توهان اڃا تائين ڪوبه ترجمو منتخب ناهي ڪيو.
طسم (آيت : 1) |
طٰسٓمّٓ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) طا- سين- ميم(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) طٰسۗمّۗ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) طسم(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ط-س-م .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) طسم. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) طا سين ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) طٰسٓمّٓ کي سَمجھي، رَبُّ، سُڄاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ط- س- م (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ﰒ (طا ـ سين ـ ميم) (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ط-س-م(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) طا ــ سين ــ ميم (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تِلكَ ءايٰتُ الكِتٰبِ المُبينِ (آيت : 2) |
ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي چٽائي ڪندڙ ڪتاب (قرآن مجيد) جون آيتون آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي قرآن مبين جو آيتون آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) هي آيتون آهن روشن ڪتاب جون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هي (حق کي) پڌرو ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) لاشڪ پَڌري ليک جا، آهِن هِي اُهڃاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي آيتون آهن پڌري ڪتاب جون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي کولي بيان ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَعَلَّكَ بٰخِعٌ نَفسَكَ أَلّا يَكونوا مُؤمِنينَ (آيت : 3) |
متان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي منهنجا رسول) هي (مڪي جا) ماڻهو جو ايمان نٿا آڻين تنهن سبب ممڪن آهي ته تون غم ۽ درد ۾ پاڻ کي جهوري وجهندين (غم نه ڪر جلدئي گهڻائي ماڻهو ايمان آڻيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين توهان انهيءَ ڏک سببان شايد پنهنجي وجود مبارڪ کي ختم ڪري ڇڏيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اهي (ڪافر) ايمان نٿا آڻين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) متان هلاڪ ڪندڙ ٿين ذات پنهنجيءَ جو ته ڇو نه ٿا ٿين مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (اي پيغمبرﷺ!) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اُهي ايمان نه ٿا آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (اي نبي!) شايد تون پنهنجي جان ڏئي ويهين (هن غم ۾) جو اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪَر قاتِل پَنهنجِي جان جو، تون آهين اِنهئ ڪاڻ، ته هو نَه هِينين ساڻ، مَڃڻ وارا مُورهين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) متان تون پاڻ کي گهٽي مارين، جو (ڪافر) مسلمان نٿا ٿين! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي نبي! متان انهيءَ غم ۾ تون پنهنجي جان وڃائي ويهين ته اهي ايمان نٿا آڻن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اي نبي!) شايد تون ان غم ۾ پنهنجي جان وڃائيندين ته (اهي ڪافر) نٿا ايمان آڻين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبي ﷺ!) شايد تون پنھنجو پاڻ کي انهن ماڻهن جي ايمان نه آڻڻ جي فڪر ۾ ڳاري ڇڏيندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن نَشَأ نُنَزِّل عَلَيهِم مِنَ السَّماءِ ءايَةً فَظَلَّت أَعنٰقُهُم لَها خٰضِعينَ (آيت : 4) |
جيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته آسمان مان انهن (ڪافرن) ته اهڙي ڪا نشاني (يا معجزو) نازل ڪري سگهون ها جنهن کي ڏسي هنن جا ڪنڌ جهڪي پون ها، (پر اسان نٿا چاهيون ته زور سان ڪنهن کي مؤمن ڪيون. هر ڪنهن کي پنهنجو عقل هلائي پنهنجي خوشيءَ سان سڌي واٽ وٺڻ گهرجي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اسين چاهيون ته انهن جي مٿان آسمان مان ڪا نشاني موڪليون، پوءِ انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جھڪيل رهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته مٿن آسمان مان ڪو اهڙو معجزو نازل ڪريون جو سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪڏهن گهرون ته لاهيون انهن تي آسمان کان ڪا نشاني پوءِ ٿي پون ڪنڌ سندن ان لاءِ جهڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن اسين گهرون ته مٿن آسمان مان ڪا نشاني لاهيون پوءِ سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪا ٿي پون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن تي آسمان مان (اهڙي) نشاني نازل ڪيون ها جو انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهُڪيل رهن ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جي گُھرون، ته اُڀ کان اُنهن تي، اُتاريون اُهڃاڻ، پوءِ ڪَنڌ سَندنِ، تِنهن ڪاڻ نميل ٿِين نِياز سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اسين گهرون، ته جيڪر مٿن آسمان کان ڪا اهڙي نشاني موڪليون، جنهن اڳيان سندن ڪنڌ جُهڪي پون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان چاهيون ته آسمان مان اهڙي نشاني نازل ڪري سگهون ٿا، جو سندن ڪنڌَ ان جي آڏو جهڪي پون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪڏهن اسان چاهيون ته نازل ڪري سگهون ٿا انهن تي آسمان مان ڪا اهڙي نشاني جو سندن ڪنڌ ان جي (آڏو) بلڪل جهڪي وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪڏهن اسان چاهيون ته انهن جي مٿان آسمان مان ڪا اهڙي نشاني نازل ڪريون جنھن سان هنن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪي پون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَأتيهِم مِن ذِكرٍ مِنَ الرَّحمٰنِ مُحدَثٍ إِلّا كانوا عَنهُ مُعرِضينَ (آيت : 5) |
۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (منڪرن) ڏي جڏهن جڏهن رحمان خدا جي طرف کان نصيحت جي ڪا نئين ڳالهه اچي ٿي ته (غور ڪرڻ کان سواءِ ئي) منهن کڻي ٿا ڦيرائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿي اچي انهن وٽ الله جي طرفان ڪا نئين نصيحت، مگر اهي (ڪافر) ان کان انڪار ڪندڙ آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (ماڻهن جي عادت آهي ته) جڏهن به انهن وٽ رحمان جي طرفان ڪا نئين نصيحت آئي ته اهي تنهن کان منهن موڙيو ڇڏين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿي اچي انهن وٽ ڪا نصيحت رحمان وٽان نئين مگر جو آهن ان کان منهن موڙيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن وٽ رحمان جي طرفان (اهڙي) ڪا (به) نئين نصيحت نه ٿي اچي جنهن کان هو منهن نه ٿا موڙين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن وٽ وڏي رحمان وٽان ڪابه نئين نصيحت نه ٿي اچي مگر هي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه اَچينِ، نئـِي نصِحيت ڪا، پاران ڏيہ ڏاتار، مگر سي مَڪار، آهِن مُنهن موڙِيندڙ اُن کان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ٻاجهاري الله کان جيڪا به نئين نصيحت وٽن ٿي اچي، ان کان ٿا منهن موڙين- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وٽن رحمان وٽان جيڪا به ڪا نئين نصيحت اچي ٿي ته هي ان کان منهن موڙي ٿا ڇڏين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن ماڻهن وٽ جيڪا به نئين نصيحت ايندي آهي رحمٰن جي طرفان ته اهي ان کان پنهنجا منهن مٽي ٿا وڃن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر ڳالهه هي آهي ته) انهن ماڻهن وٽ رحمان جي طرف کان جڏهن به ڪا نئين نصيحت آئي آهي ته هو اُن کان منھن موڙي ڇڏيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقَد كَذَّبوا فَسَيَأتيهِم أَنبٰؤُا۟ ما كانوا بِهِ يَستَهزِءونَ (آيت : 6) |
پوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کي) ڪوڙو ٺهرائي مڃڻ کان انڪار ڪري ويٺا آهن. تنهن ڪري انهن وٽ اها ڳالهه جلد اچي ويندي جنهن تي هو کلي رهيا آهن ۽ ٽوڪون ڪري رهيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو سمجھو (رسولِ عربي ۽ قرآن ڪريم کي) پوءِ انهن وٽ جلد اهي خبرون اينديون جن سان اهي مذاق ڪندا هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن ڪوڙو ضرور ڪيو آهي تنهنڪري وٽن ان (عذاب جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ تحقيق ڪوڙو ڪيائون پوءِ جلد اينديون انهن وٽ خبرون ان جون جنهن سان چٿر ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن ڪوڙو ڪيو آهي تنهن ڪري وٽن ان (عذاب) جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو چيو پوءِ جلد انهن وٽ ان (عذاب) جون خبرون پهچنديون جنهن مٿان ٺٺولون ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪوڙهيَنِ ڪُوڙيون ڪوٺيون، پوءِ خُوب مِلندن خَبرون، جِنهن تان هرون ڀرون، ڪن خواريون خلق ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ بيشڪ ڪوڙ ڀانئي چڪا، ان ڪري اجهو ٿيون وٽن اهي خبرون اچن، جن بابت ٺٺوليون ڪندا هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي جو هنن ڪوڙ ڀانئيو آهي ته سگهوئي کين انهيءَ شيءِ جي حقيقت جنهن تي پيا ٿا ٺٺوليون ڪن (گهڻن نمونن ۾) معلوم ٿي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ هاڻي جڏهن ته اهي ڪوڙو چئي چڪا آهن ته پوءِ جلد ئي کين معلوم ٿي ويندي حقيقت (مختلف طريقن سان) جنهن تي انهن ٺٺوليون ٿي ڪيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ (هاڻي) هي ماڻهو ڪوڙو ڪري چڪا آهن. کين جلد ئي ان شيءِ جي اصل حقيقت جي خبر پئجي ويندي جنھن تي هي ٺٺوليون ڪري رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَرَوا إِلَى الأَرضِ كَم أَنبَتنا فيها مِن كُلِّ زَوجٍ كَريمٍ (آيت : 7) |
زمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (منڪرن) زمين تي غور سان نظر نه ڪئي آهي ڇا؟ (هو نٿا ڏسن ڇا) ته اسان ڪيتري قدر هر قسم جون عمديون شيون ان ۾ ڄمايون ۽ پيدا ڪيون آهن. (ساڳيءَ طرح اسان حق کي دنيا ۾ غالب ڪنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ڪيترن قسمن جا وڻندڙ سلا ان ۾ پيدا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن زمين ڏي به (غور سان) نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن سٺي جنس مان ڇا ڇا (نه) پيدا ڪيو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺائون زمين ڏانهن ته ڪيترا ڄمايا سون ان ۾ هر هڪ جوڙ عزت واري مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا انهن زمين ڏي نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن جنس مان ڇا ڇا ڄمايو آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ان ۾ ڪيترائي هر جنس جا عُمدا جوڙا ڄمايا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، ديکـئون نه ڌرتِئَ پار، ته ڪَئين اُڀاڙِياسون اُن ۾، سُهڻي سُهڻي قِسم جا، اوڀر عجب اِسرار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، زمين ڏي نٿا ڏسن، ته منجهس هر ڪنهن جنس جا ڪيترائي سٺا اوڀڙ ڄمايا سون؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ڇا انهن زمين تي ڪا نظر ئي نه وڌي آهي؟ ته اسان ان ۾ ڪيتري نه جهجهي مقدار ۾ هر قسم جون ڀليون شيون اپايون آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇا انهن نظر نه وڌي آهي زمين تي ته اسان ان ۾ ڪيتريون ئي هر قسم جون سٺيون نباتات پيدا ڪيون آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا انهن ماڻهن ڪڏهن زمين ڏانھن نظر نه ڪئي آهي ته ڏسن ته اسان ان ۾ ڪيتريون ئي مختلف قسم جون بھترين جنسون جوڙو جوڙو ڪري پيدا ڪيون آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 8) |
بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ ۾ (يعني عمدين شين جي ڄمائڻ ۾ ماڻهن جي لاءِ) بيشڪ وڏي نشاني آهي پر (افسوس جو هو غور نٿا ڪن ۽) انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ان ۾ (خدا جي قدرت جي) وڏي نشاني آهي پر انهن ۾ گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه آهن گهڻا انهن مان مؤمن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ۽ هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان ۾ ضرور نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ آهي اُن ۾، نِيشانِي نِروار، ۽ وِسهندڙ نه آهِن وِترا، تنين مان تڪرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهيءَ ۾ نشاني آهي- پر منجهانئن گهڻا مڃڻ وارا نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان ۾ هڪ قسم جي نشاني آهي، پر انهن مان ته گهڻا مڃڻ وارا ئي نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي پر گهڻا ماڻهو (ان تي) ايمان ئي نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 9) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) تنهنجو پروردگار بيشڪ وڏي قدرت رکندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي (هو ضرور حق کي غالب ڪندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) بيشڪ تنهنجو پالڻهار غالب نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ رب تنهنجو البته اهو ئي غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي ته غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجو پالڻهار، سو آهي، سَٻر سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب ۽ مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ درحقيقت تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست ۽ رحم وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذ نادىٰ رَبُّكَ موسىٰ أَنِ ائتِ القَومَ الظّٰلِمينَ (آيت : 10) |
۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر! اهو واقعو ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پروردگار موسيٰ کي سڏيو ۽ حڪم ڏنو ته تون انهن ظالم ماڻهن ڏي وڃ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ياد ڪريو توهان اي حبيب ! جنهن وقت توهان جي رب موسيٰ کي حڪم ڪيو ته تون ظالم قوم وٽ وڃ،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اي رسول) اهو وقت ياد ڪر! جڏهن اوهان جي پروردگار موسى کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن سڏيو تنهنجي رب موسى کي ته اچ (وڃ) تون ظالم قوم .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ موسيٰ کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار موسى کي پُڪاريو ته:”تون ظالمن جي قوم وٽ وڃ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجي مالِڪ مُوسٰى کي، جڏهن ڪئـِي پاڻ پُڪار، ته وَڃ ڪافِر قوم ڏي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي ڌڻيءَ موسيٰ کي سڏيو ته ”ظالمن جي قوم ڏي وڃ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهن کي ان وقت جو قصو ٻڌاءِ ) جڏهن تنهنجي رب موسيٰ کي سڏي چيو هو ته "ظالم قوم وٽ وڃ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (کين ان وقت جو قصو ٻڌاءِ) جڏهن تنهنجي رب موسيٰ کي پڪاريو ته، وڃ ان ظالم قوم ڏي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن تنھنجي پالڻھار موسى ($) کي سڏيو ته ”تون ظالم قوم ڏانھن وڃ“ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قَومَ فِرعَونَ أَلا يَتَّقونَ (آيت : 11) |
جا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يعني فرعون جي ماڻهن ڏي وڃ. ڇا هو خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڪونه ڊڄندا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) فرعون جي قوم ڏانهن، ڇا اهي نٿا ڊڄن؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون جي قوم کي (هدايت ڪريو) ڇا اهي ماڻهو (منهنجي غضب کان) نٿا ڊڄن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرعون جي قوم وٽ ڇا نه ڊڄندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون جي قوم ڏي ڇا اهي نٿا ڊڄن؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جا فرعون جي قوم آهي. ڇا اُهي (عذابِ الاهي کان) نه ٿا ڊڄن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) قوم فِرعون فَجار، ته اُهي ڪِنهن آڌار، ڏَرن نٿا ڏاتار کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يعني) فرعون جي قوم ڏي- (۽ چوِين ته) ڇا اوهين نيڪ نه ٿيندا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون جي قوم وٽ، ڇا اهي ڊڄن نٿا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) قوم فرعون جي، ڇا اهي ڊڄن نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون جي قوم ڏانھن ته ڇا اهي ماڻهو (اڃا به) پرهيزگاري اختيار نه ڪندا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ إِنّى أَخافُ أَن يُكَذِّبونِ (آيت : 12) |
مُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي هن ڳالهه جو انديشو آهي ته هو مون کي ڪوڙو سمجهندا (۽ منهنجي ڳالهه نه مڃيندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ مون کي خوف آهي ته اهي مون کي ڪوڙو سمجھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى) عرض ڪيو، منهنجا رب آءُ! ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته اي منهنجا رب! بيشڪ مان ڊڄان ٿو هن کان جو مون کي ڪوڙو چون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن ۽ منهنجو سينو تنگ ٿئي ٿو.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي خدشو آهي ته اُهي مون کي ڪوڙو چوندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، مونکي ڊپ مون ڌڻِي، ته ڪُوڙو ڪَند ۾ ڪُفران، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اي ڌڻي! مون کي ڊپ آهي، ته هو مون کي ڪوڙو سمجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن عرض ڪيو: "اي منهنجا رب! مونکي ڊپ آهي ته اهي مونکي ڪوڙو ڀانئيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن عرض ڪيو، اي منهنجا رب! بيشڪ مون کي اهو ڊپ آهي ته هو ڪوڙو چوندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! مون کي ڀؤ آهي ته اُهي متان مون کي ڪوڙو نه ڪري وجهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَيَضيقُ صَدرى وَلا يَنطَلِقُ لِسانى فَأَرسِل إِلىٰ هٰرونَ (آيت : 13) |
۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ منهنجي دل گهٻرائجي ويندي ۽ منهنجي زبان ئي نه هلندي. سو هارون کي به پيغام موڪل (۽ منهنجي مدد لاءِ رسول ڪر).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (ان سان) منهنجو سينو تنگ ٿيندو ۽ منهنجي زبان (اٽڪ سببان) نٿي هلي پوءِ تون هارون کي پيغمبر ڪر (جيڪو تبليغ ۾ منهنجي مدد ڪري)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (انهن جي ڪوڙو چوڻ ڪري) منهنجو دم گهٽجي ۽ منهنجي زبان (چڱيءَ طرح) نه هلي ته پوءِ هارون ڏي به (پيغام موڪل. (ته منهنجو مددگار ٿئي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تنگ ٿو ٿئي سينو منهنجو ۽ نه ٿي پورو ڳالهائي زبان منهنجي پوءِ رسالت جو حڪم موڪل هارون ڏانهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي زبان نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏي به (پيغام پهچائڻ جو حڪم) موڪل. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجو سينو سوڙهو ٿئي ٿو ۽ منهنجي زبان (رواني سان) نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏانهن به (رسالت) موڪل.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هَٻِڪي هِيئون مُنهنجو، ۽ نه کُليِمِ خُوب زبان، پوءِ موڪل حُڪم هارُون ڏي، مُون گڏ مِهربان!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) منهنجو سينو تنگ ٿو ٿئي ۽ منهنجي زبان به ٺيڪ نٿي اٿلي، ان ڪري اهو حڪم هارون ڏي موڪل. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو ته سينو ٿو گهٽجي ۽ وري زبان به نٿي هلي، سو تون هارون ڏانهن رسالت موڪل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گُهٽ ٿئي ٿي منهنجي سيني ۾، ۽ نٿي هلي منهنجي زبان پوريءَ طرح، تنهن ڪري هارون ڏي به رسالت جو پيغام موڪل(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي سيني ۾ دم ناهي ۽ منھنجي زبان ۾ فصاحت به ناهي. تون هارون کي رسول ٺاهي موڪل. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَهُم عَلَىَّ ذَنبٌ فَأَخافُ أَن يَقتُلونِ (آيت : 14) |
۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون تي هنن جو (قتل جي ڏوهه) جو الزام آهي (جو مون هنن جو هڪڙو ماڻهو ماري وڌو هو). سو مون کي خوف آهي ته هو مون کي به قتل ڪندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن جو مون تي هڪ قتل جو الزام آهي پوءِ مون کي خوف ٿئي ٿو ته متان اهي مون کي قتل ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوھ (دعوو) آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ انهن جو مون تي ڏوهه جو الزام آهي پوءِ ڊڄان ٿو ته مون کي قتل ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوهه آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن جو مون تي (قبطي کي مارڻ جو) الزام به آهي سو مون کي انديشو آهي متان مون کي قتل ڪري ڇڏن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُون تي آهي اُنهن جو، بَدلو بي گمان، پوءِ آهيم اِهو اَرمان، ته ڪُهيمِ مَتان قِصاص ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ هنن جو مون تي ڏوهه به آهي، ان ڪري ڊڄان ٿو ته مون کي ماري نه وجهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مون تي ته انهن جو هڪڙو ڏوهه به آهي، تنهنڪري مان ڊڄان ٿو ته هو مونکي ماري ڇڏيندا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن جو ته مون تي هڪ ڏوهه جو الزام به آهي، ان ڪري ڊڄان ٿو ته اهي مون کي قتل ڪندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ مون اُنهن جو هڪ ڏوهه به ڪيو آهي، بس! مون کي اهوئي خوف ٿو ٿئي ته متان هو مون کي (ان ڏوهه ۾) قتل نه ڪري وجهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ كَلّا فَاذهَبا بِـٔايٰتِنا إِنّا مَعَكُم مُستَمِعونَ (آيت : 15) |
(الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) الله تعاليٰ فرمايو ته، هرگز نه، (هو توکي قتل نه ڪندا) اوهان ٻئي منهنجي نشانين (يعني ڏنل معجزن) سان (وٽن) وڃو. اسان توهان سان گڏ هونداسين، ۽ (توهان جي پڪار) ٻڌندا رهنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى فرمايو، توکي اهي قتل نه ڪندا، پوءِ توهان ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين توهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا ارشاد ڪيو ڪڏهن به ائين نه ٿيندو. چڱو!اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو اسين اوهان سان آهيون ۽ (سموري گفتگو) چڱيءَ طرح ٻڌون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ائين ناهي پوءِ کڻي وڃو آيتون اسان جون بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله فرمايو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو پوءِ اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (الله) فرمايو: ”ائين نه ٿيندو. پوءِ اوهان ٻئي اسان جون نشانيون وٺي وڃو بيشڪ اسان اوهان سان گڏ (سڀ ڪجھه) ٻڌندڙ آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، خبردار، ته ٻئـِي وَڃو، مُنهنجا حُڪم کڻِي هيڪار، آءُ اوهان سان آهيان، ٻُڌندڙ ڳالھ ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هرگز نه- ڀلي ٻئي ڄڻا منهنجيون آيتون کڻي وڃو، اسين به اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرمايائين: "ڪڏهن به نه، توهان ٻئي وڃو اسان جون نشانيون کڻي، اسان توهان سان گڏ سڀ ڪجهه پيا ٻڌنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرمايو ويو، هرگز نه! توهان ٻئي وڃو اسان جي نشانين سان بيشڪ توهان سان گڏ اسان سڀ ڪجهه ٻڌندا رهنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى فرمايو ته: هرگز نه! توهان ٻئي اسان جون نشانيون کڻي وڃو، اسان توهان سان ئي گڏ آهيون ۽ اسان سڀ ڪجهه ٻڌنداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأتِيا فِرعَونَ فَقولا إِنّا رَسولُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 16) |
تنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو، ۽ کيس چئي ڏيو ته، اسان سڄي جهان جي پروردگار جا موڪليل پيغمبر آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان ٻئي فرعون وٽ وڃو پوءِ توهان چئو ته بيشڪ اسين رب العالمين جا پيغمبر آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته اوهين ٻئي فرعون وٽ وڃو ۽ (وڃي) چئو ته اسين رب العالمين جا رسول آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وڃو فرعون وٽ پوءِ چئوس بيشڪ اسين رسول آهيون جهانن جي رب جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چو ته بيشڪ اسين جهان جي پاليندڙ جا موڪليل آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چئو ته بيشڪ اسان جهانن جي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وڃو ڦرِيل فرعون ڏي هِئ اکر چئو اظهار، ته اَسين اُماڻيل آهيون، پاران جُڳن پار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ فرعون وٽ وڃي کيس چئو ته، ”اسين جهانن جي ڌڻيءَ جو حڪم رسائيندڙ آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وڃو فرعون ڏانهن، وڃي چئوس ته اسانکي ساري جهان جي رب موڪليو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان وڃو فرعون وٽ، ۽ کيس چئو ته اسان کي رسول ڪري موڪليو آهي جهانن جي پالڻهار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! توهان فرعون ڏي وڃو ۽ کيس چؤ ته:ۡ بيشڪ اسان کي رب العالمين موڪليو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَن أَرسِل مَعَنا بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 17) |
ته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (توڏي موڪليا ويا آهيون) هن لاءِ ته بني اسرائيلن کي (جيڪي تنهنجي ملڪ ۾ آهن) اسان سان گڏ موڪل (ته اسان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اصلوڪي وطن ڏي وٺي وڃون).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون اسان سان گڏ بني اسرائيل کي وڃڻ ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ هي پيغام آندو آهي) ته تون بني اسرائيلن کي اسان سان موڪلي ڇڏ!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته ڇڏ اسان سان گڏ بني اسرائيل کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) هن لاءِ ته تون بني اسرائيل کي (آزادي ڏئي) اسان سان وڃڻ ڏي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو اَسان گڏڪار، اِسرائـِيل جي اولاد کي(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”اسان سان گڏ بني اسرائيل کي روانو ڪر.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته تون بني اسرائيل کي اسان سان هلڻ ڏي" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته تون وڃڻ ڏي اسان سان گڏ بني اسرائيل کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اچڻ جو مقصد هي آهي ته) بني اسرائيل کي اسان سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَلَم نُرَبِّكَ فينا وَليدًا وَلَبِثتَ فينا مِن عُمُرِكَ سِنينَ (آيت : 18) |
فرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت موسيٰ ۽ حضرت هارون اهو حڪم مڃيو ۽ فرعون وٽ ويا ۽ اهو پيغام کيس پهچايائون. تنهن تي فرعون) چيو ته، (اي موسيٰ!) توکي اسان ننڍپڻ ۾ نپايو ۽ پاليو ڪين هو ڇا؟ ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيترائي سال اسان ۾ نه رهيو هئين ڇا؟ (جو هاڻي احسان فراموش ٿي بني اسرائيلن کي اسان جي غلاميءَ مان ڪڍڻ آيو آهين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو (اي موسيٰ) ڇا اسان توکي ننڍ پڻ ۾ پاڻ وٽ نپايو نه هو؟ ۽ تو اسان وٽ پنهنجي عمر جا گھڻا سال نه گذاريا هئا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (موسى ويو ۽ چيائين ۽ فرعون) چيو: (موسى!) ڇا اسان تو کي هتي رهائي ننڊپڻ ۾ پالنا نه ڪي. ۽ تون پنهنجي عمر جا ڪيئي سال اسان ۾ رهي سهي چڪو آهين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ڇا نه پاليو اسان توکي پاڻ وٽ ننڍي هوندي ۽ رهيو هئين اسان وٽ پنهنجي عمر جا ڪيترا سال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (فرعون) چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو ۽ تون اسان ۾ پنهنجي عمر جا ڪيترا ورهه رهئين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هيو؟ ۽ تو پنهنجي عمر جا ڪيترا سال اسان ۾ گذاريا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِ پاليوسون نَه پاڻ ۾، توکي ٻالڪ ٻار؟ اَسان ۾ پنهنجي عمر جا، ڪي ورھ رهئين وِينجھار! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (فرعون) چيو ”ڇا، اسان توکي ٻار ڪري نه نپايو هو؟ ۽ اسان ۾ سندءِ عمر جا ڪيترائي ورهيه گذاريئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيو: "ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هو؟ ۽ تو ته پنهنجي حياتيءَ جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، ڇا اسان توکي پاليو نه هو ننڍڙي لاڪون؟ ۽ تو ته اسان وٽ ڪيترا ئي سال عمر جا گذاريا هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هو؟ ۽ تون عمر جا ڪيترائي سال اسان وٽ گذاريا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَفَعَلتَ فَعلَتَكَ الَّتى فَعَلتَ وَأَنتَ مِنَ الكٰفِرينَ (آيت : 19) |
۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) تو انهيءَ وقت اهو (هڪ مصريءَ کي قتل ڪرڻ وارو) ڪم به ڪيو هو جو (توکي ياد هوندو ته تو سچ پچ) ڪيو هو. تون ته وڏو احسان فراموش آهين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تو هڪ انسان (قبطي قبيلي واري) کي قتل نه ڪيو هو ۽ تون ناشڪرن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون پنهنجو اهو ڪم (قبطي جو خون) ڪري وئين سو ڪري وئين ۽ تون (وڏو) ناشڪرو آهين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪيو تو پنهنجو ڪم جيڪو ڪيو تو ۽ تون بي شڪرن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تو پنهنجو اهو ڪم ڪيو جو ڪري چڪين۽ تون احسان نه مڃيندڙن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پوءِ تون ڪري وئين جيڪو ڪري وئين ۽ تون وڏو احسان فراموش آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پوءِ ڪيو تو ڪَم پَنهنجو، ڪئـِي جو ڪم ڪار، ۽ آهين تون اِظهار، بلڪل بي شُڪرن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تو اهو ڪم ڪيو، جو ڪري چُڪين ۽ تون بي شڪر آهين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ پوءِ اهو ڪم ڪيئه جيڪو ڪري ويٺو هئين، تون ته ڏاڍو ڪو احسان فراموش آهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان بعد اهو ڪم به ڪري وئين جيڪو ڪري وئين ۽ تون ته تمام وڏو احسان فراموش (منهن موڙيندڙ) آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جيڪو تو (جرم) ڪيو آهي سو اهو تون ڪري چڪين، (بھرحال) تون وڏو احسان وساريندڙ ماڻهو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَعَلتُها إِذًا وَأَنا۠ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 20) |
(موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، بيشڪ مون ان وقت اهو ڪم ڪيو، هو جو مان ان وقت بي خبر هئس، (تنهن ڪري مون کان خطا ٿي ويئي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ چيو برابر اهو ڪم مون ڪيو پر آئون ان وقت بي خبر هُئُسِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو (هاءُ) مون اهو ڪم تڏهين ڪيو جڏهن آءُ غفلت ۾ هوس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ڪيو مون اهو ان وقت جو هوس مان بي خبرن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته مون اهو ڪم تڏهن ڪيو ۽ آءُ ان وقت صحيح رستي تي نه هوس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”مون اهو ڪم ان وقت ڪيو هيو جڏهن آءٌ بي خبرن مان هيس.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪيمِ اُهو ڪم تڏهن، هُئسِ مُوڙهن مان مُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”مون جڏهن اهو ڪم ڪيو هو، تڏهن آءٌ اڻ ڄاڻ هوس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنو ته "مان تنهن وقت اهو ڪم ڀل ۾ ڪري ويٺو هوس (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ جواب ڏنو، ان وقت مون اهو ڪم بلڪل ناداني ۾ ڪيو هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: (ٺيڪ آ) اهو جُرم مون کان ٿي ويو هو، پر اهو جُرم مون کان بي خبري ۾ ٿي ويو هو . (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَفَرَرتُ مِنكُم لَمّا خِفتُكُم فَوَهَبَ لى رَبّى حُكمًا وَجَعَلَنى مِنَ المُرسَلينَ (آيت : 21) |
پوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو مان توهان کان ڊڄي ڀڄي ويس. پر پوءِ منهنجي پروردگار مونکي دانائي ۽ سمجهه ڏني ۽ مون کي پيغمبر ڪري موڪليائين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ آئون توهان وٽان نڪري وَيُسِ جڏهن مون کي توهان کان خوف ٿيو، پوءِ الله تعالى مون کي نبوت عطا ڪئي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اوهان کان ڀڳس. پوءِ (ڪجھ عرصي کان پوءِ) منهنجي پالڻهار مون کي نبوت عطا ڪئي ۽ مون کي به هڪ پيغمبر ڪيائين،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڀڄي ويس مان اوهان کان جڏهن ڊپ ڪيم اوهان کان پوءِ عطا ڪيائين مون کي منهنجي رب حڪم ۽ ڪيائين مون کي مرسلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اوهان کان ڀڳس پوءِ منهنجي پاليندڙ مون کي سمجهه عطا ڪئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن مون کي اوهان کان انديشو محسوس ٿيو ته آءٌ اوهان وٽان هليو ويس پوءِ منهنجي پالڻهار مون کي حڪمِ (نبوت) عطا ڪيو ۽ مون کي رسولن مان بنايائين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڏهن ڊِنسِ توهان ڪنان، پوءِ ڀَڳسِ ڏيهان ڏُور، پوءِ بَخشِي مُون کي، مُون ڌَڻِي، پورِي رِيت پَرور، ۽ مونکي ڪَئـِين منظور، رَهبر ريٻارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن اوهان کان ڊنس ته اُٿي ڀڳس- پوءِ منهنجي رب مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي رسول بنايائين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ مان توهان جي ڀؤ کان ڀڄي ويس، ان کان پوءِ منهنجي رب مونکي فيصلي ڪرڻ جي قابليت عطا ڪئي ۽ مون کي رسولن ۾ شامل ڪيائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ آئون توهان جي خوف کان ڀڄي ويس، جنهن بعد منهنجي رب مون کي حڪم عطا ڪيو ۽ مون کي شامل ڪيائين رسولن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ مان تنھنجي ڀؤ کان ڀڄي ويس (هاڻي ته) منھنجي پالڻھار مون کي سمجهه عطا ڪئي آهي ۽ مون کي رسول سڳورن ۾ شامل ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتِلكَ نِعمَةٌ تَمُنُّها عَلَىَّ أَن عَبَّدتَ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 22) |
۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ڇا اهو به ڪو احسان آهي جو تون مون تي ٿڦي يا مڙهي رهيو آهين ته تو بني اسرائيلن کي غلام بنائي رکيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اها نعمت (ڪهڙي آهي) جنهن جو تون مون تي احسان رکين ٿو (درحقيقت) تو ته بني اسرائيل کي غلام بنايو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو به ڪو احسان آهي جنهن جو مون تي ٿورو رکين هوڏانهن تو بني اسرائيلن کي ٻانهو ڪري رکيو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اها به ڪا نعمت آهي جو احسان ٿو ڪرين ان سان مون تي هيء جو ٻانهو بنائي رکيو ته بني اسرائيل کي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين ۽ ڇا اها نعمت آهي جنهن جو مون تي ٿورو ٿو رکين هوڏانهن تو بني اسرائيلن کي ٻانهو ڪري رکيو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڇا اها (به) ڪا ڀلائي آهي جنهن جو مون تي ٿورو ٿڦين ٿو هوڏهون تو بني اسرائيل کي غلام بنائي رکيو آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڇا مون تي ٿورو ٿاڦين ؟ اِهو اي اَظلام! ته گولو ۽ غلام، ڪَيئهِ اسرائـِيل جي اولاد کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سندءِ انهي نعمت جو مون تي احسان رکي، سمورن بني اسرائيل کي ٻانهو بنائي ٿو رکين؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي تنهنجو اهو احسان جنهن جو تو مونکي مهڻو ڏنو آهي ته ان جي حقيقت هي آهي ته تو بني اسرائيل کي غلام بنائي ڇڏيو هو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهيو تنهنجو احسان، جنهن جو مون تي ٿورو رکين ٿو ته حقيقت اها آهي ته تو غلام بنايو هو بني اسرائيل کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ باقي رهيون اُهي مھربانيون جن جا تون مون کي مِھڻا ڏئين ٿو (ان جو سبب هي هو ته) تون منھنجي قوم بني اسرائيل کي باندي (يعني قيدي ) بڻائي ويٺو هئين (سو هو منھنجي پالنا ڪيئن ڪن ها؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فِرعَونُ وَما رَبُّ العٰلَمينَ (آيت : 23) |
فرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون (لاجواب ٿي) چيو ته، ڀلا سڄي جهان جو پروردگار ڪير آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو ۽ رب العالمين ڇا آهي؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو (چڱو اهو ته ٻڌائي) رب العالمين ڪهڙي شيءِ آهي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو فرعون ۽ ڪير آهي جهانن جو پالڻهار؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته جهان جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) فرعون چيو ته : ”جهانن جو پالڻهار ڇا (شيءِ) آهي“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فِرعون ڪَهيو ته، ڪير پالڻهار پِرٿڻِين؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون چيو، ”ڇا آهي جهانن جو ڌڻي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيو: "۽ اهو رب العالمين (ساري جهان جو رب) ڇا ٿيندو آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان تي چيو فرعون ته، هي وري ڇا ٿيندو آهي رب العالمين؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته: ڀلا اهو رب العالمين آهي ڪير؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالأَرضِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم موقِنينَ (آيت : 24) |
(موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ جواب ۾ فرمايو ته، (سڄي جهان جو پروردگار اهوئي آهي) جو آسمان ۽ زمين جو (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ جيڪي به زمين ۽ آسمانن جي وچ ۾ آهي تنهن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي، جيڪڏهن توهان يقين (۽ ايمان) وارا ٿيڻ چاهيو (ته ڏسي سگهو ٿا ته اهائي حقيقت آهي، پر جيڪڏهن گمان ۽ شڪ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ ٿا چاهيو ته انڌائي رهندؤ ۽ تباهه ٿيندؤ).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ فرمايو اهو آسمانن ۽ زمينن ۽ ان جي وچ وارين سڀني شين جو رب آهي، جيڪڏهن توهان يقين ڪندڙ آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو ته (اهو ئي) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي. جيڪڏهن اوهين يقين ڪريو (ته ڪافي آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته رب آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي جيڪڏهن آهيو يقين ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته (اهوئي) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهنجو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين يقين ڪرڻ وارا آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) پالڻهار آهي. جيڪڏهن اوهان يقين ڪرڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڀ، ڀون، جنهن اُپايا، پڻ جي مَنجھنِ زبر زير، بِنا فرق ڦير، جي وِسهڻ وارا آهيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين، .اهو، جو آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي به سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي_ جي يقين اچيوَ ته“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ جواب ڏنو: "آسمانن ۽ زمين جو رب ۽ انهن سمورين شين جو رب، جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهن، جيڪڏهن توهان يقين ڪرڻ وارا آهيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ جواب ڏنو، اهو رب آهي جيڪي آسمانن ۽ زمين جي وچ ۾ آهي، جيڪڏهن توهان ويساهه رکڻ وارا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: آسمانن، زمين ۽ انهن جي وچ ۾ رهندڙ مخلوق جو پالڻھار آهي. جيڪڏهن توکي حقيقت سمجهه ۾ اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لِمَن حَولَهُ أَلا تَستَمِعونَ (آيت : 25) |
(فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون (وري به لاجواب ٿي ٽوڪ جي نموني) انهن (پنهنجن) ماڻهن کي چيو جيڪي سندس چوڌاري بيٺا هئا ته، ٻڌو نٿا (ته ڇا ٿو چوي؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي (تعجب مان) چيو ڇا توهان غور سان نه ٻڌو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون پنهنجي آس پاس وارن کي چيو ته ڇا (اوهين) نه ٿا ٻڌو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين انهن کي جيڪي انهن جي چوڌاري هئا ڇا نه ٿا ٻڌو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون پنهنجي آس پاس وارن کي چيو ته ڇا نه ٿا ٻڌو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) پنهنجي آس پاس وارن کي چيو: ”ٻڌو ٿا؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائين، جي چوڌار، حاضر هُئا اُن جي، ڇا سُڻو نٿا سالار! اُبتڙ جواب اُن جو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي سندس درٻارين کي چيائين ته، ”ٻڌو ٿا، ڪه نه؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چوڌاري ويٺلن کي چيو: "ڇا نه ٿا ٻڌو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون پنهنجي چؤطرف ويٺل ماڻهن کي چيو، ٻڌو پيا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون پنھنجي چوڌاري ويٺل درٻارين کي چيو ته: ڇا توهان غور سان نٿا ٻڌو؟ (هي ڇا ٿو چوي؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبُّكُم وَرَبُّ ءابائِكُمُ الأَوَّلينَ (آيت : 26) |
(مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ (سندن گهٻرايل حالت جو وجهه وٺي پنهنجي دليل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ) چوڻ لڳو ته، اهوئي اوهان جو به (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ اوهان جي گذاري ويل ابن ڏاڏن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو اهو توهان جو رب آهي ۽ توهان جي پهرين ابن ڏاڏان جو رب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو ته (اهو ئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين رب اوهان جو ۽ رب پيئرن اوهان جن پهرين جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته (اهو) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهانجن اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”اُهو اوهان جو پاليندڙ آهي ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَوهان جو پرور، پڻ اوهان جي پهرين پِئن جو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ چيو ”هو اوهان جو ڌڻي آهي ۽ اوهان جي اڳين وڏن جو به ڌڻي آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چين: "توهان جو به رب ۽ توهان جي گذري ويل ابن ڏاڏن جو به رب". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، تنهجو ته رب آهي پر تنهنجي ابن ڏاڏن جو به، جيڪي گذري چڪا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: (نه رڳو) توهان جو پالڻھار آهي بلڪه توهان جي گذريل ابن ڏاڏن جو به پالڻھار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنَّ رَسولَكُمُ الَّذى أُرسِلَ إِلَيكُم لَمَجنونٌ (آيت : 27) |
(فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون (اڃا به وڌيڪ لاجواب ٿي پنهنجي ماڻهن کي) چوڻ لڳو ته، بيشڪ اوهان جو رسول جيڪو اوهان ڏي (اوهان کي سيکارڻ لاءِ) موڪليو ويو آهي سو ته ديوانو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چوڻ لڳو بيشڪ جيڪو توهان ڏانهن رسول موڪليو ويو آهي اهو يقيناً مجنون آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو ته (ٻڌو ٿا!) هي رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي سو پڪ چريو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته بلاشڪ رسول اوهان جو جيڪو موڪليو ويو اوهان ڏانهن البته چريو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته بيشڪ اوهان جو پيغمبر جيڪو اوهان ڏي موڪليو ويو آهي سو چريو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”بيشڪ اوهان جو رسول جيڪو اوهان ڏانهن موڪليو ويو آهي سو پڪ سان مجنون آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِي جو اوهان ڏي مُڪو ويو، سو اَهنجو پيغمبر، بِلڪُل بي خبر، پاڳل آهي پَڌرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هي اوهان ڏي موڪليل رسول ته ضرور چريو آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون (حاضرين کي) چيو: "توهان جو اهو رسول جيڪو توهان ڏانهن موڪليو ويو آهي چريو ٿو لڳي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو فرعون مجلس وارن کي توهان جو هي رسول (ڏسو) جيڪو موڪليو ويو آهي توهان ڏي، اهو ته بنهه چريو ٿو لڳي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون (ماڻهن ڏانھن تڪيندي) چيو ته: بيشڪ توهان جو رسول جيڪو توهان ڏي موڪليو ويو آهي اهو ته صفا چريو ٿو لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبُّ المَشرِقِ وَالمَغرِبِ وَما بَينَهُما إِن كُنتُم تَعقِلونَ (آيت : 28) |
(مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ (وڌيڪ) فرمايو ته، جيڪڏهن توهان عقل کان ڪم وٺو ته (سمجهي سگهندؤ ته) اهوئي رب مشرق ۽ مغرب جو (خالق ۽) پروردگار آهي ۽ جيڪي به اوڀر ۽ اولهه جي وچ ۾ آهي تنهن جو به (خالق ۽) پروردگار آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو اهو اوڀر ۽ اولهه جو رب آهي ۽ جيڪا (ڪائنات) انهن جي وچ ۾ آهي، جيڪڏهن توهان عقل رکو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو، (اهو خدا جو) اڀرندي ۽ الهندي ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) مالڪ آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا (ته اها ڳالھ ڪافي آهي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين رب اوڀر جو ۽ اولهه جو ۽ جيڪو انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي جيڪڏهن آهيو جو عقل رکو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته اڀرندي ۽ الهندي جو ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن (سڀ) جو اهو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو ته: ”اوڀر ۽ اولهه ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ جو) پاليندڙ اُهو آهي. جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اولھ ۽ اوڀر جو، پڻ جيڪا ٻنهِي وِچ جوڙ، ڌڻِي توڙان توڙ، جي عقل رکندڙ آهيو(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ چيو ”هو اوڀر ۽ اولهه ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي، ان جو ڌڻي آهي_ جي اوهين سمجهه ڪريو“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيو: "اڀرندي توڙي الهندي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آهي سڀني جو رب! جيڪڏهن ڪجهه عقل اٿوَ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، هو رب آهي مشرق ۽ مغرب جو ۽ جيڪو انهن جي وچ ۾ آهي (انهن جو به)، جيڪڏهن توهان عقل رکو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ( $ وڌيڪ دليل ڏيندي) چيو ته: اوڀر ۽ اولهه ۽ انهن جي وچ ۾ جيڪا رهندڙ مخلوق آهي هُو ته انهن سڀني جو به پالڻھار آهي. جيڪڏهن توهان ٿورو عقل تي زور ڏيو (ته ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَئِنِ اتَّخَذتَ إِلٰهًا غَيرى لَأَجعَلَنَّكَ مِنَ المَسجونينَ (آيت : 29) |
(فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ويچاري فرعون کي اچي لڳو پنهنجي بادشاهي وڃڻ جو ڊپ سو حضرت موسيٰ کي) چيائين ته، جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي معبود (۽ بادشاهه) ڪري وٺندين ته مان توکي قيد ۾ رکندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ٻئي معبود جي عبادت ڪئي ته آئون توکي ضرور انهن قيدين مان ڪندس (جن جي تڪليف توکي معلوم آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ٻئي کي (پنهنجو خدا بنايو ته آءُ تو کي ضرور پنهنجو قيدي ڪندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته البته جيڪڏهن ورتو تو معبود مون کان سواءِ ته البته ضرور ڪندس مان توکي قيد ڪيلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته جيڪڏهن تون مون کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي حاڪم ٺهرائيندين ته آءُ توکي قيدين مان ڪندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”اگر مون کان سواءِ تو ڪنهن ٻئي کي معبود بنايو ته آءٌ ضرور تو کي قيدين ۾ شامل ڪندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي موسىٰ! تون مون سوا، جي ڌارِيندين ڌڻِي، ته کِہ ۾ کَڏ کڻِي، ڪندوسِين قيدين مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين، ”جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪنهن کي سائين سمجهيو آهي ته ضرور جيل ۾ وجهندوسانءَ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيس: "جيڪڏهن تو مون کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود بنايو ته توکي به انهن ماڻهن ۾ شامل ڪندس، جيڪي جيلن ۾ پيا (ڳري رهيا) آهن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، جيڪڏهن تو مون کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي معبود مڃيو ته توکي به انهن ماڻهن ۾ شامل ڪندس جيڪي جيلن ۾ پيا سڙن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته: (اي موسى ٻڌ!) جيڪڏهن تو مون کانسواءِ ڪنھن ٻئي کي معبود مڃيو ته پوءِ تون به انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندين جيڪي قيدخاني ۾ سڙي رهيا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَوَلَو جِئتُكَ بِشَيءٍ مُبينٍ (آيت : 30) |
(مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڇا (تون مون کي قيد ڪندين؟) اگرچه مان توڏي چٽي ۽ روشن شيء (يعني پڪا دليل ۽ عاليشان معجزا) کڻي آيو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) موسيٰ چيو جيتوڻيڪ آئون تو وٽ ڪو معجزو آڻيان!(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چيو، توڙي جو آءُ تو کي پڌرو معجزو به ڏيکاريان (تڏهن به)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين جيتوڻيڪ آڻيان مان تو وٽ شيءِ روشن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته جيتوڻيڪ آءُ تو وٽ ڪا پڌري شيءِ آڻيندس (ته به قيد ڪندين) ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”توڙي جو آءٌ تو وٽ ڪا پڌري شيءِ (بطور معجزي جي) آڻيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، توڻي آندِم تو اڳيان، ثابت ڪي سُهڃاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جيتوڻيڪ توکي ڪا چٽي چيز ڏيکاريان ته به؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چيس: "جيتوڻيڪ تنهنجي آڏو ڪا پڌري شيءِ به آڻيان؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، ڀلي جڏهن آئون تنهنجي آڏو ڪا پڌري شيءِ آڻيان پوءِ به؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: جيڪڏهن مان تنھنجي سامهون پڌري نشاني آڻيان (پوءِ به تون قيد ۾ وجهندين؟) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ فَأتِ بِهِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 31) |
(فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون (لاچار ٿي) چيو ته، جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڀلا اها شيء پيش ڪر؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو تون معجزو آڻ جيڪڏهن تون سچ چوندڙن مان آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو (چڱو) ته تون جيڪڏهن (پنهنجي ڳالھ ۾) سچو آهين ته ڀلا آڻ.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين پوءِ آڻ تون اها جيڪڏهن آهين تون سچن مان.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته پوءِ ان کي آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”اُها آڻ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، پوءِ اُهوئـِي آڻ، جي سَچ پَچ سچن مان آهِيين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”جي سچو آهي، ته اها ڏيکار،“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چيس: "چڱو ڀلا آڻ جيڪڏهن تون سچو آهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، چڱو تون آڻ اها (شيءِ) جي تون سچو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته: جيڪڏهن تون سچو آهين ته پيش ڪر. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَلقىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ ثُعبانٌ مُبينٌ (آيت : 32) |
پوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ (پَٽ تي) اڇلائي ته هڪدم هڪڙي وڏي چٽي پٽي ازدها يعني بلا يا وڏو نانگ ٿي پيئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي پوءِ فوراً اها لٺ تمام وڏو نانگ ٿي پئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ (ٻڌندي ئي) موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها يڪدم پڌرو ازدها (نانگ) ٿي بيٺي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلايائين لٺ پنهنجيءَ کي پوءِ اوچتوئي اها واسينگ نانگ پڌرو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ پنهنجي لٺ کي اڇلايائين ته اها يڪدم پڌرو ازدها نانگ ٿي پيئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (موسيٰ) پنهنجي لٺ اڇلائي ته اُها ٿَڏي تي ئي پڌرو نانگ ٿي پئي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڇلئـِين لَٺ پَنهنجِي، پوءِ اِجھو اَرڙ اظهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي سندس لٺ اڇلائي وڌائين، ته هڪدم اها صفا نانگ ٿي پيئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (سندس واتان اها ڳالهه نڪرندي هڪدم) موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ته هڪدم اهو هڪڙو پڌرو واسينگ نانگ هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان جي زبان مان اها ڳالهه نڪتي ته) هن اڇلي پنهنجي لٺ، ته امالڪ اها هڪ پڌري بلا (نظر آئي) هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) فوراً پنھنجي لٺ کي اڇلايو ته هوءَ سچ مچ ۾ هڪ وڏو نانگ ٿي پئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَنَزَعَ يَدَهُ فَإِذا هِىَ بَيضاءُ لِلنّٰظِرينَ (آيت : 33) |
۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻيو (ڇا ڪيائين جو بغل مان) پنهنجي هٿ ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين ته اهو ناظرينن کي چمڪندڙ ڏسڻ ۾ آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پنهنجي هٿ کي ٻاهر ڪڍيائين پوءِ فوراً اهو ڏسندڙن لاءِ جھَرڪندڙ ٿي پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (کيسي مان) پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اهو اوچتو ئي ڏسندڙن جي اڳيان تمام اڇو چمڪدار هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪڍيائين هٿ پنهنجو پوءِ اوچتو اهو چمڪندڙ آهي ڏسندڙن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍيائين ته اُهو اوچتو ئي ڏسندڙن جي اڳيان اڇو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجو هٿ (بغل ۾ وجهي) ٻاهر ڪڍيائين ته اُهو اُتي جو اُتي ئي ڏسڻ وارن لاءِ چمڪدار ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪڍئـِين هَٿ ٻَهار، ته نُورِي ناظِريَنِ لاءِ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجو هٿ ڪڍيائين، ته اوچتو اهو ڏسندڙن کي چمڪندڙ نظر آيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) وري هن پنهنجو هٿ (بغل مان) ٻاهر ڪڍيو ته اهو سڀني ڏسڻ وارن آڏو چمڪي رهيو هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪڍيو هن پنهنجو هٿ (بغل مان) ته اهو چمڪي رهيو هو سڀني ڏسندڙن آڏو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) وري پنھنجو هٿ (بغل ۾ وجهي) ٻاهر ڪڍيو ته اهو سڀني جي سامهون چمڪي رهيو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لِلمَلَإِ حَولَهُ إِنَّ هٰذا لَسٰحِرٌ عَليمٌ (آيت : 34) |
(فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون انهن سردارن کي جيڪي سندس اردگرد هئا، چيو ته، بيشڪ هيءُ وڏو هوشيار جادوگر آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون، سرادرن کي چيو جيڪي سندس چوڌاري هئا، بيشڪ هيءُ ماهر جادوگر آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن (فرعون پنهنجي دربارين کي جي سندس آس پاس (ويٺا) هئا چوڻ لڳو ته هي پڪ وڏو جادوگر آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين سردارن کي جيڪي چوڌاري ان جي هئا بيشڪ هي البته جادوگر، ڄاڻندڙ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون پنهنجي آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ هيءَ داناءُ جادوگر آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) پنهنجي آس پاس وارن سردارن کي چيو: ”بيشڪ هي وڏو ڄاڻُو جادوگر آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪچهرِئَ کي تنهن ڪَهيو، جي چُونڊ سَندسِ چوڌار، هي جادوگر جُونجھار، آهي وڏو اُستاد ڪو!(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن سندس درٻاري سردارن کي چيو، ”پڪ سان هي ڪو قابل جادوگر آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون پنهنجن چوڌاري ويٺل سردارن کي چيو: "اهو شخص بيشڪ وڏو ماهر جادوگر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (فرعون) چيو چؤطرف ويٺل سردارن کي، بيشڪ هي شخص جادوگر آهي وڏو ماهر(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان تي فرعون پنھنجي چوڌاري ويٺل سردارن کي چيو ته: هي ماڻهو ته ڪو وڏو ماهر جادوگر ٿو لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُريدُ أَن يُخرِجَكُم مِن أَرضِكُم بِسِحرِهِ فَماذا تَأمُرونَ (آيت : 35) |
(ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هو چاهي ٿو ته، پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان تڙي ڪڍي. ان حالت ۾ اوهان جي راءِ ڪهڙي آهي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو توهان کي پنهنجي جادو سان توهان جي زمين مان ڪڍڻ چاهي ٿو. پوءِ توهان جو ڪهڙو مشورو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن جي مرضي آهي ته پنهنجي جادوءَ جي زور سان اوهان کي اوهان جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر ڪري. ته پوءِ اوهين ڪهڙو حڪم لڳايو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ارادو ٿو ڪري ته ڪڍي اوهان کي زمين اوهان جيءَ مان جادوءَ پنهنجي سان پوءِ ڪهڙو امر ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي اوهان جي زمين مان پنهنجي جادوءَ سان ڪڍڻ گهري ٿو، پوءِ ڇا حڪم ڪريو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو چاهي ٿو پنهنجي جادوءَ (جي زور) سان اوهان کي اوهان جي زمين مان ڪڍي، پوءِ اوهان ڇا ٿا راءِ ڏيو“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آھِ اِرادو اُن جو، ته ڪَنيان، ديس پَنهنجي کان ڌار، سَندسِ اَ کر آڌار، پوءِ ڪِهڙي صلاح ڏيوم ٿا؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو چاهي ٿو ته اوهان کي اوهان جي ملڪ مان سندس جادوءَ سان ڪڍي، هاڻي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) چاهي ٿو ته پنهنجي جادوءَ جي زور تي توهان کي توهان جي ملڪ مان ڪڍي ڇڏي. هاڻي ٻڌايو ڇا ٿا فيصلو ڪريو؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي گُهري ٿو ته توهان کي ڪڍي ڇڏي توهان جي ملڪ مان پنهنجي جادو جي زور تي، پوءِ ٻڌايو ته توهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي پنھنجي جادوء جي زور تي ديس نيڪالي ڏيڻ چاهي ٿو. توهان جو ان باري ۾ ڇا مشورو آهي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَرجِه وَأَخاهُ وَابعَث فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 36) |
چيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (سردارن) جواب ۾ چيو ته، هن کي (يعني حضرت موسيٰ کي) ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي (يعني في الحال کين ڪجهه نه چئو) ۽ سڀني شهرن ڏي گڏ ڪندڙ قاصد موڪل.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو تون موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ کي مهلت ڏي ۽ تون ماڻهو گڏ ڪندڙن کي شهرن ۾ موڪل(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) دربارين چيو ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترسائي ۽ سڀني شهر وارن ۾ جادوگرن کي ڪٺو ڪرڻ لاءِ ڪوٺيندڙن کي موڪل،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ڍر ڏي ان کي ۽ ڀاءُ ان جي کي ۽ موڪل شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي موڪل (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ان کي ۽ ان جي ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ جادوگرن کي گڏ ڪرڻ وارا موڪل.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اُن ۽ اُن جي ڀاءُ کي، ڏئي مُهلت مُوچارِي، ۽ موڪل ماڻهو مُلڪن ۾، ته چونڊي چوڌارِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ، ۽ شهرن ڏي ڪوٺيندڙن کي موڪل. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو، هن کي ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شهرن ۾ پڙهي وارا موڪل (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، ترسايو هن کي ۽ سندس ڀاءُ کي ۽ موڪليو شهرن ڏي پڙهو ڏيندڙ ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (سردارن) چيو ته: هن کي ۽ هن جي ڀاءُ کي (ڪجهه ڏينهن) ترسايو ۽ سڀني شھرن ۾ اعلان ڪرڻ وارن کي موڪليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَأتوكَ بِكُلِّ سَحّارٍ عَليمٍ (آيت : 37) |
ته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي (تنهنجي) سڀني هوشيار جادوگرن کي (جمع ڪري) تو وٽ وٺي اچن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي تو وٽ هر قسم جا ڄاڻو جادوگر آڻيندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سڀ ڪنهن داناءَ جادوگر کي اوهان جي اڳيان آڻي حاضر ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته آڻيندا تو وٽ هر وڏو جادوگر، ڄاڻندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته سڀ ڪنهن داناءُ جادوگر کي تو وٽ آڻين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي هر ماهر جادوگر کي تو وٽ وٺي اچن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارٖي اکر جا ڪارِي، ڪوٺي ڪَٺي ڪَن ڪُل کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته هو تو وٽ هر ڪنهن قابل جادوگر کي آڻين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته هرهڪ ڏاهي سيبتي جادوگر کي آڻي حاضر ڪن". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي آڻين هر سياڻي جادوگر کي تو وٽ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ته جيئن هو) وڏن ماهر جادوگرن کي تنھنجي سامهون حاضر ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَجُمِعَ السَّحَرَةُ لِميقٰتِ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 38) |
پوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو سڀ جادوگر گڏ ڪيا ويا، انهيءَ ڏينهن لاءِ جو (مقابلي لاءِ) مقرر ڪيو ويو ۽ جو معلوم ۽ مشهور ڏينهن هو، (يعني عيد يا جشن جو ڏينهن هو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ هڪ مقرر وقت ۽ ڏينهن تي جادوگر گڏ ڪيا ويا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي انجام تي گڏ ڪيو ويو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ گڏ ڪيا ويا جادوگر واسطي وقت مقرر ڏينهن معلوم جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي انجام تي گڏ ڪيو ويو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ سڀ جادوگرن کي هڪ مقرر ڏينهن جي طئي ٿيل وقت تي گڏ ڪيو ويو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ماندا سڀ ميڙيا وِيا، ڪنهن سَندنِ جي وار، ۽ ڦيريو ويو ماڻهن ۾، اِهو اِشتهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هڪ مقرر ڪيل ڏينهن جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو مقرر ڪيل ڏينهن جي پوري وقت تي سڀئي جادوگر گڏ ڪيا ويا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ گڏ ڪيا ويا جادوگر هڪ مقرر ڏينهن جي وقت تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هڪ ڏينھن مقرر وقت تي جادوگرن کي گڏ ڪيو ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقيلَ لِلنّاسِ هَل أَنتُم مُجتَمِعونَ (آيت : 39) |
۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (جڏهن گهڻائي ماڻهو ان ڏينهن گڏ ٿي ويا تڏهن) ماڻهن کان پڇيو ويو ته سڀئي گڏ ٿيا آهيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته توهان سڀئي گڏ ٿجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ڇا اوهين گڏ ٿيندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ويو ماڻهن کي ته ڇا اوهان گڏ ٿيندڙ آهيو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ڇا اوهين گڏ ٿيندو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته: ”ڇا اوهان (اجتماع ۾) گڏ ٿيندؤ؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اَهين ڪِ اسان سان آهيو، هيڪاندا هيڪار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته ”ڇا اوهين به گڏ اچي ٿيندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ماڻهن کي چيو ويو ته "ڇا اوهين گڏ ٿيندوِّّ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ چيو ويو ماڻهن کي ته توهان به هلندؤ ميڙي ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سڀني ماڻهن کي چيو ويو ته: هن مقابلي کي ڏسڻ لاءِ سڀ اُن ۾ ضرور شريڪ ٿين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لَعَلَّنا نَتَّبِعُ السَّحَرَةَ إِن كانوا هُمُ الغٰلِبينَ (آيت : 40) |
جيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (چڱو اڄ) ممڪن آهي ته جيڪڏهن اسان جا جادوگر (حضرت موسيٰ سان مقابلو ڪرڻ ۾) غالب رهندا ته (اسان پنهنجي) جادوگرن جي پيروي (وڌيڪ شوق سان) ڪندا رهنداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪڏهن اهي جادوگر غالب ٿيا ته يقيناً اسين انهن جادوگرن جي تابعداري ڪنداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن لاءِ ته جيڪڏهن جادوگر غالب ٿيا ته اسين سندس پيروي ڪريون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) شايد اسين تابعداري ڪيون جادوگرن جي جيڪڏهن ٿيندا اهي غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) مَنَ اسين جادوگرن جي پيروي ڪريون جيڪڏهن اهي غالب ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) شايد اسان انهن جادوگرن (جي دين) جي پيروي ڪيون اگر اُهي غالب ٿي ويا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جيڪس پُٺ جادوگرين، لڳنداسون لاچار، جادُوءَ ۾ جُونجھار، صَحِي سوڀارا، جي ٿيا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته جيڪڏهن جادوگر کَٽن، ته اسين سندن تابعدار ٿيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته مــَـنَ اسان به جادوگرن جي (دين جي) ڪڍ لڳي پئون، جيڪڏهن هو سوڀارا ٿيا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شايد اسان قائم رهون جادوگرن جي دين تي جيڪڏهن اهي ئي (هن تي) غالب رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ته جيئن اسان (جادوگرن جي ڪاميابي جي صورت ۾) انهن جي دين تي مضبوط رهون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا جاءَ السَّحَرَةُ قالوا لِفِرعَونَ أَئِنَّ لَنا لَأَجرًا إِن كُنّا نَحنُ الغٰلِبينَ (آيت : 41) |
پوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن جادوگر به اچي ويا تڏهن هنن فرعون کي چيو ته، جيڪڏهن اسان (مقابلي ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام تي) غالب پئجي وڃون ته پوءِ اسان کي انعام ملندو نه؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن اهي جادوگر پهتا، انهن فرعون کي چيو ته ڇا اسان لاءِ ڪو انعام آهي جيڪڏهن اسين غالب ٿياسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ جڏهن سڀ جادوگر آيا ته جادوگرن فرعون کي چيو ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون ته ڇا پڪ اسان کي (سرڪار مان) انعام ملندو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن آيا جادوگر ته چيائون فرعون کي ڇا تحقيق اسان جي لاءِ البته انعام آهي جيڪڏهن ٿينداسون اسين غالب .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن جادوگر آيا تڏهن فرعون کي چيائون ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون ته اسان لاءِ ڪو اجورو آهي ڇا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن جادوگر آيا ته فرعون کي چيائون: ”اسان لاءِ ڪو انعام آهي؟ جيڪڏهن اسان (موسى ۽ هارون تي) غالب اچي وڃون؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن اَچِي جمع ٿيا، جادوگر جُونجهار، فسادِي فِرعون کي، ٻولائيون ٻِيهار، چي، جي ڪَڙَ ٿِيا سون، ته ڪِهڙو اَجر اسان هار؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جڏهن جادوگر آيا، ته فرعون کي چيائون ”جيڪڏهن اسان کَٽيو ته اسان لاءِ ڪو انعام به آهي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن جادوگر ميدان ۾ اچي ويا ته انهن فرعون کي چيو: "ڇا اسان کي انعام ملندو، جيڪڏهن سوڀ اسان جي ٿي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن آيا ميدان ۾ جادوگر ته انهن چيو فرعون کي، اسان کي انعام ته ملندو نه، جيڪڏهن اسان ئي (هن تي) غالب رهياسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ جڏهن جادوگر ميدان ۾ آيا ته فرعون کي چيائون ته: اسان جيڪڏهن (هي) مقابلو کٽي ورتو ته ڇا اسان کي ڪو انعام اڪرام ملندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ نَعَم وَإِنَّكُم إِذًا لَمِنَ المُقَرَّبينَ (آيت : 42) |
(فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) فرعون چيو ته، هائو (نه رڳو اوهان کي انعام ملندو پر) توهان ان صورت ۾ منهنجي ويجهو ٿيندؤ. (يعني اوهان کي درٻاري ڪيو ويندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو ها، ۽ بيشڪ توهان ان وقت (منهنجا) مقرب هوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو، هاءُ (ضرور ڏنو ويندو) ۽ (انعام ڪهڙي ڳالھ آهي) اوهين پوءِ (منهنجي بارگاھ جي) مقربن مان ٿيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته هائو ۽ بلاشڪ اوهان ان وقت البته مقربن مان آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته هائو ۽ بيشڪ اوهين تڏهن (منهنجي) ويجهن (ماڻهن) مان هوندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون)چيو:”هائو ۽ بيشڪ اوهان ان وقت منهنجي(دربار جي) ويجهڙن (ماڻهن) مان ٿيندؤ“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اوهِين اُنهِئ وار، هُوندا حُضورين مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ها_ ۽ تڏهن اوهين مون وٽ وڏي عزت پائيندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "هائو ۽ پوءِ ته توهان، منهنجن ويجهن ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندؤ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن چيو، هائو! ۽ توهان ته ان وقت منهنجي ويجهن (رهندڙن) ۾ شامل ٿي ويندؤ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته: بلڪل! انعام اڪرام سان گڏوگڏ توهان (هميشه لاءِ) منھنجا قربائتا به ٿي ويندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ لَهُم موسىٰ أَلقوا ما أَنتُم مُلقونَ (آيت : 43) |
کين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ انهن (جادوگرن) کي چيو ته، جيڪي توهان کي پيش ڪرڻو آهي، سو پيش ڪيو. (يعني پنهنجا ڪرشما ڏيکاريو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ، جادوگرن کي چيو توهان کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪري ڏيکاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کي موسى چيو (منتر جنتر) جيڪي اوهان کي اڇلڻو آهي اڇليو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيو انهن کي موسى اڇلايو اهو جيڪو اوهان اڇلائيندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کي موسيٰ چيو ته جيڪي اوهين اڇلڻ وارا آهيو سو اڇليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) موسى کين چيو: ”اڇلايو! جيڪو (جادو) اوهان اڇلائڻ وارا آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُتو مُوسٰى اُنهن کي، ته هِڪدم اُڇليو هاڻ، اَٿوَ، جو اُڇلڻو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) موسيٰ چين ”اوهان کي جيڪي اڇلڻو هجي سو اڇليو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چين: "اڇلايو جيڪي اڇلائڻو اٿوَ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) چيو انهن کي موسيٰ، اڇليو جيڪي توهان کي اڇلڻو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) (جادوگرن کي) چيو ته توهان کي جيڪو ڪجهه اُڇلڻو آهي سو اُڇليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَلقَوا حِبالَهُم وَعِصِيَّهُم وَقالوا بِعِزَّةِ فِرعَونَ إِنّا لَنَحنُ الغٰلِبونَ (آيت : 44) |
پوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن تي هنن پنهنجون رسيون ۽ لٺيون ميدان ۾ اڇليون ۽ چوڻ لڳا ته، فرعون جي عزت جو قسم! اسان ضرور غالب پونداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن پنهنجو رسيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چوڻ لڳا فرعون جي عزت جو قسم، بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قسم آهي ته بيشڪ اسين ئي غالب رهنداسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلايائون رسا پنهنجا ۽ لٺيون پنهنجون ۽ چيائون قسم آهي فرعون جي عزت جو ته بيشڪ اسين ئي غالب آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قسم آهي ته بيشڪ اسين ئي غالب آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن پنهنجون رسيون ۽ پنهنجون لٺيون اڇلايون ۽ چيائون: ”فرعون جي عزت جو قسم بيشڪ اسان ئي غالب آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پهرين اُڇليو پاڻ، سَندنِ نوڙيون ۽ لوڙهيون، پوءِ آکيون اِن اُهڃاڻ، چي، اَسِين غالب آهيون، سَگھ فِرعون جي ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهن تي هنن سندن رسيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ”فرعون جي عزت جو قسم! اڄ اسين ضرور کٽينداسون!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن هڪدم پنهنجون نوڙيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چوڻ لڳا: "فرعون جي عزت جو قسم! اسان ئي سوڀارا ٿينداسون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن پنهنجا رسا ۽ لٺيون اڇليون ۽ چيائون، فرعون جي ڀاڳ سان اسين ئي غالب رهنداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن هڪدم پنهنجون رسيون ۽ لٺيون اڇلايون ۽ چيائون ته: فرعون جي عزت قسم! بيشڪ اسان ئي غالب ٿينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَلقىٰ موسىٰ عَصاهُ فَإِذا هِىَ تَلقَفُ ما يَأفِكونَ (آيت : 45) |
پوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (سندن رسيون ۽ لٺيون نانگن وانگر چرندي ڏسڻ ۾ آيون) تنهن تي حضرت موسيٰ به پنهنجي لٺ ميدان ۾ اڇلائي ته (سبحان الله! ڇا ٿيو جو اها لٺ وڏي بلا بڻجي) انهن سڀني کي ڳهي ويئي جي ڪوڙا ڏيک هنن ٺاهيا هئا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ مبارڪ کي اڇلايو پوءِ ان وقت (حضرت موسيٰ جي لٺ) ڳِهي وئي جيڪو انهن جادو ڪيو هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ موسى پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها اتي جو اتي جيڪو ڪوڙو سانگ ٺاهيو هئائون تنهن کي ڳهڻ لڳي ويئي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلائي موسى لٺ پنهنجي پوءِ اتي ئي اها ڳهي پئي اهو جو جادو سان ٺاهين پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ موسيٰ پنهنجي لٺ اڇلائي ته اها اُتي جو اتي جيڪو ڪوڙو نانگ ٺاهيو هئائون تنهن کي ڳهڻ لڳي ويئي.(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ موسى پنهنجي لٺ کي اڇلايو ته اُها اُتي جو اُتي (نانگ بڻجي) ڳِهَڻ لڳي جيڪو ٺاهه ٺاهيائون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڇلِي عَصا پنهنجِي، مُوسٰى مَت سُڃاڻ، پوءِ مانڊين جا مانڊاڻ، اِجھا ڳِيهٖي پيئي، اُنهن کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تڏهن موسيٰ به لٺ اڇلي، ته اها يڪدم سندن ٺاهيل ٺاهه کي ڳهي ويئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ وري موسيٰ جو پنهنجي لٺ اڇلائي ته امالڪ اها انهن جي ٺڳيءَ جي ٺاهن کي ڳڙڪائيندي وئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اڇلي موسيٰ پنهنجي لٺ، ته اها اتي جو اتي (بلا) ڳهندي ٿي ويئي انهن (جي ڪوڙن ڪرشمن) کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موسى ($) پنھنجي لٺ اُڇلائي ته اها لٺ هڪدم انهن جي تماشي کي ختم ڪندي وئي (يعني انهن جي اثر کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهو موسى $ جي اڇلايل لٺ مان ٿيندڙ نانگ کي آخر تائين غور سان ڏسندا رهيا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأُلقِىَ السَّحَرَةُ سٰجِدينَ (آيت : 46) |
پوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تڏهن سڀ جادوگر (ان کي خدائي معجزو سمجهي خدا جي اڳيان) سجدي ۾ ڪري پيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ سڀئي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهو ڏسندي ئي) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيرايا ويا جادوگر سجدو ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جادوگر (سڀ) سجدي ۾ ڪِري پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ساحِر پِيا سُجود ۾، چيؤن عَلى الاعلان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان تي سمورا جادوگر پنهنجو پاڻ سجدي ۾ ڪري پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ سمورا جادوگر بي اختيار سجدي ۾ ڪِري پيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ڏسي سڀ جادوگر بي اختيار سجدي ۾ ڪري پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا ءامَنّا بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 47) |
چيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ بي ڌڙڪ) چئي ڏنائون ته، اسان سڄي ڪائنات جي پروردگار تي ايمان آندو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) سڀني چيو اسان رب العالمين تي ايمان آندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ چوڻ لڳا اسان سموري جهان جي پروردگار تي ايمان آندو. (سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ايمان آندو اسان رب جهانن جي تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اسان سڀني قومن جي پاليندڙ تي ايمان آندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان جهانن جي پالڻهار تي ايمان آندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته مَڃيوسون مُورهِين، صاحِب سڀ جھان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چوڻ لڳا ”اسان جهانن جي ڌڻيءَ تي ايمان آندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چيائون ته "مڃيوسين رب العالمين کي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ پڪاري چوڻ لڳا، اسان ايمان آندو جهانن جي پالڻهار تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ چيائون ته: اسان رب العالمين تي ايمان آندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ موسىٰ وَهٰرونَ (آيت : 48) |
(جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اسان انهيءَ پروردگار تي ايمان ٿا آڻيون) جو موسيٰ ۽ هارون جو پروردگار آهي (يعني انهيءَ رب تي جنهن کي موسيٰ ۽ هارون رب ڪري ٿا مڃين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو موسيٰ ۽ هارون جو رب آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) موسى ۽ هارون جي رب تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو موسيٰ ۽ هارون جو پاليندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو موسى ۽ هارون جو پالڻهار آهي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سوئـِي ربُّ، سُبحان، مُوسٰى ۽ هارُون جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يعني موسيٰ ۽ هارون جي ڌڻيءَ تي!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ ۽ هارون جي رب کي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (اهو) رب جيڪو موسيٰ ۽ هارون جو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ۽ هارون (ؐ) جي پالڻھار تي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ ءامَنتُم لَهُ قَبلَ أَن ءاذَنَ لَكُم إِنَّهُ لَكَبيرُكُمُ الَّذى عَلَّمَكُمُ السِّحرَ فَلَسَوفَ تَعلَمونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيدِيَكُم وَأَرجُلَكُم مِن خِلٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُم أَجمَعينَ (آيت : 49) |
(فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (فرعون جادوگرن تي ڪاوڙجي) چيو ته، ڇا منهنجي اجازت وٺڻ کان اڳ ۾ ئي توهان (مون کي ڇڏي ٻئي رب تي) ايمان آندو آهي؟ مون کي يقين آهي ته هي (موسيٰ) اوهان جو وڏو آهي (۽ اوهان جو استاد آهي) جنهن اوهان کي جادوگري سيکاري آهي. سو جلد ئي اوهان کي خبر پوندي (ته مان توهان سان ڪهڙيون تعديون ٿو ڪيان) . مان توهان جا هٿ ۽ پير آرپار ابتا سبتا وڍائي ڇڏيندس، ۽ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) فرعون چيو توهان منهنجي اجازت کان اڳ ۾ الله تي ايمان آندو، بيشڪ موسيٰ توهان جو وڏو آهي جنهن توهان کي جادو سيکاريو آهي، هاڻي توهان کي خبر پوندي، قسم سان آئون ضرور توهان جي هڪ پاسي جو هٿ ۽ ٻئي پاسي جو پير ڪٽيندس، ۽ آئون ضرور توهان سڀني کي ڦاسي ڏيندس(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) فرعون چيو (اڙي!) هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي موڪل ڏيان اوهان ان تي ايمان آندو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي ته (خير) هاڻي ئي اوهان کي (ان جو نتيجو) معلوم ٿي ويندو جو پڪ آءُ اوهان جي هڪ طرف جا هٿ ۽ ٻئي طرف جا پير وڍيندس ۽ ضرور آءُ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ايمان آندو اٿوَ ان تي اڳي هن کان جو موڪل ڏيان مان اوهان کي بلاشڪ اهو البته وڏو اوهان جو آهي جنهن سيکاريو اوهان کي جادو پوءِ البته جلد ڄاڻندؤ ته البته ضرور وڍيندس مان هٿ اوهان جا ۽ پير اوهان جا ابتڙ ۽ البته ضرور سوريءَ تي چاڙهيندس اوهان مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) فرعون چيو ته هن کان اڳ جو آءُ اوهان کي موڪل ڏيان اوهان انکي مڃيو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو، پوءِ اوهان کي معلوم ٿي ويندو. ضرور آءُ اوهان جا هڪ پاسي جا هٿ ۽ اوهان جا ٻئي پاسي جا پير وڍيندس ۽ ضرور آءُ اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (فرعون) چيو: ”اوهان ان تي ايمان آندو آهي ان کان اڳي ئي جو آءٌ اوهان کي موڪل ڏيان، بيشڪ اهو (موسى) اوهان جو وڏو آهي جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي. پوءِ جلدي اوهان ڄاڻندؤ آءٌ ضرور اوهان جا هڪ پاسي جا هٿ ۽ ٻئي پاسي جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان سڀني کي سوريءَ تي چاڙهيندس“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڇا، مَڃيانِس مَهندتِنْيان، ته موڪل ڏيانِيان مُور؟ هِي آهي وَڏو اَوهان جو، جادُوگر ضرور، جنهن اوهان کي سيکاريو، مَنڊ سَندو مَذڪور، وَهلو پوءِ وَهلور!، سڀ سَمجِھي وِيندا سِگھڙٖي. چي، وَڍِيندسِ اَهنجا پير، هَٿ، پاسي کان ڌار، پوءِ ڪندسِ اوهان ڪُل کي، سُورِي سِرسُوار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فرعون چيو، ”اوهان منهنجي موڪل ڏيڻ بنا ڇو ان تي ايمان آندو؟ هي ضرور اوهان جو سردار آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو آهي، هاڻي اجهو ٿي خبر پويوَ- آءٌ ضرور اوهان جا هٿ ۽ پير ابتڙ سبتڙ ڪپيندس ۽ اوهان سڀني کي ڦاسيءَ چاڙهيندس.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) فرعون چين: "توهان موسيٰ جي ڳالهه مڃي ويا، ان کان اڳي ئي جو مان ڪا اجازت ڏيانوَ، پڪ ئي پڪ هيءُ توهان جو وڏو آهي، جنهن توهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو اجهو پئيوَ ٿي خبر! مان توهان سڀني جا هٿ ۽ پير ابتـڙ پاسن کان وڍرائيندس ۽ توهان سڀني کي ڦاهيءَ چاڙهيندس". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) فرعون چيو، توهان (موسيٰ جي) ڳالهه مڃي ورتي، ان کان اڳي جو آئون توهان کي ان جي اجازت ڏيان ها، ضرور هي توهان جو وڏو آهي جنهن سيکاريو آهي توهان کي به جادو. چڱو هاڻي ئي توهان کي خبر پئجي ويندي، آئون وڍرائيندس توهان جا هٿ ۽ توهان جا پير مخالف طرفن کان ۽ توهان سڀني کي سوريءَ تي چاڙهيندس(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) فرعون چيو ته: (اهو وري ڪيئن؟) توهان منھنجي اجازت کان سواءِ ئي ايمان آڻي ڇڏيو. لڳي ٿو ته: هي (موسيٰ) توهان جو وڏو (ليڊر) آهي جنھن توهان کي جادو سيکاريو آهي. چڱو توهان کي هينئر ئي پتو پئجي ويندو. مان توهان جا (هڪ طرف جا) هٿ ۽ (ٻئي طرف جا) پير ڪٽائيندس ۽ توهان سڀني کي ڦاهيءَ تي لٽڪائيندس. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لا ضَيرَ إِنّا إِلىٰ رَبِّنا مُنقَلِبونَ (آيت : 50) |
چيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (جادوگرن جواب ۾) چيو ته، ڪهڙي ڳالهه آهي (آخر ته سڀ ڪنهن کي مرڻو آهي اسان کي ايمان جي لذت ۽ خدا جو راضپو ڪافي آهي) اسان يقيناً پنهنجي رب ڏانهن موٽي وڃڻا آهيون (جو اسان تي پنهنجون رحمتون ۽ نعمتون ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو (اسان کي) ڪو نقصان ناهي، بيشڪ اسان پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته ڪو حرج نه آهي اسان کي ته اڳي پوءِ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته ناهي نقصان بيشڪ اسين پنهنجي رب ڏانهن موٽندڙ آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته ڪو حرج نه آهي بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽڻ وارا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڪو نقصان ناهي، بيشڪ اسان پنهنجي پالڻهار جي حضور ۾ موٽڻ وارا آهيون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) حَرج نه اسان کي اُن ۾، ٻوليائون ٻِيهار، پَنهنجي پَرور پار، اَسِين مُورهِين موٽڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”پرواهه ناهي_ اسين به پڪ پنهنجي ڌڻيءَ ڏي موٽنداسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وراڻي ڏني: "پرواهه ناهي، اسان ته پنهنجي رب وٽ وڃي پهچنداسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، ڪابه ناهي پرواهه، اسان ته پنهنجي ئي رب ڏي پهچي وينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جادوگرن چيو ته ڪا پرواهه ناهي. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آهيون.(قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّا نَطمَعُ أَن يَغفِرَ لَنا رَبُّنا خَطٰيٰنا أَن كُنّا أَوَّلَ المُؤمِنينَ (آيت : 51) |
بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (وڌيڪ چيائون ته) اسان ته اهائي خواهش ٿا رکون ته اسان جو پروردگار اسان جون خطائون معاف ڪري، جو اسان (اوهان مصري ماڻهن ۾) سڀني کان اڳ ۾ مؤمن ٿيا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اسان کي اميد آهي ته اسان جو رب اسان جا گناه معاف ڪندو، ڇو ته اسين (انهن مان) پهريان مؤمن آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اسان جيئن ته سڀني کان اڳ ايمان آندو آهي تنهن ڪري اميد آهي ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اسين اميد ٿا رکون هيءَ ته بخشي اسان کي اسان جو رب گناهه اسان جا هن جي ڪري جو هوندا سون اسان پهريان ايمان آڻڻ وارا. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ته اسان کي اسان جو پاليندڙ اسان جا گناهه معاف ڪري هن ڪري جو اسين پهريان ايمان آڻيندڙ آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو پالڻهار اسان جون خطائون معاف ڪندو انڪري جو اسان سڀ کان پهريان ايمان آڻڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اَسِين رکون ٿا آسرو، ته اسان جو اَلله، مَرهِينيون مِهر سان، اسان جا عيب، گُناه، جَن جو واحد ۾ ويساھ، پهرين تن مان، پاڻ هُجون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کي پڪي اميد آهي ته جڏهن اسين پهريان مومن ٿيا آهيون، ته اسان جو ڌڻي به اسان جا گناهه بخشيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان کي اميد آهي ته اسان جو رب اسان جا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو، ڇو جو سڀني کان اول اسان ايمان آندو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اسان کي اميد آهي ته معاف ڪيون وينديون اسان جي رب طرفان اسان جون خطائون، ڇوته اسان سڀني کان اڳي ايمان آندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ اسان کي اميد آهي ته اسان جو پالڻھار اسان جي خطائن کي معاف ڪندو ڇوته (هن مقابلي کان پوءِ) اسان ئي سڀني کان پھريان ايمان آندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَن أَسرِ بِعِبادى إِنَّكُم مُتَّبَعونَ (آيت : 52) |
۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان موسيٰ کي وحيءَ جي رستي حڪم ڏنو ته، منهنجي بندن (بني اسرائيلن ۽ ٻين مؤمنن) کي راتوواهه (مصر ملڪ مان) ڪڍي وڃ. پڪ آهي ته فرعون ۽ سندس ماڻهو (اوهان کي روڪڻ ۽ پڪڙڻ لاءِ) اوهان جي پوئتان پوندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي ته تون منهنجي ٻانهن، (بني اسرائيل) کي رات جي وقت ٻاهر ڪڍي وڃ، بيشڪ (اهي) توهان جي پويان لڳندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان موسى ڏي وحي موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وحي ڪيو اسان موسى جي طرف هي ته راتو واه وٺي وڃي ٻانهن منهنجن کي بلاشڪ اوهان پيڇو ڪيل آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان موسيٰ ڏي هيءَ حڪم موڪليو ته منهنجن ٻانهن کي راتو رات وٺي نڪر (هو) ضرور اوهان جي پٺيان پوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان موسى ڏانهن وحي موڪلي ته: ”منهنجي ٻانهن کي وٺي راتو رات نڪري وڃ، بيشڪ اوهان جو پيڇو ڪيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ موڪليون سون مُوسٰى ڏي، وَحِي، پاسي وِير، ته ڀَلا! سَندمِ بَندن سان، لنگھ سَنجھي ئـِي سِير، اَوهان پُٺيان اَمِير!، فِرعون ڪاهِيندو فوج سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان موسيٰ کي حڪم موڪليو ته منهنجي ٻانهن کي وٺي راتو واهه نڪر، جو (فرعوني) ضرور اوهان پٺيان پوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي وحي ڪيو ته "راتو واه منهنجن ٻانهن کي وٺي نڪري وڃ، توهان جي ڪڍ ضرور پوندا". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان وحي ڪيو موسيٰ کي ته راتو رات نڪري وڃ اسان جي ٻانهن کي وٺي توهان جي پُٺ ورتي ويندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اسان موسى ($) کي وحي موڪلي ته تون راتورات منھنجي ٻانهن (يعني بني اسرائيل) کي وٺي نڪري وڃ. بيشڪ (فرعون جي طرفان) توهان جو پيڇو ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَرسَلَ فِرعَونُ فِى المَدائِنِ حٰشِرينَ (آيت : 53) |
پوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ وچ ۾) فرعون (ڇا ڪيو جو سڀني) شهرن ڏانهن پنهنجا قاصد موڪليائين (۽ بني اسرائيلن جي خلاف لشڪر گڏ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ فرعون شهرن ۾ گڏ ڪندڙ ماڻهو موڪليا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تڏهن فرعون (لشڪر جي جمع ڪرڻ جي خيال سان) سڀني شهرن ۾ (ڪيترائي) ڪوٺيندڙ روانا ڪيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ موڪليا فرعون شهرن ۾ ڪوٺيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ فرعون شهرن ۾ ڪوٺيندڙن کي موڪليو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ فرعون شهرن ۾ (فوجين کي) گڏ ڪرڻ وارا (قاصد) موڪليا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) فرعون ماڻهون فوج لئي، مُڪا مُلڪن پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ فرعون شهرن ۾ ماڻهو گڏ ڪندڙ موڪليا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ فرعون (لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ ) شهرن ڏي ماڻهو گڏ ڪندڙ موڪليا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان تي موڪليا فرعون (فوجون گڏ ڪرڻ لاءِ) شهرن ۾ پڙهو ڏيندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ فرعون شھر ۾ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ وارن کي موڪليو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ هٰؤُلاءِ لَشِرذِمَةٌ قَليلونَ (آيت : 54) |
(چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (۽ چوڻ لڳو ته) هي (بني اسرائيل) هڪ ننڍڙي (۽ هيڻي) ٽولي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اها تمام مختصر جماعت هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ چيائين) ته هي ماڻهو (موسى سان بني اسرائيل) ٿورا (مختصر) جماعت آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته بيشڪ هي البته ٿوري ٽولي آهي ٿورا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (چيائين ته) بيشڪ هي ٿوري جماعت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (چيائين): ”بيشڪ اهي (بني اسرائيل) ٿورڙي جماعت آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٿورڙِي ٻارِي هِي ٻِيهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته ”هي شخص ٿوري ٽولي آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (۽ چوائي موڪليائين) ته "اهي ڪي ٿورڙا ماڻهو آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو به چورايائين ته، اهي ماڻهو يقينًا ٿورڙا ئي آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ( کين اهو پيغام ڏنو ته هو ماڻهن کي چون ته موسى ۽ ان جا مڃيندڙ) تمام ٿورڙا ماڻهو آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُم لَنا لَغائِظونَ (آيت : 55) |
۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن هوندي به ايتري جرئت ڪئي اٿن جو) اسان جي خلاف غصي جو اظهار ڪرڻ لڳا آهن (يا اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن جيڪي اسان کي غصو ۽ ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين انهن تي ڪاوڙ ڪندڙ آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن اسان کي سخت ڪاوڙايو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهي اسان جي لاءِ البته ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ انهن اسان کي ڪاوڙايو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهي اسان کي ڪاوڙ ڏياريندڙ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ته ڏَمر ڏِينئون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هنن اسان کي سخت ڪاوڙايو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن اسان کي ڏاڍو ڪاوڙايو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن اسان کي ڏاڍو ڪاوڙايو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن اسان کي ڏاڍي ڪاوڙ ڏياري آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنّا لَجَميعٌ حٰذِرونَ (آيت : 56) |
۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هو ڏسن ئي نٿا ته) اسان ته بيشڪ وڏو لشڪر آهيون ۽ (هنن جي مقابلي لاءِ اڳ ئي) خبردار (۽ تيار) آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اسين سڀئي مسلح ۽ جنگي ڪمن کان واقف آهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسين سڀئي هٿيار بند جماعت آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اسين البته سڀئي هٿيار بند آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اسين هٿيار بند جماعت آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اسان چوڪس رهڻ واري جماعت آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تِيرن سان تيار، اَسِين هرگز حاضِر آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسين با هٿيار جماعت آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ته هڪ اهڙي جماعت آهيون، جن کي هر وقت سجاڳ رهڻو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان هڪ اهڙي جماعت آهيون جيڪا هر وقت هوشيار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ اسان هڪ مسلح جماعت (يعني باقاعده فوج) آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخرَجنٰهُم مِن جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 57) |
(الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري اسان هنن (بني اسرائيلن) کي باغن ۽ چشمن مان تڙي ڪڍيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان انهن کي باغن ۽ چشمن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته اسان (انهن فرعون وارن) کي (مصر جي) باغن ۾ چشمن مان ٻاهر ڪڍيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪڍيو سون انهن کي باغن ۽ چشمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سو اسان انهن (فرعونين) کي (سندن) باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ باغن، کوهن مان، ڌِڪي ڪيا سون دُور،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ (الله فرمائي ٿو ته) اسان کين باغن ۽ چشمن مان ڪڍي ڇڏيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ ريت اسان کين سندن باغن مان ٻاهر ڪڍي آياسون(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان انهن کي ڪڍيوسين سندن باغن ۽ چشمن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طريقي سان ئي اسان انهن کي باغن ۽ چشمن مان ٻاهر ڪڍيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَكُنوزٍ وَمَقامٍ كَريمٍ (آيت : 58) |
۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پڻ خزانن ۽ چڱين جاين (يا چڱن عهدن ۽ ڌنڌن) کان اسان کين محروم ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ خزانن ۽ بهترين جاين مان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ خزانن ۽ عزت جي جاين مان به ڪڍي ٻاهر ڪيوسون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ کاڻين ۽ جاءِ عزت واريءَ مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ خزانن ۽ چٽين جاين مان (به) (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ خزانن ۽ عزت وارين جاين مان (به ٻاهر ڪڍيو)(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کاڻين مان، پڻ ماڙين مَنجھان مُور، اِنپر کيل خَتم ٿيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ خزانن ۽ سٺن هنڌن مان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ چشمن ۽ خزانن ۽ سندن عاليشان جاين مان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ خزانن ٻاهر آندو بهترين محلن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ خزانن ۽ عاليشان عمارتن مان به ڪڍيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ وَأَورَثنٰها بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 59) |
اھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (برابر فرعون ۽ سندس ماڻهن بني اسرائيلن سان) اهڙي هلت ورتي هئي (۽ کين غلام بنائي رکيو هو) پر اسان (يعني الله تعاليٰ پوءِ) بني اسرائيلن کي (شام ملڪ ۾) اهڙين شين (يعني باغن وغيره) جو وارث ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح ٻاهر ڪڍيو، اسان بني اسرائيل کي انهن شين جو وارث بنايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙي طرح (ڪيوسون) ۽ انهن شين جو بني اسرائيل کي وارث ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح ۽ وارث ڪيو سون انهن جو بني اسرائيل کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح (ڪيوسون) ۽ انهن شين جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح (ڪيوسين). ۽ اسان بني اسرائيل کي (انهن شين جو) وارث ڪيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنپر اِسرائـِيلن کي، ڏِنيون سون مَڏيون، مال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙيءَ طرح- ۽ انهن جو مالڪ بني اسرائيلن کي ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهو ته ٿيو انهن سان ۽ بني اسرائيل کي وري اسان انهن سڀني شين جو وارث بڻايو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهو ته ٿيو انهن سان معاملو، (ٻئي طرف) وارث ڪيوسين انهن شين جو بني اسرائيل کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ (غرق ٿيڻ کان پوءِ) اسان بني اسرائيل کي انهن شين جو وارث بنايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَتبَعوهُم مُشرِقينَ (آيت : 60) |
پوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت موسيٰ ته بني اسرائيلن سان رات جي وقت روانو ٿي ويو) پوءِ صبح جو سج اڀرڻ بعد فرعون ۽ سندس ماڻهو (انهيءَ خبر پوڻ تي) سندن پٺيان پيا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي صبح جي وقت انهن جي پويان لڳا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ سج اڀرڻ وقت انهن جي پٺيان پيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پونيان پيا انهن جي سج اڀاريندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ سج اڀرڻ وقت انهن جي پٺيان پيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ڏينهن روشن ٿيندي ئي (فرعوني) انهن جي پٺيان پيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀري سج جو، اُن پُٺيان، پياسي پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ هو سج اڀرندي ئي سندن پٺيان پيا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) صبح ٿيندي ئي اهي ماڻهو سندن پٺيان پيا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن پُٺ ورتي هنن جي صبح ٿيندي ئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ صبح ٿيندي ئي هو (بني اسرائيل جي) پويان پيا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَمّا تَرٰءَا الجَمعانِ قالَ أَصحٰبُ موسىٰ إِنّا لَمُدرَكونَ (آيت : 61) |
پوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جڏهن ٻنهي ٽولين هڪ ٻئي کي ڏٺو تڏهن حضرت موسيٰ جي ساٿين (ڊڄي) چيو ته، پڪ آهي ته اسان کي پڪڙي وٺندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جڏهن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي کي ڏٺو، موسيٰ جي جماعت چيو، بيشڪ (اهي) اسان کي اچي پهتا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته جڏهن ٻئي جماعتون (ايتريون ويجهو ٿيون جو) هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ته موسى جي سنگتين چيو هاڻي ته اسين پڪڙجي پياسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جڏهن ڏٺو هڪ ٻئي کي ٻنهي ٽولن ته چيو ساٿين موسى جي ته بيشڪ اسين البته پهتل آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي ڏٺو تڏهن موسيٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پهچي ويا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جڏهن ٻنهين جماعتن هڪ ٻئي کي سامهون ڏٺو ته موسى جي ساٿين چيو ته: ”بيشڪ اسان پڪ سان پڪڙجي پياسين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جڏهن ٻِن جوڙين، ڏٺو هِڪ ٻئي جو حال، مُوسٰى ساٿِيُن، موسٰى کي، چيو اِهڙي چال، ڀانيو ٿا بَحال، ته پُٺيان اسان کي پُهچڻا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن وقت ٻنهي ٽولن هڪ ٻئي کي ڏٺو، تڏهن موسيٰ جي سنگتين چيو ”هو اسان ڏي اچي رسيا!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن ٻنهي ٽولن هڪ ٻئي کي ڏٺو ته موسيٰ جي ساٿين وٺي دانهن ڪئي ته "اسان ته سوگها ٿي وياسون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن ٻئي ٽولا آمهون سامهون ٿيا، ته پڪارڻ لڳا موسيٰ جا ساٿي، اسان ته پڪڙجي پياسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن ٻنهي جماعتن هڪ ٻئي کي پئي ڏٺو ته موسى ($) جي ساٿين چيو ته: سائين! هاڻي ته اسان پڪڙ ۾ اچي وياسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ كَلّا إِنَّ مَعِىَ رَبّى سَيَهدينِ (آيت : 62) |
(موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت موسيٰ فرمايو ته، هرگز ڪونه پڪڙي سگهندا. بيشڪ منهنجو پروردگار مون سان (مددگار) آهي. اهوئي اجهو ٿو مون کي (حفاظت جي) واٽ ڏيکاري.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) موسيٰ چيو هرگز نه، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو رب آهي جيڪو جلد مون کي رستو ڏيکاريندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) موسى چين ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ڇو ته منهنجو پروردگار مون سان آهي، اهو يڪدم مون کي ضرور دڳ لائيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته هرگز نه بيشڪ موسان گڏ رب منهنجو آهي جلد رستو لائيندو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) موسيٰ چيو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. بيشڪ مون سان منهنجو پاليندڙ آهي اهو مون کي رستو ڏيکاريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (موسى) چيو: ”ائين هرگز نه ٿيندو، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو پالڻهار آهي سو سگھو ئي مون کي راهِ (نجات) ڏيکاريندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُوسٰى چيو ته، نه مُورهِين، مون سان سانيَمِ سُنهارو، سِگھو سَگھارو، سُونهون ٿِيند مِ سِير ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هر گز نه! منهنجو ڌڻي پڪ مون سان آهي، هو اجهو ٿو مون کي رستي لڳائي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) موسيٰ چين: "هرگز نه، مون سان منهنجو رب آهي، هو ضرور مون کي ڪا واٽ ڏسيندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) موسيٰ چيو، هرگز نه، بيشڪ مون سان گڏ منهنجو رب آهي، ضرور رهنما ٿيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) موسى ($) چيو ته: ٿي ئي نٿو سگهي! بيشڪ منھنجو پالڻھار مون سان گڏ آهي، هو منھنجي رهنمائي ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَوحَينا إِلىٰ موسىٰ أَنِ اضرِب بِعَصاكَ البَحرَ فَانفَلَقَ فَكانَ كُلُّ فِرقٍ كَالطَّودِ العَظيمِ (آيت : 63) |
پوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اسان موسيٰ کي وحي جي رستي حڪم ڪيو ته سمنڊ تي پنهنجي لٺ هڻ. (هن لٺ هنئي ته) سمنڊ ڇڄي (ٻه ڀاڱا ٿي) پيو، ۽ هرهڪ ڀاڱو هڪ وڏي جبل جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان موسيٰ ڏانهن وحي موڪلي ته تون پنهنجي عصا (لٺ مبارڪ کي) پاڻيءَ ۾ هَڻُ. پوءِ (فوراً) سمنڊ چيرجي پيو، پوءِ (پاڻيءَ جو) هر حصو هڪ وڏي جبل جهڙو ٿي پيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان موسى ڏي وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ دريا تي هڻ. (بس لٺ هڻڻ سان) اهو چيرجي پيو، پوءِ سڀ ڪو ڀاڱو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ وحي ڪيو اسان موسى ڏانهن هي ته هڻ لٺ پنهنجي پٿر کي پوءِ چيرجي پيو پوءِ هو هر هڪ حصو مثل جبل وڏي جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اسان موسيٰ ڏي هي حڪم موڪليو ته پنهنجي لٺ درياءَ تي هڻ. پوءِ اهو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان موسى ڏانهن وحي موڪلي ته: ”پنهنجي لٺ سمنڊ تي هڻ“. پوءِ (پاڻي) چيرچي پيو ان جو هر ڀاڱو زبردست جبل جهڙو ٿي پيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ موڪليوسون مُوسٰى ڏي، وَحِي اِنهِئَ وير، هڻ پَنهنجِي لَٺ پاڻي ۾، پوءِ ڦاٽو بنا ڦير، پوءِ ويڇو وِچ ڪنان، ڪَر وَڏو ڪو ڍِڳه ڍير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) انهي تي اسان موسيٰ کي حڪم موڪليو ته ”پنهنجي لٺ کي سمنڊ ۾ هَڻ“ ته چير جي پيو ۽ هر ڪو حصو وڏي جبل جهڙو ٿي پيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان موسيٰ کي وحيءَ وسيلي حڪم ڏنو ته "هڻ پنهنجي لٺ سمنڊ تي". پوءِ هڪدم سمنڊ ڦاٽي پيو، ۽ هرهڪ ڀاڱو هڪ وڏي جبل وانگر ٿي پيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ وحي ذريعي حڪم ڏنوسين موسيٰ کي ته، پنهنجي لٺ هڻ سمنڊ تي. ته اُمالڪ اهو (سمنڊ) ڦاٽي پيو، ۽ ان جو هر حصو جبل ٿي پيو عظيم الشان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان موسى ($) کي وحي ڪئي ته تون ”پنهنجي لٺ سمنڊ تي هڻ“ (لٺ هڻڻ سان ئي) سمنڊ ان وقت چيرجي ويو ۽ ان جو هڪ هڪ حصو جبل وانگر (ٻنهي طرفن) بيهجي ويو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَزلَفنا ثَمَّ الءاخَرينَ (آيت : 64) |
۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) اسان اڃا به وڌيڪ ويجهو آندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ فرعون وارن کي اسان ان جاءِ تي ويجھو آندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ٻين (فرعون ۽ سندس ساٿين) کي اتي ڪيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ويجهو ڪيو سون اتي ٻين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ٻين (فرعونين) کي اتي ويجهو ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ٻين (يعني فرعونين) کي به اتي ويجهو ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پُٺيان تن جي پير، اُتي ٻِئا به ڪياسون اوڏڙا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوين کي به اتي ويجهو ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ٻئي ٽولي کي به آڻي ان جاءِ جي ويجهو ڪيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آندوسين انهيءَ هنڌ تي ويجهو ٻئي ٽولي کي ڀي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان ٻي جماعت کي (يعني فرعون ۽ ان جي لشڪر کي موسى $۽ ان جي لشڪر جي) ويجهو آندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنجَينا موسىٰ وَمَن مَعَهُ أَجمَعينَ (آيت : 65) |
۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ حضرت موسيٰ کي ۽ سندس سڀني ساٿين کي ته (دشمن جي لشڪر توڙي سمنڊ کان) بچائي ورتوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان موسيٰ ۽ ساڻس گڏ جيڪي ماڻهو هئا انهن سڀني کي نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ موسى کي ۽ جيڪي ساڻس هئا تن سڀني کي بچايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏايو سون موسى کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا سڀني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ موسيٰ کي ۽ جيڪي ساڻس هئا تن سڀني کي بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان موسى کي نجات ڏني ۽ جيڪي به ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي (به).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُوسٰى ۽ ساٿِي اُن جا، ڪُل ڪياسون پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ موسيٰ ۽ سندس ساٿين سڀني کي بچايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ موسيٰ ۽ انهن سڀني کي جيڪي ساڻس گڏ هئا، اسان بچائي ورتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بچايوسين موسيٰ ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي ساڻس گڏ هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ موسى ($) ۽ ان سان گڏ سڀني ماڻهن کي بچايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَغرَقنَا الءاخَرينَ (آيت : 66) |
وري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر ٻين کي (يعني فرعون ۽ سندس ماڻهن کي) ٻوڙي ڇڏيوسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان ٻين (فرعون وارن) کي غرق ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ان کان) پوءِ ٻين کي ٻوڙيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان کان پوءِ ٻوڙيو سون ٻين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ان کان) پوءِ ٻين کي ٻوڙيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ٻين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) واري سڀ ويرين کي، ٻوڙياسون مَنجھ ٻار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري پوين کي ٻوڙي ڇڏيوسون_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ٻين کي غرق ڪري ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ٻين کي ٻوڙي ڇڏيوسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن ته ٻي ڌُر کي اسان غرق ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 67) |
بيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، (مڪي جي ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ) پر انهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ ان قصي ۾ وڏي نشاني آهي هوڏانهن تن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان (قصي) ۾ (وڏي) نشاني آهي هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نِيشانِي نِروار، ڪا پَڪ اِنهئَ ۾ پَڌرِيْ. ۽ گھڻا مُنجھيل اُنهن مَنجھان، هئا نه مَڃِيندڙ مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا ناهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن ماڻهن مان اڪثر مڃڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ نشاني آهي، پر انهن ماڻهن ۾ گهڻا ته مڃڻ وارا ئي ناهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ نشاني آهي پر ماڻهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ئي نه آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 68) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تنهنجو رب بيشڪ غالب ۽ مهربان آهي (يعني منڪر مغلوب ٿيندا ۽ مؤمنن تي الله تعاليٰ جي مهرباني ٿيندي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب ۽ وڏو رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ رب تنهنجو البته اهو غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب وڏي رحم وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تُنهنجو رَبُّ ضرور، سَٻر ۽ سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحم ڪندڙ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي ته رحم ڪندڙ به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتلُ عَلَيهِم نَبَأَ إِبرٰهيمَ (آيت : 69) |
۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي حضرت ابراهيم جو قصو به ٻڌاءِ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان انهن (قُريش وارن) کي (حضرت) ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پڙهه انهن تي ابراهيم جو قصو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَڙِهي ٻُڌاءِ اُنهن کي، اِبراهِيم جو اَحوال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين ابراهيم جي خبر پڙهي ٻڌاءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن کي ابراهيم جو قصو ٻڌاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ٻڌاءِ (اي نبي!) انهن کي قصو ابراهيم جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) انهن ماڻهن کي ابراهيم ($) جو واقعو ٻڌاءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لِأَبيهِ وَقَومِهِ ما تَعبُدونَ (آيت : 70) |
جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ وقت وارو حال ٻڌاءِ) جڏهن هن پنهنجي پيءُ کان ۽ پنهنجي قوم جي ماڻهن کان پڇيو ته، توهان ڪنهن جي ٻانهپ ۽ غلامي ٿا ڪيو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت ابراهيم پنهنجي چاچي ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته توهان ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن ان پنهنجي (پالڻ واري) پيءُ ۽ پنهنجي قوم کي چيو ته اوهين ماڻهو ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيائين پنهنجيءَ قوم ۽ پنهنجي پيءُ کي ته ڪنهن جي عبادت ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن ان پنهنجي پيءَ ۽ پنهنجيءَ قوم کي چيو ته ڪهڙيءَ شيءِ جي عبادت ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن ان پنهنجي پيءُ ۽ سندس قوم کي چيو ته : ”اوهان ڪهڙي شيءِ جي عبادت ڪيو ٿا؟“(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جَڏَهن پِئَسِ ۽ سَندسِ پَنٿ کي، چيائين اهڙي چال، ته اوهين ڪريو ڪِنهن جِي؟ پُوڄا اي پيمال!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندس پيءُ ۽ قوم کي چيائين ”ڪنهنجي بندگي ٿا ڪريو؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ قوم کان پڇيو هو ته "اهي ڇا آهن، جن کي توهان پوڄيو ٿا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن هن چيو پنهنجي پيءُ ۽ قوم کي ته اهي ڪهڙيون شيون آهن جن کي توهان پوڄيو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن هُن پنھنجي پيءُ ۽ قوم کي چيو ته: توهان هي ڪنھن جي عبادت ڪري رهيا آهيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا نَعبُدُ أَصنامًا فَنَظَلُّ لَها عٰكِفينَ (آيت : 71) |
چيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جواب ڏنو ته، اسان بتن جي پوڄا ۽ ٻانهپ ڪندا آهيون ۽ انهن وٽ (گهڻو وقت گوڏا ڀڃي) حاضريءَ ۾ رهندا ۽ ويهندا آهيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اسين بتن جي عبادت ڪريون ٿا، پوءِ اسين انهن جي عبادت لاءِ پاٿولي هڻي ويهون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هنن چيو، اسين بتن جي پوڄا ڪريون ٿا ۽ سدائين سندن مجاور آهيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته عبادت ڪيون ٿا بتن جي پوءِ هميشہ آهيون انهن جا مجاور .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اسين بتن جي عبادت ڪريون ٿا پوءِ هميشه انهن جي اڳيان ويٺا آهيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان بتن جي پوڄا ڪيون ٿا پوءِ اسان انهن جا (مجاور بنجي) ڄمي ويهڻ وارا آهيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڏِيون ڏَن، چالِيها، ٿانن مَٿي ٿالھ، پوءِ سَدا صديون سال، مَٿِن مُجاور آهيون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”بندگي ڪندا آهيون بتن جي، جن تي سارو ڏينهن ويٺا هوندا آهيون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن وراڻي ڏني: "ڪجهه بت آهن جن جي ٿا پوڄا ڪيون ۽ انهن جي سيوا ۾ لڳل رهندا آهيون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو اسين پوڄا ڪندا آهيون ڪجهه بتن جي ۽ انهن جي خدمت ۾ رهندا آهيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: اسان بتن جي پوڄا ڪريون ٿا ۽ انهن جي ئي خدمت ۾ لڳا پيا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هَل يَسمَعونَكُم إِذ تَدعونَ (آيت : 72) |
(ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) حضرت ابراهيم کانئن پڇيو ته، جڏهن توهان انهن بتن کي پڪاريو ٿا تڏهن اهي اوهان جو آواز ٻڌن ٿا ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو ڇا اهي ٻڌن ٿا جڏهن توهان (انهن کي) پڪاريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم چيو ڀلا جڏهن اوهين انهن کي سڏيو ته اهي اوهان جي ٻڌن به ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته ڇا ٻڌن ٿا اوهان کي جڏهن سڏيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ابراهيم چيو ته جڏهن انهن کي سڏيو ٿا ته ڇا اهي اوهان جي ٻڌن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”ڇا اهي اوهان جي ٻڌن ٿا؟ جڏهن اوهان (انهن کي) سڏيو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اَهنجِي ڪُوڪ ڪڏهن، ڪا سُڻنِ، جڏهن سَڏيونِ ٿا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”ڀلا جڏهن کين سڏيو ٿا، تڏهن هو ٻڌن ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن پڇين: "ڀلا توهان جي ٻڌن ٿا جڏهن توهان کين پڪاريو ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هن پڇيو، ڇا اهي توهان جي ڳالهه ٻڌندا آهن جڏهن توهين انهن کي سڏيو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراهيم $) چيو ته: جڏهن توهان انهن کي سڏيندا آهيو ته ڇا هي توهان جي سڏ کي ٻڌندا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَو يَنفَعونَكُم أَو يَضُرّونَ (آيت : 73) |
يا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يا اهي اوهان کي ڪو نفعو يا نقصان به پهچائين ٿا ڇا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) يا (اُهي) توهان کي نفعو ڏين ٿا يا نقصان ڏين ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) يا اوهان کي ڪو فائدو يا نقصان پهچائي سگهن ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) يا نفعو ڏين ٿا اوهان کي يا نقصان ڏين ٿا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يا اوهان کي فائدو پهچائين يا نقصان پهچائين ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) يا اوهان کي نفعو ڏين ٿا يا نقصان پهچائن ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا نفعو ڏِين اَوهان کي، يا وِجھن حَرج هَڏهن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) يا اوهان کي فائدو يا ڏک رسائين ٿا؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) يا توهان کي ڪو نفعو يا نقصان پهچائن ٿا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يا اهي توهان کي ڪو نفعو پهچائيندا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) يا هو توهان کي ڪو فائدو يا نقصان پھچائيندا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا بَل وَجَدنا ءاباءَنا كَذٰلِكَ يَفعَلونَ (آيت : 74) |
چيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن ورندي ڏني (ته، نه!) پر اسان پنهنجي وڏن کي ائين ڪندي (يعني بتن جي پوڄا ڪندي) پئي ڏٺو آهي (سو اسان به ائين ٿا ڪيون ۽ ڪندا رهنداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو بلڪ اسان پنهنجي وڏن کي ايئن ڪندي ڏٺو (پوءِ اسان انهن جي تابعداري ڪئي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) چوڻ لڳا (اها ڳالھ ته نه آهي) پر اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ئي ڪندي ڏٺو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون بلڪه لڌو اسان ابن ڏاڏن پنهنجن کي ائين ڪن پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته نه پر اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”بلڪه اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، اُٽلو ڏِٺاسون جڏهن، اَبا اسان جا اِيئن ڪَندي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”بلڪ اسان ته پنهنجن وڏن کي ائين ڪندي ڏٺو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هنن جواب ڏنو: "نه، اصل ۾ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، نه، (پر) اسان ڏٺو آهي پنهنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته: (ايئن ته نه آهي) باقي پنھنجي ابن ۽ ڏاڏن کي اسان ايئن ڪندي ڏٺو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ أَفَرَءَيتُم ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 75) |
(ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت ابراهيم وري پڇيو ته، پوءِ توهان ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو ڇا ته جن جي پوڄا اوهان ڪري رهيا آهيو (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ابراهيم چيو ڇا توهان غور ڪيو آهي، ته توهان ڪنهن جي عبادت ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ابراهيم ڇين ته ڇا اوهان انهن کي ڏٺو آهي جن جي عبادت پيا ڪريو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ڇا پوءِ ڏٺو اوهان انهن کي جن جي عبادت ڪيو پيا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائين ته ڇا اوهان انهن کي ڏٺو آهي؟ جن جي عبادت پيا ڪريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (ابراهيم) چيو: ”ڇا اوهان انهن (جي حقيقت کي غور سان) ڏٺو آهي جن جي اوهان پوڄا ڪندا رهيا آهيو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڀورا! ڪِيئن ٿا ڀانيو، جن کي پُوڄيو پاڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”تن کي ڏسو ٿا نه؟ جن جي بندگي ڪريو ٿا،“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهن تي ابراهيم چين: "ڪڏهن توهان (اکيون کولي) انهن شين کي ڏٺو به آهي، جن جي بندگي توهان ڪندا آيا آهيو(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ابراهيم چيو، ڪڏهن توهان (اکيون کولي) انهن کي ڏٺو آهي جن جي توهان بندگي ڪريو ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ابراهيم ($) چيو ته: ڇا توهان ڪڏهن غور ڪري ڏٺو آهي ته: هي توهان ڪنھن جي پوڄا ڪري رهيا آهيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَنتُم وَءاباؤُكُمُ الأَقدَمونَ (آيت : 76) |
اوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اوهان جا اڳوڻا ابا ڏاڏا ڪندا رهيا هئا سي ڪهڙي شيء آهن؟ (۽ انهن جي پوڄا مان حاصل ڇا ٿيندو؟).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) توهان ۽ توهان جا پهريان پيءُ ڏاڏا!(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين ۽ اوهان جا اڳيان ابا ڏاڏا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اوهان ۽ ابا ڏاڏا اوهان جا اڳيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهين ۽ اوهان جا اڳيان ابا ڏاڏا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اوهان ۽ اوهان جا گذريل ابا ۽ ڏاڏا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) يا پِيءَ اوهان جا پِهريان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اوهين خواهه اوهان جا اڳيان وڏا “ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جا اڳ ٿي گذريل ابا ڏاڏا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان ۽ توهان جا اڳيان ابا ڏاڏا ائين ڪندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان ۽ توهان جا گذريل ابا ڏاڏا ڪهڙين شين جي پوڄا ۾ لڳل آهيو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِنَّهُم عَدُوٌّ لى إِلّا رَبَّ العٰلَمينَ (آيت : 77) |
بيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مان ته پنهنجي تجربي، عقل ۽ خدائي هدايت جي وسيلي چٽو ڏسي سگهان ٿو ته) اهي سڀ (جن جي پوڄا ٿي رهي آهي سي) منهنجا دشمن آهن (بلڪ سڀني ماڻهن جا دشمن آهن، ڇو ته انهن جي ڪري سڀ تباهه ٿا ٿين) فقط سڄي جهان جو پروردگار ئي (منهنجو ۽ ٻين سڀني جو دشمن ناهي، بلڪ اسان جو ڀلو چاهيندڙ ۽ نعمتون ڪندڙ آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ بيشڪ اهي (بت) منهنجا دشمن آهن، پر رب العالمين (اهو مون تي دنيا ۽ آخرت ۾ مهربان آهي)(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ بيشڪ اهي منهنجا دشمن آهن ساري جهان جي پاليندڙ کان سواءِ، (اهو ئي منهنجو دوست آهي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ بيشڪ اهي دشمن آهن منهنجا مگر جهانن جو پالڻهار .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ بيشڪ اهي منهنجا دشمن آهن سڀني قومن جي پاليندڙ کانسواءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ بيشڪ اُهي (بت) منهنجا دشمن آهن (ڪو عبادت جي لائق ناهي) سواءِ جهانن جي پالڻهار جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهيو عدو مون ڪاڻ، سوا ربَّ سُڄاڻ، جو پالڻهار پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”ته اهي بيشڪ منهنجي لاءِ دشمن آهن، سواءِ جهانن جي ڌڻيءَ جي“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجا ته اهي سڀئي دشمن آهن، سواءِ هڪڙي رب العالمين جي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ته منهنجا سڀ دشمن آهن هڪ رب العالمين کان سواءِ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (بھرحال مان توهان کي دل جي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان ٿو ته) رب العالمين کان سواءِ باقي سڀ منھنجا دشمن آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى خَلَقَنى فَهُوَ يَهدينِ (آيت : 78) |
جنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهوپروردگار ئي منهنجي سڄڻ آهي) جنهن مون کي خلقيو ۽ اهوئي آهي جو مون کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهو رب آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اهو ئي مون کي هدايت ڏئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن مون کي پيدا ڪيو ۽ اهو ئي منهنجي هدايت ڪري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جنهن پيدا ڪيو مون کي پوءِ اهوئي هدايت ڪندو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اهوئي مون کي رستو ڏيکاري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جنهن مون کي پيدا ڪيو پوءِ اُهو ئي مون کي هدايت ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جِنهن مون کي جوڙيو، پوءِ ڏِيندم ڏَس ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن مون کي خلقيو، پوءِ اهو ئي مون کي سنئين واٽ ڏيکاري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن مونکي پيدا ڪيو آهي ۽ پوءِ اهوئي مونکي رستو ڏيکاري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن پيدا ڪيو مون کي، پوءِ اهو ئي منهنجي رهنمائي ڪندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇو ته ان پالڻھار مون کي پيدا ڪري سڌو رستو به ڏيکاريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى هُوَ يُطعِمُنى وَيَسقينِ (آيت : 79) |
۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جو مون کي کارائي ٿو ۽ پيئاري ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهو رب مون کي کارائي ۽ پياري ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ مون کي (پاڻي) پياري ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو جيڪو کارائي ٿو مون کي ۽ پياري ٿو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ مون کي پياري ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو ئي آهي جيڪو مون کي کارائي ٿو ۽ پياري ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ کارائـٖيمِ ۽ پيارٖيمِ جو، سارِي سَڀ ڄمار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ئي اهو آهي، جو مون کي کارائي پياري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهوئي مونکي کارائي پيئاري ٿو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي مون کي کارائيندو ۽ پياريندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ئي مون کي کارائي ۽ پياري ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا مَرِضتُ فَهُوَ يَشفينِ (آيت : 80) |
۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جو جڏهن مان بيمار ٿو ٿيان تڏهن مون کي شفا ڏئي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جڏهن آئون بيمار ٿيان ٿو پوءِ اهوئي مون کي شفا ڏئي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن بيمار ٿيان ٿو ته اهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن بيمار ٿيندو آهيان مان ته پوءِ اهوئي شفا ڏئي ٿو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن بيمار ٿيان ٿو ته اهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن آءٌ بيمار ٿيان ٿو ته پوءِ اُهو مون کي تندرستي ڏئي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جي ڏُ که رَسٖيمِ ڏِيل ۾، ته صِحت ڏٖيمِ سَتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن بيمار ٿيندو آهيان، ته اهو ئي مون کي چڱو ڀلو ڪري ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وري جڏهن بيمار ٿي پوان ٿو ته اهوئي ٿو مونکي شفا ڏئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن آئون بيمار ٿيندو آهيان ته اهو ئي مون کي شفا ڏيندو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن مان بيمار ٿي پوندو آهيان ته اهو ئي مون کي تندرست ڪندو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى يُميتُنى ثُمَّ يُحيينِ (آيت : 81) |
۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جو مون کي ماريندو ۽ وري جيئاريندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهوئي مون کي موت ڏيندو ان کان پوءِ مون کي زنده ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪو مون کي ماريندو ۽ (مرڻ کان پوءِ) وري جياريندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو جيڪو ماريندو مون کي پوءِ زندهه ڪندو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪو مون کي ماريندو وري مون کي جياريندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اُهو مون کي موت ڏيندو وري (دوباره) مون کي زنده ڪندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جو مارِيندمِ مَهل تي، وَرِي جِيارٖيمِ جَبَّار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو ئي مون کي ماريندو، وري جيئاريندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو مونکي ماريندو ۽ وري جيئاريندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو ئي مون کي موت ڏيندو، پوءِ مون کي ٻيهر زندگي ڏيندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو ئي مون کي ماريندو ۽ پوءِ وري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالَّذى أَطمَعُ أَن يَغفِرَ لى خَطيـَٔتى يَومَ الدّينِ (آيت : 82) |
۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ۾ منهنجي اميد آهي ته هو جزا ۽ سزا جي ڏينهن منهنجون خطائون بخشيندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون کي اميد آهي ته قيامت جي ڏينهن اهو ئي منهنجي لغزش معاف ڪندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ۾ اميد اٿم ته قيامت جي ڏينهن منهنجا گناھ معاف ڪندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ اهو جو اميد رکان ٿو ته بخشيندو مون کي منهنجون خطائون قيامت جي ڏينهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ۾ اُميد اٿم ته اهو انصاف واري ڏينهن منهنجا گناهه مون کي معاف ڪندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان ۾ ئي اميدوار آهيان جو انصاف واري ڏينهن منهنجي لغزش معاف ڪندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون جنهن اَلله ۾، آهيان اُميدوار، ته بَخشٖيم بَديون بار، مَهندا مَحشر ڏِينهن ۾.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مون کي آسرو آهي ته هو ئي قيامت ڏينهن منهنجيون خطائون بخشيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جنهن ۾ مونکي اميد آهي ته حساب ڪتاب جي ڏينهن منهنجون خطائون معاف ڪندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جنهن کان مان اميد رکان ٿو ته معاف ڪندو منهنجي خطا کي قيامت جي ڏينهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ اهو ئي آهي جنهن ۾ مون کي وڏو آسرو آهي ته قيامت واري ڏينھن منھنجي خطائن کي معاف ڪندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ هَب لى حُكمًا وَأَلحِقنى بِالصّٰلِحينَ (آيت : 83) |
اي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مٿين الفاظن چوڻ بعد حضرت ابراهيم دعا گهري ٿو ته) اي منهنجا رب! مون کي علم ۽ عقل عطا ڪر ۽ مون کي صالح (نيڪ) ماڻهن ۾ شامل ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي رب منهنجا مون کي علم ۽ فهم عطا ڪر ۽ مون کي صالحين سان ملاءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) منهنجا رب! مون کي علم ۽ فهم عطا فرمائي ۽ مون کي نيڪن سان شامل ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا پالڻهار! ڏي تون مون کي حڪم ۽ شامل ڪر مون کي صالحن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ! مون کي حڪمت عطا ڪر ۽ مون کي نيڪن سان ملاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (پوءِ دعا گھريائين) ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي حڪم عطا ڪر ۽ مون کي نيڪوڪارن سان ملاءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مُون کي عِلم عطا ڪرِين، سانيمِ رَبّ، ستار! ۽ ڀيڙو نيڪ بَندن سان، ڪرين مَنجھ قطار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا ڌڻي! تون مون کي دانائي بخش، مون کي نيڪن ۾ شامل ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ان کانپوءِ ابراهيم دعا گهري ته) "اي منهنجا رب! مونکي فيصلي ڪرڻ جي قابليت عطا ڪر ۽ مونکي صالحن سان ملاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ان بعد ابراهيم دعا ڪئي) اي منهنجا پالڻهار! مون کي حڪم عطا ڪر ۽ شامل ڪر صالحن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ابراهيم $ دعا گهرندي فرمايو ته:) اي منھنجا پالڻھار! تون مون کي دانائي عطا ڪر ۽ مون کي نيڪ ماڻهن ۾ شامل ڪجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاجعَل لى لِسانَ صِدقٍ فِى الءاخِرينَ (آيت : 84) |
۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کان پوءِ جيڪي پيڙهيون پيدا ٿيڻيون آهن تن ۾ منهنجو سچو ۽ چڱو ذڪر جاري رک (ته انهن لاءِ منهنجي تاريخ چڱو مثال ٿئي ۽ هو به چڱا عمل ڪن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ منهنجي تعريف ايندڙ نسلن ۾ جاري ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آئينده اچڻ واري نسلن ۾ منهنجو ذڪر خير قائم رک.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڪر تون مون لاءِ سچ واري زبان پوءِ اچڻ وارن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پوين ۾ منهنجي چٽي يادگيري (جاري) ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجي لاءِ پوءِ اچڻ وارن ماڻهن ۾ منهنجو ذڪرِ خير ۽ قبوليت جاري رک.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏِينمِ زبان سچ جِي، پويَنِ منجھ پَچار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوين ۾ مون لاءِ چڱي يادگيري بناءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ بعد ۾ اچڻ وارن ۾ مونکي چڱو نالو ناموس عطا ڪجانءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ مون کي عطا ڪر سچي مشهوري (مون کان) پوءِ اچڻ وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايندڙ نسلن ۾ مون کي سچي شھرت عطا ڪجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاجعَلنى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ النَّعيمِ (آيت : 85) |
۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي نعمتن سان ڀريل جنت جو وارث ڪر.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ مون کي جنت النعيم جي وارثن مان بناءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ مون کي به نعمت واري باغ (بهشت) جي وارثن مان بڻائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بناءِ مون کي جنت نعيم جي وارثن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مون کي نعمت واري باغ جي وارثن مان ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مون کي نعمتن واري جنت جي وارثن مان بناءِ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪرِينمِ ڪَرم سان، تن مان، جي جنت جا حقدار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) مون کي نعمت واري بهشت جو وارث بناءِ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مونکي جنت جي وارثن ۾ شامل ڪجانءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بناءِ مون کي نعمتن واري باغ جي وارثن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مون کي نعمتن واري باغ جي وارثن مان ڪجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاغفِر لِأَبى إِنَّهُ كانَ مِنَ الضّالّينَ (آيت : 86) |
۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ منهنجي پيءُ کي به بخش، هو بيشڪ گمراهه ماڻهن ۾ شامل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون منهنجي چاچي کي بخش ڪر بيشڪ اهو گمراهن مان آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ منهنجي چاچي (آذر) کي بخش جو، هو گمراهن مان آهي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بخش ڪر منهنجي پيءَ کي بلاشڪ اهو هيو گمراهن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ منهنجي پيءُ کي معاف ڪر، بيشڪ اهو گمراهن مان آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ منهنجي پيءُ جي بخشش فرماءِ بلاشڪ اُهو گمراهن مان هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بابَمِ کي بَخشيِين، جو ڀُليل بَرقرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بابي کي بخش ڪر، جو هو گمراهه آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ منهنجي پيءُ کي به معاف ڪجانءِ ، بيشڪ اهو ته گمراهن منجهان آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ معاف ڪر منهنجي پيءُ کي، بيشڪ (اهو) گمراهه ماڻهن مان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) منھنجي پيءُ کي به معاف ڪجانءِ. بيشڪ هو گمراهه ماڻهن مان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُخزِنى يَومَ يُبعَثونَ (آيت : 87) |
۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي انهيءَ ڏينهن خوار ۽ شرمسار نه ڪجانءِ، جنهن ڏينهن ماڻهو وري جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قيامت جي ڏينهن تون مون تي عذاب نه ڪر(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جنهن ڏينهن ماڻهو قبرن مان اٿاريا ويندا مون کي خوار نه ڪج.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه خوار ڪر مون کي ان ڏينهن جو اٿاريا ويندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جنهن ڏينهن سڀني کي جيئرو ڪري اٿاريو ويندو تنهن ڏينهن مون کي خوار نه ڪر! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ مون کي شرمسار نه ڪجانءِ جنهن ڏينهن ماڻهو جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ خالِق! ڪِجٖينمِ نه خُوار، جنهن مَهل مُئا اُٿارِبا.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مون کي ان ڏينهن شرمسار نه ڪج، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿيندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مونکي انهيءَ ڏينهن خوار نه ڪجانءِ ، جڏهن سڀ ماڻهو وري جيئرا ڪري اٿاريا ويندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه ڪجانءِ مون کي ان ڏينهن خوار، جڏهن سڀ ماڻهو اٿاريا ويندا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن سمورن ماڻهن کي وري ٻيھر جيئرو ڪري اٿاريندين ته ان ڏينھن مون کي رسوا ٿيڻ کان بچائجانءِ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يَومَ لا يَنفَعُ مالٌ وَلا بَنونَ (آيت : 88) |
جنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنهن ڏينهن نڪي مال ملڪيت ڪم ايندي، نڪي پٽ ڪم ايندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان ڏينهن نه دولت ڪم ايندي ۽ نه پُٽَ ڪم ايندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن ڏينهن نه مال ئي ڪجھ ڪم ايندو ۽ نه ٻار ٻچا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ان ڏينهن نه نفعو ڏيندو مال ۽ نه پٽ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جنهن ڏينهن نه ڪي مال (ڪنهن کي) فائدو پهچائيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان ڏينهن نه مال نفعو ڏيندو ۽ نه پُٽ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) وِيا ۽ نَه وَٿون ڏِين، ڪو وَٽابو جنهن وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن ڏينهن نڪي مال مان فائدو نڪو پٽن مان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن ڏينهن نڪي مال ڪو نفعو ڏيندو ۽ نه وري اولاد (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جنهن ڏينهن ڪوبه فائدو نه ڏيندو مال ۽ نه اولاد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ڇو جو) ان ڏينھن نه مال ڪم ايندو ۽ نه اولاد ڪم ايندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا مَن أَتَى اللَّهَ بِقَلبٍ سَليمٍ (آيت : 89) |
پر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر جيڪو ماڻهو سليم (۽ پاڪ) دل کڻي الله وٽ ايندو (سو بيشڪ قيامت جي ڏينهن فلاح پائيندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جيڪو ماڻهو الله تعالى وٽ (ڪفر ۽ منافقيءَ کان) سالم دل آڻيندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر جو شخص خدا جي بارگاھ ۾ گناهن کان پاڪ دل سان حاضر ٿيندو. (سو ئي فائدي ۾ رهندو)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جيڪو آيو الله وٽ دل سلامتيءَ واريءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نڪي اولاد، سواءِ ان جي جيڪو الله وٽ سالم دل سان ايندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ ان ماڻهو جي جيڪو الله جي حضور ۾ سالم دل کڻي آيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مگر اَلله وَٽ آئيو، جو قلب ساڻ قرار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) فقط (ان کي فائدو ٿيندو) جو الله وٽ سٺي دل آڻيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي ان جي ڳالهه ٻي آهي، جيڪو صحيح سالم دل آڻي الله وٽ حاضر ٿئي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ ان جي ته جيڪو شخص الله جي حضور ۾ سالم دل سان حاضر ٿئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان ڏينھن الله تعالى وٽ (گناهن کان پاڪ) مطمئن دل آڻيندڙ کي فائدو ٿيندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأُزلِفَتِ الجَنَّةُ لِلمُتَّقينَ (آيت : 90) |
۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جنت پاڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن لاءِ ويجهي آندي ويندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پرهيزگارن لاءِ جنت ويجھي ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ بهشت پرهيزگارن جي ويجهو ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ويجهي ڪئي ويندي جنت پرهيزگارن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پرهيزگارن لاءِ جنت کي ويجهو ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جنت پرهيزگارن جي قريب ڪئي ويندي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِهشت بِهاريو وِيو، نيڙي نيڪن هارِ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بهشت نيڪن کي ويجهو ڪبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (انهيءَ ڏينهن) جنت پرهيزگارن جي ويجهو ڪئي ويندي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (ان ڏينهن) ويجهو ڪيو ويندو بهشت پرهيزگارن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ان ڏينهن) جنت کي پرهيزگارن جي ويجهو ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَبُرِّزَتِ الجَحيمُ لِلغاوينَ (آيت : 91) |
۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ گمراهن جي لاءِ دوزخ ظاهر ڪري (کين) ڏيکاريو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪافرن لاءِ جهنم ظاهر ڪئي ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ دوزخ گمراهن جي ويجهو ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ظاهر ڪيو ويندو دوزخ گمراهن جي لاءِ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ گمراهن لاءِ دوزخ کي ظاهر ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ گمراهن اڳيان جهنم ظاهر ڪيو ويندو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُليَن خاطِر باھ کي، آندو وِيو اِظهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ دوزخ به گمراهن لاءِ ظاهر ڪبو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ دوزخ ڀٽڪيل ماڻهن جي سامهون کولي نروار ڪيو ويندو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ دوزخ کي گمراهن جي آڏو پڌرو ڪيو ويندو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جھنم کي گمراهه ماڻهن جي سامهون ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَقيلَ لَهُم أَينَ ما كُنتُم تَعبُدونَ (آيت : 92) |
۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن (گمراهه ماڻهن) کي چيو ويندو ته، ڪٿي آهن اهي (ديوتائون) جن کي اوهان پوڄيندا هئو؟ (يعني هاڻي توهان سمجهي ٿا سگهو ته اهي ڪجهه به نه آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ انهن کي چيو ويندو ته ڇا توهان الله تعالى کان سواءِ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ انهن (دوزخين) کان پڇيو ويندو ته خدا کي ڇڏي جن جي اوهان پوڄا ڪندا هئا (اڄ) اهي ڪٿي آهن؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ چيو ويندو انهن کي ته ڪٿي آهن اهي جن جي عبادت ڪندا هيئو اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ انهن کي چيو ويندو ته اهي ڪٿي آهن جن جي اوهين عبادت ڪندا هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ انهن کي چيو ويندو: ”ڪٿي آهن اُهي (بت) جن کي اوهان پوڄيندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چَئـبُنِ ته آهِن اُهي ڪٿي؟، جَن پوڄيان(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ کين چئبو ”جن جي بندگي ٿي ڪيوَ سي ڪٿي آهن؟“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کانئن پڇيو ويندو ته "هاڻي ڪٿي آهن اهي، جن جي توهان الله کي ڇڏي پوڄا ڪندا هيؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کانئن پڇيو ويندو، ڪٿي آهن اهي جن جي توهان عبادت ڪندا هئا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ کين چيو ويندو ته ڪٿي آهن اُهي جن جي توهان پوڄا ڪندا هئا؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
مِن دونِ اللَّهِ هَل يَنصُرونَكُم أَو يَنتَصِرونَ (آيت : 93) |
الله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا کي ڇڏي (جن ديوتائن کي اوهان پوڄيندا هئو سي ٻڌايو ته) توهان جي ڪا مدد به ڪري ٿا سگهن يا رڳو سندن به ڪا مدد ڪري ٿا سگهن؟ (بلڪل نه).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جن بتن جي عبادت ڪندا هئا، اهي توهان جي مدد ڪندا يا اهي پنهنجي پاڻ مدد ڪري سگھندا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اهي اوهان جي ڪجھ مدد ڪري سگهن ٿا يا اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) الله کان سواءِ ڪي مدد ڪن ٿا اوهان جي يا بدلو وٺن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) الله کانسواءِ. ڇا اهي اوهان جي مدد ڪن ٿا يا بدلو وٺن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) الله کي ڇڏي ڇا اُهي اوهان جي مدد ڪن ٿا يا خود پاڻ کي بچائي سگھن ٿا“؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌڻيا ڌار، ڪالَهنِيان سارسنڀار، يا سَگھنِ سَنڀاليو پاڻ کي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”الله کان سواءِ ڏين ٿا اوهان کي ڪا مدد؟ يا بدلو وٺي سگهن ٿا؟“(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا اهي توهان جي ڪا مدد ڪن پيا يا ڀلا پنهنجو ئي ڪو بچاءُ ڪري سگهن ٿا؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) الله کي ڇڏي، ڇا اهي توهان جي مدد ڪري رهيا آهن يا پنهنجو بچاءُ ڪري سگهن ٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کي ڇڏي (توهان) جن کي معبود مڃيندا هئا، ڇا هو توهان جي ڪا مدد ڪري سگهن ٿا؟ يا هو (خود) بدلو وٺي سگهن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكُبكِبوا فيها هُم وَالغاوۥنَ (آيت : 94) |
پوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ اهي ۽ سڀ گمراهه ماڻهو منهن ڀر ان دوزخ ۾ اڇلايا ويندا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهي بت ۽ سندس پوڄيندڙ ۽ ابليس جو سمورو لشڪر،(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اهي (سندن معبود) ۽ گمراھ ماڻهو، اونڌي منهن دوزخ ۾ اڇلايا ويندا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ اڇلايا ويندا ان ۾ اهي ۽ گمراهه ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي ۽ گمراهن کي ان ۾ اونڌو ڪري اڇلايو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهي (بت) ۽ گمراهه ماڻهو اونڌا ڪري ان (دوزخ) ۾ اڇلايا ويندا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن اُهي سَٽياوِيا اُن ۾، اُونڌي ڪَنڌ ڪُلال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهي خواهه کين گمراهه ڪندڙ ، ان منجهه اونڌا ڪري اڇلائبا(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهي معبود ۽ اهي ڀٽڪيل ماڻهومنجهس هڪ ٻئي جي مٿان اونڌا اڇلايا ويندا(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي اونڌا ڪيل هوندا ان ۾ سڀ گمراهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن معبودن ۽ گمراهه ماڻهن کي (جھنم) ۾ اونڌي منھن اڇلايو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجُنودُ إِبليسَ أَجمَعونَ (آيت : 95) |
۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ابليس جا لشڪر سڀ جو سڀ (پڻ ان باهه ۾ اڇلايا ويندا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اونڌا ڪري جهنم ۾ ڪيرايا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ شيطان جو لشڪر (مطلب ته سڀئي)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ لشڪر شيطان جا هڙئي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ابليس جي سڀني لشڪرن کي به (ان ۾ اڇلايو ويندو). (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ابليس جا سڀئي لشڪر به . (جهنم ۾ اڇلايا ويندا).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سارو لشڪر شيطان جو، ۽ پاپِي سڀ پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ابليس جا لشڪر سڀيئي)به)(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ابليس جا لشڪر سڀئي(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ لشڪر ابليس جا، ڌڪيا ويندا سڀ ان ۾ هڪ ٻئي مٿان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ابليس جا سمورا لشڪر (به ان ۾ اڇلايا ويندا) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا وَهُم فيها يَختَصِمونَ (آيت : 96) |
۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (گمراهه ماڻهو) پاڻ ۾ جهڳڙا ۽ بحث ڪندا ۽ چوندا ته،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اهي جهنم ۾ پاڻ ۾ وڙهي چوندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهي ان ۾ هڪ ٻئي سانجهڳڙو ڪندي چوندا ته،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) سڀئي چوندا حالانڪ اهي ان ۾ جهيڙو ڪندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي ان ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندي چوندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي (گمراهه ماڻهو) ان (جهنم) ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪندي (معبودن کي) چوندا:(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ منجھسِ ڪن پيا پاڻ ۾، جڏهن جِنگ جدال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي منجهس پاڻ جهڳڙندي پيا چوندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اتي اهي سڀ پاڻ ۾ جهيڙو مچائيندا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اتي اهي پاڻ ۾ چوندا جهيڙو ڪندي گمراهه(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو اُن جھنم ۾ (ويهي) هڪ ٻئي سان وڙهندي چوندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَاللَّهِ إِن كُنّا لَفى ضَلٰلٍ مُبينٍ (آيت : 97) |
ته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) قسم آهي خدا جو ته اسان چٽي چٽي گمراهي ۾ هئاسين. (انهيءَ وقت).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) قسم آهي الله تعالى جو بيشڪ اسين صاف گمراهي ۾ هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) خدا جو قسم ته بيشڪ اسين پڌري گمراهيءَ ۾ هئاسون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) قسم آهي الله جو ته بيشڪ هئاسون البته کلي گمراهيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ته الله جو قسم بيشڪ اسين پڌريءَ گمراهيءَ ۾ هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ”الله جو قسم بيشڪ اسان پڌري گمراهي ۾ هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هُئاسون قَسم ڪرِيم جو، وَڏِي ڀُل ۾ بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) الله جو قسم! اسين ته پڪ سان صفا گمراهيءَ ۾ هئاسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ڀٽڪيل ماڻهو (پنهنجن معبودن کي) چوندا ته "الله جو قسم! اسان ته پڌري گمراهيءَ ۾ پيل هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) خدا جو قسم، اسين ته بلڪل پڌري گمراهيءَ ۾ مبتلا هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى جو قسم! بيشڪ اسان ته وڏي گمراهيءَ ۾ پيل هئاسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ نُسَوّيكُم بِرَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 98) |
جڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جڏهن اسان اوهان (ڪوڙن ديوتائن) کي سڄي جهان جي رب جي برابر سمجهندا هئاسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت اسين توهان (بتن) کي رب العالمين جي برابر سمجھندا هئاسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن اسان اوهان (بتن) کي پروردگار عالم سان برابر ٿي ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن برابر ڪيون پيا اوهان کي جهانن جي رب سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن اسان اوهان کي جهان جي پاليندڙ سان برابر ٿي ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن اسان اوهان کي جهانن جي پالڻهار جي برابر قرار ٿي ڏنو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪريو نِيون پِياڪَمن ۾، جڏهن جوڙيوال، سچي صاحب نال، جو پالڻهار پِر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن اوهان کي جهانن جي ڌڻيءَ سان برابر ٿي ڪيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن وقت توهان کي پئي رب العالمين جو مــَـٽ بڻايوسون(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن ته توهان کي برابريءَ جو درجو پئي ڏنوسين رب العالمين جو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جو توهان کي پالڻھار جي برابر جو درجو ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَضَلَّنا إِلَّا المُجرِمونَ (آيت : 99) |
۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان کي گمراهه ڪيو ته انهن ئي ڏوهارين ڪيو (جيڪي ٺڳيءَ سان اسان کي مطيع ڪري پنهنجا فائدا ڪڍندا هئا. جو اسان کي چوندا هئا ته اسان توهان جي شفاعت ڪنداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان کي ته گنهگارن گمراه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان کي ڏوهارين کان سواءِ ٻئي ڪنهن گمراھ نه ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه گمراهه ڪيو اسان کي مگر مجرمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کي ڏوهارين کانسواءِ ٻئي ڪنهن گمراهه نه ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کي نه گمراهه ڪيو سواءِ ڏوهاري ماڻهن جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ري ڏُوهاريَن ڏيھ ۾، نه مُنجھايوسون مُور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کي رڳو ڏوهارين ٿي گمراهه ڪيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسانکي انهن ماڻهن ئي گمراهه ڪيو هو، جيڪي ڏوهاري هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جن اسان کي گمراهي ۾ وڌو اهي ڏوهاري ئي هئا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سو (هنن) ڏوهارين ئي اسان کي گمراهه ڪري وڌو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَما لَنا مِن شٰفِعينَ (آيت : 100) |
پوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (پر) پوءِ هاڻي ته اسان لاءِ ڪوبه سفارش ڪرڻ وارو ڪونهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ (هاڻي) اسان جو ڪوبه سفارشي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪندڙ آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ناهن اسان جي لاءِ ڪي شفاعت ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪندڙ آهن (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ نه اسان جا ڪي سفارش ڪرڻ وارا آهن(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪونهي اَسان جو ڪارڻِي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي نڪو اسان جو ڪو پارت ڪرڻ وارو آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي نه اسان جو ڪو سفارش ڪندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هاڻي ته اسان جو ڪوبه سفارشي نه آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هاڻي ته) هتي اسان جو ڪير به سفارش ڪرڻ وارو نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا صَديقٍ حَميمٍ (آيت : 101) |
۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ نڪو ڪو (اسان لاءِ) سچو دوست ئي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ڪوبه سچو دوست ناهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه ڪو محبت ڪرڻ وارو دوست ئي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ڪو دوست گهاٽو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه ڪو محبت ڪرڻ وارو دوست آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه محبت ڪرڻ وارا دوست آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه دوست دِ لِي اَهڳور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ نڪو غم ٽار دوست! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ نه وري ڪو سچو دوست (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه وري ڪو غم ٽار دوست آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي ڪو غم هلڪو ڪندڙ پڳ مَٽ يار آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلَو أَنَّ لَنا كَرَّةً فَنَكونَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 102) |
پوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ هاڻي جيڪڏهن هيئن ممڪن هجي جو اسان وري دنيا ۾ وڃي سگهون ته اسان جيڪر يقيناً ايمان آڻيون (اهو پڇتاءُ هاڻي ڪم نه ايندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن تحقيق اسان جو موٽڻ ٿيو پوءِ اسين مؤمنن مان ٿينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هائي (افسوس) جو ڪنهن طرح اسان کي ٻيو ڀيرو موٽي وڃڻ جو موقعو ملي ته اسين (ضرور) ايمان وارن مان ٿيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن تحقيق اسان جي لاءِ هجي ها واپس موٽڻ پوءِ ٿي پئون ها مؤمنن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڪنهن طرح اسان کي موٽي وڃڻ ملي ته اسين ايمان وارن مان ٿيون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ هائو جي اسان جو (دنيا ۾) موٽي وڃڻ ٿئي ته اسان ايمان وارن مان ٿيون“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جيڪر اسان لئي، جھان ڏي، موٽڻ ٿئي مَنظور، ته هُجون هُوند ضرور!، مَڃِيندڙن مان مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي جي اسان کي وري هڪ وجهه ملي، ته جيڪر اسين مؤمن بنجون.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسانکي هڪ ڀيرو وري موٽي وڃڻ جو موقعو ملي ته مؤمن بنجي وڃون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪر اسان کي وري هڪ ڀيرو موٽڻ جو موقعو ملي ته اسان مؤمن ٿي وڃون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! اسان کي وري هڪ ڀيرو (ٻيهر) واپس دنيا ۾ وڃڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته پوءِ اسين ايمان آڻيندڙن مان ٿينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 103) |
بيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، پر (تنهن هوندي به مڪي جي ماڻهن مان) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر (ماڻهو) مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ابراهيم جي) هن قصي ۾ به سچ ته هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا هئا به ڪين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان (قصي) ۾ (وڏي) نشاني آهي، هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي اِنهئَ ڳالھ ۾، ڪا لِکيل خُوب خَبر، ۽ اَڪثر نه آهن، اُنهن منجھان، مُؤمن مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي، پر منجهانئن گهڻا ايمان نٿا آڻين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان آڻڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ ان ۾ به هڪ وڏي نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته ناهن ايمان آڻڻ وارن مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي پر (پوءِ به) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 104) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀني تي) غالب ۽ رحم وارو آهي. (اي پيغمبر تون فڪر نه ڪر، اهي منڪر مغلوب ٿيندا ۽ اسان مؤمنن تي رحم ڪري کين غالب ڪنداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته اهوئي غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، بلڪُل برابر، آهي زور زَبر، ۽ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سچي ڳالهه اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي ته رحم ڪندڙ به(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَومُ نوحٍ المُرسَلينَ (آيت : 105) |
نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙيءَ ئي طرح) حضرت نوح جي قوم به رسولن کي نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح جي قوم رسولن کي نه مڃيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهڙي طرح) نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو قوم نوح جي مرسلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) نوح جي قوم وارن رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم نوح جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) نوح جي قوم رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح جي قوم رسولن کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڀانيو نوح جي قوم رسولن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) جي قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم نوحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 106) |
جڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو ته ڇا ٿيو) جڏهن سندن ئي برادريءَ جو ماڻهو حضرت نوح (انهن ڏانهن پيغمبر ڪري موڪليو ويو جنهن کين) چيو ته (ڇو بد ڪمن ۽ گناهن ۾ غلطان ٿي ويا آهيو؟) ڇا توهان الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ئي نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت سندن ڀاءُ نوح کين چيو ته توهان ڇو نٿا خوف ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو جڏهن انهن کي سندس ڀاءُ نوح چيو ته اوهين ماڻهو ڇو (خدا کان) نٿا ڊڃو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو انهن کي ڀاءُ سندن نوح ته ڇو نه ٿا ڊڄو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ نوح چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ (يعني هم قبيله ) نوح چيو ته: ”ڇا اوهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آکيو نوح اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻِي کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندن ڀاءُ نوح چين ته ”ڇو نٿا ڊپ رکو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو جڏهن سندن ڀاءُ نوح کين چيو هو ته "ڇا ڊڄو نٿا؟(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ نوح ته، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ نوح ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 107) |
بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مان توهان جي لاءِ اعتبار جوڳو پيغمبر آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ سچ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول، امين آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندو آهيان(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول (بنجي آيو) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آئون اوهان لئي آهيان، مُرسل مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ ايماندار رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ آءٌ ته توهان جي لاءِ امانتدار رسول آهيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 108) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪيو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌاريو ڊپ ڌَڻِئَ جو، ۽ پاريو مُنهنجِي پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهن ڪري توهان ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 109) |
۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (جو ڪيان ٿو پيو) ڪنهن به قسم جو اجورو يا عيوضو اوهان کان ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي ڪو اجر نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ اوهان کان هن (تبليغ رسالت) جو ڪو اجورو نٿو گهران منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي پالڻهار تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ اوهان کان هن (تبليغ دين) تي ڪو معاوضو نه ٿو گهران، منهنجو معاوضو ته صرف جهانن جي پالڻهار مٿان آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آئون نه اوهان کان ٿو گُھران، ڪو اُجُورو اِن سِر، مُنهنجو ناهي مُورهِين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو صاحِبَ سَڀ جھان جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ انهي تي اوهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گُهران، منهنجو اجو رو ته فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان توهان کان انهيءَ ڪم لاءِ اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته جهانن جي پالڻهار تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڪم جي لاءِ توهان کان نٿو گهران ڪو اجورو، منهنجو اجورو ته ذمي آهي رب العالمين جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 110) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل ڪيو (ڇو ته اهي خدا جا حڪم آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَنبو رَب قـهّار کان ۽ مَڃيو سَندمِ فَرمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سو توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا أَنُؤمِنُ لَكَ وَاتَّبَعَكَ الأَرذَلونَ (آيت : 111) |
چيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته، (اي نوح! اسان ڏسون ٿا ته) بلڪل رذيل ۽ خسيس ماڻهو تنهنجي پيروي ڪري رهيا آهن (۽ تو وٽ اچن ٿا) ڇا اهڙيءَ حالت ۾ اسان (سردار) توتي ايمان آڻيون (۽ انهن خسيس ماڻهن سان گڏجي ويهون؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو ڇا اسين تو تي ايمان آڻيون؟ ۽ تنهنجي تابعداري ته هيٺئين درجي جا ماڻهو ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيس ته جڏهن ڪمينن (مزدور ۽ ٻين) اهڙن (لالچ تي) تنهنجي پيروي ڪئي آهي ته اسين تو کي ڪئين مڃيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ڇا ايمان آڻيون توتي حالانڪه تابع ٿيا تنهنجا ڪمزور ماڻهو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته ڇا اسين توکي مڃيون هوڏانهن نيچ ماڻهن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”ڇا اسان تو تي ايمان آڻيون حالانڪه تنهنجي تابعداري ڪرڻ وارا پسمانده ماڻهو آهن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪِيئن مَڃون توکي؟ ۽ توکي مَڃِين نِڌر نادان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”اسين ڪيئن توتي ايمان آڻيون، جو تنهنجا پوئلڳ نيچ آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جواب ڏنو: "ڇا اسان توکي مڃيون، حالانڪه تنهنجي پيروي ته هيٺين طبقي جي ماڻهن ئي ڪئي آهي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، ڇا اسان تنهنجي پيروي ڪريون جڏهن ته تنهنجا پيروڪار ڪريل ماڻهو آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته اسان تنھنجي مٿان ڪيئن ايمان آڻيون؟ ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهو ئي ته تنھنجي پيروي ڪن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ وَما عِلمى بِما كانوا يَعمَلونَ (آيت : 112) |
(نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت نوح جواب ڏنو ته، مون کي ڪهڙي خبر آهي ۽ ڪيئن خبر پوي ته اهي (مسڪين ماڻهو) ڪهڙا ڪهڙا عمل ڪندا آهن؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) نوح چيو مون کي معلوم ناهي ته انهن جو ڌنڌو ڪهڙو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نوح چين ته جيڪي ڪم اهي پيا ڪن تن جي مون کي ڪهڙي خبر (۽ ڪهڙو مطلب؟)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) فرمايائين ته ۽ ڪهڙو آهي علم منهنجو ان سان جيڪي ڪندا هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نوح چيو ته جيڪي ڪم اهي پيا ڪن تن جي مون کي ڪهڙي خبر؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نوح ) چيو: ”مون کي ڪهڙي خبر ته اُهي (اڳ ۾) ڪهڙا ڪم ڪندا هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، جيڪي ڪَن ڪَمڙا، تِنهنجي ڪَل مون کي ڪانه، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”مون کي سندن ڪمن جي ڪهڙي خبر؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح جواب ڏنن: "مونکي ڪهڙي خبر ته سندن عمل ڪهڙا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نوح چيو، مون کي ڪهڙي خبر ته انهن جا عمل ڪهڙا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) چيو ته مون کي انهن جي گذريل ڪمن جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن حِسابُهُم إِلّا عَلىٰ رَبّى لَو تَشعُرونَ (آيت : 113) |
جيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) خدا شال توهان کي سمجهه ڏئي (۽ توهان سمجهو ته) انهن ماڻهن (جي عملن وغيره) جو حساب وٺڻ ته فقط منهجي پروردگار جي ذمي آهي (نه ڪه منهنجي ذمي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ناهي حساب انهن جو مگر منهنجي رب تي جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن کان حساب وٺڻ ته منهنجي پروردگار جو ئي ڪم آهي (افسوس!) جيڪڏهن اوهين سمجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي حساب انهن جو مگر رب منهنجي تي جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن کان حساب وٺڻ ته منهنجي پاليندڙ جو ئي ڪم آهي جيڪڏهن اوهين سمجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) انهن جو حساب وٺڻ ته صرف منهنجي پالڻهار مٿان آهي هائو جي اوهان سمجهو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ حرف حِساب اُنهن جو، سانيمِ تي سُبحان، جيڪر مُنهنجِي ڳالھ تي، دلِجو ڏِيو ڌِيان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪڏهن اوهان کي پروڙ آهي، ته هنن جو حساب فقط ڌڻيءَ تي ڇڏيل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جو حساب ته منهنجي رب وٽ ئي آهي، جيڪر ته توهان ڪا سمجهه ڌاريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جو حساب ته آهي (فقط) منهنجي رب جي ذمي، جي توهان سمجهي سگهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن کان حساب وٺڻ ته منھنجي پالڻھار جي هٿ ۾ آهي. ڇا توهان ايتري ڳالهه به نٿا سمجهو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنا۠ بِطارِدِ المُؤمِنينَ (آيت : 114) |
۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ مون کي هرگز مناسب ناهي ته مان ايمان آڻيندڙن کي تڙي ڪڍان، (هنن جي دلين جي خبر ته فقط الله کي آهي). (ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون مؤمنن کي تڙيندڙ ناهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ ته ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهيان مان تڙيندڙ مؤمنن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ ايمان وارن کي تڙڻ وارو نه آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ ايمان وارن کي ڌڪارڻ وارو نه آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ آءٌ نه تڙِيندسِ توڙ کان، ڪِنهن مُؤمن مُسلمان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ مؤمنن کي ڪونه تڙيندس. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) منهنجو ته اهو ڪم ناهي ته جيڪي ايمان آڻن، تن کي تـڙي ڪڍان(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ منهنجو ڪم هي ناهي جو جيڪي ماڻهو ايمان آڻين تن کي تڙي ڇڏيان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ٻي ڳالهه ته) مان ايمان آڻيندڙن کي پاڻ وٽان ڇو تڙيان؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن أَنا۠ إِلّا نَذيرٌ مُبينٌ (آيت : 115) |
آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (وڌيڪ حضرت نوح کين فرمايو ته،) مان ته فقط (الله جي نافرماني ڪندڙن کي) چٽيءَ طرح خبردار ڪندڙ آهيان. (۽ ايندڙ عذاب جي خبر چٽيءَ طرح ٻڌايان ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون ته فقط صاف ڊيڄاريندڙ آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ ته رڳو (خدا جي غضب کان) پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهيان مان مگر ڊيڄاريندڙ پڌرو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آءُ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) آءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهيان آءٌ عيان، ڄاڻوئـِي ڄيري سَندو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ته فقط پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان".(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آئون ته هڪ ڊيڄاريندڙ آهيان سڌو سنئون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰنوحُ لَتَكونَنَّ مِنَ المَرجومينَ (آيت : 116) |
چيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (منڪرن) جواب ڏنو ته، اي نوح! جيڪڏهن تون انهن ڳالهين ڪرڻ کان باز نه ايندين ته اسان توکي پٿر هڻي ماري ڇڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو قسم سان جيڪڏهن اي نوح تون (ان ڪم کان) باز نه آئين ته توکي ضرور سنگسار ڪيو ويندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيس ته اي نوح! جيڪڏهن تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور سنگسار ڪيو ويندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته البته جيڪڏهن نه رڪجندين تون اي نوح! ته البته ضرور ٿيندين سنگسار ڪيلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته اي نوح! جيڪڏهن تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور سنگسار ڪيلن مان ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي نوح جي تون (ان ڪم کان) باز نه ايندين ته ضرور تون سنگسار ڪيلن مان ٿيندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون، ته نُوح نبي!، جي ماٺ نه ڪَندِين مُور، ته هُوندِين تون حُضور!، سِگھو سَنگسارن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”نوح! تون جيڪڏهن باز نه ايندين، ته توکي ضرور پٿر سٽيا ويندا.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "اي نوح! جيڪڏهن تون نه مڙين ته تون ڦٽڪار پيل ماڻهن ۾ شامل ٿي ويندين".(تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن کيس چيو، جي تون نه مڙئين اي نوح، ته شامل ٿي ويندين ڦٽڪار پيل ماڻهن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته اي نوح! جيڪڏهن تون (پنهنجي ڳالهه تان) نه هٽندين ته اسان توکي پٿرن سان ماري ڇڏينداسين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبِّ إِنَّ قَومى كَذَّبونِ (آيت : 117) |
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت نوح (الله تعاليٰ کي ٻاڏائي) چيو ته، اي منهنجا رب! منهنجي قوم جي ماڻهن مون تي ايمان آڻڻ کان صفا انڪار ڪيو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) نوح عرض ڪيو اي منهنجا رب بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو سمجھي ٿي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (نيٺ) نوح عرض ڪيو اي منهنجا پالڻهار منهنجي قوم پڪ مون کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) عرض ڪيائين ته اي منهنجا پالڻهار! بلاشڪ منهنجيءَ قوم ڪوڙو چيو مون کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (نوح) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيمِ رَبَّ ستار! ڪوٺيَمِ، ڪوڙو قوم مُون،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”منهنجا ڌڻي! بيشڪ منهنجي قوم مون کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نوح دعا گهري: "اي منهنجا رب! منهنجي قوم مونکي ڪوڙو سڏيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نوح آخر دعا ڪئي، اي منهنجا رب! منهنجي قوم مون کي ڪوڙو چيو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نوح ($) چيو ته: اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَافتَح بَينى وَبَينَهُم فَتحًا وَنَجِّنى وَمَن مَعِىَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 118) |
تنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو هاڻي منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪري ڇڏ، ۽ مون کي ۽ انهن مؤمنن کي جيڪي مون سان شامل آهن، (هنن حق جي دشمنن کان) بچائي وٺ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ يا الله تون منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو واضح فيصلو فرماءِ ۽ مون کي ۽ مون سان گڏ جيڪي مؤمن آهن انهن کي نجات ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته هاڻي تون منهنجي ۽ انهن ماڻهن جي وچ ۾ قطعي فيصلو ڪر. ۽ مون کي ۽ جيڪي ايمان وارا مون سان آهن تن کي بچائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ فيصلو ڪر منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱيءَ طرح فيصلو ۽ ڇڏاءِ مون کي ۽ انهن کي جيڪي مون سان گڏ آهن مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ منهنجي وچ ۾ ۽ انهن جي وچ ۾ چڱو فيصلو ڪر. ۽ مون کي ۽ جيڪي ايمان وارا مون سان آهن تن کي بچاءِ! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مون کي نجات عطا ڪر ۽ مؤمنن مان جيڪي مون سان گڏ آهن“. (تن کي به).(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ مُون ۽ اُنهن جي وِچ ۾، ڪر صَفائـِي سرڪار!، ۽ مون کي آجوڪار، پڻ ڪي مؤمن، مُون سان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هاڻي مون ۽ سندن وچ ۾ چڱيءَ طرح فيصلو ڪر ۽ مون کي ۽ مون سان گڏ ايمان آڻيندڙن کي بچاءِ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هاڻي تون منهنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱو فيصلو ڪري ڇڏ ۽ منهنجي ۽ جيڪي مؤمن مون سان آهن انهن جي جند ڇڏاءِ ". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ فيصلو ڪري ڇڏ اسان جي وچ ۾ صاف صاف ۽ بچاءِ مون کي ۽ جيڪي مون سان گڏ آهن مؤمن ماڻهو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بس! هاڻي تون منھنجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪري ڇڏ ۽ مون کي ۽ مون سان گڏ جيڪي به ايمان وارا آهن تن سڀني کي نجات عطا فرماءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَنجَينٰهُ وَمَن مَعَهُ فِى الفُلكِ المَشحونِ (آيت : 119) |
پوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان هن کي ۽ سندس ساٿين کي جيڪي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ (سوار) هئا (دشمنن کان ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان) بچائي سلامت رکيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان ان کي نجات ڏني ۽ جيڪي ماڻهو ڀريل ٻيڙيءَ ۾ ساڻس گڏ هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نيٺ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏايو سون ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ هئا ڀريل ٻيڙيءَ ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ۽ جيڪي ان سان گڏ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کي بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان کيس نجات ڏني ۽ انهن کي (به) جيڪي ڀري ٻيڙي ۾ ساڻس گڏ هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ بَچايوسون ٻِيڙي ڀَرت ۾، اُو ۽ جي اُن ساڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس ۽ سندس ساٿين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ اسان ان کي ۽ سندس ساٿين کي هڪ ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچائي ورتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ بچايوسين ان کي ۽ ساڻس گڏ جيڪي هئا هڪ ٻيڙيءَ ۾ جيڪا ڀَريل هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان کيس ۽ جيڪي اُن سان گڏ ٻيڙي ۾ سوار هئا تن سڀني کي بچايو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ أَغرَقنا بَعدُ الباقينَ (آيت : 120) |
وري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪي ماڻهو (پٺتي) باقي رهيا تن (منڪرن) کي اسان ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان باقي رهيلن کي غرق ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري ان کان پوءِ باقي رهيلن کي ٻوڙيوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ ٻوڙي ڇڏيو سين بعد ۾ پوئتي رهيلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ان کانپوءِ باقي رهيلن کي ٻوڙيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان کان پوءِ اسان باقي بچيلن کي ٻوڙي ڇڏيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پويان، تنهن پُڃاڻ، ٻوڙي ڇڏيانسون ٻوڏ ۾(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) وري کانئن پوءِ ، رهيلن کي ٻوڙيوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ کانئس پوءِ باقي بچيلن کي غرق ڪري ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کان پوءِ ٻوڙي ڇڏيوسين باقي بچيل ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ باقي ٻين کي غرق ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 121) |
بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ڏسو) هن واقعي ۾ به (عبرت وٺڻ لاءِ) بيشڪ وڏي نشاني آهي. پر (افسوس) هنن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن (ڳالھ) ۾ به پڪ هڪ وڏو سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا ئي ڪين هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ ناهن گهڻا اهي مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي. هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي ڪا اِن ڳالھ ۾، لِکيل خُوب خبر، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مَنجھان، مُؤمن مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ وڏي نشاني آهي ۽ منجهائن گهڻا مڃيندڙ نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ ان ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقينًا انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو ته مڃڻ وارا ئي ناهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي نشاني آهي پر (پوءِ به) انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 122) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ تنهنجو رب سڀني تي غالب آهي (۽ کين تباهه ڪندو) ۽ سڀني تي مهربان آهي. (تنهن ڪري مؤمنن تي نعمتون ڪندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته اهو غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ سائـِين تُنهنجو، بِلڪل برابر، آهي زور زبر، پڻ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ ٻاجهارو به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها حقيقت آهي ته تنهنجو رب جيڪو زبردست رحم ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت عادٌ المُرسَلينَ (آيت : 123) |
عاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ساڳيءَ طرح) عاد قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) عاد جي قوم رسولن کي نه مڃو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهڙيءَ طرح)عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو عاد (جي قوم) مرسلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) عاد جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) عاد (جي قوم) رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم عاد جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”عاد“ جي قوم رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) عاد جي قوم رسولن کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو چيو عاد جي قوم رسولن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ عاد قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم هودٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 124) |
جڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن، حضرت هود هنن کي چيو ته، (توهان ڇو برائين ۾ ڪاهي پيا آهيو) ڇا توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄوئي نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت سندن ڀاءُ (حضرت) هود کين چيو ڇا توهان الله کان نٿا ڊڄو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين (خدا جي غضب کان) نه ٿا ڊڄو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو انهن کي ڀاءُ سندن هود ته ڇو نه ٿا ڊڄو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن سندن ڀاءُ هود انهن کي چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن کين سندن ڀاءُ (هم قبيله) هود چيو: ”ڇا اوهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آکيو هُود اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڇونه ڌَڻِئَ کان ڌاريو؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندن ڀاءُ ”هود“ کين چيو ته ”ڇو نٿا ڊپ ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر جڏهن سندن ڀاءُ هود کين چيو هو "ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪر) جڏهن چيو هو انهن کي سندن ڀاءُ هود ته، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ هود ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 125) |
بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان (۽ توهان کي خبر آهي ته مان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ۽ نه ڪڏهن امانت ۾ خيانت ڪئي آهي) مان سچ پچ اعتبار جوڳو آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ ته اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان اوهان لاءِ رسول امانت وارو آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانتدار پيغام آڻيندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل معتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ ايماندار رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان توهان لاءِ ويساهه جوڳو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) حقيقت ۾ آئون توهان جي لاءِ رسول آهيان امانتدار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 126) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تنهن ڪري خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو (ڇو ته مان فقط خدا جا حڪم ٿو پهچايان. انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اوهان جي ئي چڱائي آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ توهان منهنجي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڏَرو ڏيھ ڏاتار کان، پاريو مُنهنجي پَر،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ پيروي ڪريو منهنجي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 127) |
۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ڏسو) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدا جي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) اوهان کان ڪوبه اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون توهان کان انهي تي ڪو اجورو نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ ته اوهان کان ان (تبليغ رسالت) لاءِ ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پالڻهار تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي پالڻهار تي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ ان (تبليغِ دين) تي اوهان کان ڪو معاوضو نه ٿو گهران. منهنجو معاوضو ته صرف جهانن جي پالڻهار تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ نه اوهان کان ٿو گُھران، ڪو اُجُورو اِن سر، مُنهنجو ناهي مُورِهين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ اوهان کان انهي بابت ڪو به اجورو نٿو گهران_ منهنجو اجورو فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ان ڪم لاءِ توهان کان ڪو اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته رب العالمين تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون توهان کان طلبگار ناهيان ان ڪم لاءِ ڪنهن به اجوري جو، حقيقت ۾ اهو اجر ته ذمي آهي الله رب العالمين جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَتَبنونَ بِكُلِّ ريعٍ ءايَةً تَعبَثونَ (آيت : 128) |
سڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا توهان هرهڪ مٿانهين جاءِ تي (فقط ڏيک ويک لاءِ) اجايا بي فائدا يادگار ٿا بنايو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان اڪثر مٿاهين جاين تي يادگار تعمير ڪريو ٿا جيڪي غير ضروري آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا اوهين بي فائدو سڀ ڪنهن مٿاهين زمين تي ڪو نه ڪو بيڪار يادگار بنايو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ٺاهيو ٿا اوهان هرهڪ دڙي تي ڪو نشان اجايو مشغول ٿا رهو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهين بي فائدو سڀ ڪنهن مٿاهين زمين تي ڪا نه ڪا نشاني بنايو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان هر مٿاهين زمين تي هڪ يادگار (عمارت) بي فائده بنايو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هر مَٿاهِين مَڪان تي، ٺاهيو ٺُل نِيشان، ۽ کِلون ڪريو تِنهن تان، جو مَٽي اُن مڪان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين هر ڪنهن دڙي تي اجايا نشان ڇو ٿا بنايو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا اهو ڇا آهي جو هر مٿانهين هنڌ تي اجايو ڪو يادگار ٿا اڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) هي توهان جو ڪهڙو ڪم آهي جو هر مٿاهين هنڌ تي اجايو هڪ يادگار اڏيندا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان هر مٿانهين جڳھه تي (ڪا نه ڪا يادگار طور) فضول عمارت ٺاهيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَتَّخِذونَ مَصانِعَ لَعَلَّكُم تَخلُدونَ (آيت : 129) |
۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان وڏا وڏا محلات ٿا ٺاهيو. (ڄڻ ته) اميد ٿا رکو ته توهان انهن ۾ هميشه رهندؤ. (توهان وساري ٿا ڇڏيو ته هيءَ زندگي هڪ ڏينهن جي برابر آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان مضبوط محل ۽ قلعا تعمير ڪريو ٿا اها اميد رکي ته توهان هميشه رهندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ مضبوط محل بنايو ٿا ڄڻ ته (هتي) اوهين هميشه رهندو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ٺاهيو ٿا مضبوط جايون شايد اوهان هميشہ رهندؤ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مضبوط جايون بنايو ٿا ڄڻ ته اوهين هميشه رهندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اوهان مضبوط محل بنايو ٿا ان اميد تي ته اوهان (دنيا ۾) هميشه رهندؤ.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڪَلون ٺاهيو، ڪَر سَدا، جِيندا مَنجھ جھان،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ محڪم جايون ٿا بنايو، جو ڄڻڪ اوهين هميشه رهندؤ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ وڏا وڏا محل ٿا ٺاهيو، ڄڻ ته توهان کي سدائين رهڻو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ تعمير ڪندا آهيو وڏا وڏا محل، ڄڻ توهان کي سدائين رهڻو آهي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ (ايڏا وڏا) مضبوط محل ٺاهيو ٿا ڄڻ توهان کي هميشه هتي رهڻو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِذا بَطَشتُم بَطَشتُم جَبّارينَ (آيت : 130) |
۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جڏهن (ڪنهن به معاملي ۾ ڪنهن سان به) لڙو ٿا ته، (انصاف کي ڇڏي) ظلم ۽ ڏاڍائي واري واٽ ٿا وٺو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جنهن وقت توهان (ڪنهن کي) پڪڙيو ٿا ته بي رحمي سان پڪڙيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جڏهن (ڪنهن تي) هٿ ڊگهو ڪريو ٿا ته ڏاڍائي سان هٿ ڊگهو ڪريو ٿا،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جڏهن پڪڙيو ٿا ته پڪڙيو ٿا سختي ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جڏهن ڪنهن تي هٿ ڊگهو ڪريو ٿا ته سرڪش ٿي هٿ ڊگهو ڪريو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جڏهن ڪنهن کي پڪڙيو ٿا ته زبردست بنجي پڪڙيو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ جڏهن پَڪريو، ته پَڪڙيو سَخت ٿِي، ڪَهل ڪِهن تي ڪانه، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جڏهن ڪنهن تي حملو ڪريو ٿا، ته ظالم بنجي ٿا ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ جڏهن ڪنهن تي هٿ ٿا وجهو ته ڏاڍا بڻجي ٿا وجهو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ جڏهن به ڪنهن ۾ هٿ وجهو ٿا ته تمام سخت ٿي ويندا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ جڏهن به توهان (ڪنهن کي) پڪڙيو ٿا ته انتھائي ڏاڍائي ۽ ظلم سان پڪڙيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 131) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اوهين خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ فرمانبرداري ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوڌاريو ڊَپ دَيَّان، ۽ هَلو سَندمِ حُڪمن تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو ڪريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقُوا الَّذى أَمَدَّكُم بِما تَعلَمونَ (آيت : 132) |
۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ (مهربان) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جنهن (پنهنجي فضل سان) توهان کي (گهڻيون ئي نعمتون) ڏنيون آهن جي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان الله کان ڊڄو جنهن توهان کي اهي نعمتون ڏنيون جيڪي توهان ڄاڻو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان خدا کان ڊڄو جنهن اوهان کي انهن شين جي مدد ڏني آهي جن کي اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان کان جنهن مدد ڪئي اوهان جي جنهن سان ڄاڻو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن اوهان کي انهن شين جي مدد ڏني آهي جن کي ڄاڻو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن توهان جي مدد ڪئي ان شين سان جي توهان ڄاڻو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڏَرو جِنهن کان، جِنهن ڏِنِي، اوهان کي آڌار، جِنهن کي سَمجھو پاڻ ٿا،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي (الله) کان ڊڄو، جنهن اوهان کي اهڙيون مددون ڏنيون جي ڄاڻو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڊڄو ان کان جنهن توهان کي اهو ڪجهه ڏنو آهي، جيڪي توهان پاڻ ڄاڻو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊڄو انهيءَ (الله) کان، جنهن اهو سڀڪجهه توهان کي ڏنو آهي جيڪو ڄاڻو به ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ ڊڄو ان (هستي) کان جنھن توهان کي اهڙيون اهڙيون شيون ڏنيون آهن جن کي توهان چڱي ريت ڄاڻو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَمَدَّكُم بِأَنعٰمٍ وَبَنينَ (آيت : 133) |
اوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (توهان کي خبر آهي ته) هن اوهان کي ڍور ڍڳا (۽ ٻي دولت) ۽ اولاد (۽ لشڪر وغيره) عطا ڪيا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) الله تعالى توهان کي چؤپايا ۽ پٽ(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (چڱو ٻڌو) اوهان کي چوپائي مال ۽ پٽن سان مدد ڪئي اٿس.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مدد ڪيائين اوهان جي چوپاين ۽ پٽن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اوهان کي چوپايو مال ۽ پٽ ڏنا اٿس (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) توهان جي مدد ڪيائين چوپاين ۽ پُٽن سان(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌَڻ، ڄَڻ وِئ وَلهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هن اوهان کي مدد ڏني آهي ڍورن ۽ پٽن جي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان کي چوپايو مال ڏنائين ۽ اولاد ڏنائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) توهان کي ڏنائين جانور ۽ اولاد(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي ڍور ڍڳا ڏنا ۽ اولاد به ڏنو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَجَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 134) |
۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ باغات ۽ چشما (به عطا ڪيا اٿس).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ باغ ۽ چشمان عطا ڪيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ باغ ۽ چشمن سان به.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ باغن ۽ چشمن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ باغ ۽ چشما به. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ باغن ۽ چشمن سان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ تازا تڙ، ترايون، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ باغن ۽ چشمن جي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باغ ڏنائين ۽ چشما ڏنائين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ باغ به ڏنائين ۽ چشما ڏنائين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باغ ۽ چشما ڏنا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى أَخافُ عَلَيكُم عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 135) |
بيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهن نعمتن هوندي به جو توهان سندس نافرماني ڪري ظلم ۽ گناه جا ڪم ٿا ڪيو سو) مون کي وڏو انديشو آهي ته هڪ وڏي سخت ڏينهن جو عذاب توهان تي اچي ڪڙڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون توهان جي مٿان قيامت جي ڏينهن واري عذاب جو خوف ڪريان ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) سچ ته آءُ اوهان تي تمام هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جي عذاب اچڻ کان ڊڄان ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان ڊڄان ٿو اوهان تي عذاب ڏينهن وڏي جي کان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ اوهان تي هڪ وڏي ڏينهن جي عذاب(پهچڻ) کان ڊڄان ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ اوهان تي هڪ زبردست ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀانيان ڀَئو بِسيار، اَوهان تي آزار، ڪنهن ڏاڍي وَڏي ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ مون کي اوهان تي وڏي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مونکي ته توهان جي باري ۾ هڪڙي وڏي ڏينهن جي عذاب جو ڊپ آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (سچ پچ ته) مون کي توهان لاءِ خوف آهي هڪ عذاب جو هڪ وڏي ڏينهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (تنهن ڪري) مون کي ڀؤ ٿو ٿئي ته ڪٿي توهان جي مٿان هڪ وڏي ڏينھن جو عذاب نه اچي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا سَواءٌ عَلَينا أَوَعَظتَ أَم لَم تَكُن مِنَ الوٰعِظينَ (آيت : 136) |
چيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهن (منڪرن) جواب ۾ چيو ته (اي هود! تون اجايو پنهنجو ۽ اسان جو مغز ٿو کپائين) تون اسان کي واعظ نصيحت ڪرين توڙي نه ڪرين اسان جي لاءِ ساڳي ڳالهه آهي. (اسان تنهنجون ڳالهيون ڪونه مڃينداسين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو اسان لاءِ برابر آهي تون (اسان کي) نصيحت ڪرين يا نه ڪرين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته تون نصيحت ڪرين يا نصيحت نه ڪرين اسان لاءِ (ٻئي ڳالهيون) برابر آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته برابر آهي اسان تي يا وعظ ڪرين (اسان کي) يا نه هجين وعظ ڪندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون نصيحت ڪرين يا نصيحت ڪندڙن مان نه ٿئين اسان لاءِ (ٻئي ڳالهيون) برابر آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اسان لاءِ برابر آهي جي تون نصيحت ڪرين يا نصيحت ڪرڻ وارن مان نه بنجين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، آهِن ٻَئـِي اَسان تي ڳالهيون برابر، چَڱِي چَوِين، نه چَوِين، اي مُرسل مُعتبر!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون .تون اسانکي نصيحت ڪرين يا نه ڪرين ته به اسان لاءِ ڳالهه هڪجهڙي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن جواب ڏنو: "تون نصيحت ڪر يا نه ڪر، اسان لاءِ مڙيئي برابر آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، تون ڀلي نصيحت ڪر اسان کي يا نه به ڪرين، اسان جي لاءِ اهو سڀڪجهه برابر آهي انهيءَ(تنهنجي) واعظ کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن جواب ۾ چيو ته اسان لاءِ تنھنجي نصيحت ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٻئي برابر آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِن هٰذا إِلّا خُلُقُ الأَوَّلينَ (آيت : 137) |
اِھا اڳين جي ئي عادت آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهي (عذاب کان ڊيڄارڻ جون) ڳالهيون ته اڳوڻن ماڻهن جون آهن. (جن کي اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي عادت ٿي ويئي هئي تون جهونن خيالن جو ماڻهو آهين، اسان نئين روشني وارا آهيون.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) هيءُ ته اَڳِيَنِ ماڻهن جو طريقو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهو (ديڄارڻ) ته رڳو اڳين جي ئي عادت آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهي هيءَ مگر اڳين جي عادت .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اها (يعني عذاب کان ڊيڄارڻ) اڳين جي ئي عادت آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ناهي هيءَ (اسان واري رَوَش) مگر عادت اڳين جي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هِي دعوٰى خالِي ڌُرڪنان، مَهندين جِي مُقرّر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اها تنهنجي عادت ساڳي اڳين (نبين) جهڙي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي ڳالهيون ته اصل کان وٺي ائين ئي پئي هلنديون آيون آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ڳالهيون ته اڳي کان ائين ٿينديون آيون آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙيون (ڊيڄارڻ واريون ڳالهيون ڪرڻ) ته گذريل ماڻهن جي عادت هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما نَحنُ بِمُعَذَّبينَ (آيت : 138) |
۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (انهن منڪرن وڌيڪ هيئن به حضرت هود کي چئي ڏنو ته) اسان تي عذاب بلڪل ڪونه ايندو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان تي عذاب نه ايندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان تي عذاب (وغيره هاڻي) ڪين ڪيو ويندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهيون اسين عذاب ڪيل .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان کي عذاب نه ڪيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان کي عذاب نه ڪيو ويندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ناهي اَسان کي اَچڻِي، ڪا سزا مٿي سِر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ اسان کي ڪڏهن به عذاب نه ٿيندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اسان ته ڪڏهن به عذاب ۾ پوڻ وارا ناهيون". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ته (ڪڏهن به) عذاب ۾ مبتلا نه ٿينداسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان کي (ڪنهن به قسم جو) عذاب نه ڪيو ويندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبوهُ فَأَهلَكنٰهُم إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 139) |
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) مطلب ته هنن حضرت هود کي نه مڃيو، تنهن ڪري اسان به هنن کي برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ (سمجهه وارن لاءِ وڏي) عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس ته) هنن ماڻهن مان گهڻا ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن پنهنجي پيغمبر کي ڪوڙو سمجھو پوءِ اسان انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته هود کي ڪوڙو ڪيائون تنهن ڪري انهن کي هلاڪ ڪيوسون. بيشڪ هن قصي ۾ هڪ (وڏو) سبق آهي. ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ هلاڪ ڪيو سون انهن کي بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ڪوڙو ڪيائون تنهن ڪري انهن کي هلاڪ ڪيوسون. بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي. هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان (هود) کي ڪوڙو چيو پوءِ اسان انهن کي هلاڪ ڪيو. بيشڪ ان (قصي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ماڻهو مؤمن نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺيون اُن کي؛ اُنِهئَ تان آخِر، ساري سربسر، مارياسون مُورهِين. اَوس آهِن اِن ۾، پَڌرائـِي پيغام، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مان، مَڃِيندڙ مدام، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس ڪوڙو سمجهيائون، تنهن ڪري کين ناس ڪيوسون- بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ۽ هنن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نيٺ انهن کيس ڪوڙو سڏيو ته اسان کين برباد ڪري ڇڏيو. بيشڪ انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي پر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بهرحال انهن کيس ڪوڙو چيو، ۽ اسان به انهن کي هلاڪ ڪيو، بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي، ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو ته مڃڻ وارا ئي نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اُنهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو ته اسان کين تباهه ڪري ڇڏيوسين. بيشڪ ان واقعي ۾ وڏي نشاني آهي پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 140) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) يقيناً تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته تنهنجو پروردگار پڪ (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار البته اهوئي غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سَچ پَچ سائين تُنهنجو، آھِ اُهو عَلام، طاقتمند تمام مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ ٻاجهارو به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اها حقيقت آهي ته تنهنجو رب (بيشڪ) زبردست آهي ته رحم ڪندڙ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت ثَمودُ المُرسَلينَ (آيت : 141) |
ثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ثمود قوم جي ماڻهن به رسولن کي ڪونه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ثمود جي قوم رسولن کي نه مڃيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهڙيءَ طرح) ثمود جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو ثمود (جي قوم) مرسلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ثمود جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ثمود (جي قوم به) رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم ثمود جي، ڪوٺيا مُرسل، مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”ثمودين“ رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ثمود رسولن کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڀانيو ثمود (وارن پنهنجي) رسولن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ثمود قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم صٰلِحٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 142) |
جڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن، حضرت صالح کي چيو ته، ڇا توهان (مسڪينن تي ظلم ڪري رهيا آهيو ۽) خدا کان ڊڄو ئي نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت کين سندن ڀاءُ (حضرت) صالح چيو ته ڇا توهان الله کان نٿا ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن سندن ڀاءُ صالح چيو ته ڇا اوهين (خدا کان) نه ٿا ڊڄو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ صالح ڇا نه ٿا ڊڄو اوهان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ صالح چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن کين سندن ڀاءُ (هم قبيله) صالح چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آکيو صالح اُنهن کي، جڏهن سَندنِ ڀاء سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻئ کان ؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن سندن ڀاءُ صالح کين چيو ته ”ڇو نٿا ڊپ رکو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر جڏهن سندن ڀاءُ صالح کين چيو: "ڇا ڊڄو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ صالح چيو، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن اُنهن کي سندن ڀاءُ صالح ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 143) |
بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (مان توهان کي صاف صاف سچي ڳالهه ٿو ٻڌايان ته) مون کي اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي (۽ توهان کي معلوم آهي ته) مان معتبر آهيان (تنهن ڪري هن ڳالهه ۾ به مون تي اعتبار ڪيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ ته پڪ اوهان جي لاءِ امانت دار پيغمبر آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بلاشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول امانت وارو آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار پيغام آڻيندڙ آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان توهان لاءِ هڪ ڀروسي جوڳو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) آئون ته توهان جي لاءِ رسول آهيان امانتدار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 144) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو توهان الله تعاليٰ (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو (ڇو ته مان رڳو خدا جا حڪم ٿو پهچايان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڌاريو ڊپ ڌڻِي کان، پاريو مُنهنجي پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ان ڪري الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي پيروي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 145) |
۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (توهان ڏسو ٿا ته) مان انهيءَ ڪم لاءِ (يعني اوهان کي خدا جا حڪم پهچائڻ لاءِ) ڪو اجورو يا عيوضو ته ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي ڪوبه اجورو نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ ته اوهان کان هن (تبليغ رسالت) تي ڪجھ اجورو به نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي پالڻهار تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ اوهان کان ان (تبليغِ دين) تي ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجورو ته صرف جهانن جي پالڻهار تي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ نه اوهان کان ٿو گُھران، اُن تي نياز نذر، مُنهنجو ناهي مُورِهين، ڪِنهن تي بار مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پر ٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ آءُ اوهان کان انهي جو ڪو اجورو ڪو نه ٿو گهران- منهنجو اجورو فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان انهيءَ ڪم تي توهان کان ڪوبه اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجر ته رب العالمين تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ان ڪم جي لاءِ آئون توهان کان ڪوبه اجورو ڪونه ٿو گهران، منهنجو اجر ته (الله) رب العالمين جي ذمي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران. منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَتُترَكونَ فى ما هٰهُنا ءامِنينَ (آيت : 146) |
اُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو) ؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا (توهان هيئن ٿا سمجهو ڇا ته) جيڪي هتي هن دنيا ۾ (نعمتون) آهن، سي ماڻڻ لاءِ اوهان کي (دائمي طور) امن امان ۾ ڇڏيو ويندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان دنيا جي نعمتن ۾ بي فڪريءَ سان ڇڏيا ويندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا جيڪي شيون هتي (دنيا ۾) موجود آهن، تن کي اطمينان سان ڇڏي ڏيون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا ڇڏيا ويندؤ ان ۾ جيڪو هتي آهي امن وارا ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا اوهان کي هتي جي شين ۽ امن سان ڇڏيو ويندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان هتي جي شين ۾ امن سان رهندڙ ڇڏيا ويندئو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، هِت ڇَڏبان اِن ۾، سَرها سَڀ ڄمار؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، اوهان کي جيڪي هتي اٿو، تنهن ۾ بي ڊپو ڇڏي ڏبو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان انهن سڀني شين منجهه جيڪي هتي آهن، بس ائين ئي سلامتيءَ سان رهڻ ڏنا ويندؤ؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان انهن شين جي وچ ۾ جيڪي هتي آهن، ائين اطمينان سان رهڻ ڏنا ويندا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا توهان کي هتي دنيا جي شين ۾ مزي سان ڇڏيو ويندو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فى جَنّٰتٍ وَعُيونٍ (آيت : 147) |
باغن ۽ چشمن ۾.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) توهان (دائمي) باغن ۽ چشمن ۾ امن امان جي حالت ۾ ڇڏيا ويندو؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (يعنى) باغن ۾ ۽ چشمن ۾(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پڻ) باغ ۽ چشما.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) باغن ۾ ۽ چشمن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) يعني باغن ۽ چشمن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (يعني) باغن ۽ چشمن ۾.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) باغن، بَهارن ۾، ۽ چِشما پڻ چوڏار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) (يعني) باغن ۽ چشمن ۾. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن باغن ۽ چشمن ۾؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن باغن ۽ چشمن ۾؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) باغن ۽ چشمن ۾. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزُروعٍ وَنَخلٍ طَلعُها هَضيمٌ (آيت : 148) |
۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان (دائمي ڀلين) ٻنين ۽ کجور جي وڻن ۾ ڇڏيا ويندؤ؟ ڇا جن کجورن جا ڇڳا (کارڪن جي بار کان) ٽٽڻ تي آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ پوکن ۾ ۽ کجورن ۾ جن جا گوشا تمام نفيس آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ پوکون ۽ کجين ۾ جن جا خوشا نفيس ۽ نازڪ ٿين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ پوکن ۾ ۽ کجين ۾ جو گونچ ان جا ڪنئرا آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڀرپور آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (انهن) پوکُن ۽ کجين ۾ جن جا ڇُڳا نرم ۽ نازڪ آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) کٖيٽن ۽ کَجيَن ۾، جَن جا ڇُڳا نَرم نِبار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پوکن ۽ نرم گوشن وارين کجين ۾؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهن ٻنين ۽ کجين ۾ جن جا ڇــُـڳا رس سان ڀريل آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ انهن پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا رسيلا آهن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) آباد فصلن ۽ کجين جي ڀريل ڇُڳن ۾. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَنحِتونَ مِنَ الجِبالِ بُيوتًا فٰرِهينَ (آيت : 149) |
۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان ٽڪرن کي ٽڪي وڏي هنر ۽ ڪارگريءَ سان جايون ٺاهيو ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان پنهنجي مهارت سان جبلن مان گھڙائي ڪري گھر ٺاهيو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (تنهن ڪري ئي) تمام مهارت ۽ تڪليف مان جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر بنايو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ گهڙي ٺاهيو ٿا جبلن مان گهر ماهر ٿيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ڪاريگريءَ سان جبلن کي ٽڪي گهر بنايو ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڪاريگري سان جبلن کي ڪٽي ڪوري گهر بنايو ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڙيون مَڻيادار، جبلن مَنجھان، جي جوڙيو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ ڪاريگر ٿي جيڪي جبل ٽڪي جايون ٿا ٺاهيو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) توهان جبل ٽڪي آڪڙجي انهن ۾ جايون ٺاهيو ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ کوٽي کوٽي جبلن کي فخر سان گهر ٺاهي اتي رهو ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ توهان فخر سان جبلن کي ٽُڪي وڏي ڪاريگري سان گهر ٺاهيو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 150) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اوهان اهي نعمتون خدا جي طرف کان نٿا سمجهو ۽ سندس نافرماني ٿا ڪيو) سو خدا (وٽان ايندڙ عذاب) کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو (ڇو ته مان فقط اهي حڪم ٿو پهچايان جي خدا تعاليٰ وٽان ٿا اچن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منهنجي تابعداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ اطاعت ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪَنبو ڀَر قهار، هلو سَندمِ حُڪمن تي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڊڄو الله کان ۽ منهنجي پيروي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تُطيعوا أَمرَ المُسرِفينَ (آيت : 151) |
۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهن جا حڪم نه مڃيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهن، (۽)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ حد کان وڌندڙن جي تابعداري نه ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه اطاعت ڪيو حد کان لنگهندڙن جي امر جي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃيو، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ حد کان لنگهي وڃڻ وارن جو حڪم نه مڃو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مَڃيو نه اَمر اُنهن جو، جي حَد کان هَلنِ ٻَهار،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ حد کان لنگهندڙن جو چيو نه مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن ڇڙواڳ ماڻهن جي ڳالهين تي بنهه نه هلو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه وري پيروي ڪريو انهن ڇڙواڳ (آواره) ماڻهن جي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) حد کان لنگهندڙ ماڻهن جي اطاعت نه ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذينَ يُفسِدونَ فِى الأَرضِ وَلا يُصلِحونَ (آيت : 152) |
جيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪي ملڪ ۾ فساد ۽ بگاڙو ٿا ڪن ۽ سڌارو ڪونه ٿا ڪن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهي ماڻهو) جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ (قطعاً) اصلاح نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪي روءِ زمين تي فساد ڪن ٿا ۽ (خرابين جو) سڌارو نه ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهي جيڪي فساد ڪن ٿا زمين ۾ ۽ نه ٿا سڌارو ڪن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ سڌارو نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪي زمين ۾ فساد ڪن ٿا ۽ (سماج جو) سڌارو نه ٿا ڪن“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڀُون بگيڙِين بَدڪار، ۽ ڪَن نه چڱِي ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي ملڪ ۾ ڦيٽاڙو وجهندا آهن ۽ سڌارو نه ڪندا آهن.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪي زمين ۾ خرابيون پيدا ڪن ٿا ۽ سڌارو نٿا آڻين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ماڻهو فساد برپا ڪن ٿا زمين ۾ ۽ ڪابه اصلاح نٿا آڻين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جيڪي ملڪ ۾ رڳو فساد ڦھلائين ٿا ۽ اصلاح جو ڪم ته هرگز نٿا ڪن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 153) |
چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ظالم ۽ خودغرض سردارن تي انهيءَ نصيحت جو اثر ڪونه پيو) هنن چيو ته، (اي صالح تون آهين ڇا؟) توتي ڪو جادوءَ جو اثر پئجي ويو آهي (جو بي عقليءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو تو تي ته جادو ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته تون ته انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون ته تون ته صرف جادو ڪيلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون ته انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”تون ته صرف جادو ٿيل ماڻهن مان آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تون آهين تن مان، جن کي لڳت جي لغار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ”تون ته صفا جادوءَ هيٺ آيل آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيس: "تون ته رڳو ڪو جادو ڪيل ماڻهو آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن جواب ڏنو، حقيقت ۾ تون هڪ جادو ڪيل شخص آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُنهن ماڻهن چيو ته بيشڪ تون ته جادو ڪيل ماڻهو آهين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا فَأتِ بِـٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 154) |
تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تون ڪجهه به نه آهين، سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. جيڪڏهن تون سچ ٿو چوين (ته مون کي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) ته ڀلا آڻ ڪا نشاني (يعني ڏيکار ڪو معجزو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) تون ته اسان جهڙو بشر آهين، پوءِ تون ڪا نشاني آڻ جيڪڏهن تون (پنهنجي رسالت ۾) سچو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين، پوءِ جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڪو معجزو اسان جي لاءِ آڻي ڏيکار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ناهين تون مگر بشر اسان جهڙو پوءِ آڻ تون نشاني جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين، پوءِ تون ڪا نشاني آڻ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تون ته رُڳو اسان جهڙو بشر ئي آهين، پو ءِ ڪا نشاني (معجزو) آڻ جي تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تون ته ماڻهو مُورهين، اَسان جي آچار، پوءِ ڪا ڏيکارِي ڏيکار، جي صفا سچن مان آهيِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ته فقط اسان جهڙو ماڻهو آهين، جي سچو آهين، ته ڪا نشاني آڻ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اسان جهڙي ئي هڪ بشر کانسواءِ ٻيو ڇا آهين؟ آڻ ڪا نشاني، جيڪڏهن تون سچو آهين". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون آهين ٻيو اسان جهڙي انسان کان سواءِ، پوءِ آڻ اسان جي لاءِ ڪا نشاني جيڪڏهن تون واقعي سچو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون اسان جھڙو ئي انسان آهين. پر جيڪڏهن تون سچو آهين ته ڪا نشاني آڻي ڏيکار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ هٰذِهِ ناقَةٌ لَها شِربٌ وَلَكُم شِربُ يَومٍ مَعلومٍ (آيت : 155) |
(صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت صالح) فرمايو ته، هيءَ ڏاچي (نشاني) آهي. هن کي به پاڻي پيئڻ جو حق آهي ۽ اوهان کي به (پنهنجي مال کي) پاڻي پيارڻ جو حق آهي (پر واري سان) مقرر ڏينهن تي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) صالح چيو هي ڏاچي آهي (پاڻي پيئڻ ۾) هڪ ڏينهن ڏاچيءَ جو وارو آهي ۽ هڪ ڏينهن توهان جو وارو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) صالح چيو ته هيءَ هڪ ڏاچي آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ اوهان لاءِ هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته هيءَ ڏاچي آهي ان جي لاءِ پاڻيءَ جو حصو آهي ۽ اوهان جي لاءِ حصو ڏينهن معلوم جو آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪڏهن تون سچن مان آهين. صالح چيو ته هيءَ هڪ ڏاچي آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ اوهان لاءِ (به) هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (صالح ) چيو: ”هيءَ ڏاچي (معجزو) آهي ان لاءِ پاڻي پيئڻ جو هڪ وارو آهي ۽ توهان لاءِ (به) هڪ مقرر ڏينهن جو وارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، هِي مُنهنجِي اُٺڻِي، وارو اُن جو ڌار، پڻ اَهنجو آواڙي مَٿي، وارو ٻَڌل ٻِي وار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”هيءَ ڏاچي آهي؛ انهي جي پيئڻ ۽ اوهان جي پيئڻ جا واري جا ڏينهن ٺهرايل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) صالح چين: "هيءَ اٿوَ ڏاچي، هڪڙو ڏينهن ان جي پاڻي پيئڻ لاءِ آهي ۽ هڪڙو توهان سڀني جي پاڻي وٺڻ لاءِ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) صالح چيو، هيءَ آهي ڏاچي، ان جي پيئڻ جي لاءِ هڪ ڏينهن آهي ۽ هڪ ڏينهن توهان سڀني جي لاءِ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) صالح ($) چيو ته هي ڏاچي نشاني آهي. هڪ ڏينھن هيءَ (سموري علائقي جو) پاڻي پيئندي ۽ هڪ ڏينھن توهان سڀني جي لاءِ پاڻي پيئڻ مقرر ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَمَسّوها بِسوءٍ فَيَأخُذَكُم عَذابُ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 156) |
۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ان ڏاچيءَ کي ڪو ايذاءُ يا تڪليف نه پهچائجو. نه ته هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو عذاب اچي توهان تي ڪڙڪندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان کي نه ماريو ورنه توهان کي قيامت جي ڏينهن وارو عذاب اچي وٺندو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کي ڪا به تڪليف نه ڏجو نه ته اوهان کي هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب پڪڙيندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه پهچايو ان کي ڪو ايذاءُ پوءِ وٺي اوهان کي عذاب ڏينهن وڏي جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کي برائي سان هٿ نه لايو نه ته اوهان کي هڪ وڏي ڏينهن جو عذاب پڪڙيندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان کي برائي (جي ارادي) سان هٿ نه لائجو نه ته توهان کي هڪ زبردست ڏينهن وارو عذاب پڪڙيندو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُن کي ڪِنهن آزار سان، هَٿ نه ڇُهو هيڪار، پوءِ اوهان کي آزار، ڪو وٺي وَڏي ڏِينهن جو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين کيس ڪو بُرو هٿ نه لڳائجو، نه ته اوهان کي وڏي ڏينهن جو عذاب اچي وٺندو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ان سان ڪابه هٿ چراند نه ڪجو، نه ته هڪ وڏي ڏينهن وارو عذاب اچي توهان کي قابو ڪندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڪابه هٿ چراند ان سان نه ڪجؤ، نه ته توهان کي اچي پڪڙيندو عذاب هڪ وڏي ڏينهن تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (خبردار!) هن کي (ڪنھن به قسم جي) تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪجو ورنه توهان تي هڪ وڏي ڏينھن جو عذاب ايندو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَعَقَروها فَأَصبَحوا نٰدِمينَ (آيت : 157) |
پوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ به هنن ڏاچيءَ جا پير ڪاٽي ڇڏيا، پر پوءِ پشيمان به ٿيا (۽ ڊنا ته متان عذاب سچ پچ اچي وڃي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ڏاچيءَ کي هلاڪ ڪيو، پوءِ ڦري پشيمان ٿيا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهن هوندي به انهن ماڻهن ان (ڏاچي) جا پير وڍيا (۽ کيس ماري ڇڏيائون) وري پاڻ ئي پشيمان ٿيا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پير وڍيائون ان جا پوءِ ٿيا پشيمان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان (ڏاچيءَ) جا پير وڍيائون پوءِ پشيمان ٿيا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ ان جا پير وڍي (ان کي ماري ڇڏيائون) پوءِ اُهي پشيمان ٿيا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ گُڏيائونسِ گوڏن کان، پوءِ ٿِيا پريشان پِرھ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ سندس کچون ڪپي وڌائون، پوءِ وري پيشيمان به ٿيڻ لڳا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مگر انهن سندس کــُـچون (مرئي جي پٺ) ڪپي ڇڏيون ۽ پوءِ ڏاڍو پڇتائڻ لڳا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن ان (ڏاچي) جون کچون ڪپي ڇڏيون آخرڪار پڇتائيندا رهيا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (پر افسوس!) انهن ماڻهن اُن (ڏاچيءَ) کي لولو لنگڙو ڪري (ماري) ڇڏيو پوءِ ته اچي پشيمان ٿيڻ لڳا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَخَذَهُمُ العَذابُ إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 158) |
پوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (سچ پچ) هنن تي عذاب اچي ڪڙڪيو. بيشڪ انهيءَ واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (فسوس ته هنن مڪي جي ماڻهن مان) گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ الله انهن کي عذاب سان ورتو، بيشڪ انهي ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن ناهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (ڳالھ) ۾ هڪ وڏو سبق آهي، ۽ پڻ انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا نه هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ورتو انهن کي عذاب بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي، هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان اڪثر ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ وڏي ڪِنهن وِرھ، پُورو اُنهن کي پَڪڙيو. آهِن بيشڪ اُن ۾، پَڌرا پَٽ پَرياڻ، ۽ هرگز نه هُئا اُنهن مان، اَڪثر مَڃِيندڙ آڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کين عذاب اچي ورتو- بيشڪ انهي ۾ وڏي نشاني آهي- ۽ منجهائن گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ عذاب اچي کين پڪڙيو. بيشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي پر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ کين اچي ورايو عذاب، بيشڪ ان ۾ هڪ وڏي نشاني آهي، پر انهن مان ڪيترا ئي ماڻهو مڃڻ وارا نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ کين عذاب پڪڙيو. بيشڪ ان واقعي ۾ هڪ وڏي نشاني آهي. پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 159) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (هو نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار البته اهو غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِين سَندئـِي سُڄاڻ، سَٻر، سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حقيقت اها آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحيم به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت ۾ تنهنجو رب زبردست آهي ته رحم وارو به آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَت قَومُ لوطٍ المُرسَلينَ (آيت : 160) |
لُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ساڳيءَ طرح) حضرت لوط جي قوم جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) لوط جي قوم رسولن کي نه مڃيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ائين ئي) لوط جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو لوط جي قوم مرسلن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) لوط جي قوم رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪُوڙا قوم لُوط جي، ڪوٺيا مُرسل مِير، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”لوط“ جي قوم رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) لوط جي قوم رسولن کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڀانيو قوم لوط رسولن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) لوط ($) جي قوم به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لَهُم أَخوهُم لوطٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 161) |
جڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو سندن برادريءَ جي ماڻهن کي حضرت لوط (عليه السلام) چيو ته (افسوس جو توهان سخت شرمناڪ ۽ غليظ ڪم ڪري رهيا آهيو) (ڇا توهان خدا (جي عذاب) کان ڊڄوئي نٿا؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت سندن ڀاءُ (حضرت) لوط چيو ڇا توهان الله کان نٿا ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن انهن جي ڀاءُ لوط کين چيو ته اوهين الله کان ڇو نه ٿا ڊڄو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ لوط ڇو نه ٿا ڊڄو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ لوط چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ (هم قبيله) لوط چيو ته: ”ڇا توهان (الله کان) نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جڏهن آکيو لُوط اُنهن کي، سَندنِ ڀاءُ سُڌِير، ته سونڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌڻِئَ کان؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ لوط چيو ته ”ڇو نٿا ڊڄو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪريو، جڏهن سندن ڀاءُ لوط کين چيو هو: "ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو انهن کي سندن ڀاءُ لوط، ڇا توهان ڊڄو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن انهن کي سندن ڀاءُ لوط ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 162) |
بيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً مان اوهان ڏي رسول ڪري موڪليل آهيان، ۽ (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (مون تي اعتبار ڪيو مان توهان کي توهان جي ئي چڱائي لاءِ ضروري نصيحت ٿو ڏيان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون توهان لاءِ رسولِ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) آءُ ته اوهان جو امانت دار پيغمبر آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول، امين آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندڙ آهيان (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار پيغام رسان آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، اُماڻيل اَمِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان به توهان لاءِ هڪ امانت وارو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) يقينًا آءٌ توهان جي لاءِ رسول آهيان امانتدار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 163) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته خدا کان ڊڄو ۽ منهنجي چوڻ تي هلو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اوهين الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ تابعداري ڪيو منهنجي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ رکو خوف خدا جو، ٿيو تابِع سَندمِ تَلقِين، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ توهان ڊڄو الله کان ۽ منهنجي پيروي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 164) |
۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (ياد رکو ته) مان هن ڪم لاءِ (يعني خدائي حڪمن پهچائڻ جي عيوض) توهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته جهانن جي پروردگار جي ذمي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي جو اجورو ڪونه ٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ اوهان کان هن (رسالت جي تبليغ) جو اجورو (ته) نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو ساري خدائي جي پالڻهار (خدا) تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي رب تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ اوهان کان ان (تبليغِ دين) تي ڪو معاوضو نه ٿو گهران. منهنجو معاوضو ته رُڳو جهانن جي پالڻهار تي ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُن جو اجر اَوهان کان، پڻ گُھران ڪميَتْ ٻِي ڪِين، مُنهنجو بِل بِاليقين، ڏيهن جي ڏاتار تي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ اوهان کان ڪو اجورو ڪو نه ٿو گهران_ منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ان لاءِ توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته جهانن جي پالڻهار تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ آئون توهان کان طالب نه آهيان ڪنهن اجوري جو، منهنجو اجر ته الله رب العالمين جي ذمي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران، منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَتَأتونَ الذُّكرانَ مِنَ العٰلَمينَ (آيت : 165) |
جھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا سڄي جهان ۾ توهان ئي آهيو جي نرن ڏي (بدفعليءَ لاءِ) وڃو ٿا؟ (يا سڄي جهان ۾ توهان کي رڳو نر ئي بدفعليءَ لاءِ پسند آهن ڇا؟)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان جهان وارن مان مَردن سان برائي ڪريو ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا توهين (شهوت پرستي لاءِ) ساري جهان جي ماڻهن مان مردن ڏي ئي وڃو ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا اچو ٿا مڙسن ڏي جهانن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا جهان جي نرن ڏي وڃو ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان (نفساني خواهش پوري ڪرڻ لاءِ) جهان وارن مان مردن وٽ ئي اچو ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا؟ اَچو جُدا جھان وِچان، نَرن تي نادان!، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ڇو ٿا ائين ڪريو، جو دنيا جي نرن ڏي وڃو ٿا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا توهان دنيا جي مخلوق مان مردن وٽ ٿا وڃو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا توهان وڃو ٿا مردن وٽ (بڇڙائي لاءِ) دنيا جي مخلوق مان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) دنيا ۾ توهان اڪيلي قوم آهيو جيڪي (بدفعليءَ لاءِ ) مردن ڏانھن وڃو ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَذَرونَ ما خَلَقَ لَكُم رَبُّكُم مِن أَزوٰجِكُم بَل أَنتُم قَومٌ عادونَ (آيت : 166) |
۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ توهان جي لاءِ توهان جي پروردگار جيڪي زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏي ٿا ڏيو (۽ ڇوڪرن ۽ مردن ڏي ٿا وڃو). حقيقت هيءَ آهي ته توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي ليڪو لنگهي بيٺا آهيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن گھر وارين کي ڇڏيو ٿا جيڪي توهان لاءِ توهان جي رب پيدا ڪيون آهن، بلڪ توهان حد کان وڌندڙ قوم آهيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اوهان جي پاليندڙ جيڪي اوهان لاءِ اوهان جون زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏيو ٿا، پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڇڏيو ٿا اهو جيڪو پيدا ڪيو اوهان جي لاءِ رب اوهان جي زالن اوهان جن مان بلڪ اوهان قوم تجاوز ڪندڙ آهيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اوهان جي پاليندڙ جيڪي اوهان لاءِ اوهان جون زالون پيدا ڪيون آهن تن کي ڇڏيو ٿا، پر اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجي زالن کي ڇڏي ڏيو ٿا جيڪي اوهان جي پالڻهار اوهان لاءِ پيدا ڪيون آهن. بلڪه اوهان حد پار ڪندڙ قوم آهيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پِٽيل! ڇَڏيو پَنهنجون، جويون خُوب جوان، جَن کي اوهان لئي جوڙيو، اَهنجي ڌَڻِئَ دَيَان، بَلڪ بي فرمان، آهيو قوم ڪا ڍور ڪا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪي اوهان جون زالون اوهان لاءِ توهان جي ڌڻيءَ بنايون آهن، سي ڇڏي ٿا ڏيو؟ بلڪ اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ توهان جي زالن ۾ توهان جي رب توهان لاءِ جو ڪجهه پيدا ڪيو آهي، ان کي ڇڏي ٿا ڏيو؟ اصل ڳالهه اها آهي ته توهان ماڻهو ليڪا ئي لنگهي ويا آهيو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڇڏي ڏيندا آهيو جيڪي خلقيو آهي توهان جي لاءِ توهان جي رب توهان جي زالن ۾؟ بلڪ توهان ماڻهو ته حد کان ٽپي ويا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان جي پالڻھار توهان جي لاءِ گهر وارين جي شڪل ۾ (محبت جي جيڪا) ڪشش رکي آهي توهان ان کي ڇڏي ڏيو ٿا. حقيقت ۾ توهان ليڪا لنگهندڙ قوم آهيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا لَئِن لَم تَنتَهِ يٰلوطُ لَتَكونَنَّ مِنَ المُخرَجينَ (آيت : 167) |
چيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن (فاحش ماڻهن) جواب ڏنو ته، اي لوط! جيڪڏهن تون (هن واعظ ۽ نصيحت کان) باز نه ايندين ته اسان توکي ضرور (هن ملڪ مان ئي) ڪڍي ڇڏينداسين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو جيڪڏهن تون اي لوط (نصيحت کان) باز نه آئين ته ضرور توکي (شهر مان) نيڪالي ڏينداسين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته اي لوط! جيڪڏهن (ان ڳالھ کان) تون باز نه ايندين ته ضرور ڪڍي ٻاهر ڪيو ويندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون البته جيڪڏهن نه رڪجندين اي لوط! البته ضرور هوندين ڪڍيلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) چيائون ته اي لوط! جيڪڏهن (ان ڳالهه کان) تون باز نه ايندين ته ضرور تڙيلن مان ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”اي لوط جيڪڏهن تون (ان ڳالهين کان) بس نه ڪندين ته تون ضرور شهر بدر ٿيلن مان هوندين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چيائون ته چوڻ کان، جيڪڏهن، لُوط ! نه ٿيِندين بَند ته نِڪتل گھر ۽ گام کان، هُوندين ٻئي ڪِنهن هَند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته ”اي لوط! جيڪڏهن تون باز نه ايندين، ته ضرور هتان لوڌبين.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "اي لوط! جي تون انهن ڳالهين کان پاسو نه ڪيو ته توکي به اسان جي آبادين مان تــڙي ڪڍيل ماڻهن ۾ شامل ٿيڻو پوندو". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، جي تون انهن ڳالهين کان نه مڙندين اي لوط ته جيڪي ماڻهو اسان جي آبادين مان ڪڍيا ويا آهن، تون به انهن ۾ شامل ٿيندين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته اي لوط! جيڪڏهن تون (پنهنجي ڳالهه تان) نه هٽندين ته (اسان جي طرفان) توکي به ٻين ماڻهن وانگر (ديس) نيڪالي ڏني ويندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ إِنّى لِعَمَلِكُم مِنَ القالينَ (آيت : 168) |
لُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (تنهن تي) حضرت لوط چيو ته، مون کي اوهان جي (برن) عملن کان سخت نفرت آهي، (سو مان پاڻ به اوهان وٽ رهڻ ۾ راضي نه آهيان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (حضرت) لوط چيو بيشڪ آئون توهان جي عملن کان سخت ناراض آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (لوط) چيو ته بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم کان نفرت ڪندڙن مان آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته بلاشڪ مان اوهان جي عمل لاءِ دشمني رکندڙن مان آهيان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) لوط چيو ته بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم کان نفرت ڪندڙن مان آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (لوط) چيو:” بيشڪ آءٌ اوهان جي عمل کان نفرت ڪندڙن مان آهيان“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، ڪَندڙ اَهنجي ڪم کي، آهيان نِپٽ ناپَسند، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”بيشڪ آءُ اوهان جي ڪم جو دشمن آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن چين: "مان ته توهان جي ڪڌن ڪرتوتن تي سخت بــُـڇان ڪرڻ وارن مان آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) لوط چيو، بيشڪ آئون به انهن ۾ شامل آهيان جيڪي توهان جي ڪرتوتن تي ڪڙهي رهيا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (لوط $) چيو ته: مون کي توهان جي ان (بُري) ڪم کان ڏاڍي بُڇان ٿي لڳي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
رَبِّ نَجِّنى وَأَهلى مِمّا يَعمَلونَ (آيت : 169) |
اي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (حضرت لوط پوءِ خدا کي پڪاريو ته) اي منهنجا پروردگار! مون کي ۽ منهنجي خاندان جي ماڻهن کي هنن (فاحش) ماڻهن جي عملن (جي شامت کان يا سندن ظلم) کان بچائي وٺ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اي منهنجا رب تون مون کي ۽ منهنجي اهل کي انهن جي عمل کان نجات ڏي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (۽ دعا گهريائين) پالڻهار! جيڪي هي ماڻهو ڪن ٿا تنهن کان مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي بچائي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اي منهنجا پالڻهار! ڇڏاءِ مون کي ۽ منهنجي اهل کي ان کان جيڪو ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اي منهنجا پاليندڙ اهي جيڪي ڪم ڪن ٿا تن کان مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي بچاءِ! پوءِ ان کي ۽ ان جي سڀني گهر وارن کي بچايوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اي منهنجا پالڻهار! تون مون کي ۽ منهنجي گهروارن کي نجات ڏي جيڪي اُهي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) مون ۽ مُنهنجي ڀاتِيئَن رَکه، سَندمِ خداوند! تِنهن اڳرايان آڳند، جنهن جون دَم دَم ڏِين ڌَمڪيون(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اي منهنجا ڌڻي! هنن جي ڪم جي عذاب کان مون ۽ منهنجي گهر وارن کي بچاءِ!“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اي منهنجا رب! تون مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي انهن جي ڪڌن ڪمن کان ڇوٽڪارو ڏي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اي رب! ڇوٽڪارو ڏي مون کي ۽ منهنجي عيال کي انهن جي بدڪردارين کان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ منھنجي گهر وارن کي هنن جي بُري عمل کان نجات ڏيار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَنَجَّينٰهُ وَأَهلَهُ أَجمَعينَ (آيت : 170) |
پوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو اسان هن کي ۽ سندس سڀني مڃيندڙن کي بچائي ورتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اسان (حضرت) نوح کي ۽ سندس سموري اهل کي نجات ڏني(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ان کي ۽ ان جي سڀني گهروارن کي بچايوسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڇڏايوسين ان کي ۽ ان جي اهل کي مڙني کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) هڪ ٻڍڙي زال کانسواءِ جا رهندڙن ۾ رهجي وئي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ان کي ۽ سندس سڀ گهراڻي کي نجات ڏني.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ آجو ڪيو سون اُن کي، پڻ اُن جو مِڙئـِي عَيال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ کيس ۽ سندس سڀني ڀاتين کي بچايوسون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اسان کيس ۽ سندس ساري ڪٽنب کي بچائي ورتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان بچايو هن کي ۽ سندس سموري عيال کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان اُن کي ۽ سندس گهر وارن سڀني کي نجات ڏني. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلّا عَجوزًا فِى الغٰبِرينَ (آيت : 171) |
سواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سواءِ هڪ ٻڍي عورت جي (جا سندس ئي زال هئي) اها (پاڻ بي ايمان ٿي) پٺتي رهجي پيئي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر هڪ پوڙهي جيڪا پوئتي رهندڙن ۾ هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پر لوط جي) هڪ ٻڍڙي زال کان سواءِ جا پٺتي رهجي ويئي (۽ هلاڪ ٿي).(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر هڪ پوڙهي رهجي ويندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري ٻين کي برباد ڪيوسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ هڪ ڪراڙي عورت جي جا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڌران ڌَڃاڻِي پوڙهڙِي، پوين ۾ پئمال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ ٻڍڙيءَ جي، جا پوين ۾ رهجي ويئي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سواءِ هڪ پوڙهيءَ جي جيڪا پوئتي رهجي وڃڻ وارن مان هئي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ هڪ پوڙهيءَ جي، جيڪا پوئتي رهڻ وارن مان هئي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ اُن پوڙهيءَ جي جيڪا پوئتي رهندڙن ۾ شامل هئي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ دَمَّرنَا الءاخَرينَ (آيت : 172) |
وري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ٻين کي اسان ناس ڪري ڇڏيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ اسان انهن ماڻهن کي بربراد ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ هلاڪ ڪيوسين ٻين کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ مٿن هڪ قسم جو مينهن وسايوسون (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اسان ٻين کي هلاڪ ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) موٽي ٻِيا مَتوال، مارياسون مُورهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ٻين جي پاڙ پٽي ڇڏي سون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ رهيل سڀني ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيوسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اسان تباهه ڪيو باقي رهيل ماڻهن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اسان سڀني پوئتي رهندڙن کي ملياميٽ ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَمطَرنا عَلَيهِم مَطَرًا فَساءَ مَطَرُ المُنذَرينَ (آيت : 173) |
۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اسان هنن (فاحش ماڻهن) تي پٿرن جو مينهن وسايو. سو (ڏسو ته) جن ماڻهن کي خبردار به ڪيو ويو (پر ته به نصيحت نه مڃيائون.) تن تي ڪهڙو نه بڇڙو مينهن وسيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسان انهن تي هڪ سخت بارش وسائي، پوءِ ڊيڄاريلن لاءِ اها تمام خراب بارش هئي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ انهن تي اسان (پٿرن جو) مينهن وسايو. ته جن ماڻهن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄاريو ويو هو تن تي ڪهڙي نه بچڙي بارش هئي!(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ وسايو سون انهن تي (پٿرن جو) مينهن پوءِ برو هو مينهن ڊيڄاريلن جو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڊيڄاريلن جو ڪهڙو نه مينهن بڇڙو هو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان انهن تي (پٿرن جو) مينهن وسايو، پوءِ ڊيڄاريل ماڻهن جو مينهن ڏاڍو بڇڙو هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ وَسايو سون اُنهن تي، پوءِ ڪَڪَر ڪَڪَّرِيُن نال، بُڇڙو ٿيو بَحال، وَسڪارو واقفئـِيَن.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهن تي مينهن وسايوسون، پوءِ جن شخصن کي خبردار ڪيل هو، تن تي ڪهڙو نه بُرو مينهن هو! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ مٿن هڪڙي برسات وسائي سون، ڏاڍي بڇڙي هئي اها برسات، جيڪا انهن ڊيڄاريل ماڻهن مٿان نازل ٿي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ وسايوسين انهن تي مينهن، ڏاڍو برو مينهن انهن ڊنل ماڻهن تي نازل ٿيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان انهن جي مٿان (پٿرن جو) مينھن وسايو پوءِ ڊيڄاريل ماڻهن جي مٿان (وَسايل) مينھن ڪيڏو نه بُرو هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 174) |
بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ هن واقعي ۾ هڪ وڏي عبرت آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان وارا ئي نه هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي. هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (واقعي) ۾ هڪ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بيشڪ پَڌرو اُن ۾، آهي ڪو اُهڃاڻ، ۽ مُؤمن نه هُئا مُورهِين، اَڪثر اُهي اَڄاڻ،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بلاشڪ ان ۾ هڪ نشاني آهي مگر انهن مان گهڻا مڃڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي پر انهن مان اڪثر ماڻهو مڃڻ وارا نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان واقعي ۾ وڏي نشاني آهي، پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 175) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) تنهنجو پرودگار ئي آهي جو سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ تي) غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجو رب البته اهو غالب، مهربان آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب (۽) نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ سائـِين سَندئي سُڄاڻ، سَٻر، سَٻاجھو گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حقيقت ۾ تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ رحم ڪرڻ وارو به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي رحم ڪرڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذَّبَ أَصحٰبُ لـَٔيكَةِ المُرسَلينَ (آيت : 176) |
(شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (ساڳيءَ طرح) ائڪه جي ماڻهن به رسولن کي نه مڃيو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اَصحَابُ الاَ يۡڪَةِ (گھاٽي ٻيلي ۾ رهندڙ ماڻهو) انهن رسولن کي نه مڃيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (اهڙي طرح) جهنگ جي رهڻ وارن (منهنجي) پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڪوڙو چيو ايڪہ شهر وارن مرسلن کي . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شهر ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ايڪه (جهنگل) وارن رسولن کي ڪوڙو چيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ايڪه وارن ڪوٺيا، ڪُوڙا مُرسل مِير،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ”اَيڪَهۡه“ (ڳوٺ) وارن رسولن کي ڪوڙو سمجهيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) "ايڪــھ" وارن رسولن کي ڪوڙو سڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڪوڙو ڀانيو ايڪه وارن رسولن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ايڪه وارن به رسولن کي ڪوڙو ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِذ قالَ لَهُم شُعَيبٌ أَلا تَتَّقونَ (آيت : 177) |
جڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڏسو حضرت شعيب هنن کي چيو ته (توهان واپار ۾ ٻين کي نقصان ٿا رسايو) ڇا توهان کي خدا جو خوف ئي نٿو ٿئي؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جنهن وقت کين شعيب چيو ڇا توهان نٿا ڊڄو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جڏهن شعيب انهن کي چيو ته اوهين (خدا کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جڏهن چيو انهن کي شعيب ڇا نه ٿا ڊڄو؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جڏهن انهن کي شعيب چيو ته ڇا اوهين نه ٿا ڊڄو؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جڏهن کين شعيب چيو ته: ”ڇا اوهان نه ٿا ڊڄو؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) شُعيب شاھ اُنهن کي، جَڏهن وَراڻيو وَيَر، سو نڪو مَنجھ سَرِير، ڌاريو ڇو نه ڌَڻِئَ کان؟ (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جڏهن انهن کي شعيب چيو ته ”ڇو نٿا ڊڄو؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ياد ڪر، جڏهن شعيب کين چيو هو ته "ڇا توهان ڊڄو نٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (ياد ڪر اي نبي!) جڏهن چيو انهن کي شعيب ڇا توهان ڊڄو نٿا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) جڏهن کين شعيب ($) چيو ته توهان ڇو نٿا ڊڄو؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنّى لَكُم رَسولٌ أَمينٌ (آيت : 178) |
بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً مان توهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهيان، (توهان کي معلوم آهي ته) مان امين آهيان (۽ اعتبار جي لائق آهيان).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ آئون رسولِ امين آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت دار پيغمبر آهيان،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ مان اوهان جي لاءِ رسول امين آهيان . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ آءُ اوهان جي واسطي امانت وارو پيغام آڻيندڙ آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ آءٌ اوهان ڏانهن امانتدار رسول (بنجي آيو) آهيان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آءٌ اوهان ڏي آهيان، مُرسل مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ آءُ اوهان لاءِ امانتدار رسول آهيان. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان توهان لاءِ هڪ اعتبار جوڳو رسول آهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ آئون توهان لاءِ هڪ رسول آهيان امانتدار(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ مان توهان وٽ ايماندار رسول جي حيثيت ۾ آيو آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَاتَّقُوا اللَّهَ وَأَطيعونِ (آيت : 179) |
پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ۽ منهنجي حڪمن جي پيروي ڪيو (ڇو ته اهي حڪم الله جا آهن).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ خدا کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي اطاعت ڪيو .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چوڻ مڃيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِرکو خوف خُدا جو، پاريو مُنهنجي پَر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري توهان الله کان ڊڄو ۽ منهنجي اطاعت ڪريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ ڊڄو الله کان ۽ منهنجي پيروي ڪريو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ توهان الله تعالى کان ڊڄو ۽ منھنجي اطاعت ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَسـَٔلُكُم عَلَيهِ مِن أَجرٍ إِن أَجرِىَ إِلّا عَلىٰ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 180) |
بيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (منهنجي سچائيءَ جي لاءِ هيءَ به ثابتي آهي ته) مان انهيءَ (تبليغ جي) ڪم لاءِ اوهان کان ڪو اجورو ڪونه ٿو گهران. منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي پالڻهار جي ذمي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ آئون توهان کان انهيءَ تي ڪو اجورو نٿو گھران، منهنجو اجر رب العالمين تي آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ آءُ اوهان کان (تبليغ رسالت) جو اجورو نه ٿو گهران، منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو گهران مان اوهان کان ان تي ڪو اجورو ناهي اجورو منهنجو مگر جهانن جي رب تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ آءُ اوهان کان ان تي ڪو اجورو نه ٿو گهران. منهنجو اجورو رڳو جهان جي پاليندڙ تي آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ آءٌ ان (تبليغ) تي توهان کان ڪا اُجرت نه ٿو گهران، منهنجي اُجرت ته جهانن جي پالڻهار مٿان ئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ مُنهنجو ڪِنهن تي مُورهين، ناهي با مگر، پورهيو سِر پَرور، جو پالڻهار پِرٿڻِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) آءُ اوهان کان انهي تي ڪو به اجورو ڪو نه ٿو گهران_ منهنجو اجورو ته فقط جهانن جي ڌڻيءَ تي آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) مان ان لاءِ توهان کان ڪوبه اجورو نٿو گهران، منهنجو اجر ته رب العالمين تي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه آهيان طالب توهان کان ڪنهن به اجوري جو ان ڪم جي لاءِ، منهنجو بدلو ته الله رب العالمين جي ذمي آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مان توهان کان سمجهائڻ جو ڪو اجر ته نٿو گهران منھنجو اجر ته جھانن جي پالڻھار جي مٿان آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوفُوا الكَيلَ وَلا تَكونوا مِنَ المُخسِرينَ (آيت : 181) |
ماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوري ماپ ڪري ڏيو (نه گهٽ ڏيو) ۽ ماڻهن کي نقصان نه پهچائيندا ڪريو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ماپ پوري ڪريو ۽ توهان گھٽ ماپ ڪندڙن مان نه ٿيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ماڻ پورو ڀريو ۽ گهٽ مئيندڙن مان نه ٿيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوري ڪيو ماپ ۽ نه هجو گهٽائيندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ماڻ پورو ڀريو ۽ گهٽ ماپيندڙن مان نه ٿيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻ پورا ڀريو ۽ گهٽ ماپيندڙن مان نه ٿيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڀَريو برابر ماڻ، ۽ ڪُسانگن مان ڪِين ٿيو، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اوهين ماڻ پورو ماپيو ۽ نقصان لڳائيندڙن مان نه ٿيو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ماپ پوريءَ طرح ڀري ڏيو ۽ ڪنهن کي گهٽ نه ڏيو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ماپ پوري ڪريو ۽ ڪنهن کي به ڪو نقصان نه ڏيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوري تور ڪندا ڪريو. گهٽ تور وارن مان نه ٿيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَزِنوا بِالقِسطاسِ المُستَقيمِ (آيت : 182) |
۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ سڌي ۽ سچي تارازيءَ سان تور ڪيو (ائين نه ڪيو جو ڏيڻ مهل گهٽ توري ڏيو ۽ وٺڻ مهل وڌيڪ توري وٺو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان سڌي ساهمي سان وزن ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ توهين (تور ۾) سڌي ترازيءَ سان توريو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ تور ڪيو ساهميءَ سڌيءَ سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سئين ترازيءَ سان توريو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تور برابر توريو، پُورو پُڙ پُڙ ساڻ، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سچيءَ ساهميءَ سان توريو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سنئينءَ تارازي سان توريو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ماپ تور ڪريو بلڪل سنئين تارازيءَ سان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ سڌي تارازي سان صحيح تور ڪندا ڪريو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلا تَبخَسُوا النّاسَ أَشياءَهُم وَلا تَعثَوا فِى الأَرضِ مُفسِدينَ (آيت : 183) |
۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو (نڪي پاڻ وٽ روڪي رکو) ۽ زمين تي (ٺڳيون ۽) بگاڙ نه ڪندا وتو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ ماڻهن کي سندن شيون کُٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي نه ڦرو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ماڻهن کي سندن شيءَون گهٽ نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙيو نه وجهو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه گهٽايو ماڻهن کان شيون انهن جون ۽ نه پکڙجو زمين ۾ فساد ڪندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو ۽ زمين ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجهو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ماڻهن کي سندن شيون (ماپ ۽ تور ۾) گهٽائي نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد مچائيندا نه وتو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ماڻهن جي مال ۾، رَکو نه ڪائـِي ڪاڻ، ڀُون ۾ بگيڙ ساڻ، مُورکه نه گُھمو مُورهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ فسادي ٿي ڦيٽارو نه وجهو- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ نه ڏيو، زمين ۾ فساد نه وجهندا وتو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ گهٽ نه ڏيو ماڻهن کي سندن شيون، ۽ نه پکيڙيو (ڪوبه) زمين ۾ فساد ۽ بگيڙو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ماڻهن کي انهن جون (خريد ڪيل) شيون گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ زمين ۾ فساد نه ڦھلائيندا وتو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاتَّقُوا الَّذى خَلَقَكُم وَالجِبِلَّةَ الأَوَّلينَ (آيت : 184) |
۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ انهيءَ خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن اوهان کي به خلقيو ۽ اوهان کان اڳين پيڙهين کي به. (جنهن اوهان کي پيدا ڪيو آهي سو اوهان کي برن عملن جي سزا به ڏئي سگهي ٿو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان ان الله کان ڊڄو جنهن توهان ۽ توهان کان اڳين مخلوق کي پيدا ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ ان کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ اڳئين خلق کي پيدا ڪيو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊڄو ان کان جنهن پيدا ڪيو اوهان کي ۽ مخلوق پهرينءَ کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ ان کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ اڳينءَ خلق کي پيدا ڪيو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ان (الله) کان ڊڄو جنهن اوهان کي ۽ پهرين امتن کي پيدا ڪيو“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ڊِڄو اُن کان، جنهن جوڙيان، پڻ جيڪا اَڳــئين، جوڙ(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي کان ڊڄو، جنهن اوهان کي خواهه اڳين خلق کي خلقيو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ انهيءَ هستيءَ کان ڊڄو، جنهن توهان کي ۽ اڳين نسلن کي پيدا ڪيو آهي". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊڄو ان کان جنهن خلقيو آهي توهان کي ۽ گذريل نسلن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان پاڪ هستيء کان ڊڄو جنھن توهان کي ۽ توهان کان اڳ گذريل مخلوق کي پيدا ڪيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالوا إِنَّما أَنتَ مِنَ المُسَحَّرينَ (آيت : 185) |
چيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هنن جواب ۾ چيو ته، توتي ڪو جادوءَ جو اثر پيل آهي، (۽ پاڳل ٿي پيو آهين.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) انهن چيو تو تي ته جادو ٿيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) انهن چيو ته تون انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائون تون ته رڳو جادو ڪيلن مان آهين .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) انهن چيو ته تون انهن مان ئي آهين جن تي جادو ڪيل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) چيائون: ”تون ته صرف جادو شده ماڻهن مان ئي آهين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، تون آهِين توڙ، جادؤَ جَھليلن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائون ته تون ”بلڪل جادوءَ جو ماريل آهين. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن چيو: "تون ته رڳو ڪو جادو ڪيل شخص آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) انهن چيو، حقيقت ۾ تون ته هڪ جادو ڪيل انسان آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن چيو ته بيشڪ تون جادو ٿيل ماڻهو لڳين ٿو(توتي ڪنھن جادو ڪري ڇڏيو آهي) (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَنتَ إِلّا بَشَرٌ مِثلُنا وَإِن نَظُنُّكَ لَمِنَ الكٰذِبينَ (آيت : 186) |
۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ تون ڪجهه به نه آهين، سواءِ هن جي ته اسان جهڙو ماڻهو آهين. بيشڪ اسان توکي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ تون اسان جهڙو بشر آهين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙو سمجھون ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين ۽ بلا شڪ اسين تو کي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ناهين تون مگر بشر اسان جهڙو ۽ بيشڪ يقين ٿا ڪيون اسين توکي البته ڪوڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ تون رڳو اسان جهڙو ماڻهو آهين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان خيال ڪريون ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ تون ته رڳو اسان جهڙو بشر ئي آهين. ۽ بيشڪ اسان تو کي ڪوڙن مان سمجهون ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه آهِين تون مگر، ماڻهو اَسان مِثال، ۽ توکي نه اَسِين ڪُوڙن مان ڀايون ٿا بَحال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ تون فقط اسان جهڙو ئي ماڻهو آهين ۽ اسين ته توکي ڪوڙو ئي ٿا ڀانيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ آهين به ته رڳو اسان جهڙو ئي بشر ۽ اسان ته توکي ڪوڙو ٿا سمجهون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ (هي به ته) تون اسان جهڙو ئي هڪ انسان آهين، (جنهن ڪري) اسان اهو ئي ڀانيون ٿا ته تون بلڪل ڪوڙو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ تون اسان جھڙو ئي انسان آهين پر اسان توکي ڪوڙن ماڻهن مان سمجهون ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَأَسقِط عَلَينا كِسَفًا مِنَ السَّماءِ إِن كُنتَ مِنَ الصّٰدِقينَ (آيت : 187) |
جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) جيڪڏهن تون (پنهنجي انهيءَ دعويٰ ۾) سچو آهين (ته مان خدا جو رسول آهيان) ته آسمان مان اسان تي ڇپ ڪيراءِ؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ تون اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيراءِ جيڪڏهن تون (پنهنجي نبوت ۾) سچو آهين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪر ڪيرائي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪيراءِ اسان تي ٽڪرو آسمان مان جيڪڏهن آهين تون سچن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين ته اسان تي آسمان جا ڪي ٽڪرا ڪيراءِ. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ تون اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيراءِ جيڪڏهن تون سچن مان آهين“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اُڀ کان، ڇِپ اَسان تي، ڪيراءِ ڪمال!، نبِي! نيڪ نِهال، جي صَفا سَچن مان آهِين.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جي سچو آهين ته اسان تي آسمان مان ڇپ ڪيراءِ.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڀلا جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان تي آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيرائي ڏيکار". (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تون اسان تي ڪيراءِ هڪ ٽڪرو آسمان مان، جي تون واقعي سچو آهين.(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (ها باقي) جيڪڏهن تون سچو آهين ته اسان جي مٿان آسمان جو ڪو ٽڪرو ڪيرائي ڏيکار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
قالَ رَبّى أَعلَمُ بِما تَعمَلونَ (آيت : 188) |
(شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) حضرت شعيب تنهن تي (نماڻائيءَ سان) جواب ڏنو ته، منهنجو پروردگار ئي بهتر ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ڪهڙا (برا) عمل ڪري رهيا آهيو (۽ اهوئي اوهان تي ڇپ ڪيرائي سگهي ٿو يا ٻئي طرح سزا ڏئي ٿو سگهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شعيب چيو توهان جيڪو ڪريو ٿا منهنجو رب ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) شعيب چيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي منهنجو پالڻهار گهڻو ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) چيائين ته منهنجو رب وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي جيڪي ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) شعيب چيو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي منهنجو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (شعيب) چيو: ”منهنجو پالڻهار چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي جيڪي توهان عمل ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چي، سانيَمِ سَمجھندڙاُن کي، ڪريو جي ڪم ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) چيائين ”اوهان جي ڪمن کي منهنجو ڌڻي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) شعيب چين: "منهنجو رب ڄاڻي ٿو، جيڪي توهان ڪيو ٿا" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) شعيب چيو، منهنجو رب ڄاڻي ٿو جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (شعيب $) چيو ته منھنجو پالڻھار ئي توهان جي ڪمن کان خوب واقف آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَكَذَّبوهُ فَأَخَذَهُم عَذابُ يَومِ الظُّلَّةِ إِنَّهُ كانَ عَذابَ يَومٍ عَظيمٍ (آيت : 189) |
پوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر هنن کيس نه مڃيو (۽ گناهه ڪندا رهيا) سو ڇانو واري ڏينهن جي عذاب اچي کين پڪڙيو (شايد ڪنهن ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ ڪري چوڌاري دونهون ۽ پٿر اڏاڻا ۽ ڪريا جن جي ڪري ڪجهه قدر اوندهه ٿي ويئي ۽ ماڻهن تي اهڙيون ڇپون ڪريون جو تباهه ٿي ويا.) بيشڪ اهو هڪڙي وڏي سخت ڏينهن جو سخت عذاب هو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ انهن ان کي ڪوڙو سمجھو، پوءِ انهن کي پاڇولي واري ڏينهن وارو عذاب پهتو، بيشڪ اهو وڏي ڏينهن وارو عذاب هو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) مطلب ته شعيب کي ڪوڙو ڪيائون ته کين ڇانو ڪندڙ (ڪڪر) جي عذاب اچي پڪڙيو. بيشڪ هي (به) هڪ وڏي (سخت) ڏينهن جو عذاب هو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ڪوڙو چيائون ان کي پوءِ پڪڙيو انهن کي عذاب ڇٽيءَ واري ڏينهن جي بيشڪ اهو هو عذاب ڏينهن وڏي جو . (احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ان کي ڪوڙو ڪيائون پوءِ انهن کي ڇانو ڪندڙ (ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب پڪڙيو (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ کيس ڪوڙو چيائون ۽ انهن کي ڇانوَ ڪندڙ (ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب پڪڙيو. بيشڪ اُهو هڪ زبردست ڏينهن جو عذاب هيو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪُوڙو ڪوٺِيؤن اُن کي، پوءِ سزا سَخت اَپار، ڏِينهن ڇَمر ۽ ڇانوڙي، ڪيْئَنْ گِرفتار، اُهو ڏِينهن آزار، ويتر هو وَڏاندرو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ان کي ڪوڙو ڀانيائون، ان ڪري ڇانو واري ڏينهن جي عذاب کين اچي ورتو- بيشڪ اهو انهي وڏي ڏينهن جو عذاب هو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انهن کيس ڪوڙو سڏيو، نيٺ ڇــَـٽيءَ (ڇانوَ ڪندڙ ڪڪر) واري ڏينهن جي عذاب اچي کين سوگهو جهليو ۽ اهو ڏاڍي خوفناڪ ڏينهن وارو عذاب هو (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ انهن کيس ڪوڙو چيو، پوءِ انهن کي اچي عذاب ورتو ڇانوَ ڪندڙ ڪڪر واري ڏينهن، بيشڪ اهو عذاب تمام خوفناڪ ڏينهن جو عذاب هو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اُنهن ماڻهن کيس ڪوڙو ڪيو ۽ جُهڙ جي ڏينھن واري عذاب کين پڪڙيو. بيشڪ اهو وڏي ڏينھن وارو عذاب هو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّ فى ذٰلِكَ لَءايَةً وَما كانَ أَكثَرُهُم مُؤمِنينَ (آيت : 190) |
بيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بيشڪ هن واقعي ۾ وڏي عبرت جي نشاني آهي، پر (افسوس جو) هنن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ انهيءَ ۾ فڪر ڪندڙن لاءِ نشاني آهي، ۽ انهن مان اڪثر مؤمن نه هئا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) هن ۾ شڪ نه آهي ته هن ۾ (سمجھ وارن جي لاءِ) هڪ وڏو سبق آهي ۽ انهن مان گهڻا ته ايمان آڻڻ وارا ئي نه هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ ان ۾ البته نشاني آهي ۽ نه هئا گهڻا انهن مان مؤمن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهو هڪ وڏي ڏينهن جو عذاب هو. بيشڪ ان ۾ (وڏي) نشاني آهي، هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ ان (واقعي) ۾ وڏي نشاني آهي. ۽ انهن مان گھڻا ايمان آڻڻ وارا نه هئا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) آهي نِشاني اُن ۾، ڪا کُليل خُوب خبر، ۽ اَڪثر نه هُئا اُنهن مان، مُؤمن مُعتبر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ انهي ۾ نشاني آهي ۽ انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه هئا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) بيشڪ انهيءَ ۾ هڪڙي نشاني آهي مگر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا ناهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ انهيءَ ۾ هڪ نشاني آهي، پر انهن مان گهڻا ماڻهو مڃڻ وارا نه آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ ان واقعي ۾ وڏي نشاني آهي پر پوءِ به انهن مان گهڻا ماڻهو ايمان نٿا آڻين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ العَزيزُ الرَّحيمُ (آيت : 191) |
۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ (نٿا ڄاڻن ته) بيشڪ تنهنجو پروردگار ئي اهو آهي جو سڀني تي غالب آهي ۽ وڏي رحم وارو به آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ توهان جو رب ئي غالب ٻاجھارو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پروردگار يقينا (سڀ تي) غالب ۽ نهايت رحم وارو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار البته اهوئي غالب، مهربان آهي. ع(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ئي غالب نهايت رحم وارو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار اُهو ئي غالب ٻاجهارو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بِلڪُل آهي تُنهنجو، اُهو رَبُّ رهبر، زوراورزَبر، ۽ مِڙنيان مِهربان گھڻو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ تنهنجو ڌڻي ئي غالب مهربان آهي.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو رب زبردست به آهي ۽ ٻاجهه ڪندڙ به (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ حقيقت هي آهي ته تنهنجو رب زبردست آهي ته رحيم به آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ تنھنجو پالڻھار زبردست ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَتَنزيلُ رَبِّ العٰلَمينَ (آيت : 192) |
۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً هيءُ (قرآن) ساري جهان جي پروردگار جو نازل ڪيل آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن ڪريم) رب العالمين جو نازل ڪيل آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) بيشڪ هي (قرآن) سموري خدائيءَ جي پالڻهار (خدا) جو نازل ڪيل آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو البته رب العالمين جو لاٿل آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهان جي پاليندڙ جو لاٿل آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اهو (قرآن) جهانن جي پالڻهار جو نازل ڪيل آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ هي اتارا اهار، ڏيهن جي ڏاتار کان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ هي قرآن جهانن جي ڌڻيءَ کان لاٿل آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ هي (قرآن) رب العالمين طرفان نازل ڪيل آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ هي نازل ڪيل (ڪتاب) رب العالمين جي طرفان آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ بيشڪ هي قرآن جھانن جي پالڻھار جي طرفان نازل ڪيل آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
نَزَلَ بِهِ الرّوحُ الأَمينُ (آيت : 193) |
اُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ان کي روح الامين (حضرت جبرائيل) کڻي آيو آهي، (جو بيشڪ سچو ۽ ايماندار فرشتو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو جبريل امين توهان جي قلب مبارڪ تي لاٿو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جنهن کي روح الامين (جبرائيل) کڻي نازل ٿيو،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لاٿو ان کي روح الامين (جبريل) .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي امانت واري روح (جبرئيل) نازل ڪيو آهي، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان کي روح الامين (جبرائيل) لاهي آندو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اتارئو روح ان کي، جو اماني اهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جنهن کي ايماندار روح لاٿو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جنهن کي ساڻ کڻي امانت وارو روح (جبرئيل) اچي لٿو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ان کي کڻي آيو امانت وارو روح (جبريل)(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ان کي روح الامين (يعني جبرائيل $ ) لاٿو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
عَلىٰ قَلبِكَ لِتَكونَ مِنَ المُنذِرينَ (آيت : 194) |
تنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر! اهو قرآن) تنهنجي قلب تي نازل ڪيو وڃي ٿو، انهيءِ لاءِ ته تون (ماڻهن کي خدا جي نافرمانيءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرين.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان لاءِ ته توهان ڊيڄاريندڙ هجو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) تنهنجيءَ دل تي، هن ڪري ته تون به (ٻين پيغمبرن وانگر ماڻهن کي) ڊيڄارين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) دل تنهنجيءَ تي تانته هجين ڊيڄاريندڙن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) تنهنجي دل تي ته تون ڊيڄاريندڙن مان ٿئين، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) تنهنجي دل تي ته جيئن تون ڊيڄاريندڙن مان بنجين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تنهنجي هِيـين تي هوشيار!، ته هُجِين ڄاڻوين مان ڄام تون.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تنهنجي قلب تي ته تون ماڻهن کي ڊيڄارين(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنجي دل تي تانته تون انهن ماڻهن ۾ شامل ٿئين جيڪي (الله پاران خلق کي) خبردار ڪرڻ وارا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تنهنجي دل تي لٿو جيئن تون انهن ماڻهن ۾ شامل ٿئين (جيڪي الله طرفان) ماڻهن کي خبردار ڪندڙ آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تنھنجي دل تي نازل ڪيو ته جيئن تون (به) ماڻهن کي ڊيڄاريندڙن ۾ شامل ٿئين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
بِلِسانٍ عَرَبِىٍّ مُبينٍ (آيت : 195) |
(جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهو قرآن مجيد) چٽي ۽ چٽائي ڪندڙ عربي زبان ۾ (نازل ڪيو ويو آهي).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اهو قرآن) صاف عربي زبان ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پڻ صاف عربي زبان ۾،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) زبان عربي روشن سان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ . (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) صاف صاف عربي زبان ۾ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) عَربِي، سَولِي، صاف هِي، قادِر جو قرآن، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) صاف عربيءَ ٻوليءَ ۾ آهي(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) صاف چٽيءَ عربي زبان ۾ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بلڪل صاف عربي زبان ۾ آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (هي قرآن) صاف عربي ٻولي ۾ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَإِنَّهُ لَفى زُبُرِ الأَوَّلينَ (آيت : 196) |
۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ يقيناً ان جي ذڪر اڳوڻن خدائي ڪتابن ۾ ڪيل آهي (ته آخري پيغمبر مڪي ۾ پيدا ٿيندو ۽ مٿس آخري ڪتاب قرآن مجيد نازل ٿيندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ انهيءَ جو ذڪر پهرين صحيفن (ڪتابن) ۾ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ بيشڪ ان جي خبر اڳين (پيغمبرن جي) ڪتابن ۾ (به موجود) آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهو البته صحيفن اڳين جي ۾ آهي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ بيشڪ اهو اڳين جي ڪتابن ۾ (لکيل) آهي. ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني نه آهي؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهو اڳين امتن جي صحيفن ۾ (ذڪر ٿيل) آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) بِلڪُل هِي بيان، مَنجھ اوتارن اڳين جي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اهو پهرين ڪتابن ۾ به آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو ته آڳاٽن ماڻهن وارن ڪتابن ۾ به موجود آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ بيشڪ اهو اڳين ماڻهن جي ڪتابن ۾ به آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اُن جي اچڻ جي خبر پھريان نازل ڪيل ڪتابن ۾ موجود آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَوَلَم يَكُن لَهُم ءايَةً أَن يَعلَمَهُ عُلَمٰؤُا۟ بَنى إِسرٰءيلَ (آيت : 197) |
اُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا هنن (مڪي جي ڪافرن) لاءِ هي نشاني ڪافي ناهي ته ان (جي سچائيءَ) کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا (۽ ايمان آڻين ٿا. سچ پچ ڪن تمام وڏن يهودي ۽ عيسائي بزرگن ايمان آندو.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا انهن لاءِ اها نشاني ناهي، جو ان کي بني اسرائيل جا عالم ڄاڻن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني (ڪافي) نه آهي جو ان ڳالھ کي بني اسرائيلن جا عالم ڄاڻن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه هئي انهن جي لاءِ نشاني هيءَ ته ڄاڻن ان کي عالم بني اسرائيل جا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو بني اسرائيلن جا عالم ان کي ڄاڻن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا انهن لاءِ هيءَ نشاني نه آهي جو بني اسرائيل جا عالم ان کي ڄاڻن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڇا، نه آهي نِيشاني تَن لئي؟ ته سَمجھنسِ سالِم، اَڪابِر عالِم، اِسرائـِيل جي اولاد مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا، هنن لاءِ اها نشاني ناهي ته ان کي بني اسرائيل جا علما ڄاڻن ٿا؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڇا انهن (مڪي وارن) لاءِ اها ڪا نشاني ناهي جو ان کي بني اسرائيل جا عالم ڄاڻن ٿا؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا هي انهن (مڪي وارن) ماڻهن لاءِ ڪا نشاني نه آهي جو ان کي ڄاڻن ٿا عالم بني اسرائيل جا؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا (مڪي وارن لاءِ) اها نشاني نه آهي جو هن (قرآن جي سچائي) کي بني اسرائيل جا عالم (چڱي ريت) ڄاڻن ٿا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَلَو نَزَّلنٰهُ عَلىٰ بَعضِ الأَعجَمينَ (آيت : 198) |
۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جيڪڏهن اسان ڪنهن ڌارئين ماڻهوءَ تي قرآن مجيد نازل ڪيون ها (۽ هن جي ٻولي به ڪا ٻي هجي ها)،(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ جيڪڏهن اسين قرآن ڪريم کي ڪنهن عجمي (غير عربي) تي نازل ڪريون ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جيڪڏهن اسين ان (قرآن) کي ڪنهن ٻي زبان تي نازل ڪريون ها،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جيڪڏهن نازل ڪيون ها ان کي بعضي عجمين تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جيڪڏهن اسين ان (قرآن) کي ڪنهن غيرعرب ماڻهو تي نازل ڪريون ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ جيڪڏهن اسان ان (قرآن) کي عجمين (غير عربين) مان ڪنهن تي نازل ڪيون ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻِي ٻولِي وارن مان، ڪِنهن تي، اُتاريوسون جيڪر، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ جيڪڏهن اسين ان کي ڪنهن غير عرب تي لاهيون ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (پر انهن جي هوڏ جي ته اها حالت آهي) جيڪڏهن اسان ان کي ڪنهن عجميءَ تي به کڻي لاهيون ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر (سندن هٺ جو حال هي آهي ته) اسان جي اهو نازل ڪريون ها ڪنهن (غير عربي) عجمي تي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن اسان هن (قرآن) کي ڪنھن عجمي (يعني غير عرب) تي نازل ڪيون ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَقَرَأَهُ عَلَيهِم ما كانوا بِهِ مُؤمِنينَ (آيت : 199) |
پوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ اهو ڌاريو ماڻهو (ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾) کين اهو پڙهي ٻڌائي ها ته پوءِ هي (عرب) نڪي (سمجهن ها نڪي) ان تي ايمان آڻين ها.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو انهن تي قرآن پڙهي ها تڏهن به اهي ايمان نه آڻن ها(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهو انهن عربن جي اڳيان هي (قرآن) پڙهي ٻڌائي ها، تڏهن به ان تي اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ پڙهي ها ان کي انهن تي ته نه هئا ان تي ايمان آڻيندڙ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ اهو انهن کي هي (قرآن) پڙهي ٻڌائي ها ته ان کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ها. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو کين اهو (قرآن) ٻڌائي ها ته به اُهي ان تي ايمان آڻڻ وارا نه ٿين ها.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ پڙهائـِين تَن سر، ته مَڃِيندڙ نه هُئسِ مُورهِين. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهو ان کي مٿن پڙهي ها، ته ان کي به ڪو نه مڃين ها. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهو (فصيح عربي ڪلام) هو کين پڙهي ٻڌائي ها ته به نه مڃن ها (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهو فصيح ڪلام انهن کي پڙهي ٻڌائي به ها تڏهن به اهي مڃين ئي ڪونه ها(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اهو (غير عرب ماڻهو) انهن کي پڙهي ٻڌائي ها تڏهن به هي ماڻهو ان تي ايمان نه آڻين ها. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
كَذٰلِكَ سَلَكنٰهُ فى قُلوبِ المُجرِمينَ (آيت : 200) |
اھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) اهڙيءَ طرح (يعني چٽي عربيءَ ۾ قرآن مجيد نازل ڪرڻ سان) اسان اها (اسلام جي تعليم عرب جي) گنهگارن جي دلين ۾ به ويهاري ڇڏي آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهڙي طرح (ڪفر ۽ ڪوڙ) اسان مجرمن جي دلين ۾ وڌو آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) اهڙيءَ طرح اسان (ڄڻ ته پاڻ) ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ وڌوسون،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) اهڙي طرح داخل ڪيوسون ان کي دلين گنهگارن جي ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهڙيءَ طرح ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ وڌوسون، (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اهڙي طرح اسان ان (انڪار) کي ڏوهارين جي دلين ۾ پختگي سان وڌو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اِنْ پر پاپِيُن مَن ۾، سو وِڌو سون اِنڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهڙيءَ طرح اسان گنهگارن جي دلين ۾ اهو انڪار وڌو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهڙيءَ طرح اسان هن (ذڪر) کي ڏوهارين جي دلين ۾ داخل ڪيو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهڙيءَ طرح اسان هن (ذڪر) کي گذاريو آهي ڏوهارين جي دلين منجهان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهڙي طرح اسان ڏوهارين جي دلين ۾ اهو انڪار وڌيڪ پڪو ڪري ڇڏيو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
لا يُؤمِنونَ بِهِ حَتّىٰ يَرَوُا العَذابَ الأَليمَ (آيت : 201) |
اُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ به (ڪي سخت دل) ماڻهو ان تي ايمان ڪونه آڻيندا، جيستائين ڪه سخت عذاب پنهنجي اکين سان ڏسن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (جو اهي) قرآن ڪريم تي ايمان نه آڻيندا ايستائين جو اهي دردناڪ عذاب ڏسن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته اهي ماڻهو (ايستائين) نه مڃيندا جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نه ايمان آڻيندا ان تي تان جو ڏسن عذاب دردناڪ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ان کي (ايستائين) نه مڃيندا جيستائين دردناڪ عذاب نه ڏسندا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ان تي تيسين ايمان نه آڻيندا جيسين دردناڪ عذاب (نه) ڏسن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه وِسهن، تان ويکين سي، اهکو ڪو آزار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو مٿس ايمان نه آڻيندا، جيسين ڏکوئيندڙ عذاب نه ڏسندا. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) سو هو ان تي ايمان نه آڻيندا جيستائين دردناڪ عذاب (اکين سان) نه ڏسن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ان تي (ايستائين) ايمان نه آڻيندا جيستائين اهي نه ڏسن دردناڪ عذاب کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هي ماڻهو ايستائين ايمان نه آڻيندا جيستائين هو دردناڪ عذاب نه ڏسندا. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيَأتِيَهُم بَغتَةً وَهُم لا يَشعُرونَ (آيت : 202) |
پوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر عذاب ته مٿن بلڪل اوچتو اچي ڪڙڪندو ۽ هنن کي خبر ئي ڪانه پوندي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ اهو انهن تي اوچتو ايندو ۽ اهي سمجھي نه سگھندا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو مٿن اوچتو اچي ۽ کين خبر به نه پوندي،(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ ايندو انهن کي اوچتو ۽ اهي بي خبر هوندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو مٿن اوچتو اچي ۽ انهن کي خبر به نه پوي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ اُهو (عذاب) انهن مٿان اوچتو اچي پوي ۽ انهن کي خبر به نه پوي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه پَوينِ سُڌ سَنڀار، پوءِ اچي مَٿنِ اوچتو.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهو وٽن اوچتو ايندو ۽ کين خبر به نه هوندي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ جڏهن اهو اوچتوئي اچي انهن تي پوندو آهي، جو کين ڪا خبر ئي نه هوندي آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ جڏهن انهن تي اهو ڪڙڪندو آهي جو کين خبر به نه پوي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اهو عذاب انهن جي مٿان اچانڪ ايندو جو کين خبر به نه پوندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَيَقولوا هَل نَحنُ مُنظَرونَ (آيت : 203) |
پوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) انهيءَ وقت هو (پريشان ٿي) چوندا ته، (هاءِ هاءِ!) اسان کي ڪجهه مهلت ملندي يا نه؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ چوندا ڇا اسان کي ڪجھه مهلت ڏني ويندي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (پوءِ جڏهن عذاب نازل ٿيندو) چوندا ته ڇا اسان کي (هن وقت ڪجھ) مهلت ڏني ويندي؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ چوندا ڇا اسين مهلت ڏنل آهيون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ چوندا ته ڇا اسان کي مهلت ڏني ويندي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ چوندا ته : ”ڇا اسان کي مهلت ملندي“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ٻولِين، پوءِ ٻيهار، ڪا مُهلت اَسان کي مِلڻي ؟ ڇا، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ چوندا (هاڻي) ”ڪا اسان کي مهلت ملي سگهندي؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته پوءِ چوندا آهن ته "ڇا اسان کي هاڻي ڪا مهلت ملي سگهي ٿي؟" (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ اهي چوندا آهن (ان وقت) ڇا اسان کي هاڻي مهلت ملندي؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ هو چوندا ته ڇا اسان کي (ٿوري گهڻي) مھلت ملي ويندي؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَبِعَذابِنا يَستَعجِلونَ (آيت : 204) |
پوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ ڇا؟ هنن ماڻهن تڪڙ لائي ڏني آهي ته (جيڪڏهن اهي ڳالهيون سچيون آهن ته) اسان تي عذاب جلد اچي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا پوءِ اسان جي عذاب لاءِ اهي تڪڙ ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا پوءِ هي اسان جي عذاب جي تڪڙ ڪن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ اسان جي عذاب کي تڪڙو گهرن ٿا؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا پوءِ اهي اسان جي عذاب گهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا پوءِ اسان جي عذاب گُهرڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) تڪڙ ڪن تڪرار، اسان جي عذاب تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ ڇا، اسان جي عذاب سان تڪڙ ٿا ڪن؟ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته ڇا اهي ماڻهو اسان جي عذاب لاءِ ٿا تڪڙ ڪن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا اهي ماڻهو اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ پيا ڪن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا هي ماڻهو اسان جي عذاب لاءِ تڪڙ لڳائي ويٺا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَفَرَءَيتَ إِن مَتَّعنٰهُم سِنينَ (آيت : 205) |
ڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڀلا ڏسو ته سهي ته، جيڪڏهن اسان هنن (منڪرن) کي ڪي سال خوشحاليءَ ۾ رکون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) (اي ٻڌندڙ) مون کي خبر ٻڌاءِ جيڪڏهن اسين مشرڪن کي گھڻا سال عيش ۾ رهايون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ ڀلا تو ڏٺو ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪيترائي ورهين آسودو رکون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا پوءِ ڏٺو تو جيڪڏهن نفعو ڏنو اسان انهن کي ڪي سال .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ ڀلا ٻڌاءِ ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪيترائي ورهه آسودو رکون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڀلا ٻڌاءِ ته اگر اسان انهن کي سالها سال آسودو رکون.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ڪيئـي ڪو خيال ؟ ته سُکيو رکونِ سال ڪي، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تون ڏسين ٿو ته جيڪڏهن اسين انهن کي ڪي ورهيه سک ڏيون. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تو ڪو ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان کين سالن جا سال عيش ڪرڻ جي مهلت به ڏيئي ڇڏيون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) تو (اي نبي!) غور ڪيو، جيڪڏهن اسان کين ورهين تائين عيش ڪرڻ جي مهلت به ڏيون(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سوچڻ جي ڳالهه هي آهي ته جيڪڏهن اسان اُنهن کي گهڻن سالن تائين خوشحال به رکون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ثُمَّ جاءَهُم ما كانوا يوعَدونَ (آيت : 206) |
وري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پوءِ انهن تي اهو عذاب اچي وڃي، جنهن جو ساڻن واعدو ڪيو ويو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ان کان پوءِ انهن تي اهو (عذاب) اچي جنهن جو کين وعدو ڏنو ويو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) وري جيڪو وعدو ساڻن ڪيو پيو وڃي سو وٽن اچي پهتو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) تنهن کان پوءِ اچي انهن کي اهو جو وعدو ڏنا ٿي ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) وري جيڪو وعدو ساڻن ڪيو پيو وڃي (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ انهن کي اُهو (عذاب) اچي جنهن جو وعدو ڪيا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ اَچينِ، ڏِجي اُنهن کي، وَعدو جنهن وَبال، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ اهو انجام ڏنل وٽن اچي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پوءِ اهائي شيءِ پيش اچينِ، جنهن کان کين ڊيڄاريو پيو وڃي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته پوءِ اها ئي شيءِ انهن تي اچي، جنهن کان کين ڊيڄاريو وڃي ٿو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ انهن جي مٿان اها شيءِ اچي جنھن جو انهن سان وعدو ڪيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ما أَغنىٰ عَنهُم ما كانوا يُمَتَّعونَ (آيت : 207) |
ته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ته پوءِ اها آسودگي (۽) دنيوي نعمتون هنن کي ڪجهه به فائدو ڪونه ڏينديون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ته انهن کي سندن عيش، عذاب کان بچائي سگھندو؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته سندن آسودو هجڻ انهن کي ڪجھ ڪم نه ايندو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ته نه نفعو ڏيندو انهن کي اهو جنهن سان نفعو ڏنا ٿي ويا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) سو مٿن اچي ته سندن هميشه آسودو هجڻ انهن کي ڪهڙي ڪم ايندو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ته اهو سامان انهن کي ڪهڙي ڪم ايندو؟ جنهن مان فائدي وٺڻ جي کين مهلت ڏني وئي هئي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ ميڙِين جيڪِي مال تنهن اَصل آسُودا نَه ڪيا. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ته سندن سکيائي کين ڇا بچائي سگهندي؟(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ته اهو زندگي گذارڻ جو سامان جيڪو کين مليل آهي سو سندن ڪهڙي ڪم ايندو؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ته اهو زندگيءَ جو سامان جيڪو کين مليل آهي، اهو ڪهڙي ڪم ايندن؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پوءِ اها خوشحالي ته انهن کي بچائي نه سگهندي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما أَهلَكنا مِن قَريَةٍ إِلّا لَها مُنذِرونَ (آيت : 208) |
۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اسان جو اهو قانون آهي ته) ڪڏهن به ڪنهن بستيءَ کي برباد نه ڪيوسين جيستائين پهريائين هنن ڏي هنن کي خبردار ڪرڻ لاءِ پيغمبر موڪلياسين (۽ هو تنهن هوندي به برائين ۾ مشغول رهيا، پوءِ اسان به هنن کي تباه ڪري ڇڏيو).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ نٿا هلاڪ ڪريون اسين ڪو ڳوٺ مگر انهن جي نصيحت لاءِ پيغمبر اچن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اسان ڪوئي ڳوٺ (تيستائين) برباد نه ڪيو مگر ان جي سمجهائڻ لاءِ (اڳ ۾) ڊيڄاريندڙ (پيغمبر موڪليا) هئا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه هلاڪ ڪيوسون ڪو ڳوٺ مگر ان جي لاءِ ڊيڄاريندڙ هئا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اسان ڪوئي ڳوٺ برباد نه ڪيو جنهن کي ڊيڄاريندڙ نه هئا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ اسان ڪنهن بستي کي هلاڪ نه ڪيو سواءِ ان جي جنهن لاءِ ڊيڄارڻ وارا (اچي چُڪا) هئا..(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ناس نه ڪيو سون ڳوٺ ڪو، ته هُئا نه اُنهِئ هارِ، خوف ڏِيندڙ خابرُو،(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اسان ڪنهن به ڳوٺ کي ڊيڄاريندڙ (موڪلڻ) کان سواءِ ناس نه ڪيو.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) (ڏسو) اسان ڪڏهن به ڪنهن ڳوٺ کي سواءِ ان جي هلاڪ نه ڪيو، جو ان لاءِ ڊيڄارڻ وارا موجود هئا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اسان ڪڏهن هلاڪ نه ڪيو ڪنهن ڳوٺ کي ان کان سواءِ جو ڪو وٽن اچي خبردار ڪندڙ(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) اسان هر شھر کي ڊيڄاريندڙ موڪلڻ کان پوءِ ئي تباهه ڪيو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
ذِكرىٰ وَما كُنّا ظٰلِمينَ (آيت : 209) |
نصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يادگيري ۽ نصيحت ڏيڻ لاءِ (اسان هنن ڏي پهريائين پيغمبر موڪليا ته به هو باز نه آيا ۽ اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو) اسان ڪڏهن به بي انصافي ڪونه ٿا ڪيون.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اسين ظلم ڪندڙ ناهيون(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) نصيحت (ڏيڻ) لاءِ، ۽ اسين ظالم نه هئاسون.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) نصيحت ۽ نه هئاسون ظالم.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) نصيحت (ڏيڻ) لاءِ ۽ اسين ظالم نه هئاسون. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) (هيءَ)نصيحت آهي.. ۽ اسان نا انصافي ڪندڙ نه هئاسين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ڪارڻ سار سَنڀار، ۽ نه هُئا سون هاڃي ڪار، مارڻ سَندن ۾ مُورهين(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جو نصيحت ڏيڻ لاءِ (هجي) ۽ اسين ظالم نه هئاسون.(البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نصيحت ڪرڻ لاءِ ۽ اسان ڪو ظالم نه هئاسون (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) نصيحت جو حق ادا ڪرڻ لاءِ موجود هئا، اسان ظالم نه هئاسين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) نصيحت ڪرڻ لاءِ اسان ته ذري جيترو به ظلم نه ڪندا آهيون. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما تَنَزَّلَت بِهِ الشَّيٰطينُ (آيت : 210) |
۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) هي (وحي يا قرآن مجيد) شيطانن ڪونه آندو آهي، (جيئن ڪافر بڪ بڪ ڪري رهيا آهن.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ قرآن ڪريم کي شيطانن نازل نه ڪيو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ هن قرآن کي شيطانن وٺي نه لاٿو آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه کڻي لٿا ان کي شيطان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ قرآن کي شيطانن نه لاٿو آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ هن (قرآن) کي شيطانن نه لاٿو آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ اُتريا ڪِين اُنهِئَ سان، شامتِي شيطان، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ قرآن کي شيطان نازل نه ڪيو آهي_ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هن (کولي بيان ڪندڙ ڪتاب) کي شيطان کڻي ڪونه لٿا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ هن (ڪتاب مبين کي) کڻي نه لٿا آهن شيطان(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (يقين ڪريو ته) هن قرآن کي شيطانن نه لاٿو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَما يَنبَغى لَهُم وَما يَستَطيعونَ (آيت : 211) |
۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ائين ڪرڻ هنن لاءِ (يعني شيطانن لاءِ) نڪي ٺهي ٿو نڪي هو (اهڙو قرآن ٺاهي سگهڻ جي) طاقت رکن ٿا.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ (اهو ڪم) سندن لائق ناهي ۽ نه ئي کين اها طاقت آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه ڪي اهي (ائين) ڪري سگهن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ نه ٿو لائق ٿئي انهن لاءِ ۽ نه ڪري سگهندا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه ڪي اهي ڪري سگهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ نه انهن جي لائق آهي ۽ نه اُهي ڪري سگهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ نه ايڏو اُنهن جو شان، ۽ نه ڪا طاقت تن کي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) هو نڪي ائين ڪندا آهن ۽ نڪي ڪري سگهندا آهن- (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) نڪي اهو ڪم کين سونهين ٿو ۽ نه وري هو ائين ڪري ئي سگهن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نه اهو ڪم کين جڳائي ٿو ۽ نه وري اهي ائين ڪري سگهن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ۽ نه ئي انهن ۾ اهڙي ڪا طاقت آهي ۽ نه ئي اُهي هن ڪم جي لائق آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُم عَنِ السَّمعِ لَمَعزولونَ (آيت : 212) |
بيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) بلڪ حقيقت هيءَ آهي ته، شيطان ٻڌڻ جي جاءِ کان ئي پري ڪڍيا ويا آهن (هن لاءِ ته ائين نه ٿئي جو هو ٻڌي ان ۾ ڦيرڦار ڪري پوءِ ماڻهن کي ٻڌائين).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ شيطان وحي رباني ٻڌي نٿا سگھن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇو ته شيطان (وحي جي) ٻڌڻ کان محروم آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهي ٻڌڻ کان البته پري ڪيل آهن.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) (ڇوته) شيطان ملائڪن جي ڪلام ٻڌڻ (جي جاءِ) کان (به) پري ڪيل آهن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهي (ته هن ڪلام جي) ٻڌڻ کان روڪيا وڃن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهي تَڙيل آهِن توڙ کان، سڻڻ کان سڄاڻ! (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ هو ٻڌڻ جي جاءِ کان بلڪل هٽايل آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته ان جي ٻڌڻ کان به پري رکيا ويا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي ته ان جي ٻڌڻ کان به پري رکيا ويا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) انهن کي ته (نازل ٿيڻ وقت) ان جي آواز کان به پري رکيو ويو آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَلا تَدعُ مَعَ اللَّهِ إِلٰهًا ءاخَرَ فَتَكونَ مِنَ المُعَذَّبينَ (آيت : 213) |
تنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) سو (اي پيغمبر!) الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود يا ديوتا کي نه پڪارجانءِ. نه ته تون به انهن ۾ هوندين جن کي عذاب ڪيو ويندو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ تون (اي ٻڌندڙ) الله تعالى سان گڏ ٻئي معبود جي عبادت نه ڪر ورنه عذاب ڪيلن مان ٿيندين(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ته (اي رسول) تون خدا سان گڏ ڪنهن ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته تون به عذاب ڪيلن مان ٿيندين.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ نه عبادت ڪر الله سان گڏ معبود ٻئي جي پوءِ ٿي پوين عذاب ڪيلن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ تون الله سان گڏ ٻئي معبود کي نه سڏ نه ته عذاب ڪيلن مان ٿيندين. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ (اي مخاطب) تون الله سان گڏ ٻئي معبود جي پوڄا نه ڪر نه ته تون عذاب يافتن مان ٿي پوندين.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُهکِئ سُهکِئ سَڏ نه ٻِيو، سائـِين، سائـِينءَ ساڻ، پوءِ ٿئـِين تون پاڻ، سخت سزا وارن مان. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي سائين کي نه سڏ، نه ته توکي عذاب ٿيندو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) تنهنڪري اي نبي! الله سان گڏ ڪنهن به ٻئي معبود کي نه سڏ، نه ته تون به سزا ڀوڳڻ وارن مان ٿي پوندين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پوءِ (اي نبي!) الله سان گڏ ڪنهن ٻئي خدا کي نه پڪار، نه ته تون به شامل ٿي ويندين سزا ڀوڳڻ وارن ۾(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) (اي نبيﷺ!) الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي به معبود نه سڏجانءِ، ورنه تون به عذاب وارن مان ٿي ويندين. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنذِر عَشيرَتَكَ الأَقرَبينَ (آيت : 214) |
۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ پنهنجي ويجهن مائٽن کي (خدا جي نافرماني جي نتيجن کان) خبردار ڪري ڇڏ.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ اي حبيب ! توهان پنهنجي تمام ويجھن عزيزن کي ڊيڄاريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ (اي رسول) پنهنجن ويجهن مائٽن کي (خدا جي عذاب کان) ڊيڄار.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڊيڄار مائٽن پنهنجن ويجهن کي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ پنهنجن ويجهن مائٽن کي ڊيڄار! (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ (اي نبي) پنهنجي ويجهن رشتيدارن کي ڊيڄار.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ پَنهنجن عَزِيزن، اوڏڙن کي، ڍوليا! تون ڊِڄار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن کي ڊيڄار. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پنهنجن ويجهي ۾ ويجهن عزيزن قريبن کي ڊيڄار (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ ڊيڄار پنهنجن ويجهن مائٽن کي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پنھنجي ويجهي مائٽن کي ڊيڄار. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَاخفِض جَناحَكَ لِمَنِ اتَّبَعَكَ مِنَ المُؤمِنينَ (آيت : 215) |
۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر).(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جن مؤمنن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي تن تي ڏاڍو مهربان رهه (ايترو پيار ڪر جيترو اڏامندڙ پکي ڪندو آهي، جو کنڀن کي ڀڪوڙي لهي اچي ٻچن کي کنڀڙاٽين هيٺان لڪائيندو آهي.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ توهان انهن مؤمنن لاءِ نرم رويو اختيار ڪريو، جيڪي توهان جي تابعداري ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ جن ايمان وارن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي تن جي اڳيان پنهنجا بازو جهڪائي (بلڪل نرمي ڪر!)(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ جهڪيل رک پر پنهنجو ان لاءِ جو تابع ٿيو تنهنجو مؤمنن مان .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ جن ايمان وارن تنهنجي تابعداري ڪئي آهي تن جي اڳيان پاڻ کي بلڪل نرم ڪر. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ پنهنجون ٻانهون (شفقت سان) وڇاءِ انهن ايمان وارن لاءِ جن تنهنجي پيروي اختيار ڪئي آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ ٻَهون ٻانهون پَنهنجيون، ڪر هيٺ تَنِين هارِ، جيڪي اِيماندار، لالڻ! لڳل لَڙھ تُنهنجي.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ مؤمنن مان تنهنجي تابعدارن لاءِ نوڙت ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ايمان آڻڻ وارن مان جيڪي ماڻهو تنهنجي پيروي اختيار ڪن ته انهن سان نرميءَ سان پيش اچ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نرمي سان پيش اچ انهن سان جيڪي تنهنجي پيروي اختيار ڪن ايمان آڻڻ وارا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) مؤمنن مان جيڪي به ماڻهو تنھنجي پيروي اختيار ڪن تن سان نرمي وارو رويو رکجانءِ. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
فَإِن عَصَوكَ فَقُل إِنّى بَريءٌ مِمّا تَعمَلونَ (آيت : 216) |
پوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پوءِ جيڪڏهن هو (منڪر) تنهنجي نافرماني ڪن ته کين چئي ڏي ته، جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن لاءِ مان ذميوار ڪونه آهيان.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) پوءِ جيڪڏهن توهان جي بي فرماني ڪن پوءِ توهان فرمايو بيشڪ آئون توهان جي عملن کان بيزار آهيان(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پوءِ جيڪڏهن ماڻهو تنهنجي نافرماني ڪن ته تون (کين صاف صاف) چئي ڏي ته آءُ اوهان جي ڪرتوتن کان بيزار آهيان.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) پوءِ جيڪڏهن بي فرمان ٿيا تنهنجا پوءِ چئو ته بيشڪ مان بيزار آهيان ان کان جيڪو ڪيو ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي نافرماني ڪن ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کان آءُ بيزار آهيان. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) پوءِ جيڪڏهن اُهي تنهنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته : ”آءٌ انهن عملن کان بيزار آهيان جيڪي توهان ڪيو ٿا“.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پوءِ جي ڦِرن توکان، پوءِ چِٽو ٻول ٻِيهار، آءٌ ڀڳل اُن کان، ڪريو جي ڪم ڪار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) پوءِ جيڪڏهن تنهنجي نافرماني ڪن، ته چئو ته ”آءُ اوهان جي ڪمن کان بيزار آهيان.“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) پر جيڪڏهن تنهنجي بي فرماني ڪن ته چئي ڇڏينِ ته جيڪي توهان ڪريو ٿا، مان ان جو ذميوار ناهيان (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) پر جيڪڏهن اهي نافرماني ڪن ته پوءِ کين چئي ڇڏ ته آئون آزاد آهيان جيڪي توهان ڪري رهيا آهيو(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) پر جيڪڏهن هو تنھنجي نافرماني ڪن ته کين چؤ ته مان توهان جي عمل کان بيزار آهيان. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَوَكَّل عَلَى العَزيزِ الرَّحيمِ (آيت : 217) |
۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اي پيغمبر تون سندن پرواهه نه ڪر، پنهنجي ڪم کي جرئت سان ڪندو رهه) ۽ انهيءَ الله تي ڀروسو رک جو سڀني تي غالب آهي ۽ وڏي رحم وارو آهي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ رسولِ عربي توهان ان الله تعالى تي توڪل ڪريو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ تون ان (خدا) تي جو (سڀ کان) غالب (۽) نهايت مهربان آهي ڀروسو ڪر.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ توڪل ڪر غالب، مهربان تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ غالب نهايت رحم واري تي ڀروسو ڪر (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ ڀروسو رک غالب ٻاجهاري (الله) مٿان.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ بَرسِر رک تون بار، ڏاڍي ۽ ڏاتار تي. (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ انهي غالب مهربان تي ڀروسو ڪر. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ ان زبردست ۽ ٻاجهاري تي ڀروسو ڪر (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ توڪل ڪر انهيءَ تي جيڪو زبردست ۽ ٻاجهارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) تون اُن هستي تي ڀروسو رک جيڪا زبردست ۽ وڏي رحم ڪندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
الَّذى يَرىٰكَ حينَ تَقومُ (آيت : 218) |
جيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (انهيءَ الله تي ڀروسو رک) جو توکي (نماز ۾) بيهندي ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) جيڪو توهان جي (تهجد جي وقت) اٿڻ کي ڏسي ٿو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جيڪو تو کي ڏسي ٿو جڏهن تون تهجد نماز ۾ اٿين ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) جيڪو ڏسي پيو توکي جنهن وقت اٿي بيهين ٿو تون .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جيڪو (تهجد لاءِ) تنهنجي اٿڻ مهل توکي ڏسي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) جيڪو تو کي ڏسي ٿو جيڏي مهل تون (تهجد نماز) لاءِ بيهين ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) جو ڏسي توکي جڏهن، ٿئـِين تهجّد لاءِ تيار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جيڪو (عبادت لاءِ) بيهڻ وقت توکي ڏسي ٿو. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) جيڪو توکي ان وقت پيو ڏسندو آهي، جڏهن تون اٿندو آهين (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) جيڪو ان وقت به ڏسي رهيو هوندو جڏهن تون اٿندو آهين(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو توهان جي (رات جي عبادت لاءِ) اٿڻ کي به ڏسي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَتَقَلُّبَكَ فِى السّٰجِدينَ (آيت : 219) |
۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ جو توکي نماز پڙهندڙن ۾ اٿندي، ويهندي (سجدو ڪندي) ڏسي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ الله تعالى توهان کي سجدي ڪندڙن ۾ رکرايو(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي ڏسي ٿو.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ ڦرڻ تنهنجو سجدي ڪندڙن ۾ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي ڏسي ٿو. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجو اچڻ وڃڻ به ڏسي ٿو.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پڻ ڦِرڻ تُنهنجو نَمندڙن ۾، ڏِسي سو ڏاتار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنهنجي اٿڻ ويهڻ کي پڻ. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ سجدو ڪندڙن جي وچ ۾ تنهنجي چرپر کي به پيو ڏسندو آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ نگاهه رکي ٿو توتي انهن ماڻهن ۾ جيڪي سجدو ڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) توهان کي سجدو ڪندڙ ماڻهن ۾ به ڏسي ٿو. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ العَليمُ (آيت : 220) |
بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) يقيناً الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي.(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) بيشڪ اُهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) سُڻندڙ، سَمجھدار، اِهو اَللهُ جَلَّ جلالہٗ.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) بيشڪ اهو ئي ٻڌندڙ ڄاڻيندڙ آهي. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) هو ته سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) بيشڪ اهو ئي سڀڪجهه ٻڌڻ ۽ ڄاڻڻ وارو آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) بيشڪ هو خوب ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
هَل أُنَبِّئُكُم عَلىٰ مَن تَنَزَّلُ الشَّيٰطينُ (آيت : 221) |
اوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ڇا مان اوهان کي ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا (۽ کين گمراهه ڪن ٿا)؟(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا آئون توهان کي نه ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي لهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا آءُ اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي نازل ٿين ٿا؟(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا خبر ڏيان اوهان کي ته ڪنهن تي ٿا لهن شيطان؟ .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا آءٌ اوهان کي خبر ڏيان ته شيطان ڪنهن تي لهن ٿا؟ (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا اوهان کي انهن جي خبر ڏيان جن تي شيطان لهن ٿا؟(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) چئو لَهن شيطان ڪِن تي؟ تن جا پورا ڏِيان پار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ڇا اوهان کي سڌ نه ڏيان ته ”شيطان ڪنهن تي لهندا آهن؟“ (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) انسانؤ! ڇا مان توهان کي ٻڌايان ته شيطان ڪنهن تي لهندا آهن؟ (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) (انسانؤ!) ڇا آئون توهان کي ٻڌايان ته ڪنهن تي لهندا آهن شيطان؟(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا مان توهان کي ٻڌايان ته شيطانَ ڪھڙن ماڻهن تي لهندا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
تَنَزَّلُ عَلىٰ كُلِّ أَفّاكٍ أَثيمٍ (آيت : 222) |
سڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) شيطان هرهڪ ڪوڙي ۽ گناه ڪندڙ ماڻهو ڏي اچن ٿا (۽ کين بدعمل ڪرائين ٿا).(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) اهي گھڻي ڪوڙي ۽ گنهگار تي لهن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) (ته ٻڌ) اهي سڀ ڪنهن ڪوڙي گنهگار تي نازل ٿين ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) لهن ٿا هر ٻٽاڪ هڻندڙ گنهگار تي .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) اهي سڀڪنهن ٻٽاڪيءَ گنهگار تي لهن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي هر ٻَٽَاڪِي بدڪار تي لهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَر ڪُوڙي ڪانهياري مَٿي؛ ٻُڌل ڳالھ ٻِيهار، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) اهي هر ڪنهن ٻٽاڪيءَ بدڪار تي لهندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) اهي هر ڪوڙ ٺاهيندڙ بدڪار تي لهندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) اهي لهندا آهن هر ان شخص تي جيڪو ڪوڙو، ٻٽاڪي ۽ بدڪار آهي(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو هر ڊاڙي (۽ لٻاڙ هڻندڙ) گنهگار تي نازل ٿيندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
يُلقونَ السَّمعَ وَأَكثَرُهُم كٰذِبونَ (آيت : 223) |
جو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) (اهڙن ماڻهن ڏي اچن ٿا جيڪي) ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهين ٻڌڻ لاءِ ڪن لڳائين ٿا ۽ جيڪي اڪثر ڪري ڪوڙا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) شيطان انهن کي ٻُڌل ڳالهه ٻُڌائن ٿا ۽ انهن مان اڪثر ڪوڙا آهن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) جو اهي (فرشتن جي ڳالهين تي) ڪن لڳائي ٻڌندا رهن ٿا (ته من ڪجھ ٻڌون) هوڏانهن انهن مان گهڻا ته (بلڪل) ڪوڙا آهن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) وجهن ٿا (ٻڌل ڳالهه) ڪن ۾ ۽ گهڻا انهن مان ڪوڙ هڻندڙ آهن .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) جو اُهي ڪن لڳائي (انهن شيطانن کان) ٻڌن ٿا ۽ انهن مان گهڻا ڪوڙا آهن(الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) اُهي ٻڌل ڳالهيون (انهن جي) ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ انهن مان اڪثر ڪوڙا آهن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) اُڇلِينِ ڪَنن پارِ، ۽ اَڪثر ڪُوڙا اُنهن مان.(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) جي ٻُڌل ڳالهه کيس چوندا آهن ۽ منجهائن گهڻا ڪوڙا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ٻڌل ســُـڌل ڳالهيون ڪنن ۾ وجهندا آهن ۽ انهن مان گهڻا ڪوڙا هوندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ٻُڌل ڳالهيون ڪنن ۾ ڦوڪيندا آهن ۽ انهن مان گهڻا ته ڪوڙا هوندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هو (ان جي ڪن ۾) رڳو ٻڌل ڳالهيون ڀريندا آهن، انهن مان گهڻائي ڪوڙن جي آهي. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَالشُّعَراءُ يَتَّبِعُهُمُ الغاوۥنَ (آيت : 224) |
۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ شاعرن جي پيروي به اهي ڪن ٿا جيڪي گمراهه آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ گمراه ماڻهو (بي دين) شاعرن جي تابعداري ڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ شاعرن جي پيروي ته گمراھ ماڻهو ڪندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ شاعر تابعداري ڪن ٿا انهن جي گمراهه .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ شاعرن جي تابعداري گمراهه ئي ڪن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ شاعرن جي پيروي گمراهه ماڻهو ئي ڪن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) هَلن پُٺيان شاعِرن، ڀُليل بي شُعور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ شاعرن ۾ انهن جي تابعداري گمراهه ئي ڪندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي شاعرن جي ڪڍ ته ڀٽڪيل ماڻهو ئي لڳندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ رهيا شاعر ته انهن جي پويان گمراهه ماڻهو لڳندا آهن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) شاعرن جي پويان ته رڳو گمراهه ماڻهو ئي هوندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
أَلَم تَرَ أَنَّهُم فى كُلِّ وادٍ يَهيمونَ (آيت : 225) |
نه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) تو ڏٺو ڇا ته اهي (شاعر) هرهڪ ماٿريءَ ۾ حيران ۽ پريشان رلندا وتندا آهن. (يعني هرهڪ مضمون تي شعرگوئي ڪندا آهن، اگرچه ان بابت کين پورو علم به نه هجي.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ڇا توهان نه ڏٺو بيشڪ اهي (جهنم جي) هر واديءَ ۾ ڀٽڪن ٿا(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ڇا تون نه ٿو ڏسين ته اهي ماڻهو سڀ ڪنهن جهنگ ميدان ۾ رلندا ڦرن ٿا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ڇا نه ڏٺو تو ته بيشڪ اهي هر واديءَ ۾ حيران ڦرن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ڇا تو نه ڏٺو ته اهي سڀ ڪنهن ميدان ۾ حيران ڦرن ٿا (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ڇا تو نه ڏٺو ته اُهي (شاعر) هر (خيال جي) وادي ۾ سرگردان ڀٽڪندا رهن ٿا.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) نه ڏِٺئـِي ته هر ڏَهر ۾، وڃيو پَون وَهلور، (نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) تو نه ڏٺو آهي ته هو هر ڪنهن ميدان ۾ ڀٽڪندا رهندا آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ڏٺو نه اٿئي ڇا ته اهي سڀ ڪنهن ميدان ۾ پيا ڀٽڪندا وتندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ڇا تون ڏسين نٿو (اي نبي!) ته اهي هر ڪنهن وادي ۾ ڀٽڪن ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) ڇا تو نه ڏٺو ته اهي شاعر سدائين هر جڳھه تي ڀٽڪندا وتندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
وَأَنَّهُم يَقولونَ ما لا يَفعَلونَ (آيت : 226) |
۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) ۽ هو اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن تي پاڻ ئي عمل نه ڪندا آهن.(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) ۽ بيشڪ اهي اهو چون ٿا جنهن تي (پاڻ) عمل نٿا ڪن(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) ۽ اهي ماڻهو (زبان سان) اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي ڪڏهن نه ٿا ڪن.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) ۽ بيشڪ اهي چون ٿا اهو جيڪو نه ڪن ٿا .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) ۽ اهي (زبان سان) اهي ڳالهيون چون ٿا جيڪي نه ٿا ڪن. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) ۽ بيشڪ اُهي (اهڙيون ڳالهيون) چون ٿا جيڪي (پاڻ) نه ٿا ڪن.(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) ۽ چونِ سو، جو ڪِين ڪن؛(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) ۽ بيشڪ اُهي اُهو ئي چوندا آهن، جو ڪندا نه آهن. (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) ۽ اهي ڳالهيون چوندا آهن، جيڪي پاڻ نه ڪندا آهن (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) ۽ اهي اهڙيون ته ڳالهيون چون ٿا جيڪي پاڻ نٿا ڪن(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) هميشه اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن جن تي هو خود عمل نه ڪندا آهن. (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |
إِلَّا الَّذينَ ءامَنوا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَذَكَرُوا اللَّهَ كَثيرًا وَانتَصَروا مِن بَعدِ ما ظُلِموا وَسَيَعلَمُ الَّذينَ ظَلَموا أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبونَ (آيت : 227) |
پر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا.(قرآن جو پيغام (تاج محمود امروٽي)) پر (ڪي شاعر اهڙا به آهن) جيڪي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱا عمل ڪن ٿا ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪن ٿا، ۽ جن تي جڏهن ظلم ڪيو ويو تڏهن ان ظلم بعد هنن بچاءَ جي ڪم ۾ (يعني جهاد ڪرڻ ۾) حصو ورتو ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلدئي معلوم ٿي ويندو ته هو ڪهڙيءَ جاءِ تي موٽي وڃڻا آهن، (يعني هن دنيا ۾ به ذليل حالت ۾ ايندا ۽ آخرت ۾ به دوزخ ۾ پوندا.)(ائين چيو اللہ (علي خان ابڙو)) مگر جن ماڻهن (شاعرن) ايمان آندو ۽ سهڻا عمل ڪيا ۽ الله تعالى کي گھڻو ياد ڪيو ۽ انهن (ڪافرن کان سندن شعرن جو) بدلو ورتو ان کان پوءِ جو انهن تي ظلم ڪيو ويو، (سندن خلاف شعر چيا ويا) ۽ ڪافر جلد معلوم ڪندا ته اهي (مرڻ کان پوءِ) ڪيڏانهن موٽن ٿا؟(بيان الرحمان (عبدالوحيد جان سرهندي)) پر (هاءُ) جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ خدا کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون. ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو آهي تن کي جلد ئي خبر پوندي ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽايا ويندا.(سنڌي قرآن (سيد فرمان علي)) مگر جن ايمان آندو ۽ ڪيائون صالح عمل ۽ ياد ڪيائون الله کي گهڻو ۽ بدلو ورتائون ان کان پوءِ جو ظلم ڪيا ويا ۽ جلد ڄاڻندا جن ظلم ڪيو ته ڪهڙي موٽڻ جي جاءِ تي موٽندا. .(احسن البيان (محمد ادريس ڏاهري)) پر جن (شاعرن) ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون (سي بڇڙا نه آهن) ۽ ظالم جلد ڄاڻندا ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽن ٿا. (الھام الرحمان (مولانا محمد مدني)) سواءِ انهن (شاعرن) جي جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ الله جو گهڻو ذڪر ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد (شعرن ذريعي) بدلو ورتائون. (ته اهي بڇڙا نه آهن) ۽ جن ظلم ڪيو سي جلدي ڄاڻي وٺندا ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽن ٿا!(فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)) پَر مَڃيو جن مَذڪُور، پڻ ڪيائون ڪوڏ مان، نيڪ ڪمايون نُور، ۽ ساريئون سائـِينءَ کي گَھڻو، ۽ مَدد ڪيائون مُور، جِنهن بَعد ڏکويا پاڻ وِيا، ۽ ڪيا جن ڪَلُور، پَوندنِ جَلد پَرُوڙ، ته موٽِن ڪهڙي ماڳه تي؟(نُورُالقُرآن (مولوي حاجي احمد ملاح)) سواءِ انهن جي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ کانپوءِ بدلو ورتائون ۽ ظالمن کي اجهو ٿي خبر پوي، ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ ٿا موٽن! (البُرھان (محمد عثمان ڏيپلائي)) باقي انهن (شاعرن) جي ڳالهه ٻي آهي، جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيائون ۽ الله کي تمام گهڻو ياد ڪيائون ۽ جڏهن مٿن ظلم ٿيو ته فقط بدلو ورتائون ۽ ظلم ڪندڙن کي سگهوئي معلوم ٿي ويندو ته اهي ڪهڙيءَ پڇاڙيءَ ڏانهن موٽن ٿا (تفھيم القرآن (سيد ابوالاعليٰ مودودي)) سواءِ انهن ماڻهن جي، جن ايمان آندو ۽ عمل سٺا ڪيا ۽ ياد ڪيو الله کي گهڻو ئي ۽ صرف بدلو ورتو جڏهن مٿن ظلم ڪيو ويو ۽ انهن کي اهو به معلوم ٿي ويندو آهي جيڪي ظلم ڪن ٿا ته پاڻ ڪهڙي پڄاڻي جي حوالي ٿين ٿا(القرآن (ڊاڪٽر عابد لغاري)) سواءِ انهن شاعرن جي جن ايمان آندو، نيڪ عمل ڪيا ۽ الله تعالى کي گهڻو ياد ڪيو. جڏهن به انهن تي ڪنھن ظلم ڪيو ته انهن صرف اوترو ئي بدلو ورتو. (اهڙا شاعر گمراهه نه آهن) ظالمن کي عنقريب خبر پئجي ويندي ته اهي ڪهڙي (خوفناڪ) جڳهه ڏانهن موٽڻ وارا آهن؟ (قرآن مجيد (ترجمو : عبدالسلام ڀُٽو)) |