر انهيءَ ڏينهن هنن کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ايندي (تنهن ڪري ڪو جواب ئي ڪونه ڏئي سگهندا) نڪي هو هڪٻئي کان ڪجهه پڇي سگهندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ قيامت جي ڏينهن اهي ڪو دليل پيش ڪري نه سگھندا ۽ نه ئي اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇي سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان ڏينهن انهن ماڻهن کان سڀ ڳالهيون ڀلجي وينديون جو هڪ ٻئي کان پڇي به نه سگهندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڀلجي پيون انهن تي خبرون ان ڏينهن پوءِ پاڻ ۾ (به) نه پڇندا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِان ڏينهن انهن کان سڀ ڳالهيون ڀلجي وينديون جو هڪ ٻئي کان پڇندا به نه. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان ڏينهن انهن کان سڀ ڳالهيون ڀُلجي وينديون پوءِ هڪ ٻئي کان پڇي به نه سگهندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُنجھي وِيُنِ مَتيون، نه سَمجھن سَنئـِين ڳالھ، پوءِ اُنهن کان اَحوال، وَرِي وَٺبو ڪو نه ڪو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ان ڏينهن کانئن سڀ ڳالهيون وسري وينديون ۽ پوءِ هو سوال جواب به نه ڪري سگهندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان وقت ته انهن کان ڪابه ڳالهه نه نڪرندي ۽ نڪي پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي کان پڇي سگهندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان وقت انهن کي ڪوبه جواب ڪونه سُجهندو پوءِ اهي هڪ ٻئي کان به پڇي نه سگهندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن اُنهن کان سڀ ڳالهيون وسري وينديون ۽ هو هڪ ٻئي کان پُڇي به نه سگهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ته مٿن ان ڏينهن خبرون پوشيده ٿي وينديون جو اُهي هڪٻئي کان پڇي (به) نه سگهندا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ته ان ڏينهن کانئن سڀ ڪجهه وڃائجي چڪو هوندو. تنهنڪري هو هڪ ٻئي کان به ڪجهه پڇي ڪونه سگهندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَأَمّا مَن تابَ وَءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا فَعَسىٰ أَن يَكونَ مِنَ المُفلِحينَ (آيت : 67) |
پوءِ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سو اُميد آھي ته ڇٽلن مان ٿيندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر جنهن شخص (دنيوي زندگيءَ ۾ ئي بي ايماني ۽ بدعملي ڇڏي خدا ڏي) موٽ ڪئي ۽ (حق تي) ايمان آندائين ۽ صالح عمل به ڪيائين سو اميد رکي ٿوسگهي ته انهن ۾ هوندو جيڪي ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پر پوءِ جيڪو ماڻهو توبه تائب ٿيو ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين، پوءِ اهو جلدي نجات وارن مان هوندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر هاءُ! جنهن توبه ڪئي هوندي ۽ ايمان آندو هوندو ۽ چڱا ڪم ڪيا هوندائين سو اميد آهي ته ڪاميابن مان ٿي ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پر جنهن توبہ ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ ڪيائين سهڻا عمل پوءِ اميد آهي ته هوندو ڪامياب ٿيندڙن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جنهن توبه ڪئي هوندي ۽ ايمان آندو هوندو ۽ چڱو عمل ڪيو هوندو سو اُميد آهي ته ڪاميابن مان ٿيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جنهن ماڻهو توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ چڱا عمل ڪيائين پوءِ پڪ سان اُهو ڪامياب ماڻهن مان هوندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پر جو موٽيو ۽ مَڃئـِيين ۽ چڱِي ڌاريِين چال، پوءِ هُوندو سو هَرحال، سُڌِيرن جي ساٿ ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سو اميد ته ڇوٽڪارو پائيندڙ ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي جنهن اڄ توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين، اميد آهي ته اُهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارن مان هوندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) البته جنهن اڄ توبهه ڪري ورتي ۽ ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، اهو ئي اها اميد رکي سگهي ٿو ته اتي ڪاميابي حاصل ڪندڙن مان هوندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جنھن توبہ ڪئي، ايمان آندو ۽ نيڪ ڪم ڪيا، ٿي سگهي ٿو ته هُو ڪامياب ماڻهن ۾ شامل ٿي وڃي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پر جنهن توبه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ نيڪ عمل ڪيائين ته اُهو يقيناً ڪامياب ٿيڻ وارن مان هوندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) باقي جنهن شخص توبهه ڪئي ۽ ايمان آندائين ۽ چڱا ڪم ڪندو رهيو، اميد آهي ته اهڙو شخص فلاح ماڻيندو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَرَبُّكَ يَخلُقُ ما يَشاءُ وَيَختارُ ما كانَ لَهُمُ الخِيَرَةُ سُبحٰنَ اللَّهِ وَتَعٰلىٰ عَمّا يُشرِكونَ (آيت : 68) |
۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو خلقيندو آھي (۽ جنھن کي گھرندو تنھن کي) پسند ڪندو آھي، انھن کي ڪو اختيار ڪونھي، الله کي پاڪائي آھي ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ مَقرّر ڪندا آھن تنھن کان تمام مٿاھون آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو ۽ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي (ڪنهن ڪم لاءِ) چونڊي کڻي ٿو. اها ڳالهه ماڻهن جي اختيار ۾ ناهي ته هو پاڻ (خدائي ڪمن ۾ دست اندازيءَ ڪري) پاڻ چونڊ ڪن. پاڪ آهي الله تعاليٰ (ٻين جي دست اندازيءَ کان يا ٻين جي مشوري ۽ مدد جي احتياج کان) ۽ هو اهڙن ڳالهين کان گهڻو بلند ۽ بالا آهي، جيڪي (بيوقوف ماڻهو) ساڻس لڳائين ٿا ۽ ساڻس شريڪ ڪن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جو رب جنهنکي چاهي پيدا ڪري ۽ جنهنکي چاهي پسند ڪري، انهن کي ڪو اختيار ناهي، الله تعالى انهن جي شرڪ کان بلند ۽ پاڪ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تنهنجو پالڻهار جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو. (جنهن کي چاهي سو) چونڊي ٿو ۽ اهو پسند ڪرڻ (چونڊڻ) ماڻهن جي اختيار ۾ نه آهي. خدا پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تنهنجو رب پيدا ڪري ٿو جيڪي گهرندو آهي ۽ برگزيدو بنائيندو آهي ناهي انهن کي اختيار پاڪائي آهي الله جي ۽ مٿانهون ٿيو ان کان جنهن کي شريڪ ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تنهنجو پاليندڙ جيڪي گهري ٿو سو پيدا ڪري ٿو ۽ پسند ڪري ٿو. انهن کي پسند ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. الله پاڪ آهي ۽ انهن کان بلند آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهار جو چاهي ٿو پيدا ڪري ٿو ۽ جو چاهي ٿو پسند ڪري ٿو. ۽ ان ۾ انهن جو ڪو اختيار نه آهي. الله پاڪ آهي ۽ انهن (ڪوڙن معبودن) کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ والِي تُنهنجو وڻيسِ تِئين، جوڙي ٿو جنسار، گَھڙي، گُھري جنهن گھاٽ کي، مَرضيءَ جو مُختيار، ۽ ڪونهي اِختيار اُنهن کي، جن کي ڀائـِن ڀائيوار، تنين کان تڪرار، اَلله اُتم ۽ پاڪ گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجو ڌڻي جنهن کي مرضي پويس، پيدا ٿو ڪري ۽ پسند ٿو ڪري_ هنن کي ڪو به اختيار ڪونهي، الله پاڪ آهي ۽ انهي کان تمام مٿانهون آهي جو هو ساڻس ڀائيوار ٿا بنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب جيڪي وڻيس پيدا ڪري ٿو ۽ (پنهنجي ڪم لاءِ جنهن کي گهري پاڻ ئي) چونڊي وٺي ٿو، ان ڪم ۾ کين ڪوبه اختيار ڪونهي. الله پاڪ آهي ۽ تمام مٿانهون آهي، انهيءَ شرڪ کان جيڪو اُهي ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو رب اهو پئدا ڪندو جيڪي چاهيندو آهي ۽ چوندو آهي (پاڻ جنهن کي گهري) اها چونڊ انهن ماڻهن جي ڪرڻ جي ناهي. الله پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي ان شرڪ کان جيڪو اهي ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) تنھنجو پالڻھار جيڪا شيءِ چاهيندو آهي اُها پيدا ڪندو آهي ۽ (پنهنجي ڪم لاءِ جنھن کي چاهيندو آهي تنھن جي) چونڊ ڪندو آهي. انهن جي چونڊ ڪرڻ هنن ماڻهن جو ڪم نه آهي. الله تعاليٰ جي ذات انهن کان انتهائي پاڪ ۽ گهڻو بلند آهي جن کي هي ماڻهو شريڪ ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان جو رب جيڪي وڻيس پيدا فرمائي ٿو ۽ (جنهن کي گهري ٿو نبوت ۽ شفاعت جي حق سان نوازڻ جي لاءِ) چونڊي ٿو، انهن (منڪر ۽ مشرڪن) کي (ان معاملي ۾) ڪا مرضي ۽ اختيار حاصل نه آهي. الله پاڪ آهي ۽ مٿانهون آهي انهن (ڪوڙن معبودن) کان جن کي اُهي (الله جو) شريڪ قرار ڏين ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ تنهنجو رب جيڪو چاهيندو آهي اهو پيدا ڪندو آهي ۽ (جنهن کي چاهيندو آهي ان کي پنهنجي نبوت لاءِ) چونڊي وٺندو آهي- اها چونڊ انهن ماڻهن جو ڪم ناهي، الله ماڻهن جي شرڪ ۽ شريڪن کان پاڪ آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَرَبُّكَ يَعلَمُ ما تُكِنُّ صُدورُهُم وَما يُعلِنونَ (آيت : 69) |
۽ سندن سِينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پاڻ پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو. جيڪي هنن (بدڪار ماڻهن) جي دلين ۾ لڪل آهي ۽ جيڪي هو ظاهر ڪن ٿا سو سڀ هو ڄاڻي ٿو (تنهن ڪري هنن کي سندن بد خيالن ۽ عملن جي سزا ضرور ڏيندو.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان جو رب اهو سڀ ڪجھه ڄاڻي ٿو جيڪو اهي پنهنجي سينن ۾ لڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) اهي ماڻهو جي ڳالهيون پنهنجين دلين ۾ لڪائين ٿا ۽ جيڪي پاڻ ظاهر ڪن ٿا تنهن کي تنهنجو پروردگار چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تنهنجو رب ڄاڻي ٿو جيڪي لڪائين ٿا سينا انهن جا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سندن سينا جيڪي لڪائين ٿا ۽ جيڪي پاڻ ظاهر ڪن ٿا تنهن کي تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تنهنجو پالڻهار (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو جيڪو سندن سينا لڪائن ٿا ۽ جيڪو ظاهر ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي سانِڍينِ سَندنِ سِينَن ۾، يا ظاهِر ڪَن زبان، سو ٿو سَمجھي سائين تُنهنجو، سڀنِي کي سُبحان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تنهنجو ڌڻي اهو ڄاڻي ٿو، جيڪي سندن دل ۾ لڪل هوندو آهي يا هو پڌرو ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجو رب ڄاڻي ٿو، جيڪي انهن دلين ۾ لڪايو آهي ۽ جيڪي اهي کولي پڌرو ڪن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تنهنجو رب اهو سڀڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي اهي پنهنجي دلين ۾ لڪائن ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تنھنجو پالڻھار خوب ڄاڻي ٿو جيڪو ڪجهه هي ماڻهو پنھنجي دلين ۾ لڪائين ٿا ۽ ظاهر ڪن ٿا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان جو رب انهن (سڀني ڳالهين) کي ڄاڻي ٿو جيڪي انهن جي سينن (پنهنجي اندر ۾) لڪايون آهن ۽ جيڪو ڪجهه اُهي ظاهر ڪن ٿا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪو ڪجهه انهن جون دليون لڪائين ٿيون ۽ جيڪو ڪجهه ظاهر ڪن ٿيون سو، تنهنجو رب خوب ڄاڻي ٿو.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَهُوَ اللَّهُ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ لَهُ الحَمدُ فِى الأولىٰ وَالءاخِرَةِ وَلَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 70) |
۽ اُھو الله آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، دُنيا ۽ آخرت ۾ سندس ساراھ آھي، ۽ سندس ئي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھان کي موٽائبو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اهوئي (هڪ) الله آهي هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. اول توڙي آخر سڀ ساراهه فقط الله جي لاءِ آهي ۽ حڪم يا حڪومت رڳو سندس آهي. ۽ اوهان سڀني کي ڏانهس ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهو ئي الله آهي، ناهي ڪو معبود مگر اهو، دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي تعريف آهي، ۽ ان جو حڪم آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو ئي خدا آهي ان کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ سندس ئي ساراھ آهي ۽ سندس ئي حڪومت آهي ۽ اوهان کي (مرڻ کان پوءِ) ان ڏي ئي موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو ئي سچو معبود آهي ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ ان جي لاءِ حمد آهي دنيا ۽ آخرت ۾ ۽ ان جو ئي حڪم آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اهو ئي الله آهي ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. دنيا ۽ آخرت ۾ سندس ئي ساراهه آهي ۽ سندس ئي حڪم آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. سڀ واکاڻ سندس آهي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به. ۽ سندس ئي حڪم آهي ۽ اوهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو اَلله جِنهن سَوا، اولو، نه آستان، سَڀ ساراهون اُن کي، مَنجھ هِن ۽ هُن جَھان، ۽ هَلن حَقَّ اُنهِيءَ جا، فَرمودا، فَرمان، ۽ مَنجھ مَحشرجي ميدان، مِڙئي اُن ڏي موٽندا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اهو ئي الله آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به بندگيءَ جو لائق ناهي، هر ڪا واکاڻ آخرت خواهه دنيا جي ان کي ئي جڳائي ٿي، سندس ئي حڪومت آهي ۽ اوهين ان ڏي ئي موٽائبا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو الله ئي آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق ناهي. انهيءَ لاءِ ساراهه آهي دنيا ۾ به ته آخرت ۾ به، حڪومت انهيءَ جي آهي ۽ انهيءَ ڏانهن توهان سڀئي موٽائي آندا ويندؤ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي هڪ الله آهي جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جو حقدار ناهي، ان جي لاءِ ئي هرڪا ساراهه آهي دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به، ۽ انهيءَ جي ئي حڪومت آهي ۽ سڀ ان ڏي ئي موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو الله تعاليٰ ئي آهي جنھن کان سواءِ ڪير به معبود ناهي، دنيا ۽ آخرت ۾ (هر طرف) ان جي ئي تعريف آهي، ان جي ئي حڪمراني آهي ۽ اوهان سڀ ان ڏانھن ئي موٽايا ويندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهو ئي الله آهي ان کانسواءِ ڪوبه معبود ناهي. دنيا ۽ آخرت ۾ سڀ تعريفون ان جي ئي لاءِ آهن، ۽ (حقيقي) حڪم ۽ بادشاهي (به) ان جي ئي آهي ۽ توهان ان ڏانهن موٽايا ويندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اهوئي هڪ الله آهي جنهن کانسواءِ ڪير به عبادت جي لائق ڪونهي، ان جي لاءِ ئي حمد آهي- دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به ۽ ان جي ئي حڪمراني آهي ۽ توهين سڀ ڏانهنس واپس ورايا ويندؤ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ الَّيلَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِضِياءٍ أَفَلا تَسمَعونَ (آيت : 71) |
(کين) چؤ ته ڏسو ته سھين جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن تائين ھميشہ رات (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ سوجھرو آڻيندو، پوءِ نه ٻڌندا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، ڀلا ڏسو ته سهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ هميشه جي لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين اوهان تي رات ئي رات ڪري ڇڏي (۽ ڏينهن اصل نه ڪري) ته الله کان سواءِ ٻيو ڪير آهي جو اوهان لاءِ (ڏينهن جهڙي) روشني آڻي؟ ڇا توهان ٻڌو نٿا؟ (نڪي ڪجهه سمجهو ٿا؟)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن کي فرمايو توهان مون کي اها خبر ڏيو جيڪڏهن توهان لاءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن تائين هميشه هميشه رات پيدا ڪري، ڇا الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي جيڪو توهان لاءِ روشني آڻي، ڇا پوءِ توهان نٿا ٻُڌو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئوته ڀلا جيڪڏهن خدا اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشه رات ڪري (ڇڏي) ته الله کان سواءِ ڪهڙو خدا آهي جو اوهان وٽ روشني آڻيندو؟ ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ٻڌو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن ڪري ڇڏي الله اوهان تي رات هميشہ قيامت جي ڏينهن تائين ته ڪير معبود آهي (هڪ سچي) الله کان سواءِ جيڪو آڻيندو اوهان وٽ روشني ڇا پوءِ نه ٿا ٻڌو؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشة رات ڪري ته الله کانسواءِ ڪهڙو حاڪم آهي جو اوهان وٽ روشني آڻيندو؟ ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ٻڌو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت واري ڏينهن تائين هميشه رات ڪري ڇڏي ته الله کان سواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو اوهان وٽ روشني آڻيندو؟ ڇا پوءِ توهان ٻڌو نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو ڪِيئن ڀانيو ٿا بات؟ اَلله جَلَّ جَلالَہٗ، ڪري ڏِينهن قيام سِين، سدا ساندھ رات، آهي ڪو اَلله ري، ٻِيو ڏِيندڙ ڏات؟ ته آڻي ڏِينهن اَوهان تي، پيدا ڪري پِرڀات، پوءِ لاشرِيڪِي لات، ڇو ٻوڙا ٻڌو ڪين ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڏسو ته سهي، جيڪڏهن الله اوهان تي ڏينهن قيامت تائين هميشه رات بيهاري، ته الله کان سواءِ ٻيو ڪهڙو سائين آهي، جو اوهان وٽ سوجهري کي آڻي؟ پوءِ ڪو نه ٿا ٻُڌو ڇا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! چوين ته توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته جي الله قيامت تائين توهان تي رات مڙهي ڇڏي ته الله کان سواءِ ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو توهان کي سوجهرو آڻي ڏئي؟ ڇا پوءِ توهان نٿا ٻڌو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) کين چؤ ڪڏهن توهان غور ڪيو آهي جيڪڏهن الله توهان تي رات طاري ڪري ڇڏي ها ڏينهن قيامت تائين هميشه لاءِ ته اهو ڪير آهي معبود جيڪو توهان کي سوجهرو آڻي ڏي، ڇا توهان ٻڌو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته: ڇا توهان نٿا ڏسو ته جيڪڏهن الله تعالى قيامت تائين توهان جي مٿان رات ڪري ڇڏي ته الله تعالى کان سواءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي (سج جھڙي) روشني آڻي ڏي؟ ڇا پوءِ به توهان ڪن کولي نٿا ٻڌو؟(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: ٿورو اهو ته ٻڌايو ته جيڪڏهن الله توهان جي مٿان قيامت جي ڏينهن تائين هميشه رات کي طاري فرمائي ڇڏي (ته) الله کانسواءِ ڪير معبود آهي جيڪو توهان کي روشني آڻي ڏي. ڇا توهان (اهي ڳالهيون) ٻڌو نٿا؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون کانئن پڇ، ڀلا اهو ته ٻڌايو، جيڪڏهن الله توهان تي قيامت تائين هميشه رات طاري ڪري ڇڏي ته الله کانسواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو توهان جي لاءِ روشني آڻيندو؟- ڇا توهين ٻڌو نه ٿا؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قُل أَرَءَيتُم إِن جَعَلَ اللَّهُ عَلَيكُمُ النَّهارَ سَرمَدًا إِلىٰ يَومِ القِيٰمَةِ مَن إِلٰهٌ غَيرُ اللَّهِ يَأتيكُم بِلَيلٍ تَسكُنونَ فيهِ أَفَلا تُبصِرونَ (آيت : 72) |
چؤ ته ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو جنھن ۾ اوھين آرام وٺو، پوءِ اوھين نه ٿا ڏسو ڇا؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (کين هيئن به) چئو ته ڀلا ڏسو ته سهي ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ هميشه جي لاءِ قيامت جي ڏينهن تائين ڏينهن کي قائم رکي ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو معبود آهي جو توهان جي لاءِ رات کي آڻي جنهن ۾ توهان آرام وٺو؟ پوءِ ڇا توهان ڏسو ئي نٿا؟ (نڪي غور ٿا ڪيو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) رسولِ عربي توهان انهن کي فرمايو ته توهان مون کي اها خبر ڏيو ته جيڪڏهن توهان لاءِ الله تعالى قيامت جي ڏينهن تائين هميشه هميشه ڏينهن پيدا ڪري، ڇا الله تعالى کانسواءِ ڪو معبود آهي جيڪو توهان لاءِ رات آڻي جنهن ۾ توهان آرام ڪريو، ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول! کين) چئين ڀلا مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشه ڏينهن ڪري ته خدا کان سواءِ ڪهڙو خدا آهي جو اوهان وٽ رات (آڻيندو جنهن ۾ آرام ڪندو؟ ڇا پوءِ اوهين (ايترو به) نه ٿا ڏسو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرماءِ ته خبر ڏيو جيڪڏهن ڪري ڇڏي الله اوهان تي ڏينهن هميشہ قيامت جي ڏينهن تائين ته ڪير آهي معبود (هڪ سچي) الله کان سواءِ جيڪو آڻيندو اوهان وٽ رات جو سڪون وٺندؤ ان ۾ ڇا پوءِ نه ٿا ڏسو؟ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) چؤ ته مون کي ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت جي ڏينهن تائين هميشة ڏينهن ڪري ته الله کان سواءِ ڪهڙو حاڪم آهي جو اوهان وٽ رات آڻيندو جنهن ۾ آرام ڪندو ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ڏسو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چؤ ڀلا ٻڌايو ته جيڪڏهن الله اوهان تي قيامت واري ڏينهن تائين هميشه ڏينهن ڪري ڇڏي ته الله کان سواءِ ڪهڙو معبود آهي جيڪو توهان وٽ رات کي آڻيندو؟ جنهن ۾ اوهان آرام ڪندئو. ڇا پوءِ توهان ڏسو نه ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو وَرتُوَ ڪو ويچار؟ ته الله جَلَّ جَلالَہٗ، ڪري، ڏينهن قيام سِين، سَدا ڏِينهن سَتّار، آخر آهي ڪير ٻيو؟ پاڪ ڌڻِي کان ڌار، ته راحت وارِي راتِڙي، آڻي اوهان هارِ، ته ڪريو مَنجھسِ قرار، پوءِ نِرتًا ڇو نه نِهاريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چئو ته ڏسو ته سهي ته جيڪڏهن الله اوهان تي ڏينهن قيامت تائين هميشه ڏينهن کي قائم رکي، ته الله کانسواءِ ٻيو ڪهڙو سائين آهي، جو اوهان وٽ رات آڻي، جنهن ۾ اوهين آرام وٺو ۽ سندس فضل يعني (روزي) ڳوليو ته من اوهين شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پڇين ته ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته جيڪڏهن الله قيامت تائين توهان تي ڏينهن مڙهي ڇڏي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪهڙو معبود آهي، جيڪو توهان کي رات آڻي ڏيندو تانته توهان منجهس آرام ڪري سگهو؟ ڇا پوءِ توهان نٿا ڏسو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کان پڇ، ڪڏهن توهان سوچيو به آهي ته جي الله توهان تي ڏينهن طاري ڪري ڇڏي ها هميشه جي لاءِ ڏينهن قيامت تائين ته اهو ڪير آهي معبود الله کان سواءِ جيڪو توهان کي رات آڻي ڏئي، جيئن توهان ان ۾ سڪون حاصل ڪري سگهو؟ ڇا توهان ڏسو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون چؤ ته ڇا توهان اهو نٿا ڏسو ته جيڪڏهن الله تعالى قيامت تائين توهان جي مٿان ڏينھن ڪري ڇڏي ته الله تعالى کان سواءِ ڪير آهي جيڪو توهان کي رات آڻي ڏي جنھن ۾ توهان سُک جي ننڊ ڪريو ٿا؟ ڇا پوءِ به توهان اکيون نٿا کوليو؟(قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) فرمايو: ٿورو اهو (به) ٻڌايو ته جيڪڏهن الله توهان جي مٿان قيامت جي ڏينهن تائين هميشه ڏينهن کي طاري فرمائي ڇڏي (ته) الله کانسواءِ ڪير معبود آهي جيڪو توهان کي رات آڻي ڏي جو توهان ان ۾ آرام ڪري سگهو، ڇا توهان ڏسو نٿا؟(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) تون کانئن پڇ ڀلا اهو ته ٻڌايو جيڪڏهن توهان تي الله قيامت جي ڏينهن تائين، ڏينهن طاري ڪري ڇڏي ته الله کانسواءِ اهو ڪهڙو معبود آهي جيڪو توهان جي لاءِ رات آڻي جنهن ۾ توهين سڪون ماڻيو؟ ڇا توهين ڏسو نه ٿا؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَمِن رَحمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ الَّيلَ وَالنَّهارَ لِتَسكُنوا فيهِ وَلِتَبتَغوا مِن فَضلِهِ وَلَعَلَّكُم تَشكُرونَ (آيت : 73) |
۽ پنھنجي ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين ته اوھين منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اها سندس رحمت آهي جو هن اوهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن جو سلسلو رکيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان (رات جي وقت) آرام وٺو ۽ (ڏينهن جي وقت ڪم ڪاريون ڪيو ۽) الله جي فضل (يعني دولت) جي تلاش ڪيو ۽ انهيءَ لاءِ ته توهان (سندس) شڪرگذاري ڪيو (يعني سندس نعمتن کي چڱيءَ طرح سندس حڪمن موجب ڪم آڻي پنهنجو ڀلو ڪيو).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اها الله تعالى جي رحمت آهي، جو توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن پيدا ڪيائين، ان لاءِ ته ان ۾ توهان آرام ڪريو ۽ الله تعالى جي فضل سان ڏينهن جو توهان روزگار طلب ڪريو ته من توهان شڪرگذار ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو اٿس هن لاءِ ته رات ۾ آرام ڪريو ۽ هن لاءِ ته ڏينهن ۾ سندس فضل ۽ ڪرم (روزيءَ) جي تلاش ڪيو ۽ من اوهين شڪر ڪريو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پنهنجيءَ رحمت مان ڪيائين اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن تانته سڪون وٺو ان ۾ ۽ تانته طلب ڪيو ان جي فضل مان ۽ تانته اوهان شڪر ڪيو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو اٿس هن لاءِ ته رات ۾ آرام ڪريو ۽ هن لاءِ ته (ڏينهن ۾ ) سندس فضل (روزي) طلب ڪريو. ۽ مَنَ اوهين شڪر ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان پنهنجي ٻاجهه سان توهان لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بنايو تان ته توهان (رات ۾) آرام ڪيو. ۽ هن لاءِ ته (ڏينهن ۾) ان جو فضل (روزي) تلاش ڪيو هن لاءِ ته توهان شڪر گذار ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏينهن، رات پَنهنجي رحم سان، ڪيائـِين اوهان ڪاڻ، ته مَنجهسِ گھر ۾ گھاريو، وَسايو وٿاڻ، پڻ ڀال سَندسِ کي پاڻ، ڳوليو، مَن ڳُڻ ڳائيو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هن پنهنجي رحمت سان اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن بنايا، ته اوهين منجهس آرام وٺو ۽ سندس فضل يعني (روزي) ڳوليو ته مَن اوهين شڪر ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اها ته سندس رحمت آهي جو هن توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن بڻايا آهن ته جيئن توهان (رات جو) آرام ڪري سگهو ۽ (ڏينهن جو) پنهنجي رب جي فضل جي ڳولا ڪريو ته مــَـن توهان شڪر ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هي انهيءَ (الله) جي ئي رحمت آهي جو هن توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن بڻايا جيئن توهان (رات ۾) سڪون ۽ (ڏينهن جو) پنهنجي لاءِ رب جو فضل تلاش ڪريو، من توهان شڪرگذار ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ هن پنھنجي مھرباني سان توهان لاءِ رات ۽ ڏينھن پيدا ڪيا ته جيئن توهان (رات جو) سڪون حاصل ڪريو ۽ (ڏينهن جو) ان جي روزي تلاش ڪريو ته جيئن توهان شڪرگذار ٻانها ٿي رهو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ ان پنهنجي رحمت سان توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن کي بڻايو ته جيئن توهان رات ۾ آرام ڪريو ۽ (ڏينهن ۾) ان جو فضل (روزي) تلاش ڪري سگهو ۽ ته جيئن توهان شڪر گذار بڻجو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اها ان جي رحمت ئي آهي جو توهان جي لاءِ رات ۽ ڏينهن الڳ الڳ ڪري آندائين ته جيئن رات جي وڳڙي ۾ راحت ماڻيو ۽ ڏينهن جو ان جي روزي تلاش ڪريو. (۽ زندگيءَ جو ڪار وهنوار هلايو) ته جيئن توهين شڪر گذار بڻجو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَيَومَ يُناديهِم فَيَقولُ أَينَ شُرَكاءِىَ الَّذينَ كُنتُم تَزعُمونَ (آيت : 74) |
۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو ته اُھي منھنجا شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (وري به ياد رکو ته) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن الله تعاليٰ هنن کي سڏي کانئن پڇندو ته ڪٿي آهن اهي (اوهان جا) معبود جن کي منهنجا شريڪ (۽ مددگار) سمجهي ويٺا هيؤ؟ (هن وقت ڪوبه ڪونهي جو اوهان جي سفارش ڪري ۽ اوهان کي عذاب کان بچائي).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ان ڏينهن اهو انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندو منهنجا اُهي شريڪ ڪٿي آهن، جن لاءِ توهان جو گمان هو (ته اهي منهنجا شريڪ آهن؟)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن خدا انهن کي سڏيندو پوءِ فرمائيندو ته اهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن (جي شريڪ ٿيڻ) جو اوهين خيال ڪندا هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جنهن ڏينهن سڏيندو انهن کي پوءِ فرمائيندو ته ڪٿي آهن؟ منهنجا شريڪ جن جو گمان ڪندا هيئو .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو ته اهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن (جي شريڪ ٿيڻ) جي اوهين دعويٰ ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنهن ڏينهن (الله) انهن کي سڏيندو پوءِ چوندو: ”اُهي منهنجا شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) گمان ڪندا هئا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڏِبُنِ پَڙهو جِنهن ڏينهن ۾، پوءِ چَئـِبو اِهڙِي چال، ته ڪٿي ڀائيوار مون، جَن ڀانيان، اَندر ڀال؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جنهن ڏينهن الله انهن کي سڏيندو، پوءِ چوندو ”ڪٿي آهن اهي، جن کي اوهين منهنجو ڀائيوار پيا سمجهندا هئا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ڌيان ۾ رکن اهي ماڻهو) اهو ڏينهن جڏهن هو (الله) کين سڏيندو ۽ پوءِ پڇندو ته "ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن کي توهان مون جهڙو ڀانئيندا هيؤ؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهي ماڻهو ياد رکن) اهو ڏينهن جڏهن کين پڪاريندو ۽ پڇندو، ڪٿي آهن منهنجا اهي شريڪ جن جو توهان گمان رکندا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جنھن ڏينھن الله تعالى کين سڏيندو ۽ چوندو ته ڪٿي آهن اُهي جن کي توهان منھنجو شريڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندا هئا؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جنهن ڏينهن اُهو انهن کي سڏيندو ته ارشاد فرمائيندو ته منهنجا اُهي شريڪ ڪٿي آهن جن کي توهان (معبود) خيال ڪندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ ياد رکو! جنهن ڏينهن الله، انهن ڪافرن کي سڏي چوندو؛ ڪٿي آهن اهي هستيون، جن کي توهين منهنجو شريڪ سمجهندا هيئو؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَنَزَعنا مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهيدًا فَقُلنا هاتوا بُرهٰنَكُم فَعَلِموا أَنَّ الحَقَّ لِلَّهِ وَضَلَّ عَنهُم ما كانوا يَفتَرونَ (آيت : 75) |
۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسين ۽ چونداسين ته پنھنجو دليل پيش ڪريو پوءِ اُھي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀُلي ويندو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد (سندن پيغمبر) ڪڍي ٻاهر ڪنداسين ۽ پوءِ (منڪرن کي) چونداسين ته پنهنجو دليل پيش ڪيو (ته ڇو توهان منهنجي رسولن کي نه مڃيو) پر پوءِ ان وقت هنن کي پوري پوري خبر پئجي ويندي ته بيشڪ حق فقط الله جي لاءِ آهي (يعني جيڪي حڪم الله وٽان آيا فقط اهي ئي سچا، چڱا ۽ مفيد هئا) ۽ ٻيون جيڪي هٿرادو ڳالهيون هنن (منڪرن) کڻي بنايون هيون سي (انهيءَ ڏينهن) هنن کان گم ٿي وينديون.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ هر گروه مان اسين هڪ گواه ڪڍنداسين، پوءِ اسين چونداسين ته توهان پنهنجا دليل آڻيو پوءِ اهي مڃيندا ته بيشڪ الله تعالى جو فرمان سچو آهي ۽ انهن کان اهو سڀ ضايع ٿي ويندو جيڪو پاڻ هٿرادو ٺاهيندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هر هڪ امت مان هڪ شاهد (پيغمبر) جدا ڪنداسون (سامهون سڏينداسون) پوءِ (ان ڏينهن مشرڪن کي) چونداسون ته (پنهنجي بي گناهيءَ جي) ثابتي پيش ڪريو، تڏهن اهي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان غائب ٿي ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍنداسون هر امت مان شاهد پوءِ چونداسون آڻيو دليل پنهنجو پوءِ يقين ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي لاءِ آهي ۽ گم ٿينديون انهن کان اهي ڳالهيون جيڪي هٿ سان ٺاهيندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ هر هڪ جماعت مان هڪ شاهد جُدا ڪنداسون. پوءِ چونداسون ته پنهنجي ثابتي پيش ڪريو. پوءِ اهي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ جيڪي ڪوڙ پيا گهڙين سي انهن کان ڀلجي ويندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان هر امت مان هڪ شاهد ڪڍنداسين پوءِ اسان چونداسين: ”اوهان پنهنجو دليل پيش ڪيو“ پوءِ ڄاڻي وٺندا ته سچي ڳالهه الله جي آهي ۽ انهن کان اُهي ڳالهيون گم ٿي وينديون جيڪي ڪوڙَ گهڙيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ساکِي سَڀڪِنهن قوم مان، بيهارياسون بَحال، پوءِ چَيوسونِ ته چِٺو آڻيو، پوءِ سَمِجھي وِيا سُوال، ته آھِ حق اَلله لئي، ٻِي سَڀ ڪوڙِي ڳالھ، جي ڪُوڙا پوڄيؤن ڪالھ، سي وِيا وٽانِ وِڃائجِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين هر ڪنهن ٽوليءَ مان شاهد جدا ڪنداسين، پوءِ چونداسين ته ”پنهنجو دليل پيش ڪريو“ پوءِ هو ڄاڻيندا، ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ هو جيڪو ٺاهه ٺاهيندا هئا، سو انهن کان ڀلجي ويندو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان هر امت مان هڪڙو شاهد ڪڍي ٻاهر ڪنداسون پوءِ چونداسون: "آڻيو هاڻي پنهنجو دليل". تڏهن معلوم ٿي ويندن ته بيشڪ حق الله جي پاسي آهي ۽ اهي سارا ٺڳيءَ جا ٺاهه گم ٿي ويندن، جيڪي گهڙيا هئائون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان آڻينداسين هر ڪنهن امت مان هڪ شاهد پوءِ چونداسين، هاڻي آڻيو پنهنجا دليل پوءِ کين معلوم ٿي ويندو ته حق (فقط) الله وٽان آهي ۽ گم ٿي ويندا اهي سڀ ڪوڙ جيڪي انهن ٺاهيا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان هر امت مان هڪ هڪ گواهه بيهارينداسين پوءِ (انهن کي) چونداسون ته پنھنجو دليل آڻيو، هاڻي انهن کي معلوم ٿي ويندو ته حق الله تعالى جي لاءِ ئي آهي ۽ اُهي پنهنجون سڀ ٺاهيل ۽ ڪوڙيون ڳالهيون وساري ويهندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اسان هر امت مان هڪ گواهه ڪڍنداسين پوءِ اسان (ڪافرن کي) چونداسين ته توهان پنهنجا دليل آڻيو ته معلوم ٿي ويندن ته سچي ڳالهه الله جي ئي آهي ۽ انهن کان اُهي سڀئي (ڳالهيون) هليون وينديون جيڪي اُهي ڪوڙيون ٺاهيندا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ اسان هر امت منجهان هڪ گواهه آڻينداسون پوءِ انهن (مشرڪن) کي چونداسون ته (اڄ شرڪ جي جواز تي) پنهنجا دليل پيش ڪريو، تڏهن کين خبر پئجي ويندي ته حق، الله جي طرفان ئي هيو ۽جيڪي ٺاهه، هو ٺاهيندا هيا، سڀ گم ٿي ويندا. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ قٰرونَ كانَ مِن قَومِ موسىٰ فَبَغىٰ عَلَيهِم وَءاتَينٰهُ مِنَ الكُنوزِ ما إِنَّ مَفاتِحَهُ لَتَنوأُ بِالعُصبَةِ أُولِى القُوَّةِ إِذ قالَ لَهُ قَومُهُ لا تَفرَح إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ الفَرِحينَ (آيت : 76) |
بيشڪ قارون مُوسىٰ جي قوم مان ھو پوءِ مٿن شرارت ڪرڻ لڳو، ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھوسون جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿَڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو ته (مال ڏسي) نه مَرۡڪُ ڇوته الله مَرۡڪَ ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) قارون درحقيقت حضرت موسيٰ جي قوم جو ماڻهو هو. پر هو پنهنجي قوم جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو (۽ هنن کي نفرت سان ڏسڻ لڳو، ايتري آڪڙ ۽ هٺ وڏائي هن ڪري ٿيس جو) اسان هن کي دنيائي دولت جا وڏا خزانا ڏنا هئا ايترا جو انهن جون رڳو ڪنجيون به مضبوط ماڻهن جي هڪ ٽولي مشڪل ڪڻي سگهي ها. (سندس هٺ وڏائي ڪرڻ تي) سندس قوم جي ماڻهن کيس چئي ڏنو ته آڪڙ نه ڪر، ڇو ته الله تعاليٰ يقيناً آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ قارون، (حضرت) موسيٰ جي قوم مان هو، پوءِ ان پنهنجي قوم تي وڏائي جو اظهار ڪيو ۽ اسان ان کي ايترا ته خزانا ڏنا جو ان جو چاٻيون هڪ طاقتور جماعت کڻي هلندي هئي. جڏهن قارون کي سندس قوم چيو ته تون (پنهنجي دنيا تي) خوش نه ٿيءُ، بيشڪ الله تعالى (اهڙن) خوشي ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ناشڪري جي هڪ ڳالھ ٻڌو) موسى جي قوم مان هڪ شخص قارون (نالي) جو جنهن هنن تي شرارت شروع ڪئي ۽ اسان کيس ايترا ته خزانا عطا ڪيا هئا جو سندس ڪنجين سگھ واريءَ ٽوليءَ کي (کڻڻ ۾) ٿڪايو ٿي. جڏهن ان کي سندس قوم چيو ته (گهڻو مال ڏسي) خوش نه ٿي! ڇو ته خدا وڏائي ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ قارون هو موسى جي قوم مان پوءِ سرڪشي ڪيائين انهن تي ۽ ڏنو سون ان کي خزانن مان اوترو جو بلاشڪ ان (خزانن) جون ڪنجيون البته ٿڪائين ٿيون ٽوليءَ طاقت واريءَ کي جڏهن چيو ان کي ان جي قوم نه خوش ٿيءُ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي خوش ٿيندڙن کي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ قارون موسيٰ جي قوم مان هو، پوءِ مٿن شرارت ڪرڻ لڳو. ۽ اسان ان کي ايترا خزانا ڏنا هئا جو سندن ڪنجين سگهه واريءَ ٽوليءَ کي ٿڪايو ٿي. جڏهن ان کي سندس قوم چيو ته (گهڻو مال ڏسي) خوش نه ٿي! ڇو ته الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ قارون موسى جي قوم مان هيو پوءِ ان ماڻهن تي سرڪشي ڪئي، ۽ اسان ان کي (ايترا) خزانا ڏنا هئا جو ان جي ڪنجين (کي کڻڻ) هڪ وڏي طاقتور جماعت کي ڏکيو لڳو ٿي، جڏهن سندس قوم کيس چيو ته (گهڻو مال ڏسي آڪڙ ۾) ”خوشي نه ڪر بيشڪ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نه ٿو ڪري.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قارُون مُوسٰى جي قوم مان، مٿنِ رکيو مان، کاڻِيون خزانن جون، ڏِنيون سونسِ ڏان، ڪُنجيون کَڻندا هُئا اُن جيون، جوڙِي جُنگه جُوان، اُتُسِ عَزارت اُن جِي، ته خُوشِي ڪر نه خان؛ قادِر رکي ڪا نه محبت مَرڪندڙن سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ ”قارون“ موسيٰ جي قوم مان هو، پوءِ ساڻن بغاوت ڪرڻ لڳو، اسان هن کي ايترا خزانا ڏنا هئا، جو سندس ڪنجين به هڪ طاقتور ٽوليءَ کي ٿڪايو ٿي، جڏهن سندس قوم کيس چيو ته ”(مال تي) آڪڙ نه ڪر، بيشڪ الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نٿوڪري. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) قارون برابر موسيٰ جي قوم جو ماڻهو هو، پر پوءِ هو پنهنجيءَ قوم جو باغي بڻجي ويو ۽ اسان کيس ايترا ته خزانا ڏئي ڇڏيا هئا، جو انهن جون ڪنجيون سگهارن ماڻهن جو هڪڙو ٽولو مس کڻي سگهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن سندس قوم جي ماڻهن کيس چيو ته آڪڙ نه ڪر، الله آڪڙ ڪرڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ (هي هڪ واقعو آهي ته) قارون هو قوم موسيٰ مان هڪ شخص، پوءِ باغي ٿي ويو پنهنجي قوم کان ۽ اسان کيس ڏنا هئا ايترا ته خزانا جو انهن جون ڪنجيون سگهارن ماڻهن جو هڪ ٽولو مشڪل سان کڻي سگهندو هو، هڪ ڀيري چيو کيس سندس قوم جي ماڻهن ته، آڪڙ نه ڪر، بيشڪ الله پسند نٿو ڪري آڪڙ ڪرڻ وارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ قارون، موسى ($) جي قوم مان هو. پوءِ هن (پنهنجي قوم بني اسرائيل سان) بغاوت ڪئي. اسان کيس ايترا ته خزانا ڏنا هئا جو انهن جون ڪنجيون ماڻهن جو هڪ طاقتور گروهه کڻندي ٿڪجي پوندو هو. پوءِ جڏهن کيس پنھنجي قوم جي ماڻهن (يعني بني اسرائيلين) چيو ته گهڻي مال تي مَستي (۽ تڪبر) نه ڪر. بيشڪ الله تعالى تڪبر ڪندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ قارون موسيٰ (عليه السلام) جي قوم مان هو پوءِ ان ماڻهن تي سرڪشي ڪئي ۽ اسان کيس ايترا خزانا عطا ڪيا هئا جو ان جون چاٻيون (کڻڻ) هڪ وڏي طاقتور جماعت جي لاءِ مشڪل هوندو هو جڏهن ان جي قوم کيس چيو تون (خوشي مان) وڏائي نه ڪر بيشڪ الله وڏائي ڪرڻ وارن کي پسند نٿو فرمائي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بي شڪ! قارون، موسى جي قوم منجهان هيو پوءِ هو مٿن ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ لڳو ۽ اسان کيس ايترا خزانا ڏئي ڇڏيا هئا جو ان جون چاٻيون طاقتور ماڻهن جو سڄو سارو ٽولو به مشڪل سان کڻي سگهندو هيو. جڏهن قارون جي قوم کيس چيو؛ آڪڙ نه ڪر- بي شڪ! الله آڪڙ ڪندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَابتَغِ فيما ءاتىٰكَ اللَّهُ الدّارَ الءاخِرَةَ وَلا تَنسَ نَصيبَكَ مِنَ الدُّنيا وَأَحسِن كَما أَحسَنَ اللَّهُ إِلَيكَ وَلا تَبغِ الفَسادَ فِى الأَرضِ إِنَّ اللَّهَ لا يُحِبُّ المُفسِدينَ (آيت : 77) |
۽ الله توکي جيڪي ڏنو آھي تنھن سان آخرت جي گھر جي ڀلائي طلب ڪر ۽ دنيا مان پنھنجو (نيڪ عمل ڪرڻ جو) حصّو نه وسار ۽ جھڙي طرح الله توسان چڱائي ڪئي آھي تھڙي طرح (تون سندس خلق سان) چڱائي ڪر ۽ زمين ۾ فساد وجھڻ نه گھُر، ڇوته الله فساد ڪرڻ وارن کي دوست نه رکندو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (قارون کي هيئن به چيائون ته) الله تعاليٰ جيڪو توکي هيترو رزق ۽ مال دولت ڏني آهي تنهن سان (تون سخاوت ڪري) آخرت جي گهر (يعني جنت) لاءِ تلاش (۽ طلب) ڪر، ۽ دنيا ۾ جيڪو تنهنجو حصو آهي سو به نه ويسار (يعني پنهنجي دولت مان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد ۽ مائٽن جي جسم، دل ۽ دماغ جي سڌاري ۽ واڌاري ۽ خوشحال رهڻ لاءِ به خرچ ڪر) ۽ جيئن الله تعاليٰ توتي احسان ڪيو آهي، تيئن تون به (ماڻهن تي) احسان ڪر ۽ نه (اٽلندو) ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو مچاءِ، يقيناً الله تعاليٰ فساد ۽ بگاڙو مچائيندڙن کي ناپسند ٿو ڪري.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توکي جيڪا ملڪيت الله تعالى ڏني آهي ان جي عيوض آخرت جو گھر طلب ڪر ۽ تون دنيا ۾ نيڪ عمل ڪرڻ نه ڇڏ ۽ تون (الله جي مخلوق سان) احسان ڪر جيئن الله تعالى تو سان احسان ڪيو آهي ۽ تون زمين ۾ فساد طلب نه ڪر، بيشڪ الله تعالى فسادين سان محبت نٿو رکي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪي خدا تو کي عطا ڪيو آهي تنهن سان آخرت جي گهر جي به ڪوشش ڪر ۽ دنيا مان جيترو تنهنجو حصو آهي سو نه وسار ۽ جيئن خدا تو سان ڀلائي آهي تئين تون به ٻين سان ڀلائي ڪر، ۽ زمين ۾ فساد وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر! ڇو ته خدا فسادين کي پسند نه ٿو ڪري.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ طلب ڪر ان مان جيڪي ڏنو توکي الله دار آخرت کي ۽ نه وسار ڀاڱو پنهنجو دنيا مان ۽ احسان ڪر جيئن احسان ڪيو الله توتي ۽ نه طلب ڪر فساد زمين ۾ بيشڪ الله نه ٿو محبت رکي فساد ڪندڙن سان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪي توکي الله ڏنو آهي تنهن سان آخرت جي گهر جي (ڀلائي) طلب ڪر ۽ دنيا مان پنهنجو حصو نه وسار. ۽ تون ڀلائي ڪر جيئن الله توسان ڀلائي ڪئي آهي ۽ زمين ۾ فساد وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر! ڇو ته الله فسادين کي پسند نه ٿو ڪري. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله تو کي جيڪي ڏنو آهي ان سان آخرت جو گهر طلب ڪر ۽ دنيا مان به پنهنجو حصو نه وسار ۽ تون (ماڻهن سان) احسان ڪر جيئن الله تو سان احسان ڪيو آهي. ۽ زمين ۾ فساد (جي واٽ) نه ڳول. بيشڪ الله فسادين کي پسند نه ٿو ڪري“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) گُھر اُن ۾، آخرت کي، ڏِنئـِي جو ڏاتار، ۽ دُنيا فانِي مان پَنهنجو، وانٽو ڪِيمِ وِسار، ۽ وَڙُ ڪر جِيئن وَڙ ڪَيئي، سائـِينءَ رَبَّ سَتار، ۽ مُور نه آڻ مُلڪ ۾، تباهِي تَڪرار، پَرور ڏِئي نه پِيار، ڦيٽاڙو ڦلِيندڙِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي توکي الله ڏنو آهي، ان سان آخرت جي گهر جي طلب ڪر ۽ پنهنجي دنيا جي حصي کي نه وسار ۽ جيئن الله توسان چڱائي ڪئي، تيئن تون به چڱائي ڪر_ ۽ملڪ ۾ ڦيٽاڙي وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر_ بيشڪ الله ڦيٽاڙي وجهندڙن کي پسند نٿو ڪري.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو مال الله توکي ڏنو آهي ان جي وسيلي آخرت جو گهر بنائڻ جي ڪوشش ڪر ۽ دنيا مان به پنهنجو حصو نه وسار. چڱائي ڪر، جيئن الله توسان چڱائي ڪئي آهي ۽ زمين ۾ فساد وجهڻ جي ڪوشش نه ڪر، الله فساد وجهڻ وارن کي پسند نه ڪندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جيڪو مال توکي عطا ڪيو آهي الله ان مان آخرت جو گهر ٺاهڻ لاءِ سوچ، ۽ نه وري وسار پنهنجو حصو دنيا مان به، ۽ احسان ڪر جهڙيءَ طرح احسان ڪيو آهي الله توتي، ۽ نه پکيڙ فساد کي (ڪنهن به طرح) زمين ۾، بيشڪ الله ڪڏهن به پسند نٿو ڪري فساد کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪو ڪجهه الله تعالى توکي ڏنو آهي ان جي ذريعي آخرت جو گهر ٺاهڻ جو به سوچ ۽ دنيا مان نيڪ عمل ڪرڻ جو حصو نه وسار، ماڻهن سان احسان ڪر، جيئن الله تعالى توسان احسان ڪيو آهي ۽ زمين ۾ فساد ڦھلائڻ جي ڪوشش نه ڪر. بيشڪ الله تعالى فساد ڦھلائيندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ تون ان (دولت) مان جيڪا توکي الله ڏني آهي آخرت جو گهر طلب ڪر، ۽ دنيا مان (به) پنهنجو حصو نه وسار ۽ تون (ماڻهن سان اهڙو ئي) احسان ڪر جهڙو توتي الله احسان فرمايو آهي ۽ ملڪ ۾ (ظلم، ذخيره اندوزي ۽ استحصال جي صورت ۾) فساد پکيڙڻ (جون واٽون) نه ڳول، بيشڪ الله فساد برپا ڪرڻ وارن کي پسند نٿو فرمائي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ جيڪو ڪجهه الله توکي ڏنو آهي تنهن مان آخرت جو گهر ٺاهڻ جي ڪر ۽ دنيا منجهان به پنهنجو حصو نه وسار. ۽ (اي قارون!) ماڻهن تي احسان ڪر جيئن الله توتي احسان ڪيو آهي (يعني پنهنجي دولت کي عوام جي لاءِ بنا وياج جي سيڙپڪاريءَ ۾ آڻ ته جيئن سڀ ڪو پنهنجي پيرن تي بيهي وڃي ۽ دنيا ۾ ماڻهو، ماڻهوءَ جو محتاج نه رهي) ۽ زمين تي فساد نه ڪر(يعني پنهنجي دولت کي وياج تي هلائڻ بند ڪر). خدا، فساد ڪندڙن کي پسند نه ڪندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
قالَ إِنَّما أوتيتُهُ عَلىٰ عِلمٍ عِندى أَوَلَم يَعلَم أَنَّ اللَّهَ قَد أَهلَكَ مِن قَبلِهِ مِنَ القُرونِ مَن هُوَ أَشَدُّ مِنهُ قُوَّةً وَأَكثَرُ جَمعًا وَلا يُسـَٔلُ عَن ذُنوبِهِمُ المُجرِمونَ (آيت : 78) |
(قارون) چيو ته اُھو (گھڻومال) ته رڳو ھڪ ھُنر سان جو مون وٽ آھي مون کي مليو آھي، نه ڄاتو ھوائين ڇا ته بيشڪ الله کانئس اڳ (اُھي) ڪيترائي جُڳ ناس ڪري ڇڏيا ھوا جيڪي کانئس ڏاڍي سگھ وارا ۽ گھڻي جمعيّت وارا ھوا، ۽ ڏوھارين کان سندن ڏوھن بابت (عذر) نه پڇبو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (قارون جواب ۾) چيو ته، (توهان اجائي بڪ بڪ ڪري رهيا آهيو) مون کي جو هيتري دولت ملي آهي سا يقيناً مون پنهنجي علم (عقل هنر ۽ محنت) سان هٿ ڪئي آهي (مون تي خدا ڪو احسان نه ڪيو آهي). هن (بي وقوف) کي اها به خبر نه هئي ڇا ته الله تعاليٰ هن کان اڳي گهڻين ئي اهڙين امتن کي (سندن تڪبر ۽ ظلم سببان) برباد ڪري چڪو آهي، جيڪي هن (قارون) کان قوت ۾ گهڻو وڌيڪ هئا ۽ مال دولت به گهڻو وڌيڪ گڏ ڪيو هئائون ۽ (اها به کيس خبر ناهي ڇا ته) گنهگارن کي سندن گناهن سببان (هڪدم ۽ بروقت) پڇا ڪانه ڪبي آهي (بلڪ کين مهلت ڏبي آهي ۽ نه مڙندا آهن ته پوءِ کين ڪنڌ ڀر ڪيرائبو آهي.)(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) قارون چيو خزانو مون کي منهنجي پنهنجي علم سان مليو آهي، ڇا کيس هي معلوم نه هو ته بيشڪ الله تعالى ئي ان کان اڳ ۾ ڪيتريون قومون هلاڪ ڪيون، جيڪي قوت ۽ جماعت ۾ ان کان وڌيڪ هيون ۽ گنهگارن کان سندن گناهن بابت نه پڇيو ويندو (ڇو ته الله تعالى کي سڀ معلوم آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) قارون چوڻ لڳو ته هي (مال ۽ دولت) ته مون کي پنهنجي علم (ڪيميا) سان مليو آهي. ڇا قارون هي به نه سوچيو ته خدا ان کان اڳ ڪيتريون ئي جماعتون برباد ڪيون آهن جيڪي ان کان (به) وڌيڪ طاقت واريون ۽ گهڻي جمعيت واريون هيون. ۽ ڏوهارين کان (سندن سزا جي وقت) انهن جي گناهن بابت پڇيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته بلاشڪ ڏنو ويس مان اهو علم جي ڪري جيڪو مون وٽ آهي ڇا نه ڄاڻ رکيائين ته بيشڪ الله تحقيق هلاڪ ڪيائين ان کان اڳي ڪيتريون جماعتون جيڪي اهو سخت هيون ان کان قوت جي لحاظ سان ۽ گهڻا (دولت) گڏ ڪرڻ ۾ ۽ نه پڇيا ويندا گناهن پنهنجن کان گنهگار .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) قارون چيو ته اهو (مال) ته رڳو هڪ علم سان جو مون وٽ آهي مون کي مليو آهي. ڇا ان نه ڄاتو ته بيشڪ الله ان کان اڳ ڪيتريون جماعتون برباد ڪيون آهن جيڪي ان کان زياده طاقت واريون ۽ گهڻي جمعيت واريون هيون. ۽ ڏوهارين کان سندن گناهن بابت نه پڇيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائين: ”اُهو (مال) ته مون کي صرف ان علم جي ذريعي ڏنو ويو آهي جو مون وٽ آهي“. ڇا هيءَ ڳالهه نه ڄاتائين ته بيشڪ الله ان کان اڳ گهڻين قومن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي ان کان وڌيڪ طاقتور ۽ گهڻي لشڪر واريون هيون. ۽ ڏوهارين کان (هلاڪت واري وقت) سندن گناهه نه پڇيا ويندا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پَنهنجي عِلم، عَقل تي، مِليُمِ اِهو مال، ڇا، سوچِيئنِ نه هِن ڳالھ کي؟ ته اَلله جَلَّ جلالہٗ، اِنهيان اَ ڳه جُڳه ڪيترا، ڪيا پَڻِي ۽ پيمال، جي اُن کان زَر ۽ زور ۾، هُئا بَرکه بَحال، ۽ ڪِين پُڇبو ڪالھ، ڏوهن سَندنِ جو ڏوهِيين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اهو مال ته مون کي جيڪو مون وٽ علم آهي، ان جي ئي وسيلي آهي، “ ڇا کيس خبر نه هئي، ته الله کانئس اڳ ڪيترائي اهڙا جڳ ناس ڪري ڇڏيا هئا، جي کانئس سخت سگهارا ۽ گهڻي ڌن وارا هئا؟ ۽ ڏوهارين کان سندن عذر ڪو نه پڇبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته چيائين ته "اهو سڀ ڪجهه ته مونکي مون واري علم جي ڪري ئي حاصل ٿيو آهي". ڇا کيس اهو علم نه هو ته الله کانئس اڳ اهڙن گهڻن ئي ماڻهن کي ختم ڪري چڪو آهي، جيڪي هن کان به وڌيڪ طاقتور هئا ۽ وٽن خلق به وڏي هئي؟ ۽ ڏوهارين کان ته سندن ڏوهه پڇبائي ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، اهو سڀ مون کي ڏنو ويو آهي ان علم جي بنياد تي جيڪو مون وٽ آهي، ڇا کيس اهو علم نه هو ته بيشڪ الله برباد ڪري چڪو آهي ان کان اڳي به اهڙن ماڻهن کي جيڪي کانئس وڌيڪ طاقت وارا ۽ لشڪر رکندڙ هئا؟ ۽ نه پڇيو ويندو آهي (ڪڏهن به) گناهن جو ڏوهارين کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) قارون چيو ته هي سڄو مال ته مون کي ذهانت جي ڪري مليو آهي، جيڪا خاص مون وٽ آهي. ڇا ان کي معلوم نه هو ته بيشڪ الله تعالى ان کان پھريائين ڪيترين ئي قومن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي جيڪي هن کان به وڌيڪ طاقت ور ۽ افرادي قوت رکندڙ هئا؟ ڏوهارين کان ته سندن ڏوهن جي باري ۾ پڇبو ئي ڪونه. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) اُهو چوڻ لڳو: (آئون اهو مال معاشري ۽ عوام تي ڇو خرچ ڪريان) مون کي ته اهو مال صرف ان (ڪمايل) علم و هنر جي بنياد تي ڏنو ويو آهي جيڪو مون وٽ آهي. ڇا ان کي اهو معلوم نه هو ته الله واقعي ان کان اڳ ڪيتريون ئي اهڙيون قومون تباهه ڪري ڇڏيون هيون جيڪي طاقت ۾ اُن کان به تمام وڌيڪ سخت هيون ۽ (مال ۽ دولت ۽ افرادي قوت) جمع ڪرڻ ۾ تمام گهڻو (اڳتي) هيون، ۽ (هلاڪت جي وقت) ڏوهارين کان انهن جي گناهن جي باري ۾ (وڌيڪ تحقيق يا ڪو عذر ۽ سبب) نه پڇيو ويندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) قارون وراڻيو؛ مون کي اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ڄاڻ سان مليو آهي جيڪا ڄاڻ مون کي (قدرتي طور) حاصل آهي! (يعني مال دولت ته مون پنهنجي ڄاڻ وارين صلاحيتن جي ڪري ڪمايو آهي، ان مان ماڻهن کي مفت ۾ فائدو ڇو ڏيان؟) ڇا کيس معلوم ناهي ته الله، ان کان اڳ گذريل قومن منجهان اهڙن ماڻهن کي هلاڪ ڪري چڪو آهي جيڪي طاقت ۾ قارون کان وڌيڪ سگهاريون ۽ مال ڪمائڻ ۾ کانئس وڌيڪ باصلاحيت هيون! ۽ (عذاب ڏيڻ وقت) ڏوهين کان سندن ڏوهن بابت (بهانو) نه پڇبو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَخَرَجَ عَلىٰ قَومِهِ فى زينَتِهِ قالَ الَّذينَ يُريدونَ الحَيوٰةَ الدُّنيا يٰلَيتَ لَنا مِثلَ ما أوتِىَ قٰرونُ إِنَّهُ لَذو حَظٍّ عَظيمٍ (آيت : 79) |
پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھڙندا ھوا تن چيو ته ھيء ارمان اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (به) ھجي ھا جھڙو قارون کي ڏنو ويو آھي بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) سو (هڪڙي ڏينهن) اهو قارون وڏي دٻدٻي (۽ آڪڙ ۽ تجمل) سان پنهنجي قوم جي ماڻهن جي سامهون آيو. (سندس ظاهري تجمل ڏسي) انهن ماڻهن جيڪي هن دنيا جي زندگيءَ (جي ڏيک ويک) کي چاهيندا آهن، چيو ته، هاءِ هاءِ! جيڪر اسان کي اهڙي دولت ملي ها جهڙي قارون کي ملي آهي (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها) يقيناً هو وڏي ڀاڳ وارو ۽ خوشنصيب آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ قارون (شان شوڪت سان) پنهنجي قوم جي اڳيان سنڀري تيار ٿي آيو، جن ماڻهن دنيا جي حياتي طلب ڪئي ٿي، انهن چيو ڪاش اسان کي اوتري ملڪيت ملي ها جيڪا قارون کي ملي آهي، بيشڪ اهو وڏي نصيب وارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (هڪ ڏينهن قارون) پنهنجي قوم جي سامهون سينگار (دٻدٻي) سان نڪتو. (ان کي ڏسي) جيڪي ماڻهو دينا جي حياتي گهرندا هئا، (سي کيس اهڙي شان سان ڏسي) چوڻ لڳا ته جيڪي مال ۽ دولت قارون کي عطا ٿيو آهي تنهن جهڙو جيڪر اسان کي به هجي! بيشڪ قارون وڏي نصيب وارو هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نڪتو پنهنجيءَ قوم جي سامهون پنهنجي سينگار سان چيو انهن جيڪي ارادو ڪن پيا دنيوي حياتيءَ جو ته اي ڪاش! اسان لاءِ به هجي ها مثال ان جي جيڪو ڏنو ويو قارون بيشڪ اهو البته وڏي قسمت جو صاحب آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ (هڪ ڏينهن) پنهنجي قوم جي سامهون پنهنجي سينگار (دٻدٻي) سان نڪتو. (ان کي ڏسي) جيڪي دنيا جي حياتي گهرندا هئا، تن چيو ته جيڪي قارون کي ڏنو ويو آهي تنهن جهڙو جيڪر اسان کي به هجي! بيشڪ قارون وڏي نصيب وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (هڪ ڏينهن) پنهنجي قوم اڳيان پنهنجي سينگار (۽ رعب تاب) سان نڪتو. اُهي ماڻهو جيڪي دنياوي زندگي گهرندا هئا تن چيو: ”هائو جي اسان وٽ به اهڙو (مال) هجي ها جيڪو قارون کي ڏنو ويو آهي، بيشڪ اُهو زبردست نصيب وارو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ذات سَندسِ ۾ زِينت سان، نِڪرِي ٿيو نِروار، تڏهين چيو، جي چاهِين ٿا، نِپَٽ نَنڍِي ڄمار، جِيئن مال مِليا قارون کي، ڪَرهُونِ اَسان هار!، آهي سو اِظهار، صاحِب وَڏي سُهاڳه جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هڪ دفعي هو وڏي سينگار سان سندس قوم ڏي نڪتو، ته دنيا جي حياتيءَ سان چاهه رکڻ وارا چوڻ لڳا ”هاءِ! جي اسان کي قارون جهڙي (سکيائي) ملي! بيشڪ هو وڏي مزي ۾ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ هڪڙي ڏينهن هو پنهنجي قوم جي آڏو وڏي ٺٺ ٺانگر سان نڪتو. جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگيءَ جا طالبو هئا، اهي کيس ڏسي چوڻ لڳا ته "جيڪر اسان کي به اهڙو ئي سڀ ڪجهه هجي ها جهڙو قارون کي ڏنو ويو آهي، هيءُ ته ڪو وڏي ڀاڳ وارو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هڪ ڏينهن اهو نڪتو پنهنجي قوم جي آڏو ٺٺ ٺانگر سان، چوڻ لڳا اهي ماڻهو جيڪي دنيا جي حياتيءَ جا طالب هئا، ڪاش اسان کي به اهو ئي ملي ها جيڪو قارون کي ڏنو ويو آهي، بيشڪ هي وڏي ڀاڳ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هڪ ڏينھن هو (قارون) پنھنجي قوم (بني اسرائيل) جي سامهون وڏي شان ۽ شوڪت سان آيو ته جيڪي ماڻهو دنيا جي زندگي چاهيندڙ هئا تن چيو ته ڪاش! اسان کي به اهڙو مال هجي ها جيڪو قارون کي ڏنو ويو آهي. بيشڪ قارون ته وڏي ڀاڳ وارو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اُهو پنهنجي قوم جي سامهون (پوري) هار سينگار (جي حالت) ۾ نڪتو. (ان جي ظاهري شان ۽ شوڪت کي ڏسي) اُهي ماڻهو جيڪي دنيا جي زندگي جا خواهشمند هئا چوڻ لڳا ڪاش! اسان جي لاءِ (به) اهڙو (مال ۽ سامان) هجي ها جهڙو قارون کي ڏنو ويو آهي. بيشڪ اهو وڏي نصيب وارو آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) (هڪ ڏينهن) قارون پنهنجي قوم جي آڏو وڏي ٺٺ (ٺانگر ۽ پروٽوڪول) سان نڪتو ته انهن ماڻهن ريس کاڌي - جيڪي دنيوي زندگيءَ جا طلبگار هئا، ته ڪاش! وٽن به اهو ڪجهه هجي جيڪو قارون وٽ آهي- قارون جو ڇا ته نصيب آهي! (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَقالَ الَّذينَ أوتُوا العِلمَ وَيلَكُم ثَوابُ اللَّهِ خَيرٌ لِمَن ءامَنَ وَعَمِلَ صٰلِحًا وَلا يُلَقّىٰها إِلَّا الصّٰبِرونَ (آيت : 80) |
۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو ته اوھان لاءِ خرابي ھُجي الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نه گِھڙندي آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) پر جيڪي ماڻهو علم وارا هئا تن (انهن ماڻهن کي) چئي ڏنو ته افسوس اوهان جي حال تي (متان مصيبت پوي اوهان تي، اوهان هيترو به نٿا ڄاڻو ته) الله تعاليٰ وٽان جيڪي (نعمتون) انعام ۾ ملن ٿيون سي گهڻو بهتر آهن انهن ماڻهن لاءِ جيڪي (حقيقتن تي) ايمان ٿا رکن ۽ صالح عمل ٿا ڪن، پر اهي نعمتون فقط اهي ماڻهو حاصل ڪن ٿا جيڪي صبر ۽ ثابت قدميءَ سان (حق تي ۽ چڱاين ڪرڻ تي) قائم رهن ٿا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ جيڪي ماڻهو صاحبِ علم هئا اُنهن اِنهن کي چيو توهان ويل ۾ پؤ، الله تعالى جو ثواب ان ماڻهو لاءِ بهتر آهي جنهن ايمان آندو ۽ عمل صالح ڪيا، ۽ اهو فقط صبر ڪندڙن کي ملي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن شخصن کي (اسان جي بارگاھ مان) علم عطا ٿيل هو تن چيو ته اوهين ناس ٿيو! (اڙي) جنهن شخص ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تنهن لاءِ ته خدا جو ثواب (نيڪ بدلو) ان کان گهڻو چڱو آهي ۽ اهو ثواب صبر ڪرڻ کان سواءِ ٻيا حاصل ڪري نه ٿا سگهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو انهن جيڪي ڏنا ويا علم ته هلاڪت آهي اوهان جي لاءِ الله جو ثواب ڀلو آهي ان لاءِ جنهن ايمان آندو ۽ ڪيائين سهڻا عمل ۽ نه دل ۾ وڌا ويندا اها ڳالھ مگر صبر ڪندڙ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن کي علم ڏنو ويو هو تن چيو ته اوهين ناس ٿيو! (قارون جي دولت کان) الله جو ثواب ان لاءِ گهڻو چڱو آهي جنهن ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو ۽ اها ڳالهه رڳو صبر ڪرڻ وارن کي سيکاري وڃي ٿي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اهي ماڻهو جن کي علم ڏنو ويو هيو تن چيو ته: ”توهان تي افسوس آهي الله جو ثواب (ان قاروني مال کان) ڀلو آهي ان ماڻهو لاءِ جنهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائين، مگر اُهو (اجر) صبر وارن کان سواءِ ڪنهن کي نه ٿو ڏنو وڃي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ عِلم عطا ٿيو جَن کي، تن چيو اِهڙِيءَ چال، ته حيف اوهان جي حال کي!، ڀَلي ڌَڻِيءَ جا ڀال، بيشڪ سي بِهتر گھڻو، آهن اُنهن نال، جَن مَڃيو مالِڪ پاڪ کي، پڻ اَڇا ڪيؤَن اَعمال، ۽ مِلَنِ ڪِين مجال، سي ثواب، سوا صابرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته وري جيڪي علم وارا هئا سي چوڻ لڳا ”افسوس آهي اوهان تي! الله وٽ جيڪو ثواب آهي سو انهي شخص لاءِ وڌيڪ چڱو آهي، جنهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، پر اهو فقط صبر وارن کي نصيب ٿيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪي علم وارا هئا، اهي چوڻ لڳا: "افسوس آهي توهان جي حال تي، الله جو ڏنل ثواب ته وڌيڪ سٺو آهي ان ماڻهوءَ لاءِ جيڪو ايمان آڻي ۽ نيڪ عمل ڪري، ۽ اها دولت فقط صبر ڪرڻ وارن کي ئي نصيب ٿيندي آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر اهي ماڻهو چوڻ لڳا جيڪي (حقيقي) علم رکڻ وارا هئا، افسوس توهان جي حال تي، الله جو ثواب ڀلو آهي ايمان واري لاءِ ۽ جيڪو به نيڪ عمل ڪري، ۽ اها دولت نٿي ملي پر صبر ڪرڻ وارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جن ماڻهن کي علم ۾ بصيرت ڏني وئي هئي تن چيو ته توهان جي ان سوچ تي وڏو افسوس آهي جنھن ماڻهو ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا تنھن لاءِ الله تعالى جو ثواب حاصل ڪرڻ ئي بھتر آهي ۽ اها ثواب حاصل ڪرڻ جي توفيق انهن کي نصيب ٿيندي آهي جيڪي صبر ڪندڙ هوندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ (ٻئي طرف) اُهي ماڻهو جن کي (حق جو) علم ڏنو ويو هو چوڻ لڳا توهان تي افسوس آهي الله جو ثواب ان ماڻهو جي لاءِ (هن دولت ۽ سينگار کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ) بهتر آهي جنهن ايمان آندو هجي ۽ سٺا عمل ڪندو هجي مگر هي (اجر ۽ ثواب) صبر ڪرڻ وارن کانسواءِ ڪنهن کي عطا نه ڪيو ويندو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ حقيقت جي ڄاڻن چيو ته ڪهڙي شيءِ آهي جنهن تي توهين ريس ٿا کائو؟ افسوس توهان تي ! بنيادي نعمت ته الله جو اهو ثواب آهي جيڪو ايمان آڻيندڙن ۽ نيڪن کي انهن جي عملن جي بدلي ۾ ملڻو آهي. (جو، نيڪ انسان پنهنجو مال ملڪيت عوام جي عام ڀلاين واسطي خرچ ڪندا آهن) ۽ اها خصلت مؤمن ۽ نيڪ بندن صابرن کان سواءِ ٻين کي نه ملندي آهي (۽ انهن جي لاءِ اها عام خرچ ڪرڻ واري ڀلائي سڀ کان وڏي شيءِ آهي).(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
فَخَسَفنا بِهِ وَبِدارِهِ الأَرضَ فَما كانَ لَهُ مِن فِئَةٍ يَنصُرونَهُ مِن دونِ اللَّهِ وَما كانَ مِنَ المُنتَصِرينَ (آيت : 81) |
پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانه ھئي جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) (قارون جو ايتري آڪڙ ڏيکاري) سو اسان هن کي ۽ سندس گهر کي زمين ۾ پوري ڇڏيو، ۽ ڪابه جماعت ڪانه هئي جا هن کي الله جي مقابلي ۾ مدد ڪري سگهي ها، نڪي هو پاڻ کي بچائي سگهيو.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) پوءِ اسان قارون ۽ سندس دولت کي زمين ۾ ڳِهرائي ڇڏيو، پوءِ ان لاءِ اهڙي ڪا به جماعت نه هئي جيڪا الله تعالى کانسواءِ سندس مدد ڪري سگھي، ۽ نه وري اهو پاڻ، پاڻ کي (عذابِ الاهي کان) بچائي سگھيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کي ۽ سندس گهر بار کي زمين ۾ ڳهايوسون. پوءِ ته خدا کان سواءِ ڪا به اهڙي جماعت نه هئي جا ان جي مدد ڪري ۽ نه وري پنهنجي پاڻ مدد ڪري سگهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڳهايوسين ان کي ۽ ان جي محل کي زمين ۾ پوءِ نه هئي ان لاءِ ڪا ٽولي جيڪي مدد ڪن ان جي الله کان سواءِ ۽ نه هو بدلو وٺندڙن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ۽ سندس گهر کي زمين ۾ ڳهايوسون. پوءِ الله کانسواءِ ڪا جماعت ان لاءِ نه هئي جا ان جي مدد ڪري ۽ نه پاڻ وير وٺڻ وارن مان هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آخرڪار اسان ان (قارون) کي ۽ سندس گهر کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو. پوءِ ان لاءِ ڪا جماعت ڪانه هئي جا الله جي مقابلي ۾ سندس مدد ڪري، ۽ نه ئي خود پاڻ کي بچائڻ وارن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گَنجن گَڏ، خاڪ ۾، ڪيوسونسِ گَلوگار، پوءِ سوا سائـِينءَ، ساٿ نَه هو، لهيسِ سارسنڀال، ۽ نه سو نِگُو نسار، پُهچندڙن مان، پاڻ هو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هن ۽ سندس گهر کي زمين ۾ ڳيهايو سون ۽ هن لاءِ اهڙي ڪا به ٽولي ڪا نه هئي، جا الله کان سواءِ مدد ڏئي ۽ نڪي هو پاڻ وير وٺي ٿي سگهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان کيس ۽ سندس گهر کي زمين ۾ غرق ڪري ڇڏيو، پوءِ ڪوبه اهڙو ٽولو نه مليس، جيڪو الله جي مقابلي ۾ سندس ڪا مدد ڪري سگهي ها ۽ نڪي پاڻ ئي پنهنجي ڪا مدد ڪري سگهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نيٺ اسان کيس ۽ سندس گهر وارن کي ڳهايوسين زمين ۾ (غرق ڪيوسين) پوءِ ڪوبه ٽولو اهڙو ڪونه هو جيڪو سندس واهر ۽ مدد ڪري ها الله جي مقابلي ۾، ۽ نه وري اهو پاڻ به پنهنجي ڪا مدد ڪري سگهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان اُن کي گهر سميت زمين ۾ ڳھائي ڇڏيو. ان جا ڪير به اهڙا حمايتي نه هئا جيڪي الله تعالى کان سواءِ ان جي مدد لاءِ اڳتي اچن ها ۽ نه ئي هو پنھنجي مدد پاڻ ڪري سگهيو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) پوءِ اسان ان (قارون) کي ۽ ان جي گهر کي زمين ۾ دٻي ڇڏيو، پوءِ الله کانسواءِ ان جي لاءِ ڪابه جماعت (اهڙي) نه هئي جيڪا (عذاب کان بچائڻ ۾) سندس مدد ڪري سگهي ۽ نه اُهو پاڻ ئي عذاب کي روڪي سگهيو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) آخرڪار اسان قارون کي ۽ سندس حويليءَ کي زمين ۾ ڳِهائي (ڌوڙ ڪري) ڇڏيو پوءِ نه ڪي ڪو اهڙو ٽولو هيو جيڪو الله کان سواءِ قارون جي واهر ڪري سگهي ۽ کيس الله (جي پڪڙ) کان بچائي سگهي ۽ نه ڪي وري هوپاڻ کي ئي بچائي سگهيو. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَأَصبَحَ الَّذينَ تَمَنَّوا مَكانَهُ بِالأَمسِ يَقولونَ وَيكَأَنَّ اللَّهَ يَبسُطُ الرِّزقَ لِمَن يَشاءُ مِن عِبادِهِ وَيَقدِرُ لَولا أَن مَنَّ اللَّهُ عَلَينا لَخَسَفَ بِنا وَيكَأَنَّهُ لا يُفلِحُ الكٰفِرونَ (آيت : 82) |
۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا ته عجب آھي ته الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نه ڪري ھا ته اسان کي (به زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا، نه ڄاتو اٿيئي ته ڪافرن کي ڇوٽڪارو نه آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه سندس پوزيشن ۽ ظاهري شاندار حالت جا خواهشمند ٿيا هئا سي هاڻي چوڻ لڳا ته يقيناً الله ئي آهي جو پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي تنهن جو رزق ڪشادو ڪري ۽ جنهن لاءِ وڻيس تنهن لاءِ تنگ ڪري. جيڪڏهن اسان تي الله جو احسان نه هجي ها ته اسان کي به زمين ۾ پوري ڇڏي ها. يقيناً معلوم ٿو ٿئي ته ڪافر ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ ڪالهه جن ماڻهن قارون جي دولت جهڙي گھُر ڪئي هئي اهي چوڻ لڳا (اسان کي) عجب آهي، الله تعالى پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي رزق گھڻو ڪري ٿو ۽ گھٽ ڪري ٿو. جيڪڏهن اسان کي دولت ملي ها ته اسان کي به ڳِهرائي ها، ۽ عجب آهي بيشڪ ڪافرن کي نجات نٿي ملي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ماڻهن ڪالھ سندس (رعب دبدٻي ۽ شان) جي خواهش ڪئي هئي اهي (اڄ اهو حال ڏسي) چوڻ لڳا ته (اڙي) معاذ الله هي ته خدا ئي پنهنجن بندن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي (به زمين ۾) ڳهائي ڇڏي ها. هاءِ افسوس ڪافر ڪڏهن ڪامياب نٿا ٿين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ صبح ڪئي انهن جن تمنا ڪئي ان جي مرتبي جي ڪالھ چوڻ لڳا اي عجب! گويا که الله ڪشادو ڪري ٿو رزق جنهن لاءِ گهري پنهنجن ٻانهن مان ۽ تنگ ٿو ڪري جيڪڏهن نه هجي ها هي جو ٿورو ڪيو الله اسان تي ته البته ڳهرائي ڇڏي ها اسان کي اي وڏو عجب آهي؟ ته نه ڪامياب ٿيندا ڪافر .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اڄ) صبح جو اهي جن سندس مرتبي جي ڪالهه خواهش ڪئي هئي چوڻ لڳا ڇا نه ٿا ڏسو ته الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ٿو تنهن جي روزي ڪشادي ڪري ٿو ۽ تنگ ڪري ٿو. جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي (به زمين ۾ ) ڳهائي ڇڏي ها. ڇا نه ٿا ڏسو ته ڪافر ڪامياب نه ٿا ٿين؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جن ڪالهه سندس مرتبي جي تمنا ڪئي هئي چوڻ لڳا: ”افسوس اسان وساري ويٺاسين جو الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ چاهي ٿو رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن لاءِ چاهي) تنگ ڪري ٿو، جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه ڪري ها ته اسان کي به (زمين ۾) دٻائي ڇڏي ها. افسوس اسان وساري ويٺاسين ته ڪافر فلاح ڪونه ٿا ماڻن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڱيو جَن ماڳه تِنهن، چَيئون وِهاڻِيءَ وار، گھُري سَندسِ گولن مان، جنهن لئي رَبُّ، جَبّار، بخشي تِنهن بِسيار، ياتنگي ڏيئي توڻ جِي. جِيڪر! نَه جَلَّ شانهٗ، ڪيو اَسان تي اِحسان، ته دَٻجِي وِياسون، دائـِما ڀُون ۾ بي گمان، بيشڪ بي شُڪران، ڪڏهن ڇُٽنداڪِين ڪِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جن ڪالهه سندس مرتبي جي سڌ پئي ڪئي، سي صبح جو وري عجب مان چوڻ لڳا ته ”بيشڪ الله ئي سندس ٻانهن مان جنهنجو وڻيس، ان جو رزق ڪشادو ۽ سوڙهو ٿو ڪري_ جي اسان تي الله جو احسان نه هجي، ته اسان کي به ڳيهائي ڇڏي ها.“ عجب آهي ته ڪافر ڪڏهن به دل گهري راحت نٿا حاصل ڪن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي اهي ئي ماڻهو جن ڪالهه سندس مرتبي جي ســَـڌ پئي ڪئي چوڻ لڳا ته "افسوس، اسان ته وساري ڇڏيو هو ته الله پنهنجن ٻانهن مان جنهن جو رزق چاهيندو آهي، ڪشادو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جنهن جو گهرندو آهي تنگ ڪندو آهي، جيڪڏهن الله اسان تي مهرباني نه ڪئي هجي ها ته اسانکي به زمين ۾ ڳهائي ڇڏي ها. افسوس جو اسان کي ياد نه رهيو ته ڪافر ته ڪامياب ناهن ٿيندا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي ئي ماڻهو جيڪي ڪالهه سَڌ ڪري رهيا هئا سندس رتبي جي، چوڻ لڳا، افسوس! وساري ويٺاسين ته الله جنهن جو ڪشادو ڪرڻ چاهيندو آهي رزق ته ڪشادو ڪري ٿو بندن مان ۽ جنهن کي چاهي توريل تڪيل ڏئي ٿو، جي اسان تي اهو احسان نه ڪري ها الله ته اسان کي به ڳهائي ڇڏي ها زمين ۾، ۽ افسوس جو اسان کي اهو ياد نه رهيو ته ڪافر ڪڏهن به فلاح نه ماڻيندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه تائين سندس شان ۽ شوڪت جي تمنا ڪري رهيا هئا، سي (هاڻي) چوڻ لڳا ته بيشڪ الله تعالى پنھنجي ٻانهن مان جنھن لاءِ به چاهيندو آهي ان جي روزي ۾ ڪشادگي ۽ گهٽتائي ڪندو آهي. جيڪڏهن الله تعالى جي مھرباني اسان تي نه ٿئي ها ته هو اسان کي به زمين ۾ ڳھائي ڇڏي ها. بيشڪ ڪافر ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا آهن. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ جيڪي ماڻهو ڪالهه ان جي مقام ۽ مرتبي جي تمنا ڪري رهيا هئا (شرمساري مان) چوڻ لڳا: ڪيترو عجيب آهي جو الله پنهنجي ٻانهن مان جنهن جي لاءِ گهري ٿو رزق ڪشادو فرمائي ٿو ۽ (جنهن جي لاءِ گهري ٿو) تنگ فرمائي ٿو جيڪڏهن الله اسان تي احسان نه فرمايو هجي ها ته اسان کي (به) غرق ڪري ڇڏي ها، هاءِ حيرت آهي! (هاڻي معلوم ٿيو) ته ڪافر ڇوٽڪارو نٿا لهي سگهن.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اهي ئي ماڻهو جيڪي ڪالهه هن جهڙو ٿيڻ جي حسرت ڪري رهيا هئا سي هاڻي چوڻ لڳا؛ بي شڪ! الله پنهنجن ٻانهن منجهان جنهن جو چاهيندو آهي، رزق ڪشادو ڪندو آهي ۽ جنهن جو چاهيندو آهي، تنگ ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن اسان تي الله احسان نه ڪري ها ته اسان کي به زمين ۾ ڳهائي ڇڏي ها. هاءِ افسوس!- واقعي اها حقيقت آهي ته ڪافر ڪاميابي نه ٿا ماڻي سگهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
تِلكَ الدّارُ الءاخِرَةُ نَجعَلُها لِلَّذينَ لا يُريدونَ عُلُوًّا فِى الأَرضِ وَلا فَسادًا وَالعٰقِبَةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 83) |
اِھو آخرت جو گھر آھي جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) اهو آخرت جو گهر (يعني جنت) اسان انهن ماڻهن لاءِ تيار ڪري رکيو آهي جيڪي زمين تي هٺ وڏائي، ظلم ۽ فساد ۽ بگاڙو نٿا چاهين، ۽ (ياد رکو ته) چڱي پڇاڙي فقط انهن جي لاءِ آهي جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن (۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن).(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) اهو بهشت (جنهنجي توهان خبر ٻُڌي آهي) اِهو اسان انهن ماڻهن لاءِ بنايو آهي جيڪي زمين ۾ تڪبر ۽ فساد جو ارادو نٿا ڪن، ۽ پرهيزگارن لاءِ سهڻي پڇاڙي (جنت) آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو آخرت جو گهر آهي جنهن کي انهن لاءِ خاص ڪري ڇڏينداسون جي زمين ۾ نه وڏائي ڪرڻ ٿا گهرن ۽ نه فساد وجهڻ (گهرن ٿا) ۽ (چڱي) پڇاڙي ته رڳو پرهيزگارن جي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهو آخرت جو گهر مخصوص ڪيون ٿا ان کي انهن جي لاءِ جيڪي نه ٿا ارادو ڪن بلند ٿيڻ جو زمين ۾ ۽ نه فساد جو ۽ چڱي پڇاڙي پرهيزگارن جي لاءِ آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) اهو آخرت جو گهر آهي جنهن کي انهن لاءِ (خالص) ڪريون ٿا جي زمين ۾ نه وڏائي ڪرڻ ٿا گهرن ۽ نه فساد وجهڻ (گهرن ٿا). ۽ (چٽي) پڇاڙي پرهيزگارن جي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهو آخرت جو گهر آهي جنهن کي اسان انهن ماڻهن لاءِ (مخصوص) ڪيون ٿا جيڪي زمين ۾ نه وڏائي ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه فساد انگيزي. ۽ (چڱي) پڇاڙي پرهيزگارن لاءِ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهو آخِر گَھر اُنهن لئي، مُقرّر ڪريون ٿا مُور، جي خُودِي نه گُھرن خاڪ ۾، ۽ نه ڦيٽاڙو فُتور، ۽ آهي نِسُورِي نُور، پَڇاڙِي پاڪن لئي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهو آخرت جو گهر اسان انهن ئي لاءِ مقرر ڪيو آهي، جيڪي نڪي ملڪ ۾ وڏائي ڪرڻ چاهيندا آهن، نڪي ڦيٽاڙو وجهڻ ۽ (سُرهي) پڇاڙي نيٺ نيڪن جي ئي ٿيندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو آخرت وارو گهر ته اسان فقط انهن ماڻهن لاءِ خاص ڪري ڇڏينداسون، جيڪي زمين ۾ وڏائي نٿا چاهن ۽ نڪي فساد ڪرڻ ٿا چاهن ۽ ڀلي پڇاڙي ته متقين لاءِ ئي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو گهر آخرت وارو ته اسان مخصوص ڪندا آهيون انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي وڏائي نٿا ڪن زمين ۾ ۽ نه وري ڪو فساد ڪرڻ گهرن ٿا، ۽ سٺي آهي عاقبت پرهيزگارن جي لاءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آخرت جو گهر اسان انهن ماڻهن لاءِ رکيو آهي جيڪي زمين ۾ نه ته وڏائي ڪرڻ گهرن ٿا ۽ نه ئي فساد ڦھلائڻ چاهين ٿا ۽ سٺو انجام پرهيزگارن جو هوندو آهي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) (هي) آخرت جو گهر آهي جنهن کي اسان اهڙن ماڻهن جي لاءِ بڻايو آهي جيڪي نه (ته) زمين ۾ سرڪشي ۽ تڪبر چاهن ٿا ۽ نه فساد پکيڙڻ، ۽ سٺي پڇاڙي پرهيزگارن جي لاءِ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) اِهـــــــي آخــــــــرت جـا گهــــــــــــــر صرف انهــــــن ماڻهــــن جي لاءِ ٺاهيا ويندا، جيڪي الله جي زمين تي نه ڪي برائي ۽ سرڪشي ڪرڻ چاهين ٿا ۽ نه ڪي زمين ۾ فساد ڪرڻ کين پسند آهي. ۽ عاقبت انهن ماڻهن جي لاءِ آهي جيڪي متقي آهن. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
مَن جاءَ بِالحَسَنَةِ فَلَهُ خَيرٌ مِنها وَمَن جاءَ بِالسَّيِّئَةِ فَلا يُجزَى الَّذينَ عَمِلُوا السَّيِّـٔاتِ إِلّا ما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 84) |
جيڪو چڱائي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ جيڪو مدائي آڻيندو ته مدائين ڪرڻ وارا رڳو اُھا سزا لھندا جيڪي ڪيائون ٿي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) جيڪو نيڪيءَ سان ايندو (يعني جنهن نيڪيون ڪيون هونديون) تنهن کي ان کان بهتر انعام ملندو، پر جيڪڏهن ڪو برائي سان ايندو (يعني جنهن برائيون ڪيون هونديون) ته پوءِ جن برائيو ڪيون هونديون تن کي فقط اوتري قدر سزا ملندي جيتري قدر هن برا عمل ڪيا هوندا.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) جيڪو ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) نيڪي آڻيندو ان لاءِ ان کان زياده ثواب هوندو، ۽ جيڪو ماڻهو برائي آڻيندو، پوءِ گنهگارن کي سندن ڪيل گناهن کان زياده سزا نه ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو شخص نيڪي ڪندو ته ان جي لاءِ ان (نيڪي کان) گهڻو بهتر بدلو آهي ۽ جيڪي برا ڪم ڪندو ته ياد رکي! ته جن ماڻهن برايون ڪيو آهن تن جو اهو ئي بدلو آهي جيڪي دنيا ۾ ڪندا رهيا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن آندي چڱائي پوءِ ان جي لاءِ ڀلو (بدلو) آهي ان کان ۽ جنهن آندي برائي پوءِ نه بدلو ڏنا ويندا اهي جن ڪيا برا ڪم مگر اهو جيڪي ڪندا هئا .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو چڱائي آڻيندو تنهن لاءِ ان کان چڱو (بدلو) آهي. ۽ جيڪو بڇڙائي ڪندو ته بڇڙائي ڪرڻ وارا جيڪي پيا ڪن تنهن کانسواءِ ٻيو بدلو کين نه ڏنو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو چڱائي آڻيندو ان لاءِ ان کان بهتر (بدلو) آهي، ۽ جيڪو برائي آڻيندو ته بري ڪم ڪرڻ وارن کي ڪوبه بدلو نه ڏنو ويندو . مگر ايترو جيترو اهي عمل ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن ڀَلِي ڪَئـِي، ته اُن لئي، ڀَلائـِي بِهتر، ۽ جِنهن بِدِي ڪَئـِي، ته بَدلو، نه ملندو تَن مگر، اَڀرايُون اَبتر، جِنهن قدرڪندا پاڻ هئا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو چڱا ڪم آڻيندو، ان لاءِ انهن مان چڱو ٿيندو ۽ جيڪو برائي آڻيندو، ته بُرن ڪمن ڪندڙن کي اهائي سزا ملندي، جيڪي ڪندا هئا- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو به ڀلائي آڻيندو، ان لاءِ اڃان به وڌيڪ ڀلائي آهي ۽ جيڪو برائي آڻيندو ته براين ڪرڻ وارن کي بدلو به اهڙو ئي ملندو، جهڙا اهي عمل ڪندا هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو به آڻيندو ڀلائي ته ان جي لاءِ ڀلائي بهتر آهي ۽ جيڪو به آڻيندو برائي ته انهن برائي ڪرڻ وارن کي اهڙو ئي بدلو ملندو برائي وارو، جهڙا انهن ڪيا هوندا عمل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪو ماڻهو (قيامت جي ڏينهن) نيڪي آڻيندو ته ان لاءِ ان نيڪي کان وڌيڪ بھترين بدلو آهي ۽ جيڪو ماڻهو برائي آڻيندو ته برائي ڪرڻ وارن کي اوترو ئي برو بدلو ڏنو ويندو جيترا بُرا عمل انهن ڪيا هوندا. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) جيڪو شخص نيڪي آڻيندو ان جي لاءِ ان کان بهتر (بدلو) آهي ۽ جيڪو برائي کڻي ايندو ته برا ڪم ڪرڻ وارن کي ڪوبه بدلو نه ڏنو ويندو مگر اتروئي جيڪو اُهي ڪندا رهيا هئا.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) جيڪو شخص نيڪي کڻي حاضر ٿيندو ته ان کي ان جي نيڪيءَ جو بهتر بدلو ملندو ۽ جيڪو بڇڙائي آڻيندو ته اهڙن بدڪردارن کي سندن ڪيل گناهن جي سزا ڏني ويندي. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
إِنَّ الَّذى فَرَضَ عَلَيكَ القُرءانَ لَرادُّكَ إِلىٰ مَعادٍ قُل رَبّى أَعلَمُ مَن جاءَ بِالهُدىٰ وَمَن هُوَ فى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 85) |
بيشڪ جنھن (الله) توتي قرآن نازل ڪيو سو موٽڻ جي جاءِ ڏانھن توکي ضرور موٽائڻ وارو آھي، چؤ ته جنھن ھدايت آندي تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي به جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) يقين رک ته جنهن (خدا) توتي قرآن (جا حڪم) فرض ڪيا آهن سوئي توکي موٽڻ واري جاءِ ڏي موٽائي آڻيندو. تون (کليو کلايو) چئو ته، منهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير (خدا وٽان) هدايت يعني سچو دين کڻي آيو آهي (جنهن تي پاڻ به عمل ڪري ٿو ۽ ٻين کي به سيکاري ٿو) ۽ خوب ڄاڻي ٿو ته ڪير ظاهرظهور چٽي گمراهيءَ ۾ آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) بيشڪ جنهن توهان تي قرآن ڪريم نازل فرمايو آهي اهو ئي توهان کي توهان جي اصل وطن (مڪه مڪرمه) ۾ موٽائيندو. توهان فرمايو منهنجو رب ان ماڻهوءَ کي وڌيڪ ڄاڻي ٿو جيڪو هدايت سان اچي ٿو ۽ جيڪو ماڻهو صاف گمراهي ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) خدا تعالى جنهن تو تي قرآن نازل ڪيو آهي سو تو کي ضرور پنهنجيءَ جاءِ ڏي موٽائڻ وارو آهي. (اي رسول) چئو ته ڪير سڌي راھ تي آيو ۽ ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ پيو رهيو تنهن کان منهنجو پالڻهار چڱيءَ طرح واقف آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهو الله جنهن فرض ڪيو توتي قرآن البته موٽائي آڻيندڙ آهي توکي موٽڻ واري جاءِ ڏانهن فرماءِ ته: منهنجو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جنهن آندي هدايت ۽ انهيءَ کي به جيڪو گمراهيءَ کليل ۾آهي .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ جنهن توتي قرآن کي نازل ڪيو آهي سو تو کي پهرئين جاءِ (مڪي) ڏي موٽائڻ وارو آهي. چؤ ته منهنجو پاليندڙ ان کي گهڻو ڄاڻندڙ آهي جنهن هدايت آندي ۽ ان کي به جيڪو پڌريءَ گمراهيءَ ۾ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ جنهن (الله) تو تي قرآن (جي تبليغ کي) فرض ڪيو آهي سو تو کي موٽڻ جي جاءِ (مڪي پاڪ) ضرور واپس موٽائيندو . چؤ ته: ”منهنجو پالڻهار ان کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪو هدايت يافته ٿي آيو آهي ۽ ان کي (به) جيڪو پڌري گمراهي ۾ پِيَلُ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) توڏي قرآن ڪريم کي، مُڪو جِنهن مُختيار، سو وارڻ وارو واڳه سَندئـِي، واپَس وطن پارِ، چَئو، جو سَنئون هَليو، تِنهنجو سانيَمِ سَمجھدار، پڻ ڀُليو جو بَدڪار، آگو آگاه اُن ڪنان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ جنهن توتي قرآن موڪليو، سو ضرور توکي موٽڻ جي هنڌ موٽائيندو، چئو ته ”منهنجو ڌڻي ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، ته ڪير سنئون رستو ٿو ڏيکاري ۽ ڪير صاف گمراهيءَ ۾ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! پڪ ڄاڻ ته جنهن هيءُ قرآن توتي فرض (نازل) ڪيو آهي، سو ئي توکي موٽائي سهڻي ماڳ رسائڻ وارو آهي. ٻڌائي ڇڏين ته "منهنجو رب چڱيءَ طرح ٿو ڄاڻي ته هدايت کڻي ڪير آيو آهي ۽ پڌري گمراهيءَ ۾ ڪير پيل آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) بيشڪ جنهن هي فرض ڪيو آهي توتي قرآن، سو سٺي پڄاڻي تي توکي پهچائڻ وارو آهي، انهن کي چؤ ته، منهنجو رب چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته هدايت ڪنهن آندي آهي ۽ ڪير آهي پيل پڌري گمراهي ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) بيشڪ جنھن هستي تنھنجي مٿان هي قرآن نازل فرمايو آهي اهو ضرور توکي بهترين جڳھه ڏي موٽائڻ وارو آهي. تون چؤ ته منھنجو پالڻھار ئي وڌيڪ ڄاڻي ٿو ته ڪير هدايت کڻي آيو آهي ۽ ڪير پڌري گمراهيءَ ۾ مبتلا آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) بيشڪ جنهن (رب) توهان تي قرآن (جي تبليغ ۽ اقامت کي) فرض ڪيو آهي يقيناً اُهو توهان کي (توهان جي پسند مطابق) موٽڻ جي جڳهه (مڪي يا آخرت) ڏانهن (فتح ۽ ڪاميابي سان گڏ) واپس وٺي ويندڙ آهي. فرمايو: منهنجو رب ان کي خوب ڄاڻي ٿو جيڪو هدايت کڻي آيو ۽ ان کي (به) جيڪو چٽي گمراهيءَ ۾ آهي.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) بي شڪ! جنهن هي قرآن توتي نازل ڪيو آهي اهو توکي ضرور بهتر انجام تائين پهچائيندو. تون ماڻهن کي چئه؛ منهنجو رب چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو ته ڪير هدايت کڻي آيو آهي ۽ ڪير چٽي گمراهيءَ ۾ مبتلا آهي؟ (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَما كُنتَ تَرجوا أَن يُلقىٰ إِلَيكَ الكِتٰبُ إِلّا رَحمَةً مِن رَبِّكَ فَلا تَكونَنَّ ظَهيرًا لِلكٰفِرينَ (آيت : 86) |
۽ توکي ڪو آسرو نه ھو ته تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نه ٿج.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) توکي ڪابه اميد يا آسرو ڪونه هو ته ڪو (توکي ڪامياب ڪرڻ لاءِ) توڏي (سچي راهه ڏيکارڻ وارو) ڪتاب موڪليو ويندو پر اها فقط تنهنجي پروردگار جي رحمت آهي (جو توڏي اهو ڪتاب موڪليو ويو آهي) تنهن ڪري تون ڪنهن به صورت ۾ ڪافرن لاءِ (سندن ڪفر جي ڪمن ۾) مددگار نه ٿجانءِ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ توهان کي اها اميد نه هئي ته توهان ڏانهن قرآن ڪريم وحي ڪيو ويندو پر اها توهان جي رب جي طرفان عظيم رحمت آهي پوءِ توهان (اي ٻڌندڙ) هرگز ڪافرن جا مددگار نه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تو کي اميد نه هئي ته توکي خدا جي طرفان ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو ويندو پر تنهنجي پالڻهار جي مهربانيءَ سان لاٿو ويو پوءِ تون ڪافرن جو مددگار متان ٿئين!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي اميد رکي تو ته لاٿو ويندو تو ڏانهن ڪتاب مگر ٻاجھ ٿي تنهنجي رب جي طرفان پوءِ هرگز نه هج پٺڀرائي ڪندڙ ڪافرن جي لاءِ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ توکي اميد نه هئي ته توتي (هيءَ) ڪتاب لاٿو ويندو، پر تنهنجي پاليندڙ جي مهرباني سان (لاٿو ويو) پوءِ تون ڪافرن جو مددگار نه ٿيءُ، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توکي اميد نه هئي ته تو تي ڪتاب لاٿو ويندو پر تنهنجي پالڻهار جي ٻاجهه سان (توتي لاٿو ويو) پوءِ تون ڪافرن لاءِ مددگار نه بنج.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَصل نه هوءِ آسرو، ته اِيندئـِي ڪو ڪتاب، پر رَحمت تُنهنجي، رَبَّ ڪنان، صحِي بَرصواب، پوءِ بِلڪُل نه ٿئـِي ڪِنهن باب، مَددگار مُنڪرِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ توکي ڪا اميد ڪا نه هئي، ته تو ڏانهن به ڪتاب لاهبو، پر اها تنهنجي ڌڻيءَ وٽان رحمت آهي_ پوءِ تون هر گز ڪافرن جو مددگار نه ٿج. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تون ان ڳالهه جو ڪڏهن به اميدوار ڪونه هئين ته توتي ڪتاب نازل ڪيو وڃي، اهو ته فقط تنهنجي رب جي رحمت سبب (توتي نازل ٿيو آهي) تنهنڪري تون ڪافرن جو مددگار نه ٿيءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تون ته هرگز انهيءَ جو اميدوار نه هئين ته توتي ڪو ڪتاب نازل ڪيو ويندو، هي ته توتي تنهنجي رب جي ڪرم سان (نازل ٿيو آهي) سو تون هرگز مددگار نه ٿي ڪافرن جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) توکي ته اها اميد ئي نه هئي ته ڪو تنھنجي مٿان هي ڪتاب نازل ڪيو ويندو. پر اها سراسر تنھنجي پالڻھار جي رحمت آهي (جو هن تنھنجي مٿان ڪتاب نازل ڪيو) سو توهان ڪڏهن به ڪافرن جا مددگار نه ٿجِو. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان (حضور صلي الله عليه وآلہٖ وسلم جي واسطي سان امتِ محمدي کي خطاب آهي) ان ڳالهه جي اميد ڪونه رکندا هئا ته توهان تي (هي) ڪتاب نازل ڪيو ويندو مگر (هي) توهان جي رب جي رحمت (سان نازل ٿيو) آهي، پوءِ توهان ڪڏهن به ڪافرن جا مددگار نه بڻجو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) توکي اها اميد به نه هئي ته ڪو توتي هي ڪتاب نازل ڪيو ويندو، پر اهو ته رڳو تنهنجي رب جي مهربانيءَ سان (نازل ڪيو ويو آهي) تنهنڪري تون انهن ڪافرن جو هرگز مددگار نه ٿيءُ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا يَصُدُّنَّكَ عَن ءايٰتِ اللَّهِ بَعدَ إِذ أُنزِلَت إِلَيكَ وَادعُ إِلىٰ رَبِّكَ وَلا تَكونَنَّ مِنَ المُشرِكينَ (آيت : 87) |
۽ (اي پيغمبر) توکي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان اُن پڃاڻا جو تو ڏانھن موڪليون ويون (ڪافر) نه جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن) کي سڏ، ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نه ٿيءُ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ هي ضروري آهي ته ڪابه ڳالهه توکي خدا جي آيتن (۽ حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ تبليغ ڪرڻ) کان نه روڪي انهيءَ کان پوءِ جو توتي آيتون ۽ حڪم نازل ٿين ۽ (صبر ۽ استقامت سان ماڻهن کي) پنهنجي پروردگار ڏانهن سڏيندو رهه، ۽ مشرڪن سان (سندن شرڪ جي ڪمن ۾) شامل نه ٿجانءِ.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ اهي توهان کي هرگز الله جي آيتن کان نه روڪين، ان کان پوءِ جو اهي توهان ڏانهن وحي ڪيون وڃن ٿيون ۽ (انهن کي) پنهنجي رب ڏانهن پڪاريو ۽ توهان مشرڪن جا مددگار نه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ائين نه ٿئي جو خدائي احڪام نازل ٿيڻ کان پوءِ اهي ماڻهو انهن جي تبليغ کان روڪين ۽ تون پنهنجي پروردگار ڏي (ماڻهن کي) سڏيندو رھ! ۽ خبردار! مشرڪن مان ڪڏهين به نه ٿج!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ هرگز نه روڪي توکي الله جي آيتن کان ان کان پوءِ جڏهن نازل ڪيون ويون تو ڏانهن ۽ سڏ پنهنجي رب ڏانهن ۽ هرگزنه هج مشرڪن مان .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي توکي الله جي آيتن (جي پهچائڻ) کان هن کان پوءِ جو اُهي توتي لاٿيون وڃن هرگز نه روڪين. ۽ پنهنجي پاليندڙ ڏي (ماڻهن کي) سڏ ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿيءُ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ توکي الله جي آيتن (پهچائڻ) کان هرگز نه روڪن ان کان پوءِ جو اهي توتي نازل ٿي چڪيون ۽ پنهنجي پالڻهار ڏانهن سڏ ۽ تون هرگز شرڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيءُ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَلله جي آيتن کان، توکي لوڪ نه ڪري روڪ، جنهن بعد، جڏهن توڏي، وِيون لاٿيون وِچان لوڪ، ۽ تُنهنجي پَرور پاڪ ڏي، سَڏ ماڻهن کي موڪ، ۽ جَن ٿان بَنايا ٿوڪ، تَن پَر پُوڄارين مان، پاڻ نه ٿِي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن تو ڏي الله جون آيتون لٿيون، ته ان کان پوءِ تون انهن (جي چوڻ تي) آيتن کان نه روڪجي وڃج_ ۽ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي سڏ ۽ هر گز انهن مان نه ٿج، جي الله سان ٻيا ڀائيوار ٿابنائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ائين ڪڏهن به نه ٿيڻ کپي ته جڏهن الله جون آيتون توتي نازل ٿين ته ڪافر توکي انهن کان روڪي بيهن. پنهنجي رب ڏانهن سڏ ۽ ڪڏهن به مشرڪن مان نه ٿيءُ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ائين به ڪڏهن نه ٿئي جو جڏهن به آيتون الله جون توتي نازل ٿين ته (ڪافر) توکي انهن (ماڻهن تائين) پهچائڻ کان روڪين، تون کين پنهنجي رب ڏي سڏ ۽ هرگز شامل نه ٿي مشرڪن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) هي ڪافر تنهنجي مٿان الله تعاليٰ جون آيتون نازل ٿيڻ کان پوءِ انهن (کي ماڻهن تائين پهچائڻ) کان توکي هرگز نه روڪين بلڪه تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن سڏيندو رهه ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿجانءِ. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ اُهي (ڪافر) توکي ڪڏهن به الله جي آيتن (جي تعميل ۽ تبليغ) کان نه روڪين ان کانپوءِ جو اُهي توهان ڏانهن نازل ٿي چڪيون آهن ۽ توهان (ماڻهن کي) پنهنجي رب ڏانهن سڏيندا رهو ۽ مشرڪن مان ڪڏهن به نه ٿجو.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ (ائين ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجي ته) جڏهن الله جون آيتون توتي نازل ٿين ته اهي ماڻهو توکي انهن تي عمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏين! تون پنهنجي رب ڏانهن ماڻهن کي سڏيندو رهج ۽ ڪڏهن به مشرڪن ۾ شامل نه ٿيءُ. (قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |
وَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ لا إِلٰهَ إِلّا هُوَ كُلُّ شَيءٍ هالِكٌ إِلّا وَجهَهُ لَهُ الحُكمُ وَإِلَيهِ تُرجَعونَ (آيت : 88) |
۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نه سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شيء ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.(قرآن جو پيغام (مولانا تاج محمود امروٽي)) ۽ الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود کي نه سڏجانءِ، (ڇو ته) هن (هڪ الله) کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود آهي ئي ڪونه! هر هڪ شيءِ (۽ هرهڪ جانور) فنا ٿيڻ وارو آهي سواءِ سندس ذات جي، بادشاهي فقط سندس آهي، ۽ (آخر) اوهان سڀني کي ڏانهس ئي موٽڻو آهي.(ائين چيو اللہ (علامہ علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى سان گڏ ٻِئي معبود جي عبادت نه ڪريو، ناهي ڪو معبود مگر اهو، ان جي ذاتِ اقدس کانسواءِ هر شيءِ فاني آهي (مخلوق ۾) ان جو حڪم هلي ٿو، ۽ توهان کي ان ڏانهن موٽايو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهين معبود کي نه سڏج! هن کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي، سندس ذات کان سواءِ سڀ ڪا شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي سندس ئي حڪومت آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي (مرڻ بعد) موٽايو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه عبادت ڪر الله سان گڏ ٻئي معبود جي ناهي ڪو عبادت جو لائق ان کان سواءِ هر شيءِ هلاڪ ٿيندڙ آهي ان جي ذات کان سواءِ ان جو ئي حڪم آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ .(احسن البيان (مولانا محمد ادريس ڏاهري)) ۽ الله سان گڏ ٻئي حاڪم کي نه سڏ! ان کانسواءِ ڪو حاڪم نه آهي سندس ذات کانسواءِ سڀ ڪا شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي، ان جو ئي حڪم آهي ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ الله سان گڏ ڪنهن معبود جي پوڄا نه ڪر، ان کان سواءِ ڪو معبود نه آهي. هر شيءِ هلاڪ ٿيڻ واري آهي سواءِ سندس ذات جي. حڪم ان جو ئي آهي ۽ توهان ان ڏانهن ئي موٽايا ويندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪِنهن پِير، فقير کي، پرور گَڏ نه پُوڪار، ڌڻِيءَ ڌاران ناھِ ڪا، درگاه ۽ درٻار، وَٿون سَڀئـِي وَڃڻيون، ذات ڌَڻِيءَ کان ڌار، حُڪم اُن هيڪ جو، چالو آهي چوڌار، ۽ سَڏي آخِرڪار، مِڙئـِي موٽائبا، اُن ڏي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن کي به سائين سمجهي نه سڏج، ان کانسواءِ ٻيو ڪو به سائين ناهي، هن جي وجود کان سواءِ ٻي هر ڪا چيز ناس ٿيندڙ آهي_ سڀ حڪم ان جي هٿ ۾ آهي ۽ اوهين انهي ڏي ئي موٽائبا.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنهن به معبود کي نه سڏ. انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي، سواءِ ان جي ذات جي. حڪومت انهيءَ جي ئي آهي ۽ انهيءَ ڏانهن ئي توهان سڀني کي موٽايو ويندؤ. (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه سڏ ڪنهن به (معبود کي) الله سان گڏ (ڪڏهن به)، ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ان کان سواءِ، هرهڪ شيءِ هلاڪ ٿيڻ واري آهي سندس ذات کان سواءِ، هر حڪم ان جو ئي آهي ۽ انهيءَ ڏي ئي سڀ موٽايا ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى سان گڏ ٻئي ڪنھن کي به معبود ڪري نه سڏيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪير به معبود ناهي. الله تعالى جي ذات کان سواءِ هر شيءِ فنا ٿيڻ واري آهي. ان جي ئي حڪمراني آهي ۽ هر شيءِ ان ڏانھن ئي موٽائي ويندي. (قرآن مجيد (عبدالسلام ڀُٽو)) ۽ توهان الله سان گڏ ڪنهن ٻي (پنهنجي ٺاهيل) معبود جي پوڄا نه ڪريو، ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ناهي، ان جي ذات کانسواءِ هر شيءِ فاني آهي، حڪم ان جوئي آهي ۽ توهان (سڀ) انهيءَ ڏانهن موٽايا ويندؤ.(عرفانُ القرآن (مولانا طاھر القادري)) ۽ الله سان ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ- الله جي ذات کانسواءِ هر شيءِ فنا ٿيڻي آهي، الله جي ئي حڪمراني آهي ۽ ان ڏانهن ئي توهين سڀ موٽايا ويندؤ.(قرآن مجيد (عبدالمؤمن ميمڻ)) |